ٻاراڻو ادب

شھزادي ماھہ نور

ٻارڙن لاءِ لکيل ڪھاڻين جي ھن مجموعي ۾ وندر ۽ سکيا جون ڪھاڻيون آهن. جنھن ۾ ٻارن کي وندر سان گڏ سکيا بہ ڏني ويئي آهي. اسان وٽ ٻارن لاءِ جيڪو بہ ادب لکيو ويو آهي ان ۾ ٻارن کي نصيحتون وڌيڪ ڏنل آهن. ٻار جلد نصيحت بہ تڏهن قبول ڪندو جڏهن انھن کي تفريح فراهم ڪئي ويندي آهي.  ڊاڪٽر پروين ٻارن جي نفسيات ۽ ذهني سطح کي سامھون رکي ڪھاڻيون لکيون آهن، جنھن ۾ ٻارن کي تفريح ڏيندي ڏيندي نصيحت ڪري وڃي ٿي. 

  • 4.5/5.0
  • 58
  • 10
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book شھزادي ماھہ نور

ڪتاب جا حق ۽ واسطا

ڪتاب : (11)
ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري ۽ ليکڪا وٽ محفوظ
ڪتاب جو نالو: شھزادي ماھہ نور
موضوع: ٻاراڻو ادب
ليکڪا: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
ڪمپوزنگ: گلزيب هڪڙو
ٽائيٽل : مھراڻ سھتو
ڇاپو پھريون: مئي 2023ع
ڇپائيندڙ : محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي حيدرآباد
ڇپيندڙ : چانڊوڪي پبليڪيشن واهي پانڌي
cell: 0334-2208151

ملھہ : 200 روپيہ

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2023ع

ملڻ جا هنڌ:
ڀٽائي بڪ اسٽور ، حيدرآباد ڪويتا ڪتاب گهر ،دانيال ڪتاب گهر قاسم آباد، رُومي ڪتاب گهر ايگريڪلچر ڪامپليڪس حيدرآباد، ڪنول ڪتاب گهر، حيدر چونڪ
پيڪاڪ ڪتاب گهر حيدرآباد، ون ڊالر شاپ پريس ڪلب حيدرآباد، سمبارا ڪتاب گهر حيدرآباد، فرينڊس بڪ اسٽال نسيم نگر چوڪ.مدني بڪ اسٽال دادو، الاحسان گهر ڪتاب ميهڙ، اردو بازار ڪراچي، مُرڪ ڪتاب گهر ڪراچي.

انتساب

ارپيان ٿي پنھنجو هيءُ پيار ڀريو پورهيو،
سنڌ جي انھن ادارن کي
جيڪي ٻالڪ ادب ۾ ڪتابن جي ڇپائڻ کي ترجيح ڏيندڙ آهن. جيئن، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سنڌ ڪلچر کاتو ۽ خاص طور مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، پوپٽ پبلشنگ خيرپور، چانڊوڪي پبليڪيشن، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي ڏيپلائي ٽائون حيدرآباد ۽ ٻيا ادارا آهن جيڪي هن اهم ڪم ۾ هٿ ونڊائي سنڌي جي ٻارن جي مستقبل لاءِ محبت سان اها محنت سرانجام ڏيئي رهيا آهن

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ پاران ٻارن لاءِ لکيل ڪھاڻين جو مجموعو ”شھزادي ماھہ نور“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ٻارڙن لاءِ لکيل ڪھاڻين جي ھن مجموعي ۾ وندر ۽ سکيا جون ڪھاڻيون آهن. جنھن ۾ ٻارن کي وندر سان گڏ سکيا بہ ڏني ويئي آهي. اسان وٽ ٻارن لاءِ جيڪو بہ ادب لکيو ويو آهي ان ۾ ٻارن کي نصيحتون وڌيڪ ڏنل آهن. ٻار جلد نصيحت بہ تڏهن قبول ڪندو جڏهن انھن کي تفريح فراهم ڪئي ويندي آهي. ڊاڪٽر پروين ٻارن جي نفسيات ۽ ذهني سطح کي سامھون رکي ڪھاڻيون لکيون آهن، جنھن ۾ ٻارن کي تفريح ڏيندي ڏيندي نصيحت ڪري وڃي ٿي.
ھي ڪتاب چانڊوڪي پبليڪيشن، واھي پانڌي پاران 2023ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

سنڌي ادب جي جاکوڙي سورمي

ٻار، ڪائنات جي حسين تخليق آهن. جن جي هئڻ سان ڪائنات رنگين محسوس ٿيندي آهي. ٻار نہ صرف ڪائنات جي حسين تخليق آهن پر اسان جو مستقبل بہ آهن جنھن ڪري دنيا جا ترقي يافتہ ملڪ ٻارن جي آبياريءَ لاءِ تمام گهڻو ڌيان ڏيندا آهن. جيڪڏهن ٻار جي ننڍپڻ ۾ ئي تعليم ۽ تربيت سٺي هوندي تہ اڳتي هلي ان جو ڪردار سماج ۾ لاڀائتو ۽ ڦلدائڪ ثابت ٿيندو. نصاب کان سواءِ ٻارن لاءِ تخليق ڪيل ادب ٻارن جي تربيت ۾ بنيادي اهميت رکي ٿو. اهو سمجهڻ گهرجي تہ ٻارن لاءِ لکيل ادب کان سواءِ دنيا جو ڪو بہ ادب ترقي نہ ٿو ڪري سگهي. ٻاراڻي ادب جي وسيلي هڪ نئين انسان جي تعمير ڪئي ويندي آهي. جنھن سان معاشري جي پيڙھہ جي اوساري ٿيندي آهي. ٻارن لاءِ ادب سرجڻ تہ هوند ڏکيو بہ هوندو آهي تہ هڪ ذميواري جو عمل بہ آهي. ڏکيو ان ڪري تہ ٻارن جي ذهني سطح کي سامھون رکي لکڻ لاءِ پنھنجي ذهني سطح کي گهڻو هيٺ کڻي اچڻ تمام گهڻو مشڪل ڪم آهي. جنھن ڪري ٻارن لاءِ لکڻ سڀ جي وس جي ڳالھہ نہ آهي. سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ لکيل ادب، ماضيءَ ۾ ڪنھن قدر مطمئن ڪندڙ هو ڇاڪاڻ تہ ٻارن لاءِ تمام گهڻا رسالا، اخبارون ۽ ڪتاب شايع ٿيندا هئا هاڻي ان طرف ڪو خاص ڌيان نہ ٿو ڏنو وڃي. هاڻي ٻارن جي تربيت انٽرنيٽ ٽيڪنالوجي ۽ اينڊرائيڊ موبائل ڪري رهي آهي. جتي ٻارن کي پنھنجي وندر جون سڀ شيون ملي وڃن ٿيون. هي جيڪا زيڊ جنريشن ( Z Generation) چئي وڃي ٿي، ان جنريشن جي صحيح دڳ جو تعين ڪرڻ لاءِ اسان کي ادب جا وسيلا ۽ ذريعا بہ بدلائڻ جي ضرورت آهي.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ مسلسل پنھنجو علمي ۽ فڪري پورهيو ڪري سمورو وقت لکڻ پڙهڻ ۾ مصروف آھي. ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل اٿس ان کان علاوه مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ 500 کان مٿي مضمون ۽ مقالا لکيا اٿائين جڏھن تہ ڪيترائي ڪتاب اڻڇپيل پڻ آھن.
هن جتي ادب جي ٻين صنفن پاسن تي ڌيان ڏنو آهي. اتي هن ٻارن لاءِ پڻ لکڻ کي ترجيح پئي ڏني آهي. اهوئي سبب آهي جو ڊاڪٽر صاحبہ جا ٻاراڻي ادب تي لکيل ڪتاب مستقل ڇپجي رهيا آهن. ٻارن لاِءِ لکيل ڪھاڻين جو هي مجموعو ”شھزادي ماه نور“ جنھن ۾ وندر ۽ سکيا جون ڪھاڻيون آهن. جنھن ۾ ٻارن کي وندر سان گڏ سکيا بہ ڏني ويئي آهي. اسان وٽ ٻارن لاءِ جيڪو بہ ادب لکيو ويو آهي ان ۾ ٻارن کي نصيحتون وڌيڪ ڏنل آهن. ٻار جلد نصيحت بہ تڏهن قبول ڪندو جڏهن انھن کي تفريح فراهم ڪئي ويندي آهي. ڊاڪٽر پروين ٻارن جي نفسيات ۽ ذهني سطح کي سامھون رکي ڪھاڻيون لکيون آهن.جنھن ۾ ٻارن کي تفريح ڏيندي ڏيندي نصيحت ڪري وڃي ٿي. هن ڪتاب جي ٽائيٽل ڪھاڻي “شھزادي ماه نور” پڙهڻ سان پھريان محسوس ٿيندو تہ پراڻي انداز جي ڪھاڻي آهي مگر ان ۾ جيڪا خودداري ۽ ٻارن کي پنھنجو مدد پاڻ تحت جيئڻ جو سبق ڏنو ويو آهي اهو انداز ٻارن کي هن سماج ۾ قابل بڻائڻ لاءِ خاص اهميت رکي ٿو. هيءَ ڪھاڻي هڪ وندر سان گڏ نصيحت ڏيندڙ ڪھاڻي آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ٻيون ڪھاڻيون جنھن ۾ “غرور جو انجام”، “دوستي”، “خودداري”، “لنچ باڪس”، “نيڪي”، “زيتون جو وڻ”، “هيڊ ماستر”، “صحبت پور۽ صاحبہ”، “امتحان جو فارم”، “پري ۽ وفادار سپاهي”، “ڪاميابيءَ جو راز”، “ضدي ڇوڪرو”، “سمجهدارنياڻي” اهڙيون ڪھاڻيون آهن جيڪي اسان جي سماج جو عڪس ۽ اولڙو پيش ڪن ٿيون. جنھن ۾ ٻارن جي مسئلن کان وٺي سماج ۾ انھن سان ٿيل زيادتين جو اولڙو بہ پيش ڪن ٿيون. هنن ڪھاڻين جي خاص ڳالھہ اسلوب آهي. اسلوب ٻارن جي ذهني سطح کي سامھون رکي اختيار ڪيو ويو آهي. جنھن ڪري جڏهن ٻار هنن ڪھاڻين کي پڙهڻ شروع ڪندو تہ يقينن ڪھاڻيءَ جي سحر ۾ گم ٿي ويندو. جنھن سان هن جي ذهني نشونما بہ ٿيندي تہ هن کي تفريح بہ حاصل ٿيندي.
ڪتاب ”شھزادي ماھہ نور ۾ شامل سڀ ڪھاڻيون دِلپذير آهن، انھن ڪھاڻين مان مون کي وڌيڪ سٺي ڪھاڻي “لنچ باڪس” لڳي جيڪا ٽيچر تانيہ ۽ شاگرد مرتضيٰ ۽ مرتضيٰ جي ماءُ جي چوطرف ڦري رهي آهي. تانيہ جو شاگردن سان ورتاءُ ۽ انھن جي ننڍن وڏن مسئلن ۾ دلچسپي، مرتضيٰ جي انسان دوستي، پنھنجي منجهد جي ماني ضرورت مند کي ڏيڻ ۽ ان جي ماءُ جو ان خيراتي ڪم ۾ دلچسپيءَ جي ڪري خوش ٿيڻ تائين، انھن سڀني ڳالھين جي ڪري، هيءَ ڪھاڻي مڪمل تاثر ڇڏيندڙ ڪھاڻي آهي. جيڪا ٻارن ۾ پنھنجي بک کان وڌيڪ، ٻين جي بک کي سمجهڻ جي نصيحت تي مبني آهي. ايئن ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جون اهي سڀ ڪھاڻيون، ڀرپور اثر ڇڏيندڙ آهن. جيڪي بار بار پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ اتساهين ٿيون تہ ٻئي طرف ٻارن لاءِ لاڀائتيون ڪھاڻيون آهن. مان هن ڪتاب “شھزادي ماه نور” جي حوالي سان اها ڳالھہ يقين سان چوان ٿو تہ هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ خاص ڪري ٻارن جي ادب جي حوالي سان جوڳي جڳھہ ضرور پيدا ڪندو.

عيسيٰ ميمڻ
لاڙڪاڻو

سنڌي ٻاراڻي ادب جي ”ماھہ نور“

سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ مرد شاعرن ۽ اديبن جو تہ کوڙ سارو شانائتو ڪم ڳڻجي ٿو پر اتي اسانجي سنڌي ادب جي نامور نثرنگار عالمہ اديبہ ۽ ڏاھي عورت ادي پروين موسيٰ ميمڻ بہ سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ چڱو خاصو ڪم ڪيو آھي۔ جو ھن ھڪ سؤ کان مٿي ڪھاڻيون لکي ٻاراڻين ڪھاڻين جي سينچري ٺاھي آھي۔ اڳ ڇپيل ٻاراڻن ڪتابن ”اخلاقي قدر“، ”ٽي تحفا“ ۽ ”شرارتي جن“ بہ سٺو اسڪور ٺاھيو. توڙي جو ھوءَ سنڌي ادب ۽ لطيفيات جي سينئر ۽ ڏاھي ليکڪہ آھي پوءِ بہ کيس ڌرتيءَ جي تارن سان پيار جو ھي سھڻو ثبوت آھي. جنھنجي ڪھاڻين ۾ قديم ڳالھين سميت جديد رجحانن جو بہ حَسين امتزاج ملي ٿو. ٻاراڻي سطح تي لکيل ڪھاڻيون ٻار ٿي ڪري لکيون اٿس، جيڪو ڏاڍو اڻانگو ڪم آھي. ڪيترائي اديب وڏو نالو ڪمائي ٻاراڻي شاعري ۽ ٻاراڻو ادب لکڻ کان لنوائيندا آھن پر اسانجي ادي لٽريچر ۾ خاصي شھرت ماڻي بہ ننڍڙن تي نوازش ڪرڻ نہ وساري آھي۔ ھونئن بہ انسان ھيٺاھين کان ئي مٿاھين حيثيت ماڻي ٿو، يعني ڏاڪڻ جا بنيادي ڏاڪا ئي آھن جيڪي ماڻھوءَ کي مٿاھين جڳھ تي پھچائڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪن ٿا. علمي ادبي خدمتن سبب رھندي دنيا تائين پروين ميمڻ جو نالو تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو. سندس ھي تازو ڪتاب ”شھزادي ماھ نور“ تہ نھايت ئي نرالو ۽ نڪور ٻاراڻين ڪھاڻين سان ٽمٽار ٿيل دلچسپ ۽ وري وري پڙھڻ جھڙو آھي، جن ۾ سبق آموز ۽ نصيحت ڀريا نڪتا بہ آھن. ٻارن کي سڌي دڳ تي گامزن ڪرڻ لاءِ پراثر نظم توڙي نثر سٺو ڪردار ادا ڪن ٿا. ڪھاڻين ڪھاڻين ۾ ڀيڻ ٻارن کي ذھني تفريح مھيا ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪن ۽ شھرن جو بہ سير ڪرايو آھي تہ ڪاميابين جا راز بہ ٻڌايا آھن. جتي تڪبر ۽ ھٺ جهڙن غليظ عادتن کي ننديو آھي اتي وفاداري، خودداري نيڪي۽ ڪاميابي جون روح پرور سمجهاڻيون بہ ڏنيون آھن، يعني دنياوي ڪامرانين سان گڏوگڏ عقبيٰ اجارڻ جا سھڻا ڏس ڏنا آھن. ڏنگين راھن کي ڇڏي سھڻي سيرت اپنائڻ لاءِ اتساھيو آھي. ڀروسي، محنت جي ڦل خير و صدقات جا ڏيڻ جا جذبا بہ اڀاريا آھن. ھي صرف چوڏھن ڪھاڻيون ئي نہ آھن بلڪہ روشنيءَ ۽ رھبريءَ جون چوڏھن راھون بہ آھن. محترمہ ڊاڪٽر پروين ميمڻ صاحبہ بہ گويا سنڌي ٻاراڻي ادب جي ھڪ ”ماھ نور“ آھي. جس ھجي اداري ”چانڊوڪيءَ“ کي جنھن ھي ڪتاب سھڻو ڪري شايع ڪيو آھي. قوي اميد آھي تہ ھي آکاڻين جو ڳٽڪو پڙھي، آئيندي جا ابا ضرور اثرائتا، لاڀائتا، مانائتا سڦلائتا ۽ مُلھائتا مرتبا ماڻيندا.

محمد ياسين ڪنڀر
سلطانپور، پنوعاقل
03003135557

پنھنجي پاران

پيارو ٻارو! مون کي توهان جي لاءِ مضمون ۽ ڪھاڻيون لکڻ تمام گهڻو پسند آهي، گهڻو اڳ ٻالڪ ادب لاءِ هڪ مضمونن جو ڪتاب لکيو هئم پر هاڻي مستقل ڪھاڻيون لکندي پئي اچان ۽ هيستائين هڪ سئو کن ڪھاڻيون لکي چڪي آهيان، جن مان ڪي ڪتاب ڇپائيءَ جي مرحلن ۾ آهن تہ ڪي ڪمپوز ٿي رهيا آهن پر ڪتاب “ٽي تحفا” ۽ “شرارتي جن” ڇپجي توهان ٻارن طرف پسنديدگي جي موٽ ماڻي چڪا آهن.
هن ڪتاب جون ڪھاڻيون جديد بہ آهن، تہ ڪي قديم بہ. گهڻي ڀاڱي هن دور جي تقاضائن موجب تعليم جي موضوع تي آهن. تہ جيئن ٻارڙن کي خبر پئي تہ، ”علم حاصل ڪرڻ جيءَ جو جياپو آهي تہ کين دين ۽ دنيا جي مڪمل آگهي ڏيڻ جو رستو پڻ.“
هنن ڪھاڻين ۾ بي زبان وڻن، پنن ۽ جانورن جي حفاظت ۽ سٺي سلوڪ ڪرڻ جا سبق آهن تہ سھڻيءَ سيرت جون خوبيون پڻ ٻڌايون اٿم. ٻارڙن کي غرور ۽ فخر کان بچاءُ تہ نيڪي ڪرڻ جي ترغيب لاءِ همٿايو اٿم.
ضد ڪرڻ، بيجا طور پنھنجي وڏن کي تنگ ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ”ضد“ جي رويي جي نقصانن کان پڻ آگاھہ ڪيو اٿم.
وفاداري توڪل، خودداري ۽ محنت جي ماڻھوءَ جي حياتيءَ ۾ ڪيتري اهميت آهي؟ اهو منھنجا پڙهندڙ ٻار هن ڪتاب مان ضرور سکندا، خيرات ڏيڻ سان ڪھڙيءَ ريت ڏکئي بکئي جي دُعا سان اوکي ويل ٽري ٿي ۽ رب پاڪ جي رحمت حاصل ٿئي ٿي، ان قسم جا ڪيترائي سٺا اخلاقي سبق هن ڪتاب جي ڪھاڻين جا موضوع آهن. آئون ڪھاڻي يا مضمون لکڻ کان اڳ انھيءَ جي موضوع تي باقائدي سوچ ويچار ڪري پوءِ قلم کي هٿ ۾ کڻندي آهيان، تہ جيئن منھنجا پڙهندڙ نون نون توڻي پراڻن پر ضروري موضوعن کي وقت پٽاندر سمجهي سگهن.
منھنجي خيال ۾ تہ مستقبل جي معمار ننڍن جوانن لاءِ هيءُ ڪتاب مشعلِ راھہ ٿيندو. هو وندر سان گڏ ڪيترائي نصيحتي نڪتا بہ پرائيندا.


ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
اي- 03 ڏيپلائي ٽائون حيدرآباد، سنڌ
رابطي لاءِ: 03332766564

ڪھاڻيون

---

شھزادي ماھہ نور

ٻارو: ڳالھہ ڪندا آهن تہ ڪنھن ملڪ جي بادشاھہ کي ست نياڻيون هيون. جن کي بادشاھہ تمام سٺو کارائيندو، پياريندو ۽ بھترين پوشاڪون پھرائيندو. کين تعليم جي زيور سان پڻ سينگاريو هئائين. سندس ننڍي نياڻي شھزادي ماھہ نور پڙهڻ ۾ هوشيار ۽ خاص طور ديني تعليم ۾ سڀني ڀيڻن کان اڳتي هئي. بادشاھہ فرخ شير بہ کين گهڻو ڀائيندو هو. بادشاھہ ۾ وڏيون خوبيون هيون پر هڪ اهڙي خامي هئي جنھن سندس خوبين کي ڪَسو ڪري ڇڏيو هو. اها خامي هئي فخر ۽ غرور ۽ خود کي مٿانھون ۽ صحيح سمجهڻ. هو سمجهندو هو تہ وٽس جيڪي ڪجهہ آهي انھيءَ ۾ هُن جو پنھنجو وڏو ڪمال آهي. بادشاھہ اڪثر پنھنجي نياڻين کان پڇندو رهندو هو تہ، ”مون توهان کي گهڻو خوش رکيو آهي؟ ڇا اوهين خوش آهيو؟“ سندس مقصد هو تہ شھزاديون ٻين درٻاري ۽ چاپلوسي ماڻھن وانگر سندس واکاڻ ڪن ۽کيس ئي خدا سمجهن.
هڪ ڏينھن پنھنجي سڀني ڌيئرن کي گهرائي سٺي ماني گڏجي کائڻ سان گڏ کانئن ورائي ورائي پڇيائين تہ، ”توهان کي ڪير ٿو کارائي ۽ ڪنھن جو ڏنل ٿيون پايو؟“ سڀني هڪ ئي نموني چيو تہ، ”بادشاھہ سلامت اسين اوهان جو ڏنل کائيندا آهيون ۽ توهان ئي اسان کي سٺيون پوشاڪون پارايو ٿا“. شھزادي ماھہ نور چپ ويٺي هئي، کيس پنھنجي والد جا اهي وڏائيءَ جا گفتا پسند ڪونہ آيا. بادشاھہ ڏانھس منھن ڪندي ساڳيو سوال سختيءَ سان پڇيو تہ، ”تون چپ ڇو آهين؟“ شھزادي ماھہ نور ورندي ڏني تہ، ”قبلا بابا سائين! آئون اللھ جو ڏنل کائيندي آهيان ۽ پنھنجي قسمت جو مليل پائيندي آهيان.“ بادشاھہ فرخ شير کي سندس اهو جواب کارو ۽ اڻ وڻندڙ لڳو کيس هڪدم ڪاوڙ اچي وئي ۽ چيائين،
”جيڪڏهن ائين آهي تہ هڪدم هن محلات مان هلي وڃ، ڏسان تہ تون ڪيئن پنھنجي قسمت سان کائين ٿي ۽ پائين ٿي“.
پنھنجي خادمن کي حڪم ڏنائين تہ، ”هن شھزاديءَ کي وڃي جهنگ ۾ ڇڏي اچو“. هن نٿي چاهيو تہ سندس انھيءَ شھزاديءَ کي ڏسي ٻيون ڀينرون بہ ڪا ان قسم جي ڳالھہ ڪن. هن ريت جا باغياڻہ خيال رکندڙ هيءُ ڇوڪري ٻين ڀيڻن جو بہ مٿو وڃائيندي ان ڪري بھتر آهي تہ گهران ئي ڪڍي ڇڏجيس.
شھزادي ماھہ نور جو اللھ تعاليٰ ۾ مڪمل يقين هو هوءَ اللھ جي رستي تي قائم هئي استاد صاحب کيس پڙهايو هو تہ، ”اللھ تعاليٰ ئي هر شيءِ تي قادر آهي. اُهو جيئارڻ وارو، مارڻ وارو ۽ کارائڻ ۽ پارائڻ وارو آهي ۽ اُن ڌڻيءَ سڳوري جي مرضيءَ کان سواءِ پن بہ چُري نٿو سگهي.“
جڏهن کيس محلات مان ڪڍيو پئي ويو هڪ وار ڏک ضرور ٿيس پر پنھنجي رب تي مڪمل ڀروسو هئس تہ هو هن اوکيءَ ويل ۾ ضرور سندس مدد ڪندو ۽ هيڪلو ڪونہ ڇڏيندو. ان ريت هوءَ جهنگ ۾ اڪيلي هلندي رهي، تان جو اچي شام ٿي، پري کان هڪ جهوپڙي ڏٺائين، کيس اميد قائم ٿي تہ هتي يقينن ڪير انسان هوندو جو سندس مدد ڪري سگهي، ويجهي پھتي تہ ڪنھن جي کنگهہ جو آواز ٻڌائين. اندر وڃي ڏسي تہ هڪ پوڙهو شخص کنگهي رهيو آهي. سندس ويجهو ئي مَٽَ ۽ گلاس پيا هئا پر منجهس پاڻي اوتي پيئڻ جي سگهہ نہ هئي ۽ نہ ئي کنگهہ وچان هو اٿي پئي سگهيو. شھزادي ماھہ نور هڪدم مَٽَ مان پاڻي ڀري گلاس ۾ وجهي کيس پياريو ۽ پوڙهو جڏهن سامت ۾ آيو تڏهن کيس حيرانيءَ سان ڏٺائين ۽ پڇيائين تہ ”اي نينگري تون ڪُمھلي هن جهنگ ۾ اڪيلي ڪيئن پھتي آهين؟“
”ڇا تون پنھنجي وڳر کان وڇڙي وئي آهين؟“ شھزادي ماھہ نور سڄي سربستيءَ ڳالھہ ڪري ٻڌايس سمورو حال احوال وٺي پوڙهي احسان کي سندس پيءُ بادشاھہ فرخ شير تي ڏک ٿيو، کيس تسلي ڏنائين، اهڙيءَ ريت شھزادي ماھہ نور هن پوڙهي بابا احسان جي جهوپڙيءَ ۾ رات ٽڪي پئي، هن وٽ بہ جيڪا ماني پيل هئي، ان مان کيس بہ ٽڪر کارايائين. صبح جو احسان طبيعت ۾ ڪجهہ بھتر هو. هن شھزاديءَ کي چيو تہ، آئون ڪاٺيون ڪٽي شھر ۾ وڪڻي کائڻ لاءِ ماني وٺي ايندو آهيان، تون هتي ڪو بہ فڪر نہ ڪج، اندران دروازو بند ڪري ڇڏج هتي اندر ٻڪري بيٺل آهي، ان جو کير ڏُهي پي ڇڏج.”
احسان جي وڃڻ کانپوءِ شھزاديءَ ان ريت ئي ڪيو. شام جو ٻڪريءَ جو کير ڏُهي اڌ کير پيتائين باقي جو بچيو سو ٻاهر هڪڙي برتن ۾ رکي پاڻ سمھي رهي، صبح جو ڏسي تہ برتن ۾ کير تہ موجود ڪو نہ هو پر ڳاڙهي رنگ جي هڪ سھڻي جرڪندڙ لعل پئي هئي. هوءَ شھزادي هئي کيس هيرن ۽ جواهرن جي سڃاڻپ هئي، کيس اها بہ خبر هئي تہ نانگ جڏهن خوش ٿيندو آهي تڏهن لعل ٻاهر اوڳاڇيندو آهي. ماھہ نور شھزادي سمجهي ويئي تہ سندس رکيل کير جنھن نانگ بُک ۾ پيتو آهي، ان خوشيءَ سان اها لعل کير جي برتن ۾ واتان وڌي آهي.
ماھہ نور کي تمام گهڻي سڪون ۽ خوشيءَ جو احساس ٿيو هن ٻئي ڏينھن بہ اڌ کير پي باقي کير برتن ۾ ٻاهر ڇڏي ڏنو ۽ نانگ ان رات اهو کير پي لعل کي انھيءَ برتن ۾ سندس لاءِ ڄڻ شڪراني طور تحفي ۾ ڏئي ويو. اهو سلسلو ست ڏينھن هليو. ماھہ نور وٽ ست لعلون گڏ ٿي ويون. پوڙهو احسان شھر پھچندي ڪنھن اهڙي مسئلي ۾ ڦاسي پيو جو واپس وري نہ سگهيو، کيس ماھہ نور جي ڏاڍي اون ٿي رهي هئي پر ڇا ڪري جو هن جي مجبوري بہ ڳري هئي ۽ اللھ در يقين هئس تہ ماھہ نور بھادر ۽ سمجهدار آهي، ان ڪري محفوظ هوندي. ستين ڏينھن جيئن ئي شھر مان جهنگ ڏي وري تڪڙو تڪڙو جهوپڙيءَ تائين پھتو تہ سندس خوشيءَ جي حد ئي ڪو نہ رهي، هن شھزاديءَ کي خوش باش ڏٺو. شھزاديءَ سڄو وهيو واپريو ٻڌايس. حيران بہ ٿيو، کيس ڪا بہ خبر ڪو نہ هئي تہ انھن لعلن جي ڪيتري قيمت آهي ۽ انھن جو هاڻي ڇا ڪبو؟ شھزاديءَ چيس تہ ”بابا! اهي کڻي شھر ۾ ڪنھن وڏي سوناري وٽ وڃ ننڍي دڪان تي نہ وڃج هي هيرا جواهر آهن. انھن جو ملھہ قابل ماڻھو ڪٿيندو. اهي وڪڻندين تہ ڍڳ پئسن جا ملندا، گڏ ڪي مزور ۽ مستري ۽ گهر ٺاهڻ جو سامان وٺي اچ تہ پاڻ پڪو محلات اڏي رهون.”
بابي احسان هائوڪار ڪئي ٻئي ڏينھن تي لعلون کڻي شھر ۾ وڃي وڪرو ڪيائين جنھن مان تمام گهڻا پئسا مليا، جيڪي هن تہ ڪڏهن ڏٺا بہ ڪو نہ هئا پر هو پاڻ وڏو ايماندار ۽ نيڪ نيت شخص هو. ماھہ نور کي دعائون ڏيندي کيس پنھنجي لاءِ رب طرفان رحمت سمجهيائين. مزورن سان گڏ کائڻ پيئڻ جو سيڌو سامان پڻ وٺي آيو. اهڙيءَ ريت ٿوري ئي وقت ۾ عاليشان محلات جڙي راس ٿيو.
پوءِ بہ وٽن ڪيترائي پيسا بچي ويا. ماھہ نور ٻيھر شھزادين جيان رهڻ لڳي، ڪيترائي نوڪر چاڪر ۽ خادمائون رکڻ سان گڏ خيرخيراتون ڪيائون. سندس والد بادشاھہ فرخ شير جو ملڪ ويجهو ئي هو انھيءَ تائين جڏهن ماھہ نور جي دولت جا چرچا پھتا تہ هو ساڻس ملڻ لاءِ مشتاق ٿيڻ لڳو ۽ کيس نياپو ڪيائين تہ منھنجون شھزاديون توهان سان ملڻ چاهين ٿيون.
شھزاديءَ جي محل جي چوگرد پڻ وڏو ڳوٺ ٻڌجي سٺي رونق ٿي وئي. شھزاديءَ پنھنجي والد بادشاھہ فرخ ۽ ڇهن شھزادين کي دعوت ڏيئي گهر گهرايو. سندن اڳيان وڻندڙ طعام رکرائيندي رهي ۽ پاڻ هر طعام تي ان جي رنگ جھڙو جوڙو ۽ زيور پائي ساڻن ملاقات ۾ اچي ويهندي هئي پر پنھنجي منھن کي ڍڪي رکيائين. بادشاھہ کيس پنھنجي ڌيءَ ڪوٺي منھن کولڻ جو جڏهن چوي ٿو تڏهن هوءَ ٿوري دير لاءِ اندر محلات ۾ وڃي شاهي ڪپڙا بدلائي اهو ساڳيو وڳو پائيندي آهي جنھن ۾ سندس والد کيس گهران تڙي ڪڍيو هو. بادشاھہ ۽ شھزاديون کيس پراڻي روپ ۾ هڪدم سڃاڻي ٿا وٺن کين اها خبر نہ هوندي آهي تہ هيءُ ئي هن محلات جي مالڪياڻي شھزادي ماھہ نور آهي، سندن نظر ۾ تہ هيءَ شھزادي ماھہ نور جي خادمہ آهي. بادشاھہ کانئس معافي وٺندي چيو ”منھنجي ڌيءَ! آئون تنھنجي مالڪياڻي شھزاديءَ کي منھنجي سڄي ملڪيت ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. تہ جيئن هو توکي اجازت ڏئي ۽ تون هاڻي اسان سان واپس هل. ڇو جو توکي گهران جهنگ موڪلڻ کانپوءِ آئون هڪ رات بہ سمھي ڪو نہ سگهيو آهيان منھنجي ضمير مون تي ڏاڍي ملامت ڪئي آهي، مون فرعونيت ڪري تو نياڻيءَ کي گهران ڪڍي ڇڏيو“.
شھزاديءَ مشڪي چيو تہ، ”بابا سائين! آئون ئي ماھہ نور شھزادي آهيان مون کي رب پاڪ نانگ جي کير پيئارڻ جي نيڪيءَ جي صدقي جيڪي لعلون عطا ڪيون، انھن مان آئون هي نوازجي ويئي آهيان. اڃا بہ مون وٽ چار لعلون آهن، جيڪي مون ڪنڌ ۾ مالھا طور پائي ڇڏيون آهن“ اها مالھا بادشاھہ کي ڏيکاريائين ڳاڙهين لعلن جي تجليءَ سان تہ بادشاھہ جون اکيون ئي پٽجي ويون، هو ٻيھر رب جي انھيءَ نوازش تي حيران پريشان ٿي پنھنجي ننڍيءَ شھزاديءَ ماھہ نور کان معافي گهرڻ لڳو.
”تنھنجي ڳالھہ سورنھن آنا سچ هئي شھزادي، بيشڪ اڄ ثابت ٿي ويو تہ هر هڪ انسان پنھنجي نصيب ۽ بخت سان ٿو کائي ۽ پيئي اهو سڀ ڌڻيءَ سڳوري جي وَس آهي، ڪنھن بہ انسان کي ڪا بہ طاقت ناهي.“

غرور جو انجام

اڄ گهر ۾ ڊاڪٽر چاچا کي اچڻو هو جو پري کان پئي آيو گهر جي سڄي صفائي سھڻائيءَ سان ڪرڻ کانپوءِ امينا بورچيخاني ۾ اچي دعوت لاءِ نڪتل نفيس ٿانوَ احتياط سان ڌوئڻ لڳي هوءَ پنھنجي ڪم ۾ ايتري تہ مگن هئي جو کيس خبر ئي ڪو نہ پئي تہ چاچي صالحہ، دروازي تي بيٺي آهي، کيس آهستي آهستي ڪم ڪندو ڏسي رڙ ڪيائين تہ، ”جلدي ڪر اڃا ميز بہ سجائڻي آهي ۽ ٻيو بہ ڪم پيو آهي!!“ امينا جلدي جلدي هٿن کي هلائڻ لڳي صابڻ جي گجيءَ جي ڪري سندس هٿن مان هڪ خوبصورت شيشي جو جڳ تڪڙ جي ڪري ڪِري ٽٽي پيو. چاچي صالحہ کي تہ موقعو گهرجيو ٿي هن نفرت سان ڏانھس نھاريندي غصي ۾ کيس ٿڦڙ هڻي ڪڍي“ صفا ڪا سست ۽ ٽوٽي ڇوڪري آهين، توکي تميز ڪونھي تہ نفيس شيشي جا برتن ڪھڙيءَ ريت صاف ڪبا آهن. اهو فقط تنھنجي بي ڌيانيءَ جي ڪري ٿيو آهي، جاهل ڇوڪري. ان ريت هوءَ ڪاوڙ ڪندي اڳتي وڌي وئي، اهو بہ ڪونہ ڏٺائين تہ امينا جي هٿ مان جڳ جا شيشا ميڙيندي رت نڪري رهيو هو. امينا پنھنجي رئي مان لير ڦاڙي آڱر کي ڏاڍو ٻڌي رت کي بہ بند ڪيو پر سندس اکين مان ڳوڙهن جي برسات نہ بيھي. هوءَ سوچڻ لڳي تہ قدرت ڪيترو نہ فرق ڪيو، هڪ ئي گهر جي ڀاتين جي نصيب ٺاهڻ ۾ نماشام ٿيڻ واري هئي، دعوت جو وقت ويجهو اچي رهيو هو. امينا جي لڙڪن جي لارن وچان ننڍي لاڪون جون ساروڻيون ڪنھن فلم وانگر اکين جي پردي تي هلڻ لڳيون. کيس ياد اچڻ لڳو تہ جڏهن سندس پيءُ حيات هو تڏهن ساڳيو چاچو ۽ چاچي کين جي ڀائيندا ڪونہ هئا تہ بہ کانئن نفرت ڪونہ ڪندا هئا. کين بوجهہ ڪونہ سمجهندا هئا.
سندس پيءُ هڪ معمولي ٽائپيسٽ ڪلرڪ هو جڏهن تہ چاچو انجنيئر فرقان بنگلي ۾ رهندو هو ۽ هي سڀ هڪ سرڪاري ڪواٽر ۾ رهندا هئا تہ بہ پنھنجو وقت عزت سان ڪٽي ڪنھن جي اڳيان هٿ ڪونہ ٽنگيائون. بس رب جي قدرت هئي هڪ ئي ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ جو اولاد پر بخت هر ڪنھن جو الڳ الڳ هو. سندس سوٽ عليزہ بہ ساڻس بدتميزيءَ سان پيش ايندي هئي جڏهن بہ هن پنھنجي ماءُ سان ڳالھہ ڪئي تہ اها صبر جي هدايت ڪندي ٿڌو ساھہ ڀري چوندي هئي تہ “پٽ اهو سڄو قدرت جو حساب ڪتاب آهي. هو جنھن کي چاهي نوازي ڪنھن کي جَرَ ٿو ڏي جال تہ ڪنھن کي سُتيءَ لاءِ بہ سِڪائي ٿو، پاڻھي رب رحم ڪندو“ پيءُ جي اوچتي ايڪسيڊنٽ ۾ وفات کانپوءِ تہ کيس ڄڻ خود بہ خود صبر اچي ويو. هوءَ بيمار ماءُ سان ڪا بہ ڳالھہ ڪا نہ ڪندي هئي تہ جيئن هوءَ وڌيڪ بيمار نہ ٿئي. پيءُ جي پينشن مان رُکي سکي کائي گذران ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن چاچو فرقان کين ڪجهہ پئسا ڏيندو هو. جڏهن سندس گهر ۾ ڪا دعوت يا ڪو ڪم هوندو هو تہ پوءِ امينا کي مدد لاءِ گهرائي ڪجهہ پئسا خرچيءَ جا ۽ ماني ٽڪي ڏئي روانو ڪندا هئا. بنا پگهار جي هوءَ سندن ڪم ماءُ جي چوڻ تي وڃي ڪري ايندي هئي. فقط انھيءَ لاءِ تہ چاچو تہ وري بہ پنھنجو آهي. ماري بہ ڇانوَ ۾ وجهندو.
ڊاڪٽر چاچا جيترو امينا کي ڀائيندو هو اوترو ئي عليزہ کي پيار ڪندو هو، جڏهن سندن گهر آيو، تڏهن امينا جو نوڪرن جيان ڪم ڪرڻ کيس پسند ڪونہ آيو. ويتر جو صالحہ ۽ عليزہ جو ساڻس تڪبر وارو ورتاءُ ڏٺائين تہ دل کي جهٻو آيس. هفتي کانپوءِ عليزہ پنھنجي ڪمري جي فرنيچر جي سيٽنگ بدلائڻ مھل امينا کي مدد لاءِ گهرايو هن عادت کان مجبور ٿي تڏهن بہ امينا کي سخت دڙڪا ڏنا ۽ کيس منحوس ۽ بي سمجهہ چيو، چاچا ڊاڪٽر هفتي لاءِ ئي آيل هو، هن دريءَ وٽان لنگهندي عليزہ جون رڙيون ٻڌيون، سندس نامناسب رويي تي سخت ڪاوڙ آيس، سوچيائين تہ امينا تہ فقط 12 سالن جي آهي. عليزہ ڪاليج جي شاگردياڻي تہ بہ کيس فضيلت ڪونھي جو ننڍيءَ سان پيار ۽ شفقت سان پيش اچي هن دل ۾ فيصلو ڪيو تہ ڇا بہ ٿي وڃي. پنھنجي وڏي ۽ غريب ڀاءُ جي ٻارن کي هتان ڪوٺي پاڻ سان گڏ اسلام آباد ۾ رهايان ۽ پڙهايان، اهو خيال ڪري ٻئي ڏينھن ڀاءُ فرقان کي ٻڌايائين فرقان تہ دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو، تہ هُو امينا سندس ماءُ ۽ ٻن ڀائرن جو بوجهہ کڻڻ کان بچي ويو، اهو ڪونہ سوچيائين تہ يتيمن ۽ بيواهن جي مدد جو رب پاڪ واعدو ڪيو آهي، ان ريت ڊاڪٽر چاچا (اويس کي سڀ ڊاڪٽر چاچا چوندا هئا) ٽن ٻارن ۽ هڪ بيمار ڀاڄائيءَ کي اسلام آباد وٺي آيو.
عليزہ ڪاليج مان واپسيءَ ۾ اچي ماءُ کي ٻڌايو تہ سڄي ڪاليج مان اسان جي ڪلاس کي ٽن ٽيچرز سان گڏ ڪوھہ مري گهمائڻ وٺي پيا وڃن، مون کي اجازت ڏيو، آئون ضرور وينديس. ماءُ کي خبر هئي تہ هوءَ جيڪي چاهيندي اهو ڪم لاڏءِ زوريءَ سان مڃائي ضرور ڪندي. سو بنا بحث جي کيس موڪل ڏنائين پر ايترو سو ضرور چيائين، ”مٿي جبلن تي نہ چڙهجو“ ۽ سندس ٽيچر کي بہ فون ڪري خاص عرض ڪيائين تہ، هن کي ننڍپڻ کان جبلن تي چڙهڻ جو شوق آهي پر ذاتي طور مون کي خوف ٿيندو آهي. توهان کيس منع ڪجو.“
ڪوھہ مري پھچي عليزہ ڏاڍي خوش ٿي، پنھنجي پراڻي خواهش جي لاءِ دل ۾ سوچيندي رهي هڪ دفعي سڀني ٽيچرز ۽ ساهيڙين کي آئيس ڪريم جي دڪان تي مشغول ڏسي اک بچائي پاڻ پاسي ۾ جبل تي چڙهڻ لاءِ هلي وئي تہ جيئن مٿان کان ڪوھہ مريءَ جو نظارو ڏسان اڌ ڪلاڪ چڙهڻ کانپوءِ هوءَ چڱي مٿي چڙهي وئي هئي. شوق ٿيس تہ، پويان مڙي ڏسان، هيٺ جو نظر ڪيائين تہ دهلجي وئي. سوچيائين هاڻي واپس ٿيان سڀ ڳوليندا هوندا، جيئن پويان مڙي واپسيءَ جو پير کنيائين اهو صحيح جڳھہ تي نہ بيھڻ سبب هوءَ ڦيريون پائيندي اچي بلڪل تَري ۾ ڪري. سندس رڙين سان چئوطرف جو وايومنڊل گونجي اٿيو. سڀ حيران ۽پريشان ٿي ويا.
اسپتال ۾ داخل عليزہ جي مٿي مان گهڻو رت وهڻ ڪري دماغ جي آپريشن ٿي پر ڊاڪٽر مايوس هئا جو هوءَ سوچي سمجهي هلي ڦري سگهي ٿي پر ڳالھائڻ جي قوت کان محروم ٿي وئي. روئي روئي بي حال ٿي وئي. پنھنجي ماءُ کي چيائين تہ ڪاپي پين آڻي ڏي. روئندي روئيندي ان مٿي لکيائين تہ “مون کي امينا گهرائي ڏيو” ٻئي ڏينھن چاچو ڊاڪٽر امينا کي وٺي اچي ويو. هوءَ صحتمند ۽ خوشحال ٿي رهي هئي عليزہ کانئس روئي معافيون گهريون ۽ دُعا لاءِ چيو پنھنجي غرور ۽ فخر جو ڏک ڪندي رهي. چاچا ڊاڪٽر کين تسلي ڏني تہ، ”منھنجو هڪ گهاٽو دوست آمريڪا ۾ دماغ جو وڏو ڊاڪٽر آهي، آئون کيس سڄيون رپورٽون موڪليان ٿو. انشاءَاللھ سڻائي ٿيندي، فڪر نہ ڪريو، سڀ گڏجي دُعا ڪنداسين اسين پنھنجي عليزہ کي هن تڪليف مان ڪڍڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين“. فرقان صاحب ۽ چاچي صالحہ بہ تمام گهڻو روئي کين دُعا ۽ مدد لاءِ منٿون ڪرڻ لڳا. آئيندہ جي اميد تي هنن پاڻ ۾ موڪلايو. پيارا ٻارو ڪبريائي اللھ جي ذات کي ٿي جڳائي، ڪڏهن بہ تڪبر نہ ڪجو ڇو تہ فخر ۽ غرور هميشہ ماڻھوءَ کي هيٺانھين ڏي وٺي ويندا آهن.

دوستي

ٻارو! اسان جي پياريءَ سنڌ جي قديم شھر ٺٽي جو ڪنھن وقت ۾ وڏو اوج هو، هن تاريخي شھر ڪيترن ئي حڪمرانن جا اوج ۽ زوال ڏٺا، هتي جا مغل نواب عيد جي ڏينھن ۾ ٺٽي جي شاهي بازار مان پنھنجي پاليل هاٿين تي پالڪين ۾ چڙهي شھر جو سير ڪندا هئا، مٿن روپين، سڪن ۽ سون جي گِنين برسات ڪئي ويندي هئي. جا خيرات شھر جا غريب غربا چونڊي کڻندا هئا. وقت گذرڻ سان آخرڪار اهي نوابن جون حڪومتون ختم ٿينديون ويون پر اڃا بہ ڪي شوقين هئا جي سٺن گهوڙن ۽ ٽانگن تي چڙهي موقعي مھل، عيد براد تي شھر جا نظارا ماڻيندا هئا. اهڙن شوقينن ۾ هڪ رئيس عبدالغفار پڻ هو. هن هڪ هاٿي پاليو. سندس بنگلو وڏي ايراضيءَ تي هو جنھن ڪري هن باغ جو هڪ حصو ۽ دالان هاٿيءَ جي سار سنڀال لاءِ رکيو. گڏ ان جي خدمت لاءِ هڪ خاص خادم پڻ رکيائين جو ان کي خوب سٺي نموني سنڀاليندو هو. رئيس غفار اڪثر جمعي نماز کانپوءِ يا ڪنھن دعوت يا محفل ۾ وڃڻ وقت هاٿيءَ تي سواري ڪندو هو. سندس لاءِ هاٿيءَ تي جهولڻي ڇٽي بہ وجهي ويندي هئي تہ جيئن اُس کان بچاءُ ٿيئي. هو هاٿيءَ جي پٺيءَ تي رکيل پالڪيءَ جي سيٽ تي سٺي نموني ويھي فخر سان ٻين ڏي ڏسندو هو ۽ هاٿيءَ کي ان ريت سڄي شھر جو چڪر لڳرايو ويندو هو. تہ جيئن سڀ ماڻھو اهو ڏسن تہ رئيس عبدالغفار جي سواري اچي رهي آهي. هاٿي کارائڻ ۽سنڀالڻ ڪا معمولي ڳالھہ ڪانھي. اها شاهي سواري وڏي خرچ خوراڪ ۽ خادم جي خدمت جي ذريعي ئي قائم رهي سگهي ٿي ۽ ان ريت رئيس جي دولت جو پڻ ٻين تي رعب پوڻ لازم هو. هاٿي شھر جا ڦيرا لڳائي اُتي جي ماڻھن سان ايترو تہ مايوس ٿي ويو جو خادم کي ذرو بہ خوف ڪو نہ ٿيندو هو تہ ڪو هاٿي ڪيڏيءَ مھل شھر مان نڪري ڪنھن جهنگ ڏي هليو ويندو، انھيءَ ڪري هو سندس لاءِ بي فڪر ٿي ويو، انھيءَ شھر ۾ هڪ ڌوٻيءَ جو دڪان شھر جي وچ ۾ هو، گرمين جا ڏينھن هئا، هن دفعي سانوڻيءَ جو وسڪارو تمام سٺو ٿيو، ايترو تہ مينھن پيو، جو هفتو کن شھر مان پاڻي ئي نہ سُڪي، ڌوٻي پريشان ٿي ويو مند تہ برابر مينھن جي آهي، ان ۾ ڪپڙا ڌوئڻ ۽ استري ڪري مالڪن کي پھچائڻ ڏکيا آهن پر آخرڪار کيس گهر جو گاڏو تہ هلائڻو هو. هو روز صبح سوير ڪپڙن جي ڳنڍ کڻي ڌوٻي گهاٽ تي ويندو هو منجهند تائين ڪپڙا ڌوئي شام کان اڳ انھن کي استري ڪري سانجهيءَ وقت ڌوتل استري ٿيل ڪپڙن کي پنھنجي گراهڪن جي گهرن ۾ پھچائيندو هو. اها سندس روز جي ڪرت هئي، ساڻس سندس زال ۽ پٽ بہ مدد ڪرائيندا هئا. پٽ اسڪول ۾ بہ پڙهڻ ويندو هو تہ زال کي گهرجي ڪم ڪار مان گهڻو وقت ملي ڪو نہ ٿي سگهيو. ان ڪري شرف الدين ڌوٻي گهڻي ڀاڱي سڄو ڪم پاڻ ئي ڪندو هو. وٽس ڪو گڏھہ يا ڪو گاڏو وغيره ڪو نہ هو، جنھن تي اهي ڪپڙن جون ڳنڍيون ڍوئي کڻي وڃي. هو شام جو ڪم ڪري صفا ماندو ٿي گهر پھچي مالڪن کان مليل پئسا پنھنجي زال کي خرچ لاءِ ڏيئي ماني ٽڪر کائي سمھي رهندو هو. برسات جي ڏينھن کان مھينو کن اڳ هڪ ڏينھن اهو هاٿي سندس ڌوٻي گهاٽ وٽان اچي لنگهيو ۽ پنھنجي سونڊ کي مٿي کڻي کيس ڄڻ سلام ڪيائين ڌوٻيءَ وٽ ان ڏينھن اتفاق سان هڪ گدرو پيل هو. هن اهو گدرو ڪڍي هاٿيءَ کي ڏنو، هڪڙي گدري مان هاٿيءَ کي ڇا ٿيئي؟ پر هاٿي ان وقت بکايل هو هن اهو گدرو شوق سان کاڌو ۽ خوش خوش پنھنجي سونڊ کي گهمائيندو کانئس روانو ٿيو.
هاٿي ٻئي ڏينھن وري آيو وٽس ڊبل روٽي هئي، اها کيس کارايائين پوءِ تہ اها روز جي ڳالھہ ٿي وئي، هاٿي جڏهن بہ ايندو هو، شرف الدين ڌوٻي گهران آندل مانيءَ مان لاڪاس ڪجهہ نہ ڪجهہ رکي ڇڏيندو هو، هڪ دفعي هن مِٺي ماني گهران ٺاهرائي جنھن جا وڏا ٽڪر کيس کارايائين اها ڳالھہ بہ ڪونہ هئي تہ هاٿيءَ کي پنھنجي مالڪ ۽ خادم جي معرفت کاڌو ڪو نہ پئي مليو. هن لاءِ تہ رئيس عبدالغفار مٺائيءَ جا ٽوڪرا، ڪمند جا مڻ، چاري ڀريل ڪونڊا رکائيندو هو پر ڌوٻيءَ جي ڏنل ٿوري کاڌي ۾ هاٿي کي محبت جي مٺاس ۽ دوستيءَ جو خلوص ڏسڻ ۾ ايندو هو. هاڻي هاٿيءَ کي ڏسڻ کانسواءِ نہ ڌوٻيءَ کي مزو ايندو هو ۽ نہ ئي هاٿي کي. جڏهن برسات وڏي تباهي مچائي ڇڏي، تڏهن انھن ڏينھن ۾ شرف الدين وٽ تمام گهڻا ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ گڏ ٿي ويا هئا نہ سٺي اُس نڪري ۽ نہ ئي روڊن رستن تان ڪچرو ۽ ترڪڻ گهٽجي کيس گراهڪن جا نياپا اچڻ لڳا تہ ڪپڙا جلدي ڌوئي پھچائي ٻئي پاسي گهر ۾ بہ جيڪي چار پئسا هئا اهي بہ ختم ٿي ويا. جوڻس بہ موسم جي خرابيءَ جي ڪري ڪافي بيمار ٿي، کيس پئسي جي گهڻي گهرج هئي اهو ارادو ڪري ڳنڍيون ڪپڙن جون پٺيءَ تي رکي آهستي آهستي پنھنجي گهر جي گهٽيءَ مان ڌوٻي گهاٽ ڏي هلڻ لڳو.
پري کان پنھنجي پياري دوست هاٿيءَ کي ايندي ڏٺائين هو دل ۾ ڦِڪو ٿيڻ لڳو تہ اڄ تہ وٽس ڪا بہ کاڌي جي شيءِ ئي ڪانھي جو هو هن کي کائڻ لاءِ ڏي. هاٿيءَ کي اندازو ٿي ويو تہ اڄ ڌوٻي پريشان آهي، رستو خراب آهي، کيس ندي پار ڪري وڃڻو پوندو برسات جي ڪري نديءَ ۾ پاڻيءَ جو چاڙھہ ايترو آهي جو ماڻھو ٻڏي بہ سگهي ٿو. مطلب اهڙي خطري جو سوچي هاٿي سندس ويجهو اچي سونڊ سان سلام ڪري گوڏا ٽيڪي هيٺ ويھي رهيو، ڄڻ چوندو هجي تہ شرفو اڄ منھنجي پٺيءَ تي سوار ٿي ۽ ڪپڙن جي ڳنڍ بہ انھيءَ مٿي رک ڌوٻيءَ جي اکين ۾ پاڻي تري آيو. هُن جنھن کي فقط هڪ بي زبان جانور سمجهيو اهو ڪيترو نہ دل جو حساس ۽ مھربان نڪتو. هُن ساڻس ڪيل نيڪي ڪيئن نہ ياد رکي؟، خوش ٿي هو بہ ٽپ ڏيئي سندس پٺيءَ تي ويھي رهيو ۽ ڌوٻي گهاٽ تي پھچي ڪپڙا ڌوئڻ لڳو. بلڪل جڏهن شام ٿي تڏهن کيس وڌيڪ عجب ٿيو تہ هاٿي ٻيھر بہ موجود هو. ڌوٻيءَ جي ڌوتل ڪپڙن سان هاٿي جي پٺيءَ تي واپسي بہ سھڻي نموني سان ٿي. اڄ مالڪن کيس پئسا بہ هڪدم ڏنا سندس گهر ۾ ٻن ڏينھن کانپوءِ چُلھہ ٻري، هو ڏاڍو خوش ٿيو. جيستائين نديءَ ۾ چاڙھہ رهيو ۽ برسات ۽ ٻوڏ جو اثر ختم ڪونہ ٿيو. هاٿي روز کيس ڌوٻي گهاٽ تي وٺي ويندو هو ۽ اڪثر واپس بہ وٺي ايندو هو نہ تہ ڪڏهن ڪڏهن هو ٻيڙيءَ ۾ پڻ اچي ويندو هو. هاٿيءَ جي مھربانيءَ سان شرفو بک مرڻ کان ۽ بيڪار رهڻ کان بچي ويو. هاٿيءَ ۽ ڌوٻيءَ جي مثالي دوستي سڄي شھر ۾ مشھور ٿي وئي. رئيس عبدالغفار بہ پنھنجي هاٿيءَ جي انھيءَ چڱي ڪم تي خوش ٿيو. ڌوٻيءَ جي ڪيل نيڪي ضايع نہ ٿي کيس پنھنجي انھيءَ چڱي عمل (هاٿيءَ کي کاڌو کارائڻ) جو صلو مليو.

خودداري

ٽنھي ٻارن اهو ڪڏهن بہ محسوس ڪونہ ڪيو تہ ڪو هو غريب آهن ۽ سندن خاندان کانئن حيثيت ۾ وڌيڪ آهي. عمير ڪجهہ ڪپڙن لٽن ۽ رانديڪن جو شوقين هو باقي سميرا ۽ عذير تہ بلڪل پنھنجيءَ ماءُ راشدہ تي ويا هئا ڄڻ سندس بلڪل ڪاپي هئا. صابرين، محنتي ۽ همٿ ڀريا، ڪڏهن بہ ڪنھن سان حسد ۽ ساڙ ڪو نہ رکيائون نہ ئي ڪنھن جي پئسي جي پرواھہ ڪيائون. راشدہ هر وقت رب جو شڪرانو ادا ڪندڙ هڪ نيڪ دل عورت هئي. سندس گهر وارو عبدالحيڪم پڻ هڪ خوددار محنتي ۽ هن ڏوکي شخص رهيو. ننڍي لاڪون پنھنجي ماءُ پيءُ جي خدمت ڪيائين گهر ۾ ڪمائي گهٽ ڏسي پڙهڻ ۾ هوشيار هوندي بہ اڳيان پڙهڻ جو ضد نہ ڪندي، هڪ ڪلارڪ جي حيثيت ۾ پنھنجي ڀائرن ڀينرن کي پڙهائي اوج تي آندائين. گهڻي ڪم ۽ پارٽ ٽائيم نوڪريءَ سندس صحت تي خراب اثر وڌو ويتر ماءُ ۽ پيءُ جي وفات کانپوءِ هو ملول بہ رهڻ لڳو. راشدہ بہ پاڙي جي اسڪول ۾ نوڪري شروع ڪئي تہ جيئن هو سڀ وڌيڪ ڪمائي ۽ بچائي ٻين خاندان وارن جي سريکت ٿين ان ريت سڪون ۽ اطمينان سان سندن پنھنجو گهر بہ ٺهي ويو. عبدالحڪيم کي هڪ دفعي رات جو دل ۾ اوچتو سور پيو، راشدہ ۽ وڏي پٽ عذير اسپتال جلدي پھچڻ جي جام ڪوشش ڪئي پر ڪو اهڙو جان نيئندڙ دل جو سور هو جو هو جانبر ٿي نہ سگهيو ۽ اسپتال پھچندي ئي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين.
راشدہ تي ڄڻ ڏکن جو جبل ڪري پيو. هڪ رنَ زال ٻيو ٽي ٻار، سفيد پوشيءِ جو ڀرم ڪيئن رکجي؟ ڪمائيءَ جو تہ ڪو سھارو ئي ڪونہ بچيو. کيس زماني جي ننڍ وڏائيءَ جو اندازو ضرور هو ڪجهہ موڙي بچائي ان خيال کان رکي هئائين، تہ وقت وڏو ظالم آهي. ڪا خبر نٿي پوي. ”ماڻھو ڪڏهن ڀريءَ ۾ آهي تہ ڪڏهن ڀاڪر ۾ وقت تي پنھنجو ئي پئسو ڪم ايندو آهي.
خبر هئس تہ اڪيلائيءَ جو هيءُ رِڻ معصوم ٻارن سان گڏ کيس ئي جهاڳڻو آهي. ٿورا ڏينھن وياڪل رهندي نيٺ دل ٻڌي فيصلو ڪيائين تہ پاڙي جي ڀيڻ اسماءُ سان مشورو ڪيان، هنن بچايل پئسن کي ڪجهہ ان ريت استعمال ڪريان جو مناسب آمدني هر مھيني پابنديءَ سان پئي اچي، اهو سوچي سندس گهر ويئي، هن سٺو آڌر ڀاءُ ڪندي تسلي ڏنس تہ ڀاڻس جو فرنيچر جو دڪان آهي اُتي اها موڙي لڳايون ٿا. انشاءَ اللھ سٺو اُپراسو ٿيندو. ان ريت راشدہ پنھنجي بچت ڪيل پئسي ۽ عبدالحڪيم جي مليل جي پي فنڊ جي پئسن کي اسماءَ جي ڀاءُ عبداللھ جي دڪان ”لاثاني فرنيچر“ ۾ لڳايو. کيس معقول آمدني ملڻ لڳي، پاڻ بہ نوڪري ڪندي آئي. پرائيويٽ اسڪول هئڻ جي ڪري سندس پگهار ٿورو هو پر وري بہ ڪجهہ نہ ڪجهہ مدد ٿي پئي وئي.
راشدہ جا ٻہ ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ پڻ هئا، جن کيس رسمي مدد جي آڇ ڪئي پر هن خودداريءَ سان کين منع ڪئي ۽ پنھنجي سڄي ڳالھہ ڪري ٻڌائي هاڻي تہ هو بي فڪر ٿي ويا. سندس ڀاڄاين بہ سک جو ساھہ کنيو تہ اسان کي ڪجهہ ڏيڻو ڪو نہ پيو.
وقت واريءَ جيان هٿن مان وهندو هلندو ويو. ٻن سالن اندر ڪووِڊ جي وبا منھن ڪڍيو، ملڪن جا ملڪ معاشي بدحاليءَ جو شڪار ٿي، ڪاروبار ٺپ ٿي ويا. ماڻھن جون حياتيون اچي ارزان ٿيون. هر پاسي ڪووِڊ جا ڪوڪرا هئا. پاڪستان ۾ بہ ساڳي ڪار ٿي هن عالمي وبا هڻي ماڻھن جا لاھہ پٽي ڇڏيا. اسڪول بہ بند ٿي ويا. پرائيويٽ اسڪولن جي مالڪن هڪ ٻہ مھينا استادن کي پگهارون ڏنيون پوءِ تہ اڌ کان ئي گهٽ تي اچي ويون.
راشدہ ملول رهڻ لڳي، ڳٽن ۾ کڏا پوڻ شروع ٿي ويس. ڏينھون ڏينھن فڪر ۾ پوڻي ٿيندي وئي. تان جو لاثاني فرنيچر واري دڪان جي بہ سڄي ڪمائي بند ٿي وئي فرنيچرن جا آرڊر ئي بند ٿيڻ لڳا. کيس سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ ڇا ڪري؟ ٿورا ڪي پئسا بچيل هئس. انھن مان گهر جو سيڌو وٺڻ لاءِ بازار رواني ٿي پر ڇا مليو؟ پنج ڪلو اٽو، اڌ ڪلو گيھہ ۽ کنڊ ڪلو هڪ هڪ پاء داليون ٿورو گرم مصالحو، گهر پھچي سميرا کي چيائين تہ اهو سودو دٻن ۾ وجهہ، ڌيڻس کيس عجب سان ڏٺو ۽ چيائين تہ، ”امان هي ڇا وٺي آئي آهين؟ هيءُ سودو تہ مشڪل سان هفتو کن هلندو“. راشدہ مٿي تان پگهر اگهندي برقعي جا بٽڻ کوليندي چيس، ”پٽ اهو تہ رک اڳيان اللھ مالڪ آهي.“
عذير اچي چيس تہ امان ماما جو فون آهي ۽ اچي ماءُ کي فون هٿ ۾ ڏنائين. موبائيل پٽ کان وٺندي هوءَ ڀاءُ جي محبت ۾ سڄي پريشاني وساري ساڻس سھڻي نموني ڳالھائڻ لڳي، وڏي ڀاءُ خالد چيس”رمضان شريف شروع ٿيڻ وارو آهي. ڪا پريشاني تہ ڪونھي؟ ٻارن جا ڪپڙا ٺاهرايا آهن؟“ هن اطمينان سان ڀاءُ کي جواب ڏنو، ”ادا ڪا بہ پريشاني ڪونھي ڪپڙا بہ انشاءَ اللھ تيار ٿي ويندا“. ڄڻ بيوه راشدہ، ادي خالد کان وڌيڪ پنھنجو پاڻ کي تسلي ڏني. سامھون سندس ڀاءُ قرب سان چيو ”فڪر نہ ڪج آئون وسيم ھٿان ڪجهہ پئسا موڪليان پيو ۽ تنھنجي ڀاڀيءَ ٻارن جا ڪجهہ استعمال ٿيل ڪپڙا بہ شاپر ۾ رکيا آهن اهي ٻارن جي لاءِ آهن“. هن کيس گهڻو ئي چيو تہ ڪجهہ نہ ڪجهہ ٿي ويندو توهين تڪليف نہ ڪريو پر ڀاڻس زور ڀريس هوءَ چپ ٿي وئي، افسوس سان موبائيل ڏي ڏسڻ لڳي، معصوم ٻار خوش ٿي ويا تہ مامي ڪپڙا ۽ عيديءَ جا پئسا موڪليا آهن. انھن کي خوش ڏسي سندس سرير جو سور جهڪو ٿيڻ لڳو، ابي امان جي اڱڻ تان ادا جي سار لھڻ تي سامت جو ساھہ کنيائين.
ڪووِڊ جي ڪري ٿيل لاڪ ڊائون راشدہ جهڙن ڪيترن وچولي ۽ غريب پر سفيد پوش خاندانن جي چيلھہ چٻي ڪري ڇڏي هئي. مٿان مھانگائيءَ جي هن طوفان کي منھن ڏيڻ اڪيلي سرندس لاءِ ڏاڍو ڏکيو هو. ننڍڙن ٻارن جي خواهشن ۽ مالي تنگدستيءَ جي ڪري راشدہ اها مدد وٺڻ تي مجبور ٿي نہ تہ سندس غيرت ۽ خودداريءَ وچان هوءَ اهڙو قدم ڪَرَ ڪڏهن بہ ڪونہ ڀري ها. دل کي تسلي ڏنائين تہ آخر رت جا رشتا آهن. کين مون سان محبت آهي تڏهن تہ اها مدد ڪري رهيا آهن. اللھ تعاليٰ جڏهن حالتون بھتر ڪندو تڏهن انشاءَ اللھ اهي ٿورا لاهي ڇڏينديس.
ڀاءُ جي گهر افطار پارٽي هئي، ڀيڻ ۽ ٻارن کي گهرايائين تہ اهي افطار بہ ڪن تہ سندس گهر واريءَ جي بہ راشدہ مدد ڪري. کيس چوڻ لڳو تہ، ”مون کي منھنجا ڪپڙا استري ڪري ڏي“ هن خوشدليءَ سان ڪيا. وري کيس چيائين تہ عذير کي چئو منھنجي گاڏيءَ مان سامان کڻي اچي جڏهن تہ سندس پٽ صوفا تي موبائيل ۾ راند ڪرڻ ۾ مشغول هو لحاظ ۾ عذير کي اشارو ڪيائين تہ وڃي ماما جي گاڏيءَ مان سامان کڻي اچي.
ان ريت آهستي آهستي هُن محسوس ڪيو تہ خاندان وارا سندس ٿوري مدد ڪري کانئس ۽ ٻارن کان مختلف موقعن تي ڪم وٺندا هئا. هڪ ڏينھن تہ سندس وڏيءَ ڀيڻ چئي ئي ڏنو.
”ڇا ٿيو؟ جيڪڏهن، راشدہ ۽ سندس ٻار اسان جي ڪنھن موقعي يا مھل تي ڪم ڪن ٿا. آخر اسين بہ تہ سندن مدد ڪندا آهيون، ڀيڻ جا اهي لفظ راشدہ جي دل ۾ تير جيان چُڀي ويا. اهو ئي وقت هو جو هُن انھيءَ نالي ماتر رشتيداريءَ جي طعنن کان بچڻ لاءِ خودداريءَ“ سان ٻيھر جيئڻ جو فيصلو ڪيو. هن سوچيو ”ڇا ٿيو! جي عالمي وبا جي ڪري مون تي ٿورو ڏکيو وقت آيو آهي. انھيءَ جو حل بہ مون کي خود ئي ڪڍڻو پوندو. آخر ٻين جي احسانن جي وزن هيٺ سڄي زندگي ڪيئن گذارينديس؟ هن پنھنجي پاڙيسرياڻي اسماءَ ۽ سندس هڪ ٻئي ساهيڙيءَ کي ملائي پنھنجي گهرجي ڇت تي ڇڄا لڳائي “سلائي سينٽر” کوليو هڪ مشين سندس ڏاج جي هئي ۽ هڪ ٻي قسطن ۾ ورتي وئي، کيس سلائيءَ جي مڪمل ڄاڻ هئي، سيبي ٽوپي جي ماهر هئڻ ڪري اسماءِ ۽ حنا کي ڪپڙا ڪٽي ڏيندي هئي تہ ڏکيو ڪم انھيءَ ۾ پاڻ بہ ڪندي هئي. ڪجهہ ڇوڪرين کي سلائي سکڻ لاءِ پاڻ وٽ داخلا ڏنائين مختلف بوتيڪن تي بہ رابطو ڪيائين. ڪووِڊ جو زور بہ ٽٽڻ لڳو، جيئن ئي لاڪ ڊائون لٿو تہ کيس شادين مرادين ۽ عيدن جا ايترا تہ آرڊر مليا جو هوءَپاڻ حيران ٿي وئي، راشدہ گهڻي نفعي جي لالچ نہ رکي هئي، سڄي پاڙي ۾ سندس مشھوري ٿي ويئي تقريبن سڀ گهر کيس سلائيءَ تي ڪپڙا ڏيڻ لڳا، همت ۽ محنت سان راشدہ هڪ سال اندر پنھنجي ڪمزور ۽ گهٽ آمدنيءَ واري گهر کي پيرن تي بيھاريو، هاڻي “لاثاني فرنيچر” تان بہ کيس نفعي جا پئسا ملڻ لڳا ۽ صبح جو اسڪول بہ شروع ٿي ويو تہ شام جو سلائي سينٽر بہ پنھنجي اوج سان هلڻ لڳو، هڪ ڏينھن سندس ڀيڻ جي فون آئي جنھن خيرآفيت کان پوءِ چيس تہ ”تنھنجي پٽ عذير کي موڪلجانءِ مون عيد تي گهر جا نوان پردا ورتا آهن تہ پراڻا پردا ڪنھن ڪم واريءَ کي ڏيان ان جي بدران توکي ڪم اچي وڃن عذير اهي کڻي وڃي.“
راشدہ هڪ ڊگهو ساھہ کڻي سڪون سان ڀيڻ کي وراڻيو تہ، ادي مون پاڻ پنھنجي گهر ۾ هن عيد جي لاءِ نوان پردا لڳايا آهن، اللھ جو شڪر آهي منھنجو ڪم تمام سٺو پيو هلي. ”سميرا سلائي سينٽر“ هاڻي ڪامياب ٿي ويو آهي.توهان کي بہ جيڪڏهن عيد لاءِ ڪپڙا سبرائڻا هجن تہ مون ڏي موڪليو، توهان کي مفت سبي ڏينداسين بنا ڪنھن حجاب جي موڪلي ڏجو.“
ڀيڻس جا تہ تاڪ لڳي ويا، ”جهيڻي آواز ۾ چيائين ”اڇا!“ ٿوريءَ دير کانپوءِ چيائين، ”سٺو، شڪر ٿيو اللھ تعاليٰ هر ڪنھن کي پنھنجي پيرن تي بيھاري“، راشدہ ٻارن ڏي نھاري وڏي آواز سان چيو ”آمين“ ۽ مُشڪي ٻارن ڏي ڏٺائين جن جي پر اعتماد چهرن تي ڄڻ سوين رنگين پوپٽ اڏامڻ لڳا هئا.

لنچ باڪس

مس تانيہ بليڪ بورڊ تي مضمون لکڻ کانپوءِ ٿڪجي ڪرسيءَ تي ويٺي سندس ڪرسي ۽ ميز جي ويجهو وڏي شيشي جي دري هئي، جنھن مان ٻاهر باغ جو سڄو نظارو پيو پسبو هو. مس تانيہ کي گلن ۽ پنن سان گڏ موسمي ميون سان سينگاريل هيءُ سائو ساوڪ سان سينگاريل سھڻو باغ ايترو تہ وڻندڙ لڳندو هو جو هوءَ جڏهن ٻارن کي لکڻ لاءِ ڪو وڌيڪ ڪم ڏيندي هئي، تڏهن ڪرسي سيري انھيءَ دريءَ جي ويجهو ويھي قدرت جي هن شاهڪاريءَ کي ڏسي سڪون ۽ خوشي محسوس ڪندي هئي. اهو باغ انھيءَ اسڪول جو نہ پر سامھون گهڻن والن تي پکڙيل هڪ وڏي بنگلي جو حصو هو، جنھن جا مالڪ آسوده حال ۽ گلن، وڻن ٽڻن سان پيار ڪرڻ وارا هئا. هتي گلاب، موتيو، چنبيلي ۽ ٻيا انيڪ گل، جن جي رنگن ۽ خوشبوءِ جي بھار تي جهرڪيون، ڪبوتر ۽ ٻيا پکي پيا لاتون لنوندا هئا. توت، انب، ليمان، چيڪو ۽ ٻيا ميويدار وڻ بہ هن باغ جو حصو هئا، پکين جا آکيرا وڻن مٿي هئڻ ڪري هر وقت پکين جو شوروغل بہ هو. مس تانيہ کي اسڪول عمارت جي ماڙيءَ تي پنھنجي هن ڪلاس مان قدرت جي هيءُ شاهڪاري ڏسي ايتري تہ راحت ايندي هئي جو دل ۾ سوچ ايندي هيس تہ ڪڏهن ڪلاس ختم ئي نہ ٿيئي ۽ هوءَ ڳچ وقت هن سحر انگيز منظر سان لطف اندوز پئي ٿئي. خاص طور جڏهن ڪارا ڪارا ڪڪر صبح جي مھل برسات وسائيندا هئا تڏهن مينھن جي ڦڙن ۾ ڀڄيل اهي وڻ پن ۽ گل ڏاڍا دلپذير لڳندا هئا. مطلب تہ سياري اونھاري يا برسات جي مند ۾ مس کي اهي قدرتي نظارا متاثر ڪندا رهيا.
مضمون لکي ڇڏڻ کانپوءِ ٻارن پنھنجون ڪاپيون مانيٽر ڇوڪريءَ کي ڏنيون جنھن مس جي چيڪ ڪرڻ لاءِ سندس ميز تي رکيون هاڻي رسيس ٿيڻ واري هئي، مس سڀني ٻارن کي چيو تہ، ”پنھنجا پنھنجا لنچ باڪس کولي کائڻ شروع ڪيو، ڏهن منٽن کانپوءِ هيٺ وڃي ٿوري راند ڪري رسيس ختم ٿيڻ تي قطار ٺاهي ڪلاس ۾ اچجو ڏاڪڻين تي گوڙ نہ ڪجو، پرنسپال ناراض ٿيندي“ روزاني وانگر هدايتون ڏيندي تانيہ پنھنجي پرس مان موبائيل ڪڍي ٽائيم ۽ ميسجز چيڪ ڪيا، هن اسڪول ۾ صبح کان موڪل تائين ڪنھن بہ ٽيچر کي موبائيل تي ڳالھائڻ جي اجازت ڪونہ هئي گهر مان ڪنھن ايمرجنسي جي صورت ۾ پرنسپل کي ئي گهر ڀاتي فون ڪري ڇڏيندا هئا.
ٻہ منٽ موبائيل ڏسي مس تانيہ جيئن ئي اکيون مٿي کنيون تہ سندس نظر مرتضيٰ تي وڃي پئي. جو هو فقط پاڻي پي رهيو هو ۽ اهو لقاءُ هن ڪالھہ بہ ڏٺو هو دل ۾ سوچيائين تہ ممڪن آهي کيس اڄ ڪجهہ نہ وڻندو هجي اهڙي ريت جڏهن ٽئي ڏينھن بہ مس تانيہ مرتضيٰ کي ڪجهہ بہ کائيندي ڪونہ ڏٺو تہ پوءِ هوءَ فڪر ۾ پئجي وئي، سڀني ٻارن جي والدين جا فون نمبرز ٽيچر وٽ موجود هئا تہ جيئن کين ڪو بہ مسئلو ٿئي تہ آگاھہ ڪري. هن اسڪول وقت کان پوءِ مرتضيٰ جي ماءُ کي فون ڪري صورتحال کان وقف ڪيو، هوءَ حيران ٿي وئي تہ آئون تہ روز کيس پسند جو لنچ باڪس بہ ڏيان ٿي ۽ اهو واپس خالي بہ اچي ٿو آخر ڪيڏانھن ٿو وڃي؟
مرتضيٰ جيئن ئي گهر آيو سندس گهڻو پيار ڪندڙ مھربان ۽ سمجهدار ماءُ کيس چيو تہ، ”ماني تيار آهي، هٿ منھن ڌوئي اچ تہ گڏجي ماني کائون“ مرتضيٰ تہ بلڪل بک ۾ پاھہ پئي ٿيو، هڪدم يونيفارم مٽائي هٿ منھن ڌوئي اچي ميز تي ويٺو. ماني کائڻ جي وچ ۾ تہ ماڻس ڪجهہ ڪونہ چيس پر جيئن ئي ڏٺائين تہ هاڻي هن ماني کائي ڇڏي آهي تڏهن کيس آرام سان چيائين ”مرتضيٰ اڄ اسڪول مان تنھنجي مِس تانيہ جي فون آئي هئي” مرتضيٰ حيرانيءَ سان پڇيو، ”امي ڇو؟“ دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو ”آئون تہ ڪا بہ شرارت ڪونہ ڪندو آهيان ۽ نہ ئي هوم ورڪ ڪرڻ ۾ ڪا بہ ڪمي ڪندو آهيان پوءِ مِس الائي ڇو فون ڪيو آهي؟“ ماءُ ڏي سواليہ نظرن سان ڏسڻ لڳو، سندن خاموشي ڏسي کيس خوف محسوس ٿيڻ لڳو، مٿي تي پگهر اچي ويس، سوچيائين خدا ڪري ڪا غلط ڳالھہ نہ هجي، ائين نہ ٿئي جو منھنجي پياري ماءُ مون سان ناراض ٿئي. هن جي ماءُ ڏانھس غور سان ڏسندي پيار ڀرئي لھجي ۾ چوڻ لڳي،“پٽ! تنھنجي ٽيچر چيو آهي تہ مرتضيٰ تمام پيارو ڇوڪرو آهي. روز هوم ورڪ بہ مڪمل هوندو اٿس ۽ ٽيچرز جي بہ مدد ڪندڙ شاگرد آهي پر....؟ ائين چئي هن جي ماءُ ڪجهہ دير لاءِ ماٺ ٿي وئي، ”پر ڇا امي؟ مِس فون ڇو ڪئي؟“ هُن جي ماءُ سندس وارن ۾ پيار سان آڱريون ڦيريندي چوڻ لڳي. ”مس چيو ٿي تہ توهين پنھنجو لنچ نٿا ڪريو ٻيا سڀ ٻار رسيس ۾ لنچ کائيندا آهن ۽ مرتضيٰ خاموش ويٺو هوندو آهي، ان ريت تہ هن جي صحت خراب ٿي پوندي، کيس تنھنجي صحت جي اون ٿي پيئي آهي“ ماءُ هڪ ڊگهو ساھہ کڻي کيس چيو، لنچ تہ توهان کي آئون روز ڏيندي آهيان پر پوءِ آخر ڪھڙي وجھہ آهي جو توهان لنچ نٿا ڪريو ۽ واپسيءَ ۾ باڪس ۾ لنچ بہ ڪو نہ هوندو آهي. اهو ڇا آهي؟“ مرتضيٰ اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون ۽ سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، آهستي سان چيائين ”اهو آئون توهان کي نٿو ٻڌائي سگهان امي“ سمجهدار ماءُ ڪو بہ بحث ڪو نہ ڪيو، ٻئي ڏينھن جيئن ئي مرتضيٰ اسڪول لاءِ تيار ٿيو هن لنچ باڪس ٺاهي ميز تي رکيو ۽ مرتضيٰ چپ چاپ ٿيلھي ۾ وجهي اڳيان روانو ٿيو. سندس امڙ آهستي آهستي هن جي پويان هلڻ لڳي، جنھن جي کيس خبر نہ پئي. ٿورو اڳيان هلي ماءُ ڏنو تہ مرتضيٰ وڻ هيٺ ويٺل نابين فقير کي پنھنجو لنچ کارايو ۽ خالي باڪس ٿيلھي ۾ وجهي اسڪول روانو ٿيو. سندس ماءُ انھن ئي پيرن تي واپس گهر اچي شڪراني جا نفل پڙهيا کيس خوشي ٿي تہ ٿورا ڏينھن اڳ هن پنھنجي پٽ کي حضور صلي اللھ عليہ وسلم جن جي سيرت مبارڪ جو ڪتاب آڻي ڏنو هو. سيرت جي انھيءَ ڪتاب جو اثر هن ٻار تي تمام زبردست ٿيو، ڪتاب ۾ خلق جي خدمت جا ۽ سخاوت جا ڪيترائي واقعا درج هئا، کيس گهڻي راحت آئي تہ سندس نيڪ ٻچڙو لڪي خلق جي خدمت سخاوت سان ڪري دين مطابق هلي رهيو آهي، ٻئي ڏينھن مرتضيٰ اسڪول وڃڻ مھل ميز تي ٻہ لنچ باڪس ڏٺا، پڇڻ تي امڙ ورندي ڏنس تہ، ”هڪ توهان لاءِ ۽ هڪ فقير بابا جي لاءِ“. ماءُ جي اها ڳالھہ ٻڌي مرتضيٰ کِلي کانئس موڪلايو ۽ وڏيون وڏيون وِکون ڀريندو ڊوڙندو ٽپندو اسڪول ڏي روانو ٿيو.

نيڪي

سھيل ۽ سيفل هڪ ئي پاڙي ۾ رهندڙ هڪ ئي اسڪول ۾ پڙهندڙ پر سندن جي وچ ۾ ڪا خاص دوستي ڪا نہ هئي، باقي پاڙيسري ۽ ڪلاس فيلو ضرور هئا. تعليم ۾ ٻنھي جي سٺي دلچسپي هئڻ ڪري ڪلاس ۾ پھريون، ٻيون يا ٽيون نمبر کڻندڙ هئا، سيفل کي هڪ سٺي عادت هئي جو هو اخلاق ۾ بہ تمام سٺو ۽ سڀني کي ڪم ايندڙ هو، انھيءَ ڪري سندس دوست بہ گهڻا تہ استاد بہ کيس وڌيڪ ڀائيندا هئا. سھيل ۾ فقط اها ڪمزوري هئي جو هو مزاج ۾ رُکو، ڪنھن کي ڪم نہ ايندڙ ۽ طبيعت ۾ کارو هو، معمولي ڳالھہ ۾ بہ ٺھہ پھہ جواب ڏئي ڇڏيندو هو.
سالياني امتحانن ۾ سائين ڪريم سڀني ٻارن کي چيو تہ، “بابا، محنت سان پڙهو، ياد ڪريو، امتحان مھل پنھنجو جاميٽري باڪس چيڪ ڪري اچجو، پنھنجون پينون، پينسلون رٻڙ هر شيءِ تيار ڪري اچجو وقت مختصر ٿو هجي ان ڪري ٻئي جي مدد ڪرڻ هر شاگرد لاءِ مشڪل آهي تہ بہ پاڻ ۾ محبت سان رهجو، ڪنھن جو بہ نقل نہ ڪجو، ان طرح جون سائينءَ ٻيون پڻ ڪافي سمجهاڻيون ڏنيون جي ٻارن ڌيان سان ٻڌيون.
هي سڀ ڇهين درجي جا ٻار هئا، سندن اسڪول جو وڏو نالو هو، اسڪول جي عمارت خوبصورت، استاد محنتي ۽ شاگردن کي اولاد جيان پيار ڪرڻ وارا تہ ٻيو عملو بہ تعاون ڪندڙ هو، جڏهن بہ مٿيان آفيسر ايندا هئا تڏهن هن اسڪول جي ڪارڪردگيءَ کي پسند ڪري سھڻا ريمارڪ لکي ويندا هئا. عام طور توڙي امتحانن ۾ اسڪول ۾ نظم و ضبط شاندار رهندو هو.
پھرين ئي پيپر ۾ اتفاق سان سيفل جي پين ۾ مس کٽي وئي سڄي تياري مڪمل ڪئي هئائن پر رات جو ڏاڏيءَ جي گهڻي بخار جي ڪري گهر ۾ ٿيندڙ پريشانيءَ سبب هو پين ۾ مس ڀرڻ يا ٻي وڌيڪ پين کڻڻ وسري ويو. پنھنجي پويان ويٺل سھيل کي چيائين تہ، ”يار تو وٽ جيڪڏهن مس هجي تہ مون کي ڏئي“. سھيل کيس ٺپ جواب ڏنو. اڳتي بئنچ تي ويٺل ڪامران پويان سُس ڦُس ٻڌي ۽ سيفل جي مايوس منھن مان ڳالھہ سمجهي هڪدم اشاري سان کين پاڻ ڏي متوجھہہ ڪري واڌو پين ڏنائين. سيفل جي منھن تي مرُڪ اچي وئي، کيس اندازو ٿيو واقعي ٻڌيءَ ۾ برڪت آهي. هُن جي نيت هميشہ سڀني لاءِ سٺي رهندي هئي، تنھن ڪري مراد بہ مليس. ويرم ئي ڪونہ گذري پيپر تہ پورو ٿي ويو پر سيفل ۽ ڪامران کي سنگت جي سڳي ۾ پوئي هڪ ڪري ويو. اتفاق سان آخري پيپر ۾ سھيل جو منھن جو پنو لھڻ شروع ٿي ويو. هڪڙو پيپر ڏکيو ٻيو هُو جاميٽري باڪس گهر ۾ نيرن ڪندي ٽيبل تي ڇڏي آيو، کيس خبر هئي تہ ت هاڻي تہ ٻين کان پوري مدد ملڻ تمام مشڪل آهي. سيفل پيپر کي پڙهندي جان جو پٺ ورائي ڏسي تہ سھيل جي اکين ۾ ڳوڙها ڏٺائين سرٻاٽن ۾ پڇيائين تہ ”ڇا ٿيو؟“ هن حقيقت آهستي سان ٻن جملن ۾ ٻڌايس. تيستائين استاد صاحب هڪل ڪئي ”ڪير نہ ڳالھائي نہ تہ ڪلاس مان ڪڍي ڇڏيندو مانس“. سيفل پنھنجي واڌو پين، پينسل، فٽ پٽي، ربڙ ۽ شاپنر آهستگيءَ سان پويان مڙي سھيل جي هٿ ۾ رکيا، سھيل کي ايئن لڳو ڄڻ ڪنھن مٿس عطر جي اوت ڪري ڇڏي هجي، سندس بت ۾ شروع ٿيل رڦڻي بيھي رهي، هٿ جي تريءَ سان ڪرندڙ لڙڪن کي اگهي هڪدم پيپر ڪرڻ شروع ٿي ويو، وچ ۾ گهڙي گهڙي سيفل ڏي شڪر گذاريءَ سان پئي ڏٺائين. اڄ کيس معلوم ٿيو تہ هو پنھنجي بخيلائيءَ جي ڪري ٻين کان ڪيترو نہ ڪٽيل هو، ساڳئي ڪلاس ۾ هوندي سندس ڪو بہ دوست ڪو نہ هو، کيس استاد ڪريم جا چيل لفظ سورنھن آنا سچ لڳي رهيا هئا تہ، ”اڪيلو تہ وڻ بہ بڇڙو آهي. اڪيلو نہ روئندي سونھي ۽ نہ ئي کلندي.” ٻہ تہ گڏجي ٻارهن ٿين ٿا. ڪنھن جي ڪم اچبو هٿ سڃ ڪبي تہ اها وڃائي ڪو نہ ڏيندي. اللھ تعاليٰ بہ انھيءَ کي پسند ڪري ٿو جي اوکي ويل سندس ٻانھن جي مدد ڪن ٿا. هن ڌيان سان پيپر پورو ڪري ڪلاس مان نڪرڻ کان پوءِ سيفل کي ڀاڪر پائي پوين رويي جي معافي گهري ۽ سندس مھرباني مڃي. سيفل کي چيائين تہ، ”ايندڙ سومر تي منھنجي سالگرھہ آهي، تون ضرور اچجانءِ“ سيفل هائوڪار ڪئي.
گهر پھچي سيفل پنھنجي اڄوڪي پيپر جي باري ۾ وڏي ڀاءُ احمد کي ٻڌائيندي هي واقعو بہ شروع کان ٻڌايو. ادا احمد خوش ٿيو ۽ کيس چيائين ”تو عظيم نيڪي ڪئي آهي جڏهن تہ سھيل ۽ تنھنجو ڪلاس جو رزلٽ ۾ نمبر تي مقابلو بہ آهي پر انھيءَ کي ناپاس ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هڪ وڏو قدم کنيو اٿئي، اها عظيم نيڪي آهي جنھن جو واس ڪڏهن بہ جهڪو ڪو نہ ٿيندو. اهو کٿوريءَ (خوشبو) جيان پکڙجندو ويندو آهي. دوست جي سالگرھہ لاءِ آئون توکي شاندار تحفو وٺي ڏيندس. ڏسج اڳيان هلي تنھنجو سٺو دوست ٿي ويندو. هو هوشيار ٻار آهي. منجهس جيڪي ٻہ ٽي هلڪيون ڦلڪيون خاميون آهن اهي بہ ختم ٿي وينديون.
آچر ڏينھن ادا احمد سيفل کي سرپرائيز ڏنو. هو صبح جو ئي سندس دوست لاءِ جو تحفو وٺي آيو. جو هڪ رنگين گلوب، سيفل هيڊماستر جي آفيس ۾ هڪ دفعو گلوب ميز تي ڏٺو ضرور هو پر هن کي اها خبر ڪا نہ هئي تہ انھيءَ جو استعمال ڇا آهي؟ ۽ انھيءَ مان ڪيتري معلومات ملي سگهي ٿي. خوش ٿي هڪدم ادا کي چيائين، ”ادا هيءُ تہ تمام ڪارائتو تحفو آهي. سھيل تہ منھنجو هاڻي پڪو دوست ٿي ويندو مون کي بہ سمجهايو تہ انھيءَ ۾ ڪو شھر يا ملڪ ڳولھڻو هجي تہ ڪيئن ڳولھيان؟“
احمد وراڻيس، ”ڏس! اهو تہ توهان ٻڌو هوندو تہ دنيا گول آهي تہ گلوب زمين جي گول ۽ حقيقي شڪل ظاهر ڪري ٿو. ڪاغذ جي نقشي جي بدران گلوب زمين جي شڪل کي وڌيڪ چڱيءَ طرح بيان ڪندو آهي. هن کي ڏسڻ لاءِ ڪا حد مقرر ڪونھي، تقريبن گلوب گهڻو نيري رنگ جو آهي. جو دنيا ۾ 77 سيڪڙو پاڻي آهي. نيرو رنگ پاڻيءَ جي شڪل ۾ جزيرن، دريائن، نهرن ۽ سمنڊن جي باري ۾ ٻڌائي ٿو ۽ دنيا جا سڀ ملڪ مختلف رنگن سان بيان ڪيل آهن.
”پوءِ آئون هن ۾ پاڪستان کي ڳولھيان؟“ سيفل شوق سان پڇيو، ”هُن ادا وانگر مھارت سان گهمائيندي پاڪستان، ايران، افغانستان ۽ هندستان لڀي ورتا. هن نئين ۽ وڻندڙ شيءِ کي ڏسي هو گهڻو خوش ٿيو ۽ ادا سان گڏجي انھيءَ کي سھڻي باڪس ۾ پيڪ ڪري مطمئن ٿي ويو تہ شام جو سھيل جي سالگرھہ جي مليل تحفن ۾ سندس ڏنل تحفو سڀني کان گوءِ کڻي ويندو.

زيتون جو وڻ

قاضي آباد جي ويجهو هڪ ننڍو محل، ڪنھن وقت ۾ آباد هو هتي جا رهاڪو آسودا ۽ مھربان طبيعت جا هئا، محل ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جو گهڻو خيال رکندڙ ۽ پنھنجي ٻنين ۽ باغن ۾ ڪم ڪندڙ هارين ۽ مالھين کي عزت ڏيندڙ هئا، وٽن وڏائيءَ ۽ غرور جو نالو نشان بہ نہ هو. سندن اهائي سوچ هئي تہ ڌڻي خبر ناهي ڇا ۾ راضي آهي. ڏيئي بہ آزمائي ٿو تہ نہ ڏيئي بہ. ڪنھن جي بہ رنجش کڻڻ وٽن وڏو گناھہ هو کين ڊپ ٿيندو هو تہ ڪو وقت ڪھڙو تہ ڪو وقت ڪھڙو آهي، متان ڪو تتي هيئين جو پاراتو سندن جهڳو جهڻ نہ ڪري. اللھ پاڪ بہ سندن نيڪين کي وڌائيندو ويو ۽ اها نيڪين جي خوشبو چوڌاري ڳوٺن ۾ پکڙجي وئي. رئيس قمرالدين وٽ ضرورتمندن جا ميڙا لڳا پيا هوندا هئا. رئيس جو ڪل اولاد ٻہ پٽ، جي ولايت (لنڊن) پڙهڻ لاءِ ويل هئا. محل ۾ هو پاڻ ۽ سندس گهر واري ۽ وفادار نوڪر رهندا هئا. سپوٽ پٽن کي ڌڻيءَ سڳوري ولايت ۾ بہ ايترو نوازيو جو هو پاڻ حيران هئا، فيصلو ڪيائون تہ ماءُ ۽ پيءُ سان گڏ ٻہ وفادار نوڪر ۽ نوڪرياڻي بہ لنڊن ۾ گهرايون. ان ريت سڄو ڪٽنب وڃي ولايت ۾ آباد ٿيو. محلات کي ويرانيءَ کان بچائڻ لاءِ ٻہ ٽي ملازم رکي ڇڏيائون جن ۾ هڪ مالھي حنيف پڻ هو.
حنيف مالھيءَ هن باغ کي پنھنجو رت ۽ ست ڏيئي تيار ڪيو. کانئس اڳ سندس والد ۽ ان کان اڳ ڏاڏي هن باغ جي خدمت ڪئي هئي. ايترو تہ خوبصورت باغ هو جنھن جھڙو سھڻو باغ هن تَرَ ۾ ڪو ٻيو نہ هو. بابو حنيف بہ وڏي عمر جو ٿي ويو هو تہ بہ صبح کان شام تائين سڄي باغ جي سيوا دل سان ڪندو هو سڪل پن ۽ سڙيل ميوا ڪٽي الڳ ڪرڻ تہ ننڍن ٻوٽن کي ڀاڻ ۽ پاڻي ڏيڻ جو ڌيان ڪندي وڏن وڻن طرف بہ غفلت نہ ڪندو هو. انب، زيتون، چيڪو، ڦاروا ۽ ٻيا ڪيترائي هن باغ جي سونھن ۽ سوپڀا ۾ واڌارو ڪندڙ هئا.
سڄي ڳوٺ ۾ ٻہ ڇوڪرا ۽ سعد تمام شرارتي ۽ ڏنگا، اڪثر سندس باغ ۾ اچي کيڏندا هئا، گلن ۽ پنن کي ٽوڙي ڦٽائي وڻن تي چڙهي ميوا پٽي ڪچرو ڪري پوءِ ويندا هليا هئا. مالھي حنيف کين ٻہ ٽي دفعا باغ مان نڪرندي ڏٺو بہ ۽ کين دڙڪا بہ ڏنا پر مٿن ڪو بہ اثر ڪونہ ٿيو، هو گهڻو ڪري تڏهن ايندا هئا، جڏهن مالھي حنيف موجود ڪو نہ هوندو هو.
مالڪن جي غير موجودگيءَ جي هوندي بہ مالھي هن باغ کي پنھنجي مڪمل توجهہ ڏيندو هو تہ جيئن اهي جڏهن بہ اچن تہ خوش ٿين ۽ کيس خود کي بہ باغ جي هر هڪ گل، پن، وڻ ۽ ميوي سان محبت هئي، هن کي لڳندو هو تہ ڄڻ اهي وڻ پن زندھہ آهن ۽ هو انھن جي خدمت ڪري ٿو تہ کيس دُعائون ڏيئي مھرباني مڃين ٿا. مالھيءَ جو هڪ ننڍو گهر باغ جي ڪنڊ ۾ هو جنھن جي دريءَ مان پڻ سندس نظر باغ جي چوڪسيءَ تي هئي، هڪ ڏينھن سخت سيءُ هو، ڄڻ پارو ڪري رهيو هو، افضل ۽ سعد کي شوق ٿيو تہ هلي باغ مان زيتون پٽي اچون، سو ٻئي جيڪٽون پائي باغ ڏي روانا ٿيا. زيتون جا ٻہ وڏا وڻ، جن جي هيٺ ننڍا زيتون جا ٻوٽا بہ ڪافي پيل هئا، جيڪي مالھيءَ انھيءَ لاءِ رکيا تہ ٻيا زيتون جا وڻ پڻ پوکيان. هنن ڪو خيال ڪونہ ڪيو. انھن ٻوٽن کي تہ چپلي ڇڏيو پر ٽپ ڏئي وڻ کي پٿر هڻڻ لڳا تہ بہ ايترا زيتون ڪو نہ ڪريا. سعد، افضل جي پٺيءَ تي چڙهي وڻ جي ٽارين کي ڇڪون ڏنيون تان جو هڪ مضبوط ٽاري سندس هٿ ۾ اچي وئي. وٺي جو ان کي ڌوڻيائين تہ اها وڻ کان جدا ٿي زمين تي ڪري پئي، هاڻي تہ هو ٻئي تمام خوش ٿيا. انھيءَ ٽاريءَ ۾ ڪافي زيتون لڳل هئا، هنن بہ نڪا ڪئي هم نڪا تم هڪدم انھيءَ ٽاريءَ مان زيتون الڳ ڪري پنھنجي جيڪٽن جا کيسا ڀرڻ شروع ڪيا. حنيف بابي پنھنجي ڪمري جي دريءَ مان جو هيءُ لقاءُ ڏنو سو وڏي کٿي ويڙهي رڙيون ڪندو ڪوٺيءَ مان نڪري آيو پر تيستائين هيءُ جوان ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
مالھي حنيف کي ڏک ٿيو هو ڪمزور ۽ عمر جو وڏو ٿي چڪو هو، کين پھچي ڪو نہ سگهيو. سوچيائين تہ سندن والدين کي هاڻي شڪايت ڏيڻ گهرجي، پروري بہ صبر ڪيائين تہ من خودئي کين احساس ٿيئي. وسڪاري جي مند اچڻ سان ئي هيل گهڻو مينھن پيو مالھي پنھنجي ڪم ۾ مگن هو مينھن جي ڦڙن ۾ وهنجيل باغ ڏاڍو سھڻو منظر پيش پئي ڪيو. حنيف جي ڏسي دل پيئي ٺري پر جيئن چوندا آهن تہ پاڻي زندگي آهي تيئن اهو بہ ڪڙو سچ آهي تہ گهڻو مينھن پوڻ نعمت جي بدران زحمت آهي، سو هيل ايترا مينھن پيا جو برسات بند ٿيڻ جو نالو نشان ئي نہ هجي، لاڳيتو ويھہ ڏينھن برسات پوندي رهي.
هن ڳوٺ جي ويجهو هڪ ندي هئي جنھن جي پاڻيءَ هميشہ ڳوٺ واسين کي سيراب ڪيو هو پر اڄ اها ندي چاڙھہ ۾ اچي رهي هئي. ڳوٺاڻا گڏجي نديءَ جا بند مضبوط ڪرڻ لڳا، پوري ملڪ ۾ پيل لاڳيتن برساتن وڏي تباهي مچائي. مٿان کان پاڻي نديءَ ۾ ڇوڙ ٿيندو رهيو ۽ آخر ۾ گهڻي پاڻيءَ سبب نديءَ اٿل کاڌي ۽ بند ڀڄي پيا. ڳوٺ ٻڏڻ تي اچي ويو، سڀني کي محفوظ هنڌ حنيف مالھيءَ جو باغ لڳو، جتي انيڪ وڻ هئا. ڪيترائي ماڻھو پنھنجي گهر جي ڇتين تي تہ ڪي باغ ۾ وڻن تي اچي ويٺا، افضل ۽ سعد بہ باغ ۾ آيا، مالھيءَ ڏي نھاري ڦِڪا ٿيا پر هُن کين دل سان وڻن جي چوٽيءَ تي پڄايو، خود حنيف بہ هڪ ليمي جي وڻ تي چڙهي ويھي رهيو. ان ريت سڀني جي رات خوف ۽ صدمي سان گذري. صبح ٿي تہ ماڻھن اچي اطلاع ڏنو تہ هاڻي نديءَ جو چاڙھہ گهٽجي رهيو آهي، اچو اچي گهرن مان پاڻي ڪڍو.
حنيف بابا ان مھل سڀني جي منھن تي افضل ۽ سعد کي وڃڻ مھل شرمايو ۽ کين سمجهايو تہ آئون سڀاڻي مري ويندس ۽ هر هڪ کي هن دنيا مان وڃڻو آهي، توهين جوان ٻار آهيو هيءُ وڻ ۽ باغ توهان وٽ امانت آهن، انھن کي خراب نہ ڪريو، اڄ ڏسو هنن وڻن توهان جي حياتي بچائي آهي.
حنيف مالھيءَ جي نصيحت سندن دل ۾ کپي ويئي چوطرف نظر ڊوڙايائون تہ کين هيءُ ڀلو باغ ايترو تہ وڻندڙ ۽ محسن لڳو جو سمجهيائون ڄڻ جنت ۾ آيا آهيون. ٻنھي گڏجي چيو تہ“ توهان صحيح ٿا چئو تہ وڻ ۽ ٻوٽا خدا جي طرفان نعمت آهن وڻ هوائن جي زور کي گهٽ ڪري آنڌي ۽ طوفان کي بہ روڪين ٿا، اسان کي ميوو ڏين ٿا تہ ساھہ کڻڻ لاءِ آڪسيجن بہ مھيا ڪن ٿا ۽ اڄ تہ اسان جي حياتي فقط هنن وڻن جي ڪري ئي بچي آهي، اسين بلڪل غلطيءَ تي هئاسين. هاڻي انشاءَاللھ هن باغ کي سنوارڻ ۽ وڌائڻ ۾ توهان جي مدد ڪنداسين” ڳوٺ جي ٻين ماڻھن تي بہ انھيءَ ڳالھہ جو سٺو اثر ٿيو ٻين بہ ڪيترن جوانن چيو تہ اسين بہ هن ڪم ۾ ٻانھن ٻيلي ٿي پنھنجي قاضي آباد کي خوبصورت، وڻندڙ ۽ مضبوط ٺاهينداسين. انشاءَ اللھ اڳيان هلي هن باغ جھڙا ٻيا باغ بہ قاضي آباد جي زينت هوندا ۽ ڳوٺ ۾ ڪيترائي نوان وڻ بہ نظر ايندا.

هيڊماستر

فضل الاهيءَ کي نوڪريءَ تان جواب مليو، اڄ هو وري بيروزگار ٿي ويو، کيس اهو وقت ياد اچي ويو جڏهن پھرين بہ هڪ دفعو هن جو روزگار ختم ٿيو هو. اهو ڏکيو وقت سوچي سندس اکيون آليون ٿي ويون، ڇا هاڻي هو وري فاقن ڪٽڻ تي اچي ويندو؟ ڇا هو پنھنجي ٻارن جي پيٽ قوت لاءِ ڪنھن کان پنندو جيئن ٿي سوچيائين تيئن تيئن وهلور ٿيندو ويو. گهر ڪيئن وڃي؟ سندس پيرن هلڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. گهر وڃڻ جي بدران هو ڳوٺ ۾ موجود هڪ نديءَ جي ڪناري وٽ ويھي رهيو. نيٺ شام ٿي ڪو بہ حل نہ ڏسي مجبور گهر ڏي هلڻ لڳو. اڄ کان چار سال اڳ ڳوٺ جي هڪ اسڪول ۾ پنھنجي مھربان دوست جي معرفت کيس پٽيوالي ملي هئي، هيءَ هن جي پھرين نوڪري هئي، انھيءَ کان اڳ هو جتيون ٺاهيندو هو. جنھن ۾ کيس وڏي مھارت هئي، چمڙي کي صاف ڪرڻ، رنگڻ، ڪٽڻ ۽ سبڻ کانپوءِ سٺيون جتيون ٺاهي شھر ۾ وڪڻي ايندو هو. هن ڪم ۾ سندس گهر واري بہ مدد ڪندي هئي. ان ريت سندس گهر جو گاڏو هلندو رهيو. فضل الاهيءَ جا ٻہ پٽ فيصل الاهي ۽ امتياز الاهي ۽ هڪ نياڻي فريدہ هئا، جن کي هن اسڪول ۾ داخل ڪرايو گڏ هو مسجد ۾ قرآن پاڪ پڙهڻ پڻ ويندا هئا. نياڻيءَ کي قرآن پاڪ پورو ڪرڻ کانپوءِ گهر ويھاري ڇڏيائين، چار درجا مس پڙهي سگهي، باقي سو ڇوڪرا اسڪول ويندا هئا. کيس ٻين چيو تہ نياڻيءَ جي پڙهائي جاري رکائي پر نہ سندس مالي حالت مضبوط هئي ۽ نہ ئي هن تي نون خيالن اثر ڪيو، سندس موجب تہ فريدہ ڀلي چار درجا پڙهي پوءِ گهر ۾ ماءُ جو ڪم ۾ هٿ ونڊائي جو جوڻس وري ساڻس جتيون ٺھرائڻ ۾ بہ مدد ڪندي هئي.
وقت گذرڻ سان فضل الاهيءَ کي هٿن ۾ ڪمزوري اچڻ لڳي هو جتيون جيڪي محنت سان هٿ جي خوبصورت سلائيءَ سان ٺاهيندو هو، انھن جو قدر بہ گهٽ ٿيڻ لڳو، ڪارخانن جي جتين جي بازار ۾ اچڻ کان پوءِ اهو ٿيڻ لڳو جو سندس ٺاهيل جتين جي کپت گهٽجي وئي، ڳوٺن مان ماڻھو شھر بہ گهڻو ويندا هئا تہ شھرن جا ماڻھو بہ ڳوٺن مان ڀاڄيون کير، گيھہ ۽ ٻيو وکر سودڻ لڳا جيڪو ڳوٺن مان گهٽ اگهہ تي ملندو هو. سندن ڳوٺ ۽ شھر جي وچ ۾ ننڍا ڳوٺ پڻ ڪيترائي آباد ٿي ويا. هاڻي ڄڻ تہ ڳوٺن ۽ شھر جي وچ ۾ پڪن روڊن کانپوءِ ڪو سنڌو سيڙو نہ بچيو هو هن سمجهي ورتو تہ ان ريت وڏيءَ محنت سان بہ هو گهڻيون جتيون نٿو ٺاهي سگهي ۽ کيس اجورو بہ ٿورو ٿو ملي، بھتر آهي تہ ڪو ٻيو ڪم ڪرڻ شروع ڪري. گهڻو بيمار ٿي جيئن ئي گهر ۾ ويٺو تہ هيڪاري کيس صدمي ۽ڪمزوريءَ جي ڪري مٿي ۾ پڻ سور رهڻ لڳو. ان ريت هو دوست معرفت اسڪول ۾ پٽيوالو ٿي لڳو، اسڪول ۾ ڪو خاص ڪم ڪونہ هو. بس جنھن مھل پيريڊ ختم ٿيئي هن کي گهنڊ وڄائڻو هو ۽ صبح جو اسيمبليءَ مھل، رسيس ۾ ۽ موڪل مھل گهنڊ کي زور زور سان وڄائيندو هو باقي ڪي ڪاغذ ڪلارڪ وٽان هيڊماستر جي آفيس يا اسٽاف روم ۾پھچائڻ۽ موڪل مھل ڪمرن کي بند ڪرڻ سندس ذمي هو. هيءَ آرامده نوڪري هئي ڳوٺ جي اسڪول ۾ گهڻا ٻار بہ ڪو نہ هئا. سندس ٻئي ڇوڪرا بہ هن اسڪول ۾ پڙهندا رهيا. هيڊماستر سندن في پڻ معاف ڪري ڇڏي. باقي شام جو هيڊماستر عبدالرحمان جي گهر جو سودو سلف ڀاڄي ڀُتي آڻڻ سندس ذمہ داري هئي، انھيءَ ۾ ڪا تڪليف ڪا نہ هئي. وڏي ماستر عبدالرحمان جي گهر واري ”جيجي“. مزاج جي تيز هئي، سندس طبيعت ۾ هڪ وڏو نقص هو جو نوڪرن سان رکو ۽ ڪاوڙ سان ڳالھائڻ سان گڏ سندن ڪم مان خامي ڪڍندي رهندي هئي.
انھيءَ ڪري فضل الاهي جڏهن بہ سائينءَ عبدالرحمان جي گهران واپس ايندو هو تڏهن طبيعت نڍال هوندي هيس، گهر اچي هنڌ ڀيڙو ٿيڻ کانپوءِ کيس ماني بہ ڪو نہ وڻندي هئي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ انھيءَ سوچ ۾ هوندو هو تہ جيجي مون تي اعتبار نٿي ڪري، هر شيءِ مان نقص ٿي ڪڍي هر سودو چوي ٿي مھانگو بہ آهي ۽ سٺو بہ ڪونھي هاڻي آئون ڇا ڪريان؟ هو جيجيءَ جون ڳالھيون پنھنجي گهر واريءَ کي بہ ٻڌائيندو هو جا بہ جيجيءَ ۽ هيڊماستر تي ڪاوڙ ڪندي پٽ پاراتو ڏيڻ لڳي پر فضل کي اها ڳالھہ پسند ڪونہ هئي. فطرتن نيڪ ماڻھو هو کيس چوڻ لڳو تہ “صاحب سٺو آهي، تون کيس بددعائون نہ ڏي“ تڏهن هڪ ڏينھن زال چيس، ”ڇو نٿو فريدہ کي پڙهائين هوءَ جاهل رهجي وئي، تہ ڪٿي هن جيجيءَ وانگر نہ ٿي وڃي“. فضل الاهيءَ جي منھن مان هڪدم نڪتو. ”اللھ نہ ڪري جو منھنجي نياڻي جيجيءَ جھڙي ٿيئي“
هڪ ڏينھن عادت مطابق جيجيءَ سندس آندل سودي کي نہ فقط زور سان اُڇليو پر کيس بہ گاريون ڏنيون. اتفاق سان انھيءَ وقت سائين عبدالرحمان اُتان گذريو. هن سڄي ڳالھہ ٻڌي زال کي دڙڪا ڏنا ”تون ڇو هن غريب پٽيوالي جي پويان پئي آهين هڪڙو تنھنجا ڪم ڪري ٻيو وري دڙڪا بہ کائي” جيجيءَ ڏٺو تہ هاڻي ڏوهاري ٿي ٿيان سو وٺي ڪوڙ سچ ڪري مرچ مصالحا ملائي فضل الاهيءَ بابت ڪوڙا قصا ۽ ڳالھيون بيان ڪيائين جو سمجهدار هيڊماستر جو بہ من ڦري ويو. ٻئي ڏينھن آفيس ۾ گهرائي کيس چيائين تہ “مون تہ توکي اعتبار جوڳو سمجهيو هو پر تون ايماندار ڪونہ آهين، ان ڪري اڄ ڪلارڪ کان پنھنجو حساب ڪتاب کڻي وڃ هاڻي هتي نوڪريءَ تي اچڻ جي ڪا بہ ضرورت ڪانھي.“
فضل الاهيءَ گهر اچي پنھنجي سڄي پريشاني زال وٽ ظاهر ڪئي، هن هڪ وفادار ۽ باهمت عورت وانگر پنھنجي فڪر کي لڪائي مڙس کي همت ۽ حوصلو ڏنو. ان ريت هن ٻئي ڏينھن کان چڻن جو گاڏو لڳائڻ شروع ڪيو. سندس گهر واري محنت سان کيس سٺا چڻا ٺاهي ڏيندي هئي، هو صبح کان شام تائين چڱا پئسا ڪمائي وٺندو هو.
ٻن مھينن کانپوءِ فيصل ۽ امتياز اچي کيس چيو تہ وڏي ماستر صاحب جا ڏھہ هزار چوري ٿي ويا آهن، کين اهي پئسا شھر جي آفيس ۾ امتحان جي فيس جا جمع ڪرائڻا هئا پر اڄ جڏهن هن اسڪول جي الماڙي کولي تہ ان ۾ اهي پئسا موجود ڪونہ هئا. هاڻي عبدالرحمان صاحب تمام گهڻو فڪرمند آهي، جيڪڏهن هُن اهي پئسا آفيس ۾ نہ جمع ڪرايا تہ کيس نوڪريءَ تان ئي هٿ ڌوئڻا پوندا. فيصل اهو سڀ ڪجهہ ٻڌائيندو رهيو ۽ فضل الاهي سوچن ۾ ٻڏي ويو. هن کي اڄ هيڊماستر جون ڪيل مھربانيون ياد اچڻ لڳيون، کيس خبر هئي تہ هو هڪ شريف ماڻھو آهي، اهو بہ سمجهيائين پئي تہ جيجي هڪ هٿ ڦاڙ ۽ بي سمجهہ عورت، وٽس ايترو پئسو ڪو نہ هوندو صاحب جو آفيس ۾ پھچائي پنھنجي نوڪري بچائي سگهي. هڪدم فضل اٿي ڪمري ۾ موجود وڏي پيتيءَ وٽ پھتو، جتي هن فريدہ جي ڏاج لاءِ ڪجهہ زيور ٺاهي رکيا هئا، اهي زيور هڪ ننڍي ٿيلھيءَ ۾ وجهي سڌو سوناري جي دڪان تي ويو، جتي انھن کي يارنھن هزارن ۾ وڪڻي انھن پئسن مان ڏھہ هزار هڪ لفافي ۾ وجهي اسڪول پھتو. اسڪول ۾ تہ گهڻو گوڙ ڏسڻ ۾ پئي آيو. هر طرف استادن ۽ ٻئي عملي جي وچ ۾ چوٻول لڳا پيا هئا. هو سڌو هيڊماستر صاحب جي ڪمري ۾ ويو، جو ڪنڌ نوائي وڏيءَ سوچ ۾ گم هو. فضل الاهيءَ کيس سلام ڪيو هن ڪنڌ مٿي کڻي ڏانھس ڏٺو ۽ سلام جو جواب ڏئي بي وسيءَ ۽ شرمندگيءَ مان مٿو هيٺ ڪري ڇڏيائين. فضل الاهيءَ اڳتي وڌي ڏھہ هزارن جو لفافو سندس اڳيان رکيو آهستي آهستي چوڻ لڳو. ”عبدالرحمان صاحب! فيصل مون کي سڄو احوال ڏنو آهي. توهان دير نہ ڪريو هيءُ پئسا شھر ۾ آفيس بند ٿيڻ کان اڳ پھچايو. سرڪاري امانت آهي، توهان تي ڪو حرف نہ اچي آئون توهان جو نمڪ حلال آهيان، آئون پنھنجي ڌيءَ فريدہ جي شاديءَ جا زيور وڪڻي توهان لاءِ کڻي آيو آهيان. بيشڪ زيور زينت آهي، پر عزت کان مٿي ڪونھي. آئون چاهيان ٿو تہ توهان اهي پئسا مون کان قبول ڪريو“ ائين چئي فضل الاهي هيڊماستر جو جواب ٻڌڻ کان اڳ ڪمري مان نڪري ويو. عبدالرحمان صاحب جي اکين مان لڙڪ لڙي انھيءَ لفافي تي وڃي ڪريا هو يڪدم شھر لاءِ روانو ٿي ويو. دل ۾ پڪو ارادو ڪيائين تہ نہ فقط اهي پئسا گڏ ڪري فضل کي واپس ڪندس بلڪہ سندس اهو وڏو احسان لاهڻ لاءِ کيس واپس نوڪريءَ ۾ بہ کڻندس.

صحبت پور ۽ صاحبہ

پيارا ٻارو! علم وڏي طاقت آهي علم انسان کي سوچ ۽ ويچار سان گڏ جيئڻ جو سليقو سيکاري ۽ سمجهہ وڌائي ٿو. هتي آئون توهان کي هڪ واقعو بيان ڪري رهي آهيان، جو اميد تہ هن ڪھاڻيءَ جي صورت ۾ توهان کي پسند ايندو ڳوٺ صحبتپور شھر کان گهڻي فاصلي تي غريبن جو هڪ سادو ڳوٺ هو. جنھن جي ڪل آبادي فقط 22 گهرن تي مشتمل هئي، ڳوٺ جي ماڻھن وٽ نہ ڪا اسپتال ۽ نہ ئي ڪا علاج جي سھوليت هئي، جيڪي بہ بيمار ٿيندا هئا تہ پاڻ ئي ڪنھن نہ ڪنھن ڏس پتي سان ديسي علاج ڪندا هئا پوءِ يا تہ مريض شفاياب ٿي ويندو هو يا فوت ٿي ويندو هو. هن ڳوٺ ۾ نہ هئي گئس نہ پاڻي نہ بجلي ڪا بہ سھولت نہ هئي. وڏا جبل ۽ انھن جي هڪ پاسي کان هڪ خوبصورت ندي، جنھن جو صاف پاڻي ڳوٺ وارن جي پاڻيءَ جي ضرورت لاءِ پورو ٿي ويندو هو. انھيءَ ڳوٺ ۾ هڪ ننڍي پياري ذهين نينگري صاحبہ نالي سان پنھنجي امڙ سان گڏ رهندي هئي هوءَ ٻن سالن جي هئي تہ سندس والد وفات ڪري ويو ۽ ماءُ هن نينگريءَ جي پرورش همت ۽ پيار سان ڪئي. صحبتپور ۾ ڪو بہ اسڪول ڪو نہ هو ۽ نہ ئي ڪنھن اسڪول يا پڙهائيءَ جو ڪو تصور بہ هو، ٻن ٽن سالن کان هتي هڪ پوڙهو ماستر الائي ڪھڙيءَ ريت اچي رهيو ۽ کيس هن پرسڪون گوڙ ۽ شور کان پري واري ڳوٺ ۾ راحت اچي وئي ۽ هميشہ لاءِ هتي رهڻ جو سوچيائين ڳوٺ وارا کيس ماستر صاحب چوندا هئا. اصل نالي يوسف سان تہ ڪير کيس سڏيندو ئي ڪو نہ هو. هن واندي ويھڻ کان بھتر سمجهيو تہ ڳوٺ صحبت پور جي ٻارن کي علم جي روشنيءَ سان منور ڪري پر ڳوٺ وارن جي نظر ۾ ”اسين پنھنجي ٻارن کي پڙهائي ڇا ڪنداسين؟“
پڙهڻ جو ڪھڙو فائدو ٿيندو؟ اهو سوچي هنن ماستر وٽ پنھنجا ٻار ڪو نہ موڪليا. صاحبہ جي ماءُ قمرالنساءِ کي ايترو سو شوق ضرور هو تہ سندس نياڻي ڪجهہ نہ ڪجهہ پڙهي ۽ خط پٽ لکڻ جي قابل ٿئي يا ڪجهہ حساب ڪتاب ڪري سگهي. هڪ ڏينھن هوءَ صاحبہ کي ماستر يوسف وٽ وٺي وئي ۽ کيس چيائين تہ ”ماستر صاحب آئون چاهيان ٿي تہ توهين منھنجي ڌيءَ صاحبہ کي پڙهڻ لکڻ سيکاريو. ماستر گهٽ ڳالھائو ۽ پنھنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو ڪجهہ وڏيءَ عمر جو سنجيده طبيعت ماڻھو هو ايترو ئي جواب ڏنائين “ها! آئون پڙهائيندس“
صاحبہ جي ماءُ مطمئن ٿي ويئي ٻئي ڏينھن کان صاحبہ ماستر يوسف جي گهر پڙهڻ لڳي، هن پنھنجي سامان مان ڪتاب، ڪاغذ ۽ پينسلون ڪڍيون کيس لفظن جي ۽ انگن جي سڃاڻپ ڏيڻ شروع ڪيائين. ٻن سالن ۾ صاحبہ لکڻ پڙهڻ ۽ انگريزيءَ جا لفظ سڃاڻڻ لڳي کيس انساني جسم جي عضون گلن، ميون ۽ جانورن جا نالا اردو ۽ انگريزي ۾ ياد ٿي ويا. ماستر کيس ٻڌايو تہ ڪھڙا کاتا ڪھڙو ڪم ڪندا آهن؟ پوسٽ جي کاتي جو ڪھڙو ڪم آهي؟ پوليس ۽ فوج جو ڪھڙو ڪم آهي؟ انھن جي حوالي ڇاڇا ذمہ داريون آهن. اخبارون ۽ رسالا ڪھڙو ڪردار ادا ڪن ٿا. سماج ۾ ڇا وهي واپري ٿو ۽ ٻي ڪافي دنيا جي معلومات ڏنائين ان ريت صاحبہ ڪيتريون شيون پنھنجي ذهن جي خزاني ۾ محفوظ ڪري ڇڏيون. هوءَ وڌيڪ کان وڌيڪ علم حاصل ڪندي ويئي هڪ ڏينھن هن ڇا ڪيو، جو بلو رنگ کڻي ڳوٺ صحبت پور جي رئيس ڪريم بخش جو نالو سندس گهر جي ڀت تي وڏن اکرن سان لکيو ۽ گڏ سھڻا گل ٺاهيائين. ٿوريءَ دير ۾ رئيس ڪريم بخش ۽ ٻيا ماڻھو اچي اتي بيٺا رئيس تمام گهڻو خوش ٿيو هُن چيو تہ مون تہ پنھنجو نالو ايترن سھڻن اکرن ۾ لکيل پھريون دفعو ڏٺو آهي، اڄ کان صاحبہ منھنجي ڌيءَ آهي، آئون سندس هر ڳالھہ مڃيندس. اهو ڏسي ڳوٺ جا ٻيا ماڻھو بہ اچي ماستر کي منٿ ڪرڻ لڳا تہ اسان جي ٻارن کي بہ پڙهائي صحبتپور ۾ علم جي اهميت وڌڻ لڳي پوءِ هڪ وڏو واقعو ٿيو جنھن سان اهو ڳوٺ ترقي يافتہ ٿي ويو.
ٿيو ايئن، جو هڪ ڏينھن صاحبہ استاد وٽ اخبار پئي پڙهي سندس نظر خطن جي ڀاڱي واري صفحن تي ويئي هن استاد کان پڇيو جنھن کيس ٻڌايو تہ اخبار جو اهو صفحو خاص خطن لاءِ آهي، جنھن ۾ ماڻھو پنھنجا مسئلا يا ملڪ جا مسئلا لکي اخبار معرفت دنيا کي ۽ وس وارن کي ڄاڻائيندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن انھن جو خوب اثر ٿيندو آهي ۽ مسئلا حل بہ ٿي ويندا آهن. صاحبہ سوچيو تہ پوءِ ڇو نہ آئون خط لکي پنھنجي ڳوٺ جا مسئلا اخبار ۾ شايع ڪرايان اهو پڪو خيال ڪري هن وڏي وزير جي نالي خط لکيو، جنھن ۾ اها آگاهي ڏنائين تہ هن ترقي يافتہ دور ۾ بہ صحبتپور جا ماڻھو انتھائي تڪليف واري حياتي گذاري رهيا آهن. ڪا بہ زندگيءَ جي بنيادي ضرورت هن ڳوٺ ۾ ميسر ڪونھي. اهو خط تفصيل سان لکي لفافي ۾ وجهي هوءَ پنھنجي ماءُ سان گڏ رئيس ڪريم بخش جي گهر پھتي کيس عرض ڪيائين تہ، ”توهان مون کي پنھنجي ڌيءَ برابر ڪوٺيو آهي. منھنجو فقط هڪ ڪم ڪريو هن لفافي تي ٽڪلي لڳائي ڪنھن ويجهي شھر جي پوسٽ آفيس ۾ پوسٽ ماستر جي حوالي ڪري اچو تہ هو جيئن ان کي پوسٽ ڪري“. رئيس ڪريم بخش ان ريت ڪيو جيئن صاحبہ کيس چيو هو ۽ خط اختياريءَ وارن تائين پھچي ويو.
پندرهن ڏينھن کانپوءِ هڪ جيپ هن ڳوٺ ۾ داخل ٿي جنھن ۾ چار شخص اخبار وارن جي معرفت وزيراعليٰ هائوس مان آيا هئا ۽ صاحبہ لاءِ گلدستا ۽ شھر مان آندل تحفا کيس ڏنائون سڄو ڳوٺ سندن گهر اچي مڙيو هنن پوري ڳوٺ جو تفصيلي دورو ڪيو. تصويرون ڪڍيون ۽ ويندي مھل خوشخبري ڏيئي ويا تہ جلد ئي توهان صحبت پور جو نقشو بدليل ڏسندا ۽ رئيس کي بہ پاڻ سان شھر وٺي ويا تہ جيئن کيس اخبار جي اها آفيس ڏيکارين ۽ ٻن ڏينھن ۾ صاحبہ جو وڏو انٽرويو تصوير سان ڇپيو ۽ ڳوٺ وارن جا فوٽو ۽ مسئلا هن سروي ۾ ڇپيا جنھن جون رئيس ڪريم کوڙ ساريون ڪاپيون کڻي آيو اچي ڳوٺ واسين کي ڏنائين هاڻي تہ هن ڳوٺ جي حالتن جي خبر سڄي ملڪ ۾ مشھور ٿي وئي، حڪومت هڪدم ترقيءَ جا اعلان ڪيا، اسڪول، پوسٽ آفيس، اسپتال، روڊ ۽ رستا منظور ٿي ويا، ٻن مھينن ۾ ڪم شروع ٿي ويو. لائيٽ جا ٿنڀا بہ لڳڻ لڳا تہ گئس ۽ پاڻيءَ جون لائينون بہ روڊن جي ٺهڻ سان گڏ ڇڪيون ويون. صاحبہ جي ماءُ جا تاحيات ماهانہ پئسا مقرر ٿيا ۽ صاحبہ کي حُسن ڪارڪردگيءَ جي شيلڊ حڪومت طرفان عطا ڪئي وئي. حڪومت جي نگرانيءَ ۾ هن ذهين ۽ هوشيار نينگريءَ جي اعليٰ تعليم جو بندوبست پڻ ڪيو ويو.

امتحان جو فارم

پرنسپل صاحب جي ڪمري ۾ ويٺل بينڪ مينيجر جي اکين مان ڳوڙها وهي ميز تي ڪريا، جڏهن کيس خبر پئي تہ سليمان صاحب وفات ڪري ويو آهي، پرنسپل محمد عليءَ، مينيجر صديق کان پڇيو ”صديق صاحب! ڇا توهين استاد سليمان کي سڃاڻندا هئا؟ توهان جو اچڻ ڪھڙي سلسلي ۾ ٿيو آهي؟ ڇا توهان هن ڪاليج ۾ اڳ ۾ پڻ آيا هئا؟“
بينڪ مينيجر صديق هڪٻئي پويان ٿيندڙ سوالن جو تحمل سان جواب ڏيندي چيو تہ، ”سائين محمد علي آئون هن ڪاليج جو پراڻو شاگرد رهي چڪو آهيان، ويھہ سال اڳ آئون هتي پڙهندو هئس“ پرنسپل پنھنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ چوڻ لڳو تہ، ”تمام سٺو توهان هن ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي ۽ اڄ ماشاءَاللھ هڪ سرڪاري آفيسر آهيو، مون کي توهان سان ملي دلي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، تہ هن ڪاليج جا محنتي شاگرد اڄ اوج تي رسيل آهن“. پٽيوالي کي چانھن آڻڻ جو چئي پرنسپل ٻہ ٽي ڇوڪرن جون درخواستون ڏٺيون ۽ پوءِ داخلا واري ڪلارڪ کي گهرائي کيس داخلا فارم آڻڻ لاءِ چيائين کيس صديق صاحب ٻڌائي چڪو هو تہ هو پٽ جي داخلا جي سلسلي جي ڪري آيو آهي.
ڪلارڪ امين جڏهن فارم کڻي آيو تڏهن پرنسپل وري صديق ڏي متوجھہ ٿيو ۽ ڪلارڪ کي چيائين ”صاحب کي فارم سان گڏ جيڪي ڪاغذ لڳن تہ اهي ٻڌائج“ ڪلارڪ اها لسٽ بہ کڻي آيو هو. ٿوريءَ دير کانپوءِ صديق مينيجر ۽ پرنسپل پاڻ ۾ سليمان صاحب جي وفات جي ذڪر تي اچي ويا.
صديق پنھنجي استاد سليمان جون ڳالھيون ڪرڻ لڳو تہ ڪيئن تہ هو کين پڙهائيءَ ڏي راغب ڪندڙ ۽ انعامي مقابلا ڪرائي وڌيڪ اڳيان وڌڻ جو شوق ڏياريندو هو. ٿوري دير کانپوءِ سوچيندي چيائين محمد علي صاحب سر سليمان جو هڪ قرض مون ڏي آهي. پرنسپل اوچتو ڇرڪي ڏانھس ڏٺو ۽ پڇيائين، ”سائين ڪھڙو قرض؟“ ”قرض ان ريت آهي تہ جڏهن آئون پڙهندو هئس انھن ڏينھن ۾ منھنجي والد جي مالي حيثيت تمام گهٽ هئڻ ڪري اسين انتھائي غربت جو شڪار هئاسين. منھنجو بابا مزوري ڪري وڏيءَ مشڪل سان گهر جو خرچ پورو ڪندو هو، جنھن ڏينھن امتحان جو فارم جمع پئي ٿيو، ڪل فيس ٻارهن روپين ۾ مون وٽ پئسا گهٽ هئا، ان ڪري آئون فارم ڀري نٿي سگهيس. آخري تاريخ اچي وئي“ اهو چئي هن ساهي کنئي، ” پوءِ ڇا ٿيو؟“ محمد علي پرنسپال سڄي ڳالھہ ڌيان سان ٻڌندي پڇيو، ”پرنسپال صاحب! اهو مون تي سائين سلمان جو ايڏو وڏو ٿورو آهي جو آئون لاهي ئي نٿو سگهان، هن مون کان سڄي خبر چار ورتي منهجي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي چيائين، ”خير آهي بابا! زندگيءَ ۾ اهڙيون ڳالھيون ٿينديون آهن جو ان دل ڪو نہ هاريندا آهن. تون سمجهہ تنھنجو فارم ڀرجي ويو. هن پنھنجي کيسي مان پئسا ڪڍي پورا ڪري مون کي فارم صحيح ڪري ڏنو ۽ چيائين وڃي ڪلارڪ وٽ جمع ڪرائي جڏهن پئسا ٿين تڏهن واپس ڪجانءِ.“
”آئون سندن تمام گهڻو احسانمند آهيان سائين جوانيءَ جي عمر هئي امتحان ڏنم پاس بہ ٿيس پر سر سليمان کي قرض واپس ڪرڻ وسري ويس، هاڻي جڏهن مون وٽ پئسا آهن تڏهن منھنجو محسن موجود ڪونھي ڇا سندس گهر مان ڪير هتي آهي تہ آئون اهو قرض ڪنھن طرح لاهيان“ پرنسپال کيس نھڪر ڪندي وراڻيو، ”هو هتي پري کان آيل هو سندس وفات کانپوءِ انھن جا ڪٽنب وارا پنھنجي ڳوٺ ڏي هليا ويا“. کيس جواب ڏيندي محمد علي صاحب سوچڻ لڳو تہ اسٽاف کين، ڪيترو تہ سليمان جي خلاف ڀڙڪائيندو هو هوُ تہ تمام نيڪ ماڻھو هو صديق جي ڳالھين مان تہ خبر پوي پئي هن تہ ڪيترن شاگردن سان ڀلائي ڪئي هئي. واقعي صحيح چوندا آهن تہ جيستائين ڪنھن ڪم جي اکين ڏٺي ۽ ڪنن ٻڌي تصديق نہ هجي تيستائين انھيءَ ماڻھوءَ جي باري ۾ غلط راءِ قائم نہ ڪجي اڃا انھن سوچن ۾ هو تہ پٽيوالي کين ڪنھن جي اچڻ جو اطلاع ڏنو. هُن اجازت ڏني، هڪ پوڙهو پيءُ پنھنجي شاگرد پٽ سان گڏ درخواست کڻي آيو، پرنسپال اها درخواست پڙهڻ کانپوءِ انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ شاگرد ۽ ان جي پيءُ ڏي نھاريندي چيائين تہ ”بابا! هيءُ پئسا توهان کي جمع ڪرائڻا پوندا. هيءُ ڪاليج جي فيس ڪانھي جنھن جي قسط ٿيئي هيءَ بورڊ جي في آهي، هر صورت ۾ پورا پئسا ڏيڻا پوندا. صديق سڄو لقاءُ اکين سان پئي ڏٺو، سمجهي ويو تہ اهو پوڙهو يقينن مزور ماڻھو آهي وٽس فيءَ لاءِ آهڙار ڪونھن.
صديق مينيجر ويندڙ پوڙهي کي آواز ڏنو ۽ چيائين، ”بابا! هي پئسا وٺ ۽ پنھنجي پٽ جو فارم ڀري ڇڏ“، ائين چوندي هن ٻٽون کولي هزار هزار جا نوٽ ڪڍي کيس ڏنا، پوڙهي جي اکين ۾ خوشي اچي وئي پر وري بہ چوڻ لڳو تہ، ”پٽ آئون تہ تو کي سڃاڻان ئي ڪونہ ۽ پئسا ڪيئن کڻان؟ پوءِ واپس ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪندس؟“ صديق مُرڪي چيس، ”ڪا بہ واپسيءَ جي ضرورت ڪونھي، توهان بي فڪر ٿي فارم ڀريو. ”سندس مٺ ۾ زوريءَ پئسا ڏيندي پرنسپال صاحب ڏي مُڙي اکين ئي اکين ۾ کين آگاھہ ڪيائين تہ، ”مون سر سليمان جو قرض ڄڻ ادا ڪيو آهي ۽ منھنجي دل ۽ دماغ تي پيل سالن جو بوجهہ هاڻي هلڪو ٿي ويو.“

پري ۽ وفادار سپاهي

ڳالھہ ڪندا آهن تہ ملڪ خدا آباد جو بادشاھہ ورهين کان اولاد جي نعمت کان محروم رهيو، هن رحم دل بادشاھہ کي گهڻن سالن کانپوءِ هڪ نياڻي پيدا ٿي، بادشاھہ خوش ٿيو پر جڏهن شھزاديءَ کي ڏٺائين تہ سندس دل هارجي وئي، هو گهڻو اداس ٿي ويو، ڇوڪري رنگ ۾ تمام ڪاري ۽ ڪوجهي هئي، بادشاھہ سندس شڪل ڏسڻ بہ هاڻي پسند نہ ڪندو هو. اڪثر ننڍي شھزادي، راڻيءَ وٽ يا پوءِ خادمائن وٽ هوندي هئي، جيڪي سندس سار سنڀال ڪنديون هيون.
بادشاھہ گهڻي وقت کانپوءِ اولاد ٿيڻ جي صورت ۾ جيڪو جشن ۽ دعوت جو پروگرام رِٿيو اهو بہ ختم ڪري ڇڏيائين ۽ رعايا کي چيو ويو تہ ڪير بہ شھزاديءَ سان نہ ملي جو بادشاھہ نٿي چاهيو تہ سندس نياڻيءَ بابت هروڀرو ڪير ڪا ڳالھہ ٻولھہ ڪري، هڪ پوڙهي عورت ضد ڪندي محلات مان نہ وڃي تہ آئون ڪنھن بہ حالت ۾ شھزاديءَ کي ڏسنديس. اهو ڏسي هڪ وفادار سپاهي راڻيءَ وٽ آيو ۽ صورتحال کان آگاھہ ڪيائين، راڻيءَ ڪجهہ دير سوچي پوءِ سپاهيءَ کي چيو تہ “ٺيڪ آهي، ڀلي پوڙهيءَ کي لڪائي شھزاديءَ جي ڪمري ڏي وٺي وڃ پر خيال ڪج تہ انھيءَ ڳالھہ جي خبر بادشاھہ کي بلڪل نہ ملي“
سپاهيءَ هائوڪار ڪئي، پوڙهي عورت ننڍيءَ شھزاديءَ وٽ پھچي کيس ڏسي واکاڻڻ لڳي”ماشاءَاللھ ڪيتري نہ حسين شھزادي آهي، هيءَ تہ اکين جو نور آهي، هن جا لفظ تہ سچا موتي ٿيندا ۽ وڏي ذهين ٿيندي“، راڻي کيس چپ ڪرائيندي دڙڪا ڏنا تہ توکي انھيءَ لاءِ اجازت ڪونہ ڏني هئي، تہ تون اسان جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪين ۽ هن ريت ٽوڪون ڪرين” پوڙهي مُرڪڻ لڳي هن منھن ۾ ڪجهہ پڙهيو ۽ شھزاديءَ تي ڦوڪيو. راڻي کيس ڦيڻا هڻندي ڏسي پريشان ٿي وئي، تيستائين ٻاهران بادشاھہ جو آواز آيو، هو پڻ ساڳئي ڪمري ۾ اچي داخل ٿيو. شھزاديءَ کي ڏسي روئڻ لڳو تہ“ڪاش! هن بدصورت اولاد کان تہ آئون بي اولاد هجان ها! هيءُ ڄمندي ئي مري وڃي ها تہ چڱو هو. گهٽ ۾ گهٽ مون تان کل تہ نہ ٿئي ها! خدا ڪري جوان ٿيڻ کان اڳ کيس ڪو زخم ٿئي، جنھن ۾ مري وڃي” پوڙهي چپ چاپ اتان هلي وئي. راڻي بہ گهڻي پريشان ٿيڻ لڳي، کيس اهو اُلڪو ٿيس تہ آخر هن کي ڪير نپائي پالي وڏو ڪندو؟ هڪدم سندس ذهن ۾ اها پوڙهي عورت اچي وئي، جنھن شھزادي زهرہ جي گهڻي تعريف ڪئي هئي. ساڳئي سپاهيءَ کي گهرائي چيائين تہ، ان پوڙهي عورت کي وٺي اچي راڻيءَ جڏهن پوڙهيءَ کي ڏٺو تڏهن وٽس هنجون هارڻ لڳي، کيس چيائين تہ“ ههڙي نياڻي پيدا ٿيڻ سان منھنجي تہ چيلھہ ئي چٻي ٿي وئي، هيءُ تہ هاڻي جند جو جنجال ٿي وئي آهي نہ لڪائي ٿا سگهون ۽ نہ ئي ظاهر ٿا ڪري سگهون” پوڙهيءَ راڻيءَ جي ڳالھہ کي وچ ۾ ڪٽيندي چيو ”ڪو بہ فڪر نہ ڪريو بادشاھہ سلامت جي بددعا پوري ٿيندي، شھزاديءَ کي زخم لڳندو پر هوءَ موت جي منھن ۾ ڪو نہ ويندي، گهڻو عرصو ننڊ ۾ هوندي ۽ ٻيو تہ جيئن جيئن وقت گذرندو شھزادي زهرہ حسين ٿيندي ويندي کيس آرسيءَ ۾ منھن ڏسڻ نہ ڏجو“ باقي هُن شھزاديءَ جي پرورش جي ذمہ داري ڪو نہ کنئي.
شھزادي زهرہ جيئن وڏي ٿيندي وئي تيئن تيئن واقعي سندس رنگ صاف ٿيندو ويو پر وڏي ڳالھہ هوءَ صورت کان وڌيڪ سيرت ۾ تمام ڀلي هئي، ملازمن سان سندس ورتاءُ مھربانيءَ ۽ اخلاص وارو هو. جڏهن پندرهن سالن جي ٿي تہ هوءَ هڪ دفعو ڪنيز جي ڪمري ۾ هلي وئي، جنھن سئيءَ سان سلائي پئي ڪئي، شھزاديءَ کانئس سئي کنئي پر هن جي لاءِ اها نئين شيءِ هئي زور سان سندس آڱر ۾ چڀي وئي ۽ شھزاديءَ کي زخم ٿي پيو، ڏسندي ئي ڏسندي کيس اگهور ننڊ اچي وئي، وڏيون ڪوششون ڪيون ويون پر هوءَ ڪا نہ جاڳي، راڻيءَ کي وري انھيءَ پوڙهيءَ عورت جو خيال آيو. کيس گهرايائين جنھن چيو تہ، ”هن کي تڏهن هوش ايندو جڏهن ڪو شھزادو شھزاديءَ مٿي ترس کائيندو“.
راڻي گهڻي فڪرمند ٿي پوڙهيءَ کيس چيو تہ آئون سڄي محل لاءِ دُعا پڙهان ٿي تہ هاڻي سڀ گهري ننڊ سمھي رهن، هن ڪجهہ پڙهي چوطرف ڦوڪ ڏني، سڄو محل سمھي رهيو بادشاهه، راڻي، سپاهي خارمائون سڀ ست سال ننڊ ۾ هئا. هڪ دفعي هڪ ٻئي ملڪ جو شھزادو اُتان مٽيو، جنھن هن دلپذير محل جي هيتري خراب حالت ڏٺي تہ ڏک ٿيس. سوچيائين تہ وڃي اندر ڏسان. هو اندر محلات ۾ ڇا ويو!!، حيران ٿي ويو سمورا ماڻھو اگهور ننڊ ۾ الوٽ هئا. هيءُ جاکوڙي شھزادو سڀ ڄارا هٽائيندو رستو ٺاهيندو سمورا ڪمرا گهمندو رهيو. آخر ۾ شھزاديءَ زهرہ جي ڪمري تائين پھتو، شھزادي ننڊ ۾ هئي ۽ حسين لڳي رهي هئي، شھزادو جان عالم هن معصوم ۽ پرڪشش شھزاديءَ کي هن حال ۾ ڏسي ترس کائڻ لڳو. سوچڻ لڳو تہ بيشڪ هيءُ ئي هن ملڪ جي شھزادي آهي، خدا ڪري هيءَ جاڳي پوي تہ ساڻس ڪي ڳالھيون ڪريان، اچي هن جي ويجهو بيٺو سندس هٿ مٿي پنھنجو هٿ رکيائين تہ شھزادي زهرہ ڪرموڙي سجاڳ ٿي اٿي ويٺي ۽ آهستي آهستي سندس جاڳڻ کانپوءِ سڄي محل جا سڀ ماڻھو جاڳي پيا.
بادشاھہ جو درٻار لڳو تہ ڏٺائون راڻيءَ سان گڏ هڪ خوبصورت ڇوڪري اچي رهي آهي، بادشاھہ کانئس پڇيو تہ، ”هيءَ سھڻي ڇوڪري ڪير آهي؟“ راڻيءَ وراڻيو، ”بادشاھہ سلامت هيءَ توهان جي نور نظر دختر آهي، جنھن جي پيدائش کانپوءِ توهان هاڻي ڏسي رهيا آهيو“. بادشاھہ جڏهن اهو لقاءُ ڏٺو تڏهن پنھنجي تخت تان لھي هيٺ آيو ۽ شھزاديءَ کان معافي گهريائين تہ هو هڪ پيءُ جو پيار ڌيءَ کي ڏئي نہ سگهيو. شھزادي زهرہ خوش ٿي پيءُ کي ڀاڪر پاتو.
راڻيءَ بادشاھہ کي چيو تہ، هڪ پوڙهيءَ عورت اسان جي پوري مدد ڪئي آهي. انھيءَ کي سپاهيءَ معرفت گهرايان ٿي. پوڙهي مائي درٻار ۾ آئي تہ بادشاهه، راڻي ۽ ٻين درٻارين اٿي بيھي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. بادشاھہ چيس، ”اي نيڪ دل عورت آئون تنھنجي مھرباني ٿو مڃيان جو تو منھنجي ڌيءَ جو ۽ هن محلات جو هر دم خيال رکيو آهي“.
”بادشاھہ سلامت! اهو منھنجو فرض هو آئون انسان نہ آهيان بلڪہ هڪ پري آهيان“ اهو چئي هن هڪ عمل پڙهي خود تي ڦوڪيو تہ هڪ حسين پريءَ جي صورت ۾ تبديل ٿي وئي، چوڻ لڳي، ”هڪ ڏينھن آئون پرستان مان هتي زمين تي گهمڻ آئي هيس رستو ڀلجي ويس پوءِ آئون هڪ پوڙهيءَ عورت جي روپ ۾هتي زمين تي رهيس توهان جي رعايا منھنجو سٺو خيال رکيو. توهان رحم دل۽ نيڪ انسان آهيو، ان ڪري هتي رعايا بہ نيڪ آهي پر اللھ جڏهن توهان کي اولاد جي نعمت سان نوازيو تڏهن توهان ان جي ظاهري شڪل جي پنھنجي پالڻ هار سان شڪايت ڪئي، جا مناسب نہ هئي، انسان جي صورت جي ڪا بہ اهميت نہ هئڻ گهرجي. توهان جي شھزادي زهرہ هڪ فرمانبردار ۽ نيڪ خصلت نياڻي آهي“.
بادشاھہ شرمندو ٿي ويو ۽ شھزاديءَ کي ڀاڪر پائي چوڻ لڳو، ”مون کي شھزاديءَ تہ معاف ڪيو آهي اللھ بہ معاف ڪندو.“
پريءَ کانئن موڪلائي پرن کي ٿورو لوڏيو تہ هوءَ هوا ۾ مٿي ٿي غائب ٿي وئي، بادشاھہ ۽ راڻيءَ خدا جو شڪر ادا ڪيو. راڻيءَ انھيءَ فرشتي جھڙي سپاهيءَ جي سڀني سان تعريف ڪئي. جنھن هن پوڙهيءَ عورت/پريءَ کي وٽن آندو هو. سڄو درٻار تاڙين جي ڦهڪن، ٽهڪن ۽خوشين سان واسجي ويو، جڏهن شھزادي جان عالم شھزاديءَ زهرہ کي منڊي پارائي ۽ ان ريت سندن شادي ڌوم ڌام سان ٿي ۽ هو خوش رهڻ لڳا.

ڪاميابيءَ جو راز

سرفراز خان جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو کيس بک بہ ڏاڍي لڳي هئي پر هو ڌيان سان سيٺ عثمان جي پٽ جا بوٽ پالش سان چمڪائي رهيو هو، سيٺ جي پٽ عادت مطابق کانئس وڏي محنت سان بوٽ چمڪارائي کيسي ۾ هٿ وجهي خالي هٿ ٻاهر آندو ۽ کيس اشاري سان چيائين تہ پئسا کليا ڪونھي ۽ مُرڪندو اڳيان هليو ويو ۽ بلڪل ايئن جيئن اسان وٽ ماڻھو ميوو وٺڻ مھل گاڏي تان ٿورو چکي ۽ پوءِ بنا وٺڻ جي هليا ويندا آهن، ويچاري گاڏي واري جو منھن جو پنو ئي لھي ويندو آهي پر ڇا ڪري مٺي بہ ماٺ تہ مٺي بہ ماٺ وانگر چپ هوندو آهي، ان ريت ڪيترائي ماڻھو صبح کان چک چکان ڪري سندس ميوو کائي پيا ويندا آهن. جيڪڏهن ميوي وارو ڪجهہ چوندو آهي تہ نڪَ جا پڪا ٿي پيا مُرڪندا آهن. پر سرفراز خان چپ رهي ڪو نہ سگهيو هيءُ جوان پٺاڻ سيٺ جي پٽ عدنان کان پئسا گهرڻ لڳو ۽ چيائين تہ، ”مون تہ توهان جا بوٽ محنت سان پالش ڪيا آهن، منھنجي مزوري ڏيو، ۽ سندس هٿ جهليائين هن بہ ٺيلھو ڏئي ڪيرائي ڇڏيس“
سيٺ عثمان پري کان اهو منظر ڏٺو پئي کيس آواز پڻ صحيح پئي آيو، هن سڄي ڳالھہ سمجهي، ويجهو اچي پنھنجي پٽ کي زوردار ٿڦڙ هنيائين جو پريشآن ٿي ويو. سرفراز گهٻرائجي. پنھنجا لڙڪ اگهي وڃڻ لڳو، سيٺ عثمان کيس سڏ ڪري روڪي ۽ ڇٻر تي ٻاهر پيل ڪرسين مان هڪ تي کيس ويھڻ جي صلاح ڪئي ۽ پنھنجي پٽ عدنان کي بہ ويھڻ لاءِ چيائين ٻنھي ڇوڪرن لاءِ اها عجيب ڳالھہ هئي پر ٻئي خاموش ٿي ويھي رهيا.
سيٺ عثمان چوڻ لڳو، ”چاليھہ سال اڳ هڪ خطرناڪ زلزلي جي تباهيءَ ۾ منھنجا ماءُ پيءُ فوت ٿي ويا. ان وقت آئون ننڍو هئس پنھنجي هڪ مائيٽ سان گڏ هن ڪراچي شھر ۾ آيس، هيءُ تہ هڪ مھربان شھر آهي، جنھن الائي ڪيترن کي پناھہ ڏني آهي، آئون بلڪل اڪيلو هئس ڪراچيءَ ۾ اچي مون بوٽ پالش ڪرڻ شروع ڪيا، ڪيترن مشڪلاتن کي منھن ڏنم. ڪيترا ڏينھن بکيو وقت ڪٽيندو هئس، روڊن جي فٽ پاٿن تي سُتس. مون جيترا ڪيترائي ڇوڪرا مون خيرات گهرندي ۽ پئسا پنندي ڏٺا پر منھنجي ضمير مون کي هميشہ محنت جو سمجهايو ۽ محنت کي ترجيح ڏيندي آئون ماڻھن جي بوٽن کي تمام سھڻو ۽ دل سان چمڪائيندو هئس. مون کي مزوريءَ سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن خوش ٿي اهي وڌيڪ خرچي بہ ڏيندا هئا. رات جو منھنجي ٻانھن ۾ ڏاڍو سور ٿيندو هو پر آئون ٻئي ڏينھن جي محنت لاءِ خود کي تيار ڪندو هئس، انھيءَ اميد تي تہ انشاءَ اللھ منھنجا سٺا ڏينھن ضرور ايندا. اسين ننڍا لاوارث ڇوڪرا هڪ چمڙي جي ڪارخاني جي شيڊ هيٺ سمھندا هئاسين. جنھن جو مالڪ بہ محنتي هو ۽ اسان جي محنت ڏسي وڌيڪ همٿائيندو هو ۽ کاڌو بہ کارائيندو هو.
هڪ ڏينھن مالڪ مون کي چيو، ”منھنجي مينيجر جي طبيعت ٺيڪ ڪونھي تون بينڪ ۾ پئسا جمع ڪرائي اچ“ آئون ڊرائيور سان گڏجي بينڪ ۾ پئسا رکائي رسيد کڻي آيس، منھنجي عادت هئي تہ آئون ڪم پڪو اصول وارو ۽ ثبوت سميت صحيح ڪندو هئس ٻہ درجا پڙهيل بہ هئس ڪجهہ تعليم هتي بہ هڪ سال ورتي سو بينڪ جو ڪم مالڪ مون کي ڏئي ڇڏيو، مينيجر ڪارخاني جي ئي ڪمري ۾ ويٺو هوندو هو پر ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ کيس فالج ٿيو ۽ هو وفات ڪري ويو. هاڻي مالڪ مون کي مينيجر ڪري ڇڏيو ۽ آهستي آهستي مون تي وڏو اعتبار ڪرڻ لڳو، مون ڊرائيونگ بہ سکي ورتي، هڪ ڏينھن مالڪ مون کي تمام پريشان لڳو.
زور ڀري پڇيومانس تڏهن ٻڌايائين مٿس بينڪ جو ڪجهہ قرض آهي پر ان کان وڌيڪ انھيءَ قرض جو وياج وڌي ويو آهي. اڄ آخري تاريخ آهي جيڪڏهن بينڪ ۾ اهي پئسا ادا نہ ڪبا تہ پوءِ ٿوري وقت ۾ هو ڪارخاني کي ضبط ڪندا. منھنجي عادت هئي تہ آئون تمام محدود خرچ ڪندي گهڻو پئسو بچائي رکندو هئس منھنجي ايڏي حيثيت ڪونہ هئي جو مالڪ جو قرض لاهيان پر ڪيترن سالن جو بچيل پئسو ايترو ئي گڏ ٿي ويو هو جيترو مالڪ تي قرض هو. مون دل وڏي ڪري کين پنھنجا پئسا ڏيڻ جي آڇ ڪئي. پھرين تہ هن جواب ڏنو سندس خودداريءَ اهو قبول نٿي ڪيو تہ هڪ نوڪر کان پئسا کڻي اوڌر لاهي پر پوءِ منھنجي گهڻي اصرار تي هن اهي پئسا قبول ڪيا ۽ مون سان ئي گڏ بينڪ هلي قرض مان خود کي آجو ڪيائين.
توهان يقين ڪريو تہ اهو پڻ منھنجي حياتيءَ جو حسين ترين پَل هو، وقت گذرڻ سان منھنجو مالڪ مون کي بلڪل پنھنجي سڳن ڀائرن جيان ڀانئڻ لڳو، کيس ڪا فئملي ڪا نہ هئي. ايتريقدر جڏهن هو گهڻو بيمار ٿيو. هن پنھنجي سڄي جائيداد ۽ هيءُ ڪارخانو منھنجي نالي لکيو، پنھنجي پٽ ڏي نھاريندي سيٺ عثمان چوڻ لڳو تہ، ”آئون هرسال مقام تي جنھن قبر تي فاتحہ پڙهڻ ويندو آهيان، اُها منھنجي محسن منھنجي مالڪ سيٺ غياث الدين خان جي قبر آهي پٽ! عدنان مون ننڍپڻ ۾ بوٽ پالش ڪيا ۽ سرفراز خان بہ بوٽ پالش ڪري ٿو هڪڙي لحاظ کان اسين ٻئي هم پيشه آهيون” سرفراز خان سيٺ جا لفظ ٻڌي دل ۾ خوشي ۽ فخر محسوس ڪيو تہ هو محنت ڪري کائي ٿو ۽ محنت جو صلو اللھ پاڪ ضرور عطا ڪري ٿو. عدنان کي بہ ڏک ٿيو تہ هن بي سبب سرفراز کي ڌڪ هڻي ڪيرايو. پيءُ جي چوڻ تي کانئس معافي گهريائين. اڄ کيس معلوم ٿيو تہ پورهيو ڪوبہ سٺو ۽ خراب ڪونہ هوندو آهي. جيڪڏهن ڪنھن بہ ڪم ۾ محنت ڪجي تہ ان جو ميوو ضرور ملي ٿو.

ضدي ڇوڪرو

ضد ڪرڻ هڪ تمام ناپسنديدہ عادت شمار ٿئي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن والدين پنھنجي ٻار جي هر جائز ۽ ناجائز خواهش کي پورو ڪري کين خود ئي ضدي ٺاهي ڇڏيندا آهن پوءِ ٻارن کي ناڪار (No) ٻڌڻ جي عادت ئي ختم ٿي ويندي آهي. هو سمجهندا آهن تہ اسان پنھنجي مائٽن لاءِ ايترا تہ اهم آهيون جو کين آسمان مان تارا لاهي ڏيڻ لاءِ چونداسين تہ بہ اهي ايئن ڪندا، پنھنجي وڏن جي گهڻي پيار جو هو گهڻو فائدو وٺي پنھنجون جائز ۽ ناجائز خواهشون مڃائي ”ضدي ۽ خودسر” ٿي ويندا آهن. اهو گهڻو ڪري انھن گهرن ۾ ٿيندو آهي جتي ڪو ٻار سڪي سڪي ملندو آهي، يا گهر ۾ ٿورا ٻار هجن يا ماءُ ۽ پيءُ جي فطرت ۾ بہ ضد هجي سڀني صورتن ۾ ضد جي عادت ڪنھن جي بہ نظر ۾ وڻڻ جوڳي تہ قطعي ڪونھي اڄ هڪ اهڙو واقعو توهان کي ٻڌايان ٿي.
”مون کي کپي، کپي ۽ هن پل کپي“ احمد جون رڙيون سڄي گهر ۾ ٻڌجي رهيون هيون. سندس ماءُ کيس سمجهائي رهي هئي تہ ”تنھنجو بابا آفيس مان ٿڪجي آيو آهي. آرام پيو ڪري رڙيون نہ ڪر هو ننڊ مان اُٿي پوءِ ساڻس ڳالھايون ٿا“.
پر اهو احمد ئي ڇا جو کڻي مڃي ڪو لحاظ ڪو نہ ڪيائين ويتر وڌيڪ رڙيون ڪرڻ لڳو تہ “مون کي اڄ رات جو ئي نيون شرٽون ۽ پينٽون وٺي ڏيو، گهڻا ڪپڙا وٺي ڏيو سڄي الماڙي پوري ڀري رکندس“
احمد جي رڙين ۽ گوڙ تي امتياز صاحب جاڳي سندس ڪمري ۾ آيو“ بابا! ڇا جو گوڙ آهي؟ جيڪي کپي آرام سان ڳالھايو بلڪل ملندو.”
احمد ڏٺو تہ هاڻي تہ ڪم ٿئي پيو، سو ڪجهہ هيٺانھين وٺي فرمائش بيان ڪيائين. امتياز پنھنجي گهر واريءَ کي چانھن ٺاهڻ جو چئي وهنجڻ هليو ويو ۽ کيس بہ تيار ٿيڻ لاءِ چيائين پندرنھن منٽن ۾ هو هڪ وڏي شاپنگ مال وٽ بيٺل هئا، احمد دل کولي ڪپڙا ورتا ۽ جام سارا شاپنگ بيگز کڻي نچندو ٽپندو اچي گاڏيءَ ۾ ماڻس سان خوش ٿي ڳالھائڻ لڳو رستي ۾ آئيس ڪريم کائي اچي گهر پھتا. سمورا ڪپڙا الماڙيءَ ۾ ٽنگي هَرَ هَرَ ڏسڻ لڳو، هفتي ۾ ٻہ جوڙا پاتائين پوءِ وري ڏٺائين بہ ڪونہ، پندرنھن ڏينھن کانپوءِ هڪ دوست جي گهر ويو، جتي نئين وڊيو گيم ڏٺائين گهر اچي ان جي فرمائش ڪرڻ شروع ٿي ويو، پڻس سمجهايس تہ اڃان هن مھيني ۾ هيترا ڪپڙا ورتا آهن، هاڻي پھرين تاريخ تائين تہ صبر ڪر پر اهو احمد ئي ڪو نہ چئبو جيڪو صبر سان ويھي، هن وري اٿندي ويهندي ساڳيو راڳ آلاپڻ شروع ڪيو. نيٺ ماڻس ۽ پڻس ڪڪ ٿي ٻن ٽن ڏينھن کانپوءِ نئين وڊيو گيم ۽ سي ڊيز وٺي ڏنيون. گهر اچي خوش ٿي روز هڪ گيم کيڏيندو هو، ڏهن ڏينھن ۾ انھيءَ مان دل ڀرجي ويس نئين گيم کي الماڙي ۾ رکي وري پراڻي وڊيو سان کيڏڻ شروع ڪيائين. جو اها سندس هٿن تي ٺهيل هئي ۽ انھيءَ سان وڌيڪ مانوس هو.
ان ريت هو اڪثر نيون نيون فرمائشون، سائيڪلون، واچون برٿ ڊي پارٽيون ۽ ٻيا خرچ پڻس کي وجهندو رهندو هو. هڪ ڏينھن امتياز صاحب جو آفيس مان ايندي گاڏيءَ جو ايڪسيڊنٽ ٿي ويو، سندس ٽنگ ۾ فريڪچر ٿيو ۽ هو بستري ڀيڙو وڃي ٿيو. احمد اسڪول رڪشا ۾ اچڻ وڃڻ لڳو، ماءُ کي اداس ۽ اسپتالن جا ڳاٽي ڀڳا خرچ ڏسي سندس دل کي وڏو جهٻو آيو، پنھنجا غلط رويا ۽ ضد کيس ياد اچڻ لڳا، دل سان ماءُ ۽ پيءُ کان معافي گهريائين هاڻي هو هڪ سمجهدار ۽ ذمہ دار ٻار ٿيڻ لڳو.

سمجهدار نياڻي

(ٻارو هيءَ هڪ تاريخي ڪھاڻي ۽ سچو واقعو آهي، جو توهان کي دلچسپيءَ لاءِ ائون ڪھاڻي جي طور ڪري رهي آهيان).

چون ٿا تہ هڪ ڏينھن مغل شهنشاھہ جھانگير سخت گرمين جي ڏينھن جي صبح جو شڪار جو پروگرام رٿيو. شاهي فوج جي هڪ ننڍي دستي سان گڏ هو بند هيا بنڌيا چل جي جهنگ ۾ داخل ٿيو، جتي سندس نظر هڪ خوبصورت هرڻ تي وڃي پئي، جھانگير گهوڙي کي هرڻ ڏانھن تيزيءَسان موڙيو پر جيئن تہ توهان کي خبر آهي تہ هرڻ تيز ڊوڙندڙ جانورن مان آهي، سو اهو جھانگير جي پھچ کان تڪڙو گم ٿيڻ لڳو، بادشاھہ بہ سندس پيڇو ڪيو پر هڪ هنڌ گهاٽا ٻوڙا ۽ وڻ هئا جتي گهوڙو اندر وڃي نٿي سگهيو ۽ هرڻ بادشاھہ کان ڀڄي هڪ ئي ٽپ ۾ انھن وڻن ۾ گم ٿي ويو. بادشاھہ کي ٿوريءَ دير ۾ احساس ٿيو تہ هو پنھنجي حفاظتي فوجي دستي کان گهڻو پري اچي ويو آهي. کيس گرميءَ جي ڪري اڃ لڳڻ لڳي، گهوڙو ڊوڙائيندي ۽ هرڻ جي پويان پوڻ ۾ ٻہ ڪلاڪ گذري چڪا هئا، اُس پنھنجي تيزي ڏيکارڻ شروع ڪئي شهنشاھہ جو گلو سُڪي ٺوٺ ٿي رهيو هو. آسي پاسي ڪٿي بہ ڪو آباديءَ جو يا پاڻي ملڻ جو نالو نشان نہ هو. هن هڪ دفعو وري بہ گهوڙي مٿي ويٺي چوطرف نھاريو کيس ڪٿان بہ ڪو چشمو يا کوھہ ڏسڻ ۾ نٿي آيو. ان ريت هو آهستي آهستي اڳيان وڌڻ لڳو کيس پري کان چند وڻن وٽ ڪجهہ گهرن جا آثار ڏسڻ ۾ آيا. سندس دل ۾ اميد جا ڪرڻا ظاهر ٿيا، وڌيڪ همٿ اچي وئي. وڃي انھن گهرن وٽ بيٺو هڪ گهرجي اڱڻ مٿي ٺهيل ٿلھي تي چوڏهن پندرهن سالن جي هڪ نينگري ويٺل ڏٺائين.
اها سھڻي ڇوڪري ڏسي هن ويران هنڌ تي جھانگير حيران ٿي ويو، پاڻ گهوڙي تان لٿو ڇوڪريءَ کيس ادب سان سلام ڪيو ۽ چيائين تہ ”توهان سڄا پگهر ۾ ٻڏل آهيو، هتي ٿلھي تي آرام سان ويھو آئون توهان لاءِ پاڻي آڻيان ٿي“.
ڇوڪري پاڻي کڻڻ هلي وئي، جھانگير ٻاهر سوچڻ لڳو تہ هن ويران جهنگ ۾ هيءَ حسين ڇوڪري اڪيلي ڪيئن رهندي هوندي؟ تيستائين ڇوڪري هڪ ٿالھہ ۾ ماني ۽ پاڻي کڻي آئي، سندس اڳيان رکندي چيائين تہ ”پھريائين توهان ٻہ ٽي گرھہ مانيءَ جا کائجو پوءِ پاڻي پيو هڪدم سخت گرميءَ ۾ ٿڌو پاڻي پيئڻ سان معدي کي نقصان پھچڻ جو انديشو آهي، بک بہ اڃ سان گڏ ڏاڍي لڳي هئي، هن ڇوڪريءَ جي ڳالھہ ٻڌي پھريائين ٻہ گرھہ مانيءَ جا کاڌا ۽ پوءِ ٿڌو پاڻي پي اللھ تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيائين. ان وچ ۾ هُن ڇوڪريءَ هڪ بالٽي پاڻيءَ جي ڀري گهوڙي جي اڳيان رکي جھانگير ماني کائي واندو ٿيو تہ ڇوڪري لوٽي ۾ پاڻي کڻي سندس هٿ ڌوئارڻ لاءِ آئي. هٿ ڌوئاريندي هن جي نظر جھانگير جي آڱر ۾ پيل هيري جي منڊيءَ تي پئي، هوءَ هٿ ڌوئاري اندر گهر ۾ وئي جتان ڪجهہ ڪاغذ ۽ پينسل کڻي آئي ۽ جھانگير جي سامھون پنن تي لکڻ لڳي. هو سندس اهي ڪم ڌيان سان ڏسي رهيو هو. ڇوڪريءَ ڏانھس نھاريندي چيو، ”منھنجا معزز مھمان! ڇا آئون توهان جو هٿ ڏسي سگهان ٿي؟ جھانگير پنھنجي ساڄو هٿ هن ڏي وڌايو، هٿ ڏسي ڇوڪري وري اندر ڪمري ۾ وئي جتان واپسيءَ ۾ سندس هٿ ۾ هڪ ٻيو ڪاغذ هو جنھن تي جھانگير جي هٿ مطابق زائچو ٺهيل هو.
ڇوڪريءَ وڏي آواز سان پنھنجي ماءُ کي سڏ ڪيا، ”ماتا جي! ماتا جي! ٿوريءَ دير ۾ سندس ماءُ ڀرواري گهرمان ظاهر ٿي ۽ ايندي ئي چيائين تہ، ”روپ متي! ڇا ڳالھہ آهي؟ روپ متي هيءُ شخص ڪير آهي؟“ جيستائين ڇوڪري جواب ڏي بادشاھہ چيو تہ، ”ڀيڻ آئون آگري جو رهندڙ فوج جو سپاهي آهيان، رستو ڀلجي هتي نڪري پيس، توهان جي هن سمجهدار نياڻيءَ منھنجي ۽ منھنجي گهوڙي جي خدمت ڪئي. کارايو پياريو آئون شڪر گذار آهيان“.
روپ متيءَ هڪدم چيو تہ ”جان جي امان جيئندا قبلھ توهان پنھنجي شخصيت اسان کان لڪائي رهيا آهيو، منھنجي زائچي جي مطابق توهان شهنشاھہ جھانگير آهيو“
جھانگير روپ متيءَ جي قابليت ڏسي حيران ٿي ويو پر وري بہ پاڻ کي لڪائيندي چيائين تہ“ نہ ڌيءَ آئون پنھنجي شخصيت نٿو لڪايان پر تون ٻڌائي هن جهنگ ۾ اڪيلي ڪيئن ٿي رهين؟ تنھنجو ڪمائيءَ جو ذريعو ڪھڙو آهي؟”
پوڙهي هاڻي وچ ۾ ڳالھائڻ لڳي ۽ چيائين تہ، “روپ متيءَ جو پتا (پيءُ) بيجاپور جو هڪ وڏو پنڊت ۽ شاهي نجومي هو، هڪ ڏينھن وزيراعظم کانئس ڪنھن ڳالھہ تي ناراض ٿي ويو. پوءِ هو شاهي ملازمت ڇڏي اچي هن جهنگ ۾ ويٺو. گذريل سال وفات ڪري ويو، اسان کي فقط هڪڙي ڌيءَ آهي، جنھن کي هن پنھنجو سڄو علم سيکاريو ۽ ڌيءَ جو امتحان وٺڻ لاءِ هن جڳھہ جو زائچو ٺاهرايائين سندس ٺهيل زائچي ۽ روپ متيءَ جي زائچي مطابق هتي شاهي مھمان ايندو، جنھن جي هٿ ۾ منڊي هوندي ۽ ان ۾ ياقوت جو هيرو جڙيل هوندو. باقي سو جيئندا قبلا رزق ڏيڻ وارو بکيو نٿو سمھاري ڀرپاسي جي ڳوٺ جا ماڻھو ماني کارائيندا آهن. شهنشاھہ سلامت توهان کي ڌڻي سکي رکي منھنجي ڌيءَ جو حساب ڪتاب غط نٿو ٿي سگهي، مون کي يقين آهي تہ توهان شهنشاھہ جھانگير آهيو.“
پوڙهيءَ جي ڳالھہ ٻڌڻ کانپوءِ شهنشاھہ جھانگير لاءِ هاڻي پاڻ کي لڪائڻ جو ڪو بہ حيلو موجود نہ هو. هن پنھنجي منڊي لاهي روپ متيءَ کي ڏني ۽ چيائين ”اڄ کان تون منهجي ڌيءَ آهين“، تيستائين شاهي فوج جو دستو بہ اچي پھتو، جنھن شهنشاھہ کي فوجي انداز سان سلام ڪيو ۽ جھانگير جي اشاري سان هڪ پاسي بيھي رهيا.
روپ متي چوڻ لڳي تہ “مھاراج هنن ٻن ثبوتن جي موجودگيءَ کانپوءِ تہ توهان منھنجي نجومت کي غلط تہ نٿا چئي سگهو“، جھانگير پڇيس تہ ”ڪھڙا ٻہ ثبوت؟“ روپ متيءَ چيو تہ مھاراج پھريون ثبوت تہ شاهي فوج جي سلامي ۽ ٻيو ثبوت تہ هيتري قيمتي منڊي هڪدم شهنشاھہ جھانگير ئي دان ۾ ڏئي سگهي ٿو.”
پوءِ هوءَ تيزيءَ سان اندر گهر ۾ وئي جتان ٿوريءَ دير ۾ هڪ خط کڻي آڻي جھانگير کي ڏنائين ۽ چيائين تہ منھنجي پتا مرڻ کان اڳ توهان جي لاءِ هيءُ خط ڏنو هو شهنشاھہ اهو کولي پڙهيو، جنھن ۾ لکيل هو تہ ”مھاراج: تمام جلدي توهان دکن تي بہ حڪمراني ڪندا، منھنجي درخواست آهي تہ منھنجي زال ۽ ڌيءَ جو خيال رکجو“
انھيءَ پڙهڻ کانپوءِ شهنشاھہ جھانگير حڪم ڏنو تہ روپ متي ۽ سندس ماءُ کي شاهي محلات ۾ پھچايو وڃي. شاهي محلات ۾ راڻي نورجهان روپ متي ۽ ان جي ماءُ جي سنڀال جو ڪم پنھنجي ذمي کنيو. ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ شھر آگري جي هڪ معزز برهمڻ جي خاندان ۾ روپ متيءَ جي شادي ڪرائي ۽ روپ متيءَ جي والد جي حيثيت سان خود شهنشاھہ جھانگير شاديءَ جي سڀني رسمن ۾ شريڪ ٿيو ۽ ڏاج جي طور هڪ وڏي جاگير روپ متيءَ کي عطا ڪئي. تاريخدان لکن ٿا تہ، جھانگير شهنشاھہ جي وفات کانپوءِ جڏهن شاھجھان تخت ڌڻي ٿيو. تڏهن هُن بہ پنھنجي ڪوٺيل ڀيڻ روپ متيءَ جي جاگير ۾ واڌارو ڪيو ۽ سندس وڏي عزت ۽ احترام ڪندو هو.

ليکڪہ بابت رايا

پروين هڪ ذهين عورت آهي، هوءَ تدريسي ڪم ڪرڻ سان گڏ لکڻ ۽ پڙهڻ جو ڪم بہ جاري رکندي اچي، سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپجي مڃتا ماڻي چڪا آهن، پروين جي ايترن ڪتابن لکڻ مان انداز لڳائي سگهجي ٿو تہ هوءَ ادب سان ڪيترو چاھہ رکندڙ، محنتي ۽ ذهين آهي، منھنجي دُعا آهي تہ خدا پاڪ کيس سندس انھيءَ مقصد ۾ ڪاميابي عطا ڪري. انشاءَ اللھ سندس هيءَ جاکوڙ هلندي رهي ۽ هوءَ لکندي رهندي. (آمين)

ڊاڪٽر نور افروز خواجہ


ٻارڙن لاءِ جيترو چيو وڃي ٿو تہ ٻارڙن لاءِ نٿو لکجي ان جو جواب اِهو آهي ٻارڙن لاءِ لکڻ ڪو آسان ڪم بہ ڪونھي ٻارن جي لاءِ لکڻ وقت ٻارڙن جي عمر، نفسيات، سوچون، وندر ۽ مشغولين کي بہ نظر ۾ رکڻو ٿو پوي ۽ ميڊم انھن سڀني ڳالھين کي ذهن ۾ رکي پوءِ لکيو آهي. هيءُ ڪتاب ” مري ٿين نہ مات“، جنھن ۾ سوانحي مضمون آهن مون مڪمل مطالعو ڪيو تہ مون کي ڪتاب سٺو لڳو. سچ پڇ تہ سھڻو دلچسپ ۽ وڻندڙ ڪتاب آهي.

سرور نواز ٻگهيو


سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ مرد شاعرن ۽ اديبن جو تہ کوڙ سارو شانائتو ڪم ڳڻجي ٿو پر اتي اسان جي سنڌي ادب جي نامور نثرنگار عالمہ اديبہ ۽ ڏاهي عورت ادي پروين موسيٰ ميمن سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ چڱو خاصو ڪم ڪيو اهي. علمي ادبي خدمتن سبب دنيا جي قائم هُئڻ تائين پروين ميمڻ جو نالو تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو. سندس هي تازو ڪتاب ”شھزادي ماھہ نور، تہ نھايت ئي نرالو ۽ نڪور ٻاراڻين ڪھاڻين سان ٽمٽار ٿيل دلچسپ ۽ وري وري پڙهڻ جھڙو آهي، جن ۾ سبق آموز ۽ نصيحت ڀريا نڪتا آهن. محترمہ ڊاڪٽر پروين ميمڻ صاحبہ گويا سنڌي ٻاراڻي ادب جي هڪ ”ماھہ نور“ آهي، جس هجي اداري ”چانڊوڪي“ کي جنھن هي ڪتاب سھڻو ڪري شايع ڪيو آهي، قوي اميد آهي تہ هي آکاڻين جو ڳٽڪو پڙهي، آئيندي جا ابا ضرور اثرائتا، لاڀائتا، مانائتا سڦلائتا ۽ مُلھائتا مرتبا ماڻيندا.

محمد ياسين ڪنڀر

پروين ميمڻ مستقل ۽ مسلسل لکندر هڪ اڻ ورڇ ليکڪا آهي، وڏي انگ ۾ سندس مضمون ۽ مقالا هند ۽ سنڌ جي رسالن ۾ ڇپبا رهن ٿا. هوءَ هر وقت علمي ۽ ادبي ڪم ۾ مصروف آهي، پروين مون کي پنھنجا ڪافي ڪتاب پوسٽ ذريعي موڪليا، جيڪي پڙهي مون کي انداز ٿيو تہ هن ايترا سوين صفحن جا ڪتاب لکيا آهن تہ هزارين صفحا ضرور پڙهيا هوندا مطلب تہ سندس مطالعو پڻ واکاڻ جوڳو آهي، وٽس وڏو ڪتب خانو بہ هوندو، هوءَ علم ۽ ادب پرور پنھنجو سفر جاري رکندي اچي.

وينا شرنگي
نئين دهلي

جھڙي سونھن سچائي ۽ سادگيءَ ۾ هوندي آهي، اهڙي سونھن دنيا ۾ ٻيو ڪٿي بہ موجود ناهي، مون کي بہ اهڙي ماڻھن سان ملي دِلي خوشي ٿيندي آهي، جن جو وجود سچائي ۽ سادگيءَ جو اهڃاڻ هجي. ادي پروين موسيٰ ميمڻ بہ اهڙي شخصيت جي مالڪ آهي، جنھن جو حسن سندس سادگيءَ مان جلوه گر ٿيندو آهي، بلڪل ساڳئيءَ طرح سندس لکڻي بہ پاڻ وانگر، سادي سولي سٻاجهي ۽ سڀاويڪ آهي. جنھن کي سولائيءَ سان پڙهي سمجهي ان مان لاڀ پرائي سگهجي ٿو.

ماهين هيسباڻي

ٻارڙن جي هٿن ۾ ڪو ڪتاب ڏيڻ سچ تہ برڪت ڀريو ڪم آهي ۽ اهڙو برڪت ڀريو ڪم اسان جي مانائتي آپا ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ بہ ڪري رهي آهي، ”ٽي تحفا“ ڪتاب جي ٻارنھن ڪھاڻين ۾ دلچسپيءَ سان گڏ نصيحتي نڪتا آهن. خلق جي خدمت، ماحوليات جو بچاءُ، ظلم خلاف احتجاج، مسلسل محنت ۽ جدوجهد ۽ ٻيا چڱا قدر هنن ڪھاڻين وسيلي اسان جي نئين نسل ڏانھن منتقل ٿيندي نظر اچن ٿا.

امر اقبال

ٿرپارڪر جي علمي ۽ ادبي طور زرخيز زمين تي جنم وٺندڙ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو نالو تحقيق ۽ تخليق جي ميدان ۾ ڏيھہ پرڏيھہ سڃاتو وڃي ٿو.
هيل تائين سندن ويھہ ڪتاب ڇپجي مڃتا ماڻي چڪا آهن، جنھن ۾ هن وڏن لاءِ لکندي نئين نسل جي ذهني آبياري پڻ شوق سان ڪئي آهي. ٻالڪ ادب ۾ سندن هي ستون ڪتاب پڻ وڏي مڃتا ماڻيندو. (آمين)

ادارو