ماھوار امرتا ڪارنر

ماھوار ”امرتا“ ميگزين شمارو نمبر 134 نومبر 2023

ھن شماري ۾ ولي رام ولڀ جي وڇوڙي تي مختلف عالمن، اديبن ۽ ليکڪن جا لکيل مضمون ۽ تاثر شامل آھن، ان کانسواءِ ولي رام ولڀ جو انٽرويو پڻ شامل آھي. ڦلواڙي ۾ ديوِي ناگراڻي، روبينہ ابڙو، سائينداد ساند، آخوند عباس، ناشاد شوڪت شنباڻي، فدا جوڻيجو، حُميرہ نُور، عنايت تبسم، آزاد خاصخيلي، عبدالرحيم ’عبد‘ ڪنڀر، فرهاد جروار، مونس رضوي، وسيم حيدر کوسو ۽ ليلا رام جي شاعري شامل ڪيل آھي. ان کانسواءِ ڪھاڻيون، فيچر، اڪبر سومري جي ناول جو چوٿون باب، ھوش درد جو تنقيدي مضمون، ڪتابن تي تبصرا ۽ ٻيو مواد شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 18
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ماھوار ”امرتا“ ميگزين شمارو نمبر 134 نومبر 2023

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ماھوار ”امرتا“ ميگزين جو شمارو نمبر 134 نومبر 2023 اوھان اڳيان پيش آھي، جيڪو نامياري مترجم ۽ اديب ولي رام ولڀ جي وڇوڙي تي سندس نالي ڪيو ويو آھي.
ھن شماري ۾ ولي رام ولڀ جي وڇوڙي تي مختلف عالمن، اديبن ۽ ليکڪن جا لکيل مضمون ۽ تاثر شامل آھن، ان کانسواءِ ولي رام ولڀ جو انٽرويو پڻ شامل آھي. ڦلواڙي ۾ ديوِي ناگراڻي، روبينہ ابڙو، سائينداد ساند، آخوند عباس، ناشاد شوڪت شنباڻي، فدا جوڻيجو، حُميرہ نُور، عنايت تبسم، آزاد خاصخيلي، عبدالرحيم ’عبد‘ ڪنڀر، فرهاد جروار، مونس رضوي، وسيم حيدر کوسو ۽ ليلا رام جي شاعري شامل ڪيل آھي. ان کانسواءِ ڪھاڻيون، فيچر، اڪبر سومري جي ناول جو چوٿون باب، ھوش درد جو تنقيدي مضمون، ڪتابن تي تبصرا ۽ ٻيو مواد شامل آھي.
اسان ٿورائتا آھيون فقير محمد ڍول، محمود مغل ۽ سموري امرتا سٿ جا جن ھي رسالو سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

حق ۽ واسطا اداري وٽ

جُلد: 24 ]چوويهين سال جي چوٿين ڪَڙِي[
شمارو: 134 نومبر 2023ع
قيمت: 300.00 روپيا - ساليانو: 2500.00 روپيا
پڪو جلد: 650.00 روپيا ]هي خاص شمارو[
آفيس`: امرتا ڇاپ گهر، 1- ميزنائن فلور، باسم چيمبرس، گاڏي کاتو حيدرآباد
amerta_mag@yahoo.com
03003085130
سول ايجنٽ: رضوان ڪريمي
مهراڻ نيوز ايجنسي، حيدرآباد (03213060477)

امرتا جي ملڻ جا هنڌ:
حيدرآباد
ڀٽائي بُڪ هائوس،
حيدر چوڪ گاڏي کاتو- 3011560-0322
سنڌ ڪتاب گهر،
پريس ڪلب
3467513-0312
نعيم بُڪ اسٽال،
سامهون چائنيز ڪئنٽان
نوابشاهه
سليمان برادرز
نيوز پيپر ايجنٽ، مسجد روڊ 3637001-0312
ماتلي
مناهل ڪتاب گهر، المصطفيٰ چوڪ 2285376-0302
سکر
الفتح نيوز ايجنسي،
مهراڻ ڪتاب گهر 3293790-0300

هي رسالو ڍول فقير فائونڊيشن پاران الائيڊ پريس حيدرآباد وٽان ڇپائي گاڏي کاتي حيدرآباد مان پڌرو ڪيو ويو.

ايڊيٽر وٽان

عزيزانِ مَن!
پُوري مھيني جي پُڄاڻيءَ بعد نومبر 2023ع جي شروعاتي ڏينھن ۾ حاضري ڀري رهيا آهيون، ان اُميد سان تہ اوهان جتي بہ هوندؤ، خوش هوندؤ.
سياري جي ابتدائي ٿڌين مِٺين راتين، حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو وري پير ڌريو آهي. انھن ڏينھن لاءِ چيو ويندو آهي تہ ڪتاب پڙهڻ جو تہ مزو ئي اَورِ آهي، سو ’امرتا‘ جي پڙهڻ جو سواد بہ اوهان کي ٻيو ئي محسوس ٿيندو... مواد جي چونڊ ۽ ان جي پيشڪاريءَ جي حُسناڪيءَ تي هميشہ جيان گهڻي محنت ڪيل آهي، اميد تہ اوهان کي وڻندي ۽ ان سان گڏ سياري جون سرد راتيون، پڪ اٿئون تہ ان کي وڌيڪ حُسناڪ بڻائي ڇڏينديون.

پوئين پھر جي پانڌيئڙي جو وڇوڙو
مُحبانِ ادب!

29 آڪٽوبر 2023ع جي رات جو هڪ وڳي ڌاري سنڌي ٻوليءَ جي نشانبر مترجم، شاعر، ليکڪ ۽ هڪ بي لوث انسان ولي رام ولڀ صاحب، سنڌ ۽ سنڌ واسين کان موڪلايو... سُروم دُکم دُکم..!
سرد راتيون بہ قھر ڪنديون آهن... وڇوڙي جي رهڙن کي اهڙو تہ پوسرائيندڙ بڻائي ڇڏينديون آهن، جو لڳندو آهي تہ سموري حياتيءَ انھن سڄي وجود کي پوسرايو هجي ۽ ان پوسراڻ ڪارڻ اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهندا رهندا آهن. هن ڀيري جي وڇوڙي جي رهڙ ۽ ان جي پوسراڻ جو ڪارڻ سنڌي ادب جو اهو پانڌيئڙو آهي، جنھن سنڌي ادب کي عالمي ادب مان ڪيئي ڪتاب، ناول، ڪھاڻيون، شاعري ۽ علاوه ازين گهڻو ڪجهہ ترجمو ڪري ڏنا، پر ننڍي کنڊ جي وڏي ليکڪا قرت العين حيدر جي ناول ’سيتا هرڻ‘ کان پوءِ هڪ ٻيو ناول ’آخرِ شب ڪي همسفر‘ جو سنڌيءَ ۾ ’پوئين پھر جا پانڌيئڙا‘ جي نالي سان ترجمو ڪري ڏنو ۽ پاڻ بہ حياتيءَ جي وڇوڙي واري رات، پوئين پھر جو پانڌيئڙو بڻجي، اسان سڀني کان موڪلائي ويو... الاس..!

صاحبانِ عقل و حِلم!
الاءِ ڇو..! مون ڪم عقل درويش فقير کي وڏن ماڻھن جي محبت ۽ صحبت ٿوري عمر ۾ گهڻي نصيب ٿي آهي، وڏا ماڻھو پئسي پنجڙ وارا نہ بلڪِ نامور ۽ نشانبر، پر رڳو نامور ۽ نشانبر نہ پر عمر جا بہ وڏا... ان ڳالھہ تي مون کي بہ حيرت ٿيندي آهي ۽ پنھنجي پاڻ کان اڪثر سوال بہ ڪندو رهندو آهيان تہ ائين ڇو آهي..!؟ پوءِ پاڻ کي پاڻ ئي جواب ڏيندو آهيان تہ اهو ڪم گو، ٿور ڳالھائو، ماٺيڻو، گهٽ ڳالھائڻ، گهڻو ٻُڌڻ، نوڙت ۽ نھٺائيءَ ڪارڻ آهي... پوءِ قبلا ڏاڏاهي صاحب، ڊاڪٽر پرڌان صاحب، جناب يار محمد لغاري، سليم بچاڻي صاحب، مراد علي مرزا صاحب، جناب نفيس احمد شيخ ناشاد، پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم صاحب هجن يا ولي رام ولڀ صاحب هجن، نالا اڃا بہ گهڻا آهن. انھن سڀني مون کي عزت ۽ محبت ڏني آهي.
ولي رام ولڀ صاحب سان ڪچھريون يا ملاقاتون ڪي ڏھہ يا ٻارنھن هيون، پر اهي مُحيط ڏهن ٻارنھن حياتين تي هيون. ساڻن گڏجي ’نول راءِ هيرانند هاءِ اسڪول حيدرآباد‘ جو ڪيل دورو يادگيرين جا ڪيئي تاڪ کولي ڇڏي ٿو، اها هڪڙي وزٽ جيڪا اسان ٻنھي فقيرن گڏجي ڪئي، سا ڪا وسارڻ جي ڪونھي... ۽ پوءِ حيدرآباد جي هن تاريخ ساز شخصيت ’نول راءِ هيرانند‘ بابت ’امرتا‘ جي هڪ شماري ۾ ’ٽائيٽل آرٽيڪل‘ بہ ولڀ صاحب لکيو، جيڪو نول راءِ هيرانند جي ذاتي شخصيت، سندس ڀاءَ ۽ خاندان بابت هڪ اهم دستاويز آهي.
ولي رام ولڀ جھڙي فقير منش جي وڇوڙي تي، مون فقير پاران ’امرتا‘ جي هن 134هين شماري (نومبر 2023ع) جو هڪڙو ڀاڱو محبتن ۽ عقيدتن جي خراج طور ارپجي ٿو، جيتوڻيڪ هيءَ ارپنا، ولڀ صاحب جي شخصيت، نسبت ۽ سنڌي ادب لاءِ ڪيل خذمتن جي ڪَٿَ ڪونھي.
ولي رام ولڀ صاحب، هڪڙو سچو درويش ۽ فقير صفت ماڻھو هو، نہ ڪنھن جي ٻن ۾ هو نہ چئن ۾... پوري يقين سان ٿو لکان تہ سندس رُوح سرڳ ۾ ڪنھن اوچِي جاءِ تي آرامي هوندو... اسان جو کيس ’امرتا‘ رستي آخري پرڻام.

نيازمند:
فقير محمد ڍول

ارپنا

امرتا جو هيءُ شمارو
سائين
ولي رام ولڀ
جي نانءِ

شمس چئمبر جي ٿرڊ فلور جو ڪمرو، جيترو ٿڌو هوندو هيو، سائين ولي رام ولڀ جو سڀاءُ تنھن کان هزار ڀيرا مٿي هوندو هو.
1970ع واري ڏهاڪي جي آخر ۾، سندن پھريون ڀاڪر نصيب ٿيو هو. شايد 1978ع هيو يا 1979ع، علم و ادب جي ميدان ۾ ڪاڳرن جا ٿھا کڻي، هر هڪ وٽ وڃبو هو، ڪھاڻي پيش ڪئي ويندي هئي ۽ موٽ ۾ هڪ ڪَڙِي نگاھہ پلئہ پوندي هئي، جيتوڻيڪ لکڻ جو سلسلو 1975ع کان شروع ٿي چڪو هو، پر پذيرائيءَ جي ڪا دلنشين صورت سامھون نہ پئي آئي. اهو ئي دور هو جڏهن مٿي تي سائين انور هالائي صاحب ۽ سائين سيد ظفر حسن جو هٿُ ڄڻ تہ ڌرجي ويو. هالائي صاحب وٽ ’گل ڦل‘ ۾ هر روز ڪم ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿيندي هئي ۽ سائين ظفر حسن وري سنڌي ادبي سنگت شاخ ڄامشورو جي اديبن سان خاص محبت جو اظھار ڪندي، نوَن اديبن کي تيزيءَ سان اڳيان آڻيندو هو. سائين ظفر حسن جي خاص عادت اها بہ هوندي هئي تہ هُو نوجوان ليکڪن کي پنھنجي دور جي وڏن ليکڪن سان ملائڻ لاءِ ۽ سندن تعلق جوڙڻ لاءِ ڪوبہ موقعو هٿان نہ وڃائيندو هو. ياد اچيم ٿو عبدالرحمان سيال، راهي چنا ۽ مان محمود مغل، سائينءَ جي محبتن جو خاص محور رهياسين. تنھن زماني ۾ صدر ۾ ’پرفيڪٽ پريس‘ سائين ظفر حسن جي هوندي هئي. هڪ ڀيري هڪ فائل ڏيندي چيائون، ”ولي رام سان ملي اچو، هي ڪاغذ کيس پڄائڻان آهن.“
تنھن زماني ۾ ڀلو ڀل جو ڇيھہ ئي نہ هو. سنڌي علم و ادب جي آسمان تي ڪھڙا نہ روشن ستارا چمڪندا هئا. ڪھاڻيءَ جي ميدان ۾ سائين طارق اشرف، سائين ظفر حسن، سائين نجم عباسي هڪ طرف هوندا هئا، تہ شاعريءَ ۾ وري نياز همايوني جھڙا پختہ قد وجود پاڻ پَسائيندا هئا. ان ئي دور ۾ ترجمي جي دنيا ۾ اهم ترين نالو هو سائين ولي رام ولڀ جو... پھريون ڀيرو خوف وچان مليو هئس تہ ڀاڪر پائي چيو هئائون، ”توهان جي نالي کان واقف آهيان، ظفر ٻُڌائي ٿو تہ توهان ڏاڍو تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيا آهيو.“
چار ڏهاڪن کان مٿي اهو سفر طئہ ٿي چڪو آهي. انھن چوئيتاليھن پنجيتاليھن سالن ۾، سائين ولي رام ولڀ سدائين مون تي ذاتي طور شفقت جو هٿُ رکيو. اُڏيرولال اسٽيشن تي احساس ميرل جي سھيڙيل ڪتاب ’سُخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا‘ جي حوالي کان 2 سيپٽمبر 2018ع تي تقريب هئي، منٿ ڪيم تہ طبيعت ۾ هيڻائيءَ جي باوجود بہ گڏ هليا ۽ سفر ڏاڍو انجواءِ ڪيائون. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ادا گل محمد جي ڪليگ واري حيثيت سان هُنن الڳ پيار ڏنو. ’آرسي‘ ۾ لڳاتار ڇپجڻ سندن محبت جو ٻيو استعارو رهيو ۽ گڏوگڏ کُليل دل سان تعريف ڪندي پُٺيءَ تي ڏنل سندن ٿڦڪي، منھنجي لاءِ ڄڻ تہ حياتيءَ جو وڏو اثاثو آهي.
ولڀ صاحب، هڪ عملي ليکڪ هئا، هنن حياتيءَ ۾، ڪنھن بہ محفل ۾، ڪنھن بہ موقعي تي بنا تياريءَ جي شرڪت نہ ڪئي. هُو سدائين پنھنجو آرٽيڪل تيار ڪري ايندا هئا ۽ في البديھہ ڳالھائڻ کان پاسو ڪندا هئا. ڪتابن جي مھورت هجي يا ڪا ٻي علمي ادبي سرگرمي هجي، کين ان ڳالھہ جو مڪمل ادراڪ هوندو هو تہ ڳالھائڻو ڪتاب تي آهي يا صاحبِ ڪتاب تي آهي. مان تقريبن چاليھہ سال علمي ادبي محفلن جو ميزبان رهيو آهيان، صرف سائين ظفر حسن، سائين عبدالقادر جوڻيجو ۽ سائين ولي رام ولڀ ان خاني ۾ فٽ اچن ٿا، نہ تہ هُونئن تہ الاءِ ڪيترن ڳالھائڻ وارن کي ڳالھائڻ جي موضوع جي خبر دير سان پوندي آهي.
هڪ لائق استاد جيان، هڪ ڀرپور ايڊيٽر جيان ۽ پنھنجي هُنر جي مڪمل ڄاڻ رکندڙ وجود جيان هُن اسان جي پرورش ڪئي، سيکاريو، سنواريو ۽ اڳتي وڌايو. سندس سُلوڪ جيترو مھربان ۽ ٿڌو هوندو هيو، سندن ڀاڪر ايترو ئي گرم... اندر ۾ اهو احساس ڪَرَ کڻي ٿو تہ هي هيرا جواهر، پنھنجي دور جا، پنھنجي نسل جا آخري استعارا آهن، جن کان پوءِ انھن جھڙو ڪو ورلي وري اچڻو آهي.
’امرتا‘ ۽ اسان جو سڄو سَٿُ سندن محبتن، شفقتن، سِکيا ۽ ساٿَ لاءِ ٿورائتو آهي. هنن جيڪي ڪجهہ اسان لاءِ ڪيو، تنھن جي ادائيگيءَ لاءِ اسان جا هي لفظَ پورا پئجي نٿا سگهن.

- محمود مغل
- فقير محمد ڍول

ولي رام ولڀ جو وڇوڙو

---

ولي رام ولڀ سان ملو

ترتيب: فقير محمد ڍول

جنم
18 آگسٽ 1941ع مٺي

ولديت
ڪيول رام لوهاڻو (والد صاحب پوليس ۾ نوڪري ڪندو هو)

ڀائر
پنج ڀائر

ڀينرون
پنج ڀينرون (سڀني کان وڏو).

تعليم
پرائمري ۽ هاير سيڪنڊري مٺي
گريجوئيشن: سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد
ڊرائنگ: ننڍپڻ کان ئي ڊرائنگ جو بہ گهڻو شوق هو، هن مئٽرڪ ۾ انٽر گريڊ ڊرائنگ جو امتحان پاس ڪيو.
ايم اي (اردو( سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
ايم اي (سوشيالاجي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
ايم اي (ماس ڪميونيڪيشن) فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن, سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
ايل ايل بي جناح لا ڪاليج حيدرآباد (1969ع)

جِيوَن ساٿي
هري پرڌاناڻي )جنھن سان مئٽرڪ ۾ پڙهائيءَ دوران 14 سالن جي عمر ۾ سندس شادي ڪرائي وئي.(

اولاد
ٻہ نياڻيون پشپا ولڀ، گوري ولڀ ۽ هڪ پٽ ڪمليشور

ادب
هن کي ننڍپڻ کان ئي ادب سان لڳاءُ هو، جنھن ڪري سنسڪرت، انگريزي، هندي، گجراتي، ڍاٽڪي، پارڪري ۽ پنجابي ٻولين سميت ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڄاڻ حاصل ڪيائين. ولي رام صاحب پھرين طبعزاد ڪھاڻي ’پشپ‘ جي نالي سان لکي.

ترجمو ڪيل ناول
(1) غدار (اردو): ڪرشن چندر (1968-1980-1983-1990)
(2) سيتا هرڻ (اردو): قرت العين حيدر (1977-1982-1996)
(3) بند دروازو (پنجابي: امرتا پريتم(1978-1991)
(4) ڌاريو (فرينچ): البير ڪاميو (1991-2021)
(5) پوئين پھر جا پانڌيئڙا (اردو): قرت العين حيدر (2000)
(6) سمھيل پاڻي (هندي ناوليٽ) سرويشور ديال سڪسينا (2015)
(7) ڇتن ڪتن جو مسيحا (هندي ناوليٽ) سرويشور ديال سڪسينا (2015)
(8) ڪھاڻي هُنن جي (پنجابي): امرتا پريتم (2016)
(9) ڪارو ڪتاب (هندي ناوليٽ): عابد سورتي
(10) ائناڪرينينا (روسي): ليوٽالسٽاءِ

طبعزاد ڪھاڻيون:
(1) زندگيءَ جو هڪ ڪپيل ٽڪرو ۽ ٻيون ڪھاڻيون (اصلوڪيون ڪھاڻيون)
(2) ’زندگي سي ڪٽا ھوا ٽُڪڙا‘ افساني، نظمين اور گفتگو اردو ترجمو: بشير عنوان: (2001ع)
(3) ’ليڪا نہ اورانگهڻ جھڙا‘ ڪھاڻيءَ جو انگريزي ترجمو ’Barriers that remained‘ (پينگئن بُڪس جي انڊين ايڊيشن) ’A Letter from Pakistan‘ 2004ع ۾ شامل)

تحقيق
(1) مٺي شھر جي معاشي ۽ سماجي حالتن جو تحقيقي جائزو
(2) اڻويھين صديءَ جي اخبار نويسي
(3) 1947ع کان اڳ سنڌي ادب ۾ ڇپيل ترجمن جو تحقيقي جائزو
آتم ڪٿائون ۽ انٽرويوز
(1) ’اقبال‘ (اردو) احمد نديم قاسمي (1977ع).
(2) ’سدا ساوا پن‘ (محمود درويش، يشپال، پيبلونرودا ۽ لورڪا) : (1984ع).
(3) ’مون وٽ نہ ڪا پيتي، نہ ڪو ڪلف ڪنجي‘ ڀڳت کيمچند آسناڻيءَ جي آتم ڪٿا (2004ع)
(4) ’کير ڌارا‘ (پرڏيھي ساهتڪار ۽ سندن رچنائون) : (2015)
(5) ’يادون، ملاقاتون ۽ ڪجهہ اڀياس‘ (سنڌ ۽ هند جا ساهتڪار ۽ سندن تخليقون) 2016ع
(6) ’سڄڻن پيئي سار اسان جي‘ (هند جي سنڌي ليکڪن جا خط)
(7) ’سنيھڙا‘ (ڌيئرن جا لکيل خط)
(8) ’مُکا ميلو‘ (انٽرويوز)

ترجمو ڪيل ۽ ترتيب ڏنل ڪھاڻين جا مجموعا
(1) عالمي ادب - 1 (1978)
(2) ٽين دنيا جون ڪھاڻيون (پرڏيھي) : (1980ع)
(3) ٿڪل سُريت ۽ ٻيون ڪھاڻيون، البرتو موراويا (اٽالين) (1983ع)
(4) ٻار سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ (ترتيب ڏنل 28 ڪھاڻيون): (1984ع)
(5) نيڻ تارا ۽ ٻيون ڪھاڻيون اردو ۽ هندي: (2003ع)
(6) بھشت ۽ دوزخ ۽ ٻيون ڪھاڻيون (ننڍي کنڊ جون مختلف ٻوليون): (2004ع)
(7) ليڪا نہ اورانگهڻ جھڙا (2004ع)
(8) مٺڙا ڀاءُ..! ۽ ٻيون ڪھاڻيون (وچ اوڀر، ڏور اوڀر ۽ ننڍي کنڊ جون ڪھاڻيون ۽ ناٽڪ): (2006ع)
(9) پرڏيھي ڪھاڻيون (امريڪي، لاطيني امريڪي، يورپي، آسٽريليائي ۽ ڏکڻ افريڪي چونڊ ڪھاڻيون): (2011ع)
(10) آرسي ڪھاڻيون (ظفر حسن سان گڏ) : (2013ع)

تاريخ
(1) ’سنڌ ڪھاڻي‘: (انگريزي) ڪيول ملڪاڻي جي تصنيف ’The Sindh Story‘ جو ترجمو تاج جويي جي نالي ۾ (1991ع)، ٻيو ڇاپو ’ورو‘ جي نالي ۾ (2002ع)، ٽيون ڇاپو ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي ۽ نولراءِ بچاڻي جي نالي ۾ (2005ع)

فلسفو ۽ مذهب
(1) گيتا جو اڀياس: (انگريزي) سارديسائي ۽ دليپ بوس جي ڪتاب ’Gita in Marxism‘ جو ترجمو (1992ع)
(2) من جي شانتي: (هندي) راڌا سوامي ست سنگ بياس / امرتسر پاران ڇپيل هندي ڪتاب ’من ڪي شانتي‘ جو ترجمو (2002ع)

شاعريءَ جا مجموعا
(1) ڪَوِتا ڦلواڙي (دنيا جي 19 ملڪن جي 26 مختلف ٻولين جي 112 شاعرن جا چونڊ شعري ترجما): (2006ع)
(2) مورڇل (هند جي مختلف ٻولين جو شعري مجموعو) 2016ع
(3) اڏارون آڪاس ۾ (طبعزاد)
(4) لؤ (شمشيرالحيدريءَ جي شعري مجموعي ‘لاٽ’ جو اردو ترجمو)
(5) ڪَوِتائن جو ڪاڪ محل (هند جي مختلف ٻولين جو شعري مجموعو)

ڊائري:
(1) ظفر حسن جي ڊائري: (جلد 1، ظفر جوڻيجي ۽ رفيق منگي سان گڏ): (2003ع)

نصاب
(1) سنڌي ٻاراڻو ڪتاب: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ڄامشورو (2004ع).
(2) سنڌي ڇھون ڪتاب: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ڄامشورو (2005ع).

مرتب ۽ نظرثاني ڪيل ڪتاب
(1) سنڌي پھاڪا: لسانياتي ۽ سماجي - ثقافتي اڀياس: ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي. سُڌار سنوار (2010).
(2) سنڌي ٻوليءَ جو گرامر: ارنيسٽ ٽرومپ؛ ٽرانسلٽريشن ۽ نظرثاني ڊاڪٽر فھميدہ حسين سان گڏ (2011ع).
(3) ساٿُ سِکيا يا سماجي زندگي: شيوارام ڦيرواڻي (2011ع)
(4) جانورن جي عجيب دنيا (انگريزي ڪتاب Amazing World of Animals جو ترجمو): (2013ع)
(5) ماءُ ٻارن کي ڪيئن سُڌاري؟ ( ڊَبليُو. ايس. اِسٽونر جي ڪتاب ’نيچرل ايجُوڪيشن‛ تي آڌاريل ’سُڀاويڪ ٻاراڻي سِکيا‘ جو سنڌي ويس) سُڌار ۽ سنوار (2013ع)
(6) پاڪستان - نرالو وجود نرالي تقدير؟: جاويد جبار، سنڌي ترجمو: محسن ٻٻر؛ سنوار ۽ سُڌار (2014ع)
(7) اِنسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ شامل.

ايڊٽ ڪيل رسالا
(1) ماهوار ’سھڻي‘ طارق اشرف سان گڏ ٻانھن ٻيليءَ جي حيثيت سان پنج شمارا (1971ع).
(2) آرسي پبليڪيشن، (سنڌي ڪھاڻيون) 5 جلدن ۾ (ظفر حسن سان گڏ) : (1،2\ 1983ع، 3\1984ع، 4\1985ع، 5\1986ع)
(3) پندرنھن روزہ ’عبرت مخزن‘ (ابتدائي چئن شمارن جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ شامل) : (جون - جولاءِ 1987ع).
(4) ’ڇماهي سنڌي ادب‘ سنڌالاجي، پنج شمارا (1989ع، 1994ع کان 1997ع).
(5) ٽماهي ’سنڌالاجي نيوز ليٽر‘- چار شمارا (1993ع کان 1995ع).
(6) ماهوار ’پريم ساگر‘- ڪراچي ’سامي نمبر‘: تاج جويي سان گڏ (2002ع).
(7) ٽي آر ڊي جي مخزن ’نيوز اينڊ اوپينين‘: ايڊيٽوريل ڪميٽي ۾ محمد ابراهيم جويي، پروفيسر اعجاز قريشي ۽ ظفر جوڻيجي سان گڏ

ايڊٽ ڪيل ڪتابي سلسلا:
(1) ’عالمي ادب‘- I (ظفر حسن سان گڏ) (1978ع).
(2) ’سنڌي ساهت‘- I (حليم بروهي، نثار حسيني، مدد علي سنڌي ۽ خالد سنڌي سان گڏ) : (1979ع).
(3) ’آرسي پبليڪيشن‘- (ظفر حسن سان گڏ) پنج شمارا (1983ع کان 1986ع).

مھاڳ ۽ رايا :
(1) ڀڳوت گيتا هڪ اڀياس (1992ع)
(2) ڌاريو : البير ڪاميو (1993ع)
(3) سيتا هرڻ: قرت لعين حيدر (1997ع)
(4) پوئين پھر جا پانڌيئڙا : قرت لعين حيدر (2000ع)
(5) ٿر جو ديپ امر دليپ : ڀارومل امراڻي سوٽھڙ (2002ع)
(6) سنڌ ڪھاڻي : ڪيول ملڪاڻي : (2002ع)
(7) ديوارن جي دنيا پويان: ايوب کوسو (2003ع)
(8) جديد سنڌي ڪھاڻي : رئوف نظاماڻي (2003ع)
(9) بھشت ۽ دوزخ : (2004ع)
(10) مون وٽ نڪا پيتي، نڪو ڪلف ڪنجي (2004ع)
(11) ڪوتا ڦلواڙي : (2006ع)
(12) آدرشن جا آستانا _’دعا مان ڪريل لفظ‘ : سعيد سومرو (2006ع)
(13) ’سنڌ جي آتما ساڌو هيرانند‘ :ڏيارام گدو مل (2006ع )
(14) ’هي ڪتاب تہ بس هڪ نماڻي شرڌانجلي آهي‘ ساميءَ مٽ اُپٽيا : زبير سومرو (2006ع)
(15) زائفان ذات : حميرا نور (2006ع)
(16) مٺڙا ڀاءُ : (2007ع)
(17) پرڏيھي ڪھاڻيون : (2011ع)
(18) ’بڙ جي ڇانواڳي کان بہ گهاٽي‘ - ٿر وڏو وستار : حاجي محمد حاجن دَل (2014ع)

نوڪريون:
1969ع کان 1988ع تائين ڪراچيءَ جي هڪ ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ جي حيدرآباد برانچ جو پھرين بزنس ايگزيڪيوٽو ۽ پوءِ برانچ مئنيجر ٿي رهيو،
1988ع کان 2001ع تائين ريسرچ سينٽر، مائڪرو فلمنگ، آڊيو ويوئل، ميوزڪ، فوٽوگرافڪ ۽ انٿراپولاجيڪل ريسرچ سينٽر جي شعبن ۾ خدمتون انجام ڏيندو رهيو
15 مارچ 2001ع تي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان اتان ئي رٽائر ٿيو،
سنڌالاجيءَ ۾ ملازمت دوران هو ڇھہ ماهي ’سنڌي ادب‘ جو ايڊيٽر ۽ فوٽوگرافڪ ۽ مائڪرو فلم سيڪشن شعبي جو بہ انچارج رهيو، جڏهن تہ مختلف ڪاميٽين جي ميمبر هئڻ جي حيثيت سان بہ فعال ڪردار ادا ڪيو، هن اسٽيج ڊراما بہ ڪيا،

ايوارڊ ۽ مڃتائون:
(1) ’غفار قليچ ايوارڊ‘، آگم پبليڪيشن/قليچ سرڪل، حيدرآباد 1989ع
(2) ’بوڪ ڊزائننگ نيشنل ورڪشاپ‘ (30.8.1989_27)، نيشنل بوڪ ڪائونسل آف پاڪستان، منسٽري آف ايجوڪيشن، حيدر آباد 1989ع
(3) ’سلور ميڊل‘، ايم.اي ماس ڪميونيڪيشن/ جرنلزم فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن) يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو (16.4.1996)
(4) ’نيشنل ڪلچرل ايوارڊ فار مِنارٽيز اِن لٽريچر‘، منسٽري آف منارٽيز افيئرس، گورنمينٽ آف پاڪستان، اسلام آباد (انعام: پنجاھہ هزار روپين سان گڏ 30.6.1991)
(5) ’مرزا قليچ بيگ ايوارڊ‘، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ پاران البر ڪامو جي ناول The Outsider جي سنڌي ترجمي ’ڌاريو‘ تي (3.6.1994).
(6) ’ڀڳت ڪنور رام شيلڊ‘، پريم ساگر پبليڪيشن، ڪراچي (14.6.1996)
(7) ’شھيد محمد فاضل راهو ايوارڊ‘، سورمين سٿ، حيدرآباد (16.11.1997).
(8) ’اَلھندو شاھہ يادگار شيلڊ‘، ماهوار نئين زندگي، حيدرآباد (5.9.1999).
(9) ’نيشنل ڪلچرل ايوارڊ فار منارٽيز اِن لٽريچر‘، منسٽري آف منارٽيز، ڪلچر، اِسپورٽس، ٽورزم اِينڊ يوٿ افيئرس، گورنمينٽ آف
پاڪستان، اسلام آباد (انعام: پنجاھہ هزار روپين سان گڏ 18.9.2001).
(10) ’سوجهرو ايوارڊ‘، ماهوار سوجهرو، ڪراچي (2000ع).
(11) ’الوداعي تقريب شيلڊ‘، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو (19.3.2001).
(12) ’ففٽي ففٿ انڊپينڊنس ڊَي اينڊ لارڊ ڪرشنا فيسٽيول ايوارڊ‘، نيول ويلفيئر مشن، ڪراچي (9.8.2002).
(13) ’پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ‘، حيدرآباد هندو پنچائت حيدرآباد (15.11.2003).
(14) ’امر دليپ سنگهہ حسنِ ڪارڪردگي ايوارڊ‘ بزمِ گلشن سنگت، ٽنڊو محمد خان (2003ع).
(15) ’ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ‘ ترجمي جي مڃتا ۾، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، قمبر (2006ع)
(16) ’سنڌي اديب نيشنل ايوارڊ‘، اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا جئپور (انعام: پنجويھہ هزار روپين سان گڏ 3.5.2009).
(17) ’شريمتي پشپا ديوي هاسانند راجواڻي يادگار ايوارڊ‘، جئپور (3.5.2009).
(18) ’ايپريسيئيشن ممينٽو ايوارڊ‘، نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگيئج، راشٽريہ سنڌي ٻولي وڪاس پريشد، نيو دلي، انڊيا (28.4.2009)
(19) ’جوش مليح آبادي ايوارڊ‘ سنڌ ثقافت کاتو، ڪراچي (2009ع).
(20) ’ٻين-ڪھاڻي ڪانفرنس ٽرافي‘، انيس انصاري اڪيڊمي، حيدرآباد (25.7.2009).
(21) سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد پاران چٽا ڀيٽيءَ ۾ پھريون نمبر انعام، ’پرڏيھي ڪھاڻيون‘ (انعام: پنجهتر هزار روپين سان گڏ: 2011ع) سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل.
(22) ’لائيف اچيوَمينٽ ايوارڊ‘ حيدرآباد هندو پنچائت حيدرآباد (2012ع)
(23) ’جڳت آڏواڻي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ فارٽرانسليشن‘، سنڌي ادبي سنگت ٺُل برانچ (19.12.2014).
(24) ’صدارتي ايوارڊ براءِ حُسنِ ڪارڪردگي‘، پريزيڊينٽ آف پاڪستان، اسلام آباد (انعام: پنج لک روپين سان گڏ: 23.3.2015).
(25) ’لائيف اچيومينٽ ايوارڊ‘، سنڌي ادبي سنگت، شاخ مٺي (20.12.2015)

ديھانت:
29 آڪٽوبر 2023ع

(هن معلومات جي سھيڙ لاءِ ادارو ڊاڪٽر ڪمليشور، ليکڪ زيب سنڌي ۽ صحافي عظمت اللھ ڪنڀر جو ٿورائتو آهي - ايڊيٽر)

جِيوَن / ڪھول ڪٿا

سنڌ جو ناميارو ساهتڪار، سنڌيدان ۽ مترجم ولي رام ولڀ، 18 آگسٽ، 1941ع (سرڪاري رڪارڊ موجب 16 مارچ، 1941ع) تي ٿرپارڪر ضلعي جي مُک شھر مٺيءَ ۾ ’ڪيول رام لوهاڻي‘ جي گهر ۾ ڄائو. کيس 6 مئي 1947 تي گورنمينٽ پرائمري اسڪول مٺيءَ ۾پھرين درجي ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ 1959ع ۾ مئٽرڪ اتان جي ئي لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. پوءِ 1964ع ۾سچل سرمست ڪاليج، حيدرآباد مان ’گريجوئيشن‘ ۽ 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ايم.اي (اردو ادب)، 1971ع ۾ ايم.اي (سوشالاجي) ۽1991ع ۾ ’ايم.اي‘ (ماس ڪميونيڪيشن) فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان پاس ڪيائين. هن 1969ع ۾جناح لا ڪاليج، حيدرآباد مان ’قانون جي ڊگري‘ پڻ حاصل ڪئي.
ولي رام ولڀ اپريل 1957ع ۾ ’پرائمري اسڪول ليونگ اگزامنيشن سرٽيفڪيٽ‘ (سنڌي ورنيڪيولر فائينل) امتحان ۾ کنيل مارڪن موجب ڇھون نمبر کڻي پاس ڪيو. ان دوران هن ديوناگري لپيءَ ۾ هنديءَ جي ابتدائي تعليم پشڪرڻا برهمڻ پاٺشالا مٺيءَ مان جيوتش وديا جي نالي واري ماهر ’پنڊت پونم چند سرماڙي برهمڻ چيلھار واسيءَ‘ کان ۽ سنسڪرت زبان جي سکيا هاءِ اسڪول ۾ ’پنڊت سارنگرام شرما‘ کان حاصل ڪئي. کيس سنڌي، انگريزي، اردو، سنسڪرت سان گڏ هندي، ڍاٽڪي، پارڪري، گجراتي، سرائڪي ۽ پنجابي ٻولين جي بہ ڄاڻ هئي.
ولي رام ولڀ 1961ع ۾ انٽر گريڊ ڊرائنگ جو امتحان پاس ڪيو. مٺي اسڪول ۾ زير تعليم هئڻ دوران سندس دلچسپي اسڪول لائبريري جي ڪتابن سان هوندي هئي. ريڊنگ روم ۾ اخبارون ۽ رسالا ايندا هئا، جيڪي سندس سنڀال هيٺ رهندا هئا. ان وقت جي هيڊ ماستر ’لڇمڻ داس پارواڻي‘ کيس انگريزي گرامر ۽ ڪمپوزيشن ۽ ’چوڌري ضياءُالحق‘ انگريزي ٽيڪسٽ، اردو ۽ فارسي پڙهائيندا هئا. هو ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن ۾ دلچسپي رکڻ سان گڏ شام جو ڪرڪيٽ ۽ فٽ بال بہ شوق سان کيڏندو هو. اسڪول جي خاص ڏهاڙن جي موقعن تي تقريرون ڪرڻ ۽ سالياني تقريب جي ناٽڪن ۾ پڻ حصو وٺندو هو. 1956ع ۾ هڪ تقريري مقابلي ۾ کيس ’شاگردن جا فرض‘ جي موضوع تي تقرير ڪرڻ تي پھريون انعام مليو هو.
1956ع ڌاري هو مٺيءَ جي هڪ سماجي شخصيت ’ڀڳت کيم چند آسناڻيءَ‘ جي سنگ ۾ آيو، جيڪو پنھنجي نِيَم سان روزانو صبح ۽ شام مقرر وقتن ۽ هنڌن تي پاڻ وڃي شاگردن ۽ ٻين عام ماڻھن کي اخلاقي نقطا ۽ نصيحت آميز سکيا ڏيندو هو. جن ولي رام کي گهڻو متاثر ڪيو. ڀڳت کيم چند پنھنجي سرپرستيءَ ۾ سماجي سڌاري ۽ نوجوانن ۾ اخلاقيات ۽ سداچار جي ڦھلاءُ لاءِ شيوامنڊليءَ ۽ لائبريري قائم ڪئي، جنھن جو چيئرمين ولي رام ولڀ کي چونڊيو ويو. انھيءَ منڊليءَ ۽ لائبريريءَ جا 80 کن ميمبر اسڪولي شاگرد هئا. لائبريري ۾ عام پڙھندڙن لاءِ 350 کن ڪتاب ۽ رسالا رکيل ھئا ۽ ڪجهہ روزانيون اخبارون اينديون هيون.ساڳي سال ڀڳت صاحب جو گجرات جي تاريخي پسمنظر ۾ لکيل هڪ ناٽڪ ’چندر هاس‘ اسٽيج ڪيو ويو، جنھن ۾ ولي رام ولڀ اڳڀرو حصو ورتو. ٽڪيٽن جي وڪري مان مليل پئسن مان ڪنيا پاٺشالا (ڇوڪرين جو ڌرمي سکيا مرڪز) جو بنياد رکيو ويو، جنھن ۾ ٽيھارو کن اسڪولي ڇوڪرين کي هندي ٻولي پڙهائڻ جو ڪم بہ سرانجام ڏنائين.
ولي رام ولڀ 1959ع کان 1968ع تائين ٻيلي کاتي ۾ نوڪري ڪئي ۽ 1969ع کان 1988ع تائين ويھارو ورهيہ کن ڪراچيءَ جي هڪ ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ جي حيدرآباد برانچ جو پھرين بزنس ايگزيڪيوٽو ۽ پوءِ برانچ مئنيجر ٿي رهيو. ان کان پوءِ هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي تحقيقي اداري ’انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ‘ جي مختلف شعبن جھڙوڪ: اينٿراپالاجيڪل ريسرچ سينٽر، فوٽو گرافڪ، مائڪرو فلمنگ، پينٽنگس، آڊيو ويوئل ۽ ميوزڪ جي شعبن ۾ اپريل 1988ع کان مارچ 2001ع تائين خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو ۽ 15 مارچ 2001ع تي ڊپٽي ڊائريڪٽر، اينٿراپالاجيڪل سينٽر (ميوزيم) جي حيثيت سان رٽائر ڪيائين. سنڌالاجيءَ ۾ ملازمت دوران هو ڇھہ ماهي ’سنڌي ادب‘ مخزن جو ايڊيٽر ۽ فوٽوگرافڪ ۽ مائڪرو فلم سيڪشن جو بہ ڪجهہ وقت انچارج پڻ رهيو. يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت دوران ھو سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف ڪاميٽين جي رڪن ھئڻ جي حيثيت سان فعال ڪردار پڻ ادا ڪيائين.
گفتگوءَ ۾ شائستگي رکندڙ ولي رام ولڀ جو ادب جي ميدان ۾ نمايان يوگدان رهيو. هن مختلف پرڏيھي زبانن جي مشھور ناولن، ڪھاڻين، شاعري، تاريخ ۽ ٻين موضوعن سان متعلق ڪتابن جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا ۽ ان کانسواءِ هن اصلوڪيون ڪھاڻيون ۽ ڪَوِتائون بہ لکيون.
ولي رام ولڀ جي اسڪولي شاگردي واري دور کان سنڌي ٻولي، تعليم ۽ ادب سان گهري دلچسپي رهي. هن پنھنجي رهائشي جڳھہ حسين آباد، حيدرآباد ۾، ٻارن کي معياري تعليم ميسر ڪرڻ لاءِ 1 اپريل 1988ع ۾ ’بليو اينجلس ايڊن‘ نالي اسڪول جو بنياد رکيو، جيڪو ڪنڊرگارٽن سان گڏ اٺين ڪلاس تائين تعليم جي ميدان ۾ سرگرمِ عمل رهيو آهي. انھيءَ اسڪول جي ترقي ۽ بھتريءَ لاءِ سندس نُنھن انيتا ڪمليشور پرنسيپال جي حيثيت سان نگران آهي. ھُن فارميسي (فرسٽ ڪلاس، ٿرڊ پوزيشن)، بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ روُرل ڊيولپمينٽ جي شعبن ۾ ماسٽرس جون ڊگريون حاصل ڪيون آھن.
ولي رام ولڀ 1957ع ۾ ايسرداس ليکراج پرڌاناڻيءَ جي ڌيءَ هريءَ سان مٺيءَ ۾ شادي ڪئي. کيس اولاد ۾ ٻہ نياڻيون پشپا ولڀ ۽ گؤري ولڀ ۽ هڪ پٽ ڪمليشور آهن، جيڪي پنھنجي تعليمي ۽ سماجي ميدانن ۾ سرگرم عمل آهن. پشپا ولڀ ڊاؤ ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر آهي. سندس شادي ڊاڪٽر مرلي ڌر ڇاٻڙيا سان ٿيل آهي، جيڪو سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽ (SIUT) ڪراچي ۾ پروفيسر آهي. کين اولاد ۾ ٽي پٽ راھُل، سمير ۽ آڪاش آھن. گؤري ولڀ گورنمينٽ وومين ڪاليج ڪراچي ۾ فزڪس شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. سندس شادي ليلارام لوهاڻا سان ٿيل آهي، جيڪو US-AID ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. کين اولاد ۾ ھڪ ڌيءَ آرتي ۽ ھڪ پٽ روھِت آھن. سندن پٽ ڪمليشور مھراڻ يونيورسٽيءَ مان اليڪٽريڪل انجينيئرنگ جي شعبي ۾ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بزنس جي شعبي ۾ ماسٽرس ڪرڻ کان پوءِ آسٽريليا هليو ويو جتان هُن ’ڪوئنسلينڊ يونيورسٽيءَ‘ مان سوشل سائنسز ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ واپس اچي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ساڳئي شعبي ۾ پي. ايڇ. ڊي. جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ هاڻي مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾سائنس ۽ ڊيولپمينٽ جي شعبي ۾ اسسسٽنٽ پروفيسر جي طور خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. ھُن ڀاٽيا فيميلي ۾ انيتا سان شادي ڪئي آھي. کين اولاد ۾ٻہ نياڻيون ڀاونا، تانيا ۽ ٻہ پٽ جتن ۽ لڪش آھن.
ولي رام ولڀ مختلف ادبي، ثقافتي ۽ سماجي تنظيمن توڙي سرڪاري ادارن جو ميمبر پڻ رهيو. هُو روٽري ڪلب حيدرآباد جو ميمبر پڻ رهيو. ھُو پنھنجي مختصِر ڪٽنب سان حيدرآباد ۾ سنڌو درياءَ جي ڀرسان واقع شريف اسڪوائر، حسين آباد واري علائقي ۾ رھائش پذير رھيو ۽ اتي ئي 29 آڪٽوبر 2023ع تي سندس ديھانت ٿيو.

اي سنڌ تو کي الوداع ..! : تاج جويو

سنڌ جو ٻھڳڻو ليکڪ، ڪھاڻيڪار، شاعر، نقاد، ايڊيٽر ۽ مترجم ولي رام ولڀ (2023-1941) ٻياسي (82) ورھين جي ڄمار ۾ سنڌ ۽ ھند جي ادبي حلقي کان وڇڙي ويو آھي. ھن جي لاڏاڻي سان نہ رڳو ڊاڪٽر پشپا ولڀ، ڪمليش ۽ گوري ولڀ يتيم ٿيا آھن، پر سنڌ جون ٽي ادبي پيڙھيون يتيم ٿيون آھن.
اسان جي ڀيڻ ھري ٻائي، پنھنجي جِيوَن ساٿيءَ جو ھي وڇوڙو ڪيئن برداشت ڪندي، سوچڻ محال آھي. منھنجو سائين ولي رام جي گهر سان لڳ ڀڳ اڌي صديءَ جو ناتو قائم رھيو آھي. اسان ھڪ ٻئي جا گهر ڀاتي رھيا آھيون. وليرام جي نياڻين ۽ پٽ جي شادين ۽ ڪاڄن جا مسئلا ھجن يا سندن تعليم ۽ ملازمت جا مامرا، ھن ھميشہ مون سان اوس مشاورت ڪئي. ڪتابن جي ترتيب توڙي ڇپائيءَ جي مسئلن تي بہ ھُو مون سان صلاح مصلحت ڪندو ھو. جڏھن ھُو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشوري جو پبليڪشن آفيسر / ڊپٽي ڊائريڪٽر ھو تہ ھن ڪي. آر. ملڪاڻيءَ جي انگريزي ڪتاب ’The Sindh Story‘ جو ’سنڌ- ڪھاڻي‘ جي عنوان سان ترجمو ڪيو ھو ۽ اھو دؤر ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر ضياءُالحق جي ڇتي مارشل لا جو ھو. ان ڪري ھن اھو ڪتاب روشني پبليڪشن جي مالڪ علي نواز گهانگهري کي سندس نالي سان ڇپائڻ لاءِ چيو. ان جي انڪار ڪرڻ تي اھو ڪتاب گڏيل صلاح سان منھنجي (تاج جويو) نالي سان ڇپيو تہ جيئن ڪنھن بہ وقت ان جا حق ۽ واسطا ٻئي ڇاپي وقت ولي رام ولڀ جا ڄاڻائي سگهجن. اسان اھو بہ سوچيو ھو تہ ڪتاب جي ٻئي ڇاپي وقت شاھ جي بيتن جي انگريزيءَ مان سنڌي نثر ۾ ٿيل ترجمي بدران شاھ جا اصلي بيت ڳولي ڏبا، پر ولي رام صاحب جي اھا خواھش پوري نہ ٿي سگهي. ولي رام ولڀ ھڪ ئي وقت سنڌي، ھندي، اردو، پنجابي ۽ انگريزي ٻولين تي دسترس رکندو ھو، پر سنڌيءَ جي ديوناگري لپيءَ تي بہ کيس پورو عبور حاصل ھو. ھن اڌ ڊزن کان مٿي طبعزاد سنڌي ڪھاڻيون لکيون، پر عالمي ادب مان ننڍي کنڊ، ٽين دنيا، ڏور اوڀر، آمريڪا، لاطيني آمريڪا، يورپ وغيره جون سوين ڪھاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، ڪتابي صورت ۾ ڇپرايون. ان کان سواءِ ھن ليو ٽالسٽاءِ، قرت العين حيدر، امرتا پريتم، البرٽ ڪاميو، سرويشر ديال سڪسينا ۽ ڪرشن چندر جا ناول سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. ھن جا ڪتاب گيتا جو اڀياس (ترجمو) ۽ سدا ساوا پن (سوانحي ادب) سندس ترجمي جو ڪمال ظاھر ڪن ٿا. ھن ڀڳت کيمچند آسناڻيءَ جي آتم ڪٿا ’مون وٽ نہ ڪا پيتي، نہ ڪو ڪلف ۽ ڪُنجي‘ ترتيب ڏني. ھن جي طبعزاد شاعريءَ جو ڪتاب ’اُڏارون آڪاس‘ ۾، دنيا جي چونڊ شاعريءَ جو ڪتاب ’ڪوتا ڦلواڙي‘ (ترجمو)، ’ٻار‘ سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ (تربيت) ۽ سندس وسيع مطالعي ۽ اڀياس تي مشتمل ضخيم ڪتاب ’يادون، ملاقاتون ۽ ڪجهہ اڀياس‘ سندس تخليقي سگه جو مثال آھي. ھي ڪتاب ثقافت کاتي ڇپرايو آھي ۽ ان جو مھاڳ منھنجو لکيل آھي. وليرام ولڀ جي آتم ڪٿا، خطن، تبصرن، مضمونن ۽ ترجمن تي مشتمل اڃا ڪيترا ئي ڪتاب اشاعت جا منتظر آھن.
ھن پاڻ پڏاءَ ۽ نماءَ کان پري رھندڙ نھٺي، سٻاجهي ۽ مٺڙي سڀاءَ واري شخص ۽ باوقار اديب جي شخصيت ۽ تخليقن جا اثر سنڌي ادب ۽ پڙھندڙن تي صدين تائين رھندا.
سائين محمد ابراھيم جويو، تنوير عباسي ۽ ولي رام ولڀ اھڙا ٻاجهارا ۽ گڻوان شخص ھئا، جن ھر ٽھيءَ جي تخليقڪارن، خاص ڪري نئين ٽھيءَ کي ھميشہ اتساھيو ۽ کين اڳتي وڌڻ جا موقعا فراھم ڪيا. ان جا مثال اياز گل، ادل سومرو، مختيار ملڪ، قاضي منظر حيات، زبير سومرو، دليپ ڪوٺاري، ڀارومل امراڻي، زيب سنڌي، زوار نقوي، نصير مرزا، آئون ۽ ٻيا کوڙ آھن.
ولي رام ولڀ سنڌ ۽ ھند جي ادبي حلقن ۾ ھميشہ ياد رھندو:
اي سنڌ توکي الوداع..!

الوداع ولي رام ولڀ! : زيب سنڌي

ٿَر ۾ جنم وٺندڙ منھنجو اهو ويجهو دوست بہ سدائين لاءِ الوداع ڪري هن دنيا منجهان هليو ويو، جنھن سان منھنجي دوستي، موهن جي دڙي جي گهٽين ۾ ٿي هئي.
منھنجو خيال آهي تہ، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ محبتن ۽ دوستين جي ابتدا گهٽين منجهان ٿيندي آهي. ڇو..؟ الائجي ڇو..!؟ مون کي ايئن ٿو لڳي تہ، مون جيان اڄ موهن جي دڙي جون گهٽيون بہ ولي رام ولڀ لاءِ اداس هونديون.
ولي رام ولڀ... اهو شخص، جيڪو هر ڪنھن سان سدائين مُرڪي ملندو هو، تنھن جي مُرڪ پٺيان ڪيئي درد ڪٿائون لڪل هيون، پر عامَ اڳيان انھن کي پڌرو ڪرڻ جي هن ۾ عادت ئي نہ هئي. هن جي دل بہ مون کي موهن جي دڙي جھڙي ئي لڳندي هئي، جنھن ۾ ڪيئي راز بہ موجود هئا تہ پنھنجي ذات جا درد بہ دفن ٿيل هئا. تمام ويجهي دوست هئڻ جي ناتي ڪڏهن ڪڏهن هن پنھنجا ڏُک مون سان ونڊيا بہ هئا. ڪڏهن سندس اکين منجهان ڪِرندڙ لڙڪن جا موتي بہ مون ڏٺا هئا، پر هُو پنھنجي مُنھن تي هٿ ڦيرائي، اکين منجهان لڙي آيل لڙڪ اگهي، وري مُرڪي مون ڏانھن نھاريندو هو.
ولي رام صاحب جي حوالي سان ماضيءَ ڏانھن نھار ٿو ڪيان تہ فليش بئڪس جو هڪ ڊگهو سلسلو آهي. پھرين فليش بئڪ جو سال تہ مون کي چٽيءَ طرح ياد ناهي، پر ايترو ياد آهي تہ اهو ’بيل باٽم‘ وارو زمانو هو. 1976ع يا 77ع جو سال هو. لاڙڪاڻي جي هڪ هوٽل ۾ ساڻس منھنجي اوچتو پھرين ملاقات ٿي هئي. تڏهن هُو سئنيما ائڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ جو سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ مئنيجر هو. ولي رام پنھنجي اداري جي ڪراچيءَ واري نمائندي جيوت واسواڻيءَ سان گڏ لاڙڪاڻي آيل هو. انھيءَ پھرين ۽ مختصر ملاقات ۾ ئي ولي رام صاحب مون کي گڏجي موهن جي دڙي هلڻ لاءِ چيو هو. ٻئي ڏينھن سکر کان ادل سومرو ۽ اياز گل لاڙڪاڻي آيا هئا تہ سڀ گڏجي موهن جي دڙي ويا هئاسين.
موهن جي دڙي جي گهٽين ۾ هلندي، ولي رام سان منھنجي ڪچھري ٿيندي رهي هئي ۽ موهن جي دڙي بابت ڳالھائيندا، اسان ذاتي گفتگوءَ تائين اچي پھتا هئاسين... ۽ ائين، اسان ٻنھي جي ذاتي تعلق توڙي دوستيءَ جي ابتدا موهن جي دڙي جي گهٽين کان ٿي هئي. هاڻي چاليھن سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ کان پوءِ اسان جو تعلق اهڙي سطح جو آهي، جو مون کي محسوس ٿيندو آهي تہ ڄڻ اسان جو اهو تعلق بہ موهن جي دڙي جي تاريخ جيترو آڳاٽو آهي! ۽ هن سان منھنجو اهو تعلق فقط پراڻو ئي نہ، پر ڏاڍو مضبوط، ويساھہ جوڳو ۽ محبتن ڀريو رهيو آهي.
پھرين ملاقات کان پوءِ ولي رام جڏهن بہ لاڙڪاڻي آيو تہ سندس شيڊيول ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ کان سواءِ هن درويش سان ملڻ ضرور شامل هوندو. مان حيدرآباد ويندو هئس تہ سڌو ولي رام وٽ، ان کان پوءِ باقي حيدرآباد هوندي هئي. ولي رام لڳ ڀڳ پنجويھہ سال گاڏي کاتي جي شمس چيمبر ۾ رهيو، جتي سندس سئنيما ايڊورٽائيزنگ ڪمپني جي آفيس سان لڳو لڳ ننڍڙو گهر بہ هو. ٻن ڪمرن واري ان ننڍڙي فليٽ جا سمورا رهواسي، يعني ولي رام، سندس گهرواري هري ۽ ٽئي ٻارڙا پشپا، گوري ۽ ڪمليش مون کي سدائين بيحد قربائتا لڳا. ولي رام گهر ۾ نہ بہ هوندو هو تہ هنن ڪڏهن بہ مون کي در تان واپس وڃڻ نہ ڏنو. جنھن گهر جا دروازا دلين وانگي سدائين کليل رهن تہ پوءِ تعلق بہ دلين جو ئي جڙندو آهي ۽ دلين جي جڙيل انھيءَ تعلق ۾ ڪڏهن ڪابہ گهاري ڪونہ پئي.
ولي رام جي تعلق ۾ مون کي سدائين ايتري پنھنجائپ محسوس ٿيندي هئي جو جڏهن مان لاڙڪاڻي کان حيدرآباد شفٽ ٿي رهيو هئس تہ، لاڙڪاڻي ۾ پنھنجي پراپرٽي وڪرو ڪري، مون ولي رام جي نالي سان بئنڪ ڊرافٽ ٺھرائي، پنھنجي سموري ملڪيت سندس اڪائونٽ ۾ رکي ڇڏي هئي. اهي لکين روپيا ڪيتري وقت تائين سندس ئي اڪائونٽ ۾ پيل رهيا هئا، جن کي مون پنھنجو اڪائونٽ کولرائڻ کان پوءِ بہ شفٽ ڪرڻ جي ضرورت بہ محسوس نہ ڪئي هئي. انھن پئسن مان ئي مون سندس صلاح سان حيدرآباد ۾ پنھنجو پھريون گهر خريد ڪيو هو. اهڙي ويساھہ جوڳي شخص سان ڪيترن ماڻھن ويساھہ گهاتيون بہ ڪيون. اهڙو اظھار هن عظمت ﷲ ڪنڀر کي ’ڪاوش‘ اخبار لاءِ ڏنل انٽرويو ۾ بہ ڪيو هو. شيشي جھڙي دل رکندڙ هن شخص کي ڪي پٿر جھڙا ماڻھو ايذائيندا رهيا!
شيشي جھڙو هڪڙو ماڻھو،
شھر سڄو ئي پٿر آهي!
’ڀَري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳرو‘ واري محاوري مطابق، هن کي زندگيءَ ۾ ٻين تہ ڪيترين ئي مشڪلاتن سان مُنھن ڏيڻو پيو، پر هن پنھنجي انٽرويوءَ ۾ ڪجهہ ليکڪن ۽ پبلشرن بابت بہ ڏُک ونڊيو هو.
ڪجهہ سال اڳ ولي رام ولڀ صاحب، مون سان ذاتي ڪچھريءَ ۾ هڪ خواهش جو اظھار ڪيو هو. چيو هئائين، ”منھنجي خواهش آهي تہ جيڪر ٿر ۾ منھنجي نالي سان ڪا لائبريري قائم ڪئي وڃي تہ، مان پنھنجي ذاتي لائبريريءَ جا سمورا هزارين ڪتاب بنا معاوضي جي انھيءَ لائبريريءَ کي ڏيان.“ جيڪڏهن سنڌ جو ثقافت کاتو، ٿر جي ڪنھن شھر ۾، جتي ثقافت کاتي جي ڪا لائبريري نہ هجي، اتي ڪا لائبريري هن ’ٿَر ڄائي ليکڪ‘ جي نالي سان قائم ڪري تہ مُئي پڄاڻان ئي سھي، ولي رام ولڀ صاحب جي خواهش تہ پوري ٿي سگهي ٿي، پر ٿر واسين کي شاهڪار ڪتابن جو علمي ۽ ادبي خزانو بہ ملي سگهي ٿو.

کُٽي سگهيو نہ سفر، زندگي کُٽي پيئي: اڪبر سومرو

ولي رام ولڀ جھڙو خوبصورت ماڻھو بہ اڄ گذاري ويو. آئون ساڻس پھريون ڀيرو 1978ع ۾ تڏهن مليس، جڏھن هُو سردار پريس گاڏي کاتي تي آيو ۽ اتان ڇپيل ڪتاب، هوچي منھہ جي ڪھاڻي، ويٽنامي ڪھاڻيون، واٽون ويھہ ٿيون ۽ ٻيا ڪئين ڪتاب خريد ڪيائين.
ويھہ ٻاويھہ سال پھريان هيرآباد، حيدر آباد ۾ ڪنھن ليبارٽريءَ تان ايڪسري ڪڍرائي لفافو کڻي بيٺو هو. مون کيس ان صورت ۾ ڏٺو تہ پريشان ٿيس ڇو تہ هُو بيمار هئو. گاڏي روڪي حال احوال ورتومانس ۽ کيس گدو بندر جي پويان واري سندس گهر تي پھچائڻ ۾ خوشي محسوس ٿيم.
ڪنھن دؤر ۾ شمس چيمبرز ۾ سندس آفيس ۾ وڃي سک ماڻبو هو. جڏهن بہ وڃبو هو، اتي چانھہ جو ڪوپ ۽ ميري بسڪيٽ ضرور ملندا هئا. ولي رام صاحب هڪڙو نھٺو، ماٺيڻو، پرسڪون ۽ محنتي انسان هئو.
ٻہ مھينا پھرين مون ۽ پياري دوست محمود مغل صاحب پروگرام ٺاهيو تہ ولي رام صاحب سان گڏجي ملبو پر نہ ملي سگهياسين، جنھن جو افسوس رهندو.
گذريل سال واري ملاقات ۾ هن مون کي انٽرنيٽ تي ڪجهہ ويب سائيٽس ۽ ڪجهہ يو- ٽيوب چينل سجيسٽ ڪيا ها تہ مان اهي ضرور ڏسان.
سندس ڪٽنب جي سمورن ڀاتين سان تعزيت ڪجي ٿي.
ولي رام صاحب هڪڙو مانائتو ماڻھو هو، مون کي يقين آهي تہ ايشور هن کي سرڳ جي اعليٰ طبقي ۾ رکيو هوندو.

پيار ڪرڻ سِکو : زبيدہ مصطفيٰ / انيتا ڪمليشوَر

ڪجهہ مھينا اڳ مون تعليم جي موضوع تي هڪ سيمينار ۾ شرڪت ڪئي، جتي سنڌ جو تعليم وارو وزير مھمانِ خصوصي هو. جڏهن هُو تقرير ڪرڻ لاءِ اُٿيو تہ ماڻھن جو هڪ احتجاجي جلوس دروازو ٽوڙي اندر آيو. ڪجهہ وقت اڳ سرڪار اسڪولن ۾ استادن جي ڀرتيءَ لاءِ ٽيسٽ ورتو ويو هو، جنھن ۾ تمام ٿورا اميدوار پاس ٿيا ۽ نوڪريءَ ۾ رکيا ويا. اهي جيڪي ٽيسٽ پاس نہ ڪري سگهيا، انھن جي گهُر هئي تہ کين بہ نوڪريءَ ۾ رکيو وڃي ۽ انھيءَ سموري معاملي ۾ ٻارن کي بلڪل نظر انداز ڪيو ويو تہ انھن لاءِ ڇا بھتر آهي.
تازو ئي مون هڪ ڀيرو وري پنھنجي هڪ بحث ۾، ’ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۾ استاد جو ڪردار جي اهميت‘ تي زور ڏنو آهي. خوشقسمتيءَ سان سنڌي زبان جي مشھور ادبي شخصيت ولي رام ولڀ سان منھنجي ڳالھہ ٻولھہ ٿي. سندس ادب آداب واري لھجي ۽ ڏاهپ مون کي هڪدم متاثر ڪيو. مون کيس چيو تہ، ”هُو پنھنجي استادن جي باري ۾ ٻڌائي، جن جي ڪري کيس زندگيءَ جي هن ڊگهي سفر ۾ سکڻ لاءِ روشني ۽ رهنمائي ملي.“
هُن پنھنجي تعليم جي شروعات چيلھار (ٿرپارڪر) جي اسڪول مان ڪئي، جتي سندس والد جي نوڪري هئي. ننڍپڻ ۾ ولي رام ولڀ جو واسطو جن استادن سان پيو، اُهي تمام اُتساهيندڙ هئا. هُن کي رائچند هريچند جھڙو استاد مليو، جيڪو نھايت شفيق ۽ شائستہ گفتگو ڪندڙ هو. هُو سندس اسڪول جو هيڊ ماستر بہ هو تہ هڪ ليکڪ ۽ ڪتابن سان پيار ڪندڙ شخص بہ هو، جنھن اسڪول ۾ هڪ لائبريريءَ جو بنياد وڌو. هُن ولي رام ولڀ کي ڪتابن سان متعارف ڪرايو ۽ سموري عمر لاءِ اهو جنون سندس سُڃاڻپ بڻجي ويو.
هڪ ٻئي استاد جنھن کيس مٺي (ٿرپارڪر) ۾ پڙهايو، جيڪو هر قسم جي تعصب کان پاڪ هو. هُن ڪلاس ۾ پنھنجو تعارف هِن ريت ڪرايو: ”منھنجو نالو ضياالحق آهي، پر توهان مون کي اوم پرڪاش (سچ جي روشني) بہ سڏي سگهو ٿا. ڇو جو ٻنھي نالن جي لفظي معنيٰ ساڳي آهي.“ اهڙن استادن کان تعليم پرائڻ کان پوءِ اهو ممڪن ئي ناهي تہ ڪو شخص ڪتابن کان نفرت ڪري سگهي. اهي ئي گھرا ۽ اڻمٽ نقش هئا، جن جي ڪري ولي رام ولڀ ٽي ايم.اي جون ڊگريون ۽ هڪ قانون جي ڊگري حاصل ڪئي.
پنھنجي روزگار جي حاصلات لاءِ هُن پھرين ’ٻيلي کاتي‘ ۾، ’سينما ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ‘ ۾ ۽ پوءِ ’سنڌالاجيءَ‘ ۾ نوڪري ڪئي ۽ هڪ سادي زندگي گذارڻ سان گڏوگڏ هُو ڪتاب خريد ڪري پڙهندو بہ رهيو تہ سُٺن ڪتابن جا ترجما بہ ڪندو رهيو. هُن پنھنجي ادبي تخلص لاءِ ’ولڀ‘ (پيار) لفظ چونڊيو، ڇو جو اهو ئي مثبت اثر سندس شصيت تي سندس استادن ڇڏيو هو.
سندس ادبي مھارت ۽ حاصلات جون پاڙون سندس مادري زبان سنڌيءَ سان جڙيل آهن. هُو زبان کي رابطي جو هڪ اهم عنصر سمجهي ٿو، جيڪو ماڻھن کي سندن ثقافت ۽ سماج سان جوڙي ٿو. رابطي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هُن اسڪول ۾ مختلف ٻوليون سکيون. هِي اُهي ڏينھن هئا، جڏهن عام طور سمجهيو ويندو هو تہ ٻولي انسان کي تهذيب يافتہ بڻائي ٿي. ولي رام ولڀ اردو، سنسڪرت، هندي، فارسي ۽ انگريزي ٻوليون سکيون. هُن ٻڌايو ته: ”آئون پنھنجي والد کي سنڌي ڪتاب پڙهي ٻڌائيندو هئس ۽ ايئن مون سکيو تہ ٻولي ٻن نسلن کي جوڙڻ ۾ ڪيترو مظبوط ڪردار ادا ڪري ٿي.“
ٻوليءَ جي ڪري ئي هُو ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پڙهندڙن سان بہ جڙيل رهيو آهي. اُهي سنڌي ماڻھو جيڪي پنھنجي وطن کان پري آهن ۽ پنھنجي ماضي واري زندگيءَ کي ياد ڪن ٿا ۽ جيڪي ليکڪ آهن اُنھن پنھنجي وڃايل ٻولي ۽ ماڻھن جي باري ۾ ڪتاب لکيا آهن، اهي کيس ڪتاب موڪلن ٿا. ڇو جو کين خبر آهي تہ ولي رام ولڀ هڪ کوجي پڙهندڙ آهي. هُو ان ڳالھہ تي يقين رکي ٿو تہ ٻولي، خاص ڪري مادري ٻولي انساني معاشري کي هڪ ٻئي سان ۽ مختلف ثقافتن سان جوڙي ٿي.
جيتوڻيڪ ولي رام پنھنجي روزي ڪمائڻ لاءِ سرڪاري نوڪريون ڪيون پر ٻولين ۾ دلچسپي ۽ مھارت سندس روح جي غذا بڻجي ويئي. هُن سنڌيءَ ۾ افسانوي ۽ غير افسانوي ادب بہ لکيو تہ شاعري بہ ڪئي، پر سندس مضبوط قلعو مختلف ٻولين مان بھترين ليکڪن جا سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ترجما رهيا آهن. جيئن قرت العين حيدر جو آخري شب ڪي همسفر، ڪرشن چندر جو غدار، امرتا پريتم جو بند دروازه، البرٽ ڪاميو جو The outsider. هُن تقريبن 40 کن ڪتاب ترجمو ڪيا آهن. جن ۾ ٻہ شاعريءَ جا مجموعا ۽ 100 کن ڪھاڻيون شامل آهن. انھن ڪھاڻين ۽ شاعريءَ جو ترجمو ۽ ڇپائڻ جي وچ ۾ جنھن ڌاڳي ۽ موتين جو سنٻنڌ آهي. سو اهو ئي آهي تہ انھن جي جديديت کيس متاثر ڪيو ۽ هُن انھن جو ترجمو ڪيو. هُو ڪنھن بہ ڪتاب يا مواد کي ترجمي لاءِ چونڊڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو. هُن ڪڏهن بہ ڪو ترجمو ڪنھن ٻئي جي چوڻ تي ڪم سمجهي نہ ڪيو آهي.
ولي رام ولڀ لاءِ ترجمو هڪ تخليقي ليک آهي، جيڪو هڪ ليکڪ کي ثقافتي سرگرم بڻائي ٿو ۽ هڪ پڙهندڙ جي ادبي اُفق کي وسيع ڪري ٿو. تنھن ڪري اهو مترجم جو ئي فيصلو هئڻ گهرجي تہ پڙهندڙن کي ڪھڙا ترجما ڏيڻ گهرجن. جيتوڻيڪ هڪ ليکڪ پنھنجي ڪتاب جي مالڪي رکي ٿو، پر هڪ مترجم انھيءَ ڪتاب کي مختلف ٻولين جي پڙهندڙن تائين پھچائي، انھيءَ جي اهميت کي وڌائي ٿو. ولي رام ولڀ چواڻي، ”هڪ ڪتاب جيڪڏهن ترجمو نٿو ڪيو وڃي تہ اهو فقط هڪ ئي ٻوليءَ تائين محدود ٿي وڃي ٿو، پر جيئن ئي هڪ مترجم انھيءَ جي چونڊ ڪري ٿو تہ اهو عالمي ادب ۾ شامل ٿي وڃي ٿو.“
ولي رام ولڀ چوي ٿو تہ، ”ڪتاب زندگيءَ ۾ تمام گهڻي اهميت رکن ٿا، ڪنھن بہ معاشري جي اخلاقي ۽ روحاني قدرن جو سڌو سنئون واسطو اُتان جي ماڻھن جي ڪتاب پڙهڻ جي تعداد تي ٻڌل آهي. جتي بہ تخليقي ادب وڌيڪ لکيو ويندو اُتي ترجمي جي اوسر بہ وڌيڪ ٿيندي. اهو سچ سنڌي ٻوليءَ سان بہ لاڳاپيل آهي.“ گوئٽي چواڻي، ”ترجمو ڪرڻ سموري دنيا کي گڏ ڪرڻ جو هڪ طريقيڪار آهي ۽ ولي رام ولڀ پنھنجي سموري زندگي انھيءَ طريقيڪار مطابق گذاري آهي.“

(روزاني ڊان جي ٿورن سان)

ساهت ڦلواڙيءَ جو ڇڻي ويل ڦُول: ياسر قاضي

قحط الرجال جي هن دؤر ۾، جتي ٻين شعبن جيان سنڌي ادب جي بہ لڳ ڀڳ سمورن شعبن ۾ قلم ۽ قرطاس جي ڌڻين جو اهڙو ڪالُ پيل آهي، جو ادب جي ڪنھن بہ مخصوص موضوع تي ڳالھائڻ لاءِ اسپيشلائيزڊ ماڻھو گهربل هجن يا ڪنھن خاص صنف تي لکيل ڪتاب تي ماهراڻي راءِ ڏيڻ لاءِ ان صنفَ جو ڪو ماهر، ادب جي ڪنھن خاص جھت ۾ ڳالھائڻ لاءِ ڪو مقرر کپندو هجي يا ڪنھن مخصوص کيتر تي ڪوٺايل ميڙاڪي لاءِ وابستہ تخليقڪارَ گهربل هجن، اسان وٽ ماڻھو ئي باقي وڃي بچيا آهن. ماڻھپي توڙي ساهت جي اهڙي تشويشناڪ ڏُڪر جي دؤر ۾ سنڌي ساهت جو هڪ ٻيو ڪھنو ڪارڪن ۽ دنيا جي شاهڪار ادب کي سنڌي ويس ڍڪائي سنڌ جي پاٺڪن کي فراهم ڪري ڏيندڙ سھڳڻو سنڌيڪار ۽ تخليقڪار، سائين ولي رام ولڀ ڪالھہ پنھنجي جِيوَن جا پساھہ پورا ڪري پنھنجو وارو وڄائي پرلوڪ پڌاري ويو.
پنھنجي مزاج ۾ ماٺيڻو ۽ حضور شرم ماڻھو، جيڪو، جڏهن بہ سنڌالاجيءَ وڃبو هو تہ پنھنجي پاسِيرَي ڪمري ۾ سدائين لکڻ پڙهڻ جي ڪرت ۾ مصروف ملندو هو ۽ جڏهن پنھنجي مخصوص سنجيدہ مرڪ مُرڪي مخاطب ٿيندو هو تہ سندس ٻاجهارو آواز سندس ڪمري جي جهيڻي چُرندڙ پکي جيان آنند ۽ ڌيرجَ سان اچي سماعتن سان ٽڪرائبو هو ۽ وٽس ويٺي، ساهتي سُس پُس ڪندي، دنيا جي ادب جو واءُ سواءُ وٺندي ڏُکندو ڏُور پيو ٿيندو هو. هاڻي اها هلڪي سنجيدہ مُرڪ ۽ چشمي جي ٿُلھن شيشن جي پريان چمڪندڙ اکيون هميشہ جي لاءِ ٻُوٽجي چُڪيون آهن ۽ انھن ’نيڻ - تارن‘ جي ان نرمل نھار جُون انھن ذهنن ۾ فقط يادگيريون ئي رهجي ويون آهن، ’جنين ڏٺو پرينءَ کي...‘
گهٽ ماڻھن کي خبر هوندي تہ ولي رام صاحب، ادب جي صحرا جي سيّاحيءَ جي شروعات شاعريءَ کان ڪئي ۽ هُو مزاج ۾ بہ ڪي قدر شاعر ڀاسندو هو. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ شاعر طور سندس مضبوط سڃاڻ نہ بڻجي سگهي. سندس پھريون ڪتاب ’اڏارُون آڪاس ۾‘ هڪ شعري مجموعو ئي هو، جنھن کان سُتت پوءِ سندس ڪھاڻين جو مجموعو ’زندگيءَ جو ڪپيل هڪ ٽڪرو‘ پڌرو ٿيو. چئبو تہ ولي رام صاحب ماهر غواص جيان جيڪڏهن ترجمي جي عميق ساگر ۾ ٽپو نہ ڏئي ها تہ اڄ اسان کيس شاعر ۽ طبعزاد ڪھاڻيڪار طور ئي سڃاڻون ها. خود سندس ترجمو ڪيل ڪتاب ’ڪوتا ڦلواڙي‘ بہ شعري مجموعو آهي، جنھن ۾ دنيا جي 19 ڌار ڌار ملڪن ۾ ڳالھائجندڙ 26 مختلف ٻولين جي 112 شاعرن جا 215 نظم ڏنل آهن. سنڌي پڙهندڙن لاءِ دنيا جي ’وڻَ وڻَ جِي ڪاٺي‘ شاعريءَ جي اهڙي گهڻ رنگي اينٿالاجيءَ جو شايد ئي ڪو ٻيو مثال اسان وٽ موجود هجي.
سائين ولي رام جي زندگيءَ جي لکيل ڪن احوالن ۾ سندس ڄم جو سال 1941ع ڄاڻايل آهي تہ ڪن ۾ 1944ع... سائين ولي رام پاڻ 2017ع ۾ پنھنجي ڏنل هڪ انٽرويوءَ ۾ پنھنجي چيلھار اسڪول ۾ داخل ٿيڻ جو سال 1951ع ٻڌايو آهي. اسان وٽ عام طور ٻار 5 سالن جي ڄمار ۾ اسڪول داخل ڪيو ويندو آهي. ان حساب سان 1944ع ۾ ڄم وارو گمان وڌيڪ مضبوط لڳي ٿو. سندس جنم تہ مٺيءَ ۾ ٿيو، پر پنھنجي پِتا، شري ڪيول رام لوهاڻي جي پوليس جي نوڪريءَ سبب لاڳيتين بدليُن جي ڪري سندس بنيادي تعليمي سلسلو مٺيءَ کان سواءِ ڪُنري، چيلھار ۽ سلام ڪوٽ ۾ بہ جاري رهيو. بنيادي تعليم دؤران ئي کيس نامياري تاريخ نويسَ ۽ ’تاريخِ ريگستان‘ جي ليکڪ رائچند هريجن جي شاگرديءَ ۾ اچڻ جو موقعو مليو، جنھن منجهس موجود ادب جي فطري چڻنگ کي اتساھہ ڏنو. چيلھار ۾ پڙهندي پنڊت پُونم چند جھڙي استاد وٽ کيس هندي ۽ گجراتي سکڻ جو موقعو مليو، جنھن پڻ هن ساهتي هيرَي جي تراش خراش ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. انھن ٻن ٻولين جي سکڻ مان سنڌ کي اهو فائدو ٿيو جو اڳتي هلي ولڀ صاحبَ هنديءَ ۽ گجراتيءَ جُون شاهڪار تخليقون ترجمو ڪري سنڌي ادب جي بُڪ شيلف ۾ سجايُون.
سنڌي ساهت کي لڳ ڀڳ 40 منفرد ۽ موچارا ڪتاب ڏيندڙ ولي رام صاحب جي ڪريڊٽ تي مٿي ذڪر ڪيل ٻن مجموعن کان علاوه ’بھشت، دوزخ ۽ ٻيون ڪھاڻيون‘ (ھندوستاني ڪھاڻين جو ترجمو)، ’غدار‘ (ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو)، ’سيتا ھرڻ‘ (قرة العين حيدر جي ناول جو ترجمو)، ’بند دروازو‘ (امرتا پريتم جي ناول جو ترجمو)، ’ٽين دنيا جُون ڪھاڻيون‘ (ترجمو)، ’ٿڪل سريت‘ (اطالوي ڪھاڻيڪار ’البرٽو موراويا‘ جي ڪھاڻين جو ترجمو)، ’ٻارُ سنڌي ڪھاڻيءَ ۾‘ (طبعزاد ٻالڪ ادب)، ’سدا ساوا پنَ‘ (سوانحي مضمونن جو مجموعو)، ’ڌاريو‘ (البرٽ ڪاميو جي ناول ’دي اسٽرينجر‘ جو ترجمو)، ’پوئين پھر جا پانڌيئڙا‘ (قرة العين حيدر جي ناول جو ترجمو)، ’اقبال‘ (احمد نديم قاسميءَ جي ڪتاب جو ترجمو)، ’سنڌ ڪھاڻي‘ (ڪيول ملڪاڻيءَ جي ڪتاب جو ترجمو)، ’ڀڳوت گيتا جو اڀياس‘ (سار ديسائي ۽ بوس جي ڪتاب جو ترجمو)، ’منَ جي شانتي‘ (ھنديءَ مان سنڌي ترجمو)، ’ڪوتا – ڦلواڙي‘ (پرڏيھي شاعريءَ جي اينٿالاجي - چُونڊ ۽ ترجمو)، ’مٺڙا ڀاءُ‘ (طبعزاد ڪھاڻيون)، ’زندگي سي ڪٽا هُوا ٽُڪرا‘ (سندس ڪيل انٽرويوز ۽ ڪھاڻين جو اردو مجموعو)، ’يادون، ملاقاتون ۽ ڪجهہ اڀياسَ‘ (مھاڳَ، مضمونَ، يادگيريون ۽ تذڪرا)، ’ڪھاڻي ھنن جي‘ (امرتا پريتم جي پنجابي ناول جو ترجمو)، ’ڇِتن ڪُتن جو مسيحا‘ (سرويشور ديال سڪسينا جي ھندي ناول جو ترجمو)، ’ائنا ڪرينينا‘ (ليو ٽالسٽاءِ جي رُوسي ناول جو ترجمو)، ’سُمھيل پاڻي‘ (سرويشور ديال سڪسينا جي ھندي ناول جو ترجمو)، ’ڪارو ڪتاب‘ (عابد سُورتيءَ جي ھندي پُستڪ جو ترجمو)، ’امريڪي ۽ لاطيني امريڪا جون ڪھاڻيون‘ (ترجمو)، ’نيڻ تارا ۽ ٻيون ڪھاڻيون‘ (اردو ۽ ھندي ڪھاڻيون)، ’يورپي ڪھاڻيون‘ (ترجمو)، ’ڏُور - اوڀر جون ڪھاڻيون‘ (ترجمو)، ’لو‘ (شمشيرالحيدريءَ جي شعري مجموعي ’لاٽ‘ جو اردو ترجمو)، ’زندگيءَ جو ھڪ ڪپيل ٽڪرو ۽ ٻيُون ڪھاڻيون‘ (طبعزاد - پھريون ڪھاڻي ڪتاب واڌارن سان)، ’مون وٽ نہ ڪا پيتي، نڪو ڪلف ڪُنجي‘ (ڀڳت کيمچند آسناڻيءَ جي آتم ڪٿا)، ’جي مارن مُون ڏي مُڪا‘ (ھند ۽ سنڌ جي ليکڪن جا ڏانھس لکيل خطَ)، ’سنيھڙا‘ (ڌيئرن پشپا ولڀ ۽ گوري ولڀ پاران کيس لکيل خطَ)، ’مُکا ميلو‘ (سندس ورتل انٽرويوز)، ’جانورن جي عجيب دنيا‘ (ترجمو) ۽ ٻيا ڪجهہ ڪتاب شامل آهن. هنن ڪتابن مان اڪثر ڪتاب يا تہ فڪشن (ڪھاڻين ۽ ناولز) جا ترجما آهن يا وري ڪجهہ شاعريءَ جا مجموعا... جن منجهان واضح آهي تہ ولي رام صاحب بنيادي طور يا تہ شاعر هو، يا فڪشن نويس ۽ سندس چاھہ جا شعبا بہ اهي ئي هئا.
معياري ترجمو، تخليق کان وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي، ڇاڪاڻ تہ تخليق کي تبديل ڪرڻ جو اختيار تخليقڪار وٽ ئي هوندو آهي. مترجم، تخليقڪار جي خيال کي تبديل نٿو ڪري سگهي. ان کي ئي فقط ٻي ٻوليءَ جو ويس پارائي ٿو. ان مشڪل ۽ اهم ادبي ڪرت کي انجام ڏيندڙ چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماهرن ۽ دانشورن مان هڪ اهم ۽ منفرد هڳاءَ وارو گُل، ’ساهت - ڦُلواڙيءَ‘ مان ڇڻي ويو ۽ اڄاتل حيات جو ’ڪارو ڪتاب‘ لکڻ لاءِ ان دروازي جي پرئين پار هليو ويو، جنھن جو نہ ’ڪنھن وٽ نہ ڪو ڪُلف آهي، نڪا ڪُنجي...‘

هڪ دؤر جي پُڄاڻي..! : اياز لطيف دايو

سائين ولي رام ولڀ ديھانت ڪري ويو آهي. سنڌي ٻولي، ادب، سماج، ساڃھہ وند ۽ شعوري قافلي جا سموري دنيا جا ماڻھو انھيءَ هڪڙي لائين جي ميسيج تي تمام گهڻا ڏکارا ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ تہ انھن جي شعوري سفر جي هڪڙي اهڙي مشعل جو وڇوڙو آهي، جنھن پنھنجي قلم سان سنڌي ٻوليءَ کي اهڙا ڪتاب ترجمو ڪري ڏنا، جيڪي دنيا جي ٻين ٻولين ۾ تہ موجود هئا، پر انھن جي اسان جي ديس کي، اسان جي ٻوليءَ کي، اسان جي شعوري سفر کي سخت ضرورت هئي. انھن ڪتابن کي پڙهي اسان جي ڌرتيءَ جي ليکڪن کي اها خبر پئي تہ اسان ٻاهرين دنيا جي لکڻين سان ڪھڙي طرح ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي هلي سگهون ٿا.
ترجمي جو فن تمام وڏي محنت، جستجو ۽ ذهانت جو گهرجائو آهي، جنھن ٻوليءَ مان ترجمو ڪبو، انھيءَ ٻولي تي بہ ايتري دسترس هجڻ گهرجي، جيتري پنھنجي ٻوليءَ جي وسعت، لغت، اصطلاحن ۽ گرامر جي سڀني گهرجن کان واقفيت هجڻ ضروري هوندي آهي. سائين ولي رام ولڀ انھن سڀني خوبين کان چڱي طرح واقف هو، نہ صرف واقف هو، پر اسان جي علمي، ادبي ۽ فڪري ڪائنات سندس اهڙي عمل جي معترف رهي آهي. سندس جِيوَن چرتر کي ڏسبو تہ هِن بظاهر 80 ورهين جي ڄمار ماڻي، پر سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي سندس سوين ورهين جي ڄمار جي ضرورت هئي، پر فطري ڄمار تہ جسماني طور پوري ٿيڻي آهي، پر اهڙا ماڻھو تاريخ جي صفحن ۾ سدائين لاءِ امر ٿي ويندا آهن.
آچر جي رات هڪ وڳي جڏهن سندس ساھہ جو سڳو ٽُٽي پيو تہ اويلي وقت هجڻ جي باوجود سوشل ميڊيا جي نيڻن ۾ سوڳ جا ستارا کن پل ۾ هيٺ لھي آيا ۽ اهو سوڳ سنڌ جون حدون ٽپي نيويارڪ ۾ حسن مجتبيٰ جي اکين ۾ بہ محسوس ٿي رهيو آهي تہ ساڳئي وقت سانا جي سنڌين، ورلڊ سنڌي ڪانگريس ۽ ڪئناڊا جي ساڃھہ وندن وٽ بہ ساڳي تڙپ جنم وٺي چڪي آهي. ڇاڪاڻ تہ اهڙا ماڻھو اهڙي تاريخ ٿيندا آهن، جيڪا قومن کي جاڳائيندي آهي، اهڙا ماڻھو اهڙي گهري چيخ ٿي اڀرندا آهن، جيڪي اڻ برابري واري سماجن ۾ للڪار جا لال پرچم کوڙي ڇڏيندا آهن!
اهڙي طرح سائين ولي رام ولڀ پنھنجي قلم جي پورهئي سان تاريخي ۽ اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن، توڙي جو سائين ولي رام ولڀ جو والد پوليس کاتي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل هوندو هو، جنھن جي بدلين سبب هو مستقل مزاجي سان تعليم حاصل ڪري نہ سگهيو، پر انھي جي باوجود هن ميٽرڪ تائين پنھنجي جنم ڀومي مٺي ۾ ئي تعليم حاصل ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ سچل ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پھتو. جيتوڻيڪ سندس جنم ملڪ جي قيام کان اڳ ئي مٺي ۾ ٿيو، پر هن جي خانداني وراثت ۾ پنھنجي ماتر ڀومي سان محبت جو عنصر شروع کان شامل رهيو، جنھن ڪري انھن سنڌ جي سڳنڌ واري ڌرتيءَ مان لڏي وڃڻ جو فيصلو نہ ڪيو. مٺي ۾ ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪرڻ دوران ئي استادن جي تربيت ۽ هڪڙي شيوا منڊلي پاران عام لائبريري جي قيام سبب هو ادب ڏانھن راغب ٿي چڪو هو، اهو 56-1955ع جو زمانو هو، جڏهن مٺي جھڙي شھر ۾ ڪابہ ادبي جاڳرتا واري جوت نہ هئي، پر هن جي شخصيت ۾ گهڻو ادبي اثر چيلھار ۾ ”تاريخ ريگستان“ جي ليکڪ ۽ عظيم استاد راءِ چند هريجن جي تعليمي مشعل ۽ لائبريري مان پيو، جتان هن هڪ ڀيري سنڌي ۾ ترجمو ٿيل رامائڻ کڻي انھيءَ جو مطالعو ڪيو. سندس والد کيس ٻڌايو تہ سيتا ۽ رام جو قصو هن جي ذهن کان گهڻو مٿي آهي، پر سندس والد بہ بنيادي تربيت ۾ کيس اتساھہ ڏنو، انھيءَ استاد وٽ ٻن ورهين جي عرصي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب سان هڪ اڻٽٽ رشتي جي واٽ ملي ۽ سندس ادب جي ابتدا ٿي!
شروعات ۾ هن شاعري بہ ڪئي، پر اهو تسلسل جاري نہ رهي سگهيو. هن ڪانگريسي اڳواڻ ولڀ ڀائي پٽيل کان اتساھہ وٺندي، پنھنجي نالي سان گڏ ’ولڀ‘ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ 1962ع ڌاري سندس ڪھاڻي ٽماهي مھراڻ ۾ شايع ٿي، جيڪا گجراتي ٻولي مان هن ترجمو ڪئي ۽ سندس اهڙي ڪاوش کي ڀرپور نموني ساراهيو ويو ۽ هو ترجمي جي ڪمن ۾ جُنبي ويو. ان دور جي ڪيترن ئي رسالن ۾ هُو پنھنجي مڪمل سڃاڻپ سان شامل ٿي چڪو هو. انھيءَ تسلسل کي قائم رکندي هِن برصغير جي برک ليکڪ ڪرشن چندر جي مشھور ناول ’غدار‘ جو 1968ع ۾ ترجمو ڪيو. اهڙي طرح 1977ع ۾ هِن قرت العين حيدر جي ’سيتا هرڻ‘ جي ناول جي ترجمي ڪرڻ سان گڏ اڳتي هلي سندس ٻئي شاندار ناول ’آخر شب ڪي همسفر‘ جو بہ ترجمو ڪيو، جنھن کي پڻ تمام گهڻي پذيرائي ملي. 1978ع ۾ هن امرتا پريتم جي پنجابي ناول جو ترجمو ڪيو، جيڪو ’بند دروازو‘ جي نالي سان شايع ٿيو. سندس شاندار سفر جي اهو تسلسل جاري رهيو ۽ 1980ع ۾ سندس پرڏيھي ڪھاڻين جو ڪتاب ’ٽين دنيا جون ڪھاڻيون‘ جي نالي سان ترجمو شايع ٿيو. 1983ع ۾ هن اٽليءَ جي ناليواري ڪھاڻيڪار البرٽو موراويا جي ڪتاب جو ترجمو ڪيو، جيڪو ’ٿڪل سريت‘ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ 2004ع ۾ ’بھشت ۽ دوزخ‘ جي عنوان سان سندس پرڏيھي ڪھاڻين جي ڪتاب جو ترجمو شايع ٿيو. مٿين ڪتابن کان سواءِ ولي رام ولڀ جي ٻين ڪتابن ۾ ٻارن جي موضوع تي سھيڙيل ڪتاب ’ٻار سنڌي ڪھاڻي ۾‘ (1984ع)، چئن انقلابي ليکڪن محمود درويش، يشپال، پئبلونرودا ۽ لورڪا تي لکيل سوانحي مضمونن جو مجموعو ’سدا ساوا پن‘ (1984ع)، البير ڪاميو جو ناول ’ڌاريو‘ (1993ع)، قرت العين حيدر جو ناول ’پوئين پھر جا پانڌيئڙا‘ (2003ع)، احمد نديم قاسمي جو علامہ اقبال تي لکيل ڪتاب ’اقبال‘ (1977ع)، ڪيول ملڪاڻي جو ڪتاب ’سنڌ ڪھاڻي‘، ’ڀڳوت گيتا جو اڀياس‘ (1992ع)، ’من جي شانتي‘ (2003ع)، ’ڪوتا ڦلواڙي‘ (2006ع)، ’مٺڙا ڀاءُ‘ ڪھاڻيون (2007ع) شايع ٿيل اٿس. تنھن کان سواءِ ولي رام جي انٽرويوئن ۽ ڪھاڻين جو هڪ ڪتاب ’زندگي سيِ ڪٽا هوا ٽڪڙا‘ (2001ع) اردو ۾ ڇپيل آهي. مٿين ڇپيل ڪتابن کان سواءِ ولي رام ولڀ جا لڳ ڀڳ ايترا ئي ڪتاب ڇپائيءَ جي اوسيئڙي ۾ آهن!
تنھن ڪري سائين ولي رام ولڀ سنڌ ديس جو اهو واحد ترجمي نگار رهيو، جنھن اٽڪل 60 ورهين جي عرصي تائين سنڌي ٻوليءَ کي ٻين ٻولين جي فڪشن سان مالا مال ڪيو. ترجمن سان گڏ هن پنھنجي اوائلي دور ۾ شاعريءَ جو هڪڙو ڪتاب ڏنو، جيڪو ’اڏارون آڪاس ۾‘ ۽ ڪھاڻين جو ڪتاب بہ لکيو، جيڪو ’زندگيءَ جو ڪپيل هڪ ٽڪرو‘ جي نالي سان شايع ٿيو. چوندا آهن تہ، ”وئي پڄاڻان تاريخ ساز ماڻھن جي ڪميءَ جو احساس ٿيندو آهي، جيئن وقت گذرندو ويندو.“ سائين ولي رام ولڀ جي پورهئي جو شدت سان احساس ٿيندو رهندو، هن پنھنجي زندگيءَ ۾ پنجاھہ جي لڳ ڀڳ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل پرڏيھي ۽ ڏيھي ڪتابن جو بي بھا خزانو ڏنو آهي، هر ڪتاب جي پنھنجي جاءِ تي اهميت آهي، هُو پنھنجي نوڪري سانگي 60ع واري ڏهاڪي دوران قومپرست ۽ انقلابي تحريڪن جي اُڀار جو تہ حصو بڻجي نہ سگهيو، پر هن پنھنجي کيتر ۾ شاندار ڪردار ادا ڪيو. هُو سائين غلام علي الانا جو بہ شاگرد هو، سائين ابراهيم جويي سان بہ سندس عقيدت ۽ محبتن وارو رشتو هو. طارق اشرف، حميد سنڌي ۽ ٻين پبلشرن سان هن جو نہ صرف محبتن وارو رشتو هو، پر هاڻي تہ اُها ’سھڻي‘ ڪٿي آهي، اهو ’روح رهاڻ‘ ڪٿي آهي، اهو ’مھراڻ‘ ۽ ’نئين زندگي‘ ڪٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهڙيون شخصيتون ناهن رهيون، جن وٽ سرڪاري پئسي کي هضم ڪرڻ جي عادت نہ هئي!
جيئن سائين ولي رام ولڀ پنھنجي حياتي جي پڇاڙڪن ڏينھن ۾ اظھار ڪري ويو تہ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي ۽ سنڌي لينگئيج اٿارٽي گهڻو ڪجهہ ڪري سگهن ٿا، پر انھن ادارن ۾ تہ ٽرانسليشن بيورو جو بہ ڪو انتظام نہ ٿي سگهيو آهي، انھن ادارن ۾ اهڙن آدرشي ماڻھن جي کوٽ آهي، جيڪي ڪروڙين رپين جي بجيٽ کي پنھنجي ڌرتي ۽ ديس جي امانت سمجهي استعمال ڪن. انھن ادارن جي ساک تي جيڪو مثبت نموني تنقيد جي جرئت ڪري ٿو، انھن ادارن جا همنوا انھن جي مٿان مختلف فتوائون لڳائي ٿا ڇڏين، انھن ادارن کي سنڌ جي ست ڪروڙ ماڻھن جي آڏو هر وقت جوابدہ هجڻ گهرجي، اچڻ ۽ وڃڻ وقت پنھنجي پنھنجي ٽينيوئر جي ڪارڪردگي پيش ڪرڻ گهرجي تہ جيئن سائين ولي رام ولڀ جهڙن آدرشي ڪردارن جا خواب سچا ٿي سگهن، انھن جو پورهيو منظر عام تي اچي سگهي، انھيءَ سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ سگا سنڌ جا ٻہ تمام وڏا علمي، ادبي، فڪري ۽ سماجي فورم آهن، انھن کي گهرجي تہ ڪا اهڙي حڪمت عملي جوڙين، جنھن سان انھن ادارن جي ڪارڪردگي مان ڪا هڙ حاصل ٿي سگهي. سائين ولي رام ولڀ جهڙن ڪردارن جي موڪلاڻي بعد تہ سندن خال کي ڪيئن ڀري سگهجي ٿو، ڪيئن انھن جي نقشِ قدم تي هلي سگهجي ٿو، اڄ جي دور جا اُهي اهم سوال آهن، جن تي غور ڪرڻ سان سائين ولي رام ولڀ جهڙن ڪردارن جي تسلسل کي برقرار رکي سگهجي ٿو. انھيءَ تي عمل سان ئي ڌرتي، ٻولي ۽ قوم لاءِ صحيح راھہ جو تعين ٿي سگهي ٿو.

بابا جي 61هين جنم ڏينهن تي: گؤري ليلا رام

زندگيءَ جا شب و روز
توهان جي ڇپر ڇانوَ ۾ گذرن
توهان جون صلاحون
توهان جون دعائون
هميشه مون سان گڏ رهن
ايئن ئي زندگي
آسان بڻائينديون رهن
توهان جون همت ڏياريندڙ نگاهون
توهان جو مسڪرائيندڙ چهرو
ايئن ئي مون ڏانهن ڏسندو رهي
گلن جيان مهڪندو رهي
هر ڏينهن هر سال
گڏجي ملهائيندا رهون
توهان جو جنم ڏينهن
ڏور هوندي به....

(18 آگسٽ 2002ع تي لکيل)

ڇپر ڇانءُ : پشپا ولڀ

جو ڇانءُ ۽ ڇپر هجي
واهر هجي
هر دُک ۾ ڀرجهلو هجي
باغ بهار هجي
گُلن جي هُٻڪار هجي
اکين جو ٺار هجي
انمول مڻئي جو هار هجي
ڳالهيون ڪري سمجهه ڀريون
ڪچهرين جو سردار هجي
سهي نه سگهي ڪا ناانصافي
ڏاڍ سان وڙهڻ لاءِ هر دم تيار هجي
جڏهن ڳولجي ته هر هنڌ آهي
هاڻي هتي آهي
ته ٻي مهل صوفي تي آهي
۽ ٿوري دير کان پوءِ ڇت تي هجي
ائين لڳي ٿو ڄڻ
اکين ۾ رهي
۽ دل ۾ هجي.

بابا سائينءَ جي نانءِ: ڊاڪٽر مُرلي ڌر

سائين ولي رام ولڀ سان منھنجي پھرين ملاقات ١٩٨٢ع ۾ ٿي، جڏھن مان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ’ڏياري‘ نالي ميگزين پئي ڇاپي. ميگزين جي پروف ريڊنگ منھنجي چوڻ تي انھن ڪئي. ائين اسين ملندا رھياسون. ان ئي زماني ۾ پشپا ولڀ سان ملاقات ٿي، مان ٻنھي کي قبول ٿيس ۽ ڄاڻ سڃاڻ رشتي ۾ تبديل ٿي. اھا ١٩٨٦ع جي ڳالھ آھي ۽ ڊسمبر ١٩٨٨ع ۾ اسان جي شادي ٿي. بابا سان فون تي ۽ روبرو ڏاڍيون ادبي، سماجي ۽ سياسي ڪچھريون ٿينديون ھيون، ڪجهہ وقت اڳ پنھنجي سوانح حيات لکڻ جو شوق ٿين، چوندا ھيا تہ، ”لکي نٿو سگهان.“ صلاح ڏنيمانِ تہ، ”موبائيل ۾ رڪارڊ ڪيو.“ ۽ شروعات بہ ڪيائون، پر پوءِ ھڪ استاد کي پاڻ سان شامل ڪيائون ۽ ٻڌايائون تہ، ”پنجاھہ صفحا لکرايا آھن.“ مذاق ڪندي چيومان، ”پنھنجي سوانح ۾ مون کي بہ ياد ڪجو.“ وراڻي ڏنائون، ”اوھان تہ منھنجي زندگيءَ جو اھم حصو آھيو.“ وڌيڪ چيائون، ”اڃان تہ مان پنھنجو بچپن ٿو لکرايان.“
مون پنھنجَي سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب تي ڪجهہ لکي ڏيڻ لاءِ چيومان. چيائون، ”لکي ڪونہ ٿو سگهان.“ پر پوءِ پنھنجي ننھن انيتا ڪمليش کي ساڻ ڪري ڪتاب تي لکي ڏنائون، اھو ڪتاب ھاڻي پريس ۾ آھي. سائين ٽائٽل جي پٺئين حصي لاءِ لکي ڏنو ۽ مون اھو انھن جي خواھش مطابق بيڪ ٽائٽل تي ئي ڇپيو، سائين ڀرپور زندگي گذاري، خوب لکيائون، ماڻھن سائينءَ جي لکڻين مان فائدو ورتو. ولي رام ولڀ منھنجا ۽ پشپا جا بابا، جيستائين دنيا آھي پنھنجي لکيل ڪم جي ڪري ياد ڪيا ويندا. اھڙا ماڻھو مرندا ڪونھن، ھميشہ زندہ رھندا آھن ۽ ياد رکيا ويندا آھن.

سائين ولي رام ولڀ: منظور ٿھيم

مان ’سائين‘ لفظ جو استعمال بيحد احتياط سان ڪندو آھيان، ڇاڪاڻ تہ ان لفظ ۾ ڪنھن بہ انسان جي پوري حرمت، سچائي ۽ ڪمٽمينٽ پوشيدہ ھجي ٿي.
سائينءَ سان منھنجي ملاقات زندگيءَ جي آخري پھر ۾ ٿي، جڏھن ھن وٽ يادن جا انبار ھئا ۽ ٻڌڻ لاءِ ڪو بہ نہ ھو. ھي لمحو ڪنھن بہ رائيٽر لاءِ بيحد تڪليفدہ ھجي ٿو. ھن پوءِ آھستي آھستي اھي سڀ يادون وسارڻ شروع ڪيون جيڪي ھن جي زندگيءَ کي اڃان بہ يادگار بڻائي سگهيون ٿَي. ھن خاموشي اختيار ڪئي، ڪيتري وقت تائين اسان ٻئي ائين خاموش ويٺا رھندا ھئاسين، ڪڏھن ڪڏھن تہ ائين بہ ٿيندو ھو، جو مان ڪجهہ بہ ڳالھائڻ کان سواءِ اٿي ويندو ھئس. مون کي ان ڳالھہ جو احساس ھو تہ مان سنڌي ادب جي ھڪ تاريخ جي سامھون ويٺو آھيان. جنھن نہ صرف پنھنجي لکڻين سان سنڌي ادب کي شاندار تخليقن سان نوازيو، پر دنيا جي ادب کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري نوان خيال ڏنا، جيڪي ڪنھن بہ نئين رائيٽر کي اڳتي وڌڻ لاءِ بنياد فراھم ڪري سگهيا ٿَي.
ڪجهہ ماڻھو بي لوث ھجن ٿا. ھي بہ انھن مان ھو. ھن ماڻھوءَ جي ڪري اسان عالمي ادب کان واقف ٿياسين، حالانڪھ سنڌي ادب ۾ ترجمي جو ڪم ھاڻ بہ ڪجهہ چڱا ماڻھو پنھنجي ھمت سان ڪندا پيا اچن، جيئن ننگر چنا، شبير سومرو ۽ ٻيا دوست بہ... پر سائين ولي رام جي وقت ۾ اھو ڪم بيحد ڏکيو ھو. سنڌ ۾ ادبي سرڪاري ادارا جنرل ضيا جي دؤر ۾ جيئن ختم ٿيا آھن، تڏھن کان پنھنجن پيرن تي بيھي ناھن سگهيا، باجود ان جي جو ھاڻ نام نھاد جمھوري دور آھي. ھي دؤر ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جو دؤر آھي. دنيا جو سمورو ادب پڙھڻ لاءِ موجود آھي، پر اھو ھڪ مخصوص ڪلاس لاءِ، ترجمي جي ھاڻ بہ اھميت آھي.
دنيا جي ادبي شاھپارن کان واقف ٿيڻ اسان جو حق بہ آھي تہ سماجي ضرورت بہ، ان ڪري ھن موقعي تي جڏھن اسان سائين ولي رام ولڀ جي وفات تي سخت ڏک واري حالت ۾ آھيون، اچو تہ ادب جي بي لوث خدمت لاءِ ڪجهہ ڪري ڏيکاريون. ھن موقعي تي سائين ولي رام ولڀ لاءِ بھترين ڀيٽا اھا ٿي سگهي ٿي تہ ترجمي نگاريءَ لاءِ اشاعتي ادارا پنھنجو الڳ بورڊ جوڙين ۽ دنيا جو بھترين ادب سنڌ جي نوجوانن کي پڙھڻ لاءِ ميسر ڪري ڏين، جنھن لاءِ بھترين ترجمي نگار موجود آھن.

سائين ولي رام ولڀ کي ڀيٽا : مرلي ڌر

ڪتاب

ڪالھہ ھيو اڄ ڪونھي
ڀانئنجي ٿو ھو آھي
ڪمري ۾ ويٺو آ
اھو ڪيئن ڪو چوي
جيڪو ٿورو وقت اڳ
ڪمري مان آواز
پيو ڪري اڄ ڪونھي
چتا جي باھ سڀ ڪجهہ
ساڙيو ڇڏي رھجي ٿيون وڃن
يادون ڳالھيون ۽ رک
اھا رک به رکي ڪونه ٿي وڃي
ڪئي ٿي وڃي پاڻيءَ حوالي
ھاڻي ڪمرو آھي
ان مان ايندڙ آواز
ڪنن ۾ سرٻاٽ ٿا ڪن
چتا جي باھ، اُلا، رک ۽ ھڏيون
يادون، ڳالھيون، قصا، ڪھاڻيون
ڪجھ ڏينھن ماڻھو ياد ڪندا، وسري ويندا
پنھنجي ڪمن سان مصروف ٿي ويندا
ھا جي ڪجهہ ياد رھندو
ته اھي ھوندا ڪرتوت
ساريون وينديون ڪيل چڱايون، لکيل ڪتابَ
ڪتابَ پراڻا ڪونه ٿا ٿين ڪونه ٿا مرن
زندھ ٿا رھن، تابنده ٿا رھن
ھن به ڪتابَ لکيا.

حيدرآباد شھر جو پيارو ماڻھو: فيروزہ مختار

حيدرآباد شھر جو پيارو ۽ وڏو ماڻھو هليو ويو! جنھن سان سڄي دنيا پيار ڪندي هئي، جيڪو بہ ماڻھو هُن سان مليو يا کيس سڃاڻي ٿو، هُن جو بابا سان پيار ۽ احترام جو رشتو ٿي ويو. بابا سڀني کي ايڏي شفقت ڏني هئي، جو بابا جي وڃڻ جو ڏک سڀئي دل سان ڪري رهيا آهن. ان ڏينھن مختار ٻڌايو تہ، ”اها ڳالھہ ڪنھن کان پوشيدہ نہ آهي تہ بابا جو ادب ۾ ڪيترو ڪم ٿيل آهي.“
منھنجي بابا جي زماني کان وٺي، آئون بابا جا لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪتاب پڙهندي هئس ۽ تُنھنجَي تعارف کان پھرين منھنجو تعارف بابا جي ڪيل ترجمن جي ڪتابن سان ٿيو، جيڪي هُنن مختلف ٻولين مان سنڌيءَ ۾ ڪيا. تو سان دوستيءَ کان پوءِ تون اڪثر بابا جا ترجمو ڪيل ڪتاب ڏيندي هئينءَ. اهڙا سُٺا ترجما مون ڪڏهن بہ نہ پڙهيا. ترجما تہ الطاف شيخ جي ڪتابن جا بہ پڙهيا، پر بابا جي ترجمن جي ڳالھہ ئي ٻي هئي. اُهي ترجما نہ پر اصل ليک جو ڏيک ڏيندا هئا.
هڪ دفعي تو مون کي قرت العين حيدر جو ڪتاب ’آخرِ شب ڪي همسفر‘ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب ڏنو، ان ڪتاب جو بابا ڇا تہ نالو رکيو هو، ’پوئين پھر جا پانڌيئڙا‘- منڊيءَ تي ٽِڪ.
اهي تہ تمام ننڍيون ڳالھيون آهن، پر بابا جو سڀني ءَ لاءِ پيار جو رشتو انمول ۽ ناقابلِ فراموش آهي.

جھڙو ماڻھو، تهڙو ناڻو، هر ڪو پنھنجي اگهہ اگهاڻو،
جيڪو ماڻھو ڪين وڪاڻو، سو ئي ماڻھو موتيءَ داڻو.

اڄ نہ اوطاقن ۾، سندي جوڳين ذات: ذڪيہ شاهنواز ٽالپر

ولي رام ولڀ صاحب جو وڇوڙو، سنڌ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏو سانحو آھي.
مٺي شھر ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جو ترقي پسند باوقار، باڪردار، برک اديب، ترجمي نگار ۽ دانشور سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل سندن خدمتون سدائين ياد رهنديون.
سائين ولي رام سنڌ جي شعور سان بي انتھا محبت ڪندڙ هو. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سنڌ جو شعور انھيءَ ڏک جو وارث آهي. پاڻ ھڪ سچو، نج ۽ تز اديب ۽ ڏاھو ھو. سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ جيڪا خدمت ولي رام ولڀ ڪئي، ان جھڙا مثال گهٽ ملن ٿا، سندن پورھيو ھميشہ ياد رکيو ويندو ۽ ھاڻي اسان جو فرض آهي تہ انھن جي ان ڪم کي اڳيان وڌايون ۽ انھن کي اسان دعائن سان گڏ اھو ڏئي سگهون ٿا، تہ اسان انھن جي ڪيل ڪم تي غور و فڪر ڪري انھن جي دانشمندي ۽ ٻوليءَ سان انھن جي عشق کي سمجهون.
مون کي ساڻن ملڻ جو تمام گهڻو اشتياق ھو، پر ملي نہ سگهيس، تمام گهڻو ڏک آهي. پنھنجي مٿان ڪاوڙ بہ اچي ٿي تہ ڇو نہ مليس. ڇو ڪا دعا وٺي نہ سگهيس. اھو ڏک جهوري ٿو. پر دل مان ھڪ دعا نڪري ٿي تہ اللھ پاڪ انھن جي اولاد کي صبرِ جميل عطا ڪري- آمين.
ھي ڏک سڄي سنڌ، سنڌي ٻوليءَ جا چاھيندڙ، ساڃاھ وند جتي بہ موجود آهن. انھن سڀني جو آهي.

سائين ولي رام ولڀ..!: حُسين صمداني

1980ء تا 2023ء = 42 برس ، تقریباً اتنی ہی پرانی ہماری دوستی و محبت کا رشتہ ہے ۔ ہمارے سینئر لکھاری دوست اور دانشور: ائیں ولی رام ولبھ سے.
مجهے وہ پہلی ملاقات جو شمس چیمبر میں جب ذیشان ساحل ، اجمل کمال اور میں ان سے ملنے گئے ۔ پھر کتنے موسم ، کتنے برس بیتے چلے گئے ۔ یہ فوٹو جیساکہ اس پر لکھا ہے جنوری 2021ء میرے گهر کی بیٹھک میں بنائی گئی تھی. ان دنوں سائیں نے آؤٹ ڈور میٹنگز بے حد کم کردی تھیں جس کی بنیادی وجہ صحت کے مسائل تھے ۔ ان ہی دنوں میں سے ایک صبح ڈاکٹر کملیش کا فون آیا کہ بابا سائیں آپ سے ملنے آنا چاہتے ہیں ۔ میں بہت خوش ہوا ، سر آنکھوں پر ضرور آئیں ۔ مجهے بتلایا کہ یہ پروگرام اچانک بن گیا چونکہ سائیں میرے گهر سے قریب کچھ فاصلے پر واقع لیبارٹری میں چند ٹیسٹ کے لیے آئے ہوئے تھے ۔
ملاقاتوں کے درمیان آنے والے مختصر یا زیادہ لمبے وقفوں کے باوجود برس ہا برس سے ہماری ایک دوسرے سے ملاقاتیں اور خلوص ومحبت جاری رہا ۔ احساس محبت کا وقت کے طویل دورانیے میں بلا شبہ دریا کی لہروں کی مانند مدوجذر میں بھی مبتلا ہوا ہے چونکہ رشتے جذبات واحساسات سے جڑے ہوتے ہیں اور ان کا گہرا سمبندھ ہوتا ہے لہذا یہ فطری عمل ہے ۔ البتہ مشترکہ آدرشوں ، انسانی اخلاقیات کے مشترکہ سٹینڈرڈز میں کوئی بنیادی فرق پڑ جائے تو پھر دوستی و تعلق کی کیفیت بنیادی قسم کے بدلاؤ سے دوچار ہو جاتی ہے اور بالآخر ان میں دراڑ بھی پڑ جاتی ہے جس کا کوئی حل نہیں ہوتا اور یوں تعلق ختم ہو جاتا ہے ۔ بعض صورتوں میں منافقت بھری حکمت عملی سے ’نظریہ ضرورت‘ کے مطابق تعلق کو قائم رکھنے کی کوشش بھی کی جاتی ہے مگر VENTILATOR ر پڑے اس وجود محبت کو بہت زیادہ دیر تک نہیں رکھا جاسکتا ۔ " ضرورت " کے ختم ہو جانے کے بعد بات بالکل ختم ہو جاتی ہے ۔ ( یہ ایک منطقی صورت حال ہے ) ۔
گہری تخلیقی صلاحیتوں سے مالامال اور انسانی نفسیات واحساسات کی جان کاری کے باوجود ، ارد گرد پھیلے ہوئے منفی ، اشتعال انگیز اور دل دکھا دینے والے رویوں کی جانچ اور ان کے بیچ سے گزرتے ہوئے نہایت تحمل کے ساتھ اپنے کمٹمنٹ کو مجروح کیے بنا زندگی میں محبت کرنے کی صلاحیت قائم رکھنا ، تخلیقی آدرشوں کے ساتھ زندگی کا سفر طے کرنا بڑی کمال بات ہے ۔
تحمل کی یہ بلند ترین سطح بہت کم لوگوں میں دکھلائی پڑتی خصوصاً جب وہ انتہائی حساس و تخلیقی دل کے بھی مالک ہوں مجهے سائیں کی اس خوبی نے مجهے ہمیشہ متاثر کیا اور میں نے ان سے اس تحمل کو سیکھنے کی کوشش بھی کی مگر مجهے خاطر خواہ کامیابی نہ ہو سکی ۔ ساتھ گزارے ہوئ زندگی کے طویل دوستانہ سفر میں شاید دو تین بار ہی (کسی کے ساتھ) میں نے سائیں کو شدید جذباتی انداز کی غصیلی کیفیت میں دیکھا، جس پر وہ دوچار منٹ میں ہی قابو پا کر اسی طرح نارمل ہو جاتے تھے ۔ (گویا کوئی نظر نہ آنے والا ریموٹ کنٹرول ان کے ہاتھ میں ہے)
ہماری گفتگو عموماً طویل ہوا کرتی، بعض اوقات کھانے اور چائے کے وقفے بھی آجاتے (ان میں وہ ضرور شریک کرتے )۔ ہماری گفتگو کے موضوعات کبھی طے شدہ نہیں ہوتے مثلاً ایک مرتبہ ZODIAC SIGNS اور ان کے زیر اثر انسان کی شخصیت پر کیا اثرات ہوتے ہیں کے بارے گفتگو جاری تھی، ہماراZODIAC SIGN اسٹار اسد LEO ہے ۔ (جو مشترکہ ہے ) میں نے پو چھا سائیں اسد کا غصہ تو مثالی خطرناک سمجها جاتا ہے اور آپ کے شخصیت تو اس کے بالکل ہی برعکس ہے!!؟ ، مجهے بھی کوئی نسخہ بتلائیں ؟
سائیں ہنسے پھر کہنے لگے ہاں مجهے بھی بہت غصہ آتا تھا مگر یہ بہت پرانی بات ہے. بس زندگی میں ایک ایسا واقعہ ہوا کہ پھر کبھی میں نے غصے کو خود پر حاوی نہیں ہونے دیا ۔ (میں ہمہ تن گوش تھا) میری پہلی اور سب سے بڑی بیٹی جو میرے دل کا ٹکڑا تھی شاید اس کی عمر اس وقت پانچ سال کی ہو گی ایک دن اس نے مجهے انتہائی غصے میں دیکھا تو وہ بہت زیادہ ڈر گئی اور میرے قریب آنے سے گریز کرنےلگی ۔ جب میں اسے لاڈ پیار کے بعد پوچھا تو کہنے لگی، “بابا سائیں آپ کو بہت غصہ آتا ہے تو مجهے آپ سے ڈر لگتا ہے.” بس اس دن کے بعد میں نے غصہ کرنا چھوڑ دیا اور اب بھی کبھی کبھار غصہ آ جائے تو اسے کبھی خود پر حاوی نہیں ہونے دیتا ۔
سندھ کے عظیم دانشور ، لکھاری افسانہ نگار ، ایک بہت نفیس ، مہذب ، محبت کرنے والے انسان ، سچے دوست سائیں ولی رام ولبھ 29 اکتوبر 2023ء قریباً ساڑھے 10 بجے صبح اس دارفانی سے رخصت ہوگئے.

ولي رام ولڀ سان ملاقات: عظمت اللھ ڪنڀر

سوال: ولي رام ولڀ جو نالو سامھون ايندي ئي دنيا جي بھترين ادب جو ترجمو سامھون اچي وڃي ٿو، ڪيترو ترجمو ڪيو آهي؟
جواب: مون پھريون ناول ڪرشن چندر جو ’غدار‘ ترجمو ڪيو، جنھن کان پوءِ فرينچ ناول ’ڌاريو‘ ترجمو ڪيو، مون دنيا جو ادب پڙهيو تہ سنڌي ادب ۾ کوٽ محسوس ڪيم ۽ انھيءَ ڪري ئي ٻين ٻولين جي ادب کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري آندو، 400 کان وڌيڪ شارٽ اسٽوريز ترجمو ڪيون آهن،
سوال: ڪھڙو ادب وڌيڪ پڙهيو؟ ۽ ڇا توهان بہ ان ئي تاريخ خاص ڪري سنڌي تي يقين رکو ٿا، جيڪا ادب جي صورت ۾ پيش آهي يا توهان بہ ان کي دربارن ۾ لکيل تاريخ قرار ڏيو ٿا؟
جواب: اردو ادب ننڍپڻ ۾ تمام گهڻو پڙهيو، ان ڪري ئي اردو ادب ۾ ايم اي ڪيم، اردو ادب ۾ ايم اي ڪرڻ جو هڪ وڏو ڪارڻ اهو آهي تہ اردو ۾ تاريخ کي صحيح طرح لکيو ويو آهي، تاريخ دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڪوڙ آهي، جنھن ۾ ڪردارن جا نالا تہ صحيح آهن پر واقعا پنھنجي فائدي ۽ تاريخ کي مسخ ڪري پيش ڪيا ويا آهن، اهي جڙتو آهن، وقت جي ماڻھن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، سنڌي ادب ۾ تاريخ جو ڪو اعتبار جوڳو ڪتاب نظر نٿو اچي.
سوال: توهان چئو ٿا تہ تعليم جو ٻيڙو ٻڏل آهي ۽ پرائيويٽ اسڪول ڪاروبار پيا ڪن تہ توهان پاڻ بہ تہ پرائيويٽ اسڪول هلائي رهيا آهيو، ڇا اهو فلاحي آهي يا توهان بہ ڪاروبار ڪري رهيا آهيو؟
جواب: سنڌ جي تعليم تباھہ آهي، اڳ هڪ پرائمري اسڪول ۽ هڪ هاءِ اسڪول هوندو هو پر هاڻي هر گهٽيءَ ۾ 15-15 پرائيويٽ اسڪول آهن، معاملو تمام گهڻو بگڙي ويو آهي، هن شعبي ۾ اهي ماڻھو گهڙي آيا آهن جن جو تعليم سان ڪو واسطو ئي ناهي، اهي رڳو بزنس ڪري لکين رپيا ڪمائي رهيا آهن، آئون 2001ع ۾ رٽائر ٿيس، مون کي پروف ريڊري ۽ ايڊيٽنگ کانسواءِ ٻيو ڪو ڪم آيو نہ پئي، انھيءَ ڪري پنھنجي گهر ۾ ئي اسڪول کوليو، جنھن جو معيار ناليوارن اسڪول جي برابر آهي، اهو اسڪول 60 رپيا فيس کان شروع ٿيو ۽ 30 سالن بعد اڄ بہ هزار رپئي کان گهٽ فيس آهي، 250 ٻار آهن، مون وٽ ايتري سيڙپ ناهي جو آئون هن اسڪول کي اٺين ڪلاس کان اڳتي وڌائي سگهان يا وري اسڪول کي اڃا وڏو ڪري سگهان، توهان منھنجي حالت ڏسندا تہ حيرت کائيندا، اهو اسڪول مون کي ڪڏهوڪو بند ڪرڻ گهرجي ها، استادن کي پگهار نٿو ڏئي سگهان، پنھنجي ننھن، ڌيئرن، پٽن سميت اسان پاڻ هن اسڪول ۾ پڙهايون ٿا، اسڪول جي چاٻي سڄو ڏينھن منھنجي کيسي ۾ هوندي آهي، ڪيترائي ڀيرا اختيارين کي چيو تہ اسڪول رجسٽرڊ ڪيو پر منھنجي هڪ نہ ٻڌي وئي، هن چيو تہ ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ اسڪول لکين رپيا ڪمائي رهيا آهن پر مون ۾ حال ناهي، مون کي واپار ڪرڻ نٿو اچي، هن چيو تہ تعليم جو سڌارو تڏهن ايندو، جڏهن پرائيويٽ اسڪول بند ڪرايا ويندا.
سوال: سنڌ جي توهاڻ خوشحال ڏٺي؟ هاڻي سنڌ ۽ سنڌ جو ماڻھو ڪٿي بيٺل آهي؟
جواب: خوشحال رڳو مخصوص طبقو آهي، جيڪو بيوروڪريسيءَ جي ڪري وسيلن تي قابض ٿيو ويٺو آهي، سماج لاءِ هڪ وڏي پلاننگ جي ضرورت آهي، تعليم، اسپتالون ۽ ٻيا فلاحي ادارا بھتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماڻھو غربت جو شڪار آهن، اسان جا بيوروڪريٽ اڃا پراڻي وڏيرڪي طريقي تي هلي رهيا آهن، ترقيءَ جا نعرا تہ هنيا وڃن ٿا پر حقيقت ۾ ترقي اڃا ناهي آئي، ڳوٺن جي ساڳئي حالت آهي، ٻوليءَ ۽ ادب جا ادارا تباھہ ٿي رهيا آهن.
سوال: ادب جا بھترين دور توهان ڏٺا؟ هاڻڪي ادب مان مطمئن آهيو؟ ۽ اسان جو سماج ڪٿي بيٺل آهي؟
جواب: جيڪو ادب هاڻي اچي پيو، ان مان مطمئن ناهيان، ادب هر سماج جو عڪس هوندو آهي پر اسان جو ادب باقي دنيا جي ادب کان تمام گهڻو پوئتي آهي، اها ڳالھہ غلط آهي تہ ڪتاب وڪامجن نٿا، ڪتاب وڪامجن ٿا، تنقيد ڪندڙ کي عام سماج ۾ ناپسند ڪيو ويندو آهي، تنھن ڪري اسان وٽ سٺا نقاد ناهن، اسان جو سماج خوشامدي ۽ چاپلوسي جو شڪار آهي پوءِ ان ماحول ۾ جيڪڏهن توهان تنقيد ڪئي تہ پنھنجي جاءِ نہ ٺاهي سگهندا، اسان جو سماج ارتقا پذير آهي، دنيا جو لٽريچر الائي ڪٿي وڃي پھتو آهي پر اسان رڳو ان خوش فهميءَ ۾ پورا آهيون تہ اسان وڏو ڪم ڪيو آهي پر حقيقت ۾ اسان دنيا کان تمام گهڻو پوئتي آهيون، اسان نوبل پرائيز جھڙو ڪو ڪتاب نہ ڏئي سگهيا آهيون، رڳو ڪم کي ڌڪيو پيو وڃي، ان ماحول ۾ تنقيد ڪٿان ٿيندي؟ دعوائون تہ وڏيون ٿا ڪيون تہ اديب ئي سماج کي اڳتي کڻي هلندا آهن پر جڏهن اسان ڪتاب پڙهون ۽ ان جو معيار ايترو بلند نہ هجي ۽ ان جو اثر بہ نہ پوي تہ پوءِ اهو ادب ڪھڙي ڪم جو، اسان خوش فهميءَ جو وڌيڪ شڪار آهيون، سھل پسند آهيون، تنقيد کي ناپسند ڪندڙ آهيون، اسان جو ادب جنھن سرزمين تي سرجيو، ان تي ڪا وڏي تحريڪ ناهي هلي، احتجاجي ادب بہ ان پائي جو ناهي آيو، اسان واويلا ڪري اڳتي تہ ويندا آهيون ۽ پوءِ پٺيان پير ڪري سمجهندا آهيون تہ وڏو ڪم ڪري ورتو آهي، خوش فهميءَ ۾ رهي ڪا وڏي ترقي نٿي ڪري سگهجي، خوش فهمي ۽ چاپلوسي ۾ رهي نفسياتي بيمارين جو شڪار آهيون.
سوال: زندگيءَ مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو ۽ جيڪو ڪم ڪيو اٿوَ. ان مان ڪيترا مطئمن آهيو؟
جواب: زندگيءَ مان مطمئن آهيان، جيتري محنت ڪئي، ان جو صلو ملي چڪو آهي، پنھنجي خوشيءَ خاطر لکيو، جنھن ادب جي کوٽ محسوس ڪيم، ان کي پنھنجي سنڌي ۾ آندو، سنڌي سماج جي پڙهندڙن جو ٿورائتو آهيان، ڪنھن بہ سماج کي ڏسڻ لاءِ ڀرپور نظر کپي پر هن سماج تي انصاف ناهي ٿي سگهيو. شيخ اياز ۽ ان وقت جي شاعرن ۽ اديبن سماج ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، مون ڪوبہ وڏو ڪم ناهي ڪيو ۽ نہ ئي ڪا دعويٰ ڪريان ٿو تہ مون ڪو وڏو ڪم ڪيو آهي،
سوال: توهان اڪثر ماڻھن جي هجوم کان پاسيرا هوندا آهيو؟ ماڻھو برداشت نٿا ڪن يا مزاج اهڙو آهي؟
جواب: هر هنڌ اهو ئي چوندو آهيان تہ مون پنھنجي خوشيءَ خاطر ڪم ڪيو آهي، نہ آئون وڏي عھدي تي رهيس جو ڪم ڪريان ها. مون کي موقعو نہ مليو تہ ڪم بہ نہ ڪيو، مون کي ڪنھن سان ڪابہ شڪايت ناهي. ادبي ڪيريئر ۾ مون سان زيادتيون ٿيون آهن، اهي زيادتيون خالص منھنجي غلطي تي ناهن ٿيون، مون سان ائين ٿيو آهي جو ڄڻ ڏوھہ جي خبر ئي ناهي ۽ سزا ملي وئي.
سوال: سنڌي اديبن جو پنھنجي ٻولي سان ناتو ٽوڙي ٻين ٻولين ۾ لکڻ جو ڪھڙو سبب آهي؟
جواب: اهڙن اديبن جي ٻئي ادب ۽ ٻولي ۾ ڪا جاءِ ناهي، اهو ايئن آهي، جيئن ڌاري ڌرتي تي ڪو ٻج پوکيو وڃي، هو پئسو ڪمائي تہ سگهن ٿا پر پنھنجي ادبي حيثيت نٿا ٺاهي سگهن،
سوال: ڇا سنڌ جون حالتون بھتر ٿينديون؟
جواب: موجودہ حالتن کي ڏسجي تہ ماڻھو ڪڏهن ترقي ڪندا، ڪڏهن بک ۽ غربت ختم ٿيندي، مون کي سنڌ جون حالتون بھتر ٿيندي نظر نہ پيون اچن، ماڻھن جي مزاج جي خبر نٿي پوي تہ هو ڪرڻ ڇا ٿا چاهين.
سوال: طبيعت ۽ ڳالھين مان لڳي ٿو تہ توهان کي هن سماج کان وڏيون ميارون آهن؟
(ولي رام ولڀ نفي ۾ جواب ڏيندو رهيو...)
سوال: دل جو حال کُلي ٻڌايو؟ (ڀرپور اصرار ڪرڻ ۽ زور ڀرڻ بعد ٿڌو ساھہ کڻندي ٻُڌايائين)
جواب: سوچيندو آهيان تہ مون سان انصاف ناهي ٿيو، مون کي شڪايتون آهن پر ڪرڻ جوڳيون ناهن، مون ڪڏهن بہ ڪا وڏي خواهش نہ رکي، رويا نہ وڻيا تہ نوڪريون ڇڏي ڏنم، زندگي ۾ ڪيترائي لاها چاڙها آيا آهن پر صبر ۽ برداشت جي قوت مون ۾ وڌيڪ آهي، سنڌالاجي سميت ڪيترن ئي هنڌن تي مون کي ڪم ڪرڻ نہ ڏنو ويو، هاڻي ڪھڙو موقعو ملندو؟؟ هن عمر ۾ تہ هلي بہ نٿو سگهان، نظر خراب ٿي وئي آهي، بت سن ٿي وڃي ٿو، (ولي رام ولڀ انٽرويو دوران مختلف موقعن تي اکين مان لڙڪ بہ لاڙي ويٺو) ننڍپڻ کي ياد ڪري روئي ويھندو آهيان، اندر ۾ اداسي ۽ تمام گهڻو نازڪ آهيان، ڪنھن نياڻي جي شادي ٿيندي آهي تہ اها بہ ناهيان ڏسي سگهندو،
سوال: زندگي کي ڪيئن ڏٺو ۽ ڪھڙا ڏک مليا؟
جواب: ”يادِ ماضي عذاب هي يارب، ڇين لي مجهہ سي حافظھ ميرا“ چئي مسلسل روئيندو رهيو، زندگي ۾ ڪيترائي ڏکيا ڏينھن ۽ تڪليفون ڏٺيون، زندگي ۾ ڪوبہ اهڙو فيصلو ناهي ڪيو، جنھن تي ڪو پڇتاءُ هجي، مون ڪنھن کي ڏک نہ ڏنو هوندو، 14 سالن جي عمر ۾ شادي ٿي، زال 4 درجا پڙهيل آهي، ذهني هم آهنگي سبب گهر ۾ سڪون آهي، نہ تہ عام طور تي ائين ناهي هوندو، زندگي ۾ لاها چاڙها آيا آهن پر صبر ۽ برداشت جي قوت کي ناهي ڇڏيو، هن هاڻي ذري گهٽ 80 سالن جو ٿي ويو آهيان، خواهشون تہ گهڻيون ئي آهن پر خواهشون حقيقت ۾ ڪجهہ ناهن ڪري سگهنديون، هن ڌرتي جو ٿورائتو آهيان جنھن مون کي جاءِ ڏني، منھنجو ڪنھن تي بہ ٿورو ناهي، مون پنھنجو پاڻ کي نفي ۾ غرق ڪيو آهي.
سوال: سنڌ ۽ هنڌ جي وهاڱي جو وقت ياد آهي؟ توهان روپوش ڇو ٿي ويا؟
جواب: جڏهن ورهاڱو ٿيو هو تہ آئون ننڍڙو هئس، اسان سنڌ جي سکن جي ڳوٺ ۾ رهندا هئاسين، ورهاڱو ٿيو تہ منھنجن چاچن جا دڪان ڦر ٿي ويا، پئسا ڦر ٿيا ۽ مال بہ ڪاهيو ويو، ان بعد اسان جي خاندان فيصلو ڪيو تہ هتان لڏي هلجي، منھنجا چاچا تہ سامان کڻي ننگرپارڪر کان ٻاڙ ميل تائين بہ پھتا پر اسان ڀارت نہ وياسين، ڇاڪاڻ جو اسان هن ئي ڌرتي جا هئاسين ۽ هن ڌرتي کي نہ ڇڏي سگهياسين ۽ اسان ان ڳوٺ مان لڏي پنھنجي آبائي ڳوٺ مٺي ۾ اچي رهياسين، ننڍي هوندي اسان جي وڏن ورهاڱي جو اثر اسان تي نہ پوڻ ڏنو، جڏهن وڏا ٿياسين، تڏهن ورهاڱي جو معاملو سمجهہ ۾ آيو، بنگلاديش بہ اکين آڏو ڌار ٿيو، عبدالولي خان منھنجو پسنديدہ اڳواڻ هو، جيتوڻيڪ منھنجو ڪنھن بہ پارٽي سان تعلق نہ هو پر سڀني پارٽين جا منشور پڙهندو هيس ۽ سمورين پارٽين جا ڪارڪن منھنجا دوست هئا، بنگلاديش ٺھڻ دوران ڄام ساقي منھنجو نالو هڪ پمفليٽ تي ڇپرايو، جنھن ڪري مون کي بہ ٿاڻي تي وڃڻو پيو ۽ گهڻين مشڪلاتن جو منھنجو ڏسڻو پيو، ايتري قدر جو آئون واپس ڳوٺ لڏي روپوش ٿي ويس، سنڌ ۾ اهڙو ڪو ماڻھو يا اڳواڻ نظر نہ آيو جنھن جو آئون اثر قبول ڪري سگهان ها يا آئيڊيل ٺاهي سگهان ها، تنھنڪري ڪيترين ئي مجبورين سبب پاڻ کي ڪنھن بہ سياسي يا سماجي تنظيم سان واڳي نہ سگهيس.
سوال: ڪتاب ’سنڌ ڪھاڻي‘ جا گهڻا مالڪ آهن؟ اصل ليکڪ توهان آهيو يا تاج جويو؟
جواب: منھنجو تاريخ جو ڪتاب ’سنڌ ڪھاڻي‘ تاج جويو پنھنجي نالي سان ڇپرايو، اهو سڄو ڪتاب منھنجو ئي لکيل هو، ان کانپوءِ ناز سنائي بہ اهو ڪتاب پنھنجي نالي سان ڇپرايو ۽ ان ۾ منھنجو نالو ورو لکيو، جنھن تي مون کي ڏک پھتو، آئون هن کي ڪجهہ نہ چئي سگهيس، ساڳيو ئي ڪتاب ڀارت ۾ بہ هڪ عورت ليکڪہ پنھنجي نالي سان ڇپرايو ۽ جڏهن آئون ڀارت گهمڻ ويس تہ مون کي هن اهو ئي ڪتاب تحفي ۾ ڏنو، گهر اچي ڏٺم تہ اهو ڪتاب منھنجو ئي هو، اهڙي ريت منھنجون ڪيتريون ئي ڪھاڻيون، ناول ۽ ترجمو ٿيل مواد چوري ڪري ٻين پنھنجن نالن سان ڇپرايا پر مون انھن کي ڪجهہ نہ چيو، اها شڪايت ڪنھن سان ڪريان، منھنجو احتجاج اهو ئي هو تہ مون انھن سان ڳالھائڻ مناسب نہ سمجهيو، ولي رام ولڀ چيو تہ آئون تاج جويو کي وڏو ماڻھو سمجهندو آهيان پر هن کي اها حيثيت نہ ملي جيڪا ملڻ گهرجي ها.
سوال: زندگي تہ نفي ۾ گذاريندا آهيو پر شيخ اياز توهان کي مغرور ڇو قرار ڏنو؟
جواب: ولي رام ولڀ جو پسنديدہ شاعر شيخ اياز آهي، هو اڄ بہ شيخ اياز کي پڙهي ٿو، شيخ اياز سان منھنجي ڌيءَ کي سنڌي ادبي سنگت جو ايوارڊ مليو تہ اتي شيخ اياز تقريب ۾ آيو هو، ان تقريب بعد شيخ اياز منھنجي دوست نور احمد کي چيو تہ ولي رام ولڀ مغرور ماڻھو آهي، هن تقريب ۾ منھنجي لاءِ تاڙي بہ نہ وڄائي، اها ڳالھہ ٻڌي مون شيخ اياز کي خط لکيو ۽ چيو تہ آئون توهان جو تمام وڏو مداح آهيان، توهان جا سمورا ڪتاب مون وٽ موجود آهن، شيخ اياز بيمار ٿيو تہ آئون ساڻس ملڻ ويس تہ هن مون کي چيو تہ تون مون کي تمام گهڻو پيارو آهين.
سوال: توهان لکڻين ۾ تہ ڪمال ڪيو آهي پر مصوري جو شوق ڪئين جاڳيو؟
جواب: ننڍپڻ کان ئي مصوري جو بہ شوق هو، پنھنجي استاد راءِ چند راٺوڙ کان ادب توڙي مصوري جا ڪتاب کڻي ايندو هئس ۽ سڄي سڄي رات ويھي انھن کي ڏسندو ۽ پڙهندو هو، جيڪڏهن آئون ادب ۾ نہ اچان ها تہ مصور ۽ گائڪ هجان ها، ڇاڪاڻ تہ مصوري ۽ گائڪي منھنجو شوق آهي.
سوال: غربت ۽ گهر جي ڇت بہ هجڻ سبب لکڻ جو پورهيو ڪيئن ڪيو؟
جواب: منھنجو گهر ٽٽل ڦٽل هوندو هو، هڪ پاسي کان ڇت هوندي هئي تہ ٻئي پاسي کان نہ هوندي هئي، مون پنھنجي ڪتابن جي سيٽنگ ڇت واري پاسي ڪئي هئي، ننڍپڻ کان وٺي اڄ تائين جيڪو ڪجهہ لکيو آهي ميز ۽ ڪرسي تي ويھي ناهي لکيو، ڪڏهن کٽ تي ويھي تہ ڪڏهن سمھي تہ ڪڏهن وهاڻا رکي لکندو آهيان، سنت ڀڳت کيمچند جي سنگ ۾ بہ رهيس، هن جي شخصيت جو مون مٿان تمام گهڻو اثر آهي، هو مون کي تقريرون لکي ڏيندو هو ۽ آئون شھر جي وچ چوراهي تي وڃي اهي پڙهندو هيس.
سوال: ”منھنجي ٿر جو حال جو پڇندي روئي پوندي“ ڇا ٿر جي هاڻي اها سڃاڻپ آهي؟
جواب: ٿر جي موجودہ حالتن تي مونکي اکين ۾ ڳوڙها اچي وڃن ٿا، ٿر ۾ اين جي اوز ۽ ٻيون مختلف قوتون آهن جن جا پنھنجا مفاد آهن ۽ اهي ٿر تي قبضو ڪرڻ جون خواهشمند آهن، ٿر جو سڪون برباد ٿي ويو آهي، ٻار اڳ بہ مرندا هئا، ڏڪار اڳ بہ آيا پر هاڻي انھن قوتن پنڻ کي ڌنڌو ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ انھن کي سپورٽ ڪندڙ سياسي ماڻھو آهن، ميڊيا ذريعي ۽ هر فورم تي پينو فقيرن وانگر صدا هنئي وڃي ٿي پر حقيقت اها آهي تہ ٿر جي متاثر ماڻھن کي ڪجهہ نٿو ملي، واپاري ۽ بيورو ڪريٽ فائدو وٺي وڃن ٿا، ٿر جون حالتون ايتريون خراب ناهن جيتريون ميڊيا ۾ ٻڌايون وڃن ٿيون، ٿر جا ماڻھو انتشار جو شڪار آهن ۽ موجودہ ٿر جي صورتحال جو ذميوار اسان جو سڄو سماج آهي.

هي انٽرويو، سومر 10 ڊسمبر، 2018ع تي ولي رام ولڀ صاحب جي رهائشگاھہ تي ورتو ويو.

A Quiet Storyteller: Intizar Hussain

With a number of new publications scattered on the table before me, I found myself confused. After all, one can read only one book at a time. And frankly speaking, not every book is worth reading. And not every book worth reading is expected to meet the mental requirement of the reader. So one has to be choosy. And so, I had the option to choose only one book from the heap before me, leaving the remaining ones to be sorted out at some other time.
A number of volumes bearing impressive titles attracted my attention. However, I caught sight of a lean volume. The name of the author, Vali Ram Wallabh, appeared a bit odd to me. Inquisitively I picked up the book and cast a cursory glance at its contents. Soon, I found myself absorbed in reading it.
In fact, just one statement from the author compelled me to cast aside my casual attitude and read the book seriously. Vali Ram Wallabh, born in a little town of Thar called Mitthi, was saying “this little town appeared to me, in those days, a vast, wide world. Even now it appears so to me. All that I have seen has been seen in the perspective of this little village”.
How genuine, I said to myself, paused for a while and then began reading him carefully. Vali Ram now lives in Hyderabad yet feels lovingly for Thar. “ The land of Thar,” he says, “lies within me.”
Here is a writer who comes from the desert of Thar, a land scape so different from the one I have been familiar with. The desert land of Thar, though a part of Pakistan, appears to me to belong to a different world. A writer coming from that land should have a flavour very different from the one we are familiar with in Urdu. The present volume is a selection from prose and verse, says, a few poems and short stories written in Sindhi and translated into Urdu by Bashir Unwan. Along with these poems and stories is a detailed interview with him and an introduction by Asif Farrukhi. The volume is titled Zindagi se kata hua tukra and has been published by Sheherzade, in Karachi.
Vali Ram’s stories are fine pieces of fiction steeped in mellow colours and soft tones. He has devised for himself a way of saying things with ease and in a subdued manner. This is in sharp contract to the loud style adopted by his contemporaries. As has been pointed out in the foreword, those were the times when Sindhi writers were in a protest mood and therefore, liked to be loud and tended towards politics.
Vali Ram tells us that his acute sense of belonging to a minority compelled him to be cautious in his writings. That explains why he evades political themes. Instead, he chose for his fiction purely social times. So he is seen portraying a society which suffers from poverty and where the woman is seen groaning under repressive conditions. But here, too, he has chosen not be loud or sentimental. And he has evolved a style of writing which gives the impression of not being a style at all. These characteristics have found their best expression in Zindagi se kata hua tukra.
A girl from a poor family is married off into a well -to-do family. The situation weighs heavily on her. But she remains calm and quiet in her suffering. The poor brother comes to see her. It is a situation pregnant with emotions. But we see a sense of restraint on both sides. So we see gaps of silence recurring throughout their talk. And they appear more eloquent in their silence than when they are talking. Such is the art of the storyteller.
The woman here is submissive. But in another story, Pushup, she is always willing to protest. But here, too, the tone is not loud. Because of a sense of helplessness, all her protestations remain subdued.
But, unfortunately, his promise as a story writer remains unfulfilled. His output in friction is meager. As for his poetry, here too, he lacks the kind of concentration needed for it. In fact, he has concentrated more on translations than on creative writing. And on that score, he has much to offer his readers. He has translated more than three hundred stories in Sindhi. Add to them the famous Camus novel, Outsider, that he translated into Sindhi. In the field of poetry, too, he has made a large number of translations.
In fact, Vali Ram attaches much importance to the job of a translator in relation to a language. Translators, according to him, hold the position of blood donors, their translations being their donations to the language and its literature in which they are done. Vali Ram himself is a big and a very devoted ‘blood donor’. He has donated much blood to Sindhi language and literature.

[Published in DAWN Magazine
On Sunday, February 3, 2002]

A Literary Luminary and Beacon of Unconditional Love : Dr. Neel Kanth

In the realm of literature, Valiram Valabh was one such extraordinary writer and translator, who possessed a unique gift for language, effortlessly crafting narratives that resonated with the deepest emotions of the human soul.
Valiram held a special place in our hearts, becoming the sole soul around whom our entire family united with “Gori,Pushp and Kamlesh” in shared mourning.
His translations like “Gadar “ of Kirshan Chander, “Seeta Harun” and “Akhri shub kay humsafar“of Quratulain Hyder, only Valiram & QH can paint the love and its complexity with armed communist movement scenarios at the Bangali canvas of “Akhri shub kay humsafar“.
“Bund Durwazo“ of Amerta Preetum were not mere linguistic conversions; they were masterpieces that retained the essence and emotion of the original works, allowing readers to experience the beauty of different cultures and languages.
Beyond his literary talents, Valiram was a person of remarkable character.
He was near relative of my mom and always brotherly with her.
His soulmate Hari Bai was my distant cousin but spite of these blood relation his love knew no bounds, flowing freely and unconditionally to everyone he encountered.
His departure left a void that echoed in every corner of our lives. Though he is no longer with us physically, his spirit continues to bind us together, reminding us of the precious moments we shared and the love that will forever endure in our hearts.
I also had an opportunity of meeting with his father Kawalram sahib a fearless and bold retired police officer.
Valiram was raised in the shadow of a remarkable man—his father, a dashing police officer. While his father's profession demanded strength and resilience, Valiram embodied a different kind of strength: a quiet, unassuming softness that endeared him to everyone he met. In a world where toughness is often praised, Valiram showed us the power of kindness, compassion, and a gentle heart.
His emotional attachment to people was genuine, creating an environment of warmth.
Valiram's love for Indian art movies was a shared joy that brought us closer. He enthusiastically introduced us to Noor Mohd at Times Photos, where we delved into the magic of those movies together. His passion for these films was infectious, making our movie outings memorable and full of pleasure.
Valiram played a significant role in polishing our literary instincts. He took me to Tariq Ashrif ( Editor of Sohani Magazine) office frequently in eighties, where I had the opportunity to engage in fruitful discussions and meetings with Tariq Ashrif. Valiram's presence during these encounters added a layer of wisdom and support, making every interaction valuable and encouraging. His guidance and companionship made these experiences not just productive but also enjoyable, highlighting his generosity and willingness to share his knowledge and connections for our growth.
It is truly heartwarming to acknowledge the invaluable contributions of both Valiram and Syed Zafar Hassan Shah in the literary realm. Their editorial efforts in AARSI Magazine provided aspiring writers, including myself, with a platform to showcase our creative expressions. My first poem finding a home within the pages of Aarsi Magazine, under their editorial guidance, remains a cherished moment in my writing journey. Their dedication to nurturing budding talent and promoting art.
I am deeply grateful for their vision, mentorship, and the opportunity they bestowed upon me, shaping my path as a literature lover and probably writer.
What endeared Valiram to all who knew him was not just his literary brilliance but also his humility and soft-spoken nature reminding us that kindness and gentleness are the true marks of a noble soul.
Personally, Valiram Valabh was more than a writer to me; he was a dear friend and uncle who filled my life with his unwavering love and support. His presence was a source of strength.
In essence, Valiram Valabh was not just a literary giant and a masterful translator; he was a beacon of love, humility, and kindness. His legacy lives on in the lives he touched, the words he penned, and the love he shared unconditionally.
Valiram Valabh's presence in our lives was a blessing, reminding us of the immense power of love and the enduring impact of a kind and gentle soul.

My Baba Sain: An Emotional Tribute : Dr. Kamleshwer Lohana

It is difficult to express my 52-year long relationship with my Baba, Vali Ram Vallabh. Infinite memories, endless love and millions of experiences are difficult to bring on a piece of paper. My relationship with Baba Sain is a bond that transcends the simple definition of family. It embodies love, guidance, support, and a silent understanding that shapes the very core of myself. This article is an emotional tribute to Baba Sain, an attempt to capture the essence of a man whose love and influence resonates deeply within my soul.
In the journey of life, a father often becomes a beacon of guidance, offering wisdom and direction. My father, a figure of strength and unwavering support, has been my guiding light through the uncharted waters of my existence. His advice, a blend of experience and care, served as a compass, navigating me through the complexities of the world.
I remember my first day of kindergarten at Model School, Old Campus, Hyderabad very clearly. I was holding his figure and going to school, unwillingly. During my childhood, I remember the day when he bought me few coins to play video games in the early eighties. I remember the day when he bought me my first desktop computer in 1991. I was proud of him and he was my proud father.
He encouraged me to peruse higher education and take my family to Australia. His advice is always needed in every step of my life. We usually had our evening cup of tea together. We usually talked on range of issues of the world, literature and day-to-day routine stuff. He guided my children. He always encouraged them to follow the path of education and career in which they are interested in. He was our family university and we were the students. Alas, none of us graduated. Our education was discounted on 29 October, 2023. He was the whole universe for all of us.
The beauty of the relationship with Baba Sain lies in the unspoken moments, the shared silences that resonate more deeply than words. My father's love, though seldom vocalized, was felt in his actions, in the sacrifices he made for our family, and in the little gestures that spoke volumes. His understanding of my aspirations and fears, without requiring verbal articulation, fostered a connection that transcended the need for spoken assurances.He had a habit of marking the daily newspaper for me to read. Last month he indicated some US exchange program opportunity for my youngest son. He loved all of us so much and wanted to see all of us educated, literate and humane.
Memories from the fabric of our existence, and within the tapestry of my life, the most cherished threads are those woven with my father. From playful childhood escapades to the profound conversations in later years, each memory evokes a spectrum of emotions, illustrating the depth of our relationship. These moments, no matter how simple or profound, are a testament to the enduring bond between a father and his son. Being the only son was privilege for me and I enjoyed his endless love. He was such a soft spoken and patient parent and always ignored and pardoned my all naughty things which I did until my youth age. I liked movies since my childhood. He always arranged movie tickets during all my childhood and adolescent age. Slowly gradually he helped me to read children literature and novels and at the age of 16, I had privilege to watch classics and drams with my Baba Sain. He encouraged me to develop story-writing skills. He arranged publications of my stories in children magazines and helped to write effectively. During my first week of married life, he gave my wife and I, both, a task to translate stories and send it them to a competition. We could not win the competition but we both became writers and started reading in our own time.
My father's teachings were not confined to formal lessons; they were ingrained in his actions and character. Through his integrity, resilience, and unwavering moral compass, he instilled within me values that transcend mere words. His legacy lives on in the principles he imparted, shaping the person I am today and guides my path forward. He taught me a range of things through his behavior and attitude. His opinions about books, ideologies and different philosophies influenced me immensely. Since my childhood, I had chance to interact with his social and literary circle of writers, artists, teachers and friends. At this point, I am privileged to keep the bonding with them and their second generation.
The departure of a beloved father leaves an emotional void that can never truly be filled. Yet, his emotional legacy, woven into the fabric of my soul, continues to inspire, comfort, and guide me. The love he bestowed, the values he cultivated, and the enduring impact of his presence linger as a source of strength in my life's journey. I have not able to absorb the reality. I consider that Baba Sain is sleeping in his room and will wake up in awhile and call me by my nickname, ‘Shabee’.
The emotional depth of relationship with Baba Sain is an intricate tapestry of love, guidance, shared moments, and enduring lessons. This tribute is a heartfelt acknowledgment of the profound impact my father has had on my life. His love, his teachings, and his presence continue to resonate within me, forming an emotional landscape that defines not just my past, but also shapes my future.
In honoring my father's memory, I acknowledge the timeless legacy he leaves behind—an emotional inheritance that will forever shape my narrative, a legacy of love, strength, and guidance that will endure through the ages.

My Nana Baba : Aarti Leela Ram [Grand Daughter]

I find myself enveloped in the raw grip of grief. When I was young, my nana baba possessed a magical ability that left an indelible mark on my heart. He could weave tales with such vivid expressions and animated fervor that even the most mundane stories came alive in his presence. To me, he was nothing but magic. And he was. The enchantment of my childhood resides within the walls of my grandparents' home in Hyderabad, where their love imbued every corner with warmth.
Nana baba's house was always snug, perhaps even a little too warm at times. The constant tick-tock of the clock in his drawing room filled the air with a comforting rhythm, and the smell of books in his library, collected and put together with years of struggles and hardships, added to the rich tapestry of my cherished memories. Nana baba was the reason I fell in love with reading. He was the first to encourage me to keep a diary and put my thoughts on paper. At the tender age of 10, I picked up a pen because he believed that I had something important to say. Even now, at the age of 28, I struggle with self-esteem issues when it comes to my writing. But I recall his unwavering belief in me, his voice echoing with the same boldness I hear within myself today. He insisted that I had much more to say, urging me to find my voice.
During my summer vacations, I eagerly anticipated my visits to his home. There, I would venture into his library, and we would choose books together. Each time, we would select several classic literature books, and as soon as I returned home, I would be granted the opportunity to choose even more. I read and read, yet the ritual remained the same over the years, an unending source of satisfaction. With time, I yearned for it even more. I remember him teaching me the initial alphabets of Hindi and Sanskrit so I could aspire to read literature in more languages. He firmly believed that knowledge resided within every language and culture, each with its own unique beauty and richness. Our summer days were marked by cold baths on the terrace, our morning jogs at Wapda Park, and shared evening snacks, his eyes fixated on the monthaal that Nani Amma would make for me. His diabetes restrained his fondness for sweets, but he would still savor small bites I would sneak to him.
When people tell me that my style of writing resembles his, I swell with pride. I aspire to become more like him as I age, to embody his strength, resilience, boldness, and warmth. I aim to be as fierce and loving as he was, not only for his family but for everyone he touched. I have been blessed with remarkable role models in my family, and he was one of them. He showed me that there are countless ways to be a good person, each capable of contradicting the other. I will carry him with me always, especially when I come across a particularly beautiful neem tree, freshly picked motia, or a blooming bougainvillea outside the house.
His legacy lives on through the classic literature he introduced me to and in the raindrops that grace the soil. A connection with a grandparent is a rare and irreplaceable bond. He may never have known who I would grow to be in the years to come, but my childhood and early adulthood is cemented in his wisdom and age. Loved by all who crossed his path, he made significant contributions to the community and the world of Sindhi literature.
He had a remarkable ability to captivate listeners with his storytelling over a cup of tea, imparting knowledge and wisdom from the world of literature to both young and old. So why has he left us? Why has someone so full of life, kindness, and generosity departed? Nothing makes sense anymore, and I find myself caught in a maelstrom of thoughts and emotions. It has left me both anguished and desolate, knowing that I will no longer hear his laughter or select books together. During his last days, it felt like he left us long before his heart ceased to beat. He endured immense pain and lost so much of himself that he became unrecognizable in more ways than one. His world, once vast and infinite, had shrunk to a mere fraction of its former self. We grieved for him long before his physical departure, as his suffering was unbearable. Still, in those final breaths and heartbeats, my world came to a standstill, and it has barely moved since. I never had the chance to witness his eyes light up or hear his laughter as he called for me, affectionately "Aartaa" from his bedroom. This remains one of my deepest regrets, for it meant I never had the chance to say a "proper goodbye," whatever that may mean.
Family members remind me that death is inherently painful, messy, and unfair, and that the memories of him in his true self are the ones that truly matter. When he passed, I experienced a complex mix of guilt and relief. I am grateful that he is no longer in pain and that the endless uncertainty has finally come to an end. The depth of my loss and emotional pain is immeasurable. I ache for him and the unconditional love we shared. Nana baba was my greatest supporter and fan, always believing in me and my abilities and listening to my endless stories. He was someone who cherished life, reveled in the company of others, and breathed the very air of literature. The truth is, no one prepares you for that final embrace, touch, or word from your grandparent. As I mourn, I find solace in the fact that I am not alone. Countless people share in my grief – our family, relatives, his scholarly friends, even those who may not have known him personally but were touched by his writing, poetry, and translations. They all recognize the profound loss we now bear, not just in the literary world but on a deeply personal level. To them, he may have been all those things they extol him for, but to me, he will always be my nana baba.

Nanu : Akash Chhabria [Grand Son]

My earliest memory of my Nanu was spending time with him in his library. I would walk in with a sense of bewilderment and curiosity, ready to explore the wonders of his ‘treasure’. I call his books his treasure because without a doubt he saw them that way. The excitement he displayed discussing the vast amounts of literature he had accumulated was always inspiring to me. I remember whenever I picked out a book from his library, he would take the time to explain its significance to me and even though I may not have picked up on all the nuances, it helped develop my interest in literature. You could tell he was proud of all the knowledge he had collected and in a world where money and power tend to prevail, I was introduced to a different perspective. From the very beginning, his lesson to me has always been knowledge is your most valuable resource and it’s something that can never be taken away from you.
Beyond cultivating my interest in literature, Nanu had helped me in many ways that even he may not have realized. He was an active and involved parent to my mother. Not only did he impart his love of literature and share the importance of knowledge to her, but he also taught her the skills necessary to face the harsh realities of life. From the stories my mother has told me, my Nanu would work through the house expenses with her and encourage her to take the lead on balancing the house budget. This is not only a skill she has imparted onto me but also a skill she has put into practice to empower her family and specifically her children to achieve the goals they desired in life.
It is clear to me that my Nanu is loved by his community and the people that may have crossed paths with him. He has heavily contributed to the Sindhi community and to Pakistani literature, he is a wonderful storyteller and most importantly he is a loved father, husband, and grandparent. When I think about him, I think about how he has inspired me to learn and grow, but I also think about how I could have learnt so much more from him.
When I was younger and visited him more often, I felt that I understood the sentiment but not the nuances or the details of what he would explain. It felt like I was able to absorb only a fraction of what he was trying to say. Now that I feel I’m of the age where I could have an intellectual conversation with him, I can’t anymore. All the conversations we could have had about literature and art, the time I could have spent learning from his wisdom and knowledge, and most importantly the bond we could have deepened. It all feels like a potential that was never realized.
When I heard of his passing, my first thought was of him and how we never got to say our goodbyes. My second thought was of my family. His impact on us was truly profound and the pain my family and I are experiencing is equally so. I feel the most for my mother, she has lost one of the most important people in the world to her and it saddens me that there is nothing I could do to take that pain from her. In my mourning, I also feel a sense of resolve to ensure my relationship and love for my parents remains just as strong as my mother’s was with my Nanu. Nanu, I love you and I want to thank you for being who you were, to me and to your family. You will forever be with me in my thoughts and in my heart.

The sky is empty: Bhawna Lohana [Grand Daughter]

A whole world collapses on itself,
yet the sky is so empty.

I try looking for its traces elsewhere:
in the room of books and stories,
in the late afternoon sunshine that escapes the curtains,
and in the neem tree that’s not here anymore.

It is as if they too, like me, hold the memory,
but just don’t know how to share.

I seek the memory of its voice
it takes me round and round, on its shoulders,
up and down the footpath of the park near home.
It mixes with the sound of rain hitting neem leaves,
and I’m somehow almost back in the library, listening to you.

The sky is so empty,
and I’m missing a world.

Horaeth : Taniya Kamal Lohana [Grand Daughter]

It fills me with surprise how a person can contain so much love for others,
His face with etched with wrinkles of wisdom,
Heart full of admiration, unconditional
His embrace, a safe haven from the
mayhem of the outside world,

It is agonizing that our last interaction is
confined to a small screen,
How I wish I could hold your hand for a
second longer,
And what I would do to hear your voice again,

A hundred tales he read me,
A thousand poems and odes he recited,
And a million pieces of advices he shared,
But, none prepared me for living in a world
without your presence.

For Nanu: Sameer Rai Chhabrai [Grand Son]

That our words are meaningful is a concept that has been instilled in me from a very young age. Nanu was a large part of understanding that our words can inspire, teach and help us bond. His light will continue to shine in the words he shared with all of us, whether we heard them ourselves or read them in script. We will always remember.

وڇوڙي جا ورلاپَ (تعزيت ناما) ترتيب: فقير محمد ڍول

سائين ولي رام ولڀ سنڌ جي انمول ماڻھن مان هڪ هو. انتھائي ڌيمي مزاج جو، ادب ۽ اخلاق جو هڪ مجسمو هو، هن ٿر جي روايتن کي هميشہ مقدم سمجهيو ۽ سادگي ۽ سچائي سان زندگي ڀر دوستن جو هر وقت خيال بہ رکيو ۽ سموري سنگت سان نباهي ويو. منھنجي بي بي صاحبہ تي ڇپيل ڪتاب تي شاندار مقدمو لکيو. هو سنڌي ادب جي مھان ترجمي نگارن مان هڪ هو، سندس پائي جو ڪو ٻيو هجي تہ هجي پر هو پنھنجي ادبي پورهئي کي خوب نڀايو، سندس لاڏاڻي تي سنڌي ٻولي، ادب ۾ جيڪو خال ٿيو آهي، سو ڀرجڻ مشڪل آهي.
دعا آهي تہ سندس خاندان ۽ دوست سندس ادبي پورهئي جي هميشہ حفاظت ڪن ۽ ياد ڪندا رهن. مالڪ کيس سرڳ نصيب ڪري، آمين.

سرفراز راڄڙ

اي سنڌ توکي الوداع!
اي هند توکي الوداع!
تو ۾ هيو سارو جڳت،
اي جِند توکي الوداع!
(اياز)
ولي رام ولڀ سنڌ جو ٻهڳڻي ليکڪ، ڪھاڻيڪار، نقاد، ايڊيٽر ۽ مترجم، زندگي جون 82 بھارون پوريون ڪري 29 آڪٽوبر 2023ع تي سنڌ کان وڇڙي ويو. سندس سدورو پٽ ڪمليشور ۽ سٻاجهيون نياڻيون ڊاڪٽر پشڀا ولڀ ۽ پروفيسر گوري ولڀ کي تہ يتيمي نصيب ٿي، پر منھنجي نظر سنڌ جو ٽي ادبي پيڙهيون ولي رام صاحب جي وڇوڙي سبب يتيم ٿيون آهن. وليرام ولڀ سان ذري گهٽ مني صديءَ (45-40) جو واسطو هو. آءٌ جڏهن مٺيءَ ۾ 1984ع ۾ سنڌيءَ جو ليڪچر هئس تہ مٺي ويندي يا مٺيءَ مان ايندي، ولي رام ولڀ صاحب جي شمس چئمبرز حيدرآباد واري آفيسر/ گهر تي اچي ٿڪ ڀڃندو هئس. چانھہ پاڻي، روٽي پاڻي، حسب حال کائڻ کان سواءِ نہ ڇڏيندا. ظفر حسين سان اتي ملاقاتون ٿينديون هيون، ڀرسان ئي طارق اشرف جي سھڻي جو دفتر هوندو هو. ولي رام ولڀ ٻنھي ۽ غلام نبي مغل جو دوست هوندو هو. طارق اشرف سان گڏجي ولي رام ولڀ سھڻيءَ جا چار پنج پرچا ڪڍيا، آرسي ۽ عالمي ادب رسالن ۾ ولي رام ولڀ صاحب ظفر حسن شاھہ جو ٻانھن ٻيلي هوندو هو، بلڪہ آرسيءَ جي مواد جي سھيڙ، ترتيب، پروفن جي ڇپائي ولي رام جي ذمي هوندي هئي.
ولي رام ولڀ تمام ٿوريون ڪھاڻيون (6 کن) لکيون، پر ڪھاڻيءَ جي ٽيڪنڪ، فن ۽ تنقيد جو وڏو ماهر هو. هن عالمي ادب مان سوين ڪھاڻيون ترجمو ڪيون ۽ ڪتابي صورت ۾ ڇپرايون. دنيا جي چونڊ شاعريءَ جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا. ڪوتا ڦلواڙي اُن جو نادر مثال آهي. هن البر ڪامئو، امرتا پريتم، ڪرشنچندر، قراة العين حيدر، عابد سورتي وغيره جا ناول ترجمو ڪري سنڌي زبان کي مالا مال ڪيو. هن تمام گهڻا ادبي تنقيدي مضمون لکيا. شيخ اياز، نياز همايوني، تنوير عباسي، امداد حسيني، اياز گل ۽ ٻين جي شاعريءَ جا جائزا ورتا. ڪھاڻي ڪتابن تي سندس تنقيدي مضمون تاريخ جو حصو آهن. ولي رام ولڀ هميشہ نئين ٽھيءَ جي اديبن جو سونھون ۽ اتساهيندڙ هو. مون سان وڏو پيار ڪندو هو، سندس پيار ۽ پنھنجائپ منھنجي زندگيءَ جو وڏو اثاثو آهي. ولي رام جي زندگيءَ ڀر ياد رهندي، هن جو وڇوڙو هند ۽ سنڌ جي ادبي دنيا جو وڏو نقصان آهي.
سندس اولاد، ڀاڄائي هري ۽ ٻين کي ڀڳوان/ خدا صبر جي توفيق ڏيندو، ولي رام جي آخري سفر جو ساکي آهيان.

تاج جويو

ولي رام ولڀ صاحب جو وڇوڙو منھنجي لاءِ بہ اوترو ئي دکدائڪ آهي، جيترو ادي هري، پشپا، گوري، ڪمليش، ڊاڪٽر مرلي ۽ ليلارام لاءِ. ان ڪري تہ ولي رام منھنجي گهر ڀاتيءَ جيان هو ۽ مان سندس گهر ڀاتيءَ جيان. ولي رام صاحب ڪڏهن بہ وسري نہ سگهندو. ولي رام پنھنجي ڪتابن ۾ زندہ رهندو. اسان جي دلين ۾ زندھہ رهندو، اسان ڪڏهن بہ، ڪنھن بہ وقت وري بہ ولي رام صاحب سان ملي سگهون ٿا، ساڻس ملڻ لاءِ اسان کي فقط پاڻ وٽ موجود ولي رام صاحب جي ڪتاب کي کولڻو پوندو ۽ اسان ساڻس ملي وٺنداسين. کيس ڪيئن وساري سگهنداسين.

زيب سنڌي

ولي رام صاحب جنھن وقت کان ساڻن پيار ۽ واقفيت جو رشتو جڙيو، آخر تائين، دائم قائم رهيو. مون کي فخر ڪرڻ ڏيو تہ ڪن ٿورن قلمڪارن وانگر، آئون ۽ سائين نثار حسيني سندن گهر ڀاتي، سندن سڀ ٻار ۽ اسان جي بيحد احترام لائق هري ڀاڀي ۽ هي سارو پريوار اسان جو پنھنجو.... محفلون هجن يا ذاتي ضيافتون، اسين ولي رام صاحب کان دور ڪڏهن نہ ويٺاسين.
بطور مترجم ۽ اديب، ولي رام صاحب ويھين صديءَ جي نمايان ۽ شاندار هستين ۾ شمار ٿيا، سندن قدر زندگيءَ ۾ بہ ٿيو ۽ بعد وصال. ڏسجو هن جي ادبي ڪم ۽ ڪشالي بابت شاگرد ايم. فل ڪندا، Ph.D ڪندا ۽ ادب جي تاريخ ۾ سندن نالو سونھري اکرن ۾ لکيل ملندو. اوم شانتي- شانتي شانتي.

نصير مرزا

سائين ولي رام ولڀ صاحب سان لڳ ڀڳ اڌ صدي کان عزت احترام جو رشتو رهيو، هو جيترو وڏو نيڪ هيو، اوڏو وڏو ماڻھو هيو. هن جديد سنڌي ادب کي شاهڪار لکڻيون ارپيون. هن جا ڪتاب ترجما توڻي ترتيب ڏنل رسالا سنڌي ادب ۾ هميشہ خاص ۽ اهم حيثيت رکندا. ولي رام صاحب پنھنجي سڀاءُ ۾ انتھائي محبت ڪندڙ، گهڻو ڳالھائيندڙ، گهڻو لکندڙ اديب هيو. هن جي واتان ڪڏهن ڪو ڪوسو لفظ نہ ٻڌوسين. هن سان کوڙ ساريون خوبصورت يادون وابستہ رهيون. هو هميشہ سنڌي ادب جي تاريخ جيان مون سميت سنڌ جي دل ۾ زندہ ۽ سلامت رهيو.

پروفيسر سيد زوار نقوي

سائين ولي رام ولڀ هڪ سٻاجها، سھڪاري ۽ محبت ڪندڙ انسان هيا. ننڍن سان محبت ۽ نھٺائيءَ سان پيش ايندا هئا. نہ فقط سٺا اديب هيا پر هڪ بھترين انسان ۽ راهنما هيا. گهر جا آدرشي وڏا هيا ۽ اها ڳالھہ تمام گهڻي اتساهيندڙ هئي تہ هو پنھنجي مثبت انداز سان هر منفي رويي ۽ معاملي کي نظر انداز ڪندي، فقط تعميري سوچ ۽ روين کي اهميت ڏيندا رهيا. منھنجي لاءِ هڪ شفيق گهر جي وڏي ۽ رهنما جو درجو رکندا هيا. مون پنھنجي ڄمار ۾ گهٽ اهڙا ماڻھو ڏٺا آهن، جيڪي ايترا هاڪاري سوچ رکندڙ، مھربان ۽ مانائتا هجن. سدائين ڌيرج سان ڳالھائيندي نظر ايندا هيا ۽ اها سندن وڏي خوبي هئي.
مانواري ولي رام ولڀ پنھنجي تخليقي ڪم، نوڪري ۽ زندگيءَ جي ڪمن ڪارين ۾ مصروف رهندي بہ پنھنجي ٻارن جي پالنا ۽ تربيت ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رهيا. هڪ گهر جي وڏي کي ڪيئن هئڻ گهرجي، ٻار جي ڪھڙي ريت اخلاقي تربيت ڪجي ۽ هن کي هڪ فعال ۽ مثبت فرد/ شھري بڻائجي، اهي گڻ مانواري ولي رام ولڀ مان سکڻ ۽ پرائڻ گهرجن.
سنڌي ادب ۾ سندن ادبي پورهيو کين وقت جي تاريخ ۾ سدائين امر رکندو.

شبنم گل

دادا ولي رام ولڀ
ٿر جو ڄائو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سڃاتو ويو، پنھنجي تعليم جي شعور کي پاڻ تائين محدود نہ ڪيو پر مختلف ٻولين جي ادب کي پنھنجي قابليت عبور سان سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو، کين ننڍپڻ ۾ اهڙا قابل استاد مليا، جن کين خود ڏنو يا هنن پاڻ انھن کان متاثر ٿي هن قلم ذريعي پاڻ کي مڃرايو. اردو ادب ۾ ماسٽر ڪئي، سنڌي ۾ پڻ بقول ڪنھن جي ٻين ٻولين جي ڪتابن کي ترجمي ڪندڙ کي جنھن ٻولي ۾ ترجمو ڪيو ٿو وڃي (سنڌي) ان تي مڪمل عبور هجي. بلڪل دادا جن ائين ڪيو. هي جڳت مسافر خانو آهي، هت قائم نہ ڪنہ جو ٺڪاڻو آ، پر ڪنھن ڪنھن ماڻھو منجهہ اچي بُوءِ بھار جي. دادا ولي رام ولڀ جي قلم جا ماڻڪن مثل لفظ نہ صرف سنڌي ادب جو سرمايو آهن، پر تاريخ جو حصو پڻ. قرة العين جي ڪتاب جو پھريون ترجمي ڪندڙ جو شرف بہ کين حاصل رهيو. دادا جن هن ننڍڙي ديش مان ڀلي موڪلايو آهي، پر دلين ۾ سدائين پنھنجن پراون جي سمايل رهندا. پرماتما کي پراٿنا آهي تہ کين موکش ۾ ڏين.

هري اوم شانتي، پريوار لاءِ آشيرواد
ڪملا پونم، مٺي ٿرپارڪر

هي بابا جو مون کان وڇوڙو نہ پر هڪ ميلاپ آهي. جيئري تہ اسان هڪ perfection ٽائم ڪڍي ڪجهہ گهڙيون ملندا آهيون، پر سچ پچ ڄڻ سموري شخصيت سان پيو ملجي.
منھنجي بابا سان ملاقات هڪ ڪتاب جي سلسلي ۾ ’هندو ڌرم جو فلسفو‘ لکڻ جي دوران ٿي ۽ پوءِ ائين بابا مون کي ملي ويو. هي هڪ خوبصورت موقعو هوندو آهي، جڏهن توهان جي ملاقات زندگيءَ ۾ ڪنھن اهڙي شخصيت سان ٿئي، جيڪو ٻاهران پيار ڪرڻ وارو هجي ۽ سندن نظر دوربينيءَ وانگر Seen ڪندي هجي.
مون کي بابا جي خوشبو سندس پريوار مان محسوس ٿي آهي.

پشپا ڀوتراڻي

سائين ولي رام ولڀ سان منھنجي 1980ع کان ڄاڻ سڃاڻ ٿي، جيڪا زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين قائم رهي. هُو، اسان جو محسن ۽ سونھون هو. سنڌي ادب ۾ ترجمي، تخليق، ايڊيٽنگ ۾ ولي رام ولڀ جون بي مثال خدمتون رهيون. دنيا جي بھترين تخليقي ادب کي ناول، افساني توڙي شاعري کي ولي رام ولڀ شاندار طريقي سان سنڌي ٻوليءَ جو ويس ڍڪايو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي شاهوڪار ڪيو. مھراڻ رسالي، آرسي ۽ سنڌي ادب ۾ پڻ ظفر حسن ۽ ٻين ساٿين سان گڏجي بھترين ايڊيٽر جو ڪردار ادا ڪيو.
ولي رام ولڀ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ بيورو آف ڪريڪيولم لاءِ درسي ڪتابن ۽ نصاب جي سڌارن ۽ واڌارن لاءِ پڻ اسان سان گڏجي ڪم ڪيو.
2002ع سنڌي نصاب ٺاهڻ ۾ پڻ اسان سان گڏ نصاب ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو. 2005ع ۾ نئين نصاب ۾ روشني ۾ وڌيڪ سنڌي ٻوليءَ جي ڪتابن لکڻ ۾ پڻ ڀاڱي ڀائيوار هيو. اسان گڏ هئاسين منھنجي سائين سان آخري ملاقات جون 2023ع ۾ پشپا ولڀ جي ڪتاب جي پڌرائيءَ جي موقعي تي ٿي.
هُو، نھايت انسان دوست، وطن دوست انسان هو. سندس خدمتون سدائين زندھہ رهنديون.
ولي رام ولڀ جي وڇوڙي سان سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو وڏو نقصان ٿيو آهي. ڪمليشور ۽ ٻئي اولاد کي اللھ سائين صبر جي توفيق عطا فرمائي.

ادريس جتوئي

ولي رام ولڀ سنڌي ادبي دنيا جو هڪ انمول هيرو هو، هن جون سنڌي ثقافت تاريخ ۽ نثر لاءِ ڪيل خدمتون ڪڏهن بہ وساري نٿيون سگهجن. هن جا لکيل ڪتاب، ايڊيٽر طور جاري ڪيل رسالا ۽ ادبي موضوعن تي لکيل مقالا سنڌي ادب جو وڏو خزانو آهن، جنھن کي سنڀالڻ جي ضرورت آهي. اميد تہ سائين جن جو اهو مواد جيڪو اڃا ڇاپي هيٺ نہ آيو آهي، اسان جا ادبي ادارا اهو مواد ڇپائي سنڌي ادب ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندا.
ولي رام ولڀ جي وفات تي اسان سندس پونئرن سان دل جي گهراين سان تعزيت ڪريون ٿا.
مختيار علي انڙ، مھراڻ يونيورسٽي
سائين ولي رام ولڀ هن دؤر جو اهو مھان ماڻھو هو، جنھن ٻاروتڻ ۾ هندو مسلم فساد ۽ نفرتون ڏٺيون، پنھنجي وت کان بہ مٿي سنڌي ادب ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. آخر ۾ هن معاشري جي ڀڃ ڊاھہ جو بہ شاهد رهيو. بس هڪ رنگ برنگي دورن جو شاهد ۽ تجربا رکندڙ انسان، الوداع ڪري ويو.

پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر

سائين وليرام جو وڇوڙو سنڌي ٻولي، ادب خاص ڪري سنجيدہ روين جي وڏي کوٽ رهندي. هن سڄي ڄمار گهڻيون دعوائون ۽ ڏيکاءُ ڪرڻ کان گهڻو ڏور رهي، جيڪو علمي ادبي ڪم ڪيو اهو بي مثال ۽ اسان لاءِ سرمايو آهي. هن جيڪو ادب سرجيو اهو هڪ رڪارڊ آهي، پر هيءَ بہ هڪ حقيقت اهي تہ هن جيڪو عالمي ادب مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري اسان جي سامھون آندو آهي، اهو نہ رڳو هڪ شاندار چونڊ آهي، پر انھن ڪتابن کي پڙهي اسان جا ڪيترائي اديب سيڙهيون سمجهي اڳتي وڌيا. ڇاڪاڻ تہ سندس مطالعو نہ رڳو گهڻو هو، پر بنھه مٿاهون هو، سائين ولي رام تخليق، ترجمي ۽ شعوري سگهہ جي لحاظ کان سگهارو شخص هو. شخصي لحاظ کان بہ هڪ وڏو ماڻھو هو، ننڍي وڏي سان بنا فرق ملڻ، ڪچھريون ڪرڻ هر هڪ ياد ڪندو. ساڻس جڏهن بہ ملاقات، ڪچھري ٿي تہ وٽانئس ڪجهہ پرائي نڪربو. سائين ولي رام کي سڄي سنڌ سدائين ياد رکندي.

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

هڪ املھہ انسان جو وڇوڙو، ولي رام مون کي پھرين ڪچھري ۾ ئي پنھنجو ڪري ڇڏيو هو. جڏهن 1984ع ۾ مان پھريون دفعو اياز گل سان گڏ سندس چيمبرز ساڻس ملڻ ويو هوس. اياز گل مون کي وٽس وٺي هليو هو. ماٺيڻي سڀاءُ وارا ماڻھو مون کي وڻندا آهن، هي تہ صفا مٺڙو ماکي جھڙو لڳو هوم.
سندس وڇوڙي سبب سنڌي ادب ۾ هڪ خال پيدا ٿيو آهي، سندس سڀاءُ جھڙا ماڻھو ڪي ورلي ملندا. خدا سندس مغفرت فرمائي.

ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو

موت برحق آهي، هر ڪنھن کي هڪ ڏينھن وڃڻو هوندو آهي، پر ڪجهہ ماڻھو ڪجهہ ڪردار ڌرتي تي ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن، جيڪي پنھنجي املھہ ڪردار ذريعي هڪ تاريخ جوڙيندا آهن، اها تاريخ سماج کي اڏڻ جي هجي تہ انھي ڪردار جي مڪافت، تاريخ جو سونھري باب بڻجي ويندي آهي، ٿر ڄائو سائين ولي رام ولڀ، سنڌ جو نالي وارو ادبي هجڻ سان گڏ علمي ادبي شخصيت جي پنھنجي جوهر ۾ اهڙو مانائتو ڪردار هو، جنھن جو سنڌي ادب ۾ سندس وڇوڙي سان پيدا ٿيل خال ڀرجڻ مشڪل آهي. هو نہ رڳو ٿري هجڻ ۽ مٺي واسي هجڻ نالي ٿر جي مٽي جي سڃاڻپ ٿيو، پر سائين ولي رام ولڀ سنڌي ادب جي جنھن خاموشي سان ۽ وڏائي سان پنھنجي صدي جو هڪ مشڪل دور ۾ ڪردار ادا ڪري جيڪا خدمت ڪئي آهي، سچ پچ اسان سنڌ واسين لاءِ قابل فخر آهي. ولي رام ولڀ صاحب ڪيترائي ڪتاب، مضمون لکڻ سان گڏ ڪھاڻيون لکڻ شاعري ڪرڻ ۽ ترجما ڪرڻ سان گڏ آرسي رسالي کي سنوارڻ سميت هڪڙي دور ۽ سنڌ سنوارڻ جو سھڻو ڪردار ادا ڪري بنا ڪنھن وڏائي ۽ تڪبر، غرور جي پنھنجي حصي جو ڪيل ڪم ڪري تاريخ جو سونھري باب بڻجي ويو. اڄ سندس تڏي تي ٽيجهي جي رسم ۾ حيدرآباد پھچي ڌڻي در اها ئي دعا آهي مالڪ ڪمليش ۽ سندس پريوار کي اها سگهہ ڏي جو هو سائين ولي رام ولڀ جي ’علم‘ ادب جي روائن ڪيل واٽ کي سنڀالي هلن.

کاٽائو جاني

سائين ولي رام ولڀ صاحب اسان جي جديد سنڌي ادب جو هڪ املھہ ماڻڪ ۽ ترقي پسند، روشن خيال، انسان دوست لاڙن کي سگهہ بخشيندڙ سرموڙ Pioneers ۾ شمار ٿئي ٿو. سندن سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ خاص طور عالمي پايي جي ادب کي ترجمو ڪرڻ واري خوبي/ ڪم هم عصر سنڌي ادب کي بين الاقوامي ‘Dimension’ ۽ ان سان ڳانڍاپي جو هڪ اهم ذريعو رهيو آهي. سندن وفات سان اسان جي ڌرتي هڪ اعليٰ قدرن جي مھندار، خوش اخلاق، صبر سان اڻ ٿڪ محنت ڪندڙ، هڪ شفيق ۽ معاون انسان کان خالي ٿي وئي آهي. سندس چاهيندڙن ۽ ڪٽنب وارن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

امداد چانڊيو، حيدرآباد

سائين ولي رام ولڀ، سان منھنجي ڪڏهن بہ ملاقات نہ رهي، پر سندن ڪردار تي ڪير سنڌ دوست انسان وساري نٿو سگهي. سندن ڪردار سان سٿرو، سنڌ دوست انسان دوست رهڻ ۽ پاڻ صاحب ڪردار انسان هئا. سندن وڇوڙو سنڌ لاءِ وڏو نقصان سمجهان ٿو. سندن خال صدين تائين ڀرجڻ مشڪل آهي. آءٌ سندس خاندان سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان.

امير علي ٿيٻو، جنرل سيڪريٽري، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي

سائين ولي رام ولڀ جي چالاڻي تي بيحد دل اداس آهي. مون کي ايس. ايم. ايس ۾ جيئن صبح سوير خبر ملي تہ آءٌ سندن آخري ديدار ڪرڻ تڏي تي پھتو هئس. معصوم ۽ مرڪندڙ چھرن (ڊاڪٽر مرلي ۽ ڊاڪٽر ڪمليش) تي ڏک ۽ غم جي شديد ڪيفيت مون کي ويتر ڏکارو ڪري ڇڏيو هو.
سائين وليرام، اسان کي ٿر سان واسطو رکندڙ اديبن ۽ عالمن جو رهنما ۽ سونھون هو. منھنجي ساڻن واقفيت روبرو 2009ع ڌاري ٿي هئي. پوءِ اهو رشتو پنھنجائپ ۾ بدلجي ويو. ساڻن ڊگهيون ڪچھريون ٿينديون هيون، جن ۾ تمام گهڻو سکڻ لاءِ ملندو هو.
اسان کي خوشي ٿيندي هئي تہ، ٿر جو برک عالم، سنڌ جي تمام وڏن ادبي ادارن ۾ مکيہ عھدن ۽ بورڊ آف گورنرس جو ميمبر رهيو. هن مون سميت سمورن نوجوانن کي هميشہ علم ادب جي ميدان ۾ تمام گهڻو همٿايو. ساڻن آخري ملاقات ادي پُشپا ولڀ جي ڪتاب جي مھورتي تقريب، حيدرآباد ۾ ٿي هئي. پاڻ گهڻي دير ويھڻ ڪري ٿڪجي چڪا هئا. ان ڪري ٻئي ڀيري ملاقات جو چئي کانئس موڪلايو هومانس.
جڏهن ڊاڪٽر ڪمليش پڙهائيءَ خاطر ٻاهر ملڪ، شايد ڪئناڊا، ۾ هو. ان دوران پاڻ مون کي گهرائيندو هو ۽ اتي رڳو ادب، سندن ادبي پورهئي، عالمن سان خط و ڪتابت تي ڪچھري ٿيندي هئي. ان دوران سندن شاهڪار ڪتاب ’کير ڌارا‘ ڇپائيءَ لاءِ تيار ٿي رهيو هو. انھن ڪچھرين دوران ائين محسوس ٿيندو هئم تہ، ٿوريءَ دير لاءِ ڪافڪا، سارتر، البر ڪامو، قرة العين حيدر، امرتا پريتم ۽ ٻيا اعليٰ پايي جا عالمي سطح جا اديب منھنجي اکين اڳيان ڳالھائيندا هجن. ڪھڙيءَ ريت حيدرآباد ڄائي ’سيتا ميرچنداڻي‘ تي لکيل ناول ’سيتا هرن‘ جي سنڌي ترجمي تي قرة العين کيس داد ڏنو هو ۽ ڳالھين جو طويل سھڻو سلسلو هلندو هو، منھنجا خوشنصيب ڪَنَ، جيڪي اهڙيون ڳالھيون، حڪايتون ۽ افسانہ ٻڌڻ لاءِ پُنر جنمن کان ترسندا هئا، تن کي هڪ منفرد ۽ يگاني عالم جي صحبت ۽ شفقت ملڻ مون لاءِ ڪنھن نعمت کان گهٽ نہ هئي. جڏهن بہ پاڻ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي آفيس ايندا هئا، تہ واپسيءَ دوران reception وٽ بيھي، مون کي گهرائيندا هئا ۽ شفقت ۽ پيار ڏئي پوءِ هليا ويندا هئا.
سندن وڇوڙي سان سنڌ هڪ يگاني، منفرد ۽ اعليٰ پايي جي عالم، اديب ۽ ترجمي نگار کان محروم ٿي وئي آهي. ڀڳوان در وينتي آهي تہ سندن روح کي شانتي ملي ۽ ڊاڪٽر ڪمليش ۽ ڊاڪٽر مرليڌر صاحب سان بہ اُهو ئي پنھنجائپ وارو رستو قائم رهي.

تولارام سوٽھڙ، سائين جو هڪ ڏکارو شاگرد

سائين ولي رام ولڀ سنڌ جو اهو ناميارو دانشور، اديب ۽ مترجم ۽ بھترين ملنسار انسان هئا، سندس ترجمان سنڌي ادب جي جهول ۾ معياري ادب جي کوٽ کي ڪنھن حد تائين پورو ڪيو. سائين جو جنم مٺيءَ ۾ ٿيو ۽ مٺيءَ لاءِ مشھور آهي تہ مٺيءَ جا ماڻھو ڏاڍا مٺا ۽ ملڻسار ۽ مھان نواز هوندا آهن، ايئن ئي سائين جي شخصيت کي ڏٺوسين. سائين وليرام ولڀ ڪيولرا ملڪاڻيءَ جو ڪتاب ”سنڌ ڪھاڻي“ ترجمو ڪيو، جيڪو انتھائي بھترين ڪتاب آهي ۽ ان کان علاوه پاڻ ادب جي مختلف صنفن تي بہ لکيو آهي. اسان نوجوانن کي سدائين لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ همٿائيندو رهندو هو. سندس وڇوڙو سنڌي ادب ۽ سنڌ لاءِ هڪ خال ۽ هاڃي مثل آهي. سائين سموري زندگي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب لاءِ جاکوڙيو، لکيو ۽ ترجما ڪيا، اهڙن ئي امر ڪردارن لاءِ لطيف سائين لکيو آهي ته:
جان جان هئي جيئري، ورچي نہ ويٺي،
وڃي پونءِ پيئي، ساريندين کي سڄڻين. ]شاھہ لطيف[

سارنگ جويو

جنين ساھہ سريکي سنڌ اها مٽي لھي مان،
ٻولي جن جي ٻهڳڻي سمجهن ساھہ سمان،
ڀيٽي ڏسو ماڻھو سڀ مترجم مھان
ڪٿي ٻيو ترجمان اهڙو عالمي ادب جو

هيمن چنداڻي

سنڌ ڌرتي ڪيترائي مھان ودياوان عالم اديب پيدا ڪيا آهن، جن جي سڳنڌ سرهاڻ هن ڌرتي جون سرحدون اورانگهي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پھتي، اهڙن مھان هستين مان سائين ولي رام ولڀ بہ هڪ هئا. مٺي ڄائي هن موتي مھان انسان سنڌي ادب توڻي جڳ جهان جي ادب کي سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪري جرڪائي ڇڏيو. سڄي زندگي هڪ کليل ڪتاب آهي، جيڪو سوچ ۽ فڪر سان ڀريل آهي. سندس والد صاحب ڪيول رام پوليس ۾ نوڪري ڪندي چيلھار ۾ سائين رائچند راٺوڙ سان هن جو واسطو ٿيو ۽ هن پنھنجي اولاد ۾ اهي انسانيت جا گڻ پيدا ڪيا، ذات پات کان مٿاهون انسان آهي. انھي حوالي سان سائين مذهب ۽ ذات پات کان مٿاهون ٿي اهو پنھنجي قلم جي نوڪ سان ڪوري ڪڍيو، جنھن سڀني جون دليون جيتي ورتيون. سائين جو نالو جيسين هي دنيا قائم ۽ دائم آهي، تيسين هن ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳائبو رهبو.

هيمنداس چنداڻي، مٺي ٿرپارڪر

تمام افسوس سان لکڻو پوي ٿو جو اڄ وليرام ولڀ جھڙي شخصيت اسان جي وچ ۾ ڪونہ آهي. اهڙا ماڻھو دنيا ۾ گهٽ پيدا ٿيندا آهن. هي هڪ مُدبر ۽ سنڌي ادبي ۽ سنسڪرت جي ڄاڻ رکندڙ شخص هو. هن جو تعلق اسان جي شھر مٺي سان هو. مون کي وڏو فخر آهي جو هن جو تعلق اسان جي وڏن سان تمام ويجهو گِهرو هو. هن کي سنسڪرتي زبان جي تمام سُٺي ڄاڻ هئي. سنڌي ادب سان واسطو تمام گهڻو هو. هي جسماني طور ضرور اسان کان پري ٿيو آهي، پر روحاني طرح هميشہ زندھہ رهندو. اسان جي دعا آهي تہ ڀڳوان هن کي جنت ۾ جاءِ ڏيندا. هن جي خاندان کي پويان همٿ نصيب ٿيندي.

ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي، مٺي

سائين ولي رام ولڀ جو وڇوڙو!
وليرام ولڀ جي ادب ۾ تمام وڏي خدمت آهي، سنڌ جا جيڪي نامور اديب رهيا آهن، انھن سائين ولي رام جو نالو نمايان آهي، پاڻ ڪيترائي انگريزي ادب جا ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪيا، ان کان سواءِ ناول، ڪھاڻيون، ادب ۾ شاهڪار ڪھاڻيون آهن. سائين وليرام ولڀ سان منھنجي پھرين ملاقات 2020ع ۾ سائين تاج جويي سان گڏ ٿي، پاڻ شريف سڪوائر حسين آباد، حيدرآباد پنھنجي گهر جي پھرين منزل تي خوب ڪچھري ڪئي. سائين سان ملڻ وقت محسوس ٿيو تہ پاڻ تمام نرم دل، حساس طبيعت رکندڙ ۽ هر ننڍڙي ڳالھہ بہ غور سان ٻڌندا هئا، ۽ مھمان نوازي بہ گهڻي پنھنجائپ محسوس ڪرائيندا هئا. افسوس! اڄ سائين سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو خال پيدا ڪري ويو آهي. اهڙا اديب صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن.

گلشير ڪوريجو، سنڌي ادبي سنگت، حيدرآباد

سائين ولي رام ولڀ هڪ انسان دوست ڌرتي ڌڻي، اديب، انمول انسان هو. هن جو وڇوڙو اسان سنڌ واسين صدمي کان گهٽ ناهي. هن لاءِ اهڙي سنڌ کي سٽ ناهي جنھن سان ملائي لکان. ان لاءِ جيترو لکجي سو گهٽ آهي.

ارڏو اترادي، سنڌي ادبي سنگت، ڪمشور، سنڌ
اڄ سائين ولي رام ولڀ جي پڳڙين (ٽيجهي) واري رسم ۾ شرڪت لاءِ سٽيزن ڪالوني حيدرآباد اچڻ ٿيو، ڪجهہ اڻٽر سببن جي ڪري سندس آخري رسمن ۾ شرڪت نہ ڪري سگهيس، جنھن جو زندگي ڀر ارمان رهندو. سائين ولي رام ولڀ جو وڇوڙو اسان سنڌ واسين، لوهاڻا برادري توڙي ڏات ڌڻين لاءِ وڏو سانحو آهي. سائين ولي رام ولڀ اسان جي سنڌي ادب جو سرموڙ اديب، ليکڪ، مترجم ۽ سرمايو هو. سندس خال ڪڏهن بہ ڀرجي نہ سگهندو.
اسان سائين ولي رام ولڀ جي وڇوڙي تي سندس پونيئرن ۽ سوڳوارن ڊاڪٽر پشپا ولڀ، ڪمليشور، گوري ولڀ ۽ ٻين سان دلي تعزيت ۽ گهري ڏک جو اظھار ڪريون ٿا. مالڪ کيس پنھنجي چرنن ۾ جاءِ ڏي.

ڀارومل پريمي، ليکڪ، سوشل ايڪٽويٽ

سائين ولي رام ولڀ سنڌي ادب جو هڪ مھان نالو، سنڌي ادب جي ايتري سڄاڻ ماڻھن کي نمڻ ارپن ڪجن ٿا. سائين جي آتيما جي شانتي لاءِ هر دم پراٿنا ڪجي ٿي.

ڊاڪٽر اشوڪ ديواڻي، ڏيپلو ٿرپارڪر

سائين وليرام ولڀ سائين جي شفقت سدائين ياد رهندي.
سائين وليرام ولڀ سان روح جو رشتو رهيو آهي، جيڪو ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندو. ادا ڪمليشور، ڪڏهن بہ پاڻ کي اڪيلو نہ سمجهندا. هي فقير سدائين توهان سان گڏ هوندو، پوءِ ڪھڙي بہ حال ۾ هجي.
مالڪ در اها عرضي رهندي تہ توهان کي ڪڏهن بہ ڪوسو واءُ نہ لڳي.

اشوڪ صوفي

سچ تہ سائين وليرام ولڀ جي باري ۾ ڳالھائڻ جي مون کي جرئت تہ نہ آهي، پر دل چوي ٿي تہ گهڻو ڪجهہ لکان.
مون جڏهن ڇھہ ڪلاس ۾ مٺي جي پبلڪ لائبريري ۾ وڃڻ ٿيو، تڏهن کان سائين وليرام جي ڪتاب تي نظر پئي ۽ پوءِ ڪجهہ ڏينھن ۾ رسالي عبرت ۾ ڪالم پڙهڻ سان معلوم ٿيو تہ سائين هڪ هند ۽ سنڌ جو وڏو ماڻھو اِها ڳالھہ 1982ع-1983ع جي آهي، انھي کان پوءِ هڪ دل جي خواهش هئي تہ سائين سان ملاقات ڪجي، پر اها سڪ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ سدائين، سڌيالاجي جا دورا ڪيا ۽ سائين ملاقاتون ڪيون بہ اهو اظھار مون 2023ع ۾ ڪيو تہ سائين مان توهان هڪ عجيب ديوانو آهيان، جيڪو توهان ڪجهہ چوڻ جي جرئت نٿو رکان، پر ٻڌڻ ڄاڻان ٿو. سائين ڪمليشور جي مھرباني جنھن تقريبن ٻہ ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ڪرائي. انھي ملاقات جو مزو ۽ خوشي شايد هتي لکي يا ٻڌائي نٿي سگهجي، پر محسوس ڪري سگهجي. سائين ولي رام ولڀ سان ملڻ هڪ نصيب جي ڳالھہ آهي، جيڪا منھنجي زندگي جي سونھري لمحو آهي.

ڊاڪٽر سُوجومل ميگهواڙ

ڇا لکان
ادب جو گلدستو يا اخلاق جي نرسري
پيار ۽ قرب جو سمنڊ
سائين وليرام ولڀ صاحب پنھنجي پيار ۽ پاٻوھہ جي درياءَ ۾ مون جھڙي الاجي ڪيترن ئي ماڻھن کي سيراب ڪيو هوندو.
ملندا هئاسين تہ خبر ڪانہ پوندي هئي تہ منٽ ۽ ڪلاڪ ڪيترا گذري ويا، سائين پنھنجي دانائي مان موتي پيو ورهائيندو هو. هڪ مڪمل پيار جو وڻ هو، جنھن هيٺ ويھي آنند ايندو هو، سندس سپوتر ڪمليشور بہ سائين کان مليل موتي پيار جا ماڻھو کي اڳتي وڌڻ جا ورهائيندو رهندو آهي. ايشور در اها آواڌنا آهي تہ سائين ولي رام ولڀ صاحب کي سرڳ ۾ جايون ڏي، سندس پونيئرن کي انھي جدائي سھڻ جي شڪتي ڏي.

هري اوم شانتي اوم شانتي
ڌيرائو ماڌواڻي، لعل اسلام ڪوٽ حال، حيدرآباد

ولي رام ولڀ مٺي ڄائو، سنڌ جو وڏو ناليوارو ليکڪ، ترجمي نگار، اديب ۽ شاعر هو، جنھن جي وڇوڙي تي دلي صدمو پھتو آهي. ولي رام ولڀ جون سنڌي ادبي ميدان ۾ تمام وڏيون خدمتون آهن، خاص طور تي مختلف ٻولين جي عالمي ادب کي سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪرڻ سندس وڏي ڪاميابي آهي. ولي رام ولڀ مترجم سان گڏوگڏ ڪھاڻيڪار ۽ شاعر بہ هو. ولي رام جي ادبي ۽ علمي خدمتن کي سنڌ جا ماڻھو ڪڏهن بہ وساري نٿا سگهن. ولي رام ولڀ بھترين ليکڪ سان گڏوگڏ هڪ بھترين ڪردار جو مالڪ ۽ شخصيت هو. هميشہ نوجوانن کي لکڻ پڙهڻ لاءِ اتساهيندو هو. ولي رام ولڀ حيدرآباد کان جڏهن مٺي ايندو هو تہ سنڌي ادبي سنگت شاخ مٺي جي گڏجاڻين ۾ نہ رڳو شريڪ ٿيندو، پر اسان جي ڀرپور رهنمائي ڪندو هو. آئون ان وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ مٺي جو سيڪريٽري هوندو هوس. اسان سنڌي ادبي سنگت پاران سائين ولي رام ولڀ سان هڪ تاريخي ۽ شاندار شام پڻ ملھائي هئي. ولي رام جو تمام وڏو ادبي پورهيو آهي، جنھن کي سنڌ هميشہ ياد ڪندي رهندي. اسان ولي رام جي وڇوڙي تي سندس خاندان سان ڏک ۾ برابر شريڪ آهيون. دعاگو آهيون تہ ڀڳوان پنھنجي چرنن ۾ جاءِ ڏي.

نند لال مالھي، مٺي

سائين ولي رام ولڀ
هڪ عظيم شخصيت سان گڏوگڏ سنڌ جو هڪ ماڻڪ موتي هو. هڪ باشعور، اعليٰ تعليم يافتہ هڪ ليکڪ ڄڻ هڪ پورو انسان هيو. سائين جو سرڳ ڏانھن سفر اسان جي هن ڌرتيتي هڪ خال ڇڏي ڏنو آهي. جيڪو شايد صدين تائين ڀرجي نہ سگهي.
ڌڻي در پرارٿنا آهي تہ سائين کي پنھنجي چرنن ۾ رکي.

ڊاڪٽر پورن ڪمار ڪوهستاني

مسٽر وليرام ولڀ عظيم انسان، تمام هوشيار ۽ بھترين ماڻھو، مٺي جو هجڻ ڪري مون کي ان تي فخر آهي، ايشور آتما کي ست گتي پراپت ڪري.

ارجن ڪمار آسناڻي

سائين ولي رام ولڀ 1941ع ۾ اهن ننگري مٺي ۾ ڄائو ۽ 2023ع ۾ هوائن جي شھر حيدرآباد ۾ پنھنجي جيون جو سفر انت آندو، سائين انھي عرصي ۾ شاندار زندگي گذاري ويو. تمام سھڻي انداز ۾ رشتا ناتا سنڀاليا. ادبي سفر ۾ ترجمي نگار، ليکڪ مطلب تہ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ رهيو. ادب جي خدمت جو مثال اهو آهي تہ گهڻي عرصي کان لکندو رهيو ۽ ڪا وڏي هام نہ هنيائين، دعويٰ نہ ڪيائين تمام صاف سٿري زندگي گذاري مالڪ ڌر اداس آهي تہ سائين وليرام ولڀ صاحب جو اهو سفر سڦل ڪري آتما کي شانتي ڏي. هري اوم

شانتي
رام ساگر

ولي رام سائين

انساني زندگي مختصر آهي، پر سچي دل سان ڪيل پيار جو پورهيو امر آهي. اوهان جو ڪم، اوهان جو، پنھنجن ماڻھن سان قرب، مٽي سان محبت امر آهي. اوهان مون کي سدائين اُتساهيو، سدائين پيار ڏنو، سدائين رهنمائي ڏني.
دل سان شراتانچلي ارپڻ آيو آهيان. شال قبول پوي.

ڀارومل امراڻي، چيلھار، اوهان جو شاگرد

سائين ولي رام ولڀ سان منھنجو تعلق 1984ع کان هو، سائين سان منھنجو تعلق انتھائي پنھنجائپ، پيار، سڪ ۽ علمي هو. ولي رام صاحب، نماڻو، سٻاجهڻو، سادو، دور انديش، علم ۽ ادب جو وڏو ڄاڻو هو ۽ سائين وڏو بھادر ۽ Resilion ماڻھو هو. ولي رام صاحب جون علمي ادبي خدمتون ڪنھن کان بہ ڳجهيون ناهن. سائين جي ترجمن جي سليڪشن جو ڪو مثل نہ آهي.

وجئہ منڌاڻ

جان جان هئي جيئري ورچي نہ ويٺي
وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.
سائين ولي رام جو وڇوڙو سنڌ پرستين ۽ ادب دوستن ساڃاھہ وندن لاءِ انتھائي ڏکوئيندڙ آهي، سندس جي وڇوڙي سان هي خال ڀرجي نہ سگهندو.

عابد لغاري, يوگا,راڻي باغ، حيدرآباد

ماڻھو سڀ نہ سھڻا پکي مڙيو ئي نہ هنج
ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجهہ اچي بوءِ بھار جي.
بھار جھڙو خوشبو رکندڙ عظيم انسان محترم ولي رام ولڀ جي ديھانت جو ٻڌي دلي صدمو محسوس ٿيو.
ولي رام ولڀ جھڙا عظيم ۽ آدرشي انسان سالن ۾ نہ، پر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. سندن وڇوڙي سان سنڌي ادب ۾ پيدا ٿيل خال ڀرجڻ ۾ ڪيئي سال لڳندا.

ڊاڪٽر اشوڪ چنجلاڻي

مٺيءَ شھر جا هونءَ تہ تمام گهڻا حوالا آهن، پر هي شھر علم، ادب، آرٽ ۽ موسيقي جي حوالي سان تمام گهڻو Rich شھر رهيو آهي. مٺي شھر جو هڪڙو نالو وليرام ولڀ هو، جيڪو سراپا عشق هو، مٺي جي سڃاڻپ هو، جنھن سنڌي ادب ۾ پنھنجو نالو جرڪائي ٿر کي سموري دنيا ۾ سڃاڻپ ڏني. وليرام ولڀ سان منھنجي تمام گهڻي نيازمندي رهي آهي. مختلف وقتن تي حسين آباد واري گهر وڃڻ ٿيندو هو. علم ادب سان وابستگي هجڻ سبب هو مون کي تمام گهڻو ڀائيندو هو. جڏهن گذريل ڏينھن سائين وليرام جي وڇوڙي جي خبر پئي تہ دل ڏکاري ٿي پئي. مٺيءَ شھر سوڳوار بڻجي ويو، سنڌ ۾ سائين ولي رام سان محبت ڪندڙ ماڻھو ڏکارا بڻجي ويا. هن سال مٺي شھر جا ٻہ وڏا ماڻھو اسان کان وڇڙي ويا، هڪڙو ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي ۽ ٻيو سائين ولي رام ولڀ. هنن ٻن Learned ماڻھن جھڙا وري پيدا نہ ٿيندا. سندن وڇوڙي جو ڏک هميشہ دل ۾ موجود رهندو.

دولت رام کتري

هي زندگي هڪ ڏينھن ختم ٿئڻي آهي، پر اسان جو ڪردار ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندو آهي. لطيف سائين فرمايو آهي ته:
جا ڀون پيرين مون، سا ڀون مٿي سڄڻين،
ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾ اڀي ڏٺاسون،
ڏينھن مڙئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي.
هن زمين تي ڪيترائي انسان آيا مري ويا، پر تاريخ جو حصو اهي ٿيا، جن ڌرتي جي ماڻھوءَ سان نڀاءُ ڪيو ۽ پنھنجي تاريخ پاڻ جوڙي. اهي ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيڻا آهن. آئون ڪيترا ڀيرا سوچيو تہ سائين ولي رام ولڀ سان ملان پر عجيب ڳالھہ آهي تہ سائين سان زندگي ۾ نہ ملي سگهيان سين. اڄ تاريخ 2023-10-29 آئون ڪراچي ۾ هئس تہ منھنجي دوست سارنگ ٻڌايو تہ سائين ولي رام ولڀ هي جهان ڇڏي اسان کان وڇڙي ويو آهي. اسان طئي ڪيو تہ سائين تڏي تي پھچي عزيزن سان ملجي. جنھن ياسين بهڻ ۽ سڪندر اوٺو ۽ آئون سارنگ سان گڏي پھتاسين. آخر ۾ اهو چوندوس سائين سنڌ لاءِ جيڪو ڪم ڪيو آهي، سائين پنھنجي تاريخ ڇڏي ويو. سائين جو ڪم نہ وسرندڙ آهي، جيڪو تاريخ جي صفن ۾ هميشہ زندھہ رهندو.

محب آزاد ايڊووڪيٽ، سنڌ سجاڳي فورم

ولي رام ولڀ جي دهيانت جي خبر ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ اُن کان وڌيڪ افسوس ٿيو جو ادب جي دنيا ۾ هو منھنجو استاد هو، هڪ وڏو تاريخدان ۽ وڏو مودي ۽ وڏو اديب ۽ شاعر رڳو سنڌ جو نہ پر هنڌ جو بہ وڏو اديب هو. اسان اڄ هڪ عظيم انسان کان محروم ٿي وياسين. ڇو جو اهڙا ماڻھو وري صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. مالڪ هن کي جنت ۾ جائي ڏي ۽ پونيئرن کي هن ڏک سھڻ جي طاقت فرمائي. آمين.

مسٽر ۽ مسز قيمت سنڌي

سائين ولي رام ولڀ سان ملاقات سندس ڪتابن ۽ ترجمن جي ذريعي ٿي، جڏهن آئون پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهندو هئس، سائين کي منھنجو والد صاحب تمام چڱي نموني سڃاڻيندا هئا. منھنجي ساڻن ڪڏهن ملاقات نہ ٿي، حالانڪھ ارادو هو، ڀڳوان کيس شانتي ڏي.

ڊاڪٽر مبارڪ حسين نوھڙيو، نيورو سرجن، لمس ڄامشورو

اي ڌرتي توکي پيٽ ڏنا، ڪنھن لڙڪ ڦرا ڪنھن ماڪ ڦڙا
جن توکي پنھنجو جيون ڏنو سي پنھنجو پاڻ ملھائي ويا. (اياز)
-

آيو آهين ڪارڻ ڪُجھہ، ڪري وڃج ڪي ڪارج
’نيڻو‘ آهي ڪو ڇڄ، ڍوري هل ڏک سُک سنسار جا (سنت نيڻورام)
سائين ولي رام ولڀ جي ڄڻ گهر ۾ پلياسين، ناناڻا هئا سائين سان زندگي جو لمبو ساٿ ئي رهيو، هميشہ ٻُڌندا ۽ گڻ ڳوليندا رهياسين ۽ گهڻو ڪجهہ پرايوسين، سست نيڻورام صاحب جا نسخا لکندو هوس تہ اهو ئي چوندو هيو تہ سلام ڪوٽ ۾ سنت پيدا ٿيو اُتائين گل ڦٽن ٿا....! هري اوم شانتي شل آتما کي پر ماتما آنند ميہ رکي....

هيمن موٽواڻي، ڪراچي

سائين ولي رام ولڀ کي اسڪول ۽ ڪاليج واري زماني کان پڙهندا آيا آهيون. هو سنڌ جو هڪ مايا ناز اديب هيو ۽ ان جون سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتون هميشہ ياد رهنديون. سندس صالح پٽ انجنيئر ڪمليش ور اسان جو ڪلاس فيلو ۽ محبتي دوست آهي.

It is really sad to about the death of saen wali ram valib. May his soul rest in peace and give patience to his family to bear the loss.
My heart felt and deepest... ten cas wth Engineer Kamleshwar and his family. Regards,
Engr. Yousif Rustamani (90EL68)
Engr. Raja Asghar Ali (90EL62)

محمد اسماعيل لغاري

ڪي ماڻھو پنھنجي سڀاءُ ۽ ڪردار ۾ املھہ موتي مثل هجن ٿا. سائين ولي رام ولڀ سنڌي ادب جي کيتر ۾ اهڙو ئي هڪ ڪردار رهيو، جنھن جي منھن تي مرڪ مزاج ۾ شائستگي ۽ ڪردار ۾ پاڪائي سندس شخصيت مان پئي لڳندي هئي. هن جو ادب سان لڳاءُ ان حد تائين هيو جو آخري گهڙين تائين بہ هن ادب جو ساٿ نہ ڇڏيو. سندس لکڻيون ترجما ۽ ايڊيٽر وارو سندس پورهيو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ الڳ حيثيت بخشين ٿا. سنڌ سندس ادبي پورهئي ۽ خدمت کي صدي تائين ياد رکندي.

انعام ڀٽي

سائين ولي رام ولڀ صاحب
نھايت ئي شفيق ۽ محبت ڪندڙ انسان هئا. منھنجي انھن سان گهڻي ملاقات تہ نہ رهي پر جڏهن بہ ڪنھن موڙ غمي يا خوشي ۾ ملاقات ٿي تہ مون سائين جن کي هڪ بھترين ۽ محبت ڪندڙ انسان ڀايو ۽ محسوس ڪيم تہ سائين جن هر ماڻھو سان انھي طريقي سان رويو رهيو. سائين جن جو وڇوڙو شايد ..... ياد رهي. سندن خال تہ ڀرجڻ جو نہ آهي. اسان سندن پونئرن سان هن ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، .... سائين جن جي پريوار کي هي ڏک برداشت ڪرڻ جي همٿ ڏي.

تلسيداس لوهاڻو، ٽنڊو محمد خان

دادا وليرام دشتي جي لحاظ سان ’ڀيڻئو‘ هئا، پر آءٌ جي وڏو ڀاءُ چوان تہ بہ گهٽ نہ. انھي جا قرب وسارڻ جھڙا نہ آهن، سائين جو منھنجي سڄي اولاد پوٽن پوٽي ساڻ پيار گهڻو. لکان پر اکيون لکڻ نٿيون ڏيندا. منھنجي پرماتما کي اداس آهي، انھي جي آتما کي شانتي ملي.

داس چيتن يوڌناڻي

سائين ولي رام ولڀ سان 1991ع ۾ پھرين ملاقات ٿي ۽ پوءِ سندس پيار ۾ جڪڙجي رهجي ويس. انتھائي شفيق، پيار ڪندڙ ۽ همدرد انسان اڄ مون کان تہ ڇا سنڌ کان پري هليو ويو. سنڌ جيڪا سندس دل ۾ ڌڙڪندي هئي، سنڌي ادب کي ترجمن جي صورت، شاهوڪاري بخشيندڙ، ادب کيتر جو وڏو نالو دوستن جي سار لھندڙ ولي رام ولڀ جھڙا انسان هزارن سالن بعد ڄمندا آهن. هر ڪنھن کي عزت ڏيڻ وارو انسان هو.

رمضان ٻرڙو، دولتپور

سائين ولي رام ولڀ نہ هڪ سٺو اديب هيو، پر هڪ سٺو انسان بہ هيو. سائين جو سنڌي ادب ۾ سٺو ڪردار رهيو آهي. ڌڻيءَ در دعا آهي تہ سائين ولي رام ولڀ جي مغفرت فرمائي ۽ آخرت ۾ آساني ڪري آمين.

محمد امين جوڻيجو، مستد

مرحوم سان منھنجي ملاقات ننڍپڻ ۾ پنھنجي نانا مرحوم انور هالائي سان گڏ سائين مخدوم طالب الموليٰ صاحب جن جي حويلي هالا ۾ ٿي هئي. اها ملاقات مون کي سرسري ياد آهي، مرحوم جو فرزند ڊاڪٽر ڪمليشور لوهاڻا صاحب اسان جو colleague آهي ۽ اميد آهي تہ اللھ پاڪ سائين جن کي ۽ سندن خاندان کي صبر جميل عطا فرمائي ۽ مرحوم جا درجات بلند فرمائي (آمين). سائين جو Loss سنڌي ادب لاءِ هڪ وڏو Loss آهي.

ڊاڪٽر قاضي محي الدين، مسٽڊ

آءٌ سائين ولي رام ولڀ کي پھريون ڀيرو سنڌالاجيءَ ۾ ڏٺو هو ۽ پوءِ ٻيو ڀيرو سائين ظفر حسن سان گڏ ڏٺو هو. پوءِ مون سندس ۽ سائين ظفر حسن جي ايڊيٽرشپ ۾ ’آرسي‘ رسالي/ ڪتاب ۾ سندس نالو ڏٺو ۽ پوءِ سندس ڪھاڻيون ۽ سندس ترجما پڙهيا. اهڙيءَ طرح سائينءَ سان سٻنڌ رهيو. پر ڪڏهن بہ ڪا باضابطه طور ڪا ملاقات يا ڪچھري ڪانہ ٿي.
سندس ڪتاب، ترجما ۽ مضمون ۽ ڪھاڻيون وغيره پڙهيون. ساڻس تعلق ٻولي، ادب، سنڌيت ۽ قوم جو رهيو. سائين پنھنجين لکڻين ۾ زندھہ رهندو.
ڌڻي در دعا آهي تہ کيس سرڳ ۾ جاءِ ڏئي. آمين.

محمد يوسف جويو، ڄامشورو

Man is liable to decay but his fame lives forever
”انسان فاني آ/ ختم ٿيو وڃي، پر هن جي شھرت/ خلوص سدا زندھہ رهندي آهي.“
سائين ولي رام ولڀ پنھنجي محنت، ٻوليءَ جي خدمت ۽ نہ ٽٽندڙ لاڳاپي سبب هميشہ پنھنجي لکڻين، ترجمن ۽ ادبي پورهيي ذريعي بنديل رهندو، ياد ڪيو ويندو، بلڪہ هو هميشہ ادبي کيتر ۾ زندھہ رهندو.
جنھن جو ڪو پڙهندڙ/ اسڪالر يا تحقيق ڪندڙ هن جي لکڻين کي پڙهندو، لاڀ پرائيندو تہ هن جو روح شانتي محسوس ڪندو. هو لوڪ پڌاري بہ لوڪ ۾ آهي. هن جي ذات، ڏانءَ، سڀاءَ کان ويندي ادبي ذائقي ۾ بنھه نرالو هيو. سندس روح جي دائمي سڪون لاءِ دعاڳو آهيان.

نواب علي راهو، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن، ڊاڪار ڄامشورو

سائين ولي رام ولڀ سنڌي ادب جي دنيا جو روشن ستارو هيو، جنھن اسان کي نھايت قيمتي بلڪہ املھہ سوين ڪتاب جهوليءَ ۾ وڌا. سندس وڇوڙو سنڌ جي ادبي دنيا لاءِ تمام وڏو نقصان آهي.

حاڪم منگي، سنڌي ادبي سنگت، شاخ ڏوڪري

ولي رام ولڀ ادب جي دنيا ۽ خاص طور سنڌي ادب جو تمام وڏو ۽ مٿانھين مقام وارو انسان هيو، هن سنڌي ادب کي ڪيترائي املھہ ڪتاب ترجمو ڪري ڏنا. سندس ترجمن سان سنڌ جو عوام عالمي ادب تان نہ صرف متعارف ٿيو، بلڪہ سنڌ جي ڪوڙھہ کاڌل سماج کي لوڏڻ ۽ نئين سوچن کي اڀارڻ ۾ وڏو مددگار ٿيو. سنڌي ۾ عالمي ادب کي متعارف ڪرائڻ ۾ محمد ابراهيم جويو کان پوءِ وڏو ڪم ولي رام ولڀ ڪري سنڌي ادب کي وڏو خزانو ڏنو. انھن ٻن ماڻھن مستقل مزاجي سان ۽ پنھنجو فرض سمجهي غير سنڌي خاص طور يورپ جي شاهڪار ادب کي سنڌي روپ ڏئي سنڌ جي نہ صرف اڄ ۽ ڪلھہ جي پيڙهي کي پر مستقبل جي پيڙهيءَ کي بہ وڏو خزانو ڏنو. هر هڪ انسان جو پنھنجو ڪردار هوندو آهي، يقينن اتي هلي بہ اهڙا وڏا ماڻھو پيدا ٿيندا پر هن وقت تائين ڪو اهڙو اديب ۽ ان جي ساڃاھہ رکندڙ ماڻھو هن وقت موجود نہ آهي.

امداد قاضي، سيڪريٽري جنرل ڪميونسٽ پارٽي پاڪستان
ڏامرو مل، جنرل سيڪريٽري سنڌ هاري ڪميٽي

اڄ پڻ اوطاقن ۾ طلب تنوارين
آديسي اُٿي ويا، مڙيون مون مارين،
جيڪي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا.
ولي رام ولڀ صاحب اسان کان هن دنيا کان موڪلائي ويو، مالڪ حقيقي سان مليو، پر يادون ضرور ڇڏي ويو، وسرندو مور نہ. وڌيڪ مون کي لکڻ ۾ نٿو اچي تہ ڇا ڇا لکان،

نانڪرام تلومل، حال رهندڙ ميرپورخاص، اصل ڳوٺ مٺي

ادا ولي رام ولڀ سنڌ جو انمول تحفو هو، اهڙا هيرا ڪڏهن ڪڏهن وري جنم وٺندا آهن، تمام گهڻو ناياب خزانو سنڌ لاءِ ارپي ويو،
”جنم وٺي وري اچڻو آهي.“

راڻو ريواچند لوهاڻو، جهڏو

ولي رام صاحب جھڙو عمر جي آخري حصي سھڻو سيبتو ۽ خوبصورت انسان هيو، اهڙو ئي اندر جو اجرو ماڻھو هيو. گهڻ رکي شخصيت جو مالڪ جيڪو هڪ وقت تي اديب املڪ، مترجم، ناول نگار، سندس ويجهي مستقبل ۾ ڀرجڻ ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي ڇو جو اهڙي شخصيت جا مالڪ ورلي پيدا ٿيندا آهن.

ڊاڪٽر خوشحالداس ڪلاڻي، حيدرآباد

سائين ولي رام ولڀ صاحب سنڌ جو عظيم اديب، دانشور، مترجم هو. سندس مرتيو سنڌي ٻوليءَ لاءِ تمام وڏو نقصان آهي، پاڻ ايڏو خال پيدا ڪري ويو آهي، جيڪو ڀرجڻ شايد ناممڪن هجي. سندس جدائي جا اثر سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ تي تمام گهڻي وقت تائين رهندا. سندس وڇوڙو نہ صرف سندس ڪٽنب پر سنڌ ڌرتي لاءِ وڏو نقصان آهي. ولي رام ولڀ صاحب وري اسان کان ڳولھيو نہ لڀندو.
اڄ نہ اوطاقن ۾ طالب تنوارين
آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين
جيڪي جيءَ کي جيئارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

ڊاڪٽر ٽيڪچند ٿانوراڻي، ٿاڻو بولاخان

سائين ولي رام ولڀ صاحب سنڌ ادب جو وڏو نالو آهي ۽ رهندو، سندس مرتيو سندس فئملي جو نقصان تہ آهي پر سنڌ ڌرتي جو بہ نقصان چئجي. ترجمي جي حوالي سان سندس ڪاوشون ڪنھن کان بہ ڳجهيون ناهن. پاڻ سنڌي ادب ۾ جيڪي بہ ڪاشون ڪيون آهن، ان جي مھانتا سنڌ جي تاريخ ۾ هميشہ رهندي.

انجنيئر ديارام ايسراڻي، وائيس آف ڪوهستان


]ڪوهستان جي ديوان ڪميونٽي جي فلاح بهبود لاءِ ڪميٽي) حيدرآباد سنڌ[
ولي رام ولڀ هڪ تمام سٺو انسان هئڻ سان گڏوگڏ سنڌي ادب جي خدمت ڪرڻ وارو ماڻھو هو، مون سان تہ ڪافي رکندا هئا، منھنجو من پسند رائيٽر سان گڏوگڏ منھنجو وڏو بہ هو. ان انسان کي وسارڻ ڏکيو آهي.

ڊاڪٽر بيکارام ديوراجاڻي

وليرام ولڀ صاحب اسان جي ڪميونٽي جو بھترين ليکڪ اديب هو، ان سان گڏ هڪ بھترين انسان پڻ هو، جنھن روايتن کان هٽي ڪري پنھنجي نياڻين کي تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ سماج کي پيغام پڻ ڏنو تہ نياڻيون پٽن برابر آهن، اسان مٺي جا لھاڻا وليرام صاحب جا معياري آهيون، اسان هن کي اهو مان مرتبو نہ ڏئي سگهياسون.

ڪنور امر

سائين ولي رام جي زندگي:
سچ جي ڳولا
واھہ رات ۾
مچ جي ڳولا

ترنجن

ڪجهہ ماڻھو ٿر مان اٿيا ۽ انھن غير معمولي ڪم ڪيا ۽ پنھنجو نرلاو مقام ٺاهيو، جن روايتي خانداني ڪم، علائقائي ڪرت وغيره کان هٽي ڪري ڪ ڪيا جيئن مسڪين جمال خان کوسو، ڪٿي مسڪين جو لقب ۽ ڪٿي جمال خان کوسو ٻروچ! ائين سائين ولي رام ولڀ صاحب بہ لوهاڻڪي خانداني ڪرت بدران ادب جي دنيا جا تمام وڏا ماڻھو، نرالو اصلوب ۽ ڪم جيڪو سندن سڃاڻپ ۽ اُها بہ الڳ ۽ صفا نج بنار ڪم جو ڇا چئجي!
مون کي سائين جن جو Low profile ٿي ڪم ڪرڻ ۽ ڪڏهن بہ ’آئون‘ يا ’مان‘ واري هٽ کان پري نماڻي ۽ نھٺائي واري طبيعت سان پيار جو پورهيو ڪري ويا! ڪووڊ دوران ڊاڪٽر ڪمليش ور سان گڏ سندن گهر ويس، سائين سان ملائڻ لاءِ چيم تہ خبر پئي تہ سائين کي Covid+Ve آهي ۽ ڊاڪٽر جو خيال هيو تہ آئون نہ ملان. پر مون بہ ضد ڪيو تہ زندگي جي سج لھڻ جي تہ ڪنھن کي بہ خبر ڪونھي پوءِ ڇو نہ اڄ جو ملاقات جو موقعو هٿان وڃايان. سو نيٺ Mask لڳائي وڃي سائين سان ڪمري ۾ ملاقات ڪيم ۽ تفصيلي ڪچھري ٿي، سائين بہ حيرت جو اظھار ڪيو، پر مون پنھنجي دل واري ڳالھہ سڌي ٻڌائي انھي تي سائين خوشي جو اظھار ڪيو ۽ دعائون ڏنائون. اسان ٿرين کي پنھنجي اهڙن املھہ ڪردارن تي فخر آهي ۽ هميشہ رهندو.

علي اڪبر راهمون

علم کا کوئی مذہب نہیں ہوتا٬
علم حاصل کرو اور آگے پہنچا دو۔
اس مقصد کو مسٹر ولی رام نے خوب پہچانا اور اپنا مقصد اور الفیھان قلب بنایا۔
ولی رام نے مذہب سے بالاتر ہوکر سندھ اور سندھیوں کی خوب خدمت کی اور اپنی خواہشات کو مسٹر کمیلیش میں منتقل کیں۔
میں ایک مسلم راولپنڈ ی سے آج یہاں صرف خراج عقیدت پیش کرنے آیا ہوں٬ اور دُعاگو ہوں کہ اللہ سبحان تعالیٰ جیسے آپ الیشر کہتے ہیں ان کی خدمات کے سلسلہ میں جنت الفردوس میں جگہ عطا کرے۔
دُعاگو چوہدری عبدالرؤ ‏ف مٹھو، کارگل راولپنڈی
ولی رام ولبھ نہیں رہے۔وہ ہمیں چھوڑ گئے، سندھی ادب ایک قد آور شخصیت سے محروم ہوگیا۔ ’عالمی ادب‘ اور آرسی کے مدیر، ایک بڑے مترجم، اسکالر اردو سندھی ادب میں ان کی حیثیت ایک مضبوط پل جیسی تھی۔حیدرآباد شہر کی تاریخی عمارتوں، کی ایک ایک اینٹ کی تاریخ انھیں ازبر تھی۔ تقسیم سے پہلے کا حیدرآباد آخری دم تک ان کے اندر سانس لیتا رہا۔ ان کی وفات میرے لیے ذاتی نقصان ہے۔ مجهے یہ اعزاز حاصل ہے کہ وہ میری نظموں کے سب سے پہلے مترجم تھے۔چالیس بیالیس سال کی رفاقت، زندگی کے کمزور لمحوں میں سائیں جس اپنائیت سے میری راہنمائی فرماتے تھے اس محبت کا قرض میں کبھی ادا نہیں کر سکوں گا۔ اسی کی دہائی میں ولی رام کی توسط سے جن سندھی کے ادیبوں سے میرا ربط ضبط بڑھا ان میں جناب حلیم بروہی، جناب طارق اشرف، علی بابا، ظفر حسن، مدد علی سندھی اور جناب تاج جویو صاحب شامل ہیں۔ ولی رام کے بعد اب کون رہ گیا ہے جو حیدراباد شہر کی روح کو نئی نسل کے سینوں میں اس طرح منتقل کر دے۔

سيد سعيدالدين

قرت العین حیدر کو جب بتایا گیا کہ ان کے ناولوں کا سندھی میں ترجمہ ولی رام ولبھ نے کیا ہے تو وہ چونک گئیں۔ حیرانی اور خوشی کی کیفیت میں بے ساختہ کہا ’ولی بھی اور رام بھی، ایک ساتھ‘ اس منفرد نام سے انھوں نے خوب لطف لیا۔
سندھی کے معروف ادیب ولی رام ولبھ کا جنم صحرائے تھر کے شہر مٹھی میں ہوا۔
“ایم اے سوشيالوجی کے ساتھ انھوں نے ایم اے اردو میں بھی کیا۔سندھی کے اہم جریدے آرسی کی اشاعت میں بھی شامل رہے۔سندھ کےادبی اداروں میں اہم عہدوں پر فائز رہے۔
انھوں نے کہانیوں اور شاعری کے ساتھ اردو اور سندھی میں عمدہ تراجم بھی کیے۔ ان کے ہندی سے تراجم اردو کے اہم جریدے آج میں بھی شائع ہوتے رہے ہیں۔
ولی رام ولبھ ان چند شخصیات میں سے ہیں جو “ستائش کی تمنا اور صلے کی پروا کیے” بغیر زندگی بھر اپنے ادبی اور علمی کام میں مصروف رہیں۔
انتیس اکتوبر دو ہزار تئیس کی رات وہ ہم سے بچھڑ گئے۔

مصطفيٰ ارباب

WONDERFUL SOUL: One of the prominent figures of Sindhi literature, Vali Ram Vallabh, passed away recently. Hailing from Mithi, Tharparkar, he had done his master’s in Urdu literature, and translated illustrious writings from both Urdu and English into Sindhi language. He also learned Sanskrit at a local school established
Bhagat Khemchand.
Vali Ram Vallabh!
Today is Birthday of great scholar, writer and poet Shri Vali Ram Vallabh Lohano. Shri Vali Ram Vallabh Lohano. He was born on 18th August 1941 in Mithi, this is his real birth date. In school register, his date of birth is 16th March 1944. He is writer, researcher, got early education in Thar, Sindh then in Sachal College and Sindh University. He did his MAS in Urdu Literature, Sociology and secured first position in MA Mass Communication and .LL.B degrees. Beside Sindhi and Urdu, he knows Sanskrit, Dhatki, Gujrati and Punjabi.
He served as Publication Officer in the Institute of Sindhology and Deputy Director of Sindh Museum Hyderabad.
He has written and translated dozens of books. He also authored book of my grand father late Khemchand Asnani.

मूं वटि नका पेती नको कुल्फ कड़ो
He is an extremely soft-spoken person with a pure mind and tender heart. He has translated numerous books of different languages in Sindhi.

Jayanti Thakkar

Vali Ram Vallabh
My great cousin's brother left us. He has been proud to our Murla /Hans Pariwar, who earned his name a fame. We miss you and your services forever. May god bless you in heaven. Regards,

Parkash Hans

Vali Ram Vallabh "An art of Living" "A personality with Purpose of LIFE. I as brother in law of Vali Ram Vallabh, I learnt a lot of things from him during my stay and continuous connection. May god give peace to his soul and patience to all of us.

Dr. Lohana Jiwad Pardhan

Great man- Every sindhi, love’s his lost: poetry, I proud this great person.

Tayyab Memon

Vali Ram Vallab
Not only a man
But a humble human.
A passionate person.
Wise and saint Not only a writer
But intellectual scholar
A literary laurate
An articulator
Not a only a logical
But constant rational
Reasoned and reasonable
Balanced and analytical
Not only a constructive cardio
But truthful realistic
Frank and soft-spoken
Open and honest
Not only loving
But kind and caring
Generously adoring
Affectionately admiring
Vali Ram vallabh
Amargel real gentlemen
Remain alive

In hearts of millions

Dr Ranomal Pryans

He is a treasure that has been well preserved under earth now. Saeen Wali Ram Vallabh was a great contribution in Sindhi Adab, and a person with a great concern of social development through intellectual change. Though he is no longer with us, his work and thoughts are with us in the shape of his literary work. I pray to the almighty that he will rest in peace after that meteral life. I also will and hope for patience to his leelored left behind

Dr. Shah M. Kamram MUISTD

The cruel death snatched. Great scholar, writers, poet, polite person of principles, very good guide and encouraging personality with good guidance for forward movement - In 1990, when me filed form for candidate for provincial election, he sympathizes and encouraged and told to honorable, Sobho Gianchandani Sb, may eshwar keep his soul at highest place. Also, I used to visit him along with my cousin, Dr Jethanad, at his residence near Gool Building. We were always encouraged and guided for future careers. No words to say in his mourn, only pray to Eshwar to keep his soul in Suarg and give courage to the mourning family. Om shanti

Dr Shero Moti - Rathole

Mr Wali Ram Wallabh, the personality who had no conflict with any one in Sindh and globe. He served the mother tongue by doing lots of things and keeping the language alive. He extended unconditional help and support to me while I and my spouse were translating a book from English to Sindhi. His love for us and emotional attachment with Sindhi literature and language will remain in our hearts forever. He is physically not with us, but still I feel he is a part of us and will remain in our hearts till the existence of the world.

Dr Mohan Bhootrani

Sain Vallabh Sb was a great scholar, writer and a pleasant personality being theri, we feel proud of him. I had a chance to meet Sain on his birthday, 2023, at his residence Hussaiabad and that meeting come Dinner/Birthday party was indeed unforgettable We found him in good health and happy mood that day. He was so keen and active while we talked to him about his literary work and overall life journey. He was full of life and wanted to contribute more in Sindhi literature. His obedient son, Dr: Kamleshwer sb was our host and serving his great father with smiling and caring attitude We pray for his departed Son, Sain Waliram Vallabh Sb and Sindhi literature will remember his contribution forces

Dr. Gulzar Usman LUMHS/TAF

Very legendary personality, had chance to interact with him during HHP activities c/o his son my class fellow Dr. Kamleshwar. Very much supportive, calm, cool, positive nature.

Dr. Darshan Lal Nankani

امرتا ڪارنر

---

نياپو _ مجبوري

کاٻي دريءَ ۾ خوابَ، تصورَ، خواهشون...
جڏهن تہ
ساڄي دريءَ ۾ يادون ۽ سالن جا ٿَڪَ ۽ اوجاڳا.

ٽرئبيُوٽ: بابا سائين حڪيم محمد سعيد

سعديہ راشد / عبدالستار لغاري

سعديہ راشد بنت حڪيم محمد سعيد، ’همدرد يونيورسٽي‘ جي چانسلر ۽ ’همدرد پاڪستان‘ جي پريزيڊنٽ هئڻ سان گڏوگڏ ’پاڪستان جاپان ڪلچرل ائسوسيئيشن‘ جي صدر پڻ آهي. سيتا رام بازار، پراڻي دهليءَ ۾ حڪيم سعيد ۽ نعمت بيگم جي اولاد جي صورت، هُن 1946ع ۾ جنم ورتو، سندس وڏڙا ’ڪاشغر‘ کان آيل هئا، جيڪو هاڻي چين ۾ ’ڪاشي‘ جي نالي سان سُڃاتو وڃي ٿو. پشاور، ملتان ۽ دهليءَ ۾ رهڻ کان پوءِ 1948ع ۾ هجرت ڪري هُنن ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. ’سينٽ جوزفس ڪانوينٽ اسڪول ڪراچي‘ ۽ ’سينٽ جوزفس ڪاليج ڪراچي‘ مان تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ هُن ماسٽرس آف آرٽس ۽ ماسٽرس آف سوشيالاجي جون ڊگريون ڪراچي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون.
هڪ لائق والد جي لائق نياڻيءَ کي فيبروري 2019ع ۾ ’آرڊر آف دي رائيزنگ سَن، گولڊ ريز وِٿ نيڪ رِبن‘ جاپاني حڪومت پاران عطا ڪيو ويو، جيڪو سندس پاران ڪيل خدمتن جي مڃتا طور ڏنو ويو. جيڪي جاپان ۽ پاڪستان وچ ۾ ثقافتي تعلقن ۽ هم آهنگي جي ميدان ۾ ترقيءَ جو واڌارو بڻيون.
هڪ محبتي نياڻيءَ پاران هڪ عظيم والد جي جِيوَن ڪٿا جي هڪ جهلڪ...
حڪيم محمد سعيد مرحوم جھڙا وجود يقينن صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن.
ائين تمام گهٽ ٿيندو آهي تہ پورو آئيڊيل اسان کي ڪنھن ھڪ شخصيت ۾ ملي! آءٌ خوشنصيب آھيان جو مون کي اھڙي شخصيت ملي، جنھن ۾ منھنجي آئيڊيل جون سڀ خاصيتون موجود ھيون، بابا سائين، منھنجو آئيڊيل ھيو. ھُو ھڪ مڪمل شخصيت ھيو. ڌيئرون ھونئن بہ پيءُ جي ويجهو ھونديون آھن، آءٌ امان جي نسبت بابا جي وڌيڪ ويجهو ھوندي ھيس، حالانڪھ بابا کان ڊڄندي ھيس پر سڀني کان وڌيڪ محبت بہ بابا سان آءٌ ڪندي ھيس، آءٌ اھو ئي ٿيڻ چاھيندي ھيس، جيڪو بابا ڏسڻ چاھيندو ھو. آءٌ ھميشہ بابا سائينءَ جي معيار جو خيال رکندي ھيس، قول ۽ فعل جو بہ خيال رکندي ھيس، ڪٿي ڪير طنزيہ نہ چئي وجهي تہ، ”ڏسو ھيءَ حڪيم محمد سعيد جي ڌيءَ آھي.“ مون کي ھر وقت ان ڳالھ جو احساس ھوندو ھو تہ بابا سائين وڏي محنت ۽ قربانين کان پوءِ پنھنجي حيثيت ٺاھي آھي، سندس نيڪناميءَ تي ڪو حرف نہ اچي. اھو خيال مون کي ننڍپڻ ۾ ئي ٿيو ھو، جيئن جيئن وڏي ٿيندي ويس تيئن تيئن اھو احساس اڃان وڌندو ويو.
بابا ڪڏھن بہ مون کي ويھاري ائين نہ چيو تہ ھي ھيئن ڪرڻو آھي يا ھونئن نہ ڪرڻو آهي. تربيت جو طريقيڪار ھن وٽ پنھنجو ھو، ھُو چوندو هو تہ، ”آءٌ عملي ڪم ڪري ڏيکاريندو آھيان، مون کي چوڻ جي ضرورت ناھي.“ بابا منھنجي تربيت خاموشيءَ سان ڪئي، سچائي، ديانتداري، انڪساري، رواداري ۽ دينداري ھن مون کي پنھنجي عمل وسيلي سيکاريا. منھنجو گهڻو وقت بابا سان گڏ گذرندو ھو، ڪنھن تقريب، پروگرام يا پارٽيءَ ۾ بابا سان ھميشہ گڏ ھوندي ھيس. آفيس ۾ بہ بابا سان گڏ ويندي ھيس، بابا وقت جو تمام گهڻو پابند ھوندو ھو، آفيس ويندي ضروري ڪاغذ ڏسندو ويندو ھو. آفيس متعلق اسان جي گفتگو بہ ٿيندي رھندي ھئي. بابا جڏھن گورنر ھو، تڏھن بہ اسان جي تربيت ڪندو ھو. ھن کي اھو احساس ھو تہ اسان ڪنھن خوشفھميءَ يا احساسِ برتريءَ ۾ مبتلا نہ ٿيون. اسان گورنر ھائوس پورو نہ ڏٺو ھو. بابا گورنر ھائوس جي گاڏي تمام گهٽ استعمال ڪندو ھو. ننڍپڻ ۾ اسان کي چيو ويندو هو تہ، ”بابا سائين پنھنجو ڪم ڪري رھيو آھي، ٿورو بہ گوڙ نہ ڪجو.“ بابا گهر ۾ لکندو ھو تہ گهر اندر ڄڻ ڪو راڪاس ڦري ويو آهي، مڪمل خاموشي ھوندي ھئي. اسان جي شروع ۾ اھا ٽريننگ ڪئي وئي تہ جيڏي مھل بابا گهر ۾ ھجي، بلڪل خاموش رھڻو آھي. مون کي ياد آهي ھڪ ڏينھن آءٌ اسڪول وڃڻ لاءِ ڪپڙن پائڻ تي ضد ڪري رھي ھيس، شايد بابا ڪو جوس پِي رھيو ھو، بابا صبح سوير مطب مريضن جي چيڪ اپ لاءِ ويندو هو. آءٌ امان سان ڪپڙن جي معاملي تي مسلسل ضد ڪري رھي ھيس تہ اڄ آءٌ اھو چولو نہ پائينديس. انھن ڏينھن ۾ اسڪول جو ڪو يونيفارم نہ ھيو، منھنجي ضد تي بابا کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، گهڻي دير تائين پنھنجي ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪندو رھيو، پر نيٺ مون کي اچي پٺيءَ تي ڌڪ ھنيائين. آءٌ تہ بابا کان پھرين ئي گهڻو ڊڄندي ھيس، ڌڪ لڳڻ کان پوءِ ھيڪاري ڊڄي ويس. اھو ڏينھن اھو شينھن، مون ڪڏھن بہ ڪپڙن تي ضد نہ ڪيو. جيڪو ملندو ھو، پائي ڇڏيندي ھيس. ميچنگ ٿئي يا نہ، بس بابا جو اھو ڌڪ ئي ڪافي ھيو.
بابا سائين منھنجي تعليم متعلق فڪرمند ھوندو ھو. منھنجي تعليم جي ذميداري منھنجي مامي حڪيم محمد يحيٰ کنئي. آءٌ 14 سالن جي مس ھيس تہ بابا مون کي تقريبن ۾ وٺي وڄڻ لڳو. مون کي ياد آھي پھريون ڀيرو آءٌ چيني سفارتخاني ۾ بابا سان گڏ وئي ھيس. بابا سان گڏ آءٌ پھريون ڀيرو 1963ع ۾ ملڪ کان ٻاھر چين وئي ھئس. ھندستان تہ اسان ويندا رھندا ھئاسين، گرمين جون موڪلون اسان اڪثر وڏي بابي حڪيم عبدالمجيد صاحب وٽ دھليءَ ۾ يا نيني تال ۾ گذاريندا ھئاسين ۽ پوءِ وڏو بابو اسان وٽ ڪراچي اچڻ لڳو. بابا سائين پنھنجي وڏي ڀاءُ سان تمام گهڻي محبت ۽ سندس احترام ڪندو ھو. خبر ناھي بابا کيس ڇو ڇڏي آيو، شايد پاڪستان سان محبت جو جذبو ھو يا مسلم ليگ سان وابستگي، جو ھُو پاڪستان اچڻ تي مجبور ٿي ويو. آءٌ سمجهان ٿي اھا اللھ سائينءَ جي مرضي ھئي ۽ مستقبل ۾ کيس سٺا ڪم ڪرڻا ھئا. بابا پاڪستان جي خدمت ڪئي، ماڻھن جي ڀلائيءَ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيائين. مون کي ياد آهي بابا شروع ۾ تمام گهٽ ڳالھائيندو ھو. ڪيترن ئي ڳالھين جي خبر ئي نہ پوندي ھئي، ھُو پنھنجون ڳالھيون پاڻ تائين محدود رکندو ھو. جيئن عام طور ماڻھو گهر ۾ پنھنجي ۽ ٻين جي باري ۾ ڪچھري ڪندو آهي، ائين نہ ھوندو ھو. بابا وٽ اھڙن قسمن جي ڳالھين جو وقت نہ ھو. اڪثر ماني کائڻ دوران بہ اھڙي قسم جون ڳالھيون ٿينديون آهن، پر اسان وٽ ماني کائڻ دوران ھيڪاري ڳالھائڻ تي پابندي ھوندي ھئي. ايتري تائين جو ھڏي جي گودو کائڻ دوران بہ شڙپ جي آواز تي بابا ناراض ٿيندو ھو.
گهر جي معاملي ۾ بابا جا ڪجهہ اصول ھوندا ھئا، انھن تي سختيءَ سان عمل ڪيو ويندو هو. بابا گهر جي ملازمن جي مقرر وقت کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي سخت خلاف هو. ھُو چوندو هو تہ، ”ملازمن جو مقرر وقت طئہ ٿيل ھجي، ايئن نہ ھجي تہ ھُو سڄو ڏينھن بنا وقفي جي ڪم ڪندا رھن.“ بابا جو حڪم ھوندو ھو تہ ملازم نوين، ساڍي نوين وڳي تائين ڪم ڪرڻ جو پابند ھجي. اھڙي طرح ٻنپھرن جو ڏيڍ وڳي يا ٻہ وڳي تائين بہ ملازم کي گهر ۾ نہ ھجڻ گهرجي. ڪڏھن ائين بہ ٿيندو ھو، جو بابا جي اچڻ جو وقت ٿي ويندو هو ۽ ملازم ڪم رھجي وڃڻ جي ڪري گهر ۾ ئي ھوندو ھو تہ ان کي بورچيخاني ۾ بند ڪري ڇڏيندا ھئاسين.
بابا وٽ وقت جي وڏي پابندي ھوندي ھئي، منھنجي شاديءَ جي موقعي تي فوٽوگرافر آيو ۽ چيائين تہ پورٽريٽ ٺاھڻو آھي، مون کي تيار ٿيڻ ۾ دير ٿي وئي، مون چيو پورٽريٽ نہ ٺھرائيندس، دير ٿي ويندي. سھيلين جو ضد تہ پورٽريٽ ضرور ٺھندو. پر مون منع ڪري ڇڏيو، ڇو تہ اسٽيج تي پھچڻ لاءِ بابا جو جيڪو وقت مقرر ٿيل ھو، انھيءَ تي لازمي پھچڻو ھو. بابا شاديءَ ۾ رسمن رواجن جو قائل نہ ھو، ھُو گهڻو خرچائو بہ نہ هو. شاديءَ ۾ گهڻن طعامن جي بہ خلاف ھو، منھنجي شاديءَ تي بہ مختلف طعامن بدران چانھہ جو بندوبست ڪيو ويو ھو، منھنجي خيال ۾ تمام گهڻا مھمان آيا ھئا، بھترين انتظام ڪيا ويا ھئا. بابا جو خيال ھو تہ مون کي پنھنجي شاديءَ جي انتظامن جو جائزو وٺڻ گهرجي. جڏھن آءٌ ڪنوار بڻجي ويٺي ھيس، تہ ان مھل اسٽيج تي آيو ۽ چيائين، ”اٿ، ڪم ڪار کي ڏس، ڪيئن صحيح ٿو ھلي؟“ آءٌ سوچڻ لڳس آءٌ تہ ڪنوار بڻجي اسٽيج تي ويٺي آھيان، آءٌ ڪيئن انتظامن جو جائزو وٺان..! اصل ۾ بابا مون کي شاديءَ جا انتظام ڏيکارڻ چاھيندو ھو. منھنجي ڌيءَ آمنھہ جي پئدائش کان پوءِ اسان ڪيترا ئي سفر ڪيا. بابا سان گڏ سفر جي شروعات بہ ان وقت ٿي ھئي. آءٌ پنھنجي وڏي ڌيءَ ماھ نيم کي سندس ڏاڏي وٽ ۽ آمنھہ کي ناني وٽ ڇڏيندي ھئس. ماڻھو چوندا ھئا، ”تون وڏي ڀاڳ واري آھين.“ اھڙي طرح مون بابا سان گڏ ڪيترائي سفر ڪيا.
منھنجي ڌيئرن جي ڄمڻ کان پوءِ بابا جي مزاج ۾ تبديلي اچي وئي، منھنجي ٽئين ڌيءَ فاطمہ الزھرہ جي ڄمڻ تائين بابا جي مزاج ۾ ڪافي تبديلي اچي وئي. ايتري تائين جو منھنجون ٽيئي ڌيئرون بابا جي ڪمري ۾ وڃي گوڙ ڪنديون هيون. بابا اھو سڀ ڪجهہ برداشت ڪندو هو. بابا پنھنجي ڪم ۾ ايترو تہ مصروف ھوندو ھو، کيس خبر ئي نہ پوندي هئي تہ سندس ڀر ۾ ڇا ٿي رھيو آھي. مون کي ياد آهي ھڪ ڏينھن فاطمھ ڪمري ۾ سندس ميز جي چوڌاري ڊوڙي رھي ھئي، ھُوءَ مسلسل ڊوڙي رھي ھئي ۽ بابا لکندو پئي ويو، کيس کڙڪ ئي نہ پئي تہ ڪو ڪمري ۾ آيو آهي. ڪيترائي ڀيرا ائين ٿيو تہ آءٌ ڪمري ۾ ويندي ھيس، بابا لکي رھيو ھوندو ھو، آءٌ خاموشيءَ سان ويھي رھندي ھيس، بابا لکندو رھندو ھو، صفحو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، ٻيو صفحو اٿلائيندو ھو تہ مون کي ڏسي پڇندو هو، ”ڇو آئي آھين؟“
ھمدرد جي آفيس ۾ بابا نظم و ضبط قائم رکندو ھو. آءٌ پھريون ڀيرو آفيس ويس، کين بابا سائين چيم تہ چڙي پيو ۽ چيائين، ”In office I am not Abba Jan.“ منھنجي لاءِ ايترو ئي ڪافي ھو، پوءِ تہ بابا کي چيئرمين صاحب ۽ حڪيم صاحب چوڻ جي اھڙي تہ عادت پئي جو کيس گهر ۾ بہ انھن ئي نالن سان پڪارڻ لڳس.
بابا ڪو فيصلو ڪرڻ کان پھرين پنھنجي ساٿين سان مشورو ڪندو ھو، ھُو ’و امرھم شوريٰ بينھم‘ تي عمل ڪندو ھو. جيڪي ماڻھو سندس اعتماد ۾ ھوندا ھئا، انھن جي راءِ کي اھميت ڏيندو ھو. ھڪ دفعو فيصلو ڪرڻ کان پوءِ ان تي قائم رھندو ھو، پنھنجي مقصد ۾ ڪاميابيءَ لاءِ ھن کي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پئي. ’ھمدرد‘ جي تعمير ۽ ترقي ۽ ٻئي طرف ’طبِ يوناني‘ (جنھن کي بابا ’اسلامي طب‘ سڏيندو ھو) جو نالو دنيا ۾ روشناس ڪرائڻ ۽ علم جي دنيا ۾ ان جي اھميت مڃائڻ، ھي سڀ تمام وڏا ڪم ھئا. انھن ڪم ڪارين جي سلسلي ۾ بابا گهڻو فڪرمند رھندو ھو. آخري ڏينھن ۾ مون کي چيائين، ”ھاڻي مون کي ننڊ ھڪ ڪلاڪ گهٽ ڪرڻي پوندي.“
مون چيو، ”بابا اھو توھان ڪيئن ڪندؤ؟ ڪل چار ڪلاڪ تہ ننڊ ڪندا آھيو.“
چيائين، ”نہ مون کي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي. مون کي پنھنجي ڪم لاءِ ھڪ ڪلاڪ وڌائڻو پوندو.“
مون کي ھاڻي محسوس ٿيندو آهي تہ بابا کي ايتري جلدي ڇو ھئي، ھن کي پنھنجو مشن پورو ڪرڻو ھو، جيڪي ٻوٽا ھن لڳايا ھئا، انھن کي وڻ ٿيندي ڏسڻو ھو. بابا جي ڪنھن سان بہ دشمني نہ ھئي، ھن ڪڏھن بہ ڪنھن جي لاءِ خراب نہ سوچيو، ڪنھن کي بہ تڪليف نہ ڏنائين. بابا جي ڪم ۾ جن ماڻھن رنڊڪ وڌي، نقصان ڏنو، انھن سان بابا چڱائي ڪئي. مون کي سمجه ۾ نٿو اچي اھڙي نيڪ انسان کي گوليون ھنيون ويون، جيڪو ھميشہ ٻين جي ڀلائيءَ ۽ بھتريءَ لاءِ ڪوشان رھندو ھو.
بابا سدائين چوندو ھو، ”ٻين جي خدمت ڪرڻ وارا ڪڏھن بہ مرندا ناھن، اھي امر ٿي ويندا آهن.“
...۽ بابا بہ امر ٿي ويو.
اورڻ اِهو ئي ٿيو

قِراني ڪُتبخانو عمرڪوٽ: استاد لغاري

ڪتب خاني جو احوال
هي ڪتبخانو علامہ محمد عثمان ’قِراني‘ ڀنڀرو، ’مدرسہ جامعيہ اسلاميھ‘ جي بنياد رکڻ شرط، سن 1315 هجريءَ ڌاري، پنھنجي ڳوٺ محمد عمر ڀنڀرو، تعلقي عمرڪوٽ ۾ قائم ڪيو. مس، قلم، ڪُپڙيون، ڪاغذ ۽ ڪتاب گڏ ڪري، قلمي نسخا لکڻ جو ڪم شروع ڪيائين.
سال 2019ع جي اوائل ۾، قِراني ڪتبخاني ۽ مدرسي ڏسڻ جو موقعو مليو. اسان جي سھڻي ساٿ ۾ سنڌ جو سگهڙ محترم ’تاج محمد هاليپوٽو‘ ۽ استاد ’حڪيم امام بخش مڱريو‘ صاحب شامل هئا. مدرسي جي موجودہ مھتممِ اعليٰ ’مولوي نور محمد ڀنڀرو‘ صاحب سان ملاقات ٿي. ڪتبخاني ۾ ٻين بہ ڪيترن ئي قديم قلمي نسخن سان گڏ، علامہ محمد عثمان ’قِراني‘ ڀنڀرو صاحب جا هٿ اکر لکيل بياض نظر مان گذريا. جن ۾ ’بياض القِراني‘ جلد پھريون، ٻيون ۽ ٽيون کان علاوه ’روايھ‘، ’الزالت الاوهام عن حڪم الفاتحه فلف الامام‘، ’فقھي بياض‘ ۽ ٻيا بہ موجود هئا
مدرسي ۾ پراڻيون ڪاٺ جون قيمتي الماڙيون ۽ لوھ جا ڪٻاٽ ڏٺا ويا. انھن ۾ ڪيترن ئي قلمي نسخن جا مخطوطات موجود هئا. جن جا نالا روبرو قلمبند ڪيا ويا. مخطوطات جي اهڙي فھرست مقالي جي آخر ۾ ڏيکارجي ٿي. ’مدرسہ جامعيہ اسلاميھ‘ جيئن ئي قائم ٿيو، تہ ان جي اندر ڪتبخانو بہ قائم ڪيو ويو. هن ڪتبخاني ۾ ڪافي سارا ڪتاب گڏ ٿيندا رهيا، پر هتي باقاعدہ قلمي نسخن لکڻ جو بندوبست ۽ اهتمام بہ ڪيو ويو.
علامہ محمد عثمان ’قِراني‘ صاحب جي باري ۾ معلوم ٿيو، تہ پاڻ ڪافي تعداد ۾ ڪتاب تصنيف ڪيائون. ڪيترن ئي ڪتابن تي شرح ۽ حاشيا پڻ لکيائون. سندن چيل اشعار عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهن.
سندن هٿ سان لکيل ڪيترن ئي قلمي ڪتابن جو ذخيرو هن ڪتبخاني ۾ اڄ بہ موجود آهي. حضرت مولانا محمد عثمان ’قِراني‘ صاحب جي تخلص مبارڪ سان منسوب، هڪ عدد علمي رسالو ’قِراني‘ بہ ڪنھن وقت ۾ هتان شايع ڪيو ويندو هو. جيڪو بعد ۾ ڪن اڻٽر مجبورين سبب بند ڪيو ويو.
قديمي قيمتي قلمي نسخن کي ڏسندي ۽ فھرست ٺاهيندي، اها ڳالھ مشاهدي مان گذري، تہ هتي اهڙا ٻيا بہ مخطوطات ڪافي تعداد ۾ موجود آهن، جن جي مٿان ڪپڙي ۽ چمڙي جا جلد چڙهيل آهن. قرآن الڪريم جي هڪ عدد حمائل سائيز قلمي نسخي جي زيارت بہ نصيب ٿي. جنھن بابت ٻڌايو ويو تہ، ”هيءُ قلمي نسخو بغداد شريف جي ڪنھن ڪاتب جو، هڪ هزار سال اڳ جو لکيل آهي.“ ڪجهہ قلمي نسخا اهڙا بہ ڏٺا ويا، جن جو پنو هٿرادو لغدي مان جوڙيل هو. پراڻي زماني ۾، جڏهن ڪاغذ جي ڪمي هوندي هئي، تڏهن وڻن جي سُڪل پنن، ٻُوٽن جي ٽارين، ووڻاٺين، سانگلين، مڪئيءَ جي سُڪل سِٽن، ڪاني جي ڦوڦن، پلال جي پرپري ۽ بُھ وغيره کي پينھي، مسالو ملائي، پاڻيءَ ۾ پُسائي، ويلڻ سان ويلي، ان مان ڪاغذ تيار ڪيو ويندو هو. اهو ڪاغذ ڪيميڪل ڪاغذ کان ڪجهہ ٿُلھيرڙو ۽ کُرترو ٿيندو هو. اهڙن هٿرادو ٺاهيل ميرانجھڙي ڪاغذن تي تحرير ڪيل ڪتاب، اڄ بہ ڪيترن ئي ڪتبخانن، لائبريرين ۽ علمي درسگاهن ۾ موجود آهن. اهڙي قسم جا قديمي قيمتي قلمي نسخا، علم و ادب جا عاشق، پيار جا پروانا ۽ مطالعي جا ماهي ماڻھو سيني سان سانڍيندا ٿا اچن.

علامہ محمد عثمان ’قِراني‘ جو تعارف
حضرت علامہ محمد عثمان ’قِراني‘ جو جنم27 صفرالمظفر سن 1296 هجريءَ ۾، حافظ ڄام ڀنڀرو جي گهر، ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرڳڙي، تعلقي جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد) ۽ هاڻوڪي تعلقي ساماري ضلعي عمرڪوٽ ۾ ٿيو. سندس وفات جي تاريخ 15 رجب المرجب سن 1355 هجري آهي. ستن سالن جي عمر ۾، پنھنجي ويجهي ڳوٺ اُميد علي خان ۾، مولوي ميان سيد حاجي احمد شاھ وٽ قرآني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويٺو. فارسي تعليم ڳوٺ سيد لاکو شاھ ۾، ميان محمد علي صاحب کان حاصل ڪيائين. وڌيڪ عربي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ، ٽنڊي مير غلام علي ۾، حضرت مخدوم قاضي القضات مولوي لعل محمد صاحب متعلوي جن وٽ ويٺو. آخر ۾ دستار بندي ۽ سَنَدِ علم بہ اُتان ئي حاصل ڪري آيو. ٿوري وقت لاءِ سماع، حديث شريف ۽ علم تفسير بابت اضافي ڄاڻ حاصل ڪرڻ خاطر ’مدرسہ قاسميہ دارالعلوم ديوبند‘ بہ ويو. ان کان علاوه پنجاب ۽ هندوستان جي مختلف عالمن ۽ اديبن کان بہ فيض حاصل ڪندو رهيو. مولانا محمد عثمان ’قِراني‘ صاحب بابت وڌيڪ معلوم ٿيو، تہ سندن رهڻي ڪھڻي تمام سادي ۽ فقيراڻي هوندي هئي. پاڻ مشڪل مسئلا مختصر لفظن ۾ سمجهائيندو هو. حضرت ’قِراني‘ صاحب مجاهد، متقي، فقيھ، عابد، زاهد، پرهيزگار، پارسا ۽ محڪم ارادي وارو انسان هو. سندن مدرسي جو تعليمي نظام ’دارالعلوم ديوبند‘ وارو هو.
مولانا صاحب پنھنجي طالبِ علمن کي، تفسير، حديث، فقھ، صرف و نحو، منطقِ صغريٰ و ڪُبريٰ، علم حڪمت، هيئت، فلسفو، رياضي، علم و ادب، سُلوڪ، تصوف، طب ۽ حڪمت وغيره، سڀ ڪجهہ پاڻ پڙهائيندو هو.

’قِراني‘ تخلص بابت
’قِراني‘ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو گرامر موجب صفت جي صيغي ۾ ڪم اچي ٿو. ’قِران‘ لفظ جي معنيٰ آهي، ٻن شين جو پاڻ ۾ گڏجڻ. علم نجوم جي اصطلاح موجب، ان کي ٻن سعد ستارن جو گڏجڻ چئبو آهي يعني جڏهن هڪ ئي وقت ۾، هڪ ئي بُرج ۾ ٻہ سعد ستارا اچي گڏجن، تہ ان گهڙيءَ کي ’قِران السعدين‘ سڏبو آهي. مطلب تہ ’نيڪ بخت‘ يا ’سعادت وارو وقت.‘

مدرسي ڏانھن وڏن عالمن جو اچڻ
اسان کي ٻُڌايو ويو تہ، ”مدرسہ جامعيہ اسلاميہ ۾، حضرت مولانا عبيداللھ سنڌي صاحب جن بہ ڪڏهن ڪڏهن اچي قيام پذير ٿيندو هو. هتي ٿورو عرصو ترسي، علماءِ هند جي عالمن، مدرسي جي استادن ۽ وڏن طالبِ علمن کي تقريرن وسيلي فڪري درس ڏيندو هو. انگريز سرڪار جي مٿس سخت چوڪسي ۽ سختي هوندي هئي. ان ڪري سُتت ئي ڪنھن ٻئي هنڌ منتقل ٿي ويندو هو.“ مولانا عبيداللھ سنڌي صاحب پنھنجي وقت جو وڏو انقلابي، سياستدان، قرآن الڪريم ۽ حديث پاڪ جو عالم، مفسر، علم شريعت، حقيقت، طريقت ۽ معرفت جو صاحب هو. تاريخ، تصنيف ۽ تصوف جو ماهر، فلسفي، پاڪ دل صوفي ۽ عارف بااللھ بزرگ ٿي گذريو آهي. پاڻ هندوستان ۽ سنڌ مان سفر ڪندو، افغانستان، ترڪي ۽ يورپ کان ٿيندو، عربستان جي شھر مڪي معظمہ ۾ ساندہ ٻارنھن سال رهيو. سندن سھڻي ساٿ ۾، وقتن فوقتن مولوي عبداللھ لغاري (پاڙو ڪالواڻي) ۽ مولوي مفتي عبدالقادر لغاري (پاڙو احمداڻي) ضلعو سانگهڙ بہ سندن ٻانھن ٻيلي رهيا.

ڪتابن جي فھرست
هن کان هيٺ انھن مڪتوبات جي فھرست پيش ڪجي ٿي، جيڪي ’قِراني‘ ڪُتبخاني ۾ روبرو ڏٺا ويا:
1: ازالہ الاوهام عن حڪم الفاتحہ خلف الامام. ڪاتب محمد سليمان ريگستاني. سن 1342 ھ.
2: الزبتدہ العمدہ شرح قصيدہ بردہ. ڪاتب عبداللھ بن عالي. سن 1209 ھ.
3: انشاءِ هرڪن. ڪاتب هرڪن بن متھرداس. سن نامعلوم.
4: بوستان. ڪاتب محمد صالح آمري. سن 1312 ھ.
5: بياض القِراني جلد 1، ڪاتب مخدوم محمد عثمان ’قِراني‘ ڀنڀرو. سن نامعلوم.
6: بياضِ القِراني جلد 2، ڪاتب مخدوم محمد عثمان ’قِراني‘ ڀنڀرو. سن نامعلوم.
7: بياضِ القِراني جلد 3، ڪاتب مخدوم محمد عثمان ’قِراني‘ ڀنڀرو. سن نامعلوم.
8: بياضِ واحدي. ڪاتب مخدوم عبدالواحد سيوستاني. سن نامعلوم.
9: بياضِ هاشمي جلد 1، ڪاتب محمد سليمان تخت ذات نھڙي. سن 1335 ھ.
10: بياضِ هاشمي جلد 2، ڪاتب عبدالرحمٰن درس. سن 1338 ھ.
11: تاريخِ طبري. مؤلف محمد مير جرير الطبري. سن 1273 ھ.
12: تبصرہ المبتدي. ڪاتب محمد يوسف نھڙي ريگستاني. سن نامعلوم.
13: ترجمہ شريعت الاسلام. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
14: تفسيرالقرآن ازمائدہ تا يوسف. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
15: تنقيح المقاصد والعماني شرح ايساجي للملڪاڻي. ڪاتب مخدوم غلام محمد ملڪاڻي. سن نامعلوم.
16: پندنامہ. مؤلف شيخ فريدالدين عطار. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
17: حيات القلوب في زيارہ المحجوب. ڪاتب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي. سن نامعلوم.
18: خطبهءِ جمعہ. ڪاتب محمد عثمان ڳاهو، طالبِ علم مدرسہ قِراني. سن نامعلوم.
19: دلائل الخيرات. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
20: دو وايہ. ڪاتب محمد يوسف نھڙي ريگستاني. سن نامعلوم.
21: ديوانِ اشعار. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
22: ذريعت الوصول اليٰ جناب رسولؐ ڪاتب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي. سن نامعلوم.
23: رسالہ در اوراد و صلوات. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
24: رسالہ در تاريخ فقھاءِ انحاف. ڪاتب ابو سعيد قِراني. سن 1347 ھ.
25: رسالہ در حمايت شيعہ. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
26: رسالہ در رد شيعہ و فضل چھار يار. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
27: رسالہ در سُلوڪ. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
28: رقعات. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
29: زادہ السفينہ السالڪي المدينہ. ڪاتب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي. سن نامعلوم.
30: سڪندرنامہ محشي بحواشي دقيقھ. مؤلف نظام گنجوي. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
31: شرح السراجيہ. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
32: شرح اربعين حديثا. ڪاتب محمد يوسف. سن 1137ھ.
33: شرح اسماءَ الحسنيٰ. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
34: شرح الفوائد الضيائيہ. ڪاتب ميان نور محمد. سن 1331 ھ.
35: شرح الڪافيہ. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
36: شرح حڪمت العين. ڪاتب محمد قاسم. سن 1331 ھ.
37: شرح هيڪل النور. ڪاتب محمد عثمان ڀرڳڙي. سن 1329 ھ.
38: فتح القدير. مؤلف محمد بن عبدالواحد ابن الھام. سن نامعلوم.
39: فرهنگ طب. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
40: قرآن الڪريم (حمائل سائيز ۾) ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
41: قرآن مجيد ڪامل 1. ڪاتب محمد موسيٰ. سن 1361 ھ.
42: قرآن مجيد ڪامل 2. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
43: قرآن مجيد ڪامل 3. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
44: قصيدہ بدءَ الامالي في العقائد. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
45: قوت العاشقين. ڪاتب محمد قائم بن محمد وارث متعلوي. سن نامعلوم.
46: ڪتاب السراجي في الفرائض. ڪاتب فقير احمد بن قاضي سليمان. سن 1222ھ.
47: ڪتاب الفرائض محشي. ڪاتب فقير احمد بن قاضي سليمان. سن نامعلوم.
48: ڪتاب برزبان فارسي. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
49: ڪتاب حل مسائل. مؤلف قطب الدين بن عبدالحق الحسيني. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
50: ڪتاب در طب. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
51: ڪتاب در علم صرف. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
52: ڪتاب در فقہ و مسائل و نسائح. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
53: ڪتاب در واعظ. مولف عبداللھ واعظ ملتاني. ڪاتب نامعلوم. سن 1112ھ.
54: ڪنزالدقائق. ڪاتب محمد عارف. سن 1012 ھ.
55: گلستان. ڪاتب شيخ سعدي مصلح الدين. سن نامعلوم.
56: مائہ المسائل في تحصيل الفضائل. مولف احمد عبداللھ بن دليل اللھ. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
57: مثنوي مخزن الاسرار. مولف نظامي گنجوي. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
58: مثنوي نل و دمن. ڪاتب عبداللھ بن سيد قاسم. سن 1065 ھ.
59: مھمات المسلمين. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
60: هدايت المسلمين. ڪاتب نامعلوم. سن 1322 ھ.
61: يوسف زليخان. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.

مٿي ڏيکاريل قلمي نسخن جي فھرست ۾، عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي رسم الخط ۾ لکيل مخطوطات شامل آهن.
مختلف وقتن تي، مختلف دوستن جي ساٿ سان، مختلف ڪتبخانا ڏسڻ جي لاءِ، هن ناچيز جو وڃڻ ٿيندو رهيو آهي. اهڙن ڪتبخانن ۾ ’قِراني ڪتبخانو عمرڪوٽ‘ پنھنجو مثال پاڻ آهي. ازانسواءِ درسگاھ چوٽياري، درسگاھ سريواري، درسگاھ ميان ولھاري کنڀرو (ڍورو نارو) ڳوٺ محمد اسماعيل ڪنڀار لائبريري هنڱورنو تائين بہ وڃڻ ٿيو. جتي ڪيترن ئي قيمتي قديم قلمي نسخن جون زيارتون پڻ نصيب ٿيون.

حوالا
1: مھراڻ. سوانح نمبر، ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڇاپو ٻيو، ڊسمبر 1990ع
2: مخدوم سليم اللھ صديقي. خزينت المخطوطات جلد ٻيو، ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڇاپو پھريون، ڊسمبر 2010ع، چڱا اکر
3: ايڊيٽر اقبال دل. روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، اسپيشل ادبي ايڊيشن، خميس 09 جولاءِ 2020ع، مقالو: سنڌ جا ڪتب خانا ۽ لائبريريون

ڦلواڙي (شاعري)

---

غزل: ديوي ناگراڻي

خانو خراب ٿو پوي ڪرڻو ڪِٿي ڪِٿي!
اھڙو ڪتاب ٿو پوي پڙھڻو ڪِٿي ڪِٿي!

بي شرم ٿي به کائي وڃون پوءِ، پر اول،
ٿورو حجاب ٿو پوي ڪرڻو ڪِٿي ڪِٿي!

گوري مِٺي نه ڪمُ ڪري، ڪؤڙي به ڏي حبيب!
ڪؤڙو مزاج ٿو پوي رکڻو ڪِٿي ڪِٿي!

اَحمق ھُجي ۽ ساڻ جي منھن جو ھُجي ملوُڪ!
اُن کي نواب ٿو پوي، چوَڻو ڪِٿي ڪِٿي!

تُڪ سان نه تُڪ ملي جتي، حامي اُتي ڀرين،
اھڙو نقاب ٿو پوي مَٽڻو ڪِٿي ڪِٿي!

حامي طلاق جي ڀري، شادي ڪري ٿو پوءِ،
اھڙو نڪاحُ ٿو پوي پڙھڻو ڪِٿي ڪِٿي!

رتُ ٿو ڪڍي جي خار ته ڏئي ٿو مھڪ گُلاب،
ته به ’ديوي‘ اُن کي ٿو پوي پٽڻو ڪِٿي ڪِٿي!

نظم: اَرُون ڌَتي : روبينہ ابڙو

انڊيا تنھنجين اکين کي اوڏڙي !
سِنڌُ مون کي ساھَ کان ڀي ويجھڙي!
بادلن مان ٿي وَسين هُن پار تون؛
مان هِتي ٻن سَرحدن جي موڙ تان
ڪنھن ڪبوتر جيئن اُڏاري ٿي وڃان!
ها؛ تڏهن تو مان اُٿاري ٿي وڃان!!

لَفظَ تنھنجا ٿا لڳن ٽاڪن جيان،
ديسَ جي اُڊڙيل بَدن تي جابجا،
انگريزيءَ ۾ ڪَرين اُلڪو جڏهن
حَرفَ هِنديءَ ۾ وَڃن وِکري سَڄا؛
ديسَ منھنجي جو بَدن چوٿون حصو،
ديسَ تنھنجي جو بَدن باقي سَڄو.
تو ۽ مون جيڪو وڃايو سالَ ٿيا؛
مُلڪَ منھنجي جا سڀئي رَستا جڏهن
ٿا پُڄن تنھنجي وَطن ۾ سھڪندا
موتَ جا پاڇا ڏسان هر چوڪَ تي،
چوڪُ جنھن تي آئون ماري ٿي وڃان!
ها، تڏهن تو مان اُٿاري ٿي وڃان!!

راتِ جو ناول منجهان نِڪريو اچين
ڏينھن جو اخبار ۾ گُم ٿيو وڃين!
هَر دَفعي ٿي پاڻ مان پيدا ٿئين
۽ ڪُراڙي ٿي وري ٻيھر ڄَمين؛
روزُ هُو ’ننڍڙين شين وارو خُدا‘
مون ڏٺو ڏاڍو وڏو هڪ اَکِ سان
تون ڪرين جا زورَ سان ٿي رَڙِ هُتي
مان هِتي تِنھن جو پَڙاڏو ٿيو پوان؛
جَرَ جيان جاڳي پوين ٿي مون اندر،
پاڻَ ۾ جڏهين سُمھاري ٿي وڃان!
ها؛ تڏهن تو مان اُٿاري ٿي وڃان!!

تون لَتا جي لاتِ مان ٻُڌجين پئي!
۽ ڪڏهن اندرا اُٿَي ٿي تو منجهان...
ڪالھ مون ڪَشمير ۾ توکي ڏٺو
خوفَ جو پيانو هُيو تو ۾ وَڳو،
بمبئيءَ جي ڀَر منجهان گُذري جڏهن
تو وَرائِي ٻانھن جو بَنگال ۾
دَردُ دهليءَ جي دُکي دِلِ ۾ پيو...
تون رهين ٿي ڪلڪتي جي ڪُنڊَ تي
پر سڄي سَنسارَ ۾ نروار تون؛
تون تہ اُجري ۽ اَڇي آسام ۾
سِنڌُ ۾ ٿيو آئون ڪاري ٿي وڃان!
ها، تڏهن تو مان اُٿاري ٿي وڃان!!
ها، تڏهن تو مان اُٿاري ٿي وڃان!!!

غزل: سائينداد ساند

نہ ھا ۾، نہ ھُوء ۾، هو ويڙھيل وڇوڙو
سڄي گفتگُوء ۾، ھو ويڙھيل وڇوڙو

گُلن کي ڏسڻ سان اکيون ٿيون اُداسي
بھارن جي بُوء ۾، ھو وڙھيل وڇوڙو

مِليو ٿي جو ماڻھو: نماڻو نماڻو
ڪو جانان جي جُوء ۾، ھو ويڙھيل وڇوڙو

الا ايڏي ڪوسي ھوا ناھي ھُوندي
لڳو ٿي ڪو لُوء ۾، ھو ويڙھيل وڇوڙو

طَبيعت ۾ تلخي ڀلا ڪيئن نہ ايندي!
لڱن جي لھُوء ۾، ھو وڙھيل وڇوڙو

ڇڏيو سانوڻي ۽ بڊو ڀي ڀُلايو
اسان سان اَسُوء ۾، ھو ويڙھيل وڇوڙو!

نثري نظم: چيٽ باڪس : آخوند عباس

خبر اٿئي،
آئون سڀ کان پھرين
پنھنجي تحرير
ڇو توکي ئي ٿو اماڻيان؟
تون ئي تہ آهين،
جنھن وٽ اچڻ سان
لفظ مون تي بعيت ڪندا آهن،
۽ پاڻ
مون کي ارپي ڇڏيندا آهن
يقين مڃ،
تون ئي
منھنجي قلمي سگهہ آهين
ڏس..
اڄ وري لکڻ جو مَنَ ٿيو آهي،
اڄ وري تنھنجي
چيٽ باڪس ۾ آيو آهيان..

غزل: ناشاد شوڪت شنباڻي

ڪيڏي آهي ڏُکي اڪيلائي!
بارشن جيئن وُٺي اڪيلائي!

غير کان، غير جي تہ محــفل کان،
آھي بلڪل سُٺِي اڪيلائي!

ساھ گُهٽجَي ٿو هيڪلائيءَ ۾،
ڪين ليڪن گُهٽِي اڪيلائي!

خواب منھنجا ۽ زندگي منھنجي،
هاءِ توبن ٻُسِي اڪيلائي!

منھنجي جِيوَن ۾ ڇو رهي پئي آ،
مون ۾ ڇو آ سُکِي اڪيلائي!

پنھنجو جِيوَن کُٽِي ويــو ليڪن،
پوءِ بہ ناهي کُٽِي اڪيلائي!

جسم رت ڇاڻ ٿي ويو آھي،
تير وانگي کُتِي اڪيلائي!

يورپ کان هڏن جي گهرَ : فدا جوڻيجو

اولھہ توڏي آيا آديشي
تن جون مون کي ڏي تون خبرون
ڪٿي آھن تن جون قبرون
هاڻي هڏا واپس ڏي تون
منھنجا وڏا واپس ڏي تون
خوب تن تراشيو آ توکي
هاڻي ڪرين ٿو اڀ سان ڳالھيون
ڌرتتي هن ڌرتي مٿي
تس ۾ تڙپي پيئي سنڌري
توکي تارن تائين پھچائي
پاڻ پڌر تي پاھ ٿي پئي
اڀ ڏاريندڙ آھ ٿي پئي
تنھن جون سُڻندا سي ئي صدائون
جن جو چم چوسيو آ تو
هڏن جي وئين تون مِک بہ کائي
هاڻ تَنھن ۾ ڪم نہ توکي
هاڻ تَنھن جو غم نہ توکي
جھڙا تھڙا جڏا واپس ڏي تون!
منھنجا وڏا واپس ڏي تون!

نثري نظمَ : پرينءَ ڏانھن : حُميرہ نُور

تو چيو:
”تون خوش رهندي ڪر.“
(مان خوش رهان!؟)
ان لاءِ
توکي منھنجو
نصيب ٿيڻو پوندو
حبيب ٿيڻو پوندو
طبيب ٿيڻو پوندو.
- - -
هڪڙي باھ
لاھ ڪڍيا!!
رات سڄي
گاھ ٻريا!
۽ تون ڇا ڄاڻين
ڪنھن جا ڪنھن جا
ساھ سڙيا؟!
- - -
بي خوديءَ ۾
تو سان
جڙيا جيڪي ناتا
اک دل
ان تي
وڙهي پيون
پر
ڪنھن نہ قبوليا..!

غزل: عنايت تبسم

ڪهڙيون هاڻي ديرون آهن
هاڻ پڪا هت پيرون آهن

دل جو ديپڪ ناچ ڪري ٿو
تيز هوائون ڇيرون آهن

مون تي ڪوئي نقطو ناهي
توتي زبرون زيرون آهن

هن جو لهجو پٿرن جهڙو
اکيون منهنجون ٻيرون آهن

مون وٽ آهن ساديون ڳالهيون
تو وٽ ڦيرون گهيرون آهن

غزل: آزاد خاصخيلي

مِلن بازار ۾ مُلھه سان، خريدَي خواب سڀ وٺجن
بھارن بُوءِ ڀريا گُلڙا، خريدَي گلاب سڀ وٺجن

ھا ھِي منظر نٿا وِڪجن، نڪِي جلوہ آھن ويڪُو
اگر وِڪجن ته تارن جا، خريدَي تاب سڀ وٺجن

بُکايل ٻار ٻِپھرِيءَ جو، گھڙِي کن گَس ۾ سوچيو
ھُجن جَي ھٿ ۾ ڏوڪڙ، خريدَي ڪباب سڀ وٺجن

وڃِي ڪنھن ڪُتبخاني ۾، سوچيو مون ساعت کِن ’آزاد‘
اجازت جيب جيڪر ڏي، خريدَي ڪتاب سڀ وٺجن

غزل : عبدالرحيم ’عبد‘ ڪنڀر

گهڻن جي دلين ۾ سمايو هيو
جڏهن شعر تو گُنگُنايو هيو

وري شعر مون تي وحي جان لٿا
وري ياد تنھنجي ستايو هيو

اسان سُونھن سان دوستي هئي رکي
اسان ڀاڳ کي آزمايو هيو

اُتي بادلن جي ضرورت نہ هئي
جتي تنھنجي آنچل جو سايو هيو

نيون روز اُڀرڻ لڳيون دل اندر
گهڻو خواهشن کي دٻايو هيو

جهڪيو ڪونہ ڪنھن جي اڳيان شخص جو
اِنھيءَ نينھن اُن کي نِمايو هيو

ملي پوءِ جدا ٿيا هياسين جڏهن
اسان نِيرُ نيڻين وَهايو هيو

ڀَرِي بزم ۾ تون ملئين ’عبد‘ سان
سڄي لوڪ کي تو جلايو هيو

غزل: فرهاد جروار

پنبڻين تي لڙڪ من ۾ محشر مچائي وينديون
توکان پو يادگيريون ٽانڊا بڇائي وينديون

وارِيءَ تي پير پنھنجا ها تون ڇڏي تہ ويندين
لھرن جو وَيرُ مون سان اينديون مِٽائي وينديون

ويٺِي وناھ ۾ تون ڳوڙھن جا ڇڄ ڇڙيندينءَ
ٽھڪن ۾ تنھنجا سکيون سُڏڪا لڪائي وينديون

مندر اداس آھي ۽ منتظر پُڄاري
اينديون ڪي ڪامڻيون ۽ ڏيئا جلائي وينديون

ٻئي پير ٿوهرن تي ڳولا جو پنڌ اڙانگو
ڊگهيون مسافتون هِن آخر ٿڪائي وينديون

’فرهاد‘ ياد ٿَئي مون توکي اڳي چيو هو
هي ڇوڪريون شھر جون آھن رُلائي وينديون

غزل: مُونس رضوي

درَ بند ھِن، بَتيون بہ بند آھن
۽ اسان جون اکيون بہ بند آھن

جِن جي دمَ سان ھُئي روشني دل ۾
اڄُ ڪلھہ سي پَريون بہ بند آھن

جي وڃون ڀي تہ ڏَس وڃون ڪاڏي
ھُن جي دل جون ڳَليون بہ بند آھن

سڀ ڪجهہ بند آ وبا جي مُندَ ۾
تو ڏي اِيندڙَ گهٽيون بہ بند آھن

ھي آ ظلمت ڪَدو ھِتي ’مونس‘
ڪيتريون روشنيون بہ بند آھن

ٽي شعرَ

نيٺ ٻيئي جهانَ هارايئين
سچَ کي ڪُوڙُ مات ڏئي نہ سگهيو

بي قراريءَ تباھہ ڪيو ان کي
صَبُر جنھن کي نجات ڏئي نہ سگهيو

بَحَرَ جي سَحرَ ۾ پيو ڦاسي
شَعرَ ۾ ڪائي باتِ ڏئي نہ سگهيو

ٽي شعرَ

تقليدَ کان بھتر آ، مان واٽَ وٺان پنھنجي
هُو ڳالھہ چوي پنھنجي، مان ڳالھہ چوان پنھنجي

هر گل جي ٿيندي آ پنھنجي پنھنجي خوشبو
هُو پنھنجي لِکي خوشبو ۽ آءٌ لِکان پنھنجي

سا ٿي نہ ڪڏهن پنھنجي، جا هِئن چئي وئي هئي:
”تنھنجي بہ الا ٿينديَس، پھرين مان ٿيان پنھنجي.“

غزل: وسيم حيدر کوسو

ها هوائن ۾ ديپ ٻاريون پيا
اسين اڄ ڀي توکي ساريون پيا

صدا سڏڪي پئي ٿي تو لاءِ
آءُ موٽي توکي پڪاريون پيا

جو ترنم سان تو هو جُهونگاريو
گيتُ سو ئي اڃان جُهونگاريون پيا

رنجشون درگذر ڪريون ٻيئي
معاملي کي اتي ئي ٺاريون پيا

ڄڻ تہ خوابن بہ ڪئي موڪل آ
ننڊ نيڻن مان جو اڏاريون پيا

تنھنجي سار جي شدت تہ ڏس
نانءُ هر هر تنھنجو اُچاريون پيا

ناهي امڪان تنھنجي موٽڻ جو
راھہ پوءِ ڀي تنھنجي نھاريون پيا

نہ ٿئي يقين تہ ڏسي وڃ ’وسيم‘
ڪيئن اذيت ۾ ڏينھن گهاريون پيا

لِيلا رام

جيڪو آھي سڀ اکين ۾!

سوال اکين ۾، جواب اکين ۾
پُورا پُورا بابَ اکين ۾
نہ ۾ ڦاٿل اقرارَ اکين ۾
سُونھن جا ڪيئي، سَنسارَ اکين ۾
اھڙو ڇا آھي جو ناھي اکين ۾؟
’باگي واھ‘ جي وڻ تان واچيل
عڪس پرُاڻي شھر جو پُورو
اڄ بہ جيئي ٿو، روز اکين ۾
شھر ڪراچيءَ مان ڀي آيو ھو
رشتن جو نئون روڳ اکين ۾
اڌ اڌورو سنجوڳ اکين ۾
سُندر يادون، سوڳ اکين ۾
ساڳيو ماڻھو روز اکين ۾
ھي سڀ رھي ٿو سوز اکين ۾
پر ھر ڪو آ، ھِت مصروف گهڻو
ڪير ڏِسي ٿو،ڪنھن جي اکين ۾؟
وقت آ واڳون، ڳيھي وڃي ٿو
سوچيل سارا پَلَ اکين ۾
باقي بچن ٿا جَلَ اکين ۾
جيڪو آھي سڀ اکين ۾..!
__________

پنڌ اوجاڳا پنھنجن جا!

پنڌَ اوجاڳا پَنھنجن جا
ھُو واٽن ۾ وِڪڻي آيا
سڀني سمجهيو، ھُو گڏ ھُيا
سچ پڙاڏو سَڏِ ھُيا
پر اڌ رستي ۾ وار ڪري
سُس پُس ٻي پارُ ڪري
سچ وڳر جي پِريت پُراڻي
گهات ھڻي، ھُو گهائي ويا
خواب اُجاڙي کاھوڙين جا
منزل پيرا ڊاھي ويا
ڪنھن ڪھاڻي واري ڏائڻ وانگي
پنھنجي گهر جي ٻارن جا
ھُو ھانءُ چٻاڙي کائي ويا
خير خوشحالي، راھ اُجالي
ڪيئي پِيڙھيون، ڏُور ھلي وئي
سڀ کي ھاڻي ايئن لڳي ٿو
ڏائڻ واري ھر آکاڻي
دَيوَن واري ھر ڪا ڪھاڻي
سچ ٿئي پئي سنڌ سڄي ۾..!

امرتا جو شاعر: رئوف ساحر

تعارف

عبدالرئوف جتوئي ولد ساماڻو خان جتوئي، نصرپور جي مٽيءَ سان تعلق رکي ٿو، جتي سندس ڄم 10 جنوري 1986ع تي ٿيو. سندس والد محترم ساماڻو خان جتوئي، مزدور پيشہ وجود هيو، جنھن پنھنجي ڪِرت سان پنھنجي اولاد جي پرورش ڪئي. ٻن ڀائرن عبدالرئوف ۽ عبدالرشيد ۽ هڪ ڀيڻ واري ڪھول ۾ حياتيءَ جا اڳيان پيرَ کڻندي، هُن مئن پرائمري اسڪول نصرپور مان پنج درجا پاس ڪيا. ’گورنمينٽ پراوينشل هاءِ اسڪول نصرپور‘ مان سال 2005ع ۾ مئٽرڪ ۽ ’گورنمينٽ سيڪنڊري هاءِ اسڪول اُڏيرولال اسٽيشن‘ مان 2008ع ۾ انٽرميڊيٽ جو امتحان پاس ڪيائين.
عبدالرئوف کي ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ جو شوق هيو ۽ نائين درجي ۾ پڙهندي، هن ڪچي ڦِڪي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي، جيڪا پوءِ سوشل ميڊيا تي موجود سندس دوستن جي رهنمائي ڪرڻ سان سنورجندي وئي. محمد اُسامھ ۽ مزمل شيخ کي پنھنجو بنيادي استاد سڏيندي، رئوف ساحر، سنڌي ۽ اردوءَ ۾ غزل ۽ تنقيد جي ميدان ۾ تيزيءَ سان اڳيان اُڀري رهيو آهي.
هلندڙ دور ۾ اهو سچ بيحد حسين آهي، تہ شاعرن جو نوجوان نسل گهاڙيٽي جي حوالي کان ۽ شاعريءَ جي رمزن جي نسبت سان رُڌل آهي. مسڪين سمون، احساس ميرل، حيدر امان، فرهاد جروار، محمد علي ميرجت، سعيد مڱڻھار، رئوف ساحر ۽ ٻيا، شاعريءَ جي بحر وزن جي حوالي کان اڃا تائين بہ پراڻي ورثي کي سنڀالڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن. جي ان نُقطي تي غور ڪجي تہ پنھنجي سَٿَ ۾، رئوف ساحر بہ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو پھريون ڳُٽڪو ’پھريون ۽ آخري‘ تياريءَ جي مرحلن ۾ آهي.
’امرتا‘ هن ڀيري ’هڪ شاعر‘ طور هن نوجوان شاعر کي پيش ڪري رهيو آهي، جنھن جي شاعري نواڻ جي گسن تي روانيءَ سان گامزن آهي ۽ منجهس وڏي اميد آهي تہ هُو شاعرن جي عام کيپ کان پاڻ کي جدا رکندي پذيرائيءَ جا نوان دڳ ماڻيندو.


غزل

خدا جي ذات سوا؛ ڪلُّ مَنۡ عَلَيھا فآن
ثبات ڪنھن کي نہ آ؛ ڪلُّ مَنۡ عَلَيھا فآن

انھي کي موت بہ چکڻو آ، جنھن حياتي چکي
نہ ڪر غرور ادا؛ ڪلُّ مَنۡ عَلَيھا فآن

سدائين ساٿ نڀائڻ لئہ زندگي گهرجي
ڪجي تہ ڪنھن جي گلا؟ ڪلُّ مَنۡ عَلَيھا فآن

هزار سال حياتي کان پوءِ بہ نيٺ فنا
دعا، دوا نہ شفا؛ ڪلُّ مَنۡ عَلَيھا فآن

پڏائين پاڻ متان؛ اي ’رئوف!‘ تو جھڙا
گهڻا ئي آيا ۽ ويا؛ ڪلُّ مَنۡ عَلَيھا فآن

غزل

هر ڏينهن پٺيان؛ رات پٺيان ڪائنات آ
محدود ڪائنات پٺيان ڪائنات آ

هر ڪو لڳو پيو آ تجسّس جي ڊوڙ ۾
هر هڪ جي نفسيات پٺيان ڪائنات آ

تون بس تضاد سان ٿو ڪڍين ٻن شين جو فرق
هر شيءِ جي ماهيات پٺيان ڪائنات آ

بحر و وزن ۽ قافيو ئي ناهي شاعري
پر دل جي واردات پٺيان ڪائنات آ

هر حد کان بعد هڪ نئين حد جو جواز ڏس
هر قيد ۽ نجات پٺيان ڪائنات آ

غزل

زندگي آهي ڏاڍي ڏکي؛ يا نبي
هر طرف ساحري، آزري؛ يا نبي

دين ڏيکاءَ جو نانءُ بڻجي ويو
ڪوئي حاجي ۽ ڪو مشھدي؛ يا نبي

هر سچو ٿو ڌڪاريو دنيا ۾ وڃي
ڪوڙ جا پيا ڦِرن لشڪري؛ يا نبي

ونڊجي ويا مسلمان ٽولن ۾ اڄ
پاڻ ۾ ٿا لڳن اجنبي؛ يا نبي

پيون اسان لئہ ٺھن عالمي سازشون
۽ اسان جي اڃا سادگي؛ يا نبي

غزل

ڪو به عاشق يا فلسفي ناهي
جيسين بيچين حيرتي ناهي

هي زمان و مڪان تجريدي
منطقين وٽ به منطقي ناهي

پنهنجي جاکوڙ ۾ برابر ٻئي
مارڪس کي ٻُڌ تي برتري ناهي

وقت جي جزوي جزوي تبديلي
ارتقاء آهي، پر ڪُلي ناهي

هر صداقت پٺيان صداقت آ
ڪو به ڪردار آخري ناهي

ڪجھ به ڪافي نه آ؛ اضافي سڀ
پنهنجي ساڳي ته آگهي ناهي

عقل، نقصانڪار ۽ نافع
ايڏي آسان زندگي ناهي

هي، هجڻ کان؛ ٿيڻ جو پنڌ پري
شايد آهي يا واقعي ناهي

غزل

ڏسين نہ پيو اي ديدہ وَر هِتي هُتي
نہ آهي موت کان مفر هِتي هُتي

اَڙايون ٽَنگ ڳالھ ڳالھ ۾ پيا
پڄي نٿا سگهون مگر هِتي هُتي

وڏي اڏام جي سزا ملي رهيس
پکڙجي ويا پکيءَ جا پَرَ هِتي هُتي

شعور ۾ بہ بي شعور بي حضور
رڳو جنون جو اثر هِتي هُتي

نہ جستجو نصيب کان مٿي جي ڪر
نہ ڊوڙ ايڏو همسفر هِتي هُتي

غزل

ڪيئن وهنجان وهڪري هڪڙي منجهان
زندگي لڙهندي وڃي پاڻي جيان

جي حقيقت آهين منھنجي سامھون اچ
تنگ ڪر ايڏو نہ مون کي اي گمان

عارضي سڀ ڪجهہ تحرّڪ کان سواء
مستقل ناهي دنيا ۾ ڪو نشان

يا لھي اچ ڀونءِ تي تون اي امبر
يا نہ کِل هر هر ڏسي مون کي مٿان

شاعري؛ ’ساحر‘ وري ڪھڙو ڪمال
اولڙي جو اولڙو ئي پيو ڪڍان


غزل

ڪا آهي خرابي پڪ مون ۾
نه ته ڇا جي ڌڪ ڌڪ ڌڪ مون ۾

تون آءُ اڻانگا لنگھ لنگھي
ڏس ڪيڏا آهن ٿڪ مون ۾

ڪنهن ٻئي نه قبوليو سچ منهنجو
اڄ توکي به ٿي پيو شڪ مون ۾

ڪو تو جهڙو آ خوش تو سان
ڪو مون جهڙو آ ڪڪ مون ۾

هيءَ تلخ مزاجي ناهي پر
ڪئين ٿوهر هِن؛ ڪئين اڪ مون ۾

غزل

ابتدا، انتها؛ حقيقت آ
بهرحال، ارتقا حقيقت آ

جسم ظاهر نظر اچي ٿو ۽
روح جي ماجرا، حقيقت آ

هوند سارو به حبس ۾ آهيون
يعني ڪا ماورا حقيقت آ

آ محبّت جي اصليت هڪڙي
عشق جي ٻي جدا حقيقت آ

ذاتِ مطلق تي بحث ٿيا آهن
پر حقيقي خدا حقيقت آ

ڀونء تي هڪ ڪشش ۾ بند آهيون
۽ خلا در خلا، حقيقت آ

غزل

ڪيئن ڀرجن هي پيٽ خالن جا
فاصلا ڪيئي نوري سالن جا

انتھائون؛ عجيب حد بنديون
هر طرف گشت يرغمالن جا

پوربيو، پڇّميو؛ نہ آهي ڪو
ڦير آهن فقط مثالن جا

آڻجن ڪيئن عدد ۾ لامعدود
ويا تڏا ويڙھجي رمالن جا

هر عدم ۾ وجود آ محلول
حل ڪڍو ڪجھ ٻين سوالن جا

غزل

منزل ڪيڏي نہ ڏُور آهي
ٿي پيو پيرن ۾ سُور آهي

پنھنجي پنھنجي ٿو ناڙي هر ڪو
جنھن کي جيڪو شعور آهي

ٻاري وڃبي ڪا ٻاٽ آخر
بيشڪ اڄ رات گُهور آهي

تنھنجو بہ مقابلو ڪندو ڪو
تو کي بيحد غرور آهي

هر دؤر ۾ ڀوڳيو سچائي
تاريخ ۾ اڄ ضرور آهي

سوچي هيءُ فيصلو ڪيو ٿَم
خاموشي ۾ سُرور آهي

غزل

ذهن تي بار بار بيٺو آ
اڻ پيئي جو خمار بيٺو آ

ڀت کاڄي ڪرڻ لڳي دل جي
درد جو اشتھار بيٺو آ

لڱ ٽُٽن پيا ۽ جسم ٽھڪي پيو
عشق سر تي سوار بيٺو آ

قول پنھنجا نہ تو ڪڏهن پاڙيا
پر اڃا اعتبار بيٺو آ

جا بہ توکي سزا وڻي؛ سا ڏي
هٿ ٻڌي خاڪسار بيٺو آ

غزل

شعور، ڏاهپ ۾ طاق ايڏو!
۽ علم تي طمطراق ايڏو؟

ڪڏهن تہ ٻئي جي بہ آهي مڃبي
نہ آ برو اتّفاق ايڏو

ڪڏهن تہ سنجيدگي سان سوچو
ڪڏهن تياڳيو مذاق ايڏو

قدم قدم تي فريب ملندو
متان رکو اشتياق ايڏو

ڪڍو ڪي رستا مصالحت جا
وجهي نہ ماري فراق ايڏو

’رئوف‘ جي دل لڳي، دلاسو
اڃا نہ ٿيو آهي چاق ايڏو

غزل

دعا جا بُکيا؛ ڪي دوا جا بُکيا
اسان جھڙا ماڻھو وفا جا بُکيا

نہ آ صاف کاڌو ڪڏهن ڀاڳ ۾
اوهان صرف آهيو گِلا جا بُکيا

تباهي ڪناري تہ پھچي چڪا
اڃا آدمي ارتقا جا بُکيا

اجهو ويس راشن ڏيڻ جو ڪَيَو
لڳو پاڻ ٿا انتھا جا بُکيا

ڪميڻپ، عياشي، لڄالُٽ، زنا
حوَس جا بُکيا؛ اشتھا جا بُکيا

غزل

ذهن تي بار بار بيٺو آ
اڻ پيئي جو خمار بيٺو آ

ڀت کاڄي ڪرڻ لڳي دل جي
درد جو اشتھار بيٺو آ

لڱ ٽُٽن پيا ۽ جسم ٽھڪي پيو
عشق سر تي سوار بيٺو آ

قول پنھنجا نہ تو ڪڏهن پاڙيا
پر اڃا اعتبار بيٺو آ

جا بہ توکي سزا وڻي؛ سا ڏي
هٿ ٻڌي خاڪسار بيٺو آ

غزل

تنھنجي واري ۾؛ منھنجي واري ۾
زندگي آهي بس گذاري ۾

يا حدون آسمان جون آهن
يا تہ آ ڦير اک جي تاري ۾

هڪڙي جوهر جا ٻئي ٺھيل آهيون
فرق ڪھڙو آ ڌوڙ گاري ۾

رات جي آهي ڪا حقيقت يا
سج ڪيو بند ڪنھن آ کاري ۾

تنھنجي هستي آ نيستي اي ’رئوف‘
نہ گهڻو سوچ ٻئي جي باري ۾

فيچر، تاثر، يادگيريون

---

فيچر : سنڌي فلمن لاءِ سماج ۾ سجاڳي: ڪشور لالواڻي

(ايڪويھين صديءَ جي پھرين ٻِن ڏھاڪن جو جائزو)

فلمون اِنسان جي مَنَ تي گَھِرو اثر ڇڏين ٿيون ۽ جدا جدا سنسڪرتين جي ماڻھن جي تجربن سان ڳنڍجڻ لاءِ هِڪ بھترين پليٽفارم آهن. ڏسندڙ جيئن پردي تي فلمن جي ڪردارن جا روپ، رويھہ ۽ انداز ڏسن ٿا تيئن ئي اُن کي اِختيار ڪن ٿا. فلمون اسان جي چوڌاري پکڙيل سنھري دنيا جو عڪس ڏيکارينديون آهن. فلمون، ڪنھن بہ ٻوليءَ کي قائم دائم رکڻ جو هِڪ مضبوط وسيلو آهن. ساڳي ڳالھ اَسان جي سنڌي فلمن تي بہ لاڳو آھي.
سنڌي فلمون نہ فقط وندرائين ٿيون، پر ٻوليءَ جي واڌاري ۾ بہ سٺو ڪم ڪري رهيون آهن. سنڌي فلمون اَسان جي ٻولي، سڀيتا ۽ ثقافت جو آئينو بڻجي، ڏسندڙن جي دلين ۾ پيھجي وڃن ٿيون. ورهاڱي کان پوءِ ڀارت ۾ ٺھيل سنڌي فلمن تي نظرثاني ڪيون تہ ڪا وڏي حاصلات نظر نٿي اچي. لڏپلاڻ کان پوءِ سڀ کان پھرين، لڏپلاڻ جي درد کي بيان ڪرڻ واري سنڌي فلم ’اباڻا‘ (1958ع) ۾ فلمي پردي جو منھن ڏٺو. ڏسندڙن ھن فلم کي دل سان پنھنجايو. فلم جي ڪھاڻيءَ ماڻھن جي دل و دماغ تي گَهِرو اثر ڪيو. سِلا راماني، ڀڏو آڏواڻي، ساڌنا جهڙن ڪلاڪارن جي ايڪٽنگ کين سندن ڀوڳيل درد جو احساس ڏياريو. ٿئيٽر ۾ ويٺل ڏسندڙن ۾ هر ڪنھن کي ائين پئي لڳو ڄڻ ھيءَ سندس پنھنجي ڪھاڻي آھي.
تنھن کان پوءِ سنڌ جي امر پريم ڪھاڻي ’سورٺ ۽ راءِ ڏياچ‘ تي ٺھيل فلم ’راءِ ڏياچ‘ (1958ع) آئي. ھن فلم جو هدايتڪار آھي ’جي. بيِ. لُلا‘ ۽ پروڊيوُسر ’آتوُ لالواڻي‘ تہ ليکڪ آھي ’پدمشري پروفيسر رام پنجواڻي.‘ ھن فلم ۾ آتوُ لالواڻي، شانتي رامچنداڻي ۽ ڀڏي آڏواڻيءَ رول ڪيو. فلم جو سنگيت ڏنو ’بلو. سي. راڻيءَ‘ ھيءَ فلم بہ سُٺي هلي ھئي. ستر جي ڏھاڪي تائين ’سسئي پنھون‘ (1960ع)، ’انصاف ڪٿي آ‘ (1960ع)، ’جهولي لعل‘ (1964ع)، ’لاڏلي‘ (1966ع)، ’ھو جمالو‘ (1968ع)، ’شل ڌيئر نہ ڄمن‘ (1968ع)، ’سنڌوءَ جي ڪناري‘ (1968ع)، ’رات ھڪ طوفان جي‘ (1969ع)، ’اڃان تہ مان ننڍڙي آهيان‘ (1970ع)، ’نقلي شان‘ (1971ع)، جھڙيون فلمون آيون. فلمبينن هنن فلمن کي بہ گهٽ ڪونہ گهريو، پر الاءِ ڇو پوءِ واري دور ۾ سنڌي فلمن ۾ ماٺائي اچي وئي.
ناٽڪن جي ماهرِ اداڪار ۽ هدايتڪار ’مدن جماڻيءَ‘ همٿ ڪري ’هل تہ ڀڄي هلون‘ (1984ع) ۾ ٺاهي. سنڌين ھن ڪاميڊي فلم کي ھٿون ھٿ کنيون. پوءِ ’ڪير ڪنھن جو‘ (1986ع)، ’امي يا ممي‘ (1986ع)، ’دل ڏجي دل وارن کي‘ (2000ع)، ’پاڙي واري‘ (2001ع)، فلمون رليز ٿيون، پر اُهي خاص ڪونہ هلي سگهيون. بس ٻِن چئن شھرن ۾، جتي سنڌين جي گهڻائي ھئي اُتي ٽاڪيزُن ۾ مارننگ شو ۾ رليز ٿينديون ھيون. اُهي بہ عام ماڻھو پاڻ سنڌي ٿي ڪري سنڌي فلمون ڏسڻ ڪونہ ايندا هُئا. شھرن جون پنچايتون ۽ سماجي تنظيمون کين پاسون ڏئي، منٿون ڪري ٿئيٽر ڏي ڇڪي اينديون ھيون. سنڌي فلمن جيِ اِھا حالت ڏسي پروڊيوسر همٿ هارجي ويا ۽ هنن سنڌي فلمون ٺاهڻ ئي بند ڪري ڇڏيون. پبلڪ پاران رسپانس نہ ملڻ ڪري شايد فلم ميڪرس کي سنڌي فلمن ۾ ڪمرشل اينگل ڪونہ پئي نظر آيو. هر ڪو اھو پيو سوچي تہ، ’سنڌي فلم ٺاهي مون کي ڇا ملندو؟‘
سنڌي ڪلاڪار گهڻي وقت کان ٽيِ. ويِ ۽ فلمن ۾ سٺو ڪم ڪري رهيا آهن. ڀڏو آڏواڻي، ڪمد ڇڳاڻي، اجيت وڇاڻي، شيلا راماڻي، ساڌنا، سُڌير، ميڪ موهن باليوُڊ ۾ سٺو نالو ڪمائي ويا. ويجهي دور ۾ ببيِتا، گورڌن اسراني، رڻويِر سنگهہ، ڪيارا آڏواڻي، پريتيِ جهانگياڻي، تمنا ڀاٽيا، آفتاب شوداساڻي، دليپ تاھل، انجنا سکاڻي، حتين تيجواڻي، لِلِٽ ڪيسواڻي دُبي، ڪوشليہ (ڪِٽو) گدواڻي، شويتا ڪيسواڻي، ھنسڪا موٽواڻي، اَرجن بجلاڻي ۽ ٻيا بہ گهڻا ئي سنڌي ڪلاڪارَ، تہ پھلاج نھالاڻي، راج ڪمار ھيِراڻي، گوبند نھالاڻيءَ جھڙا پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر باليوُڊ ۾ ۽ ٽيِ. ويِ سيريلس ۾ سنڌين جو نالو روشن ڪري رهيا آهن.
سنڌين جو نوجوان طبقو ٽنڪنالاجي ڄاڻندڙ آھي، نہ رڳو پنھنجي ديش ۾ پر دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ ڪمپيوٽر جي کيتر ۾ سٺو ڪم ڪري رھيو آھي. ٽيڪنالاجيءَ فلم انڊسٽريءَ تي هِڪ وڏو اثر وڌو آھي. ويجهڙ ويجهڙ ۾ نوجوان طبقي جي سجاڳيءَ جي ڪري سوشل ميڊيا تي سنڌي نوجوانن کي پنھنجي ٻولي، سڀيتا ۽ ثقافت جي باري ۾ ڳڻتي ڪندي ڏسي فخر محسوس ٿيندو آھي. ٽيڪنالاجيءَ جي اَچڻ سان، فلمون ٺاهڻ اڳ جھڙو ڏکيو ڪم نہ رھيو آھي. گهڻئي سنڌي پروڊيوسر جيڪي ھندي فلم انڊسٽريءَ سان ڪنھن نہ ڪنھن روپ ۾ جڙيل آهن سي پنھنجي اباڻي سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي برقرار رکڻ جي بھترين ميڊيم لاءِ سنجيدہ ٿي رهيا آھن ۽ نيون فلمون ٺاھي رهيا آھن۔ هندي فلمن جي اثر ھيٺ سنڌي فلمن جي ڪھاڻين جي پلاٽ ۽ پيشڪش ۾ بہ تبديلي آئي آھي. ڊائلاگ ڊليوري، ايڪشن، گيت ۽ سنگيت اڄُ جي زماني جي آڊيئنس جي پسند موجب شامل ڪيا پيا وڃن، جيڪا وقت جي ضرورت پڻ آھي. ٻي وڏي ڳالھ تہ سنڌي فلمون ٺاهيندڙن کي اھو سُکُ آھي تہ سنڌي فلمون گهڻي ڀاڱي، سنڌي گهڻگهرن ۽ دانويرن جي گهرن ۾ شوُٽ ڪيون وينديون آهن، جنھن سان اسٽوڊيو بُڪ ڪري شوٽنگ ڪرڻ جي خرچ جي بچت ٿيندي آھي.
ايڪويھين صديءَ جي پھرين ٻن ڏھاڪن ۾ سنڌي فلمن جي نرماڻ جي کيتر ۾ سُٺي رفتار آئي آھي، ھن نئين دور جي سنڌي فلمن تي نظرثاني ڪرڻ سان خبر پوي ٿي تہ ھن نئين دور ۾ الڳ الڳ موضوعن تي سٺيون سنڌي فلمون پردي تي آيون آهن. ٻيو فلم جي پراڊڪشن ۾ توڙي اداڪاري، ليکڪن ۽ هدايتڪاريءَ جي کيتر ۾ هاڻي جو نوجوان طبقو اڳتي اچي رھيو آھي.
ويجهي دور جي فلمن تي ٿوري نظر وجهون ٿا:

2007 - پيار ڪري ڏس
نئين دور جي فلمن جي شروعات ھندي فلمن جي ڊائريڪٽر ڪمل ناٿاڻيءَ ھڪ ملٽي سٽار فلم ’پيار ڪري ڏس‘ سان ڪئي. فلم جو پروڊيوسر ايم. ھرواڻي. سُنيڪو پراڊڪشن، ڊينمارڪ، اُن وقت جي دوردرشن جي مشھور ڪلاڪارن جتين لالواڻي ۽ وشال وٽواڻيءَ سان گڏ مينڪا لالواڻي، ميوري راگهاڻي، نيِروُ اسراڻي، پرڪاش رامچنداڻي، جِيا اسراڻي ۽ اسپيشل اپيئرنس ۾ پريِتيِ جهانگياڻيءَ پنھنجا پنھنجا ڪردار تمام سٺي نموني نڀايا. ھيءَ ٻن پريوارن جي ڪھاڻي آھي جن کي ديشن الڳ ڪري ڇڏيو. پرڀو وفا جي گيتن کي سنگيت ڏنو گهنشيام واسواڻيءَ... ھن فلم جا گيت باليوڊ جي مشھور گايڪن جگجيت سنگهہ، شان ۽ روُپ ڪمار راٺوڙ ڳايا. فلم کي تمام گهڻو ساراهيو ويو.

2008 - د اويڪننگ The Awakening
دبئيءَ جي پروڊيوسر سرڳي لال لالواڻيءَ تمام سُٺي ڪوشش ڪري سِنگلش فلم بڻائي، جيڪا سنڌي ۽ اِنگلش ۾ گڏ رليز ٿي. فلم ۾ سنڌي ٻولي سکڻ تي زور ڏنو ويو آھي. فلم ۾ ڪوشي لالواڻيءَ جو سنگيت آھي ۽ ڊائريڪٽر ڌرمويِر ڪمار آھي. ھن فلم ۾ ڪوشي لالواڻيءَ جو سماج ۾ سجاڳي آڻيندڙ گيت ’جاڳ سنڌي جاڳ ناهي، ويل سمھڻ جي ناهي‘ تمام مقبول ٿيو. ھن فلم ۾ اسان جي اڳوڻي مرڪزي منتري رام جيٺملاڻيءَ پڻ رول ڪيو آھي.

2009 - وائيسر ئي گم
ناگپور جي پراڊڪشن هائوس ريمولو انٽرٽينمينٽ جي پروڊيوس ڪيل ھيءَ آئوٽ اينڊ آئوٽ ڪاميڊي فلم ھئي۔ فلم جو ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر نريش موھناڻي آھي تہ ڪو- پروڊيوسر رميش واسواڻي، ونود راماڻي ۽ نريش مولچنداڻي هُئا. فلم جي اسٽوري، اسڪرين پلي ۽ ڊائيلاگ ناگپور جي ليکڪ ڪشور لالواڻيءَ لکيا. ائسوسيئيٽ ڊائريڪٽر اَشوڪ (ديپڪ) ترپاٺي، پي. آر. او. تلسي سيتيا، ميوزڪ وپن شيواڻي، گيتڪار بلو چوئٿاڻي، فوٽوگرافي اڀيہ بينيڊڪٽ هُئا. ھندي فلمن جي مشھور ڪلاڪار سڌيِر ۽ وشوجيت پريم (جونيئر پريم چوپڙا) سان گڏ جيتو وزيراڻي، سنجيہ روھڙا، نِشا لالواڻي، آرتي جادواڻي، پرينڪا لالواڻي، ونود راماڻي، اَشوڪ جيسواڻي، اَشوڪ پنجابي، گريش آهوجا، دنيش آهوجا، گوپال کيماڻي، جيہ هيرو، ڪشور لالواڻي، لڪشمڻ سچديو، ميرا جاراڻي، نريش موھناڻي، پرسرام چيلاڻي، راڪيش ڪارڙا، تلسي سيتيا، وجيہ دياراماڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪلاڪارن ڪردار ادا ڪيا. مشھور ڪاميڊين پرمانند پياسيءَ ھڪ هوٽل جي شيف جي رول ۾ ڀاڄين جي نالن سان شرابور گيت ’وئي حياتي انتظار ۾، مس مس ٿيو آ پيار... ھُوءَ آ مھنجي کٽي انبڙي، مان ھُن جو آچار‘ ماڻھن کي خوب پسند آيو.

2009 - زندگي هِڪ ناٽڪ
راگهاڻي فلم جي بينر ھيٺ پيِ. بي. چاند جي ڪھاڻيءَ تي ٺھيل ھن فلم جو نرماتا نرديشڪ گوپال راگهاڻي آھي. گيتڪار اَرجن حاسد جي گيتن کي سنگيت ڏنو آھي ويرڀان ھيراننداڻيءَ... فلم جو اسڪرين پلي ۽ ڊائيلاگ گوپال راگهاڻيءَ سان گڏ مھيش راجپوت لکيا. فلم ۾ هيرو پرديپ لالواڻي، هيروئن نيتو لالواڻي، نريش چاولا، جيہ ھرو، آرتي ڪمار ۽ ٻيا ڪلاڪار هُئا.

2010 - ٽپڙ ٽيشن تي
ناگپور جي پراڊڪشن هائوس ريمولو انٽرٽينمينٽ پاران ئي تيار ڪيل ھيءَ فلم بہ کِل ٺٺوليءَ واري فلم ھئي. فلم جو هدايتڪار ۽ پروڊيوسر موهن سچديو ۽ ڪو پروڊيوسر پرهلاد چنچلاڻي، ڪنھيالال ڇاٻڙيا ۽ ونود راماڻي هُئا. موهن سچديو جي گيتن کي سنگيت ڏنو ويِ. يوگيراج ۽ گيت ڳايا سرل روشن. ڪھاڻي، اسڪرين پلي ۽ ڊائيلاگ ناگپور جي ليکڪ ڪشور لالواڻيءَ لکيا، فلم ۾ جيتو وجيراڻي، ونود راماڻي، آرتي جادواڻي، ورشا آهوجا، لڪشمڻ سچديو، اَشوڪ پنجابي، گوپال کيماڻي، تلسي سيتيا، اَشوڪ جيسواڻي، ڪشور لالواڻي، نريش موھناڻي، پرسرام چيلاڻي، راڪيش ڪارڙا ۽ ٻيا ڪيئي ڪلاڪار هُئا.

2010 - ڊونٽ ٽچ مي ]ھٿ نہ لڳائجو[
ممبئي جي پراڊڪشن هائوس منواڻي فلمز پاران رليز ٿيل هن فلم جو پروڊيوسر سونا منواڻي ۽ ليکڪ نرديشڪ ٽي. آنند هُئا. ھيءَ فلم گانڌيجيءَ جي اُصول ’سھڻي مقصد تائين پھچڻ جو رستو بہ سھڻو ھئڻ گهرجي‘ آڌارڪ ٺھيل سوشل ڪاميڊي فلم ھئي. فلم جو ڪريئيٽو ڊائريڪٽر ۽ ايڊيٽر جيہ هيرو ۽ ڪلاڪارن ۾ ھندي فلمن جي ڪاميڊين گڏي ماروتي، شريچند ماکيجا، جيہ هيرو، دنيش آهوجا، ڪرشمہ مولچنداڻي هُئا.

2010 - هِڪ ٻہ ٽي بابا گڏي آڻي ڏي
ھيءَ فلم وي.ٽيِ.ويِ. جي بينر تي ٺھيل کِل ڀوڳ سان ڀرپور پيغام ڏيڻ واري سماجي فلم ھئي. فلم جو ليکڪ، پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر ديپڪ وٽواڻي، گيتڪار راجو لالواڻي، گايڪ ديپڪ ماکيجا، راهول ساٺي، ديپڪ وٽواڻي ۽ گائڪا نيھا اُداسي، جڏهن تہ سنگيت باپو ساٺي ۽ ساگر ساٺي ڏنو. فلم ۾ اَرجن پارواڻي، ديپڪ وٽواڻي، هيرو پارواڻي، ڪاجل مولچنداڻي، پريت لکاڻي، گيت لکاڻي، گريش ڪيسواڻي، هريش شرما، اَمت ليکواڻي ۽ ٻين اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن.

2010 - جِيوَن چڪر
ڌنش ڌاري بينر هيٺ ۽ دليپ لالواڻيءَ جي ڪھاڻيءَ تي آڌاريل ھن فلم جا گيتڪار ۽ نرماتا دليپ لالواڻي آهن. ھيءَ سماجي سنديش ڏيڻ واري فلم ھئي. فلم ۾ گرش روھرا، پنڪي لکاڻي، درگيش ٿاواني، لونا ھرداسي، نيھا پيشواڻي، چندر ھرداسي، سونو ڇاپرو، ٽوني لالواڻي، آيشي شرما ۽ ٻيا گهڻئي ڪلاڪار آهن. فلم جو ڊايريڪٽر چندر ھرداسي آھي. فلم ۾ سنگيت مھيندر گوکلي ۽ گيتن کي سمڌر آواز ڊني راڄ جهوراني، بادشاه مدناڻي ۽ گلشن کيماڻي ڏنو. فلم ۾ دليپ لالواڻي، سوتر ڌار جو رول ڪيو آھي. دليپ لالواڻي اڄُ ھن سنسار ۾ ڪونھي. سنڌي فلمن لاءِ ڪيل سندس خدمتون وساري ڪونہ سگهبيون.

2011 - قرض
اُڌاڻي پروڊڪشن جي بينر هيٺ ٺھيل ھن فلم جو نرماتا ۽ ڊائريڪٽر نريش اُڌاڻي آھي. ايڪزيڪيوٽو پروڊيوسر هنسراج اُڌاڻي، راج ڪمار اُڌاڻي ۽ ڌرمداس اُڌاڻي آهن. ھن فلم ۾ قرض جي ڄار کان دور رهڻ جو سماجي سنديش ڏنو ويو آھي. نريش اُڌاڻيءَ جي ڪھاڻي تي آڌارت فلم جو اسڪرين پلي ۽ ڊائيلاگ گهنشيام ساگر لکيا هُئا. گيتڪار نريش اُڌاڻيءَ جي گيتن کي آواز گايڪ جگديش منگتاني، گووند منگتاني ۽ گائڪا راکي گوپلانيءَ ڏنو. سنگيت جگديش منگتانيءَ جو آھي. فلم ۾ پرديپ بجاج، پونم، واسديو ماکيجا، لچڇ مسافر، چاند ڪشن، راڄ سکواني، نريش اُڌاڻي، سونو ٽيڪچنداڻي، پرتاپ اُڌاڻي، ڪپل اُڌاڻي ۽ ٻيا ڪلاڪار شامل آهن.

2011 - جِيوَن ساٿي
ڌنش ڌاري بينر پاران ٺاهيل هيءَ فلم دليپ لالواڻيءَ جي ڪھاڻيءَ تي ٻڌل آهي. فلم جو گيتڪار ۽ پروڊيوسر دليپ لالواڻي آهي. فلم سماجي پيغام تي جوڙيل آھي. فلم ۾ هيرو گرش روھرا، هيروئن پنڪي لکاڻيءَ سان گڏ درگيش ٿاواڻي، لونا ھرداسي، نيھا پيشواڻي، چندر ھرداسي، سونو ڇاپرو ۽ ٽوني لالواڻي، آيشي شرما ۽ ٻيا ڪلاڪار شامل آهن. فلم جو ڊائريڪٽر بہ چندر ھرداسي آھي. مھيندر گوکلي سنگيت ڏنو ۽ گيتن کي مڌر آواز راڄ جهوراڻي، بادشاه مدناڻي ۽ گلشن کيماڻي ڏنو آهي.

2012 - هليو آ پٽ ايڪٽر ٿيڻ
’زندگي ھڪ ناٽڪ‘ جي شاندار ڪاميابيءَ کان پوءِ جيوتي ڪلا مندر جي بينر ھيٺ ٺھيل ۽ پي. بي. چاند جي ڪھاڻيءَ تي آڌارڪ ھن فلم جو پروڊيوسر بھاري ڪنڌاري ۽ ڊائريڪٽر گوپال راگهاڻي آهن. گيتڪار اَرجن حاسد جي گيتن کي موهت لالواڻي، سرل روشن، گائڪا ڪاجل چنديراماڻي، مڌشري مڌر آواز ارپيا، جڏهن تہ سنگيت سرل روشن ڏنو. اسڪرين پلي ۽ ڊائيلاگ گوپال راگهاڻيءَ سان گڏ مھيش راجپوت لکيا. فلم ۾ هيرو پرديپ لالواڻي ۽ هيروئن نيتو لالواڻي سان گڏ نريش چاولا، جيہ ھرو، آرتي ڪمار ۽ ٻيا ڪلاڪار شامل آهن.

2012 - جاني جدا نہ ڪر
هيءَ بہ اڄ جي ماحول ۾ پيغام ڏيڻ واري فلم آھي. ڪشن جهوراڻي، ديپڪ واٽواڻي، راهول ساٺيءَ جي گيتن کي ڪمليش ڪپور، گرمک چگهڙيا مڌر آواز ارپيا ۽ سنگيت باپو ساٺي ڏنو آهي. اسڪرين پلي ۽ ڊائيلاگ ديپڪ واٽواڻي جا لکيل آهن. هيرو پارواڻي ۽ شويتا ڇابڱيا سان گڏ ڪشن ڀاٽيا، نطع پنجواڻي، رميش منجه ۽ ٻيا ڪلاڪار نظر آيا. وي. بينر تي ٺھيل ۽ ديپڪ واٽواڻيءَ جي ڪھاڻيءَ آڌار ٺھيل ھن فلم جو پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر بہ ديپڪ واٽواڻي آھي.

2012 - ڪيو ٽائم پاس
’جيون ساٿي‘ ۽ ’جيون چڪر‘ جي هدايتڪاريءَ کان پوءِ چندر ھرداسيءَ پنھنجي بينر اڪشرا پروڊڪشنس جي بينر ھيٺ هيءَ فلم رليز ڪئي۔ ھيءَ فلم اُنھن بزرگن جي جِيوَن تي روشني وجهندڙ آھي، جن کي نوجوانن اڪيلو ڇڏي ڏنو آھي. زال مڙس ٻنھين جو روزي روٽي ڪمائڻ ۾ ايندڙ مشڪلاتن ۽ سماج ۾ وڌندڙ اميدن سبب بزرگن کي اڻ ڏٺو ڪيو ويندو آھي. فلم جا گيت گيتڪار گووندا، ايشور چنچلاڻي، چندر ھرداسي لکيا آهن تہ سنگيت راڄ جرياڻيءَ ڏنو آھي. سائي اوميرام، ڪشن جرياڻي، گلشن کيماڻي، راڄ جرياڻي، لتا وشناڻي، گرمک چگريا ۽ ڪشن راجائيءَ گيت ڳايا آهن. چندر ھرداسي ۽ لونا ھرداسيءَ پنھنجي ڪردارن سان سٺو نياءُ ڪيو آھي.

2013 - عشق هِڪ امتحان
پروڊيوسر ليلارام آهوجا، سنگيت ڪار ۽ ڊايريڪٽر ڪمل تنواڻيءَ جي ھيءَ فلم نوجوانن کي سٺو پيغام ڏيندڙ آھي.

2013 - ڦاٿو آ ڀڳوان
اوم سني پروڊڪشن جي بينر تي ليکڪ، اسڪرين پلي ۽ ڊائيلاگ رائٽر، گيتڪار ۽ ڊائريڪٽر پريش جهامناڻيءَ جي ھن فلم جو پروڊيوسر اَشوڪ جهامناڻي آھي. ھيءَ سٺي موضوع واري ڪاميڊي فلم آھي. فلم جي گيتن کي وپين شيواڻي، انل ڀگت، پريش جهامناڻي ۽ پرڪاش ڀگت آواز ارپيا آهن. سنگيت گرش شرما ۽ پريش جهامناڻيءَ ڏنو. جيتو ونجيراڻي، آرتي، پرتي، جيہ ھرو، سونو ڇاپرو، ٽيڪو منگتاني ادڪارن ۾ شامل آهن.

2013 - نڪري وئي هيڪڙي
هري ماڌو پروڊڪشن جي بينر تان ٺاهيل هن فلم جو ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر شيام جيسوال آهي. پروڊيوسر نھرو ڊوڏواڻي، شيام جيسوال ۽ دنيش ڏوڏواڻي آھن. هيءَ فلم ڪرپشن، مھانگائيءَ ۽ سياستدانن جي ٽوٽِي پڻي تي ٻڌل ڪاميڊي فلم آھي. گيتڪار شيام جيسوال جي گيتن کي پريم لالواڻيءَ ۽ چيرسيا بردرس ڳايو آهي. سنگيت راجو ۽ انل چيرسيا ڏنو آهي. اسڪرين پلي ۽ ڊائيلاگ شيام جيسوال، دنيش ڏوڏواڻي جا آهن. اداڪارن ۾ گهنشيام کٽواڻي، ڪشنچند ڀاگواڻي، ڌرميندر کٽواڻي، دنيش ڏوڏواڻي، ترپت ڀاڊارڪر، سِمرن ۽ ٻيا شامل آهن.

2013 - جاڳُ سنڌي جاڳُ
سائين رام رام پراڊڪشن جي بينر هيٺ ٺاهيل هن فلم جو ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر چندر ھرداسي آهي، جڏهن تہ پروڊيوسر لتا سنل درياڻي ۽ نيلم پتامبر دلواڻي (پيٽر) آهن. فلم سماجي پيغام سان گڏ رومانٽڪ لو سٽوري ۽ ڪاميڊيءَ تي جوڙي وئي. گيتڪار ايشور چنچلاڻي، چندر ھرداسي ۽ سريش آهوجا جي ٻولن کي راڄ جهوراڻي، گلشن کيماڻي، انوپ مندناڻي، چيتن لنڊ، بادشاه مندناڻي، سرتابگنر ديو، چاندني لنڊ، جيشري ڀاٽيا آواز بخشيا آهن ۽ سنگيت مھيندر گوکلي جو آهي. اسڪرين پلي ۽ ڊائيلاگ چندر ھرداسيءَ لکيا آهن. فلم جا هيرو گرش روھڙا، راهول ھرداسي ۽ ھيروئن ٽيا ساواني، ڪاجل مولچنداني، چندر ھرداسي، سونو ڇاپرو، پائل ڀارواني، لونا ھرداسي، اَمت ليکواني ۽ ٻين اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا آهن.

2013 - پيار جا رنگ
اينجيل انٽرٽينمينٽ جي بينر هيٺ ٺھيل ھن فلم جي ڪھاڻي اسڪرين پلي ۽ ڊائيلاگ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ لکيا، پروڊيوسر ڪوڏو راولاڻيءَ جي فلم جو ڊائريڪٽر نريش اُڌاڻي ۽ ايسوسئيٽ ڊائريڪٽر لوڪيش شيوڪاڻي آهي. ھيءَ فلم لِو اِن رليشنشپ تي آڌاريل سماجي فلم آھي. گيتڪار نريش اُڌاڻي معصوم ۽ ڪوڏو واڌواڻي جانب جي گيتن کي گايڪ جگديش منگتاڻي ۽ ارچنا گوسواميءَ آوازن جو روپ بخشيو آهي. سنگيت جگديش منگتاڻيءَ جو آهي. فلم ۾ انل ونجاڻي، منش لچڇواڻي، پونم لالواڻي، ترانہ ڀاٽيا، رت ڀاٽيا، واسديو ماکيجا، جگديش شھدادپوري، لڇو مسافر، مھيش کلواڻي، چنپا چيتناڻي، نريش اُڌاڻي، مرلي ڀاوناڻي ۽ ٻين ڪردار ادا ڪيا آهن.

2014 - هِڪ ٻہ ٽي بابا گڏي آڻي ڏي رٽرن
ھيءَ فلم وي. ٽي. وي. جي بينر هيٺ ٺھيل هِڪ ٻہ ٽي بابا گڏي آڻي ڏي جو سيڪويل آھي. فلم جي اسٽوري، اسڪرين پلي ۽ ڊائيلاگ ديپڪ وٽواڻيءَ لکيا آهن. فلم جي پروڊيوسر ڪرڻ واٽواڻي ۽ ڊائريڪٽر رام ڌميجا آهن.

2014 - نئين شروعات
پوَن پڪچرز جي بينر هيٺ ٺھيل هن فلم جو ليکڪ، پروڊيوسر اوم روھڙا ۽ ڪو پروڊيوسر منوج جيسواڻي آھن. هدايتڪار درگيش ٿارواڻي آهي. نئين شروعات ٿيليسيميا جھڙي ڳنڀير بيماريءَ تي سنديش ڏيندڙ فلم آھي. گيتڪار سيتلداس اُداسيءَ جي گيتن کي گايڪ پيش ميلوريا،ساگر ساٺي پنھنجا آواز ڏنا آهن. سنگيت پيش ميلوريا جو آهي. ھن فلم جي اسڪرين پلي ۽ ڊائيلاگ گُل ماکيجا جا لکيل آهن. فلم جو هيرو درگيش ٿارواڻي ۽ هيروئن آيشي شرما آهن، جڏهن تہ اداڪارن ۾ سِمرن مڪر، ڪاجل مولچنداڻي سان گڏ پون روھڙا، راڪي کٽواڻي، سونو ڇابڱيا، ڪرشڻا لالواڻي، ٽيڪو منگتاڻي، لالي گنباڻي ۽ ٻيا شامل آهن.

2014 - پنھنجو ھڪڙو هي يار آ
ھيءَ پھرين سنڌي انٽرنيشنل فلم ھئي، جنھن جي شوٽنگ ڀارت ۽ دبئي ۾ ٿي ۽ پرميئم شو بہ دبئي ۾ ٿيو. ايس/4 انٽرٽينمينٽ جي بينر هيٺ ٺھيل فلم جي ڪھاڻي پشپا چاندواڻي لکي آهي. فلم جا نرماتا دبئيءَ جا رهاڪو ستيش چاندواڻي ۽ سپنا چاندواڻي آهن، جڏهن تہ هدايتڪار رميش نانڪاڻي آهي. فلم رومانس، ايڪشن، اموشن، ڊرامي سان ڀرپور آهي. فلم جا گيت لڪشمڻ آهوجا لکيا آهن، جڏهن تہ پنڪي مائداساڻي، ارپتا چڪروتي، برجيش سنڌليا گائڪ آهن ۽ سنگيت ھتيش اُڌاڻي ڏنو. اسڪرين پلي ۽ ڊائيلاگ ممبئيءَ جي مھيش راجپوت لکيا ۽ سھڻي فوٽوگرافي ستيش سستا ڪئي. فلم جو هيرو جيتو ونجيراڻي ۽ هيروئن وينا جگتاپ سان گڏ وشوجيت سوني، مڪيش آهوجا، آرتي جادواڻي، وجيہ ڀاوناڻي ۽ ٻين اداڪارن سٺي اداڪاري ڪئي.

2015 - ڇا اِھو ئي پيار آ؟
هرش موويج اينڊ انٽرٽينمينٽ پرستت جي بينر هيٺ ٺاهيل هن فلم جي ڪھاڻي مرليڌر بلواڻيءَ جي آهي. فلم جو پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر پريم ساولاڻي آھي۔ پھرين خاندان پوءِ سنسار جي مقصد کي کڻي ٻارن ۽ ماءُ پيءُ جي وچ ۾ وڌندڙ ويڇن واري سماجي موضوع تي آڌارڪ فلم آهي. گيتڪار مرليڌر بلواڻي، ڪي. ٽي. دادلاڻيءَ جي گيتن کي دليپ لالواڻي، ناري لچڇواڻي، پونم ڳايو آهي ۽ سنگيت دليپ لالواڻي ڏنو آهي. اسڪرين پلي ۽ ڊائيلاگ مرليڌر بلواڻي لکيا، جڏهن تہ فلم جو هيرو او پي آسوداڻي ۽ هيروئن ڀارتي ٺاڪر سان گڏ ڪوتا ايسراڻي، ناري لچڇواڻي، ڀاگيرٿ ساهو، پريم ساولاڻي، گنجا پارلاڻي، چاندني، جيہ ڪمار، سريش پارواڻي ۽ ٻيا اداڪارن ۾ شامل آهن.

2015 - جاڳ سھڻا سنڌي
سونا انٽرپرائس جي بينر هيٺ ٺھيل هن فلم جي پروڊيوسر سونا ٽي منواني ۽ هدايتڪار ٽي منواڻي آنند هُئا۔ فلم جي ڪھاڻي، ڊائيلاگ ۽ گيت ٽي. منواڻي آنند جا لکيل آهن. اسڪرين پلي طارق ڀٽ لکيو آھي. سنگيتڪار سڌارٿ ڪشيپ ۽ گايڪ ڪڻال گانجاوالا، جڏهن تہ گائڪا القا گياگنڪ آھي. فلم ۾ گيوي چھل، امرتا ڇاٻڙيا، گڏي ماروتي سان گڏ سنل پال، مڪيش آهوجا، راجيو نگم، وندنا لالواني، راجيش پوري، اپاسنا، راڪيش بيدي، وي آئي پي، دنيش هنگو ۽ رميش ننڪاڻي سميت ٻيا بہ ڪيئي اداڪار شامل آهن.

2016 - سن آف سنڌي
وي۔ جي پاران ٺھيل هن فلم جي ڪھاڻي، اسڪرين پلي ۽ ڊائيلاگ ديپڪ واٽواڻيءَ لکيا ۽ فلم جي پروڊيوسر ڪرڻ واٽواڻي ۽ ڪو پروڊيوسر ديويداس ڀارواڻي آهن ۽ هدايتڪار ديپڪ واٽواڻي آهي. اڄ جي حالتن تي طنز ڪندي فلم سماجي پيغام تي آڌارڪ آهي. گيتڪار گووندا ۽ ديپڪ واٽواڻي جي گيتن کي ديپڪ ماکيجا، راهول ساٺي، ديپڪ واٽواني، نيھا اُداسيءَ ڳايو آهي. سنگيت ساگر ساٺي جو آهي. اداڪارن ۾ جتن پمناڻي، اَمت ليکواڻي، پوجا سندراڻي، ريشما چگريا، وجيہ واٽواڻي، ڪڻال پنجابي، ھريش شرما، ٽيڪو منگتاڻي، ديپڪ واٽواڻي، نسيم مٿا، ديپڪ شوداساني، رام جواھراني ۽ ٻيا شامل آھن.

2016 - حَسين زندگي
اينجل گروپ پاران ليکڪ ھوندراج بلواڻيءَ جي ھن فلم جو پروڊيوسر ڪوڏو راولاڻي ۽ ڪو پروڊيوسر ڀانو ھرواڻي، کيلداس تيجواڻي آهن ۽ ڊائريڪٽر آھي روي لوڪيش. فلم ننڍڙي سماجي پيغام سان گڏ ايڊز جھڙي بيماريءَ بابت آگاهيءَ جو نياپو ڏيندڙ آھي۔ گيتڪار ھوندراج بلواڻي ۽ منوج چاولا ’تنھا‘ جي گيتن کي آواز ڏنو آھي جگديش منگتاڻيءَ، پوجا وجيراڻي ۽ ارچنا گوسوامي، سنگيت ڪمليش ويڌ ۽ وجيہ روپاڻي جو ڏنل آهي. جڏهن تہ اسڪرين پلي ۽ ڊائيلاگ رتن رگنواڻيءَ لکيا آھن. اداڪارن ۾ انل ونجاڻي، راڄ سکواڻي، ڪلپنا ڀگتاڻي، چاندني نيڀناڻي، ريکا ايسراڻي، رتن رگنواڻي، واشديو ماکيجا، دشا، لڇو مسافر، ڪمل ورڌاڻي، نريندر شوڪاني، چنپھ چيتناڻي، مھيش کلواڻي ۽ ٻيا شامل آهن.

2016- وردان - ھڪ اَنمول سوغات
ڪريئيٽو سرڪل جي بينر تان ٺھيل هن فلم جي ڪھاڻي، اسڪرين پلي ۽ ڊائيلاگ نريش اُڌاڻيءَ جا لکيل آهن، جڏهن تہ پروڊيوسر راجيش لالچنداڻي ۽ ڊائريڪٽر نريش اُڌاڻي آهن. ڌيئر بچايو، ڌيئر پڙهايو، جھڙي اهم سماجي موضوع واري شاندار سُپر هٽ فلم هئي. گيتڪار نريش اُڌاڻي ’معصوم‘ جي گيتن کي جگديش منگتاڻي، روشن گوپلاڻي، وويڪ ويڌ، ارچنا گوسوامي، روشني ٽيڪواڻي، راگيني ٽيڪواڻي پنھنجا مڌر آواز ارپيا، جڏهن تہ سنگيتڪار ڪمليش ويديھ، وجيہ روپاڻي هئا. اسڪرين پلي ۽ ڊائيلاگ گهنشام ساگر لکيا. اداڪارن ۾ ڀرت بالاڻي، ڪومل چاندناڻي، ڪرشمہ ماني، جڳديش شھدادپوري، ھريش ڊاگيا، مينا شھدادپوري، چنپھ چيتناڻي، مھيش کلواڻي، وجئہ نرياڻي، ڪمل ورڌاڻي، رت تلريجا، سيما ڪيولراماڻي، روشن گوپلاڻي، جييش تلسياڻي، مرلي ڀوجواني، راجيش لالچنداني، جييش لالواڻي، نريش اُڌاڻي سميت ٻيا ڪيترائي شامل هئا.

2017 - شھيد ڪنور
شھيد ڪنور ھرڪشن پراڊڪشن، راگهاڻي پراڊڪشن ۽ ستگرو فلمس پراڊڪشن جي بينر ھيٺ سنڌين جي عظيم سَنت امر شھيد ڀڳت ڪنور رام جي زندگيءَ تي ٺھيل فلم آھي. سو. ڀارتيءَ جي ڪھاڻيءَ جو اسڪرين پلي ڪشور راگهاڻي ۽ ڊائيلاگ گوپال راگهاڻي لکيا، اداڪارن ۾ رتن رنگواڻي، نيرو اسراڻي، واسوديو ماکيجا، هني کلواڻي، رتو ڀاٽيا، ميوري راگهاڻي، جڳديش شھدادپوري، مينا شھدادپوري، سونو وشناڻي شامل هُئا.

2017 - سنڌياڻي
ھيءَ فلم وي. ٽي. وي. جي بينر تان ٺاهي وئي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري جي ڏس ۾ ڀرپور پيغام ڏيڻ واري سماجي فلم ھئي. فلم جي پروڊيوسر ڪرن وٽواڻي ھئي، جڏهن تہ ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر ديپڪ وٽواڻي آهي. فلم ۾ وجيہ گدواڻي، پريت لکاڻي، اَرجن پارواڻي، ڀارتي واڌواڻي، ديپڪ وٽواڻي ۽ ٻين اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. فوٽوگرافي اني نائر ۽ ميوزڪ ڪرٽسي سونو وشناڻي جو هو.

2018 - تنھنجي پيار ۾
’پنھنجو ھڪڙو ئي يار آ‘ فلم جي ڪاميابيءَ کان پوءِ ساڳي ٽيم ٻين سنڌي انٽرنيشنل فلم ٺاهي، جنھن جي شوٽگ ڀارت ۽ دبئي ۾ ٿي ۽ پريميم شو بہ دبئيِءَ ۾ ٿيو. ايس/4 انٽرٽينمينٽ جي بينر هيٺ ٺھيل ھن فلم جا پروڊيوسر دبئيءَ جا رهاڪو ستيش چاندواڻي ۽ سپنا چاندواڻي آهن. جڏهن تہ ڊائريڪٽر اَشوڪ (ديپڪ) ترپاٺي ۽ ايسوسيئيٽ ڊائريڪٽر ناگپور جو ڪشور لالواڻي آهي. ھيءَ رومانس، ايڪشن، اموشن، ڊراما ۽ بزرگن جي مانَ مرتبي بابت پيغام پھچائيندڙ فلم آھي. فلم جي ڪھاڻي باليوُڊ جي ليکڪ ھريسنگ جي ھئي، اسڪرين پلي ۽ ڊائيلاگ ڪشور لالواڻيءَ لکيا. فلم اسٽار ۽ دور درشن جي ڪلاڪار شريچند ماکيجا فلم ۾ بزرگ ڏاڏي جو ڪردار سھڻي نموني نڀايو. مشھور گايڪ جتن اُداسي، سنڌين جي اڪيلي لوڪ سڀا ميمبر شنڪر لالواڻي، درشٽي آسواڻي، اوم پرڪاش آسوداڻي، ڪاميڊين موهت شيواڻي، پونم روھڙا، ريڻڪا ٽيڪواڻي، چرنجيو آڏواڻي، رميش ڇاٻڙيا، ڪشور لالواڻي، جڳديش شھدادپوري، سيما موٽواڻي، ٻالڪ منڊلي ڪٽنيءَ جا دليپ اُداسي، بلو چوئٿاڻي، سريش ڪٿوريا، راڄ گلاڻي، ورشا بترا، امن لالواڻي، ڪپل گوسوامي، ڪمل آهوجا، نليش شيوڪاني، لوڪيش نولاڻي، ديپڪ بابا، هريش چاندواني،گني چاندواڻي، اوم سوماڻي، جڳديش کتري ۽ دبئيءَ جا ڪلاڪار پرديپ لالجاڻي، جيا لالجاڻي، کنڪ واگهناڻي، جيا ميرچنداڻي، نشانت ڪلواڻي، ھتيش ٽھلاڻي، سنتوش ھرواڻي ۽ دولت نارواڻي بہ فلم ۾ سٺن ڪردارن ۾ نظر آيا. سھڻي فوٽوگرافي ستيش سستا ڪئي. سنگيت فرهاد، گيتڪار لڇو آهوجا ۽ سينڊي تلريجا آهن. گائڪ ممتا شرما (مني بدنام فيم)، پنڪي مائداساڻي، فرهاد ڀونڊيوالا، اميتاڀ نارائڻ ۽ ارپتا چڪرورتي آهن.

2018 - احساس
سنڌ جوت ڪلا مندر جي بينر تان ٺاهيل ھيءَ فلم رشتن ۾ گهٽجندڙ احساسن کي ۽ هر رشتي کي ڪمرشل نظريي سان ڏسندڙن کي ڀرپور نياپو ڏيندڙ سماجي فلم آھي. فلم جا پروڊيوسر ٿاڻا جو جيون واڌواڻي آھي. فلم جا ليکڪ واسوديو واڌواڻي ۽ جيون واڌواڻي آهن. ڊائريڪٽر نيھا پيسواڻي (آش روھڙا)، ٽيڪنيڪل ڊائريڪٽر ۽ ڪوريوگرافر وڪي مولواڻي، فوٽوگرافر ھسنار سييد هُئا. فلم جا گانا گيتڪار گووندا، پرسرام ٽيڪماڻي، روما پرڪاش جيسنگهاڻي، جيون واڌواڻيءَ لکيا، جن کي آواز ڏنو راڄ جرياني، ڀومڪا کتري، راهول ساٺي، گيتڪار گووندا ۽ نيھا اُداسيءَ... فلم ۾ گريش روھڙا، ديپڪا ھسراجاڻي، لڪشمڻ سچديو، نيھا پيسواڻي، دولت روپاڻي ۽ ٻين گهڻن ئي ڪلاڪارن ڪم ڪيو.

2019 - لکي منھنجو لکن ۾
ڇتيسگڙهي فلم انڊسٽري ۾ گهڻا ئي سنڌي ڪم ڪندا آهن. رائپور جا اڳوڻا ايم.پيِ. شريچند سندراڻي ڇتيسگڙھي فلمن جا بادشاھہ آهن. ھنن پنھنجي پروڊيوس ڪيل ڇتيسگڙھي فلم ’جهن ڀولو مان باپ لا‘ جي ريِميڪ سنڌي فلم ’لکي منھنجو لکن ۾‘ رليز ڪئي. سندراڻي فلمس پاران پيش ڪيل پھرين ايچ.ڊيِ. فلم جو پروڊيوسر شريچند سندراڻي ۽ پيشڪار موهن سندراڻيِءَ آهي. فلم جي ڪھاڻي ستيش جين لکي، اسڪرين پلي ۽ ڊائيلاگ ڪشور لالواڻيءَ لکيا. فلم جو ڊائريڪٽر راجا داسواڻي ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پريم ساولاڻي آهي.
ھيءَ سنگيت ۽ وندر سان ڀرپور ھڪ خالص خانداني فلم آھي۔ فلم جي فوٽوگرافي تورڻ راجپوت ۽ ايڊٽر نيرج ورما آهي. فلم ۾ ست سھڻا گيت آهن جن کي بلاسپور جي گيتڪار راجا ڪيسواڻيءَ لکيو آهي. فلم جا ڪلاڪار جيت شرما، نيھا جيسواڻي، ورشا آڏواڻي، ڊمپل ناواڻي ۽ ٻيا آهن. سنڌي سماج ھن فلم کي سٺو مان ڏنو آھي.

2019 - سس سير نونہ سوا سير
اجنتا فلمس رائپور جي بينر تان جيٺي لالواڻيءَ، ھرين ڀائي ٺڪر جي لکيل گجراتي ناٽڪ جو ترجمو ڪيل ساڳئي نالي واري سنڌي ناٽڪ جي آڌار ٺھيل هن فلم جو پروڊيوسر راج ڪمار پنجواڻي ۽ ڪو پروڊيوسر اَمت جيون، ڪنھيالال ڇوگاڻي، مھيش درياڻي، راجا ماکيجا، راجسريش کوباڻي ۽ راجا تارواڻي آهن. جڏهن تہ ڊائريڪٽر جئہ ڪمار آهي. فلم ۾ نندني پنجواڻي، نند آهوجا، واسديو ماکيجا ۽ ٻيا ڪلاڪار شامل آهن. فلم جا گيت ڪوڏو مل ’جانب‘ ۽ ڌيرج ڪٽاريا، سنگيتڪار ديپڪ اُداسي آهن. جڏهن تہ دنيش ڪيسواڻي، ڌيرج ڪٽاريا، ديپڪ اُداسي، ڀاونا اُداسي، پاري لھرواڻي ۽ ميگها آهن.

2019 - ويلڪم لڪشمي
وي. ۽ شوٽ ووٽ اينٽرٽينمينٽ جي بينر تان ٺاهيل ھيءَ فلم ايزي مني جي ڪانسيپٽ تي ڀروسو رکندڙ ماڻھن لاءِ پيغام تي ٻڌل آهي. ڏيکاريو ويو آھي تہ پئسو ڪمائڻ ڏکيو آھي، جنھن لاءِ ايمانداريءَ سان محنت ڪرڻي پوندي آھي. فلم جي پروڊيوسر ڪرن وٽواڻي، جڏهن تہ ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر ديپڪ وٽواڻي آهي. اداڪارن ۾ پريا لالواڻي، مڪيش پنجواڻي، سِمرن منڌيان، رام ڌميجا، گريش ڪيسواڻي، آنچل شرما، اَمت ليکواڻي ۽ ٻيا شامل آهن.

2019 - دنيا دل وارن جي
اينجيل انٽرٽينمينٽ جي بينر هيٺ ٺھيل ھن فلم جو پروڊيوسر ڪوڏو راولاڻي ۽ ڪو پروڊيوسر ڀانو ھرواڻي، ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر اجيتسنگ خالصه آهن، فلم جي ڪھاڻي، اسڪرين پلي ۽ ڊائيلاگ راجڪوٽ جي ليکڪ گرداس آهوجا ’اجيھ‘ جي لکيل آھي. ڊائريڪٽر جڳديش شھدادپوري ۽ سنگيتڪار ڪمليش ويديہ آھي.

2019 - نازڪ رشتو
ڪلاڪار پراڊڪشن جي بينر تان ٺاهيل پروڊيوسر چندر ساوناڻي ۽ اسٽوري، اسڪرين پلي نريش اُڌاڻي ۽ ڊائيلاگ گهنشام ساگر جا لکيل آهن. اداڪارن ۾ ڀرت بالاڻي، ڊمپل ناواڻي، ڪمار گهنشاڻي، ڪنھيو روپاڻي، چندر ساوناڻي ۽ مرليڌر ڀاوناڻي شامل آهن، جڏهن تہ ٽيڪنيڪل ڊائريڪٽر مڪيش روپيلا آھي.

2023- وردان 2
ڪريئيٽو سرڪل جي بينر تان ٺاهيل ھيءَ فلم ھڪ نياڻيءَ جي قرباني ڏيڻ جو داستان آھي، جيڪا پيڪن ۽ ساھرن ٻنھي ڪِلن کي تاري ٿي ۽ ماءُ پيءُ جو نالو روشن ڪري ٿي. سماجي موضوع تي آڌارڪ هيءَ فلم سُپرهٽ ثابت ٿي. فلم جو پروڊيوسر دويا نريش اُڌاڻي ۽ ڪو پروڊيوسر موهن سوني ۽ ايسوسيئيٽ پروڊيوسر اجيت کيرپوري، ڀانو ھرواڻي ۽ رتو ڀاٽيا آهن. ڪھاڻي، اسڪرين پلي، گيت ۽ ڊائريڪشن نريش اُڌاڻيءَ جا آهن، جڏهن تہ ڊائيلاگ ڪمار گهنشاڻيءَ جا. 2016 ۾ ساڳئي ئي بينر ھيٺ آيل فلم ’وردان‘ جو سيڪويل آھي. فلم ۾ ڀرت بالاڻي، ترانہ ڀاٽيا ۽ ٻيا ڪلاڪار شامل آهن.

2023 - سدگرو سنت سائين ٽيئونرام
راگهاڻي فلم جي بينر ھيٺ ٺھيل ھيءَ فلم پريم پرڪاش منڊل جي سدگرو سنت سائين ٽيئونرام جي جيون تي آڌارڪ آھي. فلم جي پروڊيوسر ڪوتا راگهاڻي، ڪو پروڊيوسر لالچند گرناڻي آهن، ڊائريڪٽر ۽ ايڊيٽر گوپال راگهاڻي آھي. گيتڪار ڍولڻ راهيءَ جي گيتن کي سنگيت ويرڀان ھيراننداڻيءَ ڏنو ۽ ڪلاڪار گهنشيام واسواڻي، جتن اُداسي، ڪاجل چنديراماڻي، درشڪا آڏواڻي ۽ پنٽو سوني آهن. فلم جو اسڪرين پلي رتن رنگواڻي لکيو. فلم جي ڪلاڪارن ۾ سونو وشناڻي، رتن رنگواڻي، جڳديش شھدادپوري، ھوندراج بلواڻي، مينا شھدادپوري، راڄ سکواڻي، ترانہ ڀاٽيا، ڪمار گهنشاڻي، مرلي سچديو، واسديو ماکيجا ۽ ٻيا شامل آهن.

2023 - کٽو مٺو
ناگپور جي پراڊڪشن هائوس ريمولو انٽرٽينمينٽ پاران تيار ڪيل کل ۽ ٺٺوليءَ واري فلم آھي، جنھن جو پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر موهن سچديو آھي. فلم ھڪ گيسٽ هائوس ۾ سھڻي نموني فلمايل آھي. فلم جا ڊائيلاگ ڪشور لالواڻيءَ لکيا آهن. جڏهن تہ جيتو وجيراڻي، جيہ هيرو، واڻي وزيراڻي، احمدآباد جي ڪلاڪارا ترانہ ڀاٽيا، ميرا جاراڻي، لڪشمڻ ٿاواڻي، پرمانند ڪڪريجا، چندو گوپاڻي اداڪارن ۾ شامل آهن.

2023 - سِمرن
ممبئي جي پراڊڪشن هائوس منواڻي فلمس پاران رليز ڪيل هن فلم جي پروڊيوسر سونا منواڻي، ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر ٽي. آنند آهي. فلم ۾ باليوڊ ڪلاڪار گڏي ماروتي، راجيش پوري سان گڏ ارمان تاھل، جيتو وجيراڻي شامل آهن ۽ سِمرن جو ٽائٽل رول مشھور ماڊل سِمرن آهوجا ادا ڪيو.

2023 - ڏئي مٿان پر ڪنھن جي ھٿان
وي.ٽي.وي. جي بينر تان ٺاهيل ھن فلم جي ڪھاڻي ٺيڪيدار ڪشن جِي جي گهر تي ٻڌل آهي، جنھن جي مصيبت سندس ڌيئرن لاءِ مصيبت بڻجي وئي. ھيءَ فلم اُنھن ماڻھن لاءِ پيغام آهي، جيڪي پئسي کي ئي پنھنجو سڀ ڪجهہ سمجهندا آهن. فلم جي پروڊيوسر ڪرن وٽواڻي ھئي، جڏهن تہ ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر ديپڪ وٽواڻي آهي. فلم ۾ ديپڪ وٽواڻيءَ نوَن ڪلاڪارن کي موقعو ڏئي سنڌي فلم انڊسٽريءَ ۾ سُٺي روايت وڌي آهي.

2023 - آخرين ٽرين
ٽريول بندر پروڊڪشن ۽ پار ٺاڪر چاولا فيملي ٽرسٽ جي بينر تان ٺاهيل ھيءَ فلم ويجهڙ ۾ ئي رليز ٿي آھي. فلم جا پروڊيوسر شوڀا لالچنداڻي، برکا کشالاڻي، انيل چاولا ۽ گولڊي گجواڻي آهن. ٺاڪر چاولا جي ڪھاڻيءَ جي آڌار ٺھيل فلم جو اسڪرپٽ سشيل گجواڻي ۽ برکا کشالاڻيءَ لِکيو آھي. فلم جا ڪلاڪار موهت بڌواڻي، رينوڪا ٽيڪواڻي، سِمرن آهوجا، روشني ھوتواڻي، سنيل ھوتواڻي، نير اسراڻي ۽ جيا اسراڻي آهن.

سنڌي فلمن ذريعي سماج سڌار جون ڪوششون
فلم، سماج ۾ سُڌارو آڻڻ جو هِڪ طاقتور ذريعو آھي. سنڌي فلمن ذريعي اسين گهڻا ئي سماجي مسئلا کڻي، سماج کي آئينو ڏيکاري سگهون ٿا ۽ سماج کي سکيا ڏئي سگهون ٿا. سماج اندر جيڪي ريتون رسمون ۽ رواج آهن، انھن جون جهلڪيون بہ ڏيکاري سگهون ٿا. سنڌي فلمن ۾ اسان پنھنجن اهم ڏڻن کي پيش ڪري، نوجوان پيڙھيءَ کي سنڌي قوم جي سماجي، ثقافتي ۽ مذهبي اُهڃاڻن سان واقفيت بہ ڪرائي سگهون ٿا.
ڀوڄپوري فلم انڊسٽري پنجويھہ ٽيہ سال اڳ ڇا ھوندي ھئي! ايڪڙ ٻيڪڙ فلمون ٺھنديون ھيون، پر ھنن ھمٿ ڪونہ هاري ۽ فلمون ٺاھيندا رهيا، نيٺ هڪڙو ڏينھن اھڙو بہ آيو، جو ڀوجپوري فلمون هلڻ لڳيون ۽ پروڊيوسر، ڊائريڪٽر، ٽيڪنيشن ۽ ڊسٽريبيوٽرس جي کيپ کڙي ٿي وئي. ڀوڄپوري فلمن جا ڪلاڪار روي ڪشن ۽ منوج تواري فلمن ۾ نالو ڪمائڻ کان پوءِ سموريءَ دنيا ۾ نالو ڪمايو آھي. سنڌي فلمن جي پروڊيوسر، ڊائريڪٽر، ٽيڪنيشن، ڊسٽريبيوٽرس ۽ ڪلاڪارن کي اها مڃتا ڇو نٿي ملي؟ اھو سڄي سنڌي سماج لاءِ ڳڻتيءَ سبب آھي.

سٺي مواد واريون ۽ ريِئلٽي بيسڊ فلمون
باليوڊ جو اسان جي جيون تي وڏو اثر رھيو آھي. اڄ ڪلھ باليوڊ ۾ سٺي مواد وارين فلمن جو ڪريز هلي رھيو آھي. خاص ڪري او. پليٽفارم تي سٺي مواد واريون فلمون ڊگهي وقت تائين هلي رهيون آهن. ماڻھو هِڪ دفعو نہ پر ور ور ڪري اھي فلمون ڏسي رهيا آهن. مصالحه فلمن جي نسبت سماجي مسئلن کان متاثر فلمون، فلمبينن کي پاڻ سان گنڍڻ ۾ ڪامياب ويون آهن. سچين ڪھاڻين تي ٻڌل فلمون بہ ڏسندڙن کي وڻن ٿيون. تاريخ گواھ آھي تہ هندوستان ۾ جڏھن بہ ٻاھرين حملا ڪيا تہ سڀ کان پھرين سنڌو ئي اُنھن جي حلمن جو شڪار بڻي۔ اتھاس محمد بِن قاسم جي حملي جي وقت کان وٺي لڏپلاڻ تائين سنڌين جي بھادريءَ جي قصن سان ڀريو پيو آھي، اَنھن سچين ڪھاڻين تي ٻڌل فلمون، جيڪڏهن اسان پنھنجي نوجوان پيڙھيءَ تائين نہ پھچائي سگهياسين تہ سمجهو اسان پنھنجي پاڻ سان بي ايماني ڪري رهيا آهيون.
1958 ۾ رليز ٿيل فلم ’اباڻا‘ کان پوءِ ڪا بہ سنڌي فلم سنڌين کي پنھنجي درد جو احساس نہ ڏياري سگهي آھي. اسان جو فرض آھي تہ اسان جي نئين پيڙھيءَ کي انھن قصن کان محروم نہ رکون. اھو ڏٺو ويو آھي تہ سنڌي ناٽڪن وانگر سنڌي فلمون ڏسڻ لاءِ بہ اسان جي نوجوان پيڙھي ٿيٽر ۾ نٿي اچي، ائين ناهي تہ انھن کي فلمون ڏسڻ جو شوق ڪونھي، نئين ٽھي تہ پاڻ وڌيڪ فلمون ڏسي ٿي. ھندي، سنڌي ۽ مڪاني ٻوليءَ جي فلمن جو ھنن تي گهرو اثر آھي. اسان کي ضرورت آھي، سنڌي فلمن ذريعي سٺو ڪنٽينٽ اُنھن تائين پھچائجي تہ جيئن اهي سنڌي فلمون ڏسڻ لاءِ اڳتي اچن.
اسان کي پروڊيوسر، ڊائريڪٽر، ٽيڪنيشن ۽ ڊسٽريبيوٽرس جي کيپ تيار ڪرڻي پوندي. اِن ڏس ۾ سرڪاري ادارن کي وڏو رول نڀائڻو پوندو، جدا جدا شھرن ۾ سنڌي فلم فيسٽيول ڪرائي، اُتان جي ڏسندڙن کي سنڌي فلمون ڏسڻ لاءِ ٿئيٽر ۾ اَچڻ لاءِ آمادہ ڪرڻو پوندو. دهلي اڪادمي ٻہ دفعا دھليءَ ۾ ڪامياب سنڌي فلم فيسٽيول ڪرائي چُڪي آھي. اڄ تائين ڪنھن سنڌيءَ ڪوبہ پليٽ فارم ڪونہ چالو ڪيو آھي. سرڪاري ادارن بہ اِن پاسي ڌيان ڪونھي ڏنو، جڏهن اهي ڌيان ڏيندا تہ پوءِ ٻيا ماڻھو بہ جڙندا.
اَسان جو پئسي وارو سنڌي سماج، سنڌي فلمن ۾ ڪمرشل ۽ تجارتي نظر نٿو اچي. ھرڪو پروڊيوسر اھو سوچي پئسا نٿو لڳائي تہ مون کي ھن مان ڪو مالي فائدو ملڻو ڪونھي تہ مان پھنجا هٿ ڇو ساڙيان..!
سنڌي فلمن جو آئيندو تمام سٺو ٿي سگهي ٿو بشرطيڪِ سنڌي سماج ھن کيتر ۾ ڪمرشل فلمون ٺاهڻ لاءِ ايمانداريءَ سان ڪوششون ڪري، جيڪڏهن ائين ٿيو تہ پھرين ٻن ڏھاڪن کان بہ وڌيڪ تعداد ۾ ۽ وڌيڪ سٺيون سنڌي فلمون ٿئيٽرن جي پردي تي اچي سگهنديون.
ڇا اسان جون سنڌي فلمون باليوڊ (ھندي)، ٽاليوڊ (بنگالي)، ڪاليوڊ (تمِل)، ماليوڊ (مليالم) سنڊل وُڊ (ڪنڙ) ڀوڄيِ وڊ (ڀوڄپوري) ڇاليوڊ (ڇتيسگڙھي) وانگر سچ ۾ ھڪ وڏي مقام تي پھچي سگهنديون، جو اسان فخر سان چئي سگهون تہ اسان ساليِوُڊ يعني ’سنڌي فلم انڊسٽريءَ‘ ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون.

