سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عالم، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مرتب ڪيل تحقيق ڪتاب ”ڳجهارتون“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
ڳجهارتون سنڌ جي لوڪ ادب جو اھم حصو آھن. ڳجهارتون اڄ بہ ڳوٺن ۾ ڪچھرين جو اھم جزو آھن. ھن ڪتاب کي ٻن ڀاڱن ۾ ورھايو ويو آھي. پھرين ڀاڱي ۾ ڳجهارتن جي ڀڃڻيءَ جا پاوا شامل ڪيا ويا آھن جڏھن تہ ٻئي ڀاڱي ۾ سُرائتيون، مجازي، شاھہ جي رسالي جون، نصيحت ڀريون، سورھيائيءَ ڀريون، پھاڪن واريون ۽ عام ڳجهارتون شامل آھن.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1969ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2010ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.