سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڊراما نگار محمود مغل جي ڪھاڻين جو مجموعو ”تو سنگ تو بن ڏينھڙا“ اوھان اڳيان پيش آھي.
محمود مغل وٽ ڪھاڻين لکڻ جي ھڪ منفرد ٽيڪنڪ آھي. ھن مجموعي ۾ 16 ڪھاڻيون شامل آھن. عبدالقادر جوڻيجو لکي ٿو: ”محمود سٺو ڪھاڻيڪار بہ آھي، سندس ڪھاڻين جا خاص جزا رومانس، گُل، ھلڪي روشني، خوشبو، خواب، انساني ھمدردي ۽ سافسٽيڪيٽيڊ ڪردار آھن. محمود جي ڪھاڻين جو وڏو ڪمال اھو آھي تہ ھو غير دلچسپ ماحول مان دلچسپ ڪھاڻيون ڪڍي ٿو وٺي.“
ھي ڪتاب 1985ع ۾ ناري پبليڪيشنس، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي جي ٿورن سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي