شخصيتون ۽ خاڪا

نور محمد لاکير جون سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتون

ھن ڪتاب جي سھيڙ ۽ ترتيب ۾ سنڌ جي ھڪ اھم سياسي ۽ سماجي شخصيت نور محمد لاکير کي نروار ڪيو ويو آھي. نور محمد لاکير جي سڀ کان اھم خدمت تہ حيدرآباد ۾ قائم ڪيل نور محمد ھاءِ اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل آھي پر ساڳي وقت سندس ڪيل ڪيترن ئي ڪمن کي جيڪي اسان کان اوجهل ھيا انھن کي پڻ اڳيان آندو ويو آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ نور محمد لاکير جي شخصيت ۽ ڪيل ڪمن بابت لکيل مختلف مضمون، ٻئي حصي ۾ نور محمد اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل جي تاريخ، ٽئين حصي ۾ مختلف تقريرون ۽ مضمون، چوٿين حصي ۾ مختلف خط، پنجين حصي ۾ منظوم ڀيٽا ۽ ڇھين حصي ۾ اردو مضمون شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 14
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book نور محمد لاکير جون سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتون

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ محقق مختيار احمد ملاح جو ترتيب ڏنل ڪتاب ”نور محمد لاکير جون سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتون“  اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھن ڪتاب جي سھيڙ ۽ ترتيب ۾ سنڌ جي ھڪ اھم سياسي ۽ سماجي شخصيت نور محمد لاکير کي نروار ڪيو ويو آھي. نور محمد لاکير جي سڀ کان اھم خدمت تہ حيدرآباد ۾ قائم ڪيل نور محمد ھاءِ اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل آھي پر ساڳي وقت سندس ڪيل ڪيترن ئي ڪمن کي جيڪي اسان کان اوجهل ھيا انھن کي پڻ اڳيان آندو ويو آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ نور محمد لاکير جي شخصيت ۽ ڪيل ڪمن بابت لکيل مختلف مضمون، ٻئي حصي ۾ نور محمد اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل جي تاريخ، ٽئين حصي ۾ مختلف تقريرون ۽ مضمون، چوٿين حصي ۾ مختلف خط، پنجين حصي ۾ منظوم ڀيٽا ۽ ڇھين حصي ۾ اردو مضمون شامل ڪيا ويا آھن.
ھي ڪتاب فيڪلٽي ميمبرس آف نور محمد هاءِ اسڪول، حيدرآباد، سنڌ پاران 2023ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون مختيار احمد ملاح جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)، ڪراچي 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com


ارپنا

هيءُ ڪتاب ارپيان ٿو، پنھنجي پڦاٽ آصف ابراهيم زاهديءَ کي، جيڪو سردي هجي يا گرمي، مينھن هجي يا طوفان، ڳوٺ جي ماڻھن جي مدد لاءِ نڪري پوندو آهي. سندس شخصيت جا ڪيترائي روپ آهن. شل مالڪ سائين کيس هميشہ سٺي صحت عطا ڪري!
۽
هي ڪتاب ارپيان ٿو حافظ احمد انڍڙ کي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ جو ملازم آهي، ۽ سياحت ۽ علم جي کوجنا سان کيس خاص محبت آهي. هن ڪتاب جي مواد جي تلاش ۾ سندس تمام وڏي محنت شامل آهي، سندس مدد کان سواءِ شايد هن ڪتاب جي ترتيب ممڪن نہ هئي.


مختيار احمد ملاح


سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب: نور محمد لاکير جون سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتون
ترتيب، تحقيق ۽ ايڊيٽنگ: مختيار احمد ملاح
ڇاپو پھريون: آڪٽوبر 2023ع
ڇاپيندڙ: فيڪلٽي ميمبرس آف نور محمد ھاءِ اسڪول، حيدرآباد، سنڌ
ڇپائي ڏيندڙ: ريکائون پبليڪيشن، ڪراچي
قيمت: 600 روپيا
ڇاپو ٻيو، سنڌ سلامت ويبسائيٽ

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
2024ع
books.sindhsalamat.com

نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد جي هيڊ ماستر پاران: محمد طاهر مغل، چيف هيڊ ماسٽر

نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد، سنڌ جي انھن چند ابتدائي تعليمي ادارن مان هڪ آهي جن سنڌ جي تعليم جي واڌاري ۾ بنيادي ۽ اھم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن تاريخي اداري ڪيترن ئي مايہ ناز شخصيتن کي تعليمي زيور سان سينگاريو آهي جن ھن تعليمي اداري مان تعليم حاصل ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پاڻ ملھايو آهي.
نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد جي باني محترم نور محمد لاکير جي هن پوکيل ٻوٽي جو ڦل اڄ بہ سنڌ جي شعور کي مسلسل فائدو پھچائيندو رهي ٿو. سنڌ جو هي واحد تعليمي ادارو آهي جيڪو ماضي جيان اڄ بہ پنھنجي اوچي ڳاٽ سان هماليہ جبل جيڏو بلند قد، ڪاٺ رکي ٿو. تعليم جي ميدان ۾ اڃايلن جي اڃ پوري ڪندو ٿو اچي! سنڌ جي تعليمي نظام ۾ نصابي توڙي غير نصابي سرگرمين ۾ جن بہ چند اوائلي ادارن جو ڪردار رهيو آهي ان ۾ هي ادارو سرفھرست آهي.
محترم نور محمد لاکير هي ادارو ان دور ۾ کوليو جنھن دور ۾ برصغير اندر مسلمانن لاءِ تعليم جا دروازا مڪمل طور تي بند هئا. جنھن سبب مسلمانن جي زندگي ۾ بنيادي طرح تعليمي،سماجي ۽ مذھبي آزادي ممنوع بڻيل هئي، جتي شعور جا رستا مڪمل طرح بند ڪيل هئا. اهڙين بند ٿيل تنگ گهٽين ۾ اهڙي اداري جو ٺاھڻ هڪ اونداهي سماج ۾ لاٽ جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ محترم نور محمد لاکير شانائتو قومي ڪردار ادا ڪري قوم ۽ ملڪ تي جيڪو احسان ڪيو آھي، اهو تاريخي ڪم ۽ سائين نور محمد لاکير صاحب جن جو ڪردار تا قيامت زنده ۽ عزتن لائق رھندو ۽ سندس نالو سدائين سونھري اکرن ۾ لکيل رھندو.
هلندڙ دور ۾ نور محمد ھاءِ اسڪول، سنڌ جي هر تعليمي محاذ تي پنھنجو پاڻ ملھائي رهيو آهي. هن تاريخي اداري ۾ هڪ ئي وقت ٽن ٻولين سنڌي، اردو ۽ انگريزي زبانن ۾ تعليم ڏني پئي وڃي. هن وقت 1600 شاگرد هن اداري ۾ داخل آهن ۽ داخلائون پڻ جاري آهن، ميرٽ کي مد نظر رکندي سينيئر استادن جي سربراهي ۾ ھڪ ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي، جيڪا داخل ٿيندڙ شاگردن کان پھرين ٽيسٽ ۽ انٽرويو وٺي ۽ پوءِ ڪامياب شاگردن کي سندن ذھانت آڌار تي ڪيڊٽ، انگريزي، سنڌي ۽ اردو ٻولين جي حصن ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو. ان کان علاوھ عزت ماب ڀرڳڙي صاحب نالي سان لائبريري جنھن ۾ ڪيترين ئي ٻولين ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل هزارين ڪتاب موجود آهن ۽ اسڪول جي ٽائيم ٽيبل ۾ سمورن ڪلاسن جا لائبرريءَ پيرڊ پڻ شامل آهن، جتي شاگرد مختلف ڪتابن جو مطالعو ڪري پنھنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندا رھن ٿا. ان سان گڏوگڏ اسڪول ۾ ٻہ جديد قسم جون ڪمپيوٽر ليبس ايليمينٽري ۽ سيڪنڊري ڪلاسز لاءِ الڳ الڳ مختص ٿيل آهن، جتي ڪمپيوٽرس موجود آهن، اسڪول ۾ ھڪ ڪميٽي ھال پڻ موجود آهي جتي شاگردن تائين جديد قسم جي ڄاڻ پھچائڻ لاءِ هڪ وڏو پروجيڪٽر نصب ٿيل آهي اتي شاگردن کي نئين جديد دور جي سائنسي تحقيقي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ تربيت يافتہ استاد پنھنجيون پيشيوراڻيون ذميواريون سرانجام ڏيندا رھن ٿا.
اسڪول ۾ سر عبدﷲ حسين ھارون جي نالي سان قائم ٿيل سائنسي ليبارٽري پڻ قائم ٿيل آهي جتي شاگردن کي علم حياتيات، علم ڪيمياء ۽ علم طبعيات تجربن جي صورت ۾ سيکاريو ۽ سمجهايو وڃي ٿو. گذريل سال USAID پاران عالمي سطح تي سائنسي مقابلا ٿيا، انھن ۾ بہ نورين (نورمحمد ھاءِ اسڪول جا شاگرد) سرخرو رهيا بنگلاديش جي شاگردن سان مقابلو ٿيو ۽ بنگلاديش پاران تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو ۽ گڏوگڏ سائنسي ميلي ۾ بہ پھرين پوزيشن ماڻي.
هڪ بھترين آرٽ ھال پڻ قائم ٿيل آهي جنھن ۾ ٻارن کي آرٽ، مصوري ۽ تصويرن ٺاھڻ لاءِ سندن صلاحيتن کي اجاگر ڪيو ٿو وڃي. شاگردن کي هم نصابي سرگرمين ۾ شامل ڪري سندن شوق پٽاندر فيلڊ ۾ ھڪ کليل ميدان ڏنو ٿو وڃي جتي ھو پنھنجي لڪل صلاحيتن کي نمايان ڪري رهيا آهن.
اسڪول ۾ تمام مضمونن لاءِ بھترين، تجربيڪار، اعلي تعليم يافتہ ۽ پيشيوراڻي تربيت يافتہ استاد پنھنجون خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن. جنھن جو مثال اوھان کي هر مقابلي جي ميدان ۾ ملندو، جھڙوڪ لطيف شناسائي، سائنسي ميلو، خطاطي، تقريري مقابلن ۾ هر فورم ۾ مختلف تدريسي و غير تدريسي مقابلن ۾ ڪاميابي ماڻي، ماضيءَ جيان سرخرو ٿيندا رھن ٿا. پوري سنڌ ۾ پنھنجي اسڪول، خاندان، وطن ۽ استادن جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. تعليمي سرگرمين سان گڏوگڏ جسماني سرگرمين لاءِ اسان جي اسڪول جا استاد راندين، جھڙوڪ، ڪرڪيٽ، ھاڪي، ڊوڙ، اسڪائوٽنگ وغيره ۾ پنھنجو ڪليدي ڪردار ادا ڪندي شاگردن جي ذوق ۽ شوق کي اڀاري رھيا آهن ۽ انھن سڀني فيلڊن ۾ کڻي ڪھڙو بہ مقابلو ڇو نہ ھجي!!؟ ۽ نور محمد ھاءِ اسڪول جا شاگرد انعام گڏ کڻي نہ اچن اهو ممڪن ئي ناهي!!
اسان جي اسڪول ۾ هڪ بھترين آڊيوٽوريم پڻ موجود آهي، جتي تعليمي سيمينار، فنڪشن ۽ تعليمي سرڪاري گڏجاڻيون منعقد ٿينديون رھن ٿيون ۽ اتي هر هفتي اسڪول جي شاگردن لاءِ ڪيريئر ڪائونسلنگ وغيره جا سيمينار ڪرايا ويندا آھن، جنھن ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان وابستہ شخصيتون، مستقبل جي معمارن کي سندن ڪاميابي جي گس کان واقف ڪنديون رھنديون آھن.
بورڊ جي امتحانن ۾ نور محمد ھاءِ اسڪول جا شاگرد هميشہ بھترين پوزيشنون ماڻيون آهن. هن اداري جو مددگار ۽ غير تدريسي عملو پڻ تمام ذميوار آهي.سندن لڳن ۽ ڪم جي شاھدي اسڪول جي عمارت ۽ ان ۾ لڳايل وڻ،گل ۽ ٻوٽن مان ظاھر آھي. هن وقت هيٺيون اسٽاف اسڪول ۾ ڪم ڪري رهيو آهي:

سينئر HST.

سيد تاج علي شاھ
جناب حافظ ايم نعمان
جناب ضياءُ الدين ٽڳڙ
اعجاز علي قريشي صاحب
محترم محمد علي پٺاڻ
جناب رياض احمد خاصخيلي
مسٽر مشتاق علي آرائين
مسٽر مشتاق احمد ٽڳڙ.
جناب خالد احمد سيال
مسٽر مريد دل
سائين محمد اظھر
جناب فيض الله جوڻيجو
محترم عبدالوھاب بليغ
محترم شڪيل احمد
جناب ذوالفقار ميمڻ صاحب
جناب عطا محمد جمالي
محترم عبدالحفيظ سمون
محترم شفقت الله ڪوريجو
محترم علي مراد لاشاري
جناب عبدالحميد قاضي صاحب
جناب ايم عالم جمالي
محترم شوڪت علي ٽانوري
جناب نظام الدين ملاح
جناب ايم حسين شيخ
مسٽر ڪامران وحيد.
جناب نذر حسين صاحب
جناب اسرار احمد شيخ
محترم نور احمد بروهي.

جونيئر HST.

جناب ايم بشير شاھاڻي
جناب آصف احمد ميمڻ
جناب فرحان آرائين
فقير حسين صاحب
جناب رضوان گل
مسٽر دانش ميمڻ جونيئر
شفيق خان صاحب
جناب عبدالحڪيم لغاري
جناب ظفر علي ميمڻ
جناب جنيد احمد
جناب افتخار احمد صاحب
جناب حيدر علي ميمڻ
محترم اعجاز علي قادري
سائين صالح محمد شاھہ
جناب ذوالفقار علي ميمڻ
مسٽر انيل ڪمار ايس
جناب عبدالحق ميمڻ.
احمد صمد صاحب

سينئر JST

محترم ممتاز علي رند
مسٽر مھيش ڪمار

اڌر ڪيڊر جا استاد

جناب عبدالجبار ايس دل (SLT)
سائين نثار احمد لغاري
جناب آصف علي کوکر
جناب حافظ ايم يوسف (او ٽي)
جناب ذوالفقار علي (WI)
عبدالنعيم صاحب
جناب رياض احمد ميمڻ
جناب سيد منير شاھہ (AWI)
سائين نثار احمد پنھور
جناب هدايت الله ابڙو
مسٽر وينجهراج (DT)
جناب غلام رسول سومرو
اشفاق ايڇ جتوئي (پي اي ٽي)
مسٽر محمد اي ڀرڳڙي
جناب زاهد الحق صاحب
مسٽر تنوير سمي (LT)
اي سي ٽي.
محترمہ عافيه
محترمہ شيرين ابڙو
محترمہ ڪنيز فاطمہ

جيسٽ (JEST)

عمير قريشي صاحب
جناب فيضان علي
جناب سيد اسد الله شاھ
مسٽر رميش ڪمار جونيئر
مسٽر انيل ڪمار جونيئر
مسٽر رتن ڪمار
جناب ايم مڪي رضا
جناب حافظ ايم طيب
جناب مستقيم رحمان صاحب
مسٽر نريش ڪمار
جناب شاهد اعجاز
جناب فيضان علي سيد
جناب مدثر احمد

ڪمپيوٽر ليب / انچارج
سائين غلام مصطفيٰ سهتو

ليبارٽري حاضري.
مسٽر احمد علي انڙ.

مون کي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي تہ، مون جھڙي تعليم جي شاگرد کي اهڙي تاريخي اداري جي سربراهي جو اعزاز مليو آهي، ان لاءِ ﷲ تعاليٰ، والدين ۽ پنھنجي استادن جو ٿورائتو آهيان. مونکي اميد آهي ۽ آئون پنھنجون پيشيوراڻيون صلاحيتون ڪتب آڻي سڀ ڪوششون وٺندس تہ نور محمد ھاءِ اسڪول جا استاد پنھنجي بھترين قابليتن سان هن اداري کي سندس اعليٰ مقام طرف وٺي وڃن ۽ ماضيءَ جيان مستقبل ۾ بہ ڪاميابيون ماڻڻ ۾ پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪندا ۽ هي ادارو زندگي جي هر موڙ تي هر شعبي ۾ پنھنجي ترقي ۽ ناماچاري جو تسلسل جاري و ساري رکندو. آمين
مون کي سڀ کان وڌيڪ خوشي ٿي آهي تہ مان هن اسڪول جي بانيءَ جي شخصيت، ڪارنامن ۽ اسڪول جي تاريخ تي ڪتاب شايع ڪرائي رهيو آهيان، جيڪو اسان جي سنڌي ادب جي نالي واري محقق مختيار احمد ملاح، وڏي محنت سان مواد تلاش ڪري، ان کي ڇنڊي ڇاڻي ترتيب ڏنو آهي. سائين جڏهن مون سان رابطو ڪيو ۽ ڪتاب جي باري ۾ خواهش ڏيکاري تہ هيءُ ڪتاب نور محمد ھاءِ اسڪول پاران شايع ٿيڻ گهرجي تہ سچ تہ مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي، ڇو جو هن وقت سائين نور محمد جي باري ۾ اسان وٽ ڪا معلومات جھڙوڪ موجود ئي نہ هئي. هن ڪتاب جي اشاعت اسان جي اسڪول جي خوش نصيبي آهي. ان سلسلي ۾ مان پنھنجي سموري اسٽاف جو شڪرگذار آهيان، جن هن ڪتاب جي اشاعت ۾ نہ صرف خوشي محسوس ڪئي، پر مواد جي تلاش ۾ پڻ مدد ڪئي. اميد تہ سائين نور محمد لاکير جي حياتي ۽ ڪارنامن جي باري ۾ شايع ٿيل ڪتاب کان پوءِ اسان نورمحمد ھاءِ اسڪول جي علمي ۽ ادبي خدمتن تي بہ ڪتاب ترتيب هيٺ آڻينداسين.

مقدمو: مختيار احمد ملاح

اڻويھين صدي، سنڌ جي تاريخ جو هڪ نئون موڙ آهي، جنھن ۾ سنڌ جي تاريخ هڪ نئين دور ۾ شامل ٿي. جيتوڻيڪ اڻويھين صدي پڻ سنڌ جي غلاميءَ جو دور هو ۽ ملڪ جون واڳون ٽالپرن کان ڦري انگريزن وٽ پھتيون هيون. ان کان اڳ ٽالپرن، ڪلھوڙن کان حڪومت کسي ھئي، رياستي زبان فارسي ۽ عوامي زبان سنڌي ھئي. فارسيءَ جو اثر اڳي کان اڳرو ھو، ڇو جو سنڌ جا ايران سان تمام ويجها تعلقات ھئا. انگريزن ھندستان جي ٻين پرڳڻن جي ڀيٽ ۾ سنڌ تي دير سان قبضو ڪيو، جنھن سبب سنڌ ۾ جديد تعليم لاءِ ڪوششون بہ دير سان ورتيون ويون. انگريزن جي اچڻ کان اڳ سنڌ ۾ مڪتبن ۽ مدرسن ۾ ديني ۽ دنياوي تعليم ڏني ويندي هئي. انھن ڏينھن ۾ آخوند مڪتب هلائيندا هئا ۽ مڪتبن ۾ فارسي پڙھائڻ تي خاص زور هوندو هو.
انگريزن جي سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ سنڌ جو معاشرو گهڻو تڻو ڳوٺاڻو ۽ زرعي معاشرو ھو، زراعت جو دارو مدار برسات، درياھي ٻوڏن ۽ کوھن تي ھوندو ھو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سنڌ تي انھيءَ مقصد لاءِ قبضو ڪيو ھو جو ھتان بہ ڍل وصول ڪجي.ان مقصد لاءِ ھنن روينيو ڊپارٽمنٽ قائم ڪيو. شروع ۾ ھو ڍل اناج جي صورت ۾ وصول ڪندا ھئا، بعد ۾ ان نظام کي ختم ڪري نقديءَ جي صورت ۾ ڪيو ويو. انگريزن کي سنڌ جي زمين جي پيداوار مان تمام گهڻي ڍل وصول ٿيندي ھئي. ھنن ان کي اڃا بہ وڌائڻ لاءِ واھن ۽ کوھن جي کوٽاين جو ڪم شروع ڪرايو. آخر ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سکر بئراج جو منصوبو بہ تيار ڪيو ويو.اھڙي طرح 1850ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني ملڪ ۾ ريلوي لائين تعمير ڪرڻ جو منصوبو ٺاھيو تہ جيئن سنڌ جي ڪپھہ کي بندر تائين پھچائي سگهجي.
در حقيقت انگريزن سنڌ ۾ جيڪي بہ ترقياتي ڪم ڪرايا، اھي در اصل پنھنجي مفادن ۾ ڪرايا. اھا ٻي ڳالھہ آھي تہ سندن مفادن جي باوجود سنڌ ۾انھن ترقياتي ڪمن سان ترقي ٿي. اھا بہ حقيقت آهي تہ انگريز سڄي يورپ ۾ ترقي يافتہ قوم ھئا، پر ھتي اچي ھنن سنڌ جي جاگيردارانہ نظام کي ختم ڪرڻ جي بجاءِ وڌيڪ سگهارو ڪيو. اھو ھٿ ٺوڪيو رعايت پاتل طبقو، نون حاڪمن سان استحصال ۾ شامل رھيو. انگريزن جي اچڻ سان سنڌي سماج ۾ جيڪا اھم تبديلي آئي اھا ھيءَ ھئي تہ ان کان اڳ سنڌي معاشري ۾ ترقي ۽ واڌاري جي رفتار سست ھئي، پر نون علمن، اسڪولن، ڪاليجن، سياسي شعور ۽ مزاحمتي تحريڪن جي ڪري ان ۾ گهڻي تيزي آئي. ھڪ تہ مشيني دؤر جي ابتدا ٿي، ٻيو تہ سنڌي تھذيب ڳوٺن کان شھرن ڏانھن وڌڻ شروع ڪيو.
اڻويھين صديءَ ۾ پھريون دفعو سنڌ جي سرڪاري ٻولي سنڌي کي مقرر ڪيو ويو، سنڌي الف بي جڙي، ڪتاب شايع ٿيڻ لڳا، اسڪول ۽ ڪاليج، انجنيئرنگ اسڪول، ميڊيڪل اسڪول قائم ٿيا، مگر مسلمان، جيڪي سنڌ جي اڪثريتي طاقت رکندا هئا، انھن انگريزن پاران قائم ڪيل اسڪولن ۾ڪا خاص دلچسپي نہ ورتي ۽ انگريزي ۽ سائنسي تعليم جي سخت مخالفت ڪئي. نتيجو اهو نڪتو، تہ سنڌي مسلمان، ھندو سنڌين جي ڀيٽ ۾ تعليم، علم، ادب، سياست، صحافت، سرڪاري نوڪرين، ملڪي ترقيءَ جي ٻين شعبن ۽ خود انگريز سرڪار جي خاص عنايتن کان پري رهجي ويا. اهڙي پاليسي خود انگريز سرڪار جي ڪامياب حڪمت عملي ”ورھايو ۽ حڪومت ڪيو“ جي حق ۾ نہ هئي، ڇو تہ سنڌ جا ھندو تعليم، ڪاروبار، نوڪرين، ۽ ٻين سڀني محڪمن ۾ مسلمانن کان اڳتي نڪري چڪا هئا. مسلمان سياسي طور تي بہ ڪمزور هئا، هڪ تہ تعليم جي پستي ۽ ٻيو ڪاروبار جو نہ هجڻ ڪري هو پوئتي رهجي ويا هئا.
ان کان علاوھ،1857ع جي جنگ آزاديءَ کان پوءِ انگريزن جي پاليسي مسلمانن جي خلاف ٿي پيئي. ان ڪري جو ڏينھون ڏينھن سياسي، معاشي ۽ تعليمي لحاظ کان پستيءَ طرف وڃڻ لڳا. ذلت ۽ گُمراهي جي احساس کي ماري هو وقت جي تقاضائن کان بہ منھن موڙي بيٺا. انھيءَ دور ۾ سنڌ جا مسلمان بہ تعليم ۾ بنھہ پوئتي هئا.
سنڌ ۾ سياسي ۽ سماجي تنظيم جي شروعات لاءِ ھندن، مسلمانن، عيسائن ۽ پارسين پھريون دفعو سنجيدہ ڪوشش ورتي. هنن”سنڌ سڀا“ جي نالي سان هڪ غير مذهبي ۽ نيم سياسي تنظيم برپا ڪئي، جنھن جا ميمبر ھندو، مسلمان، عيسائي ۽ پارسي هئا. سنڌ سڀا، 1882ع کان 1887ع تائين تمام گهڻي سرگرم رهي. هيءَ تنظيم 2 ڊسمبر 1882ع تي وجود ۾ آئي. سنڌ سڀا جو پھريون صدر سيٺ آتمارام پريتمداس هو، مختلف وقتن ۾ هن تنظيم جا مختلف صدر ۽ عھديدار رهيا. ”سنڌ سڀا“ جا شروعاتي عھديدار هي هئا:

ڏيارام ڄيٺمل________صدر
حسن علي آفندي_______نائب صدر
دولترام ڄيٺمل________سيڪريٽري
ساڌو هيرانند________اطلاعات سيڪريٽري

سنڌ سڀا جو سڀ کان وڏو ڪارنامو ڊي. جي. ڪاليج ڪراچي هو. هن تنظيم ۾ اڳتي هلي ڪجهہ اختلاف ٿي پيا ۽ حسن علي آفنديءَ 1885ع ۾ ”سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ قائم ڪئي، جيڪا سنڌ جي مسلمانن جي سياسي، سماجي ۽ تعليمي طور تمام وڏي جماعت ثابت ٿي. هن جماعت ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرسو قائم ڪيو. هيءُ اسڪول سنڌ جي مسلمانن جي تاريخ جو هڪ نئون باب هو. حيدرآباد ۾ تعليم جو پھريون اسڪول 1858ع ۾ قائم ٿيو. اهو اسڪول زميندارن ۽ آبادگارن کان ورتل لوڪل فنڊ جي آمدني مان هلايو ٿي ويو. پر ان مان مسلمان فائدو وٺي نہ ٿي سگهيا. ڇاڪاڻ تہ اهي شھر کان پري هئا ۽ مقامي وڏيرن ۽ جاگيردارن جي تسلط هيٺ هئا ۽ خاص ڳالھہ تہ کين شھر ۾ رهڻ جي سھولت ميسر ڪين هئي. ان ڪري اهي سڀ پيسا مقامي ھندن جي اسڪولن تي خرچ پئي ٿيا. ان کان سواءِ 1861ع ۾ سنڌ اسڪالرشپ فنڊ ڪٺو ڪيو ويو، جيئن سنڌي شاگرد بمبئي مان مئٽرڪ پاس ڪري اتي جي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ داخلا وٺي سگهن. پر ڏٺو ويو تہ ان مان بہ صرف ھندو عاملن فائدو ورتو ۽ ڪنھن بہ مسلمان کي ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ جو وجهہ نہ مليو. اهي حالتون ڏسي سنڌ جي مسلمانن ۾ ڪجهہ سجاڳي آئي ۽ سنڌ جي ڪجهہ گهڻ گهرن سنڌي ڀائرن کي جديد تعليم سان روشناس ڪرائڻ لاءِ ڪوششون پڻ ورتيون. انھن سنڌ جي مختلف شھرن ۾ جديد تعليمي مرڪز کولي، سنڌ جي مسلمانن ۾ نئون شعور ۽ جذبو پيدا ڪيو. اهڙن بزرگن مان نور محمد ھاءِ اسڪول جو باني ”مسٽر نور محمد وڪيل“ بہ هڪ هو. هن حيدرآباد ۾ مسلمانن جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو اسڪول قائم ڪيو، جيڪو اڄ بہ سندس نالي پويان سندس محنت، عظمت ۽ ڪاميابيءَ جو اهڃاڻ بڻيل آهي. نور محمد لاکير، سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ عظيم انسان، سياستدان، آزادي جو سپاهي، قوم پرست، جج، ڪامياب وڪيل، سماجي ڪارڪن ۽ تعليمدان طور مشھور آهي.
افسوس جو نور محمد لاکير، جيڪو نور محمد وڪيل جي نالي سان مشھور هو، پر سندس باري ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آهي ۽ سندس حياتيءَ جا ڪيترائي پھلو اڃا تائين واضح ٿي نہ سگهيا آهن. نئين نسل کي سندس حياتي ۽ ڪارنامن جي باري ۾ معلومات نہ ٿي ملي. گهڻو اڳ، سنڌي درسي ڪتابن ۾ سندس مختصر ذڪر ملندو هو، ھاڻي اهو بہ ڪتابن مان خارج ڪيو ويو آهي. الوحيد جي آزادي نمبر ۾ سندس ذڪر ئي نہ آهي. سائين جي.ايم سيد پنھنجي مشھور ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکيو آهي تہ کيس ميان نور محمد وڪيل جي باري ۾ گهڻي ڪوششن جي باوجود معلومات ملي نہ سگهي. جڏهن مون هن ڪتاب کي ترتيب ڏيڻ لاءِ سنڌ جي مختلف مڪتبن مان رسالن، اخبارن، ڪتابن ۽ مختلف شخصيتن کان سندس باري ۾ مواد جي مدد طلب ڪئي تہ تمام گهٽ مواد ملي سگهيو، ۽ جيڪو مليو ان ۾ بہ ڪافي ورجاءُ ۽ مغالطن سان ڀريل معلومات ملي. ائين محسوس ٿيو تہ سڀني ڄڻ هڪ ٻئي تان ڏسي لکيو آهي. نور محمد لاکير جي پويئرن مان سندس ڏوهٽي جو نمبر هٿ ڪيم، پر گهڻي ڪوشش جي باوجود نہ تہ هن سان ملاقات ٿي سگهي، نہ وري ان صاحب منھنجي فون اٽينڊ ڪئي نہ وري ڪنھن ميسيج جو جواب ڏنو، ان ڪري نور محمد لاکير جي ذاتي زندگيءَ بابت ڪافي معلومات جھڙوڪ رهجي وئي آهي. وڏي افسوس جي ڳالھہ اھا آهي تہ نور محمد ھاءِ اسڪول، جيڪو هن پنھنجي رت ۽ ست ڏئي جوڙيو هو، اڄ اتي جي لائبريريءَ ۾ سندس حياتي ۽ ڪارنامن جي باري ۾ ڪو بہ خاص مواد موجود نہ آهي. اسڪول مان جيڪي وقت بہ وقت مخزن جاري ٿيا هئا، اهي بہ موجود نہ آهن. شابس آهي اسڪول جي موجودہ هيڊ ماستر محمد طاهر مغل صاحب کي، جنھن منھنجي گذارش تي پنھنجي ذاتي ڪوششن سان، ذاتي دوستن کان ڪجهہ مواد تلاش ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
ڪتاب جي ترتيب ڏيڻ دوران ڪجهہ اهم مونجهارا سامھون آيا، جنھن ۾ سڀ کان اهم نور محمد لاکير جي جنم سال جو آهي، ڇو تہ سڀني ليکڪن هڪ ٻئي تان مواد کنيو آهي. اڪثر ليکڪن سندس جنم سال 16 سيپٽمبر 1845ع لکيو آهي. جڏهن تہ عليڳڙھہ مان جاري ڪيل خط مان معلوم ٿئي ٿو تہ هن 1907ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي هئي. ھاڻي اهو تہ ممڪن نہ آهي تہ هن 64 سالن جي عمر ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو هجي. ٻيو مغالطو سندس ڳوٺ جي باري ۾ آهي. ڇو تہ ڪجهہ ليکڪن سندن جنم ڳوٺ چڪرو ڄاڻايو آهي تہ ڪجهہ جمعو لاکير. اهڙيءَ طرح ڪنھن بہ ڪتاب يا مضمون ۾ سندس ڀائرن، ڀينرن ۽ گهروارين جي نالن جي معلومات آيل نہ آهي. مطلب تہ سندس ذاتي زندگيءَ جي معلومات انتھائي مختصر ۽ مبھم ملي ٿي. جڏهن تہ نور محمد اسڪول جي جيڪا بنيادي معلومات آهي، انھن ۾ بہ ڪافي تضاد آهن.
نور محمد لاکير صاحب جي سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتن جي اڳ ئي ٿوري گهڻي خبر هئي، پر هڪ ڏينھن نالي واري اديب منصور قادر جوڻيجي سان معمول مطابق سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ جي حوالي سان بحث ٿيو، جنھن دوران هن ٻڌايو تہ وٽس ميڊم حميدہ کھڙي جو رکيل ڳچ مواد موجود آهي، جنھن کي ترتيب ڏئي ڪتاب جوڙي سگهجن ٿا. ان سلسلي ۾ هن ٻڌايو هن وٽ نور محمد لاکير صاحب ڏي لکيل ان دور جي سياسي ۽ سماجي شخصيتن جا ڪافي خط پيل آهن. پوءِ اسان فيصلو ڪيو تہ اهي خط هو منھنجي حوالي ڪندو ۽ انھن کي منصور قادر جوڻيجو ۽ مان گڏجي ترتيب ڏينداسين. خطن کي ڪمپوز، ايڊٽنگ ۽ پروف ريڊنگ جي ذميواري مون پاڻ تي کنئي. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ جڏهن هن اهي خط منھنجي حوالي ڪيا تہ انھن خطن ۾ اھا تعليمي رپورٽ بہ موجود هئي، جيڪا نور محمد 1927ع ۾ سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي پستيءَ جي سببن تي لکي هئي. خطن ۽ تعليمي رپورٽ کي ڏسڻ ۽ پڙهڻ کان پوءِ، منھنجي ذهن ۾ آيو تہ خط الڳ شايع ڪرايا وڃن، تعليمي رپورٽ الڳ ۽ ٽيون ڪتاب سنڌي ۾ نور محمد جي زندگيءَ ۽ شخصيت جي باري ۾ هجي. ائين مواد جي تلاش شروع ڪئي ۽ گهڻي ڪوشش کان پوءِ هيءُ ٿورو مواد ملي سگهيو آهي.
هن ڪتاب جي ترتيب تي اچڻ کان پھرين، نور محمد جي حياتي ۽ ڪارنامن جو مختصر جائزو وٺجي. نور محمد لاکير، 16 سيپٽمبر 1881ع تي سنڌو درياھہ جي ڀرسان تعلقي ڏڪري، ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ چڪرو ۾ جنم ورتو، سندس والد ميان محمد سجاول لاکير ڳوٺ جو تعليم يافتہ ۽ خدمتگار شخص هو. هو ڏوڪريءَ جي پرائمري اسڪول ۾ استاد هو. ميان سجاول لاکير پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ تمام سادو ۽ معمولي ماڻھو هو. استاد جي نوڪريءَ لاءِ پگهار کان سواءِ کيس چند ايڪڙ زمين بہ هئي. کيس ٻہ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ هئي. سندس خواهش هئي تہ سندس ٻئي پٽ تعليم حاصل ڪن، پر سندس ٻيو نمبر پٽ نور محمد تعليم ڏانھن گهڻو راغب هو. نور محمد پاڻ بہ نھايت سادگيءَ جو مالڪ هو، جنھن جون تمام گهڻيون خوبيون هيون، هو دل جو مھربان هو. نور محمد کي پنھنجي والد لاءِ تمام گهڻي عزت هوندي هئي. جڏهن هو ڳوٺ مان حيدرآباد نور محمد وٽ ايندو تہ کيس پنھنجي هٿن سان کارائڻ جو ڪم ڪندو هو. هو پنھنجي پيءُ سان تمام گهڻو جڙيل هو ۽ زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ ساڻس وڏي آواز سان نہ ڳالھايو. جڏهن سندس پيءُ پوڙهو ۽ ڪمزور ٿي ويو تہ هو هن جا هٿ ۽ بدن پاڻ ڌوئيندو هو.
نور محمد ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ پنھنجي والد محترم ميان محمد سجاول جي رهنمائيءَ ۾ حاصل ڪئي، جيڪو ان وقت پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر هو. نوجوان نور محمد تمام ذهين ٻار هو ۽ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺندو هو، سندس والد کيس اعليٰ تعليم ڏيارڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو ان دور جي مسلمانن لاءِ ڪو آسان ڪم نہ هوندو هو. نور محمد شروعاتي تعليم چوٿين درجي تائين پنھنجي اباڻي ڳوٺ چڪرو مان حاصل ڪئي. جڏهن سنڌو درياھہ پنھنجو رخ ڏوڪري ڏانھن موڙيو تہ هي خاندان ڳوٺ جمعہ لاکير، تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ، ضلعي دادو ۾ اچي آباد ٿيو، جتي نوجوان نور محمد کي استاد ناٿن شاھہ جي رهنمائيءَ ۾ پڙهڻ جو شرف حاصل ٿيو. پينشن ملڻ بعد سندس والد محترم ميان محمد سجاول ڳوٺ جمعہ لاکير ۾ مستقل رھائش اختيار ڪئي ۽ پنھنجي پٽ نور محمد جي نالي تي زمين جا ڪجهہ ٽڪرا زراعت لاءِ خريد ڪيا.

ثانوي تعليم
ان زماني ۾ اعليٰ تعليم هر سنڌي مسلمان شاگرد جي وس جي ڳالھہ نہ هوندي هئي. فقط چند اسڪول هئا، جيڪي مسلمان شاگردن لاءِ وقف هئا ۽ انھن ۾ سنڌ مدرستہ الاسلام، ڪراچي سڀني کان اعليٰ اسڪول هو. نور محمد محمد، پنھنجي والد جي خواهش ۽ پنھنجي پسند تي ڪراچي مدرسي اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتي کيس بھترين رزلٽ جي ڪري مفت بورڊنگ ۽ اسڪول فيس جي رعايت حاصل ٿي. هن ڏاڍي محنت ڪئي ۽ 1907ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ڪاميابيءَ سان ميٽرڪ پاس ڪيائين.

عليڳڙھہ مان گريجوئيشن
سنڌ مدرستہ الاسلام اسڪول کان پوءِ محمد سجاول لاکير مالي تنگدستي جي باوجود، پٽ جي تعليمي ڪيريئر کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڪئي ۽ کيس 1907ع ۾ ئي عليڳڙھہ موڪليو، جتي انھن ڏينھن ۾ مسلمانن جي تعليم لاءِ تمام سازگار ماحول هو. کيس ھندستان جي تاريخي ”محمدن اينگلو اوريئنٽل ڪاليج“، عليڳڙھہ ۾ داخل ڪرايو ويو، حقيقت اھا آهي تہ عليڳڙھہ انھن ڏينھن ۾ هر مسلمان شاگرد جي خواهش ۽ منزل هوندي هئي. هن ڪاليج جو بنياد 24 مئي 1875ع تي سر سيد احمد خان رکيو هو، جنھن جي شروعات ۾ ”مدرسة العلوم المسلمين-ھند“ هڪ پرائمري اسڪول جي حيثيت سان ڪئي، ۽ ٻن سالن کان پوءِ اهو محمدن اينگلو اورينٽل ڪاليج ٿيو. اهو ڪيمبرج تعليمي نظام کان متاثر هو. اهي ادارا سر سيد احمد خان سان تعلق رکندڙ مسلم بيداري جي تحريڪ جو حصو هئا، جنھن کي عليڳڙھہ تحريڪ چيو وڃي ٿو. خاص ڪري اتر ھندستان ۾ هن انگريزيءَ ۽ ”مغربي علوم“ جي مھارت کي مسلمانن جي سياسي اثر کي قائم رکڻ لاءِ ضروري سمجهيو. نور محمد لاکير جو عليڳڙھہ پھچڻ جو خواب تڏهن پورو ٿيو، جڏهن هن سنڌ مدرسي مان مير علي مراد اسڪالر شپ حاصل ڪئي ۽ سردار محمد يعقوب جي ذاتي دلچسپي ۽ مدد حاصل ٿي. انھن ڏينھن ۾ عليڳڙھہ نہ رڳو هڪ تعليمي ڪيمپس هو، پر مسلمانن جي زندگي، ثقافت ۽ روايتن جي ارتقا جو هڪ وڏو مرڪز پڻ هو. عليڳڙھہ جي شاگردن ۾ اسلامي ڀائيچاري جو جذبو سمايل هوندو هو ۽ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي آزاديءَ لاءِ مشنري طور دنيا ۾ داخل ٿيا. سندس سماجي، سياسي، تعليمي ۽ مذهبي سوچون عليڳڙھہ تحريڪ هيٺ پروان چڙهڻ لڳيون. اهو ئي سبب آهي تہ عليڳڙھہ جو اثر نور محمد جي شخصيت ۽ ڪردار تي هميشہ غالب رهيو. هن ڪاليج ۾ سٺن نمبرن سان ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ 1910ع ۾ الھہ آباد يونيورسٽيءَ مان B.A جو امتحان پاس ڪيو. عليڳڙھہ ۾ شاگرديءَ دوران هو ڏاڍو سرگرم ۽ تخليقي شاگرد هو. پڙھائيءَ ۾ دلچسپي وٺڻ سان گڏ غير نصابي سرگرمين ۾ بہ حصو وٺندو هو. ان سلسلي ۾ ان وقت جي لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر مسٽر جي. ايڇ. ٽاول، پنھنجي خط 12 آگسٽ 2010ع ۾ نور محمد لاءِ لکي ٿو تہ ”هن خط جو کڻي ايندڙ محمدن اينگلو اوورئنٽل ڪاليج جو شاگرد آهي، سندس نالو نور محمد آهي. هن عليڳڙھہ مان گريجوئيشن ڪئي آهي ۽ پنھنجي ڪيريئر ۾ ڪاليج جو هڪ تمام مفيد ۽ قابل اعتماد ميمبر رهيو آهي. هن عورتن لاءِ تعليمي ڪانفرنس، ڇوڪرين جي نمائش ۽ ٻين مختلف مسلم سرگرمين لاءِ ڪم ڪيو آهي. هو طريقي ۽ ڪردار ۾ هڪ شريف ماڻھو آهي. مون کي توھان جي نوٽيس ۾ آڻڻ ۾ خوشي ٿيندي“.
عليڳڙھہ ڪاليج مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد اپريل 1912ع ۾ عليڳڙھہ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ اتي پاڻ کي هڪ شاندار استاد ثابت ڪيائين، ڇاڪاڻ تہ سندس قابليت، ۽ تدريس جي فن کي انتظاميہ ۽ سندس ساٿين بہ ساراهيو آهي. هن 1915ع ۾ استاد جي عھدي تان استعيفيٰ ڏني ڇاڪاڻ تہ هو قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ چاهي پيو. آفيسرن، سينيئرن طرفان کيس لکت ۾ ڪيتريون ئي نيڪ تمنائون ۽ سوغاتون ڏنيون ويون. ان سلسلي ۾ مسٽر ايس. او. پاريس، پنھنجي خط 26 جولاءِ 1913ع ۾ لکي ٿو تہ ”مان جناب نور محمد صاحب کي محمدن اينگلو اوريئنٽل ڪاليج ۽ اسڪول ۾ لڳ ڀڳ ٽن سالن کان سڃاڻان ٿو. هن جي ڪيترين ئي سٺين خوبين کي سامھون آڻڻ ۾ تمام گهڻي خوشي محسوس ڪيان ٿو. هُو ڪاليج جي تمام نامور گريجوئيٽ شاگردن مان هڪ هو ۽ ڪلاس روم ۽ ڊيبيٽنگ سوسائٽيءَ ۾ پاڻ کي ممتاز رکيو، گذريل نون مھينن کان هو هن اسڪول ۾ منھنجو ساٿي آهي ۽ هن جي ڪم جي باري ۾ مون وٽ چڱائي کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونھي. هن ڪڏهن بہ ڪنھن بہ صورت ۾ پاڻ کي ضايع نہ ڪيو آهي، ۽ هر ڪنھن کي متاثر ڪيو آهي. هن شاگردن جي ڀلائي لاءِ پنھنجا مفاد قربان ڪيا آهن. هو هڪ ڪارائتو استاد آهي ۽ ان کان علاوھ هو پنھنجي شاگردن جي اسڪول کان ٻاھر ڪلاسن جيتري دلچسپي وٺندو آهي. هن اسڪول جا ڇوڪرا، هن جي اڻٿڪ ڪوششن جي ڪري سندس تمام گهڻي ساراھہ ڪندا آهن. نور محمد صاحب نھايت سٺي اخلاق ۽ خطابت جو مالڪ آهي ۽ ڪم جي لحاظ کان تمام سٺو ماڻھو آهي. هو هڪ اعليٰ ڪردار جو ماڻھو آهي، پنھنجي ڪردار ۾ ثابت قدمي رکي ٿو. هو پنھنجي اخلاق ۽ اعتماد جي ڪا بہ ڀروسي واري ذميواري نڀائڻ جي اهليت رکي ٿو، جنھن لاءِ مان هن جي سفارش ڪري سگهان ٿو“.

قانون ۾ ڊگري
عليڳڙھہ اسڪول مان استعيفيٰ ڏيڻ بعد ايل. ايل. بي. جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد دکن روانو ٿيو ۽ 1916ع ۾ ايل. ايل. بي جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. ان دور ۾ هن، ھندستان جي مسلم سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ ملڻ ۽ تعلق ٺاھڻ شروع ڪيو. سندس ان ميل جول ۾ مسٽر محمود علي بيگ عليڳڙھہ کان دکن تائين سندس هم ڪلاسي ۽ مستقل ساٿي رهيو. محمود علي بيگ، حيدرآباد جي دکن خاندان جو فرد هو. هنن گڏجي دکن ۾ قانون جي پريڪٽس شروع ڪئي ۽ بعد ۾ نور محمد مسٽر محمود علي جي خاندان مان شادي ڪئي. مسٽر محمود علي بيگ، اڳتي هلي ڪامياب وڪيل بڻيو.

شاديون ۽ اولاد
جناب نور محمد ٻہ شاديون ڪيون هڪ پنھنجي مائٽن مان ۽ ٻي حيدرآبد دکن جي اردو فيملي مان ڪئي. کيس ٻہ ڌيئرون هيون ۽ پٽ جو اولاد ڪو نہ هو. سندس پھرين زال سندس ويجهي مائٽن مان هئي، جنھن مان کيس هڪ ڌيءَ زبيدہ خاتون پيدا ٿي، پر سندس پھرين گهرواري جلد وفات ڪري وئي ۽ هو اڪيلو ٿي پيو. سندس وڏي ڌيءُ زبيدہ خاتون گهڻو پڙهي نہ سگهي ۽ گهريلو عورت بڻي. سندس شادي، ان وقت جي مشھور ماهر تعليم ڊاڪٽر غلام حسين جعفري (1905- 1977ع) سان ٿي. ڊاڪٽر غلام حسين جعفري جو تعلق ڀان سعيد آباد، ضلعي دادوءَ سان هو. بمبئيءَ مان بي. ٽي امتحان پاس ڪري لاڙڪاڻي جي مدرسہ ھاءِ اسڪول جو پرنسيپال ٿيو. هي پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ آمريڪا بہ ويو، جتان ڪامياب ٿي واپس موٽيو ۽ اچي نواب شاھہ ۾ ڊپٽي ايجوڪيشن انسپيڪٽر طور مقرر ٿيو. اهڙيءَ طرح پنھنجي محنت سان اڳتي وڌندو ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جو پرنسيپال ٿيو. ون يونٽ ٺھڻ کان پوءِ هن کي بدلي ڪري اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن طور لاهور ۾رکيو ويو. جتي هن جي محنت ڏسي کيس سنڌ ۾ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن مقرر ڪيو ويو، بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن جو پھريون چيئرمئن پڻ ڊاڪٽر غلام حسين جعفري بڻيو. ڊاڪٽر غلام حسين جعفري ۽ زبيدہ خاتون کي هڪ ئي ڌيءَ هئي - محترمہ عذرا بلوچ، هوءَ هن وقت پنھنجي اولاد سان ڪئناڊا ۾ رهي ٿي.
نور محمد لاکير ٻي شادي حيدرآباد دکن جي نواب سر افسرالملڪ جي ڌيءُ ميڊم شمس النساءِ سان ڪئي. هوءَ هڪ پڙهيل لکيل عورت هئي ۽ ڪيترائي سال مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي جي سيڪريٽري رهي. اردو ۾ ڪجهہ مضمون بہ لکيائين. پاڻ 1962ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار نور محمد لاکير سان گڏ سنڌ مسلم ھاسٽل جي احاطي ۾ آهي. کين هڪ ڌيءَ مھر نور محمد ٿي، جنھن جي عمر سندس والد جي وفات مھل صرف ٻہ سال هئي. پروفيسر مھر نور محمد ايم. اي يڪنامڪس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ليڪچرار مقرر ٿي ۽ ترقي ڪري 1996ع ۾ گورنمينٽ زبيدہ گرلز ڪاليج حيدرآباد جي پرنسيپال جي عھدي تان رٽائر ٿي. سندس شادي اردو اسپيڪنگ فيمليءَ ۾ هڪ پوليس آفيسر آصف قريشيءَ سان ٿي. کين چار ٻار ٿيا- 2 ڌيئرون ۽ 2 پٽ، جن مان نواز ۽ محمد فريد پٽ ٿيا. رٽائرمينٽ کان پوءِ، پروفيسر مھر نور ”نور محمد لاکير ايجوڪيشن اينڊ ويلفيئر سوسائٽي“ حيدرآباد جو بنياد وڌو. اهو بہ ذڪر ڪرڻ ضروري آهي تہ نالي واري اديب ظفر حسن جي والدہ سيدہ حسينہ بيگم بہ نور محمد لاکير جي گود ورتل ڌيءَ هئي، جيڪا سندس ٻي زال شمس النساءِ سان گڏ دکن مان سنڌ آئي هئي ۽ ساڻن گڏ رهي. ان کان پوءِ سندس شادي سيد نظر علي شاھہ سان ٿي.

جج ۽ وڪالت جو شعبو
جناب نور محمد صاحب هڪ وسيع ڪمال ۽ ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو. هن عليڳڙھہ يونيورسٽي مان آرٽس ۽ قانون ۾ گريجوئيشن ڪئي. دکن ۾ وڪالت شروع ڪيائين، پر بعد ۾ والد جي اسرار تي سنڌ واپس اچي ويو. سنڌ واپسيءَ تي سردار محمد ابراهيم شيخ (1874-1924ع، خيرپور اسٽيٽ جي وزير اعظم جي معرفت سندس تقرري ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ جي حيثيت سان ٿي. هن ٻن سالن تائين، انتھائي محنت ۽ قانوني مھارت سان جج جي نوڪري ڪئي، پر سرڪاري نوڪري سندس مزاج جي خلاف هئي، تنھن ڪري هن پنھنجي جج واري عھدي تان استعيفيٰ ڏئي، حيدرآباد سنڌ ۾ اچي رھائش اختيار ڪئي ۽ غلام محمد خان ڀرڳڙي، بار-ايٽ لا وٽ قانون جي پريڪٽس ڪرڻ لڳو. بئريسٽر غلام محمد خان ڀرڳڙي (1878-1924) هڪ سنڌي سياستدان هو، جيڪو سنڌ جي اوائلي اڳواڻن مان هڪ هو. ڀرڳڙي صاحب جو تعلق انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ آل انڊيا مسلم ليگ سان هو. مسٽر نور محمد، ڀرڳڙي صاحب جي سرپرستيءَ ۾ سياست جون بنيادي حقيقتون سکيون. سندس تمام ويجهو رهيو ۽ هر سياسي ۽ عدالتي سرگرميءَ ۾ ساڻس گڏ رهيو. نور محمد ڪجهہ عرصو حيدرآباد بار جو سربراھہ رهيو. هو هڪ مشھور وڪيل هو ۽ معاشري ۾ هڪ مضبوط معاشي حيثيت جو مالڪ هو. هو چند مسلمان جي وڪيلن مان هڪ هو، جن پنھنجي وڪالت جي شعبي ۾ نالو ڪمايو. هو گهڻو ڪري غريب، مسڪين ماڻھن ۽ قومي مفاد جا ڪيس مفت وڙھندو هو.

خان بھادر جو لقب
سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتن جي ڪري، ھند سرڪار طرفان محترم نور محمد لاکير کي ”خان بھادر“ جي لقب سان نوازيو ويو، جيڪو انھن ڏينھن ۾ ھندستان جي مسلمانن لاءِ تمام وڏو اعزاز هو. البتہ اهو معلوم ٿي نہ سگهيو آهي تہ کيس اهو لقب ڪھڙي سال ۾ مليو.

ايڊيٽرشپ آف سنڌ مسلم
خلافت تحريڪ ۾ ڪم ڪندي انگريزي اخبار ”سنڌ مسلم“ شروع ڪيائين. هن سنڌي مسلمانن جي حالت زار تي ڪيترائي ايڊيٽوريل ۽ مضمون لکيا. هن اهو پليٽ فارم سنڌي مسلمانن جي مخالفن کي جواب ڏيڻ ۽ سنڌي مسلمانن خلاف ٿيندڙ سازشن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو. هن جي فطرت هئي تہ پڙهيل لکيل مسلمانن کي آمادہ ڪرڻ تہ هو غريبن جي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ ۾ مدد ڪن. نور محمد جيڪي بہ آرٽيڪل ۽ ڪالم لکيا، اهي ترتيب هيٺ اچي نہ سگهيا ۽ ھاڻي اڻ لڀ آهن. نور محمد ٻين اخبارن لاءِ بہ انگريزي ۽ سنڌي ڪالم لکيا، جيڪي پڻ وقت جي دز ۾ گم ٿي ويا. جيڪڏهن ان زماني ۾ سنڌ ايجوڪيشنل سوسائٽيءَ جا ڪي ڪارڪن انھن کي گڏ ڪن ھا تہ شايد محفوظ ٿي وڃن ھا. نور محمد الوحيد اخبار جي علمبردارن ۾ شامل هو ۽ ان لاءِ تمام گهڻو تعاون پڻ ڪيائين. هن ڪائونسل ۾ هڪ دفعو ٺھراءُ داخل ڪيو تہ الوحيد کي سرڪاري اشتھار ڏنا وڃن، ڇاڪاڻ تہ ان جي وڏي گردش آهي. هن چيو تہ ڇا حڪومت کي خبر آهي تہ ”الوحيد“ جو سرڪيوليشن 1000 کان وڌيڪ آهي ۽ جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ اهو پيپر سمورن سرڪاري پبليڪيشنز سان ڇو نہ ڏنو ويو؟

تعليمي خدمتون
نور محمد قومي خدمت جو جذبو رکندو هو، ان سلسلي ۾ هن ڪيترائي خير جا ڪم ڪيا، ليڪن تعليم جي حوالي سان هن تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو. اڄ هن جي سڃاڻپ سندس تعليمي خدمتن جي ڪري ئي زندھہ آهي. جيئن تہ انھن ڏينھن ۾ حيدرآباد اندر مسلمان ٻارن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ ڪو خاص جدا درسگاھہ ڪونہ هئو، نور محمد صاحب ان ڪمي کي شدت سان محسوس ڪندي 1924ع ۾ سنڌ مسلم تعليم ڪانفرنس سڏائي، جنھن ۾ سنڌي مسلمانن جي ٻارن لاءِ حيدرآباد ۾ ”مسلم ھاسٽل“ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪا 1925ع ۾ قائم ٿي. مسلمانن جي ٻارڙن جي مستقبل کي روشن بنائڻ لاءِ هن صاحب ان ھاسٽل جي هيٺين حصي ۾ اينگلو ورنيڪيولر ڪلاس ٽن درجن تائين پڙھائڻ جو انتظام بہ ڪيو، جن ۾ ٻين استادن سان گڏ پاڻ بہ پڙھائيندو هو. ڪجهہ وقت کان پوءِ هن صاحب سر غلام حسين هدايت الله جيڪو ان وقت بمبئي حڪومت ۾ وزير هو، تنھن جي تعاون سان حيدرآباد ۾ هڪ ھاءِ اسڪول جو بنياد رکيو. نور محمد لاکير اسڪول سان گڏوگڏ شاگردن جي رھائشي سھولتن لاءِ ۾ سنڌ ۾ ھاسٽل جو بنياد وڌو ۽ ساڳئي سال سيپٽمبر ۾ عمارت بلڪل تيار ٿي، جيڪا پھرين آڪٽوبر کان باقاعدہ استعمال هيٺ آئي. سندس افتتاح بمبئي جي تڏهوڪي گورنر ليسلي ولسن ڪيو هو، سندس قائم ڪيل اسڪول سندس وفات کانپوءِ نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد جي نالي سان سڏجڻ لڳو.

نور محمد جون سياسي خدمتون
محترم نور محمد لاکير سياسي طور عليڳڙھہ جي نرسريءَ مان نڪتل هو. ان کان سواءِ هن سياسي پختگي غلام محمد خان ڀرڳڙي جي هٿ هيٺ حاصل ڪئي. سندس بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل واري اليڪشن مھم ۾ سيد ڪامل شاھہ جو وڏو ڪردار هو. ان ڪري هن سنڌ جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌي مسلمانن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندڙ ويڙھاڪن مان هو ۽ بمبئيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرائڻ ۾ ڀرپور حصو ورتو. نور محمد لاکير حسن علي آفندي پاران قائم ڪيل، سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو سرگرم ميمبر هو، اھا هڪ نيم سياسي تنظيم هئي، جنھن سنڌي مسلمانن کي سندن سماجي، ثقافتي، مذهبي ۽ تعليمي مسئلن جي حل لاءِ پليٽ فارم مھيا ڪرڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو. 12 ڊسمبر 1927ع تي خانبھادر ولي محمد حسن علي جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو، جنھن ۾ مسلم اعليٰ تعليم جي سوال لاءِ هڪ اسڪيم تي غور ڪيو ويو ۽ بمبئيءَ جي گورنر وٽ جواب جو مسودو تيار ڪرڻ لاءِ، هڪ ڪميٽي جوڙي وئي، جنھن ۾ نور محمد M.L.C ميمبر هو. هو سنڌ محمڊن ائسوسيئيشن جي حيدرآباد شاخ جو ڪيترن ئي سالن تائين صدر رهيو.
1918ع ۾ سنڌ ۾ مسلم ليگ جو بنياد رکيو ويو ۽ ان جو پھريون اجلاس محترم نور محمد لاکير جي رھائشگاھہ تي ٿيو. 1919ع ۾ سنڌ ۾ خلافت تحريڪ شروع ٿي، جنھن ۾ محترم نور محمد لاکير اهم ڪردار ادا ڪيو. سياست ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سندس وڏي دلچسپي عوام جي ڀلائي لاءِ اقتدار حاصل ڪرڻ هئي، جنھن جي هن نمائندگي ڪئي. سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ کان ڌار ڪرائڻ ۾ محترم نور محمد جو بہ وڏو حصو هو. جڏهن 15 نومبر 1932ع تي ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ ٿي تہ سر شاھہ نواز ڀٽو صدر، ڪي. بي. ايوب کھڙو نائب صدر ۽ نور محمد کي جوائنٽ سيڪريٽري بڻايو ويو. هو ڪيترائي سال سيڪريٽري خلافت ڪميٽي حيدرآباد رهيو. جڏهن تہ ڪمشنر حيدرآباد کان جلسن، پلي ڪارڊن ۽ عوامي ميٽنگن جي اجازت طلب ڪندي مسٽر ڊبليو. سمارٽ، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد پنھنجي 16 مارچ 1920ع واري خط ۾ کيس لکيو تہ ”ضلعي مئجسٽريٽ حيدرآباد سيڪريٽري خلافت ڪميٽي حيدرآباد کي مبارڪون پيش ڪري ٿو ۽ گذارش ٿو ڪريان تہ ڪميٽي پاران 19 مارچ 1920ع تي ٻي وڳي کان اڳ فوري طور تي تفصيل سان گڏ ترتيب ڏنل پروگرام جي ڪاپي مھرباني ڪري کيس پيش ڪئي وڃي“.
مسٽر نور محمد ٻہ ڀيرا بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ان فورم تي مسلمانن جي جدوجھد جي فاتح جي حيثيت سان پنھنجي قابليت جو ثبوت ڏنائين. پھريون ڀيرو 1920ع ۾ حيدرآباد مان بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ٽن سالن لاءِ ميمبر چونڊيو ويو، جنھن دوران هن حيدرآباد جي عوام جي حقن جي جنگ وڙهي. جڏهن تہ ٻيھر وري سال 1923ع ۾ بہ سندس ڪيل قومي خدمتن جي بدلي ۾ حيدرآباد جي کيس عوام بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو. هن صاحب اٽڪل ڇھہ سال اسيمبلي ۾ سنڌي عوام جي نمائندگي ڪئي. هو صاحب سنڌ بمبئي کان ڌار صوبو ٿيڻ بعد سال 1927ع واري اليڪشن ۾ صوبائي اسيمبلي جو اميدوار هيو پر کيس سيد ميران محمد شاھہ هٿان شڪست ملي. سنڌ جي مسلم ميمبرن مان سڀ کان وڌيڪ متحرڪ هوندو هو، پر سياسي چالون نہ ڄاڻيندو هو، ان ڪري هن کي ٻيا سياستدان استعمال ڪري، ووٽ حاصل ڪري ويندا هئا، پر هيءُ پاڻ ڪڏهن بہ وزير ٿي نہ سگهيو. ان دور ۾ سنڌ جي سياست ۾ ٻہ گروپ هئا، هڪ سر شاهنواز ڀٽي جو ۽ ٻيو سر غلام حسين الله جو. نور محمد جيتوڻيڪ سر غلام حسين جي گروپ جو هو، پر سر شاهنواز ڀٽو سان بہ هن جا بھترين سياسي ۽ ذاتي ناتا هئا. اسيمبليءَ ۾ سندس سياست جو مرڪز ھندستان جي مسلمانن جي ٻڌي ۽ هم آهنگي هوندو هو. بمبئي ڪائونسل جي ميمبر جي حيثيت ۾ محمدايوب کھڙو، ابراهيم رحمت الله، سر شاهنواز ڀٽي ۽ احمد دهلوي ۽ ٻين سان تمام گهرا لاڳاپا هئا. انھن شخصيتن جا لکيل خط اسان وٽ ترتيب هيٺ آهن.
هن ڪڏهن بہ همت نہ ھاري ۽ ٽئين مدي واري اليڪشن ۾ سيد ميران محمد شاھہ هٿان ھارجي ويو، جيڪو کانئس جونيئر بہ هو تہ ان وقت گهٽ مقبول بہ هو. پنھنجي ھار کي عظيم اخلاقي فتح ۾ بدلائي پنھنجي زندگي سماج جي تعليمي ترقيءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. پير علي محمد شاھہ راشديءَ سندس اليڪشن ھارائڻ واري واقعي کي بھترين انداز ۾ پيش ڪندي لکيو آهي تہ ”نور محمد تازو حيدرآباد جي مسلمانن کي ھاءِ اسڪول وٺي ڏنو هو ۽ عوام ۾ ظاهري طرح سندس مقبوليت چوٽ چڙهيل هئي. اسان جو ميران محمد شاھہ ڏاڍو گهٻرايل هو. مشوري ۽ مدد لاءِ مون کي بہ گهرايائين. هڪ شام ڪچھري ٿي رهي هئي، ورڪر خراب خبرون آڻي رهيا هئا. شاھہ صاحب جي پيشانيءَ تي پگهر اچڻ لڳو هو، نماڻيون اکيون کڻي مون ڏانھن نھاريائين. مون وڏي همت سان چيس ”دلگير ٿيڻ جو ڪو بہ سبب نہ آهي. نور محمد اسڪول وٺي ڏئي مسلمان عوام تي احسان ڪيو آهي. هينئر اسان جا عوام پنھنجين روايتن ۽ عادتن موجب ضرور کيس ڪيرائي سندس ٿورو لاهيندا. تون فڪر نہ ڪر. آخر ۾ ڪاميابي تنھنجي ٿيندي.“ بروقت ٿورو مرڪي ويٺو، پر تسليٰ ڪانہ ٿيس. پاڻ کي سياستدان تہ سمجهيائين ٿي، پر پنھنجي ماڻھن جي نفسيات سمجهڻ تي خيال ڪو نہ ڏنو هئائين. آخر اليڪشن جو نتيجو نڪتو. منھنجو قياس صحيح ثابت ٿيو. ميران محمد شاھہ کٽيو، حيدرآبادين نور محمد کي ڪيرائي سندس اسڪول وارو ٿورو لاهي ڇڏيو. نور محمد ويچارو دل گرفتہ، بيمار پئجي، مھيني کن اندر، مورڳو مري ويو. مسلمانن جي بار کان پاڻ کي آجو ڪري ويو.“

وفات ۽ تدفين
محترم نور محمد لاکير، ڏينھن رات حيدرآباد جي عوام جي خدمت جي باوجود، اليڪشن جي ھارجڻ کان پوءِ ڪافي دلشڪستو ٿي پيو هو ۽ بيمار رهڻ لڳو هو. کيس بلڊ پريشر ۽ شگر جا عارضا اڳ ئي هئا، پر نور محمد اسڪول ۽ ھاسٽل جي ترقي واري جاکوڙ کيس وڌيڪ جهوري وڌو هو. سندس ذاتي معالج ان دور ۾ مشھور ڊاڪٽر ڪرنل ھال گٽ هو، جنھن سان هميشہ رابطي ۾ رھندو هو. جڏهن ڊاڪٽر ھال جي بدلي ڪراچيءَ ٿي وئي تہ کيس طبعيت ڏيکارڻ ڪراچيءَ ويندو هو. هو علاج خاطر ڪراچيءَ ويل هو، جتي ڪافي ڏينھن کان سندس طبعيت خراب هئي ۽ هو ڪراچيءَ ۾ پوليس ڪمشنر مولوي ضياءُ الدين جي گهر رهيل هو، جتي 22 آگسٽ 1937ع تي سندس وفات ٿي. اھا خبر باھہ وانگر ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شھرن تائين تمام تيزيءَ سان پکڙجي وئي. ڪراچيءَ جا نالي وارا سياستدان، تعليمدان، آفيسر ۽ ٻيا شھري هڪدم اسپتال پھچي ويا. انھن مان گهڻن جو خيال هو تہ کيس ڪراچيءَ ۾ دفن ڪيو وڃي، پر سندس وصيت موجب، حيدرآباد آندو ويو، جتي سندس جسم خاڪيءَ کي گهر کان ھاسٽل آندو ويو، ۽ سندس جنازي نماز ۾ ذات پات، مذهب، عقيدن کان مٿڀرو رھندي، وڏي تعداد ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي. سندس وصيت موجب کيس حيدرآباد سنڌ جي مسلم ھاسٽل جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو. سندس ٻي زال بہ سندس قبر سان گڏ دفن ٿيل آهي. مرڻ کان اڳ سندس خواهش هئي تہ هو حيدرآباد ۾ ”مسلم يونيورسٽي“ قائم ڪري، پر سندس اھا آخري تمنا پوري ٿي نہ سگهي. بھرحال، سندس قائم ڪيل اسڪول، هن وقت ڪاليج جي سطح تائين پھتل آهي، جتي ڊگري ڪلاس پڙھايا ويندا آهن.

هن ڪتاب جي ترتيب بابت
اڄ تائين سنڌ جي ٻن تعليمي ادارن جي ادبي ترقيءَ جي ڪردار جي حوالي سان پي.ايڇ. ڊيون ٿيون آهن. انھن ۾ هڪ عبدالجبار مغل صاحب ”ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد فار مين جو سنڌي ادب ۾ حصو“ هڪ بھترين ڪوشش آهي، جنھن ۾ هن ڪاليج جي قيام، سکيا جي طريقن، سرگرمين، انتظامي عھديدارن کان وٺي، هتي جي استادن ۽ شاگردن جي ادبي خدمتن جو جائزو ڏنو آهي. ٻي ٿيسز، ممتاز علي شاھہ صاحب ”سنڌ مدرستہ السلام جو سنڌ جي علمي ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو“ آهي. اھا ٿيسز 2022ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿي آهي. جڏهن تہ پروفيسر يعقوب چانڊيو جي ”ڊي جي نئشنل ڪاليج حيدرآباد جي حوالي سان پي. ايڇ. ڊي لاءِ رجسٽريشن ٿيل آهي. اهڙي طرح ڪي ٻيا ڪتاب جھڙوڪ ”شڪارپور اسڪول نمبر جي سو سالہ تاريخ جي حوالي سان اسپيشل نمبر، مدرسہ ھاءِ اسڪول نوشھروفيروز تي ترتيب ڏنل ڪتاب شايع ٿيل آهن. دادا سنڌيءَ جو ”سنڌ جا درسگاھہ“ (2004) ۽ غلام علي سانگي صاحب جو 2016ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي باري ۾: History of Education Talpur and British Period Larkana District شايع ٿيل آهي. سنڌ جي تعليمي تاريخ تي راقم الحروف جو پڻ ڪتاب ”اڻويھين صديءَ ۾ سنڌ جي تعليمي ترقي“ (2019ع) شايع ٿيل آهي، جنھن ۾ ان دور جي سمورن اسڪولن ۽ ڪاليجن جي کلڻ، سرڪاري پاليسين، تعليمي عملدارن، لائبريرين، رسالن ۽ مسئلن تي انتھائي تفصيل سان بحث ٿيل آهي. مون هڪ ڪتاب ڊي. جي ڪاليج جي تاريخ تي پڻ لکيو، جيڪو اشاعت هيٺ آهي. منھنجي نظر ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ ”اين. جي. وي اسڪول، ڪراچي“ کي وڏي اهميت حاصل آهي، ڇو تہ اهو سنڌ جي تاريخ جو پھريون سرڪاري اسڪول آهي، پر هن اسڪول تي، نہ ڪا پي.ايڇ.ڊي ٿي آهي، نہ وري ڪو ڪتاب ترتيب هيٺ آيو آهي. اهڙيءَ طرح نور محمد اسڪول، مدرسہ اسڪول نوشھرو فيروز، لارينس مدرسہ اسڪول، ٽنڊو باگو، ناز پائليٽ اسڪول خيرپور ۽ ٻيا بہ ڪيترائي اسڪول ۽ ڪاليج آهن، جن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. منھنجو هي موجودہ ڪتاب، نور محمد ھاءِ اسڪول ۽ سنڌ مسلم ھاسٽل جي باري ۾ ڪجهہ قدر تاريخي معلومات فراهم ڪري ٿو، اگر ڪو شاگرد يا ڪو ٻيو تحقيق ڪرڻ چاهيندو تہ ان کي ڪافي معلومات ملي ويندي.
جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي تہ نور محمد لاکير بابت تمام گهٽ لکيو ويو آهي ۽ جيڪو ڪجهہ لکيو ويو آهي ان ۾ ورجاءُ تمام گهڻو آهي. ان باوجود جيڪو مواد تلاش ڪيو ويو آهي، انھن کي ڇھن حصن ۾ ورھايو ويو. پھرين حصي ۾ ڪافي اهي مضون ڏنل آهن، جيڪي 1937ع ۾ الڪمال رسالي نور محمد لاکير جي وفات جي حوالي سان اسپيشل ايڊيشن جاري ڪرڻ وقت شايع ڪيا ويا هئا. ان کان علاوھ، ڪجهہ مضمون اسڪولي مخزنن تان ورتل نور محمد اسڪول جي استادن ۽ شاگردن جا لکيل آهن. جڏهن تہ ڪجهہ مضمون مختلف ڪتابن ۽ رسالن تان ورتل آهن. الڪمال رسالي جا سڀئي ليکڪ نالي واريون شخصيتون هئا، جن ۾ ڪمال الدين ميمڻ، جنھن ڪي. بي نور محمد تي الڪمال رسالي جو پورو ايڊيشن جاري ڪيو هو، سو سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جو ميمبر ۽ مسلم ادبي پرنٽنگ پريس حيدرآباد جو مالڪ هو. سنڌي ادب ۾ سندس بي بھا خدمتون آهن. سر غلام حسين هدايت الله، سنڌ جي تاريخ جو ناميارو سياستدان ۽ پھريون گورنر رهيو. سندس جنم شڪارپور ۾ ٿيو. ڪي.بي نور محمد سان سندس تمام ويجها تعلقات هئا. ٻين ۾ محمد ايوب خان کھڙو پڻ سنڌ جي تاريخ جو وڏو نالو آهي. هن جا پڻ نور محمد لاکير سان ويجها تعلقات هئا. اهڙيءَ طرح شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد ميران محمد شاھہ، شيخ عبدالحق، محمد صديق مسافر، مولوي دين محمد ۽ ٻيا شامل آهن، جن پنھنجي حياتيءَ ۾ نور محمد لاکير کي ڏٺو، پرکيو ۽ اکين ڏٺا مشاهدا قلمبند ڪيا. ڪجهہ مضمون مختلف ڪتابن تان کنيل آهن، جيڪي وڌيڪ معياري ۽ ڄاڻ ڀريا آهن، اهڙن مضمونن ۾ پير علي محمد راشدي، محمد امين مگسي، محمد موسى ڀٽو، عبدالستار ڀٽي ۽ ڪي ٻيا شامل آهن. جڏهن تہ ڪجهہ مضمون انگريزيءَ تان مون پاڻ ترجمو ڪيا آهن، جن ۾ محمد ھاشم گزدر، جمشيد نسروانجي مھتا، سيد نظر علي، قاضي محمد اڪبر ۽ ڪن ٻين جا مضمون شامل آهن. هتي اهو ٻڌائڻ بہ اهم آهي تہ ڪي ٻيا مضمون بہ مليا هئا، جيڪي يا تہ غير معياري هئا، يا پورا جو پورا ٻين جي مضمونن جي ڪاپي ٿيل هئا.
ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ نور محمد لاکير صاحب جي شخصيت ۽ خدمتن تي منظوم ڀيٽا طور عڪاسي ڪيل آهي. ان سلسلي ۾ محمد خان “غني”، مولوي دين محمد اديب فيروز شاهي، مخدوم محمد صالح ڀٽي، محمد يوسف متخلص (عاصي)، محمد عمر “اختر“ ھالائي ۽ محمد صديق مسافر جا تفصيلي شعر آهن. ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ نور محمد ھاءِ اسڪول، ۽ سنڌ مسلم ھاسٽل جي قيام، ترقي، مسئلن وغيره جي حوالي سان مختلف استادن ۽ ٻين شخصيتن جا مضمون شامل آهن، جن ۾ اسڪول ۽ ھاسٽل جي قيام کان اڳ سنڌ ايجوڪيشنل سوسائٽيءَ جون رپورٽون، سر غلام حسين هدايت الله جي اسڪول جي نئين عمارت تي ڪيل تقرير، نور محمد صاحب جو پنھنجو مضمون، غلام رباني بلوچ، ڊاڪٽر خادم لاکير، محمد حسن بوزدار،نور الدين غلام علي، الھہ بخش نظاماڻي پرنسيپال، شاھہ محمد بلوچ وغيره جا بھترين مضمون آهن. ڪتاب جي چوٿين حصي ۾ ڪجهہ تقريرون شامل ڪيون ويون آهن، جن ۾ نور محمد لاکير جي اليڪشن مھم دوران ڪيل تقرير ۽ مولانا حسرت موھاني جي گرفتاري تي ڪيل تقرير شامل آهي.
ڪتاب جي پنجين حصي ۾ ڪجهہ خط شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي ان دور جي مختلف مشھور شخصيتن نور محمد لاکير ڏانھن لکيا آهن، جن ۾ سکر جي مشھور شخصيت قادر داد، مشھور شاعر محمد ھاشم مخلص، ٽنڊي باگي ۾ لارينس مدرسہ اسڪول جو باني مير غلام محمد ٽالپر، نور محمد جو والد محمد سجاول، عبدا لله ھارون ۽ ٻين جا آهن. ڪتاب جي ڇهين حصي ۾ اردو جا ٽي اهم مضمون آهن، جن ۾ پھريون نواب احمد خانزادہ جو آهي، جيڪو دراصل نور محمد صاحب جي گهرواريءَ جي انٽرويو جي آڌار تي لکيل آهي ۽ ٻيو مضمون ايم. ايف. افضل جو لکيل آهي، جيڪو نور محمد ھاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر رهيو هو.
مجموعي طور تي، نور محمد لاکير جي سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتن تي هيءُ پھريون ۽ بنيادي ڪتاب آهي، جنھن ۾ گهڻي حد تائين سندس مڙني پاسن تي ڪافي معلومات ملي ٿي. هيءُ ڪتاب، هڪڙي طرح سان سنڌ جي هن عظيم اڳواڻ جي شخصيت ۽ خدمتن تي هڪ قسم جو خراج تحسين آهي، جنھن ۾ اسان جو مقصد آهي تہ سندس خدمتن کي اجاگر ڪيون ۽ نئين نسل کي سندس زندگيءَ جي جدوجھد ۽ خدمتن کان واقف ڪرايون. ڪجهہ مضمون ڀرپور تہ ڪي مضمون سطحي آهن. بھرحال جيڪو مواد جيئن مليو، ان کي اهڙي نموني توھان تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسان جي ادارن کي گهرجي تہ شخصيتن، جن پنھنجو رت ۽ ست ڏئي تعليمي ادارا برپا ڪيا، جھڙوڪ حسن علي آفندي، نور محمد لاکير، ڏيارام گدومل، ڏيارام ڄيٺمل، سيد الھندو شاھہ، خانبھادر مير غلام محمد خان ٽالپر، شمس الدين “بلبل“، بئريسٽر حسن علي عبدالرحمان وغيره تي تحقيق ڪري الڳ ڪتاب شايع ڪرايا وڃن.
منھنجي هن ننڍڙي ڪوشش ۾ نالي وارو اديب منصور قادر جوڻيجو جا ڏنل خط شامل آهن، جيڪي هن ميڊم حميدہ کھڙي جي ذاتي ڪليڪشن مان ڪڍي ڏنا. خطن جي سلسلي ۾ عرض آهي تہ ڪجهہ خطن ۾ نالا ۽ ڪجهہ لفظ ڦاٽل هئڻ سبب پڙهجي نہ سگهيا. ان کان علاوھ، ادب دوست بشير هيسباڻي، محقق نياز سرڪي، اديب ۽ عالم دين ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو ۽ حافظ احمد انڍڙ، ڊاڪٽر خادم لاکير، سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ جو لائبريرين عامر علي ڀٽي، نور محمد ھاءِ اسڪول جو استاد غلام سرور دل جو وڏو هٿ آهي، جن نور محمد لاکير تي مواد تلاش ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي. ڪتاب جي ڪمپوزنگ جي سلسلي ۾ اقبال ابڙي جون مھربانيون ۽ پروف ريڊنگ جي سلسلي ۾ محب لغاري جون مھربانيون آهن. سائين پروفيسر اعجاز احمد قريشي صاحب جي صلاح مشورن کي بہ وساري نہ ٿو سگهجي. اديب دوست رحمت پيرزادي جون بہ خصوصي مھربانيون، جنھن ڪتاب جي اشاعت ۾ مدد ڪئي. مان دلي طور نور محمد ھاءِ اسڪول جي موجودہ هيڊ ماستر محمد طاهر مغل جو ٿورائتو آهيان، جنھن سان جڏهن نور محمد لاکير صاحب جي باري ۾ ترتيب ڏنل مختلف ڪتابن جو ذڪر ڪيم تہ هن تمام فراخدلي ۽ خوشيءَ جو اظھار ڪيو تہ سنڌي مضمونن وارو ڪتاب، نور محمد ھاءِ اسڪول طرفان شايع ٿيڻ گهرجي. مون سندس راءِ ۽ خلوص جو احترام ڪندي، ڪتاب جو مسودو سندس حوالي ڪري ڇڏيو. مان دلي طور اسڪول جي سموري اسٽاف جو شڪرگذار آهيان. مون کي اميد آهي تہ هن ڪتاب جي اشاعت سان سنڌ جي تاريخي تعليمي ادارن تي تحقيق ڪرڻ جي اتساھہ ۾ اضافو ٿيندو.
جيئن مٿي ذڪر ويو آهي تہ نور محمد صاحب تي ٽن ڪتابن جي ترتيب جو ڪم جاري آهي، جنھن مان پھريون ڪتاب اوھان جي هٿن ۾ آهي، ٻيو انگريزيءَ ۾ لکيل سندس تعليمي رپورٽ آهي ۽ ٽيون ڪتاب هن جا لکيل انگريزي خط يا ڏانھنس لکيل خطن تي مبني آهن. اهي ڪتاب بہ انشا الله ترتيبوار شايع ڪرايا ويندا. ان کان علاوھ، سندس ڪي مضمون سنڌ مسلم اخبار ۾ شايع ٿيل هئا، ڪي الوحيد ۽ ٻين اخبارن ۾ هئا. سندس ڪي تقريرون پڻ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل هيون. ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سندس ڪيل تقريرون پڻ اهم آهن. هينئر اهو مواد اڻ لڀ ٿي پيو آهي. بھتر ٿئي ھا تہ پنھنجي دور ۾ سنڌ مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي مان ڪو سندس باري ڪو ڪتاب ۽ سندس لکيل مواد کي سھيڙي ھا، پر اهو ٿي نہ سگهيو. هن ڪتاب ۾ آيل ڪمين ڪوتاهين کي معاف ڪري، هڪ قسم جو ”ٽوڪن آف لوِ“ سمجهي قبول ڪندا.

مختيار احمد ملاح
ڪراچي

مضمون

---

مسٽر نور محمد جي صلاحيتن جو اعتراف: آءِ. عبدالله، عليڳڙھہ

مسٽر نور محمد، بي.اي 1907ع کان منھنجو واقف آهي، جڏهن هن ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئي. هن 1910ع ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ 1911ع ۾ ايل ايل بي (پريويس) جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيو. هو بھترين اخلاقي ڪردار جو سڀ کان وڌيڪ متحرڪ نوجوان آهي. مون ڪاليج جي تمام ٿورن گريجوئيٽس کي ايترو سرگرم ڏٺو آهي، جيترو هو آهي. هن جي ڪاليج جي ڪيريئر دوران هن اداري سان ڳنڍيل هر شيءِ ۾ ڀرپور حصو ورتو آهي. ڪاليج جي ڪئلينڊر مان ظاهر ٿئي ٿو تہ هو ڪلاس مانيٽر، سيڊن يونين جي چونڊ ڪميٽي جو ميمبر، شيڪسپيئر سوسائٽي جو سيڪريٽري ۽ خدمت سوسائٽي جو ميمبر رهيو آهي. انھن سڀني ۾، مان اعتماد سان چئي سگهان ٿو تہ هن ڪاليج جي اختيارين جي اعتماد، ۽ اطمينان سان ڀرپور ٿي ڪم ڪيو آهي.
مان پڻ چاهيان ٿو تہ هن عورتن جي تعليم لاءِ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن انھن جي تمام گهڻي ساراھہ ڪريان. ٻہ ڀيرا، هن گرلز نارمل اسڪول عليڳڙھہ لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ وفدن جي ڪاميابيءَ سان اڳواڻي ڪئي ۽ ڪراچي، امرتسر، رنگون ۽ ناگپور ۾ منعقد ٿيل آل انڊيا ليڊيز آرٽس نمائش جو سيڪريٽري بہ رهيو. انھن مان ڪيترن ئي هنڌن تي، مخالفتن جي باوجود جناب نور محمد صاحب پنھنجو ڪم اهڙي ڪاميابيءَ سان سرانجام ڏنو جو آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ايسوسيئيشن جي ڪانفرنسن جي ڪاررواين ۽ ڇپيل رپورٽن ۾ سندس ذڪر طمطراق انداز سان ڪيو ويو. انھن خدمتن جي اعتراف ۾ شاگرد هجڻ جي باوجود کيس محمدن فيميل ايجوڪيشن ايسوسيئيشن، عليڳڙھہ جو ميمبر چونڊيو ويو، جيڪا ھندستان جي روشن خيال مسلمانن جي تنظيم تي مشتمل هئي.
اسان جي ڪاليج اسڪول ۾ هڪ استاد جي حيثيت سان هن تمام ڪارائتو ڪم ڪيو آهي ۽ مان ان راءِ تي پختو آهيان تہ هن قسم جي استادن جي اسان جي ڪميونٽي ۾ تمام گهڻي ضرورت آهي. حقيقت ۾ مون کي يقين آهي تہ هو اگر ڪنھن بہ قطار ۾ داخل ٿيندو چمڪندڙ ستارو بڻجي پوندو. هن پنھنجي مرضيءَ سان عليڳڙھہ ڪاليج جي اسڪول جي عھدي تان استعيفيٰ ڏني آهي. سندس وڃڻ سان اسڪول کي وڏو نقصان پھتو آهي.

(1915ع ۾ عليڳڙھہ جي فيميل ايجوڪيشن جي سربراھہ جي خط جو سنڌي ترجمو)

مسٽر نور محمد هڪ عجيب شخصيت: سر غلام حسين هدايت الله

مسٽر نور محمد جي ناگھاني ۽ بي وقتائي وفات سندس دوستن ۽ چاهيندڙن جي وسيع جماعت لاءِ تمام سخت ۽ اوچتي صدمي جو باعث بڻي آهي ۽ نہ فقط سندس عزيزن قريبن بلڪہ عام ماڻھن لاءِ پڻ افسوسناڪ نقصان آهي جنھن تي سڄي سنڌ سخت افسوس ڪري رهي آهي.
مسٽر نور محمد پنھنجي لياقتن ۾ هرفن مولا ۽ ڪيترين مشغولين ۽ تحريڪن سان وابستہ هو. هو عليڳڙھہ يونيورسٽيءَ جو ڊبل گرئجوئيٽ هو. حيدرآباد ۾ ڪجهہ وقت وڪالت ڪرڻ بعد پبلڪ ليڊر بڻيو ۽ بمبئي قاعدي ساز ڪائونسل جو ميمبر منتخب ڪيو ويو. ڪيترا سال سانده ميمبر ٿي رهيو ۽ ڪائونسل جي ڪاررواين ۾ نمايان بھرو وٺي چڱو نالو ڪمايائين. مگر جنھن ڪم لاءِ کيس سموري زندگيءَ ۾ ۽ خاص طرح پوئين وقت ۾ دلي شوق هو، سو هو سنڌ ۾ تعليم جو مسئلو، جنھن لاءِ هو آخرين دم تائين جدوجھد ڪندو رهيو. حيدرآباد جي سرڪاري ھاءِ اسڪول جو مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ کي منتقل ٿيڻ، هن صاحب جي ڪوشش جو نتيجو هو. هو مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جو نہ فقط سيڪريٽري هو بلڪہ ان جي جان ۽ جسم هو. انھيءَ درسگاھہ سوسائٽيءَ کي بدلي ٿي ملڻ کان پوءِ جيڪا ترقي ڪئي آهي سا سموري سندس پرجوش ڪوشش جو نتيجو آهي.
صوبي سنڌ جي عظيم تعليمي مسئلن ۾ ميان نور محمد جون خدمتون ڪنھن بہ غرض کان سواءِ شوق تي مبني هيون، مسٽر نور محمد هڪ عجيب شخصيت ۽ دل ۽ دماغ جي بھترين خوبين جو مالڪ هو. جيڪي بہ سندس آشنا ٿيندا هئا، تن تي هو گهرو اثر پيدا ڪندو هو ۽ هنن کي سندس لاءِ عزت ۽ محبت پيدا ٿيندي هئي.
مرحوم اسان سڀني جي قريب ۽ پيارو هو. سندس بي وقتائتي وفات تي سڄي سنڌ ۾ افسوس ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو نقصان سڄي سنڌ پوري طرح محسوس ڪري رهي آهي. حيدرآباد ھاءِ اسڪول ۽ ھاسٽل سندس دائمي يادگار رھندا. حياتيءَ ۾ مرحوم جي اھا هڪ تمنا هئي تہ سندس آخرين آرامگاھہ سندس خدمتن جي سرزمين ۾ بنايو وڃي، جا تمنا واقعي پوري ٿي. هي بلڪل مناسب ۽ شايان شان هو تہ جنھن سر زمين تي مرحوم سانده سال جان توڙ محنتون ڪيون اتي سندس ٿڪل جسم کي آرام ڏنو وڃي. ڌڻي شل سندس روح کي راحت بخشي. هن چڱي طرح ۽ سخت پيرايہ ۾ آئيندہ نسل لاءِ ڪشالا ڪوششون ڪيون ۽ ھاڻي آرامي آهي، جن جي خدمت ۾ مرحوم پنھنجي حياتي وقف ڪئي تن جي دلين ۾ سندس ياد هميشہ تازي رھندي. اگرچہ بظاهر هو اسان کان دور آهي تاهم هو روحاني طرح هميشہ اسان سان گڏ رھندو.

(الڪمال رسالو، ايڊيٽر ڪمال الدين ميمڻ، 12 سيپٽمبر 1937ع، حيدرآباد ۾ آيل انگريزي مضمون جو ترجمو)

هڪ عظيم قومي نقصان!: محمد ايوب خان کھڙو

مسٽر نور محمد سجاول بي. اي؛ ايل. ايل.بي، هڪ ايماندار، راست باز، مخلص ۽ بي غرض معزز شھر واسي هو، جنھن کي مسلم نوجوانن جي تعليم لاءِ خاص محبت هئي. انھيءَ مقصد لاءِ هن صاحب جيڪي خدمتون ڪيون خصوصاً جنھن جنبش ۽ صبر سان مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي حيدرآباد لاءِ بورڊنگ ھائوس ۽ ھاءِ اسڪول حاصل ڪرڻ ۾ هن ڪم ڪيو سي ڪڏهن بہ فراموش ٿي نہ سگهنديون. مسٽر نور محمد مسلمانان سنڌ ۽ خاص طرح حيدرآباد ضلعي جي مسلمانن جي هيءَ لاثاني خدمت ڪئي.
1923ع ۾ جڏهن هو صاحب ۽ مان بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل تي منتخب ڪيا وياسين تڏهن کان وٺي مان شخصي طرح هڪ قريبي دوست جي حيثيت ۾ سندس واقف ٿيس. هو بيخوف ۽ مخلص ڪارڪن هو ۽ سنڌ جي باشندن جي بھتري لاءِ انتھا ڪوششون ڪيائين. سندس تاليف ڪيل ڪتاب، ”سنڌ ۾ مسلمانن جي تعليم جي تاريخ“ جو ھارٽاگ ڪميٽيءَ لاءِ قلمبند ڪيو هئائين. سو تعليم جي مسئلي تي فاضلانہ دسترس رکڻ ۾ سندس قابليت ۽ لياقت جو ثبوت هو.
تحقيق اھا ڏک جي حقيقت هئي جو حيدرآباد جي مسلمانن هن صاحب جي لياقت جو گهڻو قدر نہ ڪيو، جنھن ڪري هو 1930ع ۽ 1937ع جي چونڊن ۾ ناڪامياب ٿيو.
مسٽر نور محمد جو موت هڪ عظيم قومي نقصان سمجهيو ويندو ۽ سنڌ جي سڀني ذهين ۽ سڀني تعليم يافتہ مسلمانن ۾ ان تي ڏک ڪيو ويندو. مرحوم بيش بھا قومي هستي هو، جا اسان هميشہ لاءِ وڃائي ويٺا آهيون. سنڌ جي مسلمانن جي هيءَ واقعي بدقسمتي آهي جو مسٽر نور محمد جي قبل از وقت وفات اهڙي وقت ٿي آهي جڏهن هن جي سخت ضرورت هئي.

مسٽر نور محمد جون قومي خدمتون: شيخ عبدالمجيد سنڌي

مسٽر نور محمد وڪيل سان منھنجي سڀ کان پھرين ملاقات 1919ع ۾ نظر بنديءَ مان آزاد ٿيڻ بعد ٿي. مرحوم ان وقت حيدرآباد سنڌ ۾ پنھنجو وڪالت جو ڌنڌو مس شروع ڪيو هو. هو غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جو گهاٽو دوست هو. انھيءَ زماني ۾ خلافت تحريڪ جي خلاف ڪن مولوين ۽ پيرن جي صحيحن سان هڪ رسالو نڪتو هو جنھن جو مقصد هيءَ هو تہ خلافت عثمانيہ سان مسلمانن جو ڪو تعلق ڪونھي. انھيءَ تحريڪ جي خراب نتيجن ۽ اثرن کي روڪڻ لاءِ مرحوم نور محمد خوب بھرو ورتو.
الحق پريس مان ”سنڌ مسلم“ نالي هڪ اخبار مرحوم نور محمد جي ڪوشش سان انگريزي ٻوليءَ ۾ جاري ٿي هئي، جنھن جو سمورو ڪم نور محمد پاڻ ڪندو هو. انھيءَ اخبار جي ذريعي مخالفين خلافت جي حرڪتن ۽ منصوبن کان مسلم قوم کي آگاھہ ڪيو ويندو هو ۽ اهڙيءَ طرح ساري ھندستان ۾ سڀ کان اول سنڌ ۾ خلافت ڪميٽي برپا ٿي. مرحوم انھن ماڻھن مان هو جن جي مشوري سان الوحيد اخبار جو بنياد وڌو ويو.
مون کي چڱي طرح ياد آهي تہ جڏهن احمد آباد ۾ ستيا گره هلچل جاري ٿي ۽ رولٽ ايڪٽ جي خلاف سموري ھندستان ۾ هڙتال ٿي، تڏهن سنڌ سرڪار حيدرآباد سنڌ ۾ هڙتال ڪرائڻ جي شڪ ۾ ڪن معزز اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ۽ انھن جي گهرن جون تلاشيون ورتيون. مرحوم نور محمد بہ انھن مان هڪ هو جنھن جي آفيس جي تلاشي ورتي ويئي هئي. اهو سچ آهي تہ مرحوم نور محمد ڪنھن قدر نرم خيال مسلم اڳواڻ هو، تنھنڪري خلافت تحريڪ ۾ حصو نہ وٺي سگهيو، پر هن جي دل ۾ خلافت جي برباد ٿي وڃڻ بابت ساڳيو ئي درد هو جو ٻين عام ۽ خاص مسلمانن جي دلين ۾ هو.
جنھن جاءِ ۾ هن وقت مسلم بورڊنگ ھائوس آهي تنھن کي هٿ ڪرڻ جو خيال مرحوم ڀرڳڙيءَ کي بہ هو، پر مرحوم ڀرڳڙيءَ سان زندگيءَ وفا نہ ڪئي ۽ اهو سھرو مرحوم نور محمد جي مقدر ۾ لکيل هو. مرحوم نور محمد بمبئيءَ ليجسليٽو ڪائونسل جي ميمبري واري زماني ۾ بورڊنگ ھائوس سان گڏ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول کي پنھنجي سوسائٽيءَ جي نگرانيءَ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ خدا جو شان آهي جو اھا ڪوشش تڏهن وڃي بار آور ٿي جڏهن هو ڪائونسل جي ميمبري هٿان وڃائي ويٺو هو. اسڪول ۽ بورڊنگ ھائوس کي قائم رکڻ واسطي هن سڀ ڪجهہ قربان ڪيو ۽ پاڻ کي سچو پچو فقير بڻائي ڇڏيو. هن جي انتقال سان جا جاءِ خالي ٿي آهي تنھن کي ٻيو ڪوبہ ڀرڻ وارو ڪونہ آهي. شال خدا کيس جنت نصيب ڪري ۽ مسلم قوم کي توفيق بخشي، جو هن جي ڪم کي تڪميل جي درجي تي پھچائي! منھنجي دل گهڻو ئي ڪجهہ لکڻ گهري ٿي، پر ڏينھن رات مصروف آهيان ۽ مٿئين مضمون تي ڪفايت ڪريان ٿو.

(رسالو الڪمال، ايڊيٽر ڪمال الدين ميمڻ، 12 سيپٽمبر 1937ع، حيدرآباد تان ورتل)

شمع تعليم جو پروانو مسٽر نور محمد: سيد ميران محمد شاھہ

منھنجي مسٽر نور محمد سان واقفيت گھري نموني سال 1924ع ۾ ٿي جڏهن هن اعليٰ پيماني تي تعليمي ڪانفرنس زير صدارت صاحبزادہ آفتاب احمد صاحب ۽ سر ابراهيم رحمت الله جي هومسٽيڊ ھال ۾ گهرائي هئي، انھي ڪانفرنس جو آءٌ بہ جوائنٽ سيڪريٽري هوس ۽ انھيءَ مان مون پھريائين پبلڪ اسپرٽ ۽ عام مجموعن جي منتظم ڪرڻ جو سبق پرايو.
ان کان پوءِ مسلم بورڊنگ ھائوس هٿ ڪيائين، جنھن ۾ هڪ مڊل اسڪول جاري ڪيائين. ان کان بعد ھاڻوڪو ھاءِ اسڪول سرڪار کان وٺي، موجودہ عاليشان عمارت جوڙايائين، جنھن جي حاصل ڪرڻ ۽ ٺھرائڻ ۾ هن کي هزار تڪليفون ۽ مشڪلاتون پيش آيون، پر هن جي اڻ ٿڪ ڪوشش جو اهو نتيجو نڪتو جو اڄ اسان جي اڳيان اهو اسڪول ۽ عمارت سندس يادگار جي صورت ۾ پيش آهي. مسلمانان حيدرآباد ۽ سنڌ جو فرض آهي تہ مسٽر نور محمد جي محنتن جي نتيجي کي قائم رکن، جنھن ۾ مرحوم جي روح کي فرحت ايندي ۽ مسلمانن جي گهر ۾ تعليم جي شمع دئما روشن رھندي.
وڌيڪ منھنجو خيال آهي تہ مسٽر نور محمد جي يادگار ۾ هڪ فنڊ قائم ڪيو وڃي، جنھن مان غريب شاگردن کي فري بورڊنگ توڻي فري اسڪالرشپ ڏنيون وڃن. آءٌ ڀايان ٿو تہ هن تجويز جھڙي ٻي ڪابہ تجويز مسٽر نور محمد جي روح کي فرحت نہ بخشيندي.
ان کان سواءِ منھنجو خيال آهي تہ مسٽر نور محمد جي تفصيلوار سوانح عمري لکڻ لاءِ هڪ انعام رکيو وڃي ۽ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي وڃي جا بھترين لکيل ڪتاب جي مصنف کي اهو انعام ڏياري ۽ يادگار فنڊ مان اهو ڪتاب ڇپائي هر هڪ شاگرد کي ڏنو وڃي تہ ياد ڪري ان مان مرحوم جي ياد هڪ طرف تازي رھندي ۽ شاگردن کي هن جي حياتيءَ مان قومي خدمت ۽ ايثار جو سبق ملندو رھندو. اميد آهي تہ حيدرآباد ۾ اچي دوستن سان صلاح ڪري اھا تحريڪ جاري ڪندس.

مسلمانن جي تعليم جو سچو سپاهي: محمد ھاشم گزدر

سنڌ ۾ اسلام جي هر هڪ سچي فرزند مسٽر نور محمد سجاول سابق ايم.ايل.سي جي ناگھاني ۽ پر الم وفات تي ماتم ڪرڻ گهرجي. هو سچو سپاهي هو، جنھن مسلمانن جي تعليم لاءِ مسلسل ڪوششون ڪيون. انھيءَ چاھہ ۽ جذبي، مسلم قوم مان جھالت دور ڪرڻ جي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ کيس جنون ڏيئي ڇڏيو. خداوند تعاليٰ کان منھنجي دعا آهي تہ مرحوم جي روح تي رحم ۽ رحمت نازل ڪري!.

مسٽر نور محمد: جمشيد نسروانجي مھتا

مسٽر نور محمد جو نالو سندس مختلف خدمتن جي طفيل هميشہ ياد رھندو. مرحوم هر ڪنھن ڪارآمد ۽ ترقي پذير مھم ۾ دلچسپي رکندو هو. مسلم ھاءِ اسڪول جنھن سان هو نھايت محبت سان متراسط هر سندس خدمتن جو تواريخي يادگار آهي، ۽ انھيءَ درسگاھہ کي هر ڪا ممڪن مدد ڏيڻ سان ئي مرحوم جو يادگار سچائيءَ سان قائم رکي سگهجي ٿو. مرحوم جنھن وقت خاموشي ۽ آرام سان دم ڏنو ان وقت آخرين طور الوداع ڪندڙ ۾ آءٌ بہ شريڪ هوس. آءٌ هميشہ کيس شڪر گذاريءَ سان ياد ڪندو رھندس. شل مالڪ سندس روح کي آرام ۾ رکي.!

(الڪمال رسالو، ايڊيٽر ڪمال الدين ميمڻ، 12 سيپٽمبر 1937ع، حيدرآباد ۾ آيل انگريزي مضمون جو ترجمو)

سنڌ جي تعليم جي سڌاريندڙ ميان نور محمد وڪيل جي وفات: محمد صديق ميمڻ

مسٽر نور محمد اهڙو انسان هو، جنھن کي قوم جي مرض جي پوري شناس هوندي هئي. هن صاحب انھيءَ مرض جو اهو علاج ڳولي ڪڍيو جو اڪسير کان گهٽ نہ آهي. تعليم جي پکيڙڻ ۾ هو رات ڏينھن ڪوشان هوندو هو ۽ اهو ئي خيال هوندو هوس تہ ٻھراڙي وارن کي ڪيئن تعليم جي روشنائيءَ سان روشن ڪريان جو هو شھر وارن سان گڏجي، هم رفيق ٿي ساڳئي خيال ۽ مقصد سان ترقيءَ جي شاهراه تي رھہ روان ٿين. مرحوم سنڌ جي لاءِ اهو ڪم ڪيو آهي، جو ميان حسن علي آفندي، ديوان نولراءِ، ديوان هيرانند، سيد الھندو شاھہ، ديوان ڏيارام، سردار قادر داد خان، ۽ سرڳواسي ديوان ڪوڙو مل ڪيو. مرحوم پنھنجا ڌنڌا ڌاڙي سڀ ڦٽا ڪري مجنون وانگر تعليم جي محبت ۾ پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيو. پنھنجي جائداد ۽ مال ملڪيت قوم جي اڀارڻ ۾ اڏائي ڇڏيائين. سندس مختصر سوانح ڏجي ٿي، جنھن مان پتو پوندو تہ ڪيئن هن پاڻ ترقي ڪئي ۽ ٻين ڀائرن جي خدمت ۾ پنھنجي حياتي صرف ڪئي.
ميان نور محمد اصل ڳوٺ چڪرو تعلقو لب درياھہ جو ويٺل هو. سندس پيءُ ماستر محمد سجاول هڪڙو نھايت ڪفائتي ۽ سانگ صرفي سان هلندڙ سفيد پوش اسڪول ماستر هو. جڏهن سندس بدلي ڪڪڙ ۾ ٿي، تڏهن اتي جي ڳوٺ جمع لاکير ۾ گهر ٻار ڪري ويٺو. ڇاڪاڻ جو اتي سندس هم قوم لاکيرن جو وڏو راڄ رھندڙ هو ۽ ويجهي عزازت بہ هيس. ميان محمد سجاول پينشن وٺڻ کان پوءِ بہ پنھنجي باقي حياتي انھيءَ ڳوٺ جمع لاکير ۾ گذاري ۽ اتي رھندو هو ۽ مٽي مائٽي بہ اتي هين. پينشن وٺڻ کان پوءِ بہ پنھنجي حياتي اتي گذاري ۽ اتي ڳچ جيتري زرعي زمين بہ هٿ ڪيائين، جنھن جو کاتو کانئس پوءِ سندس فرزند مسٽر نور محمد جي نالي قائم ٿيو.
ميان نور محمد ابتدائي تعليم جا چار ئي درجا پنھنجي پيءُ وٽ پڙهيو هو، اهو سارو وقت پنھنجي پيءُ جي علمي ۽ اخلاقي اثر هيٺ ئي گذاريو هئائين. انگريزي پھرين درجي کان ستين درجي تائين سنڌ مدرسہ الاسلام ۾ تعليم وٺي علمي ذوق شوق ۽ همدريءَ سان شرشار ٿي سردار محمد يعقوب جھڙي سچي، همدرد ۽ نيڪ بزرگ جي ڪوشش سان مير علي مراد اسڪالرشپ وٺي عليڳڙھہ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم وٺڻ لاءِ ويو، جتان بي.اي.، ايل.ايل. بي پاس ڪري پنھنجي دوست محمود علي بيگ سان گڏجي حيدرآباد دکن وڪالت ڪرڻ ويو.
ميان نور محمد پھرين شادي پنھنجي عزارت مان ڪئي هئي، جنھن مان هڪ نياڻي ڄايس. ٻي شادي دکن ۾ مسٽر محمود علي بيگ پنھنجي عزارت مان ڪرايس، جنھن مان بہ کيس هڪ نياڻي ڄائي. ميان نور محمد کي حيدرآباد دکن جي هوا ڀاءِ نہ پئي تنھن ڪري حيدرآباد سنڌ ۾ آيو ۽ جلد ئي خيرپور رياست ۾ ريزيڊنٽ ۽ جج مقرر ٿيو. ٻہ سال کن رهڻ کان پوءِ اھا نوڪري ڇڏي حيدرآباد آيو ۽ رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جو مسلم قوم جو خيرخواھہ ۽ سچو همدرد ۽ سچو هڏ ڏوکي هو، تنھن ميان نور محمد کي پاڻ سان پنھنجي فرم ۾ همراه ڪيو، جتي هن وڪالت ۾ چڱو نالو ڪڍيو ۽ پاڻ ڀرڳڙي صاحب جو سچو پچو ٻانھن ٻيلي ثابت ڪيو.
وڪالت ڪندي بہ قوم جي تعليمي خدمت بجاءِ آڻڻ جا پھہ پچائيندو آيو ۽ ڏهن ٻارهن سالن جي غور، فڪر ۽ صلاح مشورن جو نتيجو حيدرآباد سنڌ جي سال 1924ع واري سنڌ مسلم تعليمي ڪانفرسن جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو. اھا ڪانفرنس عليڳڙھہ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر شھزاه آفتاب احمد صاحب جي زير صدارت ٿي هئي، جنھن ۾ سنڌ جي مسلمانن جي تعليم ترقي ۽ سڌاري لاءِ ٺھراءَ پاس ٿيا هئا، تن مان مکيہ ٺھراءُ هو حيدرآباد ۾ مسلم ھاسٽل ۽ ھاءِ اسڪول قائم ڪرڻ.
ان کان پوءِ ميان نور محمد تعليمي ڪانفرنس جي ٺھراءَ کي عملي جامي پھرائڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو ۽ ان جي سرانجامي جو سھرو بہ سندس سر تي سونھين ٿو جو گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مان ڦري ”حيدرآباد ھاءِ اسڪول“ ڪيو ويو. حيدرآباد ھاءِ اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ معزز مسلمانن جو بورڊ مقرر ٿيو جنھن جو جنرل سيڪريٽري نور محمد ٿيو. تنھن کان پوءِ تہ وڪالت جو ڌنڌو ترڪ ڪري رات ڏينھن مسلم ھاسٽل ۽ اسڪول جي ترقي لاءِ مسلمان شاگردن کي وڌيڪ اسڪالرشپون وٺي ڏيڻ ۾، ۽ اسڪول کي گرانٽ وٺي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو.
1923ع ۾ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر هو اتي بہ سٺيون تقريرون ڪري پنھنجو نالو ڪڍيائين ۽ نڪاحن جي تڪرارن کان متاثر ٿي شادين جي داخلا جو بل پيش ڪيائين.
خيرپور ۾ ولنگڊن اسپتال کلڻ جي موقعي تي ساراھہ جوڳي تقرير ڪيائين.
ھارٽاگ ڪميٽي کي پيش ڪيل مسلمانن جي تعليمي تاريخ تي سندس رپورٽ مان سندس علميت فاضلانہ فضليت ظاهر ٿي.
مطلب تہ ميان نور محمد قوم جي ترقيءَ ۾ تڙپندو رهيو ۽ انھيءَ تڙپ جي ڪري سندس خون ۾ جوش جي بيماري ٿي پئي ۽ تاريخ 22 آگسٽ 1937ع ۾ رحلت ڪيائين ۽ سندس دفن سندس وصيت موجب مسلم ھاسٽل حيدرآباد ۾ ڪيو ويو. خدا تعاليٰ کيس پنھنجي رحمت جي آغوش ۾ رکي.

(اخبار تعليم، ٽريننگ ڪاليج فار مين، حيدرآباد، 6 سيپٽمبر 1937ع تان ورتل)

آه ! مسٽر نور محمد: محمد صديق مسافر

مسٽر نور محمد بي. اي، ايل، ايل، بي، وڪيل جنھن حيدرآباد ۾ رهي پاڻ کي مسلم قوم جو اورچ سچو خادم ۽ بهيخواه ثابت ڪيو، سو ميان محمد سجاول جو فرزند هو ۽ سندس زاد بوم ڳوٺ چڪرو تعلقو لب درياھہ هو. ميان محمد سجاول هڪڙو نھايت ڪفايت شعار ۽ سانگ صرفي سان هلندڙ سفيد پوش اسڪول ماستر هو. جڏهن ميان محمد سجاول جي بدلي ڪڪڙ تعلقي ۾ ٿي، تڏهن اتي جي ڳوٺ جمع لاکير ۾ گهر ٻار ڪري ويھي رهيو، ڇاڪاڻ جو اتي سندس هم قوم لاکيرن جو وڏو راڄ رھندڙ هو ۽ ويجهي عزازت بہ هيس. ميان محمد سجاول پينشن وٺن کان پوءِ بہ پنھنجي باقي حياتي انھيءَ ڳوٺ جمع لاکير ۾ گذاري ۽ اتي ڳچ جيتري زرعي زمين بہ خريد ڪيائين، جنھن جو کاتو کانئس پوءِ سندس فرزند مسٽر نور محمد جي نالي قائم ٿيو.
مسٽر نور محمد ابتدائي تعليم جا چار ئي درجا پنھنجي والد وٽ پڙهيو هو، اهو سارو وقت پنھنجي والد جي علمي ۽ اخلاقي اثر هيٺ ئي گذاريو هئائين، ڇاڪاڻ جو ماستر محمد سجاول جو دستور هوندو هو تہ جتي نوڪري هوندي هيس، اتي پنھنجي عيال سان گذاريندو هو، پر جيڪڏهن ڪنھن هنڌ عيال ساڻ نہ هوندو هوس، تہ بہ پنھنجو هونھار فرزند نور محمد ضرور ساڻ هوندو هوس. مسٽر نور محمد تي ننڍپڻ واري پدرانہ تربيت جو ايڏو اثر ويٺل هو. جو جڏهن پاڻ حيدرآباد ۾ نامور وڪيل ۽ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر هوندو هو، ۽ پيرسن محمد سجاول ڳوٺان وٽس ايندو هو، تڏهن پنھنجي والد جي جا تعليم، ادب ۽ ناز برداريون بجاءِ آڻيندو هو، تنھن جو مثال اڄ ڪلھہ جي تعليم يافتہ نوجوانن ۾ ڳوليو لڀندو.
مسٽر نور محمد جڏهن سنڌي چوٿون درجو پاس ڪيو، تڏهن ماستر محمد سجاول ان کي ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسة الاسلام ۾ انگريزي تعظيم ڏيارڻ جو ارادو ڪيو. ڪن همدرد معزز مسلمانن ماستر صاحب جي ارادي جي پٺڀرائي ڪري پئسي ڏوڪڙ جي مدد ڪئي ۽ مسٽر نور محمد اچي سنڌ مدرسة الاسلام ۾ داخل ٿيو.
سنڌ مدرسة الاسلام، جو سنڌ مسلم قوم لاءِ نعمت غير مترقبہ ۽ مرحوم خان بھادر حسن علي افندي جي قومي اهميت جو قابل تعظيم يادگار آهي، تنھن ۾ ان وقت پٽيوالي کان وٺي پرنسيپال مسٽر وائنس تائين سڀ ڪار پرداز قومي همدردي ۽ حيثيت ۾ رتل هوندا هئا. هڪڙي قابل معلم جو گهڙيل ٺھيل نور محمد جو مدرسہ ۾ فري بورڊر ٿي داخل ٿيو، تنھن پھرئين درجي کان وٺي مئٽرڪ ڪلاس تائين نہ رڳو پاڻ کي ڪامياب ۽ هونھار شاگرد ثابت ڪيو، بلڪہ علمي ذوق شوق ۽ همدردي سان ٽمٽار ٿي، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ عليڳڙھہ سنڀريو.
قوم جي خوش نصيبيءَ سبب ان وقت ۾ هو ونھار ۽ شائق طالب علمن جي همٿائڻ ۽ اسرائڻ لاءِ مرحوم سردار محمد يعقوب جن جھڙايون سچيون همدرد ۽ نيڪ بزرگ هستيون سنڌ ۾ موجود هيون، تنھن ڪري مسٽر نور محمد کي سر علي مراد اسڪالرشپ حاصل ڪري عليڳڙھہ وڃڻ ۾ ڪابہ رنڊڪ ڪانہ ٿي
عليڳڙھہ ۾ بي. اي ۽ ايل. ايل. بي ڊگرين حاصل ڪرڻ تائين نھايت برجستائي ۽ فضيلت سان ڪاميابي حاصل ڪيائين. اتي ادب، فضيلت ۽ علميت جي روشنيءَ سان پنھنجي غريبت ۽ بي پشتيءَ جي ڪڪر کي دفع ڪري پاڻ کي استادن ۽ هم سبقن ۾ اهڙو هر دلعزيز بنايائين جو انھن جا ناتا مرڻ گهڙيءَ تائين ساڻس قائم هئا. عليڳڙھہ ڇڏڻ کان پوءِ مسٽر نور محمد پنھنجي هڪڙي هم سبق صادق دوست مسٽر محمود علي بيگ سان گڏجي، پر ٻاھرو هليو ويو حيدرآباد دکن، ۽ اتي وڃي وڪالت شروع ڪيائين.
عليڳڙھہ ۾ تعليم وٺڻ واري شروعاتي زماني ۾ ماستر محمد سجاول پنھنجي عرازت مان مسٽر نور محمد جي شادي ڪرائي هئي، پر سندس اھا اهليہ هڪڙي معصومہ نياڻي ڇڏي جلد گذاري ويئي. مسٽر محمود علي بيگ پنھنجي ڪٽنب مان مسٽر نور محمد کي شادي ڪرائي. سندس اھا اهليہ هڪڙي معصومہ نياڻي سميت وفات جي دم تائين سندس باوفا رفيق هوس. شادي ڪرڻ کان پوءِ مسٽر نور محمد کي وطن جي آب و خاڪ ڪشش ڪئي ۽ هو عيال سميت اچي حيدرآباد سنڌ کان نڪتو، ۽ ترت ئي قوم جي باخموش سچي خادم مرحوم سردار محمد ابراهيم جي وساطت سان خيرپور ميرس ۾ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ ۽ جج مقرر ٿيو. ٻہ سال کن اتي رهڻ کان پوءِ سندس آزادي پسند طبيعت کيس خيرپور ڇڏڻ ۽ حيدرآباد سنڌ ۾گهر اڏڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ هو عيال سميت اچي حيدرآباد کان نڪتو، جتي قدرت کي کانئس نمايان قومي خدمت وٺڻ ۽ سندس سچو قومي جذبو ظاهر ڪرڻ منظور هو.
مسٽر نور محمد جڏهن حيدرآباد ۾ آيو، تڏهن سنڌ مسلم قوم جو سچو فخر ۽ صحيح معنائن ۾ هڏ ڏوکي ليڊر مرحوم رئيس غلام محمد ڀرڳڙي موجود هو، جو مسٽر نور محمد جھڙن باهمت، تعليم يافتہ نوجوان همراهن کي آسمان ۾ پيو ڳوليندو هو، تنھن هڪدم کڻي کيس پنھنجي ليگل فرم ۾ همراھہ ڪيو ۽ مٿس قرب جو هٿ رکيائين. مسٽر نور محمد ٿورن ئي ڏينھن ۾ پاڻ کي قابل ۽ جفاڪش وڪيل ثابت ڪيو ۽ رئيس مرحوم سان قومي مفاد وارين تحريڪن ۾ سڌي طرح خواه اڻ سڌي طرح ٻانھن ٻيلي ۽ صلاحڪار رھندو آيو.
ڪچيءَ کان وٺي هن ۾ جيڪو تعليمي ذوق شوق ڦوڪيل ۽ قومي خدمت جو جذبو سمايل هو، سو هن کي وڪالت هلائيندي بہ قوم جي تعليمي خدمت بجاءِ آڻن لاءِ بي قرار رکندو آيو. ڏهن ٻارهن ورهين جي غور، فڪرات ۽ صلاح مشورت بعد انھيءَ بي قراري مسٽر نور محمد جي ڊوڙن ڊڪن ۽ سخت ڪوششن جي صورت اختيار ڪئي جن جو نتيجو حيدرآباد سنڌ جي سال 1924ع واري سنڌ مسلم تعليمي ڪانفرنس جي شڪل ۾ نمودار ٿيو.
انھيءَ ڪانفرنس ۾ عليڳڙھہ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر شھزادہ آفتاب احمد صاحب صدارت جي ڪرسيءَ کي زينت بخشي هئي ۽ ٻيا بہ عليڳڙھہ يونيورسٽي جا ڪي پروفيسر ۽ ھندستان جا مقتدر مسلم ليڊر اچي رونق افروز ٿيا هئا.
سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي ترقي ۽ سڌاري لاءِ انھي ڪانفرنس جيڪي ٺھراءِ پاس ڪيا، تن مان مکيہ ٺھراءُ هو حيدرآباد ۾ مسلم ھاسٽل ۽ ھاءِ اسڪول قائم ڪرڻ. ڪانفرنس ختم ٿيڻ کان پوءِ مسٽر نور محمد تعليمي ڪانفرنس جي ٺھراءُ کي عملي جامو پھرائڻ لاءِ ڊوڙڻ ڊڪڻ ۽ جاکوڙا ڪڍڻ ۾ جنبي ويو.
حيدرآباد جھڙي روشني ڀريل شھر ۾ مسلم ھاسٽل ۽ مسلم ھاءِ اسڪول قائم ڪرڻ ڪا سٿري ھاج نہ هئي. مگر انھي ڪم جي برصوابيءَ لاءِ جھڙي جفاڪش ۽ شير دل ڪارڪن جي ضرورت هئي، تهڙو ئي مسٽر نور محمد پاڻ کي ثابت ڪيو. خدا تعاليٰ جي مھربانيءَ سان ڏينھون ڏينھن اٽڪاءَ ۽ مشڪلاتون ويون دفع ٿينديون. سر غلام حسين جھڙا بارسوخ ليڊر ۽ سنڌ جا ٻيا عملدار خواه غير عملدار بيٺل مسلمان مسٽر نور محمد جي صداقت ڀريل ادم سان هڙئون خواه وڙئون پوريءَ طرح مدد گار ٿي بيٺا، جنھن ڪري اڄ حيدرآباد ۾ مسلم ھاسٽل ۽ مسلم ھاءِ اسڪول سون جي تعداد ۾ مسلمان طالب علم تاتي پالي رهيا آهن.
مسلم ھاسٽل ۽ ھاءِ اسڪول جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ جو معزز مسلمانن جو بورڊ مقرر ٿيل آهي، تنھن مسٽر نور محمد کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو هو. درحقيقت ساري ڪاروبار جو روح روان مسٽر نور محمد ئي هو. هن پنھنجو ٻيو سڀ ڪم ڪار ڇڏي ڏنو. رات توڙي ڏينھن مسلم ھاسٽل ۽ اسڪول جي ترقي ۽ سڌاري لاءِ ڊوڙون ڊڪون پائيندو رهيو. اسڪول جو انتظام ۽ تعليمي جوڙجڪ اهڙي سھڻي نموني ۾ رکندو آيو، جھڙي نموني جي ڪنھن ماهر تعليمي ڪارڪن ۾ اميد رکي سگهجي ٿي. بورڊنگ ھائوس جي شاگردن جي صحت، تربيت ۽ نشت برخواست تي بہ اهڙي نظرداري ڪندو هو، جھڙي بايد شايد.
انھيءَ تعليمي عشق ۽ قومي خدمت ۾ پنھنجو تن ۽ من تہ محو ڪري چڪو، پر پنھنجي جاءِ جڳھہ قربان ڪندي بہ ڪين گٿو. مسلم ھاسٽل ۽ اسڪول جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ اڃا گهڻيون ئي سٽائون ۽ منشائون هيس، پر افسوس جو اجل مھلت نہ ڏنيس. تاريخ 22 آگسٽ 1937ع شام جو ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين ۽ 23 تاريخ صبح جو سندس لاش حيدرآباد آندائون. حيدرآباد جي مسلمانن لاش جي آخرين منزل آسان ڪرڻ ۾ اهڙي حب ۽ تعظيم بجا آندي، جو دوست تہ دوست، پر دشمن بہ واھہ واھہ ڪندا رهيا.
مسٽر نور محمد جيئري تہ پنھنجي چوٿي چموٽي ھاسٽل ۽ اسڪول کي ڏيئي چڪو، پر وفات بعد بہ سندس دلي مراد پوري ٿي، جو سندس لاش ھاسٽل جي احاطي اندر مدفون ٿيو.
انالله وانا اليہ راجعون.
شال مسلم ھاسٽل ۽ اسڪول روز افروز ترقي ۽ سر سبزي حاصل ڪندا رهن، جيئن انھن جي شادابي پسي مرحوم جو روح راحت ماڻيندو رهي. آمين ثم آمين.

(رسالو الڪمال، ايڊيٽر ڪمال الدين ميمڻ، 12 سيپٽمبر 1937ع، حيدرآباد تان ورتل)

مسٽر نور محمد جي خدمتن تي ناقدانہ نظر: ڪمال الدين ميمڻ

مذهب ۽ ملت جي فداين ۽ خادمن جو ادب ۽ احترام، هنن جي حڪم ۽ هدايت جي بلا اعتراض ۽ انڪار تعميل ۽ هنن جي قول ۽ ڪمن جي پابندي ۽ پيروي جيستائين مسلمانن جو دستور العمل رهيو، تيستائين اسلام ۽ اسلامي حڪومت؛ مسلمان ۽ مسلماني روايت ڪنھن بہ تشدد ۽ تيغ زنيءَ کان سواءِ دنيا ۾ پاڻمرادو پکڙندا رهيا. مگر جڏهن کان مسلمانن Hero Worship قومي خدمتگارن جي حڪم برداري ڇڏي، تڏهن کان رفتہ رفتہ هو زوال ۽ ضعيف ۽ تنزل ۽ تباهيءَ جو شڪار ٿيندا رهيا آهن، تان جو هن وقت اسلامي تھذيب ۽ تمدن فقط ڪتابن ۾ قلمبند آهي. مسلمان، جيستائين نخوت ۽ نفسانيت کي ڇڏي، شيطانيت ۽ شخصيات کان ڀڄي ليڊرن جي آواز تي لبيڪ نہ چوندا ۽ انھن جي عزت ۽ احترام نہ ڪندا، تيستائين ترقيءَ ۽ بلنديءَ جي بحالي ۽ بازيابي محال نہ تہ مشڪل ضرور آهن.
مسلمانن جا جيڪي بہ ليڊر ٿيا آهن، تن تي زمانہ زندگيءَ ۾ خير خواهي ۽ خدمتن ڪندي انعام ۽ آفرين جي بجاءِ الزامن ۽ عتابن جي بي پناھہ بارش ٿيندي رهي آهي، مگر جڏهن اهڙن بزرگن کي موت پنھنجي هم آغوش ڪيو آهي تڏهن ۽ تڏهن فقط قوم هنن جي خدمت ۽ ضرورت محسوس ڪري پنھنجي عدم قدر شناسيءَ، احسان فراموشي ۽ بي قياسيءَ تي تاسف ۽ اشڪباري ڪئي آهي.
مسٽر نور محمد مرحوم سنڌ جي تعليم يافتہ مسلمانن ۾ دل ۽ دماغ جي بھترين خوبين جو خاوند هو ۽ هن جي دل ۾ قوم جي ڪريل حالت جو درد ۽ دماغ ۾ قوم جي بيداري ۽ بحاليءَ جو سوداءُ هو. ھندستاني هجڻ جي باوجود بہ هن ۾ اسلامي حميعت ۽ طبع جي آزادي اهڙيون فطرتي ۽ طبعي خوبيون هيون جن سندس ذهنيت ۾ ڪابہ پست همتي ۽ ارادي ۾ ڪابہ ڪم قوتي ڪانہ آندي، جنھن ڪري هو تڪميل تعليم بعد ستت ئي ميدان عمل ۾ نقل حرڪت ڪندي نظر آيو. حيدرآباد هن جو وطن نہ هو، هو ڪو سرمائيدار نہ هو، پر کيس پاڻ پنھنجي نصيب جو معمار ٿيڻو هو، مٿس عيالداري جون نازڪ جوابداريون هيون ۽ کيس متفرقہ مشغولين ۽ معاملات کان پري رهي صرف وڪالت ۾ پير کوڙڻا هئا، تاهم هن دنيا جي دلفريبن تي ملڪ ۽ ملت جي خدمت ۽ خطرداريءَ کي ترجيح ڏني.
تحريڪ خلافت ۾ رهي هن پاڻ تي تلاشيءَ جي منزل آندي. ڪنھن بہ اجرت ۽ عيوضي کانسواءِ مرحوم “سنڌ مسلم” انگريزي اخبار جي فرائض ادارت جي ادائگيءَ ۾ دماغ سوزي ڪندو رهيو؛ روزنامہ الوحيد جا اڄ سنڌ جي مسلمانن جي خيالات جي ترجمان ۽ حقن جي محافظ آهي، تنھن جي اجراءِ ۽ ابتدا ۾ پڻ مسٽر نور محمد جي مشوره کي گهڻي قدر دخل هو ۽ حيدرآباد ۾ سنڌ جي مسلمانن جي جيڪا زبردست ۽ عدم المثال تعليمي ڪانفرنس زير صدارت صاحبزادہ آفتاب احمد صاحب منعقد ٿي ۽ جنھن جي طفيل سنڌ جي مسلمانن جي تعليم ۽ تعليم کاتي جي عملدارن جي انتخاب ۾ نھايت نمايان انقلاب نمودار ٿيو، ان جي سرانجامي ۽ سرپرستيءَ جو فخر مسٽر نور محمد کي حاصل رهيو. ڪانفرنس جي شاندار ڪاميابيءَ تي خود ھندو حضرات حيران هئا ۽ سڀ ڪنھن کي مسٽر نور محمد جي تعميري تدبر ۽ انتظامي اهليت جو اعتراف ڪرڻو پيو. مسلمان شاگردن لاءِ وڌيڪ اسڪالرشپن جي منظوري، ٽريننگ ڪاليج جي نصاب تعليم ۾ فارسيءَ جو ٻيھر رائج ٿيڻ، مسلم ھاسٽل جو قيام، بھاءُ الدين ڪاليج جهونا ڳڙھہ ۾ سنڌي مسلم شاگردن جي داخلا تان بندش جي موقوفي، تعليم کاتي ۾ مسلم آفيسرن جي انداز ۾ اضافو وغيره. بھرحال انھيءَ ڪانفرنس جو ئي نتيجو آهي ۽ واقعي اهو گران ۽ مبارڪ نتيجو آهي جنھن جي فقط ڪجهہ حصي جي سرانجاميءَ جي تمنا رئيس ڀرڳڙي جھڙا مخير سرمايہ دار ۽ مخلص مسلم مدبر هڪ نہ ٻئي سبب پوري ڪري نہ سگهيو.
حيدرآباد گورنمينٽ ھاءِ اسڪول کي تعليم کاتي جي گرفت، عاملن جھڙي منتظم ۽ سرڪار جي سياه سفيد تي قابض قوم جي مخالفت ۽ ھندو پريس جي پروپئگنڊا، مان مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جي سھاري ۽ سنڀال هيٺ آڻڻ ۾ مسٽر نور محمد گويا شينھن جي وات ۾ ويل شڪار کي واپس ورتو. هو دولتمند نہ هو، هن کي سياسي رقيبن جو وجود بہ وسريل ڪونہ هو، هن کي مسلم قوم جي تلخ نڪتہ چيني بہ سجهندي هئي. مسلمان سرمايہ دارن جي قومي ڪمن کان مالي ۽ اخلاقي ڪنارہ ڪشي بہ کانئس ڳجهي ڪانہ هئي تاهم هن نا اميدي ڪفر سمجهي شيرين علم جو عاشق فرھاد بڻجي مصيبت جي پھاڙ کي ٽاڪڻ ڏکيو نہ تصور ڪيو. سرديءَ ۽ سخت گرميءَ ۾ بيماريءَ ۽ بيقراريءَ ۾ هو گداگر بڻيو، سهمون سدائين ۽ جڏهن عين وقت آيو، تڏهن پنھنجي رھائش جو بنگلو گروي رکي بہ اسڪول جي عمارت جو ڪم تيار ڪيائين.
ڪائونسل جي ميمبريءَ جي زماني ۾ مسٽر نور محمد جون تقريرون ۽ سوال ايوان حڪومت ۾ لرزش پيدا ڪري ڇڏينديون هيون ۽ سندس هستي خود سرڪاري مرڪز بہ تسليم ڪري چڪا. هن نڪاحن جي تڪرارن کان متاثر ٿي شادين جي داخلا جو بل پيش ڪيو. سندس قابليت ۽ لياقت کيس ڪائونسل اندر ڪافي شھرت ڏني، هن کي آئيندہ جي لاءِ هڪ مقرر پروگرام هو. سندس وزير ٿيڻ جا گرم افواه هئا، مگر هو نظر بد جو شڪار ٿي خاطري ۽ يقين هوندي بہ بي گمان، اليڪشن ۾ ناڪامياب ٿي پيو، جنھن ڪري سندس اهي ارادا برصواب ٿي نہ سگهيا.
مسٽر نور محمد هوشيار ۽ ڪارآمد بزرگ هو. تحرير ۽ تقرير تي کيس ڪافي دسترس هئي. خيرپور ۾ ولگنڊن اسپتال جي رسم افتتاح جي موقع تي سندس مرتب ڪيل تقرير ۽ ھارٽاگ ڪميٽي کي پيش ڪيل مسلمانن جي تعليمي تاريخ تي سندس رپورٽ جي عجيب ادبي شاهڪار آهن سي سندس عالمانہ ۽ فاضلانہ فضيلت جو دائمي يادگار رھندا.
آخر الذڪر رپورٽ تي مرحوم نور محمد ڏانھن سر راس مسعود ۽ سر شفاعت احمد جا لکيل تعريفي ۽ اعترافي خط اڃا موجود آهن. مسٽر نور محمد کي بجا طور پنھنجي خدمتن تي ناز هو. باوجود ناڪاميابيءَ جي هو قومي ڪمن ۾ اڳي کان بہ زياده دلچسپي وٺندو رهيو. غريبن جا اهنج حڪومت جي ڌيان تي آڻي سندن داد رسي ڪرائيندو هو ۽ ڪڏهن بہ هنن کي اجايا سجايا دلبا دلاسا ڏيئي آمد رفت ڪا نہ ڪرايائين. هو سنئون سڌو راست باز انسان هو ۽ غريبن سان خاص محبت هيس. البتہ هو ڊپلوميسي ڪانہ ڄاڻندو هو جنھن ڪري وقتي سندس صاف گوئي ۽ نيڪ نيتي ڪشيدگيءَ ۽ رنجيدگي جو باعث بڻجي پوندي هئي. خود مرحوم کي بہ هن حقيقت جو احساس هو مگر مصلحت خاطر بہ مصالحہ ۽ مبالغہ کي پنھنجي فطرت ۾ جذب ڪرڻ قبول نہ ڪيائين.
محترم نور محمد پنھنجي پيشي کي قوم جي قدمن تي قربان ڪيو؛ پنھنجي جائداد کي قوم جي قرضن ۾ گروي رکيو. پنھنجي تندرستيءَ کي قوم جي تنظيم ۽ تعليم ۾ تباھہ ڪيو مگر قوم ڇا ڪيو؟ بي قدري! بي شناسي!! ۽ بي قياسي!!. قوم جي بي وفائيءَ هن عاشق قوم جي دل باش پاش ڪري وڌي. هن جي جوش ۽ شوق کي سرد ڪري وڌو ۽ هن جي صحت سالم نہ رهي سگهي ۽ آخر ۾ قدرت هن شھيد کي ايزدي اعزاز ۽ الفت ۾ قابو ڪري ورتو.
هڪ فاتح فوجي ڪپتان وانگي مسٽر نور محمد جي لاش جو سرگس هزارھا انسانن جي هجوم ۾ گلن جي بارش سان سندس ميدان جدوجھد ۾ دفن ڪيو ويو، جتي هو پنھنجي پروردہ ٻچن تي روحاني نظر ڪري رهيو آهي ۽ سندس مرقد مان زنده دل لاءِ هر وقت اھا صدا اچي رهي آهي تہ:
ٻچن جون ڪيم خدمتون خوب تر
يتيمن غريبن جو غمخوار هوس
بعد مرگ منھنجي نعش بہ رهي
ٻچن ۾ جنھين جو نگھدار هوس
گدائي ڪيم ۽ مڪان گروي ۾
رکيم ٻچن خاطر قرضدار هوس
قدر قوم منھنجو ڪيو يا نہ ڪيو
مگر مان تہ هردم وفادار هوس.

(رسالو الڪمال، ايڊيٽر ڪمال الدين ميمڻ، 12 سيپٽمبر 1937ع، حيدرآباد تان ورتل)

حسن علي ثاني: شيخ عبدالحق، بي. اي. ايس (رٽائرڊ)

سنڌ جو سچو فرزند مسٽر نور محمد جنھن جي بي وقتائتي موت تي اڄ اسان ارمان ڪري رهيا آهيون، تنھن جي بي لوث خدمتن جو ذڪر خير هن مختصر مضمون ۾ قلمبند ٿي نٿو سگهي. ائين چوڻ ڪافي ٿيندو تہ هن جيڪي بہ خدمتون ڪيون سي پنھنجي پوئتي پيل قوم جي سڌارڻ جي جذبي جو نتيجو هيون. قوم جو فرض آهي تہ جنھن اسلامي جذبي ۽ شخصي نقصان برداشت ڪرڻ سان هر ڪا ڪوشش وٺي هن شمع علم مسلمانن جي سامھون آندي تنھن جو قدر ڪري. نور محمد ۾ اسلام جو اهو مبارڪ ۽ لاثاني “نور” موجود هو، جنھن لاءِ دنيا اسان جي قدس پيغمبر جي مقروض آهي. محترم نور محمد کي “موجودہ مشڪل وقت جو حسن علي” سڏڻ بھر حال شايان ٿيندو.
محترم نور محمد ماسٽر ۽ وڪيل جي درجي کان جڙي ڪائونسل ميمبر ٿيو. هن مستقيم ارادي واري ننڍڙي مسلم مدبر ھاءِ اسڪول حيدرآباد جي بھبودي ۾ پاڻ کي فروخت ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن هو سرڪاري نوڪري ۾ ڪنھن اعليٰ عھدي تي فائز ٿي رهي ھا، پر هو غريب ۽ غنيءَ جي ايتري دلگيري حاصل ڪري نہ سگهي ھا جا هن ايمانداريءَ ۽ اورچائي سان قومي ڪمن ۾ حاصل ڪئي، جنھن ڪر ي سندن جنازي سان خلق جا حشام ۽ هجوم حاضر هئا. مرحوم جون خدمتون بيش قيمت آهن. سڀني عقلمند اصحابن کي مرحوم جو روح ڪشش ڪري رهيو آهي تہ هو سندس اسڪول کي هلائيندا رهن ۽ ان کي ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي درجي تي آڻين.

(رسالو الڪمال، ايڊيٽر ڪمال الدين ميمڻ، 12 سيپٽمبر 1937ع، حيدرآباد تان ورتل)

جناب نور محمد جو سنڌي مسلمانن تي قرض آهي!: سيد نظر علي

سائين نور محمد سنڌ جي انھن نادر فرزندن مان هڪ هو، جن پنھنجي ايمانداري ۽ عقيدي سان؛ اڄ جيڪا سنڌ آهي، ان کي وڏين قومي سانحن کي منھن ڏيڻ ۾ پنھنجي سياسي ڏاهپ ۽ وسيلا ڪتب آندا ۽ هڪ اهڙي نيڪ مقصد لاءِ پنھنجون جانيون ڏنيون، جنھن لاءِ سندس يقين هو تہ مسلمانن جي عالمي پستيءَ جو واحد علاج تعليم ۾ ئي رکيل آهي، جن جي اولاد جي اڪثريت جهموري رياست ڏانھن وڌي رهي آهي، جن تي سماج جي اجتماعي خواهش ۽ ذھانت کي ڪڏهن بہ برداشت نہ ڪيو ويو آهي، جيڪي زندگي جي سفر جي گردان کان سواءِ آهن ۽ حادثي، غلط هدايت ۽ ناڪامي جي ذريعي پنھنجو رستو محسوس ڪري رهيا آهن. غير مناسب، تنگ ۽ غير موثر مردانگي.
هن جي شخصيت جي بلندي ۽ هن جي دل ۽ دل جي ڪيترن ئي خوبين تي، لکڻ جي ضرورت پوندي. اهو ڏينھن سنڌ جي مسلمانن لاءِ هڪ روشن ڏينھن هوندو، جڏهن سنڌ جي قوم هڪ اهڙي اعليٰ پائي جي اڳواڻ تي فخر ڪندي، جيڪا مسٽر نور محمد جي شايان شان هوندي، ۽ سماج جي ترقيءَ جي خواهش ۾ بلڪل بي غرض هوندي. هڪ اهڙو ماڻھو، جنھن ۾ وطنيت کان بالاتر ٿي ۽ پنھنجي هڪ ئي لمحي ۾ قانوني پيشو، پنھنجي روزي جو مکيہ وسيلو ڇڏي ڏنو ۽ پنھنجي زندگي پنھنجي سماج جي بي لوث خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي. مسٽر نور محمد انھن ٿورڙن مسلمان اڳواڻن مان هڪ هو، جن جي خلاف سندس برادريءَ جي ڪنھن بہ طبقيءَ کي سرگوشي ڪرڻ جي سگهہ بہ نہ هئي ۽ جن تي ڪنھن بہ مسلمان کي ڪنھن بہ قسم جي خود غرضي جو الزام هڻڻ جي جرئت نہ هئي. مسٽر نور محمد جي وفات تي سڄي مسلمان برادريءَ جنھن سخت ڳڻتي جو اظھار ڪيو آهي، اھا ساراھہ جوڳي شاهدي آهي، جنھن سان بي لوث خدمتن کي ساراهيو وڃي ٿو.
حيدرآباد، جيڪو ڪنھن زماني ۾ اسلامي تمدن جو مرڪز هو، ان ۾ هڪ مسلم تعليمي ادارو هلائڻ جو ارادو ڪيو ويو، جيڪو مسٽر نور محمد جي عظيم ذاتي قربانيءَ کان پوءِ قائم ڪيو ويو، اهو معاملو انتھائي افسوسناڪ هو، خاص طور تي جڏهن اسان ڏسندا هئاسين تہ اتي هڪ درجن کان بہ مٿي ھندو تعليمي ادارا ۽ هڪ مڪمل آرٽس ڪاليج ان ئي مرڪز ۾ ڪاميابيءَ سان هلندو پئي آيا. هر مسلمان، ان جي حيثيت کان سواِءِ، هن اداري جي حمايت ڪرڻ جو اخلاقي طور تي پابند آهي ۽ ڪو بہ سبب نہ آهي تہ اسان مسلمان برادريءَ جي لاءِ مھذب قومن ۾ هڪ باعزت مقام حاصل ڪري سگهون. اسان وٽ هڪ انمول ورثو آهي. تعصب اسان جي اکين کي انڌو نہ ڪري ۽ اسان جي خواهش کي مفلوج نہ ڪري. اچو تہ پنھنجي دل ۽ جان کي ان مقصد لاءِ وقف ڪريون جنھن لاءِ اسان جي مرحوم اڳواڻ پنھنجي جان ڏني. اچو تہ گڏجي ڪوششون منظم ڪريون ۽ انشاءَ الله اسان ڪاميابيءَ سان نہ رڳو ان اسڪول کي هلائينداسين، پر ان کي ڪاليج جي سطح تائين پھچايون، جيڪو مسٽر نور محمد جي زندگيءَ جو اولين مقصد هو.

(رسالو الڪمال، ايڊيٽر ڪمال الدين ميمڻ، 12 سيپٽمبر 1937ع، حيدرآباد ۾ آيل انگريزي مضمون جو سنڌي ترجمو)

سنڌ جي محبوب ليڊر نور محمد جي وفات: مولوي دين محمد فيروزشاهي

افسوس صد افسوس! خادم قوم فدافي التعليم عاليٰ جناب نور محمد صاحب وڪيل حيدرآباد 22 آگسٽ 1937ع برابر 14 جمادي الآخر 1356ھہ جو 5 بجي شام ڌاري ڪراچي ۾ انتقال ڪري ويو. انا لله و انا اليہ راجعون.
مرحوم کي گڙدي جو عارضو هو، جنھن کان ڪيتري قدر بھتر ٿي ويو هو، مگر جڏهن تہ سندس سر شت ۾ قومي تعليم جي الفت يوم ازل کان پيوست ٿي وئي هئي باوجود ڊاڪٽر جي ممانعت جي اسڪول جي بھتري لاءِ ڪراچي هليو ويو جتي سندس طبيعت برخلاف اميد جي زياده ناساز ٿي پئي ۽ اتي ڊاڪٽرن جو علاج ڪرائيندو رهيو مگر تقدير جي مشيت نہ هئي جنھن ڪري طبيعت درست ٿي نہ سگهي ۽ جناب مولانا مولوي ضياءُ الدين احمد صاحب جي آغوش عيادت ۾ داعي اجل کي لبيڪ چوندي جان بحق تسليم ڪيو ۽ ساڻس ڪراچي جا معزز تمام همدردي ڪري رهيا هئا.
ڪراچي جي عمائرن جي مرضي هئي تہ سندس محبوب قالب يا جسم سان ڪراچي جي قبرستان کي مشرف ڪجي، مگر جڏهن تہ سندس دلي رابطہ ۽ ازلي جذبو پنھنجي محبوب مسلم ھاسٽل سان هو ۽ سندس خمير بہ ھاسٽل جي خاڪ پاڪ مان ورتل هو انھي ڪري مرڻ کان پوءِ بہ ھاسٽل کان جدا رهڻ گوارا نہ ڪيائين ۽ اتصالي ڪشش ڪري گهڻيءَ ڪشا ڪشيءَ بعد حيدرآباد ۾ اچي ويو يعني کيس ڪراچي ۾ غسل ۽ ڪفن ڏنو ويو ۽ صندوق ۾لاش محفوظ ڪري رات واري مڪسڊ ٽرين ۾ سوار ڪري ساڍي 6 بجي فجر جو حيدرآباد ۾ ڪراچي مان معزز مسلمان کڻي آيا.
مولوي ضياءُ الدين جو فرزند ۽ سندس اهليہ بہ جنازي سان شامل هئا. اسٽيشن کان دولت خاني تي آڻڻ تائين جنازي ۾ اٽڪل هزار کن ماڻھو شامل هئا ۽ جنازي کي ڪنڌ ڏيڻ ۾ عام توڙي خاص ماڻھو شامل هئا ۽ تمام شوق سان هڪ ٻئي کان سبقت يا اڳرائي ڪري رهيا هئا، جنازو ڪجهہ وقت ترسائي پوءِ 9 بجي ڌاري جنازو دفن لاءِ کنيو ويو ۽ صدر جي بوري بازار مان گذاريو ويو، پوءِ الھندي ڪچي کان ڦيرائيندي قلعي کان شاهي بازار ۾ آندو ويو. شاهي بازار ختم ٿيڻ کان پوءِ مارڪيٽ ۽ سلاوٽ محلي مان گهمائيندي مسلم ھاسٽل ۾ 11 بجي ڌاري آندو ويو. رستي تي گل افشاني، اشڪباري ۽ آھہ و زاري جو محير العقول نظارو ڏسڻ وٽان هو.
جنازي کي ڪنڌ ڏيڻ ۾ تمام اعليٰ بزرگن بار بار وارو پئي ورتو ۽ انھن جي سڪ پوري ئي ڪونہ ٿي ٿئي، جنھن ڪري جنازو اڪثر جنبش ۾ هو. ڪشادن رستن هوندي بہ ماڻھن جي قطار اٽڪل ٻن فرلانگن ۾ هئي گهڻن هنڌن تي ڪيميرا وارن جلوس جي تصوير ڪشي ڪئي. جلوس ۾ ماڻھو اٽڪل 4 هزار کن هئا. جنازي نماز ھاسٽل جي وسيع ايوان ۾ پڙهي وئي ۽ نماز صوفي صافي حضرت سيد علي اڪبر شاھہ صاحب ميھڙ واري پڙھائي جو خوش قسمتيءَ سان اتي آيل هو. مرحوم جو مقبرہ ڪليڪٽر صاحب جي اجازت سان مسلم ھاسٽل ۾ وڻن جي هيٺان ڪيو ويو، جنھن لاءِ مسلمان خاص طرح مشڪور آهن ۽ جتي روز مره تمام ذوق شوق سان شاگرد قرآن شريف جي تلاوت ڪري مرحُوم جي روح کي ثواب بخشين ٿا. مرحوم جي جنازي سان عام ماڻھن کان سواءِ سڀني طبقن جا معزز ماڻھو بہ شامل هئا. سندس غم ۾ ڪيترائي عاقل ۽ متين ۽ سنجيدا شخص روئندي نظر آيا ۽ ڪلمي جي صدا سان روحاني لذت ۽ رقت سڀني جي دلين تي طاري هئي. غم جي اظھار لاءِ سڀ اسڪول ۽ سولِ ڪورٽون بند ڪيون ويون. گوشت مارڪيٽ شھر ۽ صدر ۾ مسلمانن جا سڀ دڪان بند ٿي ويا.
هن جي ساري حياتي قومي خدمت ۾ صرف ٿي وئي. بمبئي ڪائونسل ۾ ميمبر ٿيڻ کان پوءِ قومي ڪمن جي ڪثرت ڪري وڪالت جو ڌنڌو بہ ڇڏي ڏنائين ۽ 1925ع ۾موجودہ مسلم ھاسٽل گورنمينٽ کان ورتائين ۽ جتي 5-6 سالن کان پوءِ اي. وي اسڪول قائم ڪيائين ۽ ٻن ٽن سالن کان پوءِ گورنمينٽ حيدرآباد ھاءِ اسڪول وٺي اتي گران مايہ رقم سان وڏي درسگاھہ تعمير ڪرايائين جنھن جي قرض ۾ اڃا تائين سندس ذاتي بنگلو گروي آهي.
اسڪول جي سرمايہ جي ترقي سان گڏ سندس طرز تعليم جي واڌاري تي غور ۽ فڪر ڪندو رھندو هو ۽ تعليم جي بھتريءَ لاءِ مختلف صوبن مان بھترين ۽ چيدا چيدا استاد آڻيندو رهيو نہ رڳو ايترو، پر بذات خود اهم ڪلاسن مثلن ميٽرڪ ۽ اسڪالرشپ امتحان وارن کي بعض اوقات پاڻ بہ پڙھائيندو هو.
الغرض تہ هن مرد خدا مسلمانن جي تعليم جي ترقي لاءِ تن من ڌن سڀ قربان ڪري ڇڏيو. ڏينھن رات اسڪول جي ترقي جي سبب مھيا ڪرڻ ۾ محو ۽ مشعول رھندو هو. ان کان سواءِ ٻين سرڪاري ڪمن جي مشڪلاتن ۾ بہ غريب توڙي شاهوڪار ماڻھن جي پنھنجي اثر رسوخ سان مدد ڪندو هو ۽ مدد ڪندي خوشي ٿيندي هيس.
سندس منتھاءِ نظر هي هئي تہ هن ھاءِ اسڪول کي ڦيرائي ڪاليج ڪريان. عين انھيءَ بمياريءَ ۾ يعني ڏيڍ هفتي کان بمبئيءَ مان هڪ ميم گهرايائين تہ ننڍن ڪلاسن کي تعليم ڏئي تہ هنن جا اچار درست ٿين ۽ 1938 جي شروعات ۾ وري ميم صاحب کي ڇوڪرين جي ماسترياڻي ڪري ھا ۽ کيس زناني اسڪول جو ايندڙ سال کان عزم بالجزم يا پڪو خيال هو. مگر انھن سڀني ارادن ۽ تمنائن کي اجل پورو ڪرڻ نہ ڏنو.
مطلب تہ قوم جي فرزندن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ ڏينھن رات سوداءَ ۾ رھندو هو. جنھن جي ڪري زمينداري جو ڪم (جنھن تي سندس گذر اوقات هو) بہ ڪونہ ڪري سگهندو هو، مرندي دم بہ پنھنجي رفيقن ۽ بزرگن کي اسڪول جي حفاظت جي وصيت ۽ پارت ڪندو رهيو. جھڙوڪ جناب مولوي ضياءُ الدين صاحب، جناب شيخ عبدالمجيد صاحب ۽ اعليٰ جناب سر غلام حسين صاحب وغيره.
ارمان! اسان جي قوم ۾ اڳيئي اهڙن سچن خادمن جو قحط آهي ويتر هن مرد مولا جي موت کان ناقابل تلافي صدمو پھتو.
آهي ڪو مرد مولا، مجاهد اهو جو مرحوم نور محمد وانگر پنھنجي گهران ماني کائي هن مسلم قوم جي ٻيڙي جو ناخدا ٿئي ۽ حڪمت عملي بلاغت قلمي شجاعت قلبي ۽ سخاوت درمي سان قوم جي دستگيري ڪري. مگر افسوس:
تيري صورت سي نہ ملتي هي کسي ڪي صورت،
هم جھان مين تيري تصوير لئي پھرتي هين.
اسڪول ۽ ھاسٽل جو حقيقي حافظ خدا تعاليٰ آهي. انھيءَ کي التجا آهي تہ غيب مان ڪو مرد مخلص خلوص مجسم پيدا ڪري جو لاطمع ٿي الاه في الاه هي قومي ڪم پنھنجي سر تي کڻي آمين. اين دعا از من وازجمل جھان آمين.
نور محمد صاحب حيدرآباد دکن مان هڪ اعليٰ طبقہ جي معزز ترين مغليہ خاندان مان شادي ڪئي هئي. سندس عزيز هي آهن: هڪ اهليہ ٻہ نياڻيون، هڪ همشيرہ ۽ ٻہ سوٽ، پويان ٽي عزيز سندس اصل ڳوٺ خيرپور ناٿن شاھہ ۾ رهن ٿا. افسوس جو ويچاري مرحوم کي نرينہ اولاد ڪونھي. الله العالمين جي بارگاھہ ۾ دعا آهي تہ شل مرحوم کي ڪامل نجات عطا ڪري ۽ طفيلي خاتم النبيا سرور ڪائنات صلي الله علي وسلم جي فردوس برين ۾ داخل ڪريس.

(رسالو الڪمال، ايڊيٽر ڪمال الدين ميمڻ، 12 سيپٽمبر 1937ع، حيدرآباد تان ورتل)

مسٽر نور محمد جي قومي بصيرت: پير غلام مجدد سرھندي

دل گهري ٿي تہ نور محمد صاحب جي زندگي نسبت ڪجهہ لکان، مگر افسوس جو آءٌ هن جي ابتدائي حالتن جي زماني کان وفات تائين عبور نہ ٿو رکان، انھي ڪري زندگي جي ساري احوال لکڻ کان مجبور آهيان. تاهم ڪي تعلقات جي مون ۽ مرحوم جي وابستگيءَ جا ڪارڻ رهيا آهن ۽ جن ۾ سندس دلي جذبات جو مون تي ڪافي اثر پيو آهي پيش ڪريان ٿو.

مذهبي اثر:
جڏهن خلافت تحريڪ پنھنجي ابتدائي نشو نما جي زماني ۾ قدم رکي رهي هئي، تڏهن مولوي عبدالعزيز حيدرآبادي ۽ ڪن ٻين صاحبن جي صلاح سان خلافت جي برخلاف هڪ ڪتاب شايع ڪيو ويو هو. انھي ڪتاب تي مونکي صحيح ڪرڻ لاءِ آمادو ڪري صحيح ورتائون. مون تي هنن صاحبن جو ڪافي اثر هو بلڪہ ڪنھن حد تائين تہ مون کليءَ طرح انھي جي ڳچ خيالن تي غور ڪرڻ پاڻ لاءِ جائز سمجهو. الله پاڪ مرحوم نور محمد صاحب کي جوار رحمت ۾ جڳھہ ڏئي، جنھن کي منھنجي مذبذت هئڻ جي خبر پئجي وئي، اگرچہ هو صاحب انھيءَ وقت تائين منھنجو اڻ وقاف هو اوچتو ڊاڪ بنگلي ۾ (جتي آءٌ اچي رهيو هوس) صاحب موصوف آيو ۽ في الفور قرآن شريف جو ساڻس هو. (انگريزي ترجمي سان) مون وٽ ميڙ طرح پيش ڪيائين ۽ چيائين تہ خدارا اوھان ٿڌي دل سان هن معاملي تي غور ڪري پوءِ ڪو طرف وٺو. هن جي اکين ۾ آب جاري هو، جنھن جو مون تي بلڪل اثر ٿيو بظاهر قدري جوش آيو مگر هن جي چوڻ جي نوع مون تي اهڙي حالت طاري ڪئي جو مناسب سمجهيم تہ غور ڪري پوءِ اعلان ڪريان. ايتري ۾ مسٽر محمود وڪيل مون وٽ آيو جنھن مونکي چيو تہ نور محمد اسلامي جذبن سان ڀريل آهي، هن کي خلافت ساڻ سخت پيار ۽ دلچسپي آهي، انھي ڪري پاڻ روڪي نٿو سگهي.
جڏهن مون ڪافي غور ڪيو تڏهن في الفور بنا خوف خلافت تحريڪ جي معاونت لاءِ پنھنجي ناچيز خدمت پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيم. يقين آهي تہ جي نور محمد صاحب منھنجي دل تي پنھنجي جذباتن جي اثر وھارڻ جو ڪم نہ وٺي ھا تہ شايد آءٌ گمراھہ ٿيان ھا ۽ حياتي تائين انھي تلافي جو موقعو نہ ملي ھا. پوءِ ڪيئي دفعا مونکي خواھہ قاضي اسدالله شاھہ صاحب جن کي خلافت تحريڪ ۾ ڪا بہ تحريري مدد يا مشورت وٺڻي پيئي تہ اڪثر ڪري مسٽر نور محمد اسان جو انھي ۾ صلاحڪار رھندو هو.
.
قابليت جو اثر:
جڏهن ميرٺ ۾ خلافت ڪانفرنس منعقد ٿي ۽ سنڌ جي بزرگن مان انھي وقت ڪوبہ صاحب تشريف فرما نہ ٿيو هو، مون ميرٺ ۾ سنڌ جي پاران حاضر ٿي ڪراچي ۾ خلافت ڪانفرنس جي دعوت پيش ڪئي. رئيس لاحرار مرحوم مولانا محمد علي صاحب، الحاج مولانا شوڪت علي صاحب ۽ امام الاحرار مولانا ابوالڪلام صاحب آزاد ۽ مرحوم ڊاڪٽر انصاري ۽ ٻيا ڪيترا بزرگ موجود هئا، سنڌ مان فقط شيخ مرحوم عبدالسلام صاحب جو پوءِ اٽارا ھاءِ اسڪول جو هيڊ ماسٽر ٿي رهيو موجود هو. تنھن وقت عليڳڙھہ ڪاليج جي اخبار جي ايڊيٽر بنسبت بحث هليو تہ هڪ قابل، ذهين فھيم ۽ بي خوف شخص جي ضرورت آهي انھي وقت مون کي چڱي ريت ياد آهي تہ سڀني صاحبن بي اختيار پنھنجي خانگي مجلس ۾ ظاهر ڪيو تہ مسٽر نور محمد صاحب سنڌي نھايت موزون ۽ قابل ايڊيٽر ٿيندو، بشرطيڪ هو صاحب پنھنجي خدمت عليڳڙھہ جي حوالي ڪري. (اڳي مسٽر نور محمد صاحب عليڳڙھہ ڪاليج ۾ معلم ٿي رهيو هو) مون انھي وقت پنھنجي دل ۾ محسوس ڪيو تہ:
“حال نڪوست از بھارش پيدا ست”
غائبانہ هن شخص جي صفت اهڙن لاثاني مدبرن جي مجلس ۾ منھنجي گوش گذار ٿئي ضرور هي بہ ڪامل هستي آهي.

خدا جي خوف جو اثر:
هڪ ڏينھن مرحوم سان خلاصي طرح سندس بنگلي ۾ دنيا جو ذڪر پي هليو تڏهن اوچتو چوڻ لڳو تہ پير صاحب اسان نالائق آهيون. الله اسان تي رحم ڪري. نماز ۾ آءٌ سست آهيان، پر ڪيئي دفعا رات جو مونکي خيال ٿيو آهي تہ جيڪي نماز پڙھندا آهن انھن کي تہ الله تعاليٰ بھشت عطا فرمائيندو، پر اسان گنهگارن جو ڪھڙو حال ٿيندو جو ڏينھن جو پنج دفعا لاڳيتو نماز پڙهڻ ۾ اسين تمام ڪوتاهي ٿا ڪريون. رات مونکي تمام خوف رهيو هو ڀلا جيڪو نماز ۾ پنھنجي سستي جي قصور جو قائل هجي ۽ خطا قبول ڪندو رهي ان لاءِ ڪو پاڪ ڪتابن ۾ ذڪر آهي. مون جواب ڏنو تہ حضرت امام رباني مجدد الف ثاني ارشاد فرمايو آهي ”ڪنھن سائل سوال پڇيو آهي تہ هڪ شخص عبادت تي غرور اٿس ۽ ٻيو عبادت ۾ قصور ٿو رکي مگر پنھنجي قصور جو معترف آهي، ڪھڙو انھن ۾ چڱو آهي. حضرت مجدد صاحب جن فرمايو تہ جيڪو عابد آهي ۽ عبادت تي مغرور آهي، انھي کان جيڪو پنھنجي عبادت گهٽ ٿو ڪري ۽ الله جي درٻار ۾ ورجائي ٿو سو سوء بار بھتر آهي. منھنجي ايتري چوڻ تي مرحوم جي اکين مان پاڻي زارو و زار جاري ٿيڻ لڳو. مونکي يقين ٿيو تہ هن شخص ۾ ايماني جذبو برابر موجود آهي.
تازو جڏهن سنڌ جدائي جي ڪانفرنس حيدرآباد ۾ منعقد ٿي، تڏهن چيئرمين استقباليہ ڪاميٽيءَ جي حيثيت ۾ جيڪو خطبو منھنجو شايع ٿيل آهي ۽ انھي ۾ جيڪا سنڌ جي مڪاني واقعات تي خواه ٻين مسئلن تي روشني وڌي وئي آهي (جنھن کي گهڻو پسند ڪيو ويو آهي) اھا ساري عرق ريزي مرحوم نور محمد صاحب جي دماغي معاونت جي مرهون منت آهي.
شل اسان مان هر ڪو جڏهن دنيا مان لڏي تہ ڪونہ ڪو ڪارنامو ۽ يادگار مرحوم نور محمد وانگر ڇڏي ٻين لاءِ اسوه حسنہ جو سبب ٿئي.

(رسالو الڪمال، ايڊيٽر ڪمال الدين ميمڻ، 12 سيپٽمبر 1937ع، حيدرآباد تان ورتل)

مسٽر نور محمد وڪيل: پير علي محمد راشدي

جيرامداس جو جواب اسان وٽ محض ميان نور محمد وڪيل هو، قد ۾ ٿورو ڪم، پر مزاج خواھہ منھنجي گهنڊ ۽ پيشانيءَ جي گهنجن ۾ ٻہ رَتيون سرس. عليڳڙھہ مان ايل. ايل. بي. پاس ڪري اچي حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪئي هئائين. اصل ڄم دادو ضلعي جي خيرپور ناٿن شاھہ جو هوس، پر سندس سياست خواھہ خيالات مان دادو سان سندس پريت جو ڪو پتو ڪونہ پيو. جيڪو ڀال ڀلايائين سو حيدرآباد سان.
خانبھادر سيد محمد ڪامل شاھہ جي سرپرستيءَ هيٺ مسٽر نور محمد سياست ۾ گهڙيو. حيدرآباد مان ٽي ٽرم بمبئي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو. چوٿين ٽرم ۾ سائين ميران محمد شاھہ ڪيرائي وڌس، ان وچ ۾ سائين ڪامل شاھہ بہ رحلت ڪري ويل هو.
مزاجاً خواھہ ملبوساً ساري عمر عليڳڙھہ جي رنگ ۾ رنڱيو رهيو. مٿي تي گُل سان ڳاڙهي ترڪي ٽوپي، هيٺ تي پتلون يا سوڙهو اڇو پاجامو، بدن تي ڪاري شيرواني، مسلمانن جي ڪاز سان اٿاھہ الفت، نہ انگريز جي مجال، نہ ھندوءَ کي همٿ، تہ کيس ان راھہ تان هٽائي سگهي. انھن ڏينھن ۾ ٻن ٽن پڙهيلن ماڻھن کان سواءِ سنڌ طرفان بمبئي ڪائونسل ۾، باقي گهڻو ڪري ڍور ڍڳا ويندا هئا. سندن شڪليون ڏسي ٻاھرين کي بہ هن علاقي تي رحم پيو ايندو هو. ايتري مھرباني ضرور ڪندا هئا جو ڪائونسل ۾ ماٺ ڪيو ويٺا هوندا هئا، نہ پاڻ وات کولڻ جي زحمت ڪندا هئا نہ ٻاھرين کي پنھنجن ٻولن ٻڌڻ جي تڪليف ڏيندا هئا. نظر سرڪاري ميمبرن تي کُتل هوندي هون. هو اٿن تہ هي بہ کڙا ٿي بيھن، هو ويھن تہ هي بہ ڪرسيءَ ۾ ڪِريو پون. خود انگريزي پڙهيل پتلون پوشن کي بہ ڪانہ ڪا ذاتي لنجهڻ لڳل هوندي هئي. وزير ٿيڻ جي، لقبن وٺڻ جي، مھربانين پنڻ جي، ڪاميٽين جي ميمبرين ماڻڻ جي، ۽ انگريز تي هن اثر پيدا ڪرڻ جي تہ سنڌ جي مسلمان ميمبرن جي ووٽن جي چاٻي ”مون وٽ آهي، نہ فلاڻي وٽ“ بمبئي ايندي ويندي اڪثر حضرت اجميري رحمة الله جي زيارت ڪندا ويندا هئا، ان نيت سان تہ سندس غريب نوازي کين انگريز وٽان ڪنھن خطاب يا وزارت وٺي ڏيڻ جو باعث بنجي، شال نہ ڪو هيورڊ صاحب يا ھاٽسن صاحب لابيءَ مان لنگهي، ڄڻ جهرڪين باز ڏٺو! اهي نظارا مون پنھنجين اکين سان ڏٺا.
البت ميان نور محمد مرحوم انھن ڳالھين کان بي نياز رهيو. غريب هو، پر اصولن تي بيٺل غربت جو شان ۽ مڪان ڄاڻندو هو.
حيدرآباد ۾ پھريون پير رکيائين تہ ڪھڙو نظارو ڏٺائين؟ ھندو سجاڳ، مسلمان اگهور ننڊ ۾، ھندو ليڊر تعليم، تنظيم ۽ تعمير ۾ مشغول، ڪيترا مالدار مسلمان اهڙن مشغلن ۾ محو جن جو تفصيل ڏيندي اڄ بہ ڏک پيو ٿئي.
ھندن جو ڪم ترتيب سان پئي هليو.
هڪڙا: سوڄڻ ۽ ويچارڻ تي،
ٻيا: تعليم ۽ ھندو تھذيب ڦھلائڻ تي،
ٽيان: سماجي اصلاح تي،
چوٿان: نوڪرين ذريعي انگريز جي گهر ۾ گهڙڻ تي
پنجان: سياست سان منھن ڏيڻ تي،
ڇھان: لٽريچر لکڻ، اخبارن هلائڻ ۽ فڪري انقلاب آڻڻ تي،
ستان : مسلمان مٿان اک رکڻ تي،
اٺان: پيسن پھچائڻ تي.
هر ڪم لاءِ ماڻھو مخصوص، پروگرام تيار، ادارا قائم دولت موجود، مجموعي مقصد هيءُ تہ پيڙه کان وٺي چوٽيءَ تائين ھندو معاشري کي نئين سر وقت جي خاص تقاضائن موجب گهڙي ٺاهي تيار ڪجي.
ساڳئي پَٽ ۾ پيرن، اميرن، رئيسن ۽ مالدار مسلمانن جي بہ کوٽ ڪانہ هئي ۽ منجهان انفرادي ليول تي، گهڻن جي دل ۾ تہ قومي درد بہ موجزن رهيو( ) پر بحيثيت ڪلاس جي مجموعي طرح سندن توجھہ زياده تر پنھنجي مخصوص اميراڻي ڪلچر جي پذيرائي ۽ شخصي توانائي ۽ تونگري ۾ تشهير تي رهيو. اُٺ، گهوڙا، ڪُتا، ڪڃريون، ڪبوتريون، ميلا، ملاکڙا، سرود سماع، ڳائڻ وڄائڻ، شيل شڪار، بندوقون، سينڌيون، سُريتون، شيدي، ٽاپرو، مسخرا، ميلا موالي، مولائي. غرض هڪ ڀوتار سو جوابداريون، هڪ خاندان سوين مصروفيتون، ڪٿا ٿا قومي ڪمن لاءِ وقت يا ڏوڪڙ بچين؟
ان وچ ۾ خاص طرح سان موسيقيءَ جي فن جو چرچو چالو ٿيو هو. گهڻا ئي “خان صاحب” ۽ “استاد“ موقعي تي پھچي ويا هئا. قدرت جو قانون آهي تہ قومن جي انحطاط واري دؤر ۾ (بقول مولانا شبلي مرحوم) موسيقي ۽ عروض جو خاص اوج ايندو آهي، هتي بہ ساڳيو حال ٿيو. “خانصاحب” ورھائجي سنڌ کي وڪوڙي ويا، هر خاندان کي خيال ٿيو تہ ڇو نہ پاڻ تانسين بنجي. پر تانسين بڻجڻ آسان ڪونہ هو. اجايو وقت ۽ دولت وڃائيندا رهيا.
مسٽر نور محمد اهي تقابلي تماشا پنھنجن پراون جا ڏسندو رهيو. محسوس ڪيائين تہ اهڙي طوفان ۾ گهڻو ڪجهہ تہ ٿي ڪونہ سگهندو، پر جيترو ڪجهہ ٿي سگهي سو ضرور ڪري گذرجي. اتفاقاً مرحوم سائين محمد ڪامل شاھہ جھڙا مرد ڪامل ملي ويس. جنھن جي رفاقت ۾، ورهين جي مٿاڪٽ بعد، حڪومت بمبئي جي مھربانيءَ سان حيدرآباد جي مسلمانن لاءِ هڪڙو، (صرف هڪڙو) ھاءِ اسڪول کولرائي سگهيو، جنھن جي صحن ۾ پاڻ بہ ابدي ننڊ سمھي رهيو. دادوءَ مان آيل هڪ پرديسي وڌيڪ ڇا ڪري سگهيو ٿي؟
ڪاش سندس قائم ڪيل اسڪول مان ڪڏهن ڪو هڪ نئون نور محمد نڪري نروار ٿئي. معمول تہ هيءُ رهيو آهي تہ ويلن جي جاءِ ڪو ڪونہ ٿو ڀري.

(پير علي محمد راشديءَ جي ڪتاب ”اهي ڏينھن اهي شينھن“ جي جلد ٽئين تان ورتل)

نور محمد لاکير (وڪيل): محمد امين مگسي

محترم نور محمد بہ سنڌ جي انھن مسلمان رهنمائن مان هڪ آهي، جن سنڌي مسلمانن ۾ تعليم عام ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
نور محمد لاکير صاحب ڳوٺ جمع لاکير (جنھن کي عرف عام ۾ ڪنيارا سڏيو وڃي ٿو) تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيا. سندس والد بزرگوار استاد هيو. نور محمد صاحب پنج درجا مقامي اسڪول مان پاس ڪري، ميٽرڪ ڪرڻ لاءِ ڪراچي سنڌ مدرسة السلام ۾ داخل ٿيو. ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ بي. اي. جي لاءِ کيس عليڳڙھہ وڃڻو پيو. اتي بي. اي ۽ ايل. ايل. بي. جون ڊگريون حاصل ڪيائين. ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنھنجي هڪ دوست ۽ ساٿي محمود بيگ سان گڏ حيدرآباد دکن آيو ۽ اتي ئي وڪالت جي پريڪٽس شروع ڪيائون. سندس پھرين شادي عليڳڙھہ جي پڙهڻ دوران ٿي هئي. جيڪا گهرواري جلد وفات ڪري ويئي. ان کانپوءِ ٻي شادي محمود بيگ صاحب جي گهراڻي مان ٿي. انھن سان دوستي ۽ قربت تہ اڳي ئي هين نيٺ اھا دوستي رشتيداري ۾ تبديلي ٿي ويئي، محترم نور محمد صاحب جلد سنڌ واپس آيو ۽ سردار محمد ابراهيم جي معرفت سندس تقرر ريزيڊنٽ ميجسٽريٽ جي حيثيت سان ٿيو. هن نوڪري سان نباھہ گهڻو عرصو نہ رکي سگهيو. تقريباً ٻن سالن جي عرصي کان پوءِ اھا نوڪري ڇڏي حيدرآباد واپس آيو ان وقت جناب غلام محمد وڪيلن جي هڪ ڪاميٽي ٺاهي هئي، نور محمد صاحب بہ ان ۾ شامل ٿي ويو. نور محمد صاحب ٿوري عرصي ۾ پاڻ کي هڪ محنتي هوشيار وڪيل ثابت ڪيو. ان ڪري رئيس مرحوم بہ هن کي پنھنجي سماجي، معاشرتي ۽ قومي تحريڪن ۾ خاص مددگار طور شامل ڪيو.
1933ع ۾ هو بمبئي اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ چونڊيو ۽ مسلمانن جي پستہ حالي، غربت، جھالت کي ڏسي نور محمد صاحب جي حساس طبيعت کان صبر نہ ٿيو. فيصلو ڪيائين تہ هو باقي زندگي مسلمانن جي تعليمي ترقي لاءِ استعمال ڪندو. ڇاڪاڻ تہ مسلمانن جي پٺتي پوڻ جو خاص سبب جھالت ۽ تعليم جي گهٽتائي آهي. انھيءَ مقصد خاطر سڀ کان پھرين نور محمد وڪيل حيدرآباد سنڌ مسلم تعليمي ڪانفرنس جي نالي سان 1924ع ۾ حيدرآباد ۾ منعقد ڪرڻ جي تجويز رکي. وڏي جاکوڙ ۽ جدوجھد ڪئي ويئي. مھينن تائين ان ڪانفرنس جا انتظام ٿيندا رهيا، ڪانفرنس ۾ برصغير جي چوٽيءَ جي تعليمي ماهرن، اسڪالرن، دانشورن، پروفيسرن شرڪت ڪئي. ان ڪانفرنس جي صدارت عليڳڙھہ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر شھزادہ آفتاب احمد ڪئي. ان ڪانفرنس کي سنڌ جي نمآئندہ ڪانفرس ثابت ڪرڻ لاءِ نور محمد صاحب سنڌ جي هر طبقي ۽ هر فرد سان رابطو ڪيو ان ۾ وڏا جاگيردار، جديد ۽ قديم تعليم يافتہ ماڻھو سرڪاري ملازم، اديب، اسڪالر صحافي وغيره شامل هئا ۽ انھن جي ستل جذبن کي جاڳايو.
انھيءَ ڪانفرنس ۾ مختلف ڪميٽيون جوڙيون ويون. الوحيد اخبار ۽ ان زماني جي مسلمان اخبارن ڪانفرنس جي خبرن کي نھايت شاندار نموني لڳايو ۽ ان کي وڏي اهميت ڏني. ڪانفرنس ۾ تمام گهڻيون ضروري ڳالھيون پيش ٿيون خاص طور تي تعليم ۽ نوڪرين جا انگ اکر سنڌ کان ٻاھر جي دانشورن جي اڳيان ظاهر ٿيا تہ انھن نھايت افسوس جو اظھار ڪيو ۽ چيو تہ پوري ھندستان ۾ ڪنھن بہ مسلم اڪثريت واري صوبي ۾ اهڙي حالت ڪانھي جھڙي سنڌ ۾ آهي.
اھا ڪانفرنس حقيقت ۾ نور محمد لاکير صاحب جو سنڌي مسلمانن جي لاءِ هڪ وڏو ڪارنامو هئي ۽ اھا بہ سڌ پيئي آهي تہ نور محمد صاحب ڪھڙين پيچيدہ ۽ ڏکين حالتن ۾ مسلمانن جي تعليمي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪيو. ڪانفرنس ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا. ان ۾ خاص ڳالھہ اھا ڪئي ويئي تہ سموري سنڌ جي سنڌي مسلمان شاگردن لاءِ مسلم ھاسٽل جوڙي وڃي ۽ ھاءِ اسڪول جو بنياد وڌو وڃي. ان سلسلي ۾ نور محمد صاحب ڪن معزز مسلمانن تي مشتمل هڪ “ايجوڪيشنل سوسائٽي” قائم ڪئي. انھيءَ بورڊ جو سيڪريٽري کيس چونڊيو ويو. ان کان پوءِ وڪالت جو ڪم ڇڏي ڏنائين رات ڏينھن اسڪول ۽ ھاسٽل جي ڪمن کي هٿن ۾ کنيائون ۽ انھيءَ کي ئي زندگيءَ جو مقصد ۽ نصب العين بنائي ڇڏيائين ۽ نيٺ زبردست مشڪلن ۽ تڪليفن کان پوءِ اسڪول قائم ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻيائين. اسڪول جي عمارت جنھن شاندار نموني سان جوڙي هئائون. اھا اڄ بہ سندس عظمت جو اهڃاڻ آهي، ان سلسلي ۾ کين پنھنجو بنگلو پڻ گروي رکڻو پيو.
افسوس جو اڄ سنڌي ماڻھن ۾ اڳي جي ڀيٽ ۾ ڪافي خوشحالي آهي ۽ ڪيترائي صاحب ثروت ۽ مالدار ماڻھو هن جاءِ تي موجود آهن، پر هو نور محمد لاکير صاحب جيان ڪنھن بہ اداري کي وجود ۾ آڻڻ يا ان جي سرپرستي ڪرڻ کان قاصر آهن. اهو اسان جي قوم جو وڏو الميو ۽ بي حسي جو وڏو ثبوت آهي. نور محمد صاحب جي هن عظيم ڪارنامي کي ساراهيندي ان وقت جي اخبار “طيرا ابابيل” لکي ٿي: ”نور محمد وڪيل جون خدمتون هڪ اهڙو سونھري ڪارنامو آهي جيڪو تاريخ جي ورقن تي قيامت تائين چٽيل رھندو ۽ هن جي نالي کي روشن رکڻ جو ڪارڻ بڻبو. نور محمد وڪيل جنھن گرم جوشيءَ ۽ مڙسيءَ سان ڪم کي اڳتي وڌائي رهيو آهي. بيشڪ اهو هن جو ئي وڙ آهي. هن مسلمان شاگردن جي لاءِ جيڪو ڪجهہ ڪيو آهي. اهو ساراھہ جو محتاج نہ آهي. “
هفتيوار طيرا ابابيل 18 نومبر 1933ع سندس ڪوششن جي نتيجي ۾ اسڪول سندس حوالي ٿيو تہ ان وقت الوحيد اخبار لکي ٿي: ”حيدرآباد گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سوسائٽي جي حوالي ڪيو ويو آهي، جنھن جو سيڪريٽري اسان جو برگزيده مسٽر نور محمد وڪيل آهي. هن اخبار ”اسڪول جي بائيڪاٽ ڪريو“ مھم ان ڪري هلائي آهي جو هي اسڪول هڪ مسلم سوسائٽي جي ڇو حوالي ڪيو ويو آهي؟ ٻن مھينن کان ھندن جي منظم پروپيگنڊہ جاري آهي. جيڪا نھايت افسوسناڪ آهي. (روزنامہ الوحيد 27 آگسٽ 1937ع)
نور محمد وڪيل کي مسلمانن ۾ تعليم عام ڪرڻ جي جنون جي حد تائين نہ رڳو دلچسپي هئي، پر عشق هو. سندن ھاسٽل ۾ شاگردن کي رھائش ۽ تعليم ڏيارڻ جو طريقي ڪار اهو هو تہ نور محمد صاحب هر ضلعي لاءِ ھاسٽل ۾ مخصوص سيٽون رکندو هو. ان کان پوءِ پاڻ ذاتي طور تي سڄي سنڌ جو دورو ڪندو هو ۽ جڏهن اھا خبر پوندي هيس تہ فلاڻن فلاڻن ڳوٺن ۾ هن شاگردن پوزيشن حاصل ڪئي آهي تہ انھن ڳوٺن ۾ وڃي انھن شاگردن جي والدين کي راضي ڪندو هو تہ پنھنجن ٻارن کي اجازت ڏين ۽ کين اهو بہ چوندو هو تہ سندن تعليم ۽ ٻيو سمورو خرچ هو پاڻ برداشت ڪندو ۽ اهڙي طرح نور محمد صاحب انھن پوزيشن کڻندڙ شاگردن کي پنھنجي اسڪول ۾ اچي داخل ڪندو هو. ھاسٽل ۾ شاگردن جي تعليم ۽ تربيت اٿڻ ويهڻ جي پنھنجي سر پڻ نگراني ڪندو هو.
اسڪول جي لاءِ ھندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اعليٰ قابليت رکندڙ استادن جون خدمتون حاصل ڪيون هيون. استادن جي پڻ نگراني پنھنجي سر پاڻ نور محمد ڪندو هو. اهو ئي سبب هو جو ٻين اسڪولن جي ڀيٽ ۾، انھيءَ اسڪول جو امتحاني نتيجو سٺو ۽ بھتر نڪرندو هو. ان جي شاهدي الوحيد اخبار 9 جون 1936ع مان ملي ٿي. جنھن ۾ نور محمد صاحب جي اسڪول جي امتحاني رزلٽ جي تعريف ڪئي ويئي آهي. جناب نور محمد صاحب جي ذھانت، قابليت ۽ علمي صلاحيت جو اندازو پير غلام مجدد سرھندي جي هن بيان مان لڳائي سگهجي ٿو، جڏهن ميرٺ ۾ خلافت ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي تہ سنڌ مان مون کي ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻو پيو. ان ڪانفرنس ۾ مولانا محمد علي جوهر، مولانا ابوالڪلام آزاد مرحوم، ڊاڪٽر انصاري ۽ ٻيا بزرگ موجود هئا. انھيءَ وقت هڪ نشست ۾ عليڳڙھہ ڪاليج جي اخبار جي ايڊيٽنگ جي متعلق بحث ڇريو، مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا آزاد بہ حصو ورتو. مون کي چڱي طرح ياد آهي تہ اتي گڏيل راءِ سان اھا ڳالھہ سامھون آئي تہ اخبار جي ايڊيٽنگ لاءِ مسٽر نور محمد سنڌي ئي موزون ثابت ٿيندو. پر شرط اهو آهي تہ هو پنھنجون خدمتون عليڳڙھہ جي حوالي ڪري ڇڏي. مون انھيءَ وقت پنھنجي دل ۾ محسوس ڪيو تہ “حال نڪوست از بھارش پيدا ست”
غائبانہ طور تي انھن مدبرن جي مجلس ۾ نور محمد جي ساراھہ ٻڌي مون کي محسوس ٿيو تہ هي بہ ڪامل هستي آهي.” (رسالو الڪمال 12 سيپٽمبر 1937ع)
اھا هڪ مسلم حقيقت آهي تہ نور محمد وڪيل صاحب دل ۾ سنڌي مسلمانن جي لاءِ درد رکندڙ هو ۽ انھن جي تعليمي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيو. اهو قابل تعريف آهي. مٿين ڳالھين مان ثابت ٿيو تہ ان وقت ۾ سندس صلاحيت جو سڪو هر خاص ۽ عام جي دل تي ويٺل هيو ۽ سنڌ جي جديد تعليمي تاريخ جو ذڪر جڏهن بہ ڇڙندو تہ نور محمد صاحب جي تذڪري کانسواءِ اھا تاريخ نامڪمل هوندي.

(جوڳيئڙا جھان ۾ (مشاهير دادو) (محمد امين مگسي، علامہ آءِ آءِ قاضي اڪيڊمي ميھڙ 1997ع تان ورتل)

نور محمد - سنڌ ۾ مسلم تعليم جو علمبردار: قاضي محمد اڪبر

مون کي حيدرآباد ۾ مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جي باني محترم نور محمد صاحب سان واقفيت ۽ ڪم ڪرڻ جو شرف حاصل آهي. هو دادو ضلعي جي هڪ ڳوٺ مان آيو هو ۽ هڪ پرائمري اسڪول جي استاد جو پٽ هو. ان ڪري کيس غريب سنڌي مسلمان شاگردن جي حال احوال جي ڀلي ڀت واقفيت هئي ۽ تعليم جي ميدان ۾ سندن پسماندگيءَ جي سببن کان بہ واقف هو. سندس والد مالي تنگدستيءَ جي باوجود هن پنھنجي سلجهيل پٽ کي پنھنجي تعليمي ميدان ۾ اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڪئي ۽ کيس سنڌ مدرسة الاسلام، ڪراچي موڪليو، جتان هن مئٽرڪ پاس ڪئي. جناب نور محمد عليڳڙھہ ويو، جتي انھن ڏينھن ۾ مسلمانن جي تعليم لاءِ تمام سازگار ماحول هو. عليڳڙھہ يونيورسٽي نہ رڳو هڪ تعليمي ڪيمپس هئي، پر مسلمانن جي زندگي، ثقافت ۽ روايتن جي ارتقا جو هڪ وڏو مرڪز هو. عليڳڙھہ جا شاگرد مجموعي طور اسلامي ڀائيچاري جو جذبو سمائي رهيا هئا ۽ ھند-پاڪ برصغير جي مسلمانن جي آزاديءَ لاءِ مشنري طور دنيا ۾ داخل ٿيا.
عليڳڙھہ جي پروڊڪشن جو هڪ بھترين مثال مسٽر نور محمد هو، جيڪو قانون جي ڊگري هجڻ جي باوجود وڪيل کان وڌيڪ هڪ سياسي ۽ سماجي ورڪر جي حيثيت ۾ حيدرآباد آيو ۽ اچي آباد ٿيو. ان وقت حيدرآباد شھر ۾ مسلم قيادت جو هڪ خال موجود هو، جيڪو ڪميونٽي کي تعميري ڪمن لاءِ منظم ڪرڻ جي قابل هو ۽ هن هتي خال ڀريو.
مسٽر نور محمد ٻہ ڀيرا بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ان فورم تي مسلمانن جي جدوجھد جي چيمپئن جي حيثيت سان پنھنجي قابليت جو ثبوت ڏنو. هن ڪڏهن بہ همت نہ ھاري ۽ ٽئين مدي واري اليڪشن ۾ پنھنجي ھار کي عظيم اخلاقي فتح ۾ بدلائي پنھنجي زندگي سماج جي تعليمي ترقيءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي.
ان کان پوءِ هو مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ مسلم ھاسٽل ۽ ھاءِ اسڪول جيڪو ھاڻي نور محمد ھاءِ اسڪول جي نالي سان مشھور آهي، هن ان بمبئي گورنمينٽ جي طاقتور ھندن جي سخت مخالفت جي ڪري محفوظ ڪيو. مسلم ھاسٽل ۽ نور محمد ھاءِ اسڪول جون عمارتون ھندو عامل برادريءَ جي وچ ۾ قائم ڪيل واقع هئا، جن جو سنڌ جي سرڪاري ۽ سياسي زندگيءَ تي بمبئي پريزيڊنسيءَ جو حصو هو. اھا مڃيل حقيقت آهي تہ نور محمد کي پنھنجو رھائشي گهر گروي رکڻو پيو تہ جيئن حڪومت وٽ جمع ڪرايل رقم جي خساري کي پورو ڪري سگهجي. قربانيءَ جو اهو مثالي جذبو اڄ جي دور ۾ بہ مسلمانن جي خوشحال طبقي ۾ تمام گهٽ آهي. مون کي ياد آهي تہ حيدرآباد ۾ ٿيل مسلم ايجوڪيشنل ڪانفرنس ۽ سنڌ علحدگيءَ واري ڪانفرنس ۾ نوجوان پرجوش ورڪر جي حيثيت ۾ محترم نور محمد سان منھنجي وابستگي هئي. اھا ڳالھہ نوٽ ڪرڻ جي قابل آهي تہ انھن ڏينھن ۾ سياسي اختلاف ڪڏهن بہ هڪ نقطي کان ٻاھر نہ وڌيا هئا. جڏهن بہ ڪو گڏيل اجتماعي سبب پيدا ٿيو تہ ذاتي ۽ سياسي اختلافن کي منھن ڏئي گڏيل دشمنن جي چيلنج کي منھن ڏنو ويو. مون کي ياد آهي تہ ميران محمد شاھہ ۽ نور محمد کي هڪ ئي پليٽ فارم تي جھڙيڙيندي ڏٺو هو. اهو اسان جي اڄ جي سياستدانن لاءِ هڪ سبق هئڻ گهرجي، جيڪي اڪثر پنھنجي ذاتي دشمنيءَ جي ڪري قومي ۽ اجتماعي مفادن کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، سنڌ ۾ ڪيترائي وڏا ۽ امير ماڻھو هئا جن جا نالا وقت گذرڻ سان وسري ويا آهن، پر جن قوم جي خدمت ڪئي انھن کي هميشہ ياد رکيو ويندو، محترم نور محمد صاحب جي لازوال قربانين سان سنڌ جي مسلمانن جي تعليم ۽ تعليمي ادارا هميشہ لاءِ زنده آهن ۽ سندس بي لوث خدمتن لاءِ سدائين يادگار.

(سنڌ مسلم ڪاليج جي 1960ع واري مخزن ۾ آيل انگريزي مضمون جو سنڌي ترجمو)

مسٽر نور محمد وڪيل جون تعليمي خدمتون: شيخ علي محمد

واديءَ سنڌ وقت بہ وقت اهڙين شخصيتن کي پئي جنم ڏنو آهي، جن قومي خدمت خاطر تن من ۽ ڌن جي بازي پئي لڳائي آهي. مسٽر نور محمد بہ اهڙن بي لوث خدمتگارن مان هڪ هو. اڄ 22 آگسٽ 1963 تي نور محمد جو يوم وفات آهي. مرحوم ذات جو لاکير، ڳوٺ چڪرو، تعلقي ڏوڪري جو ويٺل هو. سندس والد ميان محمد سجاول سنڌي اسڪول ماستر هو. مرحوم ابتدائي تعليم جا چار درجا پنھنجي پيءَ وٽ پڙهيو ۽ انگريزيءَ ۾ ميٽرڪ تائين سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ پڙهيو. تنھن کان پوءِ مرحوم سردار محمد يعقوب جي ڪوششن سان علي مراد اسڪالرشپ وٺي، عليڳڙھہ مان بي. اي، ايل. ايل. بي پاس ڪري پنھنجي دوست محمود علي بيگ سان گڏ حيدرآباد دکن ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. مرحوم ٻہ شاديون ڪيون هيون. پھرين شادي پنھنجي مائٽن ۾ ڪيائين، جنھن مان هڪ نياڻي ڄايس ۽ پوئين شادي محمود علي بيگ وارن مان ڪيائين جنھن مان پڻ هڪ نياڻي ڄايس. مرحوم کي حيدرآباد دکن جي آب هوا راس نہ آئي. تنھن ڪري جلد وطن وري آيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ خيرپور ميرس ۾ جج مقرر ٿيو. ٻہ سال هتي رهڻ کان پوءِ اھا نوڪري ڇڏي، حيدرآباد سنڌ ۾ آيو. جتي وڪالت ۾ چڱو نالو ڪڍيائين. هن وڪالت ڪندي، هي وقت قوم جي تعليم لاءِ سوچيندو رهيو. انھيءَ ڏس ۾ غلام محمد ڀرڳڙي جو هڪ قوم جو سچو هڏ ڏوکي هو، سان ٻانھن ٻيلي ٿي بيٺو.
نور محمد جون سنڌي مسلمانن ۾ تعليم ڦھلائڻ لاءِ ڪوششون آخر سال 1924ع ۾ “سنڌ مسلم تعليمي ڪانفرنس” جي شڪل ۾ ظاهر ٿيون. انھيءَ ڪانفرنس جي صدارت عليڳڙھہ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر آفتاب احمد ڪئي. انھيءَ ڪانفرنس ۾ سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي ترقيءَ لاءِ ٻين ٺھرائن سان گڏ هڪ هي بہ ٺھراءُ پاس ڪيو ويو تہ حيدرآباد سنڌ ۾ ٻھراڙي جي مسلمان شاگردن جي رھائش لاءِ هڪ بورڊنگ ھائوس ۽ هڪ جدا ھاءِ اسڪول قائم ڪيو وڃي.
تنھن کانپوءِ نور محمد انھن ٺھرائن کي عملي جامو پھرائڻ لاءِ ڪوشان رهيو. آخرڪار سرڪار ضروري پڇا ڳاڇا بعد ٽريننگ ڪاليج جو حصو (موجودہ مسلم ھاسٽل نور محمد ھاءِ اسڪول) جو ان وقت خالي پيل هو، انھيءَ شرط تي ڏيڻ قبول ڪيو تہ مسلمان ھاسٽل کي هلائڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهيندا. مئي 1925ع ۾ سرڪار مسلمانن جي ٺاهيل ڪاميٽيءَ ”مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي“ جي نالي سان، جنھن جو پھريون اعزازي سيڪريٽري نور محمد ٿيو.
سيپٽمبر 1925ع ۾ عمارت جو قبضو مسلمانن کي مليو. ھاسٽل ملڻ کانپوءِ مرحوم نور محمد جي ڪوشش سان مسلمانن جي هڪ جدا اسڪول لاءِ مسلمانن جو هڪ وفد بمبئي سرڪار سان مليو. جنھن (موجودہ نور محمد ھاءِ اسڪول) جو انتظام سال 1924ع ۾ “مسلم ايجو ڪيشن سوسائٽي” جي حوالي ڪيو ۽ حيدرآباد ھاءِ اسڪول جي نالي سان سڏجڻ لڳو.
محترم نور محمد جي مرضي هئي تہ حيدرآباد سنڌ ۾ “مسلم يونيورسٽي” قائم ڪريان. مگر افسوس جو هو پنھنجي مرضي جي تڪميل کان اڳ 22 آگسٽ 1937ع ۾ ڪراچيءَ ۾ رحلت ڪري ويو. سندس وصيت موجب سندس خاڪي جسم حيدرآباد سنڌ ۾ مسلم ھاسٽل جي حدن اندر سپرد خاڪ ڪيو ويو. مرحوم جي وفات بعد سندس نالي جي يادگيريءَ لاءِ اسڪول جو نالو نور محمد ھاءِ اسڪول رکيو ويو. نور محمد جي برپا ڪيل “مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي” هن وقت نور محمد ھاءِ اسڪول کانسواءِ هڪ سنڌي ۽ هڪ اردو پرائمري اسڪول، هڪ مڊل اسڪول ۾ انٽرميڊئيٽ آرٽس ۽ سائنس ڪاليج پڻ هلائي رهي آهي.

(عبرت اخبار، 22 آگسٽ 1963ع تان ورتل)

نور محمد وڪيل سنڌ جو سر سيد: غلام محمد پنھور

مسٽر نور محمد هڪ اهڙي شخصيت هئي جنھن کي مسلم قوم جي مرض جي پوري پوري ڄاڻ هئي. هن انھيءَ روحاني مرض جو بي نظير علاج ڳولي ڪڍيو. هو رات ڏينھن ڪو شان رھندو هو ۽ دل ۾ اهو ئي خيال هوندو هوس تہ ٻھراڙيءَ وارن غريب مسلمان ٻچن کي ڪيئن تعليم جي شمع سان منور ڪريان جو هو شھرين سان گڏجي، هم رفيق ٿي ساڳئي خيال ۽ مقصد سان ترقيءَ جي راھہ تي هلن. سنڌ جي تعليمي ترقيءَ لاءِ جيڪي ڪجهہ ميان حسن علي افندي، سردار قادر داد خان، ميان الھندي شاھہ ۽ ديوان نولراءِ ۽ ٻين ڪم ڪيو. مسٽر نور محمد جون خدمتون بہ انھن کان گهٽ ڪونھن. مسٽر نور محمد پنھنجا ذاتي ڌنڌا ڌاڙي سڀ ڦٽا ڪري مجنونءَ وانگر تعليم جي محبت ۾ پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيو. ايتري قدر جو پنھنجي مال ملڪيت ۽ جدائداد وغيره قوم جي اڀارڻ ۾ قربان ڪري ڇڏيائين. سندس سوانح ٻڌائي ٿي تہ ڪيئن هن پاڻ کي ترقي وٺائي پوءِ پنھنجي ٻين ڀائرن جي خدمت ۾ پنھنجي حياتي صرف ڪئي. وڪالت جو ڌنڌو بہ ڪندو رھندو هو تہ مسلم قوم جي تعليم لاءِ بہ سوچيندو رھندو هو. ڏهن ٻارهن سالن تائين سوچيندو رهيو آخرڪار سندس سوچ ۽ فڪر هڻي وڃي هنڌ ڪيو.
تاريخ 10 ڊسمبر 1924ع تي حيدرآباد شھر جي مشھور عمارت هومسٽيڊ ھال ۾ “سنڌ مسلم تعليمي ڪانفرنس” ٿي هئي جنھن جو افتتاح بمبئيءَ جي گورنر هز ايڪسيلنسي سر ليسلي ولسن ڪيو هو ۽ صدارت وري عليڳڙھہ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر شھزادي آفتاب احمد صاحب ڪئي هئي. گورنر صاحب پنھنجي افتتاحي تقرير ۾ چيو تہ “اگرچہ مون کي گشت ۾ ڪم تمام گهڻو هو تہ بہ مون ڪانفرنس جي دعوت خوشيءِ سان قبول ڪئي جيئن اوھان چيو آهي تہ منھنجي هتي ملاقات ڏيڻ جي معنيٰ آهي تہ منھنجي توھان سان همدردي آهي سا ڳالھہ بلڪل صحيح آهي. آءٌ ڏسي گهڻو خوش ٿيو آهيان جو صاحبزادو آفتاب احمد خان جو عليڳڙھہ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر آهي سو اوھان سان شريڪ ٿيو آهي. مونکي يقين آهي تہ سندس صلاح مصلحت اوھان لاءِ گهڻو مفيد ٿيندي. مونکي ڏسي گهڻي خوشي ٿي آهي تہ توهين منتظر آهيو تہ ٻين قومن سان ڪلھو هڻي اوهين بہ پنھنجي منھن ۽ مان مٿي رکو. اسين اوھان کي صلاح ٿا ڏيون تہ توهين پنھنجون ڪاميٽيون ٺاهيو جي اوھان جي رٿن کي هميشہ هستيءَ جي صورت ۾ آڻين ۽ اهڙين ڪاميٽين جو ويچار ڪيل ٺھراءُ سرڪار لاءِ مفيد ٿيندا ۽ انھن تي آءٌ ۽ اسان جا وزير غور ڪنداسون. انھيءَ جي باري ۾ اسان پوني ۾ گهڻو ڪجهہ چيو آهي، جنھن جي اپٽار هتي ٻيھر ڪرڻ مناسب نٿي سمجهجي ۽ اسين گهڻي خوشي سان هن ڪانفرنس کي کوليون ٿا“. (نوٽ مٿئين تقرير جو فقط ٽڪرو ڏنو ويو آهي.)
هن ڪانفرنس ۾ جيڪي بہ سنڌ جي مسلمانن جي سٺي تعليم ترقيءَ ۽ سڌاري لاءِ ٺھراءَ پاس ٿيا هئا انھن مان مکيہ ٺھراءُ هي بہ هو تہ حيدرآباد شھر ۾ هڪ مسلم ھاسٽل ۽ هڪ ھاءِ اسڪول قائم ڪيو وڃي.
انھيءَ کانپوءِ مسٽر نور محمد تعليمي ڪانفرنس جي مٿئين ٺھراءَ کي عملي جامي پھرائڻ لاءِ ڏينھن رات ڪوشش ڪندو رهيو ۽ انھي جي سرانجامي جو سھرو بہ سندس سر تي سونھين ٿو جو گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مان نالو ڦيرائي “حيدرآباد ھاءِ اسڪول” ڪيو ويو. موجودہ نور محمد ھاءِ اسڪول ۾ جيڪو انھيءَ زماني جو فرنيچر رکيل آهي اڄ بہ انھيءَ تي اهو نالو ”حيدرآباد ھاءِ اسڪول“ نظر اچي ٿو.
حيدرآباد ھاءِ اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ معزز مسلمانن جو بورڊ مقرر ٿيو جنھن جو نالو “مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي رکيو ويو ۽ جنھن جو جنرل سيڪريٽري مرحوم نور محمد ٿيو. تنھن کان پوءِ تہ وڪالت جو ڌنڌو ترڪ ڪري رات ڏينھن مسلم ھاسٽل ۽ اسڪول جي ترقي لاءِ مسلمان شاگردن کي وڌيڪ اسڪالرشپون وٺي ڏيڻ ۾ ۽ اسڪول کي گرانٽ وٺي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو.
محترم نور محمد پنھنجي ايامڪاريءَ ۾ اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل جي ترقي متعلق جيڪي بہ رپورٽون ڇپائي شايع ڪرايون آهن تن جي مطالعي مان صاف نظر ايندو تہ ھاءِ اسڪول ۽ ھاسٽل هر پھلوءَ کان ترقيءَ تي هئا. مسلم ھاسٽل جي انتظام ۽ بھترين ڪارڪردگيءَ متعلق جيڪي ڪجهہ اخبار تعليم ڊسمبر 1932ع ۾ ايڊيٽوريل ۾ لکيو ويو آهي ان مان فقط ٽڪرو هتي ڏجي ٿو:
“هتي حيدرآباد ۾ مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جي زير نگران هڪ عاليشان بورڊنگ ھائوس بمع اي. وي اسڪول جي آهي (جنھن کي عام طرح مسلم ھاسٽل چيو وڃي ٿو) جو اٺن نون سالن کان نھايت پسنديءَ جھڙا ڪم ڪري رهيو آهي. ٻھراڙيءَ مان جيڪي شاگرد اسڪالرشپ کڻي وڌيڪ تعليم لاءِ ڪوشان رهن ٿا تن کي هتي رھايو وڃي ٿو. تعليم تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو ۽ اھا ڪوشش ڪئي وڃي ٿي تہ جن ڇوڪرن اسڪالرشپون کنيون آهن سي انٽرميڊئٽ امتحان کان پوءِ وڃائي نہ ويھن. وڏي خوشيءَ جي ڳالھہ آهي تہ مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي جي بانيڪارن خاص ڪري مسٽر نور محمد وڪيل پنھنجو سمورو وقت مسلم قوم جي ٻچن جي سڌاري لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي.”
ياد رکڻ گهرجي تہ ڪافي لکپڙھہ بعد جڏهن اسڪول جون واڳون مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي جي سپرد ٿيون تڏهن نئين بلڊنگ جي تعمير لاءِ سوسائٽي سر غلام حسين هدايت الله کي عرض ڪيو تہ اچي نئين بلڊنگ جو سنگ بنياد رکي. انھي سلسلي متعلق جيڪي دعوت نامي جا ڪارڊ ڇپيا ويا هئا تن مان خوش قسمتيءَ سان هڪ هٿ لڳي ويو آهي جنھن ۾ خان بھادر حاجي محمد احسان چيئرمين مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي طرفان دعوت ڏنل آهي تہ 30 آڪٽوبر 1934ع تي سومر ڏينھن صبح جو ساڍي اٺين وڳي مھل اسڪول جي احاطي اندر سر غلام حسين هدايت الله سنگ بنياد رکڻ قبول فرمايو آهي. اخبار تعليم نومبر 1933ع ۾ لکي ٿي تہ:
“سنگ بنياد کان اڳ ۾ سر غلام حسين صاحب ڪليڪٽر صاحب مسٽر جي ڪي جوشي، آءِ. سي. ايس. سان گڏ تشريف فرما ٿيو تنھن کي سوسائٽي جي پاران بلڪل گهڻي مرحبا سان حاضرين مجلس جن ۾ ڪيترا معتبر مرد ۽ ڪيتريون معزز عورتون ڪيترن اسڪولن جا ماسٽر ۽ شاگرد حاضر هئا تن جي اڳيان سر صاحب کي ائڊريس پيش ڪئي ويئي. مسلم ھاسٽل جي بئنڊ سرن سان حاضرين مجلس کي وندرايو. ان موقعي تي مسٽر نور محمد اعزازي سيڪريٽري مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جي ايڊريس پڙهي جنھن جو جواب سر صاحب هيٺين لفظن ۾ ڏيڻ فرمايو ۽ سر صاحب جي جواب ۾ هز ايڪسيلينسي گورنر صاحب بمبئي کاتي جو پيغام پڻ هو.” سر غلام حسين هدايت الله صاحب جيڪا تقرير ڪرڻ فرمائي سا ڪافي لمبي آهي جنھن ڪري ان مان اقباسات ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونھي. سر صاحب فرمايو تہ “هن نئين اسڪول جي جڳھہ جي سنگ بنياد رکڻ لاءِ جو مونکي چيو ويو آهي تنھن مان جا خوشي مونکي حاصل ٿي آهي تنھن جي بيان ڪرڻ جي ايتري ضرورت محسوس نٿو ڪريان... “
شڪرنا ڌڻيءَ جا جو مسلمانن ھاڻي اک کولي آهي ۽ تمام گهڻي تعداد ۾ تعليم پرائڻ جي ڪم کي لڳي ويا آهن. هن لاءِ توھان جي سوسائٽيون ۽ توھان ميمبرن جھڙا قومي ۽ ملڪي حب وارا اهي ماڻھو مبارڪ جا مستحق آهن جن ھھڙن ڪمن لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. انھيءَ چوڻ ۾ مبالغو نہ ٿيندو جي آءٌ توھان کي ٻڌايان تہ هز ايڪسيلينسي گورنر صاحب بھادر کي ڪابہ ڳالھہ اهڙو خوش نہ ڪري جھڙا صاحب ممدوح هن اسڪول جي سنگ بنياد رکڻ ۾ خوشي ٿئي ھا. سوسائٽيءَ کي اسڪول جون واڳون دير سان مليون تنھن ڪري اهڙو خوشي جو ڪم هز ايڪسيلينسي گورنر صاحب بھادر کان سر انجام ٿي نہ سگهيو آهي. هن موقعي تي پنھنجي حاضر هجڻ جي عيوض مھرباني ڪري هيٺيون پيغام اوھان ڏانھن موڪليو آهي جو آءٌ اوھان کي پڙهي ٿو ٻڌايان ۽ جو مونکي پڪ آهي تہ توھان جي هن وڏي ڪم ۾ همت افزائي جو باعث ٿيندو. مھرباني ڪري مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي ۽ حيدرآباد سنڌ جي مسلمانن کي منھنجي پاران مسلم ايجوڪيشن ھاءِ اسڪول لاءِ جنھن جو توھان هن وقت سنگ بنياد رکون ٿا، مبارڪون ڏيندا.
نو سال کن اڳي جنھن مسلم ھاسٽل جي جاءِ سرڪار مسلمانن کي ڏني هئي تنھنجو بندوبست جنھن پيرايہ تي سوسائٽي رکيو آهي سو مونکي اھا اميد ٿو ڏيکاري تہ اهي اسڪول جي انتظام رکڻ ۾ بيشڪ ڪامياب ٿيندا. منھنجي تمام گهڻي همدردي سوسائٽي جي انھي وڏي ڪم سان آهي. جنھن جو بار هوءَ مسلمان ٻارن جي تعليم جي ترقي ۽ خوشنودي لاءِ پنھنجي ڪلھن تي رکي ٿي.“
مطلب تہ سائين نور محمد انھي تعليمي اداري جو باني آهي جنھن کي توھان سڀ اڄ هر لحاظ کان اوچ تي ڏسي رهيا آهيو ۽ جنھن مان بيشمار افراد فائدو حاصل ڪري چڪا آهن. الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس عطا ڪري آمين.

(عبرت اخبار 23 آگسٽ 1966ع تان ورتل)

نور محمد ۽ سنڌ جي مسلمانن جي تعليم

اڄ هن علاقي جي مايہ ناز فرزند ۽ هڪ وڏي محسن محترم نور محمد جي ورسي آهي. هن علاقي ۾ اهو ڪير آهي جو سندس نام نامي اسم گرامي کان واقف نہ هجي هن علائقي جي مسلمانن ۾ تعليمي بيداري آڻڻ جو سھرو جن شخصيتن جي سر آهي مسٽر نور محمد انھن ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. خانبھادر حسن علي افندي، نور محمد، مير غلام محمد ۽ سيد الھندو شاھہ چند اهڙيون هستيون آهن جن هن علائقي ۾ اهڙي وقت تي مسلمانن جي تعليم ڏانھن توجھہ ڏنو ۽ مسلمان ٻارن جي پڙھائي لاءِ اسڪول قائم ڪيا جڏهن ان ڏس ۾ جتي ڪٿي غير مسلمن جو تسلط هو.
اڄ هن علائقي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اسڪول ۽ ڪاليج قائم ٿيل آهي ۽ هزارين مسلمان پنھنجي تعليم حاصل ڪري سٺن مرتبن تي پھچي ويا آهن. حقيقت ۾ اهو سڀ محترم نور محمد ۽ ٻين علم دوستن جي محنتن جو نتيجو آهي جنھن جو ڦل اڄ اسان سڀ کائي رهيا آهيون.
حيدرآباد جھڙي شھر ۾ جتي غير وطنن جو پورو پورو قبضو هو، اتي مسلم ھاءِ اسڪول قائم ڪرڻ ۽ ٻھراڙي مان ايندڙ شاگردن جي رھائش لاءِ ھاسٽل حاصل ڪرڻ ڪو آسان ڪم نہ هو. جيترو اڄ ڪلھہ سمجهي سگهجي ٿو. محترم نور محمد کي انھي ادارن قائم ڪرڻ لاءِ زبردست جدوجھد ڪرڻي پيئي ۽ سالن جي محنت ۽ لڙائي بعد هو پنھنجي دلي مقصد ۾ ڪامياب ٿو.
محترم نور محمد هڪ هوشيار ۽ ڪامياب وڪيل هو. هو جي گهري ھا تہ ان وقت لکن جي جائداد بنائي وٺي ھا. مگر سندس ڏور رس نگاهن ڏسي ورتو تہ جي مسلم ٻارن لاءِ تعليم جو موزون انتظام نہ ڪيو ويو تہ هن علائقي ۾ اڪثريت جي باوجود سندن مستقبل تاريڪ رھندو ۽ هو اقليتن جي رحم ۽ ڪرم تي رهجي ويندا. اهڙي احساس هن کي بي آرام ۽ بيقرار ڪري ڇڏيو پاڻ پنھنجي ڪامياب وڪالت کي خيرباد چئي اسڪول کولڻ جي جدوجھد ۾ لڳي ويو چند سالن جي جدوجھد بعد هن صاحب اهو اسڪول قائم ڪيو، جنھن جي تعمير تي لکين روپيہ خرچ آيو جو هن چندن ۽ امداد ذريعي پورو ڪيو. انھي ڏس ۾ هن کي پنھنجو رھائشي بنگلو بہ گروي رکڻو پيو جو مرڻ گهڙي تائين آزاد نہ ٿي سگهيو ۽ نہ وري بعد ۾ ئي اهو ڪنھن آزا د ڪرايو.
محترم نور محمد کي مسلم ٻارن جي پڙھائي جو ايترو تہ اونو هوندو هو جو پنھنجي سر والدين سان ملي انھن کي نور محمد ھاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ تي زور ڏيندو هو. اسڪول ۾ روزانہ اچڻ جي باوجود پاڻ ھاسٽل ۾ بہ روز ايندو هو. پڙھائي جي علاوھ هو ٻارن جي جسماني صحت ۽ اخلاق تي بہ زور ڏيندا هئا. سندن حياتي ۾ بعض فوجي ماهر ٻارن کي اچي ڊرل ۽ پريڊ ڪرائيندا هئا.
هن کي اسڪول ۽ ٻارن سان نھايت گهڻو پيار هوندو. بظاهر هو نھايت سخت نظر ايندا هئا، مگر سندس اندر ٻارن لاءِ نھايت گهڻو پيار هوندو هو. سندن رهڻي ڪرڻي خوراڪ پوشاڪ ۽ صحت وغيره جو خاص خيال رکندا هئا. وفات بعد سندن لحد بہ ھاسٽل ۾ تعمير ڪئي ويئي. سندن انتقال تي ڪنھن ڪھڙو نہ چڱو چيو هو. لحد بہ منھنجي ٻچن ۾ رهي، حياتي ۾ جن جو نگھدار هئس.
مرحوم کي اسڪول کي وڌائي ڪاليج ڪرڻ ۽ ڇوڪرين جو اسڪول قائم ڪرڻ جو بہ گهڻو خيال هوندو هو. عمر وفا ڪريس ھا تہ پاڻ انھن پروگرامن کي بہ پايہ تڪميل تي پھچائي وڃن ھا.
خوشي جي ڳالھہ آهي تہ نور محمد ھاءِ اسڪول جو موجودہ سيڪريٽري مسٽر الله بخش نظاماڻي ڏينھن رات جي ڪوششن سان محترم نور محمد جي انھن خوابن جي عملي تعمير ڪري رهيو آهي. نظاماڻي صاحب چند سال ٿيا تہ نور محمد ھاءِ اسڪول جي پرنسيپال ۽ مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي جي سيڪريٽري جو عھدو سنڀاليو. انھن چند سالن اندر اسڪول جي مٿان ماڙي تعمير ڪئي ويئي آهي، جنھن ڪري شاگردن کي منجهند واري نشست کان نجات ملي ۽ قريبن ڏيڊ هزار شاگرد هڪ ئي نشست ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
مسٽر نظاماڻي جي ڪوشش سان مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي جي زير اهتمام آرٽس، سائنس ۽ ڪامرس ڪاليج قائم ٿي چڪا آهن،جي تيزي سان ترقي ڪري رهيا آهن ۽ انھن جا سالانہ نتيجا نھايت حوصله افزا آهن.
اسان کي اميد آهي تہ مسٽر نظاماڻي طرفان ڇوڪرين جو ھاءِ اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪرڻ جي بہ ڪوشش ڪئي ويندي، جيئن تعليم نسوان متعلق بہ مرحوم جي خواهش پوري ٿي سگهي.
اڄ هن علائقي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ محترم نور محمد کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو. مگر کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو اهو ئي بھتر طريقو آهي تہ سندس قائم ڪيل ادارن کي زور وٺايو وڃي ۽ هن علائقي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اسڪول ۽ ڪاليج کوليا وڃن جيئن اسان جو هر ننڍو وڏو پوري طرح تعليم يافتہ هجي ۽ مادر وطن جي گهڻي ۾ گهڻي خدمت ڪري سگهي. اسان آخر ۾ مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪندي اھا ئي دعا ڪنداسين تہ پاڻ جنھن مقصد خاطر اسڪول کوليو هو، اهو پوري طور حاصل ٿئي ۽ علائقو سندس خواهش موجب علم جي روشني سان منور ٿي وڃي.

(عبرت اخبار 23 آگسٽ 1966ع تان ورتل)

نور محمد وڪيل: محمد موسى ڀٽو

سنڌي مسلمانن ۾ جديد تعليم جي وڌاءَ ۽ فروغ ۽ تعليم جي ذريعي زندگي جي جاکوڙ ۽ خوشحالي جي ڊور ۾ ھندن سان مسلمانن کي وک وک ۾ وجهي هلائڻ جي خواهش جي پورائي ڪارڻ، جن شخصيتن اڻ مٽ ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي، انھن ۾ نور محمد وڪيل جو نانءُ اُڀ وانگر اونچو نظر اچي ٿو. اڄ اسان جا سنڌي نوجوان مسٽر نور محمد جي نالي ۽ ڪارنامن مان بنھہ اڻواقف آهن. نصاب جي ڪتابن يا شخصيتن جي سوانح عمرين ۾ پڻ نور محمد جو نالو ڳولهيو نہ ٿو لڀي، پر سچ اهو آهي تہ تعليم جي حوالي سان سنڌين جي نسلن تي نور محمد وڪيل جا انيڪ احسان ۽ مڻين مھربانيون آهن. سنڌ جي تعليمي تاريخ هن جي نانءَ بنان نامڪمل ۽ اڻپوري آهي.
اڄ کان سٺ ستر سال اڳ، جڏهن سنڌي مسلمانن ۾ جديد تعليم نالي ماتر هئي ۽ ٿورڙائي واري قوم ھندو، تعليم ۾ برتريءَ ڪري زندگيءَ جي هر شيءِ ۾ ڇانئنجندي پئي ويئي انھيءَ ويل نور محمد وڪيل ڪيئن پنھنجي صلاحيتن ۽ توانائين سان ان ميدان ۾ مڙس ٿي منھن ڏيڻ لاءِ ڪاهي پيو؟ هن مضمون ۾ ان بابت ڪي حقيقتون ۽ ويچار بيان ڪبا، پر سڀ کان پھرين نور محمد وڪيل جي زندگيءَ جي حالتن تي هڪ مٿاڇري نظر وجهندا هلون.
مسٽر نور محمد جي پيدائش جي ورهيہ جي پروڙ ڪانہ ٿي پوي. گهڻو ڪري تہ هو 1880ع ۾ ڄائو سندس والد صاحب ميان محمد سجاول، پرائمري اسڪول ۾ استاد هو. سندس ڳوٺ چڪرو لب درياھہ هو. پرائمري اسڪول جي نوڪريءَ دوران ئي ميان محمد سجاول جي بدلي ڳوٺ جمعو لاکير تعلقو ڪڪڙ ۾ ٿي. جنھن ڪارڻ هو سدائين رهڻ لاءِ انھيءَ ڳوٺ ۾ آباد ٿي ويو. مسٽر نور محمد ابتدائي چئن درجن تائين جي تعليم ڳوٺ ۾ ئي پنھنجي پيءُ کان حاصل ڪئي. سندس والد صاحب، هن جي تربيت اسلامي طرز تي ڪرڻ ۾ ڳوڙهي دلچسپي ورتي.
پرائمري جي چوٿين درجي پڄائڻ کان پوءِ مسٽر نور محمد انگريزي تعليم جي لاءِ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ داخلا ورتي. مئٽرڪ تائين هن سنڌ مدرسي ۾ تعليم پرائي. انھيءَ کانپوءِ وڌيڪ تعليم جي لاءِ هو عليڳڙھہ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو. اتان هن بي. اي ۽ ايل. ايل. بي. جون ڊگريون حاصل ڪيون. انھيءَ کان پوءِ هو پنھنجي دوست ۽ ساٿي مسٽر محمود علي بيگ سان گڏ حيدرآباد دکن آيو ۽ اتي ئي وڪالت جي پرئڪٽس شروع ڪري ڏنائين.
عليڳڙھہ ۾ تعليم جي دوران ئي نور محمد جي پنھنجي مائٽن منجهان ئي شادي ٿي ويئي هئي، پر سندس اھا گهر واري جلد ئي گذاري ويئي. انھيءَ کان پوءِ حيدرآباد دکن ۾ رھائش جي دوران محمود علي بيگ جي گهراڻي مان سندس ٻي شادي ٿي، شاديءَ کان پوءِ هو سنڌ واپس هليو آيو ۽ سردار محمد ابراهيم جي رسائي سان هن جو خيرپور رياست ۾ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ جي حيثيت سان تقرر ٿيو، پر انھيءَ عھدي تي هو گهڻي مدي تائين ڪم نہ ڪري سگهيو. ٻن سالن کان پوءِ هو اھا نوڪري ڇڏي حيدرآباد اچي ويو. انھيءَ وقت حيدرآباد ۾ مسٽر غلام محمد ڀرڳڙيءَ، وڪيلن جي هڪ ڪميٽي قائم ڪئي هئي. نور محمد صاحب بہ انھيءَ ڪميٽي ۾ شامل ٿي ويو. نور محمد ڪجهہ مھينن ۾ ئي پاڻ کي لائق ۽ محنتي وڪيل ثابت ڪيو ۽ رئيس جي سماجي، معاشرتي ۽ قومي تحريڪن جي ڪم ۾ هن جو ساڄو هٿ بڻجي ويو. 1923ع ۾ هو بمبئي اسيمبلي جو ميمبر بہ نامزد ٿيو. رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي صحبت، پنھنجي حساس طبيعت، ھندن جي بالادستي ۽ مسلمانن جي تباھہ حالي کي ڏسي، نور محمد وڪيل اهو فيصلو ڪيو تہ هو پنھنجي باقي زندگي مسلمانن ۾ تعليم جي وڌاءَ لاءِ کپائيندو. ڇاڪاڻ تہ جھالت ۽ تعليم جي گهٽتائي ئي، مسلمانن جي زبون حالت، پٺتي رهجي وڃڻ ۽ ھندن جي تسلط جو اصلي ڪارڻ آهي. انھيءَ مقصد جي لاءِ سڀ کان پھرين نور محمد وڪيل حيدرآباد ۾ سنڌ مسلم تعليمي ڪانفرنس جي نالي سان 1924ع ۾ هڪ ٽي روزا ڪانفرنس تجويز ڪئي. ڪيترن ئي مھينن تائين انھيءَ ڪانفرنس جا انتظام پورا ٿيندا رهيا. ڪانفرنس ۾ ھندستان جي انھيءَ زماني جي چوٽيءَ جي تعليمي ماهرن، پروفيسرن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي، جنھن جي صدارت عليڳڙھہ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر شھزادہ آفتاب احمد ڪئي.
انھيءَ ڪانفرنس کي سنڌ جي نمآئندہ ڪانفرنس ثابت ڪرڻ لاءِ نور محمد وڪيل سنڌ جي هر هڪ شعبي ۽ طبقي جي ماڻھن سان رابطو رکيو. وڏيرن، جاگيردارن، جديد ۽ قديم تعليم يافتہ ماڻھن، سرڪاري ملازمن، اسڪالرن، صحافين وغيره مطلب تہ سڀني جي ستل جذبن کي جاڳايو. انھيءَ ڪانفرنس ۾ مختلف ڪميٽيون جوڙيون ويون. الوحيد ۽ ٻين مسلم اخبارن انھيءَ ڪانفرنس جي خبرن کي چڱي اهميت ڏني. ڪانفرنس ۾ تمام گهڻيون ڪم جون ڳالھيون پيش ٿيون. تعليم ۽ نوڪرين جا جيڪي انگ اکر آڏو آيا انھيءَ تي سنڌ کان ٻاھر جي دانشورن ۽ تعليمي اسڪالرن ڳوڙهي ڏک ۽ جوڳي عجب جو اظھار ڪيو ۽ چيو تہ سموري ھندستان ۾، ڪنھن بہ مسلم اڪثريت واري صوبي ۾ اهڙي ڪريل حالت بنھہ ڪونھي. ڪانفرنس جي مرحبائي تقرير ۾ جيڪي انگ اکر پيش ڪيا ويا. انھن وچورن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ 25 سيڪڙو ھندو آبادي ڪيئن نہ تيز رفتاريءَ سان 75 سيڪڙو مسلمانن تي ڇانئجي ٿي ويئي. حالانڪہ 1843ع تائين حڪومت جي تمام عھدن تي مسلمان فائز هئا. انگريزن جي اچڻ کان پوءِ پنجاھہ سٺ سالن ۾ ايڏي تبديلي اچي ويئي هئي. ڪانفرنس جي موقعي تي پيش ڪيل انگن اکرن مان اھا انھيءَ لاءِ پيش ڪيا ويا آهن. جيئن اھا پروڙ چڱي پر پئجي سگهي ٿي تہ نور محمد وڪيل ڪھڙين حالتن ۾ مسلمانن جي تعيلمي سڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڪيڏو وڏو احسان ڪيو هو.
ڪانفرنس سنڌي مسلمانن جي تعليمي ترقي ۽ سڌاري ڪارڻ ڪيئي فيصلا ڪيا. انھن مان هڪ اهم فيصلو اهو هو تہ حيدرآباد ۾ سموري سنڌ جي سوين مسلمان ٻارن جي رهڻ لاءِ مسلم ھاسٽل جوڙي وڃي، اهڙي طرح ھاءِ اسڪول جو ڪم پڻ هٿ ۾ کنيو وڃي. نيٺ نور محمد وڪيل ڪجهہ معزز مسلمانن تي مشتمل هڪ ايجوڪيشنل سوسائٽي قائم ڪئي. انھيءَ جي بورڊ جو سيڪريٽري کيس چونڊيو ويو. جنھن کانپوءِ هن وڪالت کي ڇڏڻ سان گڏ سماجي ۽ معاشرتي قسم جي ٻين ڪمن کي بہ ڇڏي ڏنو ۽ اسڪول ۽ ھاسٽل جي ڪم کي هٿ ۾ کنيو ۽ انھيءَ کي ئي زندگيءَ جو مقصد ڪري ڇڏيو.
اهو ھاءِ اسڪول اصل ۾ سرڪاري اسڪول هو، جنھن ۾ ھندو ۽ مسلمان شاگر د پڙھندا هئا. نور محمد وڪيل انھيءَ کي مسلم ايجوڪيشنل سوسائٽي ڏانھن منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
ھندن اسڪول جي عمارت ۽ ھاسٽل کي ايجوڪيشنل سوسائٽي ڏانھن منتقل ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪئي. انھيءَ مخالفت ۾ ھندو پريس، تعليم کاتي جي ھندو آفيسرن کان وٺي دانشورن تائين سڀ شامل هئا. ڊاڪٽر گربخشاڻي کان وٺي ڊاڪٽر ڏيارام جھڙا ماڻھو پڻ مخالفت ۾ اڳيان اڳيان هئا.
نور محمد وڪيل سڀ کان پھرين سرڪار کان ھاسٽل جي عمارت وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. سخت جاکوڙ کان پوءِ 1925ع ۾ سرڪار کان ان ھاسٽل وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيو. انھيءَ ھاسٽل جي عمارت ۾ هن اَي. وِي اسڪول قائم ڪيو. بعد ۾ هن سرڪار کان گورنمينٽ ھاءِ اسڪول وٺي، اتي هڪ شاندار عمارت جوڙائي. هن کي انھيءَ ڪم خاطر پنھنجي بنگلي کي گروي رکڻو پيو. انھيءَ زماني جي هفتيوار اخبار ”طيرا ابابيل” هن کي ساراهيندي لکي ٿي: “نور محمد وڪيل جون تعليمي خدمتون هڪ اهڙو سونھري ڪارنامو آهي جيڪو تاريخ جي ورقن تي قيامت تائين چٽيل رھندو ۽ هن جي نانءُ کي روشن رکڻ جو ڪارڻ بڻبو. نور محمد وڪيل جنھن گرم جوشيءَ ۽ مڙسيءَ سان ڪم کي اڳتي وڌائي رهيو آهي بي شڪ اهو هن جو ئي وڙ آهي. هن مسلمان شاگردن لاءِ جيڪي ڪجهہ ڪيو آهي اهو ساراھہ جو محتاج نہ آهي“. (هفتيوار طيراً ابابيل 18 نومبر 1933ع حيدرآباد )
گورنمينٽ اسڪول ۾ انھيءَ وقت ھندو ۽ مسلمان شاگرد پڙھندا هئا. هيڊ ماستر ۽ ڪيئي استاد ھندو هئا. نور محمد جو مؤقف اهو هو تہ جيئن تہ ھندن وٽ پنھنجا ڪيئي اسڪول موجود آهن، انھن وٽ تعليم جو مسئلو ڏکيو يا اڙانگو ڪونھي، انھيءَ ڪري گورنمينٽ اسڪول مسلمانن جي حوالي ڪيو وڃي، اهو مسئلو جيتوڻيڪ حڪومت سان ڳانڍاپو رکندڙ هو، پر روايتي دشمنيءَ جو ثبوت ڏيندي ھندو پريس ۽ مجموعي طور سموري ھندو قوم ان جي مخالفت ڪئي ۽ انھيءَ مسئلي کي پنھنجي انا جو مسئلو بڻائي ڇڏيائون. انھيءَ ڏس ۾ “طيراً ابابيل” حيدرآباد ھندو پروپيگنڊا جو جواب ڏيندي لکي ٿي: “اسان جا ھندو دوست هميشہ الزام لڳائيندا آهن تہ مسلمان ساڙ سڙيا آهن، بي وفا ۽ دوکيباز آهن، اهي دل جي صفائي ۽ سچائي کان وانجهيل آهن، مطلب تہ سڄي دنيا جھان جون بڇڙايون مسلمانن ۾ موجود آهن. انھيءَ جي ابتڙ دنيا ۾ جيڪي بہ خوبيون آهن اهي ھندن ۾ آهن. اهڙي دعويداري ۽ بھتان بازي ڪرڻ سولي ڳالھہ آهي، پر اصل حقيقت ڪنھن کان لڪل نہ ٿي رهي. جڏهن کان مسلم ايجوڪيشنل سوسائٽي حيدرآباد مسلمانن جي تعليم جو ڪم پنھنجن هٿن ۾ کنيو آهي تڏهن کان ھندن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن. مسلم ھاسٽل جي باري ۾ هنن جيڪو سلوڪ اختيار ڪيو اھا ڪلھہ جي ئي ڳالھہ آهي. ھاڻي جڏهن گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مسلمانن جي هٿن ۾ اچڻ وارو آهي تہ ھندن جا حواس خطا ٿي ويا آهن ٻين کي ڇڏيو، پروفيسر اين. ڊي. گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر ڏيارام جھڙا کدر پوش، ھندو مسلم اتحاد جا ديوتا ۽ مھاتما گانڌيءَ جا خاص پيروڪار بہ پاڻ تي ضبط ڪري نہ سگهيا ۽ کلي طرح مخالفت ۾ سامھون اچي ويا ۽ پنھنجي قوم کي اپيل ڪرڻ لڳا تہ ھندن کي گهرجي تہ اسڪول جي حوصلي شڪني ڪن. (طيراً ابابيل 17 جولائي 1933ع)
بھرحال نور محمد وڪيل جون ڪوششون نيٺ ساڀ پيون ۽ اهو اسڪول مسلم ايجوڪيشنل سوسائٽي جي حوالي ٿيو. ان سلسلي ۾ الوحيد لکي ٿي: “حيدرآباد گورنمينٽ ھاءِ اسڪول، سوسائٽي جي حوالي ڪيو ويو آهي، جنھن جو سيڪريٽري اسان جو بزرگ دوست مسٽر نور محمد وڪيل آهي. ھندو اخبارن “اسڪول جو بائيڪاٽ ڪريو” جي مھم صرف انھيءَ ڪري هلائي آهي جو هي اسڪول هڪ مسلم سوسائٽي جي حوالي ڇو ڪيو ويو آهي؟ ٻن مھينن کان ھندن جي منظم پروپئگنڊا جاري آهي جيڪا نھايت ئي افسوسناڪ آهي.” (روزنامہ الوحيد 27 آگسٽ 1937ع)
اسڪول جي ڪاميابي تي حيدرآباد مان انھيءَ زماني ۾ نڪرندڙ هفتيوار اخبار “الڪمال” نور محمد وڪيل جي خدمتن کي ساراهيندي لکيو: “تعليم کاتي جي پڪڙ، ھندن جھڙي منظم ۽ حڪومت جي اڇي ۽ ڪاري تي قابض قوم جي روڪ ٽوڪ ۽ ھندو پريس جي پروپئگنڊا جي باوجود حيدرآباد گورنمينٽ ھاءِ اسڪول، مسلم ايجوڪيشنل سوسائٽيءَ جي حوالي ڪري نور محمد ڄڻ تہ شينھن جي وات مان شڪار ڇڏائي ورتو آهي.” (هفتيوار الڪمال حيدرآباد 12 سيپٽمبر 1937ع)
نور محمد وڪيل کي مسلمانن جي تعليمي ترقيءَ سان جنون جي حد تائين نہ رڳو دلچسپي هئي، پر بنھہ عشق هو. شروعات ۾ وسيلن جي گهٽتائي ڪارڻ مسلم ھاسٽل ۾ هر ضلعي لاءِ مخصوص جايون رکيون ويون هيون ۽ ذهين شاگردن جي وٺي اچڻ خاطر نور محمد سموري سنڌ جو دورو ڪندو هو. هن کي جڏهن بہ اھا خبر پوندي هئي تہ فلاڻن فلاڻن شاگردن فلاڻن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ امتيازي پوزيشن حاصل ڪئي آهي تہ انھن شاگردن جي پنھنجي اسڪول ۾ داخلا ۽ ھاسٽل ۾ رھائش لاءِ، پاڻ ڪهي انھن جي ڳوٺ ويندو هو ۽ سندن پيءُ ماءُ کي انھيءَ ڳالھہ تي راضي ڪندو هو تہ، هو پنھنجن ٻارن کي اهڙي اجازت ڏين ۽ کين اهو بہ چوندو هو تہ سندن ڪل ئي خرچ ۽ بار هو پنھنجي سر سھندو. 1930ع تائين بورڊنگ ھائوس ۾ رھندڙ شاگردن جو انگ ٻن سون تائين پھتل هو. هو بورڊنگ ھائوس ۾ شاگردن جي تربيت ۽ اٿڻ ويهڻ جي پنھنجي سر پاڻ نگراني ۽ رکوالي ڪندو هو. ھاءِ اسڪول ۾ هن اردو ۽ فارسيءَ سان گڏ عربي ٻولي جي تعليم کي پڻ لازمي مضمون جي حيثيت ڏني هئي. هن اسڪول جي لاءِ ھندستان جي مختلف خطن مان اعليٰ قابليت رکندڙ استادن جون خدمتون حاصل ڪيون هيون. استادن جي تعليم جي پڻ هو پنھنجي سر پاڻ نگراني ڪندو هو. انھيءَ جو ئي نتيجو هو جو، سنڌ جي ٻين ھاءِ اسڪولن جي مقابلي ۾، انھيءَ اسڪول جو امتحاني نتيجو سڀني کان سٺو ۽ بھتر هوندو هو. انھيءَ جو اندازو الوحيد جي هيٺينءَ رپورٽ منجهان لڳائي سگهجي ٿو: “هن سال ميٽرڪ جو نتيجو ڏاڍو مايوس ڪندڙ نڪتو آهي جنھن تي هر طرف کان واويلا ڪئي وئي. پر حيدرآباد (نور محمد) ھاءِ اسڪول جي ميٽرڪ جي رزلٽ اهڙي شاندار آهي جنھن جي ساراھہ ڪرڻ کان سواءِ رهي نہ ٿو سگهجي. سنڌ جي چئن هزار شاگردن مان رڳو 15 سئو شاگرد ڪامياب ٿيا آهن. ڪامياب شاگردن جو 49 سيڪڙو حيدرآباد ھاءِ اسڪول سان لاڳو آهي. هن اسڪول جي ٻن شاگردن کي لارڊ سنڊرسٽ ۽ جيبرا جپاٽي اسڪالرشپون مليون آهن، جيڪو اسڪول جو وڏو ڪارنامو آهي. ڏٺو وڃي تہ پوري يونيورسٽي (بمبئي يونيورسٽي) ۾ نتيجن جي لحاظ کان حيدرآباد جو اسڪول پھرين نمبر تي آهي. اصل ۾ اھا ڪاميابي نور محمد جي ذاتي ڪوششن ۽ استادن جي محنتن جو نتيجو آهي. مسٽر نور محمد جي ھاءِ اسڪول جي باري ۾ پاليسي بابت اعتراض ٿيندا رھندا آهن، پر اھا پاليسي نھايت مفيد ۽ ڪارائتي رهي آهي. اميد آهي تہ اڳتي ڪوبہ نور محمد جي خدمتن جو اعتراف ڪرڻ کان سواءِ نہ رهي سگهندو.”(روزنامہ الوحيد 9 جون 1936ع)
نور محمد وڪيل جو صرف اهو ئي ڪردار ڪونھي تہ هن مسلمانن جي تعليمي سڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيو، پر مرحوم 1919ع ۾ “سنڌ مسلم” جي نالي سان حيدرآباد منجهان انگريزي ۾ هڪ هفتيوار رسالو جاري ڪيو، جنھن جو مقصد اهو هو تہ انھيءَ رسالي جي ذريعي خلافت جي مخالفن جي حرڪتن ۽ رٿابندين کي ناڪام ڪيو وڃي ۽ تعليم يافتہ مسلمانن جي آڏو خلافت جي مسئلي جي حقيقت واضح ڪئي وڃي. اهو رسالو اٽڪل هڪ سال تائين جاري رهيو. انھيءَ رسالي جو سمورو ڪم پڻ نور محمد پاڻ ئي ڪندو هو. وري جڏهن 1919ع ۾ ئي ھندستان منجهہ، سڀ کان پھرين خلافت ڪميٽي سنڌ ۾ ٺھي ۽ انھيءَ ڪميٽيءَ جي پاران خلافت جي حفاظت ۽ بقاء جي لاءِ روزانہ “الوحيد” جي ڪڍڻ جي تجويز سامھون آئي تہ ”الوحيد“ جي جاري ڪرائڻ ۾ پڻ نور محمد بہ ڀرپور حصو ورتو. انھيءَ ڏس ۾ هفتيوار “الڪمال” جي 12 سيپٽمبر 1937ع واري ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو مضمون چڱيرڙي معلومات ڏئي ٿو:“مسٽر نور محمد جي ذھانت ۽ هن جي مقبوليت جو اندازو پير غلام مجدد سرھندي جي هن بيان مان لڳائي سگهجي ٿو، جڏهن ميرٺ ۾ خلافت ڪانفرنس ڪوٺائي وئي تہ سنڌ مان مون کي انھيءَ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻو پيو. انھيءَ ڪانفرنس ۾ مولانا محمد علي جوهر، مولانا شوڪت علي، مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ مرحوم ڊاڪٽر انصاري ۽ ٻيا بزرگ موجود هئا. انھيءَ وقت هڪ نشست ۾ عليڳڙھہ ڪاليج جي اخبار جي ايڊيٽنگ جي متعلق بحث ڇڙيو. مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد وغيره بہ حصو ورتو. مون کي چڱي ريت ياد آهي تہ اتي گڏيل راءِ سان اھا ڳالھہ سامھون آئي تہ اخبار جي ايڊيٽنگ لاءِ مسٽر نور محمد سنڌي ئي موزون ثابت ٿيندو، پر شرط اهو آهي تہ هو پنھنجون خدمتون عليڳڙھہ جي حوالي ڪري ڇڏي. مون انھيءَ وقت پنھنجي دل ۾ محسوس ڪيو تہ: “حال نڪوست از بھارش پيداست”
غائبانہ طور تي انھن مدبرن جي مجلس ۾ نور محمد جي ساراھہ ٻڌي مون کي محسوس ٿيو تہ هيءُ (نور محمد) بہ ڪامل هستي آهي.”
(مٿين رسالي جو حوالو)
مسٽر نور محمد وڪيل جي وفات تي “الوحيد” هيٺيون ايڊيٽوريل لکيو: “سنڌ جو ناميارو وڪيل، مسلمانن جي تعليم جو سچو عاشق ۽ شيدائي نور محمد وڪيل اوچتو اسان کان هميشہ لاءِ ڌار ٿي ويو. انا لله و انا اليہ راجعون. مرحوم عليڳڙھہ ڪاليج جي پراڻن شاگردن مان هو ۽ عليڳڙھہ جي روايتي قوم پروري ۽ قوم نوازي جو مجسمو هو. هن جي دل ۾ هميشہ مسلم قوم جي تعليمي ترقي ۽ مجبوري جو درد رھندو هو. خلافت تحريڪ جي مھڙ ۾ 1920ع ۾ هن خاموشيءَ سان وڏي جاکوڙ ڪئي. سالن تائين هو رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جو ساڄو هٿ رهيو. آخري دور ۾ هن وڪالت جو ڌنڌو ڇڏي، پاڻ کي مسلمانن جي تعليم لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. مسلم ايجوڪيشنل ڪانفرنس کان وٺي اسڪول جي حاصل ڪرڻ تائين هن جون خدمتون وسارڻ جوڳيون نہ آهن. هو اسڪول جي ڪمن ۾ ڏينھن رات اهڙي طرح جنبيل رهيو جو هن جي صحت جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ نيٺ تعليمي خدمت جي مصروفيت ئي هن جي موت جو ڪارڻ بڻي.
مرحوم نور محمد نہ صرف مدرسي ھاءِ اسڪول جي خدمت ۾ پنھنجي جان جي قرباني ڏني، پر ھاءِ اسڪول جي عمارت جي تعمير لاءِ هن پنھنجي بنگلي کي گروي پڻ رکيو ۽ هزارين روپيا قرض کڻي مسلم قوم جي تعليم لاءِ پاڻ کي ڏکي آزمائش ۾ وڌو. سنڌ جي مسلمانن ۾ قومي ڪم ڪرڻ وارن جي کوٽ آهي. خاص ڪري اهڙن نوجوانن جي کوٽ آهي جيڪي اعليٰ تعليم يافتہ هجن ۽ پنھنجون صلاحيتون قوم جي خدمت لاءِ کپائين. حقيقت هيءَ آهي تہ سنڌ جي پڙهيل ڪڙهيل نوجوانن جي تاريخ ۾ اهو مسٽر نور محمد ئي هو جنھن پاڻ کي قوم جي تعليمي شعبي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. ھاڻي هو اسان کان ڌار ٿي ويو.” (روزنامہ “الوحيد” 24 آگسٽ 1937ع)

(پرين جي پچار، سنڌ نيشنل اڪيڊمي حيدرآباد، 1982ع تان ورتل)

نور محمد لاکير جون سياسي ۽ سماجي خدمتون: عبدالستار ڀٽي

سنڌ جو سچو سپوت ۽ خادم، قوم جو همدرد ۽ ڀلو چاهيندڙ، قوم مان جھالت جي اونداهي کي ختم ڪرڻ لاءِ علم جا ڏيئا ٻاريندڙ نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد جو باني نور محمد ولد ميان محمد سجاول لاکير، تعلقي ڏوڪري جي ڳوٺ چڪرو ۾ تاريخ 16 سيپٽمبر 1845ع تي جنم ورتو. سندس والد ماجد پرائمري استاد هو جيڪو ملازمت دوران ڳوٺ جعو لاکير ۾ لڏو لاهي وڃي آباد ٿيو. پاڻ نھايت باوقار ۽ سچو سنڌي مسلمان هو. پينشن تي پھچڻ بعد زمين جو ٽڪرو وٺي باقي حياتي اتي گذاريائين. ميان محمد سجاول لاکير کي اولاد ۾ ٽي پٽ هئا جن مان نور محمد اورچ ۽ ذهين هو، تنھن ڪري کيس پڙھائڻ لاءِ پھريائين پنھنجي نظر هيٺ آندائين. سنڌي جا چار درجا پڙھائڻ بعد پٽ کي سنڌ مدرستہ الاسلام ڪراچي ۾ داخل ڪرايائين جتان ميان نور محمد مئٽرڪ جو امتحان سٺن مارڪن سان پاس ڪيو. ان کان پوءِ سردار محمد يعقوب جي ذاتي دلچسپي سان مير علي مراد اسڪالرشپ وٺي عليڳڙھہ يونيورسٽي مان بي. اي پاس ڪيائين، هتي ئي گريجوئيش کان پوءِ ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪري وڪالت جي سند ماڻيائين.
ھندستان ۾ ئي حيدرآباد دکن شھر ۾ پنھنجي دوست محمود علي بيگ سان گڏجي وڪالت شروع ڪيائين. ميان نور محمد لاکير کي دکني آب هوا ڀانءِ نہ پئي جنھن ڪري ڪجهہ وقت بعد وطن واپس موٽيو. هتي خيرپور رياست ۾ جج جي اعليٰ منصب تي ملازمت مليس، پر سندس مزاج ۾ سرڪاري نوڪري جا عنصر ئي موجود ڪونہ هيا. اهڙي طرح ملازمت ۾ طبيعت نہ لڳڻ ڪري استعيفا ڏئي حيدرآباد ۾ مستقل طور اچي رهيو ۽ وڪالت کي پنھنجو پيشو بڻايائين. پنھنجي ذھانت محنت ۽ اورچرائيءَ سان خوب نالو ڪڍيائين. سندس شمار ان وقت جي قابل ۽ مشھور قانوندانن ۾ ٿيندو هو. سندس نالو ئي نور محمد وڪيل مشھور ٿي ويو. ميان نور محمد هڪ طرف ان وقت سنڌ جو ماهر قانوندان هو تہ وري انتھائي خوشحال حيثيت جو مالڪ به، طبيعت انتھائي سادو ۽ سخي مرد انسان هو. هر وقت سندس آفيس غريب سنڌي ماڻھن لاءِ ڄڻ تہ خدمت جو مرڪز هوندي هئي. هن جي دل غريبن جي هر طرح واهر ڪرڻ ۽ مسلمان ٻارن جي تعليم لاءِ آتي هوندي هئي. ويتر وري ان دور جي مشھور سياسي سماجي شخصيت بئريسٽر رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي سان ساٿ ۽ دوستي ٿيڻ ڪري بہ گهڻو اثر پيو. رئيس ڀرڳڙي جو درجو سنڌ ۾ اعليٰ اصولن جي بنياد تي سياست هلائڻ جي بانيڪار اڳواڻن ۾ ٿيندو هو ۽ رئيس ڀرڳڙي سنڌ جو اهو مسلمان ليڊر هو جنھن جي سياست ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي جي اصول تي ٻڌل هئي. سندس ئي ڪوششن سان سنڌ ۾ 1918ع ڌاري مسلم ليگ جو بنياد پيو هو. بئريسٽر ڀرڳڙي جي صحبت ۾ نور محمد لاکير جو سياست ڏانھن لاڙو ٿيو.
سنڌ ۾ سال 1919ع ۾ خلافت تحريڪ بنياد پيو. هي برصغير جي مسلمانن جي انگريز سرڪار خلاف هڪ عالمي تحريڪ هئي جنھن ۾ مولانا محمد علي جوهر، شوڪت علي جوهر، جواهر لعل نھرو، بئريسٽر جان محمد جوڻيجو، پير تراب علي شاھہ راشدي جھان اڳواڻن حصو ورتو. نور محمد وڪيل پڻ خلافت تحريڪ ۾ وڏو ڪردار اد اڪيو. سنڌ ۾ خلافت تحريڪ لاءِ خلافت ڪميٽي جو اجلاس سندس آفيس ۾ منعقد ٿيو. جيڪو تاريخ 22 مئي 1920ع کان 23 مئي تائين جاري رهيو. هتي ئي خلافت تحريڪ کي سنڌ ۾ وڌيڪ فعال بنائڻ، سنڌ ۾ خلافت ڪميٽين جون شاخون قائم ڪرڻ، ديسي هنرن کي زور وٺائڻ، انگريزي شين کي نہ واپرائڻ، انگريز سرڪار خلاف پروپيگنڊہ مھم کي تيز ڪرڻ جا فيصلا ٿيا ۽ پاڻ سڄي سنڌ خلافت ڪميٽي جي اڳواڻن جي حيدرآباد ۾ ميزباني ڪيائين. بحيثيت قانوندان تحريڪ کي هڙون وڙون مدد ڪيائين، پر جيئن تہ افضان حاڪم انگريز سرڪار سان پنھنجي مفادن خاطر صلح ڪري ۽ مسلمانن سان غداري ڪئي تہ هيءَ تحريڪ ناڪام ٿي ۽ انگريز حاڪم جو مسلمان مٿان قبضو مضبوط ٿيو.
خلافت تحريڪ جي ناڪاميءَ سبب خاص طرح سنڌ جي سياستدانن ۾ گهڻي مايوسي پيدا ٿي، پر سنڌي مسلمان سياستدانن هن تحريڪ کي سامھون رکندي آئندہ صرف سنڌ جي مسلمانن جي سياست ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پوءِ سنڌ ۾ ٻہ سياسي قوتون اڀريون جن پر امن نموني قانوني آئيني جمھوري طريقي سان انگريز سرڪار کان سنڌي مسلمانن جي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪئي ۽ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ وڃي اسيمبليءَ پليٽ فارم تان آواز اٿاريو. هڪ گروپ سر شاهنواز خان ڀٽو صاحب ۽ ٻيو سر غلام حسين هدايت الله جو هوندو هو. مسٽر نور محمد سر غلام حسين هدايت الله سان بحيثيت اهم رڪن سياست ۾ ڪم ڪندو رهيو، پر مختلف موقعن تي سر شاهنواز ڀٽو صاحب سان بہ گڏجي ڪم ڪيائين. کيس پھريون دفعو سال 1920ع ۾ حيدرآباد مان بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ٽن سالن لاءِ ميمبر چونڊيو ويو جڏهن تہ ٻيھر وري سال 1923ع ۾ بہ سندس ڪيل قومي خدمتن جي بدلي ۾ حيدرآباد جي عوام بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو. هن صاحب اٽڪل ڇھہ سال اسيمبلي ۾ سنڌي عوام جي نمائندگي ڪئي. هو صاحب سنڌ بمبئي کان ڌار صوبو ٿيڻ بعد سال 1927ع واري اليڪشن ۾ صوبائي اسيمبلي جو اميدوار هيو، پر کيس سيد ميران محمد شاھہ هٿان شڪست ملي.
نور محمد وڪيل صاحب کي بنيادي طرح سان بحيثيت قانوندان حيدرآباد ۾ رهي قوم جي خدمت ڪرڻ ۾ گهڻو سڪون ملندو هو تنھنڪري هن سياست کان وڌيڪ توجھہہ قومي خدمت تي ڏني. هن محسوس ڪيو تہ جيسين سنڌي مسلمان انگريزي تعليم نہ حاصل ڪندا تيسين هو ترقي ڪري نہ سگهندا. ملازمت ۾ حق نہ وٺي سگهندا. پوءِ تہ هن صاحب حيدرآباد ۾ هڪ ھاءِ اسڪول قائم ڪرڻ کي پنھنجو نصب العين بڻائي ڇڏيو ۽ ڏينھن رات هڪ ڪري حيدرآباد ۾ ھاءِ اسڪول قائم ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪيائين. هتي حيدرآباد شھر ۾ سال 1888 ۾ گورنمينٽ اي وي اسڪول قائم ٿيل هيو، جنھن کي نور محمد وڪيل جي ذاتي ڪوششن سان سال 1924ع ۾ ھاءِ اسڪول جو درجو ڏئي مٿس نور محمد ھاءِ اسڪول نالو رکيو ويو. در اصل تاريخ 5 آڪٽوبر 1924ع تي رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي حيدرآباد واري بنگلي تي سنڌ ايجوڪيشن ڪانفرنس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنھن جو مقصد بمبئي جي گورنر سر ليسلي ولسن کي حيدرآباد ۾ دعوت ڏيڻ هو. سنڌ جي خاص وڏيرن، قانوني ماهرن ۽ سياستدانن کان علاوھ اسيمبلي ڪائونسل جي چونڊيل سنڌي ميمبرن جھڙوڪ سر شاهنواز خان ڀٽو صدر بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل مسلم ميمبرس، خانبھادر محمد ايوب کھڙو ميمبر بمبئي ڪائونسل، سيد ميران محمد شاھہ،بئريسٽر عبدالرحمان شرڪت ڪئي. نور محمد وڪيل هن ڪانفرنس کي ڪامياب بنائڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي. آخر سنڌ تعليمي ڪانفرنس تاريخ 16 ۽ 17 ڊسمبر 1924ع تي حيدرآباد جي هوم اسٽيڊ ھال ۾ منعقد ٿي. جنھن جي صدارت سر ابراهيم رحمت الله صدر اسماعيلي خواجہ بمبئي ڪائونسل ڪئي. هن ڪانفرنس جو افتتاح سر ليسلي ولسن گورنر بمبئي پريزيڊنسي ڪيو. هن ٻہ روزہ ڪانفرنس ۾ سڄي سنڌ مان چونڊ اهم شخصيتن کي ڪوٺ ڏني وئي ۽ ھندستان مان بہ ڪيترا مسلمان تعليمي ماهر شريڪ ٿيا، هن اجلاس ۾ پڻ اي. وي اسڪول کي ھاءِ اسڪول جو درجو ڏيڻ لاءِ تمام مندوبين نور محمد وڪيل MLA جي مطالبي جي تائيد ڪئي. خاص طرح سان عليڳڙھہ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر صاحبزادي آفتاب احمد صاحب جي حمايت ۽ ڪوشش سان نور محمد ھاءِ اسڪول قائم ٿيو. هن ٻہ روزہ سنڌ تعليمي ڪانفرنس جي استقباليہ ڪميٽي جو چيئرمين سر شاهنواز خان ڀٽو هو، جڏهن تہ مسٽر نور محمد لاکير وڪيل سيڪريٽري هيو ۽ سيد ميران محمد شاھہ کان علاوھ نانا نور الدين غلام علي جوائنٽ سيڪريٽري هئا. مسٽر نور محمد لاکير ايم. ايل. اي. جي ڪوششن کي ساڀيان ملي. خواب جو هڪ مرحلو مڪمل ٿيو تہ هن صاحب پنھنجي اسيمبلي سياست ۽ ٻين ذاتي ڪمن ڪارين کي هڪ پاسي ڪري هن خير جي ڪم ۾ راتيان ڏيھان رڌل رهيو ۽ نور محمد ھاءِ اسڪول کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي ميدان تي نڪتو. ڪيترن ئي سنڌي مسلمان شاگردن کي سرنديءَ وارن کان اسڪالرشپ ڏياريائين. هن ڏس ۾ لاکير صاحب لاءِ مشھور آهي تہ ضرورت پوڻ وقت پاڻ شھرين کان ٽوپي لاهي پنھنجي ٽوپي ۾ چندو گڏ ڪندو هو. تنھن کان علاوھ حيدرآباد شھر کان ٻاھرين شاگردن لاءِ رھائش جي خاطر هن صاحب مئي 1925ع ۾ عمارت تيار ڪرائي ۽ جيڪا پھرين آڪٽوبر 1925ع کان استعمال ۾ آئي جنھن جو افتتاح پڻ تڏهوڪي گورنر سر ليسلي ولسن ڪيو هو.
مسٽر نور محمد لاکير سنڌ جي بمبئي کان علحدہ صوبي واري جدوجھد ۾ پڻ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو. جڏهن تاريخ 15 نومبر 1932ع تي حيدرآباد ۾ سنڌ آزاد ڪانفرنس منعقد ٿي تہ ان موقعي تي سر شاهنواز خان ڀٽو صاحب کي صدر، خانبھادر محمد ايوب کھڙو صاحب نائب صدر، سيد ميران محمد شاھہ کي سيڪريٽري ۽ مسٽر نور محمد لاکير وڪيل کي ان جو هڪ سال لاءِ جوائنٽ سيڪريٽري جڏهن تہ سيد محمد ڪامل ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي پبلسٽي سيڪريٽري، سر عبدالله ھارون خزانچي چونڊيو ويو. سنڌ آزاد ڪانفرنس جي استقباليہ ڪميٽي جو چيئرمين سر شاهنواز ڀٽو هيو. هن موقعي تي خانبھادر محمد ايوب کھڙي سنڌ جي بمبئي کان ڌار صوبي جي قرار داد پيش ڪئي تہ ان جي تائيد ڪندڙ سيد ميران محمد شاھہ، مسٽر نور محمد وڪيل، خانبھادر ولي محمد حسن علي ۽ مسٽر مير محمد بلوچ ايم. ايل. اي هئا.
تاريخ 2 آگسٽ 1932ع تي سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو اجلاس تنظيم جي سيڪريٽري خانبھادر ولي محمد حسن علي جي گهر منعقد ٿيو. جنھن جي صدارت تنظيم جي چيئرمين سر شاهنواز ڀٽو صاحب ڪئي ۽ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ تاريخ 16 سيپٽمبر 1932ع تي سڄي سنڌ ۾ “سنڌ آزاد” ڏھاڙو ملھائيو ويندو. هن مقصد لاءِ باقائدي پروپيگنڊہ مھم هلائڻ خاطر سيد ميران محمد شاھہ کي محرڪ تہ مسٽر نور محمد لاکير کي مُويد مقرر ڪيو ويو.
سنڌي قوم جي هن خادم پنھنجي عمل سان پاڻ کي سنڌ جو سچو سپوت ثابت ڪيو ۽ اڄ بہ سنڌ صوبي خاص طرح حيدرآباد ضلعي ۾ نور محمد ھاءِ اسڪول جي حوالي سان کيس ياد ڪيو وڃي ٿو. هن سٻاجهي نيڪ انسان جي اھا آخري تمنا هئي تہ حيدرآباد سنڌ ۾ مسلم يونيورسٽي قائم ٿئي مگر افسوس جو حياتي ساڻس بقا نہ ڪئي. هن پنھنجي زندگي ۾ ٻہ شاديون ڪيون پر کيس پٽ جي اولاد ڪونہ ٿي. سندس ڌيءُ آپا مھر النساء نور محمد جيڪا زبيدہ گرلس ڪاليج حيدرآباد ۽ گورنمينٽ گرلس ڪاليج لاڙڪاڻو جي اڳوڻي پرنسيپال رهي آهي.
هن عظيم ۽ امر انسان تاريخ 22 آگسٽ 1937ع تي وفات ڪئي کيس سندس وصيت مطابق مسلم ھاسٽل حيدرآباد جي احاطي ۾ دفنايو ويو.

(لاڙڪاڻو امر شخصيتون، لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي، 2000ع تان ورتل)

نور محمد لاکير هڪ تعليمي سڌارڪ: پروفيسر مھر نور محمد

جناب نور محمد لاکير ولد محمد سجاول لاکير 19 صدي عيسويءَ جي آخر ۾ هڪ ڳوٺ چڪرو، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن پنھنجي تعليم پنھنجي والد محترم محمد سجاول جي رهنمائيءَ هيٺ ڳوٺ مان حاصل ڪئي، جيڪو ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر هو. جڏهن سنڌو درياھہ ڏوڪريءَ ڏانھن پنھنجو رخ موڙيو تہ هو تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ، ضلعي دادو ۾ لڏي اچي آباد ٿيو، جتي هن کي سيد نورمحمد ناٿن شاھہ جي رهنمائيءَ ۾ پڙهڻ جو شرف حاصل ٿيو. مسٽر محمد سجاول ريٽائرمينٽ تي ڪجهہ زمين خريد ڪري ڳوٺ جمعي لاکير، تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ، ضلعي دادو ۾ اچي آباد ٿيو. جناب نور محمد لاکير ثانوي تعليم سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي مان حاصل ڪئي. بعد ۾ عليڳڙھہ هليو ويو ۽ الله آباد يونيورسٽي مان قانون جي ڊگري حاصل ڪيائين. سائين نور محمد لاکير عليڳڙھہ ڪاليج ۾ بہ پڙھايو ۽ سنڌ واپسيءَ تي کيس خيرپور ميرس جي ڪورٽ ۾ سيشن جج مقرر ڪيو ويو. سرڪاري نوڪري سندس مزاج جي خلاف هئي، تنھن ڪري حيدرآباد سنڌ اچي، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، بار-ايٽ-لا وٽ قانون جي پريڪٽس ڪرڻ لڳو.
جناب نور محمد لاکير هڪ سٺو ليڊر هو ۽ هڪ مضبوط معاشي ۽ سٺي حيثيت جو مالڪ هو، ڇاڪاڻ تہ هو هڪ زميندار جو اڪيلو پٽ هو، پنھنجي لاءِ مضبوط استحڪام ۽ اعليٰ مقام حاصل ڪرڻ جي باوجود انھن ڳالھين سندس شخصيت تي ڪو ٿورڙو بہ اثر نہ هو. هو نھايت ساده مزاج ۽ هڪ اهڙو ماڻھو هو، جنھن جون گهرجون تمام گهٽ هونديون هيون. هو دل جو مھربان هو، ۽ جيڪو ڪجهہ هن پنھنجي والد کان حاصل ڪيو هو، اهو سڀ سنڌ جي عام ماڻھن جي خدمت ۾ هوندو هو، سندس گهر ۽ آفيس سنڌ جي عوام جي خدمت ۽ سنڌي ٻارن ۽ نوجوانن جي تعليم جو مرڪز هوندا هئا.
1918ع ۾ سنڌ ۾ مسلم ليگ جو بنياد رکيو ويو ۽ ان جو پھريون اجلاس محترم نور محمد لاکير جي رھائشگاھہ تي ٿيو هو. 1919ع ۾ سنڌ ۾ خلافت تحريڪ شروع ٿي، جنھن ۾ محترم نور محمد لاکير اهم ڪردار ادا ڪيو. سياست ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سندس وڏي دلچسپي عوام جي ڀلائي لاءِ اقتدار حاصل ڪرڻ هو، جنھن جي هن نمائندگي ڪئي. مسٽر نور محمد پھريون ڀيرو 1920ع ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ٽن سالن لاءِ ميمبر ٿيو، حيدرآباد جي عوام لاءِ هن جي ڪيل خدمت جي ڪري ماڻھن کي سندس هميشہ ياد رھندي.
محترم نور محمد کي سنڌ جي عام ماڻھن جي سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ بيحد خوشي حاصل ٿيندي هئي. هن کي يقين هو تہ سنڌ جا مسلمان جيستائين انگريزيءَ ۾ تعليم حاصل نہ ڪندا تيستائين ترقي ڪري نہ سگهندا ۽ نہ ئي سرڪاري يا خانگي نوڪريون حاصل ڪري سگهندا. هن پنھنجا سمورا وسيلا هن اسڪول جي قيام تي خرچ ڪيا. 1888ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ هڪ انگلش ميڊيم اسڪول قائم ڪيو ويو هو، جيڪو محترم نور محمد جي ذاتي ڪوششن سان 1924ع ۾ انگريز سرڪار کان حاصل ڪيو ويو، جيڪو حيدرآباد ھاءِ اسڪول سڏجڻ لڳو. اهو اسڪول ۽ عمارت نور محمد لاکير کي ان شرط تي ڏنو ويو هو تہ هو اسڪول جي نئين عمارت جوڙائيندو. هن اسڪول ۾ سڄي سنڌ جا شاگرد ايندا هئا، ٻھراڙي جي شاگردن لاءِ بورڊنگ ۽ رھائش جون سھولتون گهربل هيون. سر ھارٽگ جي سربراهيءَ ۾ 1923-24ع ۾ ”سر ھارٽگ ڪميشن“ نالي هڪ ڪميشن جڙي هئي، جنھن ۾ مسٽر نور محمد سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي حالتن جو مطالعو ڪري هڪ رپورٽ هن ڪميشن آڏو پيش ڪري ثابت ڪيو هو تہ سنڌي مسلمانن وٽ تمام صلاحيتون ۽ قابليتون آهن، پر انھن وٽ تعليم يا معاشي ترقيءَ لاءِ معاشي ذريعا نہ آهن. حيدرآباد ھاءِ اسڪول ۾ سڄي سنڌ مان آيل شاگردن جي ھاسٽل لاءِ ضلعي لوڪل بورڊ طرفان هڪ عمارت ڏني وئي هئي، اھا ھاسٽل جيڪا سول اسپتال حيدرآباد جي ڀرسان آهي، ان کي مسلم ھاسٽل چيو ويندو هو.هن ھاسٽل جو افتتاح سر ليسلي ولسن ڪيو هو. ولسن سنڌ جو گورنر هو. سر ليسلي ولسن جو چوڻ هو تہ ”مسلم ھاسٽل سنڌ جي مسلمانن جي تعليم جي ترقيءَ ۾ هڪ وڏو ڪم آهي“. محترم نور محمد لاکير پنھنجي پاڻ کي سنڌ ۽ سنڌين جي تعليم لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، هر پليٽ فارم تان جيڪو ٿي سگهيو.
اڄوڪو ڏينھن اسان کي 1923-24ع جي ياد ڏياري ٿو، جڏهن هڪ ننڍڙو ٻج پوکيو ويو هو، جنھن کي محترم نور محمد لاکير صاحب پنھنجي همعصرن ساٿين جي سهڪار سان وڏي چاھہ، پيار ۽ فخر سان پوکيو هو، تہ اڄ اهو ٻج ڦٽي ڪھڙو نہ مضبوط سنڌ جي تعليمي ادارن جي ڪائونسل يعني گورنمينٽ نورمحمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد جي نالي سان سنڌ ۾ هڪ خوبصورت وڻ جي روپ ۾ وڏو ٿي چڪو آهي. جنھن جي خوشبوءِ هر هڪ جي نظر کي وڻندڙ آهي.
محترم نور محمد لاکير 22 آگسٽ 1937ع تي وفات ڪري ويو، پنھنجي پويان ٻہ ڌيئرون، هڪ گهرواري (مرحوم) ڇڏيون. سندس وڏي ڌيءُ زبيدہ خاتون هئي ۽ ننڍي ڌيءَ پروفيسر مھر نور محمد آهي، جيڪا 1993ع ۾ پرنسيپال گورنمينٽ زبيدہ گرلز ڪاليج حيدرآباد جي عھدي تان رٽائر ٿي آهي ۽ هن وقت ”نور محمد لاکير ايجوڪيشن اينڊ ويلفيئر سوسائٽي“ جي چيئرپرسن طور ڪم ڪري رهيو آهي. هوءَ حيدرآباد ۾ رهي ٿي.
ضروري بنيادي تعليم جي صورت ۾ انساني سرمائي جي سرمائيداري کي نظرانداز يا ملتوي نٿو ڪري سگهجي. سنڌ جون تعليمي حالتون ڏينھون ڏينھن خراب ٿينديون پيون وڃن. ”نور محمد لاکير ايجوڪيشن اينڊ ويلفيئر سوسائٽي“ جو مقصد محترم نور محمد لاکير جي علم جي روشنيءَ کي پوري طرح روشن رکڻ آهي تہ جيئن سنڌ جي هر اسڪول ۾ پڙھندڙ ٻار کي معياري تعليم ملي سگهي، جن کي ٻي صورت ۾ شايد اهڙو موقعو ملي نہ سگهندو هجي ۽ کين ڪلاس روم جي اندر کي ڏسڻ، ڪتاب جو صفحو ڦيرائڻ يا ڪاغذن تي قلم رکڻ جو موقعو حاصل نہ ملندو هجي.
”نور محمد لاکير ايجوڪيشن اينڊ ويلفيئر سوسائٽي“ جو مقصد گهٽ امتيازي سلوڪ رکندڙ ٻارن کي علم، فني مھارتن سان آراستہ ڪرڻ آهي تہ جيئن اهي اعليٰ اخلاقي ۽ سماجي قدرن جي پرورش ڪن ۽ انھن ۾ اعتماد پيدا ڪن تہ جيئن اهي عام طور تي سڄي سماج ۾ حق ۽ سچ سان گڏ بيھڻ ۽ خاص طور تي انھن جي ذاتي ڀلائي لاءِ جدوجھد ڪن.
اسان جي دعا آهي تہ الله تعاليٰ اسان کي پنھنجي مقصد کي سچائيءَ سان حاصل ڪرڻ جو وسيلو ۽ هدايت عطا فرمائي. ان سلسلي ۾ اسان کي توھان جي تعاون جي ضرورت آهي ۽ اسان مان هر هڪ جي هن عظيم مقصد تي همدردي سان غور ڪيو وڃي.

چيئرپرسن
پروفيسر مھر نور محمد
ڌيءَ نور محمد لاکير
اڳوڻي پرنسيپال حڪومت زبيدہ گرلز ڪاليج حيدرآباد.
فون نمبر # 0321-5188172
جنرل سيڪريٽري
محمد فريد احمد
ڏوهٽو: نور محمد لاکير
فون نمبر : 0300-2185148

(نور محمد لاکير ايجوڪيشن اينڊ ويلفيئر سوسائٽيءَ جي ڇپيل بروشر جو سنڌي ترجمو، بروشر نور محمد ھاءِ اسڪول لائبريريءَ مان حاصل ٿيو.)

نور محمد لاکير بحيثيت قانون ساز: عامر مغيري

بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سنڌ جي نمائندگيءَ جي مختصر تاريخ؛
برصغير ۾ انگريزن جي آمد وقت پارليامينٽ يا اسيمبليءَ جو ڪو خاص تصور يا ڍانچو موجود نہ هيو. ھندستان ۾ آئيني سڌارن طرف پھرين وک وڌائيندي 1861 ع ۾ برطانوي پارليامينٽ "انڊين ڪائونسل ايڪٽ 1861" پاس ڪيو،جنھن تحت مرڪز ۾ گورنر جنرل جي ڪائونسل ۽ بمبئي، ڪلڪتہ ۽ مدراس پريزيڊنسين ۾ قانون ساز ڪائونسلن جو وجود عمل ۾ آندو ويو. اهڙي ريت پھريون ڀيرو بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل وجود ۾ آئي. هن قانون تحت پھريون ڀيرو مقامي ماڻھن کي قانون ساز ڪائونسل ۾ نمائندگي مِلي، ۽ گورنر کي چار غير سرڪاري (مقامي ماڻھن) کي ڪائونسل ميمبر مقرر ڪرڻ جو اختيار هيو. هِنن ليجسليٽو ڪائونسلن کي ڪي خاص اختيار ڪونہ هيا. ڪائونسل جي ميمبرن کي صرف بِل متعارف ڪرائڻ ۽ متعارف ڪرايل بِلن تي ووٽنگ جو اختيار هيو. ان کان سواءِ انھن وٽ مالي معاملن بابت پڇا ڳاڇا، سوال پڇڻ ۽ ٺھراءُ پيش ڪرڻ جو اختيار بہ نہ هيو
”انڊين ڪائونسل ايڪٽ 1892“ تحت ڪائونسل کي ڪجهہ وڌيڪ اختيار ڏيندي ميمبرن جو انگ بہ وڌايو ويو. هن ايڪٽ تحت ڪراچي چيمبر آف ڪامرس ۽ سنڌ جي زميندارن لاءِ الڳ سيٽون مختص ڪيون ويون. ان موقعي سنڌ جي زميندارن ۽ جاگيردارن لاءِ هڪ سيٽ مختص ڪئي وئي. منٽو-مارلي سڌارن جي نتيجي ۾ انڊين ڪائونسل ايڪٽ 1909 پاس ڪيو ويو. انھن سڌارن جي نتيجي ۾ سنڌ جي سيٽن جو انگ وڌائي چار ڪيو ويو. ڏهن سالن کان پوءِ مونٽيگو-چيلمسفورڊ سڌارن جي نتيجي ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سنڌ جي سيٽن جو تعداد چار مان وڌائي اڻويھہ ڪيو ويو. جن مان 15 مسلمان، ٽي ھندو ۽ هڪ يورپين لاءِ مختص ڪيون ويو.
گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1919 ع تحت پھريون چونڊون 1920ع ۾ ٿيون. 1920 ع ۾ منعقد ٿيندڙ پھرين چونڊن جو تقريبن سڀني وڏين پارٽين بائيڪاٽ ڪيو. ڪانگريس ۽ آل انڊيا خلافت ڪميٽي جو بہ موقف هو تہ 1919 ع وارن سڌارن کي متحدہ ھندستان کي اُهي سياسي حق نہ مليا آهن. جن لاءِ اهي جدوجھد ڪري رهيا هئا. مگر 1923 ع وارين چونڊن ۾ سڀني پارٽين ڀرپور حصو ورتو.
1923ع وارين چونڊن برصغير جي سياسي ماحول ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو. هڪ تہ تقريبن سڀ سياسي جماعتون اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيون هيون ٻيو تہ تاريخ ۾ پھريون ڀيرو عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق مليو. هِنن چوندن ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي 86 سيٽن مان فقط 11 سيٽن تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا، جڏهن تہ 75 سيٽن تي 212 اميدوارن حصو ورتو. جن مان 54 اميدوارن جون ضمانتون ضبط ٿي ويون. (جيڪي بہ اميدوار ڪُل ڪاسٽ ٿيل ووٽن جو اٺون حصو ووٽ نہ کڻي سگهندا هئا، انھن جي ضمانت ضبط ٿيندي هئي). سنڌ جي 19 سيٽن تي ٻہ ڄڻا بنامقابلي ڪامياب ٿي ويا،جڏهن تہ بقايا 17 سيٽن تي 50 اميدوارن حصو ورتو. اهڙي ريت ووٽ ڪاسٽ ٿيڻ جي شرح 48.2 سيڪڙو رهي. جڏهن تہ ان کان اڳ 1920 ع وارين چونڊن ۾ سياسي پارٽين جي بائڪاٽ سبب ووٽ ڪاسٽ ٿيڻ جي شرح صرف 34.9 سيڪڙو هئي. اهڙي ريت انڊيا جي مرڪزي اسيمبلي ۾ اُن ڪروڙن جي آبادي رکندڙ متحدہ ھندستان جي صرف 990،979 ماڻھن کي ووٽ جو حق حاصل هو، جنھن مان صرف 343،501 ماڻھن ووٽ جو حق استعمال ڪيو.
اُن وقت چونڊن ۾ هر تَڪَ تي جدا جدا اليڪشن نہ ٿيندي هئي، مگر اليڪٽوريل ڪاليج تحت چونڊون ٿينديون هيون. مثال طور تي اگر لاڙڪاڻي ضلع جي لاءِ ٽي سيٽون مختص هيون ۽ ڏھہ اميدوار اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا هوندا تہ پوءِ مجموعي طور تي سڀ کان وڌيڪ ووٽ کڻندڙ پھرين ٽِن اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويندو هو. 1923 ع وارين چونڊن ۾ سنڌ جي بمبئي ڪائونسل ۾ اڻويھہ سيٽن جا چونڊ نتيجا هيٺ ڏجن ٿا.

1923 ع وارن چونڊن ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي سنڌ مان چونڊيل ميمبرن جي جدول

 

کَٽيل اميدوار جي اڳين اميدوار کان ووٽن جي برتري جو

تعداد

کَٽيل اميدوارن جا نالا

عورت

ووٽرن

پاران

ڪاسٽ

ڪيل

ووٽ

مرد

ووٽرن

پاران

ڪاسٽ

ڪيل

ووٽ

عورت

ووٽرن

جو

تعداد

مرد ووٽرن جو تعداد

اميدوارن جو تعداد

سيٽن جو تعداد

تڪ جو نالو

1،782

مسٽر درڳا داس ڀوڄ راڄ آڏواڻي

83

5،661

138

11،285

4

1

ڪراچي شھر (غير مسلم-شھري)

2،168

مُکي ڄيٺانند پريتم داس

23

7،527

428

14،561

4

1

اوڀر سنڌ (غير-مسلم ٻھراڙي)

5،690

ڀوڄ سنگهہ گرڏنو مل پھلجاڻي

00

9،095

122

22،636

2

1

اولھہ سنڌ (غير-مسلم ٻھراڙي)

1،466

حاجي عبدالله ھارون

33

3،625

98

5،707

3

1

ڪراچي شھر (مسلم-شھري)

193

 

1،073

1.. خانبھادرغلام حسين هدايت الله

2. مسٽر نور محمد

12

4،450

257

10،140

4

2

حيدرآباد ضلع

(مسلم-ٻھراڙي)

512

12

1.. حاجي فضل محمد خان

2.. حاجي خميسو ولد گل محمد

00

1،660

44

3،516

5

2

ڪراچي ضلع

(مسلم-ٻھراڙي)

4،582

 

4،220

 

1،016

1.. خان بھادر شاهنواز خان ڀٽو

2.. خان صاحب ڪريم بخش خان جتوئي

3.. جناب محمد ايوب کھڙو

21*

16،003*

311

9،796

7

3

لاڙڪاڻو ضلع

(مسلم-ٻھراڙي)

05

 

51

1.. پير رسول بخش شاه ولد محمد بخش شاه

2.. خان بھادر جان محمد خان ولد خان بھادر شاه پسند خان

03

5،159

89

8،216

8

2

سکر ضلع

(مسلم-ٻھراڙي)

290

 

66

1.. جناب غلام نبي شاه ولد موج علي شاه

2.. جناب جان محمد ولد ولي محمد ڀرڳڙي

10*

4،827*

146

4،256

7

2

ٿرپارڪر ضلع

(مسلم-ٻھراڙي)

68

خان صاحب حاجي امام بخش ولد خان بھادر غلام رسول خان جتوئي

04

3،011

155

5،895

2

1

نوابشاه ضلع

(مسلم-ٻھراڙي)

بنا مقابلي

خان بھادر هزار خان ولد رحيم خان کوسو

-------

-----

72

3،855

1

1

اپر سنڌ فرنٽيئر

(مسلم-ٻھراڙي)

319

جناب سيد محمد ڪامل شاھہ

00

330

7

979

2

1

سنڌ جاگيردار ۽ زميندار

بنامقابلي

مسٽر ايف. ڪليٽن

----

----

00

59

1

1

ڪراچي چيمبر آف ڪامرس


*هنن ووٽن ۾ اُهي ووٽ بہ شامل آهن، جن کي هڪ کان وڌيڪ ووٽ ڏيڻ جو اختيار هو. اندازن ووٽن جو اصل تعداد ڄاڻڻ لاءِ حاصل ڪيل ووٽن کي تَڪَ ۾ موجود سيٽن جي تعداد سان ونڊ ڪريو.

نور محمد لاکير بطور پارليامينٽيرين
اسين مٿي برصغير ۾ پارليامينٽ يا قانون ساز ادارن جي ارتقا جو سرسري ذڪري ڪري چڪا آهيون. بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ حيدرآباد ضلع جي مسلم ٻھراڙي جون ٻہ سيٽون هيون. 1923 وارين چونڊن ۾ هڪ سيٽ تي سر غلام حسين هدايت الله جڏهن تہ ٻئي تي نورمحمد لاکير چونڊجي آيا.
بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ نورمحمد لاکير انتھائي متحرڪ ڪردار ادا ڪيو. پاڻ سنڌ سان متعلق ٻين جي پڇيل سوالن تي ضمني سوال ضرور پڇندو هو. ٽن سالن جي عرصي ۾ پاڻ 86 سوال پڇيايون. (ضميمو پھريون). ياد رهي تہ انھن سوالن ۾ ضمني سوال شامل نہ آهن. جيڪي بہ تقريبن ايترا ئي سوال ٿين ٿا. اهڙي ريت مختلف موقعن تي 36 دفعا تقريرون ڪيائون. جن مان چند منتخب تقريرن جو اختصار هيٺ پيش ڪيون وينديون. ان کان علاوھ پاڻ اهم قانون سازي ۾ بہ بھرو وٺندا هئا ۽ بلن ۾ ترميمون پڻ پيش ڪندا هئا، مگر جيئن تہ اڪثر ترميمون حڪومت جي موقف جي خلاف هونديون هيون، جنھن ڪري اهي ترميمون رد ٿي وينديون هيون. مگر هو پنھنجو پورو موقف پيش ڪندا هئا.
ليجسليٽو ڪائونسل ۾ تعليم، عدالتون ۽ قانون سندس پسنديدہ شعبا هئا، جنھن بابت اڪثر ڪري ڪو بحث ٿيندو هو، يا ڪا قانون سازي ٿيندي هئي تہ ان ۾ ڀرپور حصو وٺندا هئا. اهڙي ريت سندس سوالن جي اڪثريت مٿين کاتن/شعبن بابت هئي.
1923 ع جي چونڊن ۾ چونڊجي آيل ميمبرن کان 18 فيبروري، 1924 ع تي ٽائون ھال بمبئي ۾ ڪائونسل جي صدر ابراهيم رحمت الله حلف ورتو. حلف کڻڻ واري پھرين ڏينھن بمبئي جي گورنر سر ليسلي ولسن خطاب پڻ ڪيو. گورنر جي خطاب کان پوءِ اسيمبليءَ جي نائب صدر جي چونڊ ٿي. تنھن کان پوءِ اجلاس کي اڳئين ڏينھن تي ملتوي ڪيو. ڇو تہ مجموعي طور تي پھرين ڏينھن تي ايجنڊا تي ٻيا اسم نہ رکيا ويندا آهن. 19 فيبروري، 1924 ع واري اجلاس ۾ نورمحمد لاکير پاران ووٽر لسٽن ۽ سکر بئراج جي چيف انجنئير جي هيڊڪوارٽر بابت ٻہ ضمني سوال پڇيا. ساڳئي ڏينھن تي سرڪار پاران متعارف ڪرايل ”بمبئي چلڊرين بل“ جي مخالفت ڪندي چيائين ته
”هن بل ۾ پنھنجي ٻارن کي پنڻ لاءَ موڪليندڙ والدين کي ذميواري ٺھرائي، عدالتن ۾ ثبوت ڏيڻ جي ذميواري بہ سرڪاري پراسيڪوشن بدران والدين تي لاڳو ڪئي وئي آهي. سنڌ ۾ تہ گهٽين ۾ ڳائڻ وڄائڻ وارا ٻڍا ۽ ٻارگلوڪاري ڪري پنھنجو گذر سفر ڪندا آهن، ڇا هن قانون وسيلي ڪو سب انسپيڪٽر انھن کي بہ پڪڙي جيل حوالي ڪندو؟ ٻيو اهم نڪتو اهو آهي تہ ٻارن کي ڪفالت جي لاءِ ٻين مذهبن جي ماڻھن حوالي ڪيو ويندو. مونکي ان ڪري هن بل تي تمام گهڻا خدشا آهن. بھتر آهي تہ هِن بل کي عام ماڻھن جي راءِ وٺڻ لاءِ فلحال ملتوي ڪيو وڃي.“
اجلاس جي آخر ۾ نورمحمد لاکير پاران رٿ پيش ڪئي وئي تہ هي انتھائي اهم بل آهي، تنھن ڪري هن کي فلحال ملتوي ڪيو وڃي. ووٽنگ ڪرڻ کان پوءِ دلچسپ صورتحال پئدا ٿي وئي. ڇو تہ 47 ميمبرن رٿ جي حمايت ۽ 47 ميمبرن رٿ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. آخر ۾ ڪائونسل جي صدر ابراهيم رحمت الله پنھنجو فيصلاڪن ووٽ رٿ جي حمايت ۾ ڏنو. اهڙي ريت نورمحمد لاکير جي رٿ وسيلي بمبئي ڪائونسل ۾ وقت جي حڪومت کي شڪست ملي. ايتري قدر جو سنڌ سان تعلق رکندڙ اڪثر ميمبرن بہ سندس مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. (حوالو؛پروسيڊنگس آف بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل، جلد 11، صفحو 91)
نورمحمد لاکير پنھنجي پھرين بجيٽ تقرير 22 فيبروري، 1924 ع ۾ ڪئي. جنھن ۾ هُن ڳالھائيندي چيو تہ
”هِن بجيٽ پيش ڪرڻ تي مان سرڪار کي ڪابہ مبارڪباد پيش نہ ڪندس. اسان جي صوبي (سنڌ) جا ماڻھو غريب آهن. انھن بجيٽ جي ڪتابن ۾ اسان لاءِ ڪجهہ بہ نہ رکيو ويو آهي. هر حڪومت اسان سان انتھائي بدترين سلوڪ روا رکيو آهي. مونکي تعجب ٿيو جڏهن تعليم واري سيڪريٽري چيو تہ هو سنڌ جي تعليم جي حالتن کان واقف ناهي. منھنجي لاءِ اھا انتھائي تعجب جي ڳالھہ آهي تہ حڪومتي ميمبر تعليم جي حالتن کان باخبر ناهن. سرڪار وٽ ننڍن وڏن آفيسرن لاءِ بنگلا ٺھرائڻ لاءِ پئسا آهن، مگر تعليم لاءِ نہ آهن؟
ھاڻي (سکر) بئراج جي سوال ٿي اچون ٿا. بئراج بابت هن ھائوس ۾ مليل جليل رد عمل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڪجهہ بئراج جي حمايت ۾ آهن تہ ڪجهہ بئراج جا مخالف آهن. مخالفت جو وڏو سبب اهو آهي تہ بئراج ٺھڻ سبب صوبي کي تہ فائدو ٿي سگهي ٿو، مگر شايد سنڌين کي ڪو فائدو نہ رسي. جنھن نموني سان زمينن جي نيلامي ڪئي وڃي پئي، مونکي ان تي تحفظات آهن. مان اميد ڪريان ٿو تہ اهي زمينون سنڌين کي وڪرو ڪيون وينديون.
سائين هن بجيٽ ۾ مسلمانن جي تعليم لاءِ صرف 45000 روپيا رکيا ويا آهن. جيڪي تمام گهٽ آهن. ويجهائي ۾ هڪ تمام وڏي زميندار مير غلام محمد خان ٽالپر هڪ لک سٺ هزار روپين سان پنھنجي مدد پاڻ تحت هڪ اسڪول ۽ ھاسٽل شروع ڪئي آهي. هُن پاران سرڪاري مدد لاءِ درخواست بہ ڏني وئي. مگر سندس مدد نہ ڪئي وئي. ان کان پوءِ سائين اسان وٽ سنڌي لکت فارسي ۽ عربي رسم الخط ۾ ڪئي ويندي آهي، مگر ايجوڪيشن ڪميٽي پاران اهو فيصلو ڪيو ويو آهي تہ ھائير ڪلاسز ۾ فارسي نہ پڙھائي ويندي.
ڇا حڪومت اسان جي اعتماد تي پوري لٿي آهي؟ مان انتھائي ايمانداري سان چوان ٿو تہ حڪومت اسان سان گڏ بيٺل نظر نہ ٿي اچي. حڪومت کي اھا پاليسي جاري نہ ڪرڻ کپي، جيڪا اسان لاءِ تباهي جو سامان مھيا ڪري ڪري. مان سمجهان ٿو تہ موجودہ بجيٽ انتھائي تباھہ ڪن آهي.“ (حوالو؛پروسيڊنگس آف بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل، جلد 11، صفحو 239-241)
23 فيبروري، 1924 ع تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ناڻي کاتي واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جون چونڊون ٿيو. 12 ميمبرن جي ڪميٽي لاءِ 22 ميمبرن چونڊن ۾ حصو ورتو. جنھن ۾ نور محمد لاکير 49 ووٽ کڻي ناڻي کاتي واري ڪميٽي جو ميمبر چونڊجي ويو. (حوالو؛پروسيڊنگس آف بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل، جلد 11، صفحو285)
25 فيبروري، 1924 ع تي ايوان ۾ ضلعي ميونسپل ايڪٽ ۾ ترميم جو بل پيش ٿيو. ان بل کي سليڪٽ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو. نورمحمد لاکير ان سليڪٽ ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو. (حوالو؛پروسيڊنگس آف بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل، جلد 11، صفحو 384)
4 مارچ 1924 تي تعليم، شولاپور ضلعي سان تعلق رکندڙ ميمبر مسٽر وي. آر. ڪوٺاري تعليم کاتي جي بجيٽ مان هڪ روپئي جي ڪتر جي رٿ پيش ڪئي،ان موقعي لاکير صاحب سنڌ ۾ مسلمانن جي تعليم تي انتھائي جامع تقرير ڪئي. جنھن جو اختصار هيٺ پيش ڪجي ٿو.
”سنڌ جا مسلمان تعليم جي معاملي ۾ سڄي بمبئي پريزيڊنسي کان پٺتي پيل آهن. ان سلسلي ۾ حڪومت اسان تي تمام ٿورا پئسا خرچ ڪري پئي. بمبئي پريزيڊنسي ۾ مسلمانن جي آبادي تقريبن 83 لک آهي. جنھن مان اڪثريت سنڌ ۾ رهي ٿي. مگر تازين رپورٽن مان خبر پوي ٿي تہ 4829 ٻارَ آرٽس ڪاليجن ۾ زير تعليم آهن، جن مان مسلمانن جو تعداد صرف233 آهي. جڏهن 233 مان سنڌي مسلمان ٻارن جو تعداد فقط73 آهي. جڏهن تہ قانون، طب، زراعت، ڪامرس ۽ ٻيلي کاتي جي پروفيشنل تعليم ۾ پڻ اسان جي ڪميونٽي جا فقط 91 ٻار پڙهي رهيا آهن.
سنڌ جي سيڪنڊري اسڪولن ۾ 5833 شاگرد زيرتعليم آهن. جن مان مسلمان شاگردن جو تعداد صرف 1675 آهي. سنڌ جي 80 سيڪڙو آبادي مسلمانن تي مشتمل آهي. تنھن ڪري گهٽ ۾ گهٽ اهو انگ چار هزار هجڻ کپي ھا. سنڌ ۾ جن جي آبادي 20 سيڪڙو آهي، انھن جا تعليمي ادارن ۾ 80 سيڪڙو ٻار زير تعليم آهن ۽ جن جي آبادي 80 سيڪڙو آهي، انھن جا 20 سيڪڙو پڙهن پيا.
1915 ع ۾ ھند سرڪار هڪ سرڪيولر جاري ڪري مسلمانن جي تعليم لاءِ همٿائڻ بابت ڪميٽيون ٺھرايون. هڪ ڪميٽي سنڌ ۾ بہ ٺھي. جنھن جا ڀرڳڙي صاحب ۽ ڪجهہ ٻيا ميمبر هيا. ان ڪميٽي رپورٽ ڏني تہ تعليم کي وڌائڻ لاءِ سنڌ ۾ سرڪاري ھاسٽلون جوڙيون وڃن، وڌيڪ مسلمان استاد ڀرتي ڪيا وڃن، اسڪولن ۾ فارسي پڙھائي وڃي، مستحق شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني وڃي. مگر ان ڪميٽي جي فيصلي جي باوجود هڪ بہ ھاسٽل نہ ٺاهي وئي. لڳي ٿو تہ ان معاملي ۾ حڪومت انتھائي غير سنجيدہ آهي.
سنڌ جي مسلمانن جي ٻارن جو سڄو دارومدار ڪراچي جي سنڌ مدرستہ الاسلام تي آهي. ھاڻي نوشھروفيروز مدرسي جو ڪنٽرول بہ ايجوڪيشنل انسپيڪر حوالي وڃڻ ٿي رهيو آهي. خدا ڄاڻي تہ ان جو بہ ڇا حال ٿيندو.
مٿين مثالن کي سامھون رکي مان عزت ماب ميمبر جي ڪٽ موشن جي حمايت ڪريان ٿو. حوالو؛پروسيڊنگس آف بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل، جلد 11، صفحو694-697)
19 مارچ، 1924بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ مولانا حسرت موھاني جي آزادي لاءِ هڪ قرارداد پيش ڪئي وئي. تنھن موقعي تي ميمبر نور محمد لاکير تقرير ڪندي مولانا جي آزادي جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي مولانا پاران ڪيل مڪمل تقرير جو متن پيش ڪجي ٿو.:
جناب نور محمد لاکير (ضلع حيدرآباد): صدر صاحب، هر جدوجھد ڪندڙ قوم جي تاريخ ۾ هڪ اهڙو وقت ايندو آهي، جڏهن اقتدار يافتہ طبقو انھن ماڻھن سان دهشت ۽ سختيءَ سان پيش ايندو آهي، جيڪي پنھنجي قوم جي آجپي لاءِ جاکوڙيندا آهن. اھا انگلستان جي تاريخ آهي ۽ اھا هر آزاد ملڪ جي تاريخ پڻ آهي. شايد، اگر جيڪڏهن ھندستان پنھنجي آزادي لاءِ قربانيون نہ ڏئي تہ اهو غير فطري عمل هوندو. سائين جيڪي پنھنجي وطن جي خاطر جيلن ۾ بند ٿيل آهن، اهو انھن جو مَرڪ آهي، مگر اسان هي ٺھراءُ پاس نہ ڪري سگهياسين تہ اھا اسان جي لاءِ بي عزتيءَ جي ڳالھہ هوندي. تنھن ڪري مان هن معزز ايوان جي هرهڪ ميمبر، هر هڪ ھندستاني کي، هن حقيقت کي سمجهڻ جي اپيل ڪريان ٿو تہ اسين هِن وقت هن ايوان ۾ ويٺا آهيون، اهو ماضي جي وڏن ماڻھن ۽ موجودہ وقت جي شاندار ڪردار جي مالڪ انھن شخصيتن جي ڪري، جيڪي هن وقت پابند سلاسل آهن. ماضيءَ ۾ انھن عظيم ماڻھن جي قربانين جي ڪري ئي اسان هن ايوان ۾ چونڊيل ۽ نامزد ميمبر آهيون. انھن جي قربانين جي ڪري اسان کي هي سڌارا مليا آهن. اگر اسان کي اهي سڌارا نہ ملن ھان تہ هِن وقت ڪوبہ برهمڻ، ڪير بہ شودر ۽ ڪير بہ مسلمان هن ايوان جو ميمبر نہ هجي ھا. ايتري قدر جو اهي وزير بہ نہ هجن ھا. تنھن ڪري مونکي ڪامل يقين آهي تہ جڏهن هِن قرارداد تي ووٽنگ ٿيندي تہ هِن ايوان ۾ موجود هر ھندستاني، چاهي اهو وزير هجي، چاهي اهو نامزد ٿيل ميمبر، يا وري اهو چونڊيل نمائندو هجي، اهو پنھنجي پنھنجي قومي غيرت جو مظاهرو ڪري هن قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏيندو. مون کي ذاتي طور تي تمام گهڻي خوشي ٿئي ھا، جيڪڏهن هن قرارداد ۾ سڀني سياسي قيدين کي شامل ڪيو وڃي ھا. بھرحال هي قرارداد جنھن بہ صورت ۾ موجودہ ڪائونسل جي سامھون پيش ڪئي وئي آهي، اسان کي اهو ڏيکارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گهرجي تہ اڄ اسان سڀ گڏ ٿي، اسين خاص طور تي مولانا حسرت موھاني جي آزادي جو مطالبو سندس انھن خدمتن جي ڪري ڪري رهيا آهيون، جيڪي هُن هن وطن لاءِ سرانجام ڏنيون آهن. هُو مسلم ليگ جو صدر هو. جيڪا مسلمانن جي هڪ مقتدرہ سياسي تنظيم آهي. هو پنھنجي تنظيم جي مھندار جي حيثيت ۾ احمد آباد ۾ هڪ پاليسي کڻي آيو. اھا پاليسي غلط بہ ٿي سگهي ٿي. مگر بحيثيت صدر هُن کي پنھنجي ڪميونٽي آڏو پنھنجو پروگرام پيش ڪرڻو هو، اهو هُن جي فرضن ۾ شامل هيو، اُن پنھنجو فرض ادا ڪيو. سائين، جيئن تہ ھاءِ ڪورٽ جي معزز ججن جي فيصلي مان پڻ معلوم ٿئي ٿو تہ تقريرن ۾ ڪا بہ اهڙي ڳالھہ نہ هئي، جنھن کي جنگ جي حوصلا افزائي جي مترادف سمجهي سگهجي. مولانا حسرت موھاني پنھنجا آزاد خيال رکڻ وارو شخص آهي. ايتري قدر جو هُن جي پنھنجي برادري بہ اهو نہ پئي سوچي جيڪا سوچ هو رکي ٿو. ان جي باوجود هو پنھنجي خيالن ۽ سوچ تي اٽل بيٺو رهيو. ان ڳالھہ ۾ ڪو شڪ ناهي تہ سندس اهو موقف ان وقت صحرا ۾ تنھا رڙيون ڪندڙ شخص جي مترادف هيو، مگر ھاڻي هُن جي پوئلڳن ۾ اضافو ٿي چڪو آهي. ڇا توھان منھنجي ڳالھہ تي يقين ڪندا، سائين، جڏهن مان چوان ٿو تہ مسلمانن جي ڪنھن بہ فرد پنھنجي ملڪ جي خاطر هن ماڻھوءَ جيترا اڌ برابر بہ صدما برداشت ڪيا آهن؟
شايد ھاڻي وري اهو چيو ويندو تہ مولانا اڪثر ڪري جيل جي ضابطن کي ٽوڙيندو رهيو آهي، يا وري اهو تہ هن اهو رويو نہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ھندستان جي عظيم بزرگ، مھاتما گانڌي، جيل ۾ ڏيکاريو هو. پر مھاتما گانڌي ۽ مولانا حسرت موھاني ۾ هڪ بنيادي فرق آهي. فرق اهو آهي تہ گانڌيءَ پنھنجي سزا کي قبول ڪيو جڏهن تہ حسرت موھاني اُن سزا کي مڃڻ کان لاچاري آهي. تنھن ڪري ئي مولانا جيل ۾ هلندڙ مختلف ڪيسن ۾ پيش ٿيڻ کي درست نہ ٿو سمجهي. سائين، جيئن توھان کي خبر آهي ۽ جيئن تہ منھنجي دوستن ٻڌايو تہ تہ مولانا هڪ اعليٰ درجي جو شاعر آهي، پر اهڙي ماڻھوءَ کي ڪاغذ ۽ پينسل ڏيڻ کان بہ انڪار ڪيو وڃي ٿو. اُن کان علاوھ هو اخبار پڙهڻ جي حڪمن جي بجاواري ڪرڻ کان ان ڪري انڪاري آهي، جو هو سمجهي ٿو تہ هو هڪ جنگي قيدي آهي. ان ڪري هن کي جڏهن بہ اخبارون ملن ٿيون تہ هو پڙھندو آهي تہ ملڪ ۾ ڇا وهي واپرائجي رهيو آهي؟. جنگ دوران ڪجهہ انگريزن کي تُرڪن قيد ڪري ورتو. انھن انگريز قيدين تُرڪ اختيارين کي زبان ڏني تہ اسين ڪڏهن بہ فرار نہ ٿينداسين، ھاڻي اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو تہ زبان ڏيڻ جي باوجود هو ڀڄي ويا.
مسٽر اي. مونٽگومري: بادشاه سلامت جي فوجين تي اهو وڏو بھتان هنيو وڃي پيو تہ هو زبان ڏيڻ جي باوجود فرار ٿي ويا.
نور محمد: معاف ڪجو، اهي منهجا لفظ ناهن، مان اخبار جي هڪ رپورٽ ۾ پڙهيم.
مسٽر اي مونٽگومري: ڪھڙين اخبارن ۾؟
محترم نور محمد: بھرحال، سائين، مونکي لڳي ٿو تہ منھنجي ڳالھہ اوھان کي نہ وڻي؟
مسٽر اي. مونٽگومري: پنھجا لفظ واپس وٺو.
عزت مآب صدر: بادشاه سلامت جي آفيسرن جي خلاف اهو هڪ سنگين الزام آهي. اگر معزز ميمبر پنھنجن الزامن کي ثابت ڪندو تہ کيس وقت ڏنو ويندو. مان هن کي الزام ثابت ڪرڻ جو موقعو ڏيندس
محترم نور محمد: سائين جنھن انداز ۾ اوھان ڳالھہ کي پيش ڪري رهيا آهيو، ايئن نہ آهي.
عزت مآب صدر: توھان ان کي واپس وٺي ڇڏيو.
مسٽر نور محمود: مان واپس وٺندس. پر، سائين، جيڪو نقطو مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو، اهو اهو آهي تہ جنگي قيدي پنھنجي ملڪ جي مفادن مطابق جيڪو بھتر سمجهي ٿو، اهو حاصل ڪرڻ لاءِ هر شيءِ کي پنھنجي اختيار استعمال ڪرڻ درست سمجهي ٿو. مولانا حسرت موھاني پاڻ کي جنگي قيديءَ جي لحاظ کان سياسي قيدي سمجهندو آهي، تنھن ڪري کيس هڪ جيل کان ٻئي جيل منتقل ڪندا رهن ٿا. سائين چيو پيو وڃي تہ هُن هڪ جيل وارڊن کي ڪجهہ پئسا رشوت طور ڏنا. پر سائين، اھا ڳالھہ واضح آهي تہ هي وارڊن هڪ سياسي ڪارڪن هو، مولانا جو اهو چوڻ آهي تہ اهو وارڊن جيل ويو ئي اُن جذبي تحت ويو هو تہ جيئن پنھنجي ليڊرن جي خدمت چاڪري ڪري سگهي. ھاڻي اگر حقيقت تي غور ڪيون تہ مولانا کيس هڪ روپيو ڏنو تہ وڃي اُن جا کُليا وٺي اچي، ان کي اُن جا 16 آنا کُليا سِڪا مليا تہ ڇا اهو تصور ڪري سگهجي ٿو تہ مولانا اگر ڏيندو ۽ وارڊن هڪ آنا يا ٻہ آنن جي رشوت وٺندا؟ سائين، مان بلڪل صاف صاف چئي سگهان ٿو تہ جيل ۾ مولانا سان تمام بدتر سلوڪ ڪيو ويو آهي. مولانا هڪ مضبوط ارادو رکندڙ ماڻھو آهي، ۽ جيل جي ضابطن کي مڃڻ کان انڪار ڪرڻ جي ڪري هو احمد آباد جيل ۾ ڇھن مھينن تائين قيد بامشقت ۾ ۾ رهيو؟
خان صاحب اي ايم منصوري: نہ
جناب نور محمد: احمد آباد جيل رڪارڊ ۾ مولانا بابت رڪارڊ ۾ هي انٽري ٿيل آهي تہ
” هُو ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي بضد آهي. مون پنھنجي پوري طاقت سان کيس جيل جي ضابطن جي تعميل لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ائين ئي وزٽنگ مئجسٽريٽ ۽ ايڊيشنل سيشن جج بہ ڪيو آهي، تنھن هوندي بہ قيدي ڪنھن جي نہ ٻُڌي. ھاڻي جيل قاعدن جي مطابق فيصلو ڪيو ويندو.'
جيل مينوئل موجب هڪ ڏينھن کان وڌيڪ قيدبامشقت يا قيد تنھائي جي سزا هيٺ نہ ٿو رکي سگهجي، مگر حقيقت اھا آهي تہ هو گذريل ڇھن مھينن کان قيدبامشقت جي سزا ڪاٽي رهيو آهي. رڪارڊ ۾ هڪ ٻئي اِنٽري ٿيل آهي تہ
”هو ڪنھن بہ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو. ھدايتن موجب مان ھن کي ھڪ ڏينھن جي قيد تنھائي جي سزا ڏيان ٿو، مگر اھا سزا تيسيتائين برقرار رھندي، جيسيتائين هو جيل قائدن تي عمل درآمد ڪرڻ شروع نہ ٿو ڪري.“
تنھن ڪري سائين، جيل جي اھا سزا ڏينھن مان ڦري ھاڻي مھينن ۽ سالن ۾ تبديل ٿيندي پئي وڃي.مگر مولانا جيل جي قائدن ۽ قانونن کي مڃڻ کان انڪاري آهي. جيتوڻيڪ ضابطن موجب کيس 14 ڏينھن کان وڌيڪ قيد بامشقت ۾ ۽ 7 ڏينھن کان وڌيڪ قيد تنھائي ۾ نٿو رکي سگهجي. اھو ھڪڙو نقطو آھي، جنھن تي گهرو کاتي جي معزز ميمبر کي گهڻو وقت اڳ ڌيان ڏيڻ گهرجي ھا. جيتوڻيڪ سندس ڌيان ان طرف ڪڏهن بہ نہ ويو. پر مون کي معلوم ٿيو تہ مولانا خاص طور تي ان بابت حڪومت کي لکيو هو، پر ان جي باوجود حڪومت جيل جي سزا جي هن سنگين غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ ڪجهہ بہ نہ ڪيو آهي. جڏهن اسان ڏسون ٿا تہ مولانا حسرت موھاني جھڙا عظيم ليڊر، پنھنجي قوم ۽ ملڪ جي ماڻھن جو اعتماد وارو رهنما جيل ۾ آهي، تڏهن مان سمجهان ٿو تہ حڪومت اسان جي هِن ملڪ جو اهو اعتماد حاصل نہ ڪري رهي آهي. مان سمجهان ٿو تہ اگر مولانا کي وڌيڪ قيد ۾ رکيو ويو تہ حڪومت ماڻھن جو اعتماد وڃائي ويھندي. تنھن ڪري مان عرض ڪيان ٿو تہ حڪومت اگر عوام جو وڃايل اعتماد بحال ڪرڻ گهري ٿي تہ پوءِ مولانا حسرت موھاني جي رَهيل سزا معاف ڪئي وڃي. حوالو؛پروسيڊنگس آف بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل، جلد 11، صفحو 1453-1456)
21 جولاءِ، 1924 تي شروع ٿيندڙ گرمين واري اجلاس ۾ پاڻ قرارداد پيش ڪيائون ته
”هي ايوان عزت ماب گورنر کي گذارش ڪري تہ هن ايوان جي ميمبرن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا سنڌ جي غير آباد زمينن جي رولز کي ڏسي ڪري ڇھن مھينن اندر رپورٽ ايوان کي پيش ڪري. حوالو؛پروسيڊنگس آف بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل، جلد 12، صفحو 14)
20 فيبروري، 1925 کان شروع ٿيندڙ نئين سال جي اجلاس جي پھرين ڏينھن تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي صدر جي چونڊ ٿيڻي هئي. ان لاءِ نورمحمد لاکير پاران ابراهيم رحمت الله جو نالو ڪائونسل جي صدر لاءِ تجويز ڪيو. جڏهن تہ صدر لاءِ ڪو ٻيو اميدوار سامھون نہ آيو، ان ڪري ابراهيم رحمت الله بنا مقابلي ڪائونسل جو صدر چونڊجي ويو. حوالو؛پروسيڊنگس آف بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل، جلد 14، صفحو25)
اهڙي ريت صدر ۽ نائب صدر جي غير موجودگي ۾ ڪائونسل جي ڪاروائي چيئرمين آف پينل هلائيندا هئا. اھا روايت اڄ بہ برقرار آهي تہ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي غيرموجودگي ۾ اسيمبلي جي ڪاروائي چيئرمين آف پينل هلائيندا آهن. اڪثر ڪري چيئرمين آف پينل ڪنھن تجربيڪار يا سينيئر پارليامينٽيرين کي مقرر ڪيو ويندو. 21 آڪٽوبر، 1925 کان شروع ٿيندڙ ڪائونسل جي اجلاس لاءِ نور محمد لاکير کي چيئرمين آف پينل نامزد ڪيو ويو. جيڪا هڪ اعزاز جي ڳالھہ هئي، حوالو؛پروسيڊنگس آف بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل، جلد 16، صفحو38)
24 آڪٽوبر، 1925 ع تي ميجر ميونسپالٽيز ايڪٽ تي بحث ڪيو ويو. پاڻ ان ۾ ڪافي ترميمون پيش ڪيائين. جيڪي سنڌ متعلق هيون.
2 نومبر، 1925 ع تي متعارف ٿيندڙ رائج آفيسن بابت ترميمي بل جي سليڪٽ ڪميٽي جا ميمبر چونڊجي ويا. حوالو؛پروسيڊنگس آف بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل، جلد 16، صفحو627)
2 نومبر، 1925 ع تي پاڻ هڪ بمبئي لوڪل بورڊس ايڪٽ ۾ ترميم جو بل پيش ڪيائون. جنھن موجب سنڌ ۾ جنم يا فوت ٿيڻ جي رجسٽريشن اگر لوڪل گورنمينٽ ڪري ٿي تہ پوءِ شادي جي رجسٽريشن جو ڪم بہ مقاني کاتي کي ڪرڻ گهرجي. پاڻ ان بل جي حمايت ۾ مفصل تقرير ڪيائون. هن بل جي ھندو ميمبرن طرفان ڀرپور مخالفت ڪئي وئي. سندس تقرير مان پتو پوي ٿو تہ سنڌ ھندو مھاسڀا هن بل خلاف قرارداد پاس ڪئي. هن بل جي متعارف ٿيڻ جي حق ۾ 33 جڏهن تہ مخالفت ۾ 11 ووٽ پيا. اهڙي ريت هي بل متعارف ٿي ويو. حوالو؛پروسيڊنگس آف بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل، جلد 16، صفحو629-631)
4 مارچ، 1926 واري سيشن ۾ پاڻ هڪ ڀيرو ٻيھر سنڌ جي ابتر تعليم بابت هڪ مفصل تقرير ڪيائون. جنھن ۾ سنڌ ۾ مسلمانن جي تعليم جي ميدان ۾ پسماندگي ۽ پٺتي هجڻ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي انگ اکرن سان سنڌ جي تعليم جو ڀرپور ڪيس پيش ڪيائون. حوالو؛پروسيڊنگس آف بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل، جلد 17، صفحو697-699)
15 مارچ، 1926 ع تي ڪٽ موشن (ڪتر واري رٿ) پيش ڪيائون تہ ڦليلي ڪئنال جي حالت کي بھتر ڪرڻ لاءِ رکيل 95000 رپين جي رقم بجيٽ بڪ مان خارج ڪئي وڃي. ان جي حمايت ۾ اهو دليل ڏنائون ايريگيشن کاتي جو پويون ٽريڪ رڪارڊ ڏسي اسان کي پتو پوي ٿو تہ هُنن جڏهن بہ بھتري لاءِ بجيٽ رکي آهي تڏهن هنن تباهي آندي آهي. هو بھتري جي نالي ۾ بجيٽ کائڻ لاءِ پئسا رکي ان شيءَ جو خانو خراب ڪري ڇڏين ٿا.حوالو؛پروسيڊنگس آف بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل، جلد 17، صفحو 1240)
نورمحمد لاکير شادين جي رجسٽريشن واري قانون پاس ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي. تمام گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ اهو قانون 2 نومبر 1925 ع تي متعارف ٿي سليڪٽ ڪميٽي جي حوالي ٿيو هو. مگر جڏهن 28 جولاءِ 1926 ع تي اهو بل پاس ٿيڻ لاءِ ايوان ۾ پيش ٿيو تہ پاڻ اهو انھن لفظن سان واپس ورتائون تہ
” مان هي بل انتھائي سٺي نيت سان ايوان ۾ پيش ڪيو هو، مگر هن وقت ٻنھي ڪميونٽين (ھند - مسلمان) ۾ هن بل تي اختلاف عروج تي آهن. مان نہ ٿو چاهيان تہ ان موقعي تي مان هي بل پيش ڪيان. ان ڪري مان هن بل تان هٿ کڻان ٿو.“.
حوالو؛پروسيڊنگس آف بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل، جلد 18، صفحو 198-199)
4 آگسٽ، 1926 ع پرائمري استادن جي پگهار وڌائڻ بابت قرارداد تي تقرير ڪندي، انھن جي پگهار وڌائڻ جي مطالبي جي حمايت ڪئي.
حوالو؛پروسيڊنگس آف بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل، جلد 18، صفحو621)

