سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ناول نگار ۽ ڪھاڻيڪار ڪرشن چندر جو لکيل ناول ”غدار“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار ولي رام ولڀ آھي.
هي ناول 1947ع جي ورهاڱي جي پس منظر ۾ لکيل آهي. ورهاڱي جي زماني ۾ لڏ پلاڻ وقت خونريزي، قتل و غارت ٿي هئي ۽ دين ڌرم جي نالي ۾ جيڪو انسانيت جو خون ڪيو ويو هو، هن ناول ۾ انھن سڀني واقعن جو ذڪر ملي ٿو. ناول جا ڪردار، هيٺين طبقي جا ڏتڙيل عام فرد آهن جن جي پيار، حب الوطنيءَ، انسانيت پسنديءَ جو ورهاڱو، خون ڪري ٿو. ھن ناول ۾ ھڪڙي خود غرض نوجوان جي احساسن جي ذريعي ماڻھن جي ڀوڳنائن جي بھترين انداز ۾ منظرنگاري ڪئي وئي آھي، جيڪو پاڻ ھڪڙو غدار ھُيو.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1968ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1990ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوھان اڳيان آڻجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي