سفرناما

سنڌ منھنجي جِند

اسان جي مور ساگر، سنڌ جي سئر سياحت بابت ھيءَ تہ صفا ڪا نئين طرح ايجاد ڪئي ٿي ڏِسجي ۽ ان ڪم لاءِ زندگيءَ جي ڪاروھنوار مان ڪي ڏھاڙا پاڇي ڪري، ھو يارن سان سنگ سنگ، کُليل اکين ۾ ڪئميرا ۽ بئگ ۾ قلم ڪاڳر رکي، سيلاني بڻجي نِڪري ٿو پوي ۽ رات وقت پوءِ سارا پنھنجا مشاھدا، منظر ۽ يارن جون دِلچسپ ڳالھيون، ڪنھن گوشي ۾ ويھي چپ چاپ لِکي ٿو وڃي ۽ پوءِ جيئن ڦُڙي ڦُڙي تلاءُ ٿيندو آھي، ھو ھھڙا ڪتاب ٿو جوڙي وٺي.

  • 4.5/5.0
  • 27
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سنڌ منھنجي جِند

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌ منھنجي جِند“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ پبلشر مور ساگر جو سنڌ وطن جو لِکيل سُھڻو سفرنامو آھي. سنڌ وطن جي سفر جي سلسلي جو هي ڀاڱو ٽيون آهي جنھن جي مھاڳ ۾ ناميارو ليکڪ، شاعر نصير مرزا لکي ٿو تہ:
”اسان جي مور ساگر، سنڌ جي سئر سياحت بابت ھيءَ تہ صفا ڪا نئين طرح ايجاد ڪئي ٿي ڏِسجي ۽ ان ڪم لاءِ زندگيءَ جي ڪاروھنوار مان ڪي ڏھاڙا پاڇي ڪري، ھو يارن سان سنگ سنگ، کُليل اکين ۾ ڪئميرا ۽ بئگ ۾ قلم ڪاڳر رکي، سيلاني بڻجي نِڪري ٿو پوي ۽ رات وقت پوءِ سارا پنھنجا مشاھدا، منظر ۽ يارن جون دِلچسپ ڳالھيون، ڪنھن گوشي ۾ ويھي چپ چاپ لِکي ٿو وڃي ۽ پوءِ جيئن ڦُڙي ڦُڙي تلاءُ ٿيندو آھي، ھو ھھڙا ڪتاب ٿو جوڙي وٺي.“
هي ڪتاب ساحل پبلڪيشن پاران پھرين جنوري 2223 ع تي ساحل پرنٽرز، حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون مور ساگر جا، جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

سڀئي حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو : سنڌ منھنجي جند
موضوع : سفرنامو ]سنڌ جو سفر[
ليکڪ : مور ساگر
ڇاپو پهريون : 1جنوري- 2023ع
ڀاڱون : ٽيون
ٽائٽل ڊزائين : مور ساگر
ڪمپوزنگ : نعمان علي جوڻيجو
ڇپائيندڙ : ساحل پبليڪيشن - حيدرآباد
ڇپيندڙ : ساحل پرنٽرز اينڊ پبلشرز رابعہ اسڪوائر حيدرآباد.
03332634650- 03002634650


SINDH MOHENJI JAND (Travling) SINDH
By: More Sagar
Published by: Sahil Publication Hyderabad
Edition, Janwery 2023. Cell: 03332634650-03002634650
Email: sahilprinter786@gmail.com

ارپنا

سنڌ جي بيباڪ، قومي، عوامي شاعر
حافظ محمد نظاماڻي
۽
پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي
پياري ڀاءُ ادا منظور احمد جوڻيجو
۽
اُنھن سڀني پيارن جي نالي
جيڪي،
زندگي جي هِن سفر ۾، همسفر رهيا.

فھرست

 مھاڳ نصير مرزا 13
 پيش لفظ ڊاڪٽر آزاد قاضي 20
 پنھنجي پاران مور ساگر 24
 نٿي دِل مان نِڪرين ٽنڊي ڄام وانگي 25
• روانگي 25
• هي ٻنيون ٻارا وڻ ٽِڻ هِنن ۾ ڇا آهي؟ 26
• ظالم زميندار 27
• شيخ ڀرڪيو آچاري تان ڀيرو 27
• بُڪيرا ۾ شام جو پھر ۽ چانھہ جو چَسڪو 28
• لي آئوٽ ساڳيون ئي آهي 29
• قائم الدين جو مقبرو بُڪيرا جي ڀر ۾ 30
• ٽنڊو قيصر، پھرين ’قيصر‘ هاڻي ’آسي‘ جو شھر 31
• مانيءَ گهر جي، شادي ڳوٺ ٻاهران وڻندي آهي 34
• ٽنڊي ڄام جي هوائن ۾ 36
• زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۽ پُراڻي ياد 36
• صوفي محفل ۽ چرسائي ڇوڪرا 37
• جڏهن گُلشير لوچي جي شادي ٿي هُئي 38
• اي ڊبليو هيوز جي وقت جو ٽنڊو ڄام 39
 چوهڙ تان چڪر 41
• روانگي 41
• جتي علم ادب جي کوٽ آ، اُهو منھنجو ڳوٺ آ 42
• مُلا حسن درگاھہ جو ديدار 43
• مولوي علي محمد مھيري هِتي سُتل آهي 44
• حمل جت ۽ راڌي جت جا زبون حال مقبرا 45
• کورواھہ کي بہ گُهمي ڏِٺوسين 47
• کورواھہ جي قديم مسجد ڏِٺيسين، 48
• سڄڻ منھنجي وفائن کي مري ويندس تہ ساريندين 49
• جڏهن رزاق مھيري جو عشق عيان ٿيو 50
• شوڪت حسين شوري جو اهو ڳوٺ آهي 51
• پبلڪ لائبريري سجاول ۾ ڳولياسين ڪِتاب 52
• چوهڙ جمالي جُوءَ ۾ 53
• حُب مان مِلياسين حافظ حبيب سان 54
• چوهڙ جمالي تي نالو ڪيئن پيو؟ 55
• ابن شاھہ جا ٽڪر ڏِٺاسين 55
• راڄن شاھہ جا ٽڪر بہ ڏِٺاسين 57
• جلالي بابا جي جُوءَ ۾ 58
• اوهان جي ٻانھُن ۾ سُتا يار هئاسين 59
• شاھہ عقيق جي مزار مھندا جو منظر 60
• لاڏيون، جتي جيل ۾ ٻہ قتل ٿيا هئا 61
• ڇڇ جهان خان کان اڳيان عثمان شاھہ جا قُٻا ڏِٺا 62
• پردي پُٺيان عجيب قسم جا آواز 62

 بڙ جو ڍورو ۽ گنگا جو گام 65
• روانگي 65
• تنھن ڪري تصوير تنھنجي مون بڻائي ڪانہ هُئي 66
• پريس ڪلب بدين ۾ ماما مجيد سان ملاقات 67
• لنواري شريف مان شرف الدين شامل ٿيو 68
• لنگهياسين لنواري شھر مان 69
• خواجہ محمد الزمان جي درگاھہ، ڪنھن ٻي ڀيري 69
• ڪھي لٿاسين ڪڍڻ ۾ 70
• ڪڍڻ پريس ڪلب، ڪجهہ گهڙيون ڪچھري 70
• سيف الملوڪ واءِ ۽ ڪنڊيءَ جو وڻ 72
• سني گُوني ۾ گهڙياسين 75
• علي بندر! صفا ايئن 75
• سفاري پارڪ بنا سونھن جي 76
• ڳوٺ عبدالرحمان جت 77
• عبدالعظيم جت جنھن ’شاھہ جو گنج‘ لکيو 78
• ڏاڏي گنگا جتڻ لطيف جي حافظ ۽ عاشق 79
• بڙ جو ڍورو ۽ شاھہ لطيف جو کوهہ 80
• ايل بي او ڊي جيڪا اُبتو وهي رهي هئي 80
• اڄ بہ ٻھراڙين ۾ وڃي مھمان ٿجي 81
• رڻ جا راهي 82
• شيخاڻي گهاڙي ۽ ناٿو فقير لُنڊ 82
• رِڻ جي رات ۽ برسات 84
• برسات جون ڪجهہ گهڙيون بصر ملاح ۾ 85
• هڪ رات مٿان برسات ۽ رستو گُم 86
• رات جي رهاڻ ساڻ شرف الدين جي اوطاق تي 86
 مور اِن ميھڙ 89
• روانگي 89
• اسان لاءِ هِندورو اِهو ڄامشورو 90
• ڀان سيد آباد ۾ مِلياسين مُنير سان 91
• هلي آ هلي آ دادو، دادو 92
• خدا آباد، ڪلھوڙا دؤر جي گادي جو هنڌ 93
• او شوخ هوا، او شوخ هوا مخدوم بلاول کي چئجان 95
• ڪڪڙ، محسن ڪڪڙائي جو ماڳ 97
• جڏهن خانپور جو لڳل بورڊ پڙهيو 97
• خيرپور ناٿن شاھہ آثم ۽ وفا جو شھر 98
• مور اِن ميھڙ 99
• ميھڙ ۾ منھنجا دوست 100
• ميندي ۽ مائي جي شھر ميھڙ ۾ 101
• ايڊوانس بُڪنگ اِن اولياءَ 101
• پرو چانڊيو کي هِن جاءِ تي ماريو ويو هو 102
• اوهان جي ڳوٺ جي صفا ويجهو 103
• شمس الدين شمسي جي قبر آهي 103
• شاھہ پنجو سلطان 104
• آياسين عبد جي ڳوٺ سوڀو خان مگسي ۾ 105
• سعيدي موساڻي ۽ رات وِچ ۾ آپريشن 106
• رزق ۾ رازق جڏهن برڪتون ڀريندو آهي 107
• اکيون لڳيون پيون هونديون هيون 108
• سائين هاڻي اسانکي اجازت ڏيو 108
• رات رهياسين راڌڻ ۾ 109
• راڌڻ اسٽيشن تان صبح جو سلام 111
 من منهنجو موهن آ 113
• روانگي 113
• سوڀي سان مختصر ملاقات 114
• هر حساب پاڻ رکو 114
• موهن جي دڙي جو ديدار 115
• ڪنگ پريسٽ جي پاسي ۾ 116
• اسٽوپا ڏانھن اڳيان وڌياسين 116
• سمبارا سان سيلفي 117
• موهن ميوزيم ۾ موڪلاڻي 117
• موهن دڙي مان مِليل شيون ڏِٺيون 118
• عاشق نظاماڻي سان چاھہ جون چار گهڙيون 119
• منھنجا ڀاڳ ڀلا، بس آئون پھچان ٿو 120
• سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري ڏِٺيسين 120
• مور اِن ملائيشيا تحفي طور ڏِنم 121
• نئون ديرو کي بہ نظرن ڏِٺو 122
• شھيدن جو ڳوٺ ڳڙهي خدابخش 123
• شھيدن جو آستان 123
• ڄڻ تاج محل جو ڏيک ڏي ٿي 124
• شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قبر تي قُل پڙهياسين 125
• بيگم نصرت ڀٽو بہ ڀر ۾ سُتي پئي آهي 128
• شھيد بينظير ڀٽو عرف پنڪي 128
• مير مرتضيٰ ڀٽو زنده هجي ها تہ ... 133
• شھيد شاهنواز ڀٽو کي بہ ياد ڪيوسين 135

 سکر سيئي ڏينهن 137
• روانگي 137
• احسان راهوجي جي شھر مدئجي مان مٽياسين 138
• سکر شھر پھتاسين 139
• گُلشن جو هي حال آهي تہ ويراني جو ڇا هوندو 140
• معصوم شاھہ جي مناري مٿي 141
• جيڪو سکر واري پُل تي 142
• روهڙي ۾ رهياسين پَل هِڪڙو 143
• بيدل جو قسم، بيڪس جو قسم 144
• ’بيڪس‘ سونھن پرست هو 146
• سکر بئراج سھڻي منھنجي سنڌ جو 147
• لبِ مھراڻ، ’مِٺا مھراڻ ۾ مِلبو‘ 149
• من ۾ هِڪڙو خيال جو پکي 150
• ٺيڙهي شھر مان گُذرياسين 151
• زم زم ۾ رهياسين رات هِڪڙي 151
 کجين جي شھر خيرپور ۾ 153
• روانگي 153
• ڊاڪٽر مشتاق ڦُل واقعي مشتاق دوست آهي 154
• ڪيڏانھن مُنھن مريم جو 155
• صفي الله شر، صحافي بہ آهي شاعر بہ آهي 156
• ريڊيو پاڪستان خيرپور ۾ ڪي پل 157
• هي نشا ڪنول آهي 158
• سچل سرمست لائبريري 159
• فيض محل واقعي ئي محل آهي 160
• ناز، باليءَ جا نينھن نظارا 162
• دِل پئي چوي تہ وري ٻيھر اهڙي رياست جُڙي 164
• چانھہ پيتي ڊاڪٽر مشتاق جي گهر 164
• ڪوٽ ڏيجي کان اڳ ڏِٺل قلعا 165
• احمد آباد عرف ’ڪوٽ ڏيجي قلعو‘ ڏِٺوسين 166
• ڪُنب ۾ ٿڌو ٿاڌل ۽ ظھر جي نماز 168
• راڻيپور پھتاسين تہ ... 168
• درازا سچل سائين جي جنم ڀومي 169
• سچل سائين جي حضور ۾ 170
• سچل جي آڳند اڳيان 172
• يار کي هر هنڌ ڳوليم 172
• جڏهن اڌ پنڌ تي پھتاسين... 174
• مٽياري جو مائو وٺي، مونکي وِساري ويا 175
 مثالي ماڳ ٽنڊو سومرو 177
• روانگي 177
• زرداري روڊ، اسين، سفر ۽ ظفر 178
• رکيوسين رُخ مثالي ماڳ ٽنڊو سومرو ڏانھن 178
• نيٺ پھتاسين مثالي ماڳ ٽنڊو سومرو 179
• مانجهاندو ۽ معلومات گڏ گڏ 180
• ٻہ ماڙ مورچي تان ڳوٺ جو نظارو 181
• اُها مسجد جنھن تي شاگردن اُٺ چاڙهيو 181
• رئيس امداد خان ۽ عاصم سان مختصر ملاقات 182
• نصير ڪئنال جو نظارو 182
• عاصم ايگريڪلچر فارم تان ڦيرو 183
 دودي جي ديس ساحلي پٽي جو سير 185
• روانگي 185
• مڇي لڌم پٽ تان، مڇي ڏِنم شعيب کي 186
• برياني ورتيسين بدين مان 186
• سيراڻي شھر ۾ مجيد مھراڻوي سان مِلياسين 187
• ڀڳڙا ميمڻ ڏانھن ويندي واٽ 187
• ڳوٺ دينار ٽالپر ۾ جمع نماز 188
• ايم اي انگلش معنيٰ چريو! 188
• شيخ ڪرهيو ڀانڊاري درگاھہ جو ديدار 189
• ايل بي او ڊي عرف ارڙ بلا 190
• پرديسي پکي 191
• چنيسر جي بہ وارثي ٿي وئي 192
• مڙس تہ ڪو دودو آهين-دودو سومرو 194
• ڳوٺ غازي ملاح مان پکي ورتا 198
• ال آصف فش فارم تي شام جا آخري پھر 198
• واپسي 199

مھاڳ

مورَ جو نالو، منھنجو مطلب آھي، پياري مورَ ساگر جو نالو، جڏھن جڏھن بہ اکين آڏو اچي ٿو يا پوءِ سندس جُواڻ جماڻ خوش ادا چھرو! خوامخواھہ بہ چپن تي اچيو وڃيم.
مورَ ٿو ٽلي راڻا، مور ٿو ٽلي،
راڻا راڻا، مور ڀلي ٿو ٽِلي گُجر جو.
۽ ھيءَ بہ، ڇا تہ سُھڻي ڳالھہ، گذريل ڪجهہ سالن کان سنڌ جي ھن نشانبر پبلشر، جنھن جو پنھنجو اشاعت خانو آھي: ”ساحل پرنٽرس“. پَڪي پُختي عزم سان، ساري سنڌ جو سئر سفر ڪري، ساڻيھہ ياترا بابت ھھڙا سفرناما لِکڻ جو شروع ڪري ڏِنا آھن، تہ ڀاسيم، اڙي واھہ، ھي مور تہ سچ ۾ واقعي بہ پيو ڄڻ: ”ٽِلي ٽِلي“.
مٿان ھي بہ سندس ڇا تہ مستحڪم ارادو، تہ حياتي بخير، ھو ساري سنڌ جي چَپي چَپي جو سئر ڪري پنھنجي محبوب مشاھدن جا موتي ميڙي ڇُھندڙ ۽ دِل وڻندڙ نـثر ۾ پوئي، بصورت ڪتاب، سنڌي ادب جي شيلف لاءِ هو ھھڙا سياحت ناما لِکندو ئي رھندو.
اجهو ان ڏِس ۾ مُـڙي، ماضيءَ ڏانھن ٿو ڏِسان، تہ اسان جي عظيم ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن تہ، لوڪ ادب ۽ لوڪ سُگهڙائپ جا ھيرا جواھر ميڙڻ لاءِ، سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ جو سئر ڪيو ۽ اسان توھان لاءِ ڇا تہ شاندار ۽ شاھڪار ڪتاب مُرتب ڪري، سنڌي ادب جي جهول کي ڪَنا تار ڀري ڇڏيو هو.
اسان جي هِن يار پياري مورَ ساگر وري پنھنجي رنگ ۽ يارن جي منڊليءَ سان گڏجي سنڌ جند جي سئر سفر، منظرن ۽ اھنجن بابت احوال لِکڻ جو ھي خاص سعيو ڪري، هِن ھر سال باقائده ھھڙا ڪِتاب لِکڻ جو ارادو/عزم جو ڏيکاريو آھي، تہ ھِتي ڇا لِکان، هِن لاءِ سواءِ کيس ھھڙي دُعا ڏيڻ جي
جاڏي پيرُ تاڏي خير...
تڪُ ڌِنان ڌنِ!
ياد پيو اچيم؛ ان ڏس ۾، ھيءَ بہ ڪيڏي نہ سھڻي روايت، تہ ڪجهہ سالن کان ڪيئي سنڌي قلمڪارن، پنھنجن پنھنجن ضلعن ۽ ڳوٺن بابت علمي، ادبي، تاريخي ۽ ثقافتي پس منظر ۾، پيرائتا احوال لِکي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائڻ بہ تہ شروع ڪري ڏِنا آھن، جيڪا پڻ ڏاڍي سُٺي روايت، ڀانئيان ٿو تہ سڀني اھڙن ڪتابن جي حيثيت ۽ اھميت پڪ سان تہ ايندڙ زمانن ۾ زبردست تاريخي ليکبي.
اجهو ان ڏس ۾ اسان جي مور، سنڌ جي سئر سياحت بابت ھيءَ تہ صفا ڪا نئين طرح ايجاد ڪئي ٿي ڏِسجي ۽ ان ڪم لاءِ زندگيءَ جي ڪاروھنوار مان ڪي ڏھاڙا پاڇي ڪري، ھو يارن سان سنگ سنگ، کُليل اکين ۾ ڪئميرا ۽ بئگ ۾ قلم ڪاڳر رکي، سيلاني بڻجي نِڪري ٿو پوي ۽ رات وقت پوءِ سارا پنھنجا مشاھدا، منظر ۽ يارن جون دِلچسپ ڳالھيون، ڪنھن گوشي ۾ ويھي چِپ چاپ لِکي ٿو وڃي ۽ پوءِ جيئن ڦُـڙي ڦُـڙي تلاءُ ٿيندو آھي، ھو ھھڙا ڪتاب ٿو جوڙي وٺي.
پر يارو، اُن کان اڳ جو مورَ جي ھن سنڌ ياترا جي ورقن ۾ آئون لھان، مون ھِن جا، ڇا تہ مزيدار مزيدار ۽ شاعراڻن عنوانن وارا ھي ٻہ سياحت ناما، ڪنھن وقت اڳي ئي پڙھي ورتا ھئا:
”حيدرآباد کان ھنزه تائين“
۽ ٻيو ”موَرُ اِن ملائيشيا“.
ڀانئيان ٿو، سنڌ کان ٻاھر وارا، اھڙا سئر سپاٽا ڪندي ڪندي پڪَ سان تہ مور کي خيال آيو ھوندو تہ ٻاھرين دُنيا گهڻي ئي مون گُهمي ڦِري ڏِٺي، سو ڇو نہ، پنھنجي سڀاڳي سدوري سنڌ جا سُھڻا من مھڻا، گڏوگڏ ڏکڻا سکڻا منظر بہ تہ ھلي ملي وڃي ڏِسجن ۽ شھر شھر، ڳوٺ ڳوٺ جي ملوڪ ماڻھن سان ڪي روح رچنديون ڪجن ۽ سندن حال احوال بہ ويھي لِکجن.
تہ بس، ڪيئي سال اڳي اھڙي سنڌ ياترا شروع ڪري، ساڻيھہ بابت پھريون پُستڪ جيڪو هِن لِکيو، ان جو نالو رکيائين: ”زندگيءَ جا پَل، جي مون گهاريا پنڌ ۾“.
بيشڪ، پيارو مور... ڄمندي ڄام سياح مزاج... سئر سفر جو شائق، سنڌ جي سِرَ سِرَ تي پير رکڻ جو مشتاق، پر سندس نثر جي نٽنگ ۽ عنوانن ۽ تصويرن جا سندن تجويز ڪيل جيڪي ڪئپشن ۽ انھن ۾ سه حرفي نما سُريلي ٻولي جو پڙھيم،.. تہ لڳو، مور تہ پورو پورو شاعر سڀاءُ نثر نگار... اجهو ھتي مثال طور، سندس اھڙن شاعرائـڻن عنوانن جا ھي ٿورا ڪي نمونا بہ ڏِسو...
سُھڻي منھنجي سنڌ...
جي مون گهاريا پنڌ ۾.
يا اختصار سان ڪن تصويرن ھيٺان ڏنل سندس ڪئپشنز جو ڍنگ بہ ڏسو:
راھوڪيءَ جي راھہ تي
گورک ڏانھن گُهت
منصوره ڏانھن مُنھن
ڀِٽ تان ڀيرو
ڪلانڪر ڪَپَ تي
مور جي سفرن جي ھيءَ بہ ڪيڏي نہ سُٺي ڳالھہ، تہ ھر سفر جي ابتدا ۾ ھو سفر واري دُعا پڙھڻ قطعي نٿو وِساري. واٽ ۾ نماز جو وقت اچي ٿو تہ اُھا بہ ھو ضرور ٿو پڙھي... سفر جي سلسلي ۾ سندس ھي بہ، ڇا تہ اسان توھان لاءِ مشورو تہ سفر ڪجي تہ سياري ۾، جو گُهمڻ ڦِرڻ، کائڻ پيئڻ ۽ ويندي ڪمبل ويڙھي سُمھڻ جو بہ جھڙو مزو، سياري ۾ ايندو آھي، ٻي ڪنھن بہ موسم ۾ اصل نه!. مور جي سنڌ ياترا واري ھن ٽئين ڀاڱي کي پڙھندي ان کي ڪو ڪتاب ڪِٿي پئي مون ڄاتو، ڀانئيم ڪا سواري آھي ۽ ٽِپ ڏيئي آئون اُن ۾ مور جي ڀر وٺي ويھي رھيو آھيان ۽ سفر ۾ سندس ٻي سنگت سان آئون بہ ھمسفر آهيان ۽ پياري مور جي اکين سان سڀ ڪجهہ ڏِسندو پيو وڃان، اِجهو ھي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جا ساوا ستابا باغ، وڻ ٽِڻ، سُھڻا نظارا، نظارا ئي نظارا ۽ مٿان واٽ ۾ ڪھڙا ڪھڙا نہ ڏيک ڄڻ چيخوف جي ڪنھن ناول جو باب پيو پڙھان. اجهو ھي شيخ ڀرڪيي واري بزرگ آچاريءَ جو مُقبرو ۽ اُن بابت مور جو دِلچسپ بيان پوءِ بُڪيرا شريف.... اِيلي ڙي، اُن ديار ۾ بہ افغاني پٺاڻ جي چينڪ ۽ کير پتي چانھہ جو ڍاٻو! معنيٰ تہ اِھي ماري اِتي بہ پھچي ويا. پوءِ داستان گو حاجي حقير ابن مڱڻ وارو ٽنڊو قيصر، جتي ھر طرف صوفي ٻيرن ۽ انبن جا باغ. سھڻي شاعر آسي زمينيءَ جي اوطاق ۽ آس پاس کان ايندڙ قنبراڻين جا آواز شيدي باشا ھم باشا..... وري اُن ديار مان ڦِرندا، اچو تہ چوھڙ جمالي، اڙي واھہ، ھن ڳوٺ ۾ ڪنھن وقت، ڇا تہ انڊين پَتي وارين ٻيڙين جا ٻاڌو رھندا ھئا ۽ ڇا تہ سمارٽ ۽ نازڪ ٻيڙيون ٻڌندا ھئا، صفا ھالي ووڊ، بالي ووڊ جي فلم ھيروئنز جينا لولو ۽ ايشوريا جي چيلھہ جھڙيون ٻيڙيون.... چوھڙ جي اھڙين نازڪ ٻيڙين کي ڏِسي سدائين چپن تي ھي گيت ايندو ھئم؛ ”پتلي ڪمر ھئه، تِرڇي نظر ھئه، آجا ميري من ڀائي بالم، آجا تيرا آنکھون مين گهر ھئہ...“ ’چوھڙ تان چڪر‘ ماتلي ڦاٽڪ اڳيان گُذرڻ وقت، مور ٻُڌائي ٿو، ڪنھن وقت ھِتي ڪو بزرگ رھندو ھو ”مولوي نظر محمد“، ان جو جنازو کڄاڻو تہ ڪانڌي ڇا ڏسن، سوين پکي اُن جي ڏوليءَ مٿان ڇانوَ ڪندا پيا ھلن. پوءِ ڪڙيو گهنور ۽ اُن جي ڀرسان ڳوٺ سھراب خان نظاماڻي، اڙي بابا، ھي ناميارو شاعر حافظ نظاماڻي ان ئي تہ ڳوٺ جو آھي، جنھن ھي ڇا تہ يادگار نظم لِکيو آھي ”ڪو آ رحمان جي پاسي، ڪو آ ڀڳوان جي پاسي“.... پوءِ سجاول ڏانھن ويندي دولھہ دريا خان پُل، پوءِ سجاول پبلڪ لائبريري.... ۽ ايئن جتان جتان بہ مور وٺي پئي ھليو، اُتان اُتان جا ڪيئي تاريخي حوالا ۽ سنڌ گزيٽيئر مان گُفتا بہ ٻُڌائيندو ٿو رھي. پوءِ بدين سامھون ”بڙ جو ڍورو“ سبحان اللھ. لطيف سائين جي ياد حافظ مائي گنگا جتڻ وارو گام. اڳيان دودي شھيد واري روپا ماڙي، پوءِ شيخاڻي گهاڙي.... جتي لطيف ايوارڊ يافتہ ناٿو فقير لُنڊ رھندو ھو. ڪيڏا منھنجا ڀاڳ، ٿورا ئي سال اڳ، مون شاھہ سائين جي ميلي ۾ روبرو ھِن کي ڏِٺو ھو ۽ ايوارڊ وٺڻ وقت، ھزارن جي ھجوم ۾ سندس تعارف بہ مائيڪ تي مون ئي پڙھيو ھو. اجهو بدين جي ئي سياحت دوران مور، لواريءَ جي لعل خواجہ محمد زمان قدس سرہ جي مزار جو منظر بہ ڏيکاريو آھي، تڏھن يڪدم ئي شاھہ صاحب جو سندن بابت ھي بيت بہ ياد اچي ويم:
مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرين کي.
وچ ۾ ”ڪڍڻ“ جو ديار، اُھو تہ ڄڻ بدين جي دل ۾ ھو، جيڪو عظيم شاعر شمشير الحيدريءَ جو جنم شھر آھي. ياد آيم ڪنھن وقت شمشير کِلي کِلي چوندو رھندو ھو:
”بديڻان نہ ديکا، تو ڪُجهہ ڀي نہ ديکا“
وِچ وِچ ۾ مور ڪيڏيون نہ مزيدار مزيدار ڳالھيون بہ گوشِ گذار ڪندو ٿو ھلي، مثال طور؛ پيرو جي پَٽن تان لنگهندي، ھِن ٻُڌايو پئي.... ”مڇي کنيم پَٽ تان، مَڇي ڏِنم شعيب کي...“ ۽ ايئن مور کي ھي مڇي ڇا مِلي ھئي، ڄڻ ”لڇمي“ ديوي مِلي وئي ھئي.
اجهو ڳوٺ دينار ٽالپر ۾ ڪچھري دوران جڏهن سڀني سان تعارف ٿيو تہ هِڪ دوست جي لاءِ ويٺلن چيو سائين هي ماستر آهي، هِن سان ڪچھري ڪريو، جنھن ٻُڌايو تہ هو ايم اي انگلش آهي، ڊاڪٽر عبدالجبار فوراَ چيو ’معنيٰ چريو‘ تڏھن سڄي ڪچھريءَ ۾ ٽھڪڙو مَچي ويو.
يا الله، اڳتي مور پوءِ ھي بہ ڪھڙي نہ عجيب ديار جو قصو ڇيڙيو.... اھڙي ديار، جو جِتي ايل. بي. او. ڊي ڄڻ ڪو ارڙ بلا ۽ مٿان ھي قصو تہ ڪنھن وقت شديد سامونڊي طوفان آيو ھو تہ سڀ ڪجهہ ملياميٽ ۽ ھر طرف وڻن ۾، ماڻھن جا لاش ئي لاش! اُن ديار ۾ ھاڻي مور سان گڏ سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر سکر ۾ داخل ٿيس تہ، سامھون لئنسڊائون پُل.... ۽ چپن تي جيڪو لوڪ گيت، اھو ھي ”او جيڪو سکر واري پُل تي ـــ ھو جمالو ۽ جنھن جي سوني مُنڊي چيچ ۾ ــــ ھو جمالو.“ اجهو سکر بئراج جا ھي ڇا تہ 66 جهريل دروازا ۽ ڪُنڊ تي يادگار ميوزيم. جتان سڏ پنڌ تي درياھہ سنڌ، وچ ۾ ”ساڌ ٻيلو“ جتي پاکنڊي بابائن جو پراچين مندر... جنھن جي باغ ۾ ڪُنڊ سان لال گلال گُلن سان ڀريل ”بنفشھ“ جا وڻ. پوءِ پُراڻو سکر جتي جنات چوڪ ۾ شيخ اياز صاحب جو گهر. سکر ڀرسان بسنت بھار رُت جھڙو شڪارپور جو شھر، سامي، شيخ اياز صاحب ۽ آغا سليم جو جنم ديار ۽ جنھن کي مور جي اکين ڀرسان ويھي ڏٺم، تہ کنڊر کنڊر... تباھہ حال ۽ سارو شھر اُجاڙ اُجاڙ. جتي عظيم ليکڪائن روشن آرا مغل ۽ بادام ناتوان جون حويليون، جن جي در درين مان ايندڙ سرگوشيون جا ھھڙا آواز
تو وڇوڙيا سوين اي زمان،ا ھاءِ زمانا.
پوءِ خيرپور... جتي مور سان گڏجي مون مريم توب ڏِٺي ۽ ھي محاورو يادم آيم ”ڪاڏي مُنھن مريم جو، ڪاڏي الھيار...“ پوءِ ياد آيو. دؤرِ حاضر وارو ھي زبردست سُگهڙ خليل کوسو اُن ئي تہ الھيار واري شھر جي مِٽيءَ آھي، جنھن سنڌ جي ٽنڊن بابت ھڪ طويل نظم ۾، سنڌ جي سڀني ٽنڊن جو ڇا تہ دلپذير انداز ۾ بيان لکيو آھي. پوءِ خيرپور شھر اندر بھترين پبلڪ لائبريري، مير واھہ ڪِناري، صفحہ ھستيءَ تان گُم ٿي ويل عظيم شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب وارو ”سرمد جو گهر“ پوءِ دُور درازا اندر، سچل سرڪار جي مزار جتان سندن آواز ايندڙ
بي فائدو بازار گُهمين ٿو
يار ملي ڪک پن ۾ الا،
محبوب ڳولي ڏس.
۽ اُن ئي رستي جي پاسي کان، شاندار ڪوٽ ڏيجي وارو ويران قلعو.... ۽ مور جي، مور پرن جھڙي رنگين نثر ۾،، ھاءِ وي جي ٻنھي پاسن کان، باغ ئي باغ ۽ رنگ ئي رنگ ٿو ڏسان ۽ کجين جا ڏوڪن ۽ ڏنگن سان ڀريل وڻ.... اُتان پوءِ درياھہ جي پار وٺي ويندي مور ڳالھين ئي ڳالھين ۾، سنبارا... ”دي ڊانسنگ گرل“ واري اُجاڙ شھر موھن جي دڙي ۾ گُهمائڻ لاءِ وٺي ٿو ھلي، جتي ويران کنڊرن جي ڀرسان درياءِ سنڌ سان لڳولڳ سُپت سنڌو تھذيب جا آثار. جنھن سڄي دنيا ۾ اسان سنڌ واسين کي نمايان سُڃاڻپ ڏياري ڇڏي آھي. موھن جي دڙي وارن انھن کنڊرن ۾ مور سان گڏ داخل ٿيندي، مکيہ دروازي وٽ ھڪ اوچي چبوتري تي پروھت بابا يعني ڪنگ پريسٽ جو وڏو شاھي مجسمو... جيڪو کنڊرن مان مليل اصل مورتيءَ کي ڏِسي نامياري مجسما ساز پياري دوست نعمت خلجيءَ وڏو وڏو ٺاھي ان ھنڌ تي نصب ڪرايو ھو.
موھن جي دڙي مٿان اسٽوپا واري ھنڌان، مور سان گڏجي دور دور ڇا ٿو ڏِسان.... درياھہ سنڌ، ڪُميت ۽ ابلخ گهوڙي کان بہ تيز تر، سکر بئراج ڏانھن ڊوڙندو ٿو نظر اچي ۽ ڀرسان ڳوٺ ”ٻنڊي“ جيڪو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو جنم ھنڌ ۽ پوءِ اُتي ئي چِتا کي اگني سنسڪار بعد، ھو ڀسم ٿي ويو ھو.
اجهو ھن سنڌ ياترا ۾، مور ساگر سان گڏ گڏ، سفر ۾ ڪنھن شھر ۾ صبح ٿو ٿئي، تہ ڪنھن ۾ شام، ڪِٿي واٽُون ويران تہ ڪِٿي رستا خراب ۽ سفر دوران ڪنھن وقت مٿان ڏِسان، ڇا چانڊوڪيون راتيون تہ ڪنھن وقت وري گجگاھہ اونداھيون راتيون ۽ ھر اھڙي صورتحال ۾ بہ مور جو سفري بيان جاري و ساري، يعني ڳالھہ مان ڳالھہ ۽ قصي مان قصو ۽ بس ايئن ڏِسندي ئي ڏِسندي... سنڌ ياترا بابت ڀاڱي ٽئين وارو ھي سفرنامو تمت بالخير ”يار زنده صحبت باقي.“ تڏھن ويندي ويندي ۽ موڪلائيندي پياري مور وچن بہ تہ مون سان ڪيو، ٿوري آرام ۽ ساھيءَ بعد هھڙو سفر وري آئون ڪندس ۽ سنڌ ياترا جو ھھڙو چوٿون ڀاڱو پڻ ضرور لِکندس سال بہ سال... جي حياتي بخير، وري بہ اسين گڏ ھونداسين.
تڏھن ”سنڌ منھنجي جند“ واري ھن سفر جي پُڄاڻي جڏهن ٿي ۽ پنھنجي پنھنجي اسٽاپ تي ھِڪ ٻئي کان اسين جُدا ٿياسين تہ چيومانس چڱو پيارا مور، توھان پنھنجي گهر خوش ۽ آئون پنھنجي گهر!

نصير مرزا
حيدرآباد
10 ڊسمبر 2022ع

پيش لفظ: ساگر جو سفر، ساگر جون لھرون

سرسبز ۽ شاداب آهن، ٻئي ڪنڌيون مھراڻ جون،
روز شب آباد آهن، ٻئي ڪنڌيون مھراڻ جون.
’سرويچ‘

ون يونٽ واري دؤر ۾ جڏهن سنڌ جو نالو وٺڻ بہ ڏوھ جو ڪم تصور ڪيو ويندو هو. ان وقت محمد ابراهيم جويي صاحب رسالي مھراڻ ۾ تصويري اسڪيچن ۽ دِلڪش نظارن ۽ سُونھن ورُنھن واري شعر شاعري ۽آکاڻين رستي سنڌ وطن لاءِ اُتساھ پيدا ڪندڙ ۽ اندر ۾اُڌما ڏياريندڙ مواد لِکرائي، ان وسيلي سنڌ جي ياد تازي ڪرائڻ وارو ڪم ڪيو هو. جويي صاحب جھڙي داناءَ دانشور پاران اختيار ڪيل اهو انداز، سنڌ جا نت نوان نرالا رنگ ۽ روپ نِکيري نِروار ڪرڻ سان پنھنجي وطن لاءِ حُب پيدا ڪرائڻ جو هڪ ذريعو هو.
ان دؤر ۾ اهڙن خيالن جي اظھار جو واضح مقصد اهو ئي هيو تہ، جھڙي ريت هڪ حڪمت عمليءَ سان سنڌ جو نانءُ نشان مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي ويئي، اهڙي رجحان کي روڪڻ ۽ پنھنجي قومي ورثي کي پنھنجو سمجهي پنھنجو ڪرڻ واري ان عمل سان سنڌ جي عام و خاص ماڻھونءَ ۾ سنڌ جي ماڳن ۽ مڪانن جي معلومات ملڻ ۽ تصويري نمائن وسيلي پنھنجي شين لاءِ اُتساھ ۽ انھن سان پريت وارو پيچ پائڻ جھڙو رجحان پيدا ٿيو. ان وقت جڏهن سنڌ جو نالو نشان مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي ويئي، تڏهن اهڙا عمل ڪري سنڌ ۽ سنڌين جي عظمت واري ورجاءَ وسيلي اُتساھ پيدا ڪرائڻ جي اها ڪامياب ڪوشش ڪئي ويئي. بعد ۾ عوامي اُمنگن ۾ سمائجي ويل سنڌ جي ذري ذري سان عشق وارو عمل ۽ سنڌ جون مختلف حوالن سان ثنائون ۽ سِرَ گهور ڪرڻ واريون صدائون، دراصل انھن ابتدائي ڪوشش جو ئي نتيجو هُيون.
سنڌ جي سونھن ۽ سنڌين جي سچيتائي جا ڪيئي رنگ ۽ ڍنگ آهن سنڌ جي ثقافتي ورثي ۽ روايتن جا ڪيئي روپ آهن، جن کي نِکيري نِروار ڪرڻ جي اڄ بہ اوتري ئي ضرورت آهي جيتري ڪالھہ هئي.
مسجد ۽ مندر ۾ روشن هڪ ڏيئي جھڙي رواداريءَ جو درس ڏيندڙ سنڌ، جنھن ۾ وقت، حالتن ۽ بدلجندڙ ماحول (جيڪو قابض قوتون بدلائڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن) سڀ اڳوڻا محبت ۽ مھمانوازي، قرب ۽ ڪچھرين وارا قدر مٽائيندو پيو وڃي. اهڙي ماحول ۾ دوست مورساگر پنھنجي دِل گهرين دوستن کي ساڻ ڪري، سنڌ جي رونقن ۽ روايتن کي سمجهڻ واري سفر جي شروعات ڪئي آهي. اڄ ڪلھہ جي نفسانفسيءَ واري ماحول ۾سندس اهڙو عمل ساراھ جوڳو آهي.
شايد ئي ڪو اهڙو سنڌي هجي جيڪو ’سنڌ منھنجي جند‘ جھڙو جملو ورجائيندو نہ هجي، پر عشق جو اظھار ڪرڻ ۽ اُن تي عمل پيرا ٿي اڳتي وِک وڌائڻ، اهي ٻہ بنھہ ڌار لقاءَ آهن. مور ساگر پنھنجي پاران چونڊ ڪيل ساٿين سان انھن ٻنھي لقائن جي لست وٺندي، جيڪو سُرور محسوس ڪري ٿو، ان جا اُهڃاڻ سندس قلم بند ڪيل هن تاثراتي مواد جي جهروڪن مان جهاتيون پائيندي نظر اچن ٿا.
ساگر جون لھروُن تہ هر ڪنھن ڏِٺيون هونديون، پر اُنھن لھرُن جي ڌار ڌار لرزش، رنگن ۽ ڍنگن بابت شايد ڪن ٿورن ئي ويچاريو هجي، سانتيڪو ساگر، لھرن جي لپيٽ، ڪڏهن ماٺار تہ ڪڏهن اُڀار، ساگر جو اهو انداز ڏاڍو دِلڪش ۽ من ۾ کُپي، موهي ڇڏيندو هوندو آهي. جنھن کي ڏِسڻ سان دِل کي آسيس ۽ اکين کي سُڪون مِلندو آهي. دوست مور ساگر پاران امڙ سنڌ جي مختلف رنگن، روپن، نينھن نظارن ۽ دوستن يارن بابت تعارفي نوعيت وارو لکيل هي مواد، سچ تہ ساگر جي لھرن واري ڏِکَ ڏيئي ٿو. جنھن جي پڙهڻ سان هن مسافر جي سفر هيٺ آيل سنڌ ڌرتيءَ جي مختلف رنگن ۽ رونقن جي تہ خبر پوي ئي پوي ٿي، پر ان سان مسافر جي باذوق ۽ با شوق هئڻ جو پڻ بخوبي اندازو ٿئي ٿو. پاڻ شاعر هئڻ ڪري شاعراڻي انداز ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي سونھن جي ڳالھہ ڪندو رهي ٿو.
سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ اهڙا ڪيترائي نوجوان آهن، جيڪي سير و سفر سان دِلچسپي رکڻ ڪري گهمڻ ڦِرڻ سان دِل وندرائن ٿا، پر اُهي پنھنجي اهڙن سفرن جو احوال ٻين جي دِلچسپي وڌائڻ خاطر قلم بند ڪونہ ٿا ڪن. ان ڪري وقت ۽ ماحول جي تبديل ٿيڻ سان سھڻي سنڌ جي مٽجندڙ ۽ نئين جنم وٺندڙ ماحول بابت ڪيتري ئي معلومات تاريخي رڪارڊ طور محفوظ ٿيڻ کان رهجي وڃي ٿي، ان حوالي سان مور ساگر جو قلم بند ڪيل هي پورهيو موجودھ دؤر ۾ نہ، پر ايندڙ دؤر جي پڙهندڙن جي لاءِ سير و تفريح سان گڏ ادبي ۽ سماجي مواد پيش ڪرڻ جي سلسلي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.
ساگر پنھنجي سفر واري هن مواد کي تفريحي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڪٿي بہ تحقيقي ۽ تنقيدي تارازيءَ ۾ تورڻ واري عمل کان پاسو ڪيو اٿس، سنڌ جي مختلف حِصن ۽ ان ۾ موجود تاريخي ماڳن ۽ مڪانن جو تفريحي انداز ۾ سير تہ سڀ ڪو ڪندو آهي، پر اهڙن نوَن رنگن ۽ رونقن کي ڪو ڪو ئي قلمبند ڪندو آهي. اهڙي نوعيت جو سير سفر ڪندڙ دوست جيڪڏهن مور ساگر جيان پنھنجا سفر، جيئن اُهي ڪن ٿا، اهو تاريخ وار تفصيل قلمبند ڪندا رهن تہ سُھڻي سنڌ جي وقت ۽ حالتن، موسمن ۽ مُندن جي روشنيءَ ۾ تبديل ٿيندڙ زندگي ۽ مٽجندڙ ماحول جي معلومات گڏ ٿيندي رهندي، جيڪا اڳتي هلي محققن لاءِ بنيادي ماخذ وارو ڪم ڏيندي. مور ساگر پاران ڪيل اهڙي سفر جا، اڃا تہ ٽي حِصا شايع ٿيا آهن، اڃا تہ سنڌ جا ڪيئي حِصا سندس نينھن واري نھار جا منتظر هوندا. خدا کيس خوش رکي ۽ اهڙي همت ڏئي، جو اڄ واري سنڌ جو مختصر ئي صحيح، پر هو اهڙو دِلچسپ معلوماتي مواد مڪمل ڪري سگهي.

ڊاڪٽر آزاد قاضي
راڌڻ اسٽيشن

پنھنجي پاران

روز ٺَھون ۽ وري ڊَهون ٿا سکي!
تو پُڇيو آ تہ ڪيئن جيئون ٿا سکي!

بِلڪُل مٿين سِٽن وانگي زندگيءَ جي مشق جاري آهي، ٺھڻ، ڊهڻ، ڊهڻ، ٺھڻ. سو بہ وري زندگيءَ سفر ۾ روان دوان رهي. سفرنامو آهي ئي تجربي گاھہ، مشاهدا ماڻڻ، لقاءُ پَسڻ، ماڻھن کي، شين کي، تھذيب کي، رهڻي ڪھڻي کي ويجهي کان ويجهو ڏِسڻ ۽ پوءِ اُن کي قلم بند ڪرڻ.
سنڌ جي سفر ۾ ڪيئي لقاءُ بہ ڏِسڻ لاءِ مِلن ٿا، ڪِٿي زندگي بھار جي موسم جيئن ڀاسندي آهي ۽ ڪِٿي خزان ۾ سُڪل وڻن/پنن وانگي وڏين وارتائن مان گُذرندي ڏِسندا آهيون. اسان جو سنڌ وطن ۽ ملڪ پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، پر...
اردو جو هِڪڙو گانو آهي:
تجه کو دی صورت پری سی، دِل نہیں تجه کو دیا،
مِلتا خدا تو پوچھتا، یہ ظلم تو نے کیوں کیا۔
وانگي آئون پنھنجي پروردگار کان پُڇان ٿو: ”اي خدا!، سنڌ وطن ۽ پاڪستان کي پُرڪيف بڻائي، سڀئي سونھن جون صورتون عطا ڪري، سڀني قدرتي وسيلن سان مالا مال بڻائي، حڪمران هِڪ ٻِن کان سواءِ سڀ حرامي ڏِنئي،،،،،،،،،،،،، اِهو ڇا ڪيئي.!!!“
سنڌ جي پنڌ جو ڀاڱو ٻيو ’سھڻي منھنجي سنڌ‘ بہ پھرين ڀاڱي ’زندگيءَ جا پَل جي مون گهاريا پنڌ ۾‘ جيئن پڙهندڙن پاران ساراهيو ويو، پڙهندڙ دوستن جا وڏا وڙ... ساڳين ئي اُميد سان سنڌ جي پنڌ جو هي ٽيون ڀاڱو ’سنڌ منھنجي جند‘ بہ اوهان پڙهندڙ پيارن لاءِ لِکي/ڇپائي کڻي آيو آهيان.
ڪڏهن مَن ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيھر شينھن. (شاھہ)
سو بَس ايئن پنھنجو پاڻ سان وڙهندي، جهيڙيندي، نيٺ سنڌ جي سفر جو هي ڀاڱو ٽيون ’سنڌ منھنجي جند‘ واعيدي مطابق اوهان تائين پھچايو اٿم، ڪجهہ مھينن جي دير ضرور ٿي آهي، پر سال نہ بدليو آهي. باقي دير ٿيڻ جو هِڪڙو واضع سبب اِهو آهي تہ:
جڏهن ڇپجڻ جو مرحلو آيو تہ مُلڪ ۾ منھگائي جي اُٿيل طوفان سبب پـيـپر کي اهڙا پَـرَ لڳا جو اسان جي اُڏام اُتي ئي رُڪجي وئي، گهڻن پڙهندڙ دوستن جي پُڇائن کانپوءِ ۽ سائين ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي، شيخ عبدالله ڪوهستاني ۽ ادا منظور جي تعاون سان نيٺ هي سنڌ منھنجي جند جي سفر جو ڀاڱو ٽيون ڇپجي اوهان جي هٿن تائين پھتو آهي.
هر ڀاڱي ۾ اِهو عرض رکيو اٿم تہ منھنجو هي ڪتاب سفرنامو آهي، ڪا تاريخ ناهي، پر تاريخي حوالا ضرورت مطابق ضرور ڏِنا اٿم، اُن لاءِ کوڙ ڪتاب پڙهيم، گوگل، وِڪي پيڊيا، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۽ روبرو رايتون بہ ٻُڌيون هونديون، سو اِن حوالي سان ڪِٿي ڪا ڪمي ڪوتاهي هُجي تہ ضرور رهنمائي ڪجو.
ٿورائتو، پياري سائين نصير مرزا جو جنھن ڪتاب کي پيار سان پڙهي مھاڳ لِکيو، آزاد قاضي جا بہ قرب ڪِٿي ٿا وِسرن، جنھن ٻہ ٽي لفظ لکيا ۽ بيڪ ٽائٽل لِکڻ لاءِ آپا نذير ناز جا بہ وڙ، محترم يوسف سنڌي جا قرب جنھن هِڪ نظر ڏِٺو ۽ دِلبر دوست ايڇ. بي بلوچ جو بہ تھہ دِل سان ٿورائتو، جنھن خوشيءَ مان آخري پروف ڏِسي ڏِنا.
پڙهندڙن کي هِڪڙي گُذارش عرض آهي تہ پڙهڻ کانپوءِ هيٺ ڏِنل نمبرن تي تنقيدي اصلاح ضرور ڪن، کوڙ خاميون هونديون، جِن کي صحيح ڪري ايندڙ ايڊيشن/ڀاڱي ۾ وڌيڪ بھتري آڻي سگهجي. 

اوهانجو پنھنجو
مور ساگر

نٿي دِل مان نِڪرين ٽنڊي ڄام وانگي

روانگي
اُتر جا واءُ وريا آهن، اکين کي تنھنجو اوسيئڙو،
ڏيئي وانگي ٻَريا آهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾.
سياري جي سرد موسم شروع ٿي چُڪي آهي، هاڻي اسانجي رولاڪين جي مُند بہ ڄڻ شروع ٿي وئي آهي، اسين گرمين کان وڌ سرديءَ جي موسم ۾ گُهمڻ ڦِرڻ کي سُٺو سمجهندا آهيون. سرديءَ جي موسم تہ منھنجي وڻندڙ موسم آهي، هِن موسم ۾ ماحول صاف سُٿرو، اُجرو اُجرو، ماڻھو جھڙو گهران وهنجي نِڪري شام ساڳيون ئي موٽي اچي، هاري ناري، مزدور ڪُڙمي، ڪيترو بہ ڪم ڪن، پر پوءِ بہ پگهر ۾ پُسي پريشان يا بيھوش نہ ٿين، نہ ئي ڪم ڪندي ايتري ٿڪاوَٽ ٿئي، مطلب تہ ڪم ڪرڻ، گُهمڻ، ڦِرڻ، کائڻ، پيئڻ، سُمھڻ. مڪمل پسنديده موسم آهي.
آئون، ادا منظور، سائين ڊاڪٽر عبدالجبار نظاماڻي، سجاد حسن، ديدار ميمڻ پنج ئي گڏجي روانا ٿياسين، ٽنڊو محمد خان کان اڳيان شيخ ڀرڪيو ڏانھن نِڪرندڙ روڊ تي گاڏي کي موڙيوسين، سڀني سفر جي دُعا پڙهي.

هي ٻنيون ٻارا وڻ ٽِڻ هِنن ۾ ڇا آهي؟
روڊ جي ٻنھي پاسن کان تمام سُٺيون آباد ٻنيون ۽ روڊ جي ٻنھي پاسن کان سفيدن جا وڻ ۽ ساوَڪ، ماحول ڏاڍو سُٺو پيو لڳي، روڊ جي ٻنھي پاسن کان وڻن جي سُھڻي بيھڪ روڊ جو خوبصورت نظارو پئي پسايو، ادا منظور چيو ’ديدار گاڏي روڪ تہ فوٽو ڪڍون‘ ديدار چيو ’منظور تون جھڙو ڪراچي جھڙي شھر جو رهندڙ هجين، هي ٻنيون ٻارا وڻ ٽِڻ هِنن ۾ ڇا آهي؟‘ مون وچ ۾ ڳالھائيندي چيو ’ديدار تون جي اسان وانگر سڄو ڏينھن خفن ۽ ڪمن ۾ دماغ هڻي، سويري گهران نِڪري دُڪان ۾ بند هُجين اڌ رات جو واپس گهر اچين تہ توکي بہ خبر پوي تہ هنن نظارن جو مزو ڇا آهي،‘ تون سڄو ڏينھن وتين ٻھراڙين ۾ رُلندو هنڌين ماڳين گُهمندو، تڏهن توکي مزو نـٿو اچي، ڳالھہ ۾ وزن تہ آهي.
ٿورو اڳيان هلون ٿا، ديدار چوي ٿو ’هيڏانھن هِڪڙو ٽيوب ويل ۽ تلاءُ آهي، اُتي هل تہ نظارو ڏيکاريائين،‘ سجاد مُسڪرائيندي چيو ’اوڏانھن الائي ڪيئن ٿو هلي،‘ مون سجاد کي چيو ’ڇا مطلب اهڙو ڇا آهي،؟‘ سجاد وري مُسڪرائيندي چيو، ’هي باقر نظاماڻي ۽ پريان ٻيو بہ ڳوٺ راڄو نظاماڻي جو آهي ٻنھي ڳوٺن جون عورتون گاڏيون ڀري اچي اِن ٽيوب ويل (تلاءُ) تي پسار ڪنديون آهن. سائين عبدالجبار ڳالھہ کي اڳتي وڌائندي چوي ٿو ’اِهي ٻئي چاچو ڀائٽوُ هئا ۽ بندوق جي ٺڪاءُ تي ڳوٺ ٻَڌائون،‘ مون وري سوال ڪيو ’سائين اِهو وري ڪيئن،؟ چيائين ’چاچي چيو آئون هِتي ٿو ويھان ۽ بندوق جو فائر ٿا ڪريون جستائين آواز وڃي اُن جاءِ تي تون پنھنجو ڳوٺ اڏ.‘ بقول ڊاڪٽر عبدالجبار نظاماڻي جي تہ اِهي ٻئي ڳوٺ ايئن وجود ۾ آيا.
اڳتي وڌون ٿا، ديدار کي چوان ٿو، ’ديدار مورائي آباد فاران شگر مل اچي تہ ٻُڌائجان اُتي، منھنجي دوست جو موٽر سائيڪل شوروم آهي، اُتي بريڪ ڪرڻو آهي،‘ پر ديدار چيو مورائي آباد تہ موري ۾ آهي، ’چيم يار اُن موري واري همراه جو ئي تہ مورائي آباد آهي،‘ غلام نبي مورائي جون هِتي ٻنھي پاسن کان زمينون آهن، مھراڻ ٽي وي واري غلام نبي مورائي جون، اِهو بہ اُن دوست علي نواز سھتي ٻُڌايو هو، چيائين تہ فاران شوگرمل ڀرسان آس پاس سڀ زمينون غلام نبي مورائيءَ جون آهن.

ظالم زميندار
ٿورو اڳيان وڌياسين ديدار چيو ’هي باغ هي زمينون سڀ غلام حسين کوکر جون آهن، ظالم وڏيرو هو،‘ سائين عبدالجبار ٻُڌايو تہ: ’غلام حسين کوکر هارين تي ڏاڍا ظلم ڪندو هو، ڪنھن غريب کي پاڻي بہ نہ ڏيندو هو. آس پاس جي ننڍن زميندارن پاڻي نہ مِلڻ ڪري زمينون پوکڻ ڇڏي ڏِنيون. ’مون چيو ايترو ظالم هو تڏهن تي انھي ڪِردار تي ڊرامون بہ ٺاهيو ويو، اُن ڊرامي ۾ غلام حسين کوکر جو ڪِردار گلاب چانڊيو ادا ڪيو هو.‘
ڳالھيون ڪندي شيخ ڀرڪيو شھر اچي پھتاسين، علي نواز سھتي کي فون ڪيم، پر ڪو بہ ريسپانس نہ مِليو، ٻيو ڀيرو نمبر ڊائل نہ ڪيم، سڀني چيو تہ نمبر ڊائل ڪر تہ بريڪ ڪريون، چانھہ بہ پيئون، مِليو هلون، چيم نہ آئون فون صرف هڪ دفعو ڪندو آهيان، اڳيون جي سمجهندو تہ ضرور رپلائي ڪندو، جي نہ تہ بس، هر هر فون ڪبي تہ لازمي بيزار ٿي فون کڻندو جيڪو عمل مونکي ڪڏهن ناهي وڻندو.

شيخ ڀرڪيو آچاري
هاڻي درگاھہ جي ديدار لاءِ گاڏي کي موڙيوسين، درگاھہ جي گيٽ اندر گاڏي بيھاريسين، اندر رش لڳي پئي هُئي شايد هِڪ ٻن ڏينھن ۾ ميلو لڳڻ وارو هو، اڏاوَت زور شور سان جاري هُئي. اڳيان وڌون ٿا تہ ’شيخ آچاري‘ جي مقبري جي احاطي ۾ مايَنَ (عورتن) جي وڏي ڀيڙ هئي جيڪي اُن مھل برياني کائي رهيون هيون، ديڳ وچ تي رکيل هئي، ٻن ٽولن ۾ ورهايل فيمليون شايد آس پاس جون نہ هيون، ڪِٿان پري کان آيل هيون جو هِتي برياني جي ديڳ گهرائي پي کاڌائون، سڀ شھري فيمليز ڏِسڻ ۾ پي آيون. اڃا اڳيان وڌون ٿا مزار ويجهو مزار تي مٿي همراه بلب جهرمر لڳائي رهيا هئا. مزار کي رنگ روپ بہ تازو ئي ٿيل هو، ڪجهہ هفتا پھرين بہ هِتي اچڻ ٿيو هو. تڏهن حاڪم اسان سان گڏ هو. اُن وقت رنگ نئون ٿيل ڪونہ هو. مزار اندر آياسين قُل پڙهي پوءِ ٻاهر نِڪتاسين، سيلفيون، فوٽوگرافي ڪري آياسين ٻاهر، مزار جي ڪوٽ اندر ئي وضو خانا ٺھيل هئا، وضو ڪري وچين نماز هِتي ئي پڙهيسين.
رهاڻ هيرن کاڻ جي ٻن ڀاڱن ۾ پڙهيو هُيم تہ: شيخ ڀرڪيو آچاري جو ڏهين صديء هجريءََ جي ڀلارن بُزرگن ۾ شُمار ٿئي ٿو. هِڪ قلمي ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ هندو شيخ ڀرڪيو کي ’راجا وير‘ ڪري مڃيندا آهن.
تحفتہ الڪرام ۾ هِن جو پورو نالو شيخ ڀرڪيو ولد شاهو ڪاتيار لِکيل آهي ۽ سندس والدہ جو نالو ساران هو، سندس نالو جيڪو عام ۾ مشھور آهي اُهو ’شيخ ڀرڪيو آچاري‘ آهي، جنھن مان اِهو اندازو لڳايو ويو آهي تہ شيخ ڀرڪيو پنھنجي وقت جي آچار وارن جا فيصلا نبيريندو هو ۽ حق وارن کي حق ڏياريندو هو.
شيخ ڀرڪيو لاءِ چوَن ٿا تہ هن بيت بہ لِکيا آهن، جيڪي قاضي قادن جي بيتن سان گڏ ’ڀرڪڻ‘ جي نالي سان مِلن ٿا. ’ڀرڪڻ‘ مان مُراد ڀرڪيو ورتي وئي آهي. ’ڀرڪڻ‘ لفظ جي معنيٰ ’راضي ٿيو‘ ٻُڌائي وئي آهي.
شيخ ڀرڪيو آچاري تي سال ۾ ٻہ ڀيرا ميلو لڳندو آهي، هِڪڙو رمضان شريف ۾ جيڪو سندن ولادت جو مھينو چيو وڃي ٿو. ٻيو رجب ۾ جيڪو سندن وفات جو سال ٻُڌايو وڃي ٿو. شيخ ڀرڪيو جي وفات 3 رجب المرجب 998ھہ تي ٿي.

بُڪيرا ۾ شام جو پھر ۽ چانھہ جو چَسڪو
روانا ٿياسين اڳتي، اسانجي منزل هئي بُڪيرا شريف، بُڪيرا شريف بہ هن ئي روڊ سان آهي، ڪچھري ڪندا رهياسين، ڪجهہ پنڌ اڳيان هلڻ کان پوءِ بُڪيرا شريف آيو، پھرين سڀني جي صلاح هئي تہ چانھہ پيئون ڳوليسين ڪا چڱي هوٽل، ڪجهہ اڳيان ٿياسين تہ پٺاڻ جي هوٽل نظر آئي اندر وڏي اسڪرين واري ايل سي ڊي لڳل هُئي ٻاهر ڪُرسيون پيل هيون صاف سٿري، اها تقريبن هر شھر ۾ پٺاڻن جي ڪوالٽي آهي ۽ انھي ڪري ماڻھو ھر شھر ۾ ڳولي ٿو پٺاڻن جي ھوٽل، سامھون سھڻي ٺھيل مسجد نظر آئي جنھن جو ٻيھر ڪم ھلندڙ ھو. ھوٽل تي چانھہ کان پھرين پڪوڙا کاڌا، چانھہ پي رهيا هئاسين تہ پريان ڪمند سان ڀريل چنگچي رڪشا ايندي ايندي اڳيون ٽائر مٿي ٿي پُٺ ڀر اُڀو ٿي ويو، مون سندس فوٽو ڪڍي ورتو، اڄڪلھہ چنگچي رڪشا تي سوزوڪي جيترو وزن کنيو وڃي ٿو.

لي آئوٽ ساڳيون ئي آهي
هاڻي روانا ٿياسين مقبري طرف بس شھر کان ٻاهر ٿياسين تہ اڳيان بورڊ نظر آيو، گاڏيءَ کي موڙيوسين اُن طرف، جنھن طرف تير جو اشارو ڏِنل هو. ٿوروڙو ئي پنڌ اڳيان هلياسين تہ سامھون درگاھہ هئي، ادا منظور چيو ’لي آئوٽ ساڳيون ئي آهي، شيخ آچاري وارو،‘ اسان جو ڪم ڪِتاب ڇاپڻ آهي تنھن ڪري لفظ ’لي آئوٽ‘ جو استعمال ٿيو، اِهو فطري عمل آهي تہ جنھن بہ ڪم سان ماڻھو لاڳاپيل هوندو آهي، پنھنجي گُفتگو ۾، جملن ۾ ڪِٿي نہ ڪِٿي اُهي لفظ استعمال ڪري ئي وڃي ٿو، نہ تہ ان لاءِ لفظ ’لينڊ اسڪيپ‘ استعمال ٿئي ٿو. اِن تي مونکي هِڪڙو لطيفو ٿو ياد اچي، جيڪو محترم الطاف شيخ منھنجي ڪتاب ’حيدرآباد کان هنزہ تائين‘ جي مھاڳ ۾ ڏِنو آهي.
”هڪ نئين شادي ٿيل ڪنوار پنھنجي گهوٽ سان شڪايت ڪندي چيو تہ: ’آخر اِهو ڇو آهي جو منھنجي ساهيڙيءَ جو مڙس هِن کي هر وقت منھنجي نيراني ھير، ماھتاب، منھنجي ڪَتي ۽ ٽيڙو، ماڪ ۾ ڀنل رابيل، منھنجي شفق،.. وغيره وغيره، جھڙين پيارين شين سان مخاطب ٿئي ٿو ۽ هِڪڙو تون آهين جو هر وقت مونکي جانورن جي نالن سان سڏين ٿو... منھنجي ٿلھي گابي، منھنجي ڪاري مينھن، منھنجي موڳي رڍ، منھنجي ٻ ٻڪري‘...!
مڙس چيس: ’اِها تہ ڪا اهڙي ڳالھہ ناهي، جھڙي ھوءَ پنھنجي مڙس کي پياري آھي، اِھڙي تون بہ مونکي پياري آھين. پر هِن جو مڙس تہ ٿيو موسميات کاتي جو آفيسر ۽ ماهرِ فلڪيات، سو ظاهر آهي هو سج، چنڊ، تارن، ڪَتين، ٽيڙوئن، ڪھڪشائن جي ڳالھہ ڪندو ۽ جاني! توکي تہ خبر آهي تہ تنھنجو مڙس ڊاڪٽر ڍور (جانورن جو ڊاڪٽر) آهي، سو ظاهر آهي هِن جي وات تي هر وقت گابي، مينھن، رڍ، ڏاچي ۽ ٻڪري رهي ٿو‘...“
سو اسين بہ ٿياسين ڪِتاب ڇپيندڙ، تنھن ڪري اُها ئي ٻولي ڳالھائينداسين، جنھن سان روزمره جو واسطو هوندو. خير اسين اُن طرف مُڙياسين جنھن طرف نمن جا وڏا وڻ نظرن جي آجيان ۾ اُڀا هئا ۽ اُنھن نمن جي وڏن وڻن جي وچ ۾ هِڪڙو وڏو مقبرو هو، جيڪو پُڻ پري کان نظر اچي رهيو آهي، جنھن کي ڏِسڻ لاءِ اسين اوڏانھن وڃي رهيا آهيون.

قائم الدين جو مقبرو بُڪيرا جي ڀر ۾
مقبري اڳيان نمن جا وڏا وڻ، وڻن هيٺ گاڏي پارڪ ڪئي اندر آياسين مقبري جي اڳيان جيڪو ڇڄو ٺھيل هو تنھن تي ڪاٺ جو ڪم تمام سھڻي نموني جو ٿيل هو. ڪاٺ تي ٺھيل ڊزائن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو تہ مقبرو تمام پُراڻو آهي.
اي. ڊبليو. هيوز جي لکيل ’سنڌ گزيٽيئر‘ ۾ تہ مون هيئن پڙهيو آهي، ”هن شھر ۾ چار مقبرہ آهن، اُنھن مان هِڪڙو مقبرو ’شيخ ڀانپوٽا‘ (عرف شيخ ٻانھون) جو آهي. هن مقبري لاءِ چيو وڃي ٿو تہ 500 سئو سال پُراڻو آهي. ٻيو مقبرو ’پير فاضل شاھہ‘ جو آهي، هن بابت چون ٿا 400 سئو سال پُراڻو آهي. ٽيون مقبرو ’قائم شاھہ قريشيءَ‘ (المعروف قائم الدين قلندر) جو آهي، جيڪو ستر ورهيہ اڳ جو ٻُڌايو ٿو وڃي ۽ چوٿون مقبرو ’پير فاضل شاھہ‘ جو آهي جيڪو هاڻي ويھہ ورهيہ پُراڻو چيو وڃي ٿو. (هِتي مونکي وڌيڪ معلومات ناهي، پر سنڌگزيٽيئر ۾ پروف جي غلطي آهي يا ٻہ پير فاضل شاھہ آهن، ڇو تہ ٻي نمبر تي بہ پير فاضل شاھہ لکيل آهي جيڪو 400 سال پُراڻو آهي ۽ چوٿين نمبر تي بہ پير فاضل شاھہ لکيل آهي).
”بُڪيرا شھر لاءِ چون ٿا تہ قائم شاھہ قريشيءَ 700 سال اڳ اڏرايو هو. هي شھر ٽنڊي الھيار تعلقي ۾ آھي، ٽنڊو الھيار کان فاصلو پنج ميل (اٺ ڪلوميٽر)، جڏھن تہ حيدرآباد کان 18 ميل ٻُڌايو ٿو وڃي.“
هن بڪيرا شھر جي آبادي اُن وقت 700 لکيل آھي ۽ اُن وقت رھندڙ ذاتيون بڪيرا، ميمڻ ۽ خاصخيلي آھن. اُن وقت لکيل آھي تہ ھنن ماڻھن هن 700 جي آبادي واري شھر ۾ ڪو بہ ماڻھو سرڪاري عملدار نٿو رھي، ھتي جي آباديءَ جو گُذر سفر صرف زراعت، واپار ۽ مڇي مارڻ تي آھي.
اسين ھن وقت جنھن مقبري ۾ موجود آھيون، سو قائم الدين جو آھي، جيئن ئي مقبري ۾ داخل ٿياسين تہ ٻہ همراه بيٺل هئا جن مان هڪ همراه ادا منظور کي سُڃاتو، جيڪو هِتي هن مقبري جو خدمتگذار آهي، سُٺي نموني مِليو، پوءِ مقبري اندر وٺي هليو، مقبري ۾ قائم الدين (قلندر قائم الدين)، مقبري ٻاهران پٽي تي اِهو نالو لڳل آهي قلندر قائم الدين جڏهن تہ سنڌ گزيٽيئر ۾ صرف قائم الدين قريشي لکيل آهي.) جي مزار سان گڏ ٻيون بہ ست مزارون لائن ۾ هيون، جيڪي سندس ڀائرن، مِٽن ۽ اولاد جون ٻُڌائي رهيو هو. مقبري جي پاسي کان اُتر طرف لڳ مسجد اڏيل آهي، جيڪا اسان جي ڳوٺ ميون ملوڪ ۾ مخدوم امام تي اڏيل آهي، سان مشھابت رکي ٿي. اها ڊزائن ۽ اُهو ڪاٺ، ساڳئي انداز، بيھڪ ۽ گُلڪاري. مقبري جي ڏکڻ طرف هاڻي جي اڏيل مسجد جتي خاصخيلي ذات جي خدمتگذار جي پويان اسان سانجهيءَ جي نماز پڙهي. پوءِ کائنس موڪلائي آياسين، هاڻي رات ٿي چُڪي آهي ۽ اسان اڳيان آسي جي شھر قيصر جي ٽنڊي بہ وينداسين.

ٽنڊو قيصر، پھرين ’قيصر‘ هاڻي ’آسي‘ جو شھر
ورتوسين رستو ٽنڊو قيصر جو، جيڪو هِتان کان پنج ڇھہ ڪلوميٽر ٻُڌايو پيو وڃي. خير ٻہ ٽي ڳالھيون، احوال تيستائين ٽنڊو قيصر بہ پھچي وياسين. پُڇا ڪئيسين رئيس منظور نظاماڻيءَ جي گهر ڏي ويندڙ گلي جي، ٻُڌايائون اِها ئي آهي. سِڌو پھتاسين رئيس منظور جي اوطاق اڳيان، سائين فون ڪئي، منصور نظاماڻي نِڪري آيو. ڀاڪر پائي مِليو، حالي احوالي ٿياسين، اوطاق جو دروازو کوليائين اڃا ويٺاسين تہ چيائين جيڪڏهن پھرين نماز پڙهو تہ جماعت جو وقت ٿي ويو آهي. چيوسين هلو اسان تہ پنج ئي نمازي هئاسين، چيائين ان ڪري اوطاق جو دروازو کوليو تہ ٿي سگهي ڪي نماز نہ پڙهندا هُجن، جي اِها خبر هُجي ها سڀئي نمازي آهيو تہ پھرين هلون ئي مسجد ڏانھن ها، سڀئي گڏجي کِلياسين. ها ابا اسين سڀئي نمازي آهيون، ڪو پنج وقتي، ڪو چار وقتي، ڪو ٽي وقتي، پر نمازي آهيون. گڏجي هلياسين سومھڻي نماز پڙهي واپس آياسين.
هاڻي منصور پُڇيو ڏيو خبر پيٽ پوڄا ڪبي يا ڪچھري سڀئي خاموش رهياسين، سائين عبدالجبار نظاماڻي ڳالھايو ’پھرين پيٽ پوڄا ٿا ڪريون، منصور روانو ٿيو، ماني جو بندوبست ڪرڻ، جڏهن گاڏي ٻاهر ڪڍيائين آئون تہ سمجهي ويس ماني وٺڻ هوٽل تان پيو وڃي، خير اسين پنھنجي ڪچھري ۾ هُئاسين، تہ رئيس منظور نظاماڻي بہ اچي ويو. سڀني سان سُٺي نموني مِليو ۽ پوءِ ڪچھري ڪرڻ لڳاسين، منھنجي ذهن ۾ هو تہ رئيس ٿو سڏجي، سو جيئن رئيس هوندا آهن، ايئن ئي هوندو، پر هي همراه تہ ڄڻ اسان جو اڳ ۾ ئي دوست هو، پڙهيو لِکيو ۽ ڪچھري دوران ئي ڄاتم تہ پُراڻو ڪامريڊ رهيو آهي، فاضل راهو جي دؤر ۾ پوءِ رسول بخش پليجو وارن سان گڏ. پاڻ ڪچھري دوران شاھہ جا شعر، هِڪڙو آڪاش انصاري جو نظم بہ ٻُڌايائين اُهو بہ آزاد نظم ۽ آزاد نظم جي پھرين ئي مخالفت ڪري ويٺو هو تہ ”اڄڪلھہ جا شاعر گهڻي محنت کي پُڄن ڪون پوءِ آزاد نظم لکيو ڇڏين ڀلا آزاد نظم بہ ڪا شاعري آهي“ ۽ هاڻي جڏهن آڪاش انصاري جو نظم پڙهائين مون فورن چيومانس سائين هي جيڪو شعر اوهان ٻُڌايو آهي اِهو تہ آزاد نظم آهي، اوهان تہ آزاد نظم کي پسند بہ نٿا ڪريو ۽ هي ياد بہ اٿو، چيائين هن نظم ۾ ڪا ڳالھہ آهي، ڪو پيغام آهي. اِن ڪري ياد رهيو اٿم.
مون چيومانس سائين جيڪڏهن سائين آسي زميني جو گهر ويجهو هُجي ۽ سولائيءَ سان اچي سگهي تہ ڀلا کيس گهرائي وٺو، ڪچھري ٿي ويندي. ۽ هن بہ چيو ’ها فون ڪريون ٿا اچي ويندو،‘ نمبر مون وٽ بہ هو، ملايم تہ نمبر بند پيو هو. رئيس منظور نمبر ملايو اُهو بہ نمبر بند پيو هو. نمبر ملائڻ دوران ئي ٻُڌايائين تہ اڳين جمع تي هڪڙو همراه آيو، نالو ورتائين تہ، ”سائين آسي زميني سان تہ ملايو، يار آهي اسان جو“ چيائين مون بہ کڻي فون ڪئي. آسي زميني بہ ٿورو دير ڪري پُھچي ويو. پر هي جڏهن مِليا تہ مون محسوس اِهو ڪيو تہ هي ٻئي همراھہ هڪٻئي کي سُڃاڻين ئي ڪونہ ٿا، خير ويٺاسين مون چيو تہ هڪٻئي جا دوست آهن پاڻھي ڪچھري ڪندا، پر همراه هڪٻئي کان پري پري، پوءِ چيائين مزو مونکي بہ نہ پيو اچي، تيستائين همراه موڪلايو. پوءِ آسي سان ڪچھري ڪيم. ڪِٿي اوهان سان بہ اِهو مسئلو تہ ناهي“ چيم نہ سائين آسي کي گهڻو سُڃاڻو. تڏهن کان سُڃاڻو جڏهن آسي زميني اِهيو غزل لکيو هو:

آءُ گهڙي کن هيٺ لھي آ، پنھنجو جوڙيل ڏيھہ ڏِسي وَڃ.
مونکي هِڪڙي ڳالھہ ڏسي وڃ، منھنجي هِڪڙي ڳالھہ ٻُڌي وَڃ.

هِڪڙا ماڻھو ننڍڙا ماڻھو، هِڪڙا ماڻھو وڏڙا ماڻھو،
ڪھڙا ماڻھو تنھنجا ماڻھو، پنھنجن تي نشان هڻي وَڃ.
پيرين اُگهاڙو پيٽ بُکايل، نـٽھڻ اُس ۾ هرڙو هلائي،
ڪاري ڳُـڙ سان سُڪل ڀورا، هڪڙو ويلو تون بہ چکي وَڃ.

لوئي ليڙون ڦاٽل چولو، انگ اُگهاڙي ڪنھن جي ڄائي،
ڌارين آڏو جهول جهلي پئي، پنھنجي کي خيرات ڏئي وَڃ.