(مير اعظم ٽالپر جي ٿورن سان - هن فيچر جو ليکڪ اڳوڻو ميمبر، سنڌي ٻولي صلاحڪار سمتي، مرڪزي ساهتيہ اڪادمي نئين دهلي)

يُن فاسي (سال 2023 لاءِ ادب جو نوبيل پرائيز حاصل ڪندڙ): محمد حبيب سنائي

چوٿين آڪٽوبر تي شام ڌاري ’گارجيئن‘ اخبار جي ويب سائيٽ تي ’ايلا ڪريمر‘ جو لکيل ھڪ مضمون ھلندڙ سال جي ادب لاءِ نوبيل پرائيز حاصل ڪرڻ جا وڌيڪ امڪان رکندڙ ليکڪن لاءِ شرطون ٻڌندڙن يا سٽيبازن جي حوالي سان ھو. ان ليک موجب پھرئين نمبر تي چين جي آوانت گارڊ ليکڪا ’يان زو‘ (Can Xue) ھئي، ان کان پوءِ جاپاني ’ھاروڪي موراڪامي‘، ڪئنيڊين ’مارگريٽ ائٽوڊ‘، برطانوي ’سلمان رشدي‘، آسٽريلين ناول نويس ’جيرالڊ مرنين‘ (Gerald Murnane)، ھنگرين ناول نگارLászló Krasznahorkai، روسيLyudmila Ulitskaya ، رومانوي Mircea Cărtărescu، فرينچ Pierre Michon ۽ آمريڪي ’ٿامس پانچن‘ جي نالن تي وڌيڪ شرط لڳل ھئا. انھيءَ مضمون کي فيسبوڪ تي ونڊيندي، مون لکيو تہ گذريل سالن جي تجربي جي بنياد تي منھنجي خيال ۾ انعام ھڪ اھڙي ليکڪ کي ڏنو ويندو، جيڪو اسان پارن لاءِ تہ ضرور اڄاتل ھوندو ۽ ٿيو بہ ائين ئي... اعلان موجب جنھن ليکڪ کي انعام ڏنو ويو آھي، تنھن کي ھتي پاڪستان ۾ ٿورن ماڻھن ئي پڙھيو ھوندو.
64 سالا ناول نويس، ڊراما نويس، مضمون نويس ۽ شاعر يُناولاو فاسي (Jone Olav Fosse) کي سال 2023ع جو ادب لاءِ نوبيل پرائيز ڏنو ويو آھي. بطور ناٽڪ نويس، ھن کي نئون ’اپسن‘ (Ibsen) قرار ڏئي ساراھيو پيو وڃي، ڇو تہ ناروي ۾ھن جا ڊراما ھينرڪ اپسن کان پوءِ وڌ ۾ وڌ اسٽيج تي پيش ڪيا وڃن ٿا. ورھين کان وٺي عالمي سطح تي پذيرائي جي باوجود، سندس ڪتاب ويجهڙ ۾ ئي انگريزي اشاعت جي مکيہ ڌارا ۾ شامل ٿيا آھن. نوبيل ڪميٽيءَ جي خيال ۾ ھن کي ادب جو نوبيل انعام ’سندس جدتن سان ڀريل ناٽڪن ۽ نثر جي باعث ڏنو ويو آھي، جيڪي بيان نہ ٿي سگهندڙ ڳالھين کي آواز ڏيارين ٿا.‘
ادب لاءِ نوبيل ڪميٽيءَ جي چيئرمين ائنڊرسن اولسن موجب، ”ھن جو وسيع ادبي پورھيو، مختلف صنفن تي مبني آھي، جن ۾ چاليہ کن ناٽڪ، ناولن جو ھڪ وڏو سرمايو، شاعري، مضمونن جا مجموعا، ٻارن جا ڪتاب ۽ ترجما شامل آھن. فاسي پنھنجي ٻوليءَ ۾ پاڙون ھئڻ ۽ پنھنجي نارويجيئن پسمنظر جي نوعيت کي جدت پڻي مان اڀريل فني حرفتن سان رلمل ڪري ٿو.“
دلچسپ ڳالھ اھا آھي تہ ڏھ سال اڳ، سال 2013ع واسطي شرطون رکندڙ سٽيبازن امڪاني اميدوارن ۾ ھن صاحب جو نالو فھرست ۾ اڳيان اڳيان ھو. جڏھن مارچ 2014ع ۾ گارجيئن اخبار جي ’ائنڊريو ڊڪسن‘ کائنس پڇيو ھو تہ، ”جيڪر نوبيل پرائيز کيس ملي پوي تہ ان جي نتيجي ۾ حد کان وڌيڪ نمايان ٿيڻ واري خفي کي ھُو ڪيئن منھن ڏيندو؟“ تہ ھن ٿڌو ساھ کڻي وراڻيو ھو، ”گذريل سال دنيا جي اخبارن ۾ لئڊبروڪس (سٽيبازي جي آن لائين ويب سائيٽ) جي ڪري منھنجو نالو ميدان ۾ اچي ويو. اوچتو اھو فھرست ۾ مٿي ٿيڻ شروع ٿي ويو...“
”پر يقينن ھُو اھو انعام حاصل ڪرڻ گهرندو؟“
”يقينن“، ھن چيو، پر ھُو قائل نٿي لڳو، ”پر سادو سچ اھو آھي تہ جڏھن مون کي خبر پئي تہ آئون انعام حاصل ڪندڙ نہ آھيان تہ مون کي سرھائي ٿي. عام طور، اھي انعام تمام جهونن ليکڪن کي ڏيندا آھن ۽ ان ۾ بہ ھڪڙي حڪمت آھي. توھان کي اھو انعام تڏھن ملي ٿو، جڏھن اھو اوھان جي لکڻيءَ تي اثر انداز نٿو ٿئي.“
ھلندڙ سال جڏھن کيس انعام ڏنو ويو آھي تہ ھن پنھنجي ھڪ بيان ۾ چيو آھي تہ، ”ھُو ھڪ پاسي خوشيءَ جي جذبن ۾ گهيريل آھي تہ ٻئي پاسي ڊنل پڻ آھي. آئون ان کي ادب جو انعام ئي سمجهان ٿو، جنھن جو بغير ڪنھن ٻئي مقصد جي، مکيہ مول ادب ئي آھي.“ ٻئي پاسي ھن ناروي جي سرڪاري نشرياتي اداري اين آر ڪي کي ٻڌايو تہ، ”آئون ڏھاڪو سالن کان نوبيل پرائيز لاءِ ٿيندڙ بحثن جو حصو رھندو اچان، تنھن ڪري مون پاڻ کي امڪاني طرح اھڙي موقعي لاءِ تيار ڪري ڇڏيو ھو.“
ھتي اھو ٻڌائڻ اجايو نہ ٿيندو، تہ نارويجئين ٻوليءَ کي سرڪاري طرح ٻن معياري نمونن ۾ لکيو ويندو آھي. 85 کان 90 سيڪڙو آبادي جيڪو نمونو استعمال ڪري ٿي، ان کي ’بوڪمال‘ (Bokmål) سڏيو وڃي ٿو، جڏھن تہ 15 کان 10 سيڪڙو آبادي يا ٿورائي جيڪو لکتي معيار استعمال ڪري ٿي، ان کي ’ني ناشڪ‘ (Nynorsk) يا نئين نارويجئين ٻولي چيو وڃي ٿو. يُن فاسي انھيءَ نئين نارويجئين ٻولي واري لکتي معيار يعني Nynorsk کي ڪم آڻيندو آھي. ڪي ماڻھو فاسي پاران ان کي استعمال ڪرڻ کي سياسي اھڃاڻ ڪري وٺن ٿا. پاڪستاني ليکڪ ’طاھا ڪيھر‘ موجب جڏھن ناروي تي ڊينمارڪ پاران قائم ڪيل صدين تي پکڙيل تسلط ختم ٿيو تہ ان جي رھواسين پنھنجي ٻوليءَ تان ڊئنش ٻوليءَ جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، جن ۾ ھڪ ني ناشڪ جو واهپو بہ آھي. ھن جي خيال ۾ ڪي ماڻھو انھيءَ ٻولي کي مرندڙ ٻولي سمجهن ٿا، تہ ڪي وري ان خيال جا آھن تہ قومپرستيءَ جي جذبي تحت رياست جي مدد سان انھي ٻوليءَ کي جيئدان ڏيڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
ادبي نقاد، ’پير ورٽين‘ (Per Wirtén) ھڪ سويڊش نشرياتي اداري کي ٻڌايو تہ فاسي ھڪ پيچيدہ ۽ ٻاھر نہ ٻاڦيندڙ ليکڪ آھي ۽ ھن جا شروعاتي ناول ھڪ طرح، سماج جي ڏتڙيل ماڻھن، جھڙوڪ شرابين، غريب ماڻھن، اڇوتن پاران سرٻاٽن ۾ خود ڪلامي آھن. منھنجي خيال ۾ ھيءَ زبردست چونڊ آھي.
’ويسليان يونيورسٽي‘ (Wesleyan University) ۾ تخليقي ادب ۽ تنقيد جي پروفيسر ۽ ’نيويارڪر‘ مئگزين ۾ لکندڙ ’مرو ايمر‘ (Merve Emre) ين فاسي سان ناروي ۾ فاسي فائونڊيشن پاران، مترجمن، پبلشرن ۽ صحافين واسطي آگسٽ 2022ع ۾ منعقد ٿيل ين فاسي عالمي سمپوزيم دوران ملي ھئي، اتي جيڪا ھن جي ڳالھ ٻولھ فاسي سان ٿي، سا گذريل سال نومبر 2022ع ۾ ’نيويارڪر‘ مئگزين ۾ شايع ٿي آھي. ان مان ڪجهہ سوال جواب ھتي پيش ڪجن ٿا:
س: اوھان گهڻي ڀاڱي مُنھان مُنھن انٽرويو نہ ڏيندا آھيو؟
ج: آئون اي ميل جي وسيلي انٽرويو ڏيڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندو آھيان. منھنجي خيال ۾ ڳالھائڻ کان وڌيڪ لکڻ، کڻي انگريزي ٻوليءَ ۾ ئي ھجي، وڌيڪ سوَلو آھي.
س: مون ڳچ ليکڪن جا انٽرويو ڪيا آھن، جيڪي دعويٰ ڪن ٿا تہ اھي ان ڪري لکندا آھن، جو اھي ڳالھائي نٿا سگهن؟
ج: ھا، منھنجي حوالي سان بہ ٿوري حد تائين ائين ئي آھي. ڪنھن جو چوڻ آھي تہ اسان جنھن متعلق ڳالھائي نٿا سگهون، تنھن کي خاموشيءَ جي مدد سان منتقل ڪرڻ گهرجي. اوھان کي دريدا طرفان انھيءَ ڳالھ جي مشھور وٽ (twist) جي ڄاڻ ھوندي: ”توھان جيڪو چئي نٿا سگهو، سو توھان کي لکڻو آھي.“ اھو نڪتو منھنجي سوچ کي وڌيڪ ويجهو آھي.
س: توھان جي شروعاتي مضمونن ۾ ’يئڪ ديريدا‘ (Jacques Derrida) ڪافي موجود آھي. توھان جي گهڻن ناٽڪن ۽ ناولن ۾ ھن جي سوچ جو اولڙو نظر اچي ٿو، خاص ڪري ’خاموشي ۽ ماٺ‘ واري ناٽڪ جي چوڌاري؟
ج: مون ديريدا کي 1979ع ڌاري پڙھڻ شروع ڪيو ھو. گهٽ ۾ گهٽ ھتي ناروي ۾، يونيورسٽي يا يونيورسٽيءَ جو مزاج (spirit) مارڪسزم کان متاثر ھو. اسان وٽ ھڪ انتھا پسند مائوسٽ پارٽي ھوندي ھئي، جيڪا استادن، عالمن، ليکڪن ۽ عام ماڻھن ۾ مقبول ھئي. اھو ان زماني جو مزاج ھو ۽ آئون بہ ان ۾ رڱيل ھوس. مون سوشيالاجي جو مضمون پڙھڻ شروع ڪيو، پر مون کي فضول پڻي جي احساس اچي ورايو. شين کي اثباتي (positivistic) نموني ڇيد ڪرڻ وارو ڍنگ مون کي اجايو پئي لڳو. مون وري فلسفي جي مضمون کي کنيو. ان زماني ۾ مارڪس جي جاءِ تي فرينچپس ساختيت فلسفي (post-structuralists) جاءِ وٺي رھيا ھئا. مون کي ياد آھي تہ مون ناروي جي ڪنھن ٻھراڙيءَ ۾ ديريدا کي پھريون ڀيرو پڙھيو ھو. اھو (Of Grammatology) جو ڊئنش ٻوليءَ ۾ ترجمو ھو.
انھيءَ ڪتاب مون کي گهڻو متاثر ڪيو. اوھان مارٽين ھائيڊيگر (Martin Heidegger) جي (Sein und Zeit) کي پڙھيو آھي. مون ھائيڊيگر کي ڪافي پڙھيو آھي. ھو ڪافي ڏکيو ھو، پر اتساھڪ پڻ ھو. مون کي لڳو تہ ديريدا، ھائيڊيگر کي ڳاٽي ڀر ليٽائي رھيو ھو. ھائيڊيگر وٽ مکيہ سوال اھو ھو تہ جيڪي شيون وجود رکن ٿيون، تن ۾ ھڪ جھڙي يا عام ڳالھ ڪھڙي آھي؟ پر ديريدا وٽ ان جي ابتڙ مکيہ اھو سوال ھو: جيڪي موجود آھن، تن کي ڪھڙي ڳالھ، ھڪ ٻئي کان مختلف يا منفرد بڻائي ٿي؟ مون ويچاريو تہ لکڻ جو عمل تمام انوکو آھي. اھو ڳالھائڻ وانگيان نہ آھي، پر اھو ڪافي مختلف آھي. انھي نڪتي مون کي ديريدا ۽ ان جي لکڻ جي تصور سان ھڪ تعلق جوڙڻ ۾ سھائتا ڪئي.
۽ ان کان پوءِ مون تقابلي ادب پڙھڻ شروع ڪيو. ان وقت تائين مون پنھنجو پھريون ناول ۽ ڪجهہ ٻيون ادبي لکڻيون لکي ورتيون ھيون. ناول جو نظريو منھنجو مکيہ موضوع ھو. انھن نظرين ۾ بنيادي تصور سدائين راويءَ جو ھوندو آھي: راوي، شخص، ڪردار ۽ انھن جي نقطهءِ نظر جي وچ ۾ سٻنڌ. اھي ڪافي اھم آھن، پر پوءِ بہ مون کي لڳو تہ فڪشن جي نظريي جو بنيادي تصور راوي نہ ھئڻ گهرجي، جيڪو زباني روايتن مان اڀريو آھي. بلڪہ اھو ليکڪ ئي ھجڻ گهرجي. مون جنھن نموني ليکڪ کي ورتايو ٿي، سو جيڪي ڪجهہ لکيل ھو، تنھنجو جسماني حصو ھو، توھان جي لکت ۾ آيل ٺوس پڻو. مون ليکڪ کي بنيادي تصور سمجهي ڪري، بيان يا لکيل فڪشن جو پنھنجو ننڍڙو نظريو جوڙڻ ٿي گهريو ۽ اھو وري موسيقي وڄائڻ جي تجربي مان اڀريو. مون جيڪو پھريون مواد لکيو، جڏھن آئون ٻارنھن يا تيرنھن سالن جو ھوس، سو ڪنھن گيت جي شعرن تي مبني ھو. مون ڪجهہ نظم ۽ ننڍيون ڪھاڻيون لکيون....
س: مون پھرين اوھان جا ناول پڙھيا ۽ پوءِ اوھان جا سڀ ناٽڪ پڙھيا آھن. اوھان جي ناٽڪن جي حوالي سان جيڪا ڳالھہ مون کي دلچسپ لڳي، سا اھا آھي تہ اھي گهڻي ڀاڱي جنسياتي حسد (sexual jealousy) کي انتھائي دٻيل ۽ دردناڪ انداز ۾ چِٽين ٿا، پر اھا ڳالھ وري اوھان جي ناولن ۾ گهڻي ماٺي ھوندي آھي يا ائين کڻي چئجي تہ ان کي پسمنظر ۾ رکيو ويندو آھي؟
ج: حسد ئي ناٽڪ جو بھترين موضوع ھوندو آھي. اھو قديم زماني کان لاڳو آھي: پھرئين ڪن ٻن شخصن کي اسٽيج تي آڻيو ۽ پوءِ وري ٽئين کي اتي آڻيو. ائين اوھان جو ناٽڪ شروع ٿي ويندو. اھو ممڪن آھي تہ ٻن شخصن تي ٻڌل ناٽڪ بہ جوڙجي، جيئن آئون پنھنجي ڪن ناٽڪن ۾ ڪندو رھيو آھيان، جيئن ’ماءُ ۽ ٻار‘ نالي ناٽڪ ۾ آھي.
س: مون ٻڌو آھي تہ ناول لکڻ جي وچ واري عرصي ۾ اوھان ترجما ڪندا آھيو؟
ج: منھنجي خواھش آھي تہ وڌيڪ ناول نگار مترجم طور بہ ڪم ڪن. مون کي ترجمو ڪرڻ وڻندو آھي. اھو ھڪ طرح اڀياس وانگر آھي، پر اوھان کي گهرائي ۾ وڃڻو ٿو پوي. اھو تمام اونھو اڀياس آھي. آئون جڏھن ڇوڪراڻي وھيءَ ۾ ھئس، تڏھن ئي مون ’اولاو ھاگ‘ (Olav Hauge) جا ڪيل ترجما پڙھيا. اھي ھڪ جلد ۾ سھيڙيل آھن، جنھن جو نالو ’Translated Poems‘ آھي. مون آسٽرين شاعر ’جارج تراڪل‘ (Georg Trakl) کي پڙھيو تہ سندس شاعريءَ جي سحر ۾ جڪڙجي ويس، ڇو تہ ھاگ ان کي ترجمو ڪيو ھو. ان کان پوءِ مون ھن جي جرمن ڪليات خريد ڪئي، مون کي ان وقت جرمن ٻوليءَ تي ايترو عبور حاصل نہ ھو، پر مون ان ڪتاب کي ڪنھن طرح پڙھي ورتو. ھُو ايترو ڏکيو نہ ھو، ڇو تہ ھُو بہ مون وانگر پاڻ کي ورجائي ٿو. مون کان وڌيڪ اوھان ئي چئي ٿا سگهو تہ ھن جا سڀ نظم، ڄڻ ھڪ ئي نظم آھن. ٻہ ٽي سال اڳ مون ھن جي ھڪ مجموعي جو ترجمو ڪيو آھي. ھن سال مون ’The Elegies‘ جو ترجمو شايع ڪرايو آھي.
س: اوھان ’ڪافڪا‘ جي ’The Trial‘ جو ترجمو بہ ڪيو آھي؟
ج: ھا، ان ترجمي کي مبصرن ساراھيو آھي ۽ مون کي ان موٽ جي ڪري سرھائي ٿي. منھنجو پبلشر، جيڪو پاڻ جرمن آھي، تنھن منھنجي ترجمي جي ھڪ ھڪ لفظ، ويندي فل اسٽاپ کي چڪاسيو. اوھان ان تي اعتبار ڪري سگهو ٿا. منھنجي خيال ۾ ڪنھن بہ اسڪئنڊي نيوين (Scandinavian) ٻوليءَ ۾ ھيءُ ئي وڌيڪ مناسب ترجمو آھي. اھو پھريون ڀيرو ھو، جو مون ڪو ناول ترجمو ڪيو ھو. اھو ترجمو ڪتاب ’Septology‘ کان پوءِ ڪيو ويو. اصل ۾ مون محسوس پئي ڪيو تہ مون کي ڪجهہ منفرد ڪم ڪري، ساھي وٺڻ گهرجي. مون پھريون ڀيرو ڪو ناول ترجمو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اھو ’The Trial‘ ھو، جيڪو منھنجي پسنديدہ ناولن مان ھڪ آھي.
مون ڪافي ناٽڪ، خاص ڪري عظيم استادن اسڪائيلس (Aeschylus)، يوريپائيڊس (Euripides) ۽ سوفوڪلز (Sophocles) جي يونان جي المياتي ڊرامن جا ترجما ڪيا آھن. اھو قديم آواز کي ورنائڻ جھڙو عمل آھي ۽ انھن جو آواز تُز آھي. منھنجي پنھنجي زماني ۾، جنھن نموني، آئون لکان ٿو، انھن آوازن کي ورنائڻ ۽ لکڻ سوَلو آھي. ائين ڪرڻ مون کي وڻندو آھي.
س: ھاڻي اوھان ’جيرالڊ مرنين‘ جو ’The Plains‘ ترجمو پڻ ڪري رھيا آھيو؟
ج: مون کي خبر نہ آھي تہ آئون ڪيئن مرنين کي پڙھڻ تائين پڳس. ھن کي اڳ ۾ نارويجيئن ٻوليءَ ۾ ترجمو نہ ڪيو ويو آھي، پر مون ڪٿي ھن متعلق پڙھيو ۽ مون کي ھُو دلچسپ ليکڪ لڳو ۽ تنھن کان پوءِ ’The Plains‘ سندس وڌ کان وڌ ترجمو ٿيل ۽ مشھور ناول آھي. اھو سويڊش ۽ ڊئنش ٻولين ۾ بہ ترجمو ٿيو آھي. جيتري قدر ادب جي ڳالھ آھي، تہ آئون جرمن توڙي انگريزيءَ ۾ بہ پڙھي سگهان ٿو، پر آئون ان کي اسڪئنڊي نيوين ٻوليءَ ۾ پڙھڻ کي ترجيح ڏيندو آھيان. تنھن ڪري مون ان کي سويڊش ٻوليءَ ۾ پڙھيو ۽ اھو واقعي مون کي وڻيو. ان بعد مون فيصلو ڪيو تہ ان کي آئون پاڻ ترجمو ڪندس.
ادبي ذخيرو
فاسي جي ناولن ۽ ٻين نثري ڪتابن جو تعداد چاليھارو کن آھي. ناروي يا يورپ ۾ سندس ناماچاريءَ جو مکيہ سبب سندس ڊراما آھن، جيڪي ھزارين ڀيرا اسٽيج تي پيش ٿي چڪا آھن. ھيلتائين ھن 40 کن ڊراما لکيا آھن. ان کان علاوہ سندس شاعريءَ جا 13 کن مجموعا شايع ٿيا آھن. دنيا جي پنجاھ ٻولين ۾ ھن جي مخلتلف لکڻين جا ترجما ڪيا ويا آھن. انگريزي ٻوليءَ ۾ سندس ناٽڪن جا ترجما ڇھن جلدن ۾ سال 2002ع کان 2014ع تائين شايع ٿيا. سندس پھريون ناول جيڪو انگريزيءَ ۾ 2006ع ۾ شايع ٿيو ھو، سو ’Melancholy‘ جلد پھريون ھو. انھيءَ ڪتاب جو ترجمو ’Damion Searls‘ ڪيو، جنھن ھن جا ھيستائين ڏھاڪو کن ڪتاب ترجما ڪيا آھن. سندس انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي شايع ٿيل ناولن، ڪھاڻي ڪتاب ۽ شاعريءَ جي مجموعن جا نالا ھيٺيان آھن:
1. Aliss at the Fire, trans. Damion Searls (Dalkey Archive, 2010
2. Melancholy II, trans. Eric Dickens (Dalkey Archive, 2014)
3. Poems Selection of poems, translated by May-Brit Akerholt (Shift Fox Press, 2014)
4. Morning and Evening, trans. Damion Searls (Dalkey Archive, 2015)
5. An Angel Walks Through the Stage: and Other Essays, trans. May-Brit Akerholt (Dalkey Archive, 2015
6. Trilogy, trans. May-Brit Akerholt (Dalkey Archive, 2016). Compiles three novellas: Wakefulness, Olav's Dreams and Weariness.
7. Boathouse, trans. May-Brit Akerholt (Dalkey Archive, 2017
8. Scenes from Childhood translated by Damian Searls (Fizcarraldo Editions, 2018)
9. The Other Name: Septology I-II, trans. Damion Searls (Fitzcarraldo Editions, 2019
10. I Is Another: Septology III-V, trans. Damion Searls (Fitzcarraldo Editions, 2020
11. A New Name: Septology VI-VII, trans. Damion Searls (Fitzcarraldo Editions, 2021)
12. A Shining trans. from the Norwegian by Damion Searls, 2023

ڊرامن وارا ڪتاب:
1. Plays One (2002). Someone Is Going to Come Home; The Name; The Guitar Man; The Child
2. Plays Two (2004). A Summer's Day; Dream of Autumn; Winter
3. Plays Three (2004). Mother and Child; Sleep My Baby Sleep; Afternoon; Beautiful; Death Variations
4. Plays Four (2005). And We'll Never Be Parted; The Son; Visits; Meanwhile the lights go down and everything becomes black
5. Plays Five (2011). Suzannah; Living Secretly; The Dead Dogs; A Red Butterfly's Wings; Warm; Telemakos; Sleep
6. Plays Six (2014). Rambuku; Freedom; Over There; These Eyes; Girl in Yellow Raincoat; Christmas Tree Song; Sea
7.
ويجهڙ ۾ ھن جي مکيہ تصنيف ستن ڀاڱن ۾ ورھايل ھڪ ناول ’Septology‘ آھي، جنھن جو انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٽن جلدن ۾ شايع ٿيو آھي. انھيءَ ناول جي پھرئين جلد يا ڪتاب بعنوان :The Other Name Septology I - II، جيڪو ٻن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي، کي سال 2020ع جي عالمي بڪر انعام لاءِ ڊگهي فھرست ۾ ۽ آخري يعني ٽئين ڪتاب يا جلد بعنوان A New Name: Septology VI-VII، جيڪو ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آھي، کي سال 2022ع لاءِ عالمي بڪر انعام لاءِ مختصر فھرست ۾ شامل ڪيو ويو. انھيءَ انعام جي نامزدگيءَ بعد انٽرنيشنل بڪر پرائيز وارن جيڪا ساڻس ڳالھ ٻولھ ڪئي، ان مان ڪجهہ ٽڪرا ھتي پيش ڪجن ٿا:
س: سڀ کان پھرئين اسان کي اھو ٻڌايو تہ ڪھڙي شئي اوھان کي ھيءُ ناول لکڻ لاءِ اتساھيو؟
ج: 1983ع ڌاري منھنجو پھريون ناول شايع ٿيو ھو. اسي واري ڏھاڪي ۾ منھنجا ڪجهہ ٻيا ناول ۽ شاعريءَ جا مجموعا پڻ شايع ٿيا، پر نوي واري ڏھاڪي جي شروع ۾ مون ٿئيٽر لاءِ لکڻ شروع ڪيو. قريبن ٽيھارو کن ناٽڪ لکڻ ۽ ھر جاءِ انھن جي افتتاحي محفلن ۾ شرڪت واسطي سفر ڪرڻ کان پوءِ، مون محسوس ڪيو تہ ھاڻي گهڻو ئي ٿيو، تنھن ڪري مون وري فڪشن، جنھن کي مون ڍرو نثر (slow prose) ٿي تصور ڪيو، جيڪو ناٽڪ لاءِ گهربل اختصار (shortness) ۽ جولاني (intensity) جي ابتڙ ھو، لکڻ ڏي واپسيءَ جو فيصلو ڪيو.
اھو ڪتاب ’Septology‘ منھنجي ھيستائين لکيل مواد ۾ ڊگهو ترين متن آھي. مون کي انھيءَ ناول لکڻ ۾ پورا پنج سال لڳا آھن، جيڪو ستن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. گهڻن ملڪن ۾ ان کي ٽن جلدن يا ڪتابن ۾ شايع ڪيو ويو آھي. مون کي اميد آھي تہ انھن کي اڪيلو ڪري alone پڙھيو ويندو، خاص ڪري پھريون جلد، جيڪو سال 2020ع لاءِ انھيءَ انعام جي لانگ لسٽ ۾ شامل ٿيو ھو ۽ ھيءُ آخري جلد، جيڪو ھاڻي شارٽ لسٽ ۾ شامل ٿيو آھي، پر يقينن ھيءُ ناول سڄي ست ڀاڱائي ڪتاب ’Septology‘ جو حصو آھي، اھو ھڪ طرح، مون جيڪي ڪجهہ اڳ ۾ لکيو آھي، تنھن جو خلاصو (sum up) ڪري ٿو. اڳين ناولن توڙي ناٽڪن جي محرڪات کي نئين سر، پر نئين تناظر ۾ لکيو ويو آھي.
س: ڪھڙن ليکڪن اوھان تي گھرا اثر وڌا آھن؟
ج: منھنجي خيال ۾ جن ليکڪن مون کي وڌ ۾ وڌ متاثر ڪيو آھي، انھن ۾ نارويجئين ليکڪ ’ترجي ويساس‘ (Tarjei Vesaas)، آسٽرين شاعر ’جارج تراڪل‘ (Georg Trakl) ۽ ’سيميوئل بيڪيٽ‘ (Samuel Beckett) آھن. ان کان علاوہ جن ليکڪن کي آئون وڌيڪ ساراھيان ٿو، تن ۾ ’فرانز ڪافڪا‘ ۽ ’نت ھئمسن‘ (Knut Hamsun) شامل آھن.
س: انگريزي ڳالھائيندڙ دنيا جي ماڻھن جي پڙھڻ لاءِ اوھان جي ڪتابن جي ترجمي تي اوھان ڇا ٿا محسوس ڪريو؟
ج: آئون ھڪ ناياب ٻوليءَ، نئين نارويجيئن ۾ لکندو آھيان. ان کي رڳو پنج لک ماڻھو ئي لکي سگهن ٿا. البت ان کي نہ صرف اھي، جن جي ٻولي نارويجيئن آھي، پر اھي بہ، جن جي ٻولي ڊئنش ۽ سويڊش آھي، سي پڻ سمجهي سگهن ٿا. ھڪڙي تناظر ۾ اسڪئنڊي نيوئن ٻوليون ھڪ ئي ٻولي آھن، ڇو تہ اھي گڏيل نموني سمجهي سگهجن ٿيون، پر انھن کي مختلف نسخن ۾ لکيو وڃي ٿو، جن مان ٻہ نارويجيئن آھن.
بھرحال قريبن ويھارو ملين (ٻہ ڪروڙ) ماڻھو اسڪئنڊي نيوئن ٻولي ڳالھائيندڙ آھن، تنھن ڪري يقيني طور اھو ممڪن آھي تہ جڏھن اھي انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيندا تہ وڌيڪ ماڻھن تائين پھچندا. منھنجي قسمت ڀلي آھي تہ منھنجا سڀ ناٽڪ ۽ ڪافي ٻيو فڪشن اڳي ئي انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل آھن.
س: لکڻ جي حوالي سان اوھان کي ھيسيتائين ڪھڙي سٺي صلاح ڏني ويئي آھي؟
ج: لکو، سوچيو نہ!
ڀلي اوھان لکڻ کان اڳ توڙي لکڻ کان پوءِ ضرور سوچيو، پر جڏھن اوھان لکي رھيا ھجو، تڏھن نہ سوچيو.
ٻيا ايوارڊ ۽ انعام
فاسي، قومي توڙي عالمي سطح تي ڳچ انعام ۽ ايوارڊ حاصل ڪيا آھن.
آخر ۾ سندس ڪھاڻين جي مجموعي ’Scenes from Child‘ جي پھرين ٽائٽل ڪھاڻيءَ مان ھڪ ٽڪرو، جنھن کي ڪن نقادن علحدہ نموني ساراھيو آھي، ھتي پيش ڪجي ٿو:
خط تي چُميءَ جو ڳاڙھو نشان
الف: اسان ڇٻر تي ويٺل ھئاسين، ھُوءَ مون کان قد بت ۾ وڏي ھئي، سندس ڊگها ناسي وار ھوا ۾ جهومي رھيا ھئا ۽ ھن جا چُپ ٿلھا ھئا. اسان جي عمر 14 سال کن ھئي. اھا اسڪول ۾ داخلا جي پڪ پڪاڻي واري گڏجاڻي ھئي، جتي مختلف اسڪولن جا شاگرد اچي گڏيا ھئا. ھن جون ڇاتيون بہ وڏيون ھيون. ڇٻر تي ويٺي ھن گٽار پڻ وڄايو. اسان ھڪٻئي کي پنھنجا پنھنجا ڏس پتا لکرايا. جڏھن آئون گهر پھتس تہ مون کي ھن وٽان خط مليو، جنھن تي چُميءَ جو ڳاڙھو نشان ھو. مون پڻ ھن کي خط لکيا.
ب: اسان ھڪ سال کان پوءِ وري ھڪ ڪيفي ۾ ملياسون. اسان جي گهرن جي وچ تي قائم ھڪ ڪميونٽي سينٽر ۾ موسيقيءَ جي محفل منعقد ٿيڻي ھئي. اسان انھيءَ موسيقيءَ جي محفل ۾ گڏجي ويٺاسون، پر مون ۾ نہ ھن کي ڏسڻ جي ھمت ٿي ۽ نہ ئي آئون ھن سان ڳالھائڻ جو حوصلو ڌاري سگهيس. ان کان پوءِ اسان ھڪ ٻئي کي ڳچ خط لکيا. مون کي لپ اسٽڪ وارين چمين جي نشان وارا خط ملندا رھيا.
ٻ: ھُوءَ ۽ ھڪ دوست بس ۾ ٻہ ميل سفر ڪري منھنجي گهر پھتا. اھو ايسٽر جو ڏڻ ھو ۽ اسان پھاڙين ڏي چڪر ھڻڻ وياسين. اسان وٽ برفاني چاکڙيون
(skis) نہ ھيون، سو پنڌکي ڇڪيوسين، موسم گرم ۽ اڻوڻندڙ ھئي، ٻئي پاسي برف پٽڙي ھئي، سو اسان ان ۾ دٻجي ٿي وياسون. اسان ٿوري وقت لاءِ ھڪ ٻئي جا ھٿ جهليا.
ڀ: مون پئي سوچيو تہ مون کي ھن ڏانھن خط پٽ لکڻ گهرجي. ھڪ سال بعد مون ٻڌو تہ ھُو ڪار ڪلٽي ٿيڻ باعث اجل جو شڪار ٿي ويئي، اھو حادثو ھڪڙي ڇنڇر جي رات جي پوئين پھر ۾ ٿيو.

تاثر _ امان جيجل جي جدائي: جِيوَن منشا

=========================






ڊاڪٽر پرڌان جي ديھانت کان پوءِ، هُن کاڌو کائڻ گهٽائي ڇڏيو هو. جِيوَن کي هڪڙو ئي حل نظر آيو ۽ هُن مون کي فون ڪري چيو، ”ادا، امان ماني نٿي کائي، کاڌو صفا ذري برابر آهي. توهان چئوس، توهان کي نھڪر نہ ڪندي.“
هُن امان کي فون ڏني هئي، پريان جهيڻي آواز ۾ چيو هئائين، ”جيو...“ مائرن جا آواز الستي هوندا آهن. کين خبر هوندي آهي تہ صدا کي ڀاڪر ۾ ڀري ڪيئن هلبو آهي. دنيا ۾ جيترا بہ رنگ آهن، انھن کان وڌيڪ رنگَ، سندن آوازن ۾ ڀريل هوندا آهن. منھنجيون اکيون ڀرجي آيون هيون. ڀريل نڙيءَ سان چيم، ”جيجي... ڪجهہ کائو نہ.“ پريان اهو ئي آواز آيو، ”جيو...“ همٿون ميڙيندي ڳالھہ کي جاري رکندي چيو هئم، ”آئي، سڀ رب جي حوالي آهي، هر ڪنھن جو وارو آهي. ڊاڪٽر صاحب روانا ٿي ويا، هڪ ڏينھن اسان جو بہ وارو ايندو. اوهان پاڻ سمجُهو آهيو، ڪنھن جي پويان ڪيترو وڃي سگهجي ٿو.“
چيو هئائين، ”کاوان ٿي با...“
وڌيڪ شايد منھنجو آواز کيس سمجهہ ۾ نہ پئي آيو، شايد مون کي بہ پنھنجو آواز سمجهہ ۾ نہ پئي آيو. جِيوَن فون رکي تہ الاءِ ڇو لڳو هئم، تہ ڄڻ ڪنھن ٽاريءَ تي اڪيلو پن هجان... سڀئي ڇڻي ويا يا وري ڇڻندا ٿا وڃن ۽ پاڻ کي اڪيلو ٿو لڳان.
ٻہ ڏينھن رکي، جِيوَن خوشيءَ وچان چيو، ”امان اوهان جي ڳالھہ ٻُڌي، هاڻي بروبر کائي ٿي.“
جِيوَن، ڀرت، مھيش، چمن ۽ ٿاني وانگر هُوءَ سدائين منھنجي ماءُ رهي. ميرپورخاص جي گهر نمبر 300، چاندني چوڪ جي ٻين ماڙيءَ تي سندس رهائش هئي ۽ پھرين ماڙيءَ تي اسان جي پڦيءَ يعني بابا جي سؤٽ ادي افضل مغل جو گهر هو، جنھن جو ڊاڪٽر پرڌان مسواڙي هو. اُتي اسان جو وڃڻ، لاڳيتو هو ۽ ان وڃڻ ۾ سندن وڏو ڀاءُ ديو منشا، جنھن کي سڀ ٿانُو سڏيندا هئا، ڄڻ منھنجي جِيءَ سان جُڙي ويو. ميرپورخاص شھر ۾ پير رکڻ کان وٺي، ريل پار، بسن جي اڏي تان ڪنھن بس ۾ سوار ٿيڻ تائين، هُو پاڇي جيان مون سان گڏ هوندو هو. محبتن جا بہ عجيب سلسلا هئا، ڪوبہ موبائل فون ڪونہ هو، پر کيس پڪ هوندي هئي تہ مان اتي پھچڻو آهيان.
پل جُگنو پل پوپٽ هئا. امان سانئڻ، ٿاني جي ڪري، مون کي وڏو پُٽ سڏيو ۽ هي سڀ جِيوَن، مھيش، ڀرت، چمن، منھنجا ننڍا ڀائر بڻجي ويا. گهر ۾ منھنجو حڪم هلندو هو... امان کي ڪجهہ چوڻو هوندو هو تہ ٿانُو، مون سان سُرٻاٽ ڪندو هو.
اوچتو ڪراچيءَ ۾ تعليم حاصل ڪندي، ٿاني حياتيءَ کان موڪلايو. سڀ ڪجهہ پِيلاڻ ۾ ويڙهجي ويو. ميرپورخاص ڇڏائجي وئي. اهو گهر، اهي گهٽيون، اهي ماڙيون، اها ’مامونجيءَ‘ جي بيڪري، اسٽيشن روڊ تي وڏن وڻن هيٺان لڳايل ڪرسيون، جنھن تي مامونجي هوٽل سامھون رات جو چانھہ يا بيضن جو سوپ... سڀ ڪنھن ڌُنڌ ۾ گم ٿي ويا. ٿاني جو وڇوڙو ايڏو شديد هو، جو اندر ۾ همٿ جو ڪوبہ دروازو نہ پيو کُلي، تہ کيس وڃي ڀاڪر پائي اچان. اها عذرخواهي، مون پنھنجي پاڻ سان پاڻ ئي ڪئي، ها بس... اهو هڪڙو جملو سدائين مون لاءِ اهم رهيو آهي تہ مان انھن سڀني ڀائرن مان جڏهن بہ ڪنھن کان موڪلايان، يا ڪو چئٽ ڪريان تہ آخري جملو هوندو آهي، ”امان کي پيرن تي هٿ رکجان.“ انھن معاملن ۾ جِيوَن سدائين زور هو، هڪدم سندس پيرن تي هٿ رکي مون کي فون ڪري ٻُڌائيندو هو تہ هٿ رکيل آهن ۽ مان چُمي وٺندو هوس.
ماءُ تہ ڪمال آهي، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو ڪمال ٿي سگهي ٿو، جو چوندي هئي، تہ چئينس، ”منھنجي دعا اٿئي.“
ريل پار، بس اسٽاپ تي، بس هلڻ کان پوءِ ٿانُو ايستائين بيٺل هوندو هيو، جيستائين نگاھہ آخري سفر طئہ نٿي ڪري يا وري ڪو موڙ عڪس کي الوداع نٿو چوي. ورهيہ ٿي ويا آهن، اهو اسٽاپ ڏٺو ناهي، پر الاءِ ڇو لڳيم ٿو تہ ويندڙ بس کي هن ڀيري آئيءَ بہ ٿاني سان گڏ الوداع چيو آهي.
’امرتا‘ جي هنن صفحن ۾، جِيوَن پاران امان سانئڻ جي يادُن جا ورقَ ورايون ٿا. اها ٻہ پَٽِي سادي جُتي ڪمال هوندي آهي، جنھن جي هيٺان الاءِ ڪيترا محمود، فقير، جِيوَن پنھنجو جيئدان حاصل ڪندا آهن، مرتبا ماڻيندا آهن. دعا جي در کي سدائين کُليل ڏسندا آهن.
==============================

27 آگسٽ 2023ع آچر جو ڏينھن. جيجيءَ کائڻ پيئڻ ايترو تہ گهٽ ڪري ڇڏيو ھو، جو زندگيءَ جي حرڪت ۽ مختلف سرشتن جو صحيح نموني ڪم ڪرڻ لاءِ ناڪافي ۽ مشڪل ھو. ڀرت، حيدرآباد مان آيو ھو چيڪ ڪرڻ ۽ آخر اسان سوچي اھو ئي فيصلو ڪيو تہ ڊاڪٽري حساب سان NG ٽيوب (کاڌي پھچائڻ واري نالي) لڳرائجي. ٻيو ڪو رستو نہ ھو. کاڌي جي نالي لڳائڻ بيھوشي واري حالت ۾ ٿي سگهي آسان ھجي، پر جيڪڏھن مريض جا هوش حواس صحيح سالم ھجن، ايتري قدر جو ھُو ريسپانس ڏي ۽ گهر جي ھر ڀاتيءَ کي نالو وٺي سڃاڻي تہ پوءِ ھي عمل ڪجهہ وڌيڪ Irritable ٿي وڃي ٿو. پر اھو ڪرڻو ھو. ٻيو ڪو حل، حيلو، وسيلو ڪونہ ٿي ڏسڻ ۾ آيو. ٽيڪنيشن کي فون ڪيم. اٽينڊ نہ ڪيائين. شايد ڪنھن مريض جي پرگهور ۾ مصروف ھو. وري ٻيو دفعو ٽراءِ ڪيم. ساڳي صورتحال... انھيءَ ۾ بہ ڪا ڀلائي ھئي. ھڪ تہ جونيئر ھو. ٻيو اسان سڀني جو واقفڪار ۽ ويجهو. ڪم تمام sensitive ھو. عزت ۽ احترام جي دائري ۾ رھندي، شايد ھُو ڪٿي ڪانفيڊنس لوز ڪري وڃي ھا. ذھن ۾ متبادل جو سوچي گاڏيءَ جي چاٻي کڻي ٻاھر نڪتس. دروازو کوليم. سامھون زبير پنھنجي گهر مان ٻاھر نڪتو ھو ڪنھن ڪم لاءِ. مون کي جلديءَ ۾ گاڏي ۾ ويھندي ڏسي يڪدم پڇيائين، ”سر خير تو هي؟ آپ جلدي ۾ ڪھين جارھَي ھَين؟“ وراڻيم، ”بيٽا! والدہ ڪي طبيعت ٺيڪ نھين ھَي. ھفتي سَي کانا پينا ڀي صحيح نھين ھَي. ڊاڪٽر نَي خوراڪ والي ٽيوب لگوانَي ڪا مشوره ديا هَي. اس لئي جارها هون سول هسپتال ڪسي ڪو لَي آئون.“
2009ع کان زبير جو ماضي اسان جي سامھون گذريو آھي. تڏھن ھي تمام ننڍڙو ھو. ھن جو والد صاحب بزرگ ۽ نيڪ ماڻھو آھي. ايندي ويندي سلام دعا ڪندو آهي. ڪڏھن بي خياليءَ ۾ نظر نہ بہ پيس، تڏھن آئون سامھون وڃي ’چاچا‘ چئي مخاطب ٿيندي، سندس قرض لاھڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان. زبير ڪجهہ وقت اڳ سِيڌَي جو دڪان کوليو ھئو. ڪافي عرصو تہ ھليو پئي پر ڪجهہ وقت کان آئون ھتي نٿو ڏسان. شايد ڪنھن ٻيءَ ڪرت ۾ لڳل آھي. اللھ سائين خوش رکيس. سو مون کي تڪڙ ۽ پريشانيءَ واري حالت ۾ ڏسي چيائين، ”سر ميرَي تايا ابو هين نا! بہت سينئر هين. مين بُلا ڪر آتا هون. آپ ڪا مسئلھ حل ڪردين گي.“
آئون ڪار مان لھي دروازو اڌ کليل ۽ اڌ بند واري حالت ۾ ڇڏي ڪنھن خيرات گهرڻ واري فقير وانگر بيھي رھيس. تيسين گهر جي اندران ڪنھن ماڻھوءَ جي پيرن جو آواز ڪنن تي پيو. اڳيان سينيئر ٽيڪنيشن الطاف ھو ۽ پويان سندس ڀائيٽيو زبير. دروازي کان ٻاهر نڪرندي زبير اشاري ۾ مون کي سڀ ڪجهہ چئي ڇڏيو. آئون سمجهي ويس تہ ھي عزت ۽ احترام ۾ سندس چاچي جي سامھون ڳالھائڻ کان لنوائي پيو. بس مون سان ملائي ھُو واپس ھليو ويو. الطاف صاحب ميڊيڪل اسٽور تان ڪجهہ وٺي اچڻ لاءِ چيو، جيڪو مون ٿوريءَ دير ۾ مھيا ڪري ڏنو. اسين ٻئي گهر آياسين. ھن پنھنجي تجربي ۽ اعتماد سان NG ٽيوب لڳائي. پاڻ بہ مطعمن ٿي ويو ۽ اسان کي بہ اعتماد ڏيئي ويو. ڪنھن بہ وقت ڪو مسئلو ٿيڻ جي صورت ۾ پنھنجو موبائل نمبر بہ ڏيئي ويو. ٽيوب لڳڻ سان ڪافي آساني ٿي ويئي هئي. اللھ جي طرفان ٻي اھا عنايت ٿي جو امان کي شوگر وغيره ڪونہ ھئي. نہ تہ ان جو بيلنس ۽ ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ٿئي ھا. بحرحال بنا ڪنھن ٽينشن جي پاڻياٺي غذا، جوس، کير وغيره ڏيڻ شروع ڪيوسين. آھستي آھستي ڪجهہ بھتري ڏسڻ ۾ آئي پئي. ھفتي کان پوءِ ڀرت وري چيڪ ڪرڻ آيو. ڪجهہ بخار ھو. دل جي ڌڙڪن نارمل کان وڌيڪ ھئي. Respiratory Rate بہ مٿي ھو. ڪجهہ ٽيسٽون ڪرايون سين. Septicemia ڊائگنوز ڪيائين. انجيڪشن Tanzo اسٽارٽ ڪئيسين. ھاڻي اسين ڪافي حد تائين مطعمن ھئاسين. ڇاڪاڻ تہ Intake جو مسئلو حل ٿي چڪو ھو. ھفتي کن کان پوءِ Lab Tests رپيٽ ڪرايون سين، جنھن ۾ ڪجهہ بيڪٽريا ڏسڻ ۾ آيا ٿي. ان جو سبب Catheter ۽ NG ٽيوب ٿي سگهيا پئي. 14 ڊوز ٽينزو جا ڏيڻ کان پوءِ Cipro اورلي 6 ڏينھن ھلي. ليب ٽيسٽ وري ڪرائڻ تي پوزيشن ڪجهہ بھتر ڏسڻ ۾ آئي. ھيموگلوبن بہ ٿورو وڌڻ لڳو ھو. ڊاڪٽر ڀرت، ڊاڪٽر سترام، ڊاڪٽر ڀوَن، ڊاڪٽر دسرٿ ۽ ڊاڪٽر پرڀولال Intake بھتر ڪرڻ جو مشورو ڏنو. ڇو تہ ڪافي ڏينھن کانHigh Antibiotics جو ڊوز ھليو ھو. تقريبن 86/87 سالن جي عمر جو Age Factor بہ پنھنجي جاءِ تي موجود ھو. مريض جي پنھنجي Immunity Power وڌڻ جي ضرورت ھئي. ٻي ڪابہ شئي Investigation ۾ ظاھري طور نظر نہ پئي آئي. NG ٽيوب وسيلي کاڌو ڏيڻ سان ڪجهہ آسرو ٿيڻ لڳو ھو. طبيعت اڳي کان ڪجهہ سڌريل ھئي، پر اڃان self supporting نہ هئي. ايتري قدر جو پاسو ڦيرائڻ يا ويھڻ وس ۾ نہ ھو، پر دماغي حالت درست رھي. آيل کي نالو وٺي سڃاڻندي ھئي ۽ اشاري سان ڪجهہ اظھار ڪرڻ جي بہ ڪوشش ڪندي ھئي. چمن، Bed Matress وٺي آيو ھو. اڃان زخم وغيره تہ ڪونہ ٿيا ھئا پر اسان احتياط طور لڳائي ڇڏيو ھوسين. ڇو تہ مھيني ڏيڍ کان وڌيڪ عرصو بيڊ تي Sedentary پوزيشن ۾ رھڻ ۽ ٻيو وري وڏي عمر جي ڪري تمام ضروري ھو.
ڊاڪٽر پرڀو لال جي والد چاچا نيڀراج ۽ سندس سڄي پريوار جي اسان جي فيمليءَ سان مائٽن کان وٺي ويجھڙائپ ھلندي اچي. آئون 31 ڊسمبر 1997 جي سرد ترين رات بہ نٿو وساري سگهان، جڏھن مائنس ڊگري ۾ سيءَ پيو ھو ۽ ھي سڄو گهر بيگاھ وقت پيرين پنڌ ھلي بابا سائينءَ جي انتقال دوران اسان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ ٿيا ھئا. ٻئي ڀائر والد صاحب جا شاگرد رھيا آھن. بابا سائين جي نرالي طبيعت ۽ سخت مزاج ھئڻ ڪري ھر ڪو حُجت ڪري نہ سگهندو ھو، پر ڳوٺ جا ڪجهہ شاگرد اھڙا بہ ھئا، جيڪي سندن تمام ويجهو رھيا ۽ پيار شفقت وٺڻ ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ گهڻا حصيدار بڻيا. انھن ۾ ڊاڪٽر جو ڀاءُ مڻي شنڪر، انجنيئر مورو مل ۽ صادق علي شاھ جا نالا ذھن تي اچن ٿا. سيد صادق جي ماني بہ امڙ سانئڻ اسان سان گڏ پچائيندي ھئي.
پھرين آڪٽوبر، آچر جو ڀرت وري آيو ھو. ھن دفعي بلڊ پريشر اڳ جي ڀيٽ ۾ گهٽ پئي لڳو. مينٽين ڪرڻ لاءِ ٽيڪنيشن ٽيڪم کان ڊرپ لڳرائي. ٽيڪم جو Nick name انيل آھي. چاچا ڊاڪٽر پرڌان جي ٻہ ٽي دفعا طبيعت ناساز ٿيڻ وقت بہ انيل ۽ خادم خوب نڀايو. اسان ٻين گهر ڀاتين سان گڏ خدا انھن کي بہ خدمت جو موقعو ڏنو. ٻنھي ڄڻن چاچا جو تمام گهڻو پيار ورتو ۽ دعائون کٽيون. اللھ سائين کين سدائين سکيو ستابو رکي. انيل جي موبائل ۾ چاچا سان گڏ نڪتل تصويرون سندس ماضيءَ جون سونھري يادگيريون بڻجنديون ڇو تہ ھن جي اچڻ وقت چاچا جي چھري تي آيل خاص مرڪ پري کان پڌري ھوندي ھئي. بيشڪ مسيحائي پيشو ڪيڏو نہ عظيم ۽ اتم آھي جنھن جو قدر جيترو مريض کي ھجي ٿو، اوترو ٻيو ڪير ٿو سمجهي سگهي! تڪليف ۾ جيڪڏھن ڪنھن جي ڪنھن عمل سان ٿورڙي بہ فرحت ملي ٿي تڏھن دل مان نڪتل دعائون، ستين آسمان تي پھچي وڃن ٿيون، پر اتفاق سان اھي ساعتون وري ڪنھن ڪنھن خوشنصيب جي حصي ۾ اينديون آهن نہ تہ جيڪر ھن مادي پرست دنيا ۾ منٽن ۽ ڪلاڪن جا سودا بہ کيسي گرم ڪرڻ يا ذاتي مفادن عيوض ٿيندا آهن. اللھ سائين اسان سڀني کي هدايت ڏي ۽ ايمان سلامت رکي.
آئون حيدرآباد کان واپس اچي ويو ھئس. Normal Saline جي بوتل ھلي پئي. شايد ھڪڙي اڳ لڳي چڪي ھئي. ٽئين مون continue ڪئي. ھڪ ٻہ وڌيڪ spare ۾ منوج وٺي آيو. اتفاق سان رات جو ضرورت پيئي سگهي ٿي. BP چيڪ ڪيم. ڪجهہ اسٽيبل لڳو پئي پر گهڻو نہ. NS جي ڊرپ مسلسل ھلي رھي ھئي. ٽيوب ذريعي کيرڻي پياريسين. ڪجهہ آرام اچي ويو ھو. موھت ماءُ ۽ روھت ماءُ خيال رکيو پئي. آئون بہ سفر جي ٿڪاوٽ جي ڪري ليٽي پيس. 3 بجي ڌاري طبيعت خراب ٿيڻ لڳي. BP ڊائون ٿيڻ لڳو. نبض جو ڌڪ ڌڪ آھستي آھستي ۽ پوءِ غائب ٿي رھيو ھو. زندگيءَ جي حرڪتن جو تسلسل ٽُٽڻ لڳو ھو. بس آخري لمحا ھئا.
سڀ ڀڳوان جي مرضي.... ھري اوم شانتي.
پيار جي آخري چمي پيشانيءَ تي ڏنم ۽ موٽ ۾ پاڻ کي سڄي زندگيءَ لاءِ قرضدار سمجهندي، ڇو تہ اولاد جيڪڏھن سڄي عمر ماءُ جي خدمت ۾ گذاري تڏھن بہ سندس پاران گهاريل صرف ھڪ رات جو پلڙو تمام گهڻو وزني رھندو. 87 ورھين کان ٻرندڙ شمع ھميشہ لاءِ طبعي طور گُل ٿي ويئي پر پنھنجي وجود سان دکايل لاٽون باقي ڇڏي، پنھنجي پيار ۽ پاٻوھ سان ڀريل پلڪون سدائين لاءِ بند ڪري ڇڏيون. منھنجي جيجل، منھنجي سڀ ڪجهہ، نہ صرف منھنجي پر اسان چئن پٽن ۽ ھڪ ڌيئر جي. پاڻ اڻ پڙھيل پر ڪُک مان نڪتل چئن پٽن جيترو علم ۽ ڊگريون تمام ٿورن ورتيون. موڀي پٽ ميڊيسن ۾ FCPS، ٻيو NED ۾ پڙھندي حادثي جو شڪار ٿيو. جنھن ماءُ پيءُ جو ڄڻ جيءُ جهوري وڌو ھو، ٽيون ايجوڪيشن ۾ Ph.D ۽ چوٿون ھي نااھل، جاھل، حقير ۽ فقير. پيو ڪوڙا ڪالا والا ڪري. اصل حقيقت ڌڻيءَ کي معلوم.

يادگيريون _ مَنَ اندر جون ڪھاڻيون: آصف جمالي

پروفيسر مٺا خان مري
پروفيسر مٺا خان مري چوندو ھو، ”فلسفو ضرور پڙهو، پر فلسفِي نظر اچڻ جي ڪوشش نہ ڪريو. اھڙا ٿي اچو. جو اوھان کي ڏسي دل بھار بھار ٿئي.“ سائين اسان جو استاد ھو. صبح جو پھريون پيرڊ سائين وٺندو ھو، جيڪو پڙھندو ھو. صبح جو شاگردن سان شيئر ڪندو ھو. اسان پارن جي شاعري ٻڌي چوندو ھو تہ هھڙي شاعري ڪريو:
تون ڳالھ ڪرين ٿو زلفن جي
مان اڻڀن اڻڀن وارن جي
تون ڪُوڪ سڻين ٿو ڪوئل جي
مان پيٽ بکايل ٻارن جي
سائين جو ھر ڪنھن سان رويو محبت شفقت وارو ھو، پر مون کي تمام گهڻو ڀائيندو ھو. ھڪ ڀيري ڪلاس ۾ سائينءَ کان پڇيم، ”سائين جيڪڏھن آءٌ مري وڃان تہ توھان کي ڏک ٿيندو؟“
سائين چپ ٿي ويو. ڪلاس ۾ خاموشي ڇانئجي وئي. ڪجهہ پل ترسي چيائين، ”رستي تي جيڪڏھن ڪو مئل گڏھ ڏسندو آھيان تہ بہ اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويندا آھن. تون تہ ھڪ ماڻھو آھين.“ پوءِ سڄو ڪلاس روم ٽھڪن سان گونجي پيو. ھڪ ڀيرو سائين ادب تي ڳالھائي رھيو ھو. سڀ ڌيان سان ٻڌي رھيا ھئا، پر سائينءَ جون ڳالھيون گهڻن شاگردن جي ھڪ ڪن مان گذري ڦيري پائي ٻئي ڪن مان نڪري وينديون ھيون. ڪنھن ڇوڪر شرارت ڪندي پڇيو، ”سائين اديب ڇا کي چئبو آھي؟“
سائين سمجهي ويو سوال ۾ شرارت آھي، پر بلڪل سنجيدہ ٿي ويو، ”دوستن تي دائمي چَٽي، مائٽن تي آسماني آفت ۽ آخر بک ۾ مري ويندڙ کي اديب چئبو آھي.“ سائين ائين چئي ٻاھر نڪري ويو. ڪلاس ۾ ڪيتري دير تائين خاموشي ڇانئجي وئي.
ڪنھن شاگرد پيرڊ ھلندي سڪندر بادشاھ جي حوالي کان اھا ڳالھ ڪئي تہ جڏھن سڪندر بادشاھ سنڌ تي حملو ڪيو ۽ ھتان کان مور پکي پنھنجي ماءُ ڏانھن موڪليو تہ ماءُ مور پکي ڏسي حيران ٿي وئي، ”جنھن ديس جا پکي اھڙا سھڻا آھن، اتي جا ماڻھو ڪيترا محبتي ھوندا پُٽ سنڌ تي حملو نہ ڪر، موٽي اچ.“
سائين ڳالھ ٻڌي ترديد ڪندي چيو، ”اھو مور پکي نہ پر ڪانگ ھو.“ چيائين، ”جنھن ديس جا پکي ايترا چالاڪ تہ ماڻھو ڪھڙا چالاڪ ھوندا... پٽ موٽي اچ. شڪست تنھنجو نصيب آهي.“ شاگرد تہ اھا ڳالھہ ٻڌي کلي پيا پر سائين بلڪل سنجيدہ ھو. سائينءَ جي ڳالھ ۾ حڪمت ھئي. ڪانگ پنھنجي آکيري ڀرسان بہ ھروڀرو ڪنھن کي لنگهڻ ڪونھي ڏيندو. سائين منھنجي باري ۾ ھڪ اڳڪٿي ڪئي، آصف ڏسان پيو تلھار جي اروڙين تي تون ڪاڳر چونڊيندي.“
آءٌ بہ انھن ڏينھن پنھنجي حد اورانگهي ويو ھئس. سائين جڏھن بہ ملندو ھو اھا ڳالھ ڪندو ھو. زندگيءَ ۾ ھڪ عجيب ڦيرو آيو. انٽر کان پوءِ نوڪري ڪرڻي پئجي وئي. اڃان رزلٽ بہ نہ آئي هئي تہ ٽائون ڪميٽيءَ ۾ سينيٽري انسپيڪٽر ٿي ويس. شام جو شھر جي اھڙي جاءِ تي بيٺو ھئس. جتي ڪچرو پيو ھو. سائين، ڀر مان مَٽيو تہ مون تي نظر پئجي ويس. چيائين، ”مون سوچيو بہ نہ ھو منھنجي اڳڪٿي ايترو جلدي سچ ثابت ٿيندي، ڏس ڪاڳر چونڊين پيو نہ!“
مون چيو، ”سائين توھان ٿورو ٿڙي ويا آھيو. آءٌ ڪاڳر چونڊيان نہ پيو، پر چونڊرايان پيو.“ سائينءَ وڏو ٽھڪ ڏنو.
ياد ٿو اچي آخري ڀيرو پروفيسر مٺا خان مري کي مون سن ۾ سائين صالح محمد شاھ سان گڏ ڏٺو. ٻئي ڄڻا اڇي ھرک جي وڳي ۾ ڄڻ فرشتن جو روپ ڌاري ويٺل ھئا. مُنجهي پيس انھن مان ڪھڙو مٺا خان مري آهي. سچ پچ ھنجهن انھي جوڙي کي ڏسي ڪيتري دير تائين ٽِڪ ٻڌي بيٺو رھيس. جڏھن سائين ڇوڪرا چئي سڏيو تہ منھنجي پريشاني دور ٿي وئي. ھونئن تہ ٻنھي پيارن انسانن کان گهڻو متاثر ھئس، پر انھي ڏينھن ٻنھي کي ائين مَحوِ گفتگو ڏٺم تہ ڏاڍو وڻيا پئي.
سائينءَ جي ڪشادي اڱڻ ۾ تمام گهڻي رش ھئي، پوءِ ٿورو پرڀرو اچي بيھي رھياسين تہ مٿان کان اسان جو دوست مجيد چانڊيو اچي ويو. جيڪو پنھنجي حُليي جي ڪري، ھر ڪنھن کي متوجه ڪندو ھو، پر تڏھن بہ ملڻ وقت پنھنجو تعارف ضرور ڪرائيندو ھو. اوچتو گرمجوشيءَ سان اچي مليو، ”مجيد چانڊيو...“
سائينءَ ڏسندي چيس، ”ابا گدڙ کي ھر ڪو سڃاڻي، پر گدڙ ڪنھن کي نہ سڃاڻي.“ ھُو چُپ ٿي ويو، نالي کان پوءِ پنھنجو عھدو نہ ٻڌائي سگهيو.

تاج محمد جمالي
ڦاٽڪ کان پليٽ فارم تائين ھڪڙي پَٽڙيءَ تي پير پير تي رکي ھلندي ڳچ پنڌ ڪري ويندا ھئاسين، پر ڪڏھن بہ ڪو پليٽ فارم تائين نہ پھچي سگهيو. ڪڏھن وري ٽرين اچڻ کان پھرين پٽڙي تي سِڪا رکي ٽرين جي اچڻ جو انتظار ڪندا ھئاسين. اھي سڪا ٽرين جي لوھي ڦيٿن ھيٺان اچي ماني جي شڪل وانگر ٿي ويندا ھئا. ڪڏھن ٽرين پليٽ فارم تي بيھندي ھئي تہ ھڪ دروازي تان چڙھي ٻئي دروازي مان لھي اچبو ھو، پر ڪڏھن ڪڏھن ائين بہ ٿيندو ھو، گاڏي ھلندي لھڻ ڏکيو ٿي پوندو ھو تہ وڃي بدين نڪرندا ھئاسين، پر ڪو ڊپ ڊاءُ نہ ھوندو ھو. بس ٽي ٽي جي نظرن کان بچڻ لاءِ ھر جَتن ڪندا ھئاسين. اھو يقين ھو تہ ٽرين واپسيءَ ۾ تلھار اچي ڇڏيندي. ٽرين ۽ پليٽ فارم سان ڪيتريون يادون جڙيل آھن، پر ھاڻي انھيءَ پٽڙيءَ جي حالت ڏسي دل اداس ٿيو وڃي. خبر ناھي ھي ڪھڙي مخلوق آھي ريلوي ٽريڪ جو لوھ ڪاٺ جا سليپر مٽي بہ کائي رھي آھي. شايد ھي اھي ماڻھو آھن جن زمين تي خالي پٽڙي وڇايل ڏٺي ھجي. انھن لاءِ اھا پٽڙي فضول ھجي، ڪڏھن گاڏين کي ڪُوڪيندي ھتان گذرندي نہ ڏٺو ھجي. پنھنجن ھٿن کي لوڏي دري وٽ ويٺل اڻ ڄاڻ مسافرن کي نہ کيڪاريو ھجي. انھن کي ڪھڙي خبر تہ ھي پٽڙيون ماڻھن کي انھي دؤر ڏانھن وٺي وينديون آهن، جيڪو ھاڻي واپس اچڻو ناھي. انھن کي فضول لوھي ليڪا سمجهي ڊاٺو پيو وڃي. بلوچستان جو اڳوڻو وزيرِاعليٰ تاج محمد جمالي ڪيترن اعليٰ منصبن تي فائز رھندي ھميشہ ٽرين جي سفر کي اوليت ڏيندو هو.
سينٽرل ايشيا جي نوَن آباد ٿيل ملڪن ڏانھن روڊ رستي ويو هو. هڪ انٽرويو ۾ ڪمپيئر پڇيس، ”جهاز ۾ ڇو نہ چڙهندا آهيو؟“
چيائين، ”خوف ٿيندو آهي.“
ڪمپيئر چيس، ”حياتي جڏهن پوري ٿيڻي هوندي تڏهن ٿيندي؟“
حاضر جوابيءَ کان ڪم وٺندي چيائين، ”پر هڪڙي پائلٽ جي حياتي فلائيٽ دوران پوري ٿئي ته؟“
مون کي ٽرين ۾ سفر ڪندي اھڙا ڪيئي دلچسپ ماڻھو مليا، جن ٽرين کان سواءِ ڪو سفر نہ ڪيو. اھي ماڻھو تہ نہ رھيا آهن. انھن جي عشق جي نشانيءَ کي بي درديءَ سان نہ مَٽايو وڃي.

قبرستان
شھر جي چئني پاسن کان چار قبرستان آھن. لطف علي، حيدر شاھ، گل شاھ ۽ روشن شاھ... ھندو بہ پنھنجن کي انھن جي پاسي کان پر ٿورو پرڀرو پوريندا آھن. گهڻو پھرين عيسائين جي ڪوشش ھئي تہ کين پنھنجي قبرستان لاءِ جدا ٽڪرو ملي پوءِ مليو يا نہ، ھُو بہ پنھنجي پيارن کي روشن شاھ ڀرسان دفن ڪندا ھئا.
ھر ڪنھن جون پنھنجون ريتون رسمون آھن. پراڻي ڦليلي جي ڪپ تي سوامي ليلا شاھہ جي مڙھي بہ ھوندي ھئي. جتي ڪاريا ميت ساڙڻ ڪريا ڪرم جي رسم ڪندا ھئا. ننڍي ھوندي ’سوائيءَ جي ميلي‘ تي وڃڻ لاءِ اھو ھڪڙو ئي رستو ھو. جنھن تي گوڏي جيتري ڌڌڙ ھوندي ھئي. ميلي جا مور انھي ڌڌڙ جي دريا مان ترندي ميلي ۾ پھچندا ھئا. شھر مان نڪرڻ شرط ڦليليءَ جي ڪناري پھرين سوامي ليلا شاھ جي اھا مڙھي ڏسڻ ۾ ايندي ھئي. ان جي ڀرسان سيدن جو بہ مقام آھي. ڦليلي جي ڦٽل پيٽ ۾ ٻارنھن مھينا پاڻي ھوندو ھو ۽ ڪناري سان گهاٽا وڻ ھوندا ھئا. نائين محرم تي ماڻھو پنھنجن عزيزن کي ياد ڪندا آھن. قبرن تي مٽي وجهڻ لاءِ قبرستان جو رخ ڪندا آھن. ھي ھڪ اھڙو ڏينھن ھوندو آھي. جيڪي ماڻھو شھر ڇڏي ويا. اھي بہ پنھنجن مٽن مائٽن عزيزن جي قبرن تي مٽي وجهڻ ضرور ايندا آھن، پر پوءِ بہ ھزارين قبرون رھجي وينديون آھن. جن تي پاڻيءَ جو ڇنڊو نہ لڳندو آھي. گلن جون پتيون نہ ھونديون آھن. جنھن مان لڳندو آھي. ھاڻي ھن دنيا ۾ انھن جا وارث نہ رھيا آھن. جي آھن تہ انھن لاءِ مري ويا آھن يا ھي شھر ڇڏي ايترو پري ھليا ويا آھن. جو انھن جو ھڪ ڏينھن ۾ پھچڻ ناممڪن ھوندو آھي. ڪجهہ ماڻھو اھڙا بہ ايندا جن کي ھاڻي ڪير بہ نٿو سڃاڻي تہ ڪير آھن. ھر ماڻھو محسوس ڪندو آھي تہ اوپرا آھن. انھن کي بہ شھر ۽ شھر جي جيئرن ماڻھن سان ڪو غرض نہ ھوندو آھي. انھن کي اھي قبرون ڇڪي اينديون آھن. پوءِ پنھنجن ٻارن کي انھن قبرن متعلق ٻڌائيندا آھن. جيئن اھي سڀاڻي قبرون وساري نہ ويھن. ھن ڀيري ھڪ بنہ پراڻي قبر جنھن جي ڪتبي جا لفظ ۽ تاريخون مِٽجي ويون آھن. ھڪ فيمليءَ جا ڪجهہ فرد ۽ ٻار گلن جي چادر چاڙھيندي قبرستان ۾ موجود سڀني ماڻھن جي نظرن جو مرڪز ھئا. ڪير ھئا خبر نہ پئجي سگهي. مون پھرين بہ ڪيئي ڀيرا قبر جي ڪتبي کي پڙھڻ جي ڪوشش ڪئي پر وقت جي تيز وھڪري سڀ ڪجهہ ميساري ڇڏيو. پر اھا قبر انھن جي دل ۾ اڻ مٽ ياد ھئي. اھي ماڻھو خبر ناھي ڪٿان ڇڪجي آيا هئا..!

چاڪنگ
اڳي ديوارن تي چاڪنگ جو رواج گهڻو ھوندو ھو. جنھن جا اکر سٺا ھوندا ھئا، اھو يارن مان اڙجي ويندو ھو. ايم ايڇ سومرو تہ اجورو ڏيئي ديوارن جو ڪارو منھن ڪندو ھو، پر اھي دلبر مفت ۾ دڙڪو داٻ ڏيئي ڪم ڪڍي وٺندا ھئا. سھڻن اکرن سان ٿيل چاڪنگ تي مالڪ منھن ڦٽائي زھر جو ڍڪ پي ويندو ھو، پر بي سُرن اکرن سان ٿيل چاڪنگ تي ايندي ويندي ڌڻي پڄرندو ھو. ڪا سھڻي ديوار اھڙي جُٺ کان بچي ويندي ھئي تہ ٻئي ڏينھن ٻيو گروپ اڇو منھن ڪري ويندو ھئس. ڪير ڪڇي... پر ڪڏھن ڪو کڙڪو ٻڌي گهر ڌڻي جاڳي پوندو ھو تہ ميڙ منٿ ڪري پنھنجي ڀت کي رڱجڻ کان بچائي وٺندو ھو. آخر گهڻا ڏينھن... وري بُل ملندي رڱجي ويندي ھئي. نيٺ شھر جي ھڪ سيٺ حل ڪڍي ورتو. پينٽر کي وٺي اچي گهر جي ٻاھرين ديوار تي مقدس آيات لکائي ڇڏيائين ۽ پوءِ بي کٽڪو ٿي ويو. ھونئن چاڪنگ سان ورندو سرندو ڪجهہ ڪونہ ھو. مڙئي سياسي تنظيمن جي پاڻ ۾ چٽاڀيٽي ھوندي ھئي.
جڏھن ڪو احتجاج ٿيندو ھو تہ سڀ کان پھرين نعرا ٺھي ويندا ھئا. ھاڻي تہ اھي نعرا نہ رھيا آھن. انھي وچ ۾ ڀتين کي ڪيئي رنگن جون پونچيون اچي ويون ۽ آواز بہ نڙي ۾ گهٽجي ويو. پر اھو ياد آهي، ڪھڙو دوست ڪھڙي نعري جو خالق رھيو آهي. نوي کان پھرين منھنجو ھڪ نعرو معروف ٿي ويو. ڪنھن جلوس ۾ ٻڌي سرشار ٿي ويندو ھئس، پر پوءِ اھو نعرو بہ مري ويو، ڇو جو ان ۾ لعنت ۽ غير اخلاقي لفظ نہ ھئا. جڏھن شھر جي ديوارن تي لکيل ھڪ نعرو سانوڻيءَ جي تيز برسات ۾ پونچي ڊھڻ ڪري ظاھر ٿي پوندو ھو. انھي نعري تي مرڪي پوندو ھئس. ھاڻي تہ اھي ڀتيون بہ نہ رھيون آھن.
پياري غلام علي ٿيٻو جا ھٿ اکر سٺا ھوندا ھئا، فضيلت ڀريا نعرا لکندو ھو. وطن دوست تنظيم جو ترجمان آڱڙيو جيڪو ليٿو مشين تي ڇپبو ھو. غلام علي لکندو ھو. ٽياسيءَ ۾ جيل ياترا کان پوءِ شگر مل ۾ لڳي ويو. سمجهي ويو بنڊ ڳرو آهي تہ ماٺ اختيار ڪيائين، پر يارن وانگر رنگيني تي ھرکجي، ھيڏانھن ھوڏانھن نہ ٿڙيو.

پنکَ هوتَي تو...
شھر ۾ رھندي، رستي پنڌ ھن کي ڏسندو ھئس، پر ياد ٿو اچي ھن سان ملاقات نوي ڌاري ٿي ھئي. ھڪ سرد رات جو گهر جي ٻاھران بيٺو ھئس. پريان ٽنڊو باگو روڊ تي اي شاھ جي ڪئبن تي ظفر علي جي ڪيسٽ ’چھلک پڑتے ہیں ظالم کے آنسو قربان تیرے مرنے والے‘ لڳل ھئي، جيڪو ھر روز رات ڏھين بجي ڪنھن فرمائش تي سڄي شھر کي ٻڌڻو پوندو ھو. اي شاھ جو پتي وارو پان گهڻو مشھور ھو. پري پري کان شوقين ايندا ھئا. ڪئبن بند ڪندي رات جو دير ٿي ويندي ھئس. ٻارھين کان پوءِ لتا جي ڪيسٽ لڳندي ھئي: پنکھه هوتے تو اڑ آتی رے۔رسيا او بالما، تجهے دل کا داغ دکھلاتي رے... آواز جي لھرن تي چھل قدميءَ لاءِ ماڻھو ماني کائي گهرن کان ٻاھر نڪري ايندا ھئا. سر ۽ آواز سان رات جي حسن جي گهٽين ۾ آوارگي سحر طاري ڪري ڇڏيندي ھئي. ھي جنھن دوست سان گڏ ھو. اھو اخبارن ۾ لکندو ھو. سلام دعا کان پوءِ ھن تعارف ڪرايو تہ، ”ھي جاويد سمان آهي، لکندو آهي.“ سندس نالي ۾ ’سمان‘ مون کي منجهائي وڌو، وضاحت ڪندي چيائين، ”سمان ذات نہ پر منھنجو تخلص آهي.“
ھن جو والد صاحب چاچا علي تلھار جو معروف ڪارپينٽر ھو. ھن جو دڪان اسان جي آفيس جي سامھون ھو. جتي روز ڪجهہ مخصوص ماڻھن جو ميڙو مچندو ھو. اھي ماڻھو تمام ڌيرج سان ڳالھائيندا ھئا. محسوس ٿيندو ھو ڀر ۾ ويٺل بہ سندن ڳالھيون مشڪل سان ٻڌندو ھجي. اھي ماڻھو پنھنجي طور طريقي حليي مان پراسرار محسوس ٿيندا ھئا، جو سندن ھٿن ۾ ڪتاب بہ ڏسندو ھئس. پوءِ اھو اندازو ٿي ويو تہ شايد ٽوڻن ڦيڻن جو چڪر ھجي. جاويد کي بہ ڏسندو ھئس تہ ھُو دڪان تي والد جو ھٿ ونڊائيندو ھو. پر ھن ڪم ۾ دل نہ لڳندي ھئس. عرفان کلندو ھو، جاويد چاچا علي کان ايترو سکيو آهي جو بنڊ مان اٽي ٺاھي ويندو. ان ملاقات کان پوءِ آءٌ بہ ھن جي دڪان تي وڃڻ لڳس. پھرين اھو تجسس ختم ٿيو، ھتي جيڪا ڪچھري ٿيندي آهي، اھي سڀ محوسي آھن. انھن کي سونُ ٺاھڻ جو خفت آهي. ان خفت ۾ ھنن جون عمريون ڳري ويون.
جاويد پھرين ملاقات ۾ مون کي ھڪ خطن جو فائل ڏيکاريو. ھي محي الدين نواب جا خط آھن. محي الدين نواب کي اھو اعزاز حاصل آهي تہ هن دنيا جو طويل ناول قسطن ۾ لکيو. جاويد بہ ڊائجسٽن ۾ لکندو ھو. هي ڊائجسٽن جي دنيا جو ماڻھو لڳو. پوءِ مون ڏٺو تہ حيدرآباد کان اسماعيل بن واصف بہ ايندو ھئس. اسماعيل بن واصف کي پنھنجي فلم لاءِ ڪنھن ھيروئن جي ڳولا ھئي. مون ھڪ ملاقات ۾ اسماعيل بن واصف کان فلم جي اسٽوري ٻڌي تہ رات ٿي وئي. پڇيم، ”اسماعيل صاحب رات ڪٿي بسر ڪندؤ؟“ چيائين، ”پٺاڻ جي ھوٽل تي!“ منھنجي پيرن مان زمين نڪري وئي. مون گهران بسترو گهرائي ھن کي پريس ۾ سمھاري ڇڏيو. ھفتي کان پوءِ اسماعيل بن واصف دل جي دوري ڪري وفات ڪري ويو. فلم نہ ٺھي سگهي.
چاچا علي جو دڪان شھر مختلف ھنڌن تي شفٽ ٿيندو رھيو، شام جو جاويد وٽ وڃڻ ٿيندو ھو. ڪارپينٽر جي دڪان تي ڪاٺ ڪٻاڙو ئي ھوندو آهي. ھڪ ڀيري جاويد ڪجهہ ڳوليندي ھڪ ٻورو کوليو تہ ٻوري مان نيم پليٽ جون تختيون نڪتيون. تڏھن ننڍن شھرن ۾ گهرن ٻاھران نالي واري تختي جو رواج گهڻو ھو. گهڻو ڪري پنھنجي نالي سان ڊگري بي اي، ايم اي، ايل ايل بي بہ لکيو ويندو ھو. مون اھي تختيون ڏاڍي اشتياق سان پڙھيون. نالا پڙھندي احساس ٿيو اھي ماڻھو ڪيترا شائستہ ھوندا. اڻ ڏٺل ماڻھن جي رعب ۾ دٻجي ويو ھئس. افسوس ٿيو ھاڻي انھن نالن وارا ماڻھو شھر ۾ نہ ھئا. ھڪ پراڻي طرز جي روڪنگ چيئر ٽاٽ جي ڪپڙي واري آرام ڪرسي پيل ھئي.
چاچا علي ٻڌايو تہ، ”مالڪ ڪرسي ريپئرنگ لاءِ ڏيئي ويو، پر فساد ٿي ويا کڻڻ نہ آيو. پوءِ اھا ڪرسي دڪان تي رھجي وئي.“ مون بہ ھن ڪرسيءَ جو خوب مزو ورتو پر نيٺ ڪرسي دڪان تان ڪو دوست کڻي ويو.
جاويد بہ ڪجهہ ڏينھن پھرين اھو چئي چپ چاپ شھر ڇڏي ويو:
میں نے ہجرت کو چُن لیا صاحب،
ساتھ رہنے میں بھی خسارہ تھا۔

پڳھہ ڇوڙي پنڌ پيا _ بس ڪر اللھ... : الطاف شيخ

پرائمريءَ جي پھرئين درجي کان وٺي ڪاليج، اڪيڊمي ۽ يونيورسٽيءَ جي استادن ۾ فقط هڪ ڪمانڊر اسراراللھ سُجهي ٿو، جيڪو اڄ بہ پنھنجن شاگردن کي سڃاڻي ٿو ۽ سندن نالا ياد اٿس. منھنجو تہ تمام وڏي عرصي لاءِ ٽيچر/ليڪچرار رهيو. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ بہ تہ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ بہ، سو هو مون کي تہ چڱيءَ طرح سڃاڻي ٿو، پر اهي شاگرد جيڪي هن وٽ سال اڌ پڙهيا، انھن جا بہ چھرا ۽ نالا ياد اٿس. خدا طرفان کيس ڏنل ان قابليت کي اسين هميشہ داد ڏيندا آهيون. ڪي تہ وري اهڙا بہ ماستر جن وٽ پڙهڻ دوران بہ هنن کي پنھنجن شاگردن جا نالا نٿي آيا. فقط ٻن چئن هوشيار شاگردن جا ۽ ٻہ چار ڏڏ شاگردن جا آيا ٿي. انھن تي بہ اسان کي تعجب لڳندو هو. تن ڏينھن ۾ مون کي اها خبر نہ هئي تہ اڳتي هلي آئون بہ ماستر صاحب ٿيندس.
اسان وٽ مرچنٽ نيوي ۾ آهي تہ جهاز جي آخري پوسٽ تي پھچڻ بعد جهاز ڇڏي ڪناري جي نوڪري ڪري سگهجي ٿي. جهاز جا ڪئپٽن، جهاز ڇڏڻ يعني سمنڊ ڇڏڻ بعد ڪنھن بندرگاھہ ۾ پائليٽ ٿي ڪم ڪندا آهن، شپنگ ڪمپنين ۾ مئنيجر ٿي ڪم ڪندا آهن يا جهاز ۽ سمنڊ سان واپاري نوعيت جي ڪاروبار کي ڏسندا آهن، جيئن تہ اسٽيوڊورنگ، چارٽرنگ، بروڪريج، شپ بيچنگ وغيره يا ڪنھن اڪيڊمي يا يونيورسٽيءَ ۾ جهازي سبجيڪٽ پڙهائيندا آهن. جهازن جا چيف انجنيئر جهاز يعني سمنڊ جي نوڪري ڇڏڻ بعد شپ يارڊن ۾ ڪم ڪن، جتي نوان جهاز ٺھن ۽ پراڻن جي مرمت ٿئي. جهازن جي ڪمپنين جا ٽيڪنيڪل مئنيجر ٿي ڪم ڪن. بندرگاهن ۾ مڪينيڪل برانچ جا انچارج ٿي ڪم ڪن، جتي بندرگاھہ جي ٽگ (Tug) ٻيڙين، ڊريجرن ۽ ڪرينن جي سنڀال ڪن يا ڪئپٽنن وانگر مئرين اڪيڊمين ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهائين. مون کي شروع کان پڙهائڻ جو شوق هو سو جيئن ئي موقعو مليو تہ جهاز ڇڏي مون پڙهائڻ جي نوڪري قبول ڪئي. ڪجهہ سال ڪراچيءَ ۾ مئرين ڪاليج ۽ اڪيڊمي ۾ پڙهايم. اڪيڊمي ۾ انٽر (مئٿس) ڪري آيل ڪئڊٽن کي پڙهائڻو پوندو آهي ۽ ان کي Pre-Sea ڪورس چئجي ٿو يعني سمنڊ تي وڃڻ کان اڳ وارو ڪورس. سمنڊ تي انجنيئر يا نيويگيشن آفيسر ٿي وڃڻ بعد بہ هُو پروموشن لاءِ پڙهائي ۽ امتحان ڏين ٿا، جنھن ڪورس (پڙهائيءَ) کي Post-Sea ڪورس سڏجي ٿو.
هاڻ جڏهن مون ڪراچيءَ ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو تہ پھريون ڀيرو محسوس ڪيم تہ شاگردن جا نالا ياد رکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. روز جي ليڪچر تيار ڪرڻ ۽ ڏيڻ تي ڌيان ڏجي يا نالا ياد رکجن. هُونءَ چوندا آهن تہ آفيسر اهو سٺو آهي، جنھن کي پنھنجي ڪم وارن جا نالا اچن. چيو وڃي ٿو تہ نيپولين بونا پارٽ کي پنھنجي سڄي فوج جي سپاهين جا نالا ياد هئا. ماستر ٿي مون ان ڳالھہ کي اڃا بہ وڌيڪ Appreciate ڪيو. Post Sea وارو ڪورس ڪرڻ لاءِ جهازن جا آفيسر ٻن يا ٽن مھينن جي مدي لاءِ شاگرد ٿي رهندا هئا. انھن جا نالا تہ ڪڏهن بہ ياد ڪري نہ سگهيو آهيان، پر Pre Sea جا ڪئڊٽ جن جو ٻن سالن جو ڊگهو ڪورس ٿئي ٿو، انھن جا نالا ياد رکڻ بہ ماستر لاءِ ڪو سولو ڪم ناهي. پنجاھہ پنجاھہ ڪئڊٽن (شاگردن) جا چار ڪلاس. هر ڪلاس ۾ ساڳيو يونيفارم پھريل ساڳي هيئر ڪَٽ ۾ ويٺل هڪ جهڙن ڇوڪرن جا نالا ياد رکڻ، گهٽ ۾ گهٽ مون کي هميشہ ڏکيو لڳو آهي. منھن جي نڪ نقشي مان هڪ کي ٻئي کان ڌار ڪري سگهڻ ۾ ضرور سوَلائي رهي ٿي تہ هي ملئي آهي ۽ هي چيني.
ڪراچيءَ ۾ ڪجهہ سال پڙهائڻ بعد هتي ملائيشيا جي شھر ملاڪا ۾ پڙهائڻ لاءِ اچڻ ٿيو آهي. هتي ٽي قومون رهن ٿيون: ملئي، چيني ۽ انڊين. ملئي ۽ انڊين شاگرد ٿورا آهن، باقي اڌ کان وڌيڪ چيني آهن. ٿورن ڏينھن ۾ اسين پاڪستاني پڙهائڻ وارا: چيف انجنيئر آصف غيور، ڪئپٽن ذوالفقار عباسي وغيره اهو تہ سڃاڻي ويا آهيون تہ اسان جي شاگردن ۾ چيني ڪھڙا آهن، ملئي ڪھڙا ۽ انڊين ڪھڙا آهن، جن ۾ سڀ ڏکڻ هندستان جا تامل ڳالھائيندڙ آهن. باقي نالا ياد ڪرڻ هتي تہ اڃا بہ ڏکيو ڪم آهي. خاص ڪري چينين جا. جيڪي نالا اچارڻ ۾ تہ بيشڪ سولا آهن، پر هڪڙو مسئلو اهو آهي تہ چند چيني نالا ايترو تہ عام آهن جو لڳي ٿو تہ هر ٽئين چوٿين ماڻھوءَ جو نالو ساڳيو هجي ۽ ٻي ڳالھہ اها تہ سڀني چينين جي شڪل بہ هڪ جھڙي لڳي ٿي. ٻين کي کڻي نٿي لڳي، پر اسان کي تہ ايئن ئي لڳي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ اسان پاڪستانين کي. ڪئپٽن ذوالفقار خبردار ڪندي چيو تہ، ”اهو تمام حساس ٽاپڪ آهي، متان ان بابت چينين کي ڪجهہ چيو اٿانوَ.“
چيومانس، ”آئون اڳھين پنھنجي هڪ ڪليگ چيني ڪئپٽن کي چئي چڪو آهيان. تنھن ٻڌي ٿورو ناراضگيءَ مان چيو، ’توهان پاڪستاني بہ تہ سڀ هڪ جھڙا لڳو ٿا.“
”پوءِ تو ڇا چيس؟“ ڪئپٽن ذوالفقار پڇيو. ذوالفقار ۾ مڙيئي پُڇ پُڇ جي عادت گهڻي آهي. ڪوڙ ڳالھائي ٻڌايومانس تہ، ”مون ان چينيءَ کي چيو تہ: ڪٿي آئون پاڪستاني شھزادو ۽ ڪٿي ڪئپٽن ذوالفقار!“
ذوالفقار اهو ٻڌي وڏا ٽھڪ ڏنا. چرچائي تہ آهي. ٽھڪ ڏئي پوءِ چيائين: ”يار، تو ائين هرگز نہ چيو هوندس. آخر هُو انڌو تہ ناهي. سمجهي ٿو تہ ڪير وڌيڪ سھڻو آهي.“ ۽ پوءِ وري هڪ عدد ٽھڪ ڏيئي چيايئن، ”چڱو پارٽنر ’ڪئپٽن چانگ‘ کي جيڪي چئي سو ٺيڪ آهي، پر پاڻ واري چيني ٽائيپسٽ ڇوڪري ’مِس تَانِ‘ سان مڙيئي منھنجي تعريف ڪري ڇڏيندو ڪجانءِ.“
ڪئپٽن چانگ دراصل جڏهن چيو تہ توهان پاڪستانين جون شڪليون بہ تہ هڪ ٻئي سان ملن ٿيون تہ مون چيومانس، ”پر اسان جا نالا تہ نٿا ملن. توهان چينين جا تہ نالا بہ ملن ٿا.“ ان تي هُو خاموش ٿي ويو هو.
چينين جي نالن بابت ڪجهہ اهم ڳالھيون: چيني پنھنجي ’ذات‘ اڳيان لکن ۽ ’نالو‘ پوءِ. چينين جا خانداني نالا يا ذاتيون تہ هزارين آهن پر چار سؤ کن عام آهن ۽ انھن ۾ بہ ويھارو کن تمام گهڻو عام آهن. جيئن هالا جي نوي سيڪڙو ماڻھن جي ذات ميمڻ آهي يا ٽنڊو قيصر ۾ اڌ کان وڌيڪ نظاماڻي آهن. تيئن ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ بہ توهان کي ڪي ذاتيون عام نظر اينديون. مثال طور ’لي‘ پوءِ ڪي Li لکن تہ ڪي Lee. چون ٿا تہ چين ۾ نوي ملين (نو ڪروڙ) ماڻھو ’لي‘ ذات جا آهن. اهڙيءَ طرح پندرنھن ڪروڙ ’وانگ‘ ذات جا آهن، جيڪي ذهانگ بہ سڏجن ٿا. ڪن چيني ٻولين ۾ اهي چانگ چيونگ اچارجن ٿا. ياد رهي تہ عربي وانگر چيني هڪ زبان ناهي. چين ۾ ڪيتريون ئي چيني ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون، جن مان ڏهاڪو کن تمام مشھور آهن، جھڙوڪ منڊارين، ڪئنٽونيز، ٽيوچو، هڪا، هوڪين وغيره. جن ۾ ساڳي شئي لاءِ مختلف نالا ۽ اچار آهن. جيئن مائوءَ جو نالو ڪي مائو زي تنگ چون ٿا تہ ڪي مائوزي ڊانگ (Zedong) اچارين ٿا. زي ڊانگ جي معنيٰ آهي ’اوڀر جو واڌارو‘. چيني ماڻھو پنھنجن ٻارن جا نالا گهڻو ڪري اهي رکن ٿا جيڪي شيون هُو پنھنجن ٻارن ۾ چاهين ٿا. جيئن تہ ’دولت‘. ڪيترن ٻارن جي نالي جو مطلب ملڪيت، دولت، پئسو آهي. ڇوڪرين جا نالا گهڻو ڪري وڻن، ٻوٽن، گلن، خوشبوئن، ڳھه ڳٺن ۽ اوچن ڪپڙن جي نالن تان کنيا وڃن ٿا. پُٽ جي سِڪ ڪارڻ هُو ڪڏهن ڪڏهن ڇوڪرين جو نالو ’پانڊي‘ يا ’ڊاڊي‘ بہ رکن ٿا، جنھن جو لفظي مطلب آهي ’ننڍي ڀاءُ لاءِ اميد‘ يعني هن کان پوءِ ننڍو ڀاءُ ايندو يعني پٽ ڄمندو.
چيني زبان ۾ ڏھہ هزار کن شڪلين وارا اکر آهن، جن مان ٽي هزار اچار نالن ۾ ڪم اچي سگهن ٿا. ذات کان پوءِ نالي لاءِ انھن ٽن هزارن مان ڪي بہ ٻہ اکر ملائي سٺو گل، خوشبودار ٻوٽو، مٺو ميوو، جهجهي دولت، سنھي ململ وغيره نالو ٺاهي سگهجي ٿو. ڪن گهرن ۾ تہ اهڙا نالا رکيا وڃن ٿا جن جو پھريون اکر ساڳيو ٿئي، جيئن پاڻ وٽ غلام علي، غلام محمد، غلام عباس وغيره يا خوش بخت، خوش دل، خوش عالم وغيره. هڪ اهڙي چيني فئملي جنھن ۾ هر هڪ جي نالي جي شروعات مِنگ (يعني روشن) سان ٿئي ٿي، انھن چرچي خاطر پنھنجي ستين ٻار جو نالو رکيو مِنگ زو (Mung Zu) يعني ’هاڻ گهڻي ئي مِنگ ٿيا‘ يا کڻي چئجي تہ اهو مطلب ٿيو تہ ’اڳھين چڱا مِنگ اچي چڪا آهن.‘
اسان جي هڪ مائٽ کي هڪ ٻئي پويان پٽ ئي ڄاوا. سندس نالو اسداللھ آهي، سو پٽن جا نالا بہ ان ئي ترنم سان رکندا ويا. حبيب اللھ، عنايت اللھ، اسرار اللھ، ذڪاءُ اللھ، هدايت اللھ. کين ڌيءُ جو شوق هو پر هتي هڪ ٻئي پويان پٽ پئي ڄاوا. آخر ڪنھن صلاح ڏنن تہ هاڻ جي پٽ ڄمي تہ ان جو نالو رکجو، ”بس ڪر اللھ.“

ناول، ڪھاڻيون

---

نڪور ناول _ تُرم: اڪبر سومرو

چوٿون باب

حويليءَ ۾ رهندڙ ٻين ماڻھن، مردن ۾آدرشني جو مڙس ’همانشو راءِ‘، بورچي ڪاڪو ’ڀيرو‘، هڪڙو يتيم ڇوڪرو ’تاجي‘، جيڪو کوھہ تان پاڻيءَ جا ٻوڪا ڇڪي دِلا، مَٽ ڀريندو هو. ٻاهران هوٽلن تان مھمانن لاءِ سوڍا جون بوتلون، چانھہ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ماني بہ آڻيندو هو. ان کان علاوه واندڪائيءَ جي وقت ابھم ٻارن کي بہ ڪڇ تي کڻي گهمائيندو رهندو هو. ان ڪم لاءِ هن کي ماني ٽڪي، خرچيءَ جا پئسا ۽ ڏياري توڙي هوليءَ تي نوان ڪپڙا ملندا هئا. آسو، جيڪا سندس ڌيءَ سان گڏجي سڄو ڏينھن صفائي ڪندي رهندي هئي، سا پاسي واري ڪالونيءَ مان ايندي هئي ۽ سڄو ڏينھن پريشان رهندي هئي، ڇو تہ هن جا ڪمايل سمورا پئسا سندس شرابي مڙس ڦري ويندو هو. هُوءَ اڪثر حويليءَ ۾ بچيل کاڌو کائڻ لاءِ پنھنجي گهر کڻي ويندي هئي.

حويليءَ جي هڪڙي خاص ڪمري ۾ روزانو رقص جي محفل ڏسڻ لاءِ شھر جا نوجوان ايندا هئا، جتي فلمي گانن تي ناچ ٿيندو هو. استاد دلدار طبلو وڄائيندو هو، شادو هارمونيم تي سنگت ڪندو هو ۽ آدرشني رقص ڪندي هئي، هن جو آواز بہ تمام مِٺو هوندو هو. جڏهن ڳائيندي هئي تہ ماڻھو واھہ واھہ ڪرڻ لڳندا هئا ۽ جڏهن نچندي هئي تہ ڏسڻ وارا مبھوت رهجي ويندا هُئا. ان ڪري سندس سونھن، سريلي آواز ۽ ناچ جي ماهر هجڻ ڪري هن کي ٽي. ويءَ تي پرفارم ڪرڻ جون آڇون اچڻ لڳيون.

ڪڏهن ڪڏهن حويليءَ ۾ اڻ وڻندڙ واقعا بہ ٿي ويندا هئا، پر حويلي اهڙن معاملن کي پيٽاري ويئي هئي، جڏهن علائقي جي ٿاڻي ۾ نئون بدلي ٿي آيل صوبيدار منٿلي جو اگهہ وڌائڻ لاءِ حويليءَ تي ڇاپو هڻائيندو هو يا وري ناچ ڏسڻ ايندڙ نوجوانن مان ڪو گهڻو شراب پيتل گڙٻڙ ڪندو هو يا جهيڙو ٿي پوندو هو تہ جهيڙو ڪندڙن کي منھن ڏيڻ لاءِ ’شادو‘ پھلوان کي رکيو ويو هو، جيڪو اهڙن نالائق جوانن کي کڻي نہ رڳو حويليءَ کان ٻاهر رستي تي ڦٽو ڪري ايندو هو، پر وقت سِر منٿلي پڻ پڄائي ايندو هئو. شادو جو پيٽ ٻاهر نڪتل هو ۽ شاهي مڇون هئس، جن کي هُو ڪيس ڪندو هو ۽ سڄو ڏينھن وٽيندو رهندو هو.

حويليءَ ۾ هڪڙو ٻيو خاص ماڻھو ’ڪاڪو بشو رام‘ هوندو هو، جيڪو سڄو ڏينھن واندو ويٺو حقو ڇڪيندو هو ۽ حويليءَ ۾ وڙهندڙ ۽ هڪٻئي کي گاريون ڏيندڙ عورتن ۾ صلح ڪرائيندو رهندو هو. حويليءَ ۾ هُو پرساد جون ديڳيون وڌڻ جو يا مٺائي ورهائڻ جو ڪم ڪندو هو، ننڍن ٻارن تي نظر رکندو هو ۽ محرم شريف جي نياز ورهائڻ لاءِ يا ڪنھن ٻئي موقعي تي مٺايون وغيره ورهائڻ جو ڪم پڻ ڪندو هو.

ڪاڪي بشو رام جي، ٽيويھہ سال پھرين سندس ماءُ ’سانولي ديويءَ‘ سان شادي ڪرائي هئي. کيس سانوليءَ مان پنج ٻار ٿيا هئا، ٽي ڌيئرون ۽ ٻہ پُٽ، ظاهر هو، هُو سانولي ديويءَ جو قانوني مڙس هو، ان ڪري پنج ئي ٻار ان جا ليکبا پر سانوليءَ جو الزام هو تہ بشو رام کدڙو هو ۽ هن کي منجهانئس هڪڙو بہ ٻار نہ ٿيو هو! اهي سڀ ٻار هن کي شھر جي معزز پوليس آفيسرن، ججن، وڪيلن، سياستدانن يا وري سندن نوڪرن مان ٿيا هئا!

سندن شاديءَ جي ٽن سالن تائين هُو ٻئي ڪوشش ڪندا رهيا پر سانولي گرڀ وتي ڪانہ ٿي! ان بعد هُو ٻيئي گڏجي ڪيئي ڀيرا پاڙي ۾ موجود ’ساول بابا‘ جي درگاھہ تي باسون باسڻ ويا هئا، جتي ڪرڙ جي گهاٽي وڻ ۾، هُو جڏهن باس باسڻ لاءِ مختلف رنگن جا ڌاڳا ٻڌڻ ويندا هئا تہ وڻ هيٺان موجود ڀنگ گهوٽيندڙ ۽ پيئندڙ موالي جوش ۾ نعرا هڻندا رهندا هئا: 

”پيئون ٿا ڀنگ، ڪريون ٿا رنگ!“

”ڪونڊو، ڦٽين جو چونڊو!“

”ڀنگڙي سلطان، هيري موتيان دي کاڻ، نہ جِيوَڻ دا آسرا، نہ جِيوَڻ دي ڪاڻ!“

”نشو ٿو سُرڪي، محبوب ٿو مُرڪي، مُلون ٿو ڪُرڪي، ڄڻ پڻس جي ٿا پيئون!“

”ڀنگ ناهي ڏهي آ، اسان جي پيئڻ جي وَهي آ، ڌڙ ڳري ويو باقي سِسي وڃي رهي آ!“

هُو ٻئي ڄڻا، بشو رام ۽ سانولي ٻائي گهاٽي ڪرڙ جي وڻ ۾ سائو ڌاڳو ٻڌي بعد ۾ ساول بابا جي مزار تي پڙ ۽ گلن جي چادر چاڙهي باس باسي ايندا هئا ته: ”ساول سائين! اسان کي اولاد ڏيار (هنن جو خيال ڌيءَ ڄمڻ لاءِ هوندو هئو) تہ تو تي پُلاھہ جون پنج ديڳيون لاهبيون.“ 

پوءِ جڏهن سانوليءَ، شامن جو ميڪ اپ ڪري وارن جا بِگ ٽيلز ۽ لانگ اينڊ لوز هيئر اسٽائل ٺاهي ’آدريڪا‘ ۽ ’آدرشني‘ يا وري حويليءَ جي ٻين عورتن سان گڏجي شھر جي معزز ماڻھن جي بنگلن تي انھن جا پيگ ٺاهڻ ۽ انھن جي راتين کي معنيٰ بخشڻ شروع ڪئي تہ سانولي ٻائيءَ کي بہ سندس مُشڪي ڪلر جي ڪري ڪونہ ڪو پسند ڪري وٺندو هو. هُوءَ اتي نہ رڳو مالڪن سان پر انھن جي نوڪرن ۽ ڊرائيورن سان بہ بي تڪلف ٿي ويندي هئي. هونئن سانوليءَ جا رَوَش تہ خوبصورت هوندا هئا، بھرحال هُوءَ نہ رڳو اتان ڪمائي ايندي هئي، پر اتي وقت گذاريندي هن نہ رڳو پنھنجين راتين جو حساب چُڪتو ڪيو هو، پر پنھنجي گرڀ ۾ اهو ڳڀ بہ کڻي آئي، جنھن جي طاقت نہ ’ساول بابا‘ جي درگاھہ تي گهرجندڙ دعائن ۾ هئي ۽ نہ وري ڪاڪي بشو رام ۾!

ڪاڪي بشورام بہ جڏهن ڏٺو تہ سڀ ڪم سولا ٿي رهيا هئا، سانولي، پئسن ڪمائڻ سان گڏ ڌڙا ڌڙ سھڻا ٻار بہ ڄڻي رهي هئي تہ کڻي چُپ ساڌيائين! حويليءَ ۾ هڪڙو ٻيو غير اهم ڪردار ’ڪشني مل‘ جو هوندو هئو، جيڪو هر ڪنھن جي خوشيءَ ۾ خوش هوندو هئو ۽ سڄو ڏينھن نہ رڳو پاڻ کلندو رهندو هو، پر ٻين کي بہ کلائيندو رهندو هئو. 

هڪڙي ڏينھن شام جو آدريڪا تيار ٿي، آهان کي هڪڙي ڊنر پارٽيءَ ۾ وٺي ويئي. جتي شھر جي هاءِ فاءِ فيمليز جون عورتون ۽ مرد آيل هئا. آدريڪا، آهان کي اتي هڪڙي هلڪي چاپئين ڏاڙهي رکندڙ ۽ چالاڪ اکين واري ’پيپر اينڊ سالٽ‘ وارن واري هڪڙي شخص سان ملايو، جيڪو چروٽ پِي ۽ آهان کي ڏسي مُرڪي رهيو هئو. آدريڪا هن کي ٻڌايو تہ اهو خوبصورت نڪ ۽ جاڙن ڀِرن وارو ماڻھو هن جو پيءُ هئو! تہ آهان کي ڏاڍي حيراني ٿي. هُو پھرين تہ روئڻھارڪو ٿي ويو ۽ پوءِ جڏهن ماڻس کيس هن سان ملڻ ۽ سلام ڪرڻ لاءِ چيو تہ هُو اٿيو ۽ ڪرسيءَ تي ويٺل ان شخص کي ڀاڪر پاتائين، جنھن هن کي سندس نرڙ تي چميو، ڳل تي ٿڦڪي ڏني ۽ ڏھہ هزار ڪڍي هن جي کيسي ۾ وڌائين.


ڪجهہ ڏينھن پھريان آهان، جيڪو ڪوشليا سان گڏ سمنڊ جي ڪناري تي ڊوڙڻ وارو خواب ڏٺو هو، جنھن ۾ ڪوشليا جي ٻانھن جي جڳھہ تي اوچتو پَر ڦٽي آيا هئا ۽ هُوءَ اڏامي آسمان ڏانھن هلي ويئي هئي. آهان اڄ رات وري اهو ساڳيو خواب ڏٺو تہ پھرين تہ هُو ڊڄي ويو؛ ڇو تہ ڪوشليا رڳو هن جي گهاٽي دوست نہ هئي، پر ’ميوز‘ هئي. هُو ڪوشليا جو معشوق هئو. ڪوشليا هن جي ‘Muse!’ ۽ Soul mate هئي.

هُو ٻيھر اهو خواب ڏسي ڊڄي ويو هئو! هن جي جڏهن ننڊ مان اک کلي تہ هن پاڻ کي روئندو ڏٺو! ۽ پوءِ گهڻي دير تائين هن کي ننڊ نہ آئي هئي تہ هُو هنڌ تي پاسا ورائي سوچيندو رهيو تہ ماڻھوءَ کي خبر ئي نٿي پوي تہ سندس بلڪل پويان موت جو ڪارو راڪاس چنبو اُلاريو بيٺو آهي! 

صبح ٿيندي ئي هُو پنھنجي ڪمري مان نڪتو ۽ چاڙهيون لھندو ڪوشليا جي ڪمري تي ويو ۽ وڃي ڪڙو وڄايائين. ڪوشليا کي ننڊ مان اٿاري ساڻس ڪافي دير ڪچھري ڪرڻ کان پوءِ وڃي هُو مطمئن ٿيو، پر هن کي تڏهن بہ سمجهہ ۾ نہ آيو تہ ان خواب جو مطلب ڇا هئو؟!

آهان کي حويليءَ جو ماحول مناسب نٿي لڳو، هن کي محسوس ٿيندو هو تہ سڀ ڪجهہ موجود هوندي بہ هن کي ڪنھن شئي جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي. ان ڪري هن سندس ماءُ ۽ ڏاڏيءَ کي چيو تہ اڳتي هُو پنھنجي ڪمري ۾ اڪيلو نہ سمھندو، ان ڪري ڪوشليا کي هن جي ڪمري ۾ سمھاريو وڃي، جيئن هُو اڪيلائي محسوس نہ ڪري! سندس اهڙي مطالبي تي ’ڪوشليا‘ جي ماءُ ’لڪشميءَ‘ کان اجازت وٺي کين ساڳئي ڪمري ۾ سمھاريو ويو. روزانو سمھڻ مھل هُو ڪوشليا کي ڀاڪر پائي سمھندو هو، نہ تہ هن کي ننڊ نہ ايندي هئي! پر ان بعد بہ آهان کي ڀوائتا خواب ايندا رهندا هُئا! هن جي اهڙين ڳالھين جي ڪري آدريڪا هن کي آنند سان گڏ مندر ڏانھن موڪليو، جيئن هُو اتي پوڄا ڪري روحاني سڪون ماڻي سگهي!

مندر ۾ هُو هڪڙي ساڌوءَ سان مليو، جيڪو لانگوٽو ٻڌي دونھاٽ دکايو، هڪڙي پپر جي وڻ هيٺان اکيون بند ڪري ڪو منتر پڙهي رهيو هئو.

ساڌوءَ ڪجهہ ڏينھن تہ هن کان ڪي ضروري منتر پڙهايا ۽ پوءِ هڪ ڏينھن هن کي پپر جي وڻ تي چڙهڻ لاءِ چيائين تہ پھرين تہ هُو رد ڪد ڪندو رهيو، نيٺ هُو ڊڄي ڊڄي وڻ تي چڙهڻ لڳو، پر ڪجهہ دير کان پوءِ هن کي وڻ تان لھڻ جو چيو ويو تہ ڊپ ۾ لھي نہ سگهيو، اتي ويٺو رهيو ۽ پوءِ روئڻھارڪو ٿي ويو. نيٺ هن کي ڏاڪڻ رکي وڻ تان لاٿو ويو... ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ هن جو ڊپ گهٽيو ۽ هُو پاڻ ئي وڻ تي چڙهڻ ۽ لھڻ لڳو هو.

هاڻ هُو ڪافي سمجهہ وارو ٿي ويو هئو. هن کي ڪوشليا سان گڏ نہ رڳو سندس ماءُ پر سندس ماسي ’آدرشني‘ پڻ وڻندي هئي ۽ ان جو نچڻ پڻ... ۽ شامن جو هُو بہ ٽنگن ۾ گهنگهرو ٻڌي سندس ماسيءَ جو نقل ڪندو هئو. ناچ واري ڪمري ۾ موجود طبلي نواز استاد دلدار، هارمونيم تي موهن داس ۽ تنبوري تي استاد پريتم داس سنگت ڪندا هئا.

انھن ڏينھن ۾ ملڪ مٿان جنگ جا ڪڪر ڇانيل هئا. حڪومت ايمرجنسي نافذ ڪري ڇڏي هئي، ڇو تہ پاڙيسري مُلڪ حملو ڪيو هئو. ان ڪري اڪثر سڄي سڄي رات بجلي بند هوندي هئي ۽ سڄو شھر اونداهو ڪيو ويندو هئو، جيئن دشمن جي جهازن کي انساني آباديءَ جي خبر نہ پئجي سگهي. ان کان علاوه مختلف ميدانن ۽ پلاٽن ۾ مورچا کوٽيا ويا هئا، جيئن بمباريءَ جي صورت ۾ ماڻھو انھن مورچن ۾ لڪي پنھنجي جان بچائي سگهن. جڏهن بہ آسمان تي جنگي جهازن جا آواز ٻڌبا هئا تہ سڄي علائقي جي ماڻھن ۾ خوف جي لھر ڇائنجي ويندي هئي!

پري بيھي ڏسڻ سان اوندھہ ۾ جايون خوفناڪ ديون جيان نظر اينديون هيون. حويلي بہ ڪنھن شاهي ديوَ جھڙي نظر ايندي هئي.

اهڙين اونداهين راتين ۾ آهان ڪمري ۾ ميڻ بتين جي روشنيءَ ۾ سندس ماسي آدرشنيءَ سان گڏ ڇير ٻڌي رقص سکندو هئو ۽ ڪوشليا هن کي ڏسندي ۽ مُرڪندي رهندي هئي. هن جو ڌيان گهڻو ڪري ڪلاسڪ ناچ ڪٿڪ ۽ مني پوري تي هوندو هئو.

استاد پريتم داس جيڪو تنبورو وڄائيندو هئو، سو ڪافي پڙهيل لکيل ۽ ڄاڻ رکندڙ ماڻھو هوندو هئو. کيس ناچ جي تاريخ جو گهڻو علم هئو. ان آهان کي هڪڙي ڀيري ٻڌايو تہ، ”ناچ جو ذڪر دنيا جي پراڻي ۾ پراڻي ڪتاب ’رگويد‘ ۾ پڻ ڪيل آهي. جيڪو ڪتاب ’اگني ديوي‘ جي ذڪر جي تعريف سان شروع ٿئي ٿو. ’رگ‘ نظم جي ان بند کي چئجي ٿو، جيڪو ڪنھن جي تعريف ۾ لکيو ويو هجي ۽ ’ويد‘ جي معنيٰ آهي عقل، ڄاڻڻ يا سمجهه. ماڻھو جڏهن سندس جسماني جذبن کان مغلوب ٿي سندس جسم جي عضون کي حرڪت ڏئي ٿو تہ ان کي رقص يا ناچ چئجي ٿو.“ پريتم داس وڌيڪ ٻڌايو تہ، ”رقص رڳو انسان ئي نہ ڪندا آهن پر پکي پکڻ ۽ جيت جَڻا پڻ پنھنجي فطري جذبن جو اظھار ناچ جي ذريعي ڪندا آهن. هندوستان ۾ مور برسات جي مُند ۾ نچندو آهي ۽ ٻيا ڪيترائي جانور بھار جي موسم ۾ پيا ٽڙندا آهن. رقص انسان جي اندر ۾ اٿندڙ اها لھر آهي، جيڪا نبضن جي حرڪت ۽ جسم جي لوڏ سان پيدا ٿئي ٿي. ناچ ۾ حرڪت ۽ جذبو ڪم ڪري ٿو، ناچ موسيقيءَ جو پڻ بنياد آهي. پراڻي دور ۾ مختلف قبيلا ناچ کي شڪار ۽ جنگ جي موقعن تي استعمال ڪندا هئا ۽ وچئين دور جي صوفين بہ ان کي معرفتِ الاهي جو وسيلو سمجهيو. رقص جو تعلق جادو ۽ مذهبي رسمن سان بہ رهيو آهي. اڄ بہ آمريڪا جا ريڊ انڊين ۽ ميڪسيڪو جا رهندڙ ماڻھو مينھن وسائڻ لاءِ هڪڙو خاص قسم جو ناچ نچندا آهن ۽ آسٽريليا جا رهاڪو بہ برسات وسائڻ ۽ فصل جي ڀلي لھڻ لاءِ نچندا آهن. ماڻھن جو ٽولن جي صورت ۾ گڏجي نچڻ کين هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ جو موقعو ڏئي ٿو. قديم زماني جا ماڻھو هڪٻئي جو هَٿُ، هَٿَ ۾ ڏئي نچندا هئا. ترڪي ۽ سربيا جا ماڻھو بہ ائين نچندا آهن. جادو ڪرڻ مھل وري جهنگ جون خوشبودار ٻوٽيون ساڙي دونھون ڪندا هئا ۽ ان جي وچ ۾ بيھي نچندا هئا، جيئن جوش ۽ مستي وڌي ۽ ڏسڻ وارن کي بہ مزو اچي.“ هن ٻڌايو تہ، ”اسلام کان اڳ جا عرب بہ پنھنجين رسمن ۽ تقريبن ۾ ناچ گاني جون محفلون سجائيندا هئا ۽ نچندا هئا. مشھور ڪتاب ’ناٽيہ شاستر‘ ۾ ناچ ۽ موسيقيءَ جو ذڪر ڪندي لکيو ويو آهي تہ، ”ناچ جا ٻہ قسم آهن، هڪڙو مرداڻو ناچ، جيڪو ’شِوِ‘ نچندو هئو ۽ ٻيو وري نازڪ ناچ جنھن جو تعلق ’پاروتي‘ سان آهي، سو ’لاسيا‘ چوائي ٿو. مرداڻو ناچ، جنھن کي ’ٽانڊو‘ ناچ بہ چئبو آهي، ان جا 108 انداز آهن ۽ ’لاسيا‘ ۾ ڏھہ يا ٻارنھن انداز هوندا آهن. هندوستاني ناچ جا چار اهم مڪتب آهن، جن ۾ ’ڪٿا ڪلي‘، ’ڪٿڪ‘، ’ڀرت ناٿيم‘ ۽ ’مني پوري‘ ناچ اهم آهن.“ 

ڪوشليا هاڻ جوانيءَ جي سرحد ۾ داخل ٿي وئي هئي، ان ڪري هن سندس سموريون گڏيون کڻي سندس هڪڙي مائٽياڻي ماڌر کي ڏيئي ڇڏيون، تہ ماڌر خوشيءَ ۾ نچڻ لڳي هئي. 

ان ڏينھن شام جو آهان ڇير ٻڌي ڪافي دير تائين نچندو رهيو هئو ۽ جڏهن ٿَڪجِي چُور چُور ٿي پيو تہ وهنجڻ هليو ويو. رات جو هن کي تمام گهري ننڊ آئي تہ خوابن ۾ هُو ڪوشليا سان هٿ هٿ ۾، آڱريون آڱرين ۾ ۽ نيڻ نيڻن ۾ وجهي نچندو رهيو هئو. ڪوشليا جو نالو هن جي وجود ۾ جهانجهر جيان وڄندو هئو، ڪوشليا نہ رڳو هن جي دوست هئي، پر هن جي اڻ- سامايل محبت هئي، اڪيلاين جو آٿت هئي، هن جي روح جي غذا ۽ Soul mate هئي. هُوءَ جڏهن آهان سان ملي ٽھڪ ڏيندي هئي تہ هن جو انگ انگ ڪَرَ موڙي اٿندو هئو. هن جي وجود ۾ ڄڻ بھار جي آمد ٿي ويندي هئي. 

اها سڄي رات خوابن ۾ آهان ۽ ڪوشليا سمنڊ جي ڪناري تي پنھنجن پاجامن جا پانچا مٿي ڪري ٿڌي واريءَ تي پيرن اگهاڙا هلندا رهيا هئا. هلي هلي ۽ سامونڊي پکين جا آواز ٻڌي ٻڌي جڏهن ٿڪجي پيا هئا تہ ڪناري تي ٺھيل پٿر جي مندر جون چاڙهيون چڙهندا اندر پوڄا لاءِ هليا ويا هئا. آهان، ڪوشليا جا چاڙهيون چڙهندڙ سفيد ۽ نازڪ پير تڪيندو رهجي ويو هئو، جيڪا هن جي اڳيان اڳيان ڏاڪا چڙهي رهي هئي.


انھن ڏينھن حويليءَ ۾ آدرشني جي وڏي ڌاڪ هئي، ڇو تہ هُو نہ رڳو فلمي صنعت ۾ بلڪ ملڪ جي سپرهٽ فلمن جي سپر اسٽار هئي ۽ هن جو مڙس همانشو راءِ وري ملڪ جي هڪڙي ’خفيھ‘ اداري جو سربراھہ هئو، هن جي رهائي ملڪ جي وڏن وڏن بيورو ڪريٽس، وزيرن ڪبيرن ۽ سياستدانن سان هوندي هئي. آدرشني جي هر فلم هِٽ فلم هوندي هئي، جڏهن بہ هن جي فلم لڳندي هئي تہ سئنيمائن تي ماڻھو ڳاهٽ هوندا هئا! هن جي فلمن ۾ رقص بہ ڏسڻ وٽان هوندو هئو. جيڪو ماڻھن ۾ تڙپ ۽ بيقراري پيدا ڪندو هئو. هن جي هڪڙي بلاڪ بسٽر فلم ’چور مچائي شور‘ ۾ هن جو، ’ٿا يقين ڪِ آئين گِي يہ راتان ڪڀِي‘ گاني تي فلمايل رقص تہ سمورا پراڻا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا هئا.

هن جي هڪڙي ٻي فلم جو گانو، ’جو بچا ٿا وه لٽاني ڪي لئي آئي هين!‘ تہ ملڪ جي ٻار ٻچي جي وات تي هئو. هر ڪو اک تي وار رکيو گهٽين مان اهو گانو ڳائيندو، پنھنجي پاڻ کي هيرو سمجهندو رهندو هئو.

’آدرشني‘ جيئن ئي مشھور ٿي تہ سندس ماءُ ’ڪشمالا ديوي‘ جي اجازت سان هن شھر جي هڪڙي پوش علائقي ۾ هڪڙو خوبصورت بنگلو ورتو، جنھن جو نالو ’سينوريٽا هوم‘ رکيو ويو. جتي همانشو راءِ ڄڻ مھمانن جيان ايندو ويندو هئو.

هنن جي ٽن ٻارن، ٻن ڌيئرن ’ايشوريا‘، ’ڪاهيني‘ ۽ هڪڙي پٽ ’ستيش‘ جي سار سنڀال ۽ پرورش نوڪر ڪندا هئا. ڇو تہ سندن ماءُ پيءُ اڪثر گهر کان ٻاهر هوندا هئا.

آدرشني جي نئين فلم ’امرائو جان ادا‘ جو گانو، ’جو بچا ٿا وه لٽاني ڪي لئي آئي هين!‘ جڏهن مشھور ٿيو تہ هن جون شامون سندس ڪليگس اداڪارن، اداڪارائن ۽ سياستدانن جي بنگلن تي ڊنر پارٽيز ۾ گذرڻ کان سواءِ وزيرن، ڪبيرن، ڪئنٽومينٽس ۾ جنرلز ۽ صدر صاحب جي بنگلن تي گذرڻ لڳيون. ڪجهہ ئي عرصي ۾ هن جو شمار صدر صاحب جي خاص دوستن ۾ بہ ٿيڻ لڳو، قصو ايستائين وڃي پھتو تہ هڪ ڀيري ڪنھن ملڪ جو اهم عھديدار دوري تي آيو. واپس وڃڻ واري ڏينھن جهاز ۾ چڙهڻ کان اڳ رسمي طور صدر صاحب کان موڪلائڻو هئس، پر صدر صاحب سڄي رات ڊرنڪ ڪري رنگ رليون ملھائي، ڪنھن عورت سان ٻکيو سُتو پيو هئو، اسٽاف جا سمورا ماڻھو پريشان هئا تہ هاڻ صدر صاحب کي ڪير ننڊ مان اٿارڻ جي همٿ ڪري؟ 

نيٺ اسٽاف جا ماڻھو آدرشني کي وٺي آيا، جنھن وڃي صدر صاحب کي سندس بيڊروم ۾ گهڙي ننڊ مان جاڳايو ۽ جلدي جلدي تيار ڪرايو، تنھن کان پوءِ ان ملڪ جو اهم عھديدار پروٽوڪول سان موڪلائي وڃي جهاز ۾ چڙهيو هو. آدرشني جڏهن صدر صاحب جي بيڊروم ۾ گهڙي سندس مٿان ڪمبل لاٿو هئو تہ اتي هڪڙي مشھور عورت کي صدر صاحب کي ٻک وجهي ستل ڏٺو هئائين. آدرشني جو صدر صاحب سان ايتري ويجهي قربت جو سبب صدر صاحب جي هڪڙي ٻي ويجهي دوست جي پٽ جي شاديءَ جي محفل هئي، جنھن ۾ جڏهن ’آدرشني‘ پنجابي فلم ’بنارسي ٺڳ‘ جو گانو ’اک لڙي بدوبدي، موقعه ملي ڪدي ڪدي‘ تي ڊانس ڪيو هئو ۽ زبردست داد ورتو هئو.

هڪڙي ٻئي ڀيري جڏهن صدر صاحب سندس نئين ٺھرايل بنگلي جو افتتاح ڪيو ۽ سندس ويجهن دوستن جي خاص دعوت ڪئي هئي تہ ان محفل ۾ بہ ٻين ڪئين مشھور ۽ خوبصورت عورتن سان گڏ آدرشني بہ شامل هئي.

ان محفل ۾ بيگم جُوناڳڙھہ، هڪڙي وڏي واپاريءَ جي زال، هڪڙي سياستدان جي طلاق ڏنل اڳوڻي زال، ڪجهہ آرمي آفيسرس، هڪڙو آءِ جي جيلز، هڪڙو بينڪر ۽ صدر صاحب جي هڪڙي غير ملڪي گوري دوست سيرينا وليمس (جنھن لاءِ مشھور هئو تہ اُها سندس ملڪ جي انٽليجنس اداري جي پاليسين ۽ صدر صاحب جي وچ ۾ ضمانت هئي) سان گڏ ٻين بہ ڪافي ماڻھن ۽ پرڪشش عورتون جو هجوم هئو، جيڪي وائين، ڊائين ۽ سموڪنگ ۾ مشغول هيون. اتفاقاً ان رات بُليو مُون هئو، ان ڪري نئين ٺھيل بنگلي جي سُئمنگ پول جي چوڌاري ڪرسيون ۽ ٽيبلون لڳائي، محفل ڄمائي وئي هئي. اها رات ڏاڍي حسين هئي، چانڊوڪي سميت هر طرف روشنين، خوشبوئن ۽ خوبصورتين جا لھرا هُئا. سمورن ڄڻن کُلئي آسمان هيٺان شاهي چنڊ جو نظارو ڪرڻ سان گڏ اتي آيل زميني چنڊن جو بہ خوب نظارو ڪيو هو. ان رات آدرشني سان گڏ هلڪي سرور ۾ ٻين عورتن بہ جڏهن پنجابي فلم ’سالا صاحب‘ جو مشھور گانو ’مين تي ميرا دلبر جاني!‘ تاڙين جي لئہ تي ڪورس جي انداز ۾ ڳايو هو تہ سمورا حاضرين عش عش ڪري اٿيا هُئا.

جڏهن سمورا ڄڻا نشي ۾ چُور چُور هئا تہ سمورن اڳيان صدر صاحب پھرين آدرشني کي ڪَڇَ ۾ کڻي چُميو ۽ پوءِ سوئمنگ پول ۾ اڇلايو هو تہ ٻين بہ ائين ڪيو هئو، انھن مان ڪجهہ عورتون تہ وجهہ وٺي، ڪمرن ڏانھن ڀڄي ويون هيون، پر گهڻين کي بار بار کڻي سوئمنگ پول ۾ اڇلايو ويو هئو تہ مردن ۽ عورتن جي رڙو رڙ ۽ ٽھڪ پکڙجي ويا هئا. 

ان بعد صدر صاحب ۽ آدرشني ٻيئي ڄڻا سوئمنگ پول ۾ ٽُٻيون هڻڻ لڳا هئا. آدرشني کِلِي کِلِي کيري ٿي پيئي هئي.

آدرشني جو مڙس همانشو راءِ بہ صدر صاحب جو دوست ٿي ويو هئو، ان ڪري هن کي آدرشني جو صدر صاحب جي محفلن ۾ وڃڻ خراب نہ لڳندو هئو. ان جي مناسب قيمت آدرشني کي تہ ملندي ئي هئي پر همانشو راءِ، صدر صاحب کان سندس ويجهن دوستن جا غير قانوني ڪم اُڪلائي ڪروڙين روپين جا فائدا وٺندو هئو.

سيرينا وليمس جو ظاهري طرح اهو تعارف ڪرايو ويو هئو تہ هُوءَ ملڪ جي ڊُيزرٽ ايرياز ۾ سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪري ماڻھن جي زندگيءَ جو معيار بھتر ڪرڻ جي ڪم سان آئي هئي، ان ڪري هُو هڪڙي ڊونر ايجنسيءَ جي صورت ۾ متعارف ٿي هئي، جنھن جو ڪو ڊيزرٽ ايرياز ۾ رهندڙ ڳوٺاڻن لاءِ پاڻيءَ جا کوھہ کوٽائڻ، کين نلڪا هڻي ڏيڻ وغيره شامل هئو. ان کان اڳ اها عورت افريقا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهڙا ڪم ڪري چُڪي هئي.

همانشو راءِ جي سربراهيءَ ۾ سيرينا وليمس جي صدارت ۾ سمورن صوبن مان ’مائيڪرو فنانسنگ‘ ڪندڙ مقامي اڳواڻن کي گهرايو ويو ۽ ملڪ جي رموٽ ايرياز ۾ ترقيءَ جي ڪم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فيصلا ڪيا ويا ۽ کين ’گرينڊ لنچيان بُوفي‘ ڪرايو ويو.

مقامي اڳواڻن سان ڪانفرنس ڏاڍي ڪامياب رهي، جنھن ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ جلد ئي مقامي اڳواڻن سندن پراجيڪٽس ۽ Suggestions سان گڏ ايندا تہ کين فنڊ مھيا ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويندو.

سال کن کان پوءِ ملڪ ۾ جنرل اليڪشن ٿيڻي هئي، ان لاءِ صدر هڪڙي هاءِ ليول جي ميٽنگ ڪوٺائي، ان ۾ اهم فيصلا ڪيا. اليڪشن ۾ گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ يا وري ان کي ملتوي ڪرائڻ لاءِ همانشو راءِ کي ٽاسڪ ڏنو ويو. 

سڀ کان پھرين ملڪ جي هڪڙي وڏي بينڪر، ٻن ٽن وڏن سرمائيدارن کي گهرايو. همانشو راءِ مجموعي طرح کين هڪ کرب رپين جو بندوبست ڪرڻ لاءِ چيو. جيڪي پئسا ممڪنہ طور ملڪ ۾ ٿيندڙ اليڪشن جا گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻا هُئا.

ان بعد هن ملڪ جي ڪجهہ ڦڏائي سياستدانن، هڪڙي دهشتگرد تنظيم جي اڳواڻ، اينڪرن ۽ صحافين سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون ۽ کين صدر صاحب جي حمايت ۾ جلسا جلوس ڪرڻ، اڻ وڻندڙ سياستدانن جي جلسن ۾ خودڪش بمبار موڪلي قاتلاڻا حملا ڪرائڻ، اينڪرن کي چينلز تي مخصوص ايجنڊائون رکي پروگرام ڪرڻ ۽ صحافين کي اخبارن ۾ من پسند ڪالم لکي، صدر صاحب جي ساراھہ ڪرڻ جھڙيون ذميواريون ڏنيون. انھن ڪمن لاءِ اينڪرن ۽ صحافين کي ٻہ ٻہ ڪروڙ ڏنا ويا، سياستدانن کي ڏھہ ڏھہ ڪروڙ ۽ دهشگرد تنظيم کي ٽيھن ڪروڙن جي پھرين قسط ادا ڪئي وئي ۽ سمورا پنھنجن پنھنجن ڪمن کي لڳي ويا.

اليڪشن ملتوي ڪرائڻ جي پروگرام کي بہ مدنظر رکندي، دهشتگرد تنظيم طرفان ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ ۽ وڏن صوبائي شھرن جي بازارن، مندرن، مسجدن ۽ چرچن ۾ خودڪش ڌماڪا ڪرائڻ جو پروگرام پڻ رٿيو ويو.

’سيرينا وليمس‘ طرفان ڊيزرٽ ايرياز ۾ ڪم ڪندڙ مائيڪرو فنانسنگ ڪندڙ تنظيمن جي اڳواڻن جي مانَ ۾ ٻن ڏينھن جو پروگرام مالديپ جي ’رنگالي ٻيٽ‘ تي سمنڊ اندر ٺھيل ’ڪونراڊ هوٽل‘ ۾ بڪنگ ڪرائي، ڪانفرنس ڪرڻ ۽ سمنڊ اندر رات گذارڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو، جتي انھن کي سندن پراجيڪٽس پيش ڪري مالي سھائتا پڻ وٺڻي هئي. اها ڪانفرنس هڪ هفتي بعد رٿي ويئي. ان ڪانفرنس کان پھرين ايندڙ آچر تي سيرينا وليمس مقامي چرچ ۾ عبادت ڪرڻ ويئي. ان مھل پادري اڃا ويلڪم اسپيچ ڪري رهيو هئو تہ چرچ ۾ زبردست ڌماڪو ٿيو. اهو خودڪش ڌماڪو هئو، جنھن سان سڄو چرچ لرزي ويو ۽ ڪئين ماڻھو ڦٿڪڻ لڳا.

ڌماڪي ۾ 81 ماڻھو مارجي ويا ۽ گهٽ ۾ گهٽ 110 ماڻھو سخت زخمي ٿيا. حملو ٻن دهشتگردن پنھنجي جسم سان بم ٻڌي ڪيو هئو. بدقسمتيءَ سان مئلن ۾ سيرينا وليمس پڻ شامل هئي. هي ڌماڪو ملڪي تاريخ جو بدترين ڌماڪو هئو، جنھن جا پڙاڏا سڄي دنيا جي چئنلز تي ٻڌا ويا. ملڪ جي تمام گهڻي بدنامي ٿي. ڌماڪي جو اثر ايترو تہ شديد هئو، جو چرچ جي فرش ۾ پنجن فوٽن تائين کڏو پئجي ويو. ڪافي مھينن تائين ملڪ جي سمورن چرچن ۾ ڪرسچن عبادت گذارن جي حاضري بنھه گهٽ رهي.

سيرينا وليمس جي پنھنجي ملڪ لاءِ ڪيل بيش بھا خدمتن جي عيوض سندس مڙھہ جو تابوت آمريڪن ايمبيسيءَ ۾ آندو ويو ۽ کيس ملڪ جي بي لوث خدمت ڪرڻ تي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ وارن ۾ صدر صاحب بہ پيش پيش هئو.

”اي پاڪ پيءُ! عظيم رب تنھنجي پٽ حضرت عيسيٰ جي صدقي تنھنجي هن شھيد ’سيرينا ولميس‘ جنھن تنھنجي راھہ ۾ پنھنجو رت وهايو ۽ تنھنجي مھا بيان ڪئي، کيس بخش ڪر ۽ کيس پنھنجي مقدس هنج ۾ وَٺ!“ پادريءَ دعا ڪئي، گهڻن جي اکين ۾ اداسيءَ هئي. سندس تابوت کي پوءِ هڪڙي فوجي جهاز ۾ چاڙهي آمريڪا موڪليو ويو. ماحول ڪافي سوڳوار هئو. سندس ياد ۾ ميڻ بتيون روشن ڪيون ويون. اها شام سفارتخاني ۽ سڄي ملڪ لاءِ ڪافي ڀاري هئي.

 

آهان کي ننڍي هوندي پڙهيل شعر ’واھہ ڙي تارا گول تارا‘ ۾ ڪافي سالن بعد شعر جي اها ڳالھہ معلوم ٿي تہ شاعر بلڪل صحيح چيو هو. آسمان تي ڪُنڊن وارا نظر ايندڙ تارا اصل ۾ گول آهن، پر مسلمان انھن کي پنج ڪُنڊيارو ٿا ڏسن ۽ يھودي ڇھہ ڪُنڊيارو! اصل ۾ اهو سڀ ڪجهہ خلا ۽ اک جو وهم آهي، جنھن ڪري تارا ڪنڊن وارا ٿا ڏسڻ ۾ اچن ۽ آسمان پڻ نيرو، اڇو يا ميرانجھڙو! پر اهو نہ نيرو آهي ۽ نہ اڇو نہ وري ميرانجھڙو! هن سوچيو تہ ان جو مطلب ٿيو تہ شيون دراصل جھڙيون بہ آهن اسان جي اک انھن کي اصل جھڙو نٿي ڏسي سگهي؟ پوءِ اهو ڇا آهي؟ يعني شيون جھڙيون اصل ۾ آهن، ائين ڏسڻ ۾ ڇو نٿيون اچن! آهان کي سندس ماءُ جو گفٽ ڪيل ’ڊائناسارس‘ بابت ٿري ڊي ڪتاب پڻ سمجهہ ۾ نہ ايندو هو.

هُو انھن ڳالھين بابت جڏهن سوچي سوچي ٿَڪو تہ هن ان جا جواب ڪوشليا کان پڇڻ چاهيا، پر ڪوشليا رڳو مُرڪندي رهي هئي ۽ هن کي ڪو مطمئن ڪندڙ جواب نہ ڏيئي سگهي هئي. ان رات جڏهن آهان گهري ننڊ سمھي رهيو تہ هن خواب ۾ ڏٺو، آسمان تي سج اڀريل هئو ۽ ان جي سامھون ڪجهہ ڳاڙها ۽ ڪارا ٻرندڙ گولا پاڻ ۾ ٽڪرائجي رهيا هئا يا هڪٻئي سان وڙهي رهيا هُئا؟! تہ هُو ڪافي حيران ٿيو، جڏهن اک کليَس تہ ڏٺائين، ڪوشليا کانئس پري ستل هئي. هن ڪوشليا کي ڀاڪر ۾ ڀري ويجهو ڪيو ۽ پنھنجي ڇاتي سندس ڇاتيءَ سان ملائي سمھي رهيو.

صبح جو جڏهن آهان جي اک کلي تہ هن کي ياد آيو تہ، هن ڪا فلم ڏٺي هئي، جنھن ۾ هڪڙو جملو هئو: 

‘Behind every great fortune, lies a great crime!’

يعني ڪاميابيءَ، دولت ۽ حشمت جي پويان ڏوهن جي تاريخ هوندي آهي! معنيٰ تہ دنيا ۾ ڪوبہ ڪم سؤلو ڪونھي! ۽ هن کي اهڙا ٻيا جملا بہ ياد اچڻ لڳا، جيڪي هن وي. سي. آر تي ڏٺل فلمن ۾ ٻڌا هئا، تہ هُو مرڪڻ لڳو هو.

‘Behind every great man, is a women rolling her eyes!’ 

‘Behind every great love, is a great story!’

‘Behind every great daughter, is a truly amazing dad!’

هن جي پويان تہ رڳو سندس ماءُ هئي ۽ هن جي ماءُ واقعي هڪڙي زبردست عورت هئي. جيڪا حويليءَ ۾ رهندي بہ بنھه مختلف سوچ جي مالڪ هئي، جنھن هن جي تربيت بہ مختلف طريقي سان ڪئي هئي.

آهان جڏهن سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ ورتو تہ هڪ ڏينھن هن جي ماءُ هن کي شھر جي ان ساڳئي معزز نظر ايندڙ شخص وٽ وٺي ويئي، جنھن سان ٻہ سال پھرين هُو هڪڙي تقريب ۾ ملي چڪو هو، جنھن لاءِ سندس ماءُ کيس ٻُڌايو هو تہ اهو شخص هن جو پيءُ هئو. ان ڏينھن اهو شخص هڪڙي آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ پلازا جي ستين منزل تي هڪڙي آرامدہ آفيس ۾ ريوالونگ چيئر تي ويٺل هئو. سندس سامھون پيل ٽيبل تي هڪ طرف گلوب رکيل هئو ۽ ٻئي طرف ڪافي فائيل.

سالٽ اينڊ پيپر وارن، چاپئين ڏاڙهيءَ ۽ مُڇن واري ان شخص جي وات ۾ چُروٽ پيل هئو، جنھن مان هُو ڪش هڻي خوشبودار دونھون ڪمري جي ٿڌي ماحول ۾ اڏائي رهيو هئو. ان شخص اٿي بيھي آدريڪا جو آڌرڀاءُ ڪيو. آدريڪا ان شخص لاءِ آهان کي ٻڌايو تہ سندس پيءَ جو نالو ’ستيش چندريڪا‘ هئو. ڏسڻ ۾ ايندڙ اهو معتبر شخص، ڪافي آهان ڏانھن دلچسپيءَ وچان نھاري رهيو هئو ۽ هن جي ماءُ سان مُرڪي ڳالھائي رهيو هئو. آهان اتي رکيل ڊارڪ گرين ڪلر جي گداز صوفي تي ويھي، پريان رکيل هڪ شيلف ڏانھن ڏسڻ لڳو، جنھن ۾ ڪجهہ انگريزي ڪتاب رکيل هئا.

ڪجهہ دير حال احوال ڪرڻ کان پوءِ ستيش چندريڪا فون تي هنن لاءِ ڪافي ۽ ڪيڪ آڻڻ جو حڪم ڪيو ۽ آهان ڏانھن نھاريو. هن جون اکيون آهان سان ملندڙ هيون! آهان سندس ريوالونگ چيئر جي پويان لڳل شيشي مان گهڻ - ماڙ بلڊنگس ۾ انھن مٿان ڇانيل سونھري ڪنارن وارا نيرا ۽ اڇا ڪڪر ڏسڻ لڳو.

 

شگر ڊيڊي جھڙو سُتيش دراصل آهان جو اصل پيءُ هئو، جنھن هن جي ماءُ سان لِڪَ چوري ۾ شادي ڪئي هئي ۽ شھر ۾ بلڊر ۽ پراپرٽي ڊيلر هئڻ سان گڏ هڪڙي ريڪروٽنگ ايجنسيءَ جو پڻ مالڪ هئو. جيڪا ايجنسي ملڪ مان ماڻھو هٿ ڪري مڊل- ايسٽ جي ملڪن ۾ موڪليندي هئي. اها خبر پوڻ کان پوءِ ڪجهہ ڏينھن لاءِ تہ هُو حيرت ۾ هئو، پر پوءِ آهستي آهستي هن جي خود اعتمادي ۾ واڌارو اچڻ لڳو ۽ هُو ستيش چندريڪا سان ويجهو ٿيڻ لڳو. ڪجهہ ڏينھن بعد ’ستيش انٽر پرائيزز‘ کي پنج هزار رٽائرڊ فوجين ۽ پوليس وارن جي ڀرتي جو آرڊر مليو، جيڪي ليبيا لاءِ موڪلڻا هئا. اهو معاهدو سئٽزرلينڊ ۾ ڪيو ويو ۽ ليبيا جي سفارتخاني بہ ان جي تصديق ڪئي. ’ستيش چندريڪا‘ ملڪ جي سمورن وڏن شھرن ۾ ’ستيش انٽرپرائزز‘ جون سب آفيسون کولي، انھن جي ذريعي ماڻھو ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيا ۽ هنن ماڻھن کان ٻاهر موڪلڻ لاءِ في ماڻھو هڪ لک روپيا مقرر ڪيو.

آدريڪا جي تعاون سان هنن حويليءَ مان چونڊ خوبصورت ڇوڪريون ڀرتي ڪري آفيسن ۾ رکيون. هيڊ آفيس ۾ وري هنن ڪوشليا کي ڪائونٽر سنڀالڻ لاءِ ڏنو ۽ اتي صفائي ڪرڻ ۽ چانھہ پيارڻ لاءِ تاجي کي رکيو ويو ۽ سپرويزن جي ذميواري آهان کي ڏني ويئي.

ويزائون لڳڻ کان پوءِ ڀرتي ڪيل سابق فوجي ۽ پوليس جي سپاهين کي ليبيا موڪليو ويو، جتي هنن کي ’القصرہ‘، ’الشوراف‘، ’الويران‘ ۽ ’تريپولي‘ جي ڪئمپن ۾ موڪلي مجبور ڪيو ويو تہ هُو فوجي ٽريننگ وٺي چاڊ ۽ مصر جي خلاف هلندڙ جنگ ۾ حصو وٺن! جنھن تي اهي ماڻھو ڪافي پريشان ٿيا ۽ گهڻن تہ انڪار ڪيو، جنھن تي مٿن تشدد پڻ ڪيو ويو.

اتفاق سان ’تريپولي‘ جي هڪڙي ڪئمپ مان هڪڙو ماڻھو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ پوءِ رلندو پنندو اچي ملڪ ۾ پھتو ۽ ان ڳالھہ جو ڦڪڙ ڦاڙيائين تہ ملڪي خفيہ ايجنسين کي ڳڻتي وٺي ويئي ۽ تحرڪ ۾ آيون، ’ستيش انٽرپرائزز‘ کي نوٽيس موڪليو ويو تہ هُو ان ڳالھہ جي وضاحت ڪري. هن پھرين تہ پنھنجن ڪجهہ طاقتور دوستن کان فونَ ڪرائي معاملي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪجهہ منسٽر ليول جي دوستن کان بہ چوايائين ۽ جڏهن ناڪام ٿيو تہ ايجنسين کي رشوت جي آڇ ڪيائين، پر جڏهن اتان بہ سکڻو جواب مليس تہ هُو سندس پارٽنر ۽ ڀاءُ ’آڪيش چندريڪا‘ سندس زال آدريڪا، ڪملاوتي، آهان ۽ ڪوشليا کي ساڻ ڪري ملڪ مان فرار ٿي برطانيا پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جتي پھچي هن پنھنجي ملڪ مان غير قانوني طور ڪمايل ڪروڙين روپين مان پراپرٽي خريد ڪئي، گهر ورتو ۽ پوءِ ’آدريڪا انويسٽمينٽ ڪمپني‘ ۽ ’آهان انويسٽمينٽ ڪمپني‘ جي نالي سان ٻہ ڪمپنيون کولي ڪاروبار شروع ڪيو. 

آهان ۽ ڪوشليا اتي ڪنھن ڪاليج مان ’گريجويشن‘ ڪئي، بزنيس ڪندا رهيا. آهان هڪڙي ڪلب ۾ داخلا وٺي ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪيو ۽ واندڪائيءَ ۾ ڪوشليا جي وارن جي ڇانوَ ۽ ٻانھن جو سواد ماڻيندو رهيو. جيتوڻيڪ هندو ڌرم ۾ ويجهن مائٽن سان تعلق رکڻ يا شادي ڪرڻ جو رواج ناهي، پر ان هوندي بہ هنن لِوِ - اِن ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو، هُو ٻئي ڄڻ تہ هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم بڻجي چڪا هئا. هُو ٻيئي نہ رڳو هڪڙي ڪمري ۾ سمھندا هئا، پر سڄو سڄو ڏينھن گڏ هوندا هئا، اڪثر وِيڪ اينڊس تي هُو بيچز تي موڪل ملھائڻ ۽ وائين پيئڻ ويندا هئا. هلندا هئا تہ هڪ ٻئي جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي هلندا هئا. لانگ ڊرائيو تي هڪ ٻئي جي سٿرن ۽ تاڙين تي تاڙا هڻندا ٽھڪ ڏيندا، مُرڪندا هڪٻئي جي غلطين تي کِلندا، هڪٻئي جا چٻرا ڪڍندا ۽ اهلون ڪندا رهندا هئا. 

اتي رهندي ’آدريڪا‘ کي حويليءَ بابت سڀ خبرون پونديون رهيون. وقفي وقفي سان سندس سس ڪشمالا، ان بعد ماءُ ساوتري ۽ ڪجهہ سالن کان پوءِ ڪوشليا جو پيءُ ڌنيش ديھانت ڪري ويا، جن لاءِ هُو رڳو فون تي روئي آڪھہ وارن کي ’اوم شانتي‘ ئي چئي سگهيا هئا! ’آدريڪا‘ ۽ ’ڪوشليا‘ مندر ۾ وڃي انھن جي لاءِ پرارٿنا ڪري ۽ خاموش ڳوڙها وهائي سگهيون هيون، ڇو تہ هنن جو واپس وڃڻ ممڪن نہ هئو!

 

ڪجهہ عرصي کان پوءِ ملڪ مان فوجي حڪومت ختم ٿي ۽ اليڪشن بعد جمھوري حڪومت آئي تہ پارليامينٽ سابق حڪومت جي دؤر ۾ داخل ٿيل سمورا ڪيس ختم ڪري ڇڏيا تہ انھن ۾ ’ستيش انٽرپرائزز‘ جو ڪيس بہ ختم ٿي ويو. حويليءَ ۾ بہ خوشي جي لھر ڦھلجي ويئي.

ستت ئي ستيش، ان جو ڀاءُ آڪيش چندريڪا، آدريڪا ۽ ڪملاوتي تہ واپس ملڪ ڏانھن موٽيا، پر آهان ۽ ڪوشليا اتي بزنيس ڪندا رهيا.

هڪ ڏينھن آهان ۽ ڪوشليا ’لي ميريڊين‘ هوٽل ۾ لنچ ڪرڻ لاءِ ويا، ان ڏينھن ڪوشليا کي هيڊي رنگ جو پاجامو ۽ واڱڻائي رنگ جي قميص، اکين تي ميري ڪليئري (Marie cloure) جا هيڊي رنگ جا رم لپس واٽر ڪلر گريڊيئينٽ جا سن گلاسز، ننھن تي واڱڻائي نيل پالش ۽ ساڳئي رنگ جي لپ- اسٽڪ لڳل هئي. ان وقت هُوءَ ڪائونٽر جي ٻاهران بيھي پنھنجي ’ريڊلي‘ جي پرس مان ڪجهہ ڳولي رهي هئي تہ آهان هن کي ڏسي مُرڪيو ۽ کيس ڪنھن نانگڻ سان تشبيھہ ڏني، تہ ڪجهہ دير لاءِ ٻئي مُرڪندا رهيا هئا. 

ان مھل ئي هنن ڏٺو، سامھون ملڪ جو مشھور ڪرڪيٽر ’دامان‘ سندس ڪنھن گرل فرينڊ سان گڏ اچي رهيو هئو. هن کي نيوي بليو ٽو پيس تي ڪاري رنگ جو ’بو‘ لڳل هئو تہ ’آهان‘ وڌي وڃي هن سان مليو ۽ ساڻس پنھنجو تعارف ڪرايائين. ان وقت ’دامان‘ سندس گرل فرينڊ جوليا وردن سان گڏ اتي آيو هئو.

ڪجهہ ڏينھن بعد آهان ۽ هن جي هڪڙي ڊنر پارٽي ۾ ملاقات ٿي، جتي ’دامان‘، ’ايما سارجنٽ‘سان گڏ هئو. هنن ٻنھي جي وات مان شراب ۽ تماڪ جي گڏيل بوءِ اچي رهي هئي. ان ملاقات بعد هُو ٻئي پاڻ ۾ دوست بڻجي ويا هئا. ٻئي ڏينھن آهان هن کي ڪنھن نائيٽ ڪلب ۾ اچڻ جي دعوت ڏني، جتي اهو ڪرڪيٽر ’ڪيرولين ڪبليٽ‘ سان گڏ آيو. اتي هنن وائين پيتو ڊنر ڪئي ۽ رقص بہ ڪيو. ان بعد هُو اتي ڪيترين ئي گيدرنگس ۾ مليا ۽ ڪيئي ڀيرا مان آهان جي دعوتن ۾ شريڪ ٿيو.

’دامان‘ پنھنجي ملڪ موٽيو تہ هڪڙي سياسي پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيائين، جنھن تي ڪافي ماڻھو حيران ٿيا. 

ٻارنھن سالن جي عرصي ۾ آهان ۽ ڪوشليا بزنيس ۾ ترقي ڪري ارب پتي بڻجي ويا تہ اتي ڪجهہ وقت لاءِ پنھنجا نمائندہ مقرر ڪري هُو واپس ملڪ آيا. جتي هڪڙي مھانگي علائقي ۾ هنن وڏو گهر ورتو ۽ ٻئي اتي رهڻ لڳا.

آهان هڪ رات ڪنھن ڊنر پارٽيءَ ۾ ’دامان‘ سان مليو تہ دامان کيس سندس سياسي پارٽيءَ ۾ اچڻ جي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪئي.

آهان ۽ ڪوشليا جڏهن حويليءَ ۾ آيا تہ هنن کي اتي نہ رڳو تمام گهڻي تبديلي ڏسڻ ۾ آئي پر هنن ڪافي نيون خبرون بہ ٻڌيون، هاڻ حويليءَ جي پراڻي چھل پھل ۽ اوج نہ رهيو هئو. حالانڪ شام ٿيندي ئي نيون نوجوان ٿي ويل ڇوڪريون ٺھي سنبري شھر جي بنگلن جي رونق بحال ڪرڻ لاءِ وينديون هيون.

هنن جون ماميون ۽ ماسيون پوڙهيون ٿيڻ لڳيون هيون. آهان جو سئوٽ آنند ملڪ جو مشھور گلوڪار/ پلي بيڪ سنگر بڻجي ويو هئو. سانوليءَ جون ٻہ ڇوڪريون شھر جي بگڙيل ڇورن سان ڀڄي ويون هيون، جيڪي حويليءَ ۾ رقص جون محفلون ڏسڻ ايندا هئا. هڪڙو ماسات ڊاڪيومينٽريز ٺاهي رهيو هئو. هڪڙو وري مشھور ٽي. وي اينڪر هئو. ڪملاوتي شوبز ۾ نوان رڪارڊ قائم ڪيا هئا ۽ جمھوري حڪومت ۾ ’آدرشني‘ گذريل صدر سان ويجهو هئڻ جي ڪري جيل جي سزا ڪاٽي رهي هئي. حويليءَ ۾ تمام گهڻا نوان ٻار ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا پيدا ٿي وڏا ٿي رهيا هئا. بشو رام تمام گهڻو پوڙهو ٿي ويو هئو، نظر گهٽجڻ جي ڪري چشمو پاتل هئس. سندس پنبڻ بہ اڇا ٿي ويا هئا ۽ باٿ روم ۾ ڪرڻ سبب پنھنجي کاٻي ٽنگ ڀڃايو ويٺو هو، جنھن تي پلستر چڙهيل هئس، تنھن ڪري بستري داخل هئو. شادو پھلوان گذاري ويو هئو ۽ سندس جاءِ تي ساڳيو ڪم سندس پُٽ ڪري رهيو هئو. مھمانن لاءِ چانھہ پاڻي آڻڻ وارو تاجي هاڻ شھر جي هڪڙي داداگير سان ملي، ماڻھن جي زمينن تي قبضا ڪري رهائشي ڪالونيون ٺاهي رهيو هئو ۽ شھر جو ڪروڙ پتي شخص بڻجي ويو هئو.

وقت سان گڏ گهڻو ڪجهہ بدلجي ويو هئو. آهان هڪڙو مھانگو وڪيل ڪري سندس ماسي آدرشني جي ضمانت ڪرائي کيس جيل مان ٻاهر ڪڍرايو، پر هُوءَ هاڻ بيمار ٿي پئي هئي. آدرشني جون ٻيئي ڌيئرون هاڻ جوان ٿي ويون هيون، جن مان ايشوريا، هڪڙي انگريزي اخبار ۾ فري لانسنگ ڪرڻ لڳي هئي ۽ ڪاهيني ٽي.وي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ لڳي هئي. زندگي ائين روان دوان هئي.         ]هلندڙ[

ڪھاڻي _ چنيسر سِين چاڳ : بادل جمالي

قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان، ماس ڪميونيڪيشن جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ، هن اسلام آباد ۾ ئي رهڻ پسند ڪيو. تعليم دوران هو سوشل ايڪٽوٽيز ۾ بہ ڪافي دلچسپي وٺندو رهيو هو، ان ڪري ٽي وي ڊرامن، توڙي اسٽيج پروگرامن ۾ بہ حصو وٺندو هو. ڊگري ملڻ کان پوءِ، نوڪريءَ لاءِ ٽيسٽون ۽ انٽرويو بہ ڏيندو رهيو هو. نيٺ تعليم کاتي طرفان ٿيندڙ ٽيسٽ ۽ انٽرويو ۾ ڪاميابي ماڻڻ تي کيس ليڪچراري ملي ويئي. اسلام آباد جي ڪاليج ۾ ئي سندس پوسٽنگ ٿي. هُو سمارٽ ۽ ويل ڊريسڊ نوجوان تہ هو ئي، ان ڪري يونيورسٽي، توڙي ٽي وي چئنلن تي ڪيتريون ئي حسينائون کيس چاهينديون رهيون، پر هن شاديءَ واري معاملي ۾ دلچسپي نہ ورتي هئي.
هيلوڪين گرمين جي موڪلن ۾، هن ڳوٺ جو چڪر لڳائڻ جو فيصلو ڪيو، ڪن خاص معاملن تي گهر وارن سان مشورو بہ ڪرڻو هئس... گهر پھتو تہ سڀ مٿس ٻلھار وڃڻ لڳا. آڌيءَ رات تائين سڀني کي دلچسپ قصہ ۽ لطيفہ ٻڌائي کلائيندو رهيو. صبح تيار ٿي ناشتي لاءِ ويٺو تہ ماڻس خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ نہ پئي ماپي.
”جاني ابا، رب پاڪ جا ڪروڙين احسان آهن، جو تون اسلام آباد جھڙي بادشاهي شھر ۾، وڏي عھدي تي پھتو آهين. سڄي خاندان کي تنھنجي مٿان فخر آهي پرين..!“
پٽ کي پاٻوھہ مان ڀاڪر پائي، چُميون ڏيندي، هُوءَ جذباتي ٿي ويئي. اکين ۾ ڀرجي آيل خوشيءَ جي لڙڪن کي، پوتيءَ جي پلئہ سان اگهي ورتائين.
”وڏو عھدو تہ ڪونھي امان، سترهين گريڊ جي ليڪچراري آهي. سترهين گريڊ کي اسلام آباد وارا غريب غربي جو گريڊ ٿا سمجهن. اتي ٺٺ وارو گريڊ ٻاويھون آهي. ويھون، ايڪيھون گريڊ بہ چڱيرڙا سمجهيا ٿا وڃن، باقي سترهين جي ڪا وڏي اهميت ڪانھي.“
”جاني تون گريڊن جي ڊوڙ ۾ شامل تہ ٿيو آهين نہ... ٻاويھون بہ توکي ڪڏهن رب ڏياريندو. منھنجيون دعائون اٿئي بابا..!“
”ڇڏ گريڊن کي جيجل، پنھنجي خبر ڏي، طبيعت تہ ٺيڪ اٿئي نہ؟ مائٽ مٽ سڀ خوش تہ آهن نہ؟“
”شڪر آهي رب جو، سڀ خوش آهن مٺا، آئون بہ تَڳان پئي... ماما بابر خان تياريون پيو ڪري ڌيءَ جي شاديءَ لاءِ، ڏاج گڏ ڪرڻ لاءِ هڻ وٺ لڳي پئي اٿن. ڀاڄائي مھرالنساء روز پئي شھر جا چڪر هڻي، ڪڏهن سونارن وٽ، تہ ڪڏهن درزين وٽ، پاڻ کي بہ هاڻي چُرڻ گهرجي ابا. شاديءَ جو سامان گڏ ڪرڻ ۾ بہ تہ وقت لڳندو نہ...؟“
”مان هينئر شاديءَ جي چڪرن ۾ نٿو پوڻ چاهيان امان... نئين نئين نوڪري لڳي آهي، ٿورو سيٽ ٿي وٺان، مون کي نہ ڦاسايو...“
”ڦاٿل تون سالن کان آهين ٻچا... شھزادي تنھنجي مڱ، جوان ٿيو ويٺي آهي، ماما جي طبيعت جي خبر بہ اٿئي، اهڙيون ڳالھيون ڪري، هن کي ٻُرڪا نہ ڏي، صوبيدار صاحب اسان جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندو!“
”پوليس آفيسر هجڻ جو مطلب اهو تہ ڪونھي، تہ هُو گهر وارن سان بہ دهشتگردن جھڙو سلوڪ ڪري...“ هُو نيرن اڌ ۾ ڇڏي، وڃڻ لڳو، تہ ماڻس کان دانھن نڪري ويئي:
”اڙي ابا، وڃين ڪيڏانھن ٿو، نيرن تہ پوري ڪري وڃ...“
هُو ٻاهر نڪري ويو. ماڻس پنھنجي منھن ڪروڌ ڪندي رهي:
”ڇا تہ زمانو آيو آهي، اولاد کي مائٽن جو ڳالھائڻ وڻي ئي نٿو، توبھن...! گهڻو علم بہ ماڻھوءَ جو دماغ ڦيرائي ٿو ڇڏي..!“
ميران ڪمري ۾ داخل ٿي، تہ ماءُ کي پنھنجي منھن ڳالھائيندي ڏسي پڇيائين، ”امان، ڪنھن سان پئي ڳالھائين، ڪمري ۾ تہ ڪير ڪونھي..؟“
”چَري ٿي ويئي آهيان امان، پنھنجي منھن پئي وِڦلان...“
ميران کي وڌيڪ پڇڻ جي همٿ نہ ٿي، تہ هُن پاڻ ئي ڳالھہ وائکي ڪئي.
”شھزادو تو وارو ڀاءُ ٿو چوي تہ، شادي نہ ڪندس. هاڻي ڪير هن کي سمجهائي، تہ هي ڪو نخري ڪرڻ جھڙو معاملو ڪونھي. ڪنوار جا مائٽ ڏاج پيا گڏ ڪن، مامھين ڪو سولو ماڻھو آهي، جو هُو ماٺ ڪري ويھندو..؟“
”ادا کي ريھي، ريبي، ڪنھن نموني سان راضي ڪريو، دڙڪي دهمان سان تہ هُو اڃان بہ ضد تي چڙهندو، شھزاديءَ جھڙي شھزادي ڪنوار، آخر ڇو نٿي وڻيس..؟!“
”مائي وڻڻ نہ وڻڻ واري ڳالھہ تہ ڪري ئي نٿو، جواب ئي رُکو ٿو ڏئي تہ شادي ڪونہ ڪندس، ڀلا اها بہ ڪا ڳالھہ ٿي..؟“
”تون خواهمخواھہ پنھنجو بلڊپريشر نہ وڌاءِ... بابا کي ٻڌاءِ، هُو گُهٽيندس تہ پاڻھي سڌو ٿي ويندو.“
رات واري ماني کائي سڀ فارغ ٿيا، تہ حاجي ابوالحسن پٽ وٽ پھتو، ”ڪھڙا حال آهن يار، اڄ سڄو ڏينھن نظر ڪونہ آئين، ڪٿي هئين؟“
”اتي ئي هئس بابا سائين، دوستن سان گڏ ٿورو واھہ تي چڪر ڏيڻ ويو هئس.“
”ماڻھين ٿي چوي تہ، تون شاديءَ کان لنوائين ٿو، ڇو پٽ، ڪا خاص ڳالھہ آهي؟“
”ڳالھہ ڪائي ڪانھي بابا، منھنجو اڃان شاديءَ جو ارادو ڪونھي، مھرباني ڪري، مون کي نہ ڦاسايو.“
”پٽ، انڪار جو تو وٽ ڪو مناسب سبب بہ ڪونھي نہ، اسان تنھنجي مامي کي ڇا جواب ڏيون؟ هُو تہ تياريون بہ ڪيو ويٺا آهن.“
”اول تہ مان شادي ڪندس ڪونہ، ڪڏهن ڪندس بہ تہ، ان ڇوڪريءَ سان تہ هرگز نہ ڪندس... بابا سائين، شاديءَ لاءِ ضروري آهي تہ ڌُريون هڪ ٻئي کي ڏسن، پسند ڪن، يا گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٻئي کان چڱيءَ طرح واقف تہ ضرور هجن، شادي تڏهن ڪامياب ٿيندي.“
”تون اهي شھري ڳالھيون ٿو ڪرين، سھڻا، هتي ائين ڪونہ ٿو ٿئي... ماڻھين سان منھنجي شادي ٿي هئي، تہ منھنجي مائٽن هن کي ڏسي پسند ڪيو هو. هيءَ ٻئي ڳوٺ ۾ رهندي هئي، مون تہ هن جي شڪل بہ ڪانہ ڏٺي هئي.“
”اهو دؤر ٻيو هو، هاڻي زمانو بدلجي ويو آهي بابا، شھزاديءَ کي ڀاڻس جي ڪري امان پسند ڪيو هو، مون نہ.... جيڪڏهن زبردستي منھنجي ڳچيءَ ۾ وجهندوس تہ اها شادي بہ ليڊي ڊائنا ۽ شھزادي چارلس جي شاديءَ وانگر ٿي ويندي.“
”انھن جي شاديءَ جو، تنھنجي شاديءَ سان ڪھڙو تعلق؟“
”تعلق تہ ڪونھي، پر ٻنھيءَ ۾ هڪ جھڙائي ضرور ٿيندي، ليڊي ڊائنا کي پٽ لاءِ، برطانيہ جي راڻي ايلزبيٿ، پاڻ پسند ڪيو هو، پٽ جو تہ ان سان ڪو واسطو ئي ڪونہ هو. ان ڪري چارلس ڏاڍيون دانھون ڪيون هيون، تہ ”امان، مھرباني ڪري مون کي ان حسينہ سان نہ ڦاسايو، مون سان ڪانہ ٺھندي.“ پر ملڪہ پنھنجي مرضي هلائيندي، زوريءَ پٽ جي شادي ان سان ڪرائي ڇڏي هئي، ملڪہ جي پٺڀرائيءَ جي ڪري، ڪنوار، گهوٽ کي اهميت ئي نہ ڏيندي هئي، ان ڪري ٻنھيءَ جي وچ ۾ ويڇا وڌندا ويا هئا. ٻن پٽن جي اولاد کان پوءِ، هُو الڳ الڳ رهڻ لڳا هئا. چارلس جي زندگي عذاب بڻجي ويئي هئي، نيٺ مجبور ٿي، هُو پنھنجي پراڻي دوست، ڪوميلا پارڪر وٽ پھچي ويو هو.
ڪوميلا، پليز مون سان شادي ڪر، نہ تہ مان مري ويندس..!!
شھزادي چارلس جي ڏک کان، ڪوميلا چڱيءَ طرح واقف هئي، ساڻس همدردي ڪندي، هن پنھنجي مڙس کان طلاق وٺي، هن سان شادي ڪئي هئي، جيتوڻيڪ هُوءَ ليڊي ڊائنا جي ڀيٽ ۾، معمولي شڪل صورت واري اڌڙوٽ عورت هئي، پر تنھن هوندي بہ شھزادي کي دل سان پسند هئي. ڇاڪاڻ تہ هن کي سک ۽ سڪون، ان وٽان ئي ملندو هو.
ملڪہ جي وفات کان پوءِ هاڻي جڏهن شھزادو چارلس، برطانيہ جو بادشاھہ ٿيو آهي، تہ پوڙهي ڪوميلا بہ برطانيہ جي راڻي ٿي ويٺي آهي.“
”ان جو مطلب تہ، تنھنجي من ۾ بہ ڪوميلا جھڙي ڪا پوڙهي ويٺي آهي؟“
”ضروري ناهي تہ ڪا پوڙهي ئي هجي، جوان بہ ٿي سگهي ٿي... مون تہ رڳو ڪھاڻيءَ ۾ هڪ جھڙائيءَ جو مثال ڏنو آهي بابا... باقي شھزاديءَ سان شادي ڪرڻ جو تہ سوال ئي پيدا نٿو ٿئي..!“
”اِهو تنھنجو فيصلو، وڏو ڏڦيڙو وجهي ڇڏيندو پٽ! اسان جو خاندان، تيلو تيلو ٿي وِکري ويندو، سڀني جون بددعائون توکي لڳنديون..!!“
”بددعائن سان ماڻھو مرن ها، تہ دنيا خالي ٿي وڃي ها بابا. مون کي ڪو خوف ڪونھي.“
”اسان توکي ڏاڍن نازن سان پاليو هو يار. اسان جي گمان ۾ بہ نہ هو تہ اسلام آباد وڃي تون ايڏو بدلجي ويندين... بابر خان عزت وارو آفيسر آهي، هن پنھنجو سمجهي توکي نياڻيءَ جو سڱ ڏنو، تنھنجيون اِهي ڳالھيون ٻڌي، هن جي دل تي ڇا گذرندي..؟“
”ماما جي نياڻيءَ لاءِ رشتن جي ڪمي ڪانھي، مون کان بھتر ماڻھو بہ هنن کي ملي ويندا. هونئن بہ رڳو نالي ٿيڻ سان ڪھڙو فرق ٿو پوي. منھنجو هن سان نڪاح تہ ڪونھي..؟“
هن جي انڪار، گهر ڀاتين کي ڏاڍو مايوس ڪيو. آخري ڪوشش طور سڀ گڏجي هن وٽ آيا. ماءُ پيءُ سان گڏ، وڏو ڀاءُ، ڀاڄائي، ٻئي ڀينرون بہ هنن سان شامل هيون.
”ابا، اسين تنھنجا وڏا آهيون، تو وٽ ميڙ ڪري آيا آهيون، اسان کي مانُ ڏي پٽ... ضد ڇڏي، اسان جي ڳالھہ مڃ يا اسان سڀني کي زهر ڏيئي ڇڏ، تہ قصو ئي ختم ٿي وڃي..!!“ پڻس چِڙ ۾ اچي چيو.
”بابا سائين، مان اهڙي بدتميزي ڪيئن ٿو ڪري سگهان..؟ ان کان چڱو ٿيندو، تہ اوهين سڀ گڏجي، مون کي زهر جي چپٽي ڏيئي ڇڏيو، مان هوندس ئي نہ تہ جهيڙو ئي ختم ٿي ويندو..! مان تہ عرصي کان پوءِ، موڪلن دوران مائٽن سان ملڻ اباڻي ڳوٺ آيو هئس، مون کي نہ هئي خبر، تہ هتي منھنجي لاءِ اڳ ۾ ئي ڪوڙڪيون تيار هونديون..!!“
”خير گهر مٺا، ڪھڙيون ٿو نحوست جون ڳالھيون ڪرين! اسان تنھنجي منھن تي موڙ ڏسڻ ٿا چاهيون. ها، ڪر، تہ هينئر ئي شرنائيون شروع ٿي وڃن!!“
”ٺيڪ آهي بابا جاني، اوهان کي ’واريءَ جو گهر‘ ٺاهڻ جو ايڏو ئي شوق آهي، تہ ڀلي اهو شوق پورو ڪري وٺو...“
هن ڪنڌ جهڪائي، ٻانھن ۾ منھن هڻي ڇڏيو. اکين ۾ آلاڻ لھي آيس. خوشيءَ مان ڳراٽڙيون پائي، سڀني کيس دعائون ڏنيون، ان سان گڏئي ڊَئڪ تي شاديءَ جي سھرن ۽ ڳيچن جا ڌماڪا ڪرائي ورتائون.
هفتي اندر شھزادي ڪنوار ٿي، سندس بيڊروم ۾ پھچي ويئي. هُو پنھنجي اندر ۾ ڪڙهندو رهيو، ڦٿڪندو رهيو، پر ڪجهہ چئي نہ سگهيو. ڪنوار بہ اندر ۾ ڀريو ويٺي هئي. ڪجهہ پيڪن مان نڪرڻ جو ڏک، ڪجهہ گهوٽ پاران شاديءَ کان انڪار وارو ڏک، اهي ڳالھيون بہ شَد مَد سان هن تائين پھچنديون رهيون هيون.
گهوٽ ڪمري ۾ آيو تہ پردا هٽائي، دريون کولي، زيرو جو بلب ٻاري ڇڏيائين. پٿراڻي، وهاڻو ۽ چادر کڻي، هُو فرش تي سمھي پيو. ڪنوار حيرت مان کيس ڏسندي رهي... ڳچ دير جي خاموشيءَ کان پوءِ، نيٺ ڪنوار کي ڳالھائڻو پيو.
”سائين بيڊ تي اچو، دريون کُليل آهن، ڪير ڏسندو، تہ ڇا سوچيندو؟“
”جيڪو وڻيس، سوچي، تون آرام سان سمھي پَئہ...“
”ڪاوڙ جو ڪو سبب سائين، منھنجو ڪو ڏوھہ، قصور..؟“
”مان توسان بحث ڪرڻ نٿو چاهيان، سمھڻ ڏي مون کي پليز...“
دڙڪا کائي، هُوءَ بيڊ تي گونگا لڙڪ لاڙيندي رهي، سڄي رات اندر ۾ هورا کورا رهيس، اڌ ننڊ اڌ جاڳ. پاسا ورائيندي رات گذاريائين، صبح جو جيئن ئي ٻاهر نڪتي، تہ سَسُ کيس منھن ۾ پئجي ويئي:
”ڪنوار لک لک مبارڪون اٿئي گهوٽ ماڻڻ جون، وهنجي ڪپڙا بدلائي تہ آئون نيرن ٿي ٺاهيان، بستري واري چادر بہ لاهي ڇڏجانءِ امان.“ سَس جي جملن، هن جي زخمن تي لوڻ جو ٻُرڪو ڏيئي ڇڏيو، کھري لھجي ۾ چيائين:
”چادر ۽ ڪپڙن کي ڪجهہ ٿيو ئي ڪونھي، تہ ڇو بدلائجن..!!“
سس جون اکيون حيرت مان ڦاٽي پيون، ڪَنن تي اعتبار نہ پيو اچيس!
”ڇا پئي چوين ڪنوار! ڳالھہ کي سمجهين بہ ٿي، تہ ڇا ٿي چوين..؟“
بحث ڪرڻ بدران، ڪنڌ هيٺ ڪري، هُوءَ باٿ روم ۾ هلي ويئي. سس بورچيخاني وڃڻ بدران، اتي ئي بيٺي سوچن جي سمونڊ ۾ غوطا کائيندي رهي... ڪنوار جيئن ئي ٻاهر نڪتي، تہ وڃي اڳ جهليائينس:
”امان ڊوهي اٿئي مرشد جي، اها ڳالھہ پاڻ تائين رکجانءِ. متان ڪنھن سان ڀڻڪ ڪڍي اٿئي. آئون پنھنجي منھن ڇوڪر کان پڇي ٿي ڏسان، تہ هُو ڇا ٿو چوي، تون ڪپڙا بدلائي وٺ... شابس پٽ...“
گهوٽ ۽ ڪنوار جي وچ ۾ وڇوٽين جو اثر، سڄي گهر تي پوڻ لڳو، نئين شاديءَ واري گهر ۾ خوشين ۽ ٽھڪن بدران، سرگوشيون، اداسيون ۽ پريشانيون ڪوهيڙي جيان ڇانئجڻ لڳيون. اهڙيون ڳالھيون ڪنوار جي گهر تائين پھتيون تہ معاملو صفا سنجيدو ٿي پيو. صوبيدار صاحب رات جو گهر موٽيو تہ گهر واريءَ اڪيلائيءَ ۾ ويھاري، کيس حقيقت کان آگاھہ ڪيو. ٻڌندي ئي ڄڻ تہ ڪکن کي باھہ لڳي ويئي! هُو ورديءَ ۾ ئي گهوٽ جي گهر پھچي ويو... هن جي ڪُمھلي اچڻ تي، گهر وارن جو ساھہ سُڪي ويو، هُو سڌو گهوٽ جي ڪمري ۾ وڃي نڪتو:
”ڇا ڳالھہ آهي نوجوان، ڇو کڻي ڪنوار کي تنگ ڪيو اٿئي..؟“
”ماما سائين، اهڙي ڳالھہ ڪانھي، ويٺي اٿوَ روبرو، پڇي ڏسوس.“
”تنھنجي سامھون ڪيئن مڃيندي، ڳالھہ ڪنھن جي لڪي تہ ڪانہ ٿي نہ..!“
”مان ٻاهر نڪري ٿو وڃان، پوءِ پڇي ڏسوس ڀلا..؟“
”تون ويھہ، توکي ڪيڏانھن ڪونھي وڃڻو، پٽ شھزادي، تون ٿوري دير لاءِ ٻاهر وڃ، مون کي تنھنجي گهوٽ سان خلاصو ڳالھائڻو آهي.“ شھزادي ٻاهر نڪتي، تہ بابر خان پنھنجي مخصوص انداز ۾ اکيون ڦوٽاري، لفظن کي چٻاڙي چوڻ لڳو:
”تون نوجوان آهين، پڙهيل لکيل آهين، نوجوان ڪنوار، تنھنجي پاسي ۾ سُتل هئي، تون سھاڳ رات بہ ملھائي نہ سگهيو آهين..! حيرت آهي..!! تو جھڙا نوجوان زوريءَ پراون گهرن ۾ گهڙيو ٿا پون، توکي پنھنجي گهر ۾ بہ جوش ڪونہ آيو..؟ سچ سچ ٻڌاءِ، اها ڪمزوري پيدائشي اٿئي يا هاڻي ڪا بيماري لڳي اٿئي..؟“
”ماما سائين! افسوس آهي، جو منھنجي لاءِ اوهان جي ذهن ۾ اهڙو خيال آيو آهي. مان اوهان کي ڪمزور ماڻھو ٿو لڳان..؟“
”منھنجي خيال کي هڻ گولي! تنھنجي ڪنوار ٿي چوي! اها ڪوڙ ٿي ڳالھائي؟ مرد آهين تہ پنھنجي مردانگي ثابت ڪري ڏيکار، نہ تہ پوءِ مان گهٽ نہ ڪندوسانءِ، ٻڌائي ٿو ڇڏيانءِ..!!“
گهوٽ کي داٻو ڏيئي، هُو تيزيءَ سان نڪري ويو، شھزادي هِراسيل انداز ۾ اندر آئي:
”بابا ڇا چيو سائين؟“
”ڇا چوندو؟ نڪ وڍي ويو منھنجو..!“
”چئي پيو تہ نامرد آهين، جو ڪنوار سان سھاڳ رات نہ ملھائي سگهيو آهين. توکي شابس هجي، جو اها ڳالھہ بہ مائٽن تائين پھچائي اٿئي...“
”مون کان قسم وٺو، جو مون بابا سان ڪا ڳالھہ ڪئي هجي تہ...“
”باقي پڻھين ڪو نجومي آهي، جو اسان جي بيڊروم جي خبر هن تائين پھتي؟“ اڄ مرد ۽ نامرد جي بہ خبر پئجي ويندي، تيار ٿجانءِ..!!“
هُو ٻاهر نڪري ويو. ڪنوار وهاڻي ۾ منھن هڻي ليٽي پيئي. سوين سوچون ۽ پريشانيون سندس ذهن کي پيڙينديون رهيون، سوچيندي سوچيندي اک لڳي ويس... يارهين ڌاري گهوٽ گهمي گهر پھتو، تہ دروازي جي کلڻ جي آواز تي هيءَ بہ سجاڳ ٿي پئي!
”چڱو ٿيو، جو ننڊ وارو شوق پورو ڪري ورتئي، اڄ رات تہ هونئن بہ جاڳڻو اٿئي، سھيلين سرتين کان ٻڌو هوندئي، تہ سھاڳ رات ڪيئن ملھائبي آهي. تو بہ تياري ڪري ورتي هوندي.“
هن دريون ۽ دروازو بند ڪري، پردا ٺيڪ ڪيا، ڪمري جون سڀ لائٽون آن ڪري، سيني تي پرفيوم جي اسپري ڪيائين، هُوءَ حيرت ۽ خوف مان کيس ڏسندي رهي، هُو اڳتي وڌيو، ڪنوار کي ڇڪي، سيني سان لڳائي پيار ڪرڻ لڳو، هُوءَ ڏڪندي، سُسندي، اندر ۾ سوڙهي ٿيندي ويئي.
”ڊڄ نہ، موڊ ٺاهي تيار ٿيءُ، هي سڀ غير ضروري شيون لاهي ڇڏ..!!“
”پھرين بتيون بند ڪريو.“
”ڇو؟ بتيون توکي ڇا ٿيون ڪن؟“
”مون کي شرم ٿو اچي..!“
”شرم غيرن کان ايندو آهي مئڊم! مان تنھنجو مڙس آهيان، مان پنھنجيءَ ڪنوار کي، روشنيءَ ۾ ڏسڻ ٿو چاهيان..!!“
”جسم جي نمائش جائز ڪانھي، هروڀرو مون کي گناهگار نہ ڪريو، نہ وري پاڻ گناهگار ٿيو.“
”اسان گناھہ، جھڙو ڪم ڪيون ڪٿي ٿا..؟ اسان جو نڪاح ٿيو آهي. هڪ ٻئي جي جسم تي، اخلاقي، توڙي قانوني طرح اسان جو پورو پورو حق آهي.“
”اوهان هينئر ضد تي چڙهيا آهيو، چڱو نٿا ڪيو..!“
”ضد تہ تون پئي ڪرين، جو مڙس جو حڪم مڃڻ بدران، بحث پئي ڪرين، مان توکي آخري ڀيرو ٿو چوان، تہ پنھنجي خوشيءَ سان تيار ٿيءُ، مون کي زور آزمائڻ تي مجبور نہ ڪر...“
”مون کان بي حيائي ڪانہ پڄندي، ناراض ٿيو ٿا، تہ ڀلي ٿيو.“
هن کيس ٻانھن کان جهلي ورتو... هِن جي وَٺ وٺان، هُن جي ڇڏ ڇڏان، لُڇ لُڇان، هلڪين چِيٽن ۽ سُڏڪن کي نظر انداز ڪندي، بالاخر هن پنھنجي منزل ماڻي ورتي..!“
بيڊ تي شيشي جي ڀڳل چوڙين جا ٽڪرا پکڙجي ويا، ڪنوار جون ڪارايون رهڙجي زخمي ٿي پيون، هُوءَ چادر ويڙهي، وهاڻي ۾ منھن هڻي، سُڏڪندي رهي.
”هاڻي بس بہ ڪر کڻي، ڳالھہ بہ ايتري هئي نہ، جنھن تي هيڏو سارو ممڻ مچايو هيئي..؟“
”مھرباني ڪري، مون کي پنھنجي گهر ڇڏي اچو، هي هٿ ٿي ٻڌانوَ...“
”گهر تہ هاڻي تنھنجو هيءُ آهي جناب، جتي سھاڳ رات ملھائين پئي... وڃ، وڃي واش روم مان فريش ٿي اچ...“
”مون اوهان جو ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آهي، ڪھڙا بدلا مون کان ٿا وٺو..؟“ هن ڳوڙها ڳاڙيندي احتجاج ڪيو.
”نہ بدلي وٺڻ جي ڳالھہ آهي، نہ وري تو سان ڪو ظلم پيو ٿئي، گهوٽ ۽ ڪنوار جو ملڻ، اسان وٽ ائين ئي ٿيندو آهي... پر پيار، محبت ۽ رضا خوشيءَ سان، تو کڻي اکيون سُڄايون آهن..!!“
صبح جو ماءُ هن سان ملڻ آئي، تہ کيس ڏسندي ئي، هن کان اوڇنگارون نڪري ويون، ماڻس جي دل بہ ڦِسِي پيئي.
”ڇو ڇو، مٺي ڇا ٿيو؟ مان قربان وڃانءِ، هي پنھنجا ڪھڙا حال ڪيا اٿئي؟ ٻن راتين ۾ ئي پوڙهين جھڙي شڪل ٿي ويئي اٿئي! مئو توسان وڙهيو آهي ڇا..؟ سچ سچ ٻڌاءِ جاني، منھنجو هانءُ ٿو ڦاٽي..!؟“
”مون کي گهر وٺي هل امان، هن جلاد سان منھنجو گذارو ڪونہ ٿيندو، هل تہ هلون پنھنجي گهر...“
”گهر تہ توکي وٺيو ٿي هلان مٺي، پر پھرين مون کي هن ذليل سان ڳالھائڻ تہ ڏي، جو لاوارث سمجهي، تنھنجو ههڙو حال ڪيو اٿس! آهي ڪٿي، تہ ٻڌايانس سَت سُريون...؟“
”ڪو فائدو ڪونھي امان، هُو گهر وارن جي بہ نٿو ٻڌي. هل تہ پاڻ هلون...“ گهر وارن جي منٿن ايلازن تي بہ هُو نہ ترسيون، گهر پھچي، گاڏي گهرائي، ان مھل ئي شھر روانيون ٿيون...
اسپتال پھچندي ئي، ليڊي ڊاڪٽر تشويش مان پڇيو:
”ڇا ٿيو بابا، هي زخمي ٻانھون، سُڄيل اکيون، ڪنھن ماريو اٿئي ڇا...؟“
”ڊاڪٽر صاحبہ، گهوٽ ماريو اٿس، تازي شادي ٿي آهي، منھنجي ٻچڙيءَ جي، هي حال گهوٽ ڪيا اٿس، هلي بہ نٿي سگهي، هيستائين بہ الائجي ڪيئن پھتي آهي..!!“
ڊاڪٽرياڻيءَ هن کي بيڊ تي سمھاري، پردو ڏيئي ڇڏيو، ويھن منٽن تائين چڪاس ڪرڻ بعد چيائين:
”بابا، ڪنوار کي وڏي تڪليف پھتي آهي، عام طور نوجوان گهوٽ ڪنوار کي ڏسي، جذباتي ٿي ويندا آهن، جنھن سان ڪنوار لاءِ مسئلا پيدا ٿي ٿا پون، خير، پريشانيءَ جي ڳالھہ ڪانھي، ادڙي جلد ٺيڪ ٿي ويندي.“
”امان، گهوٽ بہ ڪو ڌاريو ڪونہ اٿس، سڳي پُڦيءَ جو پڙهيل لکيل پٽ اٿس، اسلام آباد ۾ آفيسر آهي، ڪو ڄٽ ڪونھي.“
”بابا، پڙهيل لکيل ماڻھو بہ، ڪنھن مھل ڄٽن جھڙيون حرڪتون ڪري ويھندا آهن، ائين ٿيندو آهي... اديءَ کي اسپتال ۾ داخل ٿا ڪيون، الٽرا سائونڊ ۽ ٻيون ضروري ٽيسٽون ڪرائي ٿا وٺونس، چار ڏينھن اسپتال ۾ رهندي تہ ٺيڪ ٿي ويندي، پر ها، گهوٽ کان حالي ٻہ مھينا پري رهڻو پوندس، اها پرهيز لازمي ڪرڻي پوندس.“
”ٺيڪ آهي ڊاڪٽر صاحبہ، ڀلي داخل ڪيوس، آئون گهر وارن کي ٻڌائي ٿي وٺان.“
ڳوٺ ۾ مشھور ٿي ويو، تہ فاروق صاحب پنھنجيءَ ڪنوار سان وڏو ظلم ڪيو آهي، هُوءَ وڃي اسپتالن حوالي ٿي! ڳوٺ جون عورتون هن کي پڇڻ، اسپتال پھچي ويون، ڪنوار سان همدردي ڪندي، گهوٽ جون گلائون ڪندي، سندس عزت ٽڪي جي ڪري ڇڏيائون. ڳوٺ ۾ فاروق کي ظالم ۽ بي رحم مرد طور مشھور ڪري ڇڏيائون. اهي ڳالھيون ٻڌي، بابر خان مڇرجي ڀيڻ جي گهر وڃي نڪتو! عزيز ترين رشتن جو لحاظ ڪرڻ بدران، تماشو لڳائي ڇڏيائين، گهوٽ فاروق، موجود نہ هو، نہ تہ شايد هٿ ڳنڍڻ ۾ بہ دير نہ ڪريس ها.
ڳوٺ جو ماحول فاروق جي رهڻ لائق نہ رهيو. مامي سان مھاڏو اٽڪائي، دشمني وڌائڻ کان، هن واپس اسلام آباد وڃڻ ۾ ئي عافيت سمجهي. شھزاديءَ جي طبيعت بھتر ٿي، تہ هُوءَ اسپتال کان گهر پھچي ويئي، وري ڳوٺ واريون ٽولا ڪري، کيس پڇڻ پھچي ويون. انھن جي خدمت ۾ چانھيون، بوتلون تہ دل سان ڪيون ويون، پر ڪنوار کان وڪيلن واري جيڪا آڏي پُڇا ٿيندي رهي، تنھن کيس بيزار ڪري ماريو. مجبوراً، هُوءَ مٿئين منزل تي وڃي، پنھنجي ڪمري ۾ ويٺي، ڪنھن کي بہ اوڏانھن وڃڻ جي اجازت نہ ملي.
مھرالنساءَ ڳوٺ وارين کي تہ ڪنھن نہ ڪنھن طريقي سان ٽاريندي رهي، پر وڏي ڀيڻ بشيران کي ٽارڻ ڏکيو پئجي ويس.
”ائي مھران، هي ڪھڙو ٻائيتال مچائي ڇڏيو اٿئي ڳوٺ ۾، جيڏانھن ڏس تو واري ڇوڪريءَ جا قصا پيا ٻڌجن..!“
”ادي بشيران ڇا ٻڌايان توکي، نانگ تي پير پيو، جو پنھنجو سمجهي، انھي نڀاڳي ڇوري کي، پنھنجي گلن جھڙي ٻچڙي ڏنيسون. ڇوڪريءَ کي تہ اسپتالن تائين پھچايائين، پر اسان جي عزت بہ ٽڪي جي ڪري ڇڏي اٿس.“
”شاديءَ کان پوءِ، ڇوڪرين کي برابر تڪليفون پھچن ٿيون ڀيڻ، پر شريف ماڻھو صبر ڪري وٺندا آهن. نئين جُتي بہ هفتو کن تہ پيرن کي تڪليف ڏئي ٿي، لِڦون بہ وجهي ٿي، ان کان پوءِ پيرن کي سُڪون بہ ان جتيءَ مان ئي ملي ٿو نہ...“
”هن ڪميڻي تہ اٿندي ئي دشمنن جھڙو سلوڪ ڪيو، سڪون وارو تہ رستو ئي ڪونہ ورتائين نہ...“
”گهوٽن جو بہ ڏوھہ ڪونھي ادي، حورن، پرين جھڙين ڪنوارن کي ڏسي، هُو ڪنٽرول مان ئي نڪريو ٿا وڃن، پوءِ ڇوڪريون ويچاريون اسپتالن ۾ ڊاڪٽرياڻين وٽ پنڌ ڪنديون ٿيون رهن. اهڙي دؤر مان پاڻ بہ گذريون هيون سين، ياد اٿئي نہ؟“ دائي کتيجان مڙهي، شھر وڃي حڪيمن کان دوائون وٺي ايندي هئي، جنھن ۾ ڪارو مَلم، اڇو ٻُورو ۽ ناسي رنگ جا حَبَ هوندا هئا، ان کان علاوه نم جا پن ڪاڙهي، نيم گرم پاڻي ڪوناريءَ ۾ ڀري ٽاڪور لاءِ ڪنوار کي ان ۾ ويھاريندي هئي. اهي مسئلا تہ اسان سان بہ هوندا هئا، پر اسان دانھن تہ ڪانہ ڪئي هئي. سڏ ڪر شھزاديءَ کي، تہ آئون ٿي سمجهايانس.“
”ادي، شھزاديءَ کي مايُن پڇي پڇي بيزار ڪري ڇڏيو. هاڻي مٿي وڃي پنھنجي ڪمري ۾ سُتي آهي، تون هينئر نہ ملينس، چِڙيو ويٺي آهي، ڪجهہ چئي وڌائين، تہ توکي ڏک ٿيندو.“
”تنھنجي مرضي مائي، آئون تہ هاسيڪار سنڀري، هن کي سمجهائڻ آئي هيس.“
ڀيڻ کان مَسين مَسين جان ڇڏايائين، تہ مٿان وري سندس ڀاڻيجي جي زال مسز شھلا ارسلان ڪراچيءَ کان پھچي ويئي، پنھنجي پياري ساهيڙيءَ کي پڇڻ... هن کي ڏسي پريشان حال شھزاديءَ کي ڄڻ تہ خوشيءَ جو خزانو ملي ويو. ٻئي ساهيڙيون ٻٽا ڀاڪر پائي، ڳل سان ڳل ملائي مليون، تہ باغ بھار ٿي ويون.
”ڇوري هي ڪھڙو ڊرامو ڪيو اٿئي، پاڻ سان گڏ، گهوٽ کي بہ خوار ڪري ماريو اٿئي؟“ شھلا جي پھرئين سوال ئي ڪنوار کي بجليءَ وارا ڪرنٽ ڏيئي ڇڏيا.
”مئي تون بہ ٿي مون کي ڏوھہ ڏئين؟ هُن ڪميڻي لاءِ ڪجهہ نٿي چوين، جنھن مون کي اسپتالن جو منھن ڏيکاريو؟“
”اها ڪا نئين ڳالھہ ڪانھي يار، نئين شاديءَ دوران، ڪنوار سان ائين ٿيندو ئي آهي. ستاوڙي دوران اڪثر ڇوڪريون ڊاڪٽرياڻين وٽ پنڌ ڪنديون رهنديون آهن، ڪڏهن مٿي جي سُور جو بھانو ڪري، تہ ڪڏهن پيٽ جي سُور جو، اصل مسئلو انھن سان بہ اهو ئي هوندو آهي، جيڪو تو سان ٿيو! پر مائٽن جي سمجهائڻ جي ڪري، هُو شڪايت نٿيون ڪن، توکي ڪنھن ڪونہ سمجهايو، تہ ستاوڙي ۾ ڇا ٿيندو ۽ توکي ڇا ڪرڻو پوندو..؟“
”اهڙيون ڳالھيون ڪير سمجهائيندو، ماڻھن کي شرم ڪونہ ايندو؟“
”شرم ڇا جو يار، نياڻيءَ جي زندگيءَ جو سوال آهي، مان هتي هجان ها تہ، شاديءَ وارو سڄو چيپٽر توکي ياد ڪرائي وٺان ها...“
ڪجهہ سوچي، هن کيس نئين تجويز ڏني:
”منھنجي مڃين تہ ماسيءَ کي ساڻ ڪري، لڳينس پٺيان، اسلام آباد وڃي ڳولي لھينس، مھل اها اٿئي، ائين نہ ٿئي جو نَما نَما ڪندي، مڙس هٿن مان نڪري وڃي ئي..!!“
”اُڪو ئي نڪري وڃي!“ شھزاديءَ انتھائي رکائيءَ مان چيو.
”مون کي ڪانھي هن جي ضرورت، مون طلاق وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي!“
”ڇوري متان اهڙي بيوقوفي ڪئي اٿئي! عورت لاءِ طلاق کان وڏي گار ٻي ڪانھي..! ڏسين نٿي تہ اسان وٽ طلاق وارين جي حالت ڪھڙي هوندي آهي..؟ ڪنھن بہ چڱي ڪم ۾ هٿ وجهڻ جي اجازت نہ هوندي اٿن، هر وقت منھن تي نحوست ۽ نڀاڳ جو ٺپو لڳل هوندو اٿن. گهوٽ ۽ ڪنوار جي رسمن لاءِ جيڪي ست سھاڳڻيون چونڊجن ٿيون، طلاق واريءَ کي انھن مان ڌِڪي ڌار ڪيو ٿو وڃي، ڪيتريون تہ اهڙي ذلت تي خودڪشي بہ ڪري ڇڏينديون آهن. مائٽن جي زور تي لڳي، مڙس سان مقابلو ڪري، وڏي غلطي پئي ڪرين! گهر ڦِٽي ويندئي، ٻڌائي ٿي ڇڏيانءِ.“
”گهر وسيَل ئي ڪٿي هو، جو ڦِٽي ويندو..؟“
”ائين نہ چئو، اڃان وقت ويو ناهي، گهر کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري تہ ڏس... ڀٽائي گهوٽ چيو آهي:
چنيسر سين چاڳ، متان ڪا مُند ڪري!
يعني مرد سان برابري، مقابلو، حُجت ۽ ناز نخرا عورت کي نہ ڪرڻ گهرجن، ڇاڪاڻ تہ ان جي بدلي ۾ مليل سموريون تڪليفون ۽ عذاب، عورت کي ئي ڀوڳڻا پوندا، مرد کي ڪجهہ ڪونہ ٿيندو. ڳالھہ کي سمجهين پئي نہ..؟ هڪڙي ڳالھہ تہ ٻڌاءِ، تون آخر پنھنجي مڙس سان ايڏي نفرت ڇو پئي ڪرين؟ مُئي، ڪٿي ٻئي ڪنھن سان تہ واعدا وچن ڪونہ ڪيا اٿئي نہ..؟؟“
”نہ ڀاڀي، رب ڏئي پناھہ، ڪھڙيون ٿي ڳالھيون ڪرين..!!“
”پوءِ ٻڌائين ڇو نٿي تہ گهوٽ توکي ڇو نٿو وڻي؟“
”مون سان شاديءَ کان انڪار ڪري، هن منھنجي دل ٽوڙي ڇڏي، نہ تہ ان کان اڳ هُو مون کي وڻندو هو...“
”ڪمال ٿي ڪرين يار! ڪِينَ جھڙيءَ ڳالھہ تان ڪاوڙجي، مڙس کان پري ٿي عذابن جھڙي زندگي پئي گذارين. تو جھڙيون ڇوڪريون تہ مڙسن کي آڱرين تي نچائين ٿيون، توکان تہ ڪجهہ نہ ٿيو.“
”مڙس کي مٿي تي چاڙهڻ مون کي پسند ناهي!“
”چوين ڇا ٿي؟ هُو مڙس آهي تنھنجو، مٿي تنھنجي تي تہ هونئن ئي سوار آهي... ڀٽائي گهوٽ جو شاندار بيت ٻڌايومانءِ، ان جو بہ توتي ڪو اثر نہ ٿيو..! اڄ ڪلھہ جون ڇوڪريون، مڙسن جي پيرن ۾ فٽبال وانگر ٿڏجن پيون، تڏهن بہ خوش هونديون آهن، سُڪون ٿو ملين، ٻئي جوان ۽ پيار ڪرڻ وارا آهن، تہ پوءِ آمريڪي ريسلنگ وانگر، بيڊروم ۾ دَس دَسان لڳي پئي هوندي اٿن... اهڙي جوانيءَ جون، اهي رومانٽڪ رانديون ئي تہ زندگيءَ جون يادگار گهڙيون هونديون آهن، تون ڇو پئي انھن کي ضايع ڪرين..؟“
اسلام آباد پري ڪونھي، جهاز ۾ فقط ڏيڍ ٻن ڪلاڪن جو سفر آهي، وڃي راڻي کي راضي ڪري وٺ..!“
شھلا ڀاڀيءَ جون ڳالھيون، ان وقت تہ هن کي بلڪل فضول ۽ فالتو لڳيون هيون، بلڪ ڪن ڳالھين تي تہ کيس چڙ بہ لڳي هئي، پر وقت گذرڻ کان پوءِ، هاڻي کيس اهي بھتر لڳن پيون. اڪيلائيءَ ۾ سوچڻ سان، پنھنجي غلطي ۽ ضد جو احساس ٿيڻ لڳو اٿس. ٻہ مھينا ان ڪشمڪش ۾ گذارڻ کان پوءِ، جڏهن گهوٽ جي ياد شدت سان کيس ستائڻ لڳي، تہ وڃي ماءُ جي پيرن ۾ ويٺي، منٿون ۽ ايلاز ڪري، اسلام آباد هلڻ لاءِ کيس راضي ڪري ورتائين، ماڻس بہ لاڏلي ڌيءَ جي ڪري، مڙس کان اسلام آباد وڃڻ جي اجازت ورتي، ٻئي ڄڻيون، نياز حسين کي ساڻ ڪري، وڃي اسلام آباد نڪتيون.
”مامي گهر ڳولڻ ۾ ڪمال ڪري ڇڏيو اٿوَ، ڪيئن پھتا آهيو؟“
”ابا چون ٿا، پُڇڻا نہ مُنجهڻا، ادي زينب کان ائڊريس وٺي، اللھ جي آسري نڪتاسين ۽ پھچي وياسين.“
”ڀلي ڀلي ڪري آيا آهيو، اسلام آباد ۾ اوهان کي ڏسي، دل باغ بھار ٿي ويئي.“
”ثمينہ... ثمينہ، ڏس تہ ڪير آيا آهن..؟“
گهر اندر هڪ خوبصورت ۽ سمارٽ ڇوڪري، شيمپو ڪيل وارن کي ڳلن تان هٽائيندي، خوشبوءِ وکيريندي، نازن ادائن سان، شاهاڻي انداز ۾ گول چاڙهين تان لھندي، سلام ڪري، مڙس جي ڀر ۾ اچي بيٺي.
”ثمينہ، هي آهن منھنجا عزيز، سنڌ کان مون سان ملڻ آيا آهن.“
هن هر هڪ سان هٿ ملايو ۽ مڙس جي پاسي ۾ اچي ويٺي.
”۽ هيءَ آهي منھنجي پياري ڪنوار، مسز ثمينہ فاروق، ڪاليج ۾ مون سان گڏ ليڪچرار آهي.“
اهو ٻڌندي ئي شھزادي ۽ سندس ماءُ جي منھن جو پُنو ئي لھي ويو! نياز حسين حيرت مان ڏسندو رهيو.
”ڊارلنگ، پھرين تہ مھمانن کي پاڻي پيئار ۽ پوءِ چانھہ ٺاهي وٺ تمام سٺي، مھمان ٿڪجي آيا آهن... ۽ ها، ڪجهہ شامي بہ گرم ڪري وٺجانءِ، ماني پوءِ ٻاهر هلي کائينداسين.“
ٿوري دير تائين تہ ماحول ۾ مڪمل خاموشي ڇانئجي ويئي، جنھن ۾ ڪيتريون ئي گونگيون شڪوہ، شڪايتون تڙپنديون رهيون، نيٺ هن جي ماميءَ ڳالھايو:
”هيءَ مائي ڪڏهن کان تنھنجي ڪنوار ٿي آهي..؟“
”مھينو کن ٿيو آهي، اسان جي شاديءَ کي، رشتو تہ اسان جو اڳ ۾ ئي طئہ ٿيل هو، اُها ئي ڳالھہ گهر وارن کي ٻڌائڻ مان ڳوٺ آيو هئس، پر منھنجي ڳالھہ ٻڌڻ بنا ئي زوريءَ منھنجي شادي ڪرائي ويئي، مان تہ بيوس ٿي پيو هئس مائٽن اڳيان...“
”تون ڳوٺان ڪنوار سان ناراض ٿي نڪتو هئين پٽ، اسان هتي توکي پرچائڻ آيا آهيون. شھزادي اڃا ٻار آهي ابا، هن جي غلطيءَ ڏانھن نہ ڏس، اسان سان گڏجي پنھنجي ڳوٺ هل، سڀ تنھنجو انتظار پيا ڪن.“
”اهو هاڻي ممڪن ڪونھي مامي... منھنجي نوڪري هتي، زال هتي، گهر بہ هتي آهي، هي سڀ ڪجهہ ڇڏي، مان ڳوٺ ڪيئن ٿو هلي سگهان؟ اوهان پاڻ سوچيو..؟“
”پوءِ تنھنجي ڪنوار شھزاديءَ جو ڇا ٿيندو؟“
”شھزاديءَ کي بہ مان پاڻ وٽ هتي ئي رکندس، ثمينہ تمام سُلجهيل ڇوڪري آهي، مون هن کي سڄو قصو ٻڌائي ڇڏيو هو، شھزاديءَ جي هتي رهڻ تي ثمينہ کي ڪو اعتراض ڪونہ ٿيندو.“
”نہ بابا نہ، اهو اسان کي منظور ڪونھي! منھنجي ڌيءَ واڌاري ڪانھي، جو پھاڄ جي نوڪرياڻي ٿي رهي..!“
”ڪير ٿو چوي تہ نوڪرياڻي ٿي رهي؟ هيءَ تہ هُن جي برابر گهر جي مالڪياڻي ٿي رهندي. اها گارنٽي مان ٿو ڏيان.“
”ادا فاروق ٺيڪ ٿو چوي امان، هُو شھزاديءَ کي زال قبول ڪري، پاڻ وٽ رکي ٿو، تہ اسان کي ٻيو ڇا کپي؟“
”تون چپ ڪر نياز، توکي ناهي خبر... اهو تون ڏکيو رستو پيو ٻڌائين ابا، ان کان چڱو ٿيندو تہ اسان جي نياڻيءَ کي طلاق ڏيئي، آزاد ڪري ڇڏ! پوءِ تون ڄاڻ، تنھنجو ڪم ڄاڻي..!!“
”ڪمال آهي مامي! ايڏو وڏو مطالبو، ايڏي آسانيءَ سان ڪري ڇڏيو اٿوَ..!! اسان جي خاندان ۾، اهڙو ڪُڌو ڪم، اڃان تائين تہ ڪنھن ڪونھي ڪيو، مان ان جي شروعات ڪري، پنھنجو نالو بدنام ڪرڻ ڪونہ چاهيندس، شھزادي منھنجي نڪاح ۾ آهي ۽ سڄي زندگي منھنجي نڪاح ۾ ئي رهندي، ان ڳالھہ کي لوھہ تي ليڪو سمجهي ڇڏيو..!!
پنھنجي خوشيءَ سان هتي رهڻ ٿي چاهي تہ منھنجيون اکيون ٿڌيون، پر جي ڳوٺ ۾ رهڻ ٿي پسند ڪري، تڏهن بہ ٺيڪ، فيصلو پاڻ ڪري.“
”امان ٻڌين پئي گهوٽھن جون ڳالھيون؟ تون بہ ڪجهہ ڳالھائي، تہ آخر تنھنجي مرضي ڇاهي..؟“
هن لڄائيندي، شرمائيندي، هيسيل انداز ۾ چيو:
”آئون هتي رهنديس پنھنجي گهوٽ وٽ..!!“
فاروق جي منھن تي سرهائيءَ واري مُرڪ ڦھلجي وئي. ماءُ ۽ ڀاءُ شھزاديءَ کي حيرت مان ڏسندا رهيا، تہ گهوٽ کي ڏسي، گهڙيءَ ۾ پنھنجي ارادي تان ڪيئن نہ ڦِري ويئي..!

ڪھاڻي _ هڪ عَلَمَ جي آتم ڪٿا: شوڪت علي ’شوق‘

ڪجهہ ڏينھن کان مان محسوس ڪري رهيو آهيان تہ هن گهر ۾ منھنجي خلاف سُس ڦُس ٿي رهي آهي. منھنجو ننڍو خدمتگار مون کي ڏسي پنھنجي ماءُ سان سرگوشي ڪري ٿو. سمجهان ٿو تہ منھنجي خلاف وڏي پيماني تي ڪا سازش سٽجي رهي آهي. ڪجهہ ڀُڻ ڀُڻ مون بہ ٻڌي آهي. اهو پيو چيو وڃي تہ منھنجي جاءِ تي اسٽيل جو علم آڻي بيھاريو وڃي. ائين ڇو پيو ڪيو وڃي، اهو مان نٿو ڄاڻان. صرف ايتري خبر اٿم تہ بقول منھنجي ننڍي خدمتگار جي تہ هن ۾ هاڻي اها طاقت نہ رهي آهي تہ مون کي سنواري سينگاري سگهي، خاص ڪري منھنجي رنگ جو ڪم الاهي محنت طلب آهي، هاڻي هن جي ڪرڻ کان زور آهي. ان لاءِ منھنجو نعم البدل اسٽيل جو علم ڳولھيو ويو آهي، جو ايراني علم بہ سڏائي ٿو. اها بہ حقيقت آهي تہ منھنجي مقابلي ۾ اسٽيل واري علم کي سينگارڻ ۾ ايتري ڪٺن محنت نٿي ڪرڻي پوي جڏهن تہ منھنجي سينگارڻ ۾ وقت ۽ محنت ٻئي درڪار آهن.
هونئن تہ مان پنر جنم جو قائل آهيان ۽ ڪيترا جنم ورتا اٿم، پر خاص ڪري هي منھنجو ٻيون جنم چئي سگهجي ٿو. پھرئين جنم ۾ مون کي هن ساڳي جاءِ تي پنجھٺ سال پھرين کوڙيو ويو هو. مون پنھنجن ٻن جنمن جي عرصي ۾ گهڻو ڪجهہ ڏٺو ۽ سٺو آهي. هن گهر جي ڏکن ۽ سکن جو مان اکين ڏٺو شاهد آهيان. ماضيءَ جا ڪجهہ قصا منھنجي پھرئين جنم جي حافظي ۾ محفوظ آهن تہ ڪجهہ ڪھاڻين جو مان عيني شاهد آهيان. مان هن گهر جو جھڙوڪر هڪ ميمبر ٿي رهيو آهيان ۽ هاڻي منھنجي مڪمل وجود وڃائڻ جون تياريون پيون ڪيون وڃن. مان نٿو ڄاڻان تہ منھنجو قصور ڪھڙو آهي جو منھنجو سر وڃائڻ جا سانباها پيا ڪيا وڃن. جڏهن مان پنھنجو ماضي ٿو ياد ڪريان تہ مون کي ياد ٿو اچي:
اڄ کان پنجھٺ سال پھرين هن گهر ۾ منھنجو پھريون جنم ٿيو. منھنجي وڏي خدمتگار، جو ان وقت پنجن سالن جو هو، تنھنجي خواهش ۽ ضد تي، سندس ننڍي چاچي منھنجو هڪ اڻپورو وجود گهڙي هن کي ڏنو. منھنجو جنم، گودام ۾ پيل ڪاٺين مان هڪ ڪاٺيءَ کي ڇريءَ جي مدد سان ڪٽي، ڇلي بڻايو ويو. پھريون دفعو مون کي سينگارڻ واسطي ڪپڙن کي رنگڻ واري سائي رنگ سان رنگي، هڪ بيرڪ وجهي گهر جي هيٺئين حصي ۾ منجڻ مٿان کڙو ڪيو ويو. ان وقت منھنجو قد ٽي فوٽ هو. ان کان پوءِ سڄي حياتي مان باقي جنمن سان گڏ هت گذاري آهي. شروع ۾ منھنجي دڪي گاري ۽ سرن جي ٽڪرن مان ٺاهي وئي، جنھن ۾ شمع يا ڏيئي کي رکڻ لاءِ هڪ جارو ٺھيل هو. انھيءَ شمع يا ڏيئي جي جهڪي روشنيءَ ۾ منھنجو پڙ رات جو روشن رهندو هو.
ڪجهہ سال مان انھي حالت ۾ رهيس... پوءِ هڪ محرم ۾ منھنجي وڏي خدمتگار جي مامي جي دوست، جو واڍو هو، منھنجو نئون روپ ٺاهي خدمتگار کي ڏنو. منھنجو قد پنج فوٽ، مدنن سان چؤنڪ... اهو هو منھنجو نئون روپ. خدمتگار جي چاچي ڪجهہ رنگ هٿ ڪري مون کي سينگاريو. پنج بيرڪون منھنجو لباس بڻجي ويون. گهر ۾ ٻرندڙ رات وارو بلب منھنجي چؤنڪ ۾ ٽنگيو ويو ۽ سيمينٽ سان پڪي دڪي ٺاهي وئي، منھنجي بلند ٿيڻ جي جاءِ ساڳي رهي. هاڻي مان مڪمل اَنگاس هئس.
جيئن منھنجو وڏو خدمتگار سمجهہ ڀريو ٿيو تہ هن منھنجي سينگارڻ جو ڪم پنھنجن هٿن ۾ کنيو. هُو مون کي وڏي چاھہ سان سينگاريندو هو. مختلف رنگن جو پائوڊر آڻي منھنجي جسم تي گل چٽ ڪڍندو هو. جيئن تہ منھنجي خدمتگار جي ڪا مستقل آمدني نہ هئي، ان ڪري هُو سال ۾ ٻہ دفعا دفتريءَ مان ننڍڙي پيتي ٺاهي، ڪٻٽ جي پاسي ۾ ٽنگيندو هو ۽ ان ۾ پنھنجي خرچي گڏ ڪندو هو. هڪ دفعو پنھنجي گڏ ڪيل خرچي مان ڦٽاڪن واري عيد تي ڦٽاڪا وٺندو هو ۽ ٻيو دفعو گڏ ڪيل پئسن مان منھنجي سجاوٽ ۽ نياز تي خرچ ڪندو هو. نياز هن کي سندس ماءُ ٺاهي ڏيندي هئي، جنھن ۾ گهڻو ڪري اوٻاريل چڻا هوندا هئا. منھنجي خدمتگار جي خواهش هوندي هئي تہ هر سال منھنجي سونھن ۾ اضافو ڪيو وڃي.
خدمتگار جي ماءُ، جنھن کي مان دل ۾ جيجي چوندو هئس، محرم جي پھرين ڏهن ڏينھن ۾ مغرب کان پوءِ ٻارن کي مٺو کير پياريندي هئي ۽ ڏينھن جو ٻارن کي ٻڪن ۾ چڻا ڏيندي هئي، پوءِ ستين تاريخ تي نياز جو بندوبست ڪيو ويو، جنھن ۾ جِيجي گهر ۾ چانورن جي برياني ٺاهيندي هئي جا مائٽن ۾ ورهائي ويندي هئي.
هڪ دفعي خدمتگار پنھنجن هٿن سان منھنجي لاءِ نئون چؤنڪ ليڪيو. هڪ مؤمن جي مدد سان اهو چؤنڪ واڍي کان ٺھرايو ويو. ان سان گڏ منھنجي ڪاٺيءَ ۾ ڳنڍ وجهي منھنجي قد کي بہ وڌايو ويو. اهو سڄو ڪم واڍي رات جو دير تائين ويھي پورو ڪيو ۽ منھنجو خدمتگار اهو سڄو وقت بغير ڪجهہ کائڻ پيئڻ جي واڍي وٽ ويٺو رهيو. ڪيترا دفعا گهر اچي ماني کائڻ جا نياپا آيس، پر هي گهر نہ ويو. آخرڪار علم جو ڪم مڪمل ڪرائي، اهو علم کڻي پوءِ گهر ويو. اهو منھنجي خدمتگار جي سچي لگن جو هڪ مثال هو.
هاڻي منھنجي سينگارڻ، سنوارڻ ۾ وڌيڪ محنت ڪئي ويندي هئي. منھنجي لاءِ خاص قسم جو ڪلس ٺھرايا ويا، جو ايترا ننڍا ڪلس عام بازار ۾ نہ ملندا هئا. ڪيترائي ننڍڙا رنگين بلب منھنجي جسم تي سجايا ويا. انھيءَ سڄي ڪم ۾ خدمتگار جي چاچي جو وڏو هٿ هو. جڏهن منھنجو خدمتگار پنھنجي روزگار سان لڳو تہ پوءِ هُو مون تي خصوصي ڌيان ڏيڻ لڳو. نياز ۾ بہ واڌ اچڻ لڳي. هاڻي ستين تاريخ پنج ڪلو قورمو گهر ۾ ٺاهيو ويندو هو، جو غريبن کي گهر ۾ سڏي کارائبو هو. اٺين تاريخ پنج ليٽر کير مان ملڪروز ٺاهي مؤمنن کي پياريو ويندو هو. نائين تاريخ ڪڻڪ جي اٽي جا روٽ پچائي، اکري مھري ۾ ڪُٽي سنھو ڪري انھن ۾ کنڊ ۽ گيھہ ملائي ڪُٽِي ٺاهبي هئي، جا خدا ڪارڻ ورهائي ويندي هئي. منھنجي بلند ٿيڻ وقت چڻن جو نياز خدمتگار جي پُڦي ڪندي هئي. ائين وقت گذرندو رهيو ۽ منھنجي خدمت ۾ واڌ ايندي رهي.
منھنجي اڳيان خدمتگار جي ڀيڻ ۽ ڀاءُ جو جنم ٿيو ۽ اهي منھنجي سامھون نپجي پلجي جوان ٿيا. هڪ دفعي وري منھنجي خدمتگار نوان چؤنڪ مدن ليڪي، نئين ڪاٺي وٺي منھنجي وجود کي نئين سر سنواريو. هاڻي منھنجو قدبت بہ بھتر هو تہ شڪل شبيھہ بہ سھڻي هئي. رات جو منھنجي روشنيءَ ۾ خاطر خواھہ اضافو ڪيو ويو. منھنجي سينگار ۾ خدمتگار جي گهر جون عورتون بہ حصو وٺنديون هيون. جيجيءَ سان گڏ سندس ڌيءَ گڏجي منھنجون بيرڪون ٺاهينديون هيون تہ ڪلسن ۾ رنگين پٽ جا ٽؤنر ٻڌنديون هيون. خدمتگار جي پڦي ۽ چاچي بہ هر ڪم ۾ هٿ ونڊائينديون هيون. مطلب تہ منھنجي تياريءَ ۾ گهر جو هر فرد حصو وٺندو هو جو سڀ مون کي چاهيندا هئا.
منھنجي خدمتگار جو ننڍو ڀاءُ جڏهن سمجهہ ڀريو ٿيو تہ ان بہ مون ۾ ڪافي دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۽ مان حد کان وڌيڪ حسين ٿيندو ويس. منھنجي خدمتگار جي ڪجهہ مائٽن گڏجي نائين تاريخ فروٽ ورهائڻ جو اهتمام ڪيو. ائين نذر نياز جو دائرو وسيع ٿيڻ لڳو.
گهر جي ڀاتين جو مون سان عشق جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ هڪ دفعي ٻلي کي ڀڄائڻ لاءِ خدمتگار جي چاچي هن کي سونٽي اڇلي هنئي جا اتفاق سان مون کي لڳي ۽ منھنجي چيلھہ ڀڄي پئي. اهو ڏسي سڀني جي منھن تي ويراني وري وئي. هڪدم مون کي لاٿو ويو منھنجي چيلھہ جي مرمت ڪرائي، واپس رنگ روپ ڪري، نئين سر نياز ٺاهي مون کي واپس بلند ڪيو ويو.
مان هن گهر جي ڏکن سکن جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. هن گهر جو شروعاتي دؤر، دردن جو دؤر هو. آمدنيءَ جو ڪو مستقل انتظام نہ هو. ڪڏهن هن گهر جا رهواسي فاقا ڪڍندا هئا. ويلي ويلي تي مانيءَ لاءِ هڪ ٻئي جو منھن تڪيندا هئا. گهر جا ميمبر ڪڏهن ڀريءَ ۾ تہ ڪڏهن ڀاڪر ۾ هئا. مان سڄو ڏينھن هنن جو ڳڻتيون ڳڻيندو رهندو هئس. ايتري تڪليف هوندي بہ خوش هوندا هئا. کلندا، ٽھڪ ڏيندا هئا. ماني نہ کائي بہ مُرڪندا هئا. پوءِ جڏهن منھنجي خدمتگار جي ٻنھي چاچن ڪمائڻ شروع ڪيو تہ مس وڃي ٻہ ويلا ماني نصيب ٿين ۽ سک جو ساھہ کنيائون.
منھنجي اکين اڳيان هن گهر ۾ پھريون موت خدمتگار جي وڏي چاچي جو ٿيو. هي هُنرِي سوچ رکندڙ شخص هر فن موليٰ هو. پويان پنج معصوم يتيم روئندو ڇڏي هي آخري سفر تي هليو ويو. چاچي جي جدائيءَ جو درد خدمتگار جي پيءَ کي ڏاڍو هو، جو ٻئي ڀائر هئا، هڪ ٻئي جي ڏکن سکن جا ساٿي هئا.
ڪجهہ وقت کان پوءِ گهر مان ٻي ميت منھنجي خدمتگار جي پيءَ جي نڪتي. هي شخص بہ هڪ وڏي علم جو خدمتگار هو ۽ سڄي عمر ان جي خدمت ڪيائين. منھنجو خدمتگار پيءَ جي وڃڻ کان پوءِ بلڪل اڪيلو ۽ اداس رهجي ويو، پر پوءِ هن همت کان ڪم وٺي، پنھنجي خاندان کي سنڀالڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي.
جڏهن منھنجي جيجيءَ کي فالج جو اثر ٿيو ۽ هُوءَ ڪنھن ڪم ڪرڻ جي قابل نہ رهي تہ پوءِ گهر جو سڄو ڪم ڪار خدمتگار جي زال سنڀاليو. منھنجي خدمت بہ هن پنھنجي ذمي کنئي. جلدي منھنجي جيجيءَ هيءُ جهان ڇڏيو ۽ سڄي ذميواري خدمتگار جي زال مٿان اچي وئي. هن ڪڏهن بہ مون کي اهو احساس ٿيڻ نہ ڏنو تہ جيجيءَ کان پوءِ مان اڪيلو رهجي ويو آهيان.
اٺين تاريخ تي منھنجي خدمتگار جو پڦاٽ هڪ وڏو نياز ڪندو هو، جنھن کي ورهائڻ جو بندوبست هن گهر ۾ ڪيو ويندو هو. هي گهر سڄي خاندان جو پھريون ۽ قديمي گهر هو. پڦاٽ، ماروٽ، سؤٽ جاءِ جي تنگيءَ سبب ٽڙي پکڙي ويا هئا، پر مرڪزي گهر سڀني جو هيءُ هو. نياز واري سڄي رات هتي ميلو متل هوندو هو، جو خاندان جا سڀ فرد هتي اچي جمع ٿيندا هئا. هڪ قديمي پڙ ايندو هو، جنھن کي نياز کارائڻ کان پوءِ فجر جو هر ڪو پنھنجي گهر هليو ويندو هو. اهو نياز اڃان تائين ٿيندو آهي.
منھنجي سينگار جو گهڻو ڪم هاڻي خدمتگار جو ننڍو ڀاءُ ۽ پٽ يعني منھنجو ننڍو خدمتگار ڪندا هئا. ننڍي خدمتگار کي نواڻ پسند هئي. چاهيندو هو تہ هر ڪم ۾ ڪانہ ڪا شي نئين ضرور هجي. نياز ۾ بہ نيون شيون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو هو. نياز جو مقدار وڌڻ ڪري، هاڻي گهڻو ڪري نياز ٻاهران ٺھرايو ويندو هو. مھيني جا ڏھہ ڏينھن هن گهر جا فرد ڪارن ڪپڙن ۾ هوندا هئا. ٻاهران نياز ايترو ايندو هو، جو گهر ۾ ڪجهہ رڌڻ جي ضرورت محسوس نہ ٿيندي هئي. خاص ڪري نائين ۽ ڏهين تاريخ گهر ۾ ڪُني ڪانہ چڙهندي هئي.
پوءِ اهو ڏينھن بہ آيو جڏهن منھنجي جُوڻ مٽائڻ جي رٿا رٿي ويئي. ننڍي خدمتگار پنھنجي سوچ ۽ خيال سان هڪ نئون اَنگاس ٺاهڻ ٿي چاهيو جا ڳالھہ منھنجي وڏي خدمتگار کي نہ وڻي. جيئن تہ هن جو مون سان عشق هو، ان ڪري منھنجي تبديليءَ جي ڳالھہ هن کي ڏکايل ڪري وڌو. پنھنجي پٽ جي خواهش جو بہ کيس احترام ڪرڻو هو، ان ڪري خاموش رهيو. ننڍو ڀاءُ بہ منھنجي جُوڻ مٽائڻ ۾ راضي نہ هو.
ننڍو خدمتگار پنھنجي مستيءَ ۾ مگن منھنجي ٻي جُوڻ مَٽائڻ جي تياري ڪندو رهيو. الائجي ڪٿان منھنجي نئين وجود لاءِ نوان نمونا هٿ ڪندو رهيو. هڪ سٺي واڍي منھنجي نئين وجود گهڙڻ جي حامي ڀري، پوءِ ان واڍي سچي محنت ۽ لگن سان منھنجو نئون وجود تخليق ڪيو. منھنجو نئين جنم ۾ قد ڏھہ فوٽ هو. مٿان جديد ڊزائن جو چونڪ مدن، وچ تي امام حسين رضه جي روضي جي شبيھہ، هيٺان ڪونڊي ڪٽھري سان گڏ، ٽائلز جي دڪي ۽ گل ڦل جدا. واقعي منھنجو نئون وجود سونھن ۽ سوڀيا جي لحاظ کان لاجواب هو. منھنجي مٿان ننڍي خدمتگار رنگن جي جيڪا ميناڪاري ڪئي سا ڏسڻ وٽان هئي. ان ميناڪاري کي سکڻ لاءِ خدمتگار ڪلاڪن جا ڪلاڪ وڃي پينٽرن وٽ ويھندو هو. ننڍڙن رنگين بلبن ۽ جهالرن سان منھنجي وجود کي جهنجهيو ويو. منھنجو جسم ايترو تہ سھڻو بنايو ويو، جو ڪيترا خدمتگار جا دوست هاسيڪار هلي اچي منھنجو درشن ڪندا هئا.
منھنجي پراڻي جسم کي ننڍي خدمتگار هڪ بي درد دوست جي حوالي ڪيو، جنھن منھنجو قدر نہ ڪيو ۽ مون کي ڪٻاڙخاني ۾ اڇلي ڇڏيو. وڏو خدمتگار منھنجي پراڻي جسم کي ڪنھن جي بہ حوالي ڪرڻ لاءِ تيار نہ هو. بهرحال مان پراڻو وجود وڃائي نئين وجود سان نڪري نروار ٿيس. مون کي ساڳيءَ جاءِ تي بلند ڪيو ويو. مون کي پنھنجي پھرئين وجود وڃائڻ جو ڏاڍو ڏک هو، پر پوءِ نئون روپ پَسي مان پنھنجو ماضي وساري ويٺس.
پوءِ هڪ اهڙو واقعو ٿيو، جنھن مون کي ڏاڍو دُکي ڪيو ۽ مون کي پنھنجو پاڻ تي شرم اچڻ لڳو. ننڍي خدمتگار جي وڏي ڀيڻ جو رشتو ڪٿي طئہ ٿيو. گهوٽيتن جي زالن ڇوڪري ڏسي قبوليت ڏني. ايتري قدر جو گهر ڀاتين پڌريءَ جي تياري بہ شروع ڪري ڏني. هاڻي صرف گهوٽيتن طرفان مردن جو اچي پروگرام کي آخري شڪل ڏيڻي هئي.
گهوٽ جي پيءَ ۽ ڀائرن جڏهن ڪنواريتن جي گهر ۾ قدم رکيو تہ منھنجي وجود هنن جي آجيان ڪئي، جا ڳالھہ هنن کي نہ وڻي. مون کي ڏسي هُو الائجي ڪيترن وهمن ۽ وسوسن جو شڪار بڻجي ويا. پوءِ اهو ڪجهہ ٿيو جو نہ ٿيڻ کپندو هو. منھنجي وجود کي وچ ۾ آڻي، رشتو ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو. اها خبر سڄي گهر مٿان وڄ بڻجي ڪرِي. هر اک آلي ٿي وئي. مان ان ڇوڪريءَ جي اکين ۾ آيل لڙڪ ڏسي خود بہ روئي پيو هئس. سوچيم تہ هي ظالم انسان، ڪيئن نہ فرقن جي فرق کي پنھنجو هٿيار بڻائي، دردمندن جون دليون ٿو ڏکائي. مون کي حيرت ٿي انھيءَ سوچ تي حقوق العباد وساري، پنھنجي دقيانوسي سوچ کي اڳيان آڻي، ڪيترين معصوم دلين جا خون ڪيا ٿا وڃن.
وقت پنھنجي مرهم سان ڪي زخم ڇٽايا تہ ڪي سڄر رهيا. هي گهر هڪوار وري پنھنجين خوشين ۾ مگن ٿي ويو. ائين ننڍي خدمتگار جي شادي ڪئي وئي جا هن گهر جي هڪ يادگار شادي هئي. چؤطرف خوشين جا دُهل پئي وڳا. نچي ڪُڏي نئين ڪنوار وٺي گهوٽيتا گهر آيا. مان بہ هنن جي خوشين ۾ خوش هئس. ننڍو خدمتگار شاديءَ کان پوءِ اولادي ٿيو تہ وقت جي کوٽ جو احساس ٿيس. هڪ محرم ۾ منھنجي سينگارڻ وقت منھنجي جسماني سونھن جا ڪجهہ حصا ڪڍي ڇڏيا ۽ مون کي جھڙوڪر گنجو بنائي ڇڏيو. وڏي خدمتگار ڪيترو روڪيو تہ اهو ڪم نہ ڪيو وڃي، پر هن مسڪين جي هڪ بہ نہ ٻڌي وئي. ظاهر آهي ننڍي خدمتگار جون پنھنجون مجبوريون هيون، جنھن ڪري اهو قدم کنيو ويو. اهو سڄو سال مان پنھنجي اڻ پوري وجود سان گذاريو.
مون اهو وقت بہ ڏٺو جڏهن وڏو خدمتگار بيماريءَ ڪارڻ آپريشن ڪرائي گهر آيو ۽ ست مھينا کٽ تي رهيو. هُو روز شام جو کٽ وجهي منھنجي سامھون ويھندو هو ۽ پنھنجي ويران اکين سان مون کي تڪيندو رهندو هو. هن جي تڪليف جو سوچي مان بہ اداس ٿي ويندو هئس. مان بي جان ڀلا ڇا ٿي ڪري سگهيس. وڏي خدمتگار جي هن بيماريءَ کان پوءِ جھڙوڪر ڏکن هن گهر جو در ڏسي ورتو هو.
محرم جو پھريون ڏهو گذرئي اڃان ارڙهن ڏينھن مس ٿيا هئا. مان گهر جي بدليل حالتن جو جائزو وٺي رهيو هئس تہ اوچتو گهر ۾ هڪدم قھرام مچي ويو. خبر آئي تہ وڏي خدمتگار جو ننڍو ڀاءُ هيءُ جهان ڇڏي پنھنجي آخري سفر تي هليو ويو آهي. اها خبر گهر وارن سان گڏ منھنجي لاءِ بہ قيامت کان گهٽ نہ هئي، جو مان بہ تہ هن گهر جو هڪ حصو هئس. جڏهن هن جو مڙھہ ٻاهران گهر ۾ آندو ويو تہ گهر ۾ چؤطرف ڪربلا جھڙي قيامتِ صغرا جو منظر هو. سڀ پنھنجا پراوا اچي گڏ ٿيا هئا. روڄ راڙو هو، ريھون ڪيھون هيون، مون بہ پڇتايو هو، اهو منظر ڏسي. هر اک رت روئي رهي هئي. سينازني ٿي رهي هي. ڇڙيل ڇنا، گهنجيل ڪپڙا، ڪنھن کي ڪو هوش نہ هو. مان بہ هنن جي غم ۾ شريڪ هئس. مان تہ هونئن بہ سورن جي علامت آهيان. منھنجي وجود دردن جي جمال مان جنم ورتو آهي. مان اها نشاني آهيان، جا ڪربلا جي قھري داستان جي ياد ڏياري ٿي.
منھنجو وڏو خدمتگار ۽ سندس ننڍو ڀاءُ پاڻ ۾ دوست هئا. گڏ گهمندا هئا، گڏ ڪمائيندا هئا ۽ گڏ کائيندا هئا. مان ڄاتو ٿي تہ وڏي خدمتگار جي اندر ۾ ڪھڙو ماتم متل آهي. ننڍي ڀاءَ جي موڪلاڻي، وڏي ڀاءَ لاءِ روح جون رڙيون هيون، جي سينو چيري ٻاهر اچي رهيون هيون. هن واقعي کان پوءِ مون هن گهر جي ڀاتين کي ڪنڊن ۾ لڪي روئندي ڏٺو آهي، جو هر هڪ جو وڃڻ واري سان وڏو چاھہ هو.
وقت پنھنجي رفتار سان هلندو رهيو ۽ درد جو زور گهٽبو رهيو، پر وقت جا ڇڏيل زخم مڪمل مَنڊجي نہ سگهيا. منھنجو وڏو خدمتگار هيڪلو بڻجي ويو ۽ ڪو سڄڻ ساٿي نہ رهيس. ڪير ڪيترو ڪنھن جو ساٿ ڏيندو، جيڪي پنھنجا هئا سي بہ هن واقعي کان پوءِ پرايا ڀاسڻ لڳا. نصيبن جو ستايل منھنجو خدمتگار هيءَ تبديلي محسوس ڪندو رهيو ۽ سواءِ ڪجهہ ڪُڇڻ جي سڀ ڪجهہ سھندو رهيو، هاڻي هن کي باقي وقت حياتيءَ جي رڻ ۾ اڪيلو گهارڻو هو. اڄ بہ جڏهن اک کڻي مون ڏي ڏسندو آهي تہ سندس اکين ۾ ماضيءَ جا پاڇا ڏسي مان روئي ويھندو آهيان.
هاڻي هن گهر ۾ اها خوشي نہ رهي، اهي شادمانا نہ رهيا. هر هڪ ظاهري کلي تہ ڳالھائيندو آهي، پر اندر ۾ سُورن جون سَٽون اڀرنديون اٿس. سڄي گهر ۾ ويراني واسو ڪري وئي آهي. جنھن گهر ۾ هر وقت خوشيءَ جا نغما گوجندا هئا، اتي هينئر ماٺ جا منظر ڇانئجي ويا آهن.
ٻيو محرم آيو. منھنجي وجود کي مڪمل ڪيو ويو. هڪوار وري مون کي دل جي سچاين سان سينگاريو ويو. رنگن جي چٽن سان منھنجي سونھن ۾ اضافو ڪيو ويو. بلبن جي جهرمر منھنجي وجود کي نئون حسن بخشيو. نذر نياز باقاعدي ڪيا ويا. منھنجي سجاوٽ تي ننڍي خدمتگار بيجا ويھڪ ڪئي، جنھن ڪري هُو بيمار ٿي پيو. هاڻي هُو وڌيڪ وقت ويھي نہ پئي سگهيو. اولادي هئڻ ڪري ٻارن جو بہ خيال رکڻو هئس، تہ پنھنجي روزگار کي بہ وقت ڏيڻو هئس.
هينئر هن جو مون کي هٽائڻ جو فيصلو ٻڌي، منھنجو وجود لرزي ويو آهي. پنجھٺ سالن جو ساٿ ٽُٽڻ ڪا مسخري تہ نہ آهي. سوچيان ٿو جڏهن منھنجي جاءِ ڪو ٻيو وجود اچي والاريندو تہ منھنجو ڇا ٿيندو؟ مان چند ڏينھن ۾ هتان هليو ويندس، پنھنجي وجود کي پاڻ ويڙهي. خبر ناهي ڪٿي هوندس، خبر ناهي ڇا ٿيندو، پر پوءِ بہ اندر مان اها دعا نڪرندي ته:
سڃاتئي نہ سائل، خدا خوش رکيئي،
وڃون ٿا ڪري، ديس توکي دعائون.

ڪھاڻي _ ماڻھو ۽ جڳھه: آصف جمالي

ڪم ٿورو پر سستيءَ جي ڪري رھجي ويس.
مينھن کان پوءِ ڪم گهڻو ٿي پيو. ماڻھو بہ ائين ڪنھن جڳھہ يا عمارت جئين ئي ھوندو آھي. وقت گذرڻ سان موسم جي گرمي سردي ڪمزور ڪريو وجهيس.
شديد برسات ۾ ھن جي جڳھہ بہ ھنڌان ھنڌان ٽِمڻ لڳي تہ پريشان ٿي ويو.
خبر ناھي ڪيئن اھو وقت گذريو..!
ڏينھن رات مينھن... پورا ست ڏينھن ڪڏھن ھلڪو تہ ڪڏھن تيز...
جڏھن آسمان ظاھر ٿيو تہ تارا ڏسي خوش ٿيو. صبح ساڻ چؤڪ ۾ وڃي، پڙيءَ تان مستري وٺي آيو. مستريءَ سڄي جڳھ جي چڪاس وٺي چيو، ”سائين ڪم گهڻو آھي... ھٿ نہ وجهو تہ بھتر... پئسي جي طاقت ٿئي تہ يڪو ڪم ڪرائجو...“
”ھا، پوءِ ائين ڪبو.“ وراڻيائينس
مستري ويو ھليو تہ اچي ساھ ۾ مُنجهہ ٿيس.
پمپ وات ۾ وجهي ٻہ ٽي پُش ورتائين، پر وري بہ ساڳي حالت.
نيٺ شام جو ڊاڪٽر وٽ ويو تہ ھن تپاسي ڪجهہ ٽيسٽون لکي ڏنس. ھن ڊاڪٽر ڏانھن ڏٺو تہ ڊاڪٽر بہ ھن کي صبح واري رازي جئين لڳو،
ڄڻ چوندو ھجي ھاڻي ڪم گهڻو آھي..!

تنقيد، تبصرا، تعارف

---

تنقيد _ پريتم: هڪ جامد ڪردار : هوش محمد ڀٽي

(ناول ’پريتم‘ تي تنقيدي نظر)

سنڌي ٻوليءَ جي مايہ ناز ناول نگار ’رسول ميمڻ‘ پنھنجي ناول لکڻ بابت هڪ انٽرويو ۾ چيو تہ، ”هاڻي جيڪا مون ڪھاڻي لکي نہ... اها لکڻ جي Practise ڪئي، تہ جيئن منھنجو Tempo يا رڌم جيڪو آهي، اهو ٺھي ۽ مان ناول لکي سگهان.“ ناول لکڻ لاءِ هڪ پوري زندگي گهرجي ٿي. ائين رسول ميمڻ ناول لکڻ لاءِ پھريان ڪھاڻيون لکيون.
اسير امتياز بنيادي طور شاعر آهي، ناول سندس پھريون تجربو آهي. هن ڪڏهن ڪھاڻيون بہ نہ لکيون آهن. ضروري ناهي تہ ڪھاڻيڪار ئي ناول لکي سگهي ٿو ۽ شاعر ناول نٿو لکي سگهي، دنيائي اديبن جا پروفائيل ڏسون ٿا تہ شاعري، ڪھاڻيون ۽ ناولن جا هڪ کان وڌيڪ ڪتاب لکيل آهن. ان سڄي پسمنظر ۾ هڪ ڳالھہ جيڪا کُٽڪي ٿي، اها هن پاران ناول کي سنوارڻ ۾ محنت نہ ڪرڻ آهي.
’پريتم‘ ناول ۾ کوڙ سارا لوازمات آهن، جيڪي پورا ناهن. جن جو ذڪر اڳتي ايندو. پريتم هڪ سياسي ماڻھو آهي، ايترو پڙهيل بہ ڪونھي، پر سياسي جلسن ۾ ويندڙ آهي. هُو لاليءَ سان شادي ڪري ٿو. اها اڳ ۾ ئي ٻارن ٻچن جي ماءُ آهي ۽ ڪنھن وڏيري کان قرض کنيل اٿس. اها مائي قرض لاهڻ لاءِ ان وڏيري وٽ ڦاسي ٿي تہ پريتم بہ ان سان باندي بڻايو وڃي ٿو. وڏيرو هنن کي باندي بڻائي قيد ڪري ڇڏي ٿو. پوءِ اتي اهي چار ئي ماڻھو پريتم، يار محمد، لالي ۽ ان جون ڌيئرون نجي قيدخاني ۾ ڪم ڪن ٿا، پر ڪھڙو ڪم ڪن ٿا ۽ ڇا جي ڪري قيد ڪيا وڃن ٿا. مائي قرض ڇو ورتو؟ مائيءَ جو وڏيري سان ڪھڙو ناتو هو؟ وڏيري ڪھڙي بنياد تي قرض ڏنو؟ اهڙو ڪجهہ واضح نہ ڪيو ويو آهي.
پريتم ۽ سندس ڪھول باندي بڻائڻ کان پوءِ وڏيرو پنھنجي ڌيءَ کي انھن مٿان چوڪيدار بڻائي ٿو، پر ڪمدار قادو بہ هنن تي پھرو ڏيندو رهي ٿو ۽ انھن تي تشدد بہ ڪري ٿو. مسرت کي باندين تي اک رکڻ لاءِ رکيو ويو آهي پر هُوءَ پريتم ۽ سندس خاندان کي رحم جوڳي نگاھہ سان ڏسي ٿي ۽ پريتم سان پريت بہ ڪري ٿي، پر پريتم ڪا بہ دلچسپي نٿو وٺي. پريتم جون ڌيئر جيڪي هن جي زال لاليءَ جي اڳئين مڙس مان آهن. لاليءَ جي اڳئين مڙس جو بہ ڪو اتو پتو ناهي. هڪ ڌيءَ کي پيٽ ٿي وڃي ٿو، ان کي ٻار بہ ٿئي ٿو. ٻي ڇوڪري جواڻ جماڻ آهي ۽ وڏي ڌيءَ خودڪشي ڪري ٿي. پريتم جي زال بہ اڳتي هلي ڪاري ڪامڻ ۽ شگر جي بيمارين ۾ مري وڃي ٿي. هن جي وڏي ڌيءَ حوري جو ٻار بہ حويلي ۾ استري جي کليل تار وات ۾ وجهڻ سان مري وڃي ٿو. هن جي ننڍي ڌيءَ وڏيري جي ڌيءَ مسرت سان حويلي ۾ رهي ٿي. پريتم ڪٿي ۽ ڪيئن قيد آهي؟ اهڙو ڪوبہ منظر پيش نہ ڪيو ويو آهي. جنھن مان نظر اچي تہ هُو ڪيئن قيد ٿيل آهي؟
ناول جو ٿيم وڏيرا شاهي ۽ نجي قيدخانن بابت آهي. ليکڪ ان تي وڌيڪ گهرائي سان ڪم نہ ڪيو آهي. ڪردارنگاريءَ ۾ بہ هُو مار کائي ويو آهي. وڏيرو يار محمد بنا ٻڌائڻ جي پنھنجي ڌيءَ مسرت کي اسلام آباد وٺي وڃي ٿو، جڏهن هُوءَ پريتم سان قيد مان ڀڄي وڃڻ جو منصوبو ٺاهي ٿي. وڏيرو پريتم جي ڌيءَ کي بہ اسلام آباد کڻي وڃي ٿو ۽ ان ۾ هن جون اکيون هونديون آهن ۽ اتي هن سان نڪاح ڪري ٿو ۽ مسرت جي پنھنجي ڀائٽيي سان شادي ڪرائي ڇڏي ٿو. ان جي باوجود بہ مسرت اسلام آباد مان ڀڄي ٿي ۽ هيڏانھن پريتم جيل مان ڀڄي ڪراچيءَ پھچي ٿو.
ٻي مھاڀاري لڙائي کان پوءِ گڏيل قومن انساني حقن جو عالمي پڌرنامو شايع ڪيو ويو. ان ۾ هڪ حق اهو بہ آهي تہ ”هر ماڻھو کي ڪنھن بہ ملڪ مان جنھن ۾ هن جو پنھنجو ملڪ بہ شامل آهي، ٻاهر وڃڻ ۽ پنھنجي ملڪ ۾ واپس اچڻ جو حق حاصل آهي.“
ٻين لفظن ۾ هيئن چئون ٿا تہ انسان جي چرپر تي پابندي هڻڻ اخلاقي طور غلط آهي. هي ناول انساني حقن جي استحصالي ۽ غضب ٿيڻ جي ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ انسانن سان جانورن جھڙو ورتاءُ ڪيو ويو آهي.
ليکڪ پنھنجي پاران ۾ لکي ٿو تہ، ”ناول جي ڪھاڻي حقيقت تي ٻڌل آهي.“
پريتم ناول سڌو سنئون Direct Epic ۾ لکيل آهي. جنھن ۾ ناول نگار مؤرخ وانگي واقعن کي بيان ڪندو آهي. ان جي باوجود بہ ناول نگار ڪردارن ۽ واقعن ۾ موجود هوندو آهي. ناول ۾ ڪردار نگاري بنيادي اهميت رکندي آهي ۽ منظر نگاري اتفاقن هوندي آهي. هن ناول ۾ منظر چٽا ناهن. جيئن ناول جو منڍ ئي اڻ گهڙيو ۽ اوچتو محسوس ٿئي ٿو.
”هي ناول هڪ ئي ويھڪ ۾ پڙهي سگهجي ٿو ۽ هڪ ڀيرو پڙهجي ويندو آهي.“ اهڙي گول مول ۽ روايتي ڳالھہ هن ڪتاب جي مھاڳ ۾ لکيل آهي.
سنڌي ناول ۾ ايڊيٽنگ جي وڏي کوٽ آهي، جنھن لاءِ آئون بار بار لکندو رهيو آهيان. هن ناول جو ليکڪ بہ هڪ ايڊيٽر ۽ نقاد آهي، پوءِ بہ هن ڪي بنيادي ۽ اهم ايڊيٽنگس نہ ڪيون آهن. جيڪو نھايت ئي افسوسناڪ ۽ اڻ پروفيشنل عمل آهي. جھڙوڪ: اڌ دم، سڄو دم ۽ واڪ جون نشانيون بہ نہ ڏنل آهن. مٿان وري لفظن جو ورجاءُ پڙهندڙ کي ڏاڍو تنگ ڪري ٿو ۽ منجهائي وجهي ٿو. جن جا مثال ضرور ڏبا. ناول ڇپائڻ کان اڳ ۾ بار بار ايڊٽ ڪرڻ جي تصنيف آهي، پر هي ناول مون کي لڳي ٿو تہ موبائل تي ڪمپوز ڪري ڪمپيوٽر ۾ لاهي ڇپايل آهي.
ناول جا ڪردار پريتم، لالي، وڏيرو يار محمد، حوري، موتي، مسرت ۽ ڪمدار قادو انھن جي مصوري ۾ ليکڪ جا رنگ ڇڊا آهن. ڪنھن بہ ادبي تخليق جي سرجڻ لاءِ لفظ اهم مسئلو آهن، پر هن ناول ۾ ليکڪ لفظ ڄڻ ڀرتي ڪيا آهن. ڪنھن بہ تخليق لاءِ لفظن جو رچاءُ دلچسپ هجڻ گهرجي. ليکڪ جا هڪ پيراگراف ۾ ورجايل جملا:
”اهو خوبصورت فلسفو مسرت بہ ٻڌي رهي هئي. پريتم جي اهڙي ادائيگي ويتر مسرت کي پنھنجي ويجهو آڻڻ جو ڪم سرنجام ڏئي رهي هئي، مسرت بہ بيھي رهي ۽ هن لاليءَ ۽ پريتم جي گفتگو کي دل سان ٻڌڻ پسند ڪيو هو. لاليءَ، پريتم سان جو مخاطب ٿيڻ لڳي تہ مسرت بہ پنھنجو غور انھن طرف ڪيو.“
مٿئين پيراگراف ۾ مسرت جي ٻڌڻ جي ڳالھہ کي ٽي ڀيرا ورجايو ويو آهي. اهڙا الاهي سارا ٽڪرا هن ناول ۾ آهن، جن ۾ لفظن جو ايترو تہ ورجاءُ آهي جو ماڻھو پڙهي پڙهي تنگ ٿو ٿي پوي. وري هي ڏسو:
”پريتم پاسو ورائي هڪ نھار پنھنجي گهرواري کي ڏٺو، جنھن جون اکيون کليل هيون، پريتم کليل اکين سان پنھنجي گهرواري کي ڏٺو.“
ڪھڙي ڳالھہ تان ڳوٺاڻن کي قيد ڪيو ويو آهي، اهو چٽو ڪونھي! جيڪڏهن قرض ڏنو ويو آهي تہ اهو قرض ڇا جو ۽ ان جو پسمنظر ڪونھي!!
ڪردار اوچتا آهن انھن جو بہ تعارف خاص ناهي! جيئن نوريءَ جو ڪردار. ناول جي شروعات جي بہ خبر ئي نٿي پوي تہ ڪيئن ٿئي ٿي ۽ هڪ ماڻھو بس ڳالھائڻ شروع ڪري ٿو. ان جو ڪو اڳ پٺ يا بيھڪ ناول نگار نہ ٺاهي آهي. فلسفي لفظ جو بيجا استعمال آهي. هڪ اڌ سياسي ماڻھو جيڪو قيد آهي، اهو عام رواجي ڳالھيون ڪري ٿو تہ ان کي مسرت فلاسافر ٿي سمجهي. جڏهن تہ مسرت فلسفي/فلاسافر جي ڳر کان واقف ئي ناهي.
مسرت پريتم کان پڇي ٿي تہ ڇا ٿيو؟ تہ پريتم مان مان ۾ لڳي وڃي ٿو. لفظ اصليت بہ ليکڪ ائين استعمال ڪيو آهي جو معنيٰ جي خبر ئي نٿي پوي تہ هاڪاري آهي يا ناڪاري. پريتم هڪ جاءِ تي لاليءَ کي ڏاڍي هاڪاري خيال واري ڳالھہ ڪري ٿو، جو ان جي سوچ تي پيار اچي ٿو:
”ها لالي هي پھريون ڀيرو تاريخ ۾ ٻار ڄمندو، جيڪو پنھنجو نہ هوندي بہ، پنھنجو ڪنداسين، معاشري جا اڪثر ماڻھو تہ اهڙي ٻار کي حرامي چوندا آهن.“
ناول نگار لکي ٿو تہ، ”پريتم جي اکين تي ڪڏهن ڪڏهن پٽي ٻڌي هڪ ٻنيءَ جي ٽڪري کان ٻنيءَ جي ٻي ٽڪري تائين کيس موڪليو ويندو هو ۽ اڪثر پيرن ۾ زنجير پيل هوندي هئي.“
وري ٻي هنڌ لکي ٿو تہ ”گهر جي ماحول ۾ سواءِ اداسيءَ جي هاڻي ٻيو هيو بہ ڇا؟“
اهو ڪھڙو جيل آهي، جيڪو پريتم کي هڪ ٽڪري کان ٻئي تائين پٽي ٻڌي وٺي وڃي ٿو. وري ڪير ڏسي نٿو سگهي. ٻني ۽ حويلي ايڏو پري آهن يا ايڏو نامعلوم علائقو آهي. ليکڪ ڪنھن بہ طرح تز بياني کان ڪم نہ ورتو آهي. منظر منجهيل ۽ واضح ناهن. وري باندي آهن تہ گهر ڪنھن جو ۽ ڪٿان جو. ليکڪ ڪردارن جا نالا بار بار ورجائي ٿو. تقريبن هر سٽ ۾ نالو آهي. ان سان گڏ پڙهڻ جي رواني ۾ مزو نٿو رهي.
پريتم جي زال وڏيري جي ظلم ڪري باندي بڻجي وڃي ٿي. هن جي ڌيءَ خودڪشي ڪري ڇڏي ٿي پر پريتم وٽ وڏيري لاءِ نفرت پيدا نٿي ٿئي، پوءِ بہ هٿ ٻڌيون هن جي اڳيان بيٺو آهي.
پوري ناول ۾ پريتم هڪ جامد ڪردار طور سامھون اچي ٿو ۽ هن ۾ بغاوتي عنصر ڀرڻ واري بہ مسرت آهي. جيڪا هن کي اتان ڀڄڻ تي مجبور ڪري ٿي، باقي پريتم جي ڪردار ۾ حالتن آهر تبديل ٿيڻ جي سگهه ناهي ۽ هو بار بار مايوسيءَ جون ڳالھيون ڪري ٿو. جيئن صفحي 96 تي هُو چوي ٿو: ”مسرت مان هن حال ۾ بہ مطمئن ناهيان، بلا جي زهر جھڙي زندگيءَ کان بھتر موت ڀانيان ٿو، ڪٿان ڪو زهر آڻي ڏينم تہ کائي مري وڃان، هاڻ هن دنيا ۾ پل پل جي پريشاني ۾ ساھہ ٿو منجهي.“
مسرت بہ سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ ليکڪ کي شايد ياد نہ رهيو آهي تہ هُو ڪردارن کان ڪرائڻ ڇا ٿو گهري. مسرت، پريتم کي ڀڄي وڃڻ جي بہ صلاح ڏئي ٿي ۽ وري هيئن بہ چئي ٿي:
”مون بابا کي پنھنجي رهائي جي باري ۾ چئي ڇڏيو آهي، ڪجهہ ئي ڏينھن ۾ تنھنجي رهائي ٿي ويندي، پوءِ تہ آزاديءَ سان پنھنجي زندگي گذاري پنھنجو پاڻ کي وکرڻ کان بچائيندي نہ.“
سموري ناول ۾ پريتم سُتو پيو آهي. مسرت اچي ٿي وري وڃي ٿي. پريتم اٿي ٿو ويھي. عجيب جملا ۽ اٿ ويھہ ۽ ننڊ جاڳ کان سواءِ ڪي ٻيون ڳالھيون ٿين ئي نٿيون. پريتم ڪردار جو ٻيو وڏي ۾ وڏو نقص اهو آهي تہ هن جي ڀيڻ پسند جو پرڻو ڪري ٿي تہ هُو ان کان نفرت ڪري ٿو ۽ بدلي جي باھہ سندس رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳي ٿي. ڪامريڊ ٿي ڪري بہ اهڙي سوچ ڪردار جي جوڙجڪ سان ٺھڪندڙ ڇا، ان کان ڪوهين ڏور آهي.
پريتم جيئن تہ ٻڌل آهي ان کي زنجيرن جا نشان بہ ٿي وڃن ٿا. وري ٻڌل ماڻھو ماني ڪيئن پچائيندو. ڪمدار قادو ۽ پريتم جي ڳالھہ ٻولھہ 116 صفحي تي ٿيل آهي جنھن ۾ ڪمدار چئي ٿو:
”زمانو هلائڻو پوي ٿو تون اڪيلو ناهين، جو توکي کارايان، سردار جي هوڏانھن واري ٻنيءَ تي تو وانگي يارنھن باندي آهن.“
جڏهن ايترا باندي آهن تہ ليکڪ انھن جو ڪوبہ منظر ناول ۾ پيش نٿو ڪري ۽ اهي ڪھڙي ڏوھہ ۾ باندي آهن؟ بس ناول نگار پريتم ۽ مسرت تي فوڪس رکيو آهي. ناول نگار جي ٻولي ڪمزور پاسن سان گڏوگڏ ڪٿي ڪٿي هُو سٺا محاورا بہ لکي وڃي ٿو: جيئن:
”سندس اميدون ڪچا ٻار ڪيرائڻ لڳيون هيون.“
”هڪڙا ڪتا انسان جي روپ ۾ بہ هوندا آهن جيڪي بہ ڏاڙهين ٿا.“
ليکڪ ڪردارن جي اڻت ۾ ماري کائي ويو آهي. انھن جا رخ ۽ لھجا انھن جي صورتحال سان نٿا ملن، پر الڳ بيٺا آهن. مسرت جي زبردستي شادي ٿئي ٿي ۽ پيار هُوءَ پريتم سان ڪري ٿي پر ڪمدار قادو کي چئي ٿي تہ منھنجا ڪپڙا سنڀالي کڻي اچجان. اها ڳالھہ تہ منھنجي سمجهه کان بالاتر آهي. جيڪا خود ليکڪ ئي سمجهائي سگهي ٿو.
منھنجو خيال آهي تہ ليکڪ کي ناول ڇپرائي پڌرو ڪرڻ کان پھرين هڪ ٻہ ڀيرا پڙهڻ گهرجي ها ۽ ان جي ڪمزور پھلوئن تي ڌيان ڌرڻ گهرجي ها، جيڪو عمل تمام گهڻو ضروري هيو.

مترجم: آدرش _ پيءُ پُٽ

پيءُ پُٽ کي تَڙُ ڪرائيندو آهي
تہ ٻئي ٽھڪَ ڏئي کلندا آهن.
پُٽ پيءُ کي تَڙُ ڪرائيندو آهي
تہ روئندو آهي.

تبصرو _ هڪ شاعر جنھن لاءِ لکڻ عياشي آهي: عدنان منگي

روشن شيخ ڪجهہ سال اڳ منھنجي لئہ فقط فيسبوڪ جي فرينڊ لسٽ جو ھڪ نالو ھو. ساڻس پھرين ملاقات خيرپور لٽريچر فيسٽيول تي ٿي ھئي ۽ ان کان پوءِ وقت ڪڍي ھڪڙي ھوٽل تي چانہ جي ٻن ڪوپن تي ٻہ ڪلاڪ کن ڪچھري بہ ڪئيسين. ڪچھري ڪندي ھڪڙي ڳالھ جو وڌ ۾ وڌ احساس ٿيو تہ هُو بيباڪ آھي ۽ اجاين فارملٽيز جو قائل بہ ڪونھي. اھڙا ماڻھو انتھائي خوبصورت ٿين ٿا، جيڪي پاڻ کي perfect ناھن سمجهندا. ڀائو روشن شيخ انھن مان آھي. مختلف ڪچھرين مان ان ڳالھ کي محسوس ڪري ورتو ھيم پر سندس نئين آيل ڪتاب ’شارٽ لسٽ ڪيل ڏک‘ جي پنھنجي پاران واري سيڪشن ۾ لکيو اٿن:
”اھڙي طرح منھنجي جِيوَن ۾ گلائون ڪرڻ ۽ چڱائي ڪرڻ جو فالٽ آھي. آئون اھي ٻئي ڪم نٿو ڇڏي سگهان ۽ ان ڪري ئي شايد پڇتاءُ بہ منھنجي پچر ناھي ڇڏيندو ۽ جڏھن بہ پڇتاءُ، ڪروڌ، چڱايون، گلائون مون وٽان موڪلائي وينديون آھن تہ، مون وٽان نثري نظم بہ موڪلائي ويندا آھن.“
اھڙي قسم جو اعتراف فقط اھو ئي ڪري سگهي ٿو، جنھن ۾ اسٽيٽ فارورڊ ھجڻ جي سگهه موجود ھجي ۽ دنيا جا وڏا وڏا ليکڪ اسٽيٽ فارورڊ ئي رھيا آھن. اسٽيٽ فارورڊ ماڻھو ۾ اھا خوبي ھوندي آھي تہ ھُو ڪڏھن بہ ڪوڙ ناھي لکي سگهندو ۽ نہ وري فرمائشي اديب ٿي سگهندو آھي. ڀائو روشن شيخ جا نثري نظم بہ ان ڳالھ جي بار بار گواھي ڏيندا رھيا آھن تہ انھن جو تخليق ڪندڙ to the point ڳالھہ ڪرڻ وارو ماڻھو آھي. سماج جون تلخ حقيقتون، ڏک ۽ عشق ڀائو روشن شيخ جي نثري نظمن جا موضوع رھيا آھن ۽ انھن کي بيان ڪرڻ جو انداز ليکڪ جيان ئي بيباڪ ھوندو آھي. ادب ۾ بہ رک رکاءُ ڪجي تہ باقي ڇا بچيو؟
مان جڏھن شاعري پڙھڻ شروع ڪئي ھئي تہ ھڪڙي ماڻھو مون کي نثري نظمَ پڙھڻ کان منع ڪيو ھو. چيائين تہ نثري نظم شاعري ناھي. مان ان جي ڳالھ تسليم بہ ڪئي ھئي. ڪجهہ عرصو گذريو تہ ’وليم ورڊس ورٿ‘ جا شاعريءَ بابت ڪجهہ اصول پڙھي ذھن ۾ ھڪ سوال پيدا ٿيو تہ ھيڏو وڏو ماڻھو اھي ڪھڙا اصول ٻڌائي رھيو آھي؟ پر اڳتي ھلي ذھن پختو ٿيو ۽ شيون سمجه ۾ اچڻ لڳيون.. ھلندي ھلندي مان ان نتيجي تي پھتس تہ ادب ماءُ آھي ۽ صنفون ان جو اولاد آھن. ڪنھن نقاد کي اھا اجازت نٿي ڏئي سگهجي تہ ھُو ويٺو ھڪ صنف کي ادبي قرار ڏي ۽ ٻي صنف کي غير ادبي... ھر اھا شئي لٽريچر آھي جيڪا ڪنھن احساس جي ترجماني ڪري ٿي ۽ پڙھندڙ جي دل جي دريا ۾ پٿر اڇلائي، ان ۾ ڪنھن قسم جي حرڪت پيدا ڪري ٿي. منھنجي دل جي دريا ۾ اھڙي ئي حرڪت ڀائو روشن شيخ جي ھڪڙي نثري نظم ’اسان کي ھاڻي آسمان صفا ناھي وڻندو‘ پيدا ڪئي ھئي. سچ پڇو تہ منھنجي اکين ۾ لڙڪ تري آيا ھيا. منھنجي نظر ۾ اھو نثري نظم جي صنف ۾ ماسٽر پيس آھي. مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي آھي جڏھن ڪا سنڌي ڪھاڻي، ناول يا ڪنھن قسم جي شاعري عالمي ادب جي ڪلھي سان ڪلھو ملائي بيھندي آھي.
روشن شيخ پنھنجي ڪتاب جي ’شاعر پاران‘ واري ليک ۾ لکيو آهي تہ، ”لکڻ ھن لاءِ عياشي آھي.“ اھا تمام وڏي ڳالھ آھي! اھڙي قسم جي عياشي دنيا جي تمام گهٽ ۽ خاص ماڻھن کي نصيب ٿيندي آھي. ماڻھو اڪثر خراب قسم جي عياشي ڪندا آھن، پر جن کي لکڻ جھڙي ڪم ۾ سرور اچي، اھڙا ماڻھو تمام گهٽ ڏٺا اٿم. الائجي ڪيترا موسمي شاعر ڏٺا اٿم، جيڪي فقط واھ واھ لاءِ لکن ٿا ۽ وري الائجي ڪاڏي گم ٿي وڃن ٿا. لکڻ جو ڪم مستقل مزاجي گهرندو آھي، پر جيڪو شاعر لکڻ کي ڪم بدران عياشي سمجهي، ان کي فقط available ھجڻ جي ضرورت ھوندي ۽ سمورا احساس، بيباڪي، قلم ۽ ڪاغذ وقت وٺي ان وٽ پھچندا ھوندا.
مان ڀائو روشن شيخ جو ٿورائتو آھيان جن مون کي پنھنجو نئون ڪتاب تحفي طور ڏنو. اميد آھي تہ اڳتي بہ پنھنجي قلم سان ادب جي دنيا ۾ ڪنٽريبيوٽ ڪندا ايندا.

هن شماري جو ڪتاب _ دي روڊ : روِيُو: حُميرہ گُل

آمريڪا جي نامياري ليکڪ ’ڪارميڪ ميڪارٿي‘، سال 2006ع ۾ ’دي روڊ‘ نالي هڪڙو زبردست تصوراتي ناول لکيو آهي، جيڪو ڌرتيءَ مٿان قيامت خيز تباھہ ڪارين کان پوءِ ڌرتيءَ تي جياپي جي ڪوشش آهي. جنھن لاءِ ناول جا ٻہ اهم ڪردار پيءُ ۽ سندس پُٽ گڏجي ڪوششون ڪن ٿا.
هن ناول کي سال 2006ع لاءِ ’جيمز ٽيٽ بليڪ ميموريل پرائز فار فڪشن‘ جو ايوارڊ بہ ڏنو ويو، جڏهن تہ سال 2007ع ۾ ’ڪارميڪ ميڪارٿي‘ کي هن ناول تي ’پُلزر پرائز‘ سان پڻ نوازيو ويو.
ناول جي ايتري ناماچاري ڏسندي، مشھور هدايتڪار ’جان هلڪوٽ‘ سال 2009ع ۾ هن ناول تي آڌارڪ ساڳئي نالي ’دي روڊ‘ سان ئي هڪ فلم بہ ٺاهي.
ڪارميڪ ميڪارٿي جي هيءَ تخليق سڄيءَ دنيا ۾ هڪ بااثر تحرير آهي. جنھن کي وقت جي نقادن بيحد ساراهيو آهي.
سال 2007ع ۾ کيس ’اوپرا ونفري‘ جي بُڪ ڪلب ۾ انائونس ڪيو ويو، جنھن بعد هن ناول کي اڃا وڌيڪ شھرت ملي. سٺو ادب پڙهندڙن لاءِ هي ناول هڪ خوبصورت تحفي کان گهٽ ڪونھي.

هن شماري جي فلم _ دي فون ڪال : رِوِيُو: حُميرہ گُل

20 آڪٽوبر 2013ع تي برطانيہ ۾ رليز ٿيل هيءَ فلم، جنھن جو نالو ’دي فون ڪال‘ آهي، تنھن تمام سٺي پذيرائي ماڻي ۽ 87هين اڪيڊمي ايوارڊ ۾ ’بيسٽ لائيوِ ائڪشن شارٽ فلم‘ جو ايوارڊ ماڻڻ سميت تقريبن 9 ايوارڊ پنھنجي نانءِ ڪيا ۽ وڌيڪ 3 ايوارڊن لاءِ نامزدگي پڻ سندس ڀاڳ جو حصو رهي.
ميٽ ڪرڪبي جي هدايتڪاريءَ هيٺ ٺھيل هن ننڍي دورانيي واري ڊراما فلم کي جيمس ليوڪاس ۽ ميٽ ڪرڪبي گڏيل طور لکيو آهي. جڏهن تہ فلم ۾ سيلي هاڪنس، جم براڊبينٽ، ائڊورڊ هاڪ ۽ پرُونيلا اسڪيلس پنھنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا آهن. فلم جي موسيقي ائنڊريو راس ۽ ائنڊريو ويلس ڏني، جڏهن تہ سئنيما ٽو گرافي اولي براڊ برڪلينڊ ۽ تدوين لِزِي گراهم ڪئي آهي.
فلم جو مرڪزي ڪردار ’هِيٿر‘ نالي هڪ عورت جو آهي، جيڪا پنھنجي طبيعت ۾ هڪ شرميلي خاتون آهي ۽ هُوءَ هڪ ٽيليفون ڪمپنيءَ جي هيلپ لائين سينٽر تي ڪم ڪري ٿي، جتي هڪ ڏينھن کيس هڪ پراسرار شخص وٽان ٽيليفون ڪال اچي ٿي، جنھن سان تعلق بابت کيس ڪوبہ اندازو ناهي، تہ ان فون ڪال کان پوءِ ان پراسرار شخص سان ويجھڙائيءَ واري ساٿ کان پوءِ سندس حياتي ڪيئن بدلبي وڃي ٿي. فلم ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارن جي ڪردار نگاري ۽ فلم جي ڪھاڻيءَ واري تحرير بيحد جاندار آهن.

هن مھيني جو ڪھاڻيڪار

---

عابد اُنڙ : محمود مغل

چاليھن سالن کان پوءِ ’عابد انڙ‘ پنھنجي قلم ۽ ڪاغذ ڏي موٽيو آهي.
80-1970 واري ڏهاڪي ۾، جن ليکڪن تڪڙي پذيرائي حاصل ڪئي هئي، عابد اُنڙ انھن مان هڪ هيو. هي اهو ئي دؤر هو، جڏهن ’طارق عالم ابڙو‘، ’نظير قاسمي‘، ’ڪنول لھاڻو‘، ’اطهر منگي‘، ’محمود مغل‘، ’مصطفيٰ نانگراج‘ ۽ ’منظر حيات قاضي‘، علم و ادب جي آسمان تي ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا هئا. اشاعتي حوالي سان ڀلو ڀل هئي. ’سھڻي‘، ’مھراڻ‘، ’رچنا‘، ’سنڌي ساهت‘، ’نئون نياپو‘، ’سوجهرو‘ مندوار ’سنڌ‘ ۽ ’آرسي‘ جھڙا رسالا، چونڊ ادب پيش ڪندا هئا. عابد انڙ، 1978ع کان شاعريءَ جي پِڙ ۾ پيرُ ڌريو ۽ ’هلال پاڪستان‘ جي ادبي صفحي کان شروعات ڪندي، ’نئون نياپو‘ ۽ ’آرسي‘ ۾ ڇپيو. تنھن زماني ۾ ’سھڻي‘ ۽ ’آرسي‘ ۾ ڇپجڻ، ليکڪ لاءِ ڪنھن ’سَنَدَ‘ کان گهٽ ڪونہ هو. عابد، ’آرسي‘ کان شروع ڪيو ۽ پھرئين شماري، مارچ 1983ع ۽ چوٿين شماري، مارچ 1985ع ۾ ڇپيو.

آرسي جلد:1 / صفحو 30:
هاءِ حياتي... ]غزل[
هاءِ حياتي هيڏي ساري
ڪي تہ هُجن خوشين جا پَلَ
عمر گذارڻي تہ ناهي
ڀرڻي آهي ڄڻ ڪا ڍَلَ
هَڏن تان ڳَر بہ لاهي وٺ
توکي ڪائي جهل نہ پَلَ
توکي بہ ڪوئي ڇڏي وڃي
توکي بہ پوي ڪائي ڪَلَ
شاعرن کان ٿو شعر کَسين
واھہ ڙي ويرِي تنھنجي ٽَلَ
-
آرسي جلد:4 / صفحو 45:
ياد ]نظم[
سورج پنھنجو رنگُ مَٽائي
ڪنھن جبل جي اوٽَ
ڪنھن سمنڊ جي پيٽَ ۾ لھي وڃي
اُداس پِيلِي شام لڳي

پِيلا پَنَ وڻن مان ڇڻن
ڪونجن جون نہ قطارون اُڀ اُڏن
هيڪل وياڪل منڙو لڳي
هلڪي سرد هوا گُهلي
وارن چڳ لھي پيشاني چُمي
اهڙي سَمَي تون ئي ٻُڌاءِ، ها تون ئي ٻُڌاءِ
ڪيئن نہ ڀلا تنھنجي ياد اچي
-
شاعريءَ جي ان مختصر سفر کان پوءِ هُن، ڪھاڻيڪاريءَ ڏانھن ڌيان ڏنو ۽ مشھور رسالي ’سنڌ‘ ۾ 1983ع ۾ سندس پھرين ڪھاڻي ڇپي. الاءِ ڇو، هُن لکڻ ڇڏي ڏنو ۽ ڪل ٽن ڪھاڻين جي ڇپجڻ کان پوءِ ماٺ ٿي ويو. هيل تائين سندس ڇھہ ڪھاڻيون لکيل آهن، جن مان هڪ ’امرتا‘ جي ’هن مھيني جو ڪھاڻيڪار‘ واري سلسلي ۾، اوهان جي روبرو آهي.
عابد علي ولد سڪندر علي اُنڙ، پھرين فيبروري 1961ع تي ’قافلہ سراءِ‘ لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ٽن ڀائرن عبدالرسول، عابد علي، واجد علي ۽ چئِن ڀينرن واري ڪھول ۾ پاڻ چوٿون نمبر آهي. سندس شروعاتي تعليم، ’پِي وِي پرائمري اسڪول لاڙڪاڻو‘ ۾ ٿي، جتان پنج درجا پاس ڪري، سيڪنڊري تعليم ’نُور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد‘ مان حاصل ڪيائين. 1976ع ۾ مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ’گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري‘ مان 1978ع ۾ انٽرميڊيٽ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ’فائن آرٽس شعبي‘ مان 1982ع ۾ گريجوئيشن جون ڊگريون حاصل ڪيائين.
سندس پھرين نوڪري، انسپيڪٽر ڪوآپريٽوِ سوسائٽيز تحت ٿي، جيڪا 1985ع کان 1987ع تائين ڪراچيءَ ۾ ڪيائين. 1987ع ۾ هُن واپڊا جوائن ڪيو ۽ 1987ع کان 2000ع تائين ڪيئر ٽيڪر طور خدمتون سرانجام ڏيڻ کان پوءِ ساڳئي ئي عھدي تي سال 2000ع کان 2002ع تائين ’گُڊو ٿرمل پاور ڪشمور‘ ۽ 2002ع کان 2021ع تائين ’ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس‘ ۾ متعين رهيو. سال 2021ع ۾ هُن ريٽائر ڪيو. 1988ع ۾ سندس شادي ٿي ۽ ٽن نياڻين ۽ ٻن پُٽن ساگر ۽ مبشر جو پيءُ عابد اُنڙ، جي لاڳيتو لکي ها، تہ شايد انھن چئِن ڏهاڪن جي علمي ادبي سفر ۾ سندس حيثيت ڪا ٻِي هجي ها.
’امرتا‘ بيحد سرهو آهي، جو ان کي پڙهندي، هڪ ليکڪ کي پنھنجو قلم ڪاغذ ياد آيو آهي. وقت جو ڪم گذرڻو ئي آهي. ڀلي چار ڏهاڪا گذري ويا هجن، پر هڪ ڪويءَ ۽ ليکڪ جو ذهن وقت پاران زنگجي نٿو سگهي.

هم ساز سُڏڪا : عابد اُنڙ

اُن ڏينھن کان وٺي دل جي ڪيفيت ڪجهہ عجيب آهي. سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ ڇا ڪرڻ کپي! گهڻي سوچڻ کان پوءِ، آخر فيصلو ڪيان ٿو تہ هُن کي فون ڪيان! هُن سان مِلان، هُن سان ڳالھايان، پوءِ شايد ڪو سُک اچيم، شايد سانتيڪو ٿيان..!
زندگي پنھنجي رستي ۾ هڪ عجيب موڙ تي اچي بيھاري ڇڏيو آهي...! پوئتي تہ ناهي موٽڻو، اڳتي ئي وڌڻو آهي..!
هِن موڙ تان هاڻي اتي ڪيئن وڌجي! اُن ڏينھن کان وٺي هِن موڙ تي ڄڻ ڄمي ويو آهيان!
چاليھن سالن کان پوءِ، ڇو هُوءَ اچانڪ مون کي ايئن دڳ ويندي ملي وئي! ڇو..!؟
چاليھہ سالَ هُن کان سواءِ گذري ويا..! ڪيئن گذري ويا..! خبر ئي نہ پئي..! ۽ هاڻي هڪ ڏينھن بہ هُن کان سواءِ ڏکيو پيو لڳي! مون جيڪا اهميت، هُن جي ملڻ کي ڏني هئي، اوتري هُن جي وڇڙڻ کي نہ ڏئي سگهيو هوس..!
بنا ليکي چوکي جي، بنا ڪنھن معافي تلافيءَ جي، مان ڏاڍو سولائيءَ سان، هُن کان الڳ ٿي ويو هوس!
ڪٿي هاڻي تلافيءَ جو وقت تہ نہ اچي ويو آهي!
صرف معافي گهرڻ سان تلافي ٿي ويندي ڇا..!؟
مان چاليھہ سال، اکين تي پٽي ٻڌي هلندو رهيو آهيان.
هيترن سالن کان پوءِ، هيئن هُن جو، اهڙي طرح اوچتو سامھون اچڻ..! شايد مون کي ڪو ڪفارو ادا ڪرڻو هجي..!
قدرت جي فطري قانون مطابق، شايد اهڙي ڪنھن حساب ڪتاب جو وقت اچي ويو هجي..!
مان هِن موڙ تان گهٻرائجي، پوئتي ڀڄڻ نٿو چاهيان..!
جي وقت مون کي طاقت ڏئي رهيو آهي تہ مان هِن موڙ کي خوبصورت موڙ ڏيڻ ٿو چاهيان..! مان چاهيان ٿو تہ، جيڪڏهن هُن کي مون تي ڪا ڪاوڙ آهي تہ پنھنجي ڪاوڙ مون تي ڇنڊي! ڪو غصو اٿس تہ مون تي ٿُڪي! ڪا باھہ اٿس تہ مون مان ڪڍي! ڪي گاريون يا لعنتون سنڀالي رکيون اٿائين تہ ڀلي پنھنجي دل جو بار هلڪو ڪري..!
مان اُن ڏينھن حيدرآباد جي هڪ نئين شاپنگ مال ۾ پنھنجي ڌيءُ سان هيس تہ هُوءَ اچانڪ منھنجي سامھون اچي وئي! هُن سان هڪ نوجوان گڏ هيو. جيڪو بي خياليءَ ۾ اسان کي ڪراس ڪري اڳتي ڪنھن اسٽور ڏانھن وڌي ويو. هُوءَ مون کي حيرت مان تڪيندي رهي..! پوءِ ٿورو مرڪي..! منھنجي ڌيءُ اسان ٻنھي کي حيران پريشان ٿيندي ڏسي رهي هئي. هُوءَ اڄوڪي دؤر جي پڙهي لکي ۽ روشن خيال ڇوڪري آهي، تنھن ڪري هُن جي نظر ۾ ڪا تنگ نظري نہ هئي. البت مون پنھنجي وڃايل حواسن کي ميڙڻ شروع ڪيو.
چيم، ”توهين فرح آهيو نہ..!“
ايئن چيم تہ سھي پر سوچيم تہ مون کي ايئن چوڻ نہ کپندو هو..! فرح بہ منھنجي بدحواسي کي نوٽ ڪيو.
ماحول کي سنڀاليندي چيائين تہ، ”ڪھڙا حال آهن؟ توهان ٺيڪ آهيو...؟“
چيم، ”ها، ها... مان ٺيڪ آهيان! هيءَ منھنجي ڌيءُ آهي، بيلا... ڪجهہ ڏينھن ۾ بيلا جي شادي ٿيڻ واري آهي، سو بس... اِن سلسلي ۾ ٿوري شاپنگ وغيره..!“
وري ڌيءُ ڏي نھاري چيم، ”بيلا هيءَ فرح آهي، اسان ٻئي يونيورسٽيءَ ۾ ڪلاس فيلو هئاسين، ايترن سالن ۾ وري اڄ ئي مليا آهيون.“
فرح شفيق نظرن سان بيلا کي نھاريو ۽ کيس گلي لڳايو. فرح مون کي ڏٺو، ڄڻ چوندي هجي تہ ڪلاس فيلو هئڻ وارو ڪوڙ ڇو ڳالھايئي؟
پاڻ کي نارمل رکندي وري چيم، ”۽ فرح توهان ڪيئن آهيو!؟“
”فرسٽ ڪلاس، اللھ جو شڪر آهي.“ سامھون واري اسٽور ڏانھن ڏسندي چيائين، ”هُو منھنجو پٽ آهي فرحان، سڀاڻي هِن جي سالگره آهي، سو اُن لاءِ ڪجهہ وٺڻ آئي هيس.“
مون فرحان ڏانھن ڏٺو. فرحان سھڻو جوان هو. فرح کي چيم، ”توهان کي فرحان جي سالگره مبارڪ هجي.“
”توهان کي نياڻيءَ جي شادي مبارڪ هجي. اللھ نياڻيءَ جا نصيب سٺا ڪري.“ فرح، بيلا جي مٿي تي پيار مان هٿ گهمايو. بيلا کيس احترام مان جهڪي ٿينڪس چيو.
فرح، بيلا جي ڪلھي تي هٿ رکي چيو، ”بيلا، اسان کي پنھنجي شاديءَ ۾ گهرائيندي الاءِ ڪونہ..!“
”ها ڇو نہ آنٽي! توهين الاهي سٺا آهيو، توهان جي اچڻ جي مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي.“
بيلا جو جملو فرح کي وڻيو. فرح ۽ بيلا مون ڏانھن ڏٺو. مان خاموش رهيس.
”ٺيڪ آ ڀلا، ماشاءَاللھ...! فرح ڄڻ گذريل چاليھہ سالن کان فرار چاهڻ لاءِ موڪلائيندي چيو.
مون سوچيو تہ چاليھہ سالن کي هڪ مٺ ۾ ميڙي وٺان! ٻيو ڪجهہ نہ سُجهيو تہ چيم، ”توهان جو ڪو موبائل نمبر وغيره..! ماڻھو ڪڏهن ڪو سلام دعا ئي ڪري وٺي!“ فرح پنھنجو لينڊ لائن نمبر اچاريو. منھنجي دل ۾ Save ٿي ويو. هُوءَ تيز قدمن سان پنھنجي پٽ جي پويان وئي، جنھن نوٽيس ئي ڪونہ ڪيو هو تہ هن جي ماءُ ڪٿي پويان بيھجي وئي آهي، پر منھنجي ڌيءُ نوٽيس ڪيو پئي تہ هُن جي بابا جي دل هينئر پنھنجي جاءِ تي نہ آهي!
بس اُن ڏينھن کان وٺي منھنجي دل جي ڪيفيت ڪجهہ عجيب آهي. ان وچ ۾ بيلا جي شادي ڌوم ڌام سان ٿي وئي. بيلا جي ماءُ ٻہ سال اڳ هي جهان ڇڏي وئي هئي. بيلا کان ننڍو راحيل، ماءُ جي انتقال کان پوءِ ماسٽرس لاءِ لنڊن هليو ويو هو. راحيل، ماءُ جي انتقال کان پوءِ ماسٽرس لاءِ لنڊن هليو ويو هو. راحيل شروع کان ئي ٻاهران پڙهي اچڻ جي شوق ۾ هو پر ماءُ کان اهڙي اجازت نہ ملڻ ڪري هِتي ئي پڙهيو، راحيل ڀيڻ جي شاديءَ کان هڪ هفتو اڳ آيو هو ۽ شاديءَ کان هڪ هفتو پوءِ روانو ٿي ويو. راحيل کي گذريل هفتي سي آف ڪرڻ کان پوءِ، مان بلڪل اڪيلو ٿي ويو آهيان.
سورنھن سالن جو هيس جو حيدرآباد آيو هوس. مائٽن فرسٽ ايئر ۾ مسلم ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڏني هئي ۽ ويجهو ئي هيرآباد ۾ هڪ گهر... انٽر کان پوءِ ڄامشوري جي انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ويس. اُتي ئي هاسٽل ۾ وڃي رهيم. هيرآباد وارو گهر حيدرآباد ۾ ٿيل لساني فسادن تائين هيو، پوءِ مائٽن کپائي ڇڏيو. ڊگري وٺڻ کان پوءِ اُن ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائڻ لڳس. يونيورسٽيءَ جي سوسائٽيءَ ۾ پلاٽ مليو تہ گهر ٺھرائي ڇڏيم. گهر واري اچانڪ اڪيلو ڪري وئي، پٽ ملڪ کان ٻاهر، نياڻي پنھنجي گهر جي ٿي وئي. هاڻي خالي گهر کائڻ ٿو اچي. سوچيو اٿم تہ ڳوٺ موٽي وڃان. فطري ماحول ۾ وڃي رهان. ٻني ٻارو سنڀاليان. ڳوٺ وارن سان گڏ رهندس تہ ضرور خوش رهندس.
ڳوٺ وارن جي ڪم اچي سگهندس. اُتي وڃي ڪو وڏو فلاحي ڪم ڪندس.
پر هاڻي هِن دل جو ڇا ڪيان! هڪ پل بہ چين سان ويھڻ نٿي ڏي. فرح اوچتو ڇا ملي آ، ڄڻ ڪو ٺري ويل سور، ٻيھر سَٽون کائڻ لڳو آ، ڪو ڦَٽُ ڇُٽندي ڇُٽندي ٻيھر اُٿلي پيو هجي! ننڊ نٿي اچي! بک نٿي لڳي! لانگ ڊرائيو تي نڪري ٿو وڃان! مھدي حسن، مڪيش ۽ رفيع، جن کي ڪڏهن مان ڏاڍو شوق سان ٻڌندو هيس، انھن کي هاڻي پنھنجي منھن پيو ٿو ڳايان ۽ روئان!
ڊرائيو ڪندي، ڳائيندي، روئيندي...۽!!!
بس انھي ڪيفيت مان نڪرڻ ٿو چاهيان!
آخر اهو فيصلو ڪيان ٿو تہ فرح کي فون ڪيان..!
لينڊ لائن جو نمبر ڏنو هئائين. گهر ۾ الاءِ ڪير ڪير هوندس، فون الاءِ ڪير اٽينڊ ڪندو!
ڌڙڪندڙ دل سان نمبر ملايان ٿو. فون اٽينڊ ڪرڻ وارو ڪو نوجوان آهي. منھنجي وات مان الاءِ ڪيئن نڪتو تہ، ”ادا مان ريشم گليءَ مان، ٽيلر ماسٽر ٿو ڳالھايان. ميڊم سان ڳالھائڻو آهي.“ ڇوڪرو هولڊ ڪرڻ لاءِ چئي، وڏي آواز ۾ سڏي ٿو، ”امي... امي...“ اهو شايد فرحان ئي آهي.
آوازن مان لڳي ٿو تہ فرحان، فون کان پري هلندو ٿو وڃي. شايد فرح ٻئي ڪنھن ڪمري ۾ آهي. منھنجي دل جو ڌڙڪو تيز ٿي وڃي ٿو. ڪجهہ لمحن کان پوءِ هُن پاسي فرح آهي. اردو ۾ پڇي ٿي، ”هيلو، ڪونہ ڀائي؟“
سوچيان ٿو تہ هاڻي هي ٽيلر ماسٽر ڇا جواب ڏئي!
”جي ڀائي، ڪونہ بول رها هي؟“ فرح ٻيھر پڇيو.
”فرح، مان ڪاظم پيو ڳالھايان.“ سوچيان ٿو، هُن جي هٿ ۾ رسيو لڏي ويو هوندو! دل اڃا بہ ڌڙڪي پئي.
خاموشي آهي. فرح بہ سوچي رهي هوندي تہ ڇا چوي!
پوءِ هُن پنھنجي ڳالھہ هلڪي ٽھڪ سان شروع ڪئي.
”تون ڪڏهن کان ٽيلر ماسٽر ٿيو آهين؟“
وراڻيم، ”فرح مون سوچيو تہ فون کڻڻ وارو الاءِ ڪير هجي، سو بس، تو تائين پھچڻ لاءِ ٽيلر ماسٽر تہ ڇا، جهاڙو پوچيءَ وارو بہ ٿي پئي سگهيس.“ دل هاڻي ڪجهہ سامت ۾ اچڻ شروع ڪيو هو.
”مان ٻاهر لان ۾ اُس تي ويٺي هيس. فرحان اچي چيو تہ ٽيلر ماسٽر جو فون اٿوَ. پاڻ تہ تيار ٿيو ٻاهر نڪتو پئي ويو. کيس خدا حافظ ڪري اندر آيس. آئون چوان تہ مون ريشم گليءَ ۾ ڪپڙا ڏنا ئي ناهن تہ اتان فون ڪنھن ڪيو هوندو! پر نہ ڄاڻ تہ هي ڪپڙن سبڻ وارو نہ پر ڪپڙن لاهڻ وارو ماسٽر آهي.“ فرح وڏو ٽھڪ ڏنو. فرح بولڊ تہ هئي، پر هُوءَ اڄ بہ اهڙي بولڊ آهي، مون کي حيرت ٿي. مون سندس ڳالھہ تي دل ۾ شرمندگي محسوس ڪئي. ڪو جواب نہ ڏنم. بس ٿورو مصنوعي ٽھڪ ڏنم، ”ڇو ڦڪي کلَ پيو کِلين. شَڪي ٿو ٿين ڇا هينئر!“
هُن سھي پئي سمجهيو. مون ڳالھہ جو رخ مٽائڻ لاءِ پڇيو، ”ڇا پئي ڪيئي!“
”مون کي سيءُ پئي لڳو، سو لان ۾ اس تي ويٺي هيس. مون کي سيءُ گهڻو لڳندو آهي. مان سياري جي ڏينھن ۾ اندر ڪمرن ۾ ويھي نہ سگهندي آهيان. لان ۾ مالي بابا جو مٿو پئي کائيندي آهيان. لان جي صفائي، گل ٻُوٽا، ڪياري، مڙئي پئي ٽائيم پاس ڪندي آهيان. گهر وارو ناشتو ڪري نڪري ويندو آهي تہ رات جو واپس اچي. فرحان کي بہ هاڻي الڳ بزنس سيٽ ڪري، نئين آفيس کولي ڏني اٿس. اهو ننڊ مان ٿورو دير سان ٿو اٿي، پر هِنَ مھل اهو بہ نڪري ٿو وڃي تہ وڃي رات سنڀال... ڪنھن مھل بورچي مٿو کائيندو تہ ڪنھن مھل صفائيءَ واري ماسي، مان سڄو ڏينھن واندي، ڇا ڪيان..! زندگي ڏاڍي بور آهي، ميان ڪاظم علي خان!.. پر اللھ جو شڪر آهي..! تون ٻڌاءِ، ڪھڙا حال آهن؟“
اهو ٻڌي اطمينان ٿيو تہ فرح مالي طور گهڻو خوشحال آهي، پڇيم، ”توهين رهو ڪٿي ٿا؟“
”اسان جي ذات وارن جي پنھنجي سوسائٽي آهي نہ، باءِ پاس تي.“
”ها، اِها تہ ڪافي سٺي سوسائٽي آهي.“ مون واکاڻيو ڪجهہ لمحن جي خاموشيءَ کان پوءِ، فرح ڌيري، ڌيري چيو، ”مون سوچيو پئي تہ فون جو نمبر بہ ورتائين پر پوءِ فون الاءِ ڇو نہ ڪيائين! نمبر نوٽ ڪونہ ڪيو هئائين، سو شايد وسري ويو هجيس..!“
”تو ائين سوچيو هو..؟ واقعي..!!“ مون کي حيرت سان گڏ خوشي ٿي.
”ها ها... قسم سان... روز سوچيندي هيس تہ اڄ فون ڪندو!“ هن پنھنجائپ مان چيو.
”اصل ۾ اُن ڏينھن کان پوءِ بيلا جي شاديءَ ۾ گهڻو مصروف رهيس. هفتي کان پوءِ راحيل لنڊن هليو ويو، پوءِ ڪافي ڏينھن تائين پئي سوچيم تہ توکي فون ڪرڻ، سھي آهي بہ يا نہ...!“
”راحيل ڪير...؟“ هن هڪدم پڇيو.
”ها راحيل منھنجو پٽ آهي. لنڊن ۾ پڙهندو آهي. ڀيڻ جي شاديءَ جي ڪري ٻن هفتن لاءِ آيو هو.“
”بس پوءِ هاڻي توهان ۽ توهان جي مسز... اڪيلا...!“
”ها... بس مان ۽ صرف مان... اڪيلو..!“ مون کان ٿڌو ساھہ نڪري ويو.
”۽ توهان جي مسز..!!؟“ فرح تجسس مان پڇيو.
”فرح... هُوءَ ٻہ سال اڳ، هِن جهان مان اچانڪ هلي وئي هئي.“ اهي لفظ منھنجي واتان ڏاڍا ڏکيا نڪتا.
”ائي.. الا...!!“ فرح کان وڏي رڙ نڪري وئي.
منھنجيون اکيون ڀرجي آيون. فرح ڳيتون ڏيڻ لڳي.
ماحول ٻنھي پاسي سوڳوار ٿي ويو.
”پوءِ تون... ٻن سالن کان... ڪيڏو نہ ڏکيو هوندين ڪاظم؟“ هاڻي اهي لفظ فرح جي واتان ڏاڍا ڏکيا نڪتا.
مان ”هُون“ کان سواءِ ڪجهہ چئي نہ سگهيس.
ٻنھي پاسي خاموشي ٿي وئي. مون کي لڳو تہ فرح ڪجهہ پڙهي رهي هئي... سورة فاتحه يا قُلَ!
ڏک ۾ ويڙهيل هڪ ڊگهي خاموشي هئي.
”پوءِ...!“ فرح خاموشيءَ کي ٽوڙيو
”فرح مون سوچيو آهي تہ هاڻي مان ڳوٺ وڃي رهان... شايد هليو بہ وڃان ها..! پر وڃڻ کان پھرين، آخري دفعو... توسان ملڻ ٿو چاهيان....! ملندينءَ..!!“
”ڇو..!“ فرح سادگيءَ سان پڇيو. اندازو نہ ٿيو تہ ها ڪندي يا نہ..!
”خبر ناهي فرح..! بس الاءِ ڇو..! دل ٿي چئي.. آخري ڀيرو..“ مون تي سنجيدگي طاري هئي. فرح کان ڪو جواب نہ آيو.
وري چيم، ”منھنجي دل ٿي چئي فرح..! ۽ جي تنھنجي بہ چوي ته!“
”هاڻي دل جي ٻڌجي يا دماغ جي..!؟“ فرح بہ سنجيدگيءَ سان چيو.
”ماضيءَ ۾ تہ پاڻ دل جي ٻڌندا آيا آهيون..!“ وراڻيم.
”سواءِ آخري ڀيري جي..!“ فرح وڏي چوٽ هنئي، مان ڪُڇي نہ سگهيس.
”منھنجي دل تہ نہ پئي چيو توکي ڇڏڻ تي... توئي مون کي عقل کان ڪم وٺڻ جو مشورو ڏنو هو... اُهو مشورو بہ تو، ظاهر آهي تہ عقل سان ڏنو هوندو... دل سان نہ.!“
هُن چوٽ مٿان ٻي چوٽ هنئي. جواب ڪونہ هيم...
”ٻڌاءِ نہ..! ڇا ملي ڪندين!؟“ پوءِ ٽھڪ ڏئي وري چيائين، ”ڪا حرامپائي تہ نہ ڪندين!!“
مان ٽھڪ ڏيان ها، پر نڪتو ڪونھ! چيم، ”مان تنھنجو قرضي آهيان فرح... مون کي قرض لاهڻ جو موقعو ڏي... هڪ دفعو... شايد آخري دفعو... پليز..!“
”نہ نہ.. شايد ٻايد نہ... پڪ سان چئہ تہ آخري ڀيرو... صرف آخري ڀيرو پاڻ ملي سگهون ٿا... بس!“
مون کي ڄڻ ساھہ پئجي ويو. هڪدم چيم، ”اهو تنھنجو احسان ٿيندو فرح..!“
”اڳ ۾ بہ منھنجا گهڻيئي احسان ٿئي... ڇا ياد ڪندين... ڪنھن سخي عورت سان پالو پيو هيئي..!“ ٽھڪ ڏنائين. مون بہ جواب ۾ ٽھڪ ڏنو.
”اڇا هاڻي ٻڌ... جنھن ڏينھن ملون، هڪ تہ موڪل جو ڏينھن نہ هجي... ٻيو آئون تنھنجي گهر ڪانہ هلنديس... ٽيون منجهند کان شام جي وچ تي... چئہ ٺيڪ آهي؟“ هُن شرط ڳڻايا.
”ٺيڪ آ... جيئن توکي سھي لڳي...“
اسان ٻئي ڏينھن تي ئي ملڻ جو طئہ ڪيو... هُن فون رکي ڇڏيو. منھنجي مٿان ڪافي ڏينھن کان بار هو. مون هينئر پاڻ کي هلڪو پئي محسوس ڪيو. مان صوفي تي ڊگهو ٿي، آهلجي پيس. اکيون ٻوٽيم اُهي ڏينھن منھنجي آڏو اچي بيٺا، جن مون کي فرح سان ملايو هو.
فرسٽ ييئر جا ڪلاس شروع ٿي چڪا آهن، گهر کان ڪاليج ٿوري پنڌ تي آهي. صبح جو ڪاليج وڃڻ وقت، ٿورو گهٽ پر منجهند جو ڪاليج کان واپسيءَ تي، رستن تي، ڪيترن ئي اسڪولن ۽ ڪاليجن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون نظر اچن ٿيون. موڪل جي ٽائيم تي، اڪثر ٽريفڪ جام ٿي وڃي ٿي. گاڏين کان، موٽر سائيڪلن کان، رڪشن کان بچندي بچائيندي هلڻو پوي ٿو. ڪجهہ ڏينھن کان منھنجيون اکيون گرلس ڪاليج جي يونيفارم ۾ هڪ ڇوڪريءَ کي، الاءِ ڇو نوٽيس ڪن ٿيون. هُن ڇوڪريءَ ۾ اهڙو ڇا آهي جو هڪ ڏينھن نظر نہ آئي تہ اکين جي ٻاڙ نہ پئي لھي! پوءِ مون هُن جي لنگهڻ جو ٽائيم نوٽ ڪيو ۽ ساڳئي ٽائيم تي بيھي انتظار ڪرڻ لڳس. هُوءَ هوا جي هڪ تازي جُهوٽي وانگر اچي منھنجي ڀَرِ مان لنگهي ۽ مان هِنَ جي پويان هلڻ لڳان.
هڪ ڏينھن مان هِن سان گڏ گڏ هلڻ لڳس. اڳيان گهڻي رش ۾ گاڏيون ڦاٿل هيون. ماڻھوءَ جي لنگهڻ جي وٿي بہ نہ هجي. هِن نڪرڻ جو وَجهہ پئي ڳوليو. مون هِن جي ڀر ۾ پارڪ ٿيل موٽرسائيڪل کي ڇڪي، هڪ پاسي تي جهليو تہ هن کي نڪرڻ جي وٿي ملي وئي. منھنجي دل پئي چئي تہ جيڪر مون کي ٿينڪس چوي. هُن صرف مون ڏانھن شڪرگذار نظرن سان ڏٺو ۽ اڳتي وڌي وئي. مان خوش پيو ٿيان تہ ڏٺئين تہ سھي!
ٻئي ڏينھن بہ رش واري جاءِ تان مان هن سان ٽڪرائجي، اڳتي وڌي ويس تہ هن نوٽيس ڪيو. شايد ڪالھوڪي ڳالھہ ياد آئي هجيس! پوءِ ڪجهہ ڏينھن تائين اِهو روز جو معمول رهيو. هن سان ٻہ ٽي ڇوڪريون گڏ هونديون هيون، جيڪي پنھنجي پنھنجي گهر جي گهٽي اچڻ تي، الڳ ٿينديون وينديون هيون. هِن جي ۽ منھنجي گهر جي گهٽيءَ ۾ ٻن گهٽين جو فرق هو. پھريان منھنجو گهر ايندو هو. مان پنھنجي گهر وٽ بيھڻ بدران، هن جي پويان هن جي گهٽيءَ تائين وڃڻ لڳس تہ هن نوٽ ڪيو. اهڙي طرح ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ هِن جون نظرون مھربان ڏٺم. ڪيڏي مھل وري مرڪن جو تبادلو بہ ٿيو. هلندي هلندي، ورائي ورائي، ٽيڏي اک سان ڏسي وٺڻ، مون ۾ ڪجهہ حوصلو پيدا ڪيو. هڪ ڏينھن موقعو ڏسي پڇيومانس، ”ڪھڙي ڪلاس ۾ آهيو؟“
”انٽر ۾“ جواب مختصر هو، پر مثبت هو.
دل ۾ سوچيم، مان فرسٽ ييئر ۾، هيءَ انٽر ۾! مون کان سينيئر آ..!! ائين پوءِ ٻہ ٽي ڀيرا ڪاليج ۾ پڙهائي متعلق ڳالھہ ٻولھہ ٿي.
هڪ ڏينھن چيومانس، ”هي منھنجو گهر آهي. اڪيلو رهندو آهيان. پاڻ هتي آرام سان ملي سگهون ٿا. ٻہ ٽي ڏينھن نہ نہ ڪرڻ کان پوءِ نيٺ هڪ ڏينھن رب راضي ٿيو.“
هڪ ٻہ ڏينھن رسمي ڳالھيون، ٻہ ٽي ڏينھن دٻيل لفظن ۾ هلڪي محبت جو اظھار ٻين ٻَٽن ڏينھن کان پوءِ شديد محبت جو اظھار، اڻ کٽ ڳالھيون، اڻ کٽ پيار.
ڳالھين سان پيٽ نہ پيو ڀرجي تہ پوءِ پھريان هٿن حرڪت ڪئي، پوءِ ٻانھن ٻکَ وڌا. چپن بہ چھڪڻ شروع ڪيو. پوءِ بدن جي گولاين پنھنجا ڏس پنڌ ڏنا. اڻ ڏٺل راهون آشڪار ٿيڻ لڳيون. پنڌ جيترو اڻائو پئي لڳو، اوترو سڻائو ٿيندو ويو. محبت جا مسافر پنھنجين راهن کان آشنا ٿيندا ويا.
مون جڏهن هن جو يونيفارم لاٿو تہ هن پاڻ کي جنگ جي محاذ تي بيٺل، بنا هٿيارن واري اڪيلي سپاهيءَ وانگر، پھرين تہ خوب مزاحمت ڪئي پر نيٺ آڻ مڃي، اڻ اعلانيہ سرينڊر ڪيو. هن سمجهي ورتو تہ جنگ هاڻي سر تي چڙهي آئي آ... يا تہ منھن ڏيڻو آ، يا مرڻو آ..!! پوءِ هن منھن بہ ڏنو ۽ مرڻ لاءِ تيار بہ ٿي وئي..! هُوءَ هئي شيشي جھڙو نازڪ بدن، مان پٿر بڻجي هُن جي مٿان ڪريس. شيشو ٽڙڪي پيو. پٿر ميڻ وانگر پگهلجي، ٽيپو ٽيپو ٿي ڳرڻ لڳو.
پوءِ جڏهن هُن يونيفارم پاتو پئي تہ هُوءَ جنگ هارايل سپاهي، هرگز نہ پئي لڳي! هن تہ حملا آور کي ئي هيڻو ڪري ڇڏيو هو. جنگ هلندي، هُن حملا آور کي الاءِ ڪھڙن آسمانن جا سير ڪرائي ڇڏيا..! حملا آور جي ڀانواٽي نہ پئي ختم ٿئي..! هن حملا آور کان هٿيار کسي، بي اختيار ڪري وڌو هو! حملا آور جي انھيءَ بي اختياريءَ کي هُن پنھنجي طاقت بڻائي ورتو..! پوءِ هُوءَ مڙسان مڙسي حملا آور تي قابض ٿيندي وئي..!
اهڙي محبت، جيڪا روزانو جنگ جوٽڻ لاءِ، سندرو ٻڌي بيٺي هجي، منھنجو ڪمرو، محبت جي اُن جنگ جو مستقل ميدان بڻجي ويو..! اسان ٻنھي ان ميدان کي پنھنجي محبت سان مھڪائي ڇڏيو..! اُتي الاءِ ڪھڙن ڪھڙن آسمانن جا سير ٿيڻ لڳا..! سمنڊ جي پاتال ۾ ٽٻيون هڻي سپيون، ڪوڏ ۽ موتي ميڙيندا رهياسين..! محبت جي انھي مھاڀاري جنگ ۾، جنگ بنديءَ جو ڪو امڪان بہ نٿي لڳو! ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جو کاڄ بڻجي پيون هيون ۽ هڪ ٻئي مان آڪسيجن کڻي رهيون هيون..!
آهه!! ڪجهہ بہ ساڳيو نٿو رهي..! هر شئي تبديل ٿيندي ٿي رهي... نہ عمر، نہ موسم، نہ حالتون ۽ نہ مستقل ميلاپ! ڪجهہ بہ ساڳيو نٿو رهي..!
اکيون کولي صوفي تان اٿان ٿو. پنھنجي منھن مرڪي پوان ٿو. فرح جي ياد هڪ عجيب سرور بخشي ڇڏيو آهي..!
سڀاڻي هُوءَ مون سان ملندي، اهو احساس مون کي عجيب روحاني خوشي بخشي رهيو آهي!
ٻئي ڏينھن پروگرام مطابق، مان فلٽر پلانٽ وٽ گاڏي جهلي بيٺم. هُوءَ رڪشہ مان لھي گاڏيءَ ۾ اچي ويٺي، گاڏي سڄي معطر ٿي وئي..!
ويلوِٽ جي ميرون ڪلر جي خوبصورت شال ۾ هن جو اڌ ظاهر ٿيندڙ چھرو چمڪي رهيو هو..! ويھڻ شرط، ٻنھي هٿن کي پاڻ ۾ رڳڙيندي چيائين، ”ڏاڍي ٿڌي هوا پئہ لڳي رڪشي ۾... ٺري برف ٿي وئي آهيان..! هن عمر ۾ بہ مون کي خوار ڪرڻ کان نٿو مڙين..!“
مان هن ڏانھن بيحد شڪرگذار نظرن سان ڏسان ٿو ۽ گاڏيءَ ۾ هيٽر هلائي ٿو ڇڏيان. گاڏي گيئر ۾ هڻي چيم، ”تنھنجو موبائل نمبر ڪونہ هو نہ تہ تو سان رابطو رکان ها...! گاڏي سڃاڻڻ ۾ ڪا ڏکيائي يا ڇا..!؟“
”مون اهو موبائل وارو جن پاليو ئي ڪونھي. مون کي لينڊ لائن فون سولي ٿي لڳي... تو گاڏيءَ جو نمبر ۽ ڪلر ٻڌائي ڇڏيو هو نہ..! مون کي ياد هو.“ هن هيٽر بند ڪندي چيو تہ، ”هيٽر منھنجي هانوَ کي وٺندو آ، مان گهر ۾ بہ هيٽر جي ڀرسان ويھي نہ سگهندي آهيان...! تڏهن تہ سڄو ڏينھن ٻاهر اس ۾ ويٺي هوندي آهيان..!“
مون هِن ڏانھن مرڪي نھاريو. هُن جو اڌ کليل چھرو، هينئر پوري طرح ظاهر هو. ڊارڪ ميرون ڪلر جي شال ۾ هن جو مُک باھہ جي شعلي وانگر جرڪي رهيو هو..! هِن جو ڪلر، اڳي کان وڌيڪ فيئر ٿي پيو هو..!
”هينئر بہ ڪٿي اُس تي هلي ويھارجان، نہ تہ جلدي ڀڄي وينديسانءِ...“
فرح جو موڊ بہ فرح جيان فريش لڳو پيو هو. ڪالھوڪي فون تي ٿيل ڳالھہ ٻولھہ کان پوءِ، مان بہ پاڻ کي فريش پيو سمجهان..!
”صبح جو گهر وارو پنھنجي آفيس پئي ويو تہ چيومانس، ”منھنجي ساهيڙيءَ جي گهر ميلاد آهي، اڄ مان اوڏانھن وينديس.“
چيائين تہ، ”ميلاد شام جو هوندو، تون هينئر کان ڇو پئي تيار ٿين!؟“ هلڪو ٽھڪ ڏيندي چيائين، ”مون چيومانس تہ هُن چيو آ تہ سوير اچي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائجانءِ..! ويچاري اڪيلي آ نہ..! پٽ ملڪ کان ٻاهر اٿس، ڌيءَ جي تازو شادي ٿي وئي اٿس.“ هن وڏو ٽھڪ ڏنو. مان بہ خوب کليس جو هُن جو اشارو منھنجي ٻارن ڏانھن هو.
”پوءِ وري پٽ کي بہ آفيس روانو ڪري، هيڏانھن نڪري آيس. هاڻي تون ٻڌاءِ؟ ڪھڙا پيٽ ۾ مروڙ پيا ٿئي جو ائين ملڻ لاءِ ماندو ٿي پيو آهين..!؟“
هن جي ڳالھائڻ جو انداز تہ اڳ ۾ بہ ائين هو پر اڄ بہ اُن انداز سان پئي ڳالھائي تہ مون کي حيرت پئي ٿي. چيم، ”اڄ تہ چھڪي پئين فرح!“
”توسان ملڻ جي خوشي آ نہ تڏهن..!“ ٽھڪ ڏنائين.
مون کيس مرڪي نھاريو. سمجهہ ۾ نٿي آيو تہ هُوءَ واقعي خوش هئي يا خوشيءَ کي ظاهر ڪرڻ جي ايڪٽنگ ڪري رهي هئي..!!
مون گاڏي اچي المنظر تي بيھاري. چيم، ”پاڻ مٿي هلي ٿا ويھون، اُتي توکي سج لھڻ تائين اُس ملندي.“
”اس تہ ملندي، پر چانھہ تہ ڪانہ ملندي... هتي تہ ڪو بيرو يا بورچي بہ نظر نٿو اچي..!“ هُن جي جملن جي شوخي برقرار هئي. چيم، ”نيٺ تہ ڪو ظاهر ٿيندو، تون لھہ تہ سھي!“ گاڏيءَ مان لھي، اسان مٿين منزل تي رکيل ڪرسين تي اچي ويھي رهياسين. هوا ڪافي ٿڌي هلي رهي هئي. شايد اِن ڪري هتي ٻيو ڪير بہ اسان جھڙو چريو ڪونہ هو. اسان آمھون سامھون ٿي ويٺاسين. فرح مون کي ٽڪ ٻڌي ڏسڻ لڳي. مون هن کي نھاريندي ڏٺو. مون ڏٺو تہ هن جي اکين ۾ چاليھہ سالن جي جدائي سَمائي پئي هئي. هُن اکيون بہ ڪونہ ٿي ڇنڀيون. هُن جي اکين جي تابَ، منھنجي جهلڻ کان زور هئي. مون پنھنجون نظرون هٽائي ڇڏيون. درياھہ ڏي ڏٺم، آسمان ڏي ڏٺم، ڪيڏي مھل پل تان گذرندڙ ٽرئفڪ کي..!
هُوءَ مسلسل مون ۾ گُهوري رهي هئي. هِن ڏانھن ڏٺم تہ هِن جي اکين ۾ آلاڻ جو اولڙو ليئا پائي رهيو هو. منھنجي ڏسڻ تي هن پنھنجون نظرون، منھنجي اکين تان هٽائي، نَڪَ، ڳَلَ، چَپَ ۽ کاڏيءَ کي بہ چڱي طرح ڏٺو. مٿي کان هيٺ تائين ڏسي، اکيون هيٺ ڪري، ڪنڌ جهڪائي ويھي رهي. مون کي لڳو تہ وقت بيھجي ويو آهي. ڪي پَلَ مڪمل سانت.... اهڙي بيھجي ويل لمحن ۾ مون گهٻرائجي، هُن کي آهستي سان پڪاريو...! شايد پيار مان....!
”فرح....“
ڄڻ هُن ٻڌو ئي ڪونھ! وري سڏيم، اڃا وڌيڪ پيار مان....
”فرح...!“
هُن ڪنڌ مٿي ڪري مون ڏانھن ڏٺو. ٻہ وڏا لڙڪ، هُن جي اکين مان ڳڙي پيا... مان تڙپي پيس....
جيسين کيسي مان ٽشو ڪڍي کيس ڏيان، تيسين ٻہ ٽي لڙڪ ٻيا بہ هن جي ڳلن تان ترڪندا ڪريا..!
مون کان ٽشو وٺي ڳل اگهيا....! اکيون ۽ ڳل اگهندي، هڪ مئل مرڪ سان هن چيو، ”حالانڪہ آئون، پاڻ سان اهو قسم کڻي آئي هيس تہ اڄ تنھنجي سامھون روئينديس ڪونہ..!“
”پوءِ... ڇو ٿي روئين!؟“ مون پاڻ تي ضبط ڪندي پڇيو.
”بس... چري آهيان نہ....!“ هن جي سنجيدگي ڳالھائڻ لڳي. ”پاڻ کي ڏاڍو سياڻو سمجهندي هيس... پر ڏٺئي نہ..! هيس تہ چري نہ..!“ هن نڪَ ۾ لھي آيل پاڻيءَ کي سُون ڪري مٿي ڇڪيو ۽ ٽشو کي ناسن وٽ ڇھيو.
اسان ٻنھي ڪجهہ دير، هڪ ٻئي جي اکين ۾ ڏٺو. روئڻ ڪري هن جون اکيون ڳاڙهيون ٿي چڪيون هيون. مون کي لڳو تہ هاڻي مان روئي پوندس تہ مون منھن ڦيري درياھہ کي ڏٺو. سياري جي مند هئي. پل جي اورئين پاسي ٿورو پاڻي هو. پل جي پرئين پاسي، واريءَ واڪا پئي ڪيا. پل تي ٽرئفڪ هلي پئي. يونيورسٽيءَ جون کوڙ بسون بہ شھر ڏانھن موٽيون پي..! منھنجي اکين بہ موٽ کاڌي فرح کي ڏٺم. هُوءَ اڃا بہ مون ۾ گهوري رهي هئي. هُوءَ منھنجي اکين ۾ اهي پَلَ، اهي گهڙيون ڳولي رهي هئي، جيڪي اسان گڏجي گهاريا هئا..! اهي ٽھڪ ڳولي رهي هئي، جيڪي اسان ڳالھہ ڳالھہ تي ڏيندا هئاسي..! اهي ڀاڪُرَ، اهي ڇھاءَ ڳولي رهي هئي، جيڪي اسان کي زندگيءَ جي حسين وادين ۾ وٺي ويندا هئا..! هاڻي انھن حسين وادين ۾ سنڌوءَ وانگي واري پئي اڏامي..! سُڃَ ۽ اُڃَ جي سيجَ، چئني پاسي وڇائي پئي آ.
مان هِن کي آهستگيءَ سان وري پڪاريان ٿو:
”فرح... فرح....!!“
”ڪجهہ ڳالھاءِ نہ ڪاظم....! ڇا فرح، فرح...! منھنجو هيانوَ ٿو ڦاٽي...! ۽ مون کي تون پليز... ائين پيار مان سڏ نہ ڪر... هڪ دفعو وري رڻ ۾ روليندين ڇا..!؟ مون الاءِ ڪيئن وڃي پاڻ کي سنڀاليو آ... مون توکي وسارڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا آهن. هاڻي مان جنھن حال ۾ آهيان، مون کي اُتي رهڻ ڏي! هاڻي مان هِن عمر ۾ تنھنجي ڪنھن ڪم جي آهيان بہ ڪونہ..! هاڻي وڌيڪ تماشو نٿو ٿي سگهي! مون کي ائين پيار مان نہ پڪار... پليز..! مان وري نہ مري پوان..!!“
هن جو اهو چوڻ تہ مان مري نہ پوان، مون کي ماري رهيو آهي..! مون کي هيءَ سنجيدگي ڇڏي موضوع کي مَٽائڻو پوندو..!
هُن جي لفظن ۾ دُکندڙ درد ٻڌائي ٿو تہ، مان هُن سان زيادتي ڪري رهيو آهيان..!
مان ڪرسيءَ تان اٿي، ٻہ قدم اڳتي لڳل ريلنگ تي وڃي بيھان ٿو. روڊ تي انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جي هڪ بس واپس ڄامشوري وڃي رهي آهي. ڪنڌ ورائي فرح ڏي ڏسان ٿو. هُوءَ اڃا بہ اکين ۾ آيل لڙڪن کي، وچين آڱر سان اُگهي رهي آهي. مان کيسي مان ٻيو ٽشو ڪڍي، کيس ڏيان ٿو ۽ ٽينس ٿي ويل ماحول کي بدلائڻ لاءِ چوان ٿو، ”هيٺين فلور تي ڪجهہ چُرپر نظر اچي ٿي، چانھہ گهرايون؟“
”نہ، چانھہ نہ..! مون کي ٻہ ڍُڪَ پاڻي کپي..! توهان جي گاڏيءَ ۾ پاڻيءَ جي بوتل پئي هئي، شايد..! بس اُها ئي کڻي اچو..!“
”ها، اهو پيئڻ جو پاڻي ئي آهي، کڻي ٿو اچان..!“
هينئر اسٽاف جو ڪو ماڻھو نظر آيو پئي. مان بوتل لاهي مٿي کڻي آيس. فرح اُن مان ٻہ ڍڪ پيتا. مون اُن مان هڪ ڍڪ پيتو.
”ڀلا ڏيو خبر، ڪٿي هئا هيترو وقت... ڳوٺ ٿا رهو يا حيدرآباد..؟ نوڪري ڪئي، زمينداري ڪئي، ڇا ڪيو..؟“
دل ۾ شڪر ڪيم تہ هاڻي هُوءَ نارمل ٿي رهي آهي.
”توکي خبر هئي تہ ڄامشوري جي انجينئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هوس. ڊگري وٺڻ کان پوءِ، وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي پنج نڪاتي پروگرام تحت نوڪري ملي هئي. اُها منھنجي مزاج وٽان نہ هئي. سو يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر ٿي ويس. هاڻي پروفيسر ٿي رٽائر ٿيو آهيان! مائٽن جي مرضيءَ سان، مائٽن مان ئي شادي ڪيم. حيدرآباد وارو گهر، مائٽن تڏهن کپائي ڇڏيو هو، جڏهن شھر ۾ لساني فساد پکڙيا هئا. يونيورسٽيءَ جي سوسائٽيءَ ۾ پلاٽ مليو هو، اُن تي گهر ٺاهيو هيم. ڳوٺ ڏي ٻني ٻارو اڃا بہ آهي. سوچيان ٿو تہ..!“
”تون هُئين تہ آرٽسٽڪ مائينڊ ماڻھو... گهر بہ سھڻو ٺاهيو هوندئي..!“ هن منھنجي ڳالھہ اڌ ۾ ڪٽيندي چيو.
”ها فرح، گهر واقعي منفرد اسٽائيل ۾ ٺھرايو آ... هل تہ توکي ڏيکاري اچان..!“
”نہ بابا، مان ڇا ڏسي ڪندم..!“
”توکي گهر وڻندو فرح... اُتي ٻيو ڪير آهي بہ ڪونہ..! مان هاڻي اڪيلو ئي رهندو آهيان..!“
”توبھن توبھن! اللھ معافي ڏي..! تنھنجي خالي گهرن تہ اڳيئي منھنجي زندگي خالي ڪري ڇڏي آ..! ڪونہ ٿي هلان هاڻي تنھنجي گهر..!“ اهي جملا هاڻي فرح، ساڳي پنھنجي اصل شوخيءَ سان ڳالھايا.... مون کي خوشي ٿي تہ هاڻي هُوءَ نارمل ٿي آهي.
”ڏس فرح، ڳالھہ اِها آهي تہ مان دل سان سمجهان ٿو ۽ مڃان ٿو تہ مون توکي ڏاڍو ڏکايو آهي. توکي ڏنو ڪجهہ بہ نہ آهي. تو، مون کي پنھنجو سڀ ڪجهہ ڏئي ڇڏيو. تون ڏيڻ واري سخي دل عورت آهين. مان بدنصيب ڏيڻ وارو، بڻجي نہ سگهيم. تنھنجو مون تي ايترو ئي حق آهي، جيترو منھنجي گهر واريءَ جو مون تي ٿي سگهي ٿو. تون منھنجي شرعي زال تہ نہ هئينءَ، تڏهن بہ تو، مون کي ڪڏهن بہ ڪو سُک ڏيڻ کان نہ ڪيٻايو. مون تي يا منھنجي ملڪيت ۾ جيترو حق منھنجي وارثن جو آهي، ايتري جو حقدار مان توکي بہ سمجهان ٿو. مان اِهو گهر تنھنجي نالي ٿو ڪرڻ چاهيان، فرح..!!“
”اڙي! چريو تہ ناهين..!“ فرح صفا حيران ٿي وئي. ”اهو خيال توکي ڪيئن آيو!؟ عجيب ڳالھہ ڪئي اٿئي... مون کي تنھنجي ملڪيت جي ڪا ضرورت ناهي..! ٻيو ڪو حال احوال ڏي.. فضول ڳالھيون ڇڏ..!!“
فرح اهو سڀ پنھنجي دل سان چيو پر مون کيس چيو تہ، ”فرح، مان سنجيدہ آهيان... تون سڄي ساري منھنجي هئينءَ... ۽ اڄ بہ منھنجي آهين... تنھنجو مون تي پورو حق آ... انھيءَ ۾ تنھنجي ضرورت واري ڪا ڳالھہ نہ آهي!“
فرح کي کِلَ اچي وئي... منھنجا ٻہ لفظ زور ڏئي ورجايائين، ”منھنجي آهين..!!“ وري ٽھڪ ڏيندي چيائين، ”همراھہ جي زورآوري تہ ڏسو..! ’منھنجي آهين‘..! ڀلا هاڻي ڀڄائي ويندين ڇا..!؟“ هُن جي شوخي ڏسڻ وٽان هئي. مان خاموشيءَ سان پيو ٻڌان.
”ٻي ڪا ڳالھہ ڪر، ميان ڪاظم علي خان!“ هاڻي هُن سنجيدہ ٿيندي چيو، ”ڪنھن تي ڪنھن جو حق آ... ڪيترو حق آ..! ڪنھن ڪيترو ادا ڪيو..! اُهو وقت گذري ويو، ڪاظم! هاڻي اهو حساب ڪتاب ڪيون بہ تہ ڇو..!
ها، باقي مان ڪا غريب رَنَ زال هجان ها تہ تون کڻي منھنجي مدد ڪرين ها..! تنھنجو بنگلو گهڻن گزن جو آ..؟“
”ڇھہ سؤ گز....“
”منھنجو گهر ٻہ هزار گز تي آ... جيترو وڏو گهر آ، اوترو وڏو لان آ ۽ وڏو سوئمنگ پُول آ... اسين گهر ۾ صرف ٽي ڄڻا آهيون... گاڏيون پنج آهن... بورچي، نوڪر، سوئيپر، ڊرائيور ۽ گارڊ اُن کان علاوه... منھنجو گهر وارو سيٺ انور، شھر جو سڀ کان وڏو بلڊر آهي... مان سڄو ڏينھن واندي... نہ ڪم نہ ڪار... سياري ۾ اس ۾ ويھي پاڻ کي سيڪيان، گرمين ۾ اي سي ۾ ويھي، پنھنجا سَنڌ سڪايان... منھنجي ذاتي اڪائونٽ ۾ ريگيولر خيرات زڪوات ڪرڻ کان پوءِ بہ الاءِ ڪيترا پئسا پيا هوندا آهن.“
مون سمجهيو تہ فرح مون تي پنھنجي اميريءَ کي ظاهر ڪري، مون تي طنز پئي ڪري..! مان ٿوري شرمندگي محسوس ڪرڻ لڳس.
”نہ ڪاظم، ڳالھہ ملڪيت يا وارثي جي ناهي..! ۽ آئون ڪو پنھنجي پئسي جو تو تي رعب نٿي رکان..! بس تو سان گپ شپ پئي ڪريان.“
شايد ڪو خيال دل ۾ آيس، هُن ٿڌو ساھہ کنيو.
پوءِ چوڻ لڳي، ”مون کي ايترن پئسن ۽ ايتري ٺاٺ باٺ جي ضرورت نہ هئي ڪاظم..! مون کي رڳو تنھنجي روح جي گهرج نہ هئي، مون کي تنھنجو جسم بہ گهرجي پيو... تنھنجا چپ، تنھنجيون ٻانھون، تنھنجو سينو، تنھنجا ڀاڪرَ... اڄ بہ جيسين پاڻ کي تنھنجي ڀاڪرَ ۾ نہ ڀانيان، تيسين مون کي ننڊ ناهي ايندي..!“
مون کي لڳو تہ جدائيءَ جا گذريل چاليھہ سالَ، چاليھن هٿن سان گڏجي، منھنجو گلو دٻائي رهيا هجن... ۽ فرح هر رات مون کي ياد ڪري، چاليھہ سالن ۾ ڪو چوڏهن-پندرهن هزار دفعا، پنھنجو گلو گهٽجندي محسوس ڪيو هوندو! ”پنھنجي محبت ٻہ طرفا هئي ڪاظم! پوءِ اُها الاءِ ڪيئن هڪ طرفا ٿي وئي هئي..!“ هُن جو آواز، دل جي ويران رڻ مان پئي آيو، ”مون سڀ ڳالھہ توکي کولي ٻڌائي هئي... اسان ٻنھي جي معاملي جي، سڄي خبر منھنجي مائٽن کي پئجي وئي هئي... منھنجا انھن سان کوڙ ڀيرا بحث ٿيا... آئون تو تان دستبردار ٿيڻ لاءِ ڪنھن بہ صورت ۾ راضي نہ پئي ٿيس... ۽ هُو بہ مون کي ڪنھن اترادي وڏيري جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار نہ هئا... تو پنھنجي والدين کي منھنجي گهر نہ موڪليو، حالانڪھ تنھنجو اهو قدم منھنجي لاءِ وڏو بريڪ ٿرو ٿي پئي سگهيو... مان پنھنجو گهر ڇڏڻ لاءِ، پنھنجي فيملي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويس... تو سان ڀڄي وڃي، ڪورٽ ميرج لاءِ تيار ٿي ويس... پر تون..! پر تون ڪاظم..! ان وقت منھنجي ڪابہ مدد نہ ڪئي..! ها، اُهو وقت هو، جڏهن مون کي تنھنجي مدد جي ضرورت هئي... ان وقت، تو وٽ منھنجي لاءِ صرف مفيد مشورا هئا... منھنجي عزت لاءِ، منھنجي مستقبل لاءِ... ٺلھا مفيد مشورا..!!“ هُو آرام آرام سان ڳالھائيندي پئي وئي ۽ منھنجون اکيون هيٺ ٿينديون پئي ويون.
”تو جڏهن فيصلو ڪري ڇڏيو هو تہ مون کي پنھنجن مائٽن جي مرضيءَ سان شادي ڪري ڇڏڻ گهرجي... تڏهن بہ پاڻ هڪ بستري تي ليٽي، ڇت کي پيا گهوريندا هئاسين... منھنجي اکين مان ڳوڙها ڳڙندا هئا، تون اٿي منھنجا ڳوڙها تہ اگهندو هئين، پر وري بہ منھنجي مٿان چڙهي ويندو هئين... مڙندو ڪونہ هئين..!!“
منھنجو ڪنڌ بہ هيٺ جهڪي ويو هو. هُن جو هڪ هڪ لفظ مون کي ڪَٽي رهيو هو.
”هاڻي هيءَ زندگي تنھنجي مشورن مطابق ئي تہ آهي... هاڻي جڏهن مون کي تنھنجي مدد جي ڪا ضرورت نہ رهي آهي تہ تون پريڪٽيڪل ٿي ويو آهين..! ملڪيت جي حصي جي ڳالھہ ٿو ڪرين..! مون کي تہ تنھنجي زندگيءَ ۾ حصو گهربل هو... پنھنجي خوشيءَ لاءِ... پنھنجي مستقبل لاءِ... مون کي تنھنجو من ۽ تنھنجو تن، ٻئي گهربل هئا... مون کي پنھنجي ٻہ طرفا محبت گهربل هئي... تو الاءِ ڇو، اُن وقت هڪ طرفا ڪري ڇڏي..! تون ئي منھنجو ناهين ڪاظم، تہ تنھنجي ڪا شئي مان ڇا ڪندس..!!“
مون وٽ هُن جي ڳالھين جو ڪو جواب نہ هو... هُن وري چيو، ”قسم ٿئي ڪاظم، سچي ٻڌائجانءِ... مون توکي ائين ئي چيو هيو يا نہ..!!“
مون ڪنڌ سان بہ ها ڪئي ۽ زبان سان بہ....
”ها... تو ائين چيو هو...“
”پو... پو تون ان وقت تہ پٽا ڏئي ڀڄي وئين...!“
هن ٽھڪ ڏئي، پنھنجي ٻنھي هٿن جو پاڻ ۾ تاڙو ملايو... مون کي زمين جاءِ ڏي ها تہ گهڙي وڃان ها....
منھنجي منھن جو بدليل رنگ ڏسي چيائين، ”ايترو سيريس نہ ٿي... پاڻ آخري ڀيرو ملي رهيا آهيون... هِن ملاقات کي يادگار بڻاءِ... کلي ڳالھاءِ... روئي بہ موڪلائڻو، کلي بہ موڪلائڻو ئي آهي... تہ پوءِ ماڻھو کلي موڪلائي نھ!... نھ!!“
هُن تصديق چاهي. مون چيو تہ، ”ها، کلي موڪلائجي تہ بھتر..! روئڻ تہ پنھنجي منھن سان پيو ٿيندو...“
”ها، پنھنجي منھن روئبو بہ، کائبو بہ... هڪ ٻئي جو چھرو تہ کلڻ وارو ئي ياد رهي نہ..!“
مان هينئر ٿورو مرڪيس... هوٽل جو هڪ ڇوڪرو مٿي چڙهي آيو. کائڻ پيئڻ جو آرڊر پڇڻ لڳو.
فرح چيس، ”پٽ اسان جو پيٽ ڀريو پيو آهي... توهان اسان کي ڇا کارائيندئو..؟ بس چانھہ ڪا سٺي ٺاهي اچو...“
فرح مون کان پڇيو، ”چانھہ ڦِڪي پيئندا آهيو يا مٺي؟“
چيم، ”نارمل مٺي.“
بيري کي چيائين، ”چانھہ ڦِڪي ٺاهي اچو، کنڊ ۽ چمچ الڳ کڻي اچجو...“ بيرو هليو ويو. فرح چيو، ”سج لھڻ واري پيو ڪري.... ٿڌ وڌندي پئي وڃي...!“
چيومانس، ”توکي سيءُ ٿو لڳي، تہ گاڏيءَ ۾ ٿا هلي ويھون...!“ شال کي ڪنن وٽ ٻيھر ٺاهي، ٻئي هٿ شال جي اندر رکندي چيائين، ”پوءِ هلون ٿا... چانھہ تہ هتي پيئون...!“
چيم، ”جيئن تنھنجي دل...!“
فرح جي چھري تي هڪ اداس مرڪ اڀري. چيائين، ”زندگيءَ پاڻ کي اوچتو، هڪ دفعو ٻيھر ملايو آهي يا کڻي چئجي تہ آخري ڀيرو ملايو آهي... شايد کلي يا روئي موڪلائڻ لاءِ... منھنجي تہ خبر ٿئي، سڄو ڏينھن واندڪائي... يا مڙس ۽ پٽ جي گهر واپسيءَ جو انتظار... پٽ جي شادي نصيب ۾ هوندي تہ ڪجهہ ڏينھن، انھي ۾ ويندا... گهر جي نظام کي ننھن اچي سنڀاليندي... وري اللھ اللھ خير صلاح...! روزو، نماز، تسبيح ۽ بس..! تون پنھنجي متعلق ٻڌاءِ تہ باقي زندگي ڪيئن گذاريندين؟ ڇا ڪندين!؟ پنھنجي ايندڙ مصروفيت جي باري ۾ ٻڌائيندين تہ مون کي اِها آساني ٿيندي جو توکي ياد ڪندس تہ سوچيندس، هاڻي هيئن ڪندو هوندو، هاڻي هوئن ڪندو هوندو!!“
چانھہ ٺھي آئي. فرح پڇيو، ”کنڊ ڪيتري؟“
چيم، ”هڪ چمچ..!“
فرح هڪ ڪپ ٺاهي، منھنجي اڳيان رکيو ۽ پاڻ ڦڪي چانھہ پيئڻ لڳي.
پڇيم، ”ڊائبٽڪ....!؟“
”اللھ پناھہ ڏي..! پر مون کي انھي بيماريءَ کان ڊپ الاهي لڳندو آهي..! انھيءَ ڪري احتياط ڪندي آهيان..! تون بہ کنڊ نہ پيئندو ڪر..!“
چيم، ”هي آخري چمچ سمجهہ... آئندہ نہ پيئندس..!“
مرڪي پئي، ”اڄ تہ ڏاڍو فرمانبردار پيو ٿين..! ڪاش منھنجي مشورن تي پھرين بہ عمل ڪرين ها..!“
مون هِن ڏانھن ڏٺو تہ چيائين، ”مائينڊ نہ ڪجان، پليز... اڄ آخري موقعو آهي نہ..! وري ملي نہ ملي! وات مان ڪجهہ بہ نڪري تہ مائينڊ نہ ڪجان پليز..!“
مون چيو، ”نہ فرح! مان بلڪل مائينڊ نہ ڪندس... هيءَ ملاقات منھنجي گذارش تي ٿي آهي... مان هِن ملاقات کي پنھنجي باقي زندگيءَ جو سرمايو سمجهندس. تون چاهين ها تہ پنھنجو سھي نمبر نہ ڏين ها... تو نمبر ڏنو تہ شايد تنھنجي لاشعور ۾ بہ ڪٿي نہ ڪٿي، هِن ملاقات جو اوسيئڙو لڪل هو..!“ چانھہ مان سپ ڀريندي چيم، ”فرح، مون فيصلو ڪيو آهي تہ مان هاڻي ڳوٺ وڃي رهندم... جيڪو ڪم سوچيو آهي، ان ۾ ضرور منھنجي دل لڳي ويندي... هوئن بہ مون کي موسمن سان، وڻن سان، ساوڪ سان ۽ سادگيءَ سان چاھہ هوندو آهي..! اهم ڳالھہ اِها آهي تہ منھنجي زمين مين هاءِ وي سان گڏ آهي. مان چاهيان ٿو تہ اتي هڪ وڏي خيراتي اسپتال ٺاهيان. جتي جديد علاج جون سڀ سھوليتون هجن. وڏا ماهر ڊاڪٽر هجن، هر ماڻھوءَ لاءِ مفت علاج هجي..! اهو منھنجو خواب آهي فرح..! تون دعا ڪجانءِ تہ مان ايڏو وڏو ڪم ڪري وڃان..! مان پنھنجي پٽ کي بہ نصيحت ڪري ويندس تہ مون کان پوءِ اُتي رهي ۽ پنھنجي زمين ۾ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي جوڙي، جنھن ۾ تعليم مفت هجي. منھنجي پٽ لاءِ بہ دعا ڪجان تہ هُو اهڙو ڪارنامو ڪري ڏيکاري..!!“
ايئن چوندي، منھنجون اکيون ڀرجي آيون. فرح جي اکين ۾ عجيب چمڪ ڏٺم. خوشيءَ ۽ حيرت مان ذري گهٽ ڪرسيءَ تان اٿندي چيائين، ”وائو..! ماشاءَاللھ، ماشاءَاللھ... ڪاظم، آئون تہ حيران پريشان ٿي وئي آهيان..! سچ پچ تہ خوشيءَ ۾ نہ پئي ماپان..! تو ايڏو وڏو سوچي رکيو آهي..! تون ايڏو شاندار ۽ عظيم ڪم ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهين..! ماشاءَاللھ، يقين ڪر، مون کي بيحد گهڻي خوشي پئي ٿئي..! اهو تہ وڏو ڪمال ڪندين ڪاظم سچي...!“
”بس فرح، ارادو تہ پڪو ڪيو اٿم... شل ثابت قدم رهان..!“
”نہ نہ...تون ڪري ويندين... بلڪل ڪري ويندين....! منھنجي دل ٿي چئي تہ تون ڪري ويندين..! انشاءَاللھ..! بلڪہ هيئن ٿا ڪيون نہ... هِن پنھنجي ننڍڙي پرس مان هڪ وزيٽنگ ڪارڊ ڪڍي، مون کي ڏيندي چيو، ”هي منھنجي گهر واري سيٺ انور جو ڪارڊ اٿئي. هن جي ڪنسٽرڪشن جي تمام وڏي فرم آهي. تون پھرين ڳوٺ وڃي، پوري پلاننگ ڪر. جيڏي مھل بہ توکي ضرورت محسوس ٿئي، ڊزائن جي، آرڪيٽيڪچر جي، ڪنسٽرڪشن جي، بلڪ ڪھڙو بہ ڪم هجي، تون انور سان رابطو ڪجانءِ. هُو تنھنجي هر طرح جي مدد ڪندو. منھنجو مڙس ان معاملي ۾ ڏاڍو سخي آهي.“ ٽھڪ ڏيندي چيائين، ”بس رڳو هُن کي منھنجي ۽ پنھنجي باري ۾ ڪجهہ نہ ٻڌائجانءِ..!“
مون انتھائي عاجزيءَ مان وراڻيو، ”تنھنجي ٻين کوڙ احسانن کان پوءِ، هي بہ هڪ وڏو احسان ٿيندو، فرح..!“
”نہ نہ... اهو احسان ٻحسان ناهي... ۽ ها ٻڌ... منھنجي ذاتي اڪائونٽ ۾ الاهي پئسا پيا هوندا آهن... انھيءَ اسپتال ۾ منھنجو بہ حصو هوندو... جيترا پئسا کپن، کڻي وٺجانءِ..!“
منھنجي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. فرح منھنجي سڀني معاملن کي هميشہ جيان مون تي آسان ڪندي پئي وڃي..! ملڻ چاهيو هيم... ملي وئي، پيار جا درياھہ وهائي وئي. وڇڙڻ چاهيم، وڇڙي وئي... فون ڪري ملڻ چاهيم، ملڻ هلي آئي..! وڏا ارادا پيو ڪيان تہ ان ۾ بہ اڳري آ..! مائي آ، ڇا هي..!! هيءَ تہ ڪا ملائڪھ آهي، انسان جي اتم رتبي تي بيٺي آهي..! اڄوڪي دؤر ۾ محبت جو هڪ اعليٰ مثال آهي..!
اُمالڪ چيائين، ”تنھنجيون اکيون ۽ تنھنجو چھرو ٻڌائي پيو تہ تون انتھائي گهڻو شڪرگذار پيو ٿين منھنجو..! انھيءَ ۾ ڪا مھرباني ٻھرباني ڪونھي. اسان کي بہ ان نيڪ ڪم جو ثواب ٿيندو... سمجهئي!“
”فرح، تون پاڻ ايڏي نيڪ آن جو، نيڪي بہ تنھنجي آڏو نيچ ٿي لڳي.... توکي اللھ سائينءَ الاءِ ڪيئن ٺاهيو هو...!!“ مون دل جي حضور مان، هن کي چيو. ڪارڊ ڏسي، کيسي ۾ رکيم.
”۽ ها، منھنجي لنڊن واري پٽ راحيل کان بہ تون ڇُٽين..! هاڻي هُو مستقل منھنجي دعائن ۾ شامل ٿي ويو. انشاءَاللھ توکان وڌيڪ نيڪ ٿيندو..! ها، راحيل تان ياد آيو.. خبر ٿئي مون پنھنجي پٽ جو نالو فرحان ڇو رکيو!؟ تون چوندو هئين نہ، تہ مون کي ’فرح‘ نالو ڏاڍو ٿو وڻي ۽ رڳو پيو فرح فرح ڪندو هئين. مون کي پٽ ٿيو تہ سوچيم، اهڙو نالو رکانس، جو ڪاظم کي وڻي، سو فرح جي پويان الف نون لڳائي فرحان رکيم..!“
منھنجي دل چيو تہ مان فرح جا هٿ وٺي، چمان. هيٺ لھي، هِن جي پيرن ۾ ويھان، پر مون رڳو ايترو ڪيو جو کيس ادب مان ٻانھون ٻڌيون ۽ ڪنڌ کي احترام ۾ هيٺ جهڪائي ڇڏيو..!
هُوءَ وڏي دل گردي واري ۽ وڏي ڏيا واري عورت هئي. ماحول ۽ موڊ کي ڦيرائي وڃڻ بہ ڄاڻي ورتو هئائين....
مون کان پڇيائين، ”ڏي خبر، تنھنجي هُوءَ سنگت ڪٿي پھتي!؟“
مون ڪونہ سمجهيو، سو پڇيم تہ، ”ڪھڙي سنگت!؟“
”الاءِ ڪھڙي نہ سنگت چوندو هئين، جتي تون هر هفتي شام جو ويندو هئين تہ اڄ اجلاس آ..!“
”ها... سنڌي ادبي سنگت!“
”ها ها- اُها، ان جي بہ توکي وڏي پِٽ پيل هوندي هئي. اُن اجلاس ۾ ضرور ويندو هئين!“
”ها فرح واقعي، اهو بہ اسان جي رومانس وانگر هڪ ادبي رومانس ئي هو... گول بلڊنگ ۾ سائين ولي رام ولڀ صاحب جي آفيس هوندي هئي. انھن ڏينھن ۾ اتي هفتيوار گڏجاڻيون ٿينديون هيون. سائين امداد حسيني، سائين ظفر حسن، سائين هدايت پريم، سائين قاضي خادم، طارق، نصير، عزيز گوپانگ ۽ ٻيا بہ ڏاڍا سھڻا نالا اتي ايندا هئا... ڇا تہ خوبصورت وقت ياد ڏياري ڇڏيو اٿئي فرح! ان کان پوءِ اسان جي ٻين دوستن، انور جوکيو ۽ منظور جوکيو وارن سان، لطيف آباد جي هڪ شاخ بہ قائم ڪرائي هئيسين. ان جي افتتاحي اجلاس ۾ مان حسن مجتبيٰ کي وٺي ويو هيس. پوءِ وري ڄامشوري وياسين تہ اتي يونيورسٽي ڪالوني جي شاخ جو وڃي ميمبر ٿيس. اتي وري عابد مظھر، نياز پنھور، ماٺيڻو اوٺو، سائينداد ساند، حميد پارس، عبيد راشدي ۽ محمود مغل جھڙا دوست مليا. بھترين آرٽسٽ ۽ وڏا انسان ادا منصور عالم من ۽ قيس عالم مليا. اياز گل ۽ ادل سومرو سان پھرين ملاقات بہ طارق عالم جي گهر ۾ ٿي هئي.“
مان پيارن ۽ پراڻن دوستن جي ياد ۾ کوئجي ويس.
”سائين نثار حسيني بہ اسان کي ڏاڍو ڀائيندو هو. ڄامشوري کان روز شام جو آگم جي آفيس ۾ ويندا هياسين.“
”آگم آفيس، ڇا...!؟“
”تون نہ سمجهدينءَ، فرح!“
”اڇا... ۽ ها سچي، توکي چترڪاريءَ جو بہ گهڻو شوق هو. منھنجو پورٽريٽ بہ ٺاهيو هيئي. ان ۾ هيٺ تو پنھنجو نالو ۽ تاريخ لکي ڇڏي هئي، تنھن ڪري پنھنجي گهر، کڻي ڪونہ وئي هيس. اُهو ڪڏهن ڦاڙي ڦٽي ڪيئي!؟“
”تون يقين ڪرين يا نہ....! پر اهو اڄ بہ مون وٽ سانڍيل آهي... جي گهر هلين تہ ڏيکاريانءِ!“
”نہ بابا، مون کي ناهي ڏسڻو... جو وري تنھنجي گهر هلڻو پوي..! تنھنجو شھر وارو گهر ئي اڃا مون مان ناهي نڪتو..!
هن هڪ ٽھڪ اڇلايو. ان ٽھڪ ۾ منھنجي شھر واري گهر جي ياد هڪ لڙڪ وانگر نظر آئي.
”هينئر ٿڌ وڌندي پئي وڃي. سج بہ لھي ويو آهي.“ فرح لھي ويل سج ڏانھن ڏٺو، جيڪو يونيورسٽيءَ جي پويان، پھاڙين جي اوٽ ۾، پنھنجي لاءِ پناھہ جي ڳولا ۾ لھي ويو هو. فرح ڪرسيءَ تان اٿي بيٺي. ٿڌي هوا جي ڪري، پنھنجي شال کي پاڻ سان چھٽائي ڇڏيائين.
اسان هيٺ لھي گاڏيءَ ۾ اچي ويٺاسين ۽ ويٺا رهياسين... سوچيم، اسان ڪجهہ لمحن کان پوءِ الڳ ٿي وينداسين... هيئن روبرو، وري ڪڏهن بہ ملي نہ سگهنداسين... فرح الاءِ ڇا پئي سوچيو..!؟ پر هڪ گهري خاموشي بہ شايد گاڏيءَ ۾ سوار ٿي وئي هئي....
سمجهيم تہ فرح هڪ وڏو ساھہ کنيو هو... ۽ چيائين،
”گاڏي اسٽارٽ ڪيو نہ...! سوچيو ڇا ٿا....!؟“
”ها فرح... آخر تہ هلنداسين... ڪجهہ دير تہ ويھون... جيترو ويھي سگهون..!“
ماحول ڪافي سوھوار هو، جنھن کي فرح مزيد سوڳوار بڻجڻ کان روڪڻ لاءِ، پنھنجي روايتي انداز ۾ چيو، ”نہ بابا نہ....! بس هلو هاڻي... هڪ تہ گاڏيءَ جا شيشا ٺپ ڪارا ڪرائي رکيا اٿئي..! ٻيو هتي هينئر اوندھہ ۽ صفا سُنساني لڳي پئي آهي...تون وري اترادي وڏيرو... مون کي تہ ڊپ ٿو لڳي..!“
چيم، ”ڊپ نہ ڪر... 1980ع ۽ 2020ع ۾ وڏو فرق آهي..!“
”پر تون ۽ مان تہ ساڳيا آهيون نہ..! ۽ تنھنجو وَسُ تہ مون تي منٽ ۾ هلي ويندو آ..!!
”ساڳيا ماڻھو تہ آهيون، پر هينئر ساڳيا نہ رهيا آهيون...“ مون کان ٿڌو ساھہ نڪري ويو....
فرح اڃا بہ پاڻ تي ضبط ڪندي چيو، ”ٿڌا ساھہ تہ نہ ڀر... اڳئي ايتري ٿڌ آ..!“
پوءِ الاءِ ڇو هُن ڪجهہ نہ چوڻ چاهيندي بہ چيو، ”اها ڪيڏي نہ ٽريجڊي آهي ڪاظم! جو ساڳيو نٿو رهي سگهجي! وقت بدلجي ٿو وڃي..! ماڻھو بدلجي ٿو وڃي..! عمر جو سج لھندو ٿو وڃي..! ڇا تہ جواني هئي، ڇا تڙپ هئي ۽ ڇا تانگهہ هئي! ڇا جذبو، ڇا جوش ۽ ڇا جنون هو..! محبت ڪيڏي نادان هئي... تون ڪيڏو مھربان هئين..!!“
هونئن تہ اسان ٻئي ونڊ اسڪرين کان ٻاهر ڏسي رهيا هئاسين. هاڻي مون هن ڏانھن ڏٺو. هِن بہ مون ڏانھن ڏٺو ۽ اچانڪ ٽھڪ ڏنو. چيائين، ”ڪڏهن ڪڏهن ڳالھہ ياد پوندي آهي تہ مان ڏاڍو کلندي آهيان... ياد ٿئي جڏهن تو پھريون دفعو منھنجو يونيفارم لاٿو هو، اُن ڏينھن مون ڏاڍيون رڙيون ڪيون هيون... تون بہ سڄو پگهرجي ويو هئين! پوءِ مس ڪا وڃي بس ڪئي هيئي..! پو، ٻئي ڏينھن تي تو مون کي پيٽرول جيل جي نئين ڊٻي ڏيکاري هئي! مون پڇيو، اهو ڇا آهي؟ چيئي تہ ويزلين وٺي آيو آهيان. ڪلھہ تنھنجون ررڙيون مون کان برداشت ڪونہ پئي ٿيون... اڄ هن سان توکي تڪليف ڪونہ ٿيندي..! آئون حيران ٿي وئي هيس تہ ڪيڏو نہ بدمعاش آهي! پڇيو هوم تہ ان جو خيال توکي ڪيئن آيو تہ اهڙو استاد هئين جو چيئي تہ تنھنجي آرام جو خيال رکڻ لاءِ، هر قسم جي آئيڊيا تي ڪم ڪرڻو ٿو پوي..!
ٽھڪ ڏئي کلندي رهي. مون بہ شرم کان کلي ڏنو... پڇيم، ”پو، منھنجو آئيڊيا سھي هيو يا نہ..!؟“
”تنھنجا آئيڊيا تہ سائين سڀ سھي هئا... تون پاڻ بہ سھي هئين... ياد ٿئي مان انٽر جي امتحان دوران توکي چوندي هيس تہ منھنجا پيپر سھي ڪونہ پيا ٿين، ضرور فيل ٿينديس... پوءِ اُهو ئي ٿيو... گهر وارا، ڪاليج وارا، ساهيڙيون، سڀ حيران هئا تہ هيڏي هوشيار ڇوڪري فيل ڪيئن ٿي!؟ ڇو تہ بورڊ جي گذريل ٽنھي امتحانن ۾ منھنجي فرسٽ ڊويزن هئي... هاڻي اِها تہ مون کي خبر هئي تہ آئون فيل ڇو ٿيس! ڇو تہ انٽر کان اڳ ۾، تون منھنجي زندگيءَ ۾ ڪونہ هئين... تو سان ملڻ کان پوءِ ننڊ آرام ڦٽي ويو هو... رڳو عشق جو سبق پئي ياد ڪيم، ڪتابن کي تہ ٿيلھي مان ڪڍندي ئي ڪونہ هيس..! فيل ٿيڻ جي ڪري مون کي گهر ۾ ڏاڍو سخت رويو ڏسڻو پيو هو... توکي اچي روئي دانھن ڏيندي هيس تہ تنھنجي محبت جي ڪري، منھنجو هي حال ٿيو آ..! پوءِ تو بورڊ آفيس ۾ وڃي، ڪو چڪر هلائي، پيپرن جي ري ڪائونٽنگ ڪرائي، الاءِ ڪيترا پئسا ڏئي، مون کي پاس ڪرايو هيئي... منھنجي دل ۾ تنھنجي لاءِ محبت وڌي وئي هئي... منھنجي بي ايس سي ۾ داخلا ٿي وئي تہ تو سان روز ملڻ جو رستو وري کُلي پيو... منھنجو پڙهڻ وري رلي ويو... امتحان مٿان آيا تہ توکي پئي چوندي هيس تہ هاڻي بہ فيل ٿي پوندس ۽ وري ذليل ٿيندس... مون کان بلڪل پڙهيو نٿو ٿئي... يا تہ مون کي ڇڏي ڏي... يا...!؟ الائجي منھنجو حشر ڇا ٿيندو..!؟
پھرئين پيپر ۾ ئي حواس خطا ٿي ويا هئا، ڇو تہ مون کي ڪنھن بہ سوال جو جواب ڪونہ ٿي آيو..! مٿي تي هٿ ڏئي ويھي رهي هيس تہ ڇا لکان!؟ ذري گهٽ روئڻ واري هيس تہ ڪاليج جو هيڊ ڪلرڪ اچي منھنجي مٿان بيٺو... مون کي ڪجهہ ڪارتوس ڏئي چيائين تہ، ”هن ۾ سڀ گهربل جواب اٿوَ، آرام سان ويھي لکو. ڪلاس ۾ توهان کي چيڪ ڪرڻ ڪوبہ نہ ايندو. مان پيو چڪر هڻندس.“ آئون پئي هُن جي منھن ۾ تڪيان تہ هي ڇا پيو ٿئي..!! مون کي پريشان ڏسي چيائين تہ، ”مون کي ميان ڪاظم علي خان موڪليو آهي. توهان جا سڀ پيپر ۽ پريڪٽيڪل آرام سان ٿي ويندا.“
اللھ! اي منھنجا اللھ! منھنجو ڪاظم ايڏو مھربان شخص آهي..!! ان وقت منھنجي دل مان اها دعا نڪتي هئي تہ اي منھنجا رب! منھنجي ڪاظم کي سدائين اوچو ۽ عزت وارو رکجان... هُو منھنجو ٿئي يا نہ، پر هُن کي ڪڏهن بہ ڪنھن شئي کان محروم نہ رکجان..! مون بي ايس سي بہ تنھنجي مھربانيءَ سان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي. تنھنجي حق ۾ منھنجي اها دعا بہ قبول پئي هوندي..! تون کڻي مون کي حاصل نہ ٿي سگهئين، پر تو جيڪو حاصل ڪرڻ چاهيو هوندو، توکي ضرور مليو هوندو..!“
مان هُن کي غور سان ٻڌي رهيو هيس، ٻڌي ڇا رهيو هيس... هُوءَ تہ منھنجي اندر مان ڳالھائي رهي هئي..! هُوءَ پنھنجي ڌُن ۾ چئي رهي هئي، ”بي ايس سي کان پوءِ، مائٽن زور رکيو تہ شادي ڪر، مون تو تي زور رکيو تہ پنھنجن مائٽن کي منھنجي گهر موڪل. آئون تو تي هري وئي هيس... مون کي تنھنجي عادت ٿي وئي هئي... عادت ڇڏڻ ڪيڏي نہ ڏکي هوندي آهي ڪاظم..! آئون تو سان ڪورٽ ميرج ڪرڻ لاءِ بہ تيار هيس... تو جھڙو، خيال ڪرڻ وارو انسان قسمت وارن کي ملندو آهي... تو مون کي محبت بہ ڏني، منھنجي care بہ ڪئي... خوش قسمتي تہ هئي، پر هميشہ نٿي رهي سگهي نہ..! ماڻھو محبت ڪرڻ جو ٺيڪو تہ کڻي سگهي ٿو، محبت ڪرڻ واري جو ٺيڪو تہ نٿو کڻي سگهي نہ..!!“
مون محسوس ڪيو تہ هُن جو گلو بار بار ڀرجي ڀرجي ٿي آيو. شايد ڪي سڏڪا، هڪ ٻئي جي پويان قطار ٺاهي، اچي بيٺا هئا... فرح، انھن سڏڪن کي رستو ڏيڻ لاءِ تيار نہ هئي..! قسم جو کڻي آئي هئي تہ منھنجي اڳيان روئيندي نہ..! هُن جو قسم، ڪجهہ دير اڳ ۾ بريڪ تہ ٿيو هو، ان ڪري هينئر هُوءَ ٻيھر ڪمزور ٿيڻ نہ پئي چاهي..! پر انسان جو وس ڪٿي ٿو هلي..! هڪڙو ننڍڙو سڏڪو، الاءِ ڪيئن، هن کان بي اختيار ڇڏائجي ويو. مون پنھنجي کٻي ٻانھن ورائي، هن جي پرئين ڪلھي تي رکي... تہ هن کان هڪ ٻيو سڏڪو بہ سلپ ٿي ويو... منھنجي هيانوَ کي جُهٻي اچي وئي. مون هن جي مٿي کي ٿورو پاڻ ڏانھن سوري، پنھنجي ڪلھي تي رکيو تہ هن کان، سڏڪن تي، زور سان ڏنل دروازو، امالڪ کُلي ويو... سڏڪا بہ سالن کان سانڍيل هئا... پنھنجي پوري شدت سان پئي نڪتا... مون هن کي اڃا بہ ٿورو سيري، پنھنجي سيني سان لاتو... هُن پنھنجو کاٻو هٿ، منھنجي ساڄي ڪلھي تي ڇا رکيو، هن جا سڏڪا وڏن رانڀاٽن ۾ بدلجي ويا. هن جي سڏڪن سان، منھنجا سڏڪا هم ساز ٿي، درد جو هڪ اهڙو آلاپ بڻجي ويا، جنھن جي سُرن تي، اگر ڪو ڇير پائي نچي تہ جيسين ڇير نہ ڇڄي، تيسين ناچ نہ بيھي... جيسين ناچ نہ بيھي، تيسين راڳ ويراڳ نہ ٿئي..! اسين ٻئي دل کولي رناسين، شايد ايترو تہ جيئن سڀاڻي روئڻ لاءِ باقي نہ بچي..!! هُن جو منھن منھنجي سيني تي هو... اسان ٻئي هڪ ٻئي جي اڌ ڀاڪر ۾ هئاسين... سيني وٽ منھنجي قميض، هُن جي گرم ڳوڙهن سان تر ٿي وئي هئي... سڏڪا هوريان هوريان، ڪنھن وڏي طوفان کان پوءِ ٿمجي رهيا هئا... ڳوڙهن جي بارش جهڪي ٿي رهي هئي... مون هُن جي وارن تي چمي ڏني... آخري چمي... آخري اڌ ڀاڪر...! آخري هم ساز ٿي روئڻ... آخري ملاقات ۾ هر ڳالھہ، هر شئي آخري هوندي آهي..!!
محبت جي تہ ڪا آخر نٿي ٿئي... محبت کي ئي دوام آهي... هر شئي فاني آهي، محبت ئي لافاني آهي..! ڪڏهن محبت لائڻ وارو مٽجي ٿو وڃي، ڪڏهن نڀائڻ وارو....! بس، ڪو مِٽجي ٿو وڃي تہ ڪو مَٽجي ٿو وڃي...
هن پنھنجو ڪنڌ مٿي کنيو تہ، ڪلھن تان ٻانھون بہ پري ٿي ويون. ڊيش بورڊ تي رکيل ٽشو جو ڊٻو سيري، کيس ويجهو ڪري ڏنم. هن ڪيئي ٽشو ڪڍي ورتا... نڪ ۾ آيل پاڻيءَ کي هن سُون ڪري مٿي ڇڪيو... مون ٽشو سان پنھنجو منھن صاف ڪري، سوئچ ۾ چاٻي گهمائي... ڳالھائڻ لاءِ باقي پوئتي ڇا رهيو هو..! روئڻ کان پوءِ ڳالھائڻ ڪھڙو..! سڀ ڪجهہ تہ ان ۾ اچي ويو.. دل جو غبار لھي ويو. روح کي قرار اچي ويو.
گاڏي پل ٽپي حيدرآباد جي حد ۾ اچي وئي. راجپوتانہ اسپتال وٽان هن چيو تہ بس مون کي هتي ئي لاهيو. مان گاڏيءَ مان لھي، هِن سان گڏ رڪشہ تائين آيس. رڪشي واري کي پنھنجي سوسائٽيءَ جو ٻڌائي، چڙهي ويٺي... رڪشہ اسٽارٽ ٿيو تہ مون هِن ڏانھن الوداعي هٿ وڌايو. هن پنھنجو هٿ وڌائي، منھنجي هٿ سان ملائڻ چاهيو. اوچتو رڪشہ هڪ جهٽڪي سان هلي پيو. ٻئي هٿَ آخري ڀيرو ملڻ کان رهجي ويا..!!

ولي رام ولڀ جو وڇوڙو

---

همت ۽ حوصلي واري شخصيت: ڊاڪٽر چندي رام شاهاڻي

اڄ 29 آڪٽوبر 2023ع تي سنڌي ادب ۽ ترجمي جي دنيا ۾ نھايت اعليٰ ۽ نرالو مقام رکندڙ ٿر ڄائو سائين ولي رام ولڀ لکين سنڌي پڙهندڙن کي الوداع ڪري وڃي پنھنجي مالڪِ حقيقي سان مليا.
منھنجي اها خوشقسمتي رهي آهي، جو سائين ولڀ ۽ سندس گهر ڀاتين سان گذريل ٽيھارو سالن کان تمام ويجھڙائپ وارو واسطو رهيو آهي. گهر اچڻ وڃڻ دوران سائينءَ سان مختلف موضوعن تي ڪافي ڪچھري ٿيندي هئي.
پنھنجي راءِ ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان ٻين جي اڳيان رکڻ جو حوصلو ۽ همت تمام گهٽ ماڻھن ۾ هوندي آهي. جيتري قدر مون ڏٺو آهي تہ سائين پنھنجي مؤقف ۾ بلڪل صاف ۽ چٽا رهيا آهن. ادبي، سماجي ۽ مذهبي معاملن تي ڪڏهن بہ منجهيل نہ رهيا آهن.
سائين پنھنجي 82 سالن جي زندگي ادبي ۽ سماجي خدمت ۽ جدوجهد ڪندي نھايت شاندار ۽ پروقار نموني گذاري آهي. سائين دنيا جي مختلف ٻولين جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ کي مالا مال ڪري ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ ڪتاب پڙهندڙن ۾هڪ وڏو مرتبو رکن ٿا.
سائين ترجمي کان سواءِ پاڻ بہ شاعري ۽ ڪھاڻيون لکيون ۽ تعليمي ميدان ۾ بہ گهڻو ڪم ڪيائون. سائين جي انھيءَ اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد ۾ سائين جي گهر ڀاتين ڪمليشور، انيتا ڪمليشور، ڊاڪٽر پشپا، ڊاڪٽر مرليڌر، گوري ليلارام، ڊاڪٽر ليلارام ۽ سائينءَ جي زندگي جي ساٿياڻي هري ٻائيءَ جو ساٿ قابلِ تعريف رهيو آهي. ادب جي دنيا جا ماڻھو، خاص ڪري سنڌي پڙهندڙ، سائين ولي رام ولڀ جي انھيءَ ادبي پورهئي کي صدين تائين وساري نہ سگهندا.

سنڌي ادب جو منفرد ۽ مثالي ليکڪ: سعيد منگي

1995ع جي جون مھيني ۾ مون سنڌالاجي جوائن ڪئي. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس جو امتحان فائن آرٽس شعبي ۾ ڏنو هيم. ان وقت جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب مون کي وائيس چانسلر آفيس ۾ سڏائي، سنڌالاجي جوائن ڪرڻ لاءِ چيو، جتي عبدالقادر جوڻيجو صاحب سنڌالاجيءَ جو سربراھہ هيو.
ڊاڪٽر الانا صاحب، سائين عبدالقادر جوڻيجي کي مون لاءِ چيو تہ هي نوجوان آرٽ جي شعبي جا سڀ ڪم ڪندو. پئنٽنگ گئلريءَ کان علاوه پبليڪيشن سيڪشن پاران ڇپجندڙ ڪتابن جا سرورق بہ ٺاهيندو.
عبدالقادر جوڻيجي صاحب ۽ شوڪت حسين شوري صاحب سان منھنجي شاگرديءَ واري دؤر کان وٺي دوستي ۽ نيازمندي هئي، ان ڪري جوڻيجي صاحب انتھائي خوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ڪجهہ ڪتابن جا سرورق ٺاهڻ لاءِ چيو. مون سڀ کان پھريان ’چين جي ڊائري‘ پير علي محمد راشديءَ جي لکيل ڪتاب جو ٽائيٽل ٺاهيو. اهو ٽائيٽل ميٽنگ ۾ ميمبرن کي ڏيکاريو ويو. ميٽنگ ۾ ڊاڪٽر الانا، عبدالقادر جوڻيجي، پبليڪيشن سيڪشن جي انچارج رضيہ ٻگهيو ۽ ايڊيٽر سائين ولي رام ولڀ سان ملاقات ٿي. ٽائيٽل سڀني کي پسند آيو ۽ وڌيڪ ڪمن لاءِ پبليڪيشن سيڪشن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ويو. انھيءَ ميٽنگ ۾ عظيم چانڊيو، رضيہ طارق ابڙو، گل محمد مغل، عائشہ لالا، محمد قاسم ماڪا ۽ ڪجهہ ٻيا معزز ميمبر بہ موجود هيا. اهڙي قسم جي گڏجاڻي روزانو صبح جو ٿيندي هئي، جنھن ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر الانا سان روزاني ڪارڪردگي ۽ مختلف ڪمن متعلق ڳالھہ ٻولھه ٿيندي هئي. ان کان پوءِ ئي وائيس چانسلر پنھنجي آفيس ويندو هيو. سندس سنڌالاجيءَ سان تمام گهڻو لڳاءُ هيو. هن اداري کي تمام گهڻي اهميت ڏيندو هيو ۽ سنڌالاجيءَ جا سڀئي سيڪشن تمام گهڻو متحرڪ هوندا هيا.
هڪ ڀيري ولي رام ولڀ صاحب مون کي ڪتابن جا سرورق ۽ اسڪيچ ٺاهڻ جي لاءِ پاڻ ڏانھن سڏايو. هيءَ ساڻس پھرين باضابطا ڪچھري هئي. ولڀ صاحب پنھنجي آفيس ۾ انتھائي پنھنجائپ ۽ شفقت سان مليو ۽ نوَن ڪمن متعلق ٻڌايو. سائين ولي رام نرم طبيعت جو مالڪ، سادگي پسند، علم دوست ۽ آرٽ کي پسند ڪندڙ هيو. هميشہ قلم ۽ ڪاغذن جي ساٿ ۾ مصروف رهندو هيو. عالمي ادب جو تمام گهڻو ڄاڻو هيو. سنڌالاجيءَ ۾ رهندي ڪيترائي ڪتابَ ترجمو ۽ ايڊٽ ڪيائين. ٻوليءَ جو ماهر هيو ۽ هر ڪتاب ۾ درستگيون ڪري کيس بھتر کان بھتر بڻائيندو هيو. سندس نگرانيءَ ۾ سنڌالاجيءَ مان ڪيترائي ڪتاب ڇپيا. پاڻ تحقيقي جرنل ’سنڌي ادب‘ ۽ ’سنڌالاجيڪل اسٽڊيز‘ جو پڻ ايڊيٽر هيو. ولي رام ولڀ صاحب جي آفيس ۾ ڪيترن ئي ناميارن اديبن ۽ محققن سان ملاقاتون ٿيون. جاگرافي شعبي جو چيئرمين ۽ ناميارو سنڌ دوست اديب سائين ظفر حسن وٽس گهڻو ايندو هيو. مشھور ادبي رسالو ’آرسي‘ پڻ ظفر حسن صاحب ۽ ولي رام ولڀ صاحب گڏجي سھيڙيندا هيا.
سنڌالاجي ميوزم مان سينيئر آرٽسٽ عظيم چانڊيي صاحب نوڪري ڇڏي ڏني هئي، ولي رام ولڀ صاحب کي ايڊيٽر مان ترقي ڏئي سنڌالاجي ميوزم جو ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. ميوزم ۾ رضيہ طارق، زاهد ڪلھوڙو ۽ مان گڏجي ڪم ڪندا هياسين. مان ميوزم جي فرسٽ فلور پينٽنگ گئلري، فوٽوگرافي گئلري ۽ هنرن جي گئلريءَ جو انچارج هيس. ولي رام ولڀ صاحب جي سربراهيءَ ۾ وڌيڪ نوان پراجيڪٽ پڻ شروع ٿيا.
ولڀ صاحب سنڌيءَ سان گڏ انگريزي، اردو ۽ هندي ٻولين تي پڻ ڪمال جي مھارت رکندو هيو. مون کي سرڪاري لکپڙھہ جا خط لکڻ جو فن ولڀ صاحب ئي سيکاريو. ميوزم ۾ روزانو صبح جو هڪ ڪلاڪ پراڻن ڪمن جي تڪميل ۽ نوَن ڪمن جي شروعات متعلق گفتگو ٿيندي هئي. ميوزم ۾ رکيل نوادرات متعلق اڻ پوري ڄاڻ کي وڌائڻ ۽ لکت جي صحت سڌارڻ جو ڪم پڻ ولي رام ولڀ ڪيو. سندس دؤر ۾ مشاهير گئلري، آرڪيالاجيڪل گئلري، ايٿنالاجيڪل گئلري ۽ ٻين گئلرين ۾ لڳل سڀئي ڪيپشن نئين سِرِ ٺاهيا ويا. اُن دؤر ۾ ڪمپيوٽر تہ هيو ڪونہ، اُن ڪري مون کي سڀني ڪيپشنس کي خطاطي ڪري لکڻو پوندو هيو ۽ اِن ڪم ۾ ولڀ صاحب ئي منھنجي رهنمائي ڪندو هيو.
ولي رام ولڀ صاحب سنڌي ادب جو اُهو منفرد ڪردار آهي، جنھن پنھنجي حصي جو اعليٰ ڪم نھايت خاموشيءَ سان ڪيو ۽ سنڌي ادب ۾ پنھنجي نالي جا اڻ مِٽِ نشان ڇڏيا.

My Nanu…My Inspiration : Rahul Chhabria [Grand Son]

Its difficult to say things about nanu, that have not yet been said before. He was a brilliant writer, thinker, and literary. He contributed significantly to the corpus of various languages and of various peoples here in Sindh, in Pakistan and the world. He was a loving father and mentor. My parents, uncles and aunts, brothers and I have all learned more from him than we could recount. We have shared experiences that cannot be matched, that deserve to be cherished and remembered fondly, forever. And he was a kind, thoughtful and witty person. He always welcomed us (his grandchildren) with open arms, he would tell us stories about his life and attentively listen to ours, he would revel in our achievements and help us think through our challenges and hurdles. We knew we always had a friend in our loving nanu. He would crack jokes and tease and laugh heartily sharing humor and lessons in equal part.
He was also my knowledgeable guide into the places I am from. I remember when I was a little boy, clutching onto my nanu’s hand and trying to keep up with his long stride with my stubby legs as he led me to my favorite place in the city: the pedestrian bridge over Cantt station. He’d stand beside me as I watched the trains go by, musing about the world, teaching me about the people we would see and answering my nearly infinite questions patiently.
As a I grew older, we went on more adventures together. I remember one time he brought me along on his way to meet people, procure books for his school. We stopped at a restaurant in the city and had Lahori fish (my first time). This must have been more than 25 years ago now, but I still remember the high chessboard ceiling with the fan blades spinning sluggishly on a long rod. I still remember the people scurrying around us, serving, arriving, leaving. I remember the seasoning on the fish and my nanu talking about our agenda for the day, the school and everything else in between. I remember our talks fondly, like humorous stories shared among friends. I guess some memories stay with you.
Its difficult to say things about nanu that have not been said before. He inspired me to read, learn and observe but he also showed me my city and our adventures shaped me into who I am. I will cherish those memories and they will go everywhere with me. Every time I share a story about nanu it will be with a smile and the memory of adventures shared, stories told and a nice, hearty laugh.

He wasn’t like other Nanus: Komal [Grand Daughter]

He wasn’t like other nanus. In the short time I had with him, whenever we would speak, he didn’t want to hear abou t what I ate or how my day was or the regular day to day as much as he wanted to talk about the world and literature. He wanted to know what I read, what I saw, and what I learned from it. He’d ask thoughtful questions, make me ponder my observation and he’d want to know how I planned to spread this message. He was one of the most curious people I’ve ever met.
I’m just finding out his light shone so brightly in this world from all the love that is pouring in. It’s amazing to see what impact he had on not just our family but on people across continents. And how many people he inspired to observe closely, think deeply and spread that message so everyone can share in what you’ve seen.

For Nanu : Sameer Rai Chhabria [Grand Son]

That our words are meaningful is a concept that has been instilled in me from a very young age. Nanu was a large part of understanding that our words can inspire, teach and help us connect with each other. Every trip into nanu's home was also a trip into the vast unknowns of his library. Introducing us to the idea that there is always so much more to know in the world without feeling intimidated by all that you have yet to learn.
Between the books of all shapes, sizes and languages there was a world to get lost in and nanu was ever ready to guide us through the expanse. It's this curation of knowledge that I didn't even realize I took for granted all this time. It's strange to know that I will no longer be able to learn from him in that way. But his lessons will live on with us forever. To learn more about the world, gain mastery of our words and articulate them to further discussion and thought.
I feel as though I have been passed a bright torch that it is up to me to carry through the next phase and pass on in my own time. The good news is that this torch was handed not just to me but everyone that Nanu inspired and together we will carry his light with us. Thank you Nanu, we will always remember.

Vali Ram Vallabh : Dr. Ranomal Piryani

Vali Ram Vallabh
Not only a man
But a humble human.
A passionate person.
Wise and saint Not only a writer
But intellectual scholar
A literary laurate
An articulator
Not a only a logical
But constant rational
Reasoned and reasonable
Balanced and analytical
Not only a constructive cardio
But truthful realistic
Frank and soft-spoken
Open and honest
Not only loving
But kind and caring
Generously adoring
Affectionately admiring
Vali Ram vallabh
Amargel real gentlemen
Remain alive
In hearts of millions.