اڻپوريون خواھشون
ھن ڪتاب ۾ 14 ڪھاڻيون شامل آھن. پريا وڇاڻيءَ جون ڪھاڻيون پڙھندي ايئن محسوس ٿيندو آھي تہ ڄڻ پڙھندڙ پاڻ ڪردار ھجي. ھي ڪھاڻيون خاص انھن عورتن جون آھن، جن جا احساس، جن جا خواب اڻپوريون خواھشون بڻجي اُسريا. ھن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻيون اھڙين عورتن جون آھن جيڪي ھميشہ ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿينديون رھيون آھن.