آسي کي جا ڏات ڏِني ٿئي، سا ئي لُڇي ٿي سا ئي پُڇي ٿي،
آءٌ ڇو دهريو ڪافر سڏجان، مونکان پنھنجي ڏات وٺي وَڃ.

جڏهن فنڪار الھڏنو جوڻيجو جي آواز ۾ اِهو غزل ٻُڌو هو تہ پوءِ اِن غزل جا ڄڻ تہ عاشق ٿي پيا هئاسين، جنھن تنھن شادي ۾ الھڏنو جوڻيجو کي ان غزل جي فرمائش ڪندا هُئاسين.
ٽنڊو قيصر ڳوٺ کي مُراد قيصر خان نظاماڻي تعمير ڪرايو، پر هِن ٽنڊو قيصر جو نالو مون پھرين قيصر نِظاماڻي (اداڪار) جي نالي کان پوءِ ٻُڌو هو, عبرت مئگزين ۾ سندس انٽرويو ڇپيو هو، جنھن ۾ هِن پاڻ کي ٽنڊي قيصر جو ٻُڌايو هو ۽ پوءِ محمود آسي زميني جي ڪري بہ ٽنڊو قيصر جي سُڃاڻپ ٿي (مون وٽ)، ظاهر آهي تاريخي حوالي سان تہ ٽنڊو قيصر جي سُڃاڻپ صوفي ٻيرن جي شھر طور بہ آهي، جيڪي چوَن ٿا تہ پھرين صوفي ٻير ٽنڊوقيصر ۾ پيدا ٿيا. (ولاالم)، هِي ڳوٺ ٻِن واهن جي وچ تي آباد ڪيو ويو آهي، ’نعر واھہ‘ هي ڳوٺ جي بلڪل ويجهو هو، ٻيو ’نصير واھہ‘ جيڪو هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي اُتر طرف هو. اِهي ٻئي واھہ ڦُليلي مان نِڪرندا هئا. 1932ع ۾ جڏهن بئراج وهڻ شروع ڪيو تہ هي ٻئي واھہ بند ٿي ويا. ماضي ۾ هي ڳوٺ/شھر لاڙ ۽ اُتر کي ملائيندڙ، حيدرآباد ۽ بمبئي کي ملائيندڙ رستي جي وچ تي هو، جيڪو هاڻي صرف ماضي جو قصو آهي.
هِن ڳوٺ جي بناوَت گهٽين جي حوالي سان ڏاڍي بيڪار آهي، گهٽيون سوڙهيون، هيٺ مٿي، آڏيون ڦِڏيون، ڦيريدار مطلب تہ نئون ماڻھو ڪنھن جو پُڇي اچي پوءِ پيو گلين ۾ گُهمي يا وڏي گاڏي واري لاءِ بہ مسئلو آهي.ڪلھوڙا دؤر ۾ جڏهن ٺـٽو پرڳڻو هو تہ هي چاڪر هالا ۾ شامل هو، پوءِ جڏهن حيدرآباد وجود ۾ آيو تہ پوءِ هي حيدرآباد جي تپي ’گدوبندر‘ ۾ شامل ڪيو ويو. ڪلھوڙا ۽ ٽالپر دؤر دوران چوَن ٿا تہ هِن ڳوٺ ۾ گهڻا فيصلا ٿيا هُئا. سنڌ جي راڄڌاني حيدرآباد هو، پر رئيس قيصر خان ۽ رئيس الودو خان نظاماڻي هِتي رهندا هُئا، تنھن ڪري، چوَن ٿا ٽالپر حُڪمران تہ صلاح مشوَري لاءِ بہ هِتي ٽنڊوقيصر ۾ انھن مٿين همراهن وٽ ايندا هُئا.
هِن ڳوٺ جي وچ تي ٻہ باغ هوندا هُئا هِڪڙو باغ قيصر خان جو، ٻيو باغ الودي خان جو، ٻنھين باغن جي وچ تي هِڪڙو کاري پاڻيءَ جو کوھہ پُڻ هو، هِتي انبن جي باغن سان گڏ صوفي ٻيرن جا بہ باغ هوندا هُئا، روايت موجب صوفي ٻيرن جي شروعات هِتان کان ٿي، جيڪا رئيس احمد خان ڪئي. انگريزن جي د‍ؤر ۾ هِتان جا انب ۽ صوفي ٻير بمبئي ويندا هُئا. هِن ڳوٺ ۾ بہ سرداري نظام هلندو هو، جنھن جو پھريون سردار رئيس ڳاڙهو خان هو، اُن کان پوءِ سندس پُٽ الودو خان اُن کانپوءِ قيصر خان ٿيا، اُن کانپوءِ الودي جو پُٽ غلام محمد پوءِ اُن جو فرزند احمد خان احمد خان کانپوءِ غلام علي خان ٿيو. جنھن سرداري نظام کي ختم ڪري پٽيل نظام آندو، جيڪو شايد اڃان تائين پنھنجي وجود ۾ قائم آهي. (معلومات: تذڪره ٽنڊوقيصر)
پڪا ڳاڙها ٻير، آئي مُند بھار جي،
آئون اوهان جي آسري، سگهو اچ سوير،
متان ڪرين دير، متان مُند مَٽي وڃي. (م. س)

ماني گهر جي، شادي ڳوٺ ٻاهران وڻندي آهي
منصور بہ ماني وٺي موٽيو، ٽي ڀاڄيون هيون، پر ماني مڪمل هوٽل جي ئي هُئي، گڏجي کاڌيسين. اصل ۾ اوطاق تي هوٽل جي ماني کائڻ ۽ گهر جي ماني کائڻ جو لُطف الڳ الڳ هوندو آهي. جيڪو سواد گهر جي ماني مان مِلندو آهي سو هوٽل جي ماني مان ڪڏهن بہ نہ، اِهو سواد ايئن آهي جيئن اڄڪلھہ شاديون سڀئي شادي هالن ۾ ٿين ٿيون، جنھن جو حُسن، جمال، رنگ روپ سڀ ڦِڪا ڦِڪا آهن، اُن شادي جي بنسبت جيڪا ڳوٺ ٻاهران شاميانو لڳائي رچائي ويندي آهي. هال واري شادي صفا ايئن ئي لڳندي آهي تہ ماڻھو ڪنھن سُٺي هوٽل ۾ ماني کائي ۽ بل پيڊ ڪري هليو آيو. صفا بيسواد شادي جو اصل رنگ روپ، حسن و جمال ڳوٺ ٻاهران شاميانو لڳائي ڪرڻ ۾ آهي. پر هاڻي ماڻھون گهڻي خفي ۽ محنتن کان لھرائين ٿا، جنھن ڪري ٺھيل ٺُڪيل شادي هالن ۾ وقت تي گهوٽ سان گڏ اچن ۽ دعوت جو وقت پورو ٿئي تہ بيگ ڪڇ ۾ ڪريو روانا ٿيو وڃن.
رئيس منظور پُڇيو چانھہ پيبي يا ٿڌو، سڀني چيو چانھہ صحيح آهي، منصور کي چيائين ابا ڏِس جي گئس نہ هُجي تہ پوءِ هُتان وٺي اچ، سڀني چيو سائين چانھہ نٿا پيئون. منصور کي فون ڪري چيائين تہ ابا چانھہ تہ همراه منع پيا ڪن، پر تو پاڻي ۽ کجور تہ آندي ڪونہ، اُها تہ کڻي اچ، ٿوري دير کان پوءِ منصور پاڻي ۽ کجور کڻي آيو، جيڪو بہ عمري تان موٽي ٿو تہ مبارڪ ڏيڻ لاءِ آيل سڀني ماڻھن کي کجور ۽ پاڻي پيش ڪيو ويندو آهي، جيڪي ويجها هوندا آهن اُنھن لاءِ تہ مختلف تحفا ورتا ويندا آهن، جنھن ۾ ٽوپي، مصلو ۽ تسبيح تہ لازمي هوندي آهي.
هاڻي رئيس منظور ۽ منصور ٻئي اسان سان گڏ اوطاق کان ٻاهرين دروازي تائين آيا، موڪلايوسين، روانا ٿياسين ٽنڊو ڄام گلشير لوچي پاران مچايل ’صوفي محفل‘ ۾ شرڪت لاءِ.
مون چيو: ’الطاف شيخ هِڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي تہ ”جيڪڏهن اوهان گهمڻ لاءِ نِڪرو تہ پيٽ کي وِساري ڇڏيو تہ پوءِ گهڻو گُهمي سگهو ٿا، پر جي پيٽ کي اهميت ڏنوَ تہ اوهان وقت وڌيڪ وڃائيندا، پر گُهمي گهٽ سگهندا. تنھن ڪري ھميشہ رستي هلندي ڪجهہ نہ ڪُجهہ کائي پي ڇڏيو، سُٺي هوٽل ڳوليندا، سُٺي ماني جي تلاش ڪندا تہ اُهو وقت بہ وڃائيندا ۽ سُٺي ماني اوهان کي دير سان بہ مِلندي، تنھن ڪري پيٽ کي پاسيرو رکي پوءِ گُهمون“ الطاف شيخ جي ان ڳالھہ سان آئون سئوسيڪڙو متفق آهيان ۽ سفر ۾ آئون سڀني دوستن کي اِها ڳالھہ ضرور ٻُڌائيندو آهيان. پر عمل نہ ڪري سگهندا آهيون، اُن ڪري جو الطاف شيخ اڪيلو اڪيلو سفر ڪندو آهي، جڏهن تہ آئون پوري جوڙ سان گڏ گُهمندو آهيان.
هاڻي اسين اُن ٽنڊي ڄام وڃي رهيا آهيون جنھن لاءِ منھنجي محبوب دوست محبوب درس هيئن چيو آهي تہ:
مِٺي ٿي لڳين تون مِٺي طعام وانگي،
نٿي دِل مان نِڪرين ٽنڊي ڄام وانگي.

ٽنڊي ڄام جي هوائن ۾
ڪچھري، لطيفا کِل ڀوڳ ٽنڊو ڄام ڏانھن ويندڙ رستو ۽ اسين، اچي ٽنڊوڄام ورڪشاپ وٽ پھتاسين، وقت ڏِٺوسين اڃا گهڻو پيو آهي، سائين عبدالجبار چيو تہ ’منھنجو دوست هِتي رهي ٿو ظفر ڀائي جيڪو اردو ڳالھائيندڙ آهي، ماتلي ڪاليج ۾ ليڪچرر آهي. کيس فون ٿا ڪريون ساڻس مِلون ٿا، ڪچھري ڪريون ٿا.‘ ظفر کي فون ڪيائين تہ فوراّ سائين کي چيائين بس اِتي ئي بيھو آئون اچان پيو. ٿوري دير بعد پھچي ويو. هوٽل تي وٺي آيو. گهڻو زور ڀريائين ماني کائڻ لاءِ، پر سختي سان منع ڪيوسين، صرف چانھہ پيئنداسين، سڀني جي صلاح هُئي. پر پوءِ چانھہ سان گڏ نان کٽائي زبردستي گهرايائين. بھرحال ظفر ڀائي، کُليل دِل وارو ۽ کِل مُک ڏسڻ ۾ آيو. بي حجاب، بي تڪلف ڳالھائڻ جو انداز سندس. ڪچھري جو دِل تہ چوي پئي واقعي هِن شخص سان ويٺو ڪچھري ڪجي.

زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ پُراڻي ياد
جيئن ئي زرعي يونيورسٽي جي ڀر پُھتاسين تہ آئون هليو ويس ماضي جي غِفائن ۾، ذهن اسڪرين تي بِلڪل صاف صاف نظر پيو اچي تہ ’سرواڻ سنڌي، اياز امر شيخ کان ڪارڊ پيو وٺي ۽ مونکي هاسٽل جي دروازي کان گُذاري ٿو، اياز امر کي چوَي ٿو آئون مور ساگر کي روم تي ڇڏي ڪارڊ موٽائي کڻي ٿو اچان پوءِ وري تون اچجان، مونکي روم تي وٺي آيو، اڃا سرواڻ موٽيو ئي نہ هو تہ اياز امر بہ پھچي ويو، سرواڻ پُڇيو تون ڪِٿان آئين، چيائين ديوار ٽِپي آيو آهيان. (ڪارڊ کانسواءِ شاگرد هاسٽل ۾ اجازت نہ هوندي آهي).
هاسٽل جو روم هو، سرواڻ سنڌي هو، اياز امر شيخ هو، حفيظ باغي هو، اسد چاچڙ هو ۽ هي ناچيز بندو هو، ٻي شاعري هُئي، مشاعرو هو، جِتي پنج شاعر هِڪ روم ۾ گڏ هُجن تہ اُتي روم ۾ اگر بتين جي خوشبوءَ نہ پر شاعري جا خوبصورت احساس ڪمري جي ديوارن سان ٽڪرائبا. سو رات هُئي ۽ اسين هُئاسين، شعر بہ هُئا تہ ٽھڪ بہ هُئا، ٽھڪن ۾ سرواڻ سنڌي سڀني کي پوئتي ڇڏي ٿو وڃي. سڀني پنھنجي پنھنجي شاعري ٻُڌائي، ڪچھري ٿي، ڪجهہ ادب تي، ڪجهہ شاعري تي، ڪجهہ دوستن تي، ڪچھري هلندي رهي، گهڻي رات گُذري چُڪي هُئي پوءِ سڀني جي يڪ راءِ سان سُمھڻ لاءِ ڪچھري کي گُل ڪيوسين.
اسان سان ڪچھريون ڪريو دوستو!،
هليا وينداسين اوچتو اوچتو!
(استاد بخاري)

صوفي محفل، ۽ چرسائي ڇوڪرا
ظفر کان موڪلايوسين، پُڇا ڪئيسن زرعي يونيورسٽي ڪالوني جي جنھن جا گيٽ الاهي هئا، هِڪڙي گيٽ تي بينر بہ لڳل هو دروازي ڀرسان چوڪيدار بہ ويٺل هو، اُن دروازي مان اندر روانا ٿياسين ڪالوني تمام وڏي پکيڙ تي پکڙيل آهي، مختلف روڊن رستن تان گُهمندا پُڇندا پوءِ وڃي ’چلڊرين پارڪ‘ پُھتاسين جِتي صوفي محفل هُئي. بس مانجهي فقير هاڻي ئي پھريون صوفي ڪلام چئي رهيو هو. جنھن وقت اسين اچي پھتاسين. اڳ ۾ شايد ڪي تقريرون وغيره هونديون. ٽائيم تہ رات 8:30 وڳي هو، پر اسان کي گُهمندي ڦِرندي دير ٿي وئي. جيئن ئي اندر داخل ٿياسين وڏي رش لڳي پئي هُئي، تمام گهڻا ماڻھو آيل هئا، ٻيو تہ وڌيڪ تعداد يونيورسٽي جي ملازمن ۽ شاگردن جو بہ هو. اڳتي ماڻھن جي رش کي هٽائيندا وڌياسين، اڳيان گلشير لوچي بيٺو هو، ماڻھن جي آجيان لاءِ، پري کان ڏِسي وڏا ڀاڪر پائي مِليو، مونکي ڳچي تي چُمي ڏِنائين جنھن مان سندن خوشيءَ جي اظھار جي خبر پئي. ٻي همراھہ کي چيائين تہ ادا پريان گِلم کڻي مھمانن کي وِڇائي ڏي، اسين اُن همراه جي پويان، گِلم کنيائين پري لڳائي ڏِنائين ۽ اُتان کان ڪنات بہ ويڙهيائين، ڇو تہ رش تمام گهڻي هئي، اسٽيج نظر ئي نہ پئي آيو. هِڪڙو ٻيو صوفي ڪلام جنھن ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه واآله وسلم جي ساراھہ هئي، اُهو ٻُڌي اُٿياسين، اُن جو سبب اسان جي پاسي کان يونيورسٽي جا شاگرد اچي ويٺا، جيڪي برگر يا بگڙيل چئجن، هِڪڙا چرس ڀريندا آيا، هِڪڙا پيئندا آيا، چرس جي ڌپ اهڙي جو اسان جو ويھڻ محال ٿي پيو. تنھن ڪري مجبور ٿي اُٿياسين.
ادا منظور چيو ’مائٽ ڪيترو خرچ برداشت ڪري اولاد کي پڙهڻ لاءِ موڪلين ٿا، هي هِتي موالي ٿيو چرس پيئندا وتن.‘ ڳالھہ بِلڪُل دُرست ڪيائين. مائٽ ويچارا سمجهندا تہ اسانجو اولاد يونيورسٽيءَ مان پڙهي وڏو علم حاصل ڪري ڊگري وٺي موٽندو، اِهو ڪو بہ مائٽ تصور نہ ڪندو تہ منھنجو اولاد يونيورسٽي وڃي موالي ٿي موٽندو. بس سڀ ڪنھن کي الله پاڪ سمجهہ ڏي، عقل ڏي. علم ڏي. سڀني جي سوچ مثبت هجي، سُٺي هُجي سڀ جي لاءِ.

جڏهن گُلشير لوچيءَ جي شادي ٿي هُئي
هاڻي جڏهن زرعي يونيورسٽي ڪالوني مان ٻاهر نِڪري رهيا هئاسين تہ مونکي ياد آيو ’هِن ڪالوني ۾ آئون پھريون ڀيرو، تڏهن آيو هئس جڏهن گُلشير لوچيءَ جي شادي ٿي هُئي، شادي جي دعوت تي آيو هئس، اُن وقت منھنجي پريس ’ساگرپريس شاھہ لطيف روڊ بدين‘ ۾ هئي ۽ بدين کان حيدرآباد ڪم ٺھرائڻ ايندو هئس، گُل شير لوچي سان منھنجو تعلق اُن کان بہ پھرين هو، جڏهن هو ماهوار مئگزين ”ڪاڪ“ نالي سان ڪڍندو هو، اُهو مئگزين همت پريس تي ڪمپوز ٿيندو هو، جڏهن ادا منظور، غلام مصطفيٰ، جمن ۽ فدا مرزا آپريٽر طور ڪم ڪندا هئا، ’ايپل ميڪناٽوش‘ بليڪ اينڊ وائٽ ڪمپيوٽر هوندا هئا، جن جي شايد ڇھہ اٺ جي اسڪرين هُجي. مون بہ 1997ع ۾ ڪجهہ مھينا هِتي ڪمپيوٽر تي ڪم سِکيو هو، اُنھن ڏينھن ۾ بہ گلشير سان روز ڪچھري ٿيندي هُئي، ۽ مرحوم اسرار شام اُهو وري ٻارڙن جو رسالو ڪڍندو هو.
هِتي همت پريس تي منھنجي جِن اديبن سان ملاقات ۽ ڪچھري ٿيندي هُئي اُنھن ۾، منصور قادر جوڻيجو، گُلشير لوچي، جامي چانڊيو، حسن درس، بخشڻ مھراڻوي، حفيظ ڪنڀر، اسرار شام ۽ ها آسي زميني سان بہ پھريون ڀيرو هِتي ئي ملاقات ٿي هُئي، اُها ملاقات اسرار شام ڪرائي هُئي، اُن ۾ آسي زميني سان سُٺي ڪچھري ٿي هُئي. انھن مان هڪ اهڙو بہ شاعر هو جنھن سان همت پريس ڇڏڻ کانپوءِ جتي بہ ملاقات ٿيندي هُئي تہ ايئن چوندو هو، ’يار معاف ڪجو مون سُڃاتو ڪونه‘ هئہ هئه،،، اهڙيون الائي ڪيتريون يادون، اِهي جڏهن آتم ڪٿا لِکيم تہ اُن ۾ لِکندس.

اي ڊبليو هيوز جي وقت جو ٽنڊو ڄام ۽ اسان جي واپسي
واپسي تي ڪچھري ڪندا آياسين ۽ اڄ جو سفر ڪيئن رهيو بابت گُفتگو ڪرڻ شروع ڪئيسين. مون وري سائين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار قاسم نظاماڻي کان ٽنڊو ڄام جي تاريخ پُڇي سائين مختصر ٻُڌايو تہ: ’ٽنڊو ڄام مير محمد خان ولد مير ڄام خان تعمير ڪرايو‘.
’سائين مون سنڌ گزيٽيئر ۾ ٽنڊو ڄام بابت هيئن پڙهيو آهي، جيڪو 1876ع جي دؤر ۾ اي ڊبليو هيوز لِکيو هو: ”ٽنڊو ڄام حيدرآباد تعلقي جو وسيل ڳوٺ آهي، جيڪو حيدرآباد کان ٽنڊي الھيار ۽ ميرپورخاص ويندڙ مُک رستي تي واقع آهي، ۽ حيدرآباد کان جنھن جو فاصلو ڏھہ ميل ٿيندو، ٽنڊي ڄام سان ملندڙ جن ڳوٺن ۽ شھرن جون حدون آهن اُنھن ۾ هوسڙي، تاج پور، ٽنڊو قيصر آهن. اُن وقت ٽنڊو ڄام ۾ ڪو بہ سرڪاري عملدار نہ رهندو هو، پر هِڪڙو سرڪاري اسڪول ورنيڪيولر نالي ضرور قائم هو. اُن وقت اي ڊبليو هيوز جيڪا ٽنڊي ڄام جي آبادي ڄاڻائي آهي اُها 1897 ڪُل ٻُڌائي آهي، جن ۾ 937 مسلمانن جو تعداد لِکيو اٿس ۽ اُنھن ۾ جيڪي قبيلا ٻُڌائي ٿو اُنھن ۾ نظاماڻي، سيد ۽ خاصخيلي آهن. هِتي خاناڻي ٽالپر آڪھہ پُڻ رهندڙ ٻُڌائي ٿو، جنھن جو سردار احمد خان ۽ محمد خان هو. هندن جو تعداد 960 لکيو اٿس، جن ۾ اڪثريت لوهاڻن جي هئي. شھرين جو مُک ڌنڌو زراعت لِکي ٿو اُن وقت جي ٽنڊي ڄام جي اهڙي ڪا بہ ڌيان طلب شئي نٿو ٻُڌائي ۽ نہ ڪو اهڙو ڌنڌو جنھن سان شھر جي سُڃاڻپ هُجي“. ’سائين هِن وقت 2017ع ۾ ٽنڊو ڄام ڪِٿي بيٺو آهي‘.
سائين چوي ٿو ’هِن وقت زرعي يونيورسٽي ئي وڏي سُڃاڻپ آهي ٽنڊي ڄام جي، ’بلڪل سائين صحيح ٿا چئو‘ مون جواب ڏيندي چيو: ’زرعي يونيورسٽي وڏي درسگاھہ آهي جنھن ۾ فيڪليٽي آف اينيمل هسبنڊري، زرعي انجنيئرنگ وارو ورڪشاپ پڻ آهي. اُن کان علاوه هاڻي هِتي هاءِ اسڪول ۽ ڊگري ڪاليج پُڻ آهي، سنڌ رورل ڊولپمينٽ اڪيڊمي بہ آهي. ٽنڊو ڄام ۾ هِن وقت مختلف مسلڪن جون پنج عدد جامع مسجدون آهن ۽ هڪ ڪليسا بہ آهي جِتي عيسائي عبادت ڪندا آهن.‘
 

جيڪي سفر ۾ همسفر هئا

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دِلچسپي رکندڙ، تاريخ لِکندڙ، ماتلي جي تاريخ لِکي اٿس، اُن کان علاوه حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منھنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هِن جا سھيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪِتاب لِکيو اٿس، جنھن ۾ پوري نظاماڻي قبيلي جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوه کوڙ ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب لِکيا، سھيڙيا ۽ مُرتب ڪيا اٿس. ”محمد صديق مسافر جي علمي، ادبي، تعليمي، صحافتي ۽ سماجي خدمتن جو تحقيقي مطالعو“ جي عنوان سان محمد صديق مسافر تي پي ايڇ ڊي ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس.

محمد سومار (سجاد حسن) جوڻيجو: شھر ماتلي جي غريب آباد پاڙي جو رهندڙ ۽ منھنجو سڳو سئوٽ، پاڻ سجاد پرنٽگ پريس ماتلي جو مالڪ آهي، گُهمڻ ڦِرڻ جو ذوق رکي ٿو.


ديدار ميمڻ ماتلي: اصل رسول آباد ڪنڊيارو جو آهي، ننڍي هوندي کان هِتي ماتلي ۾ رهيو آهي، پھرين مور پريس تلھار اسان هِن جي حوالي ڪئي هئي، هاڻي هِن وري اها سندس ڀاءُ جي حوالي ڪري پاڻ، گاڏي (ڪيري) ٽيڪسي ۾ هلائيندو آهي..
منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شھر سان تعلق رکندڙ، منھنجو ڀاءُ آھي، سُٺي دِل رکندڙ آھي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آھي، پنھنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آھي. گُهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ ھميشہ چوندو آهي، گُهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منھنجي حاضر آهي.

مور ساگر: ’ڪي جاڻا مين ڪوڻ بُليا‘

(24 نومبر 2017ع-ضلع بدين-ٽنڊوالھيار-حيدرآباد)

چوهڙ تان چڪر

روانگي
چوهڙ تان چڪر، اڄ اسانجو آهي،
سڻائو سفر، ڪجائين ڪريم تون.
سياري جي سرد موسم تہ مھينو پھرين موڪلائي وئي، هاڻي اسين بھار جي ڀاڪُر ۾ پھريون سفر سنڌ جي ڏاکـڻين لاڙ پَٽي جي پَٽن تي پير پائڻ لاءِ آئون، ادا منظور، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي صبح 7:00 وڳي روانا ٿياسين، اڄ اسانجي منزل چوهڙ جمالي ۽ آسپاس جا آثار ۽ قديم جايون گُهمڻ آهي. هن سنڌ منھنجي جِند جو هر ماڳ، واهڻ، وستي، شھر، بحر، ڍورا ڍنڍون، روھہ، راهون، گس، گهٽيون، گُهمڻ جي خواهش کڻيون سيني ۾ هلندو رهيو آهيون، گڏوگڏ اِها دُعا بہ گُهرندو رهندو آهيان تہ ’الله پاڪ ايتري مُھلت ضرور ڏجائين، جو هِن جِند جھڙي سنڌ جي سونھن پنھنجي هِن اکين سان ڏِسي ۽ هٿن سان لِکي سگهان.‘
باءِ پاس پيٽرول پمپ تي گاڏي ۾ 2700 سئو جو پيٽرول وجهرايو، ادا منظور چيو ’ميٽر نوٽ ڪيو ڏِسنداسين تہ اڄ گهڻا ڪلوميٽر ٿا سفر ڪريون ۽ پوءِ ريڊنگ نوٽ ڪري سفر جي دُعا پڙهي روانا ٿياسين.
ماتلي ڦاٽڪ ڪِراس ڪيوسين تہ سائين عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي حسبِ عادت تاريخ جا ورق کولڻ شروع ڪيا. ڦاٽڪ کان ڏکڻ طرف وڏو قبرستان آهي، جنھن ڏانھن اشارو ڪندي ٻُڌايائين تہ: ’اِهو قبرستان مولوي نظر محمد نظاماڻي جي نالي سان آهي ۽ اِن قبرستان لاءِ مولوي نظر محمد نظاماڻي پنھنجي زمين مان 8 ايڪڙ ڏِنا ۽ چيائين تہ مونکان شروعات ڪجو ۽ پوءِ ٿيو بہ ايئن.‘ سائين اڳتي ٻُڌايو تہ: ’جڏهن مولوي نظر محمد نظاماڻي جو جنازو کنيو ويو تہ جنازي مٿان پکين جو ٽولو هلڻ لڳو، پکي ڪانگ جي نموني هئا، پر ڪانگ نہ هئا ۽ جنازي ۾ هلندڙ ماڻھو سڀ حيران هئا، پر پکين جي سُڃاڻپ ڪنھن بہ نہ ڪئي، جڏهن جنازو دفن ڪيو پي ويو تہ اُهي جناري سان گڏ هلندڙ پکي پري هڪ وڻ تي وڃي ويٺا، جڏهن جنازو دفن ڪري دُعا پڙهي ماڻھو سڀ روانا ٿيا تہ پکي بہ اُڏامي هليا ويا.‘ سائين ٻُڌايو تہ اِها ڳالھہ 1918ع جي آهي‘.
متارو اسٽاپ کان اسانجي گاڏي ڪڙيي گهنور جو رُخ رکيو، ان ڪري جو اڳيان اسانکي شاعر حافظ محمد نظاماڻي کي ساڻ کڻڻو هو. سائين عبدالجبار کيس فون ڪئي تہ ’حافظ صاحب تيار ٿي ويھہ اسان هاڻي اوهان ڏانھن اچون پيا،‘ حافظ چيو تہ ’اڄ منھنجي طبيعت ٺيڪ ناهي،‘ پر سائين عبدالجبار چيو تہ ’رستي ۾ گوري دوا ڪندا هلنداسين، پر هلڻو ضرور آهي.‘

جتي علم ادب جي کوٽ آ، اُهو ئي منھنجو ڳوٺ آ
ڪڙيي گهنور کان ٿورو پھرين ڳوٺ سھراب خان نظاماڻي جو بورڊ لڳل آهي، اُن بورڊ طرف اسانجي گاڏي مُڙي، آياسين حافظ نظاماڻي جي ڳوٺ سُھراب خان نظاماڻي، اوطاق تي سندس فرزند اويس مِليو، اُن اسانکي اوطاق ۾ رکيل کٽ تي ويھاريو، پاڻي پياريو، اُن ئي ساعت سنڌ جو سرمايو، لاڙ جو سچل سڏيو ويندڙ سائين حافظ محمد نظاماڻي بہ اچي ويو، اويس چيو ’اوهين ڪچھري ڪريو تيسيتائين آئون چانھہ ٿو کڻي اچان‘ اسان سڀني جي راءِ هُئي تہ چانھہ کي ڇڏيون ٿا، اڳتي ڪِٿي رستي ۾ پي وٺنداسين، چانھہ کي ڇڏيوسين ۽ ويٺاسين گاڏي ۾. رستي ۾ ڪڙيو ۽ کوراھہ جي وچ تي پٽيھل دريا جا آثار سائين عبدالجبار ڏيکاريندو هليو،

مُلا حسن جي درگاھہ جو ديدار
ڪجهہ مِنٽ لِنڪَ روڊ تان ۽ پوءِ وري هيٺ ڪچي پوٺيءَ تان گاڏي کي گُهمائيندا اچي پھتاسين ملا مخدومن جي ڳوٺ، ڳوٺ پڪو ۽ وڏو پيو نظر اچي. جيئن ئي ڳوٺ ۾ داخل ٿياسين تہ اُتر طرف مُلا حسن جي درگاھہ ۽ ڀر ۾ اولھہ طرف کان مسجد آهي، پھرين مسجد ۾ آياسين، مسجد ڏِٺيسين، قديم نظر اچي رهي آهي. مسجد منجهان رستو بہ نِڪري ٿو ملا حسن جي مزار طرف، جيڪا مسجد کان اوڀر طرف آهي، ملا حسن جي مزار ۽ مسجد جي وچ تي هِڪڙو زمين ۾ مينار نموني ٺھيل آهي، جنھن لاءِ سائين وارن ٻُڌايو تہ ’چوَن ٿا هِن جاءِ تي مُلتان وارو غوث بھاءُالدين ۽ ملا حسن ڪچھري ڪندا هئا، تنھن ڪري اِن جاءِ تي يادگار طور اِهو مينار اڏي ڇڏيو اٿن.‘
ملا حسن جي مزار اندر قُل پڙهي ٻاهر نِڪتاسين، دروازي وٽ ئي هِڪڙي قبر واڻيـين جي آهي، جنھن جي تصديق اُتي موجود مجاوَر کان ڪئيسين. اُن ٻُڌايو تہ: ’هي واڻيون جاتي جو آهي ۽ هي سائين ملا حسن جو مريد هو، جڏهن هي گُذاري ويو تہ واڻين جي رسم موجب هِن کي ساڙڻ لاءِ رکيو ويو تہ اوچتو اُتان کڄي اچي هِتي دفن ٿيو ۽ هي قبر ٺھي وئي‘. ڏند ڪٿا آهي يا حقيقت، خُدا ئي بھتر ٿو ڄاڻي.
ملاحسن جي مزار جي اوڀر ۾ هِڪ ڄار هُئي، جنھن تي موڙ پيل هُئا، حافظ محمد نظاماڻي ٻُڌايو تہ ’مَلڪاڻي ذات جي ماڻھن ۾ جڏهن بہ شادي ٿيندي آهي تہ پھرين هن مزار تي اچي حاضري ڀريندا آهن، پوءِ گهوٽ ۽ ڪنوار اِن ڄار کي سَت ڦيرا ڏيندا آهن، آخر ۾ گهوٽ پنھنجا موڙ لاهي اِن ڄار تي رکي ويندو آهي.‘ مون چيو ’سائين بس عجيب رسم و رواج هوندا آهن، مختلف هنڌن تي مختلفن نمونن جا‘.
هِڪ ڀيرو ميان مير چانڊيي سان فون تي ڪچھري ڪندي انھيءَ واقعي جي تصديق خاطر پڇيومانس، ڏاڍو کِليو ۽ پوءِ چيائين ٿي سگهي ٿو، اڳي ايترو علم نہ هو ماڻھن کي، ٿي سگهي ٿو، مون چيومانس ’سائين اڳي تہ اڳي، پر آئون هاڻي موجودہ وقت جي ڳالھہ ڪري رهيو آهيان، مون پنھنجي اکين سان ڄار تي نوان موڙ ڏِٺا‘، وري بہ ميان مير کِليو، چيائين: ’بلڪل بلڪل مور تون صحيح پيو چوين.‘

مولوي علي محمد مھيري هِتي سُتل آهي
مسجد جي ديوار لڳ اُتر طرف وقت جي وڏي عالم بزرگ مولوي علي محمد مھيري جي قبر آهي، اُن تي بہ قُل پڙهياسين، سائين عبدالجبار ٻُڌايو تہ ’مولوي علي محمد مھيري دودي مھيري جو تڙ ڏاڏو آهي‘، پر مونکي سندس قبر جي حالت ڏِسي ڏُک ٿيو تہ شايد هِن قبر تي وارث اچن ئي ڪونہ ٿا.
حافظ محمد نظاماڻي جيڪا ڳالھہ ٻُڌائي تہ: ’مولوي علي محمد مھيري جو پُٽ هو، مولوي عارف اُن لاءِ سعيد پور جي يعقوب ٿيٻي هِڪڙي روايت ٻُڌائي هُئي تہ ’سعيد پور ڪاليج ۾ ڪُتا تمام گهڻا ٿي ويا پوءِ سڀني صلاح ڪئي تہ ڪُتا مار دوا وٺي هِنن کي ڏِني وڃي تہ جان ڇُٽي، سو ٻوڙ رڌائون اُن ۾ ڪُتا مار دوا وِڌائون ٻوڙ ڍڪي رکيائون، مولوي عارف ٻاهران پي آيو اُن کي خبر نہ هئي اُن هنڍي (جنھن ۾ ٻوڙ پيو هو) جو ڍڪ لاهي اُن مان ٻوڙ وڌي کاڌو، کائي دنگ ڪيائين پوءِ اُنھن همراهن ڏِٺو جن دوا وِڌي هئي. هاڻي هي سڀ پريشان هئا ۽ مولوي کي ڏِسندا رهيا تہ ڪنھن وقت ٿو ڪجهہ ٿيئي، پر مولوي عارف کي ڪجهہ بہ نہ ٿيو ۽ هنن ڏِٺو تہ مولوي عارف مُصلو وِڇائي نماز پڙهي رهيو آهي. اِهو ڏِسي سڀني کي تسلي ٿي.‘
هِڪ ٻيو واقعو فيس بڪ تي پڙهيم ”هڪ دفعو ٻہ چور ڍڳو چوري ڪري جهنگ ۾ ٻَڌي پاڻ ماني کائڻ لاءِ مولوي صاحب جي اوطاق تي آيا، پر هو مولوي صاحب کي سُڃاڻندا ڪونہ هئا، رمضان جو مھينو هو، مولوي پاڻ تہ روزائـتو هو، پرمولوي صاحب گهران ماني بہ کڻيو آيو تہ گاھ جو ڀاڪر بہ کڻيو آيو، ڇو تہ مولوي صاحب کي ڪِٿان خبر پئجي وئي تہ هنن جهنگ ۾ ڍڳو بہ ٻَڌو آهي، چورن پُڇيو تہ سائين گاھ ڇو آندو اٿوَ، مولوي صاحب چيو تہ ’اوهان ماني کائو ٿا تہ هن گُگَدام کي بہ بُک لڳي هوندي ان لاءِ گاھ آندو اٿم‘ وڌيڪ ڪجهہ ڪونہ چيائين، چورن ماني کائي مولوي صاحب کان معافي ورتي ۽ ڍڳو ڀاڳين کي واپس ڪيو ۽ وري چوري ڪرڻ کان توبھہ ڪري ڇڏيائون!“
اِهي تہ هُئا اُن وقت جا انسان، پوءِ بُزرگ هُجن يا چور هُجن، پر اُنھن ۾ اخلاقيات ۽ اصول هوندا هئا، هِن دؤر ۾ تہ اُنھن ٻنھي عملن کان ماڻھو وانجهيل نظر ٿا اچن. گاڏي ڏانھن وڌندي پنھنجا ويچار سنگت سان ونڊيم.

حمل جت ۽ راڌي جت جا زبون حال مقبرا بہ ڏِٺاسين
درگاھہ ملا حسن کان ڪجهہ فاصلي تي اُتر طرف ڏانھن جڏهن اسانجون نظرون ويون تہ اسانکي پري کان زبون مقبرا نظر آيا، جيڪي واري جي دڙي تي موجود آهن. اسانکي حافظ محمد نظاماڻي ٻُڌايو تہ: ’سامھون ٻن غدارن جون قبرون آهن، هلو ڏِسڻ تہ هلون،‘ مون چيو ’هلو سائين ڏِسڻ گُهرجي باقي تاريخ سڀ ڪنھن جو فيصلو ڪري ڇڏيندي آهي، جيڪي غدار هوندا آهن اُنھن کي غدار لِکندي آهي، جيڪي رهبر هوندا آهن، اُنھن کي رهبر ۽ رهزنن کي رهزن لِکندي آهي، تاريخ هِڪ حقيقت آهي ۽ هر حقيقت اُگهاڙي هوندي آهي، جنھن کي ڪنھن جو بہ حياءُ يا ڪنھن کان بہ حِجاب ناهي هوندو‘.
تاريخ نہ ڪنھن تي ترس سِکي،
هر سِٽ جنھن پنھنجي صاف لِکي.
حافظ گاڏيءَ مان لھندي پنھنجي شعر جو بند پڙهيو، گاڏي کي ٿورو پرڀرو روڪيوسين، مقبرن تائين گاڏيءَ جو رستو نہ هو، واري جا دڙا هُئا، هِتي اسانکي ٿوهر بہ نظر آيا، ’ڀتل ول‘ پيلن گُلن سان بہ نظر آئي، واريءَ تان پير پائي اسين اندر مقبرن ۾ وياسين، مقبرا صفا زبون حالي جو شڪار، قبرن تي ڪِچرو پيل، ڊٺل ۽ پکين جون وِٺيون وغيره وغيره.
حافظ محمد نظاماڻي ٻُڌايو تہ ’هي اُهي ٻئي غدار آهن جِن شاھہ عنايت سان غداري ڪئي ۽ اُنھي جي ڪيترن ئي فقيرن کي قتل ڪيو، حمل جت ۽ راڌو جت اُن وقت موجود جَٿي جا سربراھہ هُئا ۽ ٻيو ڪِردار نور محمد پليجو بہ ٻُڌايو وڃي ٿو، انھي ڪُـڌي عمل ۾ اُهو بہ شامل آهي.‘
اها ڳالھہ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ مون هيئن پڙهي آهي ”سيد عبدالواسع شاھہ، نور محمد پليجو ۽ حمل جت پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ ڪري ٺٽي جي مغل نواب مير لطف علي خان وٽ شاھہ عنايت ۽ سندس فقيرن جي شڪايت کڻي آيا. نواب لطف علي خان بنا ڪنھن جاچ جونچ جي ٽنھي کي اجازت ڏني تہ صوفي شاھہ عنايت ۽ سندس فقيرن سان جيئن وڻين، تيئن وڃي مُنھن ڏين. نواب لطف عليءَ طرفان اهڙي اجازت لِکت ۾ ملندي ئي، سيد عبدالواسع، نور محمد پليجي ۽ حمل جت، صوفي شاھہ عنايت جي خانقاھہ تي پنھنجن ماڻھن سان حملو ڪري ڏنو، جنھن حملي ۾ صوفي صاحب جا ڪيترائي درويش فقير مارجي ويا. انھيءَ واقعي جو جڏهن مغل شھنشاھہ وٽ فرياد پھتو تہ ان حُڪم جاري ڪيو تہ بيگناهن کي ’خون بھا‘ ڏني وڃي. اهڙيءَ ريت قاتلن جون زمينون، شاھہ عنايت جي ساٿي مقتولن جي وارثن حوالي ڪيون ويون.“
اِن مٿين پڙهيل تاريخ ۾ مونکي راڌي جت جو ذڪر نہ مِليو، جڏهن ميان مير چانڊيو سان اِن موضوع تي گُفتگو ٿي تہ اُن بہ اِها ئي ڳالھہ ڪئي تہ راڌي جت جي باري ۾ تاريخ ڪجهہ نٿي لِکي، اِهو واقعو شاھہ عنايت جي رهائش ميرانپور جي ميدان تي آڪٽومبر 1717ع ۾ پيش آيو.
هاڻي اسين گاڏي ۾ ويٺاسين ۽ حافظ صاحب کان شعر مڪمل ٻُڌڻ جي فرمائش ڪئيسين:

تاريخ نہ ڪنھن تي ترس سِکي
هر سِٽ جنھن پنھنجي صاف لِکي

هُن دودو چنيسر ڌار رکيا،
هُن فاضل جا فرزند لِکيا،
هُن جي ڏوراپي کان ڏيھہ ڏڪيا،
هُن ڪا نہ رعايت ڪنھن تي رکي.

هُن سرمد چڙهندي سوري ڏِٺو،
هُن دولھہ خان جو درد سَٺو،
هو جهوڪ ۾ جو جونجهار ڪُٺو
هُن تنھن جي ڪئي تعريف تِکي.

مخدوم بلاول کي ويئي مَڃي،
جنھن ڪوڙن جا ڇڏيا ڪنڌ ڀَڃي،
تون ويجهو ٿي ڏِس تنھن کي وَڃي،
جيڪو گهاڻي جا ويو گهاءُ چَکي.

مڪمل شعر ٻُڌي اسان واھہ واھہ ڪري کيس داد ڏِنو، ايئن اسان پنھنجي منزل طرف روانا ٿياسين.

کورواھہ کي بہ گُهمي ڏِٺوسين
هاڻي ٻيھر مين روڊ تي گاڏي ڊوڙڻ لڳي، کوراھہ ڏانھن ويندي رستي ۾ حافظ کي فون آئي، چيائين تہ ’اسان کورواھہ ۾ چانھہ ٿا پيئون، تون اُڏامي پھچي وڃ.‘ فون بند ڪري ٻُڌايائين تہ ’عبدالرزاق مھيري بہ هلڻ ٿو چاهي،‘ سڀ خوش ٿياسين ’سائين اِهو تہ بھتر آهي، هونئن بہ ماما مجيد پاڻ سان بيوفائي ڪئي، تنھن ڪري هڪ ماڻھو جي جاءِ بہ خالي آهي.‘
ڳالھہ هُئي کورواھہ ۾ چانھہ پيئڻ جي تہ سوچيم ڇو نہ ميان مير چانڊيو کان پُڇي وٺجي، جي شھر ۾ آهي تہ ساڻس بہ مِلي وٺجي. فون ڪيومانس ٻُڌايائين ڪنھن دوست سان شھر جي آخري ڇيڙي تي ويٺو آهيان، چيومانس ’اسين عثمان پنھور جي اسٽور تي ٿا ويھون، دِل چيو اوهان سان مِلي وٺون،‘ چيائين ’ٺيڪ آهي آئون اچان پيو جِتي چئو.‘
اسانجي گاڏي اچي سبحان الله ميڊيڪل اسٽور اڳيان بريڪ ڪيو، لٿاسين ميڊيڪل اسٽور تي ننڍڙو ڇوڪرو ويٺل هو، سندس اخلاق ڏِسي ڏاڍي خوشي ٿي، اسانکي اسٽور طرف ايندو ڏِسي، ڪُرسي تان اُٿي اسٽور مان ٻاهر نِڪري اچي مِليو، هِن دؤر جي اِن عمر جي ٻار جو اخلاق الله پاڪ کيس ھميشہ اهڙو بڻائي رکي، پاڻ سڀني سان مِلي ويھڻ لاءِ چيو، هڪ ٻہ ڪُرسيون پاسي واري دُڪان تان پڻ کڻي آيو، همراھہ گهڻا هُئاسين.
ميان مير چانڊيو بہ اچي ويو، ساڻس گڏ سُٺو شاعر اسماعيل اُداسي بہ هو، مِلياسين، ڪچھري ڪئيسين، ڪجهہ ئي گهڙين ۾ عبدالرزاق مھيري بہ پھچي ويو، ۽ اسٽور جو مالڪ عثمان پنھور بہ اچي ويو، هڪ ٻيو نوجوان عبدالله پنھور جيڪو شوقيه ڳائيندو آهي، تنھن حافظ نظاماڻي جو گيت جهونگاري ٻُڌايو.
ميان مير چانڊيي، اسماعيل اُداسي، عثمان پنھور، سبحان الله پنھور ۽ عبدالله پنھور کان موڪلائي روانا ٿياسين. اڳيان ويھاريوسين رزاق مھيري کي اُهو رستن، گهٽن، گهيڙن جو وڌيڪ واقف هو.
منھنجو اهو چوڻ آهي تہ جنھن بہ علائقي، تر ۾ گُهمجي تہ اُتان جي مقامي ماڻھوءَ کي ضرور گڏ کڻجي، نہ تہ اوهان ٻُڌل شيون ڏِسندا تہ اُن جي آس پاس ۾ ڪجهہ شيون ضرور رهجي وينديون، سو سفر ۾ اُتان جي مقامي ماڻھوءَ کي ضرور شامل ڪرڻ گهرجي.

کورواھہ جي قديم مسجد ڏِٺيسين، هِڪ روايت ٻُڌيسين
عبدالرزاق مھيري پھرين اسان کي وٺي هليو کورواھہ جي قديم مسجد ڏيکارڻ لاءِ، مسجد ۾ داخل ٿياسين تہ اُتي موجود همراه حافظ نظاماڻي سان ادب احترام سان مِليو، حافظ اسانکي ٻُڌايو تہ: ’هي آهي عبدالرؤف نورنگزادو جيڪو هِن مسجد جي سار سنڀال ڪندو آهي،‘ ساڻس ڪچھري ٿي، پاڻ ٻُڌايائين تہ هو بہ ڪنھن وقت ۾ ’هزار داستان‘ ۾ لکندڙ هو.
عبدالرؤف نورنگزادي هِن مسجد جي باري ۾ ٻُڌايو تہ: ’هي مسجد 1238ھہ ڌاري مُڪمل ٿي، هِن مسجد ۾ هِڪ بہ سِر بنا وضوءَ جي ناهي لڳل، جيڪي بہ ڪم ڪندڙ رازا، مستري هُئا پھرين وضو ڪري پوءِ ڪم شروع ڪندا هئا.‘ مسجد جي ڇِت جو ڪاٺ ۽ اڏاوت جو نمونو اهڙو ئي ساڳيو هو جھڙو اسانجي ڳوٺ ميون ملوڪ ۾ موجود مخدوم امام جي مسجد ۾ استعمال ٿيل آهي، پر هِن ۾ ٻہ اهڙا داسا هُئا، جيڪي وچ کان چيريل هُئا ۽ هيٺان کان ڪاٺ جي ڊزائين وارا ٻہ پيلر ڏِنل هئا. اُنھن بابت عبدالرؤف ٻُڌايو تہ: ’حافظ محمد عثمان نورنگزادو ڪنھن ڪم سانگي شھر ڏانھن وڃي رهيو هو ۽ رازن کي چئي ويو تہ جيستائين آئون نہ اچان اِهي داسا نہ رکجو، پر سندس اچڻ ۾ ڪجهہ ڏينھن لڳي ويا، هي کوٽي ٿيو ويٺا هئا سوچيائون تہ ٻہ داسا آهن رکي ٿا ڇڏيون، ڪم کي اڳتي هلايون. جڏهن بزرگ موٽي آيو، ڏِٺائين تہ داسا منھنجي غيرموجودگي ۾ رکيا اٿن، سو چيائين تہ هنن جي عمر گهٽ ٿيندي تنھن ڪري ٻہ ٻيون ڪاٺ جون ٿوڻيون يا ٿنڀ ڊزائين سان ٺھرائي رکيائين، پوءِ جڏهن هِن دُنيا ڇڏي تہ اُن ڏينھن اُهي ٻئي داسا ٺڪا ڏئي ٽُـٽا، ماڻھو سڀ گڏ ٿي ويا، پاڻ جيڪي ڪاٺ جا ٻہ ٿنڀ ٺھرائي رکي ويو هو، اُهي وڏي مشڪل سان ماڻھن داسن هيٺان سپورٽ طور ڏِنا جيڪي اڄ ڏينھن تائين جيئن جو تيئن موجود آهن. (روايت)
سنڀاليندڙ هِن مسجد جي اصليت برقرار رکڻ ۾ ناڪام ويا آهن، ٻاھر بہ نئين سِر رپيئرنگ ڪرائي اٿن ۽ اندر ڪاٺ کي بہ آئيل پينٽ ڪرايو اٿن، جنھن ۾ هِن ڪاٺ جي اصليت ختم ٿي وئي آهي، ڪاٺ بابت ٻُڌايائين تہ هي اُهو ڪاٺ آهي جيڪو دُنيا جي صرف ٻِن مُلڪن ۾ ٿئي ٿو، ڪينيا ۽ آسٽريا ۾. عبدالرؤف نورنگزادي کان موڪلايوسين.

سڄڻ منھنجي وفائن کي مري ويندس تہ ساريندين
رستي هلندي بٺوري کان پھرين روڊ جي ڏکڻ طرف هڪ ڳوٺ اچي ٿو جنھن طرف حافظ محمد نظاماڻي اِشارو ڪندي ٻُڌايو تہ ’امرخورشيد شاھہ جو ڳوٺ اِهو آهي، جنھن ماڪن شاھہ رضوي سان شادي ڪئي آهي.‘ ڳوٺ جو نالو آهي ’شاھہ محمد اولياء‘. ڳوٺ جو نالو تہ مون اڄ ٻُڌو آهي، پر سائين ماڪن شاھہ کي تہ اُن وقت کان سُڃاڻون جڏهن کان اسان ريڊيو ٻُڌڻ شروع ڪيو هو ۽ امر خورشيد شاھہ کي وري تڏهن کان سُڃاڻو جڏهن کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پروگرام سُڳند ۾ سلسلو ’سُرهي سُرهي سوچ‘ هلندو هو، اُن ۾ سائين ماڪن شاھہ خاص تحرير پڙهندو هو تہ ’لاڙ پڇاڙ کان امر خورشيد شاھہ لکي ٿي‘ ايئن چئي تحرير پڙهڻ شروع ڪندو هو. پنھنجي ڳالھہ کي اڳتي وڌائيندي ٻُڌايم ’هِن ئي سال ۾ امر خورشيد شاھہ جو ڪِتاب ”آئون ڪو ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو“ شروع ڪيو آهي، جيڪو سال جي آخر ۾ يا وري 2019ع جي پھرين مھيني ۾ شايع ٿي ويندو.
هِن ئي ڳوٺ جي هِڪڙي مشھور شاعر ’علڻ شاھہ بٺورائي‘ جو تعارف امر خورشيد شاھہ پاڻ ڪرايو تہ ’منھنجو بابا بہ وقت جو وڏو شاعر هو، علي ڏِنو عرف ’علڻ شاھہ بٺورائي‘ جنھن جا ڪيترائي ڪلام مشھور آهن،‘ چيم ڪنھن هِڪ ڪلام جون ٻہ سِٽون‘؟ پاڻ ٻُڌايائين تہ:
’سڄڻ منھنجي وفائن کي، مري ويندس تہ ساريندين،
ڌِڪارين ٿو مگر دِلبر، وري واٽون نيھاريندين.‘

ٻيو شعر مون ڪنٽينيوڪيو:
’علڻ‘ آيا نہ ڪِي ايندا، مُئا موٽي مُقامن مان،
ڏيئي ٻُھاريون پڙهي ختمہ، ڏهاڙي ڏيال ٻاريندين.

چيم ’بس هِڪڙو اِهو گيت ئي گنج آهي،‘ ۽ پوءِ آئون ماضي جي غُفائن ۾ گُم ٿي ويس. جڏهن ثمينہ ڪنول جي سنھڙي آواز ۾ ٽيپ کي گهر جي اڳيان اڏيل گهڙن جي دِڪي تي مٿي رکي فُل آواز ۾ اهو ڪلام ٻُڌندو هئس، مونکي پنھنجي ننڍپڻ جو زمانو ياد اچي ويو. تيستائين حافظ صاحب جو آواز ڪنن تي پيو ’مور ساگر ميرپور بٺورو شھر ۾ پھچي وياسين.‘ ۽ آئون ڄڻ ننڍ مان ڇرڪ ڀري جاڳي پيس...... هاءِ بٺورو.....

جڏهن رزاق مھيري جو عشق عيان ٿيو
بٺوري شھر جي وِچان ڪِراس ڪيوسين، روڊ جي اُتر طرف رزاق مھيري اشارو ڪندي ٻُڌايو تہ اِها مھر شاھہ جي درگاھہ آهي، جنھن جي پِڙ کڻڻ دوران هِن سال ٻہ ماڻھو شھيد ٿي ويا، پڙ کڻڻ وقت رسم آهي تہ فائرنگ ڪندا آهن، سو هِڪ پوليس اهلڪار جيئن ئي فارنگ ڪئي تہ ڪلاشن سنڀالي نہ سگهيو ۽ هيٺ ڪِري پئي ٻہ ماڻھو شھيد ٿي ويا هڪڙو زخمي ٿيو.
عبدالرزاق مھيري سان مختلف موضوعن تي ڪچھري ڪندي جڏهن عشق جي ڳالھہ تي آياسين تہ مھيري ٿڌو ساھہ ڀريندي چيو: ’مون عشق اُن سان ڪيو، جنھن شادي وڃي ٻي سان ڪئي،‘’ اِهو وري ڪيئن؟‘ مون کيس کولڻ جي ڪوشش ڪندي سوال ڪيو ۽ جڏهن رزاق مھيري اُن ڇوڪريءَ جو نالو کنيو ۽ پار پتا ۽ پاڙو ٻُڌايو تہ پوءِ آئون بہ ڪجهہ گهڙيون ماضيءَ ڏانھن موٽي ويس، عجيب اتفاق اِهو ٿيو تہ جنھن ڇوڪريءَ جو ذڪر مھيري صاحب ڪيو، اُن ڇوڪري سان ڪا ننڍڙي ياد منھنجي بہ سلھاڙيل هُئي، جڏهن بدين ۾ شاھہ لطيف روڊ تي ’ساگر پريس‘ هوندي هُئي ۽ ساڳين روڊ تي ساگر پريس جي سامھون سِکيا لاءِ ڪمپيوٽر سينٽر قائم هو. هوءَ ڇوڪريءَ ڪمپيوٽر سينٽر ۾ ڪمپيوٽر سِکڻ ويندي هئي. هڪ ڀيري ڪمپيوٽر سينٽر تان موڪل کانپوءِ واپس گهر ڏانھن وڃي رهي هُئي تہ آئون ساگر پريس جي گيٽ تي بيٺو هئس، مونکي ڏِسي مُسڪرائي شرمائي پويان اچڻ جو اشارو ڪيائين، ۽ پوءِ سندس گهر تائين گڏيو ويس، خير اُها تہ هُئي ننڍڙي ياد، پر مھيري صاحب تہ اُن ڇوڪريءَ جي عشق ۾ هِڪڙو خوبصورت گيت پُڻ لِکيو جيڪو پوءِ هلندي سفر اسان کي سڄو گيت ٻُڌايائين:

چيو تو تہ ويندين ڪھڙو فرق پوندو.
چيو مون مگر ڪوئي تنھا تہ ٿيندو.

هي رنگين شامون، هي چنچل هوائون،
هي جيڏين جا کجڪا، هي نازڪ ادائون،
انھي ويل ڪوئي تہ سُڏڪي سڏيندو.
نظر ڪنھن جي ڪنھن کي، ڳوليندي ئي رهندي،
۽ تنھائي وڏا ڏنڀ ڏيندي ئي رهندي،
انھيءَ پل دِل ۾ ڪيڏو، درد هوندو.

جيئن ئي شام لڙندي، تيئن ئي ياد وڌندي،
کڻي گهاءُ گهرا، اونداهي بہ ايندي،
سڄي رات ايئن ڪو تڙپي ڪَٽيندو.

الڳ ٿي پاڻيءَ کان ڪشتي نہ هلندي،
گُلن کان سواءِ خوشبو نہ گهُلندي،
ملندئي ”مھيري“ تڏهن چين ايندو،
چيو تو تہ ويندين، ڪھڙو فرق پوندو.

ڪجهہ اڳيان هلياسين تہ روڊ جي اُتر طرف هڪ ٻي پڪي ڳوٺ ڏي اشارو ڪندي سائين عبدالرزاق مھيري ٻُڌايو تہ:

شوڪت حسين شوري جو اِهو ڳوٺ آهي
شوڪت حسين شورو جو نالو مون پھريون ڀيرو پي ٽي وي تان هلندڙ مشھور ڊرامو ناٽڪ رنگ ۾ پروڊيوسر توڙي رائيٽر طور پڙهيو هو ۽ پوءِ جڏهن ڪِتابن جي دُنيا ۾ داخل ٿياسين تہ پڙهيوسين: شوڪت حسين شورو جولاءِ جي چوٿين تاريخ اوڻيھہ سئو ستيتاليھہ ۾ پيدا ٿيو، تعلقي سجاول جي ڳوٺ حاجي نور محمد شورو ۾عبدالڪريم شوري جي اڱڻ تي.
مھيري صاحب شوڪت حسين شورو جون ڪھاڻيون پڙهيون اٿئي؟ ’ڪو ڪِتاب تہ نہ باقي رسالن ۾ پڙهيو اٿم‘ مھيري جواب ڏِنو، ’هِن جي ڪھاڻين جا چار ڪتاب ڇپيل اٿئي‘ ٻُڌايومانس: ’گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاس’، ’اکين ۾ ٽنگيل سپنا’، ’گُم ٿيل پاڇو‘، ’رات جو رنگ‘، مون پنھنجي معلومات مطابق کين ٻُڌايو تہ: ’ماهوار ’گُل ڦل‘ جو ايڊيٽر بہ رهيو آهي، سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌالاجي ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر پڻ رهيو آهي. اُن کان اڳتي دڙي موري، آمڙا اسٽاپ ۽ ٻيا ڳوٺ ڪِراس ڪياسين.

پبلڪ لائبريري سجاول ۾ ڳولياسين پنھنجا ڪِتاب
سجاوَل شھر ۾ داخل ٿياسين، شيخ عبدالله وارن سان رابطو ڪيوسين، چيائون ’اسان کي اڃا پندرنھن ويھہ منٽ لڳندا.‘ مون چيو ڇو نہ تيستائين پبلڪ لائبريري ڏِسي وٺجي، اياز امر شيخ کي فون ڪيم، فون نمبر نہ لڳو، سورج سجاوليءَ کي فون ڪيم پاڻ گهر هو، چيائين انتظار ڪريو تہ آئون اچان ٿو، چيم ’تڪليف نہ ڪريو اسان ٻہ ٽي منٽ آهيون، وڃون پيا چوهڙ‘ ٻُڌايائين تہ ’عبدالعزيز منڌرو جو پُٽ شاهد عزيز منڌرو انچارج آهي، لائبريري شھيد بينظير ڀٽو پبلڪ پارڪ جي اوڀر ۾ آهي.‘ آياسين، لائبريري کي تالو هو، اُتي موجود همراه ٻُڌايو تہ هاڻي هاڻي انچارج بند ڪريو وڃي. پوءِ رزاق مھيري جي دوست اُن انچارج کي فون ڪري گهرايو، جنھن اسان کي لائبريري ڏيکاري انچارج شاهد عزيز ٻُڌايو تہ ’هِن لائبريري ۾ 27000 هزار کان مٿي ڪتاب موجود آهن. الماريون ۽ ڪتاب جنھن جنھن گفٽ ڪيا هُئا، اُنھن جي نالن سان رکيل آهن. حافظ محمد نظاماڻي سندس ڪتاب تلاشيو ۽ مون منھنجو ڪتاب، مونکي منھنجو ڪتاب ’حيدرآباد کان هنزہ تائين‘ ٽئين ڪمري ۾ رکيل نظر آيو، حافظ کي سندس ڪتاب نظر نہ آيو.
موجودہ انچارج جيڪو اُن هر دلعزيز شخصيت عبدالعزيز منڌرو جو پُٽ شاهد عزيز هو، جيڪو ڪتابن سان چوَن ٿا تہ بي انتھا عشق ڪندو هو، پنھنجو سمورو وقت لائبريري لاءِ وقف ڪيائين، تنھن ڪري پاڻ جڏهن دُنيا ڇڏي تہ پوءِ لائبريري جو نالو بہ سندس نالي پُٺيان رکيو ويو، هاڻي هي لائبريري پبلڪ جي بجاءِ ’عبدالعزيز مينڌرو لائبريري‘ جي نالي سان سڏجي ٿي. شاهد کي ٻُڌايم تہ ’اوهان جو والد صاحب هڪ ڀيرو منھنجي پريس تي، اياز امر شيخ وارن سان يا سورج سجاولي وارن سان گڏ، پر آيو هو.‘ ساڻس گڏ فوٽو ڪڍي کائنس موڪلايوسين.
هاڻي سجاول شھر کي ڇڏي اسين اسانجي منزل طرف روانا ٿياسين، ادا منظور شيخ عبدالله جي گاڏي هلائي، شيخ عبدالله ادا منظور جي گاڏي ۾ ويٺو، يعني مونسان گڏ، هي گاڏي وري مون هلائي، شيخ عبدالله جي خواهش هُئي تہ حافظ محمد نظاماڻي، عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي ۽ رزاق مھيري سان ڪچھري ڪريان، جيڪي اسانجي گاڏي ۾ هُئا.

چوهڙ جمالي جُوءَ ۾
’چوهڙ جي شھر ۾ داخل ٿيڻ کان پھرين رينجرس جي چوڪي آهي جيڪي ماڻھن کي، گاڏين کي چيڪ ڪري پوءِ اڳتي ڇڏيندا آهن.‘ اِهو ٻُڌايو رزاق مھيري، جيڪو مون سان گڏ اڳينءَ سيٽ تي ويٺل هو، تنھن ڪري اسان بہ اچي چوڪي تي بريڪ ڪيو، پر نوجوان ڇوڪرو بيٺل هو جنھن اشارو ڪندي چيو اوهان وڃو ۽ بنا چيڪنگ جي اسان پھتاسين چوهڙ جمالي جي پھرين اسٽاپ تي، حافظ فضل الله فياض (اسانجو اڄ جو ميزبان) اسان کي وٺڻ لاءِ انتظار ۾ بيٺل هو.
اسانکي اشاري سان پويان اچڻ لاءِ چيائين، پاڻ اڳيان موٽر سائيڪل تي هليو، چوهڙ جمالي شھر جو رستو بہ سوڙهو، رش بہ گهڻي اسان لاءِ شھر بہ نئون، ادا منظور لاءِ شيخ عبدالله جي آٽوميٽڪ گاڏي بہ نئين ۽ مون بہ اهڙي ڪنھن سوڙهي روڊ يا گهٽين ۾ ڪرولا پھريون ڀيرو پي هلائي، بھرحال الله جي مھرباني سان بغير ڪجهہ ٿيڻ جي صحيح سلامت منزل تي پھتاسين. هِڪڙي مسجد هئي ’جامع مسجد عثمان‘ اُن جي پاسي ۾ خالي پيل پلاٽ ۾ اسانکي گاڏيون پارڪ ڪرايائين، پوءِ وٺي آيو گهر، ماشاءَالله گهر تمام بھترين ٺھرايو اٿس، ادا منظور جي گهر کانپوءِ گهر ٺھرايو اٿس، اسان اوطاق جي ڪمري ۾ ويٺاسين اُهو بہ اهڙو ٿڌو پي لڳو جو اسان چوڌاري ديوارن تي پي ڳوليو تہ اي سي ڪِٿي لڳل آهي، شايد پويان ڇڏيل گيلري جو ڪمال هو، جنھن مان هوا اچي رهي هُئي.
هِتي سڀئي جيئن ئي پنھنجي پنھنجي جاين تي ويٺا حال احوال ڪري سڀئي موبائلن ۾ لڳي ويا، وري مون اِها ڳالھہ ڇيڙي تہ ’ڪھڙو دؤر آهي، ڪيڏا پنڌ ڪري ماڻھو ڪِٿي اچي ٿو سنگت سان ڪچھري ڪرڻ، حال احوال ڪرڻ، پر سڀڪو پنھنجا موبائل هلائي رهيو آهي، سڀئي هِڪٻئي سان گڏ هوندي بہ ڄڻ هِڪٻئي سان گڏ ناهن،‘ اِها ڳالھہ سڀني محسوس ڪئي، ڪجهہ دير لاءِ تہ سڀني پنھنجا موبائل وڌا کيسن ۾. هاڻي ڪچھري، کِل ڀوڳ، لطيفا ۽ هِتان هُتان جون ڳالھيون. فضل الله فياض کي چيوسين تہ ’اسانکي حافظ حبيب سنڌي ضرور ملائجان،‘ چيائين تہ ’مون اُن کي پھرين ئي چئي ڇڏيو آهي، هو جمع نماز پڙهي ماني پاڻ سان گڏ اچي کائيندو‘.

حُب مان مِلياسين حافظ حبيب سان
جمع نماز جو وقت بہ ٿي ويو، سڀئي روانا ٿياسين مسجد جي طرف، جامع مسجد عثمان ۾ جمع نماز ادا ڪئيسين، اسان جي نماز سفر هُئي تنھن ڪري ٻہ رڪعتون فرض سفر پڙهي نِڪري آياسين. وري بہ اچي ڪچھري ڪئيسين ۽ حافظ حبيب سنڌي جو انتظار ڪرڻ لڳاسين، فضل الله فياض ٻُڌايو تہ ڇوڪرو موڪليو اٿم حافظ حبيب سنڌي اچڻ وارو هوندو، بس ٿوري ئي دير ۾ حافظ حيبب سنڌي اچي سلام ورايو، سڀئي ساڻس سِڪ، حُب ۽ احترام سان مِلياسين، حال احوال ٿيو.
احتشام الحق کٽي عرف ’حافظ حبيب سنڌي‘ کٽي پاڙي چوهڙ جمالي ۾ محمد عثمان کٽيءَ جي اڱڻ تي 22 فيبروري 1954ع ۾ پيدا ٿيو. هِن ابتدائي تعليم سان گڏ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم ۾ مولوي فاضل جو امتحان ڏِنو، اُن کانپوءِ مدرسہ داالعلوم عثمانيہ ٺٽي مان ’سندالفراغ‘ بي اي جي مساوي ڊگري حاصل ڪئي.
’سائين حبيب صاحب اوهان جا هيسيتائين گهڻا ڪتاب شايع ٿي چُڪا آهن؟‘ ڪچھري کي اڳتي وڌائيندي کائنس سوال ڪيم، ’ڪُل ملائي 22 کن ٿيندا‘، ’ڪُل ملائي مطلب؟‘ مطلب تخليق، ترتيب، ترجما سڀئي ملائينداسين تہ 22 کن ٿيندا. ’ماشاءَالله‘ چيم، ’۽ اڃا جيستائين سَنڌَن ۾ ساھہ آهي، لِکڻ پڙهڻ هلندو رهندو‘. ’الله پاڪ اوهان جي صحت ھميشہ سلامت رکي‘.
’سائين اوهان ٻوليءَ تي شايد ڪم ڪيو آهي، ڪو ڪِتاب وغيره لِکيو آهي؟‘ ’جي ها ٻوليءَ تي ”ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي“ نالي سان ڪِتاب لِکيو اٿم، جيڪو لئنگئيج اٿارٽيءَ اداري ڇپرايو آهي‘. ’ان کان علاوه تاريخ تي بہ ڪم ڪيو آهي، ’کتري قوم جي تاريخ‘ نالي ڪِتاب بہ ڇپيل آهي.‘، ماشاءَالله، ايئن سائين سان ڪچھري بہ ٿيندي رهي، سوال جواب بہ تہ پريان ويٺل دوستن جا ڪي جملا، ڪي لطيفہ، ڪي محاورا، ڪي چوڻيون، ۽ اُن سان گڏوگڏ ميزبان سائين فضل الله فياض پاران خدمت ۾ ڪنھن وقت جوس تہ ڪنھن وقت بوتلون بہ مِلنديون رهيون، مطلب تي ڪچھري مان خوب لُطف اندوز ٿيندا رهياسين.

چوهڙ جمالي تي نالو ڪيئن پيو؟
فضل الله فياض پھرين سائين کان سوال ڪيو تہ سائين ’چوهڙ جمالي تي نالو ڪيئن پيو؟‘، سائين عبدالجبار نظاماڻي چوي ٿو تہ ’چوهڙ واڻيو هو جمالي سندس پارٽنر هو، ٻئي پاڻ ۾ گڏ ڪاروبار ڪندا هُئا، اُنھن جي نالن پُٺيان چوهڙ جمالي نالو پيو،‘ فضل الله چيو تہ ’آئون ان تي متفق نہ آهيان جيستائين اوهان نٿا ٿيو، حافظ حبيب وراڻيو ’چوهڙ خان جمالي نالي همراھہ هو، جنھن جي هي سڄي جاگير هُئي ۽ انھيءَ جي پُٺيان شھر جو نالو بہ پيو‘.
المدينہ مسجد، هِن شھر جي تمام وڏي ۽ جامع مسجد آهي ۽ هڪ پُراڻو مندر بہ موجود آهي، هِن وقت هِن شھر جي آبادي 40 هزار جي لڳ ڀڳ ٿيندي، تعلقي شاهبندر جو هي وڏو شھر آهي، هِن علائقي کي آباد ڪندڙ ’ستاھہ واھہ‘ نالي درياھہ مان نڪرندڙ واھہ آهي جيڪو 35 ميل ڊيگهہ رکندڙ ۽ هن شھر کي آباد ڪندڙ آهي. هي سجاول ضلعي جو شھر آهي.
سڀئي اُٿياسين اندر هال ۾ ماني کائڻ لاءِ، اندر بہ گهر ماشاءَالله تمام سُٺو هو، نقشو اهڙو ٺھيل هو جو سڄو گهر بنا اي سي جي بہ ٿڌو لڳو پيو هو. ماني ۾ کوڙ طعام ٺھرايا هُئائين، منھنجي تہ طبيعت ٺيڪ نہ هُئي، ٻيو تہ جڏهن بہ گهڻا طعام ٺھيل هوندا آهن تہ مونکي ماني تمام ٿورڙي وڻندي آهي، ها باقي لسي جا ٻہ گلاس ڀري پيتم، لسي بہ بھترين ٺھيل هُئي. ماني کائي دُعا پڙهي اچي ويٺاسين. فضل الله فياض گاڏي واري کي ڪئي فون، گاڏي کڻي آيو، هاڻي ٽي ڪرولا ڪارون ٿيون، هِڪٻئي جي پويان روانا ٿياسين.

ابن شاھہ جا ٽڪر ڏِٺاسين
ڏھہ پندرنھن منٽ جي فاصلي تي گاڏيون ڊوڙڻ کانپوءِ هڪڙا وڏا ٽڪر/ جبل نظر آيا، ويجها ٿياسين تہ هي پٿر اسانکي ڪارونجهر جي پٿرن جھڙا لڳا، خدا جي قدرت سڄي زمين سريکي ۽ زرعي زمين نہ جابلو سلسلو نہ جابلو زمين، بس هي وچ تي ڄڻ هٿ سان ٺاهيا ويا هُجن. گاڏيون گُهمي اچي ابن شاھہ جي ٽڪر ڀر بيٺيون. مٿي سيڙهيون چڙهڻيون هيون، هيٺ بورڊ پڙهيوسين لِکيو پيو هو. ابن شاھہ قريشي ’100 سيڙهيون والا روحاني سرجن.‘ اسانکي حيراني ٿي، هِڪٻئي کي چيوسين تہ سيڙهيون ڳڻجو 100 ٿين بہ ٿيون يا نہ. اسان سيڙهيون مٿي چڙهڻ شروع ڪيون. اسان مان حافظ حبيب سنڌي ۽ شيخ عبدالله ٻئي مٿي نہ چڙهيا، باقي اسان سڀئي ساٿي چڙهي وياسين، مٿي پھتاسين ڪجهہ دوست سھڪي پيا، ٿڪجي پيا. مٿي بہ عجيب رنگ لڳا پيا هُئا، مايون/عورتون هِتي بہ موجود هيون، پاڻ ۾ ڪچھري ڪري رهيون هيون، ڪِن سيلفيون پي ڪڍيون. مزار تي اندر قُل پڙهياسين، مزار جي پڃري ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ بند تالا هِڪٻئي ۾ لڳا پيا هُئا، اهي شايد ماڻھو پنھنجون مُرادون کڻي ايندا آهن تہ: ابن شاھہ اسانجي قسمت جو تالو پاڻ کوليندو، ’توبھہ توبھہ‘ جهالت جي بہ حد هوندي آهي. الله پاڪ کي ڇڏي هنن زمين دوز درويشن کان ٿا گُهرن، جيڪا ڳالھہ نہ هنن درويشن، بُزرگن کي قبول آهي ۽ نہ وري الله پاڪ کي.
ابن شاھہ بزرگ شيخ بھاءُالدين ذڪريا ملتان واري جي اولاد شيخ اسماعيل جو فرزند هو، هي درگاھہ تعلقي شاهبندر، ضلع سجاول ۾ آهي.
حافظ حبيب ٻُڌايو تہ ’هن جو اصل نالو عبدالله شاھہ عرف ابن شاھہ قريشي آهي، آئون انھيءَ خاندان مان آهيان، هي اصل ۾ مُلتان کان آيل آهن، هن جي وفات 804 هجري جي آهي.‘
فوٽوگرافي ڪري هيٺ لٿاسين، مون وري بہ سڀني کي چيو ’بابا سيڙهيو ڳڻجو،‘ مون بہ ڳڻيون پر وچ تي عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي چيو تہ ’پاسي کان هِڪڙي قبر ٺھيل آهي، اوڏانھن هلون‘ مون چيو نہ سائين گس ڏکيو آهي، انھي ڪري مون جيڪي ڳڻيون اُنھن ۾ سئو نہ ٿيون ممڪن آهي مون غلط ڳڻيون هجن.
هيٺ جيئن ئي لٿاسين شيخ عبدالله کير واري قلفي چوپي رهيو هو. مون چيو سائين شيخ صاحب ياد ڪريو هي راضي شاھہ وارو ساڳيو ساڳيون منظر آهي، اُهو بہ مٿي سيڙهين تي هو اوهان مٿي نہ چڙهيا هيٺ بيٺا هئا، جڏهن اسان مٿان ٿي آياسين تہ اوهان سڀني کي اهڙيون کير واريون قلفيون کارايون هُيون، شيخ عبدالله، حافظ حبيب ۽ فضل الله فياض کِلي پيا، ڇو تہ هِن ڀيري خرچ شيخ عبدالله نہ پر فضل الله فياض پيو ڪري ڇو تہ سائين عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي پيسا کيسي مان ڪڍيا، پر فضل الله منع ڪري ڇڏي ۽ سڀني کي ٻہ ٻہ قلفيون کارايائين.

راڄن شاھہ جا ٽڪر بہ ڏِٺاسين
وري گاڏين کي گول چڪر ۾ ڦيرائي آياسين راڄن شاھہ جي ٽڪرن تي، جيڪي پري کان ئي اڇا مقبرا نظر اچي رهيا آهن، هي جبل هُن کان ٿورو هيٺ هئا، تنھن ڪري شيخ عبدالله ۽ حافظ حبيب سنڌي پُڻ مٿي تائين هليا. پھرين مسجد ڏِٺيسين جيڪا ڇت بنا ٺھيل آهي، شايد عيد گاھہ ٿي لڳي، پوءِ ٿورو اڳيان هِڪڙو ٿلھو ٺھيل آهي، جنھن کي چؤطرف کان گوڏي جيتري ديوار ڦِريل آهي، ٻن پاسن کان آمھون سامھون دروازا ڇڏيل آهن، پوري وچ تي گول کڏ ٺھيل آهي، جنھن ۾ حافظ حبيب ٻُڌايو تہ ’ٽانڊو ٻاريندا آهن ۽ هِتي ساليانو سماع جي محفل ٿيندي آهي. انھي گول کڏ ۾ ٽانڊا ٻاري پوءِ چوڌاري ڦِري ويھي ذڪر الله ڪندا آهن.‘ مٿي چڙهياسين، هِڪٻئي جي سامھون ٻہ مقبرا هئا، اُتر ۾ مقبري ۾ وياسين حافظ حبيب ٻُڌايو تہ ’هن مان هي اولھہ طرف واري قبر مخدوم محمد جلال کٽي جي آهي، جيڪي مخدوم معين ٺـٽوي جا اُستاد ٿي گُذريا آهن. جڏهن تہ اوڀر واري قبر فيضل الله پير قريشي جي آهي.‘
ڏکڻ طرف ۾ راڄن شاھہ قريشي جن جون قبرون آهن، جيڪي اصل ۾ ملتان کان آيل آهن. هن جي وفات 1760ع ٻُڌائي وڃي ٿي، هن جا مريد گهڻا جهالو ڪيٽي بندر کان ايندا آهن، هر سال سفر مھيني جي 12 تاريخ تي هِتي ميلو لڳندو آهي. وڌيڪ حافظ حبيب سنڌي ٻُڌايو تہ ’هي ديھہ بچل جمالي آهي ۽ هِن ديھہ ۾ اهڙا ٽوٽل ست 7 ٽڪر مِلن ٿا.‘
هاڻي اسان وري بہ ساڳيو روڊ شاھہ بندر وارو ورتو، جيڪو چوهڙ شھر منجهان نِڪري ٿو، اسان جي هاڻي منزل شاھہ عقيق هو. مون پڇو ’اصل نالو شاھہ عقيق آهي يا شاھہ يقيق؟‘ سڀني چيو هلون ٿا اڳيان بورڊ لڳل هوندو پاڻھي خبر پئجي ويندي، مون چيو ’مئگزين جيڪو نِڪرندو آهي، انھي جو نالو ’عقيق ميگزين‘ آهي. عقيق ميگزين جو هِڪڙو پرچو مون بہ ڇپيو هو.‘
شاھہ عقيق جو فاصلو چوهڙ کان ست ڪلوميٽر ٻُڌايو پيو وڃي، اسانجي اڳيان فضل الله فياض وارن جي گاڏي هُئي، جنھن سان گڏ حافظ حبيب سنڌي جيڪي اڄ جا گائيڊ ۽ رهنما هُئا، اُهي جڏهن شاھہ عقيق جي درگاھہ کان اڳتي گاڏي هلائي ويا تہ اسان چيو الائي ايڏانھن وري ڇا آهي شاھہ عقيق جي درگاھہ تہ ڇڏيو وڃن. گاڏي وڃي بازار جي وچ چوڪ تي بريڪ ڪيو.

جلالي بابا جي جوءَ ۾
گاڏين مان لٿاسين، چؤطرف جيئن ميلن جي اڏاوت ٿيندي آهي، ايئن اڏاوتون ٿيون پيون آهن، تنبُن اندر کٽون پيون آهن ۽ کٽن تي فيمليون ويٺيون آهن. پُڇڻ تي خبر پئي تہ ماڻھو مُرادون وٺڻ لاءِ هِتي اچي رات ترسندا آهن، تنھن ڪري هي سڀئي وڏا هال اُنھن ۾ پيل کٽون هِڪ رات جي مسواڙ تي مِلنديون آهن. اڳتي هلياسين ور وڪڙ گهٽين مان ٿيندا اچي درگاھہ تي پھتاسين، جنھن بابت حافظ حبيب سنڌي ٻُڌايو تہ: ’هي شاھہ عقيق جو وڏو ڀاءُ آهي، جنھن جو اصل نالو عبدالله شاھہ عرف ٽلڻ شاھہ آهي، پر هاڻي ٿوري عرصي کان هِن کي ’جلالي بابا‘ جي نالي سان مشھور ڪيو ويو آهي.‘ مون بہ ڪنھن ڪتابچي ۾ پڙهيو آهي تہ: ’شريف الدين بُخاري جي (جيڪو افغانستان جو ٻُڌايو وڃي ٿو)، اڱڻ تي اکيون کوليندڙ عبدالله شاھہ جيڪو پوءِ ٽِلڻ شاھہ اُن کانپوءِ هاڻي ’جلالي بابا‘ جي نالي سان مشھور آهي. عبدالله شاھہ عرف ’جلالي بابا‘ شاھہ عقيق جو وڏو ڀاءُ آهي. اُن ڪتابچي ’تذڪره حضرت شاھہ عقيق بابا اور جلالي بابا‘ اردو ۾ لِکيل آهي، جنھن ۾ ڪجهہ ڪرامتون بہ لِکيل آهن، جيڪي هِتي نٿو لِکان.
اسان سڀني جُتيون هِڪ پاسي لاٿيون، جِتي جُتون رکڻ وارو موجود هو. درگاھہ اندر وڃڻ وقت واڪ ٿرو گيٽ لڳل هئا. ڪم بہ ڪيائون ٿي يا الائجي ٺلھا لڳل هُئا، پر هڪ پاسي کان ٻہ ليڊي پوليس اهلڪار ويٺل هُيون، ٻي پاسي کان مرد پوليس اهلڪار بيٺل هُئا، جن اسانجي چيڪنگ ڪئي. هي مزار گهڻو کُليل ميدان تي هُئي پريان ديوار جي پاسي کان پوليو ڦُڙا پيارڻ وارا ويٺل هئا، اُنھن جي پاسي کان هِڪڙو ڏٽو مُٽو نوجوان جنھن کي ساڄي ٻانھن ۽ ٽنگ ۾ گڏ زنجير پيل هُئي ۽ ڀِت تي مٿو ٽيڪي ليٽيو پيو هو، ڏِسڻ ۾ تہ چريو نہ پي لڳو، پر خُدا ٿو ڄاڻي.
مزار اندر آياسين قُل پڙهياسين، پر آس پاس حالت، ڏاڍي خراب پئي لڳي، هِڪ تہ رڳو عورتن جي رش ٻيو تہ هِڪ نوجوان ڇوڪري پڃري ۾ زنجير سان ٻَڌل هُئي، جنھن جلالي بابا کي بُجا پي ڏِنا ۽ ٿُڪون پي اُڇلايون تہ مونکي کولين ڇو ڪونہ ٿو. مونکي ايڏي حيراني ٿي/عجب لڳو هِڪ ٻي بہ نوجوان ڇوڪري جنھن جا ٻئي هٿ پويان زنجير سان ٻڌل هُئا، اُنھن جون رڙيون پي پيون ۽ گاريون پي ڏِنائين، هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين هلي پي.
موبائل جي ڪيمرا آن ڪري هِڪ ٻہ فوٽو ڪڍيم، تيستائين هِڪڙو همراه اچي پھتو، چيائين موبائل رکي ڇڏ، فوٽو ڪڍڻ سخت منع آهي، سندس چھري ۾ غور ۽ ڪاوَڙ سان ڏِٺم ۽ پوءِ موبائل بند ڪري کيسي ۾ وِڌم. پھرين تہ خيال آيو اهڙو کيس ڳالھائجي، پر وري سوچيم آئون تہ هِتي صرف پنج ڏھہ منٽ لاءِ ڏِسڻ آيو آهيان، ڦڏو ڪرڻ نہ ۽ ميزبان بہ الائي ڇا سمجهن تہ خوامخواھہ ڦڏو ٿي پوَي. جلالي بابا تي بہ آخري نظر هڻي ٻاهر نڪتاسين. گيٽ وٽ هڪ عورت مونکي ڪلھو هنيون مُڙي ڏِٺومانس تہ هُن بہ مُڙي ڏِٺو، آئون ڪنڌ هيٺ ڪري اڳتي نِڪري آيس، هِتي آس پاس جو ماحول ۽ هلندڙ گُهمندڙ مايون ڏاڍيون عجيب لڳي رهيون هيون، لڳو ايئن پي تہ هِتي ايندڙ سڀئي نہ تڏهن بہ اڪثريت ايئن ئي آهن. ٻاهر پٺاڻ ڏٽا مُٽا ڇورا نظر آيا. فضل الله ٻُڌايو تہ ٿوري وقت کان اِهي پٺاڻ هن جلالي بابا تي قبضو ڪري اچي ويھي رهيا آهن، گهر ٻار پُڻ هِتي اڏيو مڏيو ويٺا آهن. اِها ڳالھہ بہ عجب جھڙي آهي، ڪِٿي اچي رهيا آهن، سو بہ درگاھہ تي قبضو ڪري.

اوهانجي ٻانھن ۾ سُتا يار هُئاسين،
جيئن ئي ٻاهر چوڪ تي گاڏي وٽ پھتاسين، اُتي بيٺل چنگچي رڪشا ۾ فُل آواز تي منھنجو گيت فنڪار الھڏنو جي آواز ۾:
اوهانجي ٻانھن ۾ سُتا يار هُئاسين، اهڙي ننڊ مِٺڙي وري ڪونہ آئي،
سوا تو سڄڻ ڪھڙا سانوَڻ سيارا، اسان آهي هرڪا موسم آزمائي.

هلي رهيو هو. اُن وقت اتفاق سان هَلي بہ نالي واري مصرع پي:

مِٺا پيار پنھنجو امر آ ۽ رهندو، زماني کان هرگز جُدا ڪين ٿيندو،
سڄڻ بس اسانجو ساھہ آهي تو ۾، هر پَل اوهانجي آهي ياد دِل ۾
تون ئي پنھنجي دِل جي ڪاڳر تو او مٺڙا، نالو ’مور ساگر جوڻيجو‘ لِکي ڇڏ،
هوندو پيار دِل ۾ تولئہ تا قيامت، هوندي دِل ۾ تولاءِ حسرت اُها ئي.

سڀني ٻُڌي چيو واھہ مور واھہ. اهو منھنجو گيت 1999ع ۾ فنڪار الھڏنو جوڻيجي ڳايو هو، جيڪو ايترو مشھور ٿيو، جو ننڍو وڏو ٻار ٻچو پيو جهونگاريندو هو، اڄ تائين بقول فنڪار الھڏني جي تہ ان گيت جي ٻُڌڻ لاءِ فرمائش ٿيندي رهي آهي.

شاھہ عقيق جي مزار مھندا جو منظر
حافظ فضل الله وارن چيو ’شاھہ عقيق جي مزار تي بہ هلندا يا هليا هَلون؟‘ چيوسين ’سائين اسان تہ اڄ تائين صرف شاھہ عقيق ئي ٻُڌو هو، هي جلالي بابا تہ هِت اچي خبر پئي، تنھن ڪري شاھہ عقيق جي حاضري ڀرڻ تہ ضروري آهي.‘ وري گاڏين کي ڦِيرائي آياسين شاھہ عقيق جي مزار طرف، مزار کان پھرين مسجد اچي ٿي وچين نماز جو وقت بہ ٿي ويو آهي، سڀني پھرين وضو ڪري نماز ادا ڪئي. پوءِ آياسين شاھہ عقيق جي مزار تي، هي مزار تہ ننڍڙي هُئي، هِتي رش بہ نہ هئي، هِتي واڪ ٿرو گيٽ لڳل هو، پاسي ۾ ٻہ ڇوڪريون پوليس واريون ويٺل هُيون، هِڪڙي صفا سنھڙي ويچاريءَ جا ڏند نِڪتا پيا هُئا، هِڪڙي وري اهڙي موٽي جو ڪُرسي کان بہ ٻئي پاسا ٻاهر نِڪتل هئس، مون غور سان ڏِٺو ۽ سوچيم عجيب پوليس واريون آهن، هِڪڙي ايتري ٿڪلڙي آهي، جيڪا ايمرجنسي ۾ ٿورو ڊوڙيِ تہ ٿڪجي پوندي ۽ ٻي وري ايڏي ڳري جو ڊوڙيِ ئي ڪونہ سگهندي.
هِتي بہ گيٽ ڀرسان پوليو ڦُـڙا پيارڻ وارا ٽيبل ڪُرسي رکيو ويٺا هئا، هِڪ ڇوڪري ٻہ ڇوڪرا جنھن مان هِڪڙو فضل الله فياض جو دوست هو جيڪو اُٿي آيو، سڀني کي هٿ ڏنائين، پوءِ فضل الله فياض سان يڪو پي ڪچھري ڪيائين، اسين اندر مزار مان ٿي موٽي آياسين.
انسائيڪلوپيڊيا ٻُڌائي ٿو تہ: شاھہ عقيق ڇھين صدي هجري/ٻارهين صدي عيسويءَ ڌاري بُخارا ۾ ڄائو، ٻن سالن جي عمر ۾ پنھنجي مائٽن سان گڏ پھرين هندستان ۽ پوءِ اُچ شريف ۾ رهيو. پاڻ اُچ جي سيد جلال الدين بُخاري سرخ پوش جي اولاد مان هو. اُچ کانپوءِ حضرت خواجہ معين الدين چشتيءَ جي حڪم سان ٺٽي ۾ دين جي تبليغ لاءِ اچي رهيو. ٽِن سالن کانپوءِ سندس والد ۽ والدہ وفات ڪري ويا. شاھہ عقيق مختلف مزارن تي فيض حاصل ڪرڻ لاءِ ويندو رهيو. هُن ميـين عثمان کان بہ درس ورتو.
18 سالن جي عمر ۾ سندس شادي سندس استاد ميـين عثمان جي ڌيءَ سان ٿي، جنھن وقت سندس نڪاح پئي پڙهيو ويو تہ وچ ۾ ڀر واري ڳوٺان هڪ بيواھہ عورت فرياد کڻي آئي تہ ڌاڙيل منھنجي پُٽ کي اغوا ڪري ويا آهن ۽ اڌ رات تائين وڏي رقم ڏيڻ جو مطالبو ڪيو اٿن. ٻيءَ صورت ۾ منھنجي پُٽ کي قتل ڪري ڇڏيندا. فريادي عورت کي شاھہ عقيق جي ڀائرن ۽ دوستن سمجهائي واپس موڪلڻ پئي چاهيو، پر فريادي عورت واپس ويندي چيو تہ توهان ڀلي شاديءَ جون خوشيون ملھايو، آئون ماتم ڪرڻ وڃان ٿي. شاھہ عقيق اهو ٻُڌي حق جو نعرو هڻي اٿي کڙو ٿيو ۽ فريادڻ سان گڏجي هليو ويو ۽ ڌاڙيلن سان وڙهندي شھيد ٿي ويو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب ”سندس شھادت 854ھہ، 1450ع جي شروع ۾ ٿي. سندس مقبرو چوهڙ جمالي ضلعي ٺٽي ۾ آهي، جتي هر سال وڏو ميلو لڳندو آهي ۽ ٻارهو ئي اُتي عقيدت مندن جا ميڙ لڳا پيا هوندا آهن.“ جيڪي اڄ اسان بہ پنھنجي اکين سان ڏِٺا، اڃا هِتي جي شايد چنڊ جي چوڏهين رات جا ڪي ٻيا رنگ ٻُڌايا وڃن ٿا. ڪھڙا رنگ آهن، اِهي وري زندگي رهي تہ ڪڏهن ڏِسي وٺبا.

لاڏيون، جتي جيل ۾ ٻہ قتل ٿيا هئا
هاڻي اسانجون گاڏيون عثمان شاھہ جا قُٻا ڏِسڻ لاءِ اوڏانھن جي رُخ روانيون ٿيون، پھرين هڪڙو روڊ نِڪري ٿو جيڪو ٻُڌايائون تہ هي روڊ جاتي وڃي ٿو، اُن کان اڳتي هڪڙو اسٽاف اچي ٿو بلڪِ ’شھر لاڏيون‘ جيڪو نالو اسانجو گهڻو ٻُڌل هو، هِن پاسي جا شادي ڪارڊ ڇپيندا هُئاسين اُنھن ۾ اهي هنڌ نالا ۽ ذاتيون اسانجي ذهن ۾ محفوظ ٿيل آهن، لاڏيون لاءِ اڳيان ويٺل عبدالرزاق مھيري ٻُڌايو تہ ’هي سامھون زبون حال جڳهيون ڏِسو پيا اهي انگريزن جي دؤر کان بہ پھرين جون آهن، ٿاڻا بہ هئا تہ جيل بہ هُئي.‘ وڌيڪ ٻُڌايائين تہ ’ٻہ واڻيا ڀائر بہ هن جيل ۾ ماريا ويا هئا، گرفتار تہ ڪنھن ٻي پاسان ڪري آيا هُئا، پر هن جيل ۾ آڻي پوءِ گوليون هڻي ماري ڇڏيائون.‘ مون چيو ’ويچارا واڻيا اڳي ئي هئا، وري جو پوليس ڪيو هوندو تشدد تہ هو پاڻ ئي مري پيا هوندا، پوءِ ويچاري اسان جي معصوم پوليس هنيون هونديون گوليون، ڏيکاريو هوندائون تہ جيل مان ڀڄڻ جي ڪوشش دوران مقابلي ۾ مارجي ويا‘ مھيري وراڻيو ’هي واقعو ڪافي پُراڻو آهي، وڌيڪ مونکي ڄاڻ ڪانھي‘. ’سائين اِها تہ آهي عام ڳالھہ، ضروري ناهي اِن واقعي ۾ ايئن ٿيو هُجي، پر ايئن بہ ٿيندو آهي.‘

ڇڇ جهان خان کان اڳيان عثمان شاھہ جا قُـٻا ڏِٺا
لاڏيون کان پوءِ جيڪو اسٽاپ آيو، اُهو اسٽاپ ۽ شھر هو ’ڇڇ جهان خان،‘ جنھن لاءِ چيائون پي تہ پري آهي اڄ هِڪڙي ڏينھن ۾ نہ ڏِسي سگهندا. ڇڇ جهان کان ڪِراس ڪيوسين تہ اسان کي وري بہ ريڊيو جو دؤر ياد آيو، ريڊيو تي هلندڙ پروگرام سُڳنڌ جيڪو سموري سنڌ ۾ مشھور هو ۽ سڄي سنڌ جي شھرن ۽ ڳوٺن کان ٻُڌندڙ خط لِکندا هئا، ۽ ايئن اسان جي ذهنن تي اُهي ٻُڌل نالا تري ٿا اچن. ڪجهہ وقت اڳتي هلياسين، جيستائين سج بہ لھي چُڪو هو ۽ ڀٽائي جو بيت منھنجي من اڱڻ تي ڪبوتر ٿي لٿو ڄڻ:
لٿو سج لَڪَن تان، راسيون رتائين،
مونکي ماريائين، آيل اونڌاهي ڪري.

عثمان شاھہ جي مزار اڳيان گاڏين اچي بريڪ ڪيو، مسجد ۾ مولوي ٻانگ ڏئي رهيو هو. پھرين وضو ڪري نماز پڙهيسن. هِتي رڻ ۾ بہ اسانکي پٺاڻ ۽ پنجابي نظر آيا، پنجابي مايون هِتي مڇردانيون ٻڌيو ٻارن کي سُمھاريو، پاڻ رڌ پچاءُ ڪري رهيون هُيون، ڄڻ تہ گهر ئي هِتي اٿن.

پردي جي پُٺيان عجيب قسم جا آواز
پھرين جنھن قُبي ۾ اچون ٿا اُن لاءِ حافظ حبيب ٻُڌائي ٿو تہ ’هي ميان ميـين صديق عباسي جو فرزند ميان محمد عثمان عباسي آهي، جيڪو پنھنجي وقت جو سُٺو ليکڪ بہ رهيو آهي.‘ انھي مزار منجهان دروازو اڳتي نِڪري ٿو، اڳيان بہ مزار ٺھيل آهي، جنھن بابت حافظ حبيب ٻُڌايو ’هي مخدوم محمد ابراهيم عباسي آهي، جيڪو پنھنجي وقت جو وڏو حڪيم هو ۽ ميان محمد عثمان عباسيءَ جا فرزند هئا. سندن وفات 1176ع ۾ ٿي.‘ انھن ٻنھي جي اوڀر طرف ۾ ٽي بہ زيارت هُئي، جنھن ۾ اندر وياسين تہ مزار جي پريان هِڪڙو پردو ڇت کان هيٺ فرش تائين لڙڪي رهيو هو، اُن پردي جي پُٺيان عجيب قسم جا آواز اچي رهيا هئا، مون هيڏانھن هوڏانھن لوڻا هڻڻ شروع ڪيا ۽ آوازن جي ويجهو وڃڻ چاهيم، تيستائين هِڪڙي چادري ۾ ويڙهيل نوجوان ڇوڪري سھڪندي ٻاهر نِڪتي، پويان هلڪي ڏاڙهي وارو ڇوڪرو جنھن جي هٿ ۾ پاڻي جي بوتل هئي، اُنھي جي پويان نِڪتو، ڇوڪري ٿِڙندي ٿِڙندي ٻاهر هِڪڙي دِڪي تي وڃي ويھي رهي. آئون ٻنھين کي غور سان ڏِسندو اڳتي هليو ويس.
اسان جي اڄ جي سفر جي هي آخري منزل هُئي، هاڻي رهيل آهي جاتي، جِت اڄ تہ ڪُجهہ بہ ڏِسي گُهمي نٿا سگهون صرف شھر مان گذري سگهون ٿا. حافظ فضل الله فياض وارن چيو هلو جاتي روڊ تائين اوهان سان گڏ ٿا هَلون. جاتي روڊ تي پھتاسين سڀني هڪٻئي کان موڪلايو، شيخ عبدالله چيو تہ ’پاڻ کي ميرپوربٺورو هلڻو آهي جتي هڪڙي دوست دعوت ڪئي آهي انھي ۾ ضرور شريڪ ٿيئـڻو آهي،‘ اسان چيو ’سائين اوهان وري بہ سجاول کان ويندا ٿاڻي بولا خان اسين هِتان جاتي کان کورواھہ، کورواھہ کان ڪڙيو جتي حافظ محمد نظاماڻي ۽ عبدالرزاق مھيري کي ڇڏينداسين، اسان کي جاتي وٽان ويجهو پنڌ پوندو انھي ڪري ٻنھي لاءِ بھتر آهي تہ هِتان ئي موڪلايون.‘ انھن کان بہ موڪلايوسين، حافظ صاحب جي طبيعت بہ گهڻي خراب هُئي ۽ هاڻي منھنجي طبيعت بہ ساٿ نہ پئي ڏئي. جاتي کي ويجهو پُھتاسين تہ سڀني چيو رسول بخش تميمي يا ذاڪر حسين کٽي کي فون ڪريون، جيئن ’ڀياڻي‘ جو ميلو بہ ڏِسيو هلون. پھرين سائين رسول بخش تميمي کي فون ڪيم جنھن چيو ’ٺيڪ آهي، اچو آئون ماني جو بندوبست ڪريان ٿو‘ چيم ’سائين ماني بلڪل نہ کائينداسين،‘ چيائين ’ڀلا چانھہ تہ پيئندو،‘ چيم ’چانھہ بہ نه‘ چيائين ’ڀلا ٿڌو پي وٺنداسين، مِلي وٺنداسين، پر اچو ضرور،‘ جڏهن شھر پھتاسين تہ ادا منظور جو موڊ بدلجي ويو، چئي ڪونہ ٿا هلون شھر ۾ رش آهي، ذاڪر حسين کٽي کي فون ڪيم، ذاڪر چيو ’نيشنل بينڪ وٽ اچو آئون اچان ٿو، گهر پاسي ۾ آهي،‘ ذاڪر حسين کٽي اڳ ۾ بيٺل نہ هو، تنھن ڪري هنن ٻہ منٽ گاڏي روڪي وري هليا، چيائون ذاڪر کي بہ منع ڪري ڇڏ، اُن وقت وري منھنجو موڊ خراب ٿي ويو، پر خير هر سفر ۾ واپسي ايئن ئي هوندي آهي. سو ماٺ ٿي ويس، گاڏي اڳتي هلي وئي پويان ويچارو ذاڪر کٽي پھتو چيائين ’ڪِٿي آهيو؟‘ چيم ’اڳتي نِڪري ويا آهيون‘ چيائين ’اڳيان ٻاهر پيٽرول پمپ آهي اُتي ضرور بـيھو‘. ٻاهر پمپ تي بيٺاسين اُتي پنڌ اچي پھتو، سڀني سان مِليو ڪجهہ گهڙيون بيٺي بيٺي ڪچھري ٿي پوءِ موڪلايوسين، چيائين ’سڀاڻي پروگرام ۾ ضرور شريڪ ٿجو.‘
واپسيءَ جو پنڌ ۽ اسين ....

جيڪي سفر ۾ همسفر هئا:

حافظ نظاماڻي: قرآن جو حافظ آهي، پنج وقت نماز پڙهندڙ آهي، پر مولوي صفا ناهي، ڏاڙهي بہ اڇي وڏي اٿس، صوفي مڙس، سنگت ساٿ وارو، سدائين پروگرامن ۾ سفر ۾ سنڌ جو تمام وڏو نالو آهي شاعري ۾ حافظ نظاماڻي جو. سندس تعلق سھراب خان نظاماڻي ڳوٺ لڳ ڪڙيو گهنور سان آهي. سندس ڪتاب ”باغي آ عشق منھنجو“ ڇپيو جيڪو ٿوري ئي وقت ۾ وڪامجي ويو، اُن کان پوءِ ٻيو ڪتاب ”تاريخ آهي شاهد“ جنھن جو بيڪ ٽائٽل لکڻ جو اعزاز هن ناچيز (مور ساگر) کي حاصل آهي. حافظ نظاماڻي جي شاعري اسان جڏهن هاءِ اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين تڏهن کان فنڪار الھڏنو جوڻيجو جي آواز ۾ ٻُڌندا هُئاسين.

حافظ حبيب سنڌي: حافظ حبيب جو تعلق چوهڙ جمالي شھر سان آهي، سندس پورو نالو احتشام الحق کٽي عرف ’حافظ حبيب سنڌي‘، کٽي پاڙي چوهڙ جمالي ۾ محمد عثمان کٽي جي اڱڻ تي 22 فيبروري 1954ع ۾ پيدا ٿيو. هِن ابتدائي تعليم سان گڏ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم ۾ مولوي فاضل جو امتحان ڏِنو، اُن کانپوءِ مدرسہ داالعلوم عثمانيہ ٺٽي مان ’سندالفراغ‘ بي اي جي مساوي ڊگري حاصل ڪئي.

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دِلچسپي رکندڙ، تاريخ لِکندڙ، ماتلي جي تاريخ لِکي اٿس، اُن کان علاوه حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منھنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هِن جا سھيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪِتاب لِکيو اٿس، جنھن ۾ پوري نظاماڻي قبيلي جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوه کوڙ ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب لِکيا، سھيڙيا ۽ مُرتب ڪيا اٿس. ”محمد صديق مسافر جي علمي، ادبي، تعليمي، صحافتي ۽ سماجي خدمتن جو تحقيقي مطالعو“ جي عنوان سان محمد صديق مسافر تي پي ايڇ ڊي ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس.

عبدالرزاق مھيري: هن جو تعلق ڳوٺ مولوي حاجي علي محمد مھيري سنھڙو شريف سان آهي، جيڪو ڪڙيي گهنور جي ڀرسان آهي. سندس تعليم بي ايڊ آهي، پاڻ پيغمبري پيشي سان وابسطه رهيو آهي، هن وقت رٽائرڊ پرائمري ٽيچر آهي. ڪجهہ ڪھاڻيون بہ لکيون اٿس، بوسڪي جو پٽڪو هن جي سُڃاڻپ ايئن آهي، جيئن اجرڪ جو پٽڪو علڻ فقير جي سُڃاڻپ.

شيخ عبدالله ’ڪوهستاني‘: ٿاڻي بولا خان سان تعلق رکندڙ، انتھائي سُٺو سماج سُڌارڪ، پاڻ پيشي جي لحاظ کان عربي ٽيچر آهي، سدائين سفر ۾ ننڊ ڪندو آهي، نہ تہ بس زندگي جي سفر ۾ هل هلان اٿس، ڪنھن وقت ڪِٿي تہ ڪنھن وقت ڪِٿي، سدائين سماجي ڪمن جي پويان، سندس مختلف ڪمن ۾، فري ميڊيڪل ڪئمپون لڳائڻ، غريبن جي سھائتا ڪرڻ کان علاوه جيڪو ڪم هن جي سُڃاڻپ بڻيو آهي سو آهي، اجتماعي شاديون ڪرائڻ، هي غريب بي سھارا خاندانن جي غريب نياڻين جون شاديون ڪرائيندو آهي، ۽ کين پورو پورو ڏاج بہ ڏِنو ويندو آهي.

سرور خاصخيلي: سندس تعلق ٿاڻي بولا خان سان آهي، سُٺو ماڻھو آهي، پيشي جي لحاظ کان پرائمري ماستر آهي، صحافت بہ ڪندو آهي، ۽ شاعر پڻ آهي.
فضل الله فياض ميمڻ: چوهڙ جمالي شھر جو رهندڙ، انٽر پاس، سينيئر صحافي ۽ پنھنجو ڪاروبار ڪندڙ، النور پبلڪ اسڪول جو اونر، جمعيت علماءَ اسلام ضلعي سجاول جو جنرل سيڪريٽري،

منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شھر سان تعلق رکندڙ: منھنجو ڀاءُ آهي، سُٺي دِل رکندڙ آهي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آهي، پنھنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آهي. گُهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ ھميشہ چوندو آهي، گُهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منھنجي حاضر آهي.
مور ساگر: ’ڪي جاڻا مين ڪوڻ بُليا‘.

( 16 مارچ 2018ع- ضلعو بدين- سجاول)

بڙ جو ڍورو ۽ گنگا جو گام

روانگي
جوڳُ نہ جوڳو تُون، ڪَرِين پَچارُون جوڳِيين،
هِڪِڙو پَنڌُ پَرِيَن ڏي، ٻِي تَـتِي ڀُون.
بدين کان پريان تَـتِي ڀُون، بڙ جو ڍورو، گنگا جو گام، ناٿي فقير لُنڊ سان رهاڻ ڪاڻ رڻ ڪڇ ڏانھن ڪاهي اڄ 17 آگسٽ 2018ع جمع جي ڏينھن، سفر تي سنبرياسين، آءٌ ادا منظور ڏهين وڳي گهران نِڪتاسين، ڪاليج وٽان سائين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي کي کنيوسين.
سھڻي منھنجي سنڌ جي پنڌ تي ڪيڏانھن بہ ڪاهيون، اسين ٽيئي گڏ گڏ هوندا آهيون، باقي ڪڏهن هڪ، ڪڏهن ٻہ ٻيا ساٿي سفر ۾ همسفر ٿيندا آهن، پنڌ ويجهو هوندو آهي تہ پنج، گنج ٿي هلندا آهيون، جي پري جو پنڌ پَٽـڻو هوندو آهي تہ پوءِ چار يار سولا آسوده ويٺا هوندا آهيون. ايئن اسان جي زندگيءَ/گاڏيءَ جو سفر روان دوان رهندو آهي. اڄ اسان سان چوٿون يار سنڌ جو بيباڪ شاعر حافظ محمد نظاماڻي آهي، جنھن کي وينداسين سندس ڳوٺان وٺڻ لاءِ،گاڏي ۾ پيٽرول ڀرائي سفر جي دُعا پڙهي، ٽيئي نِڪتاسين چوٿين يار جي پار.

تنھن ڪري تصوير تنھنجي مون بنائي ڪانہ هُئي،
ڳوٺ سھراب خان نظاماڻي جو لڳل بورڊ پڙهي گاڏي کي لِنڪ روڊ تان هيٺ لاٿوسين، هي ڳوٺ اسانجي اُن چوٿين يار سفر جي ساٿي، سنڌ جي بيباڪ شاعر حافظ محمد نظاماڻي جو ڳوٺ آهي، جيڪو ڪڙيو گهنور روڊ تي، ڪڙيو شھر کان ٿورو پھرين اچي ٿو، جيئن ئي حافظ محمد نظاماڻي جي اوطاق اڳيان گاڏي روڪي هيٺ لٿاسين تہ حافظ صاحب اوطاق جي اڱڻ تي اڳ ئي انتظار ۾ ويٺو هو. اسانکي ڏِسي گاڏي تائين ايندي، الھہ بچايو جوڻيجو جو هي شعر:
جنم جوڙون جوڙ ۾ جانب جُدائي ڪانہ هئي.
’تنھن ڪري تصوير تنھنجي مون بنائي ڪانہ هئي‘
چوندي حُب مان ڀاڪر پائي مِليو. (الھہ بچايو جوڻيجو، منھنجي ڳوٺ ميون ملوڪ جي سرزمين تي پيدا ٿيو، انتھائي پڪو پُختو، مولوي حاجي احمد ملاح جي جوڙ جو شاعر هو،) حافظ ٻُڌايو تہ ’اسان سڀ هڪ ئي جوڙ ۾ هوندا هُئاسين، تنھن ڪري تصوير تنھنجي مون بنائي ڪانہ هئي. اِها سِٽ الھہ بچايو جوڻيجو طرح طور ڏِني هُئي پوءِ سڀئي شاعر ان سِٽ تي پنھنجا پنھنجا شعر لِکي آيا هئا.‘ اُن کان پوءِ پاڻ سندس نڪورو غزل ٻُڌايو:
عشق جو اوتار منھنجي زندگي.
دشمني جو خار منھنجي زندگي.

ڪالھہ جنت ۾ هُيس ۽ اڄ هِتي،
آ وڏو تڪرار منھنجي زندگي.

ناهي ٻي جو آ مون تي ٺيڪو هليو،
رب جو ڏِس اعتبار منھنجي زندگي.

پنھنجي صورت ۾ ڏِٺم ڪئي صنعتون،
ٿي وڏي بازار منھنجي زندگي.

واھہ جي ’حافظ‘ حياتي آ مِلي،
ماءُ جي ڪر پيار منھنجي زندگي.
اُن کان پوءِ حال احوال ڪندي، چار ئي يار پُھتاسين پھريان بدين.

پريس ڪلب بدين ۾ ماما مجيد سان ملاقات
بدين پريس ڪلب پھچي پڇيوسين ماما مجيد جو، جيڪو هَڪيو تَڪيو هِتي حاضر هو. (ماما مجيد سينيئر صحافي ۽ هن پريس ڪلب جو بُنيادي ميمبر پُڻ آهي. 1976ع ۾ جڏهن هن بلڊنگ پريس ڪلب جو بُنياد پيو اُن وقت عبدالطيف زرگر، هاشم ميمڻ، محمد خان جوڻيجو، عبدالمجيد ملاح، ياسين آرائين، الله رکيو نعيم، زاهد ملاح، ملڪ الياس، عبدالجبار عارفاڻي، شريف کوسو، انور شاھہ، الله بخش اعواڻ بُنيادي ميمبر هئا. ماما مجيد پنھنجي صحافتي شروعات گمبٽ مان هفتيوار ’ناظم‘ اخبار کان ڪئي ۽ پوءِ روزنامه ’سنڌ ٽائمز‘ محمد عثمان ڏيپلائي جي اخبار کان ڪئي).
ماما مجيد اسان کي ريفريشمنٽ ۾ مرچائي پڪوڙا، ساده پڪوڙا، ڪيڪ، چانھہ ۽ ڪمند جو جوس پياريو، حال احوال ٿيا، ڀوڳ چرچا پُڻ، تيستائين شوڪت ميمڻ بہ آيو، جنھن بہ اچي ڪچھري ۾ حصو ورتو ۽ پوءِ فوٽو گرافي ڪئي. ماما مجيد کان مُرڪي موڪلايوسين.
گاڏيءَ ۾ ويھندي حافظ سائين سان هِڪڙي ياد شيئر ڪيم، جيڪا بدين پريس ڪلب سان سلھاڙيل آهي: ’17 جون 2001ع جمعي جي ڏينھن هِڪڙو ليڪچر پروگرام سنڌي ادبي سنگت شاخ بدين طرفان هن ئي پريس ڪلب ۾ رکيو ويو، اُن وقت هن هال جي سيٽنگ ڪانفرنس واري وڏي گول ٽيبل واري هئي. سنڌي ادبي سنگت شاخ بدين جو سيڪريٽري اُن وقت آئون هئس، مون سيڪريٽري ٿيڻ کانپوءِ پھرين ئي گڏجاڻي ۾ ٻارھن مھينن جو شيڊول پڌرو ڪيو، جنھن ۾ پھرين مھيني جو اهو ليڪچر پروگرام ”بدين ضلعو تاريخ جي آئيني ۾“ هو. ليڪچر ڏيندڙ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب ۽ خاص مھمان ڊاڪٽر نجمہ جوڻيجو صاحبہ هئي. ڪجهہ سينيئر دوستن هروڀرو انا جو مسئلو ٺاهي منھنجي پروگرام کي مڪمل ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، صرف اِهو سوچي تہ اسان روايتي طريقي سان گڏجاڻيون ڪندا رهيا آهيون، هي ڪالھہ جو جونيئر شاعر پھريون ڀيرو ئي اچي اسان جا رڪارڊ ٽوڙڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. تنھن ڪري هنن پريس ڪلب جي دوستن کي بہ چيو تہ هِن ليڪچر پروگرام ۾ شرڪت نہ ڪجو ۽ پوءِ ايئن ئي ٿيو، پريس ڪلب جا ڪجهہ صحافي جيڪي اُن وقت موجود هئا، هال وارو دروازو بند ڪري اندر وڃي ويھي رهيا، پر ڪلاڪ ٻن جي پروگرام ۾ شرڪت نہ ڪيائون. پوءِ پروگرام تہ جيئن جو تيئن ڪري ويس، باقي اهو ٻارھن مھينن وارو شيڊول ڦاڙي کڻي ڦِـٽي ڪيم. صرف اِهو سوچي تہ منھنجو هي ڪو ذاتي معاملو آهي ڪونہ، نہ ئي اَنا جو مسئلو آهي، هي سڀني جو گڏيل ادارو / معاملو آهي، ٻيا ميمبر نـٿا چاهين تہ ڀلا آئون خوامخواھہ ڇو مخالفت کـڻان.

لنواري شريف مان شرف الدين شامل ٿيو
لنواري پھچڻ کان پھرين رستي ۾ ڊاڪٽر شرف الدين کي فون ڪيم: ’اسان بدين مان نِڪري چُڪا آهيون، پھرين وينداسين ڪڍڻ پريس ڪلب، سائين عبدالله چانڊيو انتظار پيو ڪري، اُن کي چيو هيم تاريخي ماڳ گُهمائڻ لاءِ، واپسي ۾ مزار تان حاضري ڀرينداسين.‘
’ٺيڪ آهي، پر رات واري ماني مون وٽ کائـڻي آهي،‘ شرف الدين وراڻيو، ’ٺيڪ آهي‘ جواب ۾ چيومانس.
فون بند ڪرڻ کانپوءِ وري حافظ کي چيم: ’پاڻ جي شرف الدين کي سفر ۾ ساڻ وٺي هلون تہ وڌيڪ بھتر ٿيندو، هن کي شين جي باري ۾ وڌيڪ معلومات بہ هوندي.‘ حافظ چيو: ’نمبر ملائي،‘ نمبر ملايم.
’شرف الدين اسان رات واري ماني هِڪڙي شرط تي کائينداسين، جي تون اسان سان گڏ سفر ۾ هلين تہ، تنھن ڪري تون جلد تيار ٿي ٻاهر بيھي اسين پھچڻ وارا آهيون‘. حافظ سائين ڄڻ شرف الدين کي حُڪم ڪيو.
لنواري شريف شھر ۾ داخل ٿيون اِن کان پھرين ڊاڪٽر شرف الدين کي ڏِسڻ جو شرف حاصل ٿيو، پر بائڪ بہ گڏ هُيس، کيس سِڪ سلھاڙيل ڀاڪرن ۾ ڀريوسين، ملياسين، چيوسين، ’بائڪ کي جلد گهر ڇڏي اچ‘. بائڪ کي گهر ڇڏي آيو. هاڻي شرف الدين اسانجي اڄ جي سفر جو پنجون ساٿي ٿي ساڻ هلڻ لڳو، حال احوال ڪندا لنواري شھر مان لنگهياسين.

لنگهياسين لنواري شھر مان
هي شھر ڪو خاص وڏو شھر ناهي، جيئن ٻھراڙيءَ جا ٻيا شھر هوندا آهن، بِلڪل ايئن ئي بي ترتيب، سادا اڏيل دُڪان. پر هي تاريخي شھر ضرور آهي، جنھن جي شاهدي طور خواجہ محمد الزمان جي درگاھہ جو هجڻ پري کان پڌرو آهي. هن شھر جو بُنياد پڻ خواجہ محمد زمان، 1150ھہ مطابق 1743ع ۾ رکيو. هي شھر يونين ڪائونسل لنواري جو مرڪزي شھر آهي ۽ بدين شھر کان تقريبن تيرهن ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آهي. هِن شھر جي رهندڙ رهواسين ۾ نوي سيڪڙو کان مٿي اُتر سنڌ جا ماڻھو آباد آهن، تنھن ڪري هِن شھر ۾ انسانيت جو رت بہ گهڻيو وهيو آهي ۽ انھيءَ دُشمني جي دونھين ۾ هِن شھر کي ٻہ ٽي ڀيرا ساڙيو/ ٻاريو ويو آهي، پر پوءِ بہ هِڪڙي خوشبختي هِن شھر جي اِها بہ آهي تہ ڀٽ جو بادشاھہ شاھہ عبداللطيف پنھنجا پير هِن شھر جي پَٽن تان پائي ويو آهي، جڏهن شاھہ لطيف پنھنجي عمر جي آخري ڏهاڪي ۾ خواجہ محمد زمان سان مِلڻ جي خواهش کڻي هِتي پھتو هو. ملاقات کانپوءِ شاھہ لطيف هِن شھر/هن پَٽ لاءِ ڇا چئي ويو، اِهو ذڪر گهڻن ڪتابن ۾ مِلي ٿو، پر پاڻ تہ بس اِهو ئي ٿا چئون تہ شاھہ لطيف اِن پھرين ملاقات کانپوءِ پنھنجي سُر کاهوڙي داستان پھرين ۾ هي بيت خواجہ محمد زمان کي خراج طور ارپي ويو.
’مُون سي ڏِٺا ماءِ، جَنِي ڏِٺو پِرِينءَ کي،
تَنِي سَندِي ڪاءِ، ڪَري نہ سَگهان ڳالَھڙِي.

خواجہ محمد الزمان جي درگارھہ، ڪنھن ٻي ڀيري
درگاھہ ڀرسان گُذرياسين درگاھہ کي ڏِسڻ جو پروگرام واپسي ۾ هو، پر ڊاڪٽر شرف الدين ٻُڌايو تہ ’درگاھہ کولڻ تي بندش پيل آهي.‘ سائين حافظ چيو ’اوهانکي درگاھہ ڏِسڻي هُئي تہ مونسان ڳالھہ ڪريو ها، مون وٽ ٻہ اهڙا ماڻھو آهن، جيڪي پاڻ کي درگاھہ کولي گُهمائي سگهن ٿا.‘ شرف چيو ’ها بلڪل، هاڻي تہ صرف ٻاهران کان ڏِسي سگهنداسين‘. چيم: ’ٻاهران تہ هاڻي بہ ڏِسي رهيا آهيون‘، درگاھہ کي ٻاهر کان رپيئر ڪيو پيو وڃي. حافظ چيو: ’درگاھہ گُهمڻ جو پروگرام ڪنھن ٻي ڀيري ٺاهينداسين،‘

ڪھي لٿاسين ڪڍڻ ۾
سنڌ جي ڏکڻ ۾ بدين تعلقي جو هي وڏو شھر هِتي آباد آهي، هِن شھر جي تاريخ تہ تاريخدان ئي ٻُڌائيندا پاڻ تہ بس اوهان کي ايترو ٻُڌائينداسين تہ هِن شھر کي آءٌ، شمشيرالحيدري جي جنم ڀومي ۽ عبدالله چانڊيو، الھبچايو جمالي، غفور چانڊيو، ڊاڪٽر علم الدين انصاري، اصغر انصاري، حسن درس جي گهڻي شاعري ياد رکندڙ عاشق انصاري، (جيڪو جواني ۾ ئي وِڇوڙي جا ورلاپ آلاپي اُلھي ويو سانوڻي سج وانگي)، سرواڻ سنڌي، سليم جمالي، ۽ ملاقات جي خواهش رکندڙ، اڄ تائين نہ مِلي سگهندڙ منتظر چانڊيي جي شھر طور سُڃاڻان.

ڪڍڻ پريس ڪلب، ڪجهہ گهڙيون ڪچھري
ڪڍڻ شھر جي جيئن ئي ويجهو پھتاسين عبدالله چانڊيو جي فون آئي، ’مور ساگر ڪِٿي پھتا آهيو؟‘ چيم: ’بس اوهان جي سامھون.‘ منھنجو ايئن چوڻ سڀئي صحافي دروازي کان ٻاهر نِڪري بيٺا. اسان بہ اچي بريڪ ڪيو، سڀئي صحافي دوست وڏي سِڪ ۽ حُب سان مِليا.
اندر ويٺاسين، عبدالله چانڊيو ڇوڪري کي موڪليو تہ وڃي سُٺي چانھہ ٺھرائي اچ ۽ بسڪيٽ وٺي اچ، جيستائين چانھہ اچي، تيستائين بِسڪيٽ کولي اڳيان رکيا ويا، ڪِن دوستن چانھہ کان پھرين کاڌا ڪِن چيو تہ اسان چانھہ مان ٻوڙي کائينداسين. اِن تي حافظ هي چرچو ٻُڌايو: سنڌ جو دوست ٻاهر ڪنھن ملڪ ۾ رهندڙ دوست سان مِلڻ ويو، حال احوال ٿيا، ڪچھري دوران پُڇائين:
’ڏي خبر پنھنجا سنڌي ڀائر سُڌريا آهن؟‘
’ها بلڪل‘ دوست وراڻيو.
’ڀلا چانھہ ۾ بسڪيٽ ٻوڙي کائيندا آهن؟‘
’ها بلڪل.‘
’پوءِ ڌوڙ مان سُڌريا آهن.‘ سڀئي دوست کِلڻ لڳاسين.
سو حقيقت ايئن بہ ناهي تہ چانھہ مان بسڪيٽ ٻوڙي نہ کائڻ سان ماڻھو وڏي ترقي ڪري ٿو، اِهي تہ بس ايئن ئي چوڻ جون ڳالھيون آهن. سو چانھہ بہ آئي ڪجهہ دوستن بسڪيٽ چانھہ مان ٻوڙي کاڌا، ڪِن بسڪيٽ ايئن ئي، کاڌا، چانھہ سُٺي ٺھيل هُئي.
غفور چانڊيو ڇوڪري کي پيسا ڏيندي چيو ’وڃ سُٺا ڪيلا ڏِسي وٺ اچ.‘ ڪجهہ دير کانپوءِ ڇوڪرو ڪيلا وٺي آيو، عبدالله چانڊيي سڀني کي ڪيلا ورهائي ڏِنا. غفور چيو، ’بسڪيٽ تہ چانھہ مان ٻوڙي کائبا آهن، پر ڪيلا ڇا مان ٻوڙي کائجن.‘ سڀئي گڏجي کِليا. ايئن ڪجهہ هِتان هُتان جون ڳالھيون ڪيون، حافظ نظاماڻي پنھنجو غزل ٻُڌايو، پوءِ دوستن کان موڪلائي روانا ٿياسين.
شھر جي آخري ڇيڙي کان پھرين ڊاڪٽر علم الدين انصاري جي ڪلينڪ آهي، حافظ چيو ’ڊاڪٽر علم الدين سان مِليو هلون ها الائي هوندو نہ،‘ شرف الدين چيو ’ٺيڪ آهي ڏِسون ٿا،‘ تيستائين منھنجي نظر پئي ڊاڪٽر ويٺو هيو، چيم: ’ڊاڪٽر علم الدين سامھون ويٺو آهي،‘ حافظ چيو ’ادا منظور گاڏي روڪ.‘ لٿاسين جيئن تہ علم الدين جي نظر اسان تي پئي تہ پاڻ بہ ڪُرسي تان اُٿي ٻاهر اچي مِليو. ڊاڪٽر چيو،
’اندر هلو ويھون ڪا خدمت ڪريون.‘
سڀني چيو ’نہ ڊاڪٽر اسان جي منزل پري آهي، خدمت ٻي ڀيري‘
’نہ نہ ايئن نہ ٿيندو، ڪجهہ نہ ڪجهہ کائبو پيئبو‘
’نہ ڊاڪٽر سائين وري ٻي ڀيري‘
’ڀلا جي ڪجهہ بہ خدمت جو موقعو نٿا ڏيو تہ آءٌ اوهان سان گڏ ٿو هلان، ايئن خدمت بہ ٿي ويندي،‘ ڊاڪٽر جي واتان گڏ هلڻ جو ٻُڌي اسان سڀني کي خوشي محسوس ٿي.
امجد انصاري (ڊاڪٽر علم الدين جو ننڍو ڀاءُ) گاڏي ڊرائيو ڪئي، شرف الدين ڊاڪٽر علم الدين سان گڏ ويٺو، اڳيان هنن جي گاڏي پويان اسانجي گاڏي. پھرين رُخ رکيوسين سيف الملوڪ واءِ جو، رستي ۾ ايندڙ پھريون تاريخي ماڳ اِهو ئي هو. پھريان هڪ رستي تي هلڻ لڳاسين، پر پريان ايندڙ همراه کان پڇيائون اُنھيءَ وري واپس ورايو.

سيف الملوڪ واءِ ۽ ڪنڊيءَ جو وڻ
روڊ ڇڏي هيٺ ڪچي ۾ لٿاسين، ڪجهہ فاصلو طئہ ڪيوسين اڳيان ڀِٽون نظر آيون، اسان سڀني چيو، سبحان الله هِتي بہ ٿر موجود آهي، پوءِ واري جو پنڌ شروع ٿيو، جيئن جيئن اڳيان پي وياسين تہ واري اهڙي جھڙي اَڇڙي ٿر ۾ هوندي آهي، کِپون، ٿوهر ۽ ڪنڊي جا وڻ بہ موجود هئا، بروهين جي ڳوٺ اڳيان پرائمري اسڪول تائين گاڏيون هلي سگهيون، اڳيان واري ايتري هُئي جو گاڏين جو هلڻ مشڪل هو، گاڏين کي اُتي ئي ڇڏيوسين.
آءٌ هليو ويس ماضي جي ميلي ۾، جڏهن سيف الملوڪ جي ڍنڍ ڏِسڻ لاءِ 2006ع ۾ ناران ويا هئاسين، چؤطرف وڏا وڏا پھاڙ ۽ انھن جي چوٽين تان ڳرندڙ برف ۽ وچ ۾ وهندڙ صاف شفاف پاڻيءَ جي ندي، عجب ۽ خوبصورت منظر سامھون هو، اکين جي ۽ ذهن تي اهو پرَيَن جو ٽولو بہ تري آيو، جيڪي پريون بديع الجمال سان گڏ وهنجڻ اينديون هيون. اصل ۾ هن ئي جهيل سان هڪڙو لوڪ داستان وابستہ آهي، جيڪو ٿورو هن طرح آهي تہ: ”شاھہ عاصم نالي هڪڙو بادشاھہ هو، جنھن کي سِڪي پِني هڪڙو پُٽ ڄائو هو، جنھن جي خوشيءَ ۾ بادشاھہ ڇا ڇا نہ ڪيو هوندو. خير پوءِ جوتشي ۽ نجومي پُڻ گهرايا ويا، جن کيس نالو بہ ”سيف الملوڪ“ تجويز ڪري ڏنو ۽ ڪجهہ ڊيڄاريندڙ اڳ ڪٿيون پُڻ ڪيائون، واقعي بہ ايئن ٿيو، جڏهن سورهن سالن جو ٿيو تڏهن عشق ۾ اڙجي ويو، سو بہ پري ذات سان، هڪ ڀيري سير تفريح لاءِ نِڪتو ۽ پري ڪنھن پھاڙي تي ڪوئي آواز ٻُڌي انھي طرف وڌيو، جيڪا ’بديع الجمال پري‘ گُنگنائي رهي هئي.
شھزادي بي اختيار ٿي وڃي پريءَ جي ڪُلھن تي هٿ رکيو ۽ پوءِ اُتان کان عشق جي اُماڙي شھزادي جي بادشاهي زندگي کي باھہ جو سيڪ ڏيڻ لڳي. هاڻي هن جو سُک، چين، آرام اُڏامي چُڪو هو، اُن پري جي پويان ۽ آخر هڪ ڏينھن سندس هڪڙي درويش سان ملاقات ٿئي ٿي. اُهو کيس سندس مُنڊي ڏي ٿو ۽ پوءِ هي اُن درويش جو ٻَڌو ٻانھون ٿي رهيو ۽ انھيءَ ئي کيس رَستو ٻُڌايو. انھيءَ پريءَ تائين پھچڻ جو. اُهو رستو ڪيترو پُرخطر ۽ اُهي منظر ڪيترا ڀوائتا هئا، اهڙا سڀ ڀوائـتا منظر پار ڪري آخر اچي انھيءَ جهيل تي پھتو، جيڪا هن جي آخري منزل هئي. جتي هن جي پري بديع الجمال سان ملاقات ممڪن هئي. (قصو وڏو آهي)
ڪو درد ٿو ماڻھو کي ٺاهي ڇڏي،
ڪو درد ٿو پاڻ سان وڃي گڏ وٺي.
ڊاڪٽر علم الدين پريان ايندڙ ٻن ڇوڪرن کي سڏ ڪيو ۽ چيو:’اسان جا مھمان آيا آهن، هنن کي سيف الملوڪ واءِ تي وٺي هلڻو آهي.‘ اُنھن مان هِڪڙي ٻي کي پنھنجي بروهڪي ٻوليءَ ۾ چيو ۽ ڇوڪرو اسان جي اڳيان اڳيان هلڻ لڳو، پنڌ بہ ڪلوميٽر کان وڌيڪ هو سو بہ واري ۽ دڙن جو چڙهائي وارو پنڌ، پر جيئن جيئن مٿي چڙهندا وياسين، موسم خوشگوار، جھڙالو ٿيندو ويو.
هِڪ گرمي جو قھر آ، ٻيو ڇا هئي ڀلا،
هي واريءَ جو سفر آ، ٻيو ڇا هئي ڀلا،
تـتيءَ ڏينھن ۾ آئي، جھڙالو ڪري وئي،
تنھنجي ياد جو سحر آ، ٻيو ڇا هئي ڀلا.
مٿيون قصو ’جهيل سيف الملوڪ‘ جنھن جو پنڌ پھاڙ جو آهي ۽ جيـپن تي ڪبو آهي، جڏهن تہ هِتي واري جو پنڌ سو بہ پيرن پيادل نيٺ اچي پھتاسين سيف الملوڪ واءِ تي، واقعي بہ حيران ٿي وياسين، پڪي سِرن جي واءِ ٻڌل آهي، پر صديون پُراڻي ٻُڌائي وڃي ٿي، جيڪا اڃا تائين ريٽي، ميٽي، لَٽي ناهي، توڻي جو واري جي دڙي تي آهي، هوائن ۾ وڏا کوھہ لٽجي وڃن ٿا ۽ ٻي حيران ڪُن ڳالھہ اِها هُئي تہ هيٺ تر تائين اسانجي نظر پھچي نہ پئي سگهي، سڀني واري واري سان ڪوشش ڪئي، پر تر تائين نظر نہ پئي وڃي سگهي، ايتري هيٺ اونھي هُئي.
هِن واءِ سان بہ منسوب هِڪڙو اهڙو ئي داستان ڪنن سان ٽڪرائجي ٿو تہ، جھڙو مٿي ذڪر ڪيو اٿم، ساڳي طرح ”سيف الملوڪ واءِ جتي ڪڍڻ وهندو هو، جنھن جو هڪ بڙ وارو ڍورو اُن ڀٽ جي بلڪل ڀرسان اُتر طرف کان وهندو هو، ڀٽ جي اوڀر ۾ هيٺاهين تي هِڪ ترائي آهي، جنھن جي چئوطرف ڀِٽون آهن، جنھن لاءِ مشھور آهي تہ اهو پَرَيَن جو تلاءُ هو، جنھن تلاءَ ۾ بديع الجمال پَرِي پنھنجي سھيلين سان گڏجي وهنجڻ ايندي هئي. شھزادو سيف الملوڪ بديع الجمال پري جي تلاش ۾ ان ڀٽ تي اچي پنھنجو پڙاءُ ڪيو ۽ ان ئي ڀٽ جي چوٽيءَ تي اها پُراسرار واءِ تعمير ڪرائي ۽ ان واءِ مان هڪ زيرِ زمين سرنگهہ پڻ تعمير ڪرائي هئي، جنھن سرنگهہ جو مُنھن اوڀر طرف پريَن واري تلاءَ تائين هو. رات جي چانڊوڪين ۾ بديع الجمال پري جيئن ئي ان تلاءُ ۾ سھيلين سان گڏ وهنجڻ ايندي هئي تہ شھزادو سيف الملوڪ ان واءِ/کوھہ ۾ داخل ٿي ان سرنگهہ رستي بديع الجمال پري جو وڃي ديدار ڪندو هو.“
اِهو قصو ٻُڌڻ کان پوءِ مون تصور ۾ ايئن ڏِٺو تہ هُتي وڏن پھاڙن جي وچ ۾ ’ڍنڍ‘ آهي، هِتي واري جي ڀٽن وچ ۾ ’واءِ‘ آهي، هُتي پاسي کان وهندڙ ڪنھار درياء آهي، هِتي پُراڻ درياء جا پار هئا، هُتي پھاڙ جو پنڌ آهي، هِتي واري جو پنڌ آهي، هُن جو سدائين سدا بھار رهڻ جو سبب پاڪستان جي ترجيح آهي، هي سنڌ جي سينڌ ۾ آهي، تنھن ڪري اُجڙيل ۽ ويران آهي. جنھن جو ڪارڻ ڪجهہ تہ اسانجا حڪمران بہ آهن ۽ ڪجهہ وفاق جي ٻہ اکيائي آهي. وفاق کي سنڌ جي سونھن نہ وسيلا ٿا گهرجن.
سيف الملوڪ واءِ جي ڀر ۾ ئي موجود ڪَنڊي جو وڻ، جيڪو چوڌاري نظر گُهمائڻ سان اِهو اڪيلو وڻ ئي نظر اچي پيو، هن وڻ لاءِ بہ چوَن پيا تہ ٻہ ٽي صديون پُراڻو آهي، اڳي سِڌو بيٺل هوندو هو هاڻي هيٺ لڙي پيو آهي ايترو فرق آيو آهي، باقي اڃا تائين سائو ۽ ڇانوَ ڏيندڙ آهي، اسان سڀني ڪنڊي جي وڻ هيٺان بيھي ڪجهہ ٿڌي هوا جو لُطف بہ ورتو، فوٽو گرافي بہ ڪئي. هِتي لڳندڙ هوا اسانجي گاڏين ۾ هلندڙ اي سي کان سوين ڀيرا وڌيڪ ٿڌڪار ۽ راحت ڏيندڙ هُئي. اسان سان گڏ جيڪو گائيڊ طور بروهي ڇوڪرو آيو هو، اُن کان نالو پُڇومانس مُنير احمد بروهي ٻُڌايائين. هي تاريخي ماڳ ديھہ سينگاري، تعلقي ڪڍڻ ۾ موجود آهن.
هاڻي وري واپس اچي گاڏين وٽ پھتاسين، ڊاڪٽر علم الدين پُڇيو، ڏيو خبر مزو آيو؟ چيم: ’ڊاڪٽر صاحب اسان کي مزو تہ ڇا راحت ايندي آهي، تاريخي ماڳ ڏِسڻ ۽ گُهمڻ ۾‘.

سني گُوني ۾ گهڙياسين
اڳيان گاڏي علم الدين وارن جي ۽ پُٺيان اسين، پنڌ کي پٽيندا، ٻنھي سائڊن کان ويران ٻنيون ٻارا ڏِسندا، افسوس ڪندا اڳتي وڃي رهيا هئاسين، ڪجهہ ڪلوميٽر طئي ڪرڻ کان پوءِ هِڪڙو ٻھراڙي جو ننڍڙو شھر آيو جنھن مان صرف اسان گُذرياسين بورڊ تي نالو پڙهيوسين، ’سني گوني‘ نالو تہ پُراڻو ٻُڌل آهي، پر شھر مان اڄ گُذر ٿيو آهي. هي شھر بہ بلڪل اهڙو ئي آهي، جھڙو ڪنھن پسمانده علائقي جو ڳوٺاڻو شھر هوندو آهي. اسانجون گاڏيون وري بہ فاصلن کي ويڙهنديون اڳتي هلي رهيون هُيون، اڳيان وري بہ ڀِٽن جو نظارو ڏِسڻ لاءِ مليو، جنھن روڊ تي وڃي رهيا هُئاسين، اُهو بہ اڳيان مٿي هو، گاڏيون مٿانھين طرف هلڻ لڳيون، اڳيان پُل آئي، ڪِراس ڪري هُن پاسي گاڏين کي بريڪ ڪيوسين، اُتي لڳل بورڊ پڙهيم، لکيل هو علي بندر 00 ڏيپلو63 ڪلوميٽر، هِتان کان مِٺي ڏانھن پُڻ رستو وڃي رهيو هو.

علي بندر! صفا ايئن
اسان جي سوچ ۾ بلڪل بہ ايئن نہ هو تہ علي بندر صفا ايئن هڪ چونڪي، هڪ هوٽل، هڪ ٺھندڙ مسجد کان سواءِ ويران نظر ايندو، ڇو تہ علي بندر تاريخي بندر ۽ ماضي ۾ وڏو واپاري مرڪز سڏيو ويندڙ شھر هو. جنھن کي ايئن ويران ڏِسي اعتبار ئي نہ پيو اچي. تہ هي آهي علي بندر.
تعلقي ڏيپلي ۾ ايندڙ علي بندر دراصل بدين جي ڏاکڻي سرحد تي پُراڻ ۽ هاڪڙي جي ميلاپ واري هنڌ موجود هو/آهي. علي بندر ڏانھن اچڻ لاءِ لنواري، ڪڍڻ کانپوءِ جيڪو اسين رستو ڏئي آيا آهيون، ٻيو نندو شھر کان ۽ کوسڪي شگرمل کان بہ رستو اچي ٿو. جڏهن علي بندر جو عروج هو تڏهن هِن جي اولھہ کان ’ڪيلڙي‘ نالي شھر آباد هو ۽ پوءِ جڏهن ڪيلڙي شھر ختم ٿي هڪ يادگار آثار ٿي ويو تہ اُن کي ’ڳاڙهو ڀڙو‘ سڏيو ويو. علي بندر جو عروج پُراڻ درياء جي پورن تائين هو، پُراڻ پُور ڇڏيا تہ علي بندر بہ اُجڙي ويو.
هڪ ڏند ڪٿا آهي تہ: ”ڪشمير جو هڪ سوداگر هو، جيڪو زال سميت هِتي آيل هو ۽ پوءِ اُن سوداگر جي زال هِتي جي هڪ سنڌي ٻڪراڙ سان عشق ڪري ويٺي ۽ شادي ڪري ڇڏيائين، زال جي انھيءَ بيوفائي تي ڪشميري سوداگر پنھنجي ڪاوڙ پُراڻ کي پورائي پوري ڪئي. چون ٿا تہ پنھنجي کيسي جي خرچ سان پُراڻ جي مُنھن ۾ مِٽي وجهرائي بند ڪرائي ڇڏيائين، ايئن پوءِ پُراڻ بہ پورو ٿيو تہ علي بندر جو اوج بہ ختم ٿيو.“ هڪ ٻي ڪتاب ۾ پڙهيو هيم تہ 1819ع ۾ هڪ وڏو زلزلو آيو هو، جنھن پُراڻ کي مڪمل پوري پورو ڪري ڇڏيو. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ وري هيئن پڙهيو اٿم تہ: ”علي بندر جو اوج سنڌو درياھہ جي رُخ نہ بدلائڻ تائين قائم رهيو، پر ميان غلام شاھہ جي زماني ۾ درياھہ پنھنجو رُخ مٽائي ٻئي گس سان وهڻ لڳو، جنھن جي نتيجي ۾ پُراڻ جو وهڪرو بند ٿي ويو ۽ هي علي بندر زوال پذير ٿي ويو.“
هِتي بہ هوائون وڻندڙ لڳي رهيون هُيون، علي بندر پُل تي بيھي اسان گروپ فوٽو ڪڍرايو، انھي دوران هِڪڙو چاچو اچي مِليو، جنھن جو تعارف ڪرائيندي ڊاڪٽر علم الدين انصاري چيو، ’هي آهي هِتي جو مشھور شِڪاري، پر هِن ڀيري مونکي تِـتَر نہ کارايا اٿس.‘ چاچي چيو ’حاضر بابا تـِتَر کوڙ،‘ چاچي جو نالو مصري نوتيار آهي.

سفاري پارڪ، بِنا سونھن جي
علي بندر کان واپس ايندي سفاري پارڪ جي ڄاري ڦِريل ديوار ڏِسندا آياسين، جيڪا علي بندر ڏي ايندي پري کان ڏِسي رهيا هئاسين ۽ خبر نہ هئڻ ڪري ڌُڪا/تُڪا هڻي رهيا هئاسين تہ اهو ڇا ٿي سگهي ٿو، الائي ڪيترن ڪلوميٽرن تائين اُها ڄاري جي ديوار ڏِنل آهي، واپسي ۾ انھي ديوار جي ڀر ڏئي آياسين جڏهن ديوار جو دنگ آيو تہ گاڏيون اولھہ طرف مُڙيون، ٿورو اڳيان هلياسين مين گيٽ اڏيل هو. دوستن ٻُڌايو تہ هي آهي سفاري پارڪ جيڪو آپا فھميده ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي دؤر جو وڏو منصوبو هو. هن تي ٻہ ارب خرچ ڏيکاريل آهي، پر جي رڳو هڪ ارب بہ خرچ ڪن ها تہ ماڻھو تفريح لاءِ اچن ها، پر سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ ڇو وزير ايترا پيسا کائڻ جي باوجود بہ اُها اسڪيم برقرار رکي نٿا سگهن، جنھن اسڪيم جي مَد ۾ ڪروڙين روپيا کائن ٿا.

ڳوٺ عبدالرحمان جت
سفاري پارڪ کان جيئن ئي نِڪتاسين سِڌو گاڏين بريڪ اچي ڪيو وڏن وڻن هيٺ، سامھون بورڊ پڙهيم لِکيو پيو هو ڳوٺ عبدالرحمان جت. گاڏيون جن وڻن هيٺان پارڪ ڪيون هُيون، اُنھن وڻڻ ۾ نمن جا وڻ، ڄمن جا وڻ، سفيدن جا وڻ، کجين جا وڻ، مطلب تہ ماحول ڏاڍو خوبصورت هو، جڏهن اندر اوطاق ۾ آياسين تہ صفائي بہ واھہ، ڪچي ڀتين سان ۽ مٿان بانس جي ڇڙهُن ۽ پکن سان تمام وڏو هال ٺھيل هو، لڳي ٿو ڪنھن NGOs جي تعاون سان ڪو ڪميونٽي هال جُڙيل آهي، پر وڏن وڻن جي وچ ۾ ۽ ايئن خوبصورت جُڙيل هال ۾ ڏاڍو مزو آيو، دوست سڀ ويٺا ٽيبل ڪُرسيون اڳ ئي موجود هيون.
سائين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار، ادا منظور ۽ مون سامھون ٺھيل مسجد ۾ نماز پڙهي، هي مسجد بہ واھہ سبحان الله ٻھراڙي جي ڳوٺ جي مسجد بہ اهڙي خوبصورت، هن جي اڱڻ ۾ کجين جا وڏا وڻ جنھن کي وڍڻ بجاءِ برقرار رکيا اٿن ۽ اُنھن ٿـُڙن وٽان ٽائل نہ لڳايا اٿن، يعني ٽائلز واري فرش جي وچ تي کجين جا ٿـڙ (وڻ) مونکي ڏاڍو ماحول وڻيو. هن مدينہ مسجد ۾ اسان ظھر سفر قصر پڙهي ۽ عصر سفر پڙهي. مسجد جا ٻاهران ايندڙن لاءِ ٻہ گيٽ ٺھيل هئا، جنھن تي گول نموني ڄارين جا وڻ هُئا. جيئن شھرن ۾ پارڪ تي ڪونو جي وڻ جا گُل يا خود وَل ايندي آهي، اُنھي جا ٺھيل ايئن گول دروازا يا گُل هوندا آهن، پر هي ڄارين مان ٺھيل اِهو بہ مون لاءِ تجسس جو سبب بنيو.
واپس آياسين تہ اُتي موجود ڳوٺاڻن اسانجي آجيان ڪئي، جنھن ۾ چاچو محمد حسن جت، جمعون جت ۽ ذوالفقار علي عرف ڀٽو جت جيڪو ماستر عبدالرحمان جت جو فرزند آهي ۽ ٻيا موجود هئا، چاچي محمد حسن جت هِڪڙي ڳالھہ ٻُڌائي مولوي حاجي احمد ملاح جي عاشق احمد جت جي، جيڪو حاجي احمد ملاح جي ڀرسان دفن ٿيل آهي. احمد جيڪو انڊيا مان آيل هو، هڪ ٻيو بہ ساٿي هُيس، محمد حسن ٻُڌايو: ’هو هِتي سرحد ٽپي آيا، جيڪي اسانجي ڳوٺ ۾ آيا اسان بہ سُڃاتا تہ ماڻھو نوان آهن ڪِٿان جا آيل آهن، ٿوري دير ۾ رينجرس وارا اُٺن تي چڙهي اچي هنن وٽ پھتا. حال احوال ڪيائون، هنن ٻُڌايو تہ اسان برابر آيا هُن پار کان آهيون، پر اسان وٽ هُن پاسي جي ڪا بہ شئي ناهي، اوهان تلاشي وٺي سگهو ٿا، باقي اسان کي روڪيو نہ. هنن تلاشي وٺي ٻنھي همراهن کي ڇڏي ڏِنو، هي روانا ٿيا، پويان رينجرس وارن سوچيو تہ هنن کي ڇڏي ڏينداسين تہ پنھنجي نوڪري ويندي هلي، وري هنن جي پويان ويا، ڪافي منزل طئي ڪري ويا، هنن اڳيان اُٺ آڻي بيھاري چيائون تہ ٻئي هنن اُٺن تي چڙهو، هلو صاحب وڏي وٽ. هن همراھہ جنھن جو نالو احمد هو، چيائين صاحب اسان چيو تہ اسان کي منزل تائين پھچڻ ڏيو، اسان ڏوهاري ناهيون، پر هنن نہ مڃيو، احمد وٽ ڪلھي تي پيل چادر هئي جيڪا مٿان وجهي ليٽيو، هنن سمجهو تہ شايد نِنڊ ٿو ڪري، ٿوري دير کان پوءِ ٻي ساٿي کي رينجرس وارن چيو تہ هِن کي اُٿار تہ هلون، اُن ساٿي جيئن ئي چادر مُنھن تان هٽائي تہ همراه پنھنجي منزل ڏانھن وڃي چُڪو هو. پوءِ رينجرس وارن کي اچي ڊپ ورايو، اُن جو ڪفن دفن بہ پاڻ ڪيائون ۽ کڻي وڃي مولوي احمد ملاح جي ڀرسان دفن ڪيائون.“ مونکي تہ هي ڪھاڻي ٻُڌي عجب پي ٿيو، پر چاچو محمد حسن جت چوي تہ هي سڄو واقعو منھنجي اکين اڳيان ٿيو هو. آءٌ اُنھي واقعي جو اکين ڏِٺو شاهد آهيان.

عبدالعظيم جت جنھن ’شاھہ جو گنج‘ لِکيو
اسان ڪچھري ڪري اُٿياسين هنن همراهن مان ٻہ اسان سان گڏ هليا، چاچو محمد حسن جت ڊاڪٽر علم الدين جي گاڏيءَ ۾ چڙهيو، ذوالفقار جت اسان جي گاڏيءَ ۾ چڙهيو. ذوالفقار جت گاڏيءَ ۾ ويھندي ئي لطيف سرڪار جو بيت ٻُڌايو:
اُٺ ڏِسي اکيون ٺريون، لٿا ڏير لُڏي،
جَتن منھنجي جيءَ سان، ڪھڙي راند ڪُڏي،
گوندر جي گُڏي، هوت رکي ويا هٿ سان.
وري ٻيو بيت ٻُڌايو:
اُٺ نہ وڃي وڳ سان، لُڏيو هڻي لانگ،
ڪاهي ايندا قطار مان، پلي سڀئي سانگ،
جڏهن ڇڄندي منجهان ڇانگ، وري نہ ويندي وڳ ۾.
ايئن وري ٽيون ۽ چوٿون، چيوسين آرام سان ٻُڌائي تہ نوٽ ڪريون، چيائين ’اسان وٽ بيتن جا ڀنڊار آهن، ڪيترا ياد ڪندا.‘ تيستائين پھچي وياسين ديوين وچ ۾، هي هن ڳوٺ وارن جو قبرستان پُڻ آهي، جيڪو هنن جي ڳوٺ جي بلڪل ڀر ۾ آهي. چؤڪُنڊي مٿي نہ پر زمين ۾ ٺھيل اُن جي وچ ۾ موجود قبر عبدالعظيم جت جي آهي، جنھن تي لڳل بورڊ ۾ لکيل آهي ’سيد عبدالعظيم ڀٽائي‘، پر هِتي جا لوڪل ماڻھو ۽ جت هن کي بلڪل ئي رد ڪن ٿا، اِهو ڪم اُن وقت جي دُر محمد ڪمال جو ڪمال هو، جنھن جت کي سيد ۽ ڀٽائي جو لقب ڏنو. شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جڏهن پنھنجو سمورو ڪلام ڪراڙ ۾ اُڇلي ڇڏيو تہ پوءِ ڀٽ شاھہ تي اهو فيصلو ڪيو ويو تہ ٻيھر شاھہ جو ڪلام گڏ ڪرڻ جو ڪم فقير عبدالعظيم حوالي ڪيو وڃي، جنھن کي ڀٽائي گهڻو ياد بہ هو تہ ٻين جتن وٽان بہ هن شاھہ جا بيت هٿ ڪري هِڪڙو گنج لکيو، جيڪو اڄ بہ ڀٽ شاھہ تي موجود آهي، جنھن کي پھريون قديم رسالو ’گنج شريف‘ سڏيو وڃي ٿو.

ڏاڏي گنگا جتڻ لطيف جي حافظ ۽ عاشق
عبدالعظيم فقير جي چؤڪُنڊي کان هيٺ پاسي ۾ هِڪڙي ننڍڙي قبر ٺھيل آهي، جنھن جي لاءِ چون ٿا هي مائي ڏاڏي گنگا جتڻ آهي.
ڏاڏي گنگا جتڻ، جنھن کي ڀٽائي جي حافظ ۽ عاشق عورت سڏيو وڃي ٿو، جڏهن شاھہ لطيف هن وٽ، هن جي پکي اڏيل گهر ۾ لنگهي آيو هو ۽ هِن کان پاڻي گُهريو هئائين، ڏاڏي ڇوڪرين کي چيو تہ گرمي آهي، خالي پاڻي تڪليف ڏيندو، تنھن ڪري اُن ۾ ٿورو کير ملائي ڏيوس. پکي جو اڏيل گهر جنھن ۾ ٿڌي هوا لڳي رهي هئي ۽ پاڻي ۾ ملايل کير پيئڻ کانپوءِ لطيف کي وڏو سُڪون مِليو اُن کانپوءِ اُتي هي بيت چيائين.
کوھہ محل کوھہ ماڙيون، پکا سندن پن،
اُست جو اُٺين جو، ماکيري جو من،
جيءُ ۾ جت رهن، ٻي پروتـڻي سڀ پاسي.

ھر سال شاھہ لطيف جڏهن ڪڇ ويندو ھو تہ گنگا جتڻ کيس پنھنجي ھٿن سان ٺھيل 'کيس' تحفي طور ڏيندي ھئي.

بڙ جو ڍورو ۽ شاھہ لطيف جو کوهہ
’هاڻي اسان کي شاھہ لطيف جي نالي سان منسوب کوھہ ڏِسڻو آهي،‘ ميزبانن کي چيوسين. ويٺاسين گاڏين ۾ ٿوري ئي فاصلي تي بڙ جو ڍورو موجود هو، جِتي گاڏي کي بريڪ ڪيو. پھرين هِڪڙو ريٽيل کوھہ آهي جنھن تي وٺي اچي بيٺا، جتن ٻُڌايو تہ چون ٿا هن کوھہ مان شاھہ عبداللطيف پاڻي پيئندو هو ۽ هِتي پريان موجود (آڱري جي اِشاري سان ٻُڌائيندي) بڙ جو وڏو وڻ هوندو هو، جنھن هيٺ شاھہ لطيف ڀٽائي ويھي بيت جوڙيندو ۽ ٻُڌائيندو هو.
ڍورو تہ سُڪل حالت ۾ موجود آهي، پر بڙ جو ڪو نام نشان ئي موجود نہ هو. جنھن تي جتن ٻُڌايو تہ هي وڻ صرف برساتي پاڻي تي زندھہ رهيو هو، جڏهن کان ڇُڙيو/موڪ پاڻي آيو تہ وڻ آهستي آهستي سُڪي ويو ۽ گورنمينٽ اُن جو ڪاٺ بہ وڍرائي کڻي وئي. انھن ڳالھين ۾ ڪيتري حقيقت آهي، خُدا ٿو ڄاڻي، اسان تہ اُتي موجود ۽ جيڪو ڪتابن ۾ لکيل آهن، اُهو ڏِسڻ ٿا چاهيون. هي بڙ جو ڍورو جتي اسان هينئر بيٺا آهيون، بدين کان ڏکڻ طرف 20 ميل پري آهي، هن کي دريا جو پُراڻو ڍورو سڏين ٿا.

ايل بي او ڊي جيڪا اُبتو وهي رهي هئي.
ڪچي جو ڪجهہ پنڌ ڪري هِڪڙي زبون پُل تان گُذرياسين، هُن طرف رينجرس جي چونڪي آهي، جنھن وٽ امجد گاڏي کي بريڪ ڪيو، اسان بہ لٿاسين مون لھندي ئي ايل بي او ڊي جا ڦوٽو ڪڍيا، هڪڙو رينجرس وارو جنھن جو نالو علي شير پنھور هو، جنھن جو تعلق ضلعي دادو سان آهي، جنھن چيو ’ادا اسان جو فوٽو نہ ڪڍجان، سرڪاري ملازم آهيون‘ چيم ’نہ نہ.‘ ٻيو چڪوال جو پنجابي هو، جنھن اسان کي ٻُڌايو تہ ’هِن پُل ۾ هِڪڙي ڍڳِي ڪِري هئي ۽ هِڪڙو اُٺ ڦاٿو هو، جن کي اسان وڏي مشڪل سان ٻاهر ڪڍيو هو، هي پُل ڪنھن بہ وقت ڪِري نقصان ڪري سگهي ٿي.‘ پاڻي اُبتي وهڻ جا سبب پُڇياسين، چيائين ’اسان کي هِتي عرصو ٿيو آهي، اسان روزانو پاڻي کي ايئن ابُتو ۽ سُبتو وهندي ڏِٺو آهي،‘ هن ٻُڌايو تہ ’روزانو ڇھہ ڪلاڪ اُبتو وهي ٿو ۽ ڇھہ ڪلاڪ سُبتو ٿو وهي ٿو.‘ اِهو بہ عجيب منصوبو آهي ۽ عجب تجسس پُڻ.
فقير ناٿو لُنڊ جنھن بابت چوندا آهن تہ لاڙ جي زندھہ انسائيڪلوپيڊيا آهي. اُن فقير ناٿي لُنڊ هنن ايل بي او ڊي ڊزائن ڪندڙ انجنيئرن کي گهڻو ئي چيو هو تہ هي منصوبو ناڪام منصوبو آهي، هي پاڻي سمنڊ ۾ وڃڻ بجاءِ ماڻھن کي ٻوڙيندو، تنھن ڪري هن منصوبي کي واپس کڻي وڃو، پر لکين روپيا کائيندڙ انجنيئر هن ڳوٺاڻي جي ڳالھہ ڪِٿي ٿا مڃين. پوءِ اڄ اُها ئي ناٿي فقير واري اڳڪَـٿي سچ ثابت ٿي. جنھن بہ سال برساتون گهڻيون پوَن ٿيون تہ ايل بي او ڊي اُبتو وهڻ شروع ٿئي ٿي ۽ ڪيترائي ڳوٺ ٻوڙي ٿي، ماڻھن کي دربدر ڪري ٿي. ڪيترائي ماڻھن لُڙهي بہ وڃن ٿا، هي خونخوار منصوبو آهي، جيڪو حڪمرانن خبر ناهي تہ ڇو جوڙيو. هي اصل ۾ وفاق جو منصوبو آهي، جنھن ذريعي پنجاب جون ڇنڊڻون سنڌ جي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ هي بلا اسان بدين وارن جي ڳچي ۾ وِڌي وئي آهي.

اڄ بہ ٻھراڙين ۾ وڃي مھمان ٿجي
رستي ۾ وري بہ وقفي وقفي حافظ نظاماڻي شاعري بہ ٻُڌائيندو هليو ۽ ڪنھن ڪنھن وقت ڪو لطيفو، تہ ڪنھن وقت سياسي گفتگو بہ هلي رهي هُئي، ايئن منزل کي ويڙهيندا اڳتي وڃي رهيا آهيون، رستي ۾ ادا منظور چيو منھنجي شگرلو Low ٿي رهي آهي، ڪِٿي ڪو دُڪان ڏِسو تہ ٻُڌائجو، بريڪ ڪريون بسڪيٽ وغيره وٺنداسين، ڪجهہ پنڌ کانپوءِ هڪڙو ڳوٺ نظر آيو، ويجهو آياسين تہ دُڪان بہ هو روڊ جي ڀر ۾، گاڏي کي جيئن ئي هيٺ لاٿوسين، تہ ڳوٺاڻا ويچارا سادا ماڻھو محبتون ڏيندڙ سڀئي دُڪان مان اُٿي ٻاهر آيا مِلڻ، اسانکي تہ صرف بسڪيٽ، دال پُڙيون ۽ ڪجهہ ٽافيون وٺڻيون هيون، پر هنن سمجهيو تہ شايد اسان وٽ ڪي مھمان اچي رهيا آهن، بھرحال اهڙيون محبتون ۽ خلوص ڏِسڻو آهي تہ اڄ بہ ٻھراڙين ۾ وڃي مھمان ٿجي. بلڪل خلوصِ دِل سان خدمت ڪندا آهن. هِن ڳوٺ جو نالو چاچي کان پڇيوسين چيائين عبدالحق ملاح جو ڳوٺ آهي. اهڙن لاءِ لطيف چيو آهي:
ايندي چوَن آءُ، ويندي چوَن ويھہ،
ڇڏي سارو ڏيھہ، اڱڻ اچج اُن جي.

رڻ جا راهي
اسانجو هاڻي سفر هو شيخاڻي گهاڙي ۽ اسان ورتو ايل بي او ڊي جو ڪِنارو، ايل بي او ڊي جي هُن پاسي رِڻ ئي رِڻ هو، اڌ پنڌ تي وياسين، ڊاڪٽر علم الدين جنھن جي گاڏي اڳيان اڳيان هلي رهي هُئي، تنھن گاڏي کي بريڪ ڪيو، اسان بہ اچي ڀر ۾ بيٺاسين، چيائين رڻ جي هوائن جو مزو وٺون، پوءِ ٿا هلون. واقعي ئي هوائون تہ اهڙيون وڻندڙ ۽ ٿڌيون هُيون جو دِل پئي چوَي ڪي گهڙيون هِتي ويھي گُذارجن. شرف الدين پري کان نظر ايندڙ وڏن وڻن ڏانھن هٿ کڻي پُڇيو، ’اِهي اوهانکي وڏا وڻ نظر اچن پيا؟، ’ها،‘ ’نہ اِهي وڏا وڻ ناهن اِهي ننڍڙا ٻوٽا آهن، اهو رڻ جو اِهو ڪمال آهي، جو ننڍڙا ٻوٽا پري کان وڏا وڻ نظر اچي رهيا آهن،‘ هن رڻ کان اڳيان انڊيا جو بارڊر آهي، جنھن جون بتيون رات جي وقت ڏِسڻ ۾ اينديون آهن ۽ سُٺو منظر پَسائينديون آهن. فوٽوگرافي ڪئيسين، وري بہ ويٺاسين گاڏين ۾ ۽ سفر هو اڳتي هلندا رهياسين.

شيخاڻي گهاڙي ۽ ناٿو فقير لُنڊ
هاڻي ايل بي او ڊي تي اڏيل پُل ڪِراس ڪري ٻي پاسي ٿياسين پوءِ اسانجون گاڏيون هيٺ لٿيون، ڪچي رستي طرف، جيڪو ڪنھن ڳوٺ ۾ وڃي رهيو هو. ڪجهہ پنڌ اڳتي هلياسين، تيستائين ڊاڪٽر علم الدين گاڏيءَ کي بريڪ ڪيو، پريان مال چاريندڙ همراھہ جنھن جي هٿ ۾ ريڊيو هو، اسان طرف اچي رهيو هو، اسان سان اچي مِليو، ڊاڪٽر علم الدين هن جو تعارف اسان سان ناٿي فقير لُنڊ جي پُٽ محمد علي طور ڪرايو .
علم الدين سان گڏ گاڏي ۾ ويٺو، آياسين هِڪڙي اوطاق اڳيان بريڪ ڪيوسين، اوطاق تي اڳ ۾ ئي کٽون پيون هُيون، صاف سٿرو ماحول لڳو پيو هو. ڪجهہ دير ويٺاسين، امجد گاڏي کڻي ويو فقير ناٿي کي وٺڻ لاءِ.
هي ڳوٺ چوَن پيا تہ پاڪستان جي هن طرف جو هي آخري ڳوٺ شاد مان لُنڊ آهي، هن کان پريان پندرھن سورھن ڪوھہ کانپوءِ انڊيا جو بارڊر آهي. هِن ڳوٺ جي اولھہ، ڏکڻ ۽ اوڀر کان رڻ جو گهيرو آهي ۽ ڳوٺ جي اُتر کان وري ايل بي او ڊي جو راڪاس، جنھن کي هاڻي هاڻي اسين ڪِراس ڪري آيا آهيون. هِن مانڌر ۽ ولاسي جي واهڻن، وستين جا ستم ۽ سور سُڻڻا هُجن تہ فقير ناٿي لُنڊ کان ٻُڌجن، هِن ڳوٺ کان پکين جي وِڇڙي وڃڻ جو درد بہ فقير ناٿو ئي ڄاڻي ٿو، توڻي جو هِن جي عمر هاڻي سئو سال کي پھچڻ تي آهي، پوءِ بہ هو پُراڻين يادگيرين جون ڳنڍيون ايئن ٿو اُکيلي، جيئن لغڙ اُڏائيندڙ ٻار مانجهي کي منٽ ۾ کولي ڇڏي ٿو.
غلام حسين لُنڊ جي گهر ۾ جون جي ستين تاريخ 1926ع تي اکيون کوليندڙ فقير ناٿو لُنڊ، جنھن سان اڄ اسين ڪچھري ڪرڻ/ملڻ آيا آهيون.
ڪجهہ دير کان پوءِ فقير ناٿو بہ اچي ويو، کيس هٿ کان وٺي پيا اچن، هاڻي نظر بہ گهڻو گهٽجي وئي اٿس، اسان اُٿي اڳتي اچي کيس ڀاڪر پائي مِلياسين ۽ پنھنجو پنھنجو تعارف ڪرايوسين. سڀئي کٽن تي ويٺاسين، فقير ناٿي لُنڊ سڀني سان حال احوال بعد پاڻ ٻُڌايا تہ آءٌ ٻڪريون چاريندو هئس، اُن کان پوءِ پڙهڻ لاءِ اسڪول ۾ ويٺس، اُن وقت استادن اسڪول ۾ منھنجي عمر 1926ع لکي آهي، تعليم ۾ هن فائنل پاس ڪيو هو، اُن کان پوءِ هن کي ماستري مِلي، هِن ڪچھري دوران سياست، سماج ۽ ڪجهہ پُراڻيون يادگيريون دُهرايون جنھن ۾ خاص پاڪستان ۽ هندوستان جو وِرهاڱو هو، جنھن ۾ هن جو دوست ۽ اُن جي ڌيءَ جيڪا هن جي ڪِلاس فيلو هئي، گڏ پڙهندي هُئي. ڪجهہ ٻيا بہ نالا وٺي اکيون آليون ٿي ويس.
فقير ناٿي ٻُڌايو تہ؛ ’منھنجا دوست اُستاد واڻيا جهامن داس ۽ گنگا رام پنھنجي سنڌ وطن کان وِڇڙڻ ويل هِتان روئيندا پي ويا، اُهي لمحا لفظن ۾ بيان نٿا ڪري سگهجن.
هڪ ڏينھن اسان کي سائين گنگارام لوهاڻي چيو تہ منھنجي گهر جو سمورو سامان آڻي ٻاهر رکو تہ نيلام ڪريون. اسان شاگردن سائين جي چوڻ تي سندس گهر جو سمورو سامان آڻي ٻاهر رکيو، جنھن ۾ هندورا، کٽون، هنڌ ۽ ٻيو گهر جو سامان هو سائين سامان ڀر ۾ پٿلي هڻي ويھي رهيو، اسان کي اُن وقت اها سمجهہ نہ هئي تہ سائين گنگارام گهر جو سامان ڇو پيو نيلام ڪري؟ سيراڻي ۽ آس پاس جا ماڻھو سائين گنگارام کان اڌ رقم کان بہ گهٽ رقم تي سامان وٺندا ويا، سائين گنگارام نماڻين نگاهن سان رڳو ڏسندو رهيو. جنھن جيتري رقم ٿي چئي، سائين گنگارام جي وات مان آواز ڪو نـ ٿي نِڪتو، رڳو هٿ جي اشاري سان پئي چيائين کڻي وڃ. آءٌ بہ سائين گنگا رام جي نماڻين نگاهن ۾ نھاريندو ئي رهجي ويس، پر هن کان پُڇي نہ سگهيس تـ سائين اهو سامان ڇو ٿو نيلام ڪرين؟ اِهو ٻُڌائيندي فقير ناٿي جون اکيون آليون ٿي ويون.
ڪچھري ڪرڻ دوران ئي هَلڪي هَلڪي برسات وسڻ شروع ٿي، چانھہ بہ اچي وئي، سڀني چيو فقير سائين هاڻي موڪلاڻي جي دُعا گهرو تہ موڪلايون، فقير ناٿي اُٿي بيھي دُعا گُهري، دُعا سندس ئي شاعري ۾ هئي، پر ايتري تہ ڊگهي دُعا هُئي جو دوستن جا ڄڻ هٿ ئي ٿڪي پيا، اُن کانپوءِ وري ڪجهہ آيتون بہ پڙهيائين، وري سنڌي ۾ الله پاڪ کي سوال ڪيائين، ايئن دُعا پوري ٿي، چانھہ پيتي، فوٽوگرافي ڪري موڪلايوسين.

رِڻ جي رات ۽ برسات
ايل بي او ڊي جي پُل ڪِراس ڪري دنگ ڪئي تہ امجد کي سندس موبائل فون ياد آيو، جيڪو فقير ناٿي جي اوطاق تي وِساري آيو هو، وري واپس ويو، اسان گاڏي روڪي. پندرھن کان ويھہ منٽ اُتي لڳي ويا، واپسي ۾ ڪچي جو رستو، پھريان ايل بي او ڊي جو ڪِنارو وٺي آيا هُئاسين، پر هن وقت برسات وسڻ سبب رِسڪ نہ کنيو ۽ مٿان آياسين، پر اُهو رستو بہ تمام خراب هو، جنھن ڪري گاڏيون صفا آهستي آهستي هلي رهيون هُيون، وري جو امجد چريائي ڪئي جلدي پُـھچڻ جو سوچي وچان پوٺو ورتو، جيڪو اڳيان هلي تمام گهڻو خراب هو، جڏهن مٿي ڪچي روڊ تي ٿي چڙهياسين، تہ گاڏي گپ ۾ ڦاسي پئي، نہ پئي چڙهي، تيستائين خبر ناهي ڪِٿان اوچتو چار همراه اچي نِڪتا، شايد اسانجي مدد لاءِ الله سائين موڪليا هُئا، ڊاڪٽر علم الدين جي گاڏي کي ڌِڪي مٿي بونڊري تي چاڙهي، وري اسانجي گاڏي ڏي آيا، اسانکي ٻي پاسي کان وٺي آيا، پر اُتان بہ گاڏي سِلپ ٿي وئي، پوءِ اسين لٿاسين، گاڏي ڌِڪي مٿي چاڙهي، هاڻي هنن همراهن ٻنين جي وچان ويندڙ بونڊري جو ڏَس ڏِنو تہ اِن تان وڃون باقي ڪِٿان بہ نٿا وڃي سگهو، اُن بونڊري تان گاڏيون هلڻ شروع ٿيون، پر اڳيان هلي گاڏي ٻني ۾ لھڻ واري هُئي تہ منظور بريڪ هنيو، پر اڳيون ٽائر اهڙي طرح لٿو نہ پويان ٿئي نہ اڳيان، پوءِ اسان سڀني گڏجي سائيڊ کان زور لڳائي گاڏي مٿي بونڊري تي چاڙهي، تيستائين ڏِٺوسين تہ پويون ٽائر پنڪچر ٿي چُڪو هو. هاڻي وري ٽيون مسئلو. هِتي تہ ڪچي ۾ ٽائر بدلائي بہ نٿو سگهجي، اسان سڀ لٿاسين، پنڌ هلياسين ادا منظور رِم تي گاڏي کي آهستي آهستي هلائي اچي سِم جي ڪَپ تي چاڙهي، پر ڪجهہ پٿرن وڇيل روڊ اڃان بہ اڳتي هو، پوءِ وري بہ اهڙي گاڏي ئي کڻي اڳتي هليو، اسين سڀ پويان پنڌ پنڌ، پٿرن وٽ گاڏي اچي بيھاري، ڊِگِي کولي ٽائر ٿي ڪڍيو، اسپيئر ٽائر بہ صفا پنڪچر لڳو پيو هو، عجيب صورتحال ٿي وئي، مٿان برسات ۽ اڳتي هلڻ جو سبب بہ نہ رهيو، خبر ناهي تہ شھر اڃا ڪيترو پري آهي. ڊاڪٽر علم الدين واقعي ئي مڙس ماڻھو هو، چيائين هاڻي اوهان هِتي ويھو، ٽائر ڏيو مونکي تہ آءٌ ٿو ٺھرائي اچان، ٽائر ڊاڪٽر علم الدين کنيو، ٺھرائڻ لاءِ نِڪتو.

برسات جون ڪجهہ گهڙيون بصر ملاح ۾
وسندڙ برسات، ٻيو رڻ، ٽيون رات، چوٿون پيرين پنڌ ۽ اسين، ٿورو فاصلو گپ هاڻي گس تان گُذري اڳيان ٿياسين تہ پري کان هلڪي هلڪي روشني نظر آئي، واھہ جي ڪپ تي اڏيل ڪچي ڦُڙ (موري) مَٽي هيٺ هٽ تي پھتاسين، اُتي موجود ماڻھن اسان کي کِلي کيڪاريو، بئنچن تي ڪپڙو هڻي صاف ڪري ويھڻ لاءِ چيو، اسان سندن ٿورا مڃيا، اسانکي پاڻي پياريائون ۽ ماني جو پُڇيو ويو، پر اسان ماني يا ٻي ڪنھن بہ تڪليف ڪرڻ کان سخت منع ڪئي ۽ پوءِ کين اسان سان ٿيل وارتا ٻُڌائيندي چيوسين تہ بس اجهو دوست ٽائر ٺھرائي پھچن ٿا تہ اسين روانا ٿي وينداسين، اسان کان دوست تعارف پُڇيو سڀني پنھنجو پنھنجو تعارف ٻُڌايو، پاڻ ٻُڌايائين تہ منھنجو نالو ابراهيم ملاح آهي، هي هَٽ ۽ اوطاق منھنجي آهي، چيم ’هِن ڳوٺ جو نالو ڇا آهي؟‘ چيائين ’ڳوٺ بصر ملاح‘ وري چيائين ڀلا جيستائين دوست ٽائر ٺھرائي اچن چانھہ ٺھرائي وٺان، چانھہ جي صلاح دِل سان ڪيائين، پر اسان صاف انڪار ڪيو. هھڙي موسم (وسندڙ برسات) ۾ ايئن اچانڪ ڪنھن کي تڪليف ناهي ڏِبي.

هِڪ رات مٿان برسات ۽ رستو گُم
دوستن کي گهڻي دير ٿي چُڪي هُئي، هِتي اسين پاڻ پريشان هئاسين تہ الله پاڪ خير ڪري، برسات وسي پئي، موبائيل رابطو بہ منقطع آهي، هاڻي ڪنھن نموني يا ڪھڙي طرح خبرچار وٺجي، اسين هر هر اچڻ واري رستي ڏانھن ٻاهر نِڪري پيا روشني تلاشيون تہ ڪِٿان ڪا گاڏي نظر اچي، گهڻي دير کان پوءِ پري کان روشني نظر آئي، ڪجهہ ويجهو اچڻ کانپوءِ اسان کي پڪ ٿي تہ ها هاڻي اِها جيڪا سامھون گاڏي اچي پئي اِها ئي ڪار آهي، نيٺ انتظار جو انت ٿيو. ڊاڪٽر علم الدين ۽ امجد ڪيئن ۽ ڪِٿان ڪار جو ٽائر ٺھرائي آيا، اِهو مرحلو ڏُکيو هو ئي هو، هِن وسندڙ برسات ۾، پر جڏهن هِنن ٻُڌايو تہ برسات وسڻ جي ڪري رستي جا نشان مِٽجي ويا هئا، اسين ڪنھن ٻي رستي تي ٻي پاسي ڏانھن نِڪري وياسين، پوءِ هِنن کي واپسي اسان تائين پھچڻ وارو رستو ڳوليندي ڳوليندي گهڻي دير ٿي وئي. گاڏي ۾ ٽائر لڳايوسين، اڳتي سفر سڻائو ٿئي دُعا پڙهي روانا ٿياسين.
برسات جي رات جو سفر ۽ اسين، ڊاڪٽر علم الدين انصاري جي شھر ڪڍڻ ۾ نيٺ اچي پھتاسين تہ ڄڻ اسان جي چھرن تي هِڪڙي سرهائي محسوس ٿي. ڊاڪٽر علم الدين اسپتال مان ڪجهہ رکڻ يا کڻڻ لاءِ ويو، اسين ڀر ۾ هوٽل وٽ بيٺاسين، هڪ همراه اچي اسان سان مِليو تعارف ڪرائيند ٻُڌايائين تہ اصغر انصاري ڊاڪٽر علم الدين جو ننڍو ڀاءُ اُن سان گڏ هڪ ٻيو سھڻو جوان بيٺو هو، اصغر اُن نوجوان ڏانھن اشارو ڪندي چيائين هي، راول ڪلھوڙو آهي ۽ تمام سُٺو شاعر بہ آهي، ڪلھوڙو ٻُڌم تہ يڪدم پُڇيم ’ابن ڪلھوڙي جا ڇا ٿيو؟‘ ’ابن منھنجو مامو آهي‘ راول وراڻيو، مُسڪرائي کيس ڀاڪر پاتم ۽ ابن لاءِ سلام چيامانس، اصغر ۽ راول گهڻو ئي اسرار ڪيو تہ ٻہ ٽي منٽ ويھو چانھہ گڏ پي وٺون، پر اسان معذرت ڪندي چيو، ’اسان جو پنڌ اڃا اڳتي ۽ رات گهڻي گُذري ويندي پھچندي پھچندي. ايئن اسان هِنن دوستن کان موڪلايو، هاڻي اسان جي اڳين منزل لنواري شريف آهي.

رات جي رهاڻ ماني ساڻ شرف الدين جي اوطاق تي
لنواري ۾ پھتاسين تہ ٻيھر وري برسات وسڻ شروع ٿي وئي، گاڏيون اوطاق جي ديوار لڳ ويجهو بيھاري ۽ تڪڙو تڪڙو هيٺ لھي اندر اوطاق ۾ آياسين.
شرف الدين جو وڏو ڀاءُ عبدالقادر ٽالپر پنھنجو تعارف ڪرائيندي اِهو چيو تہ ’پاڻ ڪچھري بہ ڪنداسين ماني بہ کائينداسين گڏ گڏ، ڇو تہ ماني ٻہ ٽي ڪلاڪن کان اوهان جو انتظار پئي ڪري، هاڻي اِهي ٻئي ڪم گڏ هلندا،‘ سڀئي ڪمري اندر فرش تي وِڇايل چادرن تي ويٺاسين ۽ ماني لڳي، بھترين ماني ٺھرائي هُئي دوست ڊاڪٽر شرف الدين. هاڻي اسان واقعي ئي ماني بہ کاڌي ۽ ڪچھري بہ ڪئي، ٻئي ڪم گڏ ڪياسين، اسان عبدالقادر ٽالپر کي سڄي وارتا ٻُڌائي ۽ دير ٿيڻ جو سبب بہ اِهو ئي هو. هِن اسان جي ڪھاڻي ٻُڌي افسوس ڪيو. ماني کائي پوءِ هِڪڙي روايت آهي تہ ماني ۾ ڀلي ست رڇي طعام هُجن، پر جيستائين ماني مٿان مھمان کي چانھہ نہ پيارجي تيستائين نہ مھمان کي مزو اچي نہ ميزبان مطمئن ٿئي، اسان کي دير بہ گهڻي ٿي چُڪي هُئي، برسات بہ وسي رهي آهي، پر پوءِ بہ ميزبان جي اسرار تي اها بہ حامي ڀري تہ حاضر ڀلي، پر جلدي ٿي وڃي تہ بھتر، چانھہ پي دوست ۽ اڄ جي سفر ۾ همسفر ڊاڪٽر شرف الدين ٽالپر ۽ سندس وڏي ڀاءُ عبدالقادر ٽالپر کان کِلي موڪلايوسين.
قاضيه واھہ جي پُل تي پھچي گاڏين کي بريڪ ڪيو، ڊاڪٽر علم الدين ۽ امجد چوَن هاڻي آخري چانھہ اسان جي پي پوءِ وڃو، چيوسين اوهان جو چاھہ ئي گهڻو مِليو، هاڻي چاھہ مٿان چانھہ جي ضرورت صفا ڪونھي، وري ڪنھن ٻي ڀيري. ايئن قاضيه واھہ جي موري مٿان بيھي ڀاڪرين مِلي موڪلايوسين. هو شاھہ لطيف روڊ وٺي اُولھہ طرف روانا ٿيا، اسين قائداعظم روڊ وٺي اُتر طرف آياسين. پيروءَ کي پوئتي ڇڏي، تلھار مان تيز گُذري، متارو کان موڙيوسين گاڏي کي گولاڙچيءَ گس ڏانھن، اڄ جي سفر جي چوٿين ساٿي، حافظ محمد نظاماڻي کي سندس ڳوٺ سھراب خان نظاماڻي ۾ ڇڏي، موٽي آياسين پنھنجي ماڳ ماتلي.

جيڪي سفر ۾ همسفر هيا:

حافظ نظاماڻي: حافظ نظاماڻي، قرآن جو حافظ آهي، پنج وقت نماز پڙهندڙ آهي، ڏاڙهي بہ اڇي وڏي اٿس، پر مولوي صفا ناهي، صوفي مڙس، سنگت ساٿ وارو، سدائين پروگرامن ۾ سفر ۾ سنڌ جو تمام وڏو نالو آهي شاعري ۾ حافظ نظاماڻي جو. سندس تعلق سھراباڻي ڳوٺ لڳ ڪڙيو گهنور سان آهي. سندس ڪتاب ”باغي آ عشق منھنجو“ ڇپيو ٿوري ئي وقت ۾ وڪامجي ويو، اُن کان پوءِ ٻيو ڪتاب ”تاريخ آهي شاهد“ جنھن جو بيڪ ٽائٽل لکڻ جو اعزاز هن ناچيز (مور ساگر) کي آهي. حافظ نظاماڻي جي شاعري تي اسان جڏهن هاءِ اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين تڏهن کان فنڪار الھڏنو جوڻيجو جي آواز ۾ ٻُڌندا هُئاسين.

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دِلچسپي رکندڙ، تاريخ لِکندڙ، ماتلي جي تاريخ لِکي اٿس، اُن کان علاوه حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منھنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هِن جا سھيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪِتاب لِکيو اٿس، جنھن ۾ پوري نظاماڻي قبيلي جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوه کوڙ ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب لِکيا، سھيڙيا ۽ مُرتب ڪيا اٿس. ”محمد صديق مسافر جي علمي، ادبي، تعليمي، صحافتي ۽ سماجي خدمتن جو تحقيقي مطالعو“ جي عنوان سان محمد صديق مسافر تي پي ايڇ ڊي ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس.

ڊاڪٽر شرف الدين ٽالپر: غلام نبي ٽالپر جي گهر اڱڻ ۾ 01 _ 01 _1974 ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر شرف الدين ٽالپر، اڪيڊمڪ تعليم ايم اي سنڌي ۽ سنڌ جي اساسي شاعر ۽ معروف بزرگ سلطان الاولياء خواجہ محمد زمان لواري واري جي موضوع تي پي ايڇ ڊي. پروفيشنل تعليم بي ايڊ ۽ ايم ايڊ آهي، پيشو تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد آهي، هِڪ بھترين انسان ۽ سُٺو دوست آهي، هِن جي هِن وقت رهائش لواري شريف شھر آهي.

ڊاڪٽرعلم الدين انصاري: ڊاڪٽر علم الدين انصاري ڪڍڻ شھر ۾ لڳ ڀڳ 20 ويھن سالن کان ڊاڪٽري جي پريڪٽس ڪري ٿو، ان کان علاوه پاڻ پيڙھيل طبقي جو ڪڙھيل شخص آھي، سندس دوستي جو حلقو اڪثريت، ادب شناس دوستن سان آھي، شيخاڻي گهاڙي کان ويندي بڙ جي ڍوري تائين، ھر شخص سان سندس ڏيٺ ويٺ آھي. ھن وقت سندس ڊيوٽي حيدرآباد ۾ آھي، پر ھر ھفتي ۾ ڪجهہ ڏينھن ڪڍڻ ضرور ايندو آهي.

منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شھر سان تعلق رکندڙ: منھنجو ڀاءُ آهي، سُٺي دِل رکندڙ آهي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آهي، پنھنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آهي. گُهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ ھميشہ چوندو آهي، گُهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منھنجي حاضر آهي.

امجد انصاري: امجد انصاري ڊاڪٽر علم الدين جو ننڊو ڀاءُ آھي پاڻ اينٿراپالاجي جو شاگرد آھي، سفر موسيقي ۽ تاريخي جڳهيون گهمڻ سندس مشغلو آھي.
مور ساگر: ’ڪي جاڻا مين ڪوڻ بُليا‘

( 17 آگسٽ 2018ع- ضلعو بدين)

مور اِن ميھڙ

روانگي
مور ماڻھن سان مِلڻ، مور آ ميھڙ ويو،
ڏينھن ميھڙ کي ڏِسي، رات راڌڻ ۾ رهيو.
مون پنھنجي سنگت سان صلاح ڪئي تہ ميھڙ ۾ مونکي ڪتاب جي مھورت ۾ شرڪت جي ڪوٺ آهي، خاص مھمان طور، سو مونکي تہ وڃڻو آهي، جيڪڏهن اوهان بہ هلڻ چاهيو تہ پوءِ ميھڙ، لاڙڪاڻو، سکر، خيرپور ٻہ ٽي ڏينھن لڳائي گُهمي اچون. دوست هونئن ئي گُهمڻ لاءِ چوَن پيا تہ اچو چڪر لڳائي وڃو، چيائون ’ٺيڪ آهي، اسين تيار آهيون،‘ 07 اپريل 2019ع آچر جي ڏينھن ميھڙ جي شھر ۾ حبيب حضوري جي ڪِتاب ”قرآن شريف ۽ شاھہ لطيف“ جي مھورتي تقريب جي دعوت ۾ شرڪت لاءِ حافظ نظاماڻي، خليل کوسو ۽ مون لاءِ سائين حبيب حضوريءَ ٽيڪسي بہ موڪلي آهي، جنھن ۾ اسين ٽيئي وينداسين ميھڙ.
آئون، ادا منظور، ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي اڄ 7 اپريل تي صبح جو فجر نماز پڙهي روانا ٿياسين، حافظ نظاماڻي وارن سان رابطو ڪيوسين، ٻُڌايائون تہ حيدرآباد پھچڻ وارا آهيون. اسان حيدرآباد پھتاسين، تيستائين هو ڄامشورو کان گهڻو اڳتي نِڪري چُڪا هئا.

اسان لاءِ هِندورو اِهو ڄامشورو
جڏهن بہ ڄامشوري مان گُذر ٿيندو آهي يا ڄامشوري ۾ ايندو آهيان، ويجهو اچڻ سان ئي ياد ناهي شعر ڪنھن جو آهي، پر بي اختيار زبان مان نِڪرندو آهي. ”ڄامشوري نہ وڃ، هانوَ ڪوري نہ وڃ.“
سنڌ يونيورسٽي جو ڄامشورو، ’ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولاءِ ۾‘ ناول پڙهائيندڙ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ اُن جي محبوب ونيءَ ايلسا قاضي جو ڄامشورو، لوڪ ادب جي برک نالي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جنھن کي بہ ڄامشوري جي زمين پنھنجي هنج ۾ سُمھاريو آهي، تہ وڏي دانشورو محمد ابراهيم جويي جي آخري آرام گاھہ بہ ڄام شوري ۾ آهي. اُن ڊاڪٽر اين اي بلوچ، محمد ابراهيم جويو جو ڄامشورو، مھراڻ يونيورسٽي جو ڄامشورو ۽ پياري ڀاءُ دِلبر دوست پروفيسر ڊاڪٽر انعام ڀٽي جو ڄامشورو، سو ڄامشورو سنڌ جي سينڌ ۾ جهومر جيان جهلڪندو آهي، تنھن ڪري وڻندو آهي، تڏهن تہ حليم باغي بہ هيئن چئي ويٺو تہ:


وڃي ڪو اڏي گهر ڀلي ڪھڪشان ۾،
اسان لاءِ هِندورو اِهو ڄامشورو.

ڄامشوري کي ڇڏي اڳتي نِڪري وياسين لاکڙا پاور هائوس کان اڳيان، حبيب الله ور وٽ، الفريد شينوار هوٽل تي چانھہ پيئڻ لاءِ گاڏي کي هوٽل اڳيان روڪيوسين. ڪجهہ گهڙيون ويٺاسين چانھہ بسڪيٽن سان گڏ پيتيسين، وري بہ اڳتي سفر لاءِ روانا ٿياسين. اڳيان خاڻوٺ ڪِراس ڪيوسين، ننڍا وڏا ڳوٺ ڪِراس ڪندا وڃي لڪي شاھہ صدر جيڪو جبل جي هنج ۾ موجود آهي، درگاھہ اڳيان روڊ جي ڀر ۾ بريڪ ڪيو، پوءِ اڳيان نِڪري وياسين.
سيوهڻ جي ويجهو پھتاسين، تہ مير حاجن مير جي ياد آئي، فون ڪيومانس تہ: ’مير ميھڙ هلين تہ گُهمائي اچائين،‘ چيائين ’نہ يار اوهان ٿي اچو، منھنجو ننڍڙو ٺيڪ ناهي، ڊاڪٽر ڏانھن ٿو وٺي وڃان، باقي اوهين گهڙي پل سيوهڻ ۾ ترسو، ناشتو پاڻي ڪري پوءِ اڳتي وڃو،‘ چيم، ’نہ مير تون گڏ نٿو هلين باقي پوءِ اسين ڇو ترسون، زندگي رهي تہ ميلا ٿيندا رهندا.‘

ڀان سيد آباد ۾ مِلياسين مُـنير سان
ڀان سيد آباد ۾ بہ اسان جا گهڻا ئي دوست رهن ٿا، جِن ۾ پھريون تہ مُنير سيال، ڪي ٽي اين رپورٽر پرديپ، ۽ پوءِ عرفان مينگل، جنھن جو والد رٽائرڊ ڊاڪٽر محمد هاشم مينگل آهي، جنھن پنھنجي يادگيرين جو ڪتاب ”دکهون کي داستان“ ڇپرايو، اُن جو ٻيو حصو وري سنڌي ۾ ”ڏکن جو داستان“ جي نالي سان ڇپيو هيم، اُهو بہ ھميشہ چوندو آهي تہ ڀانن ڪڏهن بہ اچڻ ٿيئي تہ اسانکي خدمت جو موقعو ضرور ڏِجو، پر اسان اڄ جنھن دعوت ۾ وڃي رهيا آهيون، اُتي وقت تي پھچڻ تمام ضروري آهي. باوجود اُن جي ادا منظور منير سيال کي فون ڪئي، تہ مُنير بہ ضد ڪيو تہ اوهان باءِ پاس تان پيا گُذرو آءٌ بہ باءِ پاس تي ئي آهيان، تنھن ڪري منھنجي چانھہ ضرور پي وڃو. پوءِ ڀانن جي باءِ پاس تي هوٽل اڳيان گاڏي بيھاري، تيستائين مُنير سندس پُٽ کي موڪليو، جنھن اسان کي روڊ کان ٿورو هيٺ وٺي اچي هِڪڙي زيرِتعمير بنگلي اڳيان بيھاريو. دروازي اندر جيئن ئي داخل ٿياسين چيوسين هي ٿاڻي ۾ ڇو ويٺو آهي، تيستائين پاڻ بہ ڪمري کان ٻاھر اچي مِليو، ايس ايس پي جي وردي ۾، مِلياسين ۽ کِلياسين ’منير هِتي بہ ٿاڻو ٺاهيو ويٺو آهين، اصل ۾ هِن وقت ڪي ٽي اين تي مشھور ڊرامو ’گناهه‘ هلي رهيو آهي، جيڪو پُڻ منير جي ڊائريڪشن ۾ تيار ڪيو ويو آهي، اُهو تقريبن ٿاڻي، ڪورٽ ۽ ڏوھہ جھڙي موضوع تي تمام سُٺو هلي رهيو آهي، جنھن ۾ منير جو مين ڪِردار ايس ايس پي جو هوندو آهي.
منير بہ کِلندي ٻُڌايو تہ ’گناھہ وارو سڄو ڊرامو هِتي ئي تہ رڪارڊ ٿيندو آهي‘. پوءِ اندر ڪمري ۾ وٺي هليو، جتي اسپتال جا بورڊ، ڪورٽ جا بورڊ ۽ ڪورٽ جا ڪٽھڙا سڀ ڏيکاريائين، هِڪڙي ٽيبل تي ٻارڙن جي راند کيڏڻ وارا هٿيار سٿيا پيا هئا، جن ۾ ڪلاشنڪوف ۽ پسٽل تمام گهڻا هئا. ڏسندي کِل پئي آئي، ٻاهر ورانڊي جي اڌ حِصي ۾ ايس ايس پي آفيس ۽ اڌ حِصي ۾ لاڪپ ٺھيل آهي، لاڪ اپ جو صرف دروازو آهي جيڪو اُتي رکي ۽ ڪيمرا اهڙي جڳھہ تي رکي وڃي ٿي جو ٽي وي تي هڪڙو مڪمل لاڪ اپ نظر ٿو اچي، منير سندس پُٽ کي گهران چانھہ ۽ بسڪيٽ آڻڻ لاءِ چيو، منير جو گهر بہ سامھون ئي آهي ۽ هي اسين ڀان سعيدآباد جي جنت ڪالوني ۾ ويٺا آهيون.
منير سندس ٽيم کي چيو تہ جلدي تياري ڪري وٺو تہ سنگت بہ ڊرامي جي شوٽنگ ڏِسندي وڃي، جيستائين چانھہ آئي تيستائين اسان ڊرامي ”گناهه“ جي شوٽنگ ڏِٺي. شوٽنگ ڏسندي ۽ ٽي وي تي ڊرامو ڏسڻ ۾ رات ڏينھن جو فرق آهي. شوٽنگ دوران هڪڙو مزو ٿيو، جنھن وقت سپاهي قيدي کي ڪُٽيندي سندس اڳواڻ جو ڏس ٿو پُڇي، اُن وقت قيدي جو اڳٺ کُلي ٿو وڃي، سپاهي کي چيائين جهل جهل اڳٺ تہ ٻڌان، وري اُن سين کي واپس ٻيھر رڪارڊ ڪيو ويو. سڀئي ڏاڍو کِلياسين، چانھہ پي پوءِ ڊرامي جي ٽيم سان گڏ گروپ فوٽو ڪڍرايو ۽ سنگت کان موڪلائي اڳتي سفر لاءِ روانا ٿياسين.

هلي آ هلي آ دادو ، دادو
استاد بُخاري ۽ منظور سخيراڻي جي شھر دادو جي مين گيٽ وٽان گُذرون ٿا تہ مونکي اُستاد بُخاري جو گيت جيڪو منظور سخيراڻي ڳايو آهي، زبان مان جهونگارجي وڃي ٿو.

هلي آ هلي آ دادو ، دادو،
دادو هئہ دادو، دادو ۾ يار منھنجو، دادو ۾ آ دِل قابو،
هلي آ هلي آ دادو ، دادو،

دادو ۾ منھنجو دِل گهريو دوست علي محمد درد سولنگي ۽ رجب آزاد رهن ٿا، جن کي بہ هوائن هٿان سلام مُڪان پيو، باقي اُستاد بخاري جنھن جادو جي ڳالھہ ٿو ڪري اُهو ڪنھن ڏينھن هلي وڃي ڏِسبو. ڏِسبو تہ اُستاد بخاري جي شھر دادو ۾ ڪھڙو جادو آهي، يا ڪھڙي جادو جي ڳالھہ ڪري ٿو، زندگي جي اجازت سان اِهو بہ انشاءَالله هڪ ڏينھن ڏِسي وٺبو.
بقول بخاري جي:


هڪ عمر ۾ جاني ڇا جيئندس،
ڪم ڪار ڪندس يا پيار ڪندس،
مونکي عمريون هُجن ها سئو سھڻا.
مونکي عمريون هُجن ها سئو سھڻا.

تنھن ڪري نہ چاهيندي بہ اُستاد بخاري ۽ منظور سخيراڻي جي دادو کي ۽ دادو جي جادو کي پري کان سلام ڪري اڳتي وڌون ٿا.

خدا آباد، ڪلھوڙا دؤر جي گادي جو هنڌ
ڪلھوڙن جي دؤرِ حڪومت جي گادي جو هنڌ خدا آباد هو، ٻيون نِشانيون تہ آهن يا ناهن، پر هي خدا آباد واري مسجد ڪلھوڙا دؤرِ حڪومت جي شاهد بڻي بيٺي آهي، مسجد جي ڀر ۾ گاڏي بيھاري مسجد جو هڪ دروازو بند پيل هو، ٻي دروازي کان آياسين، مسجد وڏي ايراضي ۾ ٺھيل آهي ۽ تمام مضبوط ٺھيل آهي، مسجد اندر داخل ٿياسين، تہ مسجد جي هڪڙي حِصي ۾ نوجوان ڇوڪريون قرآن شريف پڙهي رهيون هيون، ٻي حصي ۾ مسجد جي اندر رپيئرنگ جو ڪم پي هليو، رنگن سان چٽ سالي جو ڪم، پر بلڪل اصل صورت ۾ هن کي ٻيھر بحال ڪرڻ جي ڪوشش ٿئي پئي، تمام سُٺي ڳالھہ آهي، گهڻين ئي جڳھين تي اهڙو ڪم ڏِٺو اٿم، جو اهڙين يادگار مسجدن، جڳھين، قبرستانن ۾ قبرن تي اڏيل گنبذن کي اصلي صورت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ٿئي پئي، جيڪو ساراهڻ جھڙو ڪم ٿي رهيو آهي. اسان اندر فوٽوگرافي ڪئي، ٻاھر نِڪتاسين مسجد جي ٻاهران سامھون يا مسجد جي اڱڻ ۾ چئجي بھترين پارڪ ٺھيل آهي، ڇٻر بہ پوکيل آهي، گرينري تمام سُٺي آهي، وڻن جي ڪٽنگ پڻ ٿيل آهي. جنھن سان اکين کي هڪڙو خوبصورت منظر ڏِسڻ لاءِ مِلي ٿو، ڪو مسافر اچي ساهي پٽي تہ ڇانوَ ملي ٿي وڃي ۽ مسجد جي خوبصورتيءَ ۾ پڻ اضافو محسوس ٿي رهيو آهي. وڪي پيڊيا مونکي خداآباد بابت ڪجهہ هيئن ٿو ٻُڌائي:
”گهڻا تاريخدان خدا آباد ثاني شھر جو بُنياد وجهڻ جو سَھَرو ميان سرفراز ڪلھوڙي تي رکن ٿا. ڪجهہ محقق وري ان راءِ سان متفق نہ آهن. انھن جو خيال آهي تہ ان شھر جو بُنياد نور محمد ڪلھوڙي رکيو. ڪن هنڌن تي خدا آباد جو باني ميان مرادياب کي بڻايو ويو آهي. ڪي ڄاڻو هن شھر کي خدا آباد ثالث لکن ٿا. تاريخ جي اڪثر ماهرن جو رايو آهي تہ ميان سرفراز 1188هه- ڊسمبر 1774ع ۾ هن شھر کي پنھنجو تختگاھہ بڻايو. ميان سرفراز جي ڏينھن ۾ ڪلھوڙا حڪومت سُٺو نالو ڪمايو. ساڳئي وقت هن جي ڏينھن ۾ ئي ڪلھوڙا خاندان جي وچ ۾ ويڙھہ شروع ٿي. نتيجي ۾ ڪلھوڙن پنھنجو تخت وڃايو. سنڌ جا حاڪم ٽالپر ٿيا. دين محمد وفائي جو خيال آهي، تہ خدا آباد جو بُنياد ميان نور محمد ڪلھوڙي وڌو هو، ھن ’لُطف اللطيف‘ جي اٺين باب ۾ ذڪر ڪيو آهي تہ: ميان نور محمد ڪلھوڙي هالن لڳ نئين خدا آباد وسائي. ڊاڪٽر گربخشاڻي بہ هڪ هنڌ خدا آباد جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، تہ: خدا آباد ۾ ميان نورمحمد ڪلھوڙو حڪومت ڪندو هو، پر هن ڪٿي بہ ان خدا آباد جي جاگرافيائي هنڌ جو ذڪر نہ ڪيو آهي. هو لکي ٿو: شاھہ جو ٽيون دشمن ميان نور محمد ڪلھوڙو (1718ع – 1755ع) هو، جيڪو سنڌ جو حاڪم ۽ ڪلھوڙن جو مھندار هو. ڪلھوڙا تن ڏينھن ۾ وڏي اوج تي رسيل هئا. منجهن پيري مريدي ٻئي هيون. سندن گادي جو هنڌ خدا آباد هو، جيڪو تڏهن عاليشان شھر ليکبو هو.“
خدا آباد ثاني کي تخت گاھہ بنائيندڙ ميان سرفراز ڪلھوڙو ئي هو. اھڙي ڪابہ ثابتي نہ ملي آھي تہ: هن خدا آباد شھر وٽ ميان سرفراز ڪلھوڙي جي تختگاھہ بنائڻ کان پھريائين بہ ڪا وسندي آباد هئي، ڇو تہ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾ بہ هن شھر جو ذڪر مائي گُلان جي حوالي سان ملي ٿو. ميان نورمحمد جي وفات 1753ع ۾ ٿي آهي. جيئن تہ ميان غلام شاھہ ڪلھوڙو، نور محمد ڪلھوڙي ۽ مائي گُلان جو پُٽ هو. ميان غلام شاھہ 1153هه- 1740ع ۾ يرغمال ٿي پنھنجن ڀائرن سميت نادر شاھہ سان ايران ويو، جتي اٺ سال گذاري 1163هه- 1749ع ۾ واپس وريو. ميان نور محمد جي وفات بعد ميان غلام شاھہ 1762ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو ۽ 1772ع ۾ وفات ڪيائين. اهڙيءَ طرح رڳو غلام شاھہ جو ايران وڃڻ ۽ مرڻ وارو عرصو ٻٽيھہ سال بيهي ٿو. جيئن تہ خدا آباد شھر جو بُنياد غلام شاھہ جي مرڻ کان ٻہ سال پوءِ 1774ع ۾ رکيو ويو، جنھن ڪري غلام شاھہ جو ايران وڃڻ ۽ خدا آباد جو تختگاھہ بنجڻ وارو عرصو چوٽيھہ سال بيھي ٿو. ان مھل تائين مائي گُلان جيڪڏهن جيئري هجي ها تہ اها پيريءَ ۾ پير پائي چُڪي هجي ها. گُلان کي ايتري وڏي عمر ۾ خدا آباد تخت بنجڻ يعني 1774ع کان پوءِ اُتي ڪوٽ ٺھرائڻ جي ڪھڙي ضرورت هئي. ان مان لڳي ٿو تہ هتي اڳ ئي ڪو شھر آباد هو. مائي گُلان ان کي سرفراز ڪلھوڙي جي تخت گاھہ بنائڻ کان اڳيئي ڪوٽ جوڙايو ويٺي هئي.هونئن بہ ارضيات جا ماهر هن علائقي کي سترهين صدي جي شروعات کان وٺي زرخيز ۽ آبادي وارو سڏين ٿا.


او شوخ هوا، او شوخ هوا، مخدوم بلاول کي چئجان
مخدوم بلاول شھيد جي حاضري بہ ضرور ڀرڻي آهي، ڇو تہ واپسي وري هِن روڊ تان نہ ٿيندي، تنھن ڪري اسان کي هِتي حاضري ڏيـڻي ئي آهي، پُڇا ڪئسين، ٻُڌايائون تہ هي رستو وٺي وڃو ٿوري ئي پنڌ تي شھيد بلاول جي درگاھہ آهي، گاڏي کي موڙيوسين، درگاھہ تہ خير پري کان ڏِسجي ٿي، پر ايترو پري بہ ناهي. جيئن ئي درگاھہ جي ويجهو پُھتس تہ مونکي حليم باغي جو اِهو نظم ياد آيو جيڪو شفيع فقير ڳايو آهي.
شوخ هوا، او شوخ هوا، مخدوم بلاول کي چئجان،
توڻي جو سج پنھنجي آب تاب سان چمڪي رهيو هو، پوءِ بہ زائرين جا ٽولا ٽولا نظر آيا، مونکي اِها ڳالھہ سمجهہ ۾ نٿي اچي تہ مخدوم بلاول تہ اسان ھميشہ انقلابي اُهڃاڻ پڙهيو ۽ ٻُڌو آهي، پوءِ هي ماڻھو، مايون، پر خير ٿي سگهي ٿو اسان وانگر مخدوم بلاول کي ڏِسڻ ۽ گُهمڻ آيا هجن. اسان مخدوم بلاول جي تربت تي قُل پڙهيا، ٻاهر نِڪتاسين، مقبري اڳيان فوٽوگرافي ڪئي، ڀر ۾ اڏيل خوبصورت مسجد ڏِٺيسين، مخدوم بلاول سان منسوب ڪيل کوھہ / واءِ ڏِٺيسين. ڪتابن کان جڏهن پُڇيم تہ ڪتابن ٻُڌايو:
حضرت مخدوم بلاول شھيد 856ھ بمطابق 1451ع ۾ حسن سمون جي گهر ۾ هاڻوڪي ڄامشورو ضلعو جي ڳوٺ ٽلٽيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق سنڌ جي سما حڪمران گهراڻي سان هو. سندس وڏا اصل ۾ لسٻيلي جا رهاڪو هئا ۽ سومرن جي سنڌ تي حڪومت واري دؤر ۾ اُتي حاڪم طور مقرر هئا. مخدوم بلاول جو ننڍپڻ ۾ ديني ۽ اسلامي تعليم ڏانهن گهڻو لاڙو رهيو. شروعاتي تعليم سيد شھاب الدين شاھہ بخاري پاران قائم مدرسي ۾ سيد نور حسين شاھہ بخاري وٽان حاصل ڪيائين. مخدوم صاحب ناظره قرآن ۽ فقھہ جي ڪتابن سان گڏوگڏ عربي ۽ فارسي علم پرايائين. ديني تعليم پرائي پنھنجي وقت جو وڏو شرعي علم جو ماهر ۽ فقيه بڻيو. سدائين عبادت زهد ۽ تقوى ۾ گذاريائين. سندس ناماچار سڄي هندستان ۾ ڦھلي.
جنت السنڌ ۾ مولائي شيدائي لکي ٿو تہ: مخدوم بلالرحه ٽلٽيءَ جو ويٺل هڪ وڏو عارف ڪامل ٿي گذريو آهي. ظاهري علمن جو وڏو عالم ۽ علامه هو. ’تاريخ معصومي‘ وارو بزرگ لکي ٿو تہ، هڪ دفعي مخدوم ٻيڙي ۾ سوار ٿي سيوهڻ وڃي رهيو هو، مير بحر خوب گاريون ڏيئي رهيو هو ۽ ڪنھن جو چيو نہ ٿي ورتائين. مخدوم صاحب ڇا ڪيو جو پنھنجي ٽوپي کڻي سندس مٿي تي رکيائين تہ مھاڻو جهٽ گارين گندن کان خاموش ٿي ويو ۽ اُتي جو اُتي قرآن ۽ حديث جو واعظ شروع ڪري ڏنائين. ’مقالات الشعرا‘ ۾ لکيل آهي تہ، مخدوم بلال علم حديث جو وڏو عالم ۽ تفسير جو وڏو ماهر هو ۽ پنھنجي زماني ۾ وڏي کان وڏو عالم ليکجڻ ۾ آيو ٿي. ڪڏهن ڪڏهن شعر بہ موزون فرمائيندو هو.
”مخدوم بلاول شھيد جي مزار دادو ضلعي جي ڳوٺ مخدوم بلاول ۾ آهي، جيڪو دادو کان اٽڪل 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اُتر طرف انڊس هاءِ وي سان واقع آهي. سندس مزار تي هرمھيني ماھ پيرو جمعو لڳندو آهي. مخدوم بلال جي مزار دادو تعلقي ۾ ”باغبان“ ۾ آهي، جنھن تي ڪنڊي ڳوٺ جي محمد بخش ولد الھہ بخش پنھور 1990ع ۾ عاليشان مقبرو تعمير ڪرايو آهي. سال 1995ع ۾ پنھور صاحب شيشي جو ڪم بہ مڪمل ڪرايو. ان کان اڳ سال 1928ع ۾ لاڙڪاڻي جي محبوب خان ولد الله بخش خان وڳڻ هتي هڪ خوبصورت مسجد ٺھرائي، جا اڃا سلامت بيٺي آهي. مخدوم صاحب جي عقيدتمند مخدوم دانيال 912ھ ۾ وفات ڪئي، جنھن جو مقبرو اُتر ۾ (مخدوم بلال جي) ڪجهہ وکن تي موجود آهي. هيءَ اڏاوت بہ تازي دؤر ۾ ٿي آهي.“
هت ڪالھہ بہ منھنجي پيارن جون، ويچارن جون ٻڪرارن جون،
ڇيرن سان ڇاتيون ڇاڻيون ويون، سينن تي بندوقون تاڻيون ويون،
پٽڪن جي ورن کي ڦاڙيون ويو، پوتين جي پلن کي ساڙيون ويو،
مينار کڙا ٿيا لاشن جا، ۽ تاج جهليا بدمعاشن جا،
هن ڀونءَ تي ڪڙي ڇا تہ وبا، او شوخ هوا او شوخ هوا،
مخدوم بلاول کي چئجان، ٽلٽي جا ڌڻي ڪا واهر ڪر.
حليم باغي جي نظم جو اهو بند مخدوم بلاول جي مقبري تي لڳندڙ شوخ هوائن کي چئي اسان موڪلايوسين. ۽ پنھنجن لاءِ هي پيغام ڇڏيم.
بلاول بڻجي ڪريو بغاوت، - هوشو جھڙي ڌاريو طاقت،
سنڌ آزاد ٿي ويندي جي، - پنھنجو پاڻ ۾ آڻيو صداقت.

ڪڪڙ، محسن ڪڪڙائي جو ماڳ
جڏهن اسان ڪڪڙ منجهان گُذرون ٿا تہ مونکي محسن ڪڪڙائي جي ياد ٿي اچي محسن ڪڪڙائي وفا ناٿن شاهي، آثم ناٿن شاهي ۽ نشتر ناٿن شاهي وارن جي جوڙ جو شاعر آهي، عبرت مئگزين ۾ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي شاعري گڏ ڇپبي هئي، اُمنگون، ليلا جا خط، سوري سچ چيو، سونھن جي ساڃاھہ، ڪنھن جي ماٺ ميار، سندس تخليقون /ڪتاب ڇپيل آهن ۽ جڏهن محسن ڪڪڙائي ياد اچي تہ سندس شعر ياد نہ اچي اِهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي.
ڇڏيو تہ سونھن جي هڪڙي جهلڪ ڏسي تہ وٺان،
خدا جو نور اکين سان سھي، چُمي تہ وٺان.

چوڻ جي ڳالھہ سدائين چوڻ کان رهجي وئي،
اکيون، اکين کي پڙهن ٿيون تہ پوءِ پڙهي تہ وٺان.

اسان جو پيار بہ گونگو تہ هوءَ بہ چُپ چُپ آ،
چلو، اُميد جي ٽانڊن مٿان پَچي تہ وٺان.

نہ ذڪر سونھن جو کُٽندو، نہ ٿيندو ڪَڪ ’محسن‘،
اڃا بہ دِل ٿي چوي، سونھن تي لِکي تہ وٺان.

جڏهن خانپور جو لڳل بورڊ پڙهيو
ڪي اين شاھہ جي حدن ۾ هلندي جڏهن خانپور جو بورڊ پڙهيم تہ امير بخش جوڻيجو ۽ عبدالعزيز جوڻيجو ذهن تي آيا، امير بخش جوڻيجو لاءِ مشھور آهي تہ هي وڏو سخي مرد ٿي گُذريو آهي، ٻُڌو آهي تہ سندس اوطاق تي 24 ڪلاڪ مھمان يا مسافر ايندا رهندا آهن ۽ هر وقت مھمانن ۽ مُسافرن کي ماني مِلندي رهندي آهي ۽ سندس پُٽ انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو، جنھن پنھنجي ڊيوٽي تان رٽائر ٿي سياست شروع ڪئي، جيڪو گُذريل ڀيري اليڪشن ۾ کٽي بہ آيو آهي. هِتي خانپور ۽ آسپاس جا ماڻھو هنن کي چاهين ٿا، سندن تعلقو ڪي اين شاھہ آهي ۽ سندن مقابلو لياقت جتوئي سان هوندو آهي.

خيرپور ناٿن شاھہ آثم ۽ وفا جو شھر
مونکي دُنيا وفا وفا پئي سڏي،
تنھنجي محبت جو ڪرشمو آهي.
خيرپور ناٿن شاھہ عرف ڪي اين شاھہ مان گُذرون ٿا تہ مونکي وفا ناٿن شاهي، آثم ناٿن شاهي، راز ناٿن شاهي ياد اچي ويا، اِنھن مان ملاقات صرف وفا سان هُئي، وفا شاعر وفائن جو هو. هونئن تہ مشتاق علي قريشي هو جيڪو هندوستان جي شھر امرتسر جي ننڍڙي ڳوٺ ڪڪڙان والا بنديالا ۾ 15 مئي 1934ع ۾ پيدا ٿيو، پر هن جي نصيب ۾ سنڌ وطن ئي هو ۽ سنڌ کي ئي هن پنھنجو وطن سمجهو، سنڌي ٻولي کي نہ صرف پنھنجي ٻولي سمجهيائين، پر سموري شاعري بہ سنڌي ۾ ڪيائين. سندس تخيّل کي پکين وارا پَر هوندا آهن، پڙهڻ سان واھہ واھہ بي ساختہ زبان مان نِڪرندي آهي.
جسم ڀورو لباس ڪاري ۾،
برف باري نہ ڪر سياري ۾،
چند ساهن جي ڪشمش ۾ آهي،
جي پُڇو زندگيءَ جي باري ۾.
آثم ناٿن شاهي، جو هِڪڙو ڪتاب مون بہ ڇپيو هو ’سامرين جي شھر ۾ جيڪو محترم يوسف سنڌي پنھنجي سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي ٻن سالن جي مُدي دوران سنگت مرڪز پاران ڇپرايو. هونئن تہ هِن جا ٽي ڪتاب ٻيا بہ ڇپيل آهن، جڏهن اُلا اُڀ ۾، لھرون لھرون لاٽ ۽ ڇا چيس آئيني. تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ جي ننڍڙي ڳوٺ ’کاٽـڙي‘ ۾ الله بخش سولنگي جي اڱڻ تي 2 جنوري 1937ع تي اکيون کوليندڙ غلام رسول سولنگي جڏهن آثم ناٿن شاهي سڏائڻ لڳو تہ پوءِ ڪجهہ هينئن چيائين:
پٿر ٿا هڻن مون کي شيشي مان ٺھيل ماڻھو،
دِل ۾ ٿا وڃن لھندا، وسڪيءَ ۾ ٻُڏل ماڻھو.
يا
تنھنجو چھرو گُلاب جھڙو آ،
ڪنھن مقدس ڪتاب جھڙو آ.
هُن جو مونسان ملڻ اڃا تائين،
ڪنوارپڻ جي حجاب جھڙو آ.

مور اِن ميھڙ
جيئن ئي ميھڙ پُھتاسين تہ پاڪيزه هوٽل جي پُڇا ڪئي، اُن ڪري جو ڪلاڪ پھرين سائين حبيب حضوري جي پوسٽ آئي هئي تہ ڪتاب جي مھورت جو هنڌ تبديل ڪري پاڪيزه هوٽل مقرر ڪيو ويو آهي. تنھن ڪري اسان پاڪيزه هوٽل جي پُڇا ڪئي، اسان کي اڳتي ٻُڌايو ويو، اسين گهڻو اڳتي شھر ڏانھن نِڪري وياسين، جڏهن تہ پاڪيزه هوٽل شھر کان ٻاهر ۽ شھر کان پھرين آهي.
پروگرام ۾ پھتاسين پروگرام تہ اڳ ۾ هلي رهيو هو، اسين پويان ڪُرسين تي ويٺاسين، سائين حبيب حضوري جي نظر پئي، تنھن سڪندر کوسي کي موڪليو تہ مور ساگر کي وٺي اڳيان اچي ويھار، مونکي اڳيان وٺي آيا، هِتي سائين عبد مگسي اڳ ۾ ئي ويٺل هو، تنھن اُٿي بيھي آڌر ڀاءُ ڪيو، سائين کان پُڇيم پروگرام گهڻو هليو آهي؟ چيائين ’هي پھريون مقرر آهي، جيڪو تقرير ڪري رهيو آهي.‘ چيم ’ٺيڪ آهي گهڻو دير ناهي ٿي،‘ تقرير پوري ٿيڻ کانپوءِ ڪتاب جو مھورت ڪيو ويو. اُن کانپوءِ وري بہ تـقرير ۽ پوءِ لاڳيتو چار پنج شاعرن جي شاعري ٻُڌڻي پئي. سائين عبد کان پُڇيم تہ ڪتاب جي مھورت سان گڏ امين مگسي سان شام بہ آهي ۽ مھورت سان گڏ شام ۽ ٻنھين سان گڏ مشاعرو بہ آهي، تہ سائين عبد مگسي مُسڪرائيندي چيو: ’هِتي اهو رواج آهي تہ ڪھڙو بہ پروگرام هجي، پر اُن ۾ مشاعرو بہ شامل هوندو آهي. شعر پڙهڻ لاءِ ايندڙ دوستن ۾ منھنجا دوست جيڪي شعر پڙهندا ۽ پوءِ مونسان مِلندا ويا. اويس قرني، نماڻو صديق مھيسر، ذوالفقار گاڏهي، احمد شاڪر.
پروگرام تمام سُٺو ٿي ويو، اڄ جي خاص مھمانن ۾ خليل کوسو محفل کي مست ڪري ويو، واھہ جا شعر ٻُڌايائين، واه واه ٿي وئي، مونکي بہ پھرين ڀليڪار ڪئي وئي، ٻيھر اسٽيج تي گهرائي اجرڪ اوڍائي وئي ۽ پوءِ تـقرير لاءِ پُڻ موقعو ڏِنو ويو، ڪجهہ لفظ ڳالھايم ۽ پوءِ جاءِ ورتم. حافظ نظاماڻي اڄ جي هن محفل جي صدارت ڪري رهيو هو، اُن کان پھرين سائين حبيب حضوري تقرير دوران منھنجو هڪ ڀيرو ايئن ذڪر ڪيائين تہ ’منھنجا سمورا ڪتاب ساحل پبليڪيشن جي مالڪ مور ساگر ڇپيا آهن، جيڪو منھنجي سامھون ويٺو آهي،‘ ٻيو ڀيرو ذڪر ڪندي چيائين تہ ’مور ساگر جو هاڻي نئون ڪتاب آيو آهي ”مور اِن ملائيشيا“ پر مان چوان ٿو ايندڙ ڪتاب هجي ”مور اِن ميھڙ“‘ مون موٽ ۾ چيو ’انشاءَالله.‘ حافظ نظاماڻي بہ ڪتاب تي گهٽ ڳالھايو، پنھنجي شاعري وڌيڪ ٻُڌائي، ڇو تہ ماڻھو هِتي گهڻو ڪري سندس شاعري ٻُڌڻ آيا هئا. پروگرام تقريبن شام جو پوڻين پنجين وڳي تائين هليو، اُن کانپوءِ منجهند جي ماني مِلي،
سائين حبيب حضوري کان موڪلايم. سائين عبد مگسي مونسان گڏ گڏ هو، چوَي پيو اڄ هلون ٿا ڳوٺ رات اُتي رهنداسين، تيستائين سائين عبدالجبار نظاماڻي، قاضي آزاد راڌڻ واري سان رابطو ڪري ورتو، اُن کي چيائين تہ رات تو وٽ رهنداسين، پوءِ سائين عبد مگسي کي چيوسين تہ سائين اوهان اسانکي صرف ميھڙ جو سير ڪرايو، باقي رات وڃي راڌڻ ۾ رهنداسين. سائين عبد گهڻو زور ڀريو رات رهڻ لاءِ، پر اسان اِهو ئي چيو تہ اوهان جون لک مھربانيون بس، اسان کي صرف ميھڙ گُهمائي، سائين عبد سندس ننڍڙي کي چيو تون ڀلي بائيڪ تي هل آءٌ دوستن سان گڏ ٿو اچان.

ميھڙ ۾ منھنجا دوست
گاڏيءَ ۾ وهندي مونکي ’ميھڙ ۾ منھنجا دوست‘ سڀ ياد اچي ويا، هونئن بہ جنھن شھر وڃجي تہ اُتي جي مور ماڻھن کي ضرور ياد ڪجي، ميھڙ شھر ۽ تعلقي ۾ مونسان محبتون ڪندڙ کوڙ سارا پيارا پرين رهن ٿا، جن مان سنڌي ٻوليءَ جو ٻھڳڻو شاعر سائين عبد مگسي (جيڪو هن وقت اسان سان همسفر آهي)، پروفيسر عبيدالله لاکير (سماجي سُڌارڪ)، ڊاڪٽر قاضي آزاد (ليکڪ ۽ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر)، منصور قادر جوڻيجو (بھترين ليکڪ/شاعر) هِن وقت حيدرآباد ۾ رهي ٿو، اصل هِتان جو آهي، محبوب علي محبوب ڏيپر (سگهڙ ۽ شاعر) جنھن جا هيستائين 13 ڪتاب ڇپي چُڪو آهيان، حبيب الله حضوري (ٽيچر) ليکڪ ۽ شاعر)، اظھر آدرش، (ليکڪ)، اويس قرني (شاعر)، نماڻو صديق مھيسر (شاعر)، زخمي زاهد سھارڻ (شاعر)، طفيل مگسي (بھترين ترجمه نگار)، احمد شاڪر (شاعر)، جان محمد جوڻيجو (سياسي سماجي شخصيت)، سھراب جوڻيجو، نجم الدين جوڻيجو.

ميندي ۽ مائي جي شھر ميھڙ ۾
روانا ٿياسين ميھڙ شھر ڏانھن. شھر جي پاڙي مان وي آءِ پي روڊ تان ٿيندا هڪڙي دڪان ’سپنا ميندي سينٽر‘ تي اچي بيٺاسين، سائين عبد ٻُڌايو تہ ’هي بھترين سينٽر آهي، هن تان خالص ميندي مِلندي آهي،‘ ميندي جو اڌ اڌ ڪلو وارا ڇھہ پيڪيٽ ورتا.
ڪڪول واھہ جي پُل ڪراس ڪري هيٺ لھون ٿا، هِڪڙو چونڪ اچي ٿو، جنھن جي لاءِ سائين عبد ٻُڌايو تہ ’هِن کي سئنيما چونڪ چيو ويندو هو،‘ سامھون پيٽرول پمپ ڏانھن اِشارو ڪندي چيائين تہ ’هن جاءِ تي رئيس عبدالحميد جتوئي جي سئنيما هوندي هئي، تنھن ڪري هِن چونڪ کي سئنيما چونڪ سڏيو ويندو هو، پر جيئن تہ هاڻي نہ سئنيما رهي نہ ئي هن چونڪ جو نالو، هاڻي هن کي دُعا چونڪ چيو وڃي ٿو. جڏهن کان دُعا وارا هٿ لڳايا ويا آهن. اُن پيٽرول پمپ جي ڀرسان ئي ڪارخانو آهي جيڪو بہ رئيس عبدالحميد جتوئي جو ٻُڌايو وڃي ٿو، اسان جنھن روڊ سان هلي رهيا آهيون، انھي روڊ کي ٻيٽو روڊ سڏيو وڃي ٿو. سيشن ڪورٽ بہ هن روڊ تي آهي، اڳيان ڪجهہ پنڌ شھر کي ڇڏي اڳتي هلجي ٿو تہ:

ايڊوانس بُڪنگ اِن اولياءَ
حاجن شاھہ جو قبرستان رستي ۾ اچي ٿو، هن قبرستان ۾ هِڪڙو خوبصورت مقبرو ٺھيل آهي، سائين عبد کان پُڇيم ’سائين هي ڪنھن جي مزار آهي،‘ پاڻ کِلندي چيائين ’سائين اڃا تہ ڪنھن جي بہ ناهي، هي ايڊوانس بُڪنگ آهي، جنھن همراه اِهو مقبرو پاڻ لاءِ اڳواٽ ٺھرايو آهي، اِهو اڃا زندھہ ويٺو آهي،‘ اِهو ٻُڌي منھنجي حيرانگي جي حد نہ رهي. ’ايئن بہ ٿيندو آهي.؟!!!‘
اهڙو هِڪڙو واقعو مون اڳي بہ ٻُڌو هو جڏهن اڇڙي ٿر جي سفر تي، ارباب نيڪ محمد هِڪ قبر ڏانھن هٿ کڻندي ٻُڌايو تہ:
”ها هي حضرت پير فقير مير محمد نقشبندي، عرف ’ميرل مست‘ جي مزار آهي. جنھن پنھنجي جيئري ئي قبر تيار ڪرائي هئي.“
پرو چانڊيو کي هِن جاءِ تي ماريو ويو هو
اسين اڳتي هلندا هلون ٿا، هِڪڙي قديم بستي ڏانھن اِشارو ڪندي چيائين اِهو ڀنڀور جو شھر آهي، انگريزن جي دؤر جو، اُن کان اڳيان ٻُٽ سرائي، ٻُـٽـڙن جو ڳوٺ اچي ٿو، اڳتي هلي هِڪڙو ڳوٺ اچي ٿو، سائين عبد ٻُڌائي ٿو ’هي ڳوٺ پرو چانڊيو ڌاڙيل جي دوست ڪِشو چانڊيو جو آهي. جنھن پرو ڌاڙيل کي جيل ٽوڙي ڀڄايو هو.‘ اُن وقت ڌاڙيلن جي ڄڻ حڪومت ئي پنھنجي هوندي هُئي، فوج مقابلي لاءِ ايندي هُئي، پر ڪڏهن ڪڏهن اُنھن کان بہ هٿيار ڦُري کين مارڪُٽ ڪري ڀڄايو ويندو هو. اڃا اڳتي هلجي ٿو تہ سائين عبد هڪ چونڪ ڏانھن اشارو ڪندي ٻُڌائي ٿو تہ ’پرو چانڊيو کي هِن جاءِ تي ماريو ويو هو، سو بہ سندس ڪنھن ساٿي جي غداري جي ڪري،‘ ھميشہ ايئن ٿيو آهي، جڏهن ڪو وڏو نالو قتل ٿيو آهي تہ اُن جي پويان سبب اِهو ئي ويجهن جي ويساگهاتي هوندو آهي.
”پريل عرف پرو چانڊيو جنھن کي فوجين1983ع ۾ مُخبري ڪرائي ماريو، ان جي لاءِ مشھور هو تہ غريبن جو هڏ ڏوکي هو. هو وڏيرن جو پاليل نہ هو، پر وڏيرن جو دشمن هو ۽ وڏيرن وٽان ڌاڙا هڻي غريبن ۾ ورهائيندو هُو. پرو چانڊيو ڪيترن ئي غريب ماڻھن جي نياڻين جي شادين لاءِ سمورو ڏاج جو سامان مدد طور ڏيندو هُو ۽ فوجي مارشلا ۾ هو فوجين خلاف بہ ڪاروايون ڪندو هُو .“
مون تہ رڳو پرو چانڊيو جي فلم ڏِٺي ۽ ڪتابن ۾ پڙهيو، جي اُن وقت آءٌ بہ هِن کي سُڃاڻان ها/هجان ها تہ شايد آءٌ بہ سندس جنازي ۾ شريڪ ٿيان ها ۽ سندس مٿان اجرڪ وجهان ها. جڏهن اها ڳالھہ ٻُڌم/پڙهيم تہ پرو چانڊيي جي لاش تي يارھن سئو اجرڪون پيون هيون. ماڻھن جي محبت هڪ ڌاڙيل سان نہ، پر هِڪ ڪِردار سان هئي، هُن جو ظاهري روپ تہ ضرور ڌاڙيل جو هو، پر هُن جو ڪِردار ڪئين اشرافن کان مٿانھون، هڪ مسيحا جھڙو هو ۽ هِن وقت بہ سنڌ کي اهڙي کوڙ سارن ڌاڙيلن جي ضرورت آهي، پر هِن وقت جيڪي موجودہ ڌاڙيل آهن، اُهي سڀ جا سڀ ڪنھن نہ ڪنھن جا پاليل پالتو آهن، ۽ پالتو پاڻ کي ڀلي ڏهيسر سڏائي پر اصل ۾ گدڙ جي برابر هوندو آهي. ۽ گِدڙ يا غدار ڳالھہ مڙئي هِڪڙي ئي آهي.


اوهان جي ڳوٺ جي صفا ويجهو
سائين عبد ٻُڌائي ٿو تہ ’سائين عبيد الله لاکير جو ڳوٺ بہ اِهو ڀرسان ئي آهي.‘ تيستائين سائين عبيد جي فون بہ آئي.
چيائين: ’سائين مونکي دير سان خبر پئي، اوهان ميھڙ آيل هئا، هاڻي ڪِٿي پھتا آهيو؟‘
چيم؛ ’سائين بس واھہ جو ياد ڪيو اٿوَ اوهان جي ڳوٺ جي صفا ويجهو،‘
’اڇا اڇا پوءِ ڪيڏانھن جو پروگرام آهي؟‘
چيم؛ ’سائين عبد جي وس آهيون، فلحال شاھہ پنجو سُلطان،‘
’چيائين؛ ’ها ها ڀلي وڃو، اوهان پنھنجي شيڊول سان هوندا!‘
چيم؛ ’ها بلڪل سائين پنھنجي شيڊول سان آهيون.‘
’ٺيڪ آهي ٺيڪ آهي، ڀلي وڃو.‘
سائين عبيدالله لاکير سان تمام پُراڻي نيازمندي آهي، جڏهن پاڻ پروفيسر هئا ۽ هاڻي هِن وقت پرنسپال آهن، سائين جن جڏهن ميھڙ ڪاليج ۾ ليڪچرار هئا، تڏهن هڪڙو ڪاليج مئگزين بہ ڇپرايو هو ’سالاري مئگزين‘ اُن کانپوءِ پرنٽنگ جي حوالي سان يڪو ئي مون سان لاڳاپيل رهيو آهي، هڪ بھترين انسان، بھترين دوست آهي. اڄ پھريون ڀيرو سندس ڳوٺ جي ڀر ڏئي گُذريس تہ اُن ئي وقت سائين جو بہ فون آيو.

شمس الدين شمسي جي قبر آهي
رستي ۾ هڪڙي قبرستان ڀرسان گُذر ٿيو سائي رنگ جي چبوتري هيٺ ٺھيل قبر ڏانھن سائين عبد مگسي اشارو ڪندي چوي ٿو، ’مور ساگر اِها سائين شمس الدين شمسي جي قبر آهي، جنھن جي شاعري جو ڪتاب ”گُلزارِ شمسي“ پاڻ ڇپيو هو،‘ مون چيو ها سائين شمسي صاحب اِتي مدفون آهي ۽ اُن جي ڀر ۾ ٻي قبر ڏانھن اِشارو ڪندي ٻُڌائي ٿو تہ، ’پنھنجي دؤر جو وڏو شاعر ٿي گُذريو آهي، عبدالقادر چاڪي ميمڻ.
سائين عبد مگسي پنھنجي معلومات مان اسانکي مستفيد ڪندو هليو، اصل ۾ رهنماءَ اهڙو ئي گڏ هُجي جيڪو رستي ۾ ايندڙ هر شئي جي باري ۾ ٻُڌائيندو هلي، اُن سفر جو مزو ئي الڳ هوندو آهي.

شاھہ پنجو سلطان
ميھڙ شھر کان ست ڪلوميٽر مفاصلو طئہ ڪري اچي پھتاسين شاھہ پنجو سُلطان جي احاطي ۾. گاڏي سائيڊ ڪري پارڪ ڪئيسين، اسان جيئن ئي مزار اندر وياسين تہ عورتن جي وڏي رش نظر آئي، ڪي ٻھراڙي جون ميرا ڪپرا، وِکريل وار، تہ ڪي ست ست سينگار ڪيل، ميڪ اپ سان مُنھن ٺاهيل شھري عورتون بہ نظر آيون، ڪي تہ هنڌ بسترا ڪريو سُتيون پيون آهن، سندن من جون مُرادون، رسمون رواج ڇا آهن، خُدا ٿو ڄاڻي، باقي جيئن هر هنڌ سڀ رنگ هوندا آهن، ايئن هِتي بہ ”تنھنجي دُنيا سڀ رنگ سانوَل“ لڳي پئي هُئي.
مزار جي اڱڻ تي ڄار جو وڏو پُراڻو وڻ بيٺل آهي، جنھن ۾ رنگ بہ رنگي تعويذ ٻڌل نظر آيا، ماڻھن جا عقيدا، اُميدون الله ئي ڄاڻي، پر اسان کي تہ اِهو سڀ ڪجهہ جهالت ٿي نظر اچي. علم ۽ شعور جي کوٽ، ڇو تہ جڏهن الله پاڪ بندي سان هر وقت، هر هنڌ گڏ گڏ آهي. بندي کي چوَي ٿو تہ ’آءٌ تنھنجي شھہ رڳ کان بہ توکي ويجهو آهيان‘، پوءِ هي مزارن تي راتيون جاڳڻ، سُمھڻ، باسون باسڻ، گُهرڻ، پنڻ هي سڀ جهالت ۽ لاعلمي جي نشاني ئي تہ آهي. اِها بہ خبر نٿي پئجي سگهجي تہ، هِنن کي هِتان ڪجهہ مِلڻ جي لالچ آهي يا صرف عقيدت/اُنسيت.
انسائيڪلوپيِڊيا سنڌيانا مونکي هيئن ٿو ٻُڌائي: ”شاھہ پنجو سلطان ڏهوٽ قبيلي مان هو، ميان نصير محمد ڪلھوڙي جي ’ميان وال تحريڪ‘ جو اهم رُڪن هو. هن گاجي شاھہ سان گڏ مغلن خلاف تحريڪ ۾ سرگرم رُڪن ۽ اڳواڻ جي حيثيت ۾ حصو ورتو.
ميان نصير محمد ڪلھوڙي جڏهن مغلن کان آزادي حاصل ڪري ڳاڙهيءَ کي پنھنجي عبوري انقلابي حڪومت جو مرڪز بنايو تہ شاھہ پنجي کي سلطان جو لقب ڏئي کيس خيرپور ناٿن شاه ۽ ميھڙ جي ميداني علائقن ۽ ڪاڇي ۾ پنھنجو نائب مقرر ڪيائين. سندس عاليشان مقبرو راڌڻ اسٽيشن کان اوڀر ۾ سندس نالي پويان سڏجندڙ ڳوٺ ۾، شاھہ پنجي ريلوي اسٽيشن کان 3، 4 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي موجود آهي. مقبري جي مرمت ٿيندي رهي ٿي، ان ڪري اصل صورت ۾ مقبرو موجود نہ آهي، پر پوءِ بہ مقبري ۾ ڪلهوڙا دؤر جي اڏاوتن جون ڪافي وصفون آهن. روضو ۽ ان جي پويان جاڙي تجر سُٺي حالت ۾ موجود آهن. روضو چورس آهي، جنھن ۾ وڏو لنگهہ ڏنل آهي. مقبرو احاطي اندر آهي. اصل لنگهہ مقبري جي ڏکڻ ۾ آهي. جنھن ۾ هاڻي ڪافي اڏاوتي اضافا ڪيا ويا آهن. اندر ٻيون بہ قبرون آهن، پر ڇٽي سان قبر شاھہ پنجي سلطان جي آهي. مقري کي ٻاهران پانيلن ذريعي خوبصورت بنايو ويو آهي. مھاڙي ۾ ڦاٽڪ جھڙي دروازي جي مٿان تاج ڏنل آهي. اندران ڪُنڊ جوڙون ڏيئي مٿي ڇت کي اٺڪنڊو ڪري، ڳچ (Drum) سورنھن ڪنڊون ٺاهي، ان جي مٿان گنبذ رکيو ويو آهي. 1876ع هڪ انگريز ڪليڪٽر جي رپورٽ موجب هي روضو 1730ع ۾ ٺاهيو ويو هو، جنھن جي ڏکڻ ُاڀرندي ڪُنڊ تي لنگر خانو جوڙيل هو، جيڪو هن وقت ڊهي چُڪو آهي. هي ڪلھوڙا دؤر جو اڏاوتي نمونو آهي. هر مھيني جي پھرئين آچر تي هتي ميلو لڳندو آهي.“

آياسين عبد جي ڳوٺ سوڀو خان مگسي ۾
شاھہ پنجو مان جوکيا هَٽ تان مائو ورتو، رستي ۾ کائڻ لاءِ. ڳوٺ سوڀو خان مگسي وارو روڊ ورتوسين، سائين عبد جي ڳوٺ جو روڊ، سوڀو خان مگسي پھتاسين، بازار ۾ هڪ هنڌ بريڪ ڪيوسين، جِتي نوجوان شاعر زخمي زاهد سھارڻ ويٺو هو، جنھن کي بہ سائين عبد ورتو، چيائين ’هليا تہ مھمانن کي سعدي موساڻي تان گُهمائي اچون‘، هاڻي اسان سان گڏ زخمي زاهد بہ هليو. ڳوٺ سوڀو خان مگسي بہ ٻھراڙي جي شھرن جيان ننڍڙو شھر ئي آهي، پر علم ادب جي آبياري جي حوالي سان بہ هن ڳوٺ جو نالو نروار آهي. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي شاخ ’سنڌي ادبي سنگت ڳوٺ سوڀو خان مگسي‘ جي نالي سان رجسٽرڊ آهي. سائين عبد اُن جو سرگرم ڪارڪن ۽ سيڪريٽري رهيو آهي. سائين عبدالستار ’عبد‘ تمام سُٺو شاعر آهي. سندس شاعري جو هڪڙو مجموعو بہ ’سحرا ۾ سِج‘ ڇپجي چُڪو آهي. اُن کان علاوه س.ا. س جو ضلعي رابطه سيڪريٽري رهڻ دوران سندس ڪارڪردگي تي هِڪڙي رپورٽ ’وِک وڌي ٿي‘ ۽ اُن کانپوءِ سندس يادگيرين تي سھڙيل ’پيرين آءٌ نہ پڄڻي‘ ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن.

سعدي موساڻي ۽ رات وچ ۾ آپريشن
گهڻو وقت اڳي اسان وٽ نورل نماڻو ايندو هو، پيشي جي لحاظ کان پوليس وارو هو، هونئن شاعر بہ هو، جڏهن ڪيسٽن جو دؤر هوندو هو، ڪيسٽن جا ڪور ڇپرائڻ ايندو هو، اُهو مخدوم سعدي موساڻي جو ايئن ذڪر ڪندو هو، ڄڻ هن جي سڀني دردن جو درمان مخدوم سعدي موساڻي ئي آهي، اُهو ماڻھن جا مختلف آپريشن رات وچ ۾ ٿيڻ جو بہ ٻُڌائيندو هو. سو جڏهن اتفاق سان اڄ اُن جي ويجهو پھتاسين تہ سائين عبد کي عرض ڪيم جي پنڌ گهڻو پري ناهي تہ ڀلا اسان کي وٺي هلو، اسين بہ حقيقتن کان آشنا ٿيون.
ڪجهہ فاصلو روڊ تان گاڏي ڊوڙندي نيٺ هِڪڙي شھر ۾ پُھتاسين سائين عبد ٻُڌايو تہ هي آهي مخدوم سعدي موساڻي جو شھر، جڏهن ٻوڏ آئي هُئي تہ هي سڄو شھر جو شھر دربدر ٿيو هو، هِتي ڪا بہ شئي موجود نہ هُئي، هي شھر ۽ هِتي جتي اسين گُهمي رهيا آهيون، اِن علائقي کي ڪچي جو علائقو سڏيو وڃي ٿو.
درگاھہ کان ڪجهہ فاصلي تي گاڏي پارڪ ڪئي. هيءَ درگاھہ بہ ميھڙ شھر کان تقريبن 20 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ٻُڌائي وڃي ٿي. اڳيان بازار تمام سوڙهي هُئي، سائين عبد کي چيم ’سائين ميلي جي ڏينھن يا ٻين ڏيھاڙن تي هتان تہ ماڻھن جو گُذرڻ ڏاڍو مشڪل ٿيندو هوندو،‘ چيائين، ’سائين ڪھڙي ٿا ڳالھہ ڪريو، بس ماڻھن جي گس گسان هوندي آهي‘. سوڙهي بازار نانگ ور تي اُڪري اچي مزار جي گيٽ تي پھتاسين هِتي واڪ ٿرو گيٽ بہ آهي تہ چيڪ بہ ڪن ٿا. پوليس وارا بہ موجود آهن تہ ڪمانڊو بہ موجود آهي، ڪمانڊو جو نالو حليم الزمان لاکير آهي، جيڪو سائين عبد جو شاگرد آهي، پيرن تي هٿ رکي سائين عبد سان مِليو، اسان کي احترام عزت سان اندر درگاھہ ۾ وٺي هليو، اُتي موجود ٿلھو متارو قدآور شخص ڳچي ۾ ڳانا پايو مٿي تي سنڌي ٽوپي رکيو بيٺو هو، جنھن کي ڪمانڊو حليم الزمان چيو، ’هي منھنجا مھمان آهن،‘ هن همراه فورن مزار تي پيل قلن واريون چادرون هڪ هڪ ڪندو هر ڪنھن جي ڪُلھن تي اوڍائيندو آيو، آخر ۾ هٿ ٻَڌندي چيائين سائين اسان هِتي اِها ئي خدمت ڪري ٿا سگهون. کائنس سندس نالو پُڇيوسين نصرالله ڀٽي ٻُڌايائين ۽ اوقاف کاتي جو ملازم آهي. مزار تي قُل پڙهياسين، هڪ پاسي کان عورتن جي لاءِ الڳ پارٽيشن/رستو آهي، مردن لاءِ الڳ. اوقاف کاتي جي ملازم نصرالله ڀٽي سان گڏ گروپ فوٽو ڪڍي کائنس موڪلايوسين، چادرون واپس ڏِنيوسين تہ نہ ورتائين، چيائين سائين واپس ناهيون وٺندا، اها سائين پاران سوکڙي آهي. اسان بہ کڻي ڪُلھن ۾ پاتيون. ٻاهر گيٽ تي بيٺل سائين عبد جي شاگرد حليم الزمان لاکير، چانھہ پيئڻ لاءِ گهڻو زور ڀريو، پر چيوسين سائين اسان جي منزل اڃا اڳتي آهي، اسان کي دير ٿي ٿئي. کائنس گروپ فوٽو سان گڏ موڪلايوسين.
ٻاهر نِڪرندي سائين عبد مگسي کان پُڇيم سائين اِهو ڀلا آپريشن وارو ماڻھن جو ڪانسيپٽ/خيال ڪيئن دُرست آهي؟ ها بلڪل سائين اسان پاڻ پنھنجي اکين سان اِهڙا معجزا ٿيندي ڏِٺا آهن. ڪجهہ وقت کانپوءِ ميڊيا، سوشل ميڊيا تي هِڪڙي خبر گردش ڪيو تہ: مخدوم سعدي موساڻي جي گادي نشين گُلاب پيرزادي جو آپريشن ڪامياب ٿيو، پاڪستان جي ڪنھن مھانگي اسپتال ۾ اِهو آپريشن ٿيو، پوءِ تہ اِن گادي نشين جي آپريشن تي سوشل ميڊيا ۾ وڏا بحث ٿيا تہ گادي نشين جو مخدوم سائين آپريشن نہ ڪيو، باقي غريبن، اٻوجهن جا آپريشن ڪري ٿو. پھرين تہ سائين کي پنھنجي گادي نشين جو آپريش ڪرڻ گُهرجي ها. اِن قسم جا بحث ٿيڻ لڳا.

رزق ۾ رازق جڏهن برڪـتون ڀريندو آهي
سائين عبد کي چيوسين ’سائين نماز جو وقت ٿي ويو آهي، ڪنھن مسجد جو ڏس ڏيو،‘ چيائين ’ٻاهر ٿا هلون پيٽرول پمپ تي مسجد ٺھيل آهي، اُتي نماز بہ پڙهو ۽ ٿڌو يا چانھہ وغيره بہ هلي اُتي ٿا پيئون،‘ شھر مان ٿيندا آياسين المصطفيٰ پيٽرول پمپ تي جيڪو هاڻي ئي ٺھيو آهي، زخمي زاهد ٻُڌايو تہ ’هي همراه غلام مصطفيٰ سيال تمام غريب ماڻھو هو، اوچتو رب راضي ٿيو اٿس، هاڻي هي پيٽرول پمپ، مسجد سامھون وڏي هوٽل، بنگلو ۽ شھر ۾ الائي ڪيترا پلاٽ اٿس، چيم گهرو وزير انور سيال تہ ڌڪ نہ وٺرايو اٿس، چيائين ’نہ نہ سيال ضرور آهي، پر اهو هِن کي سڃاڻندو بہ ناهي، بس جنھن جي رزق ۾ رازق جڏهن برڪتون ڀريندو آهي تہ ايئن ئي ٿيندو آهي.
اکيون لڳيون پيون هونديون هيون
اسان مغرب ۽ عشاءَ جي سفر نماز گڏ پڙهي، هاڻي ميھڙ جي گرمي محسوس پئي ٿئي، پمپ جي پاسي ۾ المصطفيٰ هوٽل آهي، جنھن تي وڏي اسڪرين واري ايل سي ڊي لڳل آهي، جنھن تي ڪي ٽي اين چئنل تي ڪو ميوزيڪل شو هلي رهيو آهي ۽ سامھون ويٺل عوام ايئن پيو ڏِسي جيئن ڪنھن وقت ۾ اسين بہ بليڪ اينڊ وائٽ ٽي وي جڏهن بيٽري تي هلي هُئي تہ ادا امين سڀ کان پھرين ڳوٺ ۾ ٽي وي وٺي آيو هو. جيڪا هوٽل تي هلندي هُئي، سڀئي پروگرام، ڊراما وغيره باقائدي ترتيب وار ۽ مڪمل ڏِسندا هئاسين. رات جا 12 هڪ ٿي ويندا هئا، بليڪ اينڊ وائٽ ٽي وي ۾ اکيون لڳيون پيون هونديون هيون. بلڪل ايئن هن دؤر ۾ بہ هِتي مونکي ماڻھو ايل سي ڊي ۾ اکيون اٽڪائي ويٺل نظر آيا. اسان 7 up جا ٽِن پيتا، ڪجهہ دير ڪچھري ڪئي.

سائين هاڻي اسانکي اجازت ڏيو
۽ پوءِ چيوسين سائين هاڻي اسانکي اجازت گهرجي، سائين عبد گهڻو ئي چيو تہ رات مون وٽ رهو، چيوسين سائين ايئن نہ ٿيندو جو رات راڌڻ ۾ رهنداسين، سائين آزاد قاضي کي شام جو ئي فون ڪري ڇڏي هُئسين. تنھن ڪري اوهان وٽ وري ڪڏهن قسمت ٿي تہ رات رهبي، سائين عبد چيو ٺيڪ آهي ڀلا آءٌ اوهان کي ٻاهر راڌڻ جي روڊ تائين وٺي ٿو هلان، چيوسين ها اِهو ٺيڪ آهي، رات جو وقت آهي، پُڇندا پُڇندا وينداسين، بھتر آهي، سائين عبد سندس ڇوڪري کي فون ڪئي تہ موٽر سائيڪل کڻي چونڪ تي اچي، جيئن اسان کي روانو ڪري، پوءِ پاڻ موٽر سائيڪل تي واپسي ڪري. اسانکي وٺي اچي راڌڻ روڊ تي ڇڏيائين، کانئن ڀاڪر پائي موڪلايوسين ۽ مون پنھنجي ڪتاب، ”مور اِن ملائيشيا“ جي ڪاپي بہ کيس گفٽ ڪئي ۽ سائين عبدالجبار نظاماڻي بہ پاڻ سان آندل ڪتاب جي ڪاپي کيس تحفي طور ڏِني. ھميشہ گڏ الله حافظ.
رهڻ ڏي مون وٽ هي مون لئه، اهم هِن،
خوشبوء، حُسن ۽ ڪِتابن جا تحفا.

رات رهياسين راڌڻ ۾
آزاد قاضي سان رابطو ڪيو، چيائين تہ جيئن ئي راڌڻ ۾ داخل ٿيندا تہ پھريون پيٽرول پمپ ڇڏي، ٻي پيٽرول پمپ تي اچي بيھو تہ مان اچان ٿو. تقريبن ڏھہ کان پندرنھن منٽ لڳا هوندا، راڌڻ پھتاسين، آزاد قاضي کي فون ڪئي تہ اسين پي ايس او پيٽرول پمپ تي بيٺا آهيون، ٿوري دير ۾ آزاد قاضي آيو ملياسين، پاڻ اڳيان اڳيان اسين پُٺيان پُٺيان، مختلف گلين مان ٿيندا، آياسين وڏي دروازي مان اندر داخل ٿياسين، هِڪڙي وڏي اوطاق وشال اڱڻ واري ۽ اڳيان وڏا وڻ بيٺل، اسان گاڏي وڻن هيٺان پارڪ ڪئي.
اوطاق جي اڱڻ تي ٽي کٽون رکيون هيون، هنڌ بہ وِڇايل هئا، گاڏي کي پاسي کان پارڪ ڪيوسين، اوطاق ۾ آياسين، هِتي اوطاق ۾ هِڪڙو چاچو ڄڻ آجيان لاءِ موجود هو، اُن اسانکي پاڻي وغيره پياريو، آزاد قاضي حال احوال ورتا، سفر ڪيئن رهيو وغيره وغيره، پوءِ چيائين تہ ’اوهان لاءِ چانھہ ٿو ٺھرائي اچان،‘ آزاد ويو گهر ڏانھن چانھہ ٺھرائڻ لاءِ، اسان چاچي کان احوال ورتا، پاڻ ٻُڌايائين تہ منھنجو نالو قابل آهي ذات جو راڄپر آهيان، کٽون واڻيندو آهيان، ٻاهر اڱڻ ۾ پيل اڌ واڻيل کٽ ڏانھن اشارو ڪندي چيائين، اِها اڌ واڻي اٿم، سڀاڻي تائين مڪمل ڪرڻي اٿم.
هِڪڙو ٻيو دوست آيو، جنھن جي مُنھن مبارڪ تي هلڪي سونھاري هُئي، اچي ڀاڪر پائي مِليو، مِلڻ کانپوءِ پنھنجو تعارف ڪرايائين، مولوي نور احمد کوکر ۽ پوءِ اسان بہ پنھنجو پنھنجو تعارف ڪرايو. مولوي صاحب سامھون پيل ڪُرسي تي ويٺو، خوب ڪچھري ڪئيسين. مولوي نور احمد جو هِتي راڌڻ اسٽيشن روڊ تي پيسٽي سائيڊ جو وڏو دُڪان آهي، پاڻ حڪيم بہ آهي حڪمت جو ڪم بہ ڪندو آهي، کائنس هن پاڙي جو نالو پڇيوسين ٻُڌايائين تہ هي عيد گاھہ محلو سڏبو آهي. ايتري ۾ قاضي آزاد بہ چانھہ کڻي آيو، گڏجي سڀني چانھہ پيتي.
هِتي خبر پئي تہ اڪثريت جوڻيجن جي آهي ۽ هي آزاد قاضي وارا بہ جوڻيجا ئي آهن، قاضي ذات ناهي قاضي تہ لقب آهي، هنن جو اصل ڳوٺ راڌڻ کان ڪجهہ فاصلي تي آهي، جيڪو قاضين جو دڙو سڏجي ٿو.
مولوي خير محمد جڏهن هِن محلي جو نالو ’عيد گاھہ محلو‘ ٻُڌايو تہ مونکي اوچتو ياد آيو، مائٽ جان محمد جوڻيجو، پرنٽنگ جو ڪم مون کان ڪرائيندو آهي، ڪنھن بہ دعوت نامي ۾ ايڊريس عيد گاھہ محلو لِکرائيندو آهي. قاضي آزاد کان پُڇيم ’مائٽ جان محمد جوڻيجو بہ هِن ئي محلي ۾ رهندو آهي؟‘، ها اُهي بہ هِن ئي محلي ۾ رهندا آهن، پر هاڻي سڀئي ڀائر قاسم آباد حيدرآباد ۾ رهن ٿا، ڪڏهن ڪڏهن ايندا آهن. مائٽ جان محمد جوڻيجو جڏهن ايس ٽي پي ۾ هوندو هو، تڏهن کان واسطو آهي، هاڻي هن وقت تہ پ پ پ ۾ آهي.
مولوي يا حڪيم نور احمد کان پُڇيم تہ راڌڻ نالو ڪيئن پيو، چيائين تہ: ’ڪجهہ ماڻھو چوَن ٿا سيتا ۽ راڌا ڀيڻون هُيون، راڌا هِتي رهي هئي، جنھن جي پويان راڌڻ سڏجڻ لڳو ۽ سيتا جيڪو هن وقت سيتا وليج، يا سيتا روڊ سڏجي ٿو اُتي رهي، اُن جي پويان اُهو نالو پيو ۽ ٻيو وري هِتي جا هندو چون ٿا تہ اسان جا وڏا جيڪي راڌا سڏبا هُئا اُنھن جي اچڻ، رهڻ کانپوءِ هن شھر جو نالو راڌڻ پيو، وڌيڪ خبر ان تي تحقيق ڪندڙن کي ئي هوندي.
آزاد قاضي چيو سنگت هاڻي صلاح ڏيو، ماني کائبي يا اڃا دير سان؟، سائين ڊاڪٽرعبدالجبار چيو جلدي کڻي اچ اسان کي سفر جي ٿڪاوٽ آهي، ڪجهہ ننڊ ڪريون، سڀاڻي جو سفر اڃا اڳتي آهي. آزاد قاضي ويو، ٿوري دير بعد ماني کڻي آيو. گڏجي ماني کاڌيسين، ڪجهہ دير ڪچھري ڪري سُمھي پياسين، پر هِتي جيڪي مڇر هئا، اُنھن اسان جي اهڙي تہ مھمان نوازي ڪئي جو ياد رهندي. مونکي تہ ڊپ هو تہ ڪِٿي سڀاڻي بُخار نہ ٿي پئي جو سفر ئي خراب ٿيئي.
صبح فجر جي اذان تي سُجاڳ ٿياسين، نماز پڙهيسين، پوءِ تـڙ ڪري تيار ٿياسين، آزاد قاضي کي ڊاڪٽر عبدالجبار فون ڪئي تہ ناشتي ۾ صرف چانھہ بسڪيٽ کڻي اچجان وڌيڪ ڪا تڪليف نہ ڪجان جو وقت بچائـڻو آهي، (ميزبان کي اِهو چئبو ناهي، پر سائين سان وڌيڪ حُجاتي آهي، تنھن ڪري حُج مان چيائينس) ۽ ٻيو تہ اوهان بہ تيار ٿي اچو ڇو جو موهن جي دڙي تائين گڏجي هلڻو آهي.‘ چيائين ’ٺيڪ آهي.‘
ڪجهہ دير بعد قاضي آزاد چانھہ جي ٿرماس سان گڏ پليٽ ۾ بسڪيٽ بہ کڻي آيو، چانھہ ۽ بسڪيٽن سان ناشتو ڪيوسين، آزاد قاضي چيو هاڻي اوهان گاڏي ڪڍو تہ آءٌ بہ پنھنجي گاڏي ٻاهر ڪڍان، چيوسين اسان سان گڏ هلو، چيائين نہ آءٌ اوهان سان موهن جي دڙي تائين هلندس وري واپس ايندس مونکي ڪجهہ ضروري ڪم ڪار ڪرڻا آهن.
آزاد قاضي جي اوطاق کي الوداع ڪرڻ کان پھرين هِڪڙو گروپ فوٽو ڪڍيوسين، پوءِ چاچي قابل خان کي بہ سڏي، آزاد قاضي ۽ اسانجو گڏيل گروپ فوٽو ڪڍيو، چاچي قابل کان موڪلايوسين، اڳيان آزاد قاضي سندس گاڏي ڪڍي پويان اسين هلڻ لڳاسين، سائين ڊاڪٽر عبدالجبار نظاماڻي آزاد قاضي سان گڏ ويٺو ۽ آءٌ ۽ ادا منظور پنھنجي گاڏي ۾.

راڌڻ اسٽيشن تان صبح جو سلام
اسٽيشن روڊ تان ٿيندا آياسين راڌڻ اسٽيشن تي، هي اسٽيشن ڪا خاص ناهي، جيئن ٻين شھرن ۾ اسٽيشنون هونديون آهن، ايئن ئي راڌڻ اسٽيشن جي بہ ساڳي حالت آهي، سڀني کي سڏي چيم اچو پھرين هڪڙو گروپ فوٽو ڪڍون ۽ سنگت کي سلام چئون، پوءِ ٿا اسٽيشن کي وڌيڪ گُهمون، هِڪڙو گروپ فوٽو ڪڍيوسين، مون اُهو فيس بڪ تي اپ لوڊ ڪري مٿان لکيم ’راڌڻ اسٽيشن تان صبح جو سلام‘.
قاضي آزاد ٻُڌايو تہ، ’مور ساگر هاڻي جڏهن تون ريلوي جي هُن پاسي هلندي تہ پوءِ تون ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪري ۾ پھچي ويندين ۽ اسٽيشن جي هِن پاسي دادو ضلعي جي تعلقي ميھڙ جي شھر راڌڻ ۾ بيٺا آهيون. چيم ’واھہ سائين معنيٰ تہ پاڻ هِن وقت دادو ۽لاڙڪاڻي جي سرحد تي بيٺا آهيون! چائين ’ها بِلڪل‘.
اسان اسٽيشن کي مُڪمل گُهمي ڏِٺو، ڪجهہ گهڙيون مسافر بئنچ تي ويھي اُڀرندڙ سج کي ڏِٺوسين ۽ پوءِ ميھڙ جي شھر راڌڻ کي الوداع ڪيو ۽ لاڙڪاڻي جي حدن ۾ هلڻ لڳاسين.
ميھڙ کان موڪلائي، هل مور هاڻي،
هَلي لاڙڪاڻي، موهن* سان مِلون.


* موهن: موهن جو دڙو

جيڪي سفر ۾ همسفر هئا

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دِلچسپي رکندڙ، تاريخ لِکندڙ، ماتلي جي تاريخ لِکي اٿس، اُن کان علاوه حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منھنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هِن جا سھيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪِتاب لِکيو اٿس، جنھن ۾ پوري نظاماڻي قبيلي جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوه کوڙ ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب لِکيا، سھيڙيا ۽ مُرتب ڪيا اٿس. ”محمد صديق مسافر جي علمي، ادبي، تعليمي، صحافتي ۽ سماجي خدمتن جو تحقيقي مطالعو“ جي عنوان سان محمد صديق مسافر تي پي ايڇ ڊي ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس.

عبد مگسي: عبدالستار ’عبد‘ مگسي ضلع دادو، تعلقي ميھڙ جي ڳوٺ سوڀو خان مگسي ۾ پھرين جنوري 1951ع ۾ جنم ورتو. تعليم ايم.اي. پوليٽيڪل سائنس، ايم. اي اسلامڪ ڪلچر، سي ٽي، بي ايڊ ۽ ايم ايڊ اٿس. پيشي جي لحاظ کان تعليم کاتي ۾ گورنمنٽ هايرسيڪينڊري شاھہ پنجو سلطان ۾ هيڊ ماستر رهيو. سنڌي ادبي سنگت سوڀو خان مگسي جو بُنياد وجهندڙ، ڪيئي ڀيرا سيڪريٽري ۽ سنگت دادو ضلعي جي سڀني شاخن جو اڪثريت سان چونڊيل پنج ڀيرا رابطا سيڪريٽري رهيو آهي. عبد مگسي جا ٽي ڪتاب شايع ٿي چُڪا آهن، ڪيترائي ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ماڻي چُڪو آهي، علم و ادب سان گڏ ڳوٺ سُڌار سنگت ۽ مختلف سماجي تنظيمن جو عھديدار رهيو آهي. هِن وقت پنھنجي چوٿين ڪِتاب ڇپجڻ جي انتظار ۾ آهي.

زخمي زاهد سھارڻ: ڳوٺ سھارڻپور ۾ ڄام خان سھارڻ جي گهر ۾ پھرين جون 1972ع ۾ جنم وٺندڙ زخمي زاهد سھارڻ بي اي پاس آهي ۽ ذاتي ڪاروبار ڪري ٿو، زخمي زاهد جي شاعري جو مجموعو ”مُرڪ جو منظر“ ساحل پبليڪيشن طرفان ڇپيو ويو آهي. ٻئي ڪتاب جي تياري ۾ آهي. س.ا.س سوڀو خان مگسي جو ڪائونسلر ۽ سيڪريٽري رهي چُڪو آهي. هِن ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا آهن. سائين عبد مگسي هِن کي شاگرد/دوست جي طرح رهبري ڪري ٿو.

منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شھر سان تعلق رکندڙ، منھنجو ڀاءُ آھي، سُٺي دل رکندڙ آھي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آھي، پنھنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آھي. گُهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ ھميشہ چوندو آهي، گُهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منھنجي حاضر آهي.
مور ساگر: ’ڪي جاڻا مين ڪوڻ بُليا‘

( 07 اپريل 2019ع - ضلع ڄامشورو ۽ دادو )

من منھنجو موهن آ

روانگي
مَن منھنجو موهن آ، مھراڻ جھڙي تون آن،
ڇا سونھن سندءِ پياريِ چانڊاڻ جھڙي تون آن.
صبح جي پھرين ڪِرڻن سان گڏ پھتاسين راڌڻ ريلوي اسٽيشن تي. ڪجهہ گهڙيون اُتي گُذاري، ريلوي اسٽيشن جو نظارو ڪري پوءِ اسٽيشن کان بس ٿوري هيٺ لھي اڳتي هلياسين، منھن ڪيوسين موئن جي دڙي ڏانھن تہ سائين آزاد قاضي ٻُڌايو ’مور ساگر هاڻي پاڻ ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪري ۾ هلي رهيا آهيون،‘ ڪجهہ پنڌ اڳتي هلياسين تہ ڊاڪٽر آزاد قاضي چيو ’ادا منظور گاڏي کي ٿورو سائيڊ ڪريو‘، گاڏي بيٺي مونکي چيائين ’مور ساگر اِهو شيشو ٿورو هيٺ ڪريو،‘ آءٌ پوئين سيٽ تي ويٺل هئس، آزاد آڱر جي اشاري سان ٻُڌايو او اهو پريان ڳوٺ ڏِسو پيا اِهو نامياري اديب سوڀي گيانچنداڻي جو ڳوٺ ٻِنڊي اٿوَ.

سوڀي سان مختصر ملاقات جي ياد
’هاڻي سوڀو تہ نہ رهيو آهي، سندس ننھن آهي ‘ڪلپنا ديوي‘ جيڪا سُٺي قانوندان آهي.‘ آزاد قاضيءَ چيو. منھنجي من مونکي ماضي جي ميلي سان ملايو.”ڪراچي يونيورسٽي ۾ ويٺو آهيان، سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز طرفان ٻہ روزه سنڌي ادبي سنگت جي گولڊن جوبلي تقريب/ ڪانفرنس، ڪراچي يونيورسٽي جي هال ۾ ٿي رهي آهي، پھرين ڏينھن تي، خاص مھمان جي ڪُرسي تي محترم سوڀو گيانچنداڻي جن آهن، سڀني سوڀي سان يادگار فوٽو پي ڪڍرايا تہ مونکي ۽ اصغر گُگو کي بہ شوق ٿيو تہ سائين سوڀي سان يادگار تصوير ڪڍرايون، سُڀاڻي هُجون نہ هجون، سو اسان بہ سوڀي سان اسٽيج تي يادگار فوٽو ڪڍرايو ۽ محترم يوسف سنڌي اسان جو تعارف سوڀي سان ڪرايو. اسان ساڻس هٿ ملائيندي حال احوال ڪيا، طبيعت جو پُڇيو ۽ پوءِ گروپ فوٽو ڪڍرايو،“ هِن ڪانفرنس جي صدارتي پينل ۾ ٻيا جيڪي مھمانِ هئا اُنھن ۾ شمشيرالحيدري، تاجل بيوس، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شوڪت حسين شورو، پيرزاده قاسم.مظھرالحق صديقي، افتخار عارف.
’مور ساگر سامھون اٿئي موئن جو دڙو،‘ آزاد قاضي جي اوچتي ڳالھائڻ سان آءٌ بہ موٽي آيس ماضي منجهان. ’جي سائين واھہ واھہ جلدي پھچي وياسين.‘

هر حساب پاڻ رکو
انساني تاريخ جي پنج هزار سال پُراڻي ثقافتي ۽ تھذيبي آثار موهن جي دڙي جي مين گيٽ تي پھچي پھرين چار ٽڪيٽون ورتيوسين 20 في ماڻھو ۽ 30 روپيا في گاڏي، اسين چار ماڻھو ۽ ٻہ ڪارون تنھن ڪري ٽوٽل 140 روپيا ٿيا. اسان حساب ڪرڻ بِنا پُڇيو گهڻو ٿيو، همراه سوچي ٻُڌايو، 200 سئو ڏئي ڇڏيو، سندس چوَڻ جو انداز ايئن هو ڄڻ اسان تي ٿورو پيو ڪري پئسا وڌيڪ ٿا ٿين، 200 ڏِناسين، پرچيون مِليون، حساب ڪيو تہ 60 روپيا وڌيڪ پيو وٺي، کيس چيوسين ’اسانجا ڪُل 140 روپيا ٿين ٿا ۽ تون 200 روپيا پيو وٺين، پوءِ همراه مُنھن ڦِٽائيندي 60 روپيا واپس ڪيا، هر حساب پاڻ رکو تہ ٺيڪ نہ تہ سمجهو اوهان کي اُبتي ڇُري لڳندي، هي ڪھڙو دؤر آهي، ماڻھن مان خوفِ خدا ختم ٿي چُڪو آهي.

موهن جي دڙي جو ديدار
جيئن ئي اندر داخل ٿيون ٿا، تہ صفائي واريون ويڪريون واٽون/رستا پاسن کان ساون وڻن جون قطارو، ڪِٿي ڪِٿي گُلن وارا ٻوٽا، اِهي سڀئي ساز و سامان ماحول کي وڌيڪ خوبصورتي بخشي رهيا آهن. (5 جنوري 2008ع ۾ جڏهن نئون ديرو هائوس تي آصف زرداري سان محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت تي تعزيت ڪرڻ لاءِ آيا هئاسين، تڏهن واپسي ۾ هِنن واٽن تان پير پائي ويو هئس،) پر گهڻو وقت گُذرڻ سان شيون بہ ترقي ڪري پنھنجا رُخ يا بيھڪون بدلائي ڇڏينديون آهن. تنھن ڪري سڀ ڪجهہ نئون پيو لڳي.
جيئن شاھہ عبداللطيف جي رسالي لاءِ اسان ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ کي جس ڏيندا آهيون، جنھن شاھہ لطيف جو رسالو پھرين ڀيرو جرمني مان پرنٽ ڪرائي پڌرو ڪيو، تيئن ئي، اسين جڏهن موهن جو دڙو گُهمڻ لاءِ اچون ٿا تہ سر جان مارشل جا ٿورا مڃڻا پوندا، جنھن 1922ع ۾ سرد موسم جي ڏينھن ۾ کوٽائي شروع ڪرائي، جيڪو اُن وقت انڊيا جي قديم آثارن واري کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل هو. هِن مسلسل پنج سالن تائين کوٽائي جاري رکرائي، جنھن جو هِن سمورو احوال پنھنجي ٽن ضخيم جُلدن ۾ ڇپرايو. موهن جي دڙي جي کوٽائي جو سلسلو وري ٻيھر ارنيسٽ مئڪي جي نگهباني ۾ ٿيو. جيڪو بہ چار سال جاري رهيو ۽ 1931ع ۾ ختم ڪري هِن بہ پنھنجي تحقيقات تي جُدا ڪتاب شايع ڪرايو. ۽ پوءِ ڊگهي ساهي کانپوءِ 1950ع ۾ ڊاڪٽر سر آر ايم وهيلر ٽيھر کوٽائي شروع ڪرائي. اُن کانپوءِ يونيورسٽي آف پينسلونيا جي پروفيسر جارج ايف ڊيلز جيڪو آمريڪي آرڪيالاجيڪل مشن جو اڳواڻ هو، تنھن 1965ع ۾ ٽيھر ڇڏيل ڪم کي اڳتي وڌائيندي کوٽائي شروع ڪئي ۽ ايئن ايترين کوٽاين کانپوءِ وجود ماڻيندڙ هي موهن جو دڙو جيڪو هِن وقت منھنجي اکين جي اڳيان آهي ۽ موهن جي پَٽن تي پنھنجا پير ڌري ڌيري ڌيري هلي رهيو آهيان. موهن جي هرسو مھڪار من موهي رهي آهي ۽ مونکي منھنجي ئي گيت ’مومل‘ جون هي سِٽون ياد اچي رهيو آهن.
مَن منھنجو موهن آ، مھراڻ جھڙي تون آن،
ڇا سونھن سندءِ پياريِ چانڊاڻ جھڙي تون آن.

ڪنگ پريسٽ جي پاسي ۾
سڀ کان پھرين ڪنگ پريسٽ سان ملاقات ٿئي ٿي، جنھن کي مورتيءَ جي شڪل ۾ نصب ڪيو ويو آهي، جنھن جي ڪُلھي تہ ٽِن پتن واري ڦُلڙي نما اجرڪ پيل آهي، (جيڪا هن وقت اسانجو يار نور ميمڻ هالائي جي تخليق ڪيل ’بادشاھہ اجرڪ‘ جي نالي سان سنڌ، هند جو سير ڪري پَري پَري تائين پھتي آهي، اسانجون دعائون نور ميمڻ هالائي ”نمھا“ سان گڏ آهن،) انھي ڪنگ پريسٽ جي پاسي ۾ بيھي فوٽو ڪڍرايو ۽ سيلفي بہ ٺاهي.

اسٽوپا ڏانھن اڳيان وڌياسين
اڳتي ۽ مٿاهين جي طرف وڌون ٿا، هِڪڙو رستو جيڪو آر سي سي ٺھيل آهي، مٿي جي طرف وڃي ٿو، مٿي اسٽوپا تائين پھچڻ لاءِ سيڙهيون چڙهڻيون پوَن ٿيون، اُهي سيڙهيون جيڪي اصلي ناهن، پر پوءِ سياحن جي سھولت ڪاڻ ٺاهيون ويون آهن. مٿي اسٽوپا تائين وياسين، ٽِن طرفن کان هِڪ لوھي تار لڳل آهي. جنھن جي اندر وڃڻ جي اجازت ناهي، اُن تار ’حد‘ تائين پھچي فوٽوگرافي ڪري واپس ٻي پاسي کان لٿاسين، هِتي مختلف ننڍڙا ننڍڙا بورڊ لڳل آهن، جيڪي ٻُڌائين ٿا، هي رستو ڳجهو رستو آهي، هي رستو ٻاهر جي طرف وڃي ٿو، هي سيورج نظام آهي، هي ڪاليج آهي، هي کوھہ آهن، هي اجتماعي حمام آهي، هي الڳ الڳ واش روم آهن، وغيره وغيره، سڀ بورڊ پڙهندا، گُهمندا، فوٽو ڪڍندا، دڙي جي باري ۾ گفتگو ڪندا، ڪنھن وقت آزاد قاضي کان سوال بہ ڪري پيا وٺون، جن جا جواب ڪنھن وقت آزاد قاضي تہ ڪنھن وقت عبدالجبار نظاماڻي ڏيندا رهيا. ايئن دڙي کي چئني طرفن کان گُهمي ڏِسي واپسي جي رستي تان هيٺ لٿاسين.
هِن دڙي جي صفائي جو بہ گهڻو خيال رکيو ويو آهي، خاص ڪري ثقافت جي وزير سردار شاھہ جي اچڻ کانپوءِ، آثارن کي وري ٻيھر جيئاري اُجاريو ويو آهي. اسان موهن جي دڙي جي ڊٺل شھر جون سڀئي گهٽيون، گُهميون، پاڙا ڏِٺا، گسن ۽ گهٽين تان گُذرندي اُنھيءَ وقت جي ماڻھن کي جس پيا ڏيون تہ ڪيترا نہ عقلمند هوندا، تڏهن تہ هھڙا شھر اڏي ويا آهن.

سمبارا سان سيلفي
هاڻي اسان ميوزيم جي طرف وارو رستو ورتو، اُن رستي تي ويندي وچ تي سمبارا جو مجسمو لڳل آهي، جنھن سان فوٽو تہ ڪڍرايو، پر مونکي صفا نہ وڻي، خبر ناهي هي ڪھڙي ذهن جي تخليق آهي، تہ اُن دؤر جي ناچڻي ايتري بدصورت هُئي، جڏهن تہ هر دؤر جون ناچڻيون، ماڊلز خوبصورت ڇوڪريون رهيون آهن، پوءِ موهن جي دڙي جي ناچڻي اهڙي ڇو رنگ جي بہ صفا ڪاري، هٿ، پير، چَپَ سڀ ڪنھن آفريڪي شيدي جا لڳي رهيا آهن، ڇا اِهو رنگ بليڪ جي بجاءِ اسڪن ڪلر نٿي ٿي سگهيو، ڇا چھرو اھڙو اڻ وڻندڙ جي بجاءِ خوبصورت نٿي ٿي سگهيو، ڪولمبو ايئرپورٽ تي جيئن ئي اِن ٿيندا تہ اوهانکي ٻُڌ جو وڏو مُجسمو نظر ايندو، ڇا تہ مجسمي جي خوبصورتي، نفاست، دلڪشي آهي، ڇا ٻُڌ ايترو خوبصورت هو جو مجسمو ٺاهيو ويو آهي، پر هِتي تہ اگر ان کي موهن جي دڙي جي ناچڻي جو نالو ڏِنو ويو آهي ۽ ڏيکاريو ويو آهي تہ پوءِ اهڙو بدصورت ڇو؟ سچ پَچ تہ اِن تخليقڪار سان مونکي سخت اختلاف آهن. يا تہ هِن کي سونھن سمجهہ ۾ ئي نٿي اچي/آئي يا تہ ڄاڻي واڻي حُسن سان ويڌن ڪئي اٿس. (ڪڏهن مِليو تہ ضرور پُڇندومانس). اُن سمبارا جي ٺاهيل بد صورت مجسمي سان نہ چاهيندي بہ فوٽو ڪڍرايم، يادگار طور.

موهن ميوزيم ۾ موڪلاڻي
موهن جي دڙي جي ميوزيم ۾ آياسين، رسيـپشن تي ويٺل همراه اسان کي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ چوَن ٿا، کائن پُڇون ٿا گهڻي جي ٽڪيٽ آهي، ’20 روپيا، اڃا ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ سائين ڊاڪٽر عبدالجبار اڳتي وڌي ٿو، تہ آزاد قاضي کيس روڪيندي چوَي ٿو: ’منھنجي صلاح آهي، هاڻي مونکي ڏيو موڪل مونکي پويان ڪم پيا آهن، اوهان گُهمي ڦِري پوءِ لاڙڪاڻي وڃو تہ پوءِ اوٺا چونڪ کان سِڌو اڳتي هليا وڃو، جي ڀلا خيرپور وڃڻ چاهيو تہ پوءِ اوٺا چونڪ کان اوڀر طرف مُڙجو‘ اِهو ڏس ڏيڻ کانپوءِ پين سان پَني تي نقشو ٺاهي ڏِنائين، چيوسين ’سائين پھچي وينداسين‘ ۽ پوءِ کانئس ڀاڪر پائي موڪلايوسين. اسان ٽي ٽڪيٽون ورتيون.
سيڙهين تي چڙهي مٿي آياسين تہ اُتي همراه اسانکي چيو ’سائين هيڏانھن سِڌي هٿ تي اچو تہ اوهان کي ترتيب ۾ ٻُڌائيندو هلان ۽ هڪ ٻيو ٽولو بہ اسان کان اڳ ئي اُتي موجود هو، اُنھن کي بہ اسان ڏانھن سڏيندي چيائين تہ اوهانکي ترتيب سان سمجهڻو ۽ ڏِسڻو آهي تہ منھنجي پويان اچو، پاڻ شروعات کان ٻُڌايندو هليو، مختلف هنڌن تان لڌل شيون ۽ مختلف دؤرن ۾ مِليل شيون ٻُڌائيندو، ڏيکاريندو ۽ سمجهائيندو هلي.

موهن دڙي مان مِليل شيون ڏِٺيون
موهن جي دڙي مان مِليل مھرن ڏانھن اشارو ڪندي، ’هي اُهي مھرون آهن جيڪي موهن جي دڙي مان مِليون آهن، جن ۾ سوراخ بہ نظر اچي ٿو، ممڪن آهي، موهن دڙي جا ماڻھو مھرن کي ڳچين ۾ پائيندا هُجن ۽ جڏهن ڪو ماڻھو ٻاهر ويندو هو تہ گهر جي تالي مٿان مھر هڻي ويندو هو، جيستائين واپس وري تيستائين سندس گهر حفاظت ۾ هوندو هو.‘
پٿرن جي ٽُڪرن ڏانھن اشارو ڪندي ٻُڌائي ٿو، ’هي جيڪي پٿر ڏِسو پيا اهي عقيق يا سنگِ سليماني، پيروز ۽ نيلم آهن، پوءِ هڪ هار ڏانھن اشارو ڪندي ٻُڌايائين، ’هي اُهو هار آهي، جنھن جي کوٽائي ڪندڙ انگريز وڏي ساراھہ ڪن ٿا، تہ هي هار هُنر/ڪاريگري جو اعليٰ مثال آهي. ايئن ترتيب ۾ سڀئي شيون ڏيکاريندي ۽ اُنھن بابت مختصر ٻُڌائيندو هلي ٿو.
هٿيارن ڏانھن اشارو ڪندي، ’هي مختلف هٿيار ڏِسو پيا اِهي ٽامي جا ٺھيل آهن،‘ هٿيارن ۾ بہ صرف، تير ڪمان، ڀالا ۽ ڪٽاريون آهن، جِن مان اِهو اندازو ڪري سگهجي ٿو تہ اُن وقت جا انسان جنگيون نہ ڪندا هئا، نہ تہ تلوارون، تير، زرھہ، ڍال يا ڪي ٻيا هٿيار ضرور مِلن ها.
آخر ۾ اسان کانئس سندس نالو پُڇون ٿا، پاڻ پنھنجو نالو غلام رسول ڪوري ٻُڌايو، جيڪو هِتي ملازم آهي ۽ سياحن کي ايئن سمجهائيندو، ڏيکاريندو، ٻُڌائيندو آهي، شايد اِها ئي هِن جي ڊيوٽي آهي. هِن سان بہ گڏ گروپ فوٽو ڪڍيوسين. ۽ اسان سان گڏ آيل ڏوڪري جا ڏوڪرا، انجنيئر ظھير ميمڻ، ڪاشف سولنگي، ڊاڪٽر راڻا، گلشير مل اوڏ، وقار علي چنڙ سڀني جو تعلق ڏوڪري سان آهن، انھن سان بہ گڏجي هِڪڙو گروپ فوٽو ڪڍرايو.

عاشق نظاماڻي سان چاھہ جون چار گهڙيون
ڪجهہ فاصلو طئي ڪري آياسين اوٺا چونڪ تي، اُتان کان پُڇيوسين لاڙڪاڻو ٿا وڃون، همراه ٻُڌايو سِڌو روڊ وٺي هليا وڃو. سائين عبدالجبار نظاماڻي، عاشق نظاماڻي سان رابطو ڪيو ۽ ٻُڌايو تہ اسان کي اوهان سان مِلڻو هو، چيائين ’هليا اچو، شھر پھچو تہ فون ڪري وٺجو،‘ شھر ۾ داخل ٿي عبدالجبار ساڻس وري رابطو ڪيو، ٻُڌايائين تہ ’اوهان ايس پي چونڪ تي پھچو آءٌ اچان پيو،‘ اسان ايس پي چونڪ تي پھچي، سمبارا هوٽل جي ڀر ۾ بيھون ٿا، ڪجهہ دير بعد وائٽ ڪلٽس ۾ وائٽ ڪاٽن پھريل اُهو عاشق نظاماڻي اچي سامھون بيٺو، جيڪو منھنجي پسند جو گلوڪار آهي، سندس سڀئي واليوم تقريبن منھنجي ڪيسٽ لائبرري ۾ موجود آهن.
خير محمد نظاماڻي جي اڱڻ تي 5 مارچ 1965ع ۾ جنم وٺندڙ عاشق علي، جنھن جي پرورش ماءُ ڪئي، اڃا ٽن سالن جو هو تہ والد وفات ڪري ويو، هن پنھنجي تعليم ايم.اي (سنڌي) ۽ بي ايڊ ڪري تعليم کاتي ۾ استاد ٿي شيخ زيد هاءِ اسڪول کان شروعات ڪئي، 1980ع ڌاري پنھنجي ڳوٺ نئون آباد، تعلقي ڏوڪري کي الوداع ڪري اچي هِتي شھر لاڙڪاڻي ۾ رهيو. عاشق نظاماڻي راڳ جي سِکيا پنھنجي استاد انور علي سانگيءَ کان ورتي ۽ ريڊيو تي پھرين ڀيرو براڊ ڪاسٽر نصير مرزا هِن جو غزل رڪارڊ ڪيو. ۽ 1989ع ۾ پي ٽي وي تي پروڊيوسر بيدل مسرور ڪچھري پروگرام ۾ ڪاظم ٽالپر جو ڪلام ’اويلا مسافر تون هيل نہ اچجان‘ ڳارايو،... اِهو غزل منھنجي بہ پسند جو آهي.
چيائين تہ ’هلو بيٺڪ آهي، اُتي هلي ٿا حال احوال ڪريون، اڳيان پاڻ پويان اسين، ٿورڙو مفاصلو ڪري اچي هِڪڙي دُڪان اڳيان گاڏيون پارڪ ڪيوسين، دڪان جي مٿان ڪلب آهي، تالو کولي، اسانکي مٿي ويھاري، پاڻ ويو گهر ڏي، گهڻو ئي چيوسين تہ عاشق سائين بنا ڪنھن حجاب/ تڪلف جي ٻہ ٽي گهڙيون گڏ ويھو ڪچھري ڪريون، پوءِ موڪلايون، چيائين ’بس دير ڪانہ ٿي لڳي، گهر ويو ۽ اڌ ڪلاڪ کان پوءِ موٽي آيو، ناشتو کڻي، ناشتو ڏاڍو مزيدار هو، ناشتي کان پوءِ وري چانھہ گهرايائين، چانھہ پي گڏجي هيٺ لٿاسين ۽ رُخ رکيوسين لائبريري ڏانھن.
’منھنجا ڀاڳ ڀلا، بس آئون پھچان ٿو،‘
پياري دوست ۽ صحافي ياسين مشوري کي ڪجهہ دير پھرين فون ڪيو هيم، ۽ چيم ’پيارا وقت هُجي تہ ٻہ ٽي پل اسان ڏانھن اچو، اسين اوهان جي شھر ۾ آهيون، سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري ڏانھن اچون پيا.‘ چيائين ’منھنجا ڀاڳ ڀلا، بس آئون پھچان ٿو،‘ سندس قرب جو اڌ ڪلاڪ اندر، اسانجي پھچڻ کان بہ پھرين لائبرري جي گيٽ تي اسانجي انتظار ۾ بيٺو هو، ساڻس مِلياسين، پوءِ گڏجي اندر مين گيٽ کان مَٽي گاڏين کي هڪ سائيڊ کان پارڪ ڪيوسين.

سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري ڏِٺيسين
مون پنھنجا پير اُنھن پٽن تي رکيا، جنھن پَٽن تان علم جي لاٽ روشن ٿئي ٿي ۽ هر سال پنج کان ڇھہ شاگرد سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري آفيسري ماڻيندڙ ’سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري جا ئي شاگرد آهن. هي لائبريري اُن شخص جي پويان قائم ڪئي وئي جيڪو ڪتابن جو ايئن چئون تہ عاشق هو، ها سر شاهنواز ڀٽو جنھن کي ڪتاب پڙهڻ سان وڏو چاھہ هو، هِن پنھنجي ڳوٺ ڳڙهي خدابخش ۾ ذاتي لائبرري قائم ڪئي، جنھن ۾ ڪتابن جو تعداد وڌي پنج هزار کان بہ اڳتي اُڪري ويو. هن لائبريري ۾ ٻاهرين ملڪن جا قيمتي ڪتاب بہ موجود آهن، جيڪي سر شاهنواز پاڻ وٺي ايندو هو، جڏهن بہ ڪنھن ملڪ جي دوري تي ويندو هو. اُن کانپوءِ سندس ٻن پُـٽن سڪندر علي ڀٽو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو بہ هِن لائبريري ۾ ڪتابن جي واڌاري وارو سلسلو جاري رکيو.
1984ع ۾ جڏهن لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر محمد هاشم ميمڻ هو، جيڪو هڪ علم دوست آفيسر چيو وڃي ٿو، تنھن هن لائبريري کي ’سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري‘ جي نالي سان لاڙڪاڻي ۾ بُنياد رکيو ۽ اُها سموري لائبريري هِتي شفٽ ٿي. هن لائبريري کي ڏهن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. (1) ريفرنس هال، (2) آڊيٽوريم هال، (3) ٻارن جو شعبو، (4) سي ايس ايس جو سيڪشن، (5) عورتن جو شعبو، (6) اخبارن ۽ رسالن جو شعبو، (7) انٽري ٽيسٽ سيڪشن، (8) مک لائبرري جي ڪتابن جو سيڪشن، (9)، بلائينڊ سيڪشن، (10) لنڪن ڪارنر.

’مور اِن ملائيشيا‘ تحفي طور ڏِنو،
پھرين 1986ع ۽ پوءِ 94-1993ع ٻن مرحلن ۾ هِن لائبريري کي مڪمل ڪيو ويو، هِن لائبريري ۾ روزانو 37 کن تہ اخبارون ٿيون اچن، جن ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي شامل آهن، چاليھن جي لڳ ڀڳ رسالا/مخزن اچن ٿا. هِن وقت هي سموري لائبريري سينٽرلي ايئرڪنڊيشن آهي.
آياسين مٿي لائبريري ۾ پھرين هِڪڙي هال ۾ آياسين جِتي حج عمره وارن لاءِ پروگرام هلي رهيو هو، ٽرينر حاضرين کي حج عمره جا احڪام وغيره ٻُڌائي/سمجهائي رهيو هو، ڪجهہ دير ٻُڌڻ کانپوءِ هيٺ لٿاسين، عاشق نظاماڻي فون ڪئي، شمس الدين شيخ کي جيڪو ’سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري‘ جو ڊائريڪٽر آهي. شايد اُهو بہ انھيءَ ليڪچر پروگرام ۾ ويٺل هو، اُٿي آيو سندس ايئرڪنڊيشن آفيس ۾ ويٺاسين، پٽيوالي کي سڏ ڪيائين، فروٽ وٺڻ لاءِ موڪليائين، کوڙ فروٽ وٺي ڪَٽي پليٽن ۾ وجهي کڻي آيو، کاڌوسين، پوءِ مون پنھنجو ڪتاب ’مور اِن ملائيشيا‘ تحفي طور ڏِنو، ’سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري‘ کي. سائين ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي بہ پنھنجا ٽي ڪِتاب تحفي ۾ ڏنا، اڌ ڪلاڪ کانپوءِ اسانکي ٿئنڪس ۽ رسيونگ جا ليٽر بہ مِلي ويا. هاڻي نِڪتاسين لائبريري جي وزٽ لاءِ هيٺ لٿاسين.
مختلف رومز/سيڪشن وزٽ ڪندا ڏِسندا ۽ حيران ٿيندا رهياسين، سڀئي رومز/سيڪشن ڇوڪرن سان ڀريل وڏي رش، ڄڻ ڪو ڪاليج يا يونيورسٽي هلي رهي هُجي، اسان واري پاسي لاڙ سڄي ۾ اهڙي نہ ڪا لائبرري آهي، نہ ئي اِن طرح شاگردن ۾ پڙهڻ جو رُجحان، هِتي ٻارن جي لاءِ الڳ رومز آهن جن ۾ ٻار اسٽڊي ڪري رهيا آهن ۽ گرلس شاگردياڻين لاءِ بلڪل الڳ پورشن آهي، جتي شاگردياڻيون علم پرائڻ ۾ مگن هيون، هِتي هن گرلس سيڪشن جي سامھون هڪڙي موبائيل بس لائبريري سروس نظر آئي، جنھن جو بہ فوٽو ورتم، پر حيران ٿيس تہ موبائيل لائبريري بہ آهي، جيڪا شايد ڳوٺن يا مختلف علائقن ۾ شاگردن کي علم سان روشناس ڪرائيندي هوندي.
ڊائريڪٽر واتان اِهو ٻُڌي حيراني ٿي تہ روزانو لڳ ڀڳ هڪ هزار شاگرد پڙهڻ اچن ٿا، اسان پاڻ پنھنجي اکين سان اهڙي رش بہ ڏِٺي،
سمورا شعبا وزٽ ڪري آياسين گرلس سيڪشن جي ليڊيز انچارج جي آفيس ۾، انچارج اسانکي سلام ڪري ٻاهر نِڪري وئي، اسان ويٺاسين، ڊائريڪٽر صاحب پٽيوالي کي گهنٽي هڻي گهرايو، ۽ چانھہ بسڪيٽن لاءِ چيائين، چانھہ آئي پيتيسين، اُٿياسين، گُهمندا ڦِرندا ٻاهر آياسين، پارڪ ۾ سامھون ڪونو وڻ مان الله جو نالو ٺھيل ڏِسي حيرانگي سان گڏ سرهائي بہ ٿي، مون اُن جو فوٽو بہ ڪڍيو، ٻاهر گيٽ وٽ سڀئي گڏ بيٺاسين يادگار گروپ فوٽو ڪڍيوسين، پوءِ سڀني گلي مِلي موڪلايو، ياسين مشوري گهڻو ئي اسرار پيو ڪري تہ مانجهاندو مون وٽ ڪري پوءِ وڃو، پر اسان کيس چيو، يار اسانجي منزل اڃا بہ اڳتي وقت گهٽ پنڌ پري تنھن ڪري مانجهاندو جِتي نصيب اُتي ڪنداسين. عاشق چيو آءٌ اوهانکي نئون ديرو روڊ تائين ڇڏي ٿو اچان. عاشق نظاماڻي جي رهنمائي ۾ نئون ديرو روڊ تي پھتاسين، سندس اِهي محبتون ياد رهنديون، کائنس ڀاڪر پائي موڪلايوسين.

نئون ديرو کي بہ نظرن ڏِٺو
نئون ديرو شھر کان پھرين باءِ پاس تي لڳل بورڊ، شھيدن جي مزار جي گس جو ڏس ڏي ٿو، پر گاڏي اسپيڊ ۾ هئي، تنھن ڪري اڳتي شھر ڏانھن نِڪري وياسين، شھر ۾ اندر روڊ سوڙهو هو، گاڏين جي رش جي ڪري ٿورو وڌيڪ وقت لڳي ويو، پر ان بھاني نئون ديرو شھر جو ديدار ڪري ورتوسين.
ضلعي لاڙڪاڻي، تعلقي رتي ديري جو هي ننڍو شھر آهي، پر رش جي حساب سان اِهو حساب لڳائي سگهان ٿو تہ، هي شھر ٻھراڙين جو مرڪزي شھر آهي، بلڪل ايئن جيئن منھنجو شھر پيرولاشاري. پر پيرولاشاري بلڪل ننڍو شھر آهي، جڏهن تہ نئون ديرو ٽائون ڪميٽي جي حيثيت وارو شھر آهي. هن شھر کي ’نئون ديرو شگر مل‘ بہ آهي، هن ئي يونين ڪائونسل ۾ شھيدن جو اباڻو ڳوٺ ’ڳڙهي خدابخش‘ آهي. جنھن ۾ شھيدن جو قبرستان بہ آهي، ملڪ جي ٻن وزيراعظمن جون مزارون، اُن خاندان جا ٻيا بہ اهم فرد ۽ سوين ڪارڪن ڪارساز واقعي وارا بہ هِتي ئي دفن ٿيل آهي. شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جو اباڻو گهر بہ هِن ئي شھر نئون ديرو ۾ موجود آهي. شھر مان شھيدن جي مزار ڏانھن ويندڙ رستي جو پُڇي روانا ٿياسين.

شھيدن جو ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش
ڳڙهي خدابخش کي ڀلي ڪير ضلعي لاڙڪاڻي، تعلقي رتي ديري جي يونين ڪائونسل 7 سڏي يا ڳڙهي خدا بخش کي هِن يونين ڪائونسل 7 جو صدر مقام سڏي، پر آءٌ تہ هن کي شھيدن جو ڳوٺ ڳڙهي خدابخش ڪري سڏيندس. هِن ڳوٺ جا باشندا هِن ڳوٺ جا واسي سڀني وڃي پرديس وسايو، جِتان ڪو بہ واپس ناهي وريو، پيءُ (ذوالفقار علي ڀٽو) بہ شھيد، ڌيءُ (بينظير ڀٽو) بہ شھيد، ٻہ جوان پُٽ (شاهنواز ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو) بہ شھيد ۽ اُنھن ايڏين وڏين شھادتن جو اڄ ڏينھن تائين پلاند نہ ٿيو آهي، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پلاند چئي سگهجي ٿو تہ قدرت واري اهڙو ڪيو، جو ضياءَ ۽ سندس سڀئي حواري زمين آسمان جي وچ تي خاڪ ٿي ويا، سندن جسم کي نہ ڪفن ۽ نہ ئي زمين نصيب ٿي، اِهو الزام شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو تي لڳو هو، خبر ناهي صحي هو يا نہ، پر جي صحي هو تہ ڏاڍو ڀلو ٿيو. ذوالفقار سيال جي هن شعر وانگر:
هِڪڙو جهاز هوا ۾ ڦاٽو،
هلڪو ٿي ويو بار دُنيا جو.

شھيدن جو آستان
جڏهن پھريون ڀيرو شھيد بينظير ڀٽو تي قُل پڙهڻ آيو هئس تڏهن پنھنجي پوري فيملي گڏ هُئي، اڄ هي ٻيو ڀيرو آيو آهيان، اُن وقت مزار جو مٿي ڪم هلندڙ هو، گرائونڊ ڪچو هو، چؤطرف ديوار اڃا نہ هئي، پر هاڻي تہ وڏي ديوار ڏِنل آهي، اسان سڄي ديوار کي چؤطرف ڦِري آياسين، گيٽن جا نمبر پڙهندا آياسين، 14 گيٽ نظر آيا. گيٽ 12 وٽ همراھہ گڏيو تنھن کان پڇيوسين اندر جو رستو، تنھن ٻُڌايو تہ اوهان صرف گيٽ 2 کان اندر وڃي سگهو ٿا ۽ گيٽ نمبر ٻہ هُن پاسي آهي، وري گاڏي پوئتي موڙيسين، آياسين گيٽ نمبر ٻہ وٽ، پھرين چيڪ پوسٽ هُئي، اُن تي تعارف ڪرايو، چيڪ پوسٽ کان پوءِ سِڌو بازار ۾ لھجي ٿو، بلڪل ايئن بازار لڳل آهي، جيئن سمن سرڪار جي مزار تي، جيئن قلندر شھباز جي مزار تي، جيئن شاھہ لطيف جي مزار تي، جيئن سچل سرمت جي مزار تي، ڏوھہ بازار لڳائڻ وارن جو ناهي، ماڻھو بہ اهڙي طرح ٿا اچن، ٻھراڙي جا ماڻھو گاڏيون ڀريو اچن، دُعائون گُهرڻ لاءِ، آيا تہ اسين بہ آهيون، پر اچڻ ۾ فرق آهي، بس هر ڪنھن جي مرضي، ڳالھہ سڄي نيتن جي آهي، هِتي بہ، تہ هُتي بہ حِساب ڪتاب نيتن جو ٿيندو. مزار تي اچي قُل پڙهڻ ۽ عبرت وٺڻ، ٻيو مزار تي اچي ڪجهہ گُهرڻ وڏو فرق آهي.

ڄڻ تاج محل جو ڏيک ڏي ٿي
گيٽ اندر واڪ ٿرو گيٽ لڳل آهي، گيٽ تي سيڪيورٽي اهلڪار ويٺل آهن، پوءِ وري مزار جي سامھون بہ ساڳيون ئي سيڪيورٽي اهلڪار ويٺل آهن ۽ واڪ ٿرو گيٽ لڳل آهن. گرائونڊ وڏي ايراضي تي پکڙيل آهي، اولھہ طرف کان اسٽيج ٺھيل آهي، جتي ورسي جي موقعي تي خطاب ٿيندو آهي، مزار پري کان ڄڻ تاج محل جو ڏيک ڏي ٿي، بس ڊزائن جو ٿورو فرق آهي، جيئن ئي مزار جي اندر داخل ٿياسين، تلاوتِ قرآن مجيد ڪنن سان ٽڪرائجي ٿي ۽ ماحول پُرسڪون لڳو پيو هو، توڻي جو ماڻھو بہ هئا، ٻھراڙي جي عورتن جي هٿن ۾ گلاب جا گُل ۽ هار هئا، جيڪي محترمه جي مزار تي رکي هَٿ ڦِيري رهيون هيون، بلڪل ايئن جيئن درويشن جي مزارن جي پڃرن کي هٿ ڦيري اکين تي رکنديون آهن.
سڀ کان پھرين شھيد ذوالفقار ۽ شھيد بينظير جي قبرن جي پيراندي کان اچي بيٺاسين ۽ قبرن جي سيراندي وٽان سامھون خانہ ڪعبہ جي غِلاف جو آيتن لِکيل وڏي شيشي جو فريم ڏِٺو، جيڪو هيٺ کان مٿي ڇت تائين رکيل آهي. جيڪو آصف زرداري کي تحفي طور مِليو هو. سعودي جي بادشاھہ ڏِنو هو. جنھن کي هِن ڏاڍي سھڻي نموني شيشي جي فريم ۾ سجائي قبرن جي سري وٽان رکرائي ڇڏيو آهي، اُتي قبرن جي صفائي وغيره ڪندڙ ملازم ٻُڌايو تہ هي تحفو 2015ع ۾ مِليو هو ۽ 2015ع کان وٺي هي تلاوت روزانو صبح 6 وڳي کان رات جو 9 وڳي تائين بنا ڪنھن ساهي ۽ وقفي جي هلندي رهندي آهي ۽ هِڪ ڏينھن بہ تلاوت هلائڻ ۾ ڪوتاهي نہ ٿي آهي. اِها ڳالھہ ضرور نئين ۽ مُنفرد آهي ۽ سُٺو عمل بہ آهي.
مزار اندر ئي هُئس تہ دوست احسان راهوجو جو فون اچي ويو، چيائين ڪِٿي آهيو؟ چيم شھيد بينظير جي مزار تي، چيائين پوءِ اچو نئون ديرو شھر اُتي ڀاءُ کي چيو اٿم ماني وغيره کائي پوءِ نِڪرجو، سندس ٿورا مڃيندي چيم يار اسان کي سکر پھچڻو آهي، اُتي دوست کي منجهند پھچڻ جو چيو هيوسين، پر منجهند هِتي ٿي وئي آهي، اُنھي جي فون پئي اچي هر هر، تنھن ڪري هاڻي سِڌو سفر سکر ڏانھن آهي، چيائين ڀلا ٺيڪ، پر آئيس ڪريم کايو وڃو، اُن ۾ دير نہ لڳندي، چيم پيارا شھر ڏانھن وڃو ئي ڪونہ ٿا، شھر مان ٿي آيا آهيون، هاڻي باءِ پاس وٺي هليا ٿا وڃون سکر، چيائين جيڪا اوهان جي مرضي. سندس ٿورا مڃيندي فون بند ڪيم.

شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قبر تي قُل پڙهياسين
هن قبر اندر اُها شخصيت دفن ٿيل آهن، جنھن پاڪستان کي ايٽمي طاقت بخشي ۽ 1973ع جو آئين ڏِئي، پاڪستان جي عوام کي عزت ۽ آجپي لاءِ جمھوريت جي راھہ ڏيکاري ۽ کين ڳالھائڻ لاءِ اُتساھہ ۽ زبان ڏني، جيڪو پاڪستان جي سياست تي اَڻ مِٽ نشان ڇڏي ويو.
سر شاهنواز ۽ خورشيد بيگم جي گهر اڱڻ 5 جنوري 1928ع تي پيدا ٿيندڙ، شروعات ۾ تہ لاڙڪاڻي ۾ ئي پڙهيو، پر پوءِ ڪجهہ عرصو ڪراچي ۾ پڙهي، پوءِ بمبئيءَ هليو ويو جتي هِن ڪيٿيڊرل اسڪول ۾ داخلا ورتي، اُتي پڙهڻ دوران هي اُتي جي ذهين شاگردن ۾ شمار ٿي ويو ۽ انھيءَ ئي اسڪول جي هِڪ شاگرد پيلو موديءَ سان سندس دوستي ٿي وئي، جنھن ‘’Zulfi My Friend’’ نالي هڪ ڪتاب بہ لِکيو.
ذوالفقار علي ڀٽو پنھنجي پڙهائيءَ سان گڏ سياست جو مطالعو ۽ مشاهدو پُڻ ڪندو رهيو. 1946ع ۾ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ آمريڪا ويو، جتي برڪلي يونيورسٽي ڪيليفورنيا مان سياسيات ۽ بين الاقوامي قانون جي تعليم حاصل ڪئي. سياسيات ۾ بي اي (آنرز) ڪئي، پوءِ آڪسفورڊ يونيورسٽي انگلينڊ جي ڪرسٽ چرچ ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪيائين. هِن ٽِن سالن جو ڪورس ٻِن سالن ۾ مڪمل ڪيو، توڻي جو هِن جن مضمونن جي چونڊ ڪئي انھيءَ لاءِ هن کي رومن ۽ لاطيني زبانون پڙهي اُن ۾ پاس ٿيڻ لازمي هو. ذلفي آڪسفورڊ يونيورسٽي مان ايم. اي سياسيات ۾ حاصل ڪئي، پوءِ بار ائٽ لا، جو امتحان پاس ڪري انگلينڊ جي سائوٿ هيمپٽن يونيورسٽيءَ ۾ بين الاقوامي قانون جو استاد مقرر ٿيو. اُن وقت هي پھريون ايشيا کنڊ جو مسلمان هو، جنھن کي اُتي پڙهائڻ جو اعزاز حاصل آهي. اُن دوران ئي ذوالفقار علي ڀٽو کي پنھنجي والد جي بيمار هُجڻ جو اطلاع مليو ۽ پوءِ هي پنھنجي سنڌ وطن موٽي آيو.
ذوالفقار علي ڀٽو جي پھرين شادي 1940ع ۾ پنھنجي سئوٽ امير بيگم سان ٿي، ۽ يارهن سالن کانپوءِ 1951ع ۾ هن ٻي شادي اصفھاني عورت بيگم نصرت ڀٽو سان ڪئي، جنھن مان کيس ٻہ ڌيئرون بينظير ڀٽو ۽ صنم ڀٽو ٻہ پُٽ مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز جونيئر ڄايا.
شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، پنھنجي ڪيريئر جي شروعات سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي ۾ پڙهائڻ سان شروع ڪئي. پاڻ بہ پرئڪٽس ڪندو رهيو ۽ ڪامياب وڪيل طور مڃرايائين، 1956ع ۾ صدر اسڪندر مرزا نوجوانن جو هڪ وفد اقوامِ متحده موڪليو، ذوالفقار علي ڀٽو جو نالو بہ اُن وفد ۾ شامل هو، اُن وقت هي نہ وڃي سگهيو، ٻيھر ٻي سال 1957ع ۾ جيڪو وفد ويو، اُن جي اڳواڻي ئي ذوالفقار علي ڀٽي ڪئي هئي.
ذوالفقار علي ڀٽي پنھنجي عملي سياست جي شروعات 1958ع کان ڪئي. اُن وقت ايوب خان جي حڪومت هئي، جنھن ۾ هي ٻن سالن تائين تجارت جي وزارت تي فائز رهيو ۽ پوءِ 1960ع کان 1962ع تائين اقليتي معاملن ۽ قومي تعمير نو ۽ اطلاعات جو وزير ۽ وري ٽي سالن تائين صنعت، قدرتي وسيلن ۽ ڪشمير جي معاملن جو وزير رهيو. ايئن پوءِ ڪجهہ سالن تائين وزيرِخارجه جون ذميواريون نھايت ئي ڪاميابي سان پوريون ڪيائين. 1965ع ۾ پاڪ-ڀارت جنگ کان پوءِ روس جي رهنمائي جي مدد سان ’تاشقد معاهدو‘ ٿيو تہ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ ايوب خان ۾اختلاف ٿي پيا. ۽ هن پرڏيھي وزارت تان استعيفا ڏني، اُن کان پوءِ هن جي شھرت ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿيو، جنھن جي نتيجي ۾ 30 نومبر 1967ع تي ”پاڪستان پيپلز پارٽي“ جو قيام عمل ۾ آيو، اُن وقت جڏهن پارٽي جو پھريون اجلاس ٿيو تہ اُن ۾ جن پھرين ميمبرن شرڪت ڪئي هئي. ممتاز علي ڀٽو، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، حيات شير پائو، مبشر حسن جي اي رحيم، معراج محمد خان، خورشيد حسن مير، مير رسول بخش ٽالپر، ملڪ نديم احمد ۽ ملڪ حامد سرفراز. اُن اجلاس ۾ پارٽي جا جيڪي اصول طئہ ٿيا هئا، اُنھن ۾ (1) اسلام اسان جو دين آهي، (2) جمھوريت اسان جي سياست آهي، (3) سوشلزم اسان جي معيشت آهي، (4) طاقت جو سرچشمو عوام آهي، انھن اصولن سان گڏ هڪڙو نعرو يا سلوگن چئون اُهو بہ طئہ ڪيو ويو، ” لٽو ، اٽو، اجهو “، يعني ”روٽي، ڪپڙا اور مڪان.“
پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان جڏهن ايوب خان خلاف مھم هلي تہ ايوب خان کي اقتدار کان الڳ ٿئـڻون پيو ۽ ملڪ کي عارضي طور فوجي سربراھہ يحيٰ خان حوالي ڪيو ويو، جنھن 1970ع ۾ عام چونڊون ڪرايون، پيپلز پارٽي اوڀر پاڪستان مان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ۽ انھن چونڊن کانپوءِ هڪڙي سانحي جنم ورتو، جنھن جي نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان هِڪڙي نئين ملڪ ’بنگلاديش‘ جي حيثيت ورتي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي بہ هِڪڙي نئين پاڪستان جو اقتدار سنڀاليو. اُن کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽي سڀني پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي نئين پاڪستان کي هِڪڙو نئون آئين ڏِنو، جيڪو 10 اپريل 1973ع ۾ قومي اسيمبلي مان منظور ڪيو ويو.
اُن کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽي هِن ملڪ کي ٺاهيو، وڏا وڏا نجي ادارا ۽ بئنڪون قومي تحويل ۾ ورتيون ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي فولادي ڪارخاني ’پاڪستان اسٽيل ملز‘ جو تحفو هِن ملڪ کي ڏِنو ۽ هڪ ڏينھن اهڙو بہ آيو جو ذوالفقار علي ڀٽي عالمي طاقتن کي ڀانور ڪرائيندي چيو تہ اسان کي گاھہ کائـڻو پيو تہ کائينداسين، پر ايٽم بم ضرور ٺاهينداسين ۽ هن ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايائين، ملڪ جي ايترين خدمتن عيوض آخر ۾ هن کي قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسي ڏِني وئي.
قل پڙهڻ کانپوءِ مون چيو ’سائين عبدالجبارشروع کان هِن ملڪ ۾ اِهو ئي ٿيندو آيو آهي، جنھن بہ ملڪ سان سچائي ۽ وفاداري ڏيکاري اُن کي شھادت ئي مِلي آهي. پوءِ اُهو ذوالفقار علي ڀٽو هُجي، (جنھن سازش ۾ جج بہ شامل هئا)، قائداعظم هُجي (جنھن کي سازش تحت ڦِٽل وين ۾ موڪليو ويو) يا محترمه بينظير ڀٽو هُجي. جنھن کي جنرل مشرف ٽولي وڏي سازش تحت شھيد ڪرايو‘ سائين عبدالجبار مون ڏانھن ڏِسي مُرڪيو.

بيگم نصرت ڀٽو بہ ڀر ۾ سُتي پئي آهي
ٿورو اڳتي وڌي هِڪڙي ٻي قبر تي فاتح پڙهون ٿا، ڀلي کڻي هي گهريلو ۽ سوشل عورت هُئي، پر جڏهن حالات هٿ وس ناهن رهندا، تہ ماڻھو پنھنجي جياپي ڪاڻ ڪجهہ بہ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي، ايئن پوءِ جڏهن، هِن جي مڙس ذوالفقار علي ڀٽو (جنھن سان هِن پسند جي شادي ڪئي، هئي، ايران جي هڪ پارسي واپاريءَ مرزا محمد اصفھانيءَ جي ڌيءَ آهي، هن جو جنم 23 مارچ 1929ع ۾ ايران جي شھر اصفھان ۾ ٿيو. جيززائينڊ مير ڪائونٽ مان سينيئر ڪئمبرج پاس ڪئي. 5 سيپٽمبر 1951ع تي سنڌ جي سدا ملوڪ سياستدان ذوالفقار علي ڀٽي کي پنھنجو جيون ساٿي بڻايو.) کي وقت جي آمر ضياءَ بي ڏوهي بند ڪرائي ۽ پوءِ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسي ڏياري، تڏهن هن کي گهر ڇڏي مڙس کي بچائڻ لاءِ ميدان ۾ اچڻو پيو ۽ ايئن بيگم نصرت ڀٽو سياست جي شروعات ڪئي، شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شھادت کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن مقرر ٿي، پر جنرل ضياءَ هن کي پنھنجي گهر ۾ نظر بند رکيو. اسان چار قُل شھيدن جي ماءُ ۽ شھيد جي ونيءَ شھيدِ جمھوريت بيگم نصرت ڀٽو تي پڙهيا.

شھيد بينظير ڀٽو عرف پنڪي
هاڻي اسين سنڌ ڄائي، سنڌ جي راڻي شھيد بينظير ڀٽو جي قبر جي ڀر ۾ بيھي هٿ کڻي کيس قُل بخشي رهيا آهيون ۽ اِها ئي بينظير ڀٽو جڏهن پھريون ڀيرو 1988ع ۾ بدين آئي هئي، تڏهن آئون 9 سالن جو هئس ۽ بينظير کي ڏسڻ لاءِ بدين آيو هئس. پوءِ مون تہ پري کان ئي ڏِٺو، پر اُن جلسي ۾ جيڪا مون سان حالت ٿي هُئي چِپ چِپان ماڻھن جي وڏي رش هئي، جو اُن کانپوءِ وري ڪڏهن بہ ڪِٿي بينظير جي ڪنھن بہ جلسي ۾ نہ ويس.
ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪراچي واري گهر اڱڻ/گلشن ۾ پھريون گُل ڦٽو، 21 جون 1953ع بينظير عرف پني جي روپ ۾.
بينظير عرف پنڪي پنھنجي تعليم مسز جيننگ جي نرسري اسڪول ڪراچي کان شروعات ڪئي، 1958ع ۾ ڪراچي جي مشھور اسڪول ڪانوينٽ آف جيزز اينڊ ميري ۾ داخلا ورتي، هيءَ ننڍي هوندي ذهين هوندي هئي، بينظير جڏهن ستن سالن جي هُئي تہ ذوالفقار علي ڀٽو جنرل ايوب خان جي مرڪزي ڪابينا ۾ وزير ٿيو، اُن کانپوءِ خاندان سميت راولپنڊي ۾ رهائش اختيار ڪئي. پنڊي ۾ ’پريزنٽيشن ڪانوينٽ‘ ۾ داخل ڪيو. پوءِ پنڪي ۽ صنم کي ڪوھہ مري جي بورڊنگ هائوس ۾ موڪليو ويو، ان دوران بينظير کي ڪتاب پڙهڻ جو شوق ٿيو، هِن تاريخ، آتم ڪھاڻيون ۽ اگاٿاڪر سٽيءَ جي جاسوسي ڪھاڻين جا ڪتاب گهڻو پڙهيا.
ذوالفقار علي ڀٽو، ايوب سان اختلافن سبب ڌار ٿي ٻيھر ڪراچي اچي رهيو، بينظير ٻيھر ڪراچي ۾ پڙهي، پوءِ آمريڪا وئي جتي هِن سياست ۾ گريجوئيشن ڪئي، واپس سنڌ وطن آئي ۽ ٻيھر آڪسفورڊ يونيورسٽي پڙهڻ وئي، جتي اڳتي هلي هِن کي يونين جي ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، اُن کان پوءِ انھيءَ يونين جي صدر جي عھدي لاءِ چونڊ وڙهي ۽ 1977ع ۾ هوءَ پھرين ايشيائي ڇوڪري هئي، جنھن اِهو عھدو ماڻيو.
بينظير ڀٽو 1987ع ۾ آصف علي زرداري سان شادي ڪئي، 2 ڊسمبر 1988ع ۾ ايوانِ صدر ۾ وزيراعظم جي عھدي جو قسم کنيو، اُن وقت پوري اسلامي ملڪن ۾ پھرين عورت وزيراعظم بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. 13 نومبر 1993ع ۾ هي هڪ ڀيرو ٻيھر وزيراعظم بڻي.
27 ڊسمبر 2007ع ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو واقعو، ٻہ ڀيرا وزيراعظم رهندڙ محترمه بينظير ڀٽو کي سازش تحت لياقت باغ پنڊي ۾ شھيد ڪرايو ويو. انھيءَ واقعي تي مون پوري ملڪ کي هڪ هنڌ بيھندي ڏِٺو هو، سڀ جو سڀ ساڪن هو، ٽِن ڏينھن تائين روڊ رستا ويران هئا.
”آءٌ چوٿين منزل رابيعہ اسڪوائر فليٽ تي ڪم سان ويس، شام جو وقت هو، ادا منظور جي فون آئي، کنيم، ڏاڍي ڪاوڙ ۽ ڏُک واري انداز ۾ ڳالھايائين، ’ڪِٿي آهين؟‘ چيم، فليٽ تي، ’جلدي هيٺ اچ بينظير کي گولي لڳي آهي، شھر ۾ ڄڻ طوفان اچي ويو آهي، جلدي هيٺ اچ،‘ آئون رابيعہ اسڪوائر جي چوٿين منزل تان هيٺ ڪيئن لٿس، اِها خبر مون کي بہ نہ هئي تہ هيتريون چاڙهيون ڪيئن لٿس، يا اُڏامي آيس، ٻاهر حيدرچونڪ ڏانھن ڏِسان، واقعي ئي ڄڻ طوفان، آيو هُجي، وڏو ڦڙو مينھن ماڻھن کي ٿو پُسائي يا مُرڳو قيامت جا منظر، ماڻھو مردن،عورتن، ٻارن جي ڊوڙ ڊوڙان هُئي، پريان ريشم گلي مان جيڪي پي نِڪتا اُنھن کي خبر ئي نہ پي پئي ڪيڏانھن پيا ڀڄن، ڪو ڪنھن جو ناهي، گاڏيون هڪٻئي ۾ پيون لڳن، ماڻھو گاڏين ۾ پيا لڳن، هِڪڙي عجيب صورتحال هُئي.
اسان کي اسٽاپ تائين پھچڻو هو، فورسيٽر ۾ ويٺاسين، اِن دوران مون هِڪ مِنٽ لاءِ بہ پنجاب ۽ پنجابي سامراج، اسٽيبلشمينٽ تي گار ۽ ٿُڪ لعنت بند نہ ڪئي، مون ڪنھن ماڻھو جو لحاظ بہ نہ پي ڪيو، ماڻھو مونسان گڏ هئا، نہ هئا، اِها بہ خبر نہ پي پئي. نئين پل تائين پھتاسين، پُل تي باهيون هُيون، گاڏين جون قطارون هيون، هيٺ لٿاسين، پنڌ پھتاسين، سبزي منڊيءَ وٽ اُتان کان هِڪڙي کٽارا ڊاٽسن ڦل اسپيڊ سان نِڪتي، خبر تہ ناهي اسان ڪيئن اُن ڊاٽسن ۾ پاڻ کي کڻي اُڇليو، فتح چونڪ پھتاسين، سڀئي رستا بند ۽ روڊن تي باهيون، اسان جا هاڻي ڪيڏانھن بہ وڃڻ جا سڀئي امڪان رد ٿي ويا. فتح چونڪ کان پنڌ هلڻ جو سوچيوسين، ڪجهہ پنڌ ڪيوسين، اندران ڪِٿان ڪا گاڏي نِڪتي، جنھن کان لفٽ ورتيسين، هوسڙي موڙ وٽ پھتاسين رستا بند روڊن تي باهيون. گاڏين جون قطارون، اسين بہ روڊ جو پاسو وٺي بيھي رهياسين، سوين ماڻھن جا هُجوم گڏ ٿيندا ويا، گهڻي دير تائين اُتي ئي بيٺا رهياسين.
هوسڙي ۾ اسان جا دوست رهن ٿا، غلام مرتضيٰ شورو، ممتاز شورو وارا خيال پيو اچي تہ فون ڪريون، وري چئون نہ هِن وقت ڪنھن کي فون ڪرڻ مناسب ناهي، هن وقت سڀني سان ساڳي حالت آهي، بس ڪجهہ وقت اڃا بہ بيٺا رهياسين، تيستائين مرتضيٰ ۽ ممتاز موٽر سائڪل ون ٽو فاوَ اچي پاسي ۾ بيھاري، ’اوهين بہ ڦاٿا پيا آهيو‘؟، ها، اسان ۾ ڄڻ ساھہ پئي ويو، هِنن چيو ’اسان دوستن جي فون تي آيا آهيون، هنن کي گس لائي اچون، پوءِ اوهان کي وٺڻ ٿا اچون، اتي ئي بيٺا رهجو،‘ اسان جي پاسي کان ٻہ همراه بيٺا هئا اُنھن جو ٻُڌو اچي پاسو ورتائون، ’اوهان ڪيڏانھن ويندا؟‘، اسان کي تہ ماتلي وڃڻو آهي، پر هاڻي ممڪن نہ پيو لڳي‘ جواب ڏيندي چيوسين، ’اسين بہ ٽنڊي باگي وينداسين، ڪار بہ اسان وٽ آهي، مير شاهد جو پُٽ آهيان، اُنھن مان هِڪڙي نوجوان ڳالھايو، شھر کان هيستائين پھتا آهيون سو بہ گاڏي جو شيشو ٽوڙائي پوءِ. هر موڙ گهٽي مان ماڻھو روڊن تي نِڪري روڊ بند ڪري رهيا آهن.‘ هي ٻہ ڄڻا هئا، اسين بہ ٻہ هُئاسين، چيوسين هاڻي اسان جا تہ هوسڙي ۾ دوست آهن، اچن پيا وٺڻ اوهين بہ هلو تہ ڀلي هلو، ايئن چوڻ سان هِنن جي چھري تي ٿورو اطمينان نظر آيو، ’چيائون اچو پوءِ پريان گاڏي بيٺي آهي اُن ۾ گڏجي ٿا هلون‘ اسان چيو ٻہ منٽ ترسو دوست پھچن نہ تہ وري ڳوليندا، تيستائين مرتضيٰ ۽ ممتاز بہ پھچي ويا، چيائون ’گاڏي آهي،‘ چيوسين ’ها،‘ چيائون ’اسان جي پويان پويان اچو، هِنن جي ڳوٺ اوطاق تي پھتاسين، اڳ ۾ هڪڙي وين ۽ ٻيون ڪارون ڄڻ دعوت تي آيا هجون، اندر اوطاق بہ ڀري پئي هُئي ماڻھن سان، اسين بہ وڃي پاسو وٺي ويٺاسين، ڇوڪرا بيٺل هئا مھمانن جي ميزباني لاءِ، جيڪو نئون ماڻھو پي آيو اُن کي پاڻي پياريندا ويا، اڌ منو ڪلاڪ گُذريو مس تہ دوست دسترخوان وِڇائڻ لڳا، اسين هڪٻئي ۾ ڏِسي حيرانگي جو اظھار پيا ڪريون، ڪجهہ دير بعد ماني لڳي، ڪڪڙ جو ٻوڙ، ڪڻڪ جون مانيون ۽ اڇا چانور، ماني سڀني کاڌي ميزبان دوستن چيو ’دوستو معاف ڪجو جلدي جلدي ۾ اِهو ڪجهہ ڪري سگهياسين،‘ چيوسين، ’ادا هي تہ تمام گهڻو آهي، هِن وقت ۽ اهڙي صورتحال ۾‘ چيائون ’بلڪل صحي ٿا چئو ٻار ٻچا سڀ سوڳ ۾ ورتل آهن، پر مھمانن کي ايئن تہ ناهي ڇڏڻو‘. ماني کائڻ بعد ڪي دوست ڪچھري ڪندا رهيا، ڪي پاسو وٺي سُمھي پيا، اسين جاڳندا ڪچھري ڪندا رهياسين، اهڙي صورتحال ۾ ننڊ جو اچڻ تہ ممڪن نہ هو، سياست تي گفتگو ۽ سڀني جي اندازِ بيان ۾ پنجاب سامراج سان نفرت جو اظھار جهلڪي رهيو هو. گهڻا تہ اِها بہ راءِ رکي رهيا هئا تہ هاڻي آصف زرداري کي اعلان ڪرڻ گُهرجي علھدگي جو، هاڻي گهڻو ٿيو، اسان سنڌين سڄي عمر ٺيڪو کنيو آهي پنھنجي ليڊرن جا لاش کڻڻ جو، بس گهڻو ٿيو. هر ماڻھو مڪمل ڏُکايل ۽ جذباتي ڪيفيت مان گُذري رهيو هو، ڪھڙي بہ پارٽي جو هُجي يا نہ، پر هر ماڻھو کي پنجاب کان هاڻي نفرت ٿيڻ لڳي آهي. ذوالفقار علي ڀٽي جھڙي ليڊر کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسي ڏِني وئي، اُن جي وڏي پُٽ کي گهر اڳيان گهات لڳائي گولين سان گهايو ويو، ننڍي شھزادي شاهنواز کي زهر ڏئي مارايو ويو، هاڻي سنڌين جي آخري ليڊر آخري اُميد بينظير کي بہ شھيد ڪري ڇڏيائون. سڀني جو خيال اِهو هو تہ آصف زرداري اعلان ڪري باقي سڀئي پارٽيون اُن جو ڀرپور ساٿ ڏينديون. منھنجي مَن ۾ بہ اِها دُعا هئي شال ايئن ٿئي.
رات جا ساڍا ٽي ٿي چُڪا آهن، ميزبان دوستن کي چيوسين هاڻي اسان کي اجازت ڏيو، اڳتي وڃون، ممڪن آهي، هِن وقت ماڻھو روڊن تي نہ هجن، اسين پنھنجي گهر پھچي وڃون، ايئن پوءِ آهستي آهستي سڀئي دوست هِنن کان موڪلائيندا پنھنجي پنھنجي منزل ڏانھن نِڪرڻ لڳا،
رستي ۾ جڳھہ جڳھہ تي رُڪاوٽون پيل نظر آيون، ڪِٿي وڻ وڍي روڊ بند ڪيو ويو هو، ڪِٿي ٽائر ساڙي، پر سڄي روڊ تان پاسا ڪُنڊو وٺندا وٺندا نيٺ فجر ويل ماتلي شھر ۾ پھتاسين. اِهو واقعو ھميشہ لاءِ ذهن تي نقش ٿيل آهي. ٻي ڏينھن محترمه جي شھادت تي هِڪڙو غزل بہ لکيم:
تاريخ ۾ سنڌ کي سرواڻي مِلي آ.
شھيدن جي رَت جي ڪھاڻي مِلي آ.

اسان کي پلئہ پيون رُڳو شھادتون ئي،
ڪڏهن هوشو، هيمون ۽ مياڻي مِلي آ.

ڪڏهن سنڌ، دار تي ’زُلفي‘ ٿو مُرڪي،
ڪڏهن سنڌ ’بلاول‘ سان گهاڻي مِلي آ.

ڪڏهن گهوٽ سنڌو جا گهاڻن ۾ گهايا،
ڪڏهن شام ڪِلفٽن جي رَت هاڻي مِلي آ.

وري اڄ سنڌو کي ساڙيو ويو آ،
وري سنڌ جيجل کي ’شھيد راڻي‘ مِلي آ.

اڙي وقت! سنڌوءَ سان ويرَ ايڏو!،
سڄي سنڌ زخمي ۽ ساڻي مِلي آ.

جڏهن ڀي جتي بہ جَبر ٿيو جاري،
اُتي ’ساگر‘ سنڌو سينو تاڻي مِلي آ.

ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ وري هڪڙو ڪالم لکيم ، ’پُڄاڻا پرين ڏجي باھہ ڀنڀور کي‘مون شديد غم ۽ ڪاوڙ ۾ هي ڪالم لِکيو، جيڪو اُن وقت جي ٻِن ٽِن رسالن ۾ ۽ هِڪڙي مرتب ڪيل ڪتاب ۾ بہ شايع ٿيو هو.

مير مرتضيٰ ڀٽو زنده هجي ها تہ ...
اڄ ميرمرتضيٰ ڀٽو زنده هجي ها تہ آءٌ سندس پارٽي جو سرگرم ڪارڪن ۽ ڪنھن عھدي تي ضرور هُجان ها، مير مرتضيٰ کان اڳ ۽ پوءِ اهڙو سچو، کرو ۽ باغي ليڊر ڪو ٻيو مونکي ملڪ ۾ نظر نہ آيو، تنھن ڪري مون ڪڏهن ڪنھن بہ سياسي پارٽي ۾ دلچسپي نہ ورتي. مير مرتضيٰ جي قبر تي قُل پڙهڻ کانپوءِ آئون هليو ويس ماضي ۾.
(جڏهن مير مرتضيٰ ڀٽو رپ ۾ محمد حنيف ٿيٻي جي دعوت تي آيو هو، اُتي هِن مٿير مڙس کي ڀر ۾ بيھي ڏِٺو هو. ڇا تہ مڙس هو، ان وقت مون ۽ منھنجي دوست خالد اهو فيصلو ڪيو تہ اسان مير مرتضيٰ جي پارٽي ۾ شامل ٿي سندس گوريلا گارڊ بڻجي، هر وقت هِن سان گڏ هونداسين، پر وقت جي ظالم يزيدن اسان جي انھيءَ خواب کي پورو ٿيڻ کان پھرين ئي پورو ڪري ڇڏيو. جڏهن 20 سيپٽمبر 1996ع جي اڀاڳي شام 70 ڪلفٽن جي ويجهو سندس گهر وٽ گهات لڳائي ويٺل رياستي دلالن مير مرتضيٰ سميت سمورن ساٿين کي گولين جا مينھن وسائي شھيد ڪري ڇڏيو هو، ٻي ڏينھن جڏهن اِها خبر اخبارن ۾ فرنٽ پيج تي مين هيڊنگ ۾ لڳل هُئي، تڏهن اُن اخبار پڙهڻ کانپوءِ بہ اسان کي ڪو اعتبار نہ پيو اچي تہ مير مرتضيٰ کي شھيد ڪيو ويو آهي، يا مير مرتضيٰ هاڻي هِن بي درد دُنيا کي ڇڏي وڃي چُڪو آهي، دل اهڙي ڪنھن بہ ڳالھہ کي مڃڻ کان صفا نابري واري بيھي رهي. تنھن ڪري هيڊنگ جي اکر اکر کي وري وري پيا پڙهون، ايئن ڄڻ اخبار وارن غلط خبر ڇپي آهي. هاءِ هاءِ:
ڪونہ جُهڪيا
او ظالِم تُنھنجي ظُلم اڳيان،
جيءُ هزارين جُهري پيا،
تو گهاوَن تي پي گهاوَ ڏِنا،
تنھنجي گهاوَن تي ڪي ساھہ ٽُٽا،
تو روڊن تي راتاھہ هنيا،
تو گَسن تي ڪي گهوٽ ڪُٺا،
پر ڪونہ جُهڪيا پر ڪونہ جُهڪيا،
او ظالم! تنھنجي ظلم اڳيان،
سِر اُنھَن جا سنوان هُيا،
سِر اُنھَن جا سنوان هُيا.
بي اختيار منھنجي اندر مان اِها آھہ نِڪتي جنھن کي نثري نظم جو نالو ڏِنم ۽ ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع پڻ ٿيو.
18 سيپٽمبر 1954ع تي ڪراچيءَ ڪلفٽن تي سنڌ وطن جي سدا ملوڪ سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو جي اڱڻ تي اکيون کوليندڙ ميرتضيٰ ڀٽو اِهو ڪِٿي ڄاتو هو تہ انھيءَ ئي 70 ڪلفٽن گهر اڳيان گهات لڳائي مونکي منھنجي جواني ۾ ئي شھيد ڪيو ويندو. هن جڏهن 1971ع ۾ ’اوليول‘ جي امتحان ۾ ڪراچي گرامر اسڪول مان پاس ڪيو ۽ گريجوئيشن ڪرڻ لاءِ هارورڊ يونيورسٽي ڪرائسٽ چرچ ڪاليج آڪسفورڊ ۾ ايم.لٽ (M.Lit) جو ٽن سالن جو ڪورس پڙهڻ لاءِ ويو، پر اهو ڪورس اُن ڪري اڌ ۾ ڇڏي ملڪ موٽڻ چاهيو، جو لاهور هاءِ ڪورٽ جي عدالت قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ سندس والد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسيءَ جي سزا سُڻائي هئي، پر پنھنجي والد جو نياپو مِليس تہ تون ٻاهر ويھي منھنجو ڪيس مضبوطيءَ سان وڙهي سگهين ٿو. بين الاقوامي قوتن کي اعتماد ۾ آڻي سگهين ٿو. تنھن ڪري ملڪ موٽي نہ اچ.
مير مرتضيٰ پنھنجي ننڍي ڀاءُ شاهنواز ڀٽو سان گڏجي جدوجهد جو آغاز ڪيو، پر هي پنھنجي والد کي قتل جي ڪوڙي ڪيس مان آزادي ڏياري نہ سگهيا. انڌي عدالت ڪوڙي ڪيس ۾ هيري جھڙي محبِ وطن وزيراعظم کي ڦاسيءَ ڏئي ڇڏي ۽ هِنن ٻنھي ڀائرن پنھنجي تعليم کي اڌ ۾ الوداع ڪري جمھوريت جي بحالي لاءِ آمريت جي اک جو ڪنڊو بڻجي، هِڪڙي للڪار ٿي اُڀريا، نتيجي ۾ شاهنواز کي پنھنجي افغاني زال ريحانہ هٿان زهر ڏئي شھيد ڪرايو ويو، پر مير مرتضيٰ پنھنجا پير سنڀالي ويو ۽ پنھنجي افغاني زال کي طلاق ڏئي وڃي خليل جبران جي ديس لبنان جا وڻ وسايا، جن صنوبرن جي وڏن وڻن ۾ خليل جبران جو ’بشريٰ‘ نالي ڳوٺ آهي. پنھنجي لاءِ جنھن ساٿي جي چونڊ ڪيائين اُها بہ خليل جبران جي ديس جي ’غنويٰ‘ هُئي، ’غنويٰ معنيٰ اڻپورو گيت.‘ جيڪا سندس ڌيءَ فاطمه ڀٽو کي پڙهائيندي هُئي.

شھيد شاهنواز ڀٽو کي بہ ياد ڪيوسين
شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سڀني کان ننڍي اولاد شاهنواز ڀٽو تي جڏهن قُل پڙهي ورتم، تڏهن من ۾ هِڪڙو عجيب خيال آيو تہ ماڻھو پاڻ ڪجهہ بہ ناهي، هِي سڀئي ڀال ڀاڳ جا ئي هوندا آهن. سھڻي منھنجي سنڌ جي سيني تي ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بيگم نصرت ڀٽي جي اڱڻ تي 1958ع ۾ آخري اولاد طور جنم وٺندڙ شاهنواز ڀٽو، شروعاتي تعليم سنڌ ۾ پڙهي، باقي تعليم سئٽزرلينڊ ۾ پرايائين ۽ پوءِ شادي وري افغانستان جي افغاني جنرل شاهنواز جي ڌيءَ ريحانہ سان ٿي. رهيو وري وڃي فرانس ۾. هِن جي خوش مزاج طبيعت هئڻ سبب سڀئي گهر ڀاتي هِن سان پيار ڪندا هئا، هِن کي ڀائندا هئا، پر ڀاڳ جا ڀال ڪجهہ بُرا هئا، هن بھادر ڀُٽي شاهنواز سان. جڏهن 27 سالن جي ڦوھہ جواني کي پھتو تہ کيس 18 جولاءِ 1985ع ۾ پنھنجي وجود جي اڌ (يعني پنھنجي زال) زهر ڏئي ابدي ننڊ سُمھاري ڇڏيو ۽ دفن ٿيڻ لاءِ وري بہ سنڌ جي سيني سان موٽي اچي مِليو.
اڙي زندگي! تون بہ ڪيڏي ڏُکي،
توکي شاھہ پارا نہ سمجهي سگهيا.
مزار کان ٻاهر آياسين، مقبري جي ڀرسان اُنھن جانثارن جي قبرن تي بہ قُل پڙهياسين، جن تي ننڍڙيون ڪاٺ جون تختيون ’مان ڀٽو آهيان‘ لِکيل لڳل آهن. گيٽ ڪراس ڪري بازار ۾ آياسين بازار ۾ صرف ۽ صرف ٻارڙن جي رانديڪن جا دُڪان ۽ ماين جي چوڙين وغيره جا، چيم نہ اهڙي ئي بازار آهي جھڙي ٻين درويشن جي درگاهن اڳيان هوندي آهي. اسان بہ ٻارڙن جي لاءِ رانديڪا ورتا، ڇو جو ننڍڙا ٻار تہ فرمائش ڪندا آهن، اسان لاءِ ڪجهہ وٺيو اچجو، پر ٻارڙن کي اِها خبر نہ هوندي آهي تہ اسان تہ تاريخ ۽ تاريخي جايون گُهمڻ لاءِ ويندا آهيون پوءِ نئين ماڳ تي ڪابہ اهڙي جاءِ، ڪا مزار، ڪا مسجد، ڪو مندر، ڪو دڙو، ڪو ڀڙو، ڪا ڍنڍ، ڪو درياءَ، ڪا پُل، ڪو پارڪ سڀ گُهمندا آهيون، شھر ۽ بازارون ناهيون گُهمندا، پر ٻارڙن کي ڪير سمجهائي، سو هِتي موقعو مِليو تنھن ڪري ورتاسين. هاڻي لاڙڪاڻي ضلعي جي نئون ديرو جي ڳڙهي خدابخش کي خدا حافظ چوندي سکر ڏانھن سفر شروع ڪيوسين.


جيڪي سفر ۾ هسمفر هئا

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دِلچسپي رکندڙ، تاريخ لِکندڙ، ماتلي جي تاريخ لِکي اٿس، اُن کان علاوه حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منھنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هِن جا سھيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪِتاب لِکيو اٿس، جنھن ۾ پوري نظاماڻي قبيلي جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوه کوڙ ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب لِکيا، سھيڙيا ۽ مُرتب ڪيا اٿس. ”محمد صديق مسافر جي علمي، ادبي، تعليمي، صحافتي ۽ سماجي خدمتن جو تحقيقي مطالعو“ جي عنوان سان محمد صديق مسافر تي پي ايڇ ڊي ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس.

ڊاڪٽر آزاد قاضي: ڳوٺ قاضي دڙا، تعلقي ڏوڪري جي نامور پرائمري استاد محمد حسن جي اڱڻ تي 15 نومبر 1956ع تي اکيون کوليندڙ عبدالاحد، جنھن پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ قاضي دڙا ۾ پرائي ۽ سيڪينڊري تعليم باڊھہ ۾ پڙهيائين. 1976ع کان سيڪينڊري اسڪول ٽيچر ملازمت جي شروعات ڪئي. 2001ع کان سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرر طور مقرر ٿيو. ”جي. ايم سيد جون سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ خدمتون“ عنوان هيٺ Phd جي ڊگري حاصل ڪئي. 2016ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور رٽائرمينٽ ورتي. 1983ع کان راڌڻ تعلقي ميھڙ ۾ رهائش آهي. 1976ع کان مختلف موضوعن تي لکڻ جي شروعات ڪئي. ۽ اِهو لکڻ جو سلسلو هلندڙ آهي، هن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن.

عاشق نظاماڻي: خير محمد نظاماڻي جي اڱڻ تي 5 مارچ 1965ع ۾ جنم وٺندڙ عاشق علي، جنھن پنھنجي تعليم ايم.اي (سنڌي) ۽ بي ايڊ ڪئي ۽ پوءِ تعليم کاتي ۾ استاد ٿي شيخ زيد هاءِ اسڪول کان شروعات ڪئي، 1980ع ڌاري پنھنجي ڳوٺ نئون آباد، تعلقي ڏوڪري کي الوداع ڪري اچي هِتي شھر لاڙڪاڻي ۾ رهيو. عاشق نظاماڻي راڳ جي سِکيا پنھنجي استاد انور علي سانگي کان ورتي، ۽ ريڊيو تي پھرين ڀيرو غزل رڪارڊ ڪرايو ۽ 1989ع ۾ پي ٽي وي تي ڪچھري پروگرام ۾ ڪلام ’اويلا مسافر تون هيل نہ اچجان‘ ڳايو.

منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شھر سان تعلق رکندڙ، منھنجو ڀاءُ آھي، سُٺي دل رکندڙ آھي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آھي، پنھنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آھي. گُهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ ھميشہ چوندو آهي، گُهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منھنجي حاضر آهي.
مور ساگر: ’ڪي جاڻا مين ڪوڻ بُليا‘

( 08 اپريل 2019ع - ضلع لاڙڪاڻو )

سکر سيئي ڏينھن

روانگي
سکر سيئي ڏينھن جي مون گهاريا بند ۾،
نيئر منھنجي نينھن، اُجاري اڇو ڪيو.
سھڻي منھنجي سنڌ جي ٽيون وڏو شھر سڏيو ويندڙ سکر ڏانھن جيئن ئي سفر شروع ڪيوسين تہ مونکي سھڻي لطيف جو مٿيون شعر ياد اچي ويو ۽ شعر سان گڏ، ’سکر سيئي ڏينھن‘ محمد اسماعيل عرساڻي جي آتم ڪٿا جو ڪِتاب بہ، جنھن جو ٻيو ڇاپو ڪمپيوٽر تي ڇپيو هو تہ اِهو مون ڇپيو هو. اوسر پيڙهڪا امانتاڻي جي باني ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب ۽ سندس فرزند امتياز احمد عرساڻي صاحب وارن اِهو ڪِتاب ٻي ڇاپي جي صورت ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. سکر ڏانھن پنڌ جيسين کُٽي تيستائين، ذهن ۾ ڪيئي خيال پيا اچن تہ، معصوم شاھہ جو منارو، لبِ مھراڻ، لئنس ڊائون پل، ساڌ ٻيلو، سکر بئراج سڀئي جڳھيون گُهمبيون. ذهن ۾ هڪ فھرست جُڙي وئي.

احسان راهوجي جي شھر مدئجي مان مٽياسين
مدئجي ڪراس ڪئيسين، دِل تہ چوندي آهي رستي ۾ ايندڙ سڀئي شھر ڳوٺ ۽ اسٽاپ ڏِسجن، پر وقت جي مناسبت سان اِهو ممڪن ناهي هوندو، مدئجي، ڳڙهي ياسين تعلقي، ضلعي شڪارپور جو شھر آهي، يعني هن وقت اسين لاڙڪاڻي کانپوءِ ضلعي شڪارپور ۾ هلي رهيا آهيون، هي مدئجي شھر موهن دڙي کان 68 ڪلوميٽر اوڀر طرف ٻُڌايو وڃي ٿو ۽ هِن شھر ۾ 2016ع ۾ 132 ڪي وي جي گرڊ اسٽيشن جو بہ افتتاح ٿيو آهي.
مون وٽ مدئجي جي اِها سُڃاڻپ آهي تہ منھنجي پياري دوست احسان راهوجي جي جنم ڀومي ’ڀونڀوٽ‘ هِن مدئجي جي بلڪل ويجهو ئي آهي ۽ احسان راهوجي جو شھر هي ئي آهي، هاءِ اسڪول بہ هِتي ئي پڙهيو، احسان کي منھنجي سڀني دوستن ۾ اِهو اعزاز حاصل آهي تہ منھنجي زندگي جي جيڪا پھريون ڀيرو سالگرھہ ملھائي/ڪيڪ ڪٽيو ويو، اِهو احسان راهوجي جي حِصي ۾ اچي ٿو، سرپرائيز وانگر هُئي. (تفيصل ڪِٿي ٻي هنڌ لِکبو) باقي مونکي اُن وقت سندس دوستي تي ڏاڍو رشڪ ٿيو هو. هن وقت احسان حيدرآباد ۾ رهندو آهي. ڊيوٽي ٽنڊو محمد خان ٽريزري ۾ اٿس.
ظھر جي نماز جو وقت ٿي ويو آهي، آءٌ ۽ سائين ڊاڪٽر عبدالجبار نظاماڻي روڊ جي ٻنھي پاسن کان اِهو ڏِسندا پيا اچون تہ جِتي بہ مسجد نظر آئي، اُتي بريڪ ڪري، نماز پڙهنداسين، رستي ۾ ميرزاپور نالي هِڪڙو اسٽاپ آيو، روڊ جي پاسي کان مسجد ٺھيل آهي، گاڏي کي مسجد جي ڀر ۾ پارڪ ڪري اڳين ۽ وِچين نماز گڏي پڙهيسين، توڻي جو اسان تي سفر نماز آهي، پر جِتي بہ وقت ٿئي ٿو تہ نماز پڙهڻ فرض آهي.
هاڻي سائين عبدالجبار سکر واري ميزبان حڪيم شبير بلو سان رابطو ڪيو، جنھن ٻُڌايو تہ آءٌ اوهان جو انتظار پيو ڪريان، کيس ٻُڌايوسين تہ بس رستي ۾ آهيون، چيائين سکر پھچي پيپسي چونڪ جي پُڇا ڪجو، اُتي آءٌ بيٺو هوندس. کِلندي چيم، سائين عبدالجبار پاڻ وارو دوست لڳي ٿو سکر پھچندي ئي پيپسي پياريندو، پر اِهو منھنجو خام خيال آهي، ممڪن آهي قصو اِن جي اُبتڙ هُجي. سو سکر جي بلڪل ويجهو پھچي ويا آهيون، بس چند منٽن ۾ سکر جي سرزمين تي پنھنجا پير هوندا.

سکر شھر پھتاسين
سکر شھر ۾ داخل ٿياسين، پيپسي چونڪ جي پُڇا ڪئيسين، ڏس مِليو ٿورو پنڌ اڳتي ويندا تہ پيپسي چونڪ هوندو، چونڪ تي پھچي سائين عبدالجبار فون ڪئي، حڪيم شبير بلو کي، حڪيم شبير بلو روڊ جي اولھہ طرف ۽ اسان اوڀر طرف بيٺا هئاسين، گاڏي جا پار پتا ڏِناسين، ڏِسي ورتائين، مِلياسين، پوءِ پاڻ اڳيان هليو اسين پويان پويان جنھن رستي تان اسان کي وٺي پيو هلي اِهو هاڻي تازو اُڊيڙي اُکيڙي ڇڏيو اٿن، وڏو نالو پيو ٺھي، جيڪي اورآل پوري سنڌ جي شھرن ۾ ٺھيا آهن، اسانجي شھر ماتلي ۾ پڻ ٺھيو آهي، سکر ۾ بہ اِهو ڪم هلندڙ آهي.
سکر، جنھن جي لفظي معنيٰ ايئن ٿي نِڪري تہ سُک، چين آرام جيئن هر شھر جي نالن جي ڪا ڪھاڻي هوندي آهي، ايئن سکر بہ سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي، جيڪو سُک مان نِڪتو آهي. هاڻي هِن شھر ۾ ڪيترو سُک، سُڪون يا شانتي آهي، اِهو معلوم هِتي جي رهواسين کي هوندو، اسين تہ ٿياسين پرديسي پکي، پل کن رهي راهي ٿينداسين/اُڏري وينداسين.
سُھڻي منھنجي سنڌ جو هي ٽيون نمبر وڏو شھر سڏيو ويندڙ، سکر جيڪو سنڌو دريا جي اولھندي ڪپ تي آباد آهي، دريا جي اوڀر ۾ تاريخي شھر روهڙي، جنھن ۾ بيدل ۽ بيڪس مدفن آهن. 1889ع ۾ انگريزن لئنسڊائون پل جي ذريعي هي ٻئي شھر پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيا. مون تہ اِهو پڙهيو آهي تہ جڏهن برطانوي راڄ هو تہ سکر ڳوٺ هو ۽ اُن جي پاسي ۾ نئون سکر شھر جوڙيو ويو، 1900 تائين هي شڪارپور ضلع جو حِصو هو، پوءِ 1901ع ۾ ضلعي شڪارپور کي ٽِن حِصن ۾ ٽوڙيو ويو، يعني هي سکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻو. اُن کان بہ پھرين بکر تعلقي ۾ سکر هو، نادر شاھہ جي وقت کان پوءِ شڪارپور ۾ شامل ڪيو ويو. جنھن سڀ کان پھرين هِن شھر سکر کي سينگاريو، ٺاهيو، اُهو هو ڪليڪٽرن جو بابو آدم ڪرنل ميھو. سکر کي ميونسپالٽي جو درجو 1856ع ۾ مليو، اُن وقت شھر جي آبادي ٻارھن هزار جي قريب هئي، اُن وقت جي حڪومت شھرين مان پاڻ ميمبر چونڊيندي هئي. 1883ع ۾ سکر کي ضلعو بڻايو ويو. اُن کانپوءِ 1884ع ۾ شھر واسين کي پاڻ کي ميمبر چونڊڻ جو حق ڏِنو ويو.
پر صدر وري بہ ڪليڪٽر ٿيندو ۽ پھريون صدر جي ڪرسيءَ تي جيڪو ويٺو، اهو هو راءِ صاحب ديوان پيسو مل. 1911ع ۾ شھرين کي صدر چونڊڻ جو بہ حق مِلي ويو، شھرين جيڪو صدر چونڊيو اُهو هو وڪيل ديوان ڀوڄسنگه. 1936ع ۾. جڏهن سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي صوبو ٿيو، تڏهن بہ سنڌ اسيمبلي جو پھريون اسپيڪر ساڳيون ديوان ڀوڄسنگه ٿيو. 36 سالن جي عرصي يعني 1911ع کان 1947ع تائين صرف هڪ دفعو مسلمان صدر ٿيو، باقي سڀ غير مسلم صدر ٿيندا رهيا.
پُراڻو سکر ڏهه/ٻارھن هزار آبادي رکندڙ هو، 1947ع کان پوءِ هندستان مان آيل اسان جا مذهبي ڀائر جن جي اچڻ سان آبادي وڌي وڃي اسي هزارن تي پھتي، نالو بہ پيو نئون سکر. اِن نئين سکر ۾ 1950ع ۾ سنڌ انڊسٽريل ٽريڊنگ ايسٽيٽ (ايس آءِ ٽي اِي) قائم ڪئي وئي. 1962ع ۾ ڪولمبو پلان موجب ڪئناڊا حڪومت ۽ جمھوريه پاڪستان وچ ۾ ٿرمل پاور جي تعمير لاءِ هِڪڙي معاهدي تي صحيحون ٿيون. اُن تي ايندڙ خرچ 5 ڪروڙ 38 لک ۽ 40 هزار روپيا حڪومت ڪئناڊا ڏِنا هئا.

گُلشن جو هي حال آهي تہ ويراني جو ڇا هوندو
اسين ڏُکيا سُکيا نيٺ اچي حڪيم شبير بلو جي گهر اڳيان پھتاسين، بيٺڪ کوليائين، هي بہ همراھہ ڪتاب گڏ ڪرڻ جو وڏو شوقين ٿو لڳي، مون وانگر خبر ناهي پڙهي بہ ٿو يا صرف ڪتاب گڏ پيو ڪري. هاڻي تہ رکڻ جي جڳھہ ئي نہ اٿس. ڀڳل ٽـُٽل المارين ۾ سٿيا پيا آهن، وچ تي ٽيبل بہ ڪتابن سان ڀري پئي آهي. بس پاڻي گلاس پيتوسين، کيس چيوسين ٻي ڪا بہ تڪليف نہ ڪريو، اسان وٽ وقت ٿورو آهي، اسانکي معصوم شاھہ جي مناري ۽ سکر جي پُل ڏانھن وٺي هل، اُنھن مان بہ جيڪو پھرين رستي ۾ پوي اُهو ڏِسنداسين، چيائين پھرين رستي ۾ معصوم شاھہ جو منارو آهي، پوءِ هلنداسين دريا تي پُل ڏِسنداسين، وري بہ اُنھي ئي روڊ تي هلندا اڳتي وياسين کائنس پُڇيوسين هي ڪالوني ڪھڙي آهي، ٻُڌايائين ’هي گُلشنِ اقبال ڪالوني آهي،‘ مذاق ۾ چيومانس’ گُلشن جو اهڙو حال آهي تہ پوءِ ويراني جو ڇا حال هوندو...‘ خير دُعائون پڙهندي گُلشنِ اقبال ڪالونيءَ جي گُلشن مان ٻاهر نِڪتاسين، اڳيان سکر ريلوي اسٽيشن آهي، ريلوي اسٽيشن جي ڀر مان گُذرندي مختلف روڊن تان ٿيندا، آياسين معصوم شاھہ جي مناري تي، جيڪو اسانکي پري کان پاڻ پَسائي رهيو هو. بلڪل ايئن جيئن ڪي ايل/ ڪوالالمپور گُهمندي ٽو اِن ٽاور کي پري کان ڏِسي خوشيءَ جو اظھار ڪيو هوسين تہ او اِهو آهي ٽو اِن ٽاور. ٻنھي ۾ فرق تہ رات ۽ ڏينھن جو آهي. ٻيو تہ هي معصوم شاھہ جو منارو هِڪڙي تاريخي اهميت رکي ٿو، هو تہ ٽاور اندر هڪڙو شھر رکي ٿو، جنھن ۾ هر قسم جا هٽ ۽ آفيسون موجود آهن.

معصوم شاھہ جي مناري مٿي
تمام مٿي اوچائي تي نظر ٿو اچي، اندر آياسين ٽڪيٽ وارو همراه ويٺو هو، پُڇيائين ’مٿي چڙهندا؟‘ چيوسين ’چڙهڻ ئي تہ آيا آهيون،‘ چيائين 20 روپيا ٽڪيٽ آهي،‘ اسان 80 روپيا ڏِنا، آياسين مٿي، ليڊيز اسانکان اڳ ۾ اُتي موجود هئي، بس پوءِ هِڪ سائيڊ هو بيھن تہ هِڪ سائيڊ اسين، سيڙهيون ڳڻيندو چڙهندو ويس 84 سيڙهيون ڳڻجڻ ۾ آيون، مٿي سوڙهو آهي، باقي مٿي بيھي سڄو شھر پيرن هيٺ ۽ هِڪ سائيڊ کان دريا بہ نظر پيو اچي، بلڪل ايئن جيئن ملاڪا جي اليڪٽرونڪ ٽاور تي مٿي بيھي سڄي شھر جو سير ڪجي ٿو، هڪ پاسي کان سمنڊ ئي سمنڊ نظر اچي ٿو. هتي بہ سکر شھر ايئن ٿو نظر اچي. جڏهن واپس هيٺ لٿاسين تہ ڄڻ ٽَنگُن ۾ ڪي ڳنڍا ٿي پيا هُجن، ڏاڍو سور هو ٽَنگُن ۾ ٿوري دير جي لاءِ!
مير محمد معصوم بکري جڏهن هِن مناري جي تعمير ڪرائي هئي تڏهن خبر ناهي ڄاڻي ٻُجهي يا اتفاق سان هِن جي ويڪر، ڊيگهہ 84 فوٽ ڪئي وئي، جڏهن تہ مناري اندر ڦيريدار ٺھيل چاڙهي جا ڏاڪا بہ 84 ئي آهن، جيڪي مون پاڻ ڳڻي پورا ڪيا هئا. 1003ع ۾ هِن جي پيڙھہ رکي شروعات ڪئي وئي، مڪمل ٿيڻ کان پھرين ئي مير معصوم شاھہ هي جهان ڇڏي هليو ويو، رهيل ڪم سندس فرزند مير بزرگ 1027 تائين مڪمل ڪرايو. ٽڪري تي ٺھيل هن مينار ۾ پڪين سرن کي چُن سان گڏ استعمال ڪري اهڙو تہ مضبوط بڻايو ويو آهي، جو اڄ ڏينھن تائين تاريخي علامت طور اُڀو بيٺو آهي، تاريخي حيثيت سان گڏ هِڪ تفريح مقام پڻ آهي.

جيڪو سکر واري پُل تي
شبير بلو صاحب هاڻي اسين سِڌو هلنداسين سکر واري پُل تي، پُل تي پھتاسين، پھرين گاڏي کي سائيڊ تي پارڪ ڪيوسين، پُل جي پاسي ۾ هِڪڙي ٽڪري آهي، اُن تي آياسين، اِها ٽڪري پُل جي اوڀر طرف آهي، جنھن ڏانھن شبير بلو اِشارو ڪندي چيو، ’هِتي روز شام جو ڪنڍيون لڳنديون آهن،‘ چيوسين ’درياءَ مان مڇي ماريندا آهن،‘ مُسڪرائيندي چيائين ’نہ، اسان جو ڪوڊ ورڊ آهي، هِتي جيڪي گرل فرينڊ کي وٺي ايندا آهن اُنھي کي ڪنڍي چوندا آهيون، گهر واريءَ کي ميٽر چوندا آهيون، ڇوڪري کي بيٽري چوندا آهيون، کدڙي کي سولر چوندا آهيون،‘ انھيءَ تي اسين ڏاڍو کِلياسين، هنن جا ڪوڊ ورڊ ئي پنھنجا.
اسان سمجهو تہ پنڌ ٿا پُل تي وڃون ڪجهہ پنڌ ڪيوسين بہ، پر پُل تمام وڏي آهي ۽ اسان وٽ ايترو وقت نہ هو، وري واپسي آياسين گاڏي کنئيسين، گاڏي وري ڪِٿي بيھارڻ جي جاءِ ناهي، قطار ۾ وڃي پُل جي ٻاهر نِڪرڻو آهي، پُل جي ٻاهر جڏهن نِڪتاسين تہ گاڏي کي سائيڊِ ڪري، ريلوي پٽڙي ڪراس ڪئيسين، پُل جي پاسي ۽ دريا وٽان ساڌ ٻيلي جي سامھون بيھي فوٽوگرافي ڪئيسين، ساڌ ٻيلي کي پري کان ڏِٺوسين، اُتي وياسين نہ، اُتي وڃڻ جو پھرين تہ وقت نہ هو، ٻيو تہ الائي ڪھڙو طريقڪار هو. اسانجي علم ۾ نہ هو. تنھن ڪري نہ وياسين، پُل جي خوب فوٽوگرافي ڪئيسين. آخر ۾ هيٺ لٿاسين سائيڊ کان ڏِٺم ننڍڙو بورڊ لڳو پيو آهي، ’ممنوع علائقا‘ سڀني کي چيم ڪم پاڻ ڀلو ڪيو آهي، بورڊ پڙهڻ کان بِنا هليا آياسين، اُتي جِتي منع ٿيل آهي.
هِن لئنسڊائون پُل جي لاءِ ٻُڌو هو تہ انگريزن طرفان سکر ۾ اهڙي پُل ٺھرايل آهي، جنھن تان گاڏيون گُذرڻ کانپوءِ وري هيٺ دريا ۾ ڪيرائي ڇڏيندا آهن، جڏهن گاڏيون گُذرنديون آهن تہ وري مٿي ڪندا آهن، اِها ڳالھہ اسان ننڍپڻ ۾ ٻُڌي هُئي، اڃا ڪِٿي پڙهي نہ اٿم. بھرحال 1889ع ۾ تيار ٿيل هِن پُل جي پاسي ۾ هِڪ ٻي پُل بہ ٺھيل آهي، جنھن کي 1962ع ۾ صدر ايوب جي دؤر ۾ تعمير ڪيو ويو هو، جنھن جو نالو بہ ’ايوب پُل‘ رکيو ويو آهي. اسان خوب فوٽوگرافي ڪري اُڪري پار ٿياسين، روهڙي ۾.

روهڙي ۾ رهياسين پَل هِڪڙو
هِتي مونکي حيراني ٿي تہ سکر ۽ روهڙِي ٻئي جاڙا شھر آهن، صرف درياءَ وچان آهي، جيڪو پُل ذريعي ٻنھين شھرن کي ڳنڍي ٿو، بِلڪل ايئن جيئن ملائيشيا ۽ سينگاپور ٻہ الڳ ملڪ آهن، پر وچان صرف پُل آهي جيڪا ملائيشيا جي شھر ’جوهر بارو‘ ۾ آهي، اُها ڪراس ڪبي تہ سينگاپور، پر اسان وٽ ايترو وقت نہ هو، تنھن ڪري جوهر بارو نہ وڃي سگهياسين، ريل ۾ پوري ڏينھن جو سفر هو.
لئنسڊائون پُل ۽ ايوب پُل ذريعي نہ صرف سکر، پر پوري پنجاب سان ڳنڊيل هِن شھر وڏا انقلاب ڏِٺا. تاريخ جا ڪتاب لِکن ٿا تہ ڪيئي ڀيرا هي شھر اُجڙيو ۽ وري آباد ٿيو آهي. ساليانو هزارين مڻ ڪتل ۽ ڇوهارا پيدا ڪندڙ وڏي ۾ وڏي ڇوهارا منڊي رکندڙ هِن روهڙي شھر جي ريلوي اسٽيشن بہ ملڪ جي وڏين اسٽيشنن ۾ شماري وڃي ٿي. هِن شھر جو نالو بہ ڪيترن ئي محققن پنھنجي تحقيق مطابق مختلف ٻُڌايو آهي. راورٽيءَ پنھنجي ڪتاب ’ سنڌ جو مھراڻ‘ ۾ لِکيو آهي تہ، روهڙي هِڪ پُراڻو شھر آهي، جنھن جو هندي نالو ’روراپور‘ يا ’رورانگر‘ هو، ٻنھي نالن جي معنيٰ ’جبلن تي ٺھيل شھر‘ نِڪري ٿي. سنڌ گزيٽيئر ۾ هِن شھر جو نالو ’لوهري‘ لِکيو ويو آهي، هِڪ ٻي انگريز ڪپتان جي.اي. ويسٽ ميڪاٽ، ’ايشياٽڪ سوسائٽي، بنگال‘ رسالي ۾ هِن شھر جو نالو ’لوهر ڪوٽ‘ لِکيو آهي، هِڪڙا محقق چوَن ٿا تہ روهڙي دراصل ’روڙي‘ مان ورتل آهي، جيڪو ڀاشا جو لفظ آهي جنھن جي معنيٰ آهي ننڍڙو پٿر يا ٽڪري. هن شھر مان جيڪي بہ سياح گُذريا اُنھن هِن شھر کي کجين، گُلن ۽ گلابن جو خوبصورت شھر سڏيو آهي. ٺـٽي ۽ سيوهڻ جو همعمر سڏيو ويندڙ هي روهڙي شھر جنھن اسلام دؤر ۾ واپار، صنعت ۽ تعليم ۾ وڏي ترقي ڪئي. روهڙي ۾ تيار ٿيندڙ ’دريائي‘ ڪپڙو ڏيھان ڏيھہ مشھور هو. روهڙي شھر جون مِٺايون، کجور ۽ ڇوهارا گهڻو مشھور آهن، هِتي سيمينٽ جو وڏو ڪارخانو ’روهڙي سيمينٽ فيڪٽري‘ جي نالي سان آهي. هن شھر ۾ ڪيتريون ئي تاريخي مسجدون بہ آهن ۽ روهڙي جو ’ماتم‘ بہ ملڪ ۾ مشھور آهي. هِن شھر ۾ ’شاھہ لطيف ٽائون هال‘ بہ موجود آهي، جِتي علمي، ادبي پروگرام ٿين ٿا.
روهڙي شھر جا شھري پنھنجون موڪلون بہ سنڌو درياھہ ڪِناري تفريح ماڳن تي گُذارين ٿا ۽ سنڌو دريا اندر ٽي ٻيٽ، خواجہ خضر، ساڌ ٻيلو ۽ بکر تي ٻيڙين ذريعي وڃي وڏو لُطف ماڻين ٿا.
شبير بلو ٻُڌايو تہ: ’روهڙي ۾ بيدل ۽ بيڪس شاعر ٻئي پيءُ پُٽ آهن، اُنھن جون مزارون بہ هِتان کان ويجهو ئي آهن،‘ مون چيو ’بيدل ۽ بيڪس تي تہ ضرور هلبو، ڀلي کڻي وقت ٿورو بہ آهي. ڪيترو پري بہ آهن.‘ پوءِ آياسين بيدل ۽ بيڪس ڏانھن، پُل کان ٿورو اڳتي هلي هيٺ لھبو ۽ ٿورو ئي پنڌ اڳتي هلبو تہ ويجها ئي آهن، سمجهہ دريا ڪپ تي رکيل آهن.

بيدل جو قسم، بيڪس جو قسم
نالو جيئن ئي ٻُڌم تہ مونکي سرڪش سنڌي جو اِهو گيت’تون ڪاوَڙ ڇڏ، تون ڪاوَڙ ڇڏ‘ ياد اچي ويو، جنھن جي هِڪڙي مصرع ۾ آهي تہ، ’بيدل جو قسم، بيڪس جو قسم، جهونگاريم، جيئن ئي مزار ڏانھن وڌيس تہ دروازي تي هي شعر وڏن اکرن سان بورڊ تي لِکيل آهي پڙهيم:
جي طلب تينون هي ’بيدل‘ دائميٰ ديدار دي،
هٿ ڪنون ڇوڙين نہ دامنِ حيدرِ ڪرار دي.
اندر مزار تي پھرين سلام ورائي قُل پڙهياسين، بعد ۾ ديوارن تي وڏن اکرن ۾ لکيل شعر جيڪي پينافليڪس توڙي ڪاٺ جي بورڊن تي لکيل آهن، پڙهياسين ۽ اُنھن جا فوٽو بہ ڪڍيم. مقبري کان ٻاهر ديوار تي سنگ مر مر جي پٿر تي اُڪريل هي معلومات جيڪا اوهان سان شعر ڪريان ٿو:

”درگاھہ حضرت بيدل ۽ بيڪس روهڙي
حضرت فقير قادر بخش بيدلرح، سنڌ جو عظيم صوفي شاعر، برک عالم ۽ ڪامل عارف ٿي گُذريو آهي. سندن ولادت سن 1231ھہ مطابق 1815ع ۾ روهڙيءَ ۾ ٿي، سندن والد گرامي جو نالو فقير محمد مُحسن هو، جيڪو شاھہ عنايت جهوڪ واري جي سلسلي جي هِڪ بزرگ حضرت سيد عبدالوهاب شاھہ جيلانيءَ جي مريد ۽ حضرت مير جان الله شاھہ رضوي ثاني جو خليفو هو. حضرت فقير قادر بخش بيدل، قرآن، حديث، فقه ۽ ٻين علوم جا فارغ التحصل عالم ۽ مُبلغ هئا ۽ پڻ شريعت، طريقت، معرفت ۽ حقيقتن جا سيرَ ڪيل هُيس. حضرت فقير قادر بخش بيدل دستِ بيعت مريد حضرت جان الله شاھہ رضوي ثانيءَ جو هو، جڏهن تہ باطني فيض حضرت شھباز قلندر کان مِليس. حضرت فقير قادر بخش بيدل سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو کان سواءِ فارسي ۽ عربي ٻولين ۾ نظم ۽ نـثر جا ٽيويھہ ڪِتاب لِکيا آهن، جن ۾ سندس فارسي عربي ڪلام جا ديوان ۽ مثنويون پڻ شامل آهن. پاڻ پنھنجي وقت ۾ تصوف جي سلسلي جو سرواڻ ۽ بيباڪ مُفڪر ٿي گُذريو آهي. فقير قادر بخش بيدل جو وصال تاريخ 16 ذوالقعد 1289ھہ مطابق 15 جنوري 1873ع ۾ ٿيو.
سندس فرزند فقير محمد محسن بيڪس پڻ سنڌ جو باڪمال صوفي شاعر ۽ درويش ٿي گُذريو آهي، جنھن جو ڪلام پڻ سنڌي، سرائيڪي، اردو، فارسي ۽ عربيءَ ۾ آهي، فقير محمد محسن بيڪس صرف 23 ورهين جي عمر ۾ تاريخ 5 رمضان المبارڪ 1298ھہ مطابق 1882ع ۾ وصال ڪيو.
پاران
محمد اسلم شيخ- تعلقه ناظم، تعلقه ڪائونسل روهڙي“
مزار جي ٻاهران دري مٿان هِڪڙو هي شعر بہ وڏن اکرن ۾ ڪاٺ جي بورڊ تي لکيل آهي:
الالله اثبات ڪر نيھي ٿيءُ نابود،
تارن سندو تاب ويو پسي شمس شھود،
ساجد ۽ سجود محو ٿيا مسجود ۾.
’بيدل‘
۽ هِڪڙي ديوار تي پينا فليڪس تي پرنٽ ٿيل ’بيڪس‘ جو هي غزل بہ اوهان سان شيئر ڪري ڇڏجي. هونئن تہ سنڌي ادبي بورڊ وارن محمد محسن ’بيڪس‘ جو ڪتاب ’ديوانِ بيڪس‘ بہ ڇپرايو آهي.

ڪنھن ڪارڪم جا ناهيون، بيڪار ٿا ڪمايون،
مولا ميٽي مندايون، ڪر معاف جهڪا جهولا.

تو ريءَ آهيون بيگانہ، ديدار لئہ ديوانہ،
هر جا ڦِرون حيرانہ، ڪڍ غير جا تون ڀولا.

داتار تون دلاور، آڌار تو گداگر،
بخشيش ڪر بھادر، پنھنجي برھہ جا ڪي ٽولا.

پير-مغان تو ساقي، ڪو جام پيار باقي،
ٿئي صاف دل جي طاقي، لاهيو اکين جا اولا.

تون دستگير منھنجو ’بيڪس‘ فقير تنھنجو،
ٻيو در نہ تڪيون ڪنھن جو، گولن سندا هون گولا.
هي بيدل ۽ بيڪس ٻئي پيءُ پُٽ آهن ۽ ٻئي گڏ رکيل آهن. ٻنھي تي قُل پڙهي فوٽوگرافي ڪري ٻاهر آياسين،

’بيڪس‘، سونھن پرست هو
”حضرت قادر بخش ’بيدل‘ ٻہ شاديون ڪيون هيون، هِڪڙي مائـٽياڻي هُئي، هِڪڙي شڪارپور جي مغل خاندان مان ڪيائين، اُن شڪارپور جي مغلياڻي مان ڄاول محمد محسن ’بيڪس‘، سونھن پرست هو، هر حسين ۽ خوبصورت چھرو هِن لاءِ ڪشش رکندو هو. سندس والد بيدل جي وصال کانپوءِ بيڪس جهوڪ شريف شاھہ عنايت جي درگاھہ تي ڪجهہ ڏينھن رهڻ کانپوءِ، سيوهڻ هليو ويو، حضرت قلندر لعل شھباز جي حضور ۾، ان سير سفر کان واپس پھتا تہ پھرين ڪنعيي جي پُڇا ڪيائون، کيس ٻُڌايو ويو تہ ڪنعيو ڪنھن وچڙندڙ بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. اهو ٻُڌندي ئي بيڪس سرڪار سِڌو ڪنعيي جي گهر پھتو، ڪنعيي کي ڏِسي چيائين ’محبوب بس هاڻي باغ بھار آهيو‘ اِهو ٻُڌڻ بعد ڪنعيو کٽ تي اُٿي ويٺو. ٻي ڏند ڪٿا اِها تہ: بيڪس سرڪار ڪوٺي جي ڇت تي ڏيئو ٻاري رهيا هئا، گهر ڀاتين جي پڇڻ تي فرمايائين تہ اڄ مالڪ ايندا تنھن ڪري ڏيئو ٻاريون اٿم، ڪجهہ دير بعد ڪنعيو آيو، جنھن سان ڪوٺي تان لھي اچي مِليو ۽ کيس دڙڪو ڏيندي چيائين تہ ’منھنجي مرڻ کانپوءِ منھنجي قبر تي نہ اچجائين، تنھنجي هر ضرورت گهر ويٺي پوري ٿيندي، جيڪڏهن ڀُلجي قبر تي آئين تہ قبر ڦاٽي پوندي ۽ آءٌ ٻاهر نِڪري ايندس. اِهو ٻُڌي ڪنعيو گهر هليو ويو، ’بيڪس‘ سرڪار صبح تائين اُن ڪوٺي تان هيٺ نہ لٿو، جڏهن صبح گهر ڀاتي کوٽي جي ڇت تي چڙهيا تہ ڇا ڏِسن رڳو گُلاب جا گُل، رابيل جا گُل جن جي ايتري تہ تيز خوشبوء هُئي جو سڀني جا دماغ معطر ٿي ويا، جڏهن هِن جي کٽ ڏانھن ڏِٺائون تہ هن کي دارالبقا ڏانھن روانو ٿيل پاتائون.
ساجن سائين سير ڪرڻ لئه، آيو ٿي انسان،
ڪِٿي ڪافر، گبر، يھودي، ڪِٿي مسلمان،
ڪِٿي مذهب جو مونجهارو، ڪِٿي بي ايمان،
ڪِٿي ’بيڪس‘ طلب ٿئي ٿو ’بيدل‘ پير مُغان.
مزارن جي اوڀر طرف کان گادي نشين جو هجرو آهي، جنھن ۾ گادي نشين صوفي فقير غلام نجف قريشي پنھنجي سنگت سان گڏ ويٺو هو، سلام ورائي ساڻس مِلياسين، پاڻ چانھہ، پاڻي پيئڻ لاءِ گهڻو ئي زور ڀريو، پر اسان وٽ وقت بلڪل نہ هو تنھن ڪري انڪار ڪيوسين چند گهڙيون ساڻس حال احوال ۽ ڪچھري ڪري کائنس موڪلايوسين، گڏ گروپ فوٽو بہ ڪڍيو.

سکر بئراج سھڻي منھنجي سنڌ جو
هاڻي واپسي وري ساڳين پُل جي بجاءِ سکر بئراج واري پُل تان ڪرڻ چاهيسين، جيئن بئراج پُل بہ ڏِسي وٺجي، بئراج پُل جا دروازا، جيڪي66 ٻُڌايا وڃن ٿا، واقعي ئي ايڏي وڏي پُل آهي، اسانجي ڪار 80 جي اسپيڊ سان هلي رهي هئي، پوءِ بہ ڪافي دير پُل تان گُذرندي لڳي ويو. هِتي اِهو تہ ممڪن نہ هو تہ پُل تي گاڏي روڪي پُل جو نظارو ڪجي يا فوٽو گرافي ڪجي، فوٽوگرافي جو هونئن بہ وقت نہ هو، جو رات ٿي چُڪي هُئي، ها پر رات جي وقت بئراج پُل تي لڳل بتين جي روشني جڏهن سنڌو درياءَ جي پويتر پاڻي تي پئي رهي هئي تہ هي نظارو دِل لُڀائيندڙ هو، دِل پي چيو تہ ڪيئي گهڙيون، پويتر پاڻي تي پوندڙ بلبن جي هِن روشنيءَ سان روح رهاڻ ڪجي، پر وقت جو تيز ڊوڙندڙ گهوڙو ڪِٿي ٿو، ايتري مُھلت ڏي.
برٽش دؤر ۾ جوڙيل دُنيا جي سڀ کان وڏي آبپاشي نظام کي ڪنٽرول ڪندڙ سکر بئراج يا لائڊ بئراج، جنھن جي ڊزائن سر آرنلڊ مسٽو ٺاهي ۽ سر چارلٽن هيريسن جي هدايتن مطابق هن کي 1923ع کان تعمير ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو 1932ع تائين جوڙي راس ڪيو. هن جي اسڪيم 1846ع ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل اسڪاٽ تيار ڪئي هئي، 1904ع ۾ ڊاڪٽر سمرس سپرنٽينڊنٽ انجنيئر مٿئين اسڪيم حڪومت هند جي ڌيان تي آندي، 1910ع ۾ ٻيھر حڪومت آڏو هِن اسڪيم متعلق سوال اُٿيو، 1916ع ۾ هِڪڙي ڪميٽي ٺاهي وئي، جنھن هِن اسڪيم جي جانچ ڪئي ۽ اُن کان پوءِ ڪم کي هلائڻ جي سفارش ڪئي. اِهو ڪم تمام سُست رفتاري سان پراسسز ٿيندو رهيو، نيٺ 1923ع ۾ سيڪريٽري هند کان منظوري پھتي ۽ جولاءِ مھيني کان بئراج ڪالوني جي ڪوارٽرن ٺھڻ جو ڪم شروع ٿيو. 1925ع ۾ واهن جي کوٽائيءَ جو ڪم شروع ٿيو، 1926ع کان پُل جي تعمير جو ڪم شروع ٿيو. هن تي لائڊ بئراج نالو اِن ڪري بہ رکيو ويو جو اُن وقت بمبئي جو گورنر لارڊ لائڊ هو، جنھن ڪم ۾ ڪافي دِلچسپي ورتي هئي.
اِهو پڻ پڙهيو اٿم تہ هن بئراج جي ڪئنالن جي مدد سان اٽڪل هِڪ ڪِروڙ ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. ساڄي پاسي کان ٽي وڏا واھہ (1) اُتر اولھہ ڪئنال، (2) رائيس ڪئنال، (3) دادو ڪئنال نِڪرن ٿا ۽ کاٻي پاسي کان چار وڏا واهہ (1) اڀرندو نارو، (2) اوڀر خيرپور ڪئنال، (3) روهڙي سنڌ سڌار ڪئنال، (4) مغربي خيرپور ڪئنال نِڪرن ٿا.
سکر بئراج يا لائڊ بئراج پُل جي ڊيگهہ هِڪ ڪلوميٽر ٻُڌائي وڃي ٿي، هي پُل لنڊن جي ٿيمس پل کان پنجوڻ تي وڏي آهي. سڄي سفيد پٿر سان جُڙيل آهي، هِن کي ڇاهٺ دروازا فولاد جا لڳل آهن، جيڪي برقي طاقت سان مٿي کڄن ۽ بند ٿين ٿا.
13 جنوري 1932ع ۾ وائسراءِ لارڊ ولنگڊن هن پُل جو جڏهن افتـتاح ڪيو هو تہ اُن موقعي تي سڄي هندستان جا سرڪاري غير سرڪاري معزز ماڻھو حاضر ٿيا هئا. اهڙو اجلاس/گڏجاڻي شايد پھرين ڪڏهن بہ نہ ٿي هُئي ۽ اِهو بہ پڙهي حيراني ٿي تہ دُنيا جي عجائبات ۾ هن بئراج کي بہ شامل رکيو ويو آهي.“
سُھڻي منھنجي سنڌ جي هن سونھن کي برقرار رکڻ لاءِ وقتِ حڪومت الائي ڪيترو ۽ ڪھڙو ڪم ڪيو آهي، اِن جي ڄاڻ نہ اٿم، پر اهڙو وڏو بئراجي سسٽم 75 سال گُذرڻ کانپوءِ پاڪستان حڪومت نہ جوڙي سگهي آهي، اڳي حڪمران ملڪ، علائقي، خطي کي ٺاهڻ لاءِ حڪومت قائم ڪندا هئا ۽ هاڻي سڀ ڪجهہ کائڻ لاءِ حڪومت حاصل ڪندا آهن.

لبِ مھراڻ، ’مِٺا مھراڻ ۾ مِلبو‘
شبير بِلو صاحب! هاڻي هلي لبِ مھراڻ تي چانھہ بہ پيئون ۽ نماز بہ پڙهون. اڳين سيٽ تي ويٺل اسانجي ميزبان شبير احمد بلو کي مخاطب ٿيندي چيم، شبير احمد بلو هِتي جو رهاڪو آهي، تنھن ڪري اڳيان روڊ، رستا ۽ موڙ ٻُڌائيندو آيو، اچي لبِ مھراڻ تي پھتاسين، سُٺي رونق نظر اچي رهي هُئي. اسان گاڏي کي سائيڊ کان پارڪ ڪري پھرين تہ مسجد جي تلاش ڪئي، جيڪا پڻ ڀر ۾ ئي هُئي، مسجد هاڻي نئين تعمير ٿي آهي، اڃا تعمراتي ڪم هلي رهيو آهي، گهڻي وڏي بہ ناهي، پر بھترين مسجد آهي، جِتي چئوطرف جهولا، هوٽلون، لائوڊ اسپيڪر اهڙي شور جي وچ ۾ عبادت گاھہ بہ هُجي، جيئن هر ماڻھو آزاد آهي، تہ هو عبادتگاھہ طرف وڃي، هوٽلن ڏانھن وڃي، تفريح شين ڏانھن وڃي. اسان پھرين مغرب جي نماز پڙهي، گڏ عشاءَ نماز بہ پڙهيسين. سفر ۾ هُئاسين، تنھن ڪري سفر نمازون ئي پڙهي رهيا هئاسين.
ٻاھر آياسين، هِڪڙي هوٽل جي ٻاهر رکيل ٽيبل ڪُرسين تي ويٺاسين، جيئن ٻاهر جي رونق مان بہ لُطف اندوز ٿي سگهجي. هِن هوٽل جو نالو آهي ’مھراڻ ڀٽو هوٽل‘، چانھہ کان پھرين فنگر چپس گهراياسين، آءٌ ان کان پھرين لبِ مھراڻ دريا جي ڪپ تي لڳل لوهي جهنگلي طرف آيس، اوندھہ ٿي وڃڻ ڪري دريا جي دهشت تہ نظر نہ پئي اچي، پر پريان لئنسڊائون پُل جي بتين جو نظارو بھترين پيو ڏِسجي ۽ دريا جي هُن ڪپ روهڙي شھر ۾ ٻرندڙ روشنين جي رونق پُڻ نظر اچي رهي آهي. هِتي مونکي الائي ڪيئن ۽ ڪِٿان کان روحل واءِ جي جمن دربدر جو اِهو مشھور غزل زبان تي آيو.
وٺي هر هر جنم وربو، مِٺا مھراڻ ۾ مِلبو،
ختم اونداھہ ٿي ويندي، چِٽي چانڊاڻ ۾ مِلبو.

وري ورندا تہ وسڪارا، وسي پوندا هي پڊ سارا،
مارو ٿيندا تہ موچارا، مينھَن مانڊاڻ ۾ ملبو.

مِٺا مھراڻ ۾ مِلبو، مِٺا مھراڻ ۾ مِلبو.

منَ ۾ هِڪڙو خيال جو پکي
جيستائين چانھہ اچي، اسين فنگر چپس کائي رهيا آهيون ۽ منھنجي من ۾ هِڪڙو خيالن جو پکي پرڙا پکيڙي لھي اچي ٿو، ’اسين هي هيڏا پنڌ ڪري وقت سيڙائي ۽ پئسو لڳائي گهُمون ٿا، اِهو سڀ ڪجهہ ڇا آهي، اِها ڪھڙي تانگهہ آهي، ڪھڙي اُڪير، ڪھڙي سِڪ آهي، جيڪا اسانکي ايڏا پنڌ ڪرائي ٿي، ڪڏهن پھاڙن جا، ڪڏهن رڻن جا، ڪڏهن شھرن جا تہ ڪڏهن بحرن جا، ڪڏهن سمنڊن جا تہ ڪڏهن دريائن جا، ڪڏهن درگاهن جا تہ ڪڏهن آثارن جا، اِهي سڀ پنڌ اجايا تہ نہ هوندا، ممڪن آهي، ڪي انسان اهڙا بہ هُجن جن لاءِ هي سڀ ڪجهہ اجايو هُجي، جن جي ذهنن ۾ گند کان سواءِ ڪنھن بہ سُٺائي ۽ سُرهاڻ کي جڳھہ نہ مِلي سگهندي هُجي، اهڙن ذهنن لاءِ هي سڀ پنڌ اجايا هوندا، پر اسان تہ ڄڻ اِهو قسم کڻي ڇڏيو آهي تہ هِن سُھڻي منھنجي سنڌ جي سَنڌ سَنڌ، هَنڌ هَنڌ کي ڏوري ڏِسبو، لِکبو ۽ ڳائبو، سنڌ جي سونھن کي دُنيا جي ڪُتب خانن تائين پھچائبو، لائبريرين ۾ سنڌ جي سونھن تي لِکيل ڏِٺل مشاهداتي معلومات وارا هي سفر سڀني سان شيئر ڪبا، خيالن جي کوھہ ۾ اڃا تري ئي رهيو هئس، تيستائين ٽيبل تي چانھہ جي ڪوپن جو آواز مونکي واپس آڻي وٺي آيو، چانھہ جي چُسڪين ڀرڻ لاءِ.
چانھہ پي اُٿياسين، شبير بلو کي چيوسين، هاڻي اسانکي خيرپور جي روڊ تي ڇڏي اچو، جيئن اسين سِڌو وڃي کجين جي شھر خيرپور ۾ رات جا پھر رهون. بلو صاحب گهڻو ئي اِسرار ڪيو تہ اڄ رات مون وٽ ترسي پئو، پر چيوسين هِتي ترسڻ اجايو آهي، اسانکي صبح سوير خيرپور گُهمڻو آهي، بھتر ٿيندو تہ رات بہ کجين جي شھر خيرپور ۾ وڃي رهجي.
شبير کان خيرپور جي هوٽلن جي باري ۾ پڇيوسين، چيائين هوٽلون کوڙ آهن خيرپور ۾. سدابھار وزيراعليٰ رهندڙ قائم علي شاھہ جو شھر آهي، خيرپور ۾ هوٽلون نہ هونديون،!!! خير، کائنس ڀاڪر پائي موڪلايوسين.
هاڻي ڏسيل روڊ تي رات ويلا هلندا رهياسين، هِڪڙي پُل آئي اُن کي ڪراس ڪيوسين اڳيان ٽول پلازہ آيو، جِتي سکر ضلعي جون حدون ختم ٿين ٿيون ۽ خيرپور ضلعو شروع ٿئي ٿو. اسين هاڻي سکر کي سلام ورائي ڪري، کجين جي شھر خيرپور ڏانھن وڃي رهيا آهيون.

ٺيڙهي شھر مان گُذرياسين
وِچ ۾ لِنڪ روڊ ٿو اچي ۽ پاسي ۾ ئي ٺيڙھي شھر آهي، جيڪو سکر ۽ خيرپور جي وچ تي ٿي پيو سگهي، جيئن ماتلي بدين جي وچ تي تلھار شھر آهي، پر تلھار تعلقي جو شھر آهي، جڏهن تہ ٺيڙھي شھر خيرپور جي هِڪڙي يونين ڪائونسل جو شھر آهي، پر کجين جي باغن جي ڪري هِن شھر ۾ رش هوندي آهي، هِن وقت بہ اسان کي نظر اچي رهي آهي، ٽرڪون ڇوهارن جون پيون ڀرجن، شھر جي وِچان گُذرياسين روڊ جي ٻنھي پاسن کان کجور جا وڏا وڏا عاليشان دُڪان نظر آيا. سنگت کي چيم ’گاڏي کي روڪيو، کجور سوکڙي طور وٺيو هلون،‘ چيائون ’کجور جو شھر آهي ئي خيرپور اُتي تہ هلون پيا، سڀاڻي هلڻ وقت وٺنداسين،‘ چيم ’ٺيڪ آهي.‘ ۽ پوءِ ٺيڙھي کي بہ پوئـتي ڇڏي اڳتي اُڪري اچي پھتاسين خيرپور شھر ۾، هاڻي هڪ تہ اجنبي شھر، ٻيو اسين اويلا مسافر، هِن شھر ۾ منھنجو دِلبر دوست ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل، حساس طبيعت جو مالڪ، سھڻو شاعر ڊاڪٽر مشتاق ڦل بہ رهي ٿو، پر ايئن اچانڪ اچڻ جي ڪري، اُن کي فون ڪرڻ مُناسب نہ سمجهيم.

زم زم ۾ رهياسين رات هِڪڙي
هوٽلن جي پُڇا ڪئيسين، اسان کي پھرين شھر ڏانھن ڏس ڏِنائون جيڪي صرف کائڻ واريون هوٽلون هيون اسان رهائش لاءِ پي ڳوليون، پوءِ ٻاهر اسان کي ڏس مِليو شھر کان ڪافي ٻاهر نِڪري آياسين. هِڪڙي سائي ڪلر سان وڏي محل نما هوٽل نظر آئي، اُن هوٽل ۾ رات رهڻ لاءِ ڊبل بيڊ وارو ڪمرو بڪ ڪيوسين، چارج 3000 هزار هئي، گاڏي جي پارڪنگ هوٽل جي سامھون لڳل شيڊ هيٺ هئي، جيڪا ذميواري هوٽل انتظاميہ جي هُئي. هي هوٽل زم زم آهي، شايد ڪنھن وڏي ماڻھو جي آهي، اڏاوت /سجاوٽ مان اندازو لڳائي سگهجي پيو. خير ڪنھن جي بہ آهي، انھيءَ خفي ۾ نٿا وڃون، اسانکي تہ بس رات جا چار پھر رهڻو آهي، ڪھڙو خريد ڪرڻو آهي. جيڪا معلومات هوندي صبح مئنيجر کان وٺي وٺبي.


جيڪي سفر ۾ هسمفر هئا

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دِلچسپي رکندڙ، تاريخ لِکندڙ، ماتلي جي تاريخ لِکي اٿس، اُن کان علاوه حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منھنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هِن جا سھيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪِتاب لِکيو اٿس، جنھن ۾ پوري نظاماڻي قبيلي جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوه کوڙ ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب لِکيا، سھيڙيا ۽ مُرتب ڪيا اٿس. ”محمد صديق مسافر جي علمي، ادبي، تعليمي، صحافتي ۽ سماجي خدمتن جو تحقيقي مطالعو“ جي عنوان سان محمد صديق مسافر تي پي ايڇ ڊي ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس.

شبير احمد بلو: شبير احمد عرف خادم خُدائي بابا بلو، مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ طب جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي مان بي يو ايم ايس، ايف ٽي جي، جي ڊگري وٺي پنھنجي حڪمت جو ڪم شروع ڪيائين، هي تاريخ جو شاگرد بہ رهيو آهي، ادب سان بہ گهڻي دِلچسپي رکي ٿو، گهر ۾ لائبريري بہ اٿس. عبدالڪريم بلو جي اڱڻ تي اکيون کوليندڙ شبير احمد کي هاڻي حڪيم شبير احمد عرف خادم خدائي بابا سڏيو وڃي ٿو. اصل تعلقو پنو عاقل ضلعو سکر جا آهن، هاڻي شھر سکر جي قريشي روڊ تي گلشن اقبال ڪالوني ۾ رهن ٿا.

منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شھر سان تعلق رکندڙ، منھنجو ڀاءُ آھي، سُٺي دل رکندڙ آھي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آھي، پنھنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آھي. گُهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ ھميشہ چوندو آهي، گُهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منھنجي حاضر آهي.
مور ساگر: ’ڪي جاڻا مين ڪوڻ بُليا‘


( 08 اپريل 2019ع - ضلعو، شڪارپور- سکر-خيرپور )

کجين جي شھر خيرپور ۾

اُڏري اچان تو اڱڻ، ڪاش! هُجان پَکي،
هاءِ منھنجي سکي!، پَل نہ ٿيان توکان پري.
اسان صبح سويري اُٿي الله پاڪ کي ياد ڪري، نماز پڙهي، تلاوت ڪري، هوٽل ڇڏڻ جي تياري ڪئي. اُن کان پھرين جو هوٽل جي ڪمري جو تالو ڏئي چاٻي هوٽل مالڪ حوالي ڪجي. پرين کي سارڻ بہ ثواب سمجهيم، حال احوال ٿيو. دوستن سان بہ هيلو هاءِ ٿي.
”حساسيت اپنائيندي ايڏو حساس ٿي ويو آهيان جو ڪنھن سان ناانصافي ڏِسندي ڀڙڪي پوان ٿو. حقيقت جون هوائون جڏهن سچ جي سرحدن تي آڻي بيھارين ٿيون، تڏهن هر طرف کان دور نظر ايندڙ سچ لاءِ ٽنگيل صليب نظر ايندو اٿم ۽ زمين مان ڊڀَ اُڀرندي محسوس ٿيندا اٿم. سج پنھنجي اصل جڳھہ تان هٽيل ۽ پاڻ ڏانھن ايندي محسوس ڪندو آهيان.“

ڊاڪٽر مشتاق ڦُل واقعي مشتاق دوست آهي
دوست ڪيترا بہ پيارا ۽ ويجها هُجن، پر سڀني دوستن سان هُجتون ۽ اُميدون الڳ الڳ وابستہ هونديون آهن، سو ڪيترائي ڀيرا سوچي حجاب وچان ڊاڪٽر مشتاق ڦُل کي فون ڪيم، مون سمجهو سُتا پيا هوندا، پر پھرين رنگ وڃڻ سان فون کنيائين، منھنجي هِڪڙي عادت هوندي آهي، ڪنھن کي ڪو ڪم چوڻو هوندو اٿم تہ پھرين پُڇندو آهيان، مصروف تہ نہ آهيو؟. اگر مصروف هوندو تہ چوَندس ايئن ئي حال احوال ٿي پُڇيم، سو ڊاڪٽر مشتاق کان پُڇيم ’ادا نِنڊ تہ خراب نہ ڪيم‘ چيائين، ’پيارا نِنڊ ڪِٿي اسين تہ پنڌ ۾ آهيون،‘ پُڇيم ’ڪيڏانھن پيا وڃو؟‘ چيائين ’استاد شفيع فقير جو والد گُذاري ويو آهي، اُن جي فاتح لاءِ وڃي رهيا آهيون، نواب شاھہ جي ويجهو پُھتا آهيون، اوهان ڏيو خبر؟‘ چيم ’بس ايئن حال احوال ٿي پُڇيم، ’نہ پيارا ڪو ڪم آهي تہ ٻُڌائي،‘ ’نہ ادا ڪو خاص ڪم ناهي،‘ ’نہ مور ساگر حجاب نہ ڪر ڪم هُجي تہ ٻُڌائي،‘ چيم ’ادا اوهانجي شھر ۾ رات کان رهيل هُئاسين صبح سوچيم اوهان جو ديدار ڪريو وڃون، پر اوهان نِڪري ويا خير آهي،‘ ’اڙي يار تو ظُلم ڪري ڇڏيو، رات کان منھنجي شھر ۾ آهين ۽ رابطو بہ نہ ڪيئي، ڪنھن وٽ آيل آهين،‘ چيم ’بس ايئن ئي خيرپور ۾ خاص فيض محل گُهمڻ لاءِ آيا هئاسين، پر چوَن ٿا تہ لوڪل ماڻھو واسطي وارو هِنن کي چوَندو تہ گُهمڻ ڏيندا، باقي اوهان کي ايئن گُهمڻ نہ ڏيندا،‘ وري چيائين ’يار تو وڏي زيادتي ڪئي آهي، مونکي رات ٻُڌائين ها، مون وٽ اچين ها ڪچھري ڪريون ها، صبح مھراڻو گُهمي پوءِ واپسي ۾ فيض محل بہ گُهمايان ها، يار.!!!‘ ٿوري ساهي کانپوءِ ’مور تون هِڪ منٽ لاءِ فون رک تہ فيض محل گُهمائڻ لاءِ ڪنھن دوست کي چوان ٿو،‘ ڊاڪٽر جي مسلسل دِلچسپي مان مونکي انتھائي وڙائتي دوست جي خوشبوء محسوس ٿي رهي هُئي، نہ تہ چئي پيو سگهي (يار آءٌ نِڪري ويس نہ تہ اوهانکي گُهمايان هئا، بس هو آجو) پر نہ... ٿوري دير کان پوءِ وري فون ڪيائين ’مور ساگر مون دوست کي چيو آهي، پر هُن کي نِنڊ مان اُٿاريو اٿم تيار ٿيئڻ ۾ اڌ مُنو ڪلاڪ لڳندس، انتظار ڪيو، هُن کي نمبر بہ ڏِنو اٿم هو اوهانکي فيض محل ۽ خيرپور شھر گُهمائيندو.‘
مونکي خوشي ڪيتري ٿي، تفصيل کي ڇڏي اِهو جملو ٿو لِکان تہ ’اکيون آليون ٿي ويون‘، اِهو تڏهن بہ ٿيندو آهي جڏهن ڪنھن دوست ۾ وڏيون اُميدون بہ هُجن سڀ هُجتون بہ هُجن، پر بنا ڪنھن سبب جي هو اچانڪ منظر تان هَٽي وڃي ۽ جنھن دوست سان ويجهڙائپ تہ هُجي، پر اِن قسم جي هُجت نہ هُجي، اُهو اهڙي نموني عزت بخشي ان کان مٿي ٻيو ڪو وڙ نـٿو ٿي سگهي. واقعي ڊاڪٽر مشتاق مڙس ماڻھو دوست آهي. ٿوري دير کان پوءِ وري انھي دوست جو مونکي نمبر ميسيج ڪري، فون بہ ڪيائين تہ اوهانکي بہ نمبر موڪليو اٿم، صفيع الله شر، صحافي بہ آهي تہ شاعر بہ آهي، دِل ۾ چيم سُٺي ڪمپني مِلي وئي.
ڪجهہ دير بعد دوست صفيع الله جي فون آئي، پُڇيئي ’ڪِٿي آهين پيارا،‘ ٻُڌايومانس تہ ريڊ پئليس هوٽل ۾، چيائين اوهان شھر ڏانھن نِڪري اچو، شھر پھچي رابطو ڪريو، آءٌ اُتي اوهان سان مِلان ٿو.

ڪيڏانھن مُنھن مريم جو
خيرپور شھر ۾ جيئن ئي داخل ٿياسين تہ هِڪڙي چوڪ تي گول چڪرو ٺھيل آهي، جنھن تي توب رکيل آهي، پُڇا ڪرڻ تي خبر پئي تہ اِها ’مريم توب‘ آهي. مريم جو نالو ٻُڌندي ئي مونکي خليل کوسي جو ڪتاب ”ڪيڏانھن مُنھن مريم جو ڪيڏانھن ٽنڊوالھيار“ ياد اچي ويو.
”ڪيڏانھن مُنھن مريم جو ڪيڏانھن ٽنڊوالھيار“ خليل کوسي جو پھاڪن تي تحقيق ٿيل ڪتاب آهي، پر ڪمال جي تحقيق ٿيل آهي. آءٌ بس اوهانکي صفا مختصر ٿو ٻُڌايان تہ پورچوگيز عيسائي مذهب جا هئا، جن بي بي مريم سان مذهبي عقيدت جي حوالي سان هِن توب تي نالو ’مريم‘ رکيو. پھاڪي بابت بہ وڏي تحقيق ڪئي اٿس. مونکي جيڪو صحيح سمجهہ ۾ آيو سو پھرين روايت آهي، جيڪا حزب الله آءِ سومري وٽان ورتي اٿس. ”توب مان نِڪتل گولو اچي ٽنڊو الھيار ۾ ڪِريو، تہ اُتي جي ڪنھن ماڻھو ڳالھہ ڪئي تہ، اِهو گولو مريم توب مان آيو آهي، ماڻھن چيس تہ مريم توب رهي ڪوٽڏيجي جي قلعي تي (اُن وقت قلعي جي برج تي رکيل هئي) ۽ اُن جو مُنھن ٽنڊوالھيار جي پاسي آهي ئي ڪونہ، تہ اُتان جي توب جو گولو هيڏانھن ڪيئن ايندو؟ اِن پھاڪي جو مطلب تہ جيڪو حقيقتن جي اُبتڙ ڳالھہ ڪري، يا سولي سنڌي ۾ ’ڌم‘ ڏي اُن کي جواب ۾ ايئن چئبو آهي. اسين پھتاسين کجين جي شھر خيرپور ميرس منجهہ.

صفي الله شر، صحافي بہ آهي شاعر بہ آهي
اسين شھر پُھتاسين، ادا منظور ۽ مون سوچيو، جيستائين دوست پھچي اُن کان پھرين ڏِسون ڪو نائي/حجام جو دُڪان کُليل هُجي تہ شيوَ ڪرايون، پوءِ ٿا دوست کي فون ڪريون، روڊن تان گُهمندا ڦِرندا آياسين، هِڪڙو دُڪان کُليل هو، سيشن ڪورٽ جي سامھون، اُتي شيوَ ڪرائي، پوءِ دوست سان رابطو ڪيوسين چيائين، اوهان جي پاسي ۾ ئي هوٽل آهي اُتي هلي ويھو آءٌ پنجن منٽن ۾ پھچان پيو. اسين اچي هوٽل ۾ ويٺاسين، ناشتي جو آرڊر ڪيوسين، ناشتو ڪري ورتو، تيستائين دوست بہ پھچي ويو، اندر وڃي ويٺاسين، وي آئي پي روم ۾، چانھہ پيتيسين، تعارف بہ هڪٻئي جا ڪرايوسين.
’هاڻي هينئن ٿا ڪريون،‘ صفيع الله چيو، ’دوست سان رابطو ڪيو اٿم فيض محل گُهمڻ لاءِ چيائين 11 وڳي اچي وڃجو، اڃا وقت پيو آهي، پھرين هلي ٿا ڪنھن ٻي پاسي گُهمون، گُهمڻ لاءِ فيض محل کان سواءِ ٻي کان خاص جڳھہ تہ ناهي، پر اوهانکي ريڊيو پاڪستان خيرپور هلي گُهمايان، مون چيو زبردست پھرين اوڏانھن ئي ٿا هلون. صفيع الله کي اڳين سيٽ ڏِني اسان کي مختلف رستن تان وٺي هليو.
صفيع الله شاعر تہ آهي ئي، پر صحافي بہ آهي، اُنھن ٻنھين ڳالھين کان علاوه اهم اِهو تہ هي هڪ بھترين نوجوان دوست آهي، جنھن ڪجهہ ئي گهڙين جي ملاقات ۾ ايئن محسوس ڪرايو ڄڻ اسان جي پُراڻي واقفيت هُجي، شاعر تہ هونئن بہ هڪٻئي جا پُراڻا واقفڪار ئي هوندا آهن، ملاقات اُنھن جي مجبوري ناهي بڻبي. هي سنڌ جي ڪنھن بہ ڪُنڊ ۾ رهندا/وسندا هُجن، هِڪٻئي سان مِلڻ وقت ڄڻ سالن کان هِڪٻئي جا دوست رهيا آهن. ان رشتي لاءِ بُخاري بہ بيجا نـٿو چوي:
دوا ئي اها آ تہ ٿيون درد ڀائي،
جُدائيءَ ۾ بيجا ’بخاري‘ رجهون ٿا.

ريڊيو پاڪستان خيرپور ۾ ڪي پل
927 ڪلو هوٽز، مارچ 1983ع تي، افـتـتاح ٿيندڙ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي گيٽ ٻاهران بريڪ ڪيوسين، گاڏي کي سائيڊ کان پارڪ ڪيوسين، اندر آياسين. گيٽ تي ويٺل گارڊن کي صفي الله صرف سلام ڪيو، اسٽيشن اندر آياسين، پھرين آياسين عبدالرحمان آرائين جي آفيس ۾ ٻہ ٽي منٽ ويٺاسين، پوءِ اُهو بہ گڏ هليو، اندر مختلف آفيسون ڏِسندا هلياسين، اڳتي هِڪڙي يادگار گيلري بہ اچي ٿي، اها بہ ڏِٺي، جنھن ۾ پُراڻا ۽ ناليوارا گائڪ، فنڪار، فنڪارائون جن جا وڏا فوٽو لڳل آهن ۽ ريڊيو تي ڪم ڪندڙ مختلف وقت تي ڊائريڪٽرس ڪمپيئرس، شاعر، اديبن جا بہ فوٽو لڳل آهن.
اسٽيشن ڊائريڪٽر ڪوثر ٻُرڙي جي وقت ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور وڏي ترقي ڪئي، شايد ان ڪري بہ جو ڪوثر ٻُرڙو صرف ڊائريڪٽر نہ پر سُٺو براڊ ڪاسٽر، اديب ۽ شاعر بہ آهي، جنھن جو اِهو غزل مشھور ٿيو هو تہ:
تون منھنجو صنم آهين، مان تنھنجو صنم آهيان،
تون منھنجو جنم آهين، مان تنھنجو جنم آهيان.
هِتي اڳوڻو سيڪريٽري جنرل ۽ شاعر مختيار ملڪ ڪمپيوٽر پروگرام مئنيجر آهي. پروڊيوسر اعجاز وساڻ، مير ملاح، ڪليم الله شيخ، الياس لاشاري، ربنواز سولنگي، اسرار احمد ڪولاچي، سيد اڪبر شاھہ ۽ نظير گلال ۽ ڪمپيئرن ۾ نشا ڪنول، صائمہ سومرو، افسانہ چنا، امر اقبال، ارشاد جاگيراڻي، مشتاق مغل، محمود سومرو، صاحب خان شيخ، اختر ٽانوري، نظير سھتو رهيا آهن، ڪي هينئر هِن وقت بہ ڪم ڪري رهيا آهن. پروگرامن ۾ ماروئڙا، نئون سج، هيلو ريڊيو خيرپور، ادبي سنگت، اوهان جو خط پھتو، سُھڻي ڌرتي ۽ سنڌي ڊراما مشھور آهن.
گُهمندا ڦِرندا اندر هِڪڙي روم ۾ آياسين، انجنيئر عبدالمجيد ڪٽوهر پروگرام هلائي رهيو هو، ’ماروئـڙا‘ جنھن جي ميزباني سامھون واري روم ۾ شيشي جي ٻي پار هِڪڙي سنھڙي ڇوڪري ڪري رهي هُئي، هن جڏهن پاڻ ڳالھائي ورتو، پوءِ سرمد سنڌي جو گيت هلايائين تہ اُن وقت انجنيئر اسانکي اشاري سان چيو هاڻي سامھون نشا جي روم ۾ وڃي سگهو ٿا.

هي نشا ڪنول آهي
صفي الله تعارف ڪرايو، هي نِشا ڪنول آهي، جيڪا هِن ’ماروئـڙا پروگرام‘ جي ميزبان آهي، ساڻس گڏ مشتاق مغل بہ هو. اسانجو بہ تعارف ڪرايائين، پوءِ ساڻس گڏ گروپ فوٽو بہ ڪڍياسين، جيستائين گيت پي هليو، مقصد پنج منٽ جو گيت هو، اسان بہ پنج منٽ تائين ڪچھري ڪئي، نشا ڪنول شاعرہ بہ آهي ۽ عبرت مئگزين، هالار ڊائجسٽ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي شاعري ساڳي پيج تي ڇپبي هُئي، ايتري شناسائي پھرين کان ئي هُئي، ملاقات هاڻي ٿي آهي.
نصرت ابڙو مان ’نشاءَ ڪنول ابڙو‘ بڻي 1997ع ۾، يعني مونکان ٻہ سال جونيئر آهي، نشاءَ ڪنول جي جنم ڀومي تہ خير محمد جيھو آهي، پر هاڻي پير جو ڳوٺ خيرپور ۾ رهي ٿي. نشاءَ ڪنول سُٺي ريڊيو ڪمپيئر بہ آهي تہ هڪ خوبصورت شاعرہ بہ آهي، جنھن جو هِڪڙو غزل آهي تہ:

گهاريم اُداس هر شام تو سوا.
ٿي پئي زندگي گُمنام تو سوا.

لفظ اورانگي نہ سگهيا چپن کي،
اڻپورا پيار ۽ پيغام تو سوا.

ٿي خوش گُذاريان جڳ ۾ جانان،
ڪوڙي ڪھڙي هڻا ڀلا هامَ تو سوا.

جلي پيو پياس هڪ بوند جي،
’نشاءَ‘ زهر بڻيو آ، هي جان تو سوا.

سرمد جي گيت ۾ جڏهن شاعر جي نالي واري مصرع آئي، تہ اسان نِشاءَ ڪنول کان موڪلايو، هِن چانھہ جي صلاح ڪئي، کيس ’مھرباني‘ چئي ٻاهر نِڪتاسين، ڀر ۾ هڪ ٻيو روم، شايد رڪارڊنگ روم آهي، ٻہ ڪُرسيون ۽ ٽيبل تي پيل مائڪ، اُن مائڪ اڳيان اسان فوٽو ڪڍيا. ايئن ريڊيو پاڪستان خيرپور جو دورو ڪري واپس اچي عبدالرحمان آرائين جي آفيس ۾ ويٺاسين، جنھن چانھہ گهرائي، پر اسان وٽ وقت ٿورو هو، تنھن ڪري چانھہ پيئڻ کان معذرت ڪندي کائنس موڪلايوسين.

سچل سرمست لائبريري
مختلف روڊن تان ٿيندا آياسين جيم خانہ، گيٽ اندر گاڏي بيھاري، صفي الله اُتي ويٺل گارڊ کي گاڏي جي پارت ڪئي، اسين آياسين سچل سرمست لائبريري، هيٺ گيٽ وٽ ويٺل همراه کي صفي الله چيو ’مھمان آيا آهن لائبرري وزٽ ڪرڻ،‘ اُتان اسان سان گڏ پٽيوالو آيو، جيڪو مٿي وٺي آيو، لائبريرين جي آفيس ۾ ويٺل همراه اُٿي ڀاڪر پائي آڌرڀاءُ ڪيو، سامھون ويٺل ڪُرسي تي سنھڙو نوجوان ويٺل آهي، جنھن تعارف دوران ٻُڌايو، سندس نالو فدا حسين ميتلو آهي ۽ هِتي لائبريري انچارج آهي. ڪچھري ڪئيسين، چيوسين اسين مطالعاتي دؤرو ڪري رهيا آهيون، تنھن ڪري لائبريري وزٽ ڪبي، فدا حسين چيو ’سڀ ڪجهہ ٿيندو، پر پھرين ڪجهہ کائي پي وٺو،‘ انڪار ڪرڻ جي باوجود پٽيوالي کي پئسا ڪڍي ڏِنئي تہ جلد فروٽ وٺي اچ، فروٽ کاڌو، پوءِ لائبريري جي وزٽ لاءِ نِڪتاسين، فدا کان پُڇيم ’اندازن ڪتابن جو ڪيترو ذخيرو آهي،‘ چيائين ’لک کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن،‘ جنھن ۾ تمام پُراڻا ڪِتاب بہ شامل آهن. پاڻ ٻُڌايائين تہ هِن لائبريري جو بنياد 1902ع ۾ پيو، پوءِ اڳتي هلي 1987ع ۾ ڪلچر ڊپارٽمينٽ حوالي ٿي. ايئن مختلف رومس جو وزٽ ڪندا هلياسين، ساڳين نموني هِتي بہ ڇوڪرا مطالعي ۾ مشغول هئا، جيئن سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري لاڙڪاڻو ۾ ڏِسي پيا اچون، مونکي وري بہ دِل ۾ ٿي تہ اسان وٽ لاڙ سڄي ۾ اهڙي ڪا بہ لائبريري ناهي جنھن ۾ هيئن شاگرد ويھي مطالعو ڪن. هِڪڙي لائبريري مولوي حاجي احمد ملاح جي نالي سان آهي، پر نہ اُن ۾ گورنمينٽ جي دِلچسپي نہ اُن لائبريري جي جوڙيل ڪميٽي ۽ انچارج کي ڪا دِلچسپيءَ، توڻي جو اُها لائبريري بلڪل هِنن جي ڀيٽ ۾ تمام ننڍڙي ڄڻ هِڪڙي روم ۾ آهي ۽ هي لائيبريريون ڄڻ هِڪڙو ادارو آهن.
سڄي لائبريري گُهمي ڦِري آخر ۾ هيٺ دروازي تائين فدا ميتلو گڏ آيو، گروپ فوٽو ڪڍياسين ۽ پوءِ موڪلائي واپس جيم خانہ آياسين گاڏي وٽ، پر صفي الله چيو تہ ’فيض محل هِتان کان ٿوري پنڌ تي آهي، گاڏي ڀلي بيٺي رهي، پاڻ واڪ ڪندا ٿا هلون.

فيض محل واقعي ئي محل آهي
جيم خانہ کان فيض محل جي مين گيٽ تائين پنڌ ۾ اسانکي 10 کان 15 منٽ لڳا، گيٽ تي گارڊ ويٺو هو، تعارف ڪرايوسين، عمران لاشاري بہ اُتي ئي ويٺو هو، تنھن اسانکي چيو ’مون اوهانجو ئي انتظار پي ڪيو،‘ اسانکي وٺي اڳتي آيو، ٻيو گيٽ اُڪري اندر آياسين، اسانکي محل جي ڀر ۾ بيھاري پاڻ چيائين تہ ’آءٌ سائين جن کي ٻُڌائي اچان،‘ ويو ٻِن ٽِن منٽ کانپوءِ موٽي آيو، اسانکي وٺي اندر محل ۾ آيو، واقعي جنھن جو نالو محل آهي، اُهو ايئن هوندو آهي. محل ۾ اندر ايندئي ئي ماڻھو ٿوري دير لاءِ حيران ٿي وڃي ٿو.
عمران لاشاري پھرين اسانکي ترتيب سان تصويرون ڏيکاريون، حڪومت جي شروعات کان وٺي آخري تائين جون تصويرون ڏيکاريندو ۽ اُن بابت ٻُڌائيندو هليو، اُن ۾ پُراڻيون تصويرون، خيرپور رياست جون مُھرون، خط و ڪتابت، پوسٽ جون ٽِڪليون، قائداعظم جا خط ۽ صحيحون وغيره سڀ ڏيکاريندو ۽ ٻُڌائيندو هلي، تصويرون پوريون ٿيون، اُتان کان وري ممي ٿيل شيون، جنھن ۾ شينھن، هرڻ، چيتو وغيره جنھن جي لاءِ ٻُڌايائين تہ هنن جون اکيون نقلي آهن باقي اصلي آهن، اُنھن ۾ ٻہ خوبصورت ليڊيز جون مورتيون بہ پيل آهن، اسان سڀني شين جون تصويرون ڪڍيون ۽ جيڪو فرنيچر پيو آهي، ڪُرسيون، الماريون، شوڪيس اُهي بہ خوبصورتي جو هِڪڙو اعليٰ مثال ۽ نمونو آهن، لُڏڻ وارو هِندورو، اهڙا هاڻي تہ عام جام مِلن ٿا، پر هي اُن وقت جو ٺھيل اڃا بہ مُنفرد ۽ خوبصورت آهي. سڄي محل ۾ مختلف رُخن کان فوٽوگرافي ڪئيسين. وري دروازو اُڪري هُن پاسي وڃجي ٿو، جِتي شايد کائڻ پيئڻ جو هال آهي، ڇو تہ وِچ تي ٽيبلون ۽ چؤطرف رکيل ڪُرسيون ٻُڌائين ٿيون يا تہ پوءِ خاص ميٽينگون ٿينديون هونديون، بھرحال هي بہ ڏاڍو خوبصورت هو، هن ۾ چؤطرف لڳل پردا جيڪي فرنيچر ۽ در ديوارن سان ميچ ڪندڙ، اُهي هاڻي هن وقت جا لڳل آهن ۽ ٻيا ڇت ۾ لٽڪندڙ جهومر اُهي بہ شايد هاڻي هِن دؤر جا ٿي سگهن ٿا.
سڄو محل گُهمي ٻاهر پارڪ ۾ آياسين جِتان پوري محل جا فوٽو ڪڍياسين، پارڪ بہ واه واه راحت پئي اچي، سوَين قسمن جا گُل پوکيل ۽ رکيل آهن، ڇٻر بہ اهڙي وڻندڙ جو ماڻھو جي دِل پئي چوي تہ سُمھي رهجي. سڄي پارڪ ۾ چار کان پنج ملازم تہ هِن وقت بہ موجود هئا، جيڪي پارڪ جي سار سنڀال ڪري رهيا هئا، ڪي صفائي تہ ڪي پاڻي ڏئي رهيا هئا. محل اڳيان رکيل توپون، انھن وٽ بيھي بہ فوٽوگرافي ڪئي. مطلب تہ محل ڏِسڻ لاءِ جيترو پنڌ ڪري اچجي ٿو، سو پنڌ سجايو آهي. سائين ڊاڪٽر عبدالجبار نظاماڻي ٻُڌايو تہ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ بہ هي آزاد رياست هُئي، پوءِ ڪنھن دوکي ذريعي پاڪستان ۾ شامل ڪئي وئي.
”هز هائنس مير فيض محمد ٽالپر حڪمران هي محل تعمير ڪرايو، جيڪو ٻُڌايو وڃي ٿو تہ 1895 کان تعمير شروع ٿي 1898ع تائين هليو، مطلب ٽن سالن ۾ تہ هي وڏو ڪم ٿيو آهي، ٻارهن ايڪڙ ايراضي تي ڦھليل آهي، 36 ڪمرا، 18 ڪمرا ويٽنگ روم طور استعمال ٿيندا هئا. هن وقت هز هائنس مير مھدي رضا ٽالپر آهي. اُن وقت چون ٿا هِن تي لکين روپيا خرچ آيو هو، تنھن ڪري هِن جو ٻيو نالو ’لکي محل‘ بہ چيو وڃي ٿو،، هي هِڪ سِک آرڪيٽيڪچر جو نقشو ٺهيل آهي.
دربار هال جي مٿان هِڪڙي گئلري آهي، جيئن دربار ۾ هلندڙ ڪاروائي کي سولائي سان ڏِسي سگهجي. محل جي اندر چوڌاري ديوارن تي لڳل تصويرون ڪنھن آرٽ گئلري جو نقشو پسائين ٿيون. هن جو سمورو فرنيچر ڄڻ ميوزيم لڳي ٿو، دربار بہ ڪنھن عظيم سلطنت کان گهٽ نظر ڪانہ ٿي اچي. هِڪڙي تصوير ڏِٺيسين جنھن ۾ لياقت علي خان کي گارڊ آف آنر ڏِنو پيو وڃي، اُن جي پاسي ۾ مير علي نواز بہ لياقت سان گڏ هلندي نظر اچي ٿو. ديوار تي لڳل هِڪڙو وڏو آئينو ڏِٺوسين، جنھن جو فريم هاٿي جي ڏندن مان ٺھيل آهي، ڇا تہ خوبصورت فريم آهي. هِتي وڏا وڏا راجا ۽ انگريز سرڪار جا عھديدار بہ رهندا هئا.
پاڪستان جي امير رياست هئي، جنھن جا سِڪا بہ پنھنجا هئا تہ فوج بہ پنھنجي هئي. 1955ع ۾ جڏهن نہ چاهيندي بہ زوري زبردستي خيرپور رياست جو پاڪستان سان الحاق ڪيو ويو، اُن تي خيرپور جا جهونا ماڻھو جن کان پُڇندا تہ ايئن ئي چوندا، ’جڏهن پاڪستان ۾ شامل ٿياسين، ايئن لڳو ڄڻ جنت مان نِڪري دوزخ ۾ اچي ويا هُجون.‘
خيرپور رياست کي پاڪستان ۾ شامل ئي اِن ڪري ڪيو ويو تہ پاڪستان ۾ اهڙو قانون ۽ سھولتون نہ هيون نہ ئي عوام کي ڏئي ٿي سگهيا، هنن سوچيو تہ پاڪستان جي مخالفت وڌندي ۽ ماڻھون خيرپور سنڌ جي رياست کي چاهيندا، هنن جي نيت شروع کان ئي خراب هُئي، خيرپور رياست جيئن ئي پاڪستان ۾ شامل ٿي، تہ رياست جون هلندڙ مِلون، ڪارخانہ سڀ بند ٿيڻ لڳا ۽ بي انتھا بيروزگاري وڌي وئي، اهڙا سوين مزدور جيڪي خيرپور رياست جي مِلن ۾ ملازم هوندا هئا، اُهي ڪراچي ۾ پنندي ڏِٺا ويا، غريبن جا ٻار بُکن وگهي مرندا هئا تہ اُنھن ٻارن کي ڪفن ئي نصيب نہ ٿيندو هو.“

ناز ، باليءَ جا نينھن نظارا
هِڪڙي ٻي ڪھاڻي جيڪا هِن محل سان منسوب آهي، اُها آهي مير علي نواز ناز ۽ باليءَ جي، جنھن تي لِکڻ جي ضرورت ئي ناهي، سڄو يو ٽيوب، ڪيئي ڪتاب، ڊراما. پر اوهان کي مختصر پڙهڻو آهي تہ پير علي محمد شاھہ راشدي جو ڪتاب ’اُهي ڏينھن اُهي شينھن‘ وٺي پڙهي وٺجو، پر ٿورو مختصر اوهان کي آءٌ بہ پڙهائي ٿو وٺان.
وڏي ناز ۽ انداز سان پرورش پائيندڙ مير علي نواز ’ناز‘ رياست خيرپور جو ٽيون حڪمران هزهائينس مير علي نواز ’ناز‘ بڻجي ويو. پرائمري تعليم هِتي جي سُٺن اُستادن کان پرائي انگريزي تعليم لاءِ هليو ويو هندستان جي تعليمي ماهر خواجا غلام سبطين جون خدمتون حاصل ڪرڻ. جنھن کيس رفاقت چيفس ڪاليج لاهور ۾ داخل ڪيو. اُن کانپوءِ هن کي ’امپيريل ڪئڊيٽ ڪور دير ادون‘ ڏانھن روانو ڪيو ويو، جتي هِن فوجي سِکيا ورتي، اُن کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ وڃي ولايت جا وڻ وسايائين. لنڊن ۾ تعليم دوران هِن يورپ کي اکين سان ڏِسڻ چاهيو، اُن سان گڏ مصر، عراق، ايران جو بہ سفر ڪيائين ۽ واپس موٽندي هندستان جا بہ گهڻا ئي هنڌ/شھر گهُمندي اچي پنھنجي رياست خيرپور پھتو.
8 فيبروري 1921ع اُهو اڀاڳو ڏينھن هو، جڏهن هِن جي والد مير امام بخش خان، رياست خيرپور توڙي هِن دُنيا کي الوداع ڪري راھہ رباني ورتي. اُن کانپوءِ هن کي برادريءَ جي پڳ ٻڌرائي وئي. رياست جو بہ سرڪاري طور تي 25 جون 1921ع تي تخت نشين بڻيو. هِن پنھنجي ڏاهپ ۽ دانائي سان رياست خيرپور کي ٺاهيو، وڌايو ۽ ماڻھو خوشحالي جا مزا ماڻڻ لڳا.
هيڏانھن هي بہ آزاد طبيعت، بادشاھہ زادو تنھن وري عشق کي اپنايو ۽ لاهور جي اقبال بيگم عرف بالي سان اکيون اڙائي ويٺو. هي اکين جو اڙڻ اهڙو تہ آهي جو نہ غريب ڏِسي نہ امير، بس:

اکين سان جڏهن مِلن ٿيون اکيون،
اکين جو قسم پو رُلن ٿيون اکيون.

ٽوڙي ڪن ٿيون هي حِصا حِصا،
جڏهن ڀي مِلي پو ٽُٽن ٿيون اکيون.

سو مير علي نواز ناز بہ اکيون اڙايون ۽ پوءِ اکين هِن کي روليو ايترو روليو جو رياست کي بہ داءُ تي لڳائي ڇڏيائين، بس هِن کي ياد رهيو تہ بالي ئي بالي ۽ بالي وري هِن سان ڪجهہ گهڙيون گڏ رهي، زُلفن جو اسير بڻائي، پکي جيان پَـرَ ڪري اُڏامي وڃي لاهور لٿي، پر هي خالي نہ وئي، خزاني کي بہ خاصو کاٽ هڻي هلي، جنھن ڏانھن هِن عاشق جو ڌيان ئي نہ هو، هي تہ بس باليءَ کي واپس پنھنجي ٻانھن ۾ آڻڻ جا جتن ڪرڻ لڳو، وِڇوڙي جي وڏي وقت کانپوءِ نيٺ وري ٻيھر گڏيا ۽ هِڪٻئي جا ٿيا. هِڪٻئي جا ٿيڻ کانپوءِ هِن رياست يا ناز جا بہ ڄڻ ڏينھن ڳڻجڻ لڳا، نيٺ وڃي ڳالھہ اُتي پھتي جو هِن کي رياست کان الڳ ڪري وظيفو ڏئي هِن کي ڄڻ ڪنھن ڪُنڊ حوالي ڪيو ويو، هيڏانھن عشق جا آڙاھہ هوڏانھن اختيارن کان بي اختيار، هِن جي حالت انتھائي افسردہ هئي ۽ انھيءَ حالاتن هِن کي هِڪڙي رياست جي والي مان هِڪڙو سُٺو شاعر بڻائي ڇڏيو. هاڻي هي عاشق بہ هو شاعر بہ هو، پر بادشاھہ نہ رهيو. نيٺ هِڪ ڏينھن ڊسمبر جي 28 تاريخ 1935ع ۾ هِن بيوفا دُنيا کان ئي جُدا ٿي هليو ويو. ڪتاب لکن ٿا تہ هِن کي ٻہ سالن تائين ڪوٽڏيجي جي امام بارگاھہ ۾ امانت طور رکي اُن کانپوءِ 19 فيبروري 1937ع تي ڪربلا ڏانھن موڪليو ويو.

دِل پئي چوي تہ وري ٻيھر اهڙي رياست جُڙي
خيرپور رياست جون ڪيتريون ئي ڳالھيون پڙهي ۽ ٻُڌي منھنجي بہ دِل پئي چوي تہ وري ٻيھر اهڙي رياست جُڙي، جنھن ۾ اُهي سڀئي سھولتون هُجن، جيڪي پھرين خيرپور رياست ۾ هيون. انصاف هُجي، عدل هُجي، خوشحالي هُجي، روزگار هُجن، پر هاڻي تہ اِهو سڀ ڪجهہ ديواني جو خواب ئي لڳي ٿو، حقيقت ۾ هاڻي اسانجي ملڪ جي هر اداري کي ڪرپشن اهڙو کوکلو ڪري ڇڏيو آهي، جو هر ماڻھو، ڪرپٽ ٿي ويو آهي. محل مان ٻاهر نِڪتاسين، عمران لاشاري ۽ گارڊن کان موڪلايوسين، ساڳي رستي تان آياسين جيم خانہ، جِتي اسان گاڏي پارڪ ڪئي هُئي، گاڏي کئنيسين،

چانھہ پيتي ڊاڪٽر مشتاق جي گهر
هاڻي صفي الله اسانکي سِڌو وٺي آيو احمد باربي ڪيو اينڊ برياني، اڳيان بريڪ ڪرايو. اسان تہ حجابن چيوسين صفي الله ماني کي ڇڏيو، ماني ڪِٿي رستي ۾ کائي وٺنداسين، پر چيائين نہ ماني اوهانکي ڊاڪٽر مشتاق ڦُل چيو هو گهر کائڻ لاءِ، اُتي جي نٿا کائو تہ هِتي لازمي کائـڻي پوندي ۽ چانھہ وري ڊاڪٽر مشتاق جي گهر هلي پيئنداسين، پوءِ ايئن ئي ٿيو، اندر اي سي روم ۾ ويٺاسين، فضيلت ڀري هوٽل هُئي، صاف سُٿري ماني گهرائي، برياني گهرائي، طعام بہ بھترين ٺھيل هئا. ماني کائي ٻاهر نِڪتاسين، هاڻي صفي الله چيو تہ آئون پنھنجي موٽر سائيڪل ٿو کڻان جو ڊاڪٽر مشتاق ڦُل جي گهران پوءِ اوهان اڳتي هليا ويندا ۽ آءٌ موٽي ايندس، موٽر سائيڪل اسانجي اڳيان اڳيان، اسين اُن جي پُٺيان
ڊاڪٽر مشتاق جو گهر بہ اچي ويو، ڊاڪٽر مشتاق بہ نئين ڪالوني ۾ پنھنجو آشيانو اڏيو آهي، اڃا ڪالوني جون گهٽيون پَڪيون ناهن، بنگلو بھترين ٺاهيو اٿس، گاڏي ٺھندڙ گهر جي اڳيان پارڪ ڪئيسين، اندر آياسين، ڏاڍو وڏو، ويڪرو ڪشادو گهر ۽ سليقي سان سجايل، ويٽنگ روم ۾ ويٺاسين، ڊاڪٽر مشتاق جو وڏو پُٽ فيض مشتاق آيو، هٿ ملائي حال احوال ڪري ويو، پاڻي کڻي آيو، بعد ۾ ڪيڪ ۽ چانھہ گڏجي پيتي. پوءِ کائنس موڪلايوسين. صفي الله اسانکي ٻاهر روڊ تائين ڇڏيو، سندس ٿورا مڃيندي کانئس موڪلايوسين. اسانجي اڳين منزل ڪوٽ ڏيجي جو قلعو آهي، اُن کانپوءِ وقت مِليو تہ ڪا شئي ڏِسبي نہ تہ بس، واپسي ٿيندي.
اڌ ڪلاڪ کن جي سفر کانپوءِ ڪوٽ ڏيجي جو قلعو اسانکي پري کان نظر آيو، خيرپور کان تقريبن 20 ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪري، قلعي جي بلڪل ويجهو پھتاسين، واٽ تي بيٺل واٽھڙوءَ کان پُڇيوسين، قلعي ڏانھن ويندڙ رستو ڪھڙو آهي، اُن هٿ جي اِشاري سان ٻُڌايو تہ ’هِتان سِڌا هليا وڃون،‘ اسان گاڏي کي گُهمائي مين گيٽ وٽ آياسين، قلعي جي سامھون شھر بازارون لڳيون پيون آهن، اسان قلعي تي چڙهڻ کان پھرين پاڻيءَ جون بوتلون ورتيون، هڪ تہ گرمي جي موسم هئي، ٻيو تہ منجهند جو پھر هو.

ڪوٽ ڏيجي کان اڳ ڏِٺل قلعا
هِن کان پھرين پھريون قلعو جيڪو مون ڏِٺو هو اُهو هو ’بادشاهي قلعو/لال قلعو لاهور‘ جيڪو 7 جولاءِ 2006ع ۾ ڏِٺو هو. اُن کان پوءِ 14 آگسٽ 2006ع تي ’نئون ڪوٽ قلعو‘ ڏِٺو هُيم ، ٽيون قلعو جيڪو مون ڏِٺو هو اِهو هو ’عمر ڪوٽ قلعو‘ 14 آگسٽ 2007ع. ان کانپوءِ حيدرآباد/نيرون ڪوٽ جو ’پڪو قلعو‘ 28 سيپٽمبر 2012ع، ۽ اُن کان بعد فيبروري 2014ع، ملائيشيا جي شھر ’ملاڪا‘ ۾ ۽ ان کانپوءِ ’رني ڪوٽ قلعو‘ 13 جون 2015ع ۾ ڏِٺم. وري جون 2019ع ۾ ڪشمير جي وادي جي مظفر آباد شھر کان وادي نيلم ڏانھن ويندي ٿوري ئي پنڌ تي ’لال قلعو (رتہ قلعہ)‘ ڏِٺو، جيڪو ڪتاب ’ڪشمير جي سفرنامي‘ ۾ اچڻو آهي. ان کانپوءِ وادي هنزہ جي ڪريم آباد ۾ ڪر کنيل بُلند پھاڙي تي قائم ’قلعہ بلتت‘ جون 2019ع ۽ ’ڪلانڪوٽ قلعو‘ جا آثار ڏِٺم.

احمد آباد عرف ’ڪوٽ ڏيجي قلعو‘ ڏِٺوسين
قومي شاهراھہ تي ڪَر کڻي بيٺل پري کان نظر ايندڙ احمد آباد عرف ڪوٽ ڏيجي قلعي جي چڙهائي تمام مٿي هُئي، تنھن ڪري اِن موسم ۽ ان پھر ۾ اگر ڪو بہ قلعي تي مٿي گُهمڻ لاءِ وڃي تہ پاڻي پاڻ سان گڏ ضرور کڻي وڃي. اسان تہ ايئن ئي ڪيو ۽ اهو عمل بھتر ثابت ٿيو.
قلعي کي ٽوٽل 3 مُک دروازا آهن، اُهي دروازا ڪاٺ جا ٺھيل آهن ۽ اُنھن ۾ لوھہ جا سُنڀا جن جو بہ تعداد 234 ٻُڌايو وڃي ٿو، سڄي دروازي جي ٻنھي تاڪن تي لڳل آهن، اڳي جنگيون گهوڙن ۽ هاٿين تي سوار ٿي ڪيون وينديون هيون ۽ هاٿي اهڙا طاقتور هوندا هئا، جو اهڙا دروازا بہ ٽوڙي اندر هليا ايندا هئا، تنھن ڪري بچاءُ خاطر دروازن کي لوھہ جي سُنڀن سان ٺاهيو ويو آهي، پر هِتي ڪا بہ جنگ نہ لڳي هئي، نہ ئي هاٿين پنھنجا مٿا ٽڪراءِ رتو رت ڪيا هئا، نہ ئي گهوڙن زوردار هڻڪارون ڪري، نال لڳل پيرن سان هِن دروازي کي ٽوڙن جي ڪوشش ڪئي. تنھن ڪري هِن قلعي کي ڪنوارو قلعو بہ ان ڪري ئي چيو وڃي ٿو.
جوڌپور ۽ جيسلمير جي انتھائي غريب ماڻھن جن جوئر جي هڪڙي پاٽيءَ جي عيوض سڄو ڏينھن مزدوري ڪري پنھنجي پگهر سان احمد آباد قلعي کي تعميرات جي وزير سرائي محمد صالح زهري جي نگراني ۾ ٺاهي تيار ڪيو، جيڪو 1797ع ۾ اُن وقت جي بادشاھہ مير سھراب خان جي حڪم تحت تعمير ٿيو هو. قلعي جي چوڌاري بُرج ٺاهيا ويا آهن، اُنھن برجن جي مٿان توپن ۽ بندوقن لاءِ مارا ٺاهيا ويا آهن. توپون برجن تي اهڙي حڪمت سان رکيون ويون آهن جو اُنھن کي آساني سان ڪھڙي بہ طرف ڦيرائي فائرنگ ڪري سگهجي ٿي. هِن ڪوٽ ۾ اهڙا ڪُل پنجٽيھہ بُرج ٻُڌايا وڃن ٿا، اُنھن کي وري چئن حِصن ۾ ورهايو ويو آهي. اُولھہ طرف کان آخري ڪُنڊ تي ويڪرو ملڪ ميدان برج، ڪوٽ جي اوڀر ۾ جيسلمير برج، اُتر پاسي آخري ڇيڙي ۾ مريم برج ان طرح انھن برجن ۾ ڪجهہ شاهي برج بہ تعمير ٿيل آهن، جنگي حڪمت عمليءَ جو اعليٰ نمونو نظر اچي ٿو.
هڪ دروازو اُڪري اندر آياسين، اُن کان پوءِ ڪجهہ پنڌ ڪرڻ کانپوءِ ٻيو مکيہ دروازو اچي ٿو، اُهو بہ قلعي اندر وٺي وڃي ٿو، ايئن پھرين ڪوٽ تي چاڙهين ذريعي ڇت تي چڙهي آخري مٿي بُلندي تي ٺھيل چبوتري تي وياسين، هِتان کان بيھي سڄي ڪوٽ ڏيجي شھر جو خوبصورت منظر ڪري سگهجي ٿو، بلڪل ايئن جيئن، گڊي ڀٽ تان مِٺي شھر جو نِظارو، جيئن معصوم شاھہ جي مُناري تان سکر شھر جو نظارو، ڪجهہ گهڙيون چارئي طرف اکيون اُماڻي منظر ماڻي، ڪئمرا جي اک ۾ قيد ڪري واپس سيڙهين تان هيٺ لٿاسين، هاڻي اسان، مٿان ديوار ۽ ڇت تان اچڻ بجاءِ هيٺان آياسين، جتي اندر مختلف ڪمرا، اڏاوتون، اڏيل آهن، ڏِسندا اچون، بيڊ روم، ڪچن، باٿ روم، ۽ مورچه سڀ ٺھيل آهن، ڪِٿي ڪِٿي ننڍڙا بورڊ بہ لڳل آهن، جيڪي ٻُڌائين ٿا، تہ هي اڏيل اڏاوت ڪھڙي ڪم ايندي هئي. ڪجهہ بيضوي شڪل جا ديوار اندر ٺھيل ننڍا ننڍا ڪمرا يا کُڏيون چئون ٺھيل آهن، جن ۾ سپاهي رهندا هئا، ڪنھن بہ اوچتي حملي جي صورت ۾ هو قلعي جي اندر سڄي معاملي کي سنڀالي وٺن.
اسان سان گڏ قلعي تي ڪجهہ ليڊيز بہ گُهمي رهيون هيون ۽ شاگردن جي بس بہ ڪنھن هاءِ اسڪول جي لڳي رهي هئي، اُهي بہ گُهمي رهيا هئا، شاگردن جي هِڪڙي ٽولي ۾ هِڪ شاگرد ٻين کي پي چيو، يار گهٽ ۾ گهٽ سائين کي پاڻ سان گڏ اچڻ گُهرجي ها، ٻُڌائي ها قلعي جي تاريخ بابت بس ايئن خالي ديوارن تي هيٺ مٿي چڙهي لھي هليا هلون فائدو ڪھڙو، مون چيو شاگرد چوَي سچ پيو، پر شايد اُن اُستاد کي قلعي بابت ڪجهہ معلوم نہ هجي، تڏهن تہ هيٺ گيٽ وٽ ويھي رهيو.
اسانکي هاڻي اڳتي جي تڪڙ نہ هُئي، تنھن ڪري سڄو قلعو مڪمل گُهمي ڏِٺوسين، پوءِ آياسين ٻاهر، ٻاهر قلعي کان جيئن ئي نِڪرجي ٿو تہ بازار بہ ٺھيل آهي، جِتي هر دُڪان اڳيان هِڪڙو ملازم ٻاهر بيٺل آهي ۽ ايندڙ مسافرن کي پاڻ ڏانھن سڏي رهيو آهي، تہ هيڏانھن اچو، هيڏانھن اچو، بلڪل ايئن جيئن حيدرآباد جي ريشم گلي ۾ دُڪاندار ملازم ڇوڪرن کي ٻاهر بيھاري ڇڏيندا آهن، ۽ هو سڄو ڏينھن خريدار/گراهڪ کي سڏيندا رهندا آهن. سو هِڪڙي دڪان تي اسين بہ چڙهياسين، کجور وٺڻ جي لاءِ، اسانکي ياد هاڻي آئي آهي، دُڪاندار ٻُڌايو، کجور اوهانکي هِتي نہ مِلندي اُها ٺيڙھي ۾ مِلندي. سائين وارن کي مون يڪدم چيو، ’سائين مون نہ چيو هو تہ ٺيڙھي شھر مان لنگهندي روڊ جي ٻنھي پاسن کان وڏا وڏا دُڪان کجور جا هئا اُتان کجور وٺون‘ اوهان چيو تہ خيرپور مان ٿا وٺون، هاڻي اِها سوغات بہ رهجي وئي. ٻاهر نِڪتاسين روڊ تي، گاڏي کي 100جي اسپيڊ سان هلائي اچي ڪُنب ڪنڌيءَ پھتاسين.

ڪُنب ۾ ٿـڌو ٿاڌل ۽ ظھر جي نماز
ڪُنب ۾ ٿاڌل واري وٽ گاڏي بيھاريسين، گرمي هئڻ ڪري پھرين ٿڌو ٿاڌل پيتوسين، ٿاڌل واري کان پُڇيوسين تہ ڪُنب شھر ڪھڙي پاسي آهي، هٿ جي اِشاري سان ٻُڌايائين تہ هي سامھون روڊ اندر شھر ۾ پيو وڃي، هي ڪُنب اسٽاپ آهي، ڪُنب جو نالو مون تہ محبوب ماڻھو ڊاڪٽر مشتاق ڦُل کي سُڃاڻڻ کان پوءِ ٻُڌو هو، ڊاڪٽر مشتاق ڦُل جي جنم ڀومي، رهائش گاھہ ۽ اسپتال پُڻ ڪُنب شھر ۾ آهي، اسان ٿاڌل واري کي گاڏيءَ جي پارت ڪري پاسي ۾ ٺھيل مسجد ۾ ظھر جي نماز پڙهيسين. نماز پڙهڻ کان پوءِ اڳتي ڪاهيوسين.

راڻيـپور پھتاسين تہ...
جڏهن راڻيپور پھتاسين تہ دِل ڌڙڪي درازا درازا، اِهو فطري آهي يا الائي مونسان آهي تہ جنھن بہ شھر مان گُذرندو آهيان، انھيءَ شھر ۾ موجود دوستن کي ضرور ياد ڪندو آهيان، هوائن ذريعي سلام موڪلڻ، ملاقات کان وٺي لکت ۾ بہ اُنھن کي ياد رکندو آهيان. راڻي پور جو هي شھر بہ ٻين شھرن جھڙو ئي آهي، جيئن سڀئي شھر ساڳين طرح جون بازارون، هوٽلون، دُڪان وغيره ايئن راڻيپور آهي. خيرپور ضلع جو هي شھر، خيرپور کان پنجاھہ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي تعلقي سوڀو ديرو ۾ آهي، شايد ڪنھن دؤر ۾ هيءَ بہ ڪا ننڍي رياست هُئي. پر هِن وقت هِن کي صرف ٽائون ڪميٽي جي حيثيت حاصل آهي، جنھن ۾ ڪيترائي اسڪول، اسپتالون ۽ سچل سرمست جي نالي سان ڪاليج بہ قائم آهي، راڻي پور شگر مل بہ آهي، تہ ڪاٽن فيڪٽري بہ، راڻي پور جي شھر ۾ ٻين کوڙ پاڙن سان گڏ جوڻيجا پاڙو بہ آهي. اسان گاڏي موڙي درازا ڏانھن ويندڙ واٽ تي.

درازا سچل سائين جي جنم ڀومي
ٻن ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪري آياسين درازا، جِتي سچل سرمست جي نگري آهي. سچ سرمست جي جنم ڀومي آهي، هي درازا ضلع خيرپور جو هِڪڙو ننڍڙو ڳوٺ آهي، پر سچل جو پيدا ٿيو تہ درازا کي ڄڻ شھرت جا پر لڳي ويا ۽ درازا سچل سرمست جي ڪري سُڃاپجڻ لڳو.
هُت هُيس معشوقيءَ ۾، هِتِ عاشق ٿي آياس
راڻي پور اسٽيشن کان ٻن ميلن جي فاصلي تي درازا خيرپور ضلعي ۾ هِڪڙو ننڍڙو ڳوٺ آهي، جِتي سچل سرمست جو جنم ٿيو، سچل سائين جو جنم جن بہ ڪتابن ۾ لکيل آهي تہ: (چيو وڃي ٿو تہ سن 1739ع) ۾ ٿيو، رسالو سچل سائين ۾ لِکيل آهي تہ: سچل سرمست جي دؤر کان پوءِ هن ڳوٺ کي شاھہ درازا سڏيو وڃي ٿو، جنھن جي معنيٰ شاھہ يا عظيم دروازو، جنھن مان روحاني روشنيءَ جو ظھور ٿيندو هجي.
ڪلام عارفانہ الھام جي مرتب، مرزا علي قلي بيگ هن ڳوٺ جي جُڙڻ بابت ڪجهہ هيئن لکيو:
”ڪلھوڙن جي دؤرِ حڪومت ۾، هِن خاندان جي وڏي عزت ٿي. کين گمبٽ ۽ راڻيپور جي وِچ ۾ جاگيرون مِليون. فاروقي فقيرن اُهي جاگيرون پنھنجن ٻن خاص مريدن، هر هِڪ: ’دراز ونڊير‘ ۽ ’ڪاجن ونڊير‘ کي آباد ڪرڻ لاءِ ڏِنيون، جن اُتي پنھنجا ڳوٺ ٻَڌايا. ڪاجن ونڊير جو ڳوٺ درازا جي اُتر اولھہ ۾ هو، جيڪو اڳتي هلي ڦِٽي ويو، پر درازا ونڊير جو ڳوٺ، جو پوءِ ’درازا شريف‘ جي نالي سان مشھور ٿيو، اڄ بہ موجود آهي ۽ درازا جي دلبرانہ نالي سان سڏجي ٿو. ٿوري عرصي کانپوءِ ’ميان صاحب ڏِنو‘ ۽ ٻيا مخدوم بہ ٻين هنڌن تان لڏي اچي درس درازين داخل ٿيا.“
ان حقيقت کي هوبھو سچل سائينءَ جي ٻين سوانح نگارن پڻ بعد ۾ ايئن آندو آهي. مادي طرح کڻي درازا شريف کي اڏيندڙ فقير دراز ونڊير هو، پر روحاني طرح درازا کي ’در-راز‘ (الاهي اسرارن جو دروازو) بنائڻ وارو دولھہ، سچل سائينءَ جو جد امجد فقير صاحبڏنو الملقب ’موراڳي‘ (مور) هو. باقي ان خطي کي ڪا خاص تاريخي ۽ تھذيبي قدامت نہ آهي، البت کھڙا ڪجهہ پراڻو شھر آهي.“

سچل سائين جي حضور ۾
سچل سرمست تي بہ ساڳين طرح رنگ ۽ رونقون هيون جيئن سنڌ جي سڀني درگاهن تي هونديون آهن، درگاھہ کان پھرين هِڪڙي بازار هوندي آهي، جنھن ۾ ٻارڙن جي رانديڪن کان وٺي قُل لکيل چادرُن ۽گُلن تائين ماين/عورتن جي سڳين، ڦـڻين کان وٺي مِٺاين تائين سڀ ڪجهہ موجود هوندو آهي، تيئن هِتي بہ سچل جي درگاھہ جي گيٽ کان پھرين اهڙي بازار اچي ٿي، اسان گاڏي سائيڊ ڪري بيھاري، مکيہ دروازي جي اندر ٿياسين، تہ ساڳين ئي نموني گهڻائي عورتن جي ئي نظر آئي، مرد نالي ماتر هوندا آهن، اسان سچل تي قُل پڙهي ٻاهر نِڪتاسين، درگاھہ اندر توڙي ٻاهر فوٽوگرافي ڪئي، هي موجودہ مقبرو ڏاڍو خوبصورت ۽ فن جو اعليٰ نمونو آهي، جڏهن تہ سرڳواسي ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ، پنھنجي ڇپايل ڪتاب ’سچل سرمست‘ جيڪو آگسٽ 1922ع ڌاري ڇپيو، ۾ هن ريت بيان ڪيو آهي:
”خيرپور جي رياست ۾، راڻيپور اسٽيشن کان ميل کن پري درازن جو ڳوٺ آهي، ڳوٺ جي ٻاهران سچل فقير جو روضو آهي ۽ لاڳو ڪرڙن جو جهنگل آهي. درگاھہ سان گڏ سجاده نشين جي جهوني نموني واري اڏيل جڳھہ آهي، جنھن سان باغ جو ٽُڪر لاڳو آهي. ڀر ۾ هِڪ کوھہ وڻن جي هيٺ آهي. چؤگِرد جھڙيون تھڙيون جهوپڙيون اڏيل آهن، مطلب تہ هِڪڙا ڪِرڙ، ٻيا کٻڙ، جهوني زماني جي جاءِ ۽ ٻہ چار جهوپڙيون، ٻيو اڇو نانءُ الله جو! خلقون ٿيون ماڻھن جون ميلي تي اچن، روز بروز ڳائـڻا ۽ ٻيا درگاھہ جي زيارت ڪرڻ اچن ٿا ۽ گهڻيئي ڪامورا ماڻھو پڻ ويندڙ آهن.“
پنھنجي، ذات لِڪائي، ڪيئن ٻي ذات سڏايان،
’اعليٰ اعظم شان‘ جي نوبت نينھن وڄايان،
منصوريءَ جي موج ۾ ٿو اناالحق اَلايان،
اُن وقت جي ۽ اڄ هِن وقت جي درازا ۾ گهڻو تمام گهڻو فرق آهي، هاڻي تہ هِتي نہ جهنگل ٿو نظر اچي نہ ڪِرڙ، وڏو روضو/درگاھہ، وشال اڱڻ، اڱڻ ۾ پري تائين ڏِنل چيلھہ جيڏي چئوديواري، اُن ۾ ڪِٿي فقير/فنڪار سچل جو ڪلام ڳائي رهيا آهن، ڪنھن ڪُنڊ کان عورتون ويٺل نظر اچي رهيون آهن، هِڪ هنڌ فرش تي ڪتابن وارا ڪتاب پکيڙيو ويٺا آهن.
هِن کان پھرين بہ جڏهن سچل جو ديدار ڪرڻ آيو هئس، تہ ٻہ ٽي ڪتاب ورتا هُيم ۽ هاڻي بہ هِڪ ٻہ ڪتاب ورتم. ڪتاب وٺڻ، پڙهڻ، گڏ ڪرڻ محبوب مشغلو آهي منھنجو. ٻيو ڪو تحفو ڪِٿان وٺان نہ وٺان، پر ڪتاب ضرور وٺندس. تنھن ڪري وري بہ ڳالھہ ڪتابن جي ئي ڪبي سو ڪتاب لِکن ٿا تہ:
”سچل سرمست جو اصل نالو عبدالوهاب هو، چيو وڃي ٿو تہ حضرت عمر فاروق خليفه ثاني ۽ پيغمبر جي سُھري جي نسل مان 39 پيڙهي مان هو، سچل جي ابن ڏاڏن مان شھاب الدين نالي هِڪڙو بزرگ هو، جيڪو سن 712ع ۾ سنڌ جي عرب فاتح، محمد بن قاسم جو مددگار ۽ صلاحڪار هو ۽ اُن سان لڙائي ۾ گڏ آيو هو. بعد ۾ سيوهڻ جو گورنر مقرر ٿيو. شھاب الدين جا پويان سيوهڻ مان لڏي خدا آباد آيا، اُن کانپوءِ ٿرپارڪر ۽ آخر ۾ خيرپور ۾ مُقيم ٿيا، جِتي سچل سرمست جو ڏاڏو خواجہ محمد حافظ صاحبڏني جي نالي سان مشھور ٿيو. سندس پُٽ صلاح الدين، سچل جو والد هو، هو پنھنجي والد جي زندگيءَ ۾ گُذاري ويو. اُن وقت سچل اڃا ٻار هو. اُن ڪري ڏاڏي پنھنجي پوٽي جي پرورش ڪئي. اُن وقت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي سچل سائين جي ڏاڏي صاحبڏني وٽ آيو، جڏهن شاھہ لطيف جي سچل تي نظر پئي تہ شاھہ لطيف هن ٻار (سچل) جي مٿي تي هٿ رکندي چيو هو تہ: ”جيڪو ڪُنو اسان چاڙهيو آهي، اُن جو ڍڪڻ هي لاهيندو“ هي روايت آهي.
سَچُو نانءُ ٿو سڏائين، چئو تہ ڪاٿي تون آهين.
هِڪ روايت ۾ آهي تہ: سچل سان گڏ ’سرمست‘ جو لقب سندس دوستن ڏِنو هو، سچل جي موسيقي ڪمزوري هوندي هئي، تنھن ڪري جڏهن قديم سازن تي موسيقي ٻُڌندو هو تہ وجّد ۾ اچي ويندو هو ۽ سندس ڊِگها وار اُڀا ٿي ويندا هئا ۽ ڳلن تي ڳوڙها وهڻ لڳندا هئا. جنھن کي خدا مخمور ڪري تنھن کي ’سرمست‘ چوَن ٿا.“
من نمي گويم اناالحق، يار مي گويد بگو،
چُون نمي گويم مَرا، دلدار مي گويد بگو.
ترجمو: آءٌ نٿو چوان، پر منھنجو يار ٿو چوي تہ تون چئو آءٌ خدا آهيان.

سچل جي آڳنڌ اڳيان
آس پاس جو جائزو ورتو، عورتون ڪجهہ ٻھراڙي جون ڪجهہ شھري، پر سڀئي تقريبن درن ديوارن کي هٿ لائينديون ۽ هٿ چَپَن تي رکنديون آهن. اِها عقيدت اوهان کي سنڌ تہ ڇا، پر پوري پاڪستان ۾ قائم سڀني درگاهن، درويشن تي نظر ايندي.
جڏهن آل پاڪستان ٽوئر تي ويو هئس، سڄو پاڪستان گُهمي واپسي ۾ جڏهن داتا جي دربار جو ديدار ڪرڻ ويا هئاسين، اُتي مون قبر جي جالين کي جن عورتن کي چمندي ڏِٺو، اُهي ڪي ٻھراڙيءَ جون هرگِز نہ هيون، پڙهيل لِکيل فيملي جون، جيڪي ويگو ۽ ڪرولا گاڏين مان پي لٿيون ۽ وري اهڙي ئي ساڳي حالت اسلام آباد جھڙي شھر ۾ قائم ’بري امام‘ تي ڏِٺم، تڏهن مون ان ڳالھه/چوڻي کي بدلايو تہ سنڌ جا ماڻھو جاهل آهن، جيڪي درگاهن تي نمن/گُهرن ٿا، پر ايئن ناهي هي جهالت ناهي، هيءَ عقيدتمندي آهي، ڪم تہ جيڪڏهن صرف عقيدت جي حد تائين هُجي تہ ٺيڪ، پر جي اُن کان اڳتي آهي تہ پوءِ ساڳئي نموني چئي سگهجي ٿو تہ ها هيءَ جهالت آهي.

يار کي هر هنڌ ڳوليم
سچل جي آڳنڌ اڳيان هِڪڙي طرف پٽ تي پيل ڪتابن جو اسٽال آهي ۽ درگاھہ جي سامھون اڱڻ کان اڳتي، هِڪڙو تنبو اڏيل آهي، جنھن هيٺ ننڍڙو فنڪار پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، ڪلام جو خلاصو ايئن هو تہ (يار کي هر هنڌ ڳوليم پر مونکي هتي سچل جي درگاھہ تي مِليو، جنھن سان حال احوال اوريم، دِل کي سڪون مِليو) ۽ سامھون ويٺل عورتن جي هِڪڙي قطار آهي، جيڪا کيس غور سان ٻُڌي رهي آهي، اسان هِڪٻئي کي چيو، اهڙي شاعري ئي تہ عورتن کي هِنن درگاهن تي انجام ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ وڌيڪ رهنمائي ڪري ٿي. (الله معاف ڪري) باقي سڀني درگاهن تي جيترا عقيدمند ايندا آهن تہ اوترا ئي وري ميل ميلاپ لاءِ، انجام پاڙڻ لاءِ، اکيون ٿـڌيون ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. اِها ڳالھہ نہ لڪل آهي نہ نئين آهي، عالمِ آشڪار آهي، مولوي حاجي احمد ملاح صاحب خود بہ پنھنجي دؤر ۾ ان ئي ڳالھہ جي تصديق ڪندي هينئن ٿو چوي:
سِگهو موٽي اِيندو ميڙو، مَ ٿِي دِلگير اي دِلڙي!
اچِي ڀُورل ٿِيندو ڀيڙو، مَ ٿِي دِلگير اي دِلڙي!

متا ميڙا مُقامن تي، سڄڻ سَنبريا سَلامن تي،
اِجهي آيا اَنجامن تي، مَ ٿِي دِلگير اي دِلڙي!

مُحب ميڙي مٿي اِيندا، وڏا ٿورا وري ٿِيندا،
مِڙئي مطلب ڪَرڻ ڏِيندا، مَ ٿِي دِلگير اي دِلڙي!

پِيادا ڪي پيا پَھرِي، ڪي مُرڪن مُحب سِر مَھرِي،
ڳِچي دِلبر سُونھي دُهرِي، مَ ٿِي دِلگير اي دِلڙي!

پِرين پُھتا اِنهن پارن، ڪُلھا جَهليا قُرب وارن،
کنيَئون پھہ ساڻ کنگهڪارن، مَ ٿِي دِلگير اي دِلڙي!

جِتي بَيران هو بَر ڪو، اُتي گُجريَن ڪيو گَهر ڪو،
لڳو ٽِڪ، ٽَونر جو جَهرڪو، مَ ٿِي دِلگير اي دِلڙي!

نِيئڻ ميڙي مٿي ماديون، وڏيون تحقِيق اِي تَعديون،
وڃيو پوءِ اُت وَسن واديون، مَ ٿِي دِلگير اي دِلڙي!

اِنهيءَ هَنڌ اَولياءَ هُئا اَڳ، نٿي پاتو تڏهن ڪنھن پَڳ،
مِڙي اڄ لوڪ لالچ لَڳ، مَ ٿِي دِلگير اي دِلڙي!

نہ ڪنھن اَشراف جي ”احمد!“ ڪجي هَلڪائِي ههڙي حَد،
سَندن ميڙا، سَندن مَقصد، مَ ٿِي دِلگير اي دِلڙي!
پنجويھہ بندن جو هي ڊگهو غزل مون هِتي صفا سوڙهو ڪري، رڳو ڏھہ بند رکيا اٿم. سائين عبدالجبار نظاماڻي سان مخاطب ٿيندي، ’سائين! اهو لقاءُ اُن وقت بہ هو، تہ هِن وقت بہ آهي، ان جو سِڌو مطلب اِهو ٿيو تہ سڀ ڪجهہ سُٺايون توڙي بُڇڙايون، انصاف بہ تہ ظلم بہ، وصال بہ تہ وِڇوڙا بہ هي سڀ ڪجهہ پھرين کان پيا اچن. جنھن ۾ دؤر جو دور تائين تعلق ئي ناهي، ڇو تہ انھن شين جو تعلق هر دؤر سان رهيو آهي.‘

جڏهن اڌ پنڌ تي پھتاسين ...
واپس آياسين راڻي پور مان ٿيندا، هنڱورجا ڪِراس ڪيو، هاڻي سج لھي چُڪو هو ۽ رات پنھنجا پرَ ڦھلائي رهي هُئي. رسول آباد بہ اُڪري آياسين، خبر ئي ڪانہ پئي، مغرب نماز پيٽرول پمپ تي اڏيل مسجد ۾ پڙهيسين، گڏ عشاءَ جي بہ سفر نماز پڙهيسين، گاڏي ۾ اچي ويٺاسين دوست بخشل باغي جو فون آيو، ڪِٿي پھتا آيو؟ چيم هالاڻي ڪِراس پيا ڪريون، چيائين هاڻي قاضي احمد ايندو قاضي احمد مان لِنڪ روڊ نِڪري ٿو نوابشاھہ لاءِ اُهو وٺي اچجو، نيشنل هاءِ وي تان ايندا تہ نوابشاھہ کان ٻاهران ڪِراس ڪري اڳتي هلي ويندا.
قاضي احمد پھچي نواب شاھہ روڊ جي پڇا ڪئيسين، لنڪ روڊ وٺي آياسين، جڏهن اڌ پنڌ تي پھتاسين تہ ادا منظور جو موڊ خراب ٿي ويو، چوَي واپس ٿا هلون، روڊ خراب آهي، رات آهي، چوندي چوندي بحريا ٽائون اچي پھتاسين اُتي بيٺل همراه کان پُڇيائين تہ نواب شاھہ اڃا گهڻو پري آهي، همراه چيو 12، 15 ڪلوميٽر ٿيندو، ادا منظور گاڏي کي اُتان کان ئي واپس موڙيو، چيائين اڃا 15 ڪلوميٽر واپس ٿا هلون، مونکي چيائين دوستن کي چئي ڇڏ وري ٻي ڀيري، حالانڪِ 20 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ پنڌ ڪري آياسين، بخشل باغي ۽ ستار سُندر ٻئي گڏ ويٺا هئا، کين فون ڪري چيم يار وري ٻي ڀيري اسانکي دير گهڻي ٿي وئي آهي، چيائون هاڻي تہ پھچڻ وارا هوندا، چيم بحريا ٽائون، چيائون اِتي ئي بيھي اوهانکي وٺڻ ٿا اچون 8 ڪلوميٽر جي پنڌ تي شھر آهي، وري واپس ڪيئن ٿا وڃو، چيم بس يار واپس نِڪري بہ چُڪاسين، وري ڪنھن ٻي ڀيري.
هاڻي ادا منظور گاڏي کي 100 جي اسپيڊ کان وڌيڪ هلائڻ لڳو، وري واپس اچي قاضي احمد پھتاسين، قاضي احمد کان پوءِ نيشنل هاءِ وي ورتوسين، موڊ تہ منھنجو بہ خراب ٿي ويو، سائين عبدالجبار بہ چوَي ’بس ٺيڪ ٿيو، جيڪو بہ ٿيو،‘ مون ايترو چيو ’مٽياري مان مائو وٺـڻو آهي‘ ۽ پوءِ اکيون ٻوٽي سُمھڻ جي ناڪام ڪوشش ڪيم، پر اک لڳي وئي.
ننڊ جو آ بار اکين تي،
شايد آ ڪا سار اکين تي.

مٽياري جو مائو وٺي، مونکي وِساري ويا
جڏهن مٽياري پھتاسين تہ چيائون هاڻي ڪِٿي مائيَ جو دُڪان ڏِسو تہ بريڪ ڪريون. باءِ پاس تي مائيَ جا دُڪان ٺھيل آهن، جيئن ميھڙ جو مائو مشھور آهي، ايئن هاڻي مٽياري جو مائو بہ مشھور آهي، هِڪڙو ريسٽورينٽ هو اُن اڳيان بريڪ ڪيوسين، اُتي ئي مائيَ جو دُڪان بہ موجود هو، اسان ٽنھي مائو ورتو، گڏ نِڪتاسين مون چيو هي گاڏي ۾ ويھن، پاسي ۾ ڪئبين تان چاڪليٽ وٺان، آئون جيئن ئي چاڪليٽ وٺي گاڏي ڏانھن آيس تہ گاڏي گهڻو پھرين نِڪري چُڪي هئي ۽ منھنجا ٻئي موبائيل بہ گاڏي ۾ پيل هئا، هاڻي مزو ٿي ويو، مونکي يڪدم 2006 وارو گِلگِت وارو سين ياد اچي ويو، جڏهن اسٽاپ تان وين ڪرائي سڀئي اُن ۾ ويٺا پاسي ۾ پي سي او هو، مون سوچيو گهر فون ڪري ٻُڌايان تہ اسان هاڻي گِلگِت مان نِڪرون پيا، فون ڪري ٻاهر اچان تہ نہ دوست، نہ وين، هِتي نہ موبائيل نمبر لڳي ۽ نہ ئي ڪنھن دوست جو نمبر ياد هو جو پي سي او تان فون ڪريان پوءِ اسٽاپ کان هاسٽل تائين اڌ ڪلاڪ جو پنڌ هو، رات جو وقت ۽ پنڌ ئي پنڌ، ٻيو ڊپ نہ پر ڦُرجڻ جو خوف هو، ڪيمرا ۽ موبائيل هٿ ۾ هُئا، پئسا بہ پرس ۾ هئا، خير وڌيڪ منھنجي سفر نامي ”حيدرآباد کان هنزہ تائين“ ۾ لِکيل آهي.
آئون واپس ڪئبين واري وٽ آيس چيم يار موبائل ڏيو هِڪڙو نمبر ڊائل ڪريان مونکي همراه ڇڏي ويا، نمبر ڊائل ئي ڪيم پي تہ سامھون ڪار اينڊيڪيٽر ڏيندي واپس پي آئي، موبائيل کيس واپس ڪيم چيم مھرباني همراه اچن پيا، آئون بہ تِکو تِکو گاڏي ڏانھن اچڻ لڳس، جڏهن ويجهو آيس تہ هي تہ ٻي گاڏي، هاڻي خاموش بيھي رهيس، چيم وري نٿو وڃي دوست کي تڪليف ڏيان، هاڻي جي ياد پيس تہ موٽي ايندا نہ تہ کٽن ڀاڳ، 5 منٽ گُذريا تہ ڏِٺم ڪار اينڊيڪٽر ڏيندي واپس پئي اچي، پڪ سمجهيم اِهي آهن، اچي بريڪ ڪيائون، آئون خاموش چڙهي ويٺس. پويان سيٽ تي سُمھي رهيس، خبر تڏهن پئي جڏهن فتح چوڪ تي گاڏي اچي تيل ڀرايو، پوءِ سِڌو آياسين واپس ماتلي پنھنجي پنھنجي گهر. بقول ڀٽائي؛
ڇِڄُ مَ قَطاران، ساٿُ چَڙهندو لَڪِيـين،
مَڇُڻِ ٿِئـي پُئان، وَڳَ واٽَ ئِي نہ لَھين.

جيڪي سفر ۾ هسمفر هئا

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دِلچسپي رکندڙ، تاريخ لِکندڙ، ماتلي جي تاريخ لِکي اٿس، اُن کان علاوہ حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منھنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هِن جا سھيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪِتاب لِکيو اٿس، جنھن ۾ پوري نظاماڻي قبيلي جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوہ کوڙ ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب لِکيا، سھيڙيا ۽ مُرتب ڪيا اٿس. ”محمد صديق مسافر جي علمي، ادبي، تعليمي، صحافتي ۽ سماجي خدمتن جو تحقيقي مطالعو“ جي عنوان سان محمد صديق مسافر تي پي ايڇ ڊي ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس.

صفيع الله شر: صفي الله ساگر شر روزاني ڪوشش اخبار خيرپور جو ڊسٽرڪٽ رپورٽر آهي ان سان گڏ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي پروگرام سھڻي ڌرتي ۾ ڪمپيئر شاعر بہ آهي شاعري 2000 کان لِکندو پيو اچي.

منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شھر سان تعلق رکندڙ، منھنجو ڀاءُ آھي، سُٺي دِل رکندڙ آھي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آھي، پنھنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آھي. گُهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ ھميشہ چوندو آهي، گُهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منھنجي حاضر آهي.

مور ساگر: ’ڪي جاڻا مين ڪوڻ بُليا‘


( 09 اپريل 2019ع- ضلعو خيرپور )

مثالي ماڳ ٽنڊو سومرو

روانگي
سدائين زندگيءَ ۾ هِڪ مسئلو رهيو،
نِنڊ اڌوري رهي، خواب پورو نہ ٿيو.
29 نومبر اڄ جمعي جو ڏينھن هو، تنھن ڪري دِل چوندي آهي تہ دير تائين سُمھي رهجي، پر صبح 9 وڳي ادا منظور فون ڪيو تہ سائين عبدالجبار نظاماڻي پُڇي پيو تہ اڄ ٽنڊي سومري ڏِسڻ جو پروگرام آهي تہ ٻُڌايو، پوءِ سوچيندي ها ڪيم، ٽنڊو سومري جي باري ۾ الطاف شيخ لِکيو هو. اُن کان پوءِ يو ٽيوب تي بہ ٽنڊو سومرو جون ڊاڪيومينٽريون ڏِٺيون هيم، تنھن ڪري، اِها حسرت هُئي تہ ٽنڊو سومرو عاصم ايگريڪلچر فارم گُهمي اچجي. آءٌ ادا منظور ۽ سائين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار روانا ٿياسين، وقت پورا 11:00 ٿيا آهن، ملھڻ پھتاسين، گاڏي کي ملھڻ نظاماڻي ڏانھن موڙيوسين، هِتان ظفر نظاماڻي کي بہ هلڻو هو، ڪجهہ اڳتي وياسين تہ ظفر روڊ وٺيو آيو پي، اُن کي کنيوسين. گاڏي ۾ ويٺو.

زرداري روڊ، اسين، سفر ۽ ظفر
ظفرالحق نظاماڻي سان اسان جي هيءَ پھرين ملاقات هُئي، تنھن ڪري ادا منظور ۽ مون سان ڊاڪٽر عبدالجبار نظاماڻي، اسان سان گڏ هلندڙ اسانجي نئين همسفر جو تعارف ڪرايو. ’هي آهي ظفرالحق نظاماڻي، پيشي جي لحاظ کان اُستاد آهي، ملھڻ ۾ رهندو آهي،‘ پوءِ ظفر کي وري اسان ٻنھيءَ ڀائرن جو تعارف ڪرايائين. خير قصو ڪوتاھہ، سفر اڳتي.
زرداري روڊ ۽ اسين ٻيو سفر ۽ ظفر. هن زرداري روڊ جو تذڪرو آءٌ پنھنجي سفري ڪتاب ٻي ڀاڱي ۾ ڪري چُڪو آهيان، زرداري روڊ تان لھي هاڻي ورتوسين گُلاب لغاري گام جو گس. ايڊووڪيٽ عبدالخالق لغاري،ءَ ڪامريڊ ڪريم لغاري ۽ شاعر ايڇ بي بلوچ جن جي شھر گلاب لغاري مان گُذرندي اڳيان، چمبڙ کي بہ ڪِراس ڪيوسين، تہ ٽنڊوالھيار جو مين روڊ بہ پار ڪري پريون پاسو ورتوسين.

رکيوسين رُخ مثالي ماڳ ٽنڊو سومرو ڏانھن
هِن رستي اسان کي پھرين آندو شاھہ پور رضوي، شاھہ پور رضوي کي پوئتي ڇڏي اڳتي ٿياسين تہ ڳوٺ موليڏنو ميربحر جو بورڊ پڙهيم، ادا منظور کي چيم سائين عبدالشڪور ملاح جي ڳوٺ جو بورڊ هيڏانھن لڳو پيو آهي، اُهو تہ حيدرآباد جي ويجهو آهي، پر پوءِ خبر پئي تہ هي ڳوٺ مولي ڏِنو ميربحر نالي سان ٻيو ڳوٺ آهي، سائين عبدالشڪور پاڻ ٻُڌايو. هي مثالي ماڳ جيڏانھن وڃي رهيا آهيون، ’ٽنڊو سومرو‘ اِهو بہ حيدرآباد جي اوڀر ۾ حيدرآباد کان پنجاھہ ڪلوميٽرن جو فاصلو ٻُڌايو وڃي ٿو، تہ اِهو ڳوٺ بہ حيدرآباد جي اوڀر ۾ پليجاڻي کانپوءِ اچي ٿو.
اڳيان آياسين تہ مھراڻ شوگر مِل ڪمند جي پيڙهائي ڪري رهي هئي. اسان جو ٿوري دير لاءِ شگر مِلون ۽ ڪمند موضوع ٿي ويو. مِل مالڪن جي هِڪ هَٽِي ۽ بليڪ ميلنگ جي ڪري ڪمند جو فصل سال بہ سال پوئتي ٿيندو وڃي، آخر ماڻھو ڇو خرچ ڪري، ٻارھن تيرنھن مھينا هِڪڙي فصل کي بيھارين، جڏهن وقت اچي تہ مِل مالڪن جي بدمعاشي. مھراڻ شگر مِل کان اڳتي ٿياسين تہ نصير ڪئنال آيو، اُن کي پار ڪري.

نيٺ پھتاسين مثالي ماڳ ٽنڊو سومرو
ٽنڊو سومرو ۾ جيئن ئي داخل ٿياسين تہ منھنجي ذهن ۾ الطاف شيخ جو آرٽيڪل آيو، ”ٽنڊو سومرو ــــ سنڌ جي بدامني ۽ بي چيني واري ماحول ۾ هڪ پُر سڪون ڳوٺ“ جيڪو ڪاوش جي هفتيوار ’ڪاوش دُنيا‘ مئگزين ۾ شايع ٿيو هو.
جيئن ئي ڳوٺ جي ويجهو پھتاسين تہ اسانکي وڏي ديوار جيڪا ماڻھو جي قد کان بہ مٿاهين اڏيل آهي، ڏِسڻ ۾ اچي ٿي ۽ هِڪڙو وڏو مين گيٽ آهي، جتي گارڊ ويٺل آهي ۽ لڪڙو بہ لڳل آهي، اسان جي گاڏي کي روڪي اسان کان پُڇا ڪيائون تہ ڪيڏانھن پيا وڃون، ڪنھن سان مِلندا؟ اڳيان ويٺل اسان جي سائين بزرگ ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي ٻُڌايو تہ ’اسين ماتلي کان اچون پيا، ٽنڊو سومرو ۽ عاصم ايگريڪلچر فارم وزٽ ڪرڻو آهي، اسان احمد الدين نظاماڻي جا مھمان آهيون.‘ گارڊ لڪڙو هٽايو ۽ اسان کي وڃڻ جي لاءِ اشارو ڪيائين. اسان کي هي عمل اڻ وڻندڙ جي بجاءِ وڻندڙ لڳو، تہ ماڻھو پنھنجي سيڪيورٽي سخت رکي، باقي جيڪو قدرت واري جي طرفان هوندو سو ئي ٿيندو آهي.
هاڻي اسين گيٽ اُڪري چوڌاري ڏِنل ديوار جي اندر آهيون، ڳوٺ جي اندر جيئن ئي داخل ٿيون ٿا تہ آءٌ پھرين گهٽيءَ ۾ صفائي کي ڏِسان ٿو ۽ پوءِ گهٽي ۾ پاڻي جي نيڪال لاءِ لڳل لوھہ جون ڄاريون ڏِسان ٿو، جنھن جي باري ۾ پڙهيو هيم. مونکي اِها حقيقت ڏِسڻي هئي، تنھن ڪري مون هيترو پنڌ ڪيو آهي. سو ڏِٺم تہ واقعي ئي صاف سُٿريون گهٽيون ۽ گهٽي جي پاسي کان انڊرگرائونڊ نالي، اُن ناليءَ جي مٿان ٿوري ٿوري پنڌ تي لوھہ جون ڄاريون لڳل نظر آيون. ان کان علاوہ ٿوري ٿوري پنڌ تي ڪِچري اُڇلڻ لاءِ لڳل ’ڪِچري دان/ڊسٽ بِن/ڪِچري جا ڊرم لڳل نظر آيا، جن کي بلو ڪلر ٿيو پيو هو. اُن دوران اسان جي ڪچھري بہ گڏ هلندي هلي، اسان جي همسفر ظفر اسانکي مختلف گهٽين مان گُهمائي ڳوٺ کان ٻاهر ڪڍي آيو، وري ڪچي بونڊري تي چڙهياسين، پھتاسين ’خيرآباد ڪالوني،‘ جتي اسانکي جمع نماز ادا ڪرڻي هُئي ’فاروقِ اعظم‘ جامع مسجد ۾. جمع نماز پڙهڻ لاءِ اسان هيڏانھن پنڌ ڪيو آهي.

مانجهاندو ۽ معلومات گڏ گڏ
مسجد کان سِڌو مھمان خاني، پھتاسين، جِتي سائين مولوي افتخار نظاماڻي وٽ مانجهاندي جو انتظام هو، دسترخوان تي ماني لڳي، تيستائين اسان جي ڪچھري جو موضوع ٽنڊو سومرو جي تاريخ ۽ ترقي هو.
پھرين نظاماڻين جو ڳوٺ سڏبو هو، جڏهن رئيس سومر خان سردار ٿيو تہ پوءِ هِن ڳوٺ جو نالو بہ سومر جي پويان سومرو ٿي ويو، جيئن محمد خان جو ٽنڊو، الھيار جو ٽنڊو، آدم جو ٽنڊو، حيدر جو ٽنڊو، غلام علي جو ٽنڊو، جان محمد جو ٽنڊو وغيره وغيره. ايئن هي سومر جو ٽنڊو هو، هاڻي ٿي ويو ٽنڊو سومرو. اها بہ عجب ڳالھہ آهي تہ نالي جي حساب سان نئين ماڻھوءَ جي ذهن ۾ اِها ڳالھہ ضرور هوندي تہ هِتي رهندڙ ذاتين ۾ سومرن جي اڪثريت هوندي، پر سومرن جو هِڪ گهر بہ ناهي، جيڪي برادريون هِتي رهن ٿيون، اُنھن ۾ نظاماڻي، خاصخيلي، ماڇي، ڀيا، شاھہ، ناريجا، بڙدي، مرزا، مڱڻھار، پٺاڻ، واڍا، شيخ، کٽي، شورا، بروهي، عقيلاڻي، چاچڙ، ساند ۽ هندو برادريون بہ رهن ٿيون، جن ۾ ميگهواڙ ۽ ڪولھي وغيره شامل آهن. هي ڳوٺ ٽنڊوالھيار جي يونين ڪائونسل جو درجو رکي ٿو. هي بہ نئين ڳالھہ ٻُڌي تہ ’بجلي جو ڪنڍو هڻڻ بہ هِتي ڏوھہ تصور ڪيو وڃي ٿو، جيڪو ڪنڊو هڻندي پڪڙجي پيو تہ ڏنڊ ۾ اُن گهر کي ڇھہ مھينن تائين بجلي کان محروم رهڻو پوندو ۽ پنجويھہ هزار ڏنڊ الڳ ورتو ويندو.‘
تعليمي ميدان ۾ بہ هي ڳوٺ سڀني کان وڌيڪ آهي، هن ڳوٺ جي جُڙيل ڪميٽي انھي ڳالھہ کي لازمي بڻائي تہ تعليم ۾ انرول مينٽ/حاضري سئوسيڪڙو هُجڻ گُهرجي. هِتي ڇوڪرين لاءِ الڳ اسڪول آهي، ڇوڪرن لاءِ الڳ، اسڪولن اندر ڪمپيوٽر ليب پڻ موجود آهي، هِتي جي پرائمري اسڪول جو نظام پڻ جديد آهي.
صحت مرڪز بہ قائم آهي، جيڪو پڻ ڪاميٽيءَ جي سھڪار سان سُٺي نموني هلي ٿو، جتي ڊاڪٽر چوويھہ ئي ڪلاڪ موجود رهي ٿو.
ايئن ئي اسان جي اڄ جي هن مختصر وقت ۾ ماني کائڻ ۽ معلومات ونڊڻ جو سلسلو پُڄاڻي تي پھتو. اُٿياسين هاڻي اسانکي پھرين ٽنڊو سومرو ڳوٺ جو مڪمل دورو ڪرڻو آهي.

ٻہ ماڙ مورچي تان ڳوٺ جو نظارو
ڪار ۾ اڳين سيٽ تي سائين احمد الدين نظاماڻي جيڪو اسانکي گِهٽين گَهٽن مان گُهمائيندو هلي. هي ڳوٺ ’ٽنڊو سومرو‘ سنڌ جي ٻين ڳوٺن ۾ مثالي ڳوٺ بہ آهي تہ ٻين لاءِ مثال بہ آهي، جنھن کي تمام ٿورڙن ماڻھن، رئيس امداد علي خان نظاماڻي، نصير نظاماڻي، دلبر خان نظاماڻي، محمد ملوڪ نظاماڻي نديم خان، محمد ملڪ ۽ اشفاق احمد نظاماڻي، گڏجي، ’پنھنجي مدد پاڻ‘ تحت هِن ڳوٺ کي مثالي بڻايو، سنڌ ۾ امير ماڻھن جي کوٽ تہ آهي ڪونہ، هر ڳوٺ پاڙي ۾ ٻہ ٽي امير ماڻھو تہ هوندا ئي هوندا، الله سائين اُنھن جي من ۾ اهڙو خيال آڻي تہ هِڪ ڳوٺ ڇو پوري سنڌ سراپا سھڻي بڻجي پوي.
اسين گهٽين، پاڙن، مان ٿيندا ٻاهر راندين جي ميدان ڏانھن آياسين، هِتي راندين جا ٻہ ميدان آهن، هِڪڙو ٻارڙن لاءِ، هِڪڙو وڏن لاءِ، جتي ڪرڪيٽ ۽ فٽبال رانديون کيڏيون وڃن ٿيون. هِتي پاسي ۾ ٻہ ماڙ مورچو بہ ٺھيل آهي، جنھن جي ڇِت تي چڙهي، سڄي ڳوٺ ۽ ڳوٺ جي ٻاهر ٻنين جو بہ نظارو ڪيوسين، پري کان ڪجهہ انبن جا باغ بہ نظر اچي رهيا آهن، هِتي انب ۽ ڪيلا باقي فصلن ۽ ميون ۾ وڌيڪ اُپايا وڃن ٿا، هِتان جا انب ٻاهرين ملڪن ڏانھن بہ موڪليا وڃن ٿا. ڳوٺ کي چؤطرف ڏِنل وڏي ديوار جي اندر ڳوٺ جو نظارو بہ واھہ جو وڻي پيو.

اُها مسجد جنھن تي شاگردن اُٺ چاڙهيو
اسان کي اسانجو ميزبان سائين احمد الدين نظاماڻي وٺي آيو اُن مسجد وٽ، جنھن تي بقول سائين احمد الدين جي تہ شاگردن اُٺ چاڙهيو هو، ڪيئن چاڙهيو هو، ڇو چاڙهيو هو، اِها ڪھاڻي بہ مختلف نمونن سان ٻُڌائي وڃي ٿي، پر مون جڏهن اِن مسجد جو فوٽو فيس بڪ تي رکي اِهو ڪيپشن لِکيو تہ، ڪجهہ دوستن ڪمينٽس ۾ لِکيو اُها مسجد ٽنڊو قيصر ۾ آهي، ڪنھن ڪِٿي لِکي. خير اسان هِن مسجد ۾ عصر نماز پڙهي، فوٽو گرافي بہ ڪئي، مسجد جي ڇت بلڪل اهڙي ئي آهي، جھڙي اسان جي ڳوٺ جي بزرگ هستي مخدوم امام جي قديم مسجد جي ڇت، پر هن جي تعمير واري تختي پڙهيسين تہ اُن ۾ 1317هجري بمطابق 1894ع لِکيل آهي.

رئيس امداد خان ۽ عاصم سان مختصر ملاقات
اڇي ڪلر جي اوطاق چئون يا بنگلو، پر بلڪل پُراڻي طرز جو ٺھيل آهي، جنھن جي ورانڊي اندر ڪُرسيون ۽ ٽيبلون رکيل آهن، اُنھن تي اڳواٽ ئي رئيس امداد علي خان، سندس فرزند عاصم نظاماڻي ۽ ڪجهہ ٻيا ماڻھو بہ ويٺل هئا، اسان بہ سلام ورائي سڀني سان مِلياسين، آءٌ رئيس امداد علي خان جي ڀر ۾ ويٺس، اسان جو تعارف سائين احمد الدين، واري واري سان ڪرايو، پوءِ رئيس هِڪ هِڪ کان الڳ الڳ حال احوال ورتو ۽ پھريون سوال اِهو پُڇائين تہ ’سڄو ڳوٺ گُهمي ورتو؟ چيوسين، ’جي، بلڪل سڄو ڳوٺ گُهمي ڏِٺوسين ۽ جھڙو ٻُڌو هوسين، اهڙو ئي ڏِٺوسين، يعني موجودہ دؤر جي ڳوٺن مان مثالي ڳوٺ آهي. ايئن پوءِ مختلف موضوعن تي مختصر ڪچھري ٿي، چانھہ بسڪيٽ آيا سڀني گڏجي چانھہ پيتي. بعد ۾ گروپ فوٽو نِڪتا، ورانڊي اندر ۽ پوءِ ٻاهر. ٻاهر تمام وڏو اڱڻ آهي، جنھن تي ڪيتريون ئي گاڏيون بيھي سگهن ٿيون. ايئن هي مختصر ملاقات بہ پُڄاڻيءَ تي پھتي ۽ اسان هِن ٽنڊو سومرو کي اڏيندڙ/سنواريندڙ اهم ڪِردار رئيس امداد علي خان ۽ سندس فرزند رئيس عاصم علي خان نظاماڻي کان مُرڪي موڪلايوسين.

نصير ڪئنال جو نظارو
نومبر جو سج جيئن شام ٿئي، تيئن تيز ڀڄي، تنھن ڪري اسان بہ ڳوٺ کي ڇڏي ڪيلن جي فصلن جي وچان ڪچي بونڊري تان لَٽ اُڏاريندا اسپيڊ سان اچي پھرين پھتاسين نصير ڪئنال تي. گاڏي مان لٿاسين فوٽوگرافي ڪئيسين، هِن ڳوٺ ٽنڊو سومرو ۽ آسپاس جون زمينون آباد ڪندڙ هي نصير ڪئنال ڳوٺ ٽنڊو سومرو کان چئن فرلانگن جي فاصلي تي ٻُڌايو وڃي ٿو. هن ڪئنال جي ڪپرن جي (ڳوٺ ٽنڊو سومرو جي سامھون) روزانو جي بنياد تي جانچ رکي ويندي آهي، جيئن ڳوٺ جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي. ان مان ئي اندازو ڪري سگهجي ٿو تہ هِن ڳوٺ کي سنواريندڙ ڪيترا سچا ۽ مخلص انسان آهن. ڪاش سنڌ جا ٻين ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ڪي اهڙا انسان پيدا ٿي پون.

عاصم ايگريڪلچر فارم تان ڦيرو
عاصم ايگريڪلچر فارم وڏن اکرن ۾ وڏي گيٽ جي ڀر واري ديوار تي لکيو پيو آهي، جيئن ئي اُهو وڏو گيٽ اُڪري اندر ٿياسين تہ واھہ ۽ سبحان الله جا اکر اسان جي زبان تي هئا، هي تہ ڄڻ دُنيا ئي ٻي لڳي پئي آهي. رئيس انور خان نظاماڻي جو ٺھرايل هي فارم جنھن کي وڌائي ويجهائي، سينگاري، سنواري هن خوبصورت منظرن، نظارن ۾ بدلائيندڙ سندس لائق فرزند رئيس امداد علي خان نظاماڻي ئي آهي.
هن فارم کي پاڪستان جي تمام اهم ترين فارمن ۾ شماريو وڃي ٿو، ٽي سئو ايڪڙن جي ايراضي تي اڏيل هِن عاصم ايگريڪلچرل فارم تي نہ صرف اسان جھڙا سياح گُهمڻ/ڏسڻ فوٽوگرافي ڪرڻ لاءِ اچن ٿا، پر هِتي ايگريڪچرل ريسرچر بہ اچن ٿا، جيڪي هِتي جي پيداوار تي اچي ريسرچ ڪن ٿا. هن فارم ۾ گهڻي تعداد ۾ ڪيلو ۽ انب ٿين ٿا/پوکيا وڃن ٿا. هِتي گهُمندي ڦِرندي مون هِڪ هنڌ پارڪ ۾ فائر ڦوهارا بہ ڏِٺا، جيڪي پھريون ڀيرو، بادشاهي قلعي لاهور جي پارڪ ۾ ڏِٺا هئا، تڏهن مونکي حيرانگي ٿي هئي، پر هِن ڀيري ڪا بہ حيرانگي نہ ٿي. بس اُها 2006ع واري ياد اچي وئي.
اسان نہ صرف هن فارم جي منظر گُل ٻوٽا، زمينون، پارڪ، پر مين هيڊ آفيس، سڀئي چيمبر گُهمي ڦِري ڏِٺاسين، هِتي موجود ملازمن کي رئيس امداد فون ڪري ڇڏي هُئي، اُنھن اسان کي بھترين نموني سان ريسپانس ڏنو. آخر ۾ سندس آفيس ۾ ويھاري اسانکي بھترين تازي کير جي چانھہ بہ پياري وئي.
هن فارم تي ڪم ڪندڙ هارين جي پگهار بہ مثالي ٻُڌائي وڃي ٿي ۽ هر سال هِڪڙو مقابلو بہ ٿيندو آهي، جنھن ۾ جنھن بہ هاري وڌيڪ فصل اپايو اُن کي ’مين آف دي ييئر‘ جو ٽائـٽل مِلندو آهي. 25 هزار انعام سان گڏ بوسڪي جو پٽڪو پڻ ٻَڌرايو وڃي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن هارين کي بہ تفريحي دورا ڪرايا ويندا آهن.
رئيس امداد علي خان نظاماڻي جي عاصم فارم سامھون اڏيل ڀيلن جو پڪو ڳوٺ ڏِسي حيران ٿيڻ فطري هو. رئيس امداد نظاماڻي پنھنجي هارين کي سُکيو رکڻ لاءِ جوڙايو آهي، جنھن ۾ پڪيون بائونڊريون، گئس، بجلي سڀئي سھولتون پُڻ موجود آهن. اهڙا مثال هِن سھڻي منھنجي سنڌ ۾ گهٽ مِلندا.

جيڪي سفر ۾ همسفر هيا:

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دِلچسپي رکندڙ، تاريخ لِکندڙ، ماتلي جي تاريخ لِکي اٿس، اُن کان علاوہ حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منھنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هِن جا سھيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪِتاب لِکيو اٿس، جنھن ۾ پوري نظاماڻي قبيلي جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوہ کوڙ ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب لِکيا، سھيڙيا ۽ مُرتب ڪيا اٿس. ”محمد صديق مسافر جي علمي، ادبي، تعليمي، صحافتي ۽ سماجي خدمتن جو تحقيقي مطالعو“ جي عنوان سان محمد صديق مسافر تي پي ايڇ ڊي ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس.

منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شهر سان تعلق رکندڙ: منهنجو ڀاءُ آهي، سُٺي دل رکندڙ آهي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آهي، پنهنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آهي. گهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ ھميشہ چوندو آهي، گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منهنجي حاضر آهي.
ظفر نظاماڻي: سندس تعلق ملھڻ نظاماڻي سان آهي، پاڻ پڙهائڻ جي شعبي سان واڳيل آهن، هن وقت مولوي خير محمد نظاماڻي تي پي ايڇ ڊي پڻ ڪري رهيا آهن.

پروفيسر احمد الدين نظاماڻي : سندس تعلق ٽنڊو سومرو سان ئي آهي، پاڻ گورنمينٽ ڪاليج ٽندوالھيار ۾ ليڪچرار آهي.
مور ساگر: ’ڪي جاڻا مين ڪون بُليا‘

(29 نومبر 2019ع، جمع جي ڏينھن. -ضلعو ٽنڊو الھيار)

دودي جي ديس ساحلي پٽي جو سيرَ

روانگي
هي واهڻ، هي وَستيون، هِي جهوپا هِي رُوپا،
سڀئي ڳوٺ سنڌ جا، سڀ دَيرَ پنھنجا.
21 فيبروري 2020ع آهي، اسان رول ماڻھن جو وِيھہ سئو وِيھہ جو هي پھريون سفر آهي، اُهو بہ ساحلي پَٽي دودي جي ديس جو. دودي جي ديس تي جڏهن سائيبريا جا مھمان پکي پنھنجا عارضي آشيانہ اڏيندا آهن، تڏهن مارين جي مُنھن تي بہ مُرڪون رقص ڪرڻ لڳنديون آهن. جن پرديسي پکين لاءِ اسان کي چوڳي/داڻي جو بندوبست ڪرڻ گُهرجي، اُن لاءِ اسين نوان رڇ/ڄار، تيار ڪندا آهيون ۽ نيون نيون اٽڪلون سِکندا/سيکاريندا آهيون ۽ پوءِ وري هِڪٻئي سان اِها بہ شرط رکندا آهيون تہ ڪير ڏينھن ۾ ڪيترا پرديسي پکي ٿو شڪار ڪري.
آئون ادا منظور ۽ سائين ڊاڪٽر عبدالجبار نظاماڻي روانا ٿياسين، وقت پورا 10:00 ٿيا آهن، ماتلي بدين باءِ پاس تان ڪرولا ۾ پندرھن سئو جو پيٽرول ڀرائي، دعاءِ سفر پڙهي روانا ٿياسين.

مڇي لڌم پٽ تان، مڇي ڏِنم شعيب کي
تلھار پھتاسين، پنجن منٽن جو ڪم هو، بريڪ ڪيوسين ۽ پوءِ وري بہ سفر ۾ اڳيان وڌياسين. ڏھہ، ٻارھن منٽن جو فاصلو طئي ڪري اچي مِلياسين شعيب رضا ٽالپر سان، جنھن ٽالپر اسٽاپ تي اسان جي اچڻ جو انتظار پي ڪيو، پيرو شھر پھتاسين، ياسين سان مِليس.
اسان چارئي رستي تان پيادل پيا اچون تہ اڳيان مڇي ’ڪُرڙو‘ ٿيلھِي ۾ پيو هو، شعيب کي چيم شعيب گس هلندي لڇمي مِلي اٿئي، ڪو همراھہ توائي ٿي موٽرسائڪل تي چڙهيو هوندو، خبر ڪانہ پيس تہ مڇي ڪِري پئي، اِها آئي تنھنجي ڀاڳ ۾، شعيب سندس دُڪان واري ملازم کي سڏ ڪيو، مڇي ڏئي چيائين تہ اِها رک هلي دُڪان تي، ڪو ڌڻي ٿيو تہ ٺيڪ نہ تہ گهر موڪلي ڇڏج، تيستائين همراھہ موٽرسائيڪل وارو توائي ٿيو آيو. چيائين اِها مڇي مون ڪيرائي هئي، مڇي ڏِنيسين اُن کي. پيروءَ تان شعيب ضرورت جو سامان ورتو، مير مُنير ٽالپر جي دعوت آهي، سندن ڍنڍ ٻجهورو، لاڙ پڇاڙ، ساحلي پٽي تي، تنھن ڪري اسان هي پروگرام گهُمڻ جو بہ ٺاهيوسين، هِتي ڊاڪٽر نظير بہ مِليو، جيڪو اسان سان گڏ بدين تائين هليو.

برياني ورتيسين بدين مان
بدين پُھتاسين، الله واري چونڪ تي، صديق سومرو سان مِلياسين، چانھہ لاءِ چيائين، چيوسين ڪنھن ٻي ڀيري، روانا ٿياسين، گولاڙچي روڊ تان چانھہ جي لاءِ کير ورتو، شاهنواز چونڪ تي بريڪ ڪيو، شعيب هِتان برياني ورتي، ادا منظور ماتلي مان ئي نارنگيون ورتيون هيون، جيڪي رستي ۾ کائيندا آياسين. اڃا بہ گاڏي ۾ پيون آهن. وقت يارھن لڳي پنجٽيھہ منٽ ٿيا آهن، سيراڻي روڊ وٺي روانا ٿياسين. هِن روڊ تان بہ ڪيترائي ڀيرا منھنجو گُذر ٿيو آهي، دودي جي ديدار لاءِ جڏهن بہ ويندو آهيان تہ رستو اِهو ئي مونکي ملائيندو آهي، دودي دلير سان، اڄ بہ اُن مڙس مٿير جي حاضري ڀرڻ لاءِ ساٿين سميت سفر ۾ آهيان. سيراڻي کي جيئن ئي ويجهو پھتاسين، مجيد ملاح کي فون ڪيم تہ ’اوهان هِن وقت ڪِٿي آيو؟‘ چيائين ’شھر سيراڻي ۾،‘ چيم ’حنيف جي دُڪان تي هلي ويھہ، اوهان سان مِلڻو آهي.

سيراڻي شھر ۾ مجيد مھراڻوي سان مِلياسين
ڪجهہ ئي دير ۾ پھتاسين دوست مجيد مھراڻوي، حنيف ڏيانگ، فقير محمد وفائي ٽيئي ويٺا، هئا مِلياسين، پوءِ مجيد مھراڻوي جي والد جي وفات ۽ حنيف ڏيانگ جي پُٽ جي وفات تي ٻنھي سان فاتح پڙهي. حال احوال دوران ’مجيد مھراڻوي نوجوان شاعر آهي، ۽ هي حنيف ڏيانگ شاعر ۽ صحافي بہ آهي، هي ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي آهي، جيڪو سُٺو ليکڪ ۽ تاريخدان آهي، ماتلي ڪاليج ۾ ليڪچرار آهي، اُن سان گڏ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر بہ آهي، هي منظور احمد جوڻيجو جيڪو منھنجو وڏو ڀاءُ آهي. هي شعيب رضا ٽالپر‘ سڀني سان هِڪٻئي جو تعارف ڪرايم، ڪچھري ڪئيسين، چانھہ بہ پيتي، چانھہ ڏاڍي سُٺي مِلي وئي.
تعلقي بدين جي ڏکڻ ۾ هي ننڍڙو شھر سيراڻي جيڪو تعلقي بدين جي يونين ڪائونسل پڻ آهي. بدين شھر کان اندازاً ارڙهن ڪلوميٽرن جو مفاصلو ٻُڌايو وڃي ٿو، هِن شھر ۾ صحافين لاءِ پريس ڪلب ۽ ٻيون سرڪاري تعليمي ۽ صحت واريون سھولتون اهڙيون جھڙيون هر ننڍڙي شھر ۾ هونديون آهن. نہ صرف لاڙ پڇاڙ، پر سمجهو تہ سنڌ جا آخري سرحدي شھر آهن، هنن شھرن کان پريان رڻ ئي رڻ ۽ پوءِ ايل بي او ڊي راڪاس کان اڳيان سنڌي سمنڊ، سمنڊ کان پريان هندستان.
سنگت سان گروپ فوٽو صحافي فقير محمد وفائي ڪڍيو، سيلفيون ٿيون سنگت کان موڪلائي منزل طرف روانا ٿياسين.

ڀُڳڙا ميمڻ ڏانھن ويندي واٽ
ڳوٺ دينار ٽالپر وٽان گُذرياسين شعيب ٻُڌايو مسعود لوهار جو ڳوٺ بہ اِهو آهي، اسان جو يار نادره وارو اسرار لوهار پُڻ هِن ڳوٺ جو آهي. اڳيان ڀڳڙا ميمڻ پھتاسين هِتي پھرين موسيٰ ملاح وٽ آياسين، هن کان شعيب چار عدد پکي ورتا ٻہ هزار روپيا ڏِنا، پوءِ اندر ڳوٺ ۾ لٿاسين، هِتان ٻيو همراه عبدالمالڪ خاصخيلي جنھن کان 15 پکي ورتاسين.
مير آصف فش فارم، ٻجهورو ڍنڍ پھتاسين، هِتي ڍنڍ جو رکوال امير بخش پلي آهي، سڀني سان مِليو، پکي ۽ سامان ڪيوسين اُن جي حوالي، شعيب پاڻي جي بوتل کولي سڀني کي پاڻي پياريو، هاڻي چيائين تہ برياني بہ کائون، پوءِ ٿا هلون، اڳيان ڪِٿي جمع نماز پڙهون، پوءِ اڳتي ٿا گُهمڻ هلون. برياني بدين مان ورتي هئي، پلِي پليٽون ڌوئي ڏِنيون شعيب سڀني کي برياني لڳائي ڏِني، کاڌيسين.

ڳوٺ دينار ٽالپر ۾ جمع نماز
ڳوٺ دينار ٽالپر پھتاسين، هِتي جامع مسجد ۾ باجماعت جمعو نماز پڙهيسين، ٻاهر نِڪتس فيس بوڪ فرينڊ محمد خان ٽالپر مونکي سُڃاڻي ورتو، چاھہ سان مِليو، چانھہ جي صلاح ڪيائين. مون سندس مھرباني مڃي، سنگت جو انتظار ڪري رهيو هئس، مسجد جي ڀر ۾ سُٺو مدرسو بہ ٺھيل آهي، جتي ڳوٺ جا ٻارڙا ديني درس وٺن ٿا، سِرن جون پَڪيون گليون ٺھيل، ڪافي ذاتين ۽ پاڙن تي مشتمل هِن ڳوٺ دينار ٽالپر لاءِ حسن درس بہ هيئن چيو هو تہ:
تپايو لوھہ لوهارن، مڙي مسعود سان گڏجي،
دُنيا ’دينار ٽالپر‘ کان، سويرن جو وطن آهي.
هِتي مسجد جي سامھون ئي اوطاق هُئي، جِتي تڏو بہ رکيل هو، شعيب جو مائٽ رات گُذاري ويو هو، اُن جي فاتح بہ پڙهڻي هُئي، فاتع پڙهي.

ايم اي انگلش معنيٰ چريو !
ڪچھري ٿي تعارف دوران سائين ڊاڪٽر عبدالجبار نظاماڻي ماتلي تہ پوءِ سامھون بہ عبدالجبار ٽالپر ويٺل هو، ۽ وري نظاماڻي ذات جا شجره ڪتاب سائين لکيو هو اُن جو بہ ذڪر نِڪتو، اِن دوران هِڪڙو وکري ٽائپ دوست آيو اُن بہ سڀني سان هٿ ملايو، عبدالجبار ٽالپر، سائين عبدالجبار نظاماڻيءَ کي چيو تہ هي اسان جو نوجوان تمام گهڻو پڙهيل لکيل آهي، هاڻي هن سان بحث ڪر، جنھن بہ قسم جو، اوهان کي جواب ڏيندو. سائين عبدالجبار چيو بحث جي ڪا ڳالھہ ناهي، نہ ئي ڪي سوال جواب آهن، بس ڪچھري پيا ڪريون، سائين عبدالجبار چيو، دوست ڇا ڪندو آهي تعارف تہ ڪرايو، عبدالجبار سندس تعارف ڪرائيندي ٻُڌايو تہ سائين هي ماستر آهي ۽ ايم اي انگلش بہ اٿوَ، سائين عبدالجبار نظاماڻي فورن چيو معنيٰ چريو، بس پوءِ سڄي ڪچھري ۾ ٽھڪڙو مچي ويو، ويٺل تہ تڏي تي هئاسين، پر اصل ٽھڪ ڏيئڻ جي وجهہ اِها ئي محسوس ڪئيسين تہ هِن کي هِتي سڀئي چريو سڏيندا آهن، سائين عبدالجبار تہ کيس نہ سُڃاڻي، پر اُن بہ هِن کي چريو چيو، تہ ڄڻ ويٺل همراهن جي ڳالھہ کي وزن مِلي ويو، تنھن ڪري سڀني ٽھڪ ڏِنا. خير چانھہ جا ٻہ ڍُڪ پي سڀني کان موڪلايوسين. هِتان هِڪ نوجوان عبدالشڪور ٽالپر کي شعيب گڏ ورتو. مختلف ڳوٺ ڪِراس ڪري، سمنڊ ڏانھن مُنھن ڪيوسين، ڪچو رستو، انتھائي خطرناڪ هو، جنھن تان او بي او ڊي ڏانھن وڃي رهيا هئاسين.

شيخ ڪرهيو ڀانڊاري درگاھہ جو ديدار
اولھہ طرف کان هِڪڙي مزار نظر آئي، شعيب کان پُڇيم اِن طرف هلو ڏِسون ڪنھن جي مزار آهي، شعيب چيو اِها ’شيخ ڪرهيو ڀانڊاري‘ آهي، چيم پوءِ تہ ضرور هلو، اِن کي تاريخ ۾ پڙهيو اٿم، اِن جو نالو گهڻو ٻُڌو ويو آهي، گهڻو اُن وقت جڏهن هِتي 1999ع ۾ سامونڊي طوفان آيو هو، جنھن تمام گهڻو نقصان ڏِنو هو، هن ئي علائقي ۾ وڻن ۾ ٽنگيل ماڻھن جا لاش نظر ايندا هئا. اُنھن ڏينھن شيخ ڪرهيو ڀانڊاري، ڀڳڙا ميمڻ ۽ شيخاڻي گهاڙي اِهي نالا صحافين جي رپورٽنگ دوران گهڻو ٻُڌبا هئا.
درگاھہ تي پھتاسين، ڀڳڙا ميمڻ کان 4 يا 5 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هيءَ درگاھہ موجود آهي، هي درگاھہ جيڪا ڪتابن ۾ 8 صديون اڳ جي ٻُڌائي وڃي ٿي، ڊاڪٽر عابد لغاري جي ڪتاب ’سنڌ تاريخ ۽ ثقافت‘ ۾ پڙهيو هيم تہ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ بہ پنھنجي ڪتاب ۾ لِکيو آهي تہ موئن جي دڙي جي بقايا، ٿرپارڪر ۾ ’نوهٽو‘ ۽ بدين ضلعي ۾ مرکان شيخڻ ۽ قرهيوڀانڊاري آهي.
ڪتاب ۾ لِکيل آهي تہ اُن وقت يعني اٺ صديون اڳ چشتي طريقي جي تبليغ جو وڏو مرڪز هئي ۽ هِتي پوھہ مھيني جي پھرين سومر تي عرس مبارڪ ٿيندو هو، جيڪو ٻہ ڏينھن هلندو هو، سڄي خطي جي شيخ برادري اچي گڏ ٿيندي هئي ۽ ڪکن ڪانن وارا جهوپڙا/پکڙا اڏي اچي وهندا هئا، جيڪي ٽولين جي صورت ۾ ويھي مچ ٻارينداهئا ۽ پوءِ سڀئي ٽوليون جيڪو رڌيندا پچائيندا هئا، هِڪٻئي کي ونڊي ورڇي ڏيندا هئا، اِها ونڊ ورڇ هر ٽولي جي هِڪ وڏڙي پنھنجي هٿن سان ڪندي هئي.
ڊاڪٽر عابد پنھنجي ڪتاب ۾ لِکي ٿو تہ: ”حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي اِهي مچ ڏِسڻ لاءِ قرهيه ڀانڊاري تان ڀيرو ڪيو هو تہ سندن زبان مان هي بيت نِڪتو هو:
جوڳيئڙا جهان ۾ نوري ۽ ناري،
ٻري جن ٻاري، آءٌ نہ جيئندي اُن ري.
شيخ قرهيه ڀانڊاري لڳ ويجهو ئي سندن دين جي ڀيڻ مائي بيبانور صاحبہ جي تربت پُڻ آهي، پرتجر ڊهي چُڪي آهي. چيو وڃي ٿو تہ مائي صاحبہ ڪڇ جي ’کانيي پير‘ جي ڀيڻ آهي. درگاھہ جي اولھہ تان قرهيه دڙي مان ڪيترائي بُت، سِڪا، مھرون ۽ اکرن لِکيل سرون هٿ آيون آهن، جيڪي حيدرآباد جي عجائب گهر ۾ محفوظ آهن“. (صه 134)

ايل بي او ڊي عرف ارڙ بلا
پُلصراط جھڙي رستي تان پار پئي پھُتاسين ايل بي او ڊي عرف ارڙ بلا، پھرين ئي رينجرس چيڪ پوسٽ اچي ٿي اسان گاڏي مان لھي پنھنجو تعارف ڪرايون ٿا، پوءِ هڪ آفيسر اڪيلي سائين عبدالجبار نظاماڻي جو ڪارڊ نمبر لکي چوي ٿو ڀلي وڃو. پاسي ۾ ئي ايل بي او ڊي جي ڪِناري تي هيٺ لٿاسين سيڙهي ذريعي، پاڻي ۾ ٻيڙيءَ وانگر ترندڙ پُل پئي آهي، هن جي خاصيت اِها آهي تہ پاڻي سان گڏ هيٺ مٿي ٿيندي آهي، اُن تي چڙهي نظارو ڪيوسين، ايل.بي.او.ڊي عرف ارڙ بلا جو.
اڳيان پنڌ ڪيوسين، هِڪ ٻي چيڪ پوسٽ آئي اُتي بہ ساڳي تعارفي انٽري ڪرائي، اڳتي روانا ٿياسين، ايل بي او ڊي جو ڪپ ئي ڪپ پريان انڊيا جي سرحد جا لڳل اڇا نشان پري کان پڌرا ڏِسجن پيا.

پرديسي پکي
سائيبريا يا ڪِن ٻين ٿـڌن مُلڪن ۾ جڏهن ٿـڌ وڌي ويندي آهي تہ هي پَکي جن ۾ ڪيترائي قسم آهن، اچي هِتي سنڌ وطن جي ڍنڍن تي ديرو ڄمائنيدا آهي، پنھنجي انجام کان بِلڪل بي خبر، ڇو تہ اُنھن ملڪن ۾ چوَن ٿا پکين کي شڪار ڪري ناهن کائيندا، جيئن اسان وٽ تہ ڄڻ هِڪڙي لاڀائـتي سيزن شروع ٿي ويندي آهي. هاڻي هاڻي اسان بہ پنج سئو روپيا في پکي جي حساب سان اوڻيھہ پکي وٺي ڇڏي آيا آهيون. جن ۾ ڳانيري، ڊگوش، ڌونري شامل آهن، اِهي پَکي واقعي ئي پرديسي آهن يا ايئن ئي چيو وڃي ٿو، اِن لاءِ مونکي مرزا قليچ جو ڪتاب ”پکي“ ڏِسڻو پيو، جنھن ۾ اسانجي مُلڪ ۾ موجود گهڻن پکين جو ذڪر آهي، پر مٿين پَکين مان ڪنھن بہ پکي جو نالو ذڪر ۾ نہ آهي، اِن مان بہ پَڪ ٿي تہ هي پرديسي ئي آهن. اِنھن پرديسي پکين جي ايئن بي رحمانہ قتل تي سنڌ جو سھڻو شاعر نقاش علواڻي بہ چئي ويٺو:
پکين کي ٿو ماري، تون مُرڪين ميان،
پري جي پَکين جا تہ پر ميڙجن ها.
پر ماري ڪِٿي ٿا مُڙن، اسان سان گڏ گاڏي ۾ بہ هِڪڙو ماري ويٺو هو، جنھن جو ايل بي او ڊي جي ڪپر تي ويٺل پکين جي وڏي هجوم کي ڏِسي وات پاڻي پاڻي پي ٿيس، چوي پيو، يار شڪار واھہ جو آهي، پر... اُنھن نظر ايندڙ مختلف پکين جو شعيب کان نالو پڇيوسين، جنھن ٻُڌايو تہ اِهو جيڪو اڇو پکي سڀني کان وڏو نظر پيو اچي، اِهو سانھہ پکي آهي، هو جيڪو ڏِسو پيا اِهو هنجر آهي، هنن جو هاڻي هِتي رهڻ ڪجهہ ڏينھن ئي هوندو ۽ پوءِ ڪيئي وڇوڙا ۽ ڳوڙها اکين ۾ کڻي اِهي پرديسي پکي سنڌ وطن کي وداع چئي ويندا.
سھڻي منھنجي سنڌ، ۾ گهڻو ڪري سڀ آبي پکي سائبيريا ۽ روس وغيرھہ کان اچن ٿا. انھن سڀني پکين جي رھڻي ڪھڻي گهڻو ڪري ھڪ جھڙي آھي. اھي پرديسي پکي رات جو کاڌو کائين ۽ ڏينھن جو، جتي گهڻو پاڻي ۽ ميدان ھوندو آھي، اتي ماٺ/خاموش گذاريندا آھن. سج لٿي مھل اُٿندا ۽ جُدا جُدا ڍنڍن ۽ تلائن ۾ وڃي لھندا.

چنيسر جي بہ وارثي ٿي وئي
ايل.بي. او.ڊي ڪپ تان لھندڙ رستو سِڌو چنيسر جي قبر تي، هِن وقت تہ قبر آهي، پر شايد جڏهن ٻيھر اچڻ ٿيندو تہ هي بہ هڪ مزار بڻجي چُڪي هوندي، ڇو تہ قبر جي چئن پاسن کان ڪالمن لاءِ کڏا کوٽيا پيا آهن ۽ قبر کي بہ پَڪو ڪيو ويو آهي، هن کان پھرين ٻہ ڀيرا اڳ جڏهن آيو هئس تہ هن قبر جي ڪنھن خبر ئي نہ ٻُڌائي، تنھن ڪري چوان ٿو چوٿين ڀيري ايندس تہ يقينن هِتي مزار اڏيل هوندي. منھنجو هِتي دودي جي ديس ۾ ڪيئي ڀيرا اچڻ ٿيو آهي، پر چنيسر جي قبر مون اڄ ڏِٺي آهي. تاريخ بي رحم بہ چئي ويندي آهي، پر تاريخ گُمراھہ بہ هوندي آهي، مطلب اِهو تہ ڪير ٿو پَڪ ڏي تہ هيءَ ئي چنيسر جي قبر آهي، بھرحال تاريخ ڄاڻي تہ تاريخ لِکڻ وارا.
عام روايت موجب، ”دودو ۽ چنيسر، سومرن جي حاڪم ڀونگر جا پُٽ هئا. دودو ڏاڏي پوٽيءَ مان ۽ چنيسر لوهارڻ زال مان هو. ڀونگر سومري جي وفات کانپوءِ گاديءَ جي مسئلي تان اميرن ۾ اختلاف ٿيو. جن فيصلو ڀونگر جي وڏور ڌيءُ ٻاگهي ٻائيءَ تي ڇڏيو، جيڪا هن جي ڏاڏي پوٽي- ڌيءَ هئي ۽ عمر ۾ بہ ٻنھي ڀائرن کان وڏي هئي. ٻاگهيءَ تخت وڏي ڀاءُ چنيسر کي ڏياريو، جنھن تي چنيسر پنھنجي ماءُ کان صلاح مشوري وٺڻ لاءِ پڳ ٻڌڻ کانسواءِ ئي درٻار مان نِڪري هليو ويو. اِها ڳالھہ راڄداريءَ جي اصولن خلاف ليکي وئي ۽ اميرن چنيسر کي ڪمزور سمجهي راڄ جي پڳ دودي کي ٻڌڻ لاءِ مجبور ڪيو.

جت سوڍا، سومرا، راڄ مڙوئي مڙن،
ڀاڳ تت دودي شير تي، ڌمر دهل وڄن،
خلقون مر اچن، دودل جي درٻار ۾.

ايم ايڇ پنھور پنھنجي ڪتاب ’سومرا ڪنگڊم آف سنڌ‘ ۾ لکي ٿو تہ: هڪ نہ بلڪِ ٻن چنيسرن سنڌ تي حڪومت ڪئي آهي. ”چنيسر 1 ، 620ه/ 1223ع کان 625ه/ 1228ع تائين حڪومت ڪئي. جنھن کانپوءِ وري چنيسر اول، ڪجهہ سالن لاءِ حڪومت ڪئي.“ ان مان ثابت ٿئي ٿو تہ چنيسر نالي ٻن حڪمرانن حڪومت ڪئي.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ وري هيئن پڙهيو اٿم: ”چنيسر نالي سومرو سردار 620هہ/ 1223ع - 625هہ/ 1228ع ديبل جي تخت تي ويٺو. هي اُهو دؤر هو، جڏهن جلال الدين خوارزم شاھہ، چنگيز خان کان شڪست کائي ننڍي کنڊ جو رُخ ڪيو هو. خوارزم شاھہ جڏهن لاهور پھتو تہ التمش کيس پناھہ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ کيس ملڪ ڇڏي وڃڻ لاءِ چيو، ڇو تہ چنگيزي لشڪر سندس پيڇو ڪندو پئي آيو ۽ التمش خطرو محسوس ڪيو تہ چنگيز خان لاهور مان دهليءَ ڏانھن نہ رُخ ڪري ان ڪري جلال الدين خوارزم شاھہ سنڌ ڏانھن رُخ ڪيو. هن پھريائين ملتان ۽ اُچ کي لُـٽيو ۽ ڦُريو. ان کان پوءِ بُکايل شينھن وانگر سڄيءَ سنڌ کي خون ۾ رنڱي ڇڏيائين. جڏهن هو ديبل پھتو تہ چنيسر مقابلي جي سگهہ نہ سمجهي اهل و عيال ۽ خزانو کڻي ٻيڙيءَ تي سوار ٿي ڪنھن ڏورانھين سامونڊي ٻيٽ ڏانھن هليو ويو.“
ساڳين ئي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ اڳتي لکيل آهي: ”جلال الدين خوارزم شاھہ ديبل کي اچي لُٽيو هن ديبل ۾ دمريلا جا خوبصورت شھر ۽ آسپاس جا ڳوٺ ۽ بستيون لُٽي تباھہ ۽ برباد ڪري ڇڏيون. هو ڪافي وقت لاءِ ديبل ۾ رهيو. ان دوران هن سنڌ جي پاڙيسري ۽ مددگار رياست گُجرات تي بہ لشڪرڪشي ڪئي. ڇاڪاڻ تہ کيس شڪ هو تہ سومري چنيسر گُجرات ۾ پناھہ ورتي آهي. ديبل ۾ رهاش وقت هِن هڪ ديول کي ڊهرائي هڪ مسجد تعمير ڪرائي. جڏهن سندس فوج گُجرات کي ڦُري لُٽي واپس ديبل پھتي تہ کيس اطلاع پھتو تہ چنگيزي فوج سندس ڳولا ۾ ويجهو اچي پھتي آهي. ان ڪري جلال الدين خوارزم شاھہ مڪران جي رستي ڪرمان روانو ٿي ويو. سندس واپسيءَ کانپوءِ چنيسر واپس ديبل موٽي آيو. جلد ئي التمش جي سپھہ سالار نظام الملڪ جنيدي ديبل تي حملو ڪيو.
چنيسر ملڪ کي وڌيڪ تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ جنيديءَ سپھہ سالار آڏو پيش پيو ۽ التمش جي درٻاري اميرن جي صف ۾ شامل ٿي ويو. مولانا ابوالظفر ندويءَ جي راءِ آهي تہ چنيسر يا تہ خانہ جنگيءَ ۾ مري ويو يا وري ان ٻيٽ تي (جتي هو جلال الدين خوارزم کان ڀڄي وڃي رهيو هو). ڪجهہ وقت گذرڻ کانپوءِ مري ويو هوندو. بھرحال چنيسر 625هه/ 1288ع تائين ملڪ سلطان الدين چنيسر جي لقب سان حڪومت ڪئي.

مڙس تہ ڪو دودو آهين- دودو سومرو
اسين آيا تہ دودي جي ديدار ڪاڻ هئاسين، پر چنيسر پھرين رستي ۾ آيو، تنھن ڪري اُن جي بہ قبر تي وياسين. آئون تہ ٻہ ڀيرا پھرين هِتان ٿي ويو آهيان، پھريون ڀيرو ذوالفقار خاصخيلي ۽ حاڪم جوڻيجو سان گڏ ۽ ٻي ڀيري وري پنھنجي فيملي سان گڏ جڏهن مون ڪوريَ ڪار ورتي هئي. هاڻي هي ٽيون ڀيرو اچڻ پيو ٿيئي.
اڄوڪي سفر جي آخري منزل دودي جو ديدار هو، جنھن دودي لاءِ شيخ اياز اوپيرا ’دودي سومري جو موت‘ بہ لِکيو آهي، جنھن جي هِڪڙي سِٽ گهڻي مشھور آهي تہ:
’دودا! تنھنجو ساھہ تہ ويندو، پر ماڻھو جو ويساھہ نہ ويندو‘
هاڻي شام جا بہ پاڇا لڙي رهيا هئا، هِتي جڏهن بہ ايندا آهيون، تہ لاڙ جي ٿڌڙي هوائن جو اصل حُسن هِتي نظر ايندو آهي، واھہ ڇا تہ هوائون هونديون آهن، ڪھڙي بہ موسم ۾ اچو، پر هِتي اوهان کي ههڙيون دلبر هوائون مِلنديون، شايد کُليل آسمان هيٺ رڻ ئي رڻ آهي، ڪي بہ وڻ ٽڻ، يا ٻيلا وغيره ناهن، تنھن ڪري هوا کي ڪا روڪ رنڊڪ ناهي.
اڳ ۾ ٻہ ڀيرا جڏهن آيو هئس تہ دودي جي مزار تي ڪا خاص صفائي سُٿرائي نہ هئي، پر هِن ڀيري شايد ڪجهہ ڏينھن پھرين ميلو ٿي گُذريو آهي تنھن ڪري، ٻيو تہ ٻاهر آڳنڌ ۾ بہ ٽائلس لڳايا ويا آهن، مزار کان ٻاهر سڄي قبرستان کي چؤديواري بہ ڏِني وئي آهي ۽ مزار جي سامھون رهائش لاءِ هِڪڙو ڪامپليڪس تيار ٿي رهيو آهي، هِن وقت بہ ڪم جاري هو. انشاءَالله آئينده جڏهن بہ اچڻ ٿيو تہ هِتي گهڻي تبديلي ٿي چُڪي هوندي. ترقياتي ڪم ڪِٿي بہ ڪھڙا بہ ٿيڻ گهرجن، ڇو تہ ماڻھن جي بُنيادي ضرورت آهي، اِهي ننڍا ننڍا ڪم بُنيادي ضرورتن ۾ شمار ٿين ٿا.
وِڪي پِيڊيا تي هيئن پڙهيم: ”سنڌ جي تاريخ ۾ سومرن جو دؤر انفرادي حيثيت رکي ٿو. ھِن زماني ۾ سنڌ جي تھذيب، تمدن، ادب ۽ ثقافت جيڪا ترقي ڪئي، اھا تاريخ جي ورقن ۾ سدائين جيئري رھندي. ھيءَ پھرين سنڌي حڪومت هئي، جنھن عربن کان پوءِ، سنڌ ۾ مقامي راڄ يا صاحبي قائم ڪري، خودمختيار ٿي راڄ ڪيو. سومرن سنڌ تي 1051ع کان 1351ع تائين، پورا ٽي سؤ سال راڄ ڪيو. ھن خاندان يا ڪٽنب جا جملي ويھہ حاڪم يا راجا تخت تي ويٺا، جن سنڌ جي آزادي، بچاءَ ۽ خودمختياري لاءِ، ڌارين سان ويڙهون جوٽيون. ھن ڪٽنب جي ھر فرد سنڌ لاءِ قرباني ڏني، جن مان دودو سومرو، اسان جي تاريخ جو عظيم جرنيل ۽ سورھيه سپاھي آھي، جنھن اسان جي قومي آجپي لاءِ سِر جو نذرانو ڏنو.
دودو سونھن سياڻپ سورھيائيءَ جو مُجسمو، حُب الوطني ۽ قربانيءَ جي جذبن سان سرشار، مکيہ سورمو آھي، جيڪو اسان جي قومي ڪِردار جي،بھترين نمائندگي ڪري ٿو. سندس جنگي ڪارناما، وطن جي راھ ۾ سرفروشي ۽ قرباني جي عوامي جذبن جي صحيح ترجماني ڪن ٿا. دودو، سنڌ جو ھِڪ لافاني ۽ لاثاني قومي ھيرو آھي. ھو محب وطن، وطن پرست، غيرتمند ۽ باھمت انسان آھي. جڏھن سندس ڪي وزير کيس صلاح ڏين ٿا تہ، پاڻ کان ڏاڍي دشمن جا مطالبا مڃي سنڌ کي آزاد ڪرائجي، تڏھن ھي ڏهيسر سنڌي سپوت چوي ٿو تہ: ”سنڌ جي تاريخ انسانيت جي شرف جو ھڪ مقدس ڪتاب آھي. ھي ملڪ، پنھنجي علمي، اخلاقي ۽ تمدني روايتن جي ڪري، دنيا جي آڏو ڪمزور تي جهڪڻ لاءِ پيدا نہ ٿيو آھي.“
اسان مزار جي اندر ڪجهہ دير لاءِ خاموش رهي سُڪون کي محسوس ڪيوسين، مزار اندر دودي جي ڊگهي قبر تي جيڪا ڪاٺ جي ڄاري/پڃري تي ڪم ٿيل آهي، اُهو بہ ساراھہ جوڳو ڪم ٿيل آهي. اسان اندر فوٽو گرافي ڪئي، آئون ’ٻولي اجرڪ‘ بہ ساڻ گڏ کڻي ويو هئس ۽ سنڌي ٽوپي، اُن سان فوٽو ڪڍياسين. ۽ سائين ڊاڪٽر عبدالجبار بہ تاريخ جي ورقن کي ورائي دودي جي باري ۾ اسانکي ڪجهہ نہ ڪجهہ ٻُڌائي رهيو آهي. ديوارن تي لِکيل هي جملو بہ پڙهيو ”مڙس تہ ڪو دودو آهين“.
دودي سومري لاءِ مولائي شيدائي پنھنجي ڪتاب ’جنت السنڌ‘ ۾ هيئن لِکيو آهي: ”دودو سنڌ جو حڪمران هو جيڪو علاءُالدين خلجي سان سنڌ جي بچاءَ لاءِ وڙهندي شھيد ٿيو. سندس مزار بدين ضلعي ۾ آهي. دودي بن ڀونگر چوويھہ ورهيہ حڪومت ڪئي. دودو سومرن جو بھادر سردار ٿي گذريو، جنھن لاڙ کان وٺي نصرپور تائين حڪومت جي حدن کي وڌايو هو. سندس بھادريءَ جا ڪارناما سنڌ جي آکاڻين ۾ بيان ڪيل آهن. سنہ 1092ع ۾ وفات ڪيائين. دودي جي وفات ڪرڻ وقت سندس پُٽ سنگهار صغير هو. والد جي وفات کانپوءِ، حڪومت جو ڪاروبار سنڀالڻ لڳو. چوويھہ سال آزادي ۽ خود مختياريءَ سان حڪومت هلايائين. ڦوھہ جوانيءَ ۾ هِن فاني جهان مان گُذر ڪري ويو. سن 485ھہ ۾ کانئس پوءِ سندس پُٽ سنگهار بن دودو جيئن تہ ننڍو ٻار ھيو.“
’سائين عبدالجبار! هِن دودي سومري ۽ چنيسر جو قصو بہ تاريخدانن ۽ محققن ايترو مُنجهايو آهي، جو هر هڪ محقق پاڻ کي ٻي کان معتبر ڄاڻائيندي ٻي جي ڳالھہ کي رد ڪندي لِکي ٿو تہ، فلاڻي ڪھاڻي جو حقيقت سان واسطو ناهي، صرف ڏند ڪٿا آهي، شاعرن، سگهڙن پنھنجي شاعري ۾ وڌائي پيش ڪئي آهي وغيره وغيره. اهڙي نموني مون جيترن بہ ڪتابن ۾ دودي چنيسر جو ذڪر پڙهيو آهي تہ مونکي حيراني ٿي، هِڪڙا چون ٿا تہ دودو سومرو سڳا ڀائر نہ پر پيتا ڀائر آهن، هِڪڙا مرڳو چون ٿا هي سڳا تہ پري، پر ڀائر ئي نہ آهن. هِڪڙا لِکن ٿا تہ چنيسر جو خلجي ڏانھن وڃڻ، جنگ ڪرڻ سڀ ڪجهہ هِڪڙي ڪھاڻي آهي، حقيقت سان اُن جو تعلق ناهي، اسان جھڙا جيڪي صرف پڙهندڙ آهن، اُنھن کي تہ هِنن محققن منجهائي رکيو آهي.‘ سائين عبدالجبار منھنجي بنا فُل اسٽاپ ڳالھہ ٻُڌندي مُسڪرائي ٿو ۽ خاموش رهي ٿو. آئون وري اوهان پڙهندڙن سان هِڪڙي ٻي محقق جو لِکيو پڙهايان ٿو.
”تاريخ سومرا سنڌ جو ليکڪ محمد يوسف اٽڪي جي ھڪ مضمون تي تبصرو ڪندي ان جي تائيد ۾ لکي ٿو تہ: اسان جڏهين محمد يوسف اٽڪي صاحب جي ڏنل سنڌ جي سومرن حڪمرانن جي نالن جي لسٽ کي غور سان پڙهي ڏِسون ٿا تہ پوءِ دودو ۽ چنيسر هِڪ ئي پيءُ ڀونگر جا ٻہ پُٽ پڻ ثابت نہ ٿا ٿين. ڇاڪاڻ تہ: اٽڪي صاحب چنيسر جو پيءُ طائي ۽ دودي جو پيءُ ڀونگر تحرير ڪيو آهي. جنھن مان صاف ۽ واضح طور ثابت ٿئي ٿو تہ: دودو ۽ چنيسر هِڪ ئي پيءُ ڀونگر جي اولاد نہ هُجڻ جي باعث، پاڻ ۾ ٻہ سڳا ڀائر بہ بنھہ نہ هئا. انھيءَ ڪري، هاڻي دودي ۽ چنيسر جو جُڙتو قِصو پڻ ازخود ڪوڙو ۽ باطل ثابت ٿي وڃي ٿو تہ ڪي ٻہ سڳا ڀائر دودو ۽ چنيسر پاڻ ۾ پنھنجي پيءُ ڀونگر جي پڳ ٻڌڻ ۾ تڪراري هئا.“
هاڻي اُنھن محققن کي مُنھن اوهين پڙهندڙ ڏيو، اسان تہ جيڪو ڏِٺو اُهو اوهانکي ٻُڌايو ۽ جيڪو پڙهيو اُهو اوهانکي پڙهايو.
اڃان اڳتي کڻي لطيف کان ٿا پُڇون تہ جيڪو اسانکي پنھنجي بيتن ۾ حقيقت سمجهائي ٿو:
سرڻين جي سُک لئه، سانگ ڪئين سردار،
جي آيون ابڙي آڌار، سي سونگ نہ ڏينديون سومريون.
*
تون اوڍر تون اوڊڪو، تون اجهو تون آڳ،
هِت پڻ تنھنجو تڪيو، منھند بہ تنھنجو ماڳ،
سي لوڙيون ڏين نہ لاڳ، جي اجهي آيون ابڙي.
*
سرڻين جا سوٺا سھي، وسيلو ولھين،
لُڏي ڪين لطيف چئي، اڳيان لال لکن،
جِت ڪوڙيين ڪين ڪُڇن، ات پاٻوهي پڌرو.
*
ابڙو اگهامن ۾، سٻڙ جيئن ٻيلي،
سي پٽ ڪنھن نہ پوڻئا، جي ٿو بڙ ڀيلي،
سمون ساوڻ مينھن جيئن، رڃو ٿو ريلي،
اچي جي ويلي، تن بور بخشي بُٺ ڌڻي.
*
ابڙو اگهامن ۾، ڀرجهلو ڀاري،
منھن مُني جکرو، طاماعن تاري،
سمي سوالين کي، ويل وِسارين.
پُڇي سي پاري، جي عاجز اجورن ۾.

ڳوٺ غازي ملاح مان پکي ورتا
دودي جي مزار کان پوءِ هاڻي اسان جي واپسي آهي، ڏيڍ ٻن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي شعيب ادا منظور کي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ڏانھن گاڏي کي لاهڻ جو اشارو ڏِنو، شعيب همراه کي فون ڪئي، جيڪو پريان گهر مان پکي کڻي نِڪتو، هن همراه کان بہ تقريبن 9 عدد پکي ورتائين، 4500 سئو روپيا، شعيب هاڻي ٽوٽل گهڻا پَکي ٿيا، هاڻي ٽوٽل 30 پکي ٿيا، چيم 30 پکي تمام گهڻا آهن، چيائين ’ماڻھو بہ گهڻا آهن، کائيندي تڏهن خبر ئي نہ پوندئي ڪيڏانھن ويا.‘ ڪکائين ڪِريل اوطاق اڳيان بيٺي پير پکي ورتا ۽ واپس ٿياسين.

ال آصف فشن فارم تي شام جا آخري پھر
ال آصف فش فارم تي سنگت اچي ويئي هُئي، جيڪا ڪم ڪار ڪري رهي هئي، ڪجهہ سنگت نريڙي ڍنڍ گُهمڻ لاءِ وئي هُئي. هِتي موجود دوستن سان هٿ ملائي ڪچھري ڪئي، اسان وضو ڪري سانجهيءَ جي نماز ادا ڪئي، باقي رهيل دوست بہ ڪجهہ دير ۾ نريڙي ڍنڍ گُهمي پھچي ويا.
جيئن جيئن رات پنھنجا پَر پکيڙي رهئي هُئي تيئن تيئن سيءُ سياڪا سرير کي محسوس ٿي رهيا هئا، تنھن ڪري گاڏي جي ڊِگي ۾ رکيل جئڪيٽ ڪڍي پاتم، رئيس حمزو خان دلواڻي ۽ سائين ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي، موجودہ دور ِحڪومت کان، تاريخ ۽ بادشاهن جي قِصن ڪھاڻين، تائين ڪچھري ڪندي نِڪري ٿي ويا، ڪنھن پَل وري اچي ذوالقفار مرزا جي سياست تي بيھن، وري وڃو دودو چنيسر جي راڄ ۾ نِڪرن، اسان سڀ ڪچھري ٻُڌڻ وارا، هوڏانھن اورنگزيب، آصف اُهي ٻوڙ، ۽ ڀَت رڌڻ وارا، شعيب وري رائتو تيار ڪري رهيو آهي، جنھن کي رمضان ۽ اياز سائو مصالحو چونڊي ڏئي رهيا آهن.
سُمھاڻي جي نماز جو وقت ٿي ويو، جنھن کي بہ نماز پڙهڻي هئي، سڀئي وضو ڪري آيا، سائين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار جي امامت ۾ سُمھاڻي نماز باجماعت ادا ڪئي، وري بہ ساڳين ڪِرت کي جيڪو جِتي اُتي لڳي ويو، ڪجهہ دير بعد طعام تيار ٿي ويو.
پَکين جو ٻوڙ مير اونگزيب رڌو ’تمام بھترين هو‘ اسان کي ايئن پکي کائڻ جو زندگي ۾ پھريون موقعو هو، ۽ ٻي برياني بہ رڌي، مانيون بہ هيون، جيڪي شايد هِتي ڍنڍ جي رکوال پلي پنھنجي گهران پچرائي آيو هو، رائتو، صلاد وغيره. ڪجهہ دوستن مذاقن چيو پي تہ ڏِسون ٿا ڪير ٿو بازي کٽي، پر اسان ٽيئي آئون، ادا منظور، ۽ سائين ڊاڪٽر عبدالجبار سڀني کان پھرين اُٿي وياسين، شايد اسان جو هي پھريون ڀيرو هو، پر اسان جي پيٽ ۾ جيتري گنجائش هُئي کاڌي، باقي دوستن تہ رَڄ ٿي کاڌو، وڏو هنڍو گوشت جو ڀريو هو، پر نہ بچيو ڪو ذرو، برياني بچي پئي جيڪا، رکوال پلي کي ڏنئون،
ماني کائي سڄي سنگت گڏجي گروپ فوٽو ڪڍرايو، پوءِ کِلندي ڀوڳ ڪندي هِڪٻئي کي ڀاڪر پائي موڪلايو، سڄي سنگت مان چار دوست اُتي رهيا، آصف ۽ سندس ڀائر چيائون تہ اسان ٿانوَ ٺڪر سيٽ ڪري پوءِ پويان ٿا اچون، اوهان ڀلي هلو، اوهان کي موڪل آهي.

واپسي
هڪ گاڏي چار دوستن کي اُتي ڇڏي، اسان ٽِن گاڏين ۾ سوار ٿي واپس آياسين، بدين ۾ چانھہ پي سڀني هِڪٻئي کان ٻيھر موڪلايو.
پيروءَ تي پھتاسين، گاڏي کي ڳوٺ باغ علي ٽالپر واري رستي تي موڙيوسين، شعيب کي سندس گهر ڇڏڻو آهي، ميرواھہ جو ڪَپ (پٽڙي) ڏئي آياسين، ۽ ٽالپرن جون ڍٺل اوطاقون ڏِسي افسوس ٿيو، جيڪي هاڻي ويجهڙ ۾ اِنڪروچمينٽ هٽائڻ واري آرڊر تحت ڊاٺيون ويون آهن، اوطاقن اڳيان خوبصورت باغيچا ٺھيل هئا، اُهي بہ تباھہ ٿي ويا، شعيب کي سندس گهر ويجهو لاٿوسين.
ماتلي پھتاسين، سائين ڊاڪٽر عبدالجبار کي سندس گهر ڇڏيو، پوءِ اسين آياسين پنھنجي پنھنجي گهر. وقت رات جا ٻارنھن ٿي رهيا آهن.


جيڪي سفر ۾ همسفر هيا:

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دِلچسپي رکندڙ، تاريخ لِکندڙ، ماتلي جي تاريخ لِکي اٿس، اُن کان علاوہ حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منھنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هِن جا سھيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪِتاب لِکيو اٿس، جنھن ۾ پوري نظاماڻي قبيلي جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوہ کوڙ ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب لِکيا، سھيڙيا ۽ مُرتب ڪيا اٿس. ”محمد صديق مسافر جي علمي، ادبي، تعليمي، صحافتي ۽ سماجي خدمتن جو تحقيقي مطالعو“ جي عنوان سان محمد صديق مسافر تي پي ايڇ ڊي ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس.

منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شهر سان تعلق رکندڙ: منهنجو ڀاءُ آهي، سُٺي دل رکندڙ آهي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آهي، پنهنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آهي. گهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ ھميشہ چوندو آهي، گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منهنجي حاضر آهي.

شعيب رضا ٽالپر: ڳوٺ باغ علي ٽالپر سان تعلق رکندڙ، پيرو لاشاري شھر ۾ ڪپڙي جو دُڪان اٿس، هي دوستن جو دوست آهي، يار هِن کي هُجت منجهان سڀني جي ناني بہ سڏيندا آهن، دلبر دوست آهي.

شڪور ٽالپر: ڳوٺ دينار ٽالپر جو رهندڙ آهي، شعيب رضا جو ويجهو مائٽ ۽ ويجهو دوست آهي.
مور ساگر: ’ڪي جاڻا مين ڪون بُليا‘

(21 فيبروري 2020ع، جمع جي ڏينھن- ضلعو بدين)