ضميمون پھريون نورمحمد لاکير پاران بحيثيت ميمبر بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل پڇيل سوال

(نوٽ: لاکير صاحب پنھنجي دور ۾ ڪل 86 سوال پڇيا. جڏهن تہ 12 سوال اهڙا آهن، جن جو حڪومت ان ڏينھن جواب نہ ڏنو، تنھن ڪري انھن جو ورجاءُ ٿيو)
SR. NO QUESTION TITLE DATE
1. DISTRICT DEPUTY EDUCATIONAL INSPECTORS 25-02-1924
2. AMOUNTS FOR PROVINCIAL ROADS IN SIND 25-02-1924
3. CIVIL HOSPITAL AHMEDNAGAR 25-02-1924
4. NATIVE GENERAL LIBRARY AT AHMEDNAGAR 25-02-1924
5. PRIVATE AIDED EDUCATIONAL INSTITUTIONS IN SIND PRESIDED OVER BY REVENUE OFFICERS 25-02-1924
6. SUKKUR BARRAGE CANAL 05-03-1924
7. POLICE STRENGTH FOR THE TOWN OF KARACHI 05-03-1924
8. CIVIL HOSPITAL AT KARACHI 05-03-1924
9. SUPPLY OF JAIL MANUAL TO PRISONERS 05-03-1924
10. SIND MADRASSEH, KARACHI 12-03-1924
11. POLITICAL PRISONERS 12-03-1924
12. PUBLIC WORKS DEPARTMENTS BUNGALOWS, THAR AND PARKAR 17-03-1924
13. HUZOOR DEPUTY COLLECTOR’S OFFICE AHMEDNAGAR 17-03-1924
14. TANDO ADAM MUNICIPALITY 17-03-1924
15. RESTORATION OF FALLOW FORFEITED LAND 17-03-1924
16. DISTRICT DEPUTY EDUCATIONAL INSPECTORS 20-03-1924
17. TRACK THROUGH HYDERABAD (SIND) CANTONMENT MAIDAN 20-03-1924
18. POLICE OFFICERS IN SIND 20-03-1924
19. CEMETERY OF NAWAB MAHOMED TAKI 20-03-1924
20. BRIDGE OF THE INDUS AT GUDU IN SIND 20-03-1924
21. NORTH WESTERN RAILWAY CROSSING 20-03-1924
22. REPORT OF SPECIAL SETTLEMENT OFFICER, SIND 20-03-1924
23. ACTING SUB-INSPECTORS OF POLICE, SIND 20-03-1924
24. RECRUITS FOR TRAINING AT NASIK POLICE SCHOOL 20-03-1924
25. REPORT OF SPECIAL SETTLEMENT OFFICER, SIND 22-07-1924
26. MALE TEACHERS INCHARGE OF TRAINING COLLEGE FOR WOMEN AT HYDERABAD 22-07-1924
27. AMOUNTS FOR PROVINCIAL ROADS IN SIND 22-07-1924
28. RESIDENTIAL ENGLISH SCHOOL AT TANDO BAGO 22-07-1924
29. NATIVE GENERAL LIBRARY AT AHMEDNAGAR 22-07-1924
30. SINDHI BOOKS 22-07-1924
31. PRIVATE AIDED EDUCATIONAL INSTITUTIONS IN SIND PRESIDED OVER BY REVENUE OFFICERS 22-07-1924
32. POLICE IN SIND 22-07-1924
33. TANDO ADAM MUNICIPALITY 22-07-1924
34. REPRESENTATION OF MAHOMEDANS OF TANDO ALLAHYAR MUNICIPALITY 24-07-1924
35. SUKKUR BARRAGE ESTABLISHMENT 29-07-1924
36. REPRESENTATION OF MAHOMEDANS OF TANDO ALLAHYAR MUNICIPALITY 30-07-1924
37. CLOSING OF A TRACK PASSING THROUGH HYDERABAD (SIND) CANTONMENT MAIDAN 31-07-1924
38. INTERCEPTION OF THE PRIVATE CORRESPONDENCE BY C.I.D IN KARACHI 31-07-1924
39. ASSISTANT SURGEONS IN BOMBAY PRESIDENCY 01-08-1924
40. CIVIL APPEALS AT HYDERABAD 01-08-1924
41. CEMETERY OF NAWAB MAHOMED TAKI 01-08-1924
42. APPLICATION OF WAQF PROPERTY ACT, 1924, IN BOMBAY PRESIDENCY 01-08-1924
43. FINE FOR UNAUTHORIZED CULTIVATION IN HYDERABAD 13-10-1924
44. SUKKUR BARRAGE ESTABLISHMENT 15-10-1924
45. DISTRICT COURT HYDERABAD 15-10-1924
46. ASSISTANT SURGEONS IN BOMBAY PRESIDENCY 15-10-1924
47. NORTH WESTERN RAILWAY CROSSING 15-10-1924
48. PUBLICATION OF GOVERNMENT ADVERTISEMENTS IN NEWSPAPERS 20-10-1924
49. ASSISTANT DEPUTY EDUCATIONAL INSPECTORS IN SIND 25-10-1924
50. HEADMASTERS AND ASSISTANT MASTERS IN SIND 25-10-1924
51. TEACHERS IN SIND 25-10-1924
52. CLASSIFICATION OF NON-OFFICIALS IN SIND 25-10-1924
53. TRANSFERS OF PROVINCIAL SERVICE OFFICERS 25-10-1924
54. SPECIAL POWERS OF THE COMMISSIONER IN SIND 25-10-1924
55. NEW LIQUOR SHOP IN HYDERABAD 25-10-1924
56. EXCISE INCOME FROM HYDERABAD 25-10-1924
57. DISTRIBUTION OF QUININE 26-02-1925
58. NEW LIQUOR SHOP IN HYDERABAD 26-02-1925
59. BRIDGE ON INDUS AT GUDU IN SIND 26-02-1925
60. TEACHERS IN SIND 19-03-1925
61. CLASSIFICATION OF NON-OFFICIALS IN SIND 19-03-1925
62. HEADMASTERS AND ASSISTANT MASTERS IN SIND 20-07-1925
63. PRIVATE WATER COURSES IN SIND 05-03-1926
64. CRIMINAL CASE: CROWN VS THANWARDAS 20-03-1926
65. LLOYD BARRAGE: ROHRI CANAL CIRCLE WORKS ESTIMATE 30-07-1926
66. LLOYD BARRAGE: KANDIARO BRICK FIELDS 30-07-1926
67. LLOYD BARRAGE OFFICERS 02-08-1926
68. HEADQUARTERS OF SUPERINTENDING ENGINEER, EASTERN NARA CIRCLE 02-08-1926
69. LLOYD BARRAGE MUSULMAN OFFICERS 02-08-1926
70. LLOYD BARRAGE: CONTRACTORS IN THE JURISDICTION OF MR. DIDEE 03-08-1926
71. LLOYD BARRAGE: DRAGLINE EXCAVATOR 04-08-1926
72. LLOYD BARRAGE: SUBORDINATE SERVICES STAFF 05-08-1926
73. LLOYD BARRAGE: MR. RAM DIDEE, ASSISTANT ENGINEER 05-08-1926
74. LLOYD BARRAGE: TOURS OF SUPERINTENDING ENGINEERS 05-08-1926
75. CRIMINAL CASE: CROWN VS THANWARDAS 06-08-1926
76. CROWN VS THANWARDAS 06-08-1926
77. LLOYD BARRAGE: CLERICAL STAFF 06-08-1926
78. LLOYD BARRAGE: ROHRI CANAL CIRCLE :POSTS FILLED 06-08-1926
79. LLOYD BARRAGE: ROHRI CANAL CIRCLE ESTIMATES 06-08-1926
80. HEADQUARTERS OF SUPERINTENDING ENGINEER, ROHRI CANAL CIRCLE 06-08-1926
81. SUB-DIVISIONAL MAGISTRATE’S COURT ROHRI: TRANSFER OF CASES 11-03-1927
82. CRIMINAL PROCEDURE CODE : CASES UNDER SECTION 110 IN ROHRI 11-03-1927
83. SIND FORESTES LEAF MANURE 14-03-1927
84. SIND CRIMINAL INVESTIGATION DEPARTMENT: EXPENDITURE 14-03-1927
85. MUSULMAN PUPILS IN GOVERNMENT HIGH SCHOOL, KARACHI 14-03-1927
86. VERNACULARS IN KARACHI HIGH SCHOOL 14-03-1927
87. SIND FORESTS: GRAZING CHARGES 16-03-1927
88. LLOYD BARRAGE: CHIEF ENGINEER 16-03-1927
89. POLICE TRAINING SCHOOL: SELECTION OF CANDIDATES 16-03-1927
90. BARRAGE CONFERENCE PROCEEDINGS 16-03-1927
91. LLOYD BARRAGE: S.S JHELUM 16-03-1927
92. BOARDING HOUSES FOR BACKWARD CLASSES 16-03-1927
93. SAHIBDINO VS FAKIRO AND OTHERS: CASES PAPERS 17-03-1927
94. SAHIBDINO VS FAKIRO AND OTHERS: SECOND POLICE COMPLAINT 17-03-1927
95. FOREST CASES IN SIND 17-03-1927
96. LIQUOR LICENCES: HYDERABAD 17-03-1927
97. TOLLS ON KOTRI GUDU BRIDGE: INCOME 17-03-1927
98. LLOYD BARRAGE: DRAGLINE MACHINE 17-03-1927

ناميارو نور محمد: محمد اسلم ڀٽي

انسانيت جي ڀلائيءَ ۽ بھتريءَ لاءِ هر دور ۾ ڪي نہ ڪي نيڪ مرد کوھہ کڻائڻ، وڻ پوکائڻ، اسپتالون ۽ مسافر خانہ ٺھرائڻ جھڙا چڱا چڱا ڪم ڪندا پئي رهيا آهن. انھن سڀني ڀلائي ۽ نيڪي جي ڪمن مان، علم جو نور ڦھلائڻ لاءِ علمي ادارن قائم ڪرڻ جو ڪم، سڀ کان اعليٰ ۽ اتم ڪم سمجهيو ويو آهي. اونداهي دور ۾ سرزمين سنڌ جي هن ھاڪاري شھر حيدرآباد جي حالت اھا هئي، جو مسلمان صوبي اندر گهڻي اڪثريت ۾ هوندي سوندي بہ تعليم ۾ تمام پٺتي رهجي ويل هئا. شھر جي گهڻو ڪري سمورن تعليمي ادارن، ۽ خاص ڪري انگريزي اسڪولن جا دروازا انھن اهل وطن تي بند هئا انھن کي ڄٽ سڏيو ويندو هو. اهڙين حالتن هيٺ امت محمديہ تي علم جديد، حرام ڪري ڇڏيو ويو هو. انھي صورتحال ۾ نور محمد جي هڪ شمع روشن ٿي. ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ جمعي لاکير ۾ رھندڙ، هڪ لائق استاد ميان محمد سجاول جي گهر ۾ هڪ نونھال جي ولادت ٿي، جو انوقت حيدرآباد جو هڪ ناميارو ۽ باوقار وڪيل، ميان نور محمد ڪري ڪوٺيو ويندو هو ۽ وقت جي معروف قومي خدمتگار خانبھادر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي بار ايٽ لا سان شريڪ ۽ هم ڪار هو.
سنڌ جي هن جليل القدر هستيءَ، خانبھادر حسن علي آفندي جي قائم ڪيل سنڌ مدر ستہ الاسلام ۾ پنجين درجي کان انگريزي پڙهي، مئٽرڪ پاس ڪئي هئي. مدرسي جي باني جو سندس زندگي تي نھايت گهرو ۽ ڏور رس اثر ثابت ٿيو. ان کانپوءِ هن کي پنھنجي تعليمي لياقت ۽ مسلسل محنت جي صلي طور مير علي مراد اسڪالرشپ حاصل ٿي، ۽ پاڻ سر سيد احمد طرفان عليڳڙھہ ۾ قائم ڪيل مسلم يونيورسٽي ڏانھن قدم وڌايائين. اتي هو سر سيد جي شخصيت کان نھايت متاثر ٿيو. مسلم يونيورسٽي مان عزت ۽ فضيلت سان بي. اي ۽ ايل. ايل. بي. جا امتحان پاس ڪرڻ بعد سندس خيالن ۾ وڌيڪ وسعت آئي. دراصل اهو ئي عرصو هو جنھن اندر هن صاحب جي ذهن ۾ اهل سنڌ لاءِ هڪ اهڙو ئي اعليٰ تعليمي ادارو قائم ڪرڻ جو خاڪو مرتب ٿيڻ شروع ٿيو. انھيءَ شوق جنون جي صورت اختيار ڪئي جنھن سنڌي مسلمانن جي ستل ضمير کي جهنجهوڙي اتاريو ۽ سندن غيرت کي بيدار ڪيو.
1924ع ۾ سنڌ جي سمورن بااثر مسلمانن جي گڏيل ڪوشش سان هڪ عظيم الشان تعليمي ڪانفرنس ڪوٺائي، جنھن جي صدارت عليڳڙھہ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر شھزادي آفتاب احمد کان ڪرائي وئي، تہ جيئن هتي جي مسلمانن ۾ پڻ جديد علم لاءِ اهڙو عشق جاڳي، جنھن جو جلوو اسان جو هي هيرو عليڳڙھہ ۾ پاڻ پسي آيو هو. انھي ڪانفرنس ٻين ڪيترن مفيد ٺھراءُ پيش ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي ٻھراڙي وارن سادن سنڌي مسلمانن جي ٻچن جي رھائش لاءِ شھر حيدرآباد اندر هڪ ھاسٽل ۽ علحده ھاءِ اسڪول قائم ڪرڻ جو تاريخي ٺھراءُ پاس ڪيو. ان قرارداد جي حيثيت، زور آور ھندن ۽ حاڪم انگريزن جي مڪمل طور چنبي ۾ اچي ويل، حيدرآباد ۾ هڪ “ننڍڙي پاڪستان” قائم ڪرڻ جھڙي هئي. ھندو هڪ ٿي اٿيا انھيءَ مان مسلمانن جي سجاڳي اچڻ جو امڪان هو، ھندن انھي ٺھراءَ کي عملي صورت ۾ اچڻ کان روڪڻ لاءِ ننھن چوٽيءَ جو زور لڳايو.
ميان نور محمد بہ اورچ ٿي لڳو ۽ هڪ سال جي لڳاتار محنت سان سال 1925ع جي مئي مھيني ۾ ئي بمبئي سرڪار کان پراڻي ٽريننگ ڪاليج واري عمارت ۾ ھاسٽل قائم ڪرڻ جي منظوري حاصل ڪري ورتائين. بورڊنگ ھائوس طور مليل هن ھاسٽل جي انتظام جي لاءِ نور محمد صاحب مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جو بنياد رکيو، جنھن جو پاڻ اعزازي سيڪريٽري ٿي رهيو. سيپٽمبر 1925ع ۾ عمارت جو قبضو وٺڻ شرط، نور محمد صاحب سڄي سنڌ جي مسلمانن جي ٻچن کي دعوت ڏني تہ هو ھاڻي شھر حيدرآباد ۾، اقامت پذير ٿي، اعليٰ تعليم سان آراستہ ٿي سگهن ٿا. ھاسٽل لاءِ گهربل سموريون بنيادي ضرورتون فوري طور پوريون ڪري، آڪٽوبر 1925ع کان داخلا شروع ڪري ڏني وئي. ھاسٽل ۾ رھندڙ مسلم شاگرد، حصول تعليم لاءِ شھر جي ان وقت موجود ٽن ھاءِ اسڪولن ۾ موڪليا ويندا هئا، هڪ نو وديالہ (سنڌ يونيورسٽي جي اولڊ ڪئمپس) ۽ ٻيو ايڇ اڪيڊمي (موجودہ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول) جي شھر جي ڏاکڻين ڇيڙي تي هجڻ ڪري تمام پري ٿي پيا. ٽيون ھاءِ اسڪول، جيڪو ان وقت گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سڏيو ويندو هو، البتہ ويجهو هو. ٽنھي اسڪولن ۾ انھي وقت مسلمانن لاءِ قدم قدم تي تڪليفون پيدا ڪرڻ شروع ڪيون. انھن کي ڪي بہ جائز سھولتون نہ ڏنيون وينديون هيون. ورتاءُ بہ اهڙو، جو غيرت مند ۽ خوددار مسلم شاگردن جي لاءِ ناقابل برداشت ٿيندو ويو.
حڪومت ھند کي انھي مسئلي کان آگاھہ ڪرڻ ۽ مسلمانن لاءِ هڪ الڳ ھاءِ اسڪول جي مطالبي لاءِ سوسائٽي جو هڪ وفد بمبئي ويو. 1923ع ۾ سنڌ طرفان بمبئي سرڪار ۾ ميمبر سر غلام حسين هدايت الله جڏهن حيدرآباد آيو، تڏهن کيس سنڌي مسلم شاگردن جي تعليمي مسئلن جو شدت سان احساس ڏياريو ويو ۽ نتيجي طور انگريزن ۽ ھندن جي مشترڪ مخالفت جي باوجود، ٻئي سال 1932ع ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول، ”مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي“ جي حوالي ڪيو ويو. اسڪول لاءِ نئين عمارت جو سنگ بنياد بہ سر غلام حسين کان ئي رکايو ويو ۽ ان جو نئون نالو ”حيدرآباد ھاءِ اسڪول“ رکيو ويو. هن اسڪول جي وڌيڪ تعمير ۽ ترقي لاءِ ميان نور محمد پنھنجو سڀ ڪجهہ وقف ڪري ڇڏيو.
اهڙي طرح نامياري نور محمد جي اڌوري خواب جو تعبير مڪمل ٿيو، پر کيس اڃا هن اداري کي وڌائي عليڳڙھہ واري مسلم يونيورسٽي جي معيار تي پھچائڻو ۽ هڪ مثالي يونيورسٽي بنائڻو هو. ٽن سالن جي لاڳاتار محنت ۽ ڏينھن رات جي جفاڪشي، لازمي طور سندس صحت تي اثر ڪيو، ليڪن ايترو ٿيو، جو سندس لڳايل تعليمي وڻ جون پاڙون، وڃي پاتال پھتيون ۽ 22 آگسٽ 1937ع تي جڏهين مالڪ حقيقي جي رضا تي راضي رهي، هن پنھنجي جان، جان آفرين جي حوالي ڪئي، ان وقت اسڪول پڪي پائي تي هميشہ هميشہ لاءِ قائم ٿي چڪو هو. پاڻ پنھنجي جسم جي خاڪ پاڪ ھاسٽل جي مبارڪ مٽي ۾ مدفن ڪرڻ جي وصيت ڪيائون.
شخصيت:
مرحوم جي خوبين ۽ خصلتن جو ڪھڙو ذڪر ڪجي. کيس اخلاق محمدي جو مجسمو سڏجي تہ صحيح ٿيندو. پنھنجي بردبار ۽ بااخلاق والد جي علمي ۽ اخلاقي اثر هيٺ، ننڍپڻ کان ئي هن جي پرورش نھايت نيڪ ماحول ۾ ٿي. نھٺو ۽ نماڻو نور محمد، سڀن سان سدائين هڪ جھا هلندو هو. ساڳئي وقت ڪفايت شعار، سچار، محنتي ۽ سادگي پسند پڻ جهاڪ ورلي ملندو. سندس غريب پروري ۽ مسڪين نوازي جا مثال ڪيترا ڏئي ڪيترا ڏجن! قومي ڪمن لاءِ ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ اهڙا همدرد ۽ هڏ ڏوکي انسان ئي پنھنجو تن، من ۽ تن قربان ڪري مثال ڪندا آهن.
مرحوم پڻ پنھنجي آخري جائداد، اسڪول تان گهوري ڇڏي، جنھن شمع مان علم جو نور پرائي، اڄڪلھہ جا اڪثر اعليٰ تعليم يافتہ سنڌي مسلمان ملڪ جي مکيہ عھدن تي سرفراز ۽ سربلند آهن.
مرحوم نور محمد بيشڪ سنڌ جو سر سيد آهي، جنھن هڪ غريب ماستر جي گهر ۾ پيدا ٿي، سنڌي مسلمانن جي دلين ۾ پاڻ لاءِ خانبھادر حسن علي آفندي، خانبھادر قادر داد خان، مير غلام محمد خان ٽالپر ۽ سيد الھندو شاھہ جھڙا قابل احترام مقام حاصل ڪيو آهي.

(سنڌ مسلم ڪاليج، حيدرآباد جي مخزن، 1960ع تان ورتل)

شمع تعليم جو پروانو باني اسڪول و مسلم ھاسٽل نور محمد: غلام رباني بلوچ

هيءَ دنيا هڪ مھمان سراءِ آهي، جنھن ۾ ڪي مسافر اچن ٿا تہ ڪي وڃن ٿا. مسافرن جي ياد ڪنھن کي بہ نہ ٿي رهي، پر جيئن تہ چوندا آهن تہ پنج ئي آڱريون هڪ جھڙيون نہ آهن تہ ماڻھو بہ هڪ جھڙا نہ آهن. ڪي تہ صفا وسريو وڃن، پر ڪن ڪن ماڻھن جي يادگيري هر ڪنھن مھل تازي رهي ٿي ۽ انھن کي ساريو انسان ويچارو هنجون ھاري ٿو. پوئين قسم جي ماڻھن مان مسٽر نور محمد بي. اي، ايل. ايل. بي، وڪيل جنھن حيدرآباد سنڌ ۾ رهي پاڻ مسلم قوم جو اورچ سچو خادم ثابت ڪيو. هو ميان محمد سجاول جو فرزند هو. ميان محمد سجاول هڪڙو نھايت ڪفايت شعار ۽ سانگ سرفي سان هلندڙ سفيد پوش سنڌي اسڪول ماستر هو. جڏهن ميان محمد سجاول جي بدلي ڪڪڙ تعلقي ۾ ٿي، تڏهن اُتي جي ڳوٺ جمعي لاکير ۾ گهر ٻار ڪري ويھي رهيو، ڇاڪاڻ جو اتي سندس هم قوم لاکيرن جو وڏو راڄ رھندڙ هو ۽ ويجهي عزارت بہ هيس. اتي ڳچ جيتري زرعي زمين بہ خريد ڪيائين جنھن جو کاتو کانئس پوءِ سندس فرزند مسٽر نور محمد نالي قائم ٿيو.
مسٽر نور محمد ابتدائي تعليم جا چارئي درجا پنھنجي والد وٽ پڙهيو هو. اهو سارو وقت پنھنجي والد جي علمي اخلاقي اثر هيٺ ئي گذاريو هئائين. مسٽر نور محمد تي ننڍپڻ واري تربيت جو ايڏو اثر ويٺل هوس جو جڏهن پاڻ حيدرآباد ۾ نامور وڪيل ۽ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر هو ۽ پيرسن محمد سجاول ڳوٺان وٽس ايندو هو، تڏهن پنھنجي والد جي جا تعظيم، ادب بجاءِ آڻيندو هو تنھن جو مثال اڄ ڪلھہ جي تعليم يافتہ نوجوانن ۾ ڳوليو لڀندو. نور محمد جڏهن سنڌي اسڪول مان چوٿون درجو پاس ڪيو، تڏهن ميان محمد سجاول ان کي ڪراچي جي سنڌي مدرسة الاسلام ۾ انگريزي تعليم ڏيارڻ جو ارادو ڪيو ۽ ڪن همدرد معزز مسلمانن سندس ارادي جي پٺڀرائي ڪئي.
محترم نور محمد اچي سنڌ مدرسة الاسلام۾ داخل ٿيو. نور محمد پنھنجي هوشياري ۽ غريبي ڪري مدرسھ ۾ فري بورڊر ٿي داخل ٿيو. پھرئين درجي کان وٺي مئٽرڪ ڪلاس تائين نہ رڳو پاڻ کي ڪامياب ۽ هوشيار شاگرد ثابت ڪيو؛ بلڪہ انھي علمي ذوق شوق ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ عليڳڙھہ سنبريو. عليڳڙھہ ۾ بي. اي، ايل.ايل. بي ڊگري حاصل ڪرڻ تائين نھايت برجستائي ۽ فضيلت ۽ علميت جي روشني سان هم سبقن ۾ اهڙو هر دلعزيز بنايائين جو انھن جا ناتا مرڻ گهڙي تائين قائم هئا.
عليڳڙھہ ڇڏڻ کانپوءِ نور محمد پنھنجي هڪڙي هم سبق ڪلاسي مسٽر محمود علي بيگ سان گڏجي حيدرآباد دکن ويو. اتي وڃي وڪالت شروع ڪيائين. عليڳڙھہ ۾ تعليم وٺڻ واري شروعاتي زماني ۾ ماستر ميان محمد سجاول پنھنجي ذات مان مسٽر نو رمحمد جي شادي ڪرائي هئي. پر سندس اهليہ هڪڙي معصوم نياڻي ڇڏي جلد گذاري ويئي. مسٽر محمود علي بيگ پنھنجي ڪٽنب مان مرحوم نور محمد کي شادي ڪرائي. سندس اھا اهليہ معصومہ نياڻين سميت وفات جي دم تائين سندس با وفا رفيق رهي. شادي ڪرڻ کانپوءِ مسٽر نور محمد کي وطن جي آب و خاڪ ڪشش ڪئي ۽ هو عيال سميت اچي حيدرآباد سنڌ ۾ پھتو ۽ ترت ئي قوم جي سچي خادم مرحوم سردار محمد ابراهيم جي معرفت سان خيرپور ميرس ۾ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ ۽ جج ٿيو. ٻہ سال کن اُتي رهڻ کانپوءِ سندس آزادي پسند طبيعت ڪري کيس خيرپور ميرس ڇڏڻ ۽ حيدرآباد سنڌ ۾ رهڻ لاءِ مجبور ڪيو. مسٽر نور محمد جڏهن حيدرآباد ۾ آيو تڏهن سنڌ مسلم قوم جو سچو فخر ۽ صحيح معنيٰ ۾ هڏ ڏوکي ليڊر خانبھادر غلام محمد ڀرڳڙي موجود هو؛ جو مسٽر نور محمد جھان باهمت تعليم يافتہ نوجوانن همراهن کي آسمان ۾ پيو ڳوليندو هو، تنھن هڪدم کڻي کيس پنھنجي فرم ۾ همراھہ ڪيو ۽ مٿس قرب جو هٿ رکيائين. مرحوم نور محمد ٿورن ڏينھن ۾ پاڻ کي قابل ۽ جفاڪش وڪيل ثابت ڪيو. مسٽر نور محمد غور ۽ صلاح جي ڊوڙڻ، ڊڪن ۽ سخت ڪوششن جي صورت اختيار ڪئي، جنھن جي نتيجو حيدرآباد سنڌ جي سال 1924ع واري سنڌ مسلم تعليمي ڪانفرنس جي شڪل ورتي. انھيءَ ڪانفرنس ۾ عليڳڙھہ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر شھزادہ آفتاب احمد صاحب صدارت جي ڪرسي کي زينت بخشي هئي. ٻيا بہ عليڳڙھہ يونيورسٽي جا ڪي پروفيسر ۽ ھندستان جا مسلم ليڊر اچي رونق افروز ٿيا هئا. سنڌ جي مسلمانن جي تعليم ترقي ۽ سڌاري لاءِ انھيءَ ڪانفرنس ۾ جيڪي ٺھراءَ پاس ڪيا ويا، تن مان مکيہ ٺھراءُ هو، حيدرآباد سنڌ ۾ مسلم ھاسٽل ۽ ھاءِ اسڪول قائم ڪرڻ. ڪانفرنس ختم ٿيڻ کانپوءِ مسٽر نور محمد تعليمي ڪانفرنس جي ٺھراءُ کي عملي جامو پھرائڻ لاءِ ڊوڙڻ، ڊڪڻ ۽ جاکوڙ ڪرڻ ۾ جنبي ويو. حيدرآباد جھڙي روشني ڀريل شھر ۾ مسلم ھاسٽل ۽ ھاءِ اسڪول قائم ڪرڻ ڪا سولي ڳالھہ انہ هئي. انھيءَ ڪم جي برصوابي لاءِ جھڙي جفاڪش جي ضرورت هئي تهڙو ئي مسٽر نور محمد پاڻ کي ثابت ڪيو. خدا تعاليٰ جي مھربانيءَ سان ڏينھون ڏينھن اٽڪاءَ ۽ مشڪلاتون ويون دفعي ٿينديون، جنھن ڪري اڄ حيدرآباد ۾ نور محمد ھاءِ اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل مان ڇوڪرا هزارن جي تعداد ۾ علم پرائي رهيا آهن. نور محمد پنھنجو ٻيو سڀ ڪم ڪار ڇڏي ڏنو، رات توڙي ڏينھن مسلم ھاسٽل ۽ اسڪول جي ترقي ۽ سڌاري لاءِ ڊوڙون ڊڪون پائيندو رهيو. انھيءَ تعليمي عشق ۽ قومي خدمت ۾ پنھنجو تن ۽ من ئي قربان ڪري چڪو. پر پنھنجي بنگلي قربان ڪندي بہ ڪين گٿو، پر افسوس جو اجل مھلت نہ ڏنيس. تاريخ 22 آگسٽ 1937ع شام جو ڪراچي ۾ وفات ڪيائين. 23 تاريخ صبح جو سندس لاش حيدرآباد سنڌ ۾ آندائون، 9 بجي مھل صبح جو جنازو ڏولي ۾ کنيو ويو. سڄي ڏولي گلن جي ھارن سان ڀرجي ويئي. سڄو شھر ان ماتمي جلوس سان گڏ هو. چڱا چڱا مسلمان آفيسر سيشن جج سميت جنازه نماز ۾ شريڪ هئا. اهو ماتمي جلوس مرحوم جي بنگلي مان 9 بجي مھل نڪتو، صدر مان ٿيندو قلعي واري چاڙهي چڙهي سربزار ڏيئي سيلاوٽن وٽان لنگهي “مسلم ھاسٽل” ۾ سوائين يارهين بجي مھل پھتو. واٽ تي اسان جا قومي نونھال ڀائر اهڙو تہ رنا ٿي جو انھن ٻچن کي ڏسي هر قومي درد مند کي اکين مان پاڻي سڪو ئي نٿي. حيدرآباد ۾ سومر ڏينھن ڪورٽون، اسڪول بند ٿيا هئا ۽ مسلمانن جو سمورو ڪاربار بند رهيو. جنازي جي نماز ھاسٽل جي وسيع ايوان ۾ پڙهي ويئي ۽ نماز صوفي حضرت سيد علي اڪبر شاھہ صاحب ميھڙ واري پڙھائي جو خوش قسمتيءَ سان اتي آيل هو. مسلمان خاص طرح مشڪور آهن. جتي روز مره تمام ذوق شوق سان شاگرد قرآن شريف جي تلات ڪري مرحوم جي روح کي ثواب بخشين ٿا.
مرحوم نور محمد جا آخري الفاظ:
منھنجو هيءُ خاڪي پتلو مسلم ھاسٽل کي سپرد ڪجو. من منھنجو روح طالب علمن جو طوطلو تنوارون ٻڌي، قرار پائي. منھنجي مسلم ھاسٽل ۽ اسڪول جي پارت اٿو. آمين ثم آمين.

(نور محمد ھاءِ اسڪول جي ڪنھن مخزن تان کنيل، سال نامعلوم، مضمون جو ليکڪ غلام رباني بلوچ، مئٽرڪ جو شاگرد آهي)

الھہ تلھہ وڪڻي اسڪول جو بنياد وجهندڙ شخص!: ڊاڪٽر خادم لاکير

اڄ نور محمد ھاءِ اسڪول جي باني نور محمد لاکير جو جنم ڏينھن آهي. نور محمد لاکير تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ “چڪرو” ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ميان محمد سجاول پرائمري استاد هو، جيڪو نوڪري دوران تعلقي ڪڪڙ (ھاڻي تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ) جي ڳوٺ “جمع لاکير” لڏي اچي ويٺو. پينشن تي پھچڻ بعد اتي ئي ساڳي ڳوٺ ۾ زمين جو ٽڪرو وٺي. باقي حياتي اتي گذاريائين کيس 3 پٽ هئا. جن مان نور محمد لاکير ذهين هو، جنھن ڪري کيس پڙهڻ لاءِ پھريان پنھنجي نظر هيٺ رکيائين، جتان 4 درجا سنڌي پاس ڪرائي سنڌ مدرستہ السلام ڪراچي مان مئٽرڪ پڙهيائين ان کانپوءِ سردار محمود يعقوب جي ذاتي دلچپسي سان مير علي مراد اسڪالرشپ وٺي عليڳڙھہ مان بي. اي ۽ پوءِ قانون جي سند ايل. ايل. بي وٺي حيدرآباد دکن انڊيا ۾ پنھنجي دوست محمد علي بيگ سان گڏجي وڪالت شروع ڪيائين. ٻہ شاديون ڪيائين هڪ پنھنجي ڳوٺ مان ۽ هڪ حيدرآباد دکن مان، پر افسوس جو پٽ جو اولاد نہ ٿي سگهيس. کيس دکن جي آبهوا ڀانءِ نہ پئي جنھن ڪري ڪجهہ وقت کانپوءِ سنڌ واپس آيو ۽ خيرپور رياست ۾ جج مقرر ٿيو عھدو تہ وڏو مليس، پر سندس طبيعت سرڪاري ملازمت ۾ نہ لڳي سگهي. ان ڪري حيدرآباد سنڌ ۾ اچي وڪالت شروع ڪيائين سندس طبيعت غريبن جي واهر ڪرڻ مسلمان ٻارن جي تعليم لاءِ اتي هئي. جيتوڻيڪ وڪالت ۾ بہ وڏو نالو ڪمايائين ۽ پنھنجي محنت ۽ اوچائي ڪري خوب ترقي ڪيائين. رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي جھڙي مخلص جي ساٿ سان تعليمي خدمتن ۾ بہ نمايان ڪاميابي حاصل ڪيائين، نتيجي ۾ هن حيدرآباد سنڌ جھڙي مرڪزي شھر ۾ 1924ع ۾ نور محمد ھاءِ اسڪول ۽ 1925ع ۾ ھاسٽل قائم ڪري ورتائين پوءِ تہ پنھنجي ذاتي مفادن کي پاسيرو رکي هو خير جي ڪم ۾ رات ڏينھن رڌل رهيو. مسلمان شاگردن کي سرندي وارن کان اسڪالرشپ بہ وٺي ڏيندو رهيو. ان وقت مسلمانن جي تعليمي پستي ۽ اڻ پڙهيل نوجوانن لاءِ هن خاص سڄي سنڌ ۾ دورا ڪيا ۽ هر ضلعي مان نھايت ذهين ۽ هوشيار شاگردن جي ان ضلعي جي تعليم ماهرن جي مدد سان چونڊ ڪئي. انھن کي نور محمد ھاءِ اسڪول هير آباد حيدرآباد ۾ مفت داخلا ڏئي کين مفت ھاسٽل بہ مھيا ڪري ڏنائين. نہ رڳو کاڌ خوراڪ، پر سندن تعليمي خرچ ۽ رھائش بہ مھيا ڪري هنن انتھائي غريب ۽ هوشيار شاگردن کي اهو موقعو فراهم ڪيو تہ جيئن مسلمان غريب شاگرد وڌيڪ تعليم وٺن ۽ پنھنجو ۽ پنھنجي خاندان جو آئيندو بھتر ڪري سگهن. ان وقت نور محمد ھاءِ اسڪول جو معيار ۽ ھاسٽل جي ايتري تہ شھرت ۽ مشھوري ٿي جو سندس موت کانپوءِ بہ هي اسڪول ۽ ھاسٽل ڄڻ تہ غريبن جو سھارو ٿيندا رهيا. هن وقت بہ جيڪڏهن هن اسڪول ۽ ھاسٽل تي نظر وجهجي ٿي تہ عاليشان عمارت ۽ هڪ عظيم اداري جو ڏيک ڏئي ٿي. جيتوڻيڪ هن وقت ھاسٽل ۽ اسڪول جي وچ ۾ايل. ايم. سي جي هڪ عظيم عمارت بہ اچي وئي آهي، پر حيدرآباد شھر جي هيرآباد واري چمڪندڙ علائقي ۾ هيءُ اسڪول ۽ ھاسٽل جي عمارت ڪنھن عجوبي کان گهٽ ناهي. هن وقت سموري ھاسٽل رينجرس جي تحويل ۾ ڏنل آهي ۽ هن عاليشان عمارت جي مک دروازي تي پھريدار مقرر ٿيل آهن. اندر بلڪل گيٽ جي سامھون مرحوم سائين نور محمد لاکير باني نور محمد اسڪول جي قبر هڪ ننڍي چبوتري وچ ۾ موجود آهي. جيڪا اڄ بہ پيغام آهي انھن سڀني سنڌين لاءِ تہ تعليم حاصل ڪيو پاڻ جتي تعليم جي ميدان ۾ ايتري قدر سرگرم نظر پئي آيو. اتي سياسي لحاظ قومي خدمتن کي بہ اوليت ڏيندو آيو. انھيءَ سلسلي ۾ 1923ع ۾ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر بہ چونڊجي ويو. سندس اھا آخري اميد يا مرضي هئي تہ حيدرآباد شھر ۾ مسلم يونيورسٽي قائم ڪريان، پر افسوس جو حياتي ساٿ نہ ڏنو جنھن سبب 3 ذوالقعد 1356ه مطابق 22 آگسٽ 1937ع تي حيدرآباد ۾ ئي وفات ڪيائين. وصيت موجب کيس سندس ئي ٺاهيل نور محمد ھاءِ اسڪول ھاسٽل (سامھون آيل ايم سي اسپتال هير آباد حيدرآباد ) جي احاطي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. نور محمد ھاءِ اسڪول کولڻ ۽ ان لاءِ شاندار بلڊنگ ٺھرائڻ لاءِ هن پنھنجي ڳوٺ ۾ ورتل پنھنجي والد سجاول خان لاکير جي زمين بہ گروي رکي ۽ پنھنجو سمورو سرمايو ۽ دوستن جي مدد سان هي بلڊنگ ۽ ھاسٽل جي بلڊنگ جوڙيائين. هن وقت ان اسڪول ۾ مسلم ڪاليج بہ شروع ڪيل آهي ۽ ھاسٽل وري ڪافي سالن کان رينجرس حوالي ڪيل آهي. سندس قبر تي قل پڙهڻ لاءِ بہ رينجرس کان پھريان اجازت وٺڻي پئي ٿي. نور محمد لاکير پنھنجي سموري زمين گروي رکي جيڪا ھاسٽل ٺھرائي سا رينجرس کان واپس وٺي سنڌ حڪومت جا صاحب سنڌ جي ٻھراڙي جي غريب شاگردن کي مفت رھائش ڏين تہ سندس روح ضرور خوش ٿيندو. ڪيڏي نہ افسوس جھڙي حقيقت آهي تہ ان وقت جڏهن سنڌي مسلمان بنھہ تعليم کان پري ۽ سندن اولاد اڻپڙهيل هجي. ان وقت هڪ وڪيل پنھنجي سموري ملڪيت، زمينون ۽ الھہ تلھہ ختم ڪري هي اسڪول ۽ ھاسٽل کولي ۽ هڪ عظيم درسگاھہ وجود ۾ آڻي ۽ ان ھاسٽل کي تعليم کان جدا ڪري رينجرس حوالي ڪري ڇڏين.

(روزانو ڪاوش، آچر سيپٽمبر 2018ع تان ورتل)

نور محمد اسڪول ۽ سنڌ مسلم هاسٽل جي تاريخ

---

ايجوڪيشنل ڪانفرنس جي تياريءَ جي رپورٽ

گذريل مھيني جي اوائل ۾ ڪراچي جي مشھور تاجر سيٺ غلام علي چاڳلاجي زير صدارت هڪ مجلس وڏن زميندارن ۽ معزز مسلمان جي حيدرآباد سنڌ جي مشھور وڪيل مسٽر نور محمد ايم ايل سي جي آفيس ۾ ٿي. هن مجلس ۾ مٿين ٻن صاحبن کان سواءِ سيد ميان محمد ڪامل شاھہ صاحب ايم ايل سي، مير عبدالله خان صاحب، خان صاحب ارباب جمع ۽ ٻيا بہ شريڪ هئا. ميٽنگ ۾ ٺھراءُ پاس ٿيو تہ حيدرآباد سنڌ ۾ مسلمان ايجوڪيشنل ڪانفرنس گڏ ڪجي. جيڪا وقتي رسيپشن ڪميٽي ٺاهي وئي، ان جو چيئرمين سيد محمد ڪامل شاھہ صاحب ۽ سيڪريٽري مسٽر نور محمد صاحب وڪيل ۽ سيد ميران محمد شاه بي اي، ايل ايل بي مقرر ڪيا ويا. مسلماني تعليم سنڌ ۾ پٽ تي پيل آهي، تنھنجي ڄاڻڻ لاءِ ڪا خاص ثابتي ڪانہ گهرجي. جنھن جنھن محڪمي ۾ ڏسبو تہ مسلمانن جو تعداد آدمشماريءَ جي لحاظ ڪري گهڻو گهٽ ڏسڻ ۾ ايندو. آخري ۽ ٻين اهڙين نوڪرين ۾، جنھن ڪاليجي اعليٰ تعليم جي ضرورت آهي، جھڙا انجنيئري، فاريسٽ، ڊاڪٽري ۽ عدالتي کاتن ۾ مسلمان ائين ڏسبا جيئن اٽي ۾ لوڻ. انھي ڪري ضرور آهي تہ اسان جي ملڪ جا مدبر پاڻ ۾ گڏجي ملڪ ۽ قوم جي بھتري لاءِ جيتري ڪوشش ڪن اوترو چڱو ۽ اسين اميد ڪريون ٿا تہ نہ رڳو اسان جا مسلمان پاڻ ۾ هم صلاح ٿي انھي ڪم ۾ ڪوشان ٿيندا، پر اسان جا ھندو ڀائر بہ کين هن نيڪ ڪم ۾ دل و جان سان مدد ڪندا، جنھن ۾ ملڪ جو عام ۽ مسلمان قوم جو خاص ڀلو آهي.
اسان کي هن احوال لکندي ياد ٿو اچي تہ اڄ کان برابر 22 ورهيہ اڳي يعني سال 1902ع ۾ هتي حيدرآباد ۾ هڪ وڏي مسلماني ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي هئي، جنھن جو مير مجلس ان وقت جو ڪمشنر رابرٽ جائيلس صاحب هو. سندس ڀاءُ مسٽر اي جائيلس صاحب ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن، مرحوم خانبھادر قادر خان سي آءِ اي وزير خيرپور رياست، سردار محمد يعقوب خان سي آءِ اي، مرحوم شيخ محمد سليمان (سکر وارو) ۽ شمس العلما مرزا قليچ بيگ صاحب ڪانفرنس ۾ حاضر هئا. انھي موقعي تي تقرير ڪندي جناب ڪمشنر صاحب حاضر مجلس کي اهو انجام ڏنو هو تہ جيڪڏهن ٻھراڙيءَ جي مسلمان شاگردن جي سھوليت لاءِ اوهين رٿيل بورڊنگ ھائوس مختلف شھرن ۾ ٺھرائيندا تہ آءٌ معمولي گرانٽ ان ايڊ کانسواءِ عمارتن جي خرچ جو اڌ سرڪار کان وٺي ڏيندس. ٻن ڏينھن جي تقريرن ۽ بحث مباحثو کان پوءِ اٽڪل 11 ريزوليوشن پاس ٿيا، جن مان ڪي مکيہ هيٺ ڏيکارجن ٿا.
1. هڪ مرڪزي ڪاميٽي ۽ ٻيون سب ڪاميٽيون ٺاهيون وڃن، جن کي تعليمي آفيسر ۽ روينيو عملدار تسليم ڪن ۽ انھن ڪاميٽين جو اهو ڪم رهي تہ مسلمانن ۾ تعليم ڏانھن دلچسپي پيدا ڪرائن ۽ مسلمانن ۾ تعليم وڌائن.
2. اُهي ڪم جيڪي زميندارن ۽ ھارين کي سندن ڌنڌي وغيره ۾ ڪمائتا ٿين، سي لوڪل بورڊ ۽ خاص اسڪولن ۾ سيکاريا وڃن.
3. زميندارن جي اولاد لاءِ هيٺين شھرن ۾ بورڊنگ ھائوس برپا ڪجن. (1) ميرپور خاص، (2) ٽنڊو محمد خان، (3) ھالا يا ٽنڊو آدم، (4) نوشھرو، (5) سجاول، (6) ٺٽه، (7) سيوهڻ، (8 ميھڙ، (9) گهوٽڪي، (10) جيڪب آباد.
4. مٿئين مقصد لاءِ جيتري صوبائي رقم سرڪار کان ملي سگهي، سا انھي ڪم ۾ لڳائجي.
5. جيڪڏهن پوري لياقت جا ماڻھو ملي سگهن تہ ھاءِ اسڪولن ۾ فارسي ٽيچر ضرور مسلمان هئڻ گهرجن.
مٿين ريزوليشن پڙهڻ مان ظاهر ٿيندو تہ گذريل ڪانفرنس ۾ هيترين تقريرن ۽ هيڏن وڏن قوم جي برگزيدن جي موجودگيءَ هوندي بہ 22 ورهين ۾ قوم پنھنجو هڪ ننڍو پروگرام پورو ڪري نہ سگهي آهي ۽ سندس پھريون ۽ ڪارائتو ريزوليوشن جو حقيقتاً قوم کي جاڳائي ڇڏي ھا، سو تہ ڪنھن بہ ريت عمل ۾ آندو بہ ڪين ويو. اسين اميد رکون ٿا تہ آئيندہ ڪانفرنس ۾ اسان جا مسلمان ڀائر زماني جي حالتن کي جاچي پاڻ ۾ متعلق ۽ متحد ٿي قوم جي ڀلي لاءِ ڪجهہ چڱو ۽ پُر اثر ڪم ڪندا.

(اخبار تعليم، ٽريننگ ڪاليج فار مين، حيدرآباد، 1924ع تان ورتل)

صوبہ سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي ڪانفرنس

تاريخ 15 ڊسمبر 1924ع تي هز ايڪسلينسي سر ليسلي ولسن صاحب بمبئي جو گورنر حيدرآباد ۾ وارد ٿيو ۽ گشت سان تعلق رکندڙ امورات سان گڏ سنڌ پراونشنل ايجوڪيشنل ڪانفرنس جي کولڻ جي رسم بہ پنھنجي سر تشريف آڻي ادا ڪئي. باوجود گهڻي ڪم ۽ ٻين مصروفيتن جي سندن هن موقعي تي حاضر ٿيڻ سنڌ جي سڀني مسلمانن کي شڪر گذار بنايو.
ڪانفرنس حيدرآباد جي مشھور عمارت هومسٽيڊ ھال ۾ منعقد ڪئي ويئي هئي. ھال تمام چڱي پيماني تي سينگاريل هو ۽ گورنر صاحب جو استقبال گهڻي ڪروفر سان ڪيو ويو. سندس اچڻ تي خيرپور رياست جي ڪئڊيٽ ڪور (شاگردن بي پلٽڻ) جي سلامي ورتي ويئي ۽ صاحب ممدوح جي ھال داخل ٿيڻ وقت حاضرين اٿي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. قرآن مجيد ۾ رڪوع جي تلاوت بعد خانبھادر نبي بخش محمد حسين استقباليہ ڪاميٽيءَ جي طرفان ۽ سنڌ جي مسلمانن پاران مرحبا ڪئي ۽ پنھنجي مرحبا تقرير ۾ چيو تہ “گورنر صاحب جو ڪيترن ڪمن هوندي بہ تڪليف وٺي اسان سان هن ڪانفرنس ۾ شامل ٿيو آهي، تنھن مان ظاهر آهي تہ سندن همدردي مسلمان قوم سان آهي. سنڌ علائقي جي آدمشماري گهڻي قدر مسلمانن جي آهي، تنھن لاءِ مسلمانن جي تعليمي بھبودي گويا ڀاڱي جي تعليمي بھبودي آهي. اڳتي وڌندي خان بھادر چيو تہ جيسين فارسي سرڪاري دفترن ۾ مروج هئي، تيسين مسلمانن کي نوڪرين جو حصو ملندو آيو، پر پوءِ جڏهن انگريزيءَ جو رواج پيو تہ مسلمان الڳ ٿي ويا. سندن قومي مغروري، سندن اڳئين رواج ۽ ضرورتن هن نئين دستور کان کين منع ڪيو. مثال ڏنائين تہ سر وليم هنٽر چيو آهي تہ نئين مغربي تعليم ھندن کي صدين جي ننڊ مان جاڳايو ۽ جلد سندن جذبات تازا ڪري هڪ زنده قوم بنايو، ليڪن اھا مغربي تعليم مسلمانن وٽ ناپسند هئي. آخر خان بھادر حسن عليءَ ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرسہ جاري ڪيو ۽ هز ھائينس والي خيرپور جي امداد، رياست ۾ انگريزي تعليم کي زور وٺايو. ان کان پوءِ هز ايڪسلينسي گورنر صاحب ڪانفرنس کي ٻڌائيندي چيو تہ اگرچہ مون کي گشت ۾ ڪم تمام گهڻو هو تہ بہ مون ڪانفرنس جي دعوت خوشيءَ سان قبول ڪئي. جيئن اوھان چيو آهي تہ منھنجي هتي ملاقات ڏيڻ جي معنى آهي تہ منھنجي توھان سان همدردي آهي، سا ڳالھہ بلڪل صحيح آهي آءٌ ڏسي گهڻو خوش ٿيو آهيان، جو صاحبزادو آفتاب احمد خان جو عليڳڙھہ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر آهي، سو اوھان سان شريڪ ٿيو آهي. مونکي يقين آهي تہ سندس صلاح مصلحت اوھان لاءِ گهڻو مفيد ٿيندي. مون کي ڏسي گهڻي خوشي ٿي آهي تہ توهين منتظر آهيو تہ ٻين قومن سان ڪلھو هڻي اوهين پنھنجو منھن ۽ مان مٿي رکو. سرڪاري نوڪرين نسبت ذڪر ڪيل آهي، پر آءٌ ڀانيان ٿو تہ انھي ۾ سرڪار جو ڪو ڏوھہ ئي ڪونھي، جو جنھن قسم جو دستور اڳيئي رواج ۾ هو، تنھن کي هو قائم رکندا آيا. اڳئين وقت ۾ اگرچہ ملڪ جا حاڪم مسلمان هئا تہ بہ حڪومت جو ڪاروبار سڄو ھندن جي هٿ ۾ هوندو هو ۽ خود اکر “عامل” ڏيکاري ٿو تہ هو ڪاراوا ماڻھو هئا. اڪثر ڪري خط و ڪتابت سڀ فارسيءَ زبان ۾ هلندڙ هئي ۽ ھندو ماڻھو اھا چڱيءَ طرح سکي چڱا چڱا عھدا حاصل ڪندا هئا. ممڪن آهي تہ مسلمان وڏن گهراڻن ۾ ڪتابن پڙهڻ ڏانھن چاھہ ڪونہ هو. نوجوانن کي انھيءَ وقت شڪاربازي ۽ گهوڙي سواري ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ کان وڌيڪ وڻندڙ هئي، ليڪن هينئر حالتون ڦري پيون آهن ۽ علم حاصل ڪرڻ هڪ اشد ضرورت ٿي پئي آهي. اهو بہ ياد رکجو تہ جو ٻار راندين ۾ تکو هوندو، سو ڪم ۾ بہ وڌيڪ ذهين نڪرندو. ابتدائي تعليم لاءِ گورنر صاحب چيو تہ اسان ملان اسڪولن لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي آهي ۽ اسين انھيءَ ڪميٽيءَ جي رپورٽ جا منتظر آهيون. اسين اوھان کي صلاح ٿا ڏيون تہ توهين پنھنجيون ڪميٽيون ٺاهيو، جي اوھان جي رٿن کي هميشہ هستيءَ جي صورت ۾ آڻين ۽ اهڙين ڪميٽين جا ويچار ڪيل ٺھراءُ سرڪار لاءِ مفيد ٿيندا ۽ انھن تي اسين ۽ اسان جو تعليمي وزير پورو پورو غور ڪنداسون. انھي باري ۾ اسان پوني ۾ گهڻو ڪجهہ چيو آهي، جنھن جي اپٽار هتي ٻيھر ڪرڻ مناسب نٿو سمجهجي ۽ اسين گهڻي خوشيءَ سان هن ڪانفرنس کي کوليون ٿا.”
ان کان پوءِ خان بھادر شاھہ نواز خان ڀٽي، گورنر صاحب جي شڪر گذاري ادا ڪندي چيو تہ گورنر صاحب هينئر فرمايو آهي تہ اگرچ حڪومت مسلمانن جي هئي تہ بہ حڪمران گهڻو ڪري ھندو هئا، پر حقيقت ائين نہ آهي. مسلمان حڪومت جو ڪم سڀ پاڻ ڪند اهئا، فقط منشين ۽ محررن جو ڪم ھندن جي هٿ ۾ ڏنل هو. وڌيڪ چيائين تہ هي گهڻي افسوس جي ڳالھہ آهي تہ جيڪي زمينون اڳي مسلمانن جي هٿ ۾ هيون، تنھن جو 80 سيڪڙو يا تہ ھندن خريد ڪري ڇڏي آهي يا تہ ھندن وٽ گروي آهي. روينيو ۽ پوليس ڊپارٽمينٽ کان سواءِ سڀني کاتن ۾ پٽيواليون ۽ اهڙيون گهٽ پگهار واريون نوڪريون مسلمانن کي ملن ٿيون.
خان بھادر، گورنر صاحب جا احسان مڃيا، جو پاڻ زميندارن جي گهرن جو گهڻي قدر همدردي جي نگاھہ سان فيصلو ڪيو آهي ۽ کين استدعا ڪئي تہ جڏهن ڪانفرنس جون رٿون وتن پيش ٿين، تڏهن بہ اهڙي همدرديءَ جي نگاھہ رکن. بعد ان جي ڪانفرنس جي طرفان گورنر صاحب لاءِ شڪريہ جي رٿ پيش ڪئي، جا گهڻي صدق سان پاس ڪئي ويئي.
گورنر صاحب جي وداعي بعد سر ابراهيم رحمت الله صاحب پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. ٻن ڏينھن جي گهڻي بحث مباحثي بعد جدا جدا رٿون پاس ٿيون. ڪانفرنس ۾ جيڪي ٺھراءَ پاس ڪيا ويا، جن مان مکيہ هيٺئين ريت آهن:
1. هي ڪانفرنس مرحوم غلام محمد خان ڀرڳڙي جي سنڌ جي خدمتن جو اعتراف ڪندي هي تجويز ٿي ڪري تہ مرحوم جي يادگار قائم ڪرڻ لاءِ سندس نالي تي گهرج وارن مسلمانن کي اسڪالرشپون ڏنيون وڃن ۽ اهو مقصد مد نظر رکي هي ڪانفرنس ملڪ کي استدعا ٿي ڪري تہ مرحوم جي نالي کي زنده رکڻ لاءِ هڪ لک روپيہ گڏ ڪجي.
2. هي ڪانفرنس افسوس ظاهر ٿي ڪري تہ مسلم ڪاميٽي جا 1913ع ۾ سرڪار ٺاهي هئي ۽ جنھن سرڪار کي مسلمانن جي تعليم واسطي ڪي سفارشون ڪيون هيون، تنھن جي سفارشن کي يا تہ قبول نہ ڪيو ويو آهي يا جيڪڏهن ڪي قبول ٿيون آهن تہ انھن کي عمل ۾ نہ آندو ويو آهي. تنھنڪري زور سان هيٺيون گهرون ٿي ڪري:
الف: سڀني لوڪل بورڊ ۽ ميونسپل اسڪول ۾ مسلمان ٻارن کي قرآن شريف جي تعليم ڏيڻ جو انتظام ڪيو وڃي.
ب: ابتدائي اسڪولن ۾ مسلمانن جي آدم شماري کي لحاظ ۾ رکي مسلمان ماسترن جو تعداد وڌايو وڃي.
ت: ابتدائي اسڪولن ۾ مسلمان ٻارن لاءِ ٽن ٽن روپين وارين اسڪالرشپن جو انداز گهڻو وڌايو وڃي ۽ ٻاھر جي شاگردن واسطي 5 کان 7 روپين تائين نيون اسڪالرشپون برپا ڪيون وڃن.
ث: حيدرآباد جي مردن واري ٽريننگ ڪاليج ۾ مسجد ٺھرائي وڃي.
3. هي ڪانفرنس ٽريننگ ڪاليج مان فارسي زبان کي ڪڍي ڇڏڻ کي سخت ناپسندي جي نظر سان ڏسي ٿي، جنھن جي ڪڍڻ سان سنڌي علم ادب جي واڌاري کي نقصان ٿو رسي ۽ گورنمينٽ کان طلب ٿي ڪري تہ وري فارسي جاري ڪرڻ جو انتظام جلد ڪيو وڃي.
4. زمينداري ھاءِ اسڪول بابت هي ٺھراءُ پاس ڪيو ويو تہ “انھي لحاظ سان تہ سنڌ ۾ تعليم وڌڻ ضروري آهي. زميندارن ۽ ٻين لاءِ ثانوي تعليم جو پورو انتظام ڪيو وڃي ۽ جيڪا تعليم اتي ڏني وڃي، سا انٽرميڊئٽ تائين هجي ۽ اهڙي ڪاليج سان هڪ بورڊنگ ھائوس بہ قائم ڪيو وڃي. انھي کي پورو ڪرڻ لاءِ زميندارن کي گهرجي تہ ڪافي امداد ڏين.”
5. جيڪي ڪتاب تعليم کاتي پرائمري اسڪولن لاءِ مقرر ڪيا آهن، اهي مسلمان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ بلڪل غير موزون آهن، تنھنڪري هي ڪانفرنس تاليف ڪميٽي کي استدعا ٿي ڪري تہ انھي لاءِ جوڳو قدم کڻي.
6. هن ڪانفرنس جي راءِ آهي تہ ملان اسڪولن جي متعلق جيڪا اسڪيم آهي، سا اطمينان بخش نہ آهي، هيٺين ريت ان ۾ سڌارن ڪرڻ جي ضرورت آهي.
7. اھا سڄي اسڪيم هڪ مسلمان ايجوڪيشنل انسپيڪٽر جي ماتحت رکي وڃي.
8. اسڪولن کي آئندہ مسلم اسڪولن جي نالي سان ڪوٺيو وڃي. جڏهن جبري تعليم جو قاعدو لاڳو ڪيو وڃي تہ جتي ملان اسڪول آهن، اتي انھن کي پرائمري اسڪولن جي درجي تائين پھچايو وڃي ۽ انھن ۾ مذهبي تعليم بہ رهي.
9. هي ڪانفرنس بمبئي يونيورسٽي جي چانلسر کي استدعا ٿي ڪري تہ سينيٽ ۾ وڌيڪ تعداد مسلمانن جو مقرر ڪري.
10. هي ڪانفرنس بمبئيءَ يونيورسٽي کي سفارش ٿي ڪري تہ بي. اي ۽ ايم اي امتحان لاءِ اسلامي تاريخ بطور آپشنل (مرضي تي ڇڏيل مضمون) رکي.
11. ڪانفرنس پنھنجي مرڪزي ڪميٽي تي هي ڪم رکي ٿي تہ سنڌ ۾ مختلف خاندانن ۾ قلمي ڪتاب آهن، تن کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ۽ جيڪي ملي نہ سگهن، تن کي نقل ڪرائڻ جو انتظام ڪري.
12. موجودہ عربي ماسترن لاءِ ٺھراءُ پيش ٿيو تہ هنن کي بمبئي يونيورسٽي ڪي سھوليتون پھچائي ۽ سرڪار کي وظيفن لاءِ چيو وڃي.
13. تعليم کاتي ۾ مسلمانن کي 70 فيصد جايون ملن ۽ مسلمان شاگردن لاءِ خاص وظيفا انھي لاءِ ڏنا وڃن، جو هو تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪري سگهن. انھن عھدن لاءِ چڱا تنخواه ڏيڻ ۾ اچن، جو هنن ۾ چاھہ پيدا ٿئي اهڙي طرح مسلمان هيڊ ماسترن ۽ نائب ماسترن جو تعداد وڌايو وڃي.
14. جيڪي عربي مدرسا آهن، جن ۾ مذهبي تعليم ڏني وڃي ٿي، تن جي زميندارن ۽ جاگيردارن کي مدد ڪرڻ گهرجي.
15. ڪراچي ميونسپالٽي جي نئين قاعدي موجب اسڪول بورڊ ۾ مسلمانن جو تعداد اڌو اڌ رکيو وڃي.
16. مير صاحب کي استدعا ڪجي تہ پاڻ جيڪا مدرسي کي امداد ڏئي ٿو، تنھن لاءِ اهو شرط نہ وجهي تہ مدرسي جو پرنسيپال يوروپي هجي.
17. ٿرپارڪر ضلعي وارو مدرسي ھاءِ اسڪول ڪيو وڃي ۽ نوشھره مدرسي بورڊنگ ھائوس کي ڪافي امداد ڏني وڃي.
18. هر هڪ ضلعي ۾ هڪ ھاءِ اسڪول کوليو وڃي ۽ هر اسڪول سان مسلمان شاگردن لاءِ هڪ بورڊنگ ھائوس مسجد سان گڏ ٺھرايو وڃي ۽ مسلمان شاگردن کي ڪافي وظيفا ڏنا وڃن.
19. ڪاليج ۽ اسڪول جي مسلمان شاگردن لاءِ 50 فيصد جايون رکيون وڃن.
20. سنڌ ۾ مفت زوري تعليم وارو قاعده يڪدم لڳايو وڃي.
21. ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن جو پرسنل اسسٽنٽ هڪ مسلمان ٿيڻ گهرجي ۽ ڪمشنر سان گڏ جيڪو مسلمان اسسٽنٽ ڪمشنر آهي، تنھن کي سنڌ جي مسلمانن جي تعليم سپرد ڪئي وڃي.

(اخبار تعليم، ٽريننگ ڪاليج فار مين، حيدرآباد، فيبروري، 1925ع تان ورتل)

اسڪول جي عمارت جي افتتاح جي موقعي تي سر غلام حسين جي تقرير

تاريخ 29 ۽ 30 نومبر 1933ع سر غلام حسين هدايت الله بمبئي گورنمينٽ جو رونيو ۽ مالي ميمبر حيدرآباد ۾ تشريف فرما ٿيو.
سر غلام حسين جنھن کي سنڌ جو ٻچو ٻچو سڃاڻي ٿو، سو اتر سنڌ جي مشھور تجارتي شھر شڪارپور ۾ تولد ٿيو. اسڪول ۽ ڪاليج جي تعليم حاصل ڪرڻ بعد ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪري حيدرآباد سنڌ ۾ ڪيترن سالن تائين وڪالت ڪندو رهيو. سال 1912ع ۾ هي صاحب بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو. پنھنجي قومي ۽ وطني حب ۽ ٻين خداداد لياقتن سبب 1921ع تائين وري وري حيدرآباد ضلعي جي ماڻھن جي طرفان سندن عيوضي ٿي موڪليو ٿي ويو. سال 1921ع ۾ هي نون سڌارن موجب نئين طرز تي ٺھيل ليجسليٽو ڪائونسل ۾ وزير مقرر ڪيو ويو. هن اهو پنھنجو نئون عھدو اهڙي هوشياري ۽ چالاڪي سان هلايو جو ٽي دفعا 1928ع تائين سانده ساڳي عھدي تي ممتاز ڪيو ويو.
وزيري واري عرصي ۾ هن جون خدمتون ۽ جان فشانيون اهڙيون بي بھا ثابت ٿيون جو نہ رڳو هي اٺ سال وري وري وزير مقرر ڪيو ويو، پر سائين جي خطاب سان معمور ڪيو ويو ۽ هن جي گهرج بمبئي گورنمينٽ کي ايتري قدر محسوس ٿي جو جون 1928ع ۾ هي ايگزيڪيوٽوِ (ڪاروباري) ڪائونسل جو ميمبر مقرر ڪيو ويو.
آفيسري عھدي جي واڳن وٺڻ کان اڳ جي خدمتون سر صاحب حيدرآباد شھر جون خصوصاً ۽ سنڌ جون عموماً ڪيون آهن سي اظھر من الشمس آهن. سال 1921ع کان اڳ ڪائونسل جي ميمبريءَ جي ايامڪاريءَ ۾ (جيستائين هو صاحب حيدرآباد کي ڇڏي بمبئي کي پنھنجو وطن ڪري وڃي ويٺو تيستائين) جيڪي هن صاحب حيدرآباد شھر جون خدمتون ڪيون آهن، سي وسرڻ جھڙيون نہ آهن.
هي صاحب پھرين پھرين ڊسڪٽرڪٽ لوڪل بورڊ حيدرآباد جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو ۽ ڪيترو وقت حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ ٿي رهيو. تنھن کان سواءِ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۽ سنڌ مدرستہ الاسلام جي بورڊ جو سالن جا سال ميمبر ٿي رهيو هو. ان کان سواءِ سنڌ ملڪ جي باري ۾ ماڻھن جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ وقت بوقت جيڪي بہ ڪاميٽيون پئي ٺھيون آهن، تن ۾ هن جو نالو هو. هن تمام گهڻي قدر بھرو وٺي انھن ڪاميٽين جون مرادون برصواب ڪرائي پنھنجي ناموري حاصل ڪئي.
انھن سڌاري ۽ واڌاري وارن ڪمن مان ڪيترا ٿي چڪا آهن ۽ اڃا بہ هي صاحب اهڙن ڪمن ڪرڻ لاءِ هر دم تيار آهي. تازو جڏهن هو حيدرآباد ۾ تشريف فرما ٿيو تڏهن “مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي” کيس عرض ڪيو تہ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول حيدرآباد جنھنجون واڳون جلد بدلي ٿي سوسائٽي کي ملڻيون آهن، انھيءَ جي احاطي اندر اسڪول جي نئين جڳھہ جو سنگ بنياد پنھنجي مبارڪ هٿن سان رکڻ فرمائي. ناظرين تعليم اخبار کي ذهن نشين ٿو ڪجي تہ اهو اسڪول جو سرڪار مالي حالتن جي مد نظر تي صفا بند ڪرڻ ٿي گهريو سو ڪن شرطن تي سوسائٽي کي سندس گرما گرم ڪوششن ڪرڻ تي ڏيڻو ڪيو.

غلام حسين صاحب جن کي مرحبا جي ائڊريس
سنگ بنياد رکڻ کان اڳ ۾ سر غلام حسين صاحب، ڪليڪٽر صاحب مسٽر جي، ڪي، جوشي آءِ. سي. ايس. سان گڏ تشريف فرما ٿيو، تنھن کي سوسائٽي جي پاران بلڪل گهڻي مرحبا سان حاضرين مجلس جن ۾ ڪيترا معتبر مرد ۽ ڪيتريون معزز عورتون، ڪيترن اسڪولن جا ماستر ۽ شاگرد حاضر هئا تن جي اڳيان سر صاحب کي ايڊريس پيش ڪئي.
مسلم ھاسٽل جي بئند چيدن ۽ سھڻن سرن سان حاضرين مجلس کي وندرائيو.
خدا عزوجل جي ثنا خوانيءَ بعد سر صاحب جي تڪليف وٺي اچڻ جي شڪريہ ادائي کان پوءِ مسٽر نور محمد آنرري سيڪريٽري مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي جي ايڊريس پڙهي، جنھن جو جواب سر صاحب هيٺين لفظن ۾ ڏيڻ فرمايو:
سر صاحب جي جواب ۾ هز ايڪسيلنسي گورنر صاحب بمبئي کاتي جو پيغام پڻ هو.
مسٽر چيئرمين ۽ ڪارپرداز ميمبر مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي، هن نئين اسڪول جي جڳھہ جي سنگ بنياد رکڻ لاءِ جو مونکي چيو ويو آهي تنھن مان جا خوشي مونکي حاصل ٿي آهي، تنھنجي بيان ڪرڻ جي ايتري ضرورت محسوس نٿو ڪريان. تعليم اهو ڪم آهي جو منھنجي دل کي ڏاڍو پيارو آهي ۽ جڏهن بہ مان تعليم سان لاڳو ڪنھن ڪم ۾ بھرو وٺندو آهيان تڏهن تمام بيحد خوش ٿيندو آهيان.
تعليم جو قدر؛ توھان کي بخوبي معلوم هوندو تہ تعليم دنيوي، مذهبي، تمدني ۽ معاشرتي ڳالھين جي ترقيءَ جو سرچشمو آهي. تعليم معلومات وڌائي ٿي ۽ معلومات هڪ قسم جي زبردست طاقت آهي. هر ڪنھن ڳالھہ جي وسيع ۽ اونھي معلومات جنھن جو انسان جي ترقيءَ تي وڏو اثر آهي سو سچي سڌاري ۽ واڌاري جو مکيہ جزو آهي. اهو ئي سبب آهي جنھن ڪري اسڪول ۽ ڪاليج اسان جي حياتيءَ جو مکيہ پايو تصور ڪيا ٿا وڃن.
سنڌ جا مسلمان اڃا تعليم ۾ پوئتي پيل آهن ۽ جيستائين اهي پنھنجي وڌيڪ ترقي پذير همسايہ ڀائرن سان ساڳيءَ ڪڙيءَ تي اچن، تيستائين گهڻو ڪم ڪرڻو اٿن. انھن کي ياد ڪرڻ گهرجي تہ سندن ترقي سڄي انسان ذات جي ترقي آهي ڇاڪاڻ تہ اهي سياسي حالت جي مدنظر تي سڄي انسان ذات جو هڪ جزو آهن. سڄيءَ انسان ذات جي ڪماليت جي درجي تي پھچڻ لاءِ اهو ضروري آهي تہ سندس هر هڪ جزو مڪمل ٿئي. ڪا بہ قوم جا پنھنجن ٽنگن تي نٿي بيھي سگهي سا نہ رڳو پنھنجي دشمن آهي، پر اھا ملڪ جي انھن سڀني قومن لاءِ جي ترقيءَ جي راھہ تي گامزن آهن تن سڀني لاءِ هڪ قسم جي رنڊڪ آهي.

مسلمانن جي تعليم
شڪرانا ڌڻيءَ جا، جو مسلمانن ھاڻي اک کولي آهي ۽ تمام گهڻي تعداد ۾ تعليم پرائڻ جي ڪم کي لڳي ويا آهن. هن لاءِ توھان جي سوسائٽين جھڙيون سوسائٽيون ۽ توھان ميمبرن جھڙا قومي ۽ ملڪي حب وارا اهي ماڻھو مبارڪن جا مستحق آهن، جي ھھڙن ڪمن لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. اهڙيون جماعتون ۽ اهڙا ماڻھو نہ رڳو قومي خدمت ٿا ڪن، پر اهي سڀ کان مٿاهين درجي جي ملڪي خدمت ادا ٿا ڪن. ھھڙي وڏي ڪم جي پورائي لاءِ خود مطلبي کان آزاد روءِ جي ماڻھو ڪوشان آهن سي نہ رڳو پنھنجي قوم وٽان، پر سڄي ملڪ جي ماڻھن وٽان داد ملڻ جي لائق آهن.
اهي پنھنجي پوکيل وڻ جي ميوي جو مزو تمام گهڻو تڏهين وٺندا جڏهين ڪجهہ وقت کانپوءِ سندن محنتن ۽ مشقتن جو وڻ ڦولارجي ڦر ڪندو. هڪ داناءُ جو قول آهي تہ “ماڻھو ڪجهہ بہ نہ آهي مگر ڪم سڀ ڪجهہ آهي.” مون کي اھا خاطري آهي تہ اهڙا قومي حب وارا ماڻھو ۽ جماعتون اهڙا ڪم حب وچان ڪن ٿا ۽ نہ ڪنھن اجوري يا عيوضي ملڻ ڪاڻ.
انھيءَ چوڻ ۾ مبالغو نہ ٿيندو جي آءٌ توھان کي ٻڌايان تہ هز ايڪسيلنسي گورنر صاحب بھادر کي ڪابہ ڳالھہ اهڙو خوش نہ ڪري ھا جھڙا صاحب ممدوح هن اسڪول جي جاءِ جي سنگ بنياد رکڻ ۾ خوش ٿئي ھا. ڇاڪاڻ تہ هز ايڪسيلنسي انھن ڳالھين ۾ تمام گهڻو چاھہ وٺندو آهي جي پريزيڊنسي جي ماڻھن جي ڀلي جي مد نظر تي رکيون وينديون آهن.

خاص واسطيداري
سڄي بمبئي کاتي جي تعليم لاءِ عموماً ۽ مسلمانن جي تعليم لاءِ خصوصاً هز ايڪسيلنسي جو هڏ تمام گهڻو ڪرڪندو آهي. تنھن ڪري هز ايڪسيلنسي هن وڏي ڪم جي شروع ڪرائڻ ۽ بھري وٺڻ ۾ تمام گهڻو خوش ٿئي ھا. سوسائٽي کي اسڪول جون واڳون دير سان مليون تنھنڪري اهڙو خوشيءَ جو ڪم هز ايڪسيلنسي گورنر صاحب بھادر کان سر انجام ٿي نہ سگهيو آهي. هن موقعي تي پنھنجي حاضر هجڻ جي عيوض مھرباني ڪري هيٺيون پيغام اوھان ڏانھن موڪليو آهي جو آءٌ اوھان کي پڙهي ٿو ٻڌايان ۽ جو مون کي پڪ آهي تہ توھان کي توھان جي هن وڏي ڪم ۾ همت افزائي جو باعث ٿيندو. جيڪي هز ايڪسيلنسي اڄوڪي سنگ بنياد رکڻ بنسبت مون ڏانھن لکيو آهي سو هيءُ آهي:

هز ايڪسيلنسي گورنر صاحب بھادر جو پيغام
مھرباني ڪري مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ ۽ حيدرآباد سنڌ جي مسلمانن کي منھنجي پاران مسلم ايجوڪيشن ھاءِ اسڪول لاءِ جنھن جو توھان هن وقت سنگ بنياد رکو ٿا مبارڪون ڏيندا. اهو ڪم جنھن جي پوري ڪرڻ لاءِ توھان ۽ سر رفيع الدين احمد ڪوشش ورتي هئي، تنھنجي تبديل ڪري ڏيڻ جي شروعات ڪرڻ ۾ اوھان کي نھايت خوشي حاصل ٿيندي هوندي.
9 سال کن اڳي جنھن مسلم ھاسٽل جي جاءِ سرڪار مسلمانن کي ڏني هئي، تنھنجو بندوبست جنھن پيرايہ تي سوسائٽيءَ رکيو آهي سو مونکي اھا اميد ٿو ڏياري تہ اهي اسڪول جي انتظام رکڻ ۾ بيشڪ ڪامياب ٿيندا. منھنجي تمام گهڻي همدردي سوسائٽيءَ جي انھيءَ وڏي ڪم سان آهي، جنھن جو بار هوءَ مسلمان ٻارن جي تعليم، ترقيءَ ۽ خوشنوديءَ لاءِ پنھنجي ڪلھن تي رکي ٿي. مان اهڙن اسڪولن جي بنيادي پٿر رکڻ ۾ پاڻ کي نھايت خوش نصيب سمجهندو آهيان. ڇاڪاڻ تہ اهو وڏو ڪم جنھن جي پوري ڪرڻ لاءِ اوھان جي سوسائٽي قدم کنيو آهي سو هميشہ لاءِ چاھہ ڏياريندڙ ثابت ٿيو آهي ۽ ٿيندو رھندو.

سڀني ذاتين لاءِ کليل اسڪول:
ڪي ڳالھيون جن جو هن اسڪول سان لاڳاپو آهي سي مونکي گهڻو خوش ٿيون ڪن. پھرين ۽ سڀ کان مکيہ ڳالھہ جا آهي سا هي آهي تہ هي اسڪول سڀني ذاتين لاءِ ڪنھن بہ قسم جي رنڊڪ ۽ روڪ کان سواءِ کليل آهي. اهڙن اسڪولن جي خاص ڪري هن وقت ملڪ ۾ تمام گهڻي گهرج آهي.هن وقت ھندوستان جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ ضروري ڳالھہ جا آهي سا اھا آهي تہ سندس ڌار ڌار ذاتيون ۽ قومون هڪ ٻئي کي چڱي طرح سمجهي سگهن. انھيءَ مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ فقط اهڙا ئي اسڪول ڪارائتا ٿي سگهندا، جي سڀني قومن لاءِ پنھنجا دروازا کليل رکندا.
ٻي چڱي ڳالھہ جا مان ڏسان ٿو سا هي آهي تہ هي اسڪول هنري تعليم کي زور وٺائڻ لاءِ سھوليتون مھيا ڪري ڏي ٿو. اهو ئي هن وقت دنيا جي ترقي جو راز آهي ۽ آئيندہ اهو تمام گهڻي قدر محسوس ڪيو ويندو. فقط ڪتابي علم هينئر نڪمو ۽ صرف وقت ۽ مغز جي طاقت لاءِ نقصان ڪار ثابت ٿيو آهي. جنھن ڳالھہ جي هن وقت گهرج آهي ۽ جنھن جي ايندڙ زماني ۾ وڌيڪ ۾ وڌيڪ گهرج ٿيندي ويندي سا اھا آهي تہ اسڪول ۽ ڪاليج جي شاگردن کي تعليم اهڙي ڏجي جا اسڪول ۽ ڪاليج جي ڇڏڻ بعد کين سندن پيرن تي بيھاري سگهي.
سرڪار يا واپاري مرڪز هن وقت انھن سڀني ماڻھن کي جي اسڪول يا ڪاليج مان تعليم پوري ڪري ٿا نڪرن، مشغولي ڏيئي نٿا سگهن ۽ نڪي اهو نوجوان ماڻھن جي حياتيءَ جو مقصد هجي تہ هو تعليم صرف سرڪاري يا خانگي نوڪري ملڻ لاءِ حاصل ڪن. دنيا ۾ ٻيا بہ رستا آهن جن لاءِ نوجوان پنھنجي دلي خواهش رکي سگهن ٿا ۽ هنري تعليم ئي هن وقت دنيا جي ضرورت آهي ۽ آئيندہ زماني ۾ پڻ هميشہ لاءِ رھندي.

چوڏهن هزارن روپين جي امداد
مونکي اهو شڪر ادائي جو وڏو فرض لاهڻ وسارڻ نہ گهرجي جو ڪن قومي حب وارن ماڻھن هن تعليم گاھہ تي چاڙهيو آهي. انھن ماڻھن ۾ آءٌ پنھنجو وڏو ۽ باعزت دوست حاجي عبدالله ھارون ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر سي تمام خوش ٿيو آهيان. سيٺ صاحب چوڏهن هزار روپيہ هن اسڪول کي امداد ڪيا آهن. مان سمجهان ٿو تہ هي پھريون ئي ماڻھو آهي جو ايڏي رقم سان هن اسڪول جي مدد لاءِ ميدان ۾ آيو آهي. امداد ڪندڙن ۾ پنھنجن هيٺين دوستن جا نالا ڏسي مان وڌيڪ خوش ٿيو آهيان:
1. خان بھادر حاجي مير الهداد خان
2. مير حاجي حسين بخش خان
سوسائٽي جناب هز ھائينس بھاولپور جي نواب صاحب جي زيرمنت آهي، جنھن 25 هزار ورپين جو گرانٽ قدر شاهي عطيہ جاءِ جي گرانٽ طور هن اسڪول کي عطا ڪري پنھنجي سخاوت جو ثبوت پيش ڪيو آهي. هن باري ۾ سوسائٽي، خانبھادر ميان نبي بخش خان سي آءِ. اي جي پڻ نھايت شڪرگذار آهي.
تنھن کانسواءِ ٻيا بہ ڪيترا ماڻھو آهن جن جي هيءُ سوسائٽي شڪر ادائي ظاهر ٿي ڪري. انھن مان مسٽر مينسي ڦليلي ڪئنال جو ايگزيڪيوٽو انجنيئر صاحب آهي، جنھن مھرباني ڪري ڪنھن بہ اجوري وٺڻ کانسواءِ هن اسڪول جي جاين جي تپاسڻ جي ڪم جو بار پنھنجي سر تي هموار ڪرڻ فرمايو آهي.

مسٽر نور محمد وڪيل جي شڪر گذاري
آخر ۾ اهو مونکي چوڻ ضروري آهي تہ هن سوسائٽيءَ جي چيئرمين ۽ ميمبرن صاحبن ڪم کي ڪامياب بنائڻ ۾ڪوشش ورتي آهي، تن جي جيتري ساراھہ ڪجي اوتري ٿوري آهي. هن سوسائٽي جي هن ڪم ۾ ۽ سندس ٻين ڳالھين ۾ ڪاميابيءَ جو سبب سندس جفاڪش ۽ پرجوش آنرري سيڪريٽري مسٽر نور محمد آهي جو سڄي ڪم جو روح روان آهي.
مسلمان قوم جي گردن تي جو ٿورو هنن ماڻھن جي همت، جان فشاني ۽ محڪم ارادي جو آهي تنھنجو نہ رڳو قدر ڪرڻ مشڪل آهي، پر ان جو خيال ڪرڻ بہ محال آهي. اهو انھن جي اڻ ٿڪ ڪوششن جو نتيجو آهي، جن جي مدد سان سوسائٽي انھن مشڪلاتن مان جن مان هن کي لنگهڻ لازمي هو ڪاميابيءَ سان نڪري آئي آهي. آءٌ فقط هيترو چوان تہ هنن انھن ماڻھن کي جن جي لاءِ هنن هيڏو سخت ڪم ڪيو آهي حياتيءَ تائين احسان منديءَ جي بار هيٺ آندو آهي ۽ اهي جيستائين جيئرا رھندا تيستائين انھن جا گڻ ڳائيندا رھندا.
آءٌ اوھان کي خاطري ٿو ڏيان تہ گورنمينٽ تمام گهڻي همدردي سان اوھان جي سوسائٽيءَ جي هن ڪم کي ڏسندي ۽ ان ۾ چاھہ وٺندي. آءٌ خدا تعاليٰ جي درگاھہ ۾ دعاگو آهيان تہ هو هن تعليم گاھہ کي پنھنجن خاص نعمت سان مالا مال ڪري مون کي خاطري آهي تہ اهي نعمتون هن تعليم گاھہ تي برسات جان تمام گهڻي انداز ۾ وسنديون. شل هي تعليم گاه جنھن مقصد لاءِ کولي ٿي وڃي انھيءَ مقصد موجب مسلمان قوم ۽ ٻين قومن جي لاءِ چڱائيءَ جو چشمو ثابت ٿئي.
انھن لفظن سان آءٌ هن اسڪول جي نئين جڳھہ جي بنيادي پٿر رکڻ لاءِ وڌان ٿو.
سنگ بنياد خير خوبيءَ سان رکيو ويو ۽ اهو اظھار ڪيو ويو تہ سر غلام حسين هدايت الله هڪ هزار روپيہ بلڊنگ فنڊ ۾ ڏيڻا ڪيا آهن.

(اخبار تعليم، ٽريننگ ڪاليج فار مين، حيدرآباد، نومبر 1933ع تان ورتل)

ترقي جو راز- سنڌ مسلم ھاسٽل

انسان جي ترقيءَ جو دارو مدار تعليم تي آهي، جنھن قوم جي تعليم سان دلچسپي آهي، تنھن سان ڪاميابي هم رڪاب رهي ٿي. ڪنھن زماني ۾ مسلمان دنيا جي وڏي حصي تي جاھہ و جلال سان حڪومت ڪندا هئا، تنھن جو سبب فقط تعليم هو. دنيا جي ڌار ڌار ملڪن ۾ وڏا وڏا مدرسہ هوندا هئا، جتي پري پري جا طالب العلم دور دراز مسافريون ڪري، نھايت تڪليفون سهي علم پرائيندا هئا. حالانڪہ انھيءَ وقت ۾ نہ اڄ وانگر ريل گاڏيون هيون ۽ نہ وري ڪي مسافريءَ جا ٻيا سھنج هئا. برعڪس ان جي اڄ سڄي ملڪ ۾ آمد رفت لاءِ سڀ سھولتون ميسر آهن، جا مسافري اڳي مھينن ۾ ڪبي هئي، سا اڄ ڪلاڪن ۾ ڪجي ٿي، پر تنھن هوندي بہ سنڌ جا مسلمان ڪا تعليم سان دلچسپي رکن سا خير. برابر ملڪ جي ھاڻوڪي حالت نھايت دلخراش آهي. پئسي جي قلت ۽ روزگار جي تنگي سبب ڪيترا مائٽ پنھنجي اولاد کي اعليٰ تعيم ڏياري نہ ٿا سگهن، پر جيڪڏهن ڪن کي موقعا هٿ اچن ٿا تہ اهي انھن مان پورو فائدو نہ ٿا وٺن. هي ياد رکڻ گهرجي تہ موجودہ وقت ۾ اعليٰ تعليم جو ذريعہ معاش اسڪالرشپون ئي آهن. هر سال سڀني ضلعن ۾ گورنمنيٽ مقرر تعداد اسڪالرشپن جو ڏئي ٿي، جنھن لاءِ فيبروري مھيني ۾ ڀيٽ جو امتحان ٿئي ٿو. انھيءَ امتحان ۾ کٽيندڙن شاگردن کي در ماھہ ڏھہ روپيہ اسڪالرشپ ملي ٿي، پر اسان کي نھايت ارمان آهي جو 90 سيڪڙو کٽيندڙ انھن اسڪالرشپين جو ڪو بہ فائدو نہ ٿا وٺن. اسڪالرشپ کٽڻ بعد وڃي ڪنھن ڀرواري ننڍڙي اي. وي. اسڪول ۾ داخل ٿين ٿا، جتي سندن ترقي ۽ تعليم تي ڪو بہ ڌيان ڏيڻ جو ڪو نہ ٿو اچي، ڇوڪرا ڏينھن جو بہ ٻہ چار ڪلاڪ پڙهي، باقي سڄو وقت گلي ڏڪر راند ڪرڻ، لغڙن اڏائڻ ۽ گولين راند رهڻ ۾ صرف ڪن ٿا. سندن مائٽ اسڪالرشپ کي پگهار ۽ روزگار جو ذريعو تصور ڪن ٿا ۽ ائين ٿا سمجهن تہ الحمدالله اسان جو پٽ ننڍي کان ئي سڀاڳو ٿيو ۽ ڪمائڻ لڳو آهي. ٽن سالن گذرڻ بعد وري جڏهن انٽر ميڊئٽ (ھاءِ اسڪول اسڪالرشپ) جو امتحان ٿئي ٿو، تڏهن ان ۾، اسڪالر شپ ھارائي وڃي ڳوٺ سکي ٿين ٿا. ان سان گڏ سندن تعليم جو چراغ بہ هميشہ لاءِ گل ٿي وڃي ٿو. اھا آهي مٿئين حالت جا اڄ ڪلھہ اسان جي سنڌ ۾ ٿي رهي آهي.
هتي حيدرآباد ۾ مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جي زير نگراني هڪ عاليشان بورڊنگ ھائوس بمعہ اي. وي. اسڪول جي آهي (جنھن کي عام طرح مسلم ھاسٽل چيو وڃي ٿو) جو اٺن، نون سالن کان نھايت پسنديءَ جھڙا ڪم ڪري رهيو آهي. ٻھراڙي ۾ جيڪي شاگرد اسڪالرشپ کٽي وڌيڪ تعليم لاءِ ڪوشان رهن ٿا، تن کي هتي رھايو وڃي ٿو. رهڻ لاءِ جايون سٺيون ۽ هوادار آهن.
شاگردن جي راند لاءِ ميدان ۽ تفريح لاءِ باغ وغيره سڀ اندر آهن. ديني تعليم لاءِ خاص سند يافتہ مولوي مقرر ٿيل آهي، جو هر روز باقاعدہ تعليم ڏيندو رهي ٿو. سڄي ھاسٽل لاءِ هڪ ڊاڪٽر مقرر ٿيل آهي جو وقت بہ وقت شاگردن کي تپاسيندو رهي ٿو. کاڌي پيتي جي بہ چڱي طرح سنڀال ورتي وڃي ٿي. وقت بہ وقت وڏن وڏن آفيسرن جھڙوڪ گورنر صاحب، وزير، ڪمشنر صاحب، تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر صاحب ۽ ايجوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب وغيره ھاسٽل جو معائنو ڪري ڪم جي ساراھہ ڪئي آهي.
شاگردن جي شھر ۾ رلڻ جي خيال کان خلاصو ڌوٻي رکيل آهي جو شاگردن جي مفت ڪپڙا ڌوئي ڏئي ٿو. اهڙيءَ طرح حجام بہ رکيل آهي، جو اٺين اٺين ڏينھن سڀني جي سنوارت بنا پئسي ٺاهيندو رهي ٿو. اسان جي خيال ۾ سڄي سنڌ ۾ هن جھڙا ڪي ٿورا بورڊنگ هوندا، جتي اهڙيءَ طرح جو بندوبست هوندو.
تعليم تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو ۽ اھا ڪوشش ورتي وڃي ٿي تہ جن ڇوڪرن اسڪالرشپون کٽيون آهن، سي انٽر ميڊئٽ امتحان بعد وڃائي نہ ويھن، ان لاءِ رات جو بہ ٻہ ڪلاڪ هر روز ماستر کين ٽيوشن ڏيندو رهي ٿو.
گذريل سال 31- 1932ع ۾ ھاءِ اسڪول اسڪالرشپ جي امتحان تي مسلم ھاسٽل جي اي. وي اسڪول جا 8 ڇوڪرا ويا، جن مان ستن ڄڻن اسڪالرشپون کٽيون ۽ سڄي ضلعي ۾ پھريون نمبر بہ انھيءَ اسڪول جو شاگرد آيو. وڏي خوشيءَ جي ڳالھہ هيءَ آهي تہ مسلم ايجوڪيش سوسائٽيءَ جي بانيڪارن خاص ڪري مسٽر نور محمد صاحب، بي.اي، ايل. ايل. بي وڪيل پنھنجو سمورو وقت مسلم قوم جي ٻچن جي سڌاري لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي. مسلم ھاسٽل بمع اي. وي اسڪول سندس زير نگراني هلي ٿو. تنھن ڪري اسين سنڌ جي هر هڪ ماستر صاحب کي عرض ڪنداسين تہ هو هر سال اسڪالرشپ امتحان ڏيارڻ لاءِ ڇوڪرا تيار ڪري موڪلين ۽ جيڪي انھيءَ مان اسڪالرشپون کٽي اچن تن کي بروقت مسلم ھاسٽل حيدرآباد ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ موڪلين، جتي سندن آئيندہ حياتي ٺاھڻ لاءِ ڪوشش ورتي وڃي ٿي. اسين پنھنجي آزمودي مان چئي سگهون ٿا تہ مسلم قوم جي ٻارن جي ترقيءَ ڪرڻ لاءِ هتي کان وڌيڪ سٺو ٻيو ڪٿي بہ بندوبست ٿي نہ سگهندو.


نور الدين احمد غلام علي
پرنسيپال ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد

(اخبار تعليم، ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد، ڊسمبر 1933ع تان ورتل)

نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد: الھہ بخش نظاماڻي پرنسيپال

سائين نور محمد جو قائم ڪيل اسڪول “نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد ” ترقي جون منزلون طئي ڪندو اڄ اهم مقام تي پھچي ويو آهي ۽ اسڪولن جي دنيا ۾ هن ممتاز حيثيت حاصل ڪري ورتي آهي. جيتوڻيڪ هن جي افاديت ۽ اهميت ان وقت بہ ڏاڍي هئي جڏهن هي قائم ٿيو. ائين کڻي چئجي تہ اڄوڪي اهميت کان بہ زياده هئي ڇو تہ ان وقت هي اسڪول ھندن جي هيترن قائم ڪيل اسڪولن ۾ اڪيلو اسڪول هو. ھندو عامل تعليم پنھنجن ٻارڙن تائين محدود رکڻ جي خيال ۾ هئا ۽ مسلمانن کي تعليم جي زيور سان آراستہ ٿيڻ جي هر ڪوشش کان پري رکڻ جي لاءِ پيا مٿا مونا هڻندا هئا.
ھندو حيدرآباد جي سڀني اسڪولن تي قبضو ڪيون ويٺا هئا ۽ مسلمان ٻارڙن جي لاءِ تعليم جا دروازا بند هئا. ظاهر آهي تہ ان وقت مسلمانن کي اسڪول جي ڪيڏي نہ ضرورت هئي چنانچه مرحوم نور محمد بيشمار مشڪلاتن تي قابو پائي نور محمد ھاءِ اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل جو بنياد رکيو ۽ هن اسڪول ۽ ھاسٽل سنڌ جي تعليمي زندگي ۾ هڪ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو.
هن علاقي جا ڪيترا دانشور، اديب، صحافي، وڪيل ۽ وڏا آفيسر هتان تعليم حاصل ڪري ويا آهن ۽ 1947ع ۾ جڏهن اسان جا ڀائر ڏتڙجي هتي آيا تڏهن انھن جي ٻچن کي بہ هن اداري ۾ تعليم جي زيور سان آراستہ ڪيو ويو.
مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي جنھن جي زير انتظام اسڪول ۽ ھاسٽل هلن ٿا. 1956ع ۾ مسلم ڪاليج جو بنياد وڌو. نور محمد ھاءِ اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل جي ترقي سائين نور محمد جي انتقال بعد روڪجي ويئي آهي، پر 1961ع ۾ هن جي نئين دور جو آغاز ٿيو جڏهن مسٽر اي. ايم. نظاماڻي مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جي چارج ورتي.
مسٽر نظاماڻي چارج وٺندي ئي اسڪول جي ترقي ڏانھن توجھہہ ڏنو. 1961ع تائين اسڪول گرمي جي موسم هوندي بہ ٻن شفٽن ۾ هلندو هو جنھن سبب شاگردن کي ڏاڍي تڪليف هوندي هئي جڏهن تہ اسڪول ۾ پورا پکا بہ نہ هوندا هئا. نيٺ 65 هزار روپين جي خرچ سان نئين عمارت ۽ 30 هزارن جي خرچ سان پکن ۽ فرنيچر وغيره جو انتظام ڪيو ويو. ان کان سواءِ 50 هزار روپين جي خرچ سان ٻہ ماڙ جاءِ ٺھرائي ويئي جنھن ۾ اسڪول جو انتظاميہ عملو ڪم ڪري ٿو. اهڙي طرح اسڪول جي ترقي تي 3 لک 63 هزار 5 سو روپيا خرچ آيو.
ڪاليج جي وڌندڙ ضرورتن ڏانھن پڻ توج ڏنو ويو ۽ ڪامرس بلاڪ جو اضافو ڪيو ويو جنھن تي 2 لک 42 هزار روپيہ خرچ آيو ۽ پري انجنيئرنگ جا ڪلاس 1960ع ۾ شروع ڪيا ويا. 1960 ۾ ڪاليج جي ليبارٽري لاءِ 45 هزار روپين جي خرچ سان سائنسي آلات گهرايا ويا ۽ اهڙي طرح ڪاليج تي 2 لک 87 هزار روپيہ خرچ ٿيا جڏهن گرانٽ هڪ لک 30 هزار ملي ٿي جا ضرورت کان بلڪل گهٽ آهي. اسڪول جي گرانٽ بہ تمام گهٽ آهي. يعني 94 هزار روپيا جنھن مان 35 هزار ورڪشاپ گرانٽ آهي.
اسڪول ۽ ڪاليج جي لئبريرن ۾ علم جا ڪتاب موجود آهن. اسڪول ۾ 1850 ۽ ڪاليج ۾ 1100 شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. نور محمد ھاءِ اسڪول پنھنجي رزلٽ جي سلسلي ۾ نھايت مشھور آهي، فرسٽ ڪلاس، سيڪنڊ ڪلاس پاس ڪندڙ شاگردن جو تعداد هن اسڪول جو ئي زياده هوندو آهي. هر سال هن اسڪول مان اٽڪل300 شاگرد ميٽرڪ پاس ڪندا آهن ۽ هن اسڪول جي سائنس جي رزلٽ 70 سيڪڙو آهي. ان کان سواءِ ڪاليج جا نتيجا بہ ڏاڍا سٺا آهن ۽ نتيجن جو سيڪڙو 80 رھندو آيو آهي. راندين جي ميدان ۾ هي اسڪول انفراديت برقرار رکندو آيو آهي ۽ انٽر ڊسٽرڪٽ ٽورنامينٽ ۾ هن ڀيري پوزيشن حاصل ڪئي آهي. پوري ريجن جي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ صرف هن اسڪول جا 9 رانديگر آهن ان کانسواءِ ھاڪي، فوٽبال، والي بال، ٽيبل ٽينس، باڊي بلڊنگ ۽ بيڊ منٽن ۾ بہ اسڪول جا شاگرد دلچسپي رکن ٿا.
ڪاليج، اسڪول ۽ ھاسٽل جي سلسلي ۾ ڪيتريون ئي اسڪيمون آهن جن تي جلدي عمل ٿيندو جنھن بعد هن اداري جي حيثيت ملڪ جي اهم تعليمي ادارن جھڙي ٿي ويندي. مسلم ايجوڪيشن جا سڀئي ميمبر هڪ ٽيم جيان ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اهو انھن جو گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ تعاون ئي آهي جنھن سبب ايترا تعميري ڪم ٿيا آهن.

(عبرت اخبار، 22 آگسٽ 1963ع تان ورتل)

نور محمد ھاءِ اسڪول ۽ سندس باني: محمد حسن بوزدار

سنڌ ۾، انگريزن جي فتح کانپوءِ ڪيترائي سال شھري نظام بگڙيل هو ۽ تعليم لاءِ ڪو بہ بندوبست نہ هو. آخرڪار سنڌ جي تعليم کاتي جي انسپيڪٽر مسٽر گولڊ سمڊ جي ڪوشش سان سال 1858ع ۾ حيدرآباد ۾ هڪ گورنمينٽ اي. وي اسڪول (موجودہ نور محمد ھاءِ اسڪول جي پراڻي عمارت ۾) قائم ٿيو. اهو اسڪول، زميندارن ۽ آبادگارن کان ورتل، لوڪل فنڊ جي آمدني مان هلايو ٿي ويو. 1864ع ۾ اسڪول کي ھاءِ اسڪول جي درجي تائين وڌايو ويو. ٻھراڙيءَ جا مسلمان جي لوڪل فنڊ ڀريندڙ هئا، سي انھيءَ اسڪول مان فائدو نہ وٺي سگهيا، ڇاڪاڻ جو هو شھر کان گهڻو پري رھندا هئا ۽ شھر ۾ سندن رھائش جو ڪو انتظام ڪونہ هو.
اهڙيءَ طرح 1923ع تائين لوڪل فنڊ جا پئسا مقامي ھندن جي پرائمري، سيڪنڊري ۽ ڪاليجئيٽ تعليم تي خرچ پئي، ٿيا، تنھن کانسواءِ 1861ع ۾ “سنڌ اسڪالر شپ فنڊ” ڪٺو ڪيو ويو، جيئن سنڌي بمبئي مان مئٽرڪ پاس ڪري اتي جي ايلفنٽس ڪاليج ۾ داخلا وٺي سگهن. انھيءَ فنڊ مان بہ رڳو ھندو عالمن فائدو ورتو ۽ ڪنھن بہ مسلمان کي ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ جو موقعو نہ مليو.
مسٽر جينڪسن جو انھيءَ وقت سابق سنڌ جو ڪمشنر هو. ان جي هي رپورٽ آهي: “افسوس آهي تہ سنڌ جا مسلمان تعليم ۾ تمام پٺتي پيل آهن. هن وقت ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ (جو انھيءَ سال کليو هو) فقط ٽي مسلمان شاگرد پڙهي رهيا آهن ۽ گورنمينٽ جا ھاءِ اسڪول مسلمانن کي تعليم مھيا ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام رهيا آهن.” انھيءَ رپورٽ کانپوءِ البتہ مسلمانن ۾ ڪجهہ سجاڳي آئي. سال 1886ع ۾ خانبھادر حسن علي آفندي ڪراچي ۾ هڪ مڊل اسڪول کوليو، جو هينئر سنڌ مدرستہ السلام جي نالي سان مشھو رآهي.
سال 1908ع ۾ مسٽر دهلوي بار ائٽ لا حيدرآباد، بمبئي سرڪار کي سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي پستي کان واقف ڪيو ۽ انھيءَ جي تلافي لاءِ سرڪار جو ڌيان ڇڪايو. سال 1915ع سنڌ جي ڪمشنر مسٽر ايڇ لارينس ۽ تنھن کانپوءِ 1924ع ۾ بمبئي سرڪار جي وزير تعليم مسٽر بي. وي. جاڌا جي ڪوششن سان مسلمانن لاءِ داخلا لاءِ جايون مخصوص رکيو ويون ۽ اسڪالرشپن جو تعداد پڻ وڌايو ويو، جنھنڪري گهڻن مسلمانن کي مقامي ھاءِ اسڪولن ۾ داخلا وٺڻ جو موقعو مليو.
ان وقت سائين نور محمد جون مسلم تعليم جي ڦھلائڻ لاءِ ڪوششون بہ گل ڪڍڻ لڳيون جي سندس حيدرآباد جي سال 1924ع واري ”سنڌ مسلم تعليمي ڪانفرنس“ جي شڪل ۾ ظاهر ٿيون. اھا ڪانفرنس عليڳڙھہ يونيورسٽي جي سابق وائيس چانسلر صاحبزادي آفتاب احمد صاحب جي زير صدارت ٿي هئي. انھيءَ ڪانفرنس ۾ سنڌ جي مسلمانن جي تعليم جي ترقي لاءِ ٻين ٺھرائن، سان گڏ اهو بہ هڪ ٺھراءُ پاس ڪيو ويو هو تہ حيدرآباد ۾، ٻھراڙي جي مسلمان شاگردن جي رھائش لاءِ، هڪ بورڊنگ ھائوس ۽ هڪ جدا ھاءِ اسڪول قائم ڪيو وڃي. ان کانپوءِ نور محمد ڪانفرنس جي ٺھراءَ کي عملي جامي پھرائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. آخرڪار نور محمد ۽ ٻيا قومي درد رکندڙ مسلمان مرحوم غلام محمد ڀرڳڙي بار ايٽ لا، (جو ان وقت بمبئي ڪائونسل جو ميمبر هو ۽ حيدرآباد نيشنل ڪاليج جي مئنيجنگ بورڊ جو پريزيڊنٽ پڻ هو) سان مليا تہ هو سرڪار سان لھہ وچڙ ۾ اچي ٽريننگ ڪاليج جي عمارت جو حصو (موجودہ مسلم ھاسٽل نور محمد ھاءِ اسڪول) جو ان وقت خالي پيل هو، مسلمان شاگردن جي رھائش لاءِ حاصل ڪري.
ان وقت جي نيشنل ڪاليج جي پرنسيپال مسٽر حشمتراءِ ڇٻلاڻي ايم.اي سرڪار کي پيش ڪرڻ لاءِ درخواست جو مسودو تيار ڪيو. سال 1924ع جي شروعات ۾ مرحوم ڀرڳڙي صاحب سخت بيمار ٿي پيو، تنھن ڪري اهو ڪم سندس دوستن پاڻ تي کنيو. نيٺ اھا درخواست 1924ع مارچ مھيني ۾ مرحوم ڀرڳڙي صاحب جي وفات کانپوءِ ٻئي ڏينھن تي سرڪار کي پيش ڪئي ويئي. سرڪار ضروري لکپڙھہ ۽ پڇا ڳاڇا کان پوءِ اھا عمارت ماهياني معمولي مسواڙ تي مسلمان شاگردن جي رھائش لاءِ انھيءَ شرط تي ڏيڻ لاءِ تيار ٿي تہ مسلمان ھاسٽل کي هلائڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهيندا. مئي 1925ع ۾ سرڪار مسلمانن جي ٺاهيل ڪاميٽي (مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي جي نالي سان)، جنھن جو پھريون آنريري سيڪريٽري مسٽر نور محمد هو، تسليم ڪئي. سيپٽمبر 1925ع ۾ بلڊنگ جو قبضو مسلمانن کي مليو پھرئين آڪٽوبر 1925ع کان عمارت باقاعدي ڪم ۾ اچڻ لڳي. ٻھراڙي کان گهڻيئي شاگرد داخلا لاءِ اچي ويا، جنھنڪري مسلمانن جي تعليم کي ڪافي هٿي اچي ويئي. هن ھاسٽل ۾ هن وقت 200 شاگرد جي رھائش جي گنجائش آهي.
1925ع ۾ پھريون ڀيرو بمبئي جي گورنر ليسلي ولسن ھاسٽل جو معائنو ڪيو، سندس ريمارڪ آهي تہ؛ “انھيءَ ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ بورڊنگ ھائوس جنھن کانسواءِ مسلمانن جو تعليم مان فائدو وٺڻ مشڪل آهي. مسلمان ٻارن جي هڪ وڏي ضرورت پوري ڪري رهيو آهي. آءٌ سوسائٽيءَ کي سندس سٺي ڪم تي مبارڪ باد ڏيان ٿو.” سندس ٻئي دفعي 1927ع جو ريمارڪ آهي: ”مونکي ٻيھر هن اداري کي ڏسڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. آئون ھاسٽل جي ٿوري وقت ۾ بيحد ترقي ڏسي دنگ رهجي ويو آهيان. ھاسٽل تمام وڏي ضرورت پوري ڪري رهي آهي. ڇوڪرا تمام خوش نظر اچي رهيا آهن. سندن نظرداري تمام سھڻي ۽ خاطر خواھہ نموني ڪئي وڃي ٿي. مونکي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي آهي تہ ھاسٽل جا سڀ شاگرد اسڪائوٽ آهن. آءٌ اسڪائوٽ بئنڊ جي ڪاميابي تي سڀني واسطيدار ماڻھن ۽ بئنڊ ماسٽرن کي مبارڪباد ڏيان ٿو”.
انھيءَ وقت حيدرآباد ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول (موجودہ نور محمد ھاءِ اسڪول) کانسواءِ ٻہ ٻيا ھاءِ اسڪول، اين ايڇ اڪيڊمي (ھاڻي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول) نو ودياليہ ھاءِ اسڪول (جتي ھاڻي سنڌ يونيورسٽي آهي). اهي ٻئي اسڪول ھندن جي سرپرستي هيٺ هلي رهيا هئا.
ھاسٽل ۾ رھندڙ ڇوڪرا مذڪوره ٽنھي اسڪولن ۾ داخل ڪرايا ويندا هئا. گورنمينٽ ھاءِ اسڪول کانسواءِ ٻيا ٻئي اسڪول، ھاسٽل کان تمام گهڻو پري هئا جنھن ڪري شاگردن کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي. تنھن کانسواءِ ھندو اسڪولن ۾ مسلمانن کي نڪي ڪي سھولتون ڏنيون وينديون هيون ۽ نہ وري ڪو ورتاءُ سٺو ڪيو ويندو هو. انھيءَ ڪري مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي اهو محسوس ڪيو تہ حيدرآباد ۾ مسلمانن لاءِ هڪ جدا ھاءِ اسڪول جو هئڻ نھايت ضروري آهي. نور محمد جي ڪوششن سان هڪ دفعو وري بہ مسلمانن جو وفد بمبئي سرڪار سان مليو. آخر ڪار سرڪار گورنمينٽ ھاءِ اسڪول (موجودہ نور محمد ھاءِ اسڪول) جو انتظام مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جي حوالي ڪرڻ تي رضامند ٿي. حيدرآباد جي ھندن خاص ڪري حيدرآباد جي عاملن انھيءَ تجويز جي ننھن چوٽيءَ سان مخالفت ڪئي، پر سائين جي اڻ ٿڪ ڪوششن سان سرڪار کان 1934ع ۾ اسڪول جو قبضو مسلمانن کي ڏياريو. انھيءَ ساڳئي سال اسڪول جي نئين عمارت جو بنياد شيخ غلام حسين هدايت الله رکيو ۽ اسڪول ھاڻي حيدرآباد ھاءِ اسڪول سڏجڻ لڳو. 1937ع ۾ مرحوم نور محمد جي وفات کانپوءِ سندس خدمتن جي يادگيري ۾ اسڪول جو نالو “نور محمد ھاءِ اسڪول” رکيو ويو. مرحوم نور محمد جي وفات کانپوءِ مرحوم خانصاحب محمد اسلم اسڪول جو آنريري سيڪريٽري ٿيو.
ھاڻي اسڪول ۾ شاگرد بہ وڌڻ لڳا. سال 1946ع ۾ 600 شاگرد هئا. اسڪول جي بھترين انتظام، تجربيڪار ۽ تربيت يافتہ عملي ۽ امتحان ۾ سٺن نتيجن ڪري شاگردن جو تعداد هر سال وڌندڙ آهي. هن وقت اسڪول ۾ 1800 شاگرد پڙهي رهيا آهن. ڪلاسن جي گهٽتائي ڪري اسڪول ٻن شفٽن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، پر تنھن هوندي بہ جڳھہ جي تنگي جو مسئلو حل نہ ٿي سگهيو آهي. انھيءَ سلسلي ۾ سرڪار سان لکپڙھہ هلي رهي آهي. اميد ڪئي پئي وڃي تہ اسڪول جي نئين عمارت لاءِ سرڪار دل کولي گرانٽ ڏيندي.
نور محمد ھاءِ اسڪول خير خوبي سان 25 سال پورا ڪيا آهن، ڊسمبر 1959ع ۾ سندس شايان شان سلور جبلي ملھائي ويئي هئي. اسڪول جي موجودہ ترقي ۽ شھريت، خانصاحب محمد اسلم آنرري سيڪريٽري (وفات سيپٽمبر 1958ع) رئيس غلام رسول خان ڀرڳڙي، موجودہ آنرري سيڪريٽري ۽ مسٽر غلام حسين سومرو (جنھن مئي 1960ع ۾ هيڊ ماسٽر جي عھدي تان رٽائر ڪيو) جي ڪوششن ۽ دلچسپي جو نتيجو آهي.
مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي، نور محمد ھاءِ اسڪول کان سواءِ هڪ پرائمري اسڪول، هڪ مڊل ۽ هڪ ڊگري ڪاليج مسلم آرٽس ڪاليج جي نالي سان هلائي رهي آهي. مئي 1960ع ۾ مسٽر غلام حسين سومرو جي هيڊ ماسٽريءَ جي عھدي تان سبڪدوش ٿيڻ کان پوءِ مسٽر اي ايم نظاماڻي، (رٽائر ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن حيدرآباد ريجن) نور محمد ھاءِ اسڪول جي هيڊ ماسٽر (ھاڻي پرنسيپال) جو عھدو سنڀاليو آهي.
اسڪول جي باني مرحوم نور محمد سنڌ جي مسلمانن لاءِ اهو ڪم ڪيو جيڪي حسن علي آفندي، الھندو شاھہ، قادر داد خان، مير غلام محمد خان ٽالپر ۽ سردار محمد يعقوب ڪيو. نور محمد مسلمانن جي تعليمي خدمت ڪرڻ هميشہ پنھنجو فرض سمجهندو هو ۽ انھيءَ مقصد جي حصول لاءِ هن پنھنجو تن، من ڌن وقف ڪري ڇڏيو هو. مسلمانن جي تعليمي حالت سڌارڻ ۽ انھن ۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ رات ڏينھن پيو پاڻ پتوڙيندو هو. کيس اهو خيال جنون جي حد تائين هو، تہ ڪيئن بہ ڪري ٻھراڙي جي ماڻھن کي تعليم جي زيور سان آراستہ ڪري جيئن هو شھرين سان گڏوگڏ ترقي ڪري سگهن.
سائين نور محمد، ذات جو لاکير، ڳوٺ چڪرو تعلقي ڏوڪري جو ويٺل هو. سندس والد ميان محمد سجاول سنڌي اسڪول ماسٽر هو. جڏهن سندس بدلي ڪڪڙ ٿي، تڏهن اصلي ڳوٺ ڇڏي، وڃي جمعي لاکير جي ڳوٺ ويٺو، جتي اڳيئي سندس مائٽ مقيم هئا. پينشن وٺڻ کانپوءِ هن پنھنجي سڄي حياتي اتي گذاري، ڳچ جيتري زمين هٿ ڪيائين جنھن جو کاتو، کانئس پوءِ سائين نور محمد جي نالي ٿيو. مرحوم ابتدائي تعليم جا ٽي چار درجا پنھنجي پيءُ وٽ پڙهيو ۽ انگريزي ميٽرڪ تائين سنڌ مدرستہ الاسلام ڪراچي ۾ پڙهيائين. تنھن کانپوءِ مرحوم سردار محمد يعقوب جي ڪوششن سان، مير علي مراد اسڪالرشپ وٺي عليڳڙھہ مان بي. اي، ايل. ايل. بي ڪري پنھنجي دوست محمود علي بيگ سان گڏ حيدرآباد دکن ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو.
مرحوم ٻہ شاديون ڪيون هيون. پھرئين شادي پنھنجي مائٽن مان ڪيائين، جنھن مان هڪ نياڻي ڄايس ۽ پوئين شادي محمود علي بيگ وري پنھنجن مائٽن مان ڪرايس، جنھن مان پڻ هڪ نياڻي ڄايس. واديءَ سنڌ جو مشھور ماهر تعليم ڊاڪٽر غلام حسين خان جعفري رٽائرڊ ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن حيدرآباد ريجن مرحوم نور محمد جو ناٺي آهي ۽ ڊاڪٽر موصوف جي فقط هڪ نياڻي ئي مرحوم جو آخري يادگار آهي.
مرحوم کي حيدرآباد دکن جي آب هوا موافق نہ پيئي. تنھنڪري جلدي وطن وري آيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ خيرپور ميرس ۾ جج مقرر ٿيو. ٻہ سال اتي رهڻ کانپوءِ، اھا نوڪري ڇڏي، حيدرآباد ۾ آيو، جتي وڪالت ۾ چڱو نالو ڪڍيائين. وڪالت ڪندي قوم جي تعليمي خدمت لاءِ سوچيندو رهيو. انھيءَ ڏس ۾ مرحوم غلام محمد ڀرڳڙي، جو قوم جو سچو هڏ ڏوکي هو، تنھن سان ٻانھن ٻيلي ٿي بيٺو. نيٺ پنھنجن ڪوششن ۾ ڪامياب ٿيو. جنھن جو لازوال يادگار نور محمد ھاءِ اسڪول ۽ سندس ھاسٽل حيدرآباد ۾ موجود آهن.
مرحوم پڇاڙي ۾ پنھنجا ڌنڌا ڌاڙي ڇڏي، رات ڏينھن اسڪول ۽ ھاسٽل جي ترقي ۽ مسلمان شاگردن کي وڌيڪ اسڪالرشپون وٺي ڏيڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو. مرحوم 1923ع ۾ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر هو، جتي مدلل تقريرون ڪري پنھنجو نالو ڪڍيائين ۽ نڪاحن جي تڪرارن کان متاثر ٿي شادين جي داخلا لاءِ بل پيش ڪيائين.
مرحوم جي رٿ هئي تہ: “حيدرآباد ۾ مسلم يونيورسٽي قائم ڪريان” مگر افسوس جو ملڪ الموت زياده مھلت نہ ڏنس ۽ 22 آگسٽ 1937ع ۾ ڪراچي ۾ رحلت ڪيائين سندس وصيت موجب سندس لاش حيدرآباد ۾ مسلم ھاسٽل حيدرآباد جي حد اندر دفن ڪيو ويو. مرحوم جا آخري الفاظ آهن: “منھنجو هي خاڪي پتلو مسلم ھاسٽل جي مٽيءَ جي سپرد ڪجو، جيئن منھنجو قلب طالبعلمن جون ٻاتيون ٻوليون ۽ معصوم دلين جون دعائون ٻڌي من قرار پائي! منھنجي اسڪول ۽ ھاسٽل جي پارت اٿو، خدا حافظ!”

(ماهوار نئين زندگي آڪٽوبر 1960ع تان ورتل)

مسلم سائنس ڪاليج تاريخ جي روشنيءَ ۾: شاھہ محمد بلوچ

پاڪستان ٺھڻ کان اڳ سنڌ صوبي جي ٻئي نمبر وڏي شھر حيدرآباد ۾ تقريباً سمورا تعليمي ادارا ھندن طرفان خانگي طور هلايا ويندا هئا. جنھن ڪري مسلمانن کي تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا تمام گهٽ ميسر هئا، خصوصاً ٻھراڙيءَ جي مسلمان شاگردن لاءِ نہ هئڻ جي برابر هئا. ٻيو تہ ان وقت تعليم بہ مھانگي هئي، جيڪا غريب مسلمانن جي پھچ کان ٻاھر هئي. انھيءَ اهم قومي ضرورت کي محسوس ڪندي حيدرآباد جي باشعور مسلمانن جھڙوڪ: نور محمد لاکير، غلام رسول ڀرڳڙي، غلام حسين هدايت الله، مير غلام علي ٽالپر، خان صاحب محمد اسلم، رئيس خير محمد خان چانڊيو، مير اعجاز علي خان ٽالپر، قاضي محمد اڪبر، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل، قاضي عبدالمجيد عابد، محمد قاسم، مير مراد علي خان، حنيف صديقي، ظفر حسين مرزا، اي. اي نظاماڻي، جن مسلمانن جي ٻارن لاءِ هڪ سوسائٽي “مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي” نالي سان مئي 1925ع ۾ قائم ڪئي، جنھن جي سرپرستي جو اعزاز محترم نور محمد کي حاصل ٿيو، جيڪو ان وقت حيدرآباد جو هڪ مشھور ۽ ناميارو وڪيل هئڻ سان گڏوگڏ مسلمانن جو سچو هڏ ڏوکي ۽ دل ۾ قومي درد رکندڙ هو.
تعليمي ۽ معاشرتي، اخلاقي، ادبي ۽ اصلاحي ڪارنامن جو اهو عظيم سلسلو جو برصغير ۾ سر سيد احمد ۽ سندس رفيقن ذريعي تڪميل ۽ عروج تي پھتو، اهو سلسلو صوبي سنڌ ۾ جناب نور محمد صاحب جي بي لوث جدوجھد ۽ اڻ ٿڪ محنت جي طفيل تعليمي ترقين جي صورت ۾ ظھور پذير ٿيو. نور محمد کي سنڌ صوبي جو سر سيد احمد چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو. ڇو تہ جيڪي ڪارناما عليڳڙھہ ڪاليج برصغير ۾ هن انجام ڏنا، اهڙا ئي ڪارناما مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي نور محمد جي اڳواڻي ۾ علائقي ۾ سر انجام ڏنا آهن. ان سوسائٽي جي پھرين ڪوشش جي نتيجي ۾ موجودہ مسلم ھاسٽل (اڳوڻو ٽريننگ ڪاليج) جي عمارت جو ماهوار معمولي مسواڙ تي ٻھراڙيءَ جي مسلمان شاگردن جي رھائش لاءِ سيپٽمبر 1925ع ۾ قبضو حاصل ڪيو ويو.
ان وقت حيدرآباد ۾حڪومت طرفان صرف هڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول (موجودہ نور محمد ھاءِ اسڪول) هوندو هو، باقي ٻيا بہ ھاءِ اسڪول هڪ نولراءِ هيرانند اڪيڊمي (ھاڻوڪو گورنمينٽ ھاءِ اسڪول) ۽ ٻيو نووديالہ ھاءِ اسڪول (جتي اڳ ۾ سنڌ يونيورسٽي ۽ ھاڻي ماڊل اسڪول آهي) هئا. اهي ٻئي ادارا ھندن جي سرپرستي هيٺ هلي رهيا هئا. جيئن تہ اهي ٻئي اسڪول مسلم ھاسٽل کان گهڻو پري هئا، ٻيو تہ مسلمان شاگردن سا ڪو سٺو ورتاءُ نہ ڪيو ويندو هو ۽ نہ وري ڪو کين پوريون سھولتون ميسر هيون. انھن تڪليفن کي ڏسندي مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي، مسلمان شاگردن لاءِ هڪ جدا ھاءِ اسڪول هئڻ جي لاءِ بمبئي سرڪار کان گهر ڪئي. جنھن جي ھندن سخت مخالفت ڪئي. آخر ضروري لکپڙھہ کانپوءِ حڪومت، گورنمينٽ ھاءِ اسڪول (ھاڻوڪو نور محمد ھاءِ اسڪول) جو قبضو سال 1934ع ۾ سوسائٽي جي حوالي ڪيو. ان کان پوءِ هي اسڪول “حيدرآباد ھاءِ اسڪول” جي نالي سان سڏجڻ لڳو. ان ساڳئي سال اسڪول جي موجودہ عمارت جو سنگ بنياد شيخ غلام حسين هدايت الله رکيو. سال 1937ع ۾ نور محمد جي گذاري وڃڻ کان پوءِ سندس ڪيل خدمتن جي اعتراف ۾ يادگار طور اسڪول جو نالو بدلائي “نور محمد ھاءِ اسڪول” رکيو ويو.
ان کان سواءِ مرحوم نور محمد وٽ حيدرآباد ۾ هڪ “مسلم يونيورسٽي” قائم ڪرڻ جي بہ رٿ هئي. مگر افسوس جو ملڪ الموت وڌيڪ مھلت نہ ڏسن 7 2 آگسٽ 1937ع ۾ ڪراچي ۾ رحلت ڪري ويو. سندس وصيت موجب کيس مسلم ھاسٽل ۾ دفنايو ويو. سندس قبر ھاسٽل جي مسجد جي ڀرسان بڙ جي وڻ وٽ واقع آهي.
مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي نور محمد ھاءِ اسڪول کان سواءِ هڪ پرائمري اسڪول ۽ هڪ مڊل اسڪول پڻ هلائي رهي هئي.
سال 1947ع ۾ پاڪستان جي ٺھڻ کان پوءِ ڊي. جي. نيشنل ڪاليج (موجودہ ڦليلي ڪاليج) سان گڏ مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ طرفان قائم ڪيل ادارن کي بند ڪري، اتي مھاجرن لاءِ امداد ڪئمپ قائم ڪئي وئي. ان وقت مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ محسوس ڪيو تہ اعليٰ تعليم لاءِ ڪو ڪاليج قائم ڪيو وڃي. ان ڏس ۾ هن سوسائٽيءَ نور محمد ھاءِ اسڪول جي بلڊنگ ۾ سال 1947ع جي پڇاڙيءَ ڌاري “مسلم آرٽس ڪاليج” جي نالي هڪ ڪاليج قائم ڪيو، ۽ نور محمد ھاءِ اسڪول جي ان وقت جي هيڊماستر غلام محمد شاهواڻي کي ڪاليج جو پارٽ ٽائيم پرنسيپل مقرر ڪيو ويو. هي ڪاليج سال 1949ع تائين مٿين پوزيشن ۾ هلندو رهيو. انھيءَ دوران ڊي.جي. نيشنل ڪاليج حيدرآباد واري عمارت مھاجرن کان خالي ڪرائي ويئي ۽ ان وقت جي سنڌ گورنمينٽ، حيدرآباد ۾ سائنس ۽ آرٽس ۾ ڊگري ڪاليج قائم ڪرڻ جا احڪامات جاري ڪيا. جڏهن هن ڪاليج ۾ روز بروز شاگردن جو اضافو ٿيندو رهيو تڏهن هڪ ٻئي ڪاليج جي ضرورت محسوس ڪئي وئي ۽ اهڙيءَ طرح سال 1958ع ۾ مسلم ڪاليج کي ٻيھر باقاعد کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
هن ڪاليج ۾ سائنس، ڪامرس ۽ آرٽس ٽنھي شعبن جي تعليم ڏني ويندي هئي. اهڙيءَ طرح هيءُ ڪاليج “مسلم آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج” جي نالي سان سڏجڻ لڳو، ڪاليج پنھنجين خصوصيتن ۽ ناماچار سان ترقيءَ جي منزل ڏانھن وڌندو رهيو.
25 سيپٽمبر 1972ع ۾ حڪومت جي قومي پاليسي تحت ٻين تعليمي ادارن سان گڏ هن ڪاليج کي پڻ قومي تحويل ۾ ورتو ويو. قومي ملڪيت ۾ وٺڻ کان پوءِ انتظاميہ ڪجهہ تبديليون آنديون. حيدرآباد جا ٻہ مک ڪاليج (مسلم ڪاليج ۽ سچل سرمست ڪاليج) رهيا. هنن ٻنھي ڪاليجن ۾ هڪ ئي وقت شاگردن کي آرٽس، سائنس ۽ ڪامرس ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. مسلم ڪاليج مان آرٽس جو سيڪشن ڪڍي سچل سرمست ڪاليج ۾ آندو ويو ۽ اٿان وري سائنس جو سيڪشن جدا ڪري هن ڪاليج ۾ آندو ويو، ۽ مسلم ڪاليج جي ڪامرس سيڪشن کي سچل سرمست ڪاليج جي ڪامرس سيڪشن ۾ ضم ڪري، ٻہ جدا ڪاليج هڪ گورنمينٽ سچل سرمست آرٽس ڪاليج ۽ ٻيو گورنمينٽ سچل سرمست ڪامرس ڪاليج هيرآباد ۾ مقرر ڪيو ووي. اهڙيءَ طرح هيءُ ڪاليج نج سائنس ڪاليج ڪيو ويو، جيڪو “گورنمينٽ مسلم سائنس ڪاليج” جي نالي سان سڏجڻ ۾ اچي ٿو.
مسلم سائنس ڪاليج، حيدرآباد شھر جي مرڪزي علائقي ۾ قائم ٿيل آهي يا ائين کڻي چئجي تہ هي ڪاليج حيدرآباد شھر جي دل جي دنيا ۾ پنھنجو وجود قائم رکيو اوچي ڳاٽ بيٺل آهي. هن ڪاليج جي اتر ۾ نور محمد ھاءِ اسڪول آهي، جنھن جي پٺيان سول اسپتال آهي. هن ڪاليج جي اولھہ طرف هڪ شاهي روڊ آهي، جنھن جو هڪ حصو اولھہ ۾ سرفراز چاڙهي سان ڳنڍيل آهي ۽ ٻيو حصو سول اسپتال ڏانھن وڃي ٿو، ۽ ٻي واٽ جيڪا ڏکڻ ۾ نڪري ٿي، شھر جي اهم ۽ مصروف ترين علائقي تلڪ چاڙهي سان وڃي ڳنڍجي ٿي، اهو ساڳيو رستو اوڀر طرف ايندي هڪ چوسول ۾ اچي پوي ٿو. ان چؤ سول جي اوڀر ۾ چند قدمن تي الائيٽ سئنيما وٽ وڃي ٻين رستن سان ملي ٿو. چوسول کان اتر طرف ايندي هن ڪاليج جو مھانئون حصو ۽ شاهي گيٽ آهي. ساڻس وٿيرڪو نور محمد ھاءِ اسڪول جو پڻ صدر دروازو آهي. ڪاليج جي اوڀر ۾ اڳتي هلي ڪيترين ئي هوٽلن جي رونق پڻ نظر ايندي.
هن ڪاليج جي عمارت ٻہ منزلہ آهي. هن ڪاليج جي پھرين منزل سان 1963ع ۾ ۽ ٻي منزل سال 1964ع ۾ 2,42,000,00 ڪثير رقم سان جڙي راس ٿيون. ڪاليج جي هيٺئين بلاڪ ۾ اولھہ طرف وارو حصو ائڊمنسٽريٽو بلاڪ آهي، جنھن ۾ پرنسيپال صاحب جي آفيس، ڪاليج اسٽاف روم، ڪاليج آفيس ۽ وائيس پرنسيپال صاحب جي آفيس پڻ آهي، ۽ اوڀر طرف واري بلاڪ ۾ ڪاليج لائبريري، اسٽوڊنٽ يونين آفيس (ھاڻي ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن جي آفيس)، ڪامن روم (ھاڻي انگريزي شعبو)، ڪيمسٽري شعبي جو اسٽور روم (ھاڻي سنڌي شعبو) ۽ شاگردن جي پاڻي پيئڻ لاءِ ٽانڪي پڻ آهي. سامھون واري حصي ۾ ڪيمسٽري جون ٻہ ليبارٽيون مڪمل ڪيميڪلس ۽ سامان سان آراستہ آهن ۽ انھن ليبارٽرين جي سامھون هڪ خوبصورت باغيچو پڻ آهي. عمارت جي ٻي منزل ۾ فزڪس، زولاجي ۽ باٽني جون ليبارٽريون پڻ ساڳيءَ طرح پنھنجي مڪمل سامان سان سينگاريل آهن.
شاگردن جي روز بروز وڌنڌڙ اضافي جي پيش نظر، ڪاليج جي بلڪل سامھون اتر طرف هڪ ٻہ منزلا حصو پنج لک روپيا لاڳت سان سال 1986ع ۾ جوڙايو ويو آهي. عمارت جي ان حصي جي هيٺين بلاڪ ۾ هڪ وڏو ھال آهي، ان ھال کي في الحال ٽيبل ٽينس راند لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، ۽ ان جي مٿان ڪلاسن لاءِ ڪمرا ٺھيل آهن. ان نئين ٺھيل حصي جي بلڪل اولھہ طرف هڪ سھڻو ۽ مڪمل فرنيچر سان آراستہ آڊيٽوريم پڻ آهي، هي آڊيٽوريم ھندن جي وقت ۾ سال 1894ع ۾ ٺھيو هو ۽ ان وقت “ميٺارام ھال” جي نالي سان مشھور هوندو هو.
هن اداري کي هڪ ڊگهي عرصي بعد جناب اي. ايم نظاماڻي صاحب جھڙا تعليمي سربراھہ ميسر ٿيو ۽ سندس اڳواڻي هيٺ مسلم ڪاليج جو نئون آغاز ۽ نئون وجود عمل ۾ آيو، جنھن ۾ آرٽس کان سواءِ سائنس ۽ ڪامرس ڪلاسن جو پڻ اهتمام ڪيو ويو.
جولاءِ 1960ع ۾ سائنس سيڪشن ۾ انٽرميڊئيٽ حد تائين هيٺين مضمونن جھڙوڪ؛ رياضي، فزڪس ۽ ڪيمسٽري ۾ تعليم ڏيڻ جو انتظام ڪيو ويو. ڪاليج جي عمارت ان وقت ناڪافي هئڻ ڪري Pre Engineer Group لاءِ ڪاليج ھاسٽل جي وڏن ھالن ۾ فزڪس ۽ ڪيمسٽري جون ليباريٽريون قائم ڪيون ويون، جن کي بعد ۾ ڪاليج جي مکيہ عمارت ۾ سال 1963ع ۾ منتقل ڪيو ويو.
آگسٽ 1965ع ۾ اعليٰ تعليم لاءِ هن ڪاليج ۾ آرٽس ۾ ڊگري سطح تائين مختلف مضمونن ۾ ڪلاسن وٺڻ جو بندوبست ڪيو ويو. ان کان علاوھ ڪاليج طرفان هر سال باقاعدگي سان ميگزين پڻ نڪرندي هئي، ليڪن ڪاليج جي قومي ملڪيت ۾ اچڻ کان پوءِ ڪاليج طرفان ڪابہ ميگزين شايع ڪانہ ٿي آهي. البت سال 1983ع ۾ اڳوڻي پرنسيپال جناب الطاف احمد شيخ صاحب جي نگراني هيٺ “رحمت العالمين” جي نالي سان رسالو جاري ڪيو ويو. جيڪو سنڌي ۽ اردو زبان ۾ هو. ان کان سواءِ ساڳئي سال ۾ ڪاليج طرفان پورو هفتو جشن ملھايو ويو. جنھن ۾ سيرت النبي جو جلسو ڪوئز مقابلو، موسيقي جو مقابلو ۽ والي بال ٽورنامينٽ جا مقابلا آل سنڌ سطح تي ڪرايا ويا. ان کان سواءِ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ڊبيٽ جو مقابلو ڪرايو ويو، جنھن ۾ حيدرآباد ريجن جي ڪاليجن جي شاگردن بھرو ورتو ۽ کين ڪاليج طرفان انعام پڻ ڏنا ويا. آخر م جشن لطيف جو پروگرام رٿيو ويو ۽ اهو پروگرام ڪاليج ھاسٽل جي وسيع ميدان ۾ ملھايو ويو، جنھن ۾ مختلف اديبن شاھہ سائين جي زندگي ۽ ڪلام تي روشني وڌي. ان کان پوءِ ڪاليج جي شاگردن مومل راڻو جو ٽيبلو پيش ڪيو ۽ آخر ۾ موسيقي جو پروگرام شروع ڪيو ويو، جيڪو اٽڪل صبح جو چئين بجي تائين هليو ۽ اهڙيءَ طرح اهو جشن جو هفتو پورو ٿيو.
ان روايت کي قائم رکندي موجودہ پرنسيپال صاحب جناب ڊاڪٽر محمد شريف ميمڻ جي سربراهي ۾ هر سال ڪاليج ۾ سيرت النبي جو جلسو، ڊبيٽس ۽ ڪوئز مقابلا ڪرايا وڃن ٿا. ان کان سواءِ سال 1986ع ۾ جشن لطيف ساڳيءَ طرح ڪاليج ھاسٽل جي ڪشادي ميدان ۾ ملھايو ويو، جنھن جي وڊيو ڪيسٽ پڻ ڀري وئي. هن اداري جي وڌيڪ تعليمي سرگرمين جو اندازو هن ڳالھہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ جڏهن ڪاليج جو قيام عمل ۾ آيو تہ ان وقت شاگرد جو تعداد صرف سٺ هو ۽ هن وقت شاگردن جو تعداد ساڍا يارنھن سئو جي قريب آهي.

( سنڌ مسلم ڪاليج حيدرآباد، مخزن، 1986ع تان ورتل)

نور محمد ھاءِ اسڪول ۽ سنڌ مسلم ھاسٽل تاريخ جي روشنيءَ ۾: مختيار احمد ملاح

حيدرآباد، پنھنجي اوائلي دور ۾ نيرون ڪوٽ جي نالي سان مشھور هو، هيءُ شھر ڪلھوڙن جي دور حڪومت کان سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. هتي مدرسن ۽ مڪتبن جو تمام وڏو تعداد هوندو هو. 1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ هنن حيدرآباد جي جاءِ تي ڪراچيءَ کي گاديءَ جو هنڌ بنايو. هنن شروع ۾ سنڌ کي ٽن ڪليڪٽوريٽ: ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ ورھايو. حيدرآباد جون اڪثر پڪيون ۽ خوبصورت عمارتون برطانوي دور ۾ جڙيون. انگريزن پھريون دفعو، حيدرآباد ۾ اسڪول کولڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر ڪاميابي ملي نہ سگهي ۽ پوءِ پھريون اسڪول ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيو.

حيدرآباد ۾ اسڪولن جو قيام
1853ع ۾ ”الف- بي“ جي مقرر ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر رٿ ڏني تہ آئيندي سرڪاري نوڪري ۾ ترقي تڏهن ملي سگهندي، جڏهن سرڪاري ملازم کي سنڌي زبان لکڻ ۽ پڙهڻ ايندي. هڪدم اسڪولن جو قيام شروع ٿي ويو. 1854ع ۾ حيدرآباد ۾ پھريون ھاءِ اسڪول قائم ٿيو. اهڙي طرح اسڪولن جو هڪ سلسلو شروع ٿيو جن مان هينئر اڪثر ٻين نالن سان سڏجن ٿا: ”ميونسپل آر. ايس بولچند (ھاڻي سيٺ ڪمال الدين سنڌي اسڪول)، آر. ايس. ڊاڪٽر تاراچند (ھاڻي قاضي محمد اڪبر ھاءِ اسڪول)، نمبر ٽيون، فيض محمد سلاوٽ، ٽيڪچند ھاسوسنگهہ (ھاڻي سيٺ غلام علي ميمڻ اردو اسڪول)، قاضي عبدالقيوم اسڪول، روچيرام ٿانورداس (ھاڻي دُر محمد ميمڻ اردو اسڪول)، رامچند عالمچند (ھاڻي سيد قُطب شاھہ سنڌي ۽ اردو اسڪول)، خان محمد اسڪول (ھاڻي سيٺ حاجي احمد سنڌي اسڪول)، سوڀراج شيوارام اسڪول (ھاڻي ڪمال الدين ھاءِ اسڪول)، ٿانورداس بصرمل ويسٽ ڪچا (ھاڻي گجراتي اسڪول)، ڪوٽومل ھاريپنڌاڻي (ايسٽ ڪچا) (ھاڻي جڙيل خان غلام حسين اردو اسڪول).عالم گوپالداس گرلس اسڪول (ھاڻي نانا غلام علي گرلس اسڪول هيرآباد)، قاضي عبدالقيوم (ميمڻ پاڙو)، پشوري پاڙو، سرسوتي ٻائي گرلس اسڪول (ھاڻي آغا سيد لُطف علي شاھہ گرلس اسڪول، ٽنڊو آغا) ٽنڊو آغا گرلس اسڪول، مکي پوهو مل گرلس اسڪول (ھاڻي ٽنڊو ٺوڙهو گرلس اسڪول)، شوقيرام چانڊومل گرلس اسڪول (ھاڻي لياقت علي بوائز اسڪول)، ديوان ٽيڪيچند گلاب راءِ گرلس اسڪول (ھاڻي محمد شاھہ گرلس اسڪول)، هيرآباد اسڪول“، نو وديالہ اسڪول (ھاڻي اولڊ ڪئمپس اسڪول)، اين. ايڇ. اي اڪيڊمي (ھاڻي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول) وغيره.

مسلمانن جي تعليم ۽ عليڳڙه تحريڪ
حيدرآباد ۾ جيڪي بہ اسڪول قائم ٿيا، انھن ۾ اڪثريت ھندو ڪميونٽيءَ جي علم دوست يا انسان دوستن جي هئي، جن پنھنجي جاتيءَ لاءِ اسڪول قائم ڪيا ۽ هڪ بھترين ڪاليج قائم ڪيو. سنڌ جا مسلمان ان وقت جديد تعليم ۾ تمام گهڻو پوئتي هئا يا ٻين لفظن ۾ جديد تعليم جا مخالف هئا. حيدرآباد جا عامل، پوري ھندستان جي سول سروس ۽ ڪاموراشاهيءَ تي قابض هئا. واپار ۽ ڪاروبار ۾ بہ ھندو سيٺ، مسلمانن کان گهڻو اڳتي هئا. سماج جي ٻين شعبن جھڙوڪ علم، ادب، پريس، ٿيئٽر، سياست، سماجي ڀلائيءَ ۾ بہ مسلمان، ھندن جي ڀيٽ ۾ پوئتي هئا. سنڌ جا ھندو ۽ مسلمان ٻہ قومي نظرئي ۾ ورھائجي چڪا هئا ۽ مختلف ميدانن ۾ هڪ ٻئي کي الڳ قوم ڪري پيش ڪندا هئا. اهڙين حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ 19 صديءَ ۾ گڏيل ھندستان جي تعليم جي تباهي ڏسندي سر سيد احمد خان انگريزي ۽ سائنسي تعليم جو بنياد عليڳڙھہ مان شروع ڪيو. 1857ع ۾ آزاديءَ واري تحريڪ جي ناڪاميءَ کان پوءِ، سر سيد احمد خان (1817-1898ع) واحد مسلمان اڳواڻ هو، جنھن ھندستان جي مسلمانن جي رهنمائي ڪئي. اھا تحريڪ تعليم جي ميدان ۾ هڪ انقلابي تحريڪ هئي. عليڳڙھہ تحريڪ جا هيٺيان مقصد هئا:
1. مسلمانن جي جديد علمن سان واقفيت ۽ منجهن علم پرائڻ جو جذبو جاڳائڻ.
2. مسلمانن مان اهو تاثر ختم ڪرڻ تہ مغرب جا علم مذهب سان مھاڏي ۾ آهن.
3. مغرب جي علم ۽ فن کي زندگيءَ سان سلھاڙڻ خاص ڪري سائنسي علمن مان فائدو وٺڻ.
4. مغرب جي طرز تي نوان تعلمي ادارا ٺاھڻ.
حسن علي آفندي عليگڙھہ جي نواب جي جوڙيل ”انڊين محمدن ائسوسيئيشن“ جي طرز تي ”سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ جوڙي. جنھن سنڌ مدرسو بہ قائم ڪيو ۽ اڳتي هلي سنڌي مسلمانن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪيائين. اسان جو نالي وارو اڳواڻ نور محمد لاکير پڻ ”سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ جو سرگرم ڪارڪن هو. هن جماعت سنڌ جي مسلمانن جي لاءِ ڪيترائي اسڪول قائم ڪيا، جن ۾ سنڌ مدرستہ الاسلام اسڪول ڪراچي (1885ع)، سنڌ مسلم آرٽس ڪاليج ڪراچي (1940ع)، سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ڪراچي (1943ع)، سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي (1947ع، سنڌ مدرسہ اسڪول ميھڙ (1903ع)، مدرسہ اسڪول، نوشھرو فيروز (1903ع)، سنڌ مدرستہ الاسلام اسڪول، لاڙڪاڻو (1901ع)، مدرسہ اسڪول سکر (1905ع)، مدرسہ اسڪول، پٿورو (1906ع)، نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ ڪي ٻيا شامل آهن.

نور محمد لاکير جو تعليمي ميدان ۾ قدم
نور محمد صاحب جڏهن بمبئيءَ ۾ قانون ساز اسيمبليءَ جو ميمبر هو، تڏهن سندس ھندستان جي هر برادريءَ سان ملاقات ٿيندي هئي. کيس معلوم ٿيو تہ ھندستان جا مسلمان عام طور تي ۽ سنڌ جا مسلمان خاص ڪري ھندستان جي ٻين جاتين کان گهڻو پوئتي آهن. هو ان نتيجي تي پھتو تہ سندن پسماندگيءَ جو سبب فقط ”جديد تعليم“ کان لاتعلقي آهي. جڏهن 1907ع ۾ آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس ڪراچي ۾ ٿي تڏهن اتي مسٽر ٽي ايڇ مولئنس ۽ ڪانفرنس جو جنرل سيڪريٽري مسٽرڪي. اي. دهلوي هئا. ان موقعي تي نور محمد لاکير موجود هو ۽ سندس ذهن سياست کان باھر نڪري تعليمي مسئلن لاءِ سوچڻ لڳو. 1919ع ۾مير امام بخش خان جي ڏينھن ۾ ”آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس“ جو اجلاس خيرپور جي شھر ۾ ٿيو هو، جنھن جو سمورو انتظام رياست جي طرفان ڪيو ويو هو. انھيءَ اجلاس ۾ ساري ھندستان مان تعليمي شوق رکندڙ مسلمان اچي گڏ ٿيا هئا. ان کان پوءِ جڏهن بي روزگار مسلمان، نور محمد وٽ نوڪرين جي عرضي کڻي ايندا هئا ۽ بيروڪريسيءَ ۾ ويٺل عملدار کيس مايوس ڪندا هئا، تڏهن هن هر پليٽ فارم تان پاڻ کي الڳ ڪري صرف سنڌ ۽ سنڌين جي تعليم لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. جڏهن ڪو ضرورتمند سندس در تي ايندو هو تہ کي دل جاءِ ڏيندي چوندو هو تہ ”بابا الله تي رک“. پوءِ ان سان گڏ نڪري پوندو هو. هتي اسان، ان دور جي مشھور ڪھاڻيڪار ۽ قانوندان مرزا نادر بيگ ولد مراز قليچ بيگ جي خط جو ترجمو ڏيون ٿا:

حيدرآباد سنڌ
25 جنوري 1927
منھنجا پيارا نور محمد
مان اڪيلو مسلمان درخواست ڪندڙ آهيان. منھنجي قابليت آهي: -
• بئريسٽر
• سٺي تعليم
• سٺو خاندان
• بار ۾ 10 سال جو تجربو
• 3 سال مئجسٽريٽ جو تجربو
مان عارضي ڪم ڪندڙ ٽيون، ۽ مستقل سنڌ جو چوٿون پبلڪ پراسڪيوٽر آهيان.
هڪ مسلمان جي مقرري جي حوالي سان هميشہ ناجائزي ڪئي وئي آهي، پر قابل غور آهي تہ ڪو بہ سفارشي ان عھدي لاءِ اهل ناهي رهيو. ھاڻي منھنجي قابليت ۾ ڇا خرابي آهي؟ توھان کي خبر آهي تہ سنڌ ۾ ڪو بہ مسلمان پبلڪ پراسيڪيوٽر نہ آهي، منھنجو مطلب آهي. مان سنڌ ۾ واحد مسلمان اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر آهيان. ھاڻي توھان جو موقعو آھي ڪائونسل ۾ توھان جي هجڻ کي ثابت ڪرڻ جو.
مھرباني ڪري منھنجي هڪ درخواست جي ڪاپي مسٽر کھڙي صاحب وٽ بہ داخل ڪرائجو. مون غلام حسين ۽ دهلويءَ ۽ سر ابراهيم رحمت الله کي خط لکي موڪليا آهن. توھان انھن کي منھنجي لاءِ چئي سگهو ٿا.
مھرباني ڪري مون کي آگاھہ ڪجو تہ ڇا ٿي سگهي ٿو.
خدا حافظ! سکيا رهو!

توھان جو مخلص
نادر بيگ مرزا

سنڌ جي عام ماڻھن جي سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندي کيس بيحد خوشي حاصل ٿي. هن پنھنجي تقريرن ۾ سنڌ جي ماڻھن کي يقين ڏياريو تہ جيستائين هو انگريزي ۾ تعليم حاصل نہ ڪندا، اهي ترقي ڪري نہ سگهندا ۽ نہ سرڪاري يا نجي نوڪريون حاصل ڪري سگهندا. هو سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو ميمبر هو، جنھن ان وقت تائين سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ڪجهہ مدرسا اسڪول قائم ڪيا هئا. هن سنڌ جي مسلمان شاگردن لاءِ هڪ وڏو اسڪول، لائبريري ۽ بورڊنگ ھائوس قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

آل سنڌ محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس جو اهتمام
نور محمد لاکير، سڀ کان اول حيدرآباد ۾ تعليمي ڪانفرنس جو ارادو ڪيو، جنھن لاءِ هن مختلف مسلم ليڊرن سان ڪيترائي مھينا صلاح مشورا شروع ڪيا. سڀني سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جي صلاح سان ٽن ڏينھن جي ڪانفرنس جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن خان بھادر ولي محمد حسن علي ان قسم جي ڪانفرنس جي حق ۾ نہ هو. هن جو پھريون ڪم، ٽن ڏينھن جي جاءِ تي پنھنجي ذاتي خرچ تي ٻن ڏينھن واري ”آل سنڌ محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس“ جو بندوبست ڪيو. ان مقصد لاءِ هو ڏينھن رات ڪم ڪندو رهيو ۽ وڪيلن، اديبن، استادن، صحافين، تعليمي ماهرن، عالمن، زميندارن، سول ملازمن ۽ ٻين سان رابطو ڪندو رهيو. هن پمفليٽ شايع ڪيا، خط لکيا. هن ھندستاني عالمن ۽ تعليمي ماهرن سان پڻ رابطو ڪيو. هن مختلف معاملن ۽ انتظامن کي منھن ڏيڻ لاءِ مختلف ڪميٽيون ٺاهيون. استقباليہ ڪميٽيءَ لاءِ هيٺيان ميمبر چونڊيا ويا:


 

نمبر

نالو

عھدو

1.     

خانبھادر نبي بخش محمد حسين

چيئرمين

2.     

سيد محمد ڪامل شاھہ

نائب چيئرمين

3.     

مسٽر نور محمد صاحب

سيڪريٽري

4.     

سيد ميران محمد شاھہ

جوائنٽ سيڪريٽري

5.     

مسٽر نور الدين غلام علي

ميمبر

 

ٻيون ڪاميٽيون بہ جوڙيون ويون، جن ۾ سر شاھہ نواز ڀٽو، خان بھادر ايوب کھڙو ۽ بئريسٽر عبدالرحمان بہ انتظامي ڪمن ۾سندس مدد ۾ شامل هئا. سندس ڪوششن رنگ لاتو ۽ سندس ڪوششن تي حيدرآباد ۾ 16 ۽ 17 ڊسمبر 1924ع تي ٻن ڏينھن واري ”آل سنڌ محمڊن ايجوڪيشنل ڪانفرنس“، حيدرآباد جي مشھور ھال هومسٽيڊ ۾ ٿي، جنھن کي ڪنوار وانگر سينگاريو ويو هو. تعليمي ۽ ثقافتي رنگن سان سجايو ويو هو. ڪانفرنس ۾ معزز شھري، آفيسر، سياستدان، واپاري، تعليمدان وغيره موجود هئا. مھمانن جي رھائش ۽ کاڌي پيتي جو باقاعدہ بندوبست ڪيل هو. شاگردن بئنڊ باجا آندا هئا. سندس اچڻ تي خيرپور رياست جي شاگردن جي پلٽڻ جي سلامي ورتي ويئي ۽ بمبئي جي گورنر ليسلي ولسن جي ھال داخل ٿيڻ وقت حاضرين اٿي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. قرآن مجيد جي تلاوت بعد خانبھادر نبي بخش محمد حسين استقباليہ ڪاميٽيءَ جي طرفان ۽ سنڌ جي مسلمانن پاران کيس ڀلي ڪار ڪيو ۽ پنھنجي تقرير ۾ چيو تہ:
“گورنر صاحب جو ڪيترن ڪمن هوندي بہ تڪليف وٺي اسان سان هن ڪانفرنس ۾ شامل ٿيو آهي، جنھن مان ظاهر آهي تہ سندن همدردي مسلمان قوم سان آهي. سنڌ علائقي جي آدمشماري گهڻي قدر مسلمانن جي آهي، تنھن لاءِ مسلمانن جي تعليمي بھبودي گويا ڀاڱي جي تعليمي بھبودي آهي. اڳتي وڌندي خان بھادر چيو تہ جيسين فارسي سرڪار دفترن ۾ مروج هئي، تيسين مسلمانن کي نوڪرين جو حصو ملندو آيو، پر پوءِ جڏهن انگريزيءَ جو رواج پيو تہ مسلمان الڳ ٿي ويا. سندن قومي مغروري، سندن اڳئين رواج ۽ ضرورتن هن نئين دستور کان کين منع ڪيو.“
بمبئيءَ جي گورنر مسٽر ليسلي ولسن پنھنجي تقرير ۾ چيو تہ:
”جيتوڻيڪ مون کي پنھنجي هن دوري دوران ڪيترائي ڪم هئا، پر مون ڪانفرنس جي دعوت خوشيءَ سان قبول ڪئي. جيئن اوھان چيو آهي تہ منھنجي هتي ملاقات ڏيڻ جي معنى آهي تہ منھنجي توھان سان همدردي آهي، سا ڳالھہ بلڪل درست آهي. آءٌ ڏسي گهڻو خوش ٿيو آهيان، جو صاحبزادو آفتاب احمد خان جو عليڳڙھہ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هتي موجود آهي. مونکي يقين آهي تہ سندس موجودگي ۽ سندس صلاح مصلحت توھان لاءِ گهڻو مفيد ثابت ٿيندي. مون کي ڏسي گهڻي خوشي ٿي آهي تہ توھان ارادو رکو ٿا تہ ٻين قومن سان ڪيئن ڪلھو ڪلهي سان ملائي هلجي. هتي سرڪاري نوڪرين جو ذڪر ٿيو آهي، پر مان سمجهان ٿو تہ انھي ۾ سرڪار جو ڪو ڏوھہ ئي ڪونھي، جو جنھن قسم جو دستور اڳيئي رواج ۾ هو، تنھن کي هو قائم رکندا آيا. اڳئين وقت ۾ جيتوڻيڪ ملڪ جا حاڪم مسلمان هئا تہ بہ حڪومت جو ڪاروبار سڄو ھندن جي هٿ ۾ هوندو هو ۽ خود اکر “عامل” ڏيکاري ٿو تہ هو ڪاروباري ماڻھو هئا. اڪثر ڪري خط و ڪتابت سڀ فارسيءَ زبان ۾ هلندڙ هئي ۽ ھندو ماڻھو اھا چڱيءَ طرح سکي چڱا چڱا عھدا حاصل ڪندا هئا. ممڪن آهي تہ مسلمان وڏن گهراڻن ۾ ڪتابن پڙهڻ ڏانھن چاھہ ڪونہ هو. نوجوانن کي انھيءَ وقت شڪاربازي ۽ گهوڙي سواري ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ کان وڌيڪ وڻندڙ هئي، ليڪن هينئر حالتون ڦري پيون آهن ۽ علم حاصل ڪرڻ هڪ اشد ضرورت ٿي پئي آهي. “
گورنر صاحب جي الوداع کان پوءِ اسماعيلي خواجہ ڪميونٽي جي صدر سر ابراهيم رحمت الله کي ڪانفرنس جي صدارت ڏني وئي ۽ سيشن ۾ هلندڙ معاملن جي صدارت شھزادہ آفتاب احمد، وائيس چانسلر عليڳڙھہ يونيورسٽي ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ مسلمانن جي تعليم جي مسئلن ۽ مونجهارن بابت تفصيلي رپورٽون پيش ڪيون ويون، سنڌ جي ليڊرن انگن ۽ اکرن سان تقريرون ٿيون ۽ ڪيترائي ٺھراءَ پاس ڪيا ويا. ان موقعي تي، نور محمد صاحب اعلان ڪيو تہ هو پنھنجي مالي وسيلن مان سنڌ جي مسلمانن لاءِ اسڪول ۽ ھاسٽل قائم ڪندو. پاڻ حقيقتن ۽ انگن اکرن سان هڪ ڀرپور نھايت جامع تقرير پيش ڪئي، جنھن ۾ سنڌي مسلمانن جي تعليم ۾ پسماندگيءَ جا سبب ڏيکاريل هئا. ڪانفرنس جي پڄاڻي مرزا قليچ بيگ جي صدارت ۾ ٿيل مشاعري سان ٿي.

آل سنڌ محمڊن ايجوڪيشنل ڪانفرنس جا نتيجا
ڪانفرنس جو انعقاد ڪي. بي نور محمد جي وڏي ڪاميابي هئي. ڪانفرنس ۾ مسلم تعليم جي بھتري لاءِ مختلف ٺھراءُ پڻ پاس ڪيا ويا. ڪامياب ڪانفرنس دوران، محترم نور محمد ”مسلم ايجوڪيشنل سوسائٽي“ جي قيام جي رٿ ڏني. ان ڪانفرنس جا سٺا نتيجا نڪتا، جن مان ڪي هي آهن:
• حيدرآباد ۾ اسڪول ۽ ھاسٽل جي قيام لاءِ سرگرمين ۾ بہ تيزي اچي وئي. مسلمان شاگردن لاءِ وڌيڪ اسڪالرشپن جو اعلان ڪيو ويو.
• هڪ ڀيرو ٻيھر حيدرآباد ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين جي ڪورس ۾ فارسيءَ کي شامل ڪيو ويو.
• علاوھ بھاءُ الدين ڪاليج، جنہ ڳڙھہ ۾ سنڌي مسلمان شاگردن جي داخلا تي پابندي هٽائي وئي.

مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي جو بنياد
محترم نور محمد پنھنجي گهربل مقصدن لاءِ آل انڊيا مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جي طرز تي جوڙڻ لاءِ حيدرآباد جي باشعور مسلمانن 3 مئي 1925ع تي نور محمد جي گهر تي گڏجاڻي ڪئي، جنھن ۾ ڪيترائي مسلمان تعليمي ماهر، اديب ۽ پروفيسر، شھري ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. 12 جون 1925ع تي حيدرآباد ۾ ”مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي“ جي قيام جو اعلان ڪيو ويو، جنھن ۾ هيٺيان عھديدار چونڊيا ويا:

نمبر

نالو

عھدو

1.     

خان بھادر حاجي محمد احسان

چيئرمين

2.     

مسٽر نور محمد صاحب

سيڪريٽري

3.     

خان صاحب محمد اسلم

جوائنٽ سيڪريٽري

4.     

غلام رسول ڀرڳڙي

ميمبر

5.     

رئيس خير محمد خان چانڊيو

ميمبر

6.     

مير اعجاز علي خان ٽالپر

ميمبر

7.     

قاضي محمد اڪبر

ميمبر

8.     

محمد ابراهيم خليل

ميمبر

9.     

محمد حنيف صديقي

ميمبر

10. 

سيد نظر علي

ميمبر

               

نور محمد پنھنجي حياتيءَ جي آخري ڏينھن تائين سوسائٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري رهيو ۽ سوسائٽيءَ جي پليٽ فارم تان ڪيترائي تعليمي ڪم ڪيائين. سندس وفات کان پوءَ بہ سن 1970ع واري ڏھاڪي تائين سوسائٽي فعال رهي. هن سوسائٽيءَ جون ڪيتريون اهم ڪاميابيون آهن، جن مان ڪي هي آهن:

اينگلو ورنيڪيولر اسڪول کي اپنائڻ
حيدرآباد ۾ هڪ اينگلو ورنيڪيولر (انگلش ميڊيم) اسڪول 1858ع ڌاري، ان دور جي تعليم جي سربراھہ ميجر گولڊ اسمڊ جي ڪوشش سان قائم ٿيو هو، جيڪو حيدرآباد جي سڀني سرڪاري اسڪولن ۾ اهم هوندو هو. هن اسڪول ۾ پڙھندڙ شاگردن جي اڪثريت ھندن جي هوندي هئي، ڪي ٿورا مسلمان شاگرد پڙھندا هئا. اهو اسڪول، زميندارن ۽ آبادگارن کان ورتل، لوڪل فنڊ جي آمدني مان هلايو ٿي ويو. 1864ع ۾ اسڪول کي ھاءِ اسڪول جي درجي تائين وڌايو ويو. ٻھراڙيءَ جا مسلمان جي لوڪل فنڊ ڀريندڙ هئا، سي انھيءَ اسڪول مان فائدو نہ وٺي سگهيا، ڇاڪاڻ جو هو شھر کان گهڻو پري رھندا هئا ۽ شھر ۾ سندن رھائش جو ڪو انتظام ڪونہ هو. اسڪول جي شروعاتي هيڊ ماسترن ۾ سر رام ڪرشن گوپال ڀنڊارڪر (1837 - 1925) هو. هو هڪ ھندستاني اسڪالر، مشرقي، ۽ سماج سڌارڪ هو. ڀنڊارڪر 1862ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪندڙن ۾ شامل هو. هن ايندڙ سال ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ 1885ع ۾ گوٽنگن يونيورسٽي مان پي. ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. ڀنڊارڪر ايلفنسٽن ڪاليج (بمبئي) ۽ دکن ڪاليج (پوني) ۾ پنھنجي شاندار تدريسي ڪيريئر دوران پڙھايو. 15 آگسٽ 1862ع تي حيدرآباد اسڪول جي هيڊ ماستر طور بدلي ڪري سنڌ ۾ مقرر ڪيو ويو. هن ڏاڍي محنت ڪئي ۽ داخلا جو وڏو تعداد وڌايو. تنھن کانسواءِ 1861ع ۾ “سنڌ اسڪالر شپ فنڊ” ڪٺو ڪيو ويو، جيئن سنڌي بمبئي مان مئٽرڪ پاس ڪري اتي جي ايلفنٽسن ڪاليج ۾ داخلا وٺي سگهن. انھيءَ فنڊ مان بہ رڳو ھندو عالمن فائدو ورتو ۽ ڪنھن بہ مسلمان کي ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ جو موقعو نہ مليو. اهڙيءَ طرح 1923ع تائين لوڪل فنڊ جا پئسا مقامي ھندن جي پرائمري، سيڪنڊري ۽ ڪاليجئيٽ تعليم تي خرچ پئي ٿيا.
1868ع ۾ اسڪول کي اپ گريڊ ڪيو ويو ۽ مقامي برادرين ۽ زميندارن کي صلاح ڏني وئي تہ اسڪول جي مالي معاملن ۾ مدد ڪن. هن اسڪول، پنھنجي دور ۾ ڪيترائي نالي وارا شاگرد پيدا ڪيا. 1921ع ۾ ليلارام پريمچند هن اسڪول جو هيڊ ماستر هو. ان دور ۾ ھندو ڪميونٽيءَ جي سربراهيءَ ۾ هيرانند اڪيڊمي ۽ نو وديالا هلندا هئا، جن ۾ ھندو شاگرد ۽ استادن جي اڪثريت هئي. سندن رھائش لاءِ حيدرآباد ۾ ميٺارام ھاسٽل جوڙيل هئي. ساڌو هيرانند اڪيڊمي کولڻ جو مھورت ان دور جي تعليمي انسپيڪٽر مسٽر ايڇ. پي جيڪب 28 آڪٽوبر 1888ع ۾ڪيو هو.
مسلمانن جي هڪ الڳ تعليمي اداري جي ڪمي محسوس ڪندي، نور محمد لاکير سنڌ مدرسي جي طرز تي مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ پاران حيدرآباد جي مسلمانن لاءِ هڪ الڳ اسڪول جي جستجو ۾ هو. سر غلام حسين، نور محمد جي هر ڪم ۾ بھترين مددگار ۽ ساٿي هوندو هو. جولاءِ 1893ع ۾ ساڌو هيرانند جي ديھانت کان پوءِ سندس اسڪول جو نالو بدلائي رکيائون. ’هيرانند اڪيڊمي‘ پر اهو نالو بہ ٿورو وقت هليو. اڃا پنج مھينا ڪين گذريا جو 22 نومبر 1893ع تي ديوان نولراءِ جي پرلوڪ پڌارڻ کان پوءِ هيرانند ائڪڊمي ڦري ’نولراءِ هيرانند اڪيڊمي‘ جي نالي سان سڏجڻ لڳي.
نوء وديالا اسڪول، جنھن کي پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جو درجو مليو ۽ پوءِ اهو اسڪول، سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس قرار ڏنو ويو ۽ ھاڻي ڊاڪٽر اين. اي بلوچ ماڊل اسڪول جي نالي سان منسوب آهي. اسڪول جي عمارت ڏاڍي خوبصورت آهي، جيڪا راءِ بھادر پرڀداس ولد ميشيوداس آڏواڻيءَ پنھنجي خرچ سان تعمير ڪرائي هئي، جا سن 1897ع ۾ جڙي راس ٿي. هن اسڪول کي سن 1900ع ۾ ھاءِ اسڪول جو درجو مليو. هن اسڪول سان گڏوگڏ هڪ ننڍڙي ھاسٽل بہ تيار ڪئي وئي، جا پوءِ تعليم کاتي جي نگراني ۾ ڏني وئي.
مطلب تہ حيدرآباد جھڙي وڏي شھر ۾، مسلمانن جي تعليم لاءِ الڳ بندوبست ٿيل نہ هو. موجود اسڪولن ۾ مسلمانن کي نہ ڪي سھولتون ڏنيون وينديون هيون ۽ نہ وري وڏي تعداد ۾ داخلا ملندي هئي، انھيءَ ڪري مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي اهو محسوس ڪيو تہ حيدرآباد ۾ مسلمانن لاءِ هڪ جدا ھاءِ اسڪول جو هئڻ نھايت ضروري آهي. محترم نور محمد، ليجسليٽو اسيمبلي، تعليم کاتي ۽ فورمن تان سنڌ سرڪار ۽ بمبئي سرڪار سان ڪيترائي سال لک پڙھہ ڪئي هئي تہ اينگلو ورنيڪيولر اسڪول حيدرآباد ”مسلم ايجوڪيشنل سوسائٽي“ جي حوالي ڪيو وڃي. ”آل سنڌ محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس“ دوران بمبئي جو گورنر ليسلي ولسن موجود هو، جنھن مسلمانن جي تعليمي پستيءَ بابت پاڻ خطاب ڪيو هو. نور محمد جي ڪوششن سان هڪ دفعو وري بہ مسلمانن جو وفد بمبئي سرڪار سان مليو. آخر ڪار سرڪار گورنمينٽ ھاءِ اسڪول حيدرآباد جو انتظام، 1924ع ۾ ”مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي“ جي حوالي انھيءَ شرط تي ڪيو تہ اسڪول جي نئين بلڊنگ تعمير ڪرائي ويندي. اسڪول جو نالو ”اينگلو ونيڪيولر اسڪول“ مان بدلائي ”حيدرآباد ھاءِ اسڪول“ رکيو ويو. آڪٽوبر 1925ع ۾ شاگردن لاءِ داخلا لاءِ کوليو ويو. جيئن ئي اسڪول سوسائٽي جي حوالي ڪيو ويو، ھندو پريس ۽ تعليمي ماهرن جھڙوڪ پروفيسر نرملداس ڌرمداس گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر ڏيارام اسڪول جي حوالي ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪئي. ان سلسلي ۾ الوحيد لکيو آهي تہ ”حيدرآباد جو گورنمينٽ اسڪول سوسائٽيءَ جي حوالي ڪيو ويو آهي، جنھن جو سيڪريٽري اسان جو پراڻو دوست مسٽر نور محمد درخواستي آهي. ھندو پريس ”اسڪول جو بائيڪاٽ“ جي ڳالھہ صرف ان ڪري ڪئي آهي جو اسڪول مسلم سوسائٽي کي ڏنو ويو آهي. ٻن مھينن کان ھندو پريس جي پروپيگنڊا انتھائي افسوسناڪ آهي.“

سنڌي مسلمانن جي تعليم جي پستيءَ بابت رپورٽ
1928ع ۾ محترم نور محمد ”تعليم ۾ سنڌي مسلمانن جي پسماندگي“ جي عنوان سان تعليم جي ترقيءَ بابت جوڙيل ھارٽاگ ڪميٽيءَ کي پيش ڪئي. ھارٽاگ ڪميٽي 1929ع ۾ سائمن ڪميشن طرفان هڪ معاون ڪميٽي جي طور تي قائم ڪئي وئي، جنھن جي صدارت فلپ ھارٽيگ ڪئي، جنھن کي تعليم بابت رپورٽ تيار ڪرڻي هئي. هن سنڌ جي تعليم جي بدحالي جا ڪيترائي سبب ڏنا. پھريون تہ، نئين نظام تحت مسلمانن کي مذهبي تعليم کان پري رکيو ويو، جيڪو عمل عوامي نہ هو ۽ عيسائي صحيفن کي اسڪولن جي لائبريرين ۾ شامل ڪيو ويو. ٻيو تہ فارسيءَ کي اسڪولن مان نيڪالي ڏني وئي. ٽيون، درسي ڪتابن مان اسلامي علمن کي گهٽايو ويو. چوٿون ۽ وڏو سبب، ميونسپالٽين وارن شھرن ۾ هلندڙ اسڪول ۽ ھاسٽل ۾ ملندڙ سھولتن جو خرچ پکو ڳوٺن جي زراعت تي لاڳو ڍل مان ڀريو وڃي ٿو، جنھن سان ميونسپالٽين ۾ رھندڙ ھندو برادريءَ کي وڌيڪ فائدو رسيو ۽ ڳوٺن ۾ رھندڙ مسلمان اسڪولي تعليم کان محروم رهجي ويا. هن اهو بہ مشاهدو ڪيو تہ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي وڌندڙ تعداد جي نتيجي ۾ تعليمي معيار ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن ڪميشن آڏو ثابت ڪيو تہ سنڌي مسلمانن وٽ تمام صلاحيتون آهن، پر انھن وٽ معاشي وسيلا نہ آهن تہ هو پاڻ کي تعليم ڏياري معاشي طور ترقي ڪري سگهن. سندس رپورٽ، ھارٽاگ ڪميٽيءَ جا ڪاپاٽ کولي ڇڏيا، کين ھندن طرفان مليل هڪ طرفي رپورٽن کان پوءِ سنڌ جي مسلمانن جي تعليم جي اصل خبر پئي.

مسلم ھاسٽل حيدرآباد سنڌ
حيدرآباد ۾ شاگردن جي رھائش لاءِ وڏي ۾ وڏي ھاسٽل ميٺارام ھاسٽل، هوندي هئي، جتي مسلمانن شاگردن کي شايد ئي رھائش ملندي هئي. 1924ع ۾ مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جي ميمبرن بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي سان ملاقات ڪئي، جيڪو ڊي. جي نئشنل ڪاليج مئنيجنگ بورڊ جو صدر بہ هو. ڪاليج جي مسلم شاگردن لاءِ ھاسٽل تعمير ڪرڻ لاءِ پلاٽ فراهم ڪرڻ لاءِ ان وقت ڪاليج جو پرنسيپال مسٽر حشمتراءِ ڇٻلاڻي سرگرم هو. ان سلسلي ۾ ٽريننگ ڪاليج جي پراڻي عمارت کيس مسلمان شاگردن جي ھاسٽل جي حوالي ڪرڻ واسطي هڪ رپورٽ تيار ڪرڻ جي ذميواري ڀرڳڙي صاحب تي رکي وئي هئي، جيڪا نور محمد لکي هئي، پر 1924ع مارچ مھيني ۾ ڀرڳڙي صاحب جي وفات کانپوءِ ٻئي ڏينھن تي سرڪار کي پيش ڪئي ويئي.
سرڪار ضروري لکپڙھہ ۽ پڇا ڳاڇا کان پوءِ اھا عمارت ماهياني معمولي مسواڙ تي مسلمان شاگردن جي رھائش لاءِ انھيءَ شرط تي ڏيڻ لاءِ تيار ٿي تہ مسلمان ھاسٽل کي هلائڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهيندا. مئي 1925ع ۾ سرڪار مسلمانن جي ٺاهيل ڪاميٽي (مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي جي نالي سان)، جنھن جو پھريون آنريري سيڪريٽري مسٽر نور محمد هو، تسليم ڪئي. سيپٽمبر 1925ع ۾ بلڊنگ جو قبضو”مسلم ايجوڪيشنل سوسائٽي“ جي حوالي ان شرط تي ڪيو ويو تہ اسڪول ۽ ھاسٽل جي نئين عمارت جوڙي ويندي.
ھاسٽل ۽ اسڪول جي نئين عمارت جي سلسلي ۾ سڄي سنڌ جي مسلمانن کي گذارش ڪئي وئي تہ هو نئين عمارت جي تعمير لاءِ سوسائٽيءَ سان سهڪار ڪن. هن ھاسٽل جي احاطي ۾ هڪ ننڍڙو اسڪول کوليو. ھاسٽل جي نئين عمارت لاءِ پئسا کٽي پيا، محترم نورمحمد اتان اٿي، سڌو نالي واري زميندار رفيع ڪاڇيلو جي والد عبدالصمد ڪاڇيلو وٽ ويو ۽ پنھنجو بنگلو سورنھن ھزار رپين ۾ گروي رکراءِ اچي ماسترن کي پگهار ڏني. ۽ پوءِ پنھنجي وفات تائين بنگلي تي ورتل رقم واپس نہ ڪري سگهيو ۽ اهو بنگلو هميشہ لاءِ ھٿن مان ھليو ويو. نور محمد جي وفات کان پوءِ سندس فيملي وٽ رهڻ جي جاءِ نہ رهي. اھو بنگلو جي. پي. او حيدرآباد جي ويجهو ھو، بعد ۾ اهو بنگلو اڃا بہ ٽئين ڌر کي وڪرو ٿي ويو ۽ ھاڻي انھن ڏهن هزارن واري مليڪت تي ڪروڙن جو وڏو پلازا ٺھي ويو آھي. محترم نور محمد پنھنجو الھہ تلھہ وڪڻي، پھريائين فضل ميڊڪل ھال جيل روڊ واري بلڊنگ مٿان چند ڪمرا تعمير ڪرايا.جتي ابتدائي طور تي ٻھراڙيءَ جي مسلمان شاگردن لاءِ ھاسٽل ۽ بورڊنگ ھائوس قائم ڪيائون پوءِ 1929ع ڌاري بمبئي گورنمينٽ سان لکپڙھہ ڪري معاوضو ادا ڪري موجودہ مسلم ھاسٽل جي بلڊنگ ورتائون. هن ھاسٽل جو مڪمل قبضو چئن سالن ۾ هڪ هڪ بلاڪ جي صورت ۾ کيس مليو هو ۽ آخري بلاڪ جو قبضو جڏهين کيس مليو تہ هو انتھائي خوش ٿيو هو ۽ سموري فيڪلٽيءَ جي گڏجاڻي ڪري کين مبارڪ ڏني هئي ۽ اهو ڏھاڙو ڀرپور نموني ملھايو هو. نئين ھاسٽل لاءِ زميندارن، ملازمن، سياستدانن ۽ سول سوسائٽي کان فنڊ گڏ ڪرڻ شروع ڪيائين. هير آباد واري علائقي ۾ سول اسپتال جي پويان سنڌ مسلم ھاسٽل نالي هڪ ھاسٽل ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنھن جو نالو ”سنڌ مسلم ھاسٽل“ رکيو ويو.
هي ھاسٽل ميرن جي قبن ۽ سول اسپتالن جي وچ ۾ هير آباد حيدرآباد ۾ قائم آهي. ھاسٽل ۾ 57 ڪمرا، ٻہ ھال، ٻہ سپرنٽينڊنٽ ھال، ست رھائشي ڪمرا، 18 باٿ روم، هڪ وسيع بورچي خانو ۽ ڊائننگ بلاڪ ۽ هڪ وڏي مسجد آهي. ھاسٽل جو افتتاح سنڌ جي گورنر سر ليسلي ولسن 1933ع ۾ ڪيو. سر ليسلي اورم ولسن، (1876-1955) هڪ رائل ميرين آفيسر، قدامت پسند سياستدان، ۽ نوآبادياتي گورنر هو. سر ليسلي ولسن 1923ع کان 1926ع تائين بمبئي پريزيڊنسي جو گورنر ۽ 1932ع کان 1946ع تائين ڪوئنزلينڊ جو گورنر رهيو. سر ليسلي ولسن پھريون ڀيرو 1924ع ۾ تعليمي ڪانفرنس جي مھورت ڪرڻ لاءِ حيدرآباد آيو هو. هن حيدرآباد ھاءِ اسڪول جو دورو ڪيو هو. جڏهن هو ڪوئنزلينڊ جو گورنر هو، تڏهن وري آيو هو ۽ 2 جون 1933ع تي پھرين ليسلي ولسن مسلم ھاسٽل/ جناح ڪورٽس ڪراچي ۽ 4 جون 1933ع تي سنڌ مسلم ھاسٽل جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي سر ليسلي ولسن چيو هو تہ، ”مسلم ھاسٽل. سنڌ جي مسلمانن جي تعليم جي ترقيءَ جو هڪ وڏو ڪارنامو آهي“.
اسڪول جي ھاسٽل ۾ 57 ڪمرا هئا، جڏهن تہ پرنسيپال جي رھائش ۽ ٻيون آفيسو الڳ هيون. هن ھاسٽل جي احاطي ۾ هڪ شاندار جامع مسجد آهي. جيڪا شاهپور چاڪر جي رئيس علي مراد خان سنجرائي پنھنجي شريڪ حيات جي ياد ۾ “مسجد حاجياڻي سنجرائي” جي نالي سان تعمير ڪرائي. مسلم ھاسٽل پنھنجي اوج جا ڪيترائي سال ڏٺا. 1958ع ۾ نور محمد ھاءِ اسڪول جي عمارت جي هڪ حصي ۾ سنڌ مسلم ڪاليج شروع ڪيو ويو تہ ھاسٽل جو اڌ حصو ڪاليج جي شاگردن لاءِ مختص ڪيو ويو. ان کان پوءِ اسڪول واري ھاسٽل کي مسلم ھاسٽل ۽ ڪاليج واري ھاسٽل کي مخدوم بلاول ھاسٽل سڏيو ويو.


اسڪول جي نئين عمارت
نور محمد هن درسگاھہ کي ترقي ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي. هن پنھنجي دوستن، رشتيدارن ۽ امير ماڻھن وٽ وڃي چنده مھم شروع ڪئي. سنڌ جي زميندارن وٽ وڃي ويھي رھندو هو تہ اسڪول جي نئين عمارت لاءِ چندو ڏيو. اسڪول جي نئين عمارت 1933ع ۾ سنڌ جي مختلف زميندارن جي چندي سان ٺھي. ايتري قدر جو هڪ ڀيري پئسي جي کوٽ پوڻ سبب هن پنھنجي ذاتي زمين مقاطعي تي ڏئي ڇڏي. جڏهن عمارت جڙي راس ٿي تڏهن نئين عمارت جي تعمير لاءِ سوسائٽي سر غلام حسين هدايت الله کي عرض ڪيو تہ اچي نئين عمارت جو سنگ بنياد رکي. انھي سلسلي ۾ جيڪو دعوت نامي جو ڪارڊ شايع ٿيو هو، اهو ڪجهہ هن ريت هو:
”خان بھادر حاجي محمد احسان چيئرمين مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي طرفان دعوت ڏنل آهي تہ 30 آڪٽوبر 1934ع تي سومر ڏينھن صبح جو ساڍي اٺين وڳي مھل اسڪول جي احاطي اندر سر غلام حسين هدايت الله سنگ بنياد رکڻ قبول فرمايو آهي.“
ڀرڳڙي لائبريري: لئبرري ڪنھن بہ تعليمي اداري جو اهم حصو آهي. جيئن تہ غلام محمد ڀرڳڙي ڪي بي نور محمد جي تمام ويجهو هو. ان ڪري سندس نالي جي پويان هڪ وڏي لائبريري جوڙي وئي. لائبريريءَ ۾ ڪيترائي نصابي ڪتاب، ادبي ڪتاب، حوالا ڪتاب موجود آهن. ان جو هڪ مستقل اسڪول ميگزين هو، پر ھاڻي رسالي جي اشاعت ڪيترن سالن کان بند ٿي وئي آهي.
آرٽس روم: هي حصو مير حاجي حسين بخش ٽالپر جي نالي تي آهي.
ھال پھريون: حاجي الهداد خان ٽالپر جي نالي تي آهي.
ھال ٻيو (a): هي حصو سنڌ جي مشھور سياستدان ۽ واپاري سيٺ حاجي عبدالله حسين ھارون جي نالي تي آهي.
ھال ٻيو (b) هي ھال خان بھادر نبي بش ڀرڳڙي جي نالي آهي.
ھال ٽيون (c): هي ھال، رئيس غلام رسول خان ڀرڳڙيءَ جي نالي تي آهي.
ھال چوٿون (d): هي ھالا رئيس غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙيءَ جي نالي تي آهي.
مسجد: اسڪول جي نئين عمارت جي موقعي تي سر غلام حسين، نور محمد، خان بھادر حاجي محمد احسان ۽ ٻين وڏيون وڏيون تقريرون ڪيون. اسڪول جا مختلف ھال ۽ ڪلاس آهن جن ۾ ڪيترن ئي نامور مسلمان سياستدانن ۽ انسان دوست شخصيتن جا نالا لکيل آهن، جن اصل ۾ نئين عمارت جي تعمير ۾ محترم نور محمد صاحب جي مالي مدد ڪئي.

اسڪول جو نالو تبديل ڪرڻ
حيدرآباد ھاءِ اسڪول جو باني ۽ مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جي جنرل سيڪريٽري نور محمد 22 آگسٽ 1937ع تي وفات ڪري ويو، سندس وفات کان پوءِ مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ هڪ هنگامي اجلاس سڏائي اسڪول جي باني کي خراج عقيدت پيش ڪيو. تعليم کاتي جي تڏهوڪي ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪش غلام نبي قاضيءَ جي منظوريءَ سان اسڪول جو نالو ”حيدرآباد ھاءِ اسڪول“ مان بدلائي ”نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد“ رکيو ويو. نور محمد جي وفات کان پوءِ ڪي ايس محمد اسلم ولد ڪي بي محمد ابراهيم شيخ مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. هو حيدرآباد جي مشھور مسلمانن مان هو. هن نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد جي انتظامن جون ذميواريون سنڀاليون. هو 10 سال حيدرآباد ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر ۽ حيدرآباد ميونسپالٽي جو ميمبر ۽ مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي حيدرآباد جو اعزازي سيڪريٽري رهيو. هو لوئر سنڌ زمينداري ڪوآپريٽو بئنڪ لميٽيڊ جو چيئرمئن بہ رهيو، هن ڪوآپريٽو تحريڪ، حيدرآباد ۾ مسلم ايجوڪيشن ۾ تمام گهڻي دلچسپي ورتي. هن 6 سيپٽمبر 1958ع تي وفات ڪئي.

ڇوڪرين جي تعليم
نورمحمد لاکير صاحب، پنھنجي اسڪول ۾ڇوڪرين جي الڳ اسڪول رٿ جوڙي هئي، جيڪا سندس وفات جي ڪري اڌ ۾ رهجي وئي. ان کان اڳ ۾، هن مسلمان ڇوڪرين جي تعليم لاءِ بہ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي هئي. هن سنڌ جي انسپيڪٽر گرلز اسڪول سان رابطو ڪيو ۽ کيس ان سلسلي ۾ خاص اسڪالر شپ ڏيڻ لاءِ چيو. سنڌ جي انسپيڪٽر گرلز اسڪول، 30 جنوري 1927ع واري پنھنجي خط ذريعي کيس ٻڌايو تہ ”توھان جنھن اسڪالر شپ جو حوالو ڏنو آهي، اهي ھندن ۽ مسلمان جي ڇوڪرين، 02 نوجوان شاگردياڻين لاءِ رکيل آهن، ۽ ان سلسلي ۾ وڏي پئماني تي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي. مون کي مختلف ذريعن کان درخواستون مليون آهن، بشمول اسڪول بورڊ. تنھن هوندي بہ مان نئين ٺھيل اسڪول بورڊ ۽ ٻين کي ٻيھر سرڪيولر جاري ڪندس، جنھن ۾ انھن اسڪالرشپن جي اعتراضن ۽ انھن سان لاڳاپيل شرطن جي وضاحت ڪيل هوندي. جيڪڏهن ضلعي لوڪل بورڊ حيدرآباد جي اسڪول بورڊ وٽ ڪي بہ اميدوار نظر اچن ٿا، تہ مون کي انھن جون درخواستون وصول ڪندي خوشي ٿيندي.

اسڪول جا هيڊ ماستر/ پرنسيپل
1924ع کان، نور محمد ھاءِ اسڪول جا ڪيترائي هيڊ ماستر يا پرنسيپل مقرر ٿي چڪا آهن، جن مان ڪي سٺا استاد، ڪي سٺا منتظم ۽ ڪي بھترين اديب ٿي گذريا آهن. اسڪول جي انڪمبيسي بورڊ مان معلوم ٿئي ٿو تہ مڪمل لسٽ ۽ دورانيي کي صحيح نموني گڏ نہ ڪيو ويو آهي. بھرحال موجود نالا ۽ دورانيو هيٺ ڏجن ٿا:


 

نمبر

نالو

کان

تائين

1.      

مسٽر ڊبليو. زيڊ احمد

1924

26- 6- 1934

2.      

مسٽر فضل احمد افضل

26- 6- 1934

6-5- 1939

3.      

مسٽر غلام محمد شاهواڻي

15-7-1939

14-5-1948

4.      

مسٽر ڪي. اي. اين ايئر

15-5- 1948

14-9-1949

5.      

مسٽر غلام حسين سومرو

15-9-1949

May 1960

6.      

مسٽر الله بخش نظاماڻي

May 1960

1966

7.      

مسٽر غلام حسين جعفري

1966

1966

8.      

مسٽر غلام حسين بالادي

1966

26-1-1980

9.      

مسٽر غياث الدين قاضي

27-1-1980

4-10-1989

10.  

مسٽر نظر محمد عباسي

5-10-1989

7-8- 1996

11.  

مسٽر محمد عثمان ٽڳو

13-8-1996

2-10-1997

12.  

مسٽر محمد فريد احمد ميمڻ

3-10-1997

6-3-1998

13.  

مسٽر منظور علي عيساڻي

7-3-1998

8-5-1998

14.  

مسٽر عامر علي. جي مرزا

9-5-1998

10-3-1999

15.  

مسٽر فريد احمد ميمڻ

10-3-1999

11-11-2003

16.  

مسز رحمت قاضي

12-11-2003

21-7-2004

17.  

مسٽر ايس.ايم. الياس انجم

22-7-2004

18-8-2004

18.  

مسٽر رانا شمشاد احمد

18-8-2004

16-12-2004

19.  

مسز صغرا شيخ

16-12-2004

5-1- 2005

20.  

مسٽر رانا شمشاد احمد

5-1- 2005

12-4-2005

21.  

مسٽر نادر حسين سومرو

13-4-2005

16-2-2006

22.  

مسز بدرالنساءِ جتوئي

16-2-2006

21-8-2006

23.  

مسٽر لياقت علي عطار

21-8-2006

31-8-2006

24.  

مسٽر عبدالوھاب ٻيلائي

13-8-2006

14-11-2006

25.  

مسز سعيده قاضي

15-11-2006

2-11-2006

26.  

مسٽر هدايت الله هنگورجو

27-11-2006

7-12-2006

27.  

مسٽر عطا محمد بوزدار

8-12-2006

12-4-2011

28.  

مسٽر نور محمد ٽالپر

12-4-2011

31-10-2011

29.  

مسٽر محمد اصغر پالاري

31-10-2011

12-10-2012

30.  

مسٽر غلام قادر ڪاڪا

12-10-2012

29-1-2014

31.  

مسٽر لياقت علي عطار

29-1-2014

23-8-2014

32.  

مسز وحيدہ سومرو

23-8-2014

29-9-2016

33.  

مسٽر لياقت علي عطار

29-9-2016

9-1-2017

34.  

مسٽر عبدالرسول ڀرڳڙي

9-1-2017

30-5-2017

35.  

مسٽر ديدرار حسين جلباڻي

30-5-2017

16-11-2018

36.  

مسٽر احمد آريسر

17-11-2018

20-10-2019

37.  

مسز امانت ميمڻ

21-10-2019

4-10- 2020

38.  

سيد تاج علي شاھہ

5-10- 2020

26-11- 2021

39.  

مسٽر اقبال احمد جمالي

26-11- 20121

10-3-2023

40.  

مسٽر محمد طاهر مغل

11-3-2023

اڄ تائين


اسڪول ۽ ھاسٽل جو انتظام
اهو بہ اجاگر ڪرڻ ضروري آهي تہ نورمحمد اسڪول فقط مسلمان شاگردن لاءِ هو، پر هتان جي ڪيترن ھندو ۽ ٻين برادرين بہ ميٽرڪ پاس ڪئي. اسڪول ۽ ھاسٽل جا معاملا سائين نور محمد پاڻ سنڀاليندو هو..ان زماني ۾ سڄي اسٽاف جو ماهوار پگهار ٻہ سو روپيا هو. محترم نورمحمد جڏھن اسڪول جو سلسلو شروع ڪيو تہ هڪ دفعي ماسترن جي پگهارن جا پئسا کٽي پيا، ۽ ماسترن مٿس سخت دٻاءُ وڌو کين پگهارون جاري ڪيون وڃن. نور محمد سندن ڳالھيون ٻڌي کين چيو تہ اسڪول جي موڪل ختم ٿيڻ تائين کين پگهار ملي ويندي. محترم نور محمد اتان اٿي، سڌو پنھنجي دوست خانبھادر الهداد خان ميرپور خاص واري کان اوڌر تي پيساوٺي آيو ۽ استادن جون پگهارون ادا ڪيائين.
اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻھراڙيءَ جي شاگردن جي رھائش جو ھاسٽل ۾ مناسب انتظام رکيو ويو، هوشيار ۽ غريب شاگردن کي لوڪل بورڊ کان اسڪالر شپون ڏياريون ويون، پڙھائي جو معيار بلند رکڻ لاءِ پري پري کان قابل استاد گهرايا ويا. هو ذاتي طور تي شاگردن جي صحت، کاڌي ۽ تعليمي مسئلن جو بہ خيال رکندو هو. گهڻو ڪري سڀئي شاگرد حيدرآباد ضلعي جي ٻھراڙين جا هوندا هئا، جي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ۾ انگريزي پڙھندا آهن. ھاسٽل جو بندوبست سوسائٽيءَ جي هٿ هيٺ هو. شاگردن کي سٺو ۽ تندرستي بخشيندڙ کاڌو ڏينھن ۾ ٽي دفعا ملندو هو. جيڪي شاگرد مسلم ھاسٽل ۾ رھندا هئا، تن کي مذهبي تعليم لازمي طرح ملندي هئي، دينيات جو استاد کين قرآن شريف ۽ دينيات جي تعليم باقاعدہ ڏيندو هو. پنجئي وقت جماعت سان نماز ٿيندي هئي. شاگردن جي صحت قائم رکڻ لاءِ بدني ورزش تي پورو ڌيان ڏنو ويندو هو، کين ڊرل، اسڪائوٽنگ، فٽ بال ۽ ڪرڪيٽ جو پورو بندوبست رکيل هو. ڊرل سيکارڻ لاءِ هڪ فوجي آفيسر مقرر ٿيل هو. بئنڊ باجي ۾ شاگردن کي پوري سکيا مليل هئي ۽ انھيءَ ۾ ترقي ڪري چڱو نالو ڪڍندا هئا. شاگردن جي ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ هڪ ڌوٻي ھاسٽل ۾ رھندو هو. شاگردن جي معلومات وڌائڻ ۽ انھن کي وندرائڻ لاءِ لائبريري موجود هئي، جتي انگريزي خواه سنڌي اخبارون موجود هونديون هيون. بيمار شاگردن جي دوادرمل لاءِ ڊاڪٽر مقرر ٿيل هوندو هو. مطلب تہ جيڪي شاگرد مسلم ھاسٽل ۾ رھندا هئا، سي گهرن کان بہ اتي سُکيا هوندا هئا.
نور محمد اسڪول لاءِ تمام قابل استاد مقرر ڪيا. عربي، فارسي ۽ اردو جا لازمي مضمون پڻ متعارف ڪرايا. هن سنڌ جي هر ضلعي ۽ تعلقي مان شاگرد پنھنجي اسڪول ۾ داخلا لاءِ پوزيشن هولڊرز کي ڳولڻ لاءِ سڄي صوبي جو دورو پڻ ڪيو. اهو اسڪول سنڌ ۾ مسلمانن جو ٻيو نمبر وڏو اسڪول هو. اسڪول جو پھريون هيڊ ماستر مسٽر ڊبليو. زيڊ احمد، ايم اي انگلش هو، جنھن عليڳڙھہ يونيورسٽي مان ماسٽرز ڪئي هئي. هن جو تعلق عليڳڙه سان هو. هن حيدرآباد ۾ رهي، اسڪول جي تعليم جو بھترين نموني بنياد وڌو. هن عرصي ۾ مشھور اسڪالر ۽ تعليمي ماهر سيد عطا حسين موسوي 1924ع ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول (بعد ۾ نور محمد اسڪول) جي بورڊنگ ھائوس جي سپرنٽينڊنگ جي حيثيت سان پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون.
اسڪول جو ٻيو هيڊ ماستر محترم فضل محمد افضل، ايم. اي ايڪنامڪس ۽ ايم.اي پوليٽڪل سائنس هو. مسٽر فضل احمد افضل، بنيادي طور تي اردو اسپيڪنگ هو ۽ عليڳڙھہ مان گهرايو ويو هو. هو تمام پڙهيل لکيل ماڻھو هو، پر سندس زندگيءَ بابت اسان وٽ ڪجهہ بہ موجود ناهي. مولوي دين محمد فيروزشاهي اسلاميات ۽ عربي جو استاد رهيو. مسٽر ڌرم داس ويراڻي مشھور رياضي جو استاد، مسٽر سليم الدين، مسٽر خورشيد، مسٽر اقبال، مسٽر صابر، مولوي محمد يوسف، مسٽر محمد امين، خان محمد ميرجت، اسماعيل بوزدار، رحيم بخش ڏيٿو، محمد علي، فدا حسين. استادن جي هڪ ڊگهي لسٽ آهي. مسٽر ڌرمداس ورياڻي، جيڪو انگلش ۽ فارسي ۾ مشھور هو ۽ اهڙا ڪيترائي ٻيا استاد هن صاحب اسڪول لاءِ خاص طور تي گهرايا.1930ع ۾ نور محمد عليڳڙھہ کي ڪجهہ مسلمان استادن جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ لکيو. مسٽر رياض الدين، جيڪو مشھور استاد ۽ نامياري ليکڪا فھميده رياض جو والد هو، تنھن کي استاد ڪري مقرر ڪيائين. هن اسڪول لاءِ ڪجهہ انگريزي ڳالھائيندڙ استاد بہ مقرر ڪيا.
اسڪول جو ٽيون هيڊ ماستر غلام محمد شاهواڻي (1912-1950) سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ ۽ شاھہ جو رسالو مرتب پڻ ڪيترن ئي سالن تائين هتي هيڊ ماستر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. هن جا ڪيترائي ڪتاب آهن. ان کان پوءِ محترم ڪي.اي.اين آئر (K.A.N Ayer) جو تعلق تامل نادو سان هو، جيڪو انگلش جو ماهر هو، مسٽر ڪي. اين آير جو سائنسي دنيا ۾ مئٿميٽڪس جي مھارت ۾ مشھور هو، هن غلام محمد شاهواڻيءَ کان پوءِ هيڊ ماسٽر جي چارج سنڀالي ورتي. هو اپلائيڊ مئٿ ۾ ايم.ايس. سي ۽ ايس. ٽي.سي هو. هن کي اسڪول ۽ ڪاليج ٻنھي جي چارج مليل هئي ان کان پوءِ، مسٽر غلام حسين سومرو (1896-1967)، جيڪو مشھور تعليمي ماهر، ٽريننگ ڪاليج، حيدرآباد مان آيو، هن اسڪول ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. هو حيدرآباد ۾ ڄائو ۽ ڊي جي ڪاليج مان گريجوئيشن ڪيائين. هن تعليم کاتي ۾ مختلف عھدن تي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ پنھنجي پيشي تي ٻہ ڪتاب لکيا. سندس دور ۾ اسڪول وڏي ترقي ڪئي. سندس دور ۾ ڊسمبر 1959ع ۾ اسڪول پنھنجي 25 هين سالگرھہ ملھائي ۽ اسڪول جي ماڻھن ۽ انتظاميا پاران وڏي سلور جوبلي ملھائي وئي.
مسٽر سومري جي رٽائرمينٽ کان پوءِ الله بخش نظاماڻي (1905-1980) اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو. سندس جنم تعلقي ماتلي، ضلعي بدين ۾ ٿيو. هن عليڳڙھہ يونيورسٽي مان ايم اي ڪئي ۽ پنھنجي ڪيريئر جي شروعات هڪ استاد طور ڪئي ۽ اڳتي هلي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن جي عھدي تي فائز ٿيو. رٽائرمينٽ کان اڳ هو نور محمد ھاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو، جنھن ۾ کيس ايس ايم.ڪاليج جي اضافي چارج هئي. ڪاليج. هن سنڌي ٻوليءَ جي لوڪ ڏاهپ تي پي ايڇ ڊي ڪئي. مسٽر الله بخش نظاماڻي، تمام متحرڪ استاد هو ۽ هر سال نور محمد لاکير جي ورسي ملھائيندو هو. هن نور محمد جي 29 ورسي جي موقعي تي روزانہ عبرت 23 آگسٽ 1966ع تي رپورٽ ڪندي لکيو تہ ”سنڌ جي ممتاز تعليمي محسن مرحوم نور محمد جي 29 ورسي اڄ وڏي حب ۽ عقيدت سان ملھائي ويئي. ورسي جي تقريب اڄ صبح جو نور محمد ھاءِ اسڪول جي احاطي ۾ ٿي. جلسي جي صدارت مسلم ڪاليج جي پرنسيپل مسٽر الله بخش نظاماڻي ڪئي. ان موقعي تي سيد علي اڪبر شاھہ، مخدوم امير احمد ۽ ڊاڪٽر محمد ابراهيم، مرحوم جي سوانح حيات تي تقريرون ڪيون. هنن پنھنجن تقريرن ۾ مرحوم جي نمايان تعليمي خدمات تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو. هنن ان ڳالھہ تي زور آندو تہ مرحوم جي سوانح حيات ۽ سندس خدمتن تي هڪ ڪتاب شايع ڪيو وڃي. آخر ۾ مسٽر الله بخش نظاماڻي مرحوم جي خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو. ان بعد حاضرين هڪ جلوس جي شڪل ۾ ھاسٽل اندر مرحوم جي مزار تي پھچي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتح پڙهي.“
نظاماڻيءَ کان پوءِ ڊاڪٽر غلام حسين جعفري اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو. هو پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۽ نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد جو پرنسيپال پڻ رهيو. مسٽر غلام حسين بالادي، جنھن ڪافي عرصو هن اسڪول ۾ استاد ۽ هيڊ ماستر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون، جن جو جنم خيرپور ضلعي ۾ ٿيو، پر تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. هو شاگردن کي گهڻو ڪري انگريزي مضمون پڙھائيندو هو. ان وقت شاگردن کي انگريزيءَ ۾ ڳالھائڻ جي ترغيب ڏيندو هو. هو غريب شاگردن جي مدد لاءِ وقف هوندو هو ۽ انھن لاءِ اسڪالرشپ جو بندوبست ڪندو هو. سندس دور کان اڳ غلام رسول خان ڀرڳڙي، الله بخش نظاماڻي، قاضي اڪبر، غلام حسين سومرو ۽ ٻيا مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جا سيڪريٽري شامل هئا. 1958ع ۾ سوسائٽيءَ پاران عمارت کي ورھايو ويو: هڪ حصو نور محمد ھاءِ اسڪول ۽ ٻيو مسلم سائنس ڪاليج کي ڏنو ويو. مسٽر آغا قلب حيدر ان جو پھريون پرنسيپال هو ۽ ان کي ڊگري ڪاليج جو درجو ڏنو ويو. اهو آرٽس ۽ سائنس جا ڪلاس پيش ڪري ٿو ۽ ان جا ڊگري ڪلاس سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل آهن. مسٽر بالادي کان پوءِ، سائين غياث الدين قاضي آيو. سندس تعلق مٽياري جي ميمڻ گهراڻي سان هو. هن اسڪول ۾ چڱي طرح ڪم ڪيو. ان کان سواءِ اسڪول جي سٺن استادن ۽ هيڊ ماسترن جي هڪ وڏي لسٽ آهي. حيدرآباد جي نور محمد ھاءِ اسڪول جي سيڪنڊ شفٽ جو پھريون هيڊ ماستر ۽ تعليمي ماهر محمد حسن بوزدار هو.

سوسائٽيءَ جون ملڪيتون
1970ع واري ڏھاڪي تائين، سوسائٽيءَ وٽ اسڪول نور محمد ھاءِ اسڪول، مسلم سائنس ڪاليج، هڪ پرائمري اسڪول، هڪ مڊل اسڪول، سنڌ مسلم ھاسٽل، ڪجهہ دڪان وغيره ملڪيت طور هئا. اسڪول ۽ ڪاليج کي 1972ع ۾ قومي پاليسيءَ تحت حڪومت پنھنجي تحويل وٺي ڇڏيو. مڊل اسڪول ۽ پرائمري اسڪول وقت سان گڏ بند ڪيا ويا.
هن وقت اسڪول ۾ 100 کان وڌيڪ استاد خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ اسڪول ۾ اٽڪل 3000 داخلائون آهن. ڪجهہ وڌيڪ ڪلاس روم پڻ تعمير ڪيا ويا آهن. اسڪول جا 22 دڪان آهن، جيڪي اسڪول جي مالي مدد ڪندڙ آهن، اهي انتھائي معمولي ڪرائي تي لڳل آهن.. سنڌ مسلم سوسائٽيءَ جا پرائمري اسڪول بند ڪيا ويا، پر سنڌ مسلم ڊگري ڪاليج ۾ ماسٽر ڪلاس تائين ڊگريون ڏنيون وڃن ٿيون. هن وقت اسڪول جو هيڊ ماستر محمد طاهر مغل آهي. هو ڏاڍو محنتي ۽ اسڪول جي نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۾ دلچسپي وٺندو هو. اسڪول جون تعليمي ۽ سرڪاري سرگرميون پڻ روزاني بنيادن تي سوشل ميڊيا تي اپڊيٽ ۽ اپ لوڊ ڪيون وينديون آهن.

نور محمد اسڪول جا شاگرد
هن اسڪول مسلمانن جي تعليم، تربيت، ادب، ٻولي، سماج جي سڌاري ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، جنھن تي پي. ايڇ. ڊي. ڪري سگهجي ٿي. سنڌ جي تعليمي تاريخ ۾ نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد ڪيترائي نامور شاگرد پيدا ڪيا آهن، جن اڳتي هلي ملڪي معاملن ۾ پنھنجو نالو ڪمايو. ان لسٽ ۾ پاڪستان جو اڳوڻو وزير اعظم غلام مصطفيٰ جتوئي، جسٽس عبدالقادر ھاليپوٽو، نامور سياستدان سيد قمر زمان شاھہ، اڳوڻا وائيس چانسلر مظھرالحق صديقي، نظير مغل، سوين ڪامورا، نالي واري تعليمدان دادي ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻي، سيڪريٽري، بيوروڪريسيءَ ۾ سابقہ سيڪريٽري سنڌ گل محمد عمراڻي، اڳوڻو آئي. جي. سنڌ غلام حيدر جمالي، ڊي. آئي. جي خادم رند، نامور ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار غلام نبي مغل، نالي وارو اديب پروفيسر ظفر حسن، نالي وارو شاعر امداد حسيني، تعليمي ماهر عبدالغفار صديقي، تعليمي ماهر عبدالرحيم ڏيٿو، مظھر بلوچ، جسٽس محمد اشرف لغاري، شاھہ جو پارکو ۽ تعليمدان حيدر علي لغاري، سماجي ۽ سياسي ڪردار اي.ڊي. ناريجو، صحافي، تعليم کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري محمد جمن ٿيٻو، اڳوڻو سيڪريٽري ھادي بخش ڪلھوڙو، مشتاق راهو، سنڌ جي وزير اعليٰ جو صلاحڪار، اڳوڻو ڪين ڪمشنر نوبت زرداري، ايس.ايس. پي ٽريفڪ خادم رند، نالي وارو سياستدان مولا بخش رند، سياسي ڪارڪن ۽ ترجمي نگار اسلم خواجا، نالي وارو ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار علي محمد پرويز، ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. غلام حسين بالادي صاحب جيڪو هوسڙيءَ جو ويٺل هو ۽ ان وقت يعني 1930ع ڌاري ڊي. ايس. پي جي رينڪ ۾ چونڊيو ويو هو، جيڪو اڳتي هلي سنڌ جو انچارج آءِ جي پوليس ٿي ريٽائر ٿيو.

مرحوم نور محمد جي مزار
ھاسٽل جي احاطي ۾ مرحوم نور محمد جي مزار آهي. ساڻس گڏ سندس بيگم شمس النساءِ جي تربت آهي. نور محمد جي اھا وصيت هئي ۽ سندن آخري الفاظ هئا تہ: ”منھنجو هي خاڪي پتلو مسلم ھاسٽل جي مٽيءَ جي سپرد ڪجو، جيئن منھنجو قلب طالب علمن جون ٻاتيون ٻوليون ۽ معصوم دلين جو دعائون ٻڌي من قرار پائي ۽ منھنجي اسڪول ۽ ھاسٽل جي پارت اٿو. خدا حافظ“
ياد رهي تہ گهڻن نيڪ استاد، شاگردن ۽ مسجد ۾ تھجد جي نماز ادا ڪندڙن رات جي وقت مرحوم نور محمد جي روح کي ھاسٽل جي گرائونڊ ۾ گهمندي ڏٺو آهي. بقول استاد بخاري:


جو قوم جياري اهو جيئندو رھندو
جو عام اجاري، اهو جيئندو رھندو
مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي
جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رھندو.

مسلم ھاسٽل تي قبضو
1980ع واري ڏھاڪي جي وچ تائين اھا ھاسٽل نور محمد ھاءِ اسڪول ۽ گورنمينٽ مسلم سائنس ڪاليج جي شاگردن جي گڏيل رھائش هئي. شھر ۾ نسلي فسادن کانپوءِ ڪجهہ سياسي عھديدارن ھاسٽل جي ڪمرن تي قبضو ڪري ورتو ۽ ڏوھارين کي رھائڻ لڳا. ان کان پوءِ شاگردن کان ھاسٽل خالي ڪرائي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن قبضو ڪري ورتو. ان وقت کان وٺي ھاسٽل جو سمورو احاطو سندن قبضي ۾ آهي. ھاسٽل جي احاطي کي قاسم رينجرز جي هيڊ ڪوارٽر ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ان کان علاوھ سول اسپتال جي انتظاميا پاران ھاسٽل جي عمارت کي ٽراما ۽ ڪڊني وارڊ قائم ڪرڻ لاءِ پڻ ڪوششون ورتيون ويون. اسڪول جي عمارت ڪيترن ئي ڏھاڪن کان سرڪاري بي ڌياني جو شڪار ٿي وئي ۽ آهستي آهستي زوال جو شڪار ٿي وئي، پر ڪجهہ سال اڳ سنڌ حڪومت ان تاريخي عمارت کي ثقافتي ورثو قرار ڏنو. رينجرز لاءِ رھائش جي جاءِ کان علاوھ، هن خوبصورت ۽ تاريخي عمارت جي احاطي ۾ مکيہ دروازي تي هڪ ڪينٽين، هڪ ميڊيڪل اسٽور، هڪ سافٽ ڊرنڪ شاپ ۽ هڪ پبلڪ ڪال آفيس آهي. جڏهن تہ، اسڪول شھر جي ڳري ڪمرشل زون جي وچ ۾ واقع هجڻ سبب شاگرد ٻاھران ايندڙ گاڏين جي سخت شور هوندو آهي. اسڪول وٽ 21 دڪان هئا، پر هي ادارو تمام گهٽ ماهوار ڪمائي ٿو، جيڪو اوپن مارڪيٽ جي قيمتن جي بلڪل ابتڙ آهي.
2021ع ۾، ھاءِ ڪورٽ آف سنڌ، حيدرآباد سرڪٽ بينچ پنھنجي فيصلي ۾ حڪم جاري ڪيو تہ ٽن مھينن اندر ھاسٽل رينجرز کان خالي ڪرائي، اسڪول انتظاميہ جي حوالي ڪئي وڃي، پر اڄ سوڌو اهو ممڪن ٿي نہ سگهيو آهي. هن وقت مسلم ھاسٽل جي موجودہ بيڪسيءَ واري حالت ڏسي نہ صرف هر اک روئي رهي آهي. پر ساڳئي وقت نور محمد جو روح بہ ناخوش هوندو. ڇاڪاڻ تہ هن مرحوم پنھنجو الھہ تلھہ وڪڻي غريب ۽ مسڪين ٻارن جي لاءِ ھاسٽل قائم ڪئي ان کي علم ۽ درس، امن ۽ سڪون جي بجاءِ ڪن ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. اھا هن مرد ڪامل جي مقصدن سان بي نانصافي آهي.

نور محمد لاکير ايجوڪيشن اينڊ ويلفيئر سوسائٽي
محترم نور محمد کي ڪوبہ پٽ نہ هو، پر سندس ڌيءَ پروفيسر مھر نور محمد لطيف آباد حيدرآباد ۾ رھندي هئي. پروفيسر مھر نور محمد 1996ع ۾ زبيدہ ڪاليج جي پرنسيپل جي حيثيت ۾ رٽائرمينٽ تي ”نور محمد لاکير ايجوڪيشن اينڊ ويلفيئر سوسائٽي“ جو بنياد رکيو. هوءَ چيئرپرسن ۽ سندس پٽ محمد فريد احمد سوسائٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. اهو پڻ قابل ذڪر آهي تہ مسلم ھاسٽل جي پراڻن شاگردن ۽ رھائش گاھہ 1998ع ۾ ”مسلم سائنس ڪاليج ۽ مسلم ھاسٽل بوائز ويلفيئر ھاسٽل“ نالي هڪ انجمن قائم ڪئي، جنھن جو سرپرست اڳوڻو ڪمشنر شفيق احمد کوسو کي مقرر ڪيو ويو هو ۽ ھاسٽل جا ٻيا ڪيترائي پراڻا شاگرد ميمبر هئا، پر هيءَ تنظيم هلي نہ سگهي.
2020ع ۾ نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد جي پراڻن شاگردن جي 1989ع کان 1994ع سال جي شاگردن جي پھرين ري يونين گڏجاڻي جي تقريب اسڪول ۾ منعقد ٿي، جنھن ۾ استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. هنن چيو تہ هينئر اسانجي انھن پراڻن شاگردن مان ڪو ڪٿي آهي تہ ڪو ڪٿي آهي ۽ هرڪو پنھنجي زندگي جي ڪم ڪارن ۾ مصروف عمل آهن سمورا شاگرد جس لھن جو انھن اھا ري يونين جي تقريب منعقد ڪري اسان کي پنھنجي خوشين ۾ شامل ڪيو آهي.

ڪيئن وساريان ڪين وسرن: عزيز الله ڳنڀير

نور محمد ھاءِ اسڪول، مسلم ھاسٽل ۽ مسلم ڪاليج هڪ ئي اداري جا ٽي نالا آهن. مسلم ھاسٽل ۾ رهڻ لاءِ لازمي هو تہ نور محمد ھاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺجي. ڇو تہ ھاسٽل نور محمد ھاءِ اسڪول جي شاگردن لاءِ ئي مخصوص هئي ۽ اسڪول جي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ۽ مسلم ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ لازمي هئي. منھنجي اسڪول، ڪاليج ۽ ھاسٽل وارو دؤر 1963ع کان 1968ع تائين وارو آهي. چون ٿا تہ ڪاليج ۽ ھاسٽل جو اهو ئي دور شاندار ۽ جوڀن وارو هو. ”سکر سيئي ڏينھن جي مون گذاريان ھاسٽل ۾”. ھاسٽل ٻن بلڊنگن تي مشتمل آهي، هر هڪ بلڊنگ ۾ ٻہ پورشن، يعني هيٺيون ۽ مٿيون بلاڪ آهن.
منھنجي وقت ۾ تقريباً 4 کان 5 سئو شاگرد ھاسٽل ۾ رھندا هئا. سڀني کان پراڻو شاگرد خميسو خان ناهيون ۽ سڀني کان پراڻو ملازم سونھارو بورچي هئا. هن دور ۾ ھاسٽل ۾ انتھائي نظم و ضبط هو، ڪنھن کي مجال نہ هوندي هئي جو ڪو ڏڦيڙ وغيره ڪري، شاگردن ۾ شرافت استادن جو احترام ۽ ھاسٽل جي قانونن جو خيال هوندو هو. ھاسٽل حيدرآباد جي دل هيرآباد ۾ هئڻ ڪري انتھائي وڻندڙ ماحول ۾ هئي.
انھن پنجن کان ستن سالن واري دور ۾ ھاسٽل انتظاميا جا سربراھہ سائين احمد شاھہ، سائين محمد عمر ميمڻ ۽ سائين شمس الدين سومرو هئا. ھاسٽل جو پراڪثر يعني ھاسٽل ڪلارڪ خميسو خان ناهيون ۽ ھاسٽل جي مسجد ۾ خطيب مولوي صاحب) جا فرائض پھرئين مولوي دين محمد اديب فيرو شاهي سرانجام ڏيندا هئا. مولوي صاحب جن جي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ سائين حافظ عبدالرحيم جمالي صاحب جن (موجودہ خزانچي ائسوسيئيشن) بطور خطيب ۽ مولوي صاحب مقرر ٿيا. نمازن جي پائبندي هوندي هئي. انڪري ڪي خوشئان تہ ڪي زوران وڃي مسجد ۾ حاضري ڀريندا هئا، ڪاليج ۽ اسڪول بلاڪ گڏيل هوندا هئا. جنھن ڪري ڪاليج جي شاگرد لاءِ بہ نماز پڙهڻ لازمي هوندي هئي. فجر جي نماز تي اٿارڻ مولوي صاحب لاءِ ۽ اٿڻ شاگردن لاءِ هڪ وڏو مسئلو بڻيل هوندو هو. اٿو، اٿو نماز تي، ڇورا اٿو، اٿو نماز لاءِ، جي هونگار مولوي صاحب طرفان هوندي هئي تہ سائين اٿو نہ ٿا، ڇو ٿا ننڊ ڦٽايو، بس اجهو اٿياسين جو ٺھيل ٺڪيل جواب شاگردن طرفان هوندو هو. پوءِ ڪي شاگرد پاڻ کي رليءَ ۾ لڪايو ستا پيا هوندا هئا تہ ڪي وري چادرين جي چار ديواري قائم ڪيو پيا هوندا هئا.
نماز کانپوءِ وهنجڻ جو وسڪارو لڳل هوندو هو. اٽيج باٿ نہ هئا، بلاڪن جي ٻاھران ٺھيل باٿ رومن غسل خانن ڏانھن ٽوال، صابڻ ۽ پيسٽ هٿ ۾ کڻندي شاگردن جي ڊوڙ ڊوڙان هوندي هئي پوءِ جيڪو ڏاڍو سو گابو. ڏاڍا ڀوڳ لڳا پيا وندا هئا. هڪڙو پيو وهجندو هو تہ ٻيو پيو ٻاھران ٻاڪاريندو هو تہ يار جلدي ڪر! ناشتي جو ٽائيم ۽ اسڪول هلڻ لاءِ قطار جو وقت ٿي ويو آهي، ناشتي ۾ عجائب جو پچايل هڪ پراٽو ۽ چانھہ جو هڪ ڪپ ملندو هو. جن جو ذائقو اڃان نٿو وسري، ناشتي بعد ڪتاب هٿن ۾ کڻي اسڪول هلڻ لاءِ قطار ٺاهي هلڻو پوندو هو، جنھن کي فائيل چئبو هو، اڳيان پويان ۽ پاسي کان مانيٽر هوندا هئا تہ سڀ کان آخر ۾ ھائوس ماستر ۽ مولوي صاحب نگراني ڪندا نظر پيا ايندا هئا.
منجهند جو اسڪول کان موٽڻ بعد ڪپڙا بدلائي ڊائيننگ ھال ۾ مانيءَ تي مارو ٿيندو هو. سونھاري بورچيءَ جي پچايل گوشت ۽ دال ۾ اهو مزو هوندو هو جو اڄڪلھہ فائيو اسٽار هوٽلن جي مانيءَ ۾ بہ شايد اهو مزو نہ هجي. ٻوٽين تي البتہ ويڙھہ جام هوندي هئي، ڪاليج بلاڪ ۾ تہ گويا پاڻيپٽ جي جنگ لڳل هوندي هئي، خصوصي طور تي حاجي غلام حيدر ناهيون ۽ مير محمد ڀرڳڙي ان ڳالھہ کان ڀت پوتن تان نڪري ويندا هئا، مون کي ياد آهي هڪ دفعو عبدالستار بچاڻي، موجودہ ايم. پي اي ۽ حاجي نور علي مري ڊي. ايس پي دال واريون پليٽون اڇلائيندي چيو هو تہ هي دال آهي يا واٽر جو لڙاٽيل پاڻي، پر شاباس آهي، سڄي سنگت کي جو ڊائيننگ ھال مان نڪرڻ کانپوءِ وري بہ ساڳيا يار ۽ دوست بنجي پيا پان کائيندا هئا يا ڪئنٽين جي چانھہ ۾ چاھہ ڀريون چسڪيون وٺندا هئا. محبت جو ماحول هو، جھڙيڙا جهڳڙا ۽ ليڊريءَ تان لٺ ضرور لڳندي هئي، پر ڪڏهين بہ ذاتي جھڙيڙو جهڳڙو ڪونہ ڪيائون. ان ئي دور ۾ سائين محمد عمر ميمڻ صاحب مسلم ڪاليج جو پرنسيپال ٿي آيو ۽ ھاسٽل جو سپرنٽنڊنٽ بڻيو ۽ سندس رعب ۽ تاب دٻدٻو ڏسڻ وٽان هو، شخصيت بہ انتھائي پياري هوندي هيس، ڪاليج جي شاگردن تي سندس رعب هو، پر ساڳئي وقت محبت ۽ شفقت ڀريو هٿ بہ هر ڪنھن تي هوندو هوس. في نہ ڏيڻ تي ھاسٽلن ۾ اڪثر ماني بند ڪئي ويندي آهي، پر مسلم ھاسٽل ۾ ڪنھن بہ غريب شاگرد يا فضول خرچ وڏيري شاگرد يا نمائشي ليڊر شاگرد جي ماني ڪڏهين بہ بند نہ ڪئي ويئي هئي، سيڪنڊ ڪلاس ماني البتہ سڻڀي ۽ سٺي هئي، پر ٿرد ڪلاس جي ماني بہ پنھنجو مٽ پاڻ هئي، سونھاري جو هڪڙو هٿ ڏوئي ۾ تہ ٻيو هٿ حقي جي نڙ ۾ پاڻ ڳالھائي پاڻ سمجهي پر يار ٻوڙ اهڙو چاڙهي جو ويھي آڱريون چٽجن.
ڇا تہ جوڀن ڏيھاڙا هئا، بي فڪري، بي پروائي ۽ الهڙ جواني هوندي هئي اسڪول توڙي ڪاليج جي شاگردن ۾ انھن ئي ڏيھاڙن ۾ ڪاليج يونين جا اليڪشن بہ ٿيا، مونکي هڪ ٻہ اليڪشنون ياد آهن، هڪ ۾ حاجي غلام مصطفيٰ جمالي بطور جنرل سيڪريٽري، اختر چانديو صدر، عزيز الله ڳنڀير جوائنٽ سيڪريٽري اليڪشن يونين جي نہ هئي ائين پيئي ڏسڻ ۾ آيو تہ گويا موجودہ قومي يا صوبائي اليڪشن هجي، مامي خميسي جي تہ گويا ٻيگهي متل هئي، همراھہ کي وڻ گهوڙو جهلڻ نہ ڏي. نيٺ پئنل کي کٽرايائين. حاجي غلام مصطفيٰ جمالي جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو. مامو نصرالله جکريجو، مير محمد ڀرڳڙي، ستار بچاڻي، کيبر برادران، سليم ۽ ثناءُ الله شيخ، نصرت مرزا نواب خانزادو، حيبيب غوري، منصب جکراڻي، عارف قزلباش، ربڏنو ساريجو، نور حسين نوتڪاڻي، احمد رند، عبدالرزاق ميمڻ، قيوم ميمڻ، نظر محمد کوسو، انور الدين جمالي ۽ ٻيا ڪيترائي شاگرد دوست چڱا مڙس ۽ داداگير سمجهيا ويند اهئا. قاضي عبدالستار صديقي صاحب تہ ان وقت پنھنجي موج مستيءَ ۾ هوندو هو ٻہ شاگرد سڏي انھن جا مٿا ٽڪرائي چوندو هون تہ ھاڻي هلو، هيڏانھن وري نہ ڏسجو! يادگيريون تہ تمام گهڻيون آهن. نالا بہ تمام گهڻا آهن. ڪجهہ ياد اٿم، ڪجهہ وسري ويو جي مصداق مطابق پنھنجي قلم کي بند ڪندي هن خوشيءَ جو اظھار ٿو ڪريان تہ اڄ اهي مٺڙا چھرا وري مليا آهن.
هڪ ٻئي سان حال حقيقتون ڪري رهيا آهن محبتون وري موٽي مليون آهن، اهيئي محبتون آهن جيڪي زندگيءَ جو سرمايو آهن نہ تہ هي جھان فاني آهي، ڪيترا دوست هليا ويا، جيڪي جيئرا آهن سي هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي ملي رهيا آهن سڄو کيل حياتيءَ جو آهي، يار زنده صحبت باقي ان نور محمد مرحوم جي نالي ۽ ھاسٽل ڪاليج ۽ اسڪول جي نالي کي سلام هجي جو انھن اهي محبتي ميڙيا.

(النور ميگزين، 1994ع تان ورتل)

نور محمد جي 41 وين ورسي

نور محمد وڪيل (باني نور محمد ھاءِ اسڪول) جي ورسي ملھائڻ ۽ هن عظيم شخصيت کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ ائسوسيئيشن جي ميمبرن لاءِ تجديد عھد ڪرڻ جي سلسلي ۾ محترم انور بچاڻي صاحب جي دعوت ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ مرحوم نور محمد جي ورسي انتھائي عقيدت ۽ شاندار طريقي سان ملھائي وڃي. ڇاڪاڻ تہ هي ئي اھا عظيم شخصيت هئي جنھن پنھنجو گهر ۽ الھہ تلھہ وڪڻي نور محمد ھاءِ اسڪول جو بنياد وڌو ۽ مسلم ھاسٽل قائم ڪئي! جتي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين غريب شاگردن بورڊنگ ھائوس ۾ قيام ڪري پنھنجي تعليم مڪمل ڪئي. ان بعد مسلم ڪاليج ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري انھن عھدن ۽ مرتبن تي پھتا، جن تي اڄ هو فائز آهن. بقول محترم ادريس احمد صاحب ۽ قاضي عبدالستار صاحب جي اڄ اسان جيڪي بہ ڪجهہ آهيون سو انھن شخصيتن جي محنتن ۽ دعائن جي ڪري آهيون، سائين نور محمد جيڪڏهين اهي ادارا قائم نہ ڪري وڃي ھا تہ شايد اسان کي تعليم حاصل ڪرڻ جو اهڙو موقعو نہ ملي ھا. جيڪو نور محمد ھاءِ اسڪول، مسلم ھاسٽل ۽ مسلم ڪاليج جي قائم ٿيڻ ڪري مليو آهي.
ورسيءَ جي تقريبات ملھائڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهي ويئي جنھن جا ان وقت ميمبر مقرر ڪيا ويا، ليڪن مختلف ميٽنگن ۾ صرف پنج يا ڇھہ ميمبرن شريڪ ٿيندا رهيا ۽ باقي ميمبر پنھنجي مصروفيات جي ڪري حاضر نہ ٿي پئي سگهيا.
ورسي ملائڻ جي سلسلي ۾ پھرين گڏجاڻي محترم انور بچاڻي صاحب جي ڊفينس واري بنگلي تي ٿي ۽ ٻي گڏجاڻي بہ بچاڻي صاحب طرفان جيمخانہ ۾ ڏنل لنچ پارٽي ۾ ٿي. ان کان پوءِ باقي چار يا پنج گڏجاڻيون شھيد غني اسپتال ۾ ٿيون جن ۾ قاضي عبدالستار صاحب، ادريس احمد صاحب، محترم گل محمد سهتو صاحب، سليم شيخ صاحب کان علاوھ اسان ٽيئي آفيس بيئرز ۽ مستقل طور تي ائسوسيئيشن لاءِ جدوجھد ڪندڙ ۽ ٽائيم ڪڍندڙ خميسو خان ناهيون. صدر، عزيز الله ڳنڀير، جنرل سيڪريٽري ۽ حافظ عبدالرحيم جمالي خزانچي شريڪ ٿيندا رهياسيون.
ورسيءَ جي سلسلي ۾ اول اهو خيال هو تہ گورنر سنڌ يا وڏي وزير کي گهرائي صدارت ڪرائي وڃي ۽ ورسي ملھائڻ جو پروگرام ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ رٿيو وڃي. پر پوءِ مالي مشڪلاتن ۾ ورسيءَ جي پروگرامن کي سرڪاري پروٽوڪول جو شڪار بنائڻ جي بجاءِ اهو طي ڪيو ويو تہ ورسي نور محمد ھاءِ اسڪول جي سينٽرل ھال ۾ ملھائي وڃي جيئن ان موقعي تي پنھنجي دانش گاھہ علمي مرڪز جي روح پرور نظارن کي ڏسي ڪري پنھنجيون پراڻيون يادون تازہ ڪيون وڃن ۽ سامھون مسلم ڪاليج جي عمارت کي ڏسي ڪري ڪاليج واري بي فڪري ۾ انتھائي جوڀن وارن ڏينھن واريون پراڻيون يادگيريون تازہ ڪجن.
ڏسي هي اسڪول ۽ ڪاليج جا نظارا
اچن ٿا ياد اهي ڏينھن پيارا
جن ڏينھن ۾ هوندا هئاسين بيفرا
هئاسي ئي ڏينھن اسان جي جواني ۽ جوڀن وار ا
اڄ ورسي اوھان جي سامھون ملھائجي رهي آهي اچو تہ عھد ڪريون، اچو تہ وچن ڪريون پنھنجي ويڙهيچن سان، سنڌ ڌرتيءَ جي سونھن سان، تہ پيدا ڪنداسون الفت ائسوسيئيشن سان، حاصل ڪنداسون هي ھاسٽل، جتي گهڻ مقاصد تعليمي ادارا، اسڪول، ڪاليج ۽ ھاسٽلون قائم ڪبيون. ھاسٽل جي قبضي ملڻ کان پوءِ ائسوسيئيشن جي آفيس انشاء الله اتيئي قائم ڪجي ۽ غريب ٻھراڙي جي شاگردن کي اسڪالر شپون ڏنيون وينديون ۽ ٻيا ڀلائي جا ڪم ڪبا. انشاءَ الله.

(النور ميگزين، 1994ع تان ورتل)

تقرير ۽ مضمون

---

انصافي انصاف، تہ وري بہ ووٽ نور محمد کي: نور محمد وڪيل

دو اين دريائي بي پايان درين طوفان شور افزا
دل افگنديم بسم الله مجريھا و مرساہ

عرض بخدمت جميع راءِ دھند گان (ووٽر صاحبان) حلقہ 1. ضلع حيدرآباد

1. بعد سلام مسنون جي عرض تہ اوھان صاحبن جي مھرباني ۽ قدر داني تي ڀروسو رکي، آءٌ بمبئي ڪاميٽي جي ميمبريءَ لاءِ اميد وار بيٺو آهيان ۽ مونکي انھن صاحبن ۾ پوري اميد آهي تہ هن ڀيري بہ اوھان صاحب منھنجي مدد ڪري مونکي ڪامياب ڪرڻ فرمائيندا.
2 ايترو عرض ڪرڻ واجب ٿو سمجهان تہ ڪائونسل کانسواءِ ڪائونسل کان ٻاھر مون قومي ۽ انھي سان گڏ خاص ڪري ضلع حيدرآباد جي خدمت ڪرڻ پنھنجو وڏو فرض ۽ فخر پئي سمجهيو آهي. انھي خيال سان مون قوم جي صحيح ترجماني پئي ڪئي آهي.

تعليم
3. منھنجي ناقص عقل ۾ اسان جي قوم سنڌ ۾ ڪڏهن بہ ترقي جي منزل تي پھچي ڪين سگهندي، جيستائين اسين تعليم ۾ پٺتي پيل آهيون انھي ڪري ڪائونسل جي ٻاھر مون پنھنجي وقت جو وڏو حصو تعليم جي آبياريءَ لاءِ صر ف پئي ڪيو آهي. جو اميد تہ اوهين ضروري ڪم سمجهندا. الله تبارڪ و تعاليٰ جا لک احسان شڪرانا آهن جو حيدرآباد ۾ مسلم بورڊنگ ھائوس ۾ منظور ٿي ويو آهي ۽ انھي سان گڏ انگريزي مسلم اسڪول شھر حيدرآباد جي فائدي لاءِ جاري ڪيو اٿم. مون کي پوري اميد آهي تہ اوھان صاحبن جي همدردي سان اهو بورڊنگ ھائوس پڪي پختي پايہ تي قائم ٿي ويندو ۽ انگريزي مسلم اسڪول وڌي ھاءِ اسڪول جي درجي تائين انشاءَ الله تعاليٰ جلد پھچندو.
4. اڄ جيڪڏهن اوهين صاحب حيدرآباد جي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ڏي نظر ڪندا تہ اوھان صاحب خاصو تعداد مسلمان شاگردن جو انھي اسڪول ۾ ڏسندا جو منھنجي ميمبري کان اڳ نہ هو. اهو تعداد انھي ڪري وڌيو جو اسڪول ۾ مسلمان شاگردن جي داخلا واسطي اوھان صاحبن سان گڏ آءٌ بہ ڪوشش ڪريان ٿو ۽ مسلم شاگردن جي داخلا لاءِ مقرر تعداد سرڪار کان منظور ڪرائڻ جي ڪوشش ورتي هيم.
5. سنڌ ۾ اسان جي قوم جي ٻارن جو وڏو حصو ملن صاحبن جي مڪتبن ۾ پڙهي ٿو، جن تي نہ سرڪار پئسو ٿي خرچ ڪري ۽ نہ انھن کي سڌارڻ جي ڪوشش ٿي ڪري جنھن ڪري ملان اسڪولن گهڻي ترقي نہ ڪئي آهي ۽ اسان جي تعليم کي انھي ڪري گهڻي شڪست رسي آهي. انھي ملان اسڪولن جي سڌاري لاءِ انھن تي ڪافي خرچ ڪرڻ لاءِ مون وقت بوقت ڪائونسل ۾ ڪوشش ورتي آهي. سرڪار جي ڪاميٽي انھن اسڪولن کي جاچڻ لاءِ مقرر ڪئي، جنھن جو آءٌ مميبر هوس اسان سرڪار کي ملان مڪتبن جي سڌارڻ لاءِ رپورٽ جي صورت ۾ سفارشون بہ موڪليون جي گهڻي وقت تائين تہ سرڪار جي گوڏي هيٺ رکي ڇڏيون، پر سرڪار جي انھيءَ ڪم توجھھڙي برخلاف مون پئي پڪاريو ۽ هينئر آخر سرڪار انھيءَ رپورٽ جي سفارش تي قدم کڻڻ لاءِ تيار ٿي آهي. مونکي خوشي آهي تہ ھاڻي ملان مڪتبن لاءِ سرڪار جي طرفان وڌيڪ ڪوشش ٿيندي ۽ سرڪار ڪي سڌارا عمل ۾ آڻڻ تي عمل آڻڻ واري آهي.
6. سرڪار جي طرفان ھارٽاگ ڪميٽي نالي هڪ ڪميٽي ھندستان ۾ تعليمي سڌارن ۾ گذريل ڏهن سالن ۾ تعليم جي واڌاري کي جاچڻ لاءِ گذريل سال مقرر ٿي هئي انھيءَ ڪميٽيءَ کي مون مسلمانن جي موجودہ تعليمي حالت تي پنھنجي شاهدي وٺي موڪلي جنھن ۾ انگن اکرن سان ڏيکاريو ويو تہ سرڪار جي طرفان اسان جي قوم سان ڪيتري نہ بي انصافي تعليم جي ڪم ۾ ٿي آهي. هي پھريون ئي دفعو آهي، جو ڪنھن سرڪاري ڪميٽيءَ قبول ڪيو آهي تہ سنڌ جي مسلمانن جي تعليم ڏي سرڪار جي طرفان پورو خيال نہ ڪيو ويو هو ۽ جيڪي مون پنھنجي بيان ۾ ظاهر ڪيو. تنھنجا مکيہ حصا انھيءَ ڪاميٽي قبول ڪيا آهن. اهو بيان انگريزي زبان ۾ رسالي جي صورت ۾ شايع ڪيو ويو آهي ۽ انشاءَ الله تعاليٰ جلد انھيءَ جو ترجمو سنڌي ۾ ڪري اوھان جي خدمت ۾ پيش ڪندس.
7. بمبئيءَ يونيورسٽي جا هن علائقي ۾ انگريزي تعليمي جو بندوبست ٿي ڪري تنھن تي مسلمان عيوضين جو پورو تعداد مقرر ٿيڻ لاءِ مون سرڪار جي تعليمي وزير سان جيڪا چٽا ڀيٽي ڪئي آهي،سا سڀ ڪائونسل جي ڪتابن ۾ ڇاپيل آهي. انڌيري شھر ۾ مسلمانن لاءِ “اسماعيل ڪاليج” کولڻ جي برخلاف جا ھندو ميمبرن صاحبن شورش پيدا ڪئي تنھن جي مخالفت ۾ جيڪو ڪم مون ڪيو سو بہ ڪائونسل جي ڪتابن ۾ ڏيکاريل آهي ۽ هنن جي اھا شورش ڪامياب ڪانہ ٿي ۽ ڪائونسل ۾ ڪاليج برپا ڪرڻ جي رٿ پاس ٿي ويئي.
8. اهي تہ تعليمي ڪم آهن جي ظاهر ڏسڻ ۾ اچن ٿا، پر ٻيو ڪيترو تعليمي ڪم آهي جو چپ چاپ خاموشيءَ سان ڪرڻو ٿو پوي ۽ جنھن جي نمائش نہ ٿي سگهي ٿي ۽ نہ ڪري سگهجي ٿي.

زمينداري اهنج
9. زمينداري اهنجن بابت ايترو عرض ڪندس تہ جڏهن بہ مون کي ڪنھن اهنج ايذاءُ يا تڪليف کان واقف ڪيو ويو آهي تہ انھن جي لاهڻ لاءِ مون ڪوشش ورتي آهي. نتيجو خداوند ڪريم جي هٿ ۾ آهي، مگر ڪوشش وٺڻ منھنجو فرض آهي ۽ انھيءَ اصول تي مون پئي ڪم ڪيو آهي.
10. مون کي پڪ آهي تہ سکر بئراج جي واهن کلڻ کان پوءِ ڦليلي واھہ سان نسورو ظلم ٿيندو. ماڊيول جيڪي ھاڻي شاخن ۽ ڪڙين تي وڌا پيا وڃن تن مان پاڻيءَ جو واڌارو ڦليلي واھہ ۾ ڪونہ ٿيندو. اوھان صاحبن مان جيڪڏهن ڪن صاحبن جو اڃا بہ خيال آهي تہ فقط ماڊيول پوڻ ڪري واهن جي پڇڙين کي بئراج کلڻ کانپوءِ بہ پاڻي ملندو تہ اهي صاحب مھرباني ڪري اهو خيال لاهي ڇڏيو. جيڪڏهن خود پاڻي ڪونہ هوندو تہ پوءِ ماڊيول ڪٿان پاڻي پيدا ڪندا انھيءَ خيال ڪري ڇھن ورهين کان منھنجي ڪوشش ڪائونسل ۾ اھا هئي تہ اول سرڪار ڦليليءَ ۾ پاڻي ميسر ڪرڻ جو بندوبست ڪري ۽ پوءِ واهن تي ماڊيول وجهي. هر سال سرڪار کي ماڊيول وجهڻ جي خيال تان پئي لاٿو سين مگر افسوس اٿم تہ اوھان صاحبن جي خيالن ۾ گذريل سال ڪجهہ اختلاف ٿيڻ ڪري سرڪار کي همت اچي ويئي ۽ ڦليلي آئندہ پوري پاڻي آڻڻ جي ڳالھہ تہ اتي جو اتي رهجي ويئي ۽ اسان جي سخت محنت هوندي بہ سرڪار ماڊيولن جي رٿ پاس ڪرائي. منھنجي راءِ اڃا بہ اھا آهي تہ ڦليليءَ جا سڀ زميندار گڏجي اھا طلب ڪن تہ بئراج جي کلڻ ڪري ڦليليءَ ۾ پاڻيءَ جي شڪست ٿيندي تنھن تي سرڪار ڦليلي واھہ ۾ پاڻي آڻڻ جو بندوبست ڪري، ڇو تہ ربيع جي موسم ۾ ڦليليءَ ۾ پاڻي اصل ڪونہ هوندو. خريف ۾ ايترو ٿورو هوندو جو هرلامس وهي سگهندا. اڃا بہ وقت ڪونہ ويو آهي جيڪڏهن اوهين ڪوشش وٺندا تہ اوھان صاحب جي لاءِ انھي بابت ڪجهہ ڪم ڪرڻ آسان ٿي پوندو.
11. ماڊيول پوڻ کان پوءِ بہ جو درياھہ ۾ ايترو پاڻي هئڻ هوندي بہ ڪڙين ۽ شاخن جي پڇڙين ۾ پاڻي يا بلڪل گهٽ اچي ٿو، تنھن بابت جن زميندار مون کي احوال موڪليو هوسي لکپڙهون ۽ تار سرڪار ۾ پيش ڪيون آهن ۽ سرڪار انھن بابت جاچ ڪرائي رهي آهي. آءٌ اوھان صاحبن کي يقين ٿو ڏياران تہ اوھان صاحبن جا اهنج آءٌ پنھنجا اهنج ڪري ٿو سمجهان ۽ انھيءَ کان وڌيڪ ڪجهہ وڌيڪ چوڻ جي شايد نہ آهي.
12. بئراج جي زمينن جي تقسيم بابت جو ڪائونسل جي ميمبرن ڪائونسل ۾ جوش پيدا ڪيو تہ سنڌ جي زميندارن کي بئراج جي زمينن ڏيڻ ۾ سرڪار ڪابہ مروت وغيره ۾ ڪانہ ڪري، بلڪہ سنڌ کان ٻاھر جيڪي ملڪ کيرا ۽ رتنا گري ضلعا آهن، تن مان ماڻھو کيتي لاءِ جيڪي ملڪ ۾ آڻي هت آباد ڪري، تنھن جي مون مخالفت ڪئي آهي ۽ هنن کي انھيءَ ۾ ڪاميابي ملي. انھيءَ کانسواءِ نوبت ۽ مھاڳن واري زمين ڏيڻ ۾ جا سختي سرڪار قسطن وٺڻ ۾ ڪري ٿي، لهرائڻ ۾ ڪوشش پئي ورتي اٿم. ڍل جي هٽائڻ جي فائدي ۾ رهيو آهيان ۽ انھيءَ جو مثال اهو ٽنڊي ڊويزن ۾ جو ڍلن جو نرخ وڌايو پئي ويو سو وڌڻ نہ ڏنو ويو.
13. زميندارن جي جيڪا زمين نوبت ۾ ويل هئي، سا موٽائي ڏيڻ کان سرڪار پئي نٽايو. آخر انھي تي ويچار ڪرڻ لاءِ سرڪار کان هڪ ڪاميٽي مقرر ڪرائيسين، جنھن جو آءٌ بہ ميمبر هوس، سرڪار اسان جون سڀ رٿون قبول نہ ڪيون، پر جيڪي بہ ٿورو گهڻو انھن نتيجو نڪتو تنھن مان اوھان صاحبن ڏٺو آهي تہ انھن کي فائدو ٿيو آهي.
14. ٻوڏين ڪري يا برساتين ڪري جڏهن بہ نقصان سنڌ ۾ ٿيو آهي، تڏهن مون بروقت ئي ڪائونسل ۾ سرڪار کي مدد لاءِ پڪاريو آهي. افسوس اٿم تہ گذايل سال سرڪار ٻوڏين جي ستايلن ماڻھن جي مدد جو ڪم ڪاميٽين کي سپرد ڪيو، جنھن ڪري منھنجي نظر ۾ حقدارن کي پورو حق نہ مليو، انھيءَ تي مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو جو مون ڪائونسل ۾ انھيءَ بابت سخت پڪاريو، جنھن جو نتيجو اهو نڪتو جو هن سال سرڪار اهو ڪم ورتي پنھنجي هٿ ۾ کنيو آهي ۽ ڪاميٽين کي سپرد نہ ڪيو اٿس.

سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائي
15. سنڌ جي جدا ٿيڻ بابت آئون اهو عرض ڪندس تہ ڪائونسل ۾ ستن ورهين کان آئون انھيءَ بابت طلب ڪريان پيو ۽ منھنجو خيال آهي تہ سنڌ جلد ڌار ٿيندي.
16. اهو اوھان صاحبن کي ٻڌائڻ ضرور ٿو سمجهان تہ سائمن ڪميشن سان گڏ وهڻ لاءِ بمبئي ڪائونسل جيڪا ڪاميٽي مقرر ڪئي هئي تنھن تي ميمبر ٿي رهڻ کان مون پاڻ انڪار ڪيو جو مون ڏٺو تہ اوھان صاحبن ساڻ گهڻن جو اهو رخ هو جيڪڏهن آئون انھيءَ ڪميٽيءَ تي وڃان ھا تہ اتي مان سنڌ جي جدا ٿيڻ بابت چوڻ يا لکڻ کان ڪونہ روڪجان ھا.
17. بئراج جي حدن ۾ جيڪي مسجدون سکر ضلعي ۾ شھيد ٿيون هيون سي مون پاڻ وڃي ڏٺيون هيون ۽ حضرت مولانا مولوي تاج محمد صاحب امروٽي مرحوم مغفور جي حڪم ۽ هدايت موجب پنھنجي اسلامي عقيده موجب انھن جي تعمير لاءِ مون ئي اول اڪيلي سوال پئي وڌا ۽ هميشہ ڪوشش پئي ورتي. شڪر الحمد الله جو آخر متفقہ ڪوشش بعد ھاڻي انھيءَ دل ڏکوئيندڙ معاملي جو خير خوبي سان فيصلو ٿي ويو آهي.

نوڪريون
18. نوڪرين وٺرائي ڏيڻ بابت فقط ايترو چوندس تہ جڏهن بہ ڪنھن مسلمان مونکي پنھنجي مدد ڪرڻ لاءِ چيو آهي تہ مون گس گساءُ ڪونہ ڪيو آهي ۽ جيڪي منھنجي وس پڄندي هن لاءِ مون کان ٿيو آهي تنھن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪنھن ستايل سرڪاري نوڪر مون سان پنھنجو احوال ڪيو آهي تہ هن سان همدرديءَ سان هلڻ ۾ ڪوتاهي نہ ڪئي اٿم ۽ جيڪڏهن ڪنھن مسلمان ٻار تعليم وٺڻ لاءِ چاھہ ڏيکاريو آهي تہ انھيءَ ٻار سان بہ مدد پئي ڪئي آهي.
19. افسوس اٿم تہ چونڊ هئڻ ڪري مٿيون بيان مونکي لکڻو پيو آهي نہ تہ منھنجي اصل مرضي نہ هئي تہ هي اظھار حال اوھان صاحبن روبرو پيش ڪريان. ڇاڪاڻ تہ اوھان صاحبان مان گهڻا ھاڻ مون کان واقف ٿي ويا آهن ۽ اوھان صاحب خود پنھنجو خيال ووٽن بابت بھاري سگهو، پر دوستن جي صلاح ملي اٿم تہ آئون پنھنجو عرض اوھان صاحبن جي روبرو پيش ڪريان تنھن کان هي سٽون خدمت ۾ موڪليان ٿو.

آخر ۾ عرض
20. جيڪڏهن اوهين صاحب “انصافي“ اندر موجب سمجهو تہ آئون اوھان صاحبن جي خدمت جي لائق آهيان تہ پوءِ اوھان صاحبن کي عرض ڪريان ٿو تہ ان ڪري پنھنجا ٻئي ووٽ مونکي ڏيڻ فرمائيندا هن سال مقابلو اڳين سالن کان بہ وڌيڪ آهي.
21. آئون سڀني ووٽرن صاحبن وٽ حاضر ٿي نہ ٿو سگهان، تنھن ڪري از روءِ همدردي منھنجي اھا سھو بہ معاف ڪرڻ فرمائيندا.
22. منھنجو نشان هن دفعي ”وڻ“ جو آهي انھي ڪري مون کي مھرباني ڪري ٻہ منڌئيڙا ڏيڻ فرمائيندا جيئن ڏيکاريل آهي.
23. مون جيڪي مٿي عرض ڪيو آهي، سو فقط انھن ڪمن بابت آهي جيڪي ٿي چڪا آهن ۽ جي بحث هيٺ آهن. باقي ٻيا سوال وغيره جي پيش ڪيا اٿم يا آئندہ ڪائونسل ۾ پيش ڪرڻا اٿم، تن جو بيان ڪندس تہ هيءَ وڌي وڏو ٿيندو.
24. پڇاڙيءَ ۾ منھنجو عرض آهي تہ هيءُ عريضو پڙهڻ مھرباني ڪري تڪليف معاف ڪري ٻين ووٽرن صاحبن کي پھچائڻ فرمائيندا ۽ پڙهي ٻڌائڻ فرمائيندا تہ احسانمند رھندس.
25. منھنجي طرفان موٽر، گاڏيءَ وغيره جو بندوبست نہ آهي، تنھنڪر ي مھرباني ڪري تڪليف معاف ڪر ي ووٽ ڏيڻ جي جاءِ تي پاڻھي وڃي ووٽ داخل ڪري مون کي ممنون ڪرڻ فرمائيندا. والسلام.

حيدرآباد سنڌ
آگسٽ 1930
خاڪسار نور محمد وڪيل


(خان بھادر نور محمد لاکير جي اليڪشن ۾ مھم لاءِ شايع ٿيل تقرير 1930ع)

سنڌين جي تعليم: نور محمد وڪيل

هن وقت پرائمري تعليم جو انتظام ڪيترن ئي لوڪل باڊيز جي اختيار هيٺ هلي رهيو آهي، جن کي ”لوڪل اٿارٽيز“ چيو وڃي ٿو ۽ اهو 1923ع جي پرائمري واري تعليمي قانون ۽ اُتي ٺاهيل ضابطن ان جي وڌيڪ ذيلي حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي، جن ۾ اسڪول بورڊ ۽ حڪومت جي مدد سان ملان اسڪول شامل آهن. ثانوي تعليم پڻ اعليٰ حڪومت جي سوچ جو مرڪز آهي،پر ان جي پاليسين، اصولن يا طريقن ۽ مقصدن ۾ ڪو رابطو ۽ هم آهنگي نہ آهي. سڄي نظام ۾ فني تعليم جو مڪمل فقدان آهي.
تعليم هڪ ڊگهي عرصي کان منتقليءَ جو موضوع رهيو آهي. ان جي سمورن شعبن ۽ سرگرمين کي ”سنڌ ايجوڪيشن ايڪٽ“ جي ھدايت هيٺ ”مرڪزي بورڊ آف ايجوڪيشن“ جي معرفت هلائڻ گهرجي. ان ڪري ضرورت آهي تہ نئون ”سنڌ ايجوڪيشن ايڪٽ“ آندو وڃي ۽ نئون ”سنڌ ايجوڪيشن بورڊ“ قائم ڪيو وڃي. اهو بورڊ وڏين لوڪل اٿارٽيز جي نمائندن تي مشتمل هجي، جنھن ۾ تعليمي شھرت رکندڙ ڪجهہ اهم ماڻھن کي شامل ڪيو وڃي. ان جي جوڙجڪ ڊگهي نہ هجڻ گهرجي. ان ۾ هڪ پگهاردار سيڪريٽري مقرر ڪيو وڃي. تجويز ڪيل بورڊ مختلف لوڪل اٿارٽيز جي وسيلن کي وڌائڻ لاءِ متفقہ پاليسي جوڙڻ جو ذميوار هجي. ان کي ڪلاس- 1 جي آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جي حوالي سان سفارشي اختيار هجڻ گهرجن. تجويز ڪيل نئون بورڊ اهڙيءَ طرح عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ مضبوط رابطا قائم ڪرڻ جو ڪردار پڻ ادا ڪري سگهندو.
مرڪزي بورڊ جي ڪمن کي ڪاميابيءَ سان سرانجام ڏيڻ خاطر 12 مھينن لاءِ هڪ خاص آفيسر مقرر ڪيو وڃي، جيڪو حڪومت ۽ مرڪزي بورڊ لاءِ تعليم جي ابتدائي سروي موجودہ حالتن (حقائق، انگن اکرن ۽ ماليات) بابت جامع رپورٽ پيش ڪري ۽ ٻڌائي تہ ڇا ڪرڻ ۽ ڪيئن ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان رپورٽ جي آڌار تي نصاب لاءِ ضابطن ۽ قاعدن جو حتمي مسودو جوڙيو وڃي. اندازو آهي تہ ان مقصد لاءِ اٽڪل 10,000/- رپيا گهربل هوندا ۽ ان خرچ کي جائز سمجهيو وڃي.

اسڪولن جا انتظامي معاملا
موجودہ ٻٽي نظام کي ختم ڪيو وڃي. ان جي بدران، سڀني قسمن جي پرائمري، سيڪنڊري، اعليٰ، ٽيڪنيڪل ۽ عورتن جي تعليم لاءِ هڪ واحد ڪنٽرولنگ ايجنسي کي تسليم ڪيو وڃي. جيڪڏهن اهو قبول ڪيو وڃي تہ سڀئي ملان اسڪول لازمي طور تي مقامي اختيارين جي خاص ڪوڊ تحت ۽ سڀني ڇوڪرين جا اسڪول عورتن جي انسپيڪشن ايجنسي جي طرفان منظم ڪيا وڃن. ان سلسلي ۾ هيٺين پوسٽن جي ضرورت ختم ٿي ويندي:
1. DPI جو ذاتي اسسٽنٽ
2. مسلمانن جي تعليم لاءِ سينيئر اسسٽنٽ ڊپٽيز جون 3 پوسٽون.
3. 9 اسسٽنٽ جون پوسٽون نمبر 2 کان مٿي.
4. 8 D.P.I. لاءِ پرسنل اسسٽنٽ، ان جي بدران
(1) ڊي پي جي اسسٽنٽ جي پوسٽ. 1. مسلمانن جي تعليم لاءِ بنگال پريزيڊنسيءَ وانگر تي ٺاهي وڃي.
(2) انسپيڪٽرز آف اسڪولز جون 2 پوسٽون، هڪ اپر لاءِ ۽ هڪ لوئر سنڌ لاءِ هر هڪ لاءِ 2 اسسٽنٽ.
(3) پوسٽن نمبر 2 ۽ 3 جي خاتمي سان مقامي اختيارين جي خدمت ۾ سپروائيزرن جي تعداد ۾ ڪجهہ اضافو ڪرڻو پوندو.
ان سلسلي ۾ باقاعدہ قاعدہ ۽ ضابطا ٺاھڻا پوندا، جن سان انتظام کي بھتر نموني هلائي سگهجي. بھرحال ان ڳالھہ تي غور ڪرڻ ضروري آهي تہ ھاءِ اسڪولن جي هيڊ ماسترن، هيڊ انسپيڪٽرز آف اسڪولز، پرنسيپالن، ٽريننگ ڪاليجن ۽ انسپيڪٽرن جي پوسٽن کي لوڪل اٿارٽيز جي اسسٽنٽ آفيسرن جي برابر ساڳئي ڪيڊر ۾ آڻڻو پوندو.
مختلف آفيسن ۾ سمورن اسسٽنٽ جي پوسٽن تي مرد ۽ عورت جا الڳ الڳ ڪلاس هوندا، ڪلريڪل، تدريسي ۽ معمولي اسٽاف جي سار سنڀال جي ذميواري لوڪل باڊيز وٽ هجي. ڪلاس I جا آفيسر حڪومت طرفان سفارش ڪيل ”سنڌ ايجوڪيشن بورڊ“ پاران مقرر ڪيا وڃن ۽ ڪلاس II آفيسرن جي سفارش لوڪل اٿارٽيز ڪري ۽ ڊي پي آءِ پاران مقرر ڪئي وڃي. انھن جي بدلي ۽ عارضي مقررين لاءِ ضابطا جوڙيا وڃن.

پاليسيون
جيترو ممڪن ٿي سگهي تہ پرائمري اسڪولن ۽ اعليٰ تعليم ۾ گرانٽ اِن امداد جي سرشتي جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. عوامي همدردي ۽ حمايت تمام وڏي پيماني تي دستياب ٿيڻ گهرجي. ھاءِ اسڪول ۽ پرائمري اسڪول، جيڪي صحيح نموني ڪم نہ ڪري رهيا آهن، انھن کي يا تہ بند ڪيو وڃي يا گرانٽ ۽ امداد واري نظام ۾ منتقل ڪيو وڃي.
تعليمي ڪتابن جي هڪ خاص مرحلي تي، مناسب حد تائين پيشيور سکيا جو بہ بندوبست ڪيو وڃي تہ جيئن شاگردن جي لاءِ باعزت روزگار جو بہ بندوبست ٿي سگهي. پرائمري تعليم جي دائري ۾ 75 يا ان کان وڌيڪ شاگرد رکندڙ اسڪولن کي برقرار رکڻ لاءِ في شاگرد کي 15/- رپيا جي لاڳت سان مقرر ڪيو وڃي تہ جيئن اسڪولن ۾ معاشي استحڪام اچي سگهي. ان کان علاوھ سڀني پرائمري اسڪولن کي (1) پھرئين درجي جي اسڪولن ۽ (2) ٻئين درجي جي اسڪولن ۾ ورھايو وڃي، يعني جيڪي مقامي نصاب تائين پڙهن ٿا، انھن کي صرف 4 يا 5 معيارن تائين ختم ڪيو وڃي.

ٻيون صلاحون
هن وقت جيڪي قيمتي سرڪاري پلاٽ ڊي. پي. او آفيس جي قبضي ۾ آهن، انھن کي عوام کي وڪرو ڪيو وڃي ۽ آمدني مان سيڪريٽريٽ گرائونڊ ڀرسان سرڪاري زمين تي نئين آفيس قائم ڪئي وڃي. ڏٺو وڃي تہ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ڪراچيءَ جي بہ ھاڻي ضرورت نہ رهي آهي ڇو تہ سرڪاري ادارا مختلف علائقن جي ضرورتن کي اطمينان سان پورو ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اهو تسليم ڪيو وڃي تہ ان زمين جي ٽڪري مان لکين پئسا ڪمائي سگهجن ٿا.
مقامي يا ٻين صنعتن ۾ٽيڪنڪيل تعليم جو هڪ نيٽ ورڪ قائم ڪيو وڃي، جنھن سان نصابي تعصب يا ڪلاسن جي سکيا سان جڙيل ڳوٺاڻن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ ڊگهو رستو ملي پوندو. ان ڪم ۾ هڪ ننڍڙي ھاسٽل، عوامي مدد ۽ ٿوري اسڪالر شپ جي ضرورت پوندي. ان سلسلي ۾ هڪ انسپيڪٽر آف انڊسٽري جي پوسٽ جي وڌائڻ جي ضرورت پوندي. ڪراچي جھان وڏن مرڪزن ۾ اعليٰ قسم جي صنعتن ۽ ڪمرشل ڪلاسن ۾ اسڪالر شپ جي مدد سان ورڪشاپ ۽ فرم ۾ اپرنٽس طور پڙھائڻ سان پڙهيل لکيل ماڻھن ۾بيروزگاري جو مسئلو ڪافي حد تائين حل ٿي ويندو. المختصر جونيئر ۽ سينيئر ٽيڪنيڪل ڪلاس شروع ٿيڻ گهرجن.
جيئن تہ عورتن جي تعليم لاءِ ڪجهہ ليڊي سپروائيزرن جون مقرريون ڪرڻيون پونديون. استادن جي صحيح مقرريءَ لاءِ خاص ڪوششون ڪرڻيون پونديون ابتدائي طور تي ڇوڪرين جي تعليم رضاڪارانہ بنياد تي ڪرڻي پوندي، جڏهن ڪا مجبوري ٿيندي تہ عورتن جي انسپيڪشن ايجنسي عمل ڪندي.

(نور محمد لاکير 2 مئي 1937ع تي لکيل تعليم جي سلسلي ۾ آخري مضمون جو سنڌي ترجمو)

خط

---

ميرپور خاص مان محمد ھاشم مخلص خط، 20 اپريل 1920ع

دفتر اخبار “مسلمان”
ميرپور خاص، 20 اپريل 1920ع
جناب من
بھتر ڪيس مئجسٽريٽ نہ رکيو. وڪيل منھنجو ڪوبہ ڪونہ هو. درخواست ڏنم تہ غلام حسين جي تار بہ آئي، پر تڏهن بہ انڪار ڪيائين. ڪيس هلائي جانچ رکي اٿس، شنوائي بہ 20 جولاءِ تي رکيل آهي. سنڌ مدرسي واري ايڊيٽر لاءِ قاضي عبدالقيوم جي ڪوشش سان ڪيترا ھندو ۽ مسلمان گڏجي ڪليڪٽر وٽ ويا ۽ ھاڻي گهر يا جائز قبول ڪيل درخواست وٺي موڪلي آهي. آءٌ فقط اوھان صاحبن جي انتظار ۾ آهيان اميد تہ اوھان صاحب مسٽر غلام خان حسين صاحب سان پوري طرح ملي حال احوال جو پورو بندوبست ڪري مونکي هڪدم تار جي رستي خبر ڏيندا تہ ڇا ڪريان. انھي اثر ئي رھندس. ان کان وڌيڪ جيڪي بہ اوھان صاحبن کان ٿي سگهي سا ڪوشش ڪندا. اوھان ۾ اميدون گهڻيون آهن. زياده ڇا لکان.

محمد ھاشم مخلص

ميرپور خاص مان محمد ھاشم مخلص جو خط، 22 جولاءِ 1920ع

دفتر اخبار “مسلمان”
ميرپور خاص، 22 جولاءِ 1920ع
تسليم! ڪيس 20 تاريخ تي هليو. مسٽر غلام حسين حيدرآباد کان ڪليڪٽر کي تار ڪئي تہ گاڏي اچڻ تائين ڪيس رکو ۽ مون بہ درخواست ڏني بہ پر ڪيس مھمل نہ ڪيائين. شاهد فقط فريادي هو تہ مونکي چيائين تہ فريادي کان سوال ڪر. مون چيو تہ منھنجو وڪيل پڇا ڪندو. چيائين تہ پوءِ وجهہ نہ ڏيندس. آخر چارج رکي 4 شاهد بروقت ڏٺم ۽ هت ٻي ڏينھن پھريان منظور ۽ پوئين درخواست اھا حالت آهي. ھاڻي اسان جون اکيون انھن طرف کتل آهن. جيسين اتي ڪو بلو نہ ڪنداسين ڪجهہ بہ نہ ٿيندو. مٿان اتي گهڻائي ڪم جي سڀ غريب وسري وڃن. سڄي سنڌ جون اکيون اوھان ۾ آهن. شنوائي 30 تاريخ تي رکيل آهي.
سنڌ مدرسہ وارا قاضي عبدالقيوم جي صلاح سان معافي گهرڻ ويا، پر ڪليڪٽر جواب ڏنو تہ اوھان جي وفد ملڻ سان مونکي اعتراض نہ آهي، پر جنھن صورت ۾ هڪ مسلمان اخبار بہ زير مقدمہ آهي انھي صورت ۾ هو معافي ڏيئي نٿو سگهي.
ڪالھہ رات حاجي عبدالله ھارون صاحب بہ بمبئي روانو ٿيو آهي ان ۾ گهڻي همت بھادري آهي، پر سڄو بار اوھان صاحبن تي آهي. آءٌ پاڻ اچان ھا، پر لاچار آهيان. زياده ڇا لکان.
اميد تہ اوھان صاحبن جي اچڻ تائين ڪيس مھمل ڪرايو ويندو.

محمد ھاشم مخلص

ميرپور خاص مان محمد ھاشم مخلص جو خط، 10 ڊسمبر 1920ع

10 ڊسمبر 1920ع

خط فلفور پھتو. سائين منھنجا مونکي غلط فھمي ڪانہ ٿي آهي، پر خان بھادر کي ٿي آهي. ڳالھہ هن طرح آهي تہ ان تي خان بھادر اعظم خان ۽ پير غلام شاھہ مون کي چيو تہ ھاڻي ڪوبہ مضمون مسٽر کھڙي بابت نہ لکجو. جنھن تي مون جواب ڏنو تہ باقي هڪ مضمون لکندس. تنھن تي چيائين تہ مسٽر نور محمد ۽ کھڙي وارن جي ناسازي آهي، تنھنڪري مبادا مسٽر نور محمد ڪجهہ اوھان (مخلص) کي چئي تہ اهو خيال رکندا. مون جواب ڏنو تہ مسٽر نور محمد جو هنن ڳالھين سان ڪو واسطو نہ آهي. بس انکان وڌيڪ ڪجهہ بہ نہ.
حڪم تي عمل ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهيان. مضمون بہ موڪليل آهي.

محمد ھاشم مخلص

جيڪب آباد مان مير شير محمد خان بجاراڻيءَ جو خط، 1924

جيڪب آباد سنڌ
جناب من
السلام عليڪم ورحمت الله ورحمتہ
اسان تي جيڪو ضمانت جو بار هو سو خدا تعاليٰ جي فضل ۽ رحم سان ڪالھہ تاريخ 2 نومبر 1924ع تي لاٿو ويو آهي.
جڏهن تہ اهو سڀ حال سائين جن جي ڪوشش ۽ عنايت جو نتيجو آهي ان ڪري مان صاحب جو از حد شڪرگذار آهيان. فقط خدمات لائقہ. مخلص.................فرمائيندا رھندا.

فقط
مير شير محمد خان بجاراڻي

مسٽر غلام علي جو خط، 1 فيبرور 1925ع

عاليشان رفيع مڪان قدر دان ميان نور محمد صاحب
بعد از السلام، گهڻو وقت گذري ويو آهي جو ملڻ ڪونہ ٿيو آهي. ھاڻي ٻڌڻ ۾ ٿو اچي تہ وري بمبئي ڏي وڃو ٿا، جو ڪائونسل جو سڏ آهي. اسان کي خبر پئي آهي تہ هن دفعي ڪائونسل ۾ ماستري جي اضافي جو سوال پوندو. يعني ماستري جي پگهار ۽ الائونس وڌڻ جو سوال بابت فيصلو ٿيندو. اڳي بہ اهڙو سوال پيو آهي، پر رڳو هڪ ٻن ووٽن جي ڪري ڪري پيو آهي. ھاڻي توھان کي تڪليف ٿي ڏجي تہ مھرباني ڪري اهو سوال پنھنجو سمجهي پاڻ ڪوشش ڪري ماسترن جي بھتري ڪندا.
اميد تہ جناب شاھہ صاحب سيد محمد ڪامل شاھہ بہ ماستري جي فائدي ۾ ڪوشش ڪندو. ۽ توھان کي بہ شاھہ صاحب جو چوڻ انھن باري ۾ ٿيو هوندو. جي اڃان ڪونہ ٿيو هوندو تہ ضرور جلد ٿيندو. اميد تہ هي ڪم توهين پنھنجو سمجهي پورو ڪندا. زياده خير.

تاريخ 1 فيبروري 1925ع
فقط
غلام علي

ايڊيٽر تنظيم اخبار جو خط، 18 فيبروري 1925ع

Khalifdad S/O H.S.S. Md
Salah Khan Bhaya
Zamidar & Editor “Tanzim”
1925-2-18
نور محمد صاحب
بخدمت جناب نور حمد
بعد السلام عليڪم جي عرض تہ اسان کي مسلم ليگ وارن وٽان خط آيا آهن تہ ليگ جا ميمبر وڌايو وغيره وغيره.
اخبارن مان معلوم ٿيو آهي تہ اوھان صاحب ليگ سان شامل نہ ٿيا آهيو ان سبب ليگ قطع تعلق تن جي هٿ آهي جنھن ڪري اسان ۽ اسان جا زميندار ظاهر ظھور ليگ ۾ شامل نٿا ٿيڻ گهرن ڇو تہ منھنجي صلاح آهي تہ جيسين اوھان پنھنجن راين کان واقف ڪريو تہ پوءِ اسان ليگ ۾ شامل ٿيون.
اڄوڪي وقت ۾ اسان پورو ارادو ڪيو آهي تہ اوھان جي پارٽي جو طرف وٺون ڇو تہ قطع تعلق سرڪار کان رعايتون گهرڻ يا حق ڇڪڻ عيب ٿا سمجهن ان سبب اوھان جي هٿ ۾ ئي ليگ هئن گهرجي.
جواب کان جلد مسرور ڪندا.

نياز مند
...........
نوٽ: صحي ڪندڙ جي نالي خبر پئي نہ سگهي.

ڪراچيءَ حاجي عبدالله ھارون جو خط 6 جنوري 1926

نيپير روڊ
ڪراچي 6 جنوري 1926

بعد اسلام عليڪم اوھان جي بمبئي ڪائونسل ۾ چونڊجي وڃڻ تي آءٌ اوھان کي مبارڪباد ڏيندي رب العالمين جي درگاھہ ۾ دعاگو آهيان تہ اوھان کي ۽ اسان مان هر هڪ کي خدا تعاليٰ جلشانہ، اهڙي قابليت همت ۽ توفيق عطا ڪري جو اسان مان هر هڪ ڪائونسل ميمبر ڪائونسل ۾ سرڪار جو ڪو خيال نہ رکي انھن پنھنجن ڀائرن جي فائدي ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪري جن اسان کي پنھنجو عيوضي چونڊيو آهي. ملڪ جي موجودہ حالت کان اوھان چڱي طرح واقف آهيو. اڄ عوام الناس بي حسي ۽ غفلت جي انڌوڪار مان نڪرڻ لڳا آهن ۽ ايتري قدر بيدار ٿي ويا آهن جو هر هڪ ليڊر ۾ ملڪ ۽ قوم جي ڀلي لاءِ ڪوشش ڪرڻ جي اميد رکن ٿا. جيڪڏهن اسين ايندڙ ٽن سالن ۾ عام ماڻھن جي راين ۽ دلي خواهشن موجب ڪائونسل جي ڪارروائي نہ هلائينداسين تہ آءٌ يقين سان چئي سگهان ٿو تہ اسان کي وري انھن ووٽرن جي اڳيان ڪنڌ بہ مٿي ڪرڻ جي همت نہ ٿيندي جن هن دفعي اسان کي پنھنجو عيوضي چونڊيو آهي. پنھنجي قوم ۽ ملڪ جي ترقي بنسبت ضرور اوھان جي دل ۾ بہ گهڻو خيال هوندو، پر ڪاميابي جي واسطي ضروري آهي تہ اسين جدا جدا خيالن پچائڻ ۽ ڪوشش ڪرڻ جي بدران پاڻ ۾ گڏجي تبادلہ خيالات ڪري اتفاق قائم ڪري متفق راءِ سان ملي ۽ قومي مسئلن تي غور ڪريون ۽ خاص ڪري سنڌي ضروري امورات کي سمجهون.
سکر بئراج ۽ مسلمانن جي تعليم بابت تہ خاص ڪري اوھان کي گهڻو انتظار هوندو. منھنجي خواهش آهي تہ اسين سڀ سنڌ جا بمبئي ڪائونسل جا ميمبر ڪائونسل جي اجلاس کان اڳ پاڻ ۾ هڪ هنڌ گڏجي صلاح مصلحت ڪريون. اوھان کي خبر هوندي تہ بمبئي ڪائونسل جو پھريون اجلاس بمبئي ۾ 18 فيبروري 1924ع تي ٿيندو. جيڪڏهن اوھان کي اهو خيال پاڻ ۾ هڪ هنڌ گڏجڻ جو پسند هجي تہ مھرباني ڪري خبر ڏيندا تہ ڪٿي ۽ ڪڏهن اهڙي پنھنجي ميٽنگ ڪوٺائڻ جي اوھان جي راءِ آهي.
ٻيو تہ نياز مند ڳچ عرصي کان مسلمانن جي تعليم واسطي اهو ضروري سمجهي رهيو آهي تہ مسلمان ٻارن کي پڙھائڻ واسطي خاص ڪتاب تيار ڪرايا وڃن.
خدا جي مھرباني سان اهو ڪم هٿ ۾ کنيون ويو آهي ۽ ٻاراڻو ڪتاب ڇپجي تيار بہ ٿي ويو آهي. ٻيا ڪتاب بہ ڪي تيار آهن ۽ ڇپجي رهيا آهن ۽ ڪي تيار پيا ٿين. اهي ڪتاب حال في الحال سنڌ جي سڀني قومي مدرسن ۽ مڪتبن ۾ جاري ڪيا ويندا. اڄ اوھان جي ملاخطي لاءِ ٻاراڻون ڪتاب موڪليان ٿو ۽ اميد تہ انھي ۽ اهڙن ڪتابن کي وڌيڪ ڪارائتي بنائڻ لاءِ اوھان پنھنجي راءِ موڪلڻ سان ممنون ۽ مشڪور ڪرڻ فرمائيندا.
ٽيون تہ اڄ تائين سنڌي زبان ۾ سياست جو ڪوبہ اهڙو ڪتاب ڪونہ آهي جو موجودہ حالتن ۾ پڙهي فائدو وٺي سگهجي. تازو “ڪمال ۽ زوال” جي نالي سان اهڙو هڪ ڪتاب ابوالحامد جناب مولانا مولوي حڪيم فتح محمد صاحب سيوستاني جو تصنيف ڪيل شايع ٿي چڪو آهي جنھن جي هڪ ڪاپي بہ تحفي طور ٽپال رستي اوھان کي موڪلجي ٿي جو اميد تہ قبول ڪر ي ممنون ڪندا. هن ڪتاب جي پڙهڻ سان اوھان چڱي طرح محسوس ڪندا تہ دنيا ۾ وقت بوقت وڏا انقلاب ٿيندا رهيا آهن ۽ قدرتي قانون موجب اسان جي ملڪ ۾ بہ هن وقت ڪنھن وڏي انقلاب جا آثار نمودار آهن جنھن لاءِ اڳواٽ تيار ٿي رهڻ ۾ هن ڪتاب جو مطالعو اميد تہ اوھان کي گهڻي مدد ڏيندو.

زياده خيرالسلام
نيازمند
حاجي عبدالله ھارون

حيدرآباد مان نور محمد جو جناب ابراهيم ڏانھن خط، 29 فيبروري 1927ع

بخدمت فيض صاحب جناب ابراهيم قبلہ
بعد آداب قبول جي عرض تہ اوھان جو تاريخ 17 وارو خط ڪالھہ هتي پھتو. مونکي اڳيون خط اوھان جو اصل ڪونہ پھتو آهي. ڪالھوڪو خط ئي ميسر اٿم. آءٌ انشاء الله تعاليٰ پھرين يا ٽين تاريخ اچڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪندس. اڪيلو ايندس.
شڪر الحمد الله اوهين ھاڻي بھتر ٿيا آهيو. مون کي اوھان جي طبيعت جي ناساز ٿيڻ جي خبر پئي ڪالھہ شام جو خط اچڻ تي پئي.
ٻين جن ڳالھين جو احوال اوھان خط ۾ ڪيو آهي تن لاءِ اوهين خودمختيار آهيو. آئيندہ جي خبر نہ اوھان کي ٿي سگهي ٿي ۽ نہ مونکي. تنھنڪري پڪو پختو ڪم ڪرڻ هميشہ چڱو آهي. اوھان کي تہ خبر آهي تہ آءٌ طمعي نہ آهيان. نہ ٻين جي دولت کي ڏسي حسد ٿيندو اٿم ۽ نہ پنھنجي غريبي تي ڏک ٿيندو اٿم.
هميشہ خدا کان اهو گهرندو آهيان تہ خدا فقط ايترو ڏيئي جو ڪنھن مائٽ جي بہ مدد جو محتاج نہ ٿيان. خدا ڪارساز آهي ۽ منھنجو هميشہ کان انھي تي ڀروسو آهي.
فقط مرڻ گهڙيءَ تائين اهو ڏک رھندم تہ ڪنھن ڪنھن وقت اوهين تمام سخت هلت وٺو ٿا، پر شايد ضعيف عمر ۾ منھنجو بہ اهو حال ٿئي جو ھاڻي ئي ڪڏهن ڪڏهن آءٌ پاڻ خود ننڍين ننڍين ڳالھين ۾ حد کان ٻاھر هليو ويندو آهيان ۽ انھي وقت گذرڻ کان پوءِ خيال ايندو اٿم تہ اهو شايد اوھان جي وڏن کان وٺي اسان ۾ ڪو اثر هليو ٿو اچي جنھن لاءِ پاڻ تي ڏوھہ ڪونہ مڙهيندو آهيان.
اوھان کي تہ اڳيئي تجربہ آهر تہ اوھان جي مالي ڳالھين ۾ آءٌ اصل دخل نہ ڏيندو آهيان ۽ نہ ڏيندس، رهيو خط جو سوال سو مون ايمانداري سان چيو آهي تہ مونکي اصل ڪونہ مليو آهي. خبر نہ آهي تہ مسٽر محمد رمضان خط پاڻ وڌو هو يا ٻئي ڪنھن کي وجهڻ لاءِ ڏنو هو. مونکي تہ شڪ آهي تہ خط اصل ڪونہ موڪليو ويو آهي.
اوهين ٻئي مائٽ پاڻ ۾ انھي ڳالھہ جو فيصلو ڪيو.

والسلام
خادم نور محمد
حيدرآباد
29 فيبروري 1927ع

سکر مان خط، 10 فيبروري 1927ع

بہر جا کہ ہاشمی خدا یار تو
محمد صہ ہمیشہ نگہدار تو
نور محمد شريف مڪرم معظم محترم صاحب
تسليم بصد تعظيم!
سکر ۾ ڪيئي مسلمان مون وٽ آيا آهن تہ سيٺ عبدالله ھارون جيڪي اشتھار موڪليا آهن تن لاءِ ڪھڙي مدد ڏيڻ گهرو ٿا، مون کي بہ ٻہ دفعا اشتھار سان گڏ سيٺ صاحب لکيو آهي تہ سکر ۾ ڪانفرنس گڏ ٿيڻ جو بندوبست ڪريو. انھيءَ سوال تي مان راءِ زني ڪريان تنھن کان اول اوھان جي اجازت گهربل آهي ڇو تہ منھنجي اھا خواهش آهي تہ قوم جو ڪم اوھان جي صلاح سان ٿيڻ گهرجي. اڄ ڪالھہ ناموري جي خيال سان ڪانفرنس گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي يا سچ پچ عمل پيرايو بہ ٿيندو.
ديوان ڀوڄسنگهہ صاحب مون تي زور وڌو آهي تہ بمبئيءَ هل آرتوار ڏهين صبح جو هلڻ جو خيال ڪيو اٿس، انھي لاءِ مون شاھہ صاحب ۽ اوھان صاحبن کان صلاح پڇان ٿو. مون شاھہ صاحب جي نالي خط موڪليو آهي، پر شاھہ صاحب حيدرآباد ۾ هجي يا نہ تنھنڪري انھن جي خدمت ۾ لکيل خط بہ اوھان صاحبن جي خط ۾ عرض رکان ٿو. شاھہ صاحب جي خط مان سڀ حال روشن ٿيندو جدا احوال لکڻ جي ضرورت ڪانھي. هن پاسي جي ميمبرن کي راضي ڪيو ويندو، پر اوھان صاحبن جي راءِ کان سواءِ آءٌ قدم نہ کڻندس. ڪوشش ڪجي تہ سڀ ميمبر قوم جا يڪ مشقت هجن.براه نوازش شاھہ صاحب جو خط پڙهي جيڪي صلاح لکو ان تي عمل ڪريان.
شاھہ صاحب جي خطن ۾ سندن نالي جو عريض و پيش ڪندا. جواب فرمائيندا خط ۾ ڪا خدمت لائق کان مسرور فرمائيندا.

10 فيبروري 1927ع
تابعدار
......
از سيڪريٽري
سکر

محمد اسلم خان اميد آهي تہ حيدرآباد پھتو هوندو کين منھنجا سلام رسن.
پڻ طلاع بخشيندا تہ
اوھان ۽ شاه صاحب جن ڪھڙي تاريخ حيدرآباد مان بمبئي ڏانھن تشريف فرماٿيندا؟

نوٽ: صحي ڪندڙ جي نالي خبر پئي نہ سگهي.

سکر مان جو خط، 10 فيبروري 1927ع

عمرت دراز باد تا دور مشتري
از تو برخوريم تو از عمر برخوري
بخدمت جناب مڪرم معظم صاحب

تسليم بصد تعظيم!
نوازش نامو پھتو خد اتعاليٰ اوھان جي عمر ۽ اقبال ۾ برڪت ڏي.
مون کي اڳ ئي گمان هو تہ حاجي عبدالله ھارون پاڻ کي ساري سنڌ جو ليڊر سڏائڻ ٿو گهري اسان اشھد راضي، خدا کيس توفيق بخشي جو سچي محبت سان هن پست پيل قوم جي خدمت ڪري پوءِ ڀل مخدوم ٿئي. مون مسٽر غلام نبي اسسٽنٽ ايڊيٽرز زميندار اخبار کان هڪڙو خط لکائي کيس موڪليو آهي، جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آهي تہ سنڌ ۾ محمدن ايسوسيئشن اڳ ئي آهي جنھن جو پريزيڊنٽ خان بھادر شاھہ نواز خان ۽ سيڪريٽري خان بھادر ولي محمد آهي، پر ٻيا معزز ماڻھو هن جا ميمبر آهن. اوھان کي کپي تہ انھن کي پاڻ سان گڏيو ۽ هم صلاح ٿي ڪم ڪريو. هن ڳالھہ کان اسان انڪار ڪري نٿا سگهون تہ محمدن ايسوسيئيشن ائين ستل آهي، چارون طرف دشمن حملا ڪري رهيا آهن، تن جو تدارڪ ضرور ڪرڻ گهرجي، پر ايئن نہ ٿئي جو خود قوم جو شيرازه منتشر ٿي پوي. اهو سندس ڌيان تي آندو آهي تہ هن موقعي تي ايم. ايل. سي ميمبر موجود نہ هوندا سڀ ڪائونسل ۾ رڌل هوندا. پوءِ اهي تاريخون ڪھڙي خيال سان مقرر ڪيون ويون آهن.
ٻيو بہ گهڻو ڪجهہ لکيو ويو آهي، مگر اوھان جواب ڪونہ ڏنو اٿس. اهي ڏسي رهيا آهيون تہ هي الوحيد جا ڪارڪن پرچا ڏئي رهيا آهن. 20 تاريخ ميٽنگ ڀل ٿئي.کائن سڀ سوال ڪيا ويندا. انجمن اسلام جي ميٽنگ رات ڪوٺائي وئي هئي. پر آءٌ ۽ پيرزاه اسٽيشن تي خان بھادر جان محمد سان ملڻ ويا هئاسين. بھادر جان محمد خان کي بہ اهو عرض ڪيو ويو تہ ڪو مسلمان ڪامياب ٿئي تہ زهي نصيب، پر جيڪڏهن مسلمان کي چانس نہ هجي تہ هي سنڌ جو ھندو چڱو ٻين زهري ھندن کان. باقي احوال پوءِ عرض رکندس. اوھان جيڪي صلاحون ڏيو سي لکندا رھندا تہ ڪانفرنس ڪوٺائڻ وارن جا ڪن کڙا ڪيا وڃن.

10 فيبروري 1927ع
تابعدار
.......
محمد شريف حضرت شاھہ صاحب
آداب اقدام بوسي مروض باد

نوٽ: صحي ڪندڙ جي نالي خبر پئي نہ سگهي، پر امڪان آهي تہ اهو خط عبدالحميد خان جو لکيل هجي.

سکر مان خط، 13 فيبروري 1927ع

محمد عرس شريف جناب ڪرم معظم نائب
تسليم بصد تعظيم!
هن حقير هن کان اڳ نياز نامون اوھان صاحبن ۽ شاھہ صاحب کي عرض رکيو آهي تنھن ۾ سمورو احوال عرض رکيو اٿم اميد تہ قبول فرمايو هوندو. هينئر موقعو آهي تہ سنڌ جي صوبي کي بہ وارو ملي. پريزيڊنسي وارن جي سنڌ سان همدردي ڪانھي اوھان سڀ شڪ شبہ دور ڪري هن صاحب کي ڪامياب ڪندا. آءٌ پاڻ اچي حاضر ٿيان ھا، پر منھنجي ڀاءُ کي نمونيا جو اثر ٿيو آهي تنھنڪري لاچار اچي نٿو سگهان. اڄ اوھان صاحبن جي خط جو انتظار ڪيم پر ٽپال ۾ ڪونہ آيو. اوھان جي مرضي هوندي تہ آءٌ بمبئي هلندس. ديوان صاحب پاڻ اوھان سان حيدرآباد ۾ ملاقات ڪندو ۽ اوھان هر طرح جي تسلي ڏيندو هو صاحب جيڪو انجام ڪندو سو پاڙيندو آهي مونکي خاطري آهي سندس شرافت جي خبر سکر جا سڀ مسلمان ڏيندا. ٻيو سڀ خير.

13 فيبروري 1927ع
تابعدار
.....
نوٽ: صحي ڪندڙ جي نالي خبر پئي نہ سگهي، پر امڪان آهي تہ اهو خط عبدالحميد خان جو لکيل هجي،

محمد احمد شاھہ جو خط، 15 فيبروري 1930ع

خيرپور
15 فيبروري 1930ع
بخدمت جناب مڪرم و معظم نور محمد صاحب
بعد گهڻن نيازن قد

السلام عليڪم! خط پھتو مون اڃا بمبئي هلڻ لاءِ ڪا تاريخ مقرر نہ ڪئي آهي مگر هلندس ضرور. شايد منھنجو نڪرڻ اوھان کان پوءِ ٿئي انشاءَ الله بمبئي ۾ گڏباسون. اوھان پنھنجي خير ۽ خبر کان واقف ڪندا.
خيرپور هلڻ لاءِ آئون گهڻو خواهش مند آهيان مون اوھان کي جيئن لکيو هوتہ اوھان ڪڏهن هلندو سا خبر لکندا جڏهن اوھان کان انھي بہ نسبت مونکي ڪو جواب نہ پھتو تڏهن ڄاتم تہ شايد اوھان ڪونہ ويندو. انھي حالت ڪري آئون بہ هيستائين تہ مسلم ليگ بہ نبست تہ گهڻو ڪجهہ بگيڙو ڏسجي ٿو تہ گڏ جيئن تہ ذڪر اذڪار ڪنديون تہ ميان محمد خان جي ڪم بہ نسبت مونکي گهڻو خيال آهي، پر ڪائونسل کان اڳ ان جي شايد.... تاهم ان لاءِ گهڻو ڪجهہ عرض ڪندس.
بمبئي پھچڻ بعد بمبئي جو حال احوال لکندا.
زياده خير والسلام
مخلص
محمد احمد شاھہ

نور محمد کي سندس والد محمد سجاول لاکير جو خط، 3 مارچ 1927ع

نور چشم ميان نور محمد
هت خدا تعاليٰ جي لطف سان خيريت آهي. انشاءَ الله اوھان بہ بخيريت هوندا. البت هن وقت موسم جي تبديلي سبب مونکي ٿورو زڪام آهي مگر هينئر خوش آهيان.
اوھان کي روبرو خان صاحب ميان محمد مجيب، خان صاحب کھڙي بنسبت بلڪل گهڻو تاڪيد ڪيو هو، اوھان بمبئي ۾ روبرو چوڻ لاءِ انجام ڪيو هو. ھاڻي کين روبرو چوندا تہ جنھن ماڻھو لاءِ چٺي مون ڏني هئي سا رد سمجهندا يعني غلام قادر چانڊيو جي ڀاءُ جي سفارش يا فري بورڊ لاءِ پڻ خان صاحب کين چيو آهي تہ 30 مارچ تي اچي تہ ڪم ڪري ڏبو. مگر انھيءَ اسان جون ٻہ ٽي چوريون ڪرايون آهن تنھنڪري خان صاحب کي چوندا تہ جيترا انھيءَ چانڊيي کان ووٽ آئيندہ اوھان کي ملڻا ٿيندا تنھن کان ٻيڻا ووٽ آءٌ ڏيندس. جيڪڏهن حياتي آهي تہ انشاءَ الله. مگر مھرباني ڪري انھي ماڻھو جو ڪنھن جي بہ قسم جو ڪم نہ ڪندا جو اهو تمام سخت ظالم آهي. اهڙو ظالم آهي جھڙا اخان صاحب ميان الله بخش خان ٻگهيو جا پٽ ظالم هوا. تنھنڪري اهڙي ظالم ماڻھو جو ڪنھن قسم جو طرف وٺڻ نہ گهرجي. اهو سندس ڀاءٌ وري کانئس بہ وڌيڪ ظالم آهي تہ ٿيندو تنھنڪري اهڙي ماڻھوءَ کي تعليم ڏيارڻ اهڙي آهي جھڙي نانگ جي ٻڄي جي پرورش ڪرڻ.
حال احوال روز بروز لکندا رھندا. روزانو ٽپال آڻڻ جو بندوبست ٿيل آهي. زياده خير.


3 مارچ 1927ع فقط محمد سجاول لاکير

نور محمد کي سندس والد محمد سجاول لاکير جو خط

نور چشم ميان نور محمد
احوال هن ريت آهي تہ اسان ڏانھن سڀ خير ۽ خيريت اوھان جي مطلوب. مطلب تہ توھان اخبارن ۾ بيٺل ماڻھن جي ندا ڪريو ٿا، جا ڳالھہ بھتر نہ آهي. اسان انھيءَ ڳالھہ جي برخلاف آهيون. مھرباني ڪري انھيءَ گفتگوءَ کي ھاڻي بند رکو تہ بھتر آهي. ڪوري موچي بادشاھہ مان سامھون ٿي ڪين سگهندا نڪي انھن تقريرون هلي سگهنديون. توھان منھنجي ۽ پنھنجي نقصان ۾ نہ وڃو. سنڌ جو ڪو بہ بيٺل آدمي اوھان جي راءِ سان شامل ڪونھي. اوھان جو تقريرون اجايون آهن. جھڙيءَ طرح ڄيٺمل کي بہ تيسين ليک نہ آيو تيسين پاڻ کي نہ ڦاسايائين. وقت کي ڏسڻ گهرجي. ھندستان ۾ ڪيتريون ئي رياستون آهن، جن مان ڪو بہ برخلاف ڪونھي. پير فقير سڀ صبر ۾ آهن. توھان کي خبر ناهي ڪھڙو واءُ دماغ ۾ ٿيو آهي. حيدرآباد جا وڏا برک وڪيل سڀ صبر ۾ آهن. ڪعبہ شريف ۽ روضہ شريف ڌڻي تعاليٰ جي نگاھہ ۾ آهن. انھن جو حافظ پاڻ آهي. وڌيڪ پاڻ داناءَ آهيو. اميد تہ هي ڳالھہ پوري عمل ۾ آڻي احوال کان واقف ڪندئو تہ چڱو تہ... اسان توھان جا ڪعبہ قبلا آهيون. پھرين انھن جي چوڻ موجب هلو پوءِ ٻيا ڪعبہ نظر ۾ رکو. اميد تہ ايترو لکڻ ڪارگر ٿيندو.
زياده خير. اسلام عليڪم، فقط تاريخ 3 ڊسمبر
آءٌ ڪجهہ وقت کان بيمار هوس ھاڻي تندرست آهيان. ڪوشش ڪري اوھان وٽ جلد ايندس، حا احوال لکندا.

فقط محمد سجاول لاکير

ٽنڊي باگي مان مير غلام محمد ٽالپر جو خط، 30 سيپٽمبر 1927ع

30 سيپٽمبر 1927ع
بخدمت جناب فيضياب ميان نور محمد صاحب، ايم ايل سي

بعد سلامن جي، عرض تہ شامل ليٽر جو نقل گذارش ۾ آيو. ڏسو تہ اسان کي ڪھڙي نظر ساڻ ڏسن ٿا حقيقت تہ هتان سڀ ڪجهہ ڪري پوءِ پوني روانا ٿيا آهيو. آءٌ مسڪينن ننڍڙن کاتيدارن جو دوست آهيان. هن سخت ٻوڏ ۽ غرقي جي وقت سري قدري دست ڪشادو ڪيو آهي. اسان جي تعلقي ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب، خواه مختيارڪارصاحب پنھنجي زيردستن تي تاڪيد ڪيو تہ ننڍڙن زميندارن کي هرگز نہ ستائجو جو هو اڳ ۾ مُوا پيا آهن، پر ايتري هوندي بہ انھن بي تعليم، اڻ ڄاڻ ننڍڙن زميندارن کي تپيدارن ڪامورن وغيره اڳين... وڌ مگر مطلب ڪيو.
ننڍا کاتيدار جي پنھنجن پيرن تي بيھي نٿا سگهن تن ۾ بي آرامي بہ ٿي مون کان انھن ننڍڙن کاتيدارن جي بي آراميءَ جو حال ڏسي صبر ڪرڻ روا سمجهيم تڏهن پنھنجي زميندار ايسوسيئيشن کي خبر ڏنم تہ هي حالت غريبن ساڻ ٿئي پئي. مختيارڪار ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب جي هيتري ڪوشش هوندي بہ هي ڪم بخت سنڌ جا اهي ئي اڻ ڄاڻ فرقه جا ماڻھو ڌنڌو زمينداري ڪن ٿا تن جو اهو حال آهي. جيڪڏهن اسان اھا پڌرائي ڪئي تہ اسان تي بہ ڇڪتاڻ، ٻہ دفعا ڪليڪٽر صاحب ۽ پنڌ وڌو حيدرآباد جو اڃان بہ خبر نہ آهي تہ صاحب ڇا ڪندو.
باقي هٿ جي ڪنگڻ کي آرسي جو ضرور ڪونھي. سمجهہ هوندو ظاهر تہ ڪير ان جو انڪاري ٿيندو. وڏو خوف اٿن الله تعاليٰ عزت جو خير ڪري. تمام نازڪ زمانو آهي اسين بہ سا سڀ ڪن سمجهون ويٺا، پر ماڻھو مسڪين جي ڏک واري حالت پنھنجي مون کان تہ صبر ڪيو نٿو ٿئي.
ٻھراڙي تان ايذاءَ اهڙي قسم جا لھڻ گهرجن ماڻھو تمام کٽل آهن. پئسو نقد ۽ ان پيٽ جو هڪ روپيہ مان 12 آنن ماڻھن وٽ اصل ڪونہ آهي ماڻھو تمام تنگ آهن.
جناب آنربل سر غلام حسين خان صاحب کي منھنجا سلام ۽ نياز عرض رکندا. هي نياز نامون گذارش ڪرائيدا. دعا ڪندا تہ اسان جي تعليم سوڀاري هلي انشاءَ الله تعاليٰ تہ ٿيندو بہ ائين.

مخلص
مير غلا محمد ٽالپر
ٽنڊو باگو سنڌ

ٽنڊي باگي مان مير غلام محمد ٽالپر جو خط، 2 جون 1930ع

2 جون 1930ع
ٽنڊو باگو
عرض

بخدمت شريف جناب ميان نور محمد خان
بعد سلامن جي روشن هجي تہ هتي تعليم بابت ورهين کان سارو احوال معلوم اٿو ۽ سرڪار هن وقت تائين ڪجهہ ڪيو آهي يا نہ سو بہ معلوم اٿو. ايجوڪيشن آفيسر صاحب وٽ ٿا وڃون، مسٽر لوري صاحب وٽ ٿا وڃون جو سنڌ جي ڪمشنر صاحب ڪٿان بہ پتو نٿو پوي سڀ ڪو چور لڳو پيو آهي. افسوس جو ميان رئيس صاحب، ڀرڳڙي گذاري ويو، جنھن ۾ اميدون هيون هن تعليم سان عام ماڻھو جي همدردي ڪانھي ۽ خود سرڪار بہ هن وقت تمام بي اميد رکيو آهي ۽ منھنجي سمجهہ ۾ آهي تہ خود سرڪار هن ملڪ جي ماڻھو جي بي حال تي ڌيان رکي.
80 ورهيہ جي وساريل رعيت ۾ تعليم وڏي دل سان وڃي ائين تہ وٺي تہ اصل نہ آهي. اھا مون بہ ڪم عقلي ڪري لک روپيا بہ سرڪار کي سون پيو تنھن کان سواءِ بلڊنگس تي 60، 62 هزار منھنجا خرچ اچي ويا آهن. پر سرڪار ڪجهہ ڌيان نٿي ڏي. مسٽر لوري صاحب، چيو تہ مسٽر ڪنٽريڪٽر صاحب کي تاڪيد سان چوان ٿو تہ هو حتي المقدور ڌيان ڏيندو، پر اهي سڀ جند ڇڏائڻ جا جواب هئا. ھاڻي جڏهن عام ماڻھو جي خيال ۾ بہ هي منھنجو ڪم ڪجهہ نظر نٿو اچي ۽ سرڪار جو بہ اهو حال آهي تڏھان ڀايان تہ هي سموري بلڊنگس زمين دوز ڪري ڊهرائي ڇڏيان. خير، جيئن هن جولاءِ ۾ ڪائونسل بمبئي جو اجلاس آهي اوھان صاحبن کي جڏهن حيدرآباد ۾ مليو هوس تڏهن بہ اھا صلاح هئي تہ انھي اجلاس جي وقت ۾ آءٌ بمبئي پوني هلان ان بابت وري هي نياز مون عرض رکان ٿو ۽ پڇان ٿو تہ وري بہ مصلحت ڏيون تہ جيئن پوني انھي وقت ۾ آءٌ هلان ڇا ۽ اتي مونکي جيڪڏهن سڀني ميمبرن جي مدد ملندي تہ پوءِ منھنجو هلڻ چڱو ٿيندو. اميد مونکي چڱي ٿيندي
مسٽر احمد دهلوي صاحب، خان بھادر غلام حسين صاحب، سر رحمت الله ابراهيم، مسٽر جئنڪر، مسٽر جاديو صاحب، مسٽر ادريس، جناب عبدالله ھارون صاحب ۽ ٻيا پنھنجا سنڌي ميمبر صاحب بہ سڀ اتي حاضر هوندا. ڪاپيون ٻہ ساري رڪارڊ جون ٽائيپ ڪري سڀني ميمبرن کي ڏيڻون آهن. تڏهن آءٌ جيڪڏهن هلندس تہ منھنجو گهڻو خرچ ايندو سو بہ اميد نفع جي تي ڪريا ٿو. ھاڻي هن نيازنامہ جو جواب مونکي ڏيو تہ ڇا ڪريان؟ هلان،پر منھنجي جهجهي واقفيت ڪانھي اتي سڀني ميمبرن ۾ منھنجي شناس بہ ٿئي سنڌ جا ميمبر منھنجي همراهي ڪن. اجلاس ڪائونسل جو جولاءِ جي ڪھڙي تاريخ کان شروع آهي خاص ڪري اوھان ڪڏهن روانا ٿيندا. رڪارڊ جون ڪاپيون تہ سڀني ميمبرن کي ڏيڻ گهرجن مھرباني ڪري جواب عنايت ڪريو.

عرضدار
مير غلام محمد ٽالپر

ٽنڊي باگي مان مير غلام محمد ٽالپر جو خط، 30 1 اپريل 1934ع

30 اپريل 1934ع
ٽنڊو باگو
جناب من دائم اقبال

عرض تہ خط اوھان جو پھتو وڏي شفقت.
جناب مرحوم مغفور رئيس صاحب تہ سڄي سنڌ ۾ هوئين ايترو مونکي ڏاڍو قرب ڏيندو هو. منھنجن هنن ڪمن جو دلخواھہ هو، پر هي بہ ڪمبختي سمجهان ٿو جو اسان جن ڪمن جي ناپورائي جي وقت ۾ دارالبقا سندس منزل ٿي آءٌ اڳي ٻن وقتن تي نہ آيو آهيان ان جو گهڻو شرم اٿم ڇا ڪريان.
14 مھينن کان تمام عاجز سچو آهي وري ماه رمضان شريف هلندڙ آهي. اميد آهي عيد شريف بعد ماه شوال ۾ حيدرآباد ايندس ۽ اوھان صاحبن جي ملاقات ڪندس.
ميان نور محمد صاحب، هن وقت جو ٻھراڙي ۾ رشوت خوري، ڪوٽار کان وٺي ڪري بہ تائين اهڙو حال ڪيو آهي جو ڀايان ٿو تہ. 500 ورهيہ بلڪہ زياده ڪونہ تہ مان هي حالت نہ معلوم رھندي تواريخ ڪم آهن. رعيت جي ماڻھو جا سڀ اڻ پڙهيل جنھن آفيس ۾ جنھن کاتي ۾ وڃن. ماڻھن لاءِ ڇٺي ٻري پئي آهي، بلڪہ سچا بکيا ٿي ويا آهن. بس صبح شام ناٽڪ لڳو پيو آهي. 8-10 ورهيہ اڳي بہ اڃان ڪو حال هو مگر هينئر ڏنو وائٺو ظلم لڳو پيو آهي. وري رشوت کائيندڙ بہ اهڙا ڪي بي عزت آهن ۽ اهو پيسو اهڙو خراب ڪيو اٿن جو ڪنھن سمجهو ماڻھو وٽ تمام حقارت سان پيا ڏسجن مطلب تہ ڪا ھائي بُک اٿن.
ٻھراڙي جي رعيت جو ڏئي دوڙي سان ڪونہ. ٽنڊو باگو کان 7 ميل اڀرندي 10 اپريل 1934ع حُر ناري جا ذات جا مڱسي جا ٿا ٻڌجن خليفي جي ڳوٺ ۾ 6 وڳي شام جو ماڻھو حُر 4 بندوق 5 اٺ آيا احسان علي جي ڌيءَ شايد 9 ورهين جي ۽ ٻي ڀائٽي جا ننھن بہ هوس ڌاڙو هڻي ٻئي کڻي ويا. بندوق بازي ڪا نہ ٿي ڏنڊن سان گهروارين جو اڌمو سو ڪيائون. پر زالون بہ کڻي ويندا رهيا. سنڌ ۾ اتفاق اصل نہ آهي، جيڪو ڦريو سو ڦريو جيڪو ماريو سو ماريو. رپورٽ لاءِ ڪماني صاحب ڏانھن ڪو هڪ ٻہ فريادي ويو آهي. ھھڙي قيامت هن زماني ۾ ڪيئن جھان هلندو؟ وري عملدار جي ڏسو غريب پيا ڊڄارين مگر هن حالت ۾ يا بيمار ٿي پوندا يا انڌي منڊي جانچ ڪري ويھي رھندا ٻھراڙي ڳوٺڙن جا ماڻھو ڇا ڪن. آفيسرن جا بہ افعال جي عام رشوتن جا دلال پنھنجي مطلب لاءِ پاڻ غريبن کي تن ايندڙ خلق ڪيڏانھن وڃي. هي بيان اوھان جي ڌيان تي ڇو آندو اٿم ان ۾ مطلب آهي ڇاڪاڻ تہ سمجهان ٿو جيسين ڀاءُ ڪو سرڪار ۾ دانھن ڪوڪ ڪونہ ڪري ٿو تيستائين ٻڌڻ وارو دور آهي. ڪونہ ڀل ڇا بہ ٿي پوي تہ اهي ٻہ زالون اصل نہ ورنديون بلڪہ ٻيا بہ اهڙا بڇڙا ڪم را ڪاسي هن زماني ۾ پيا ٿيندا.
منھنجي حياتي تائين مون کي جو ڪم اڳيان آهي سو آهي تعليم جو. مونکي گهر جي مدد ۽ همراهي ٻي طرح زبان ادب نوڙت سان ئي ورھہ عرض ڪري پتو نہ پيو، پر جڏهن اوھان ۾ ڌڻيءَ برڪت وڌي ۽ مرحوم مغفور جان رئيس صاحب بہ اوھان کي هن طرف آگاھہ ڪيو، تڏهن جيڪا بمبئي ۾ اوھان سر جوش ڪئي ان جو پوءِ فقط سرمار نہ ھاڻي هن ڪم ڏانھن سندس توجھہہ ڏسان ٿو، پر اڃان سخت گهڻو گهرجي. مسٽر نانا صاحب اسان جي مدد لاءِ گريجوئيٽ ماستر لاءِ نوٽس وڌو آهي، پر اڃا ماستر هٿ ڪونہ آيو آهي. نہ تہ لک روپيہ سان 1917ع ۾ ڏنا هوم وٺي بابن جو مال کڻي رکي ڇڏيائون. هن ڪم ۾ اڃان اوھان ۽ جناب شاھہ صاحب ڪامل شاھہ صاحب، رئيس ميان جان محمد صاحب سکر وارو ڀوڄسنگهہ بہ ٻڌجي ٿو تہ ڪمائتو ماڻھو آهي. سيٺ هرچند راءِ انھن کان مدد وٺان.
اسان وٽ آدم شماري بدين ٽنڊو، باگو ماتلي ٻہ لک کن ٿيندي. ماڻھو تمام ردي ۽ بد اخلاق، نہ دين جي نہ دنيا جي خبر جاهل من سڌري پوڻ جو وجهہ ملي رھندڙ ۽ ثمردار ماڻھو انھن جو شوق علم پڙهڻ تي ڪونھي مون وٽ آهن مزورن ھارين جا ٻار هن وقت درجي 4 تائين تعليم سان آهي، پر بکيا آهن. پيٽ ڪڙو ڪتاب خريد انھن کي گهرجن اسڪالرشپ جيڪڏهن ماڻھو چندو ڏين تہ انشاالله تڏهن بدين ٽنڊو باگو مان سون جي تعداد ۾ ايترا اسان جا زميندار جاگيردار موٽا ڀلا ڪي تہ ثمردار تڏهن ڪي تہ هجي بہ اخلاق ڪري کٽل کاتي ۾ بہ درجن پر ھھڙي ڪم ۾ مري پون تہ ڪوڏي نہ ڏين ويھان ