سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ناول نگار ۽ ڪھاڻيڪار ڪرشن چندر جو لکيل ناول ”پياسي ڌرتي پياسي دلڙيون“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌي ترجمو سندري اتمچنداڻيءَ ڪيو آھي.
ڪرشن چندر پنھنجي نظريي جي حوالي سان عملي زندگيءَ ۾ بہ ھڪ ڪميٽيڊ ليکڪ ھو. ڪرشن چندر جي گهڻين تحريرن ۾ سماجي زندگيءَ جا ننڍا وڏا مسئلا ۽ انھن جو حل موجود آھي. اردوءَ ۾ انساني نفسيات جي نالي ۾ ناول ۽ ڪھاڻيون لکيون پئي ويون تہ ڪرشن چندر سماجي ڪھاڻيون لکي اردو ڪھاڻيءَ جو رُخ ئي ڦيرائي ڇڏيو.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1969ع ۾ ھند ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڇاپو 1986ع ۾ سنڌ ۾ ناري پبليڪيشنس، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوھان اڳيان آڻجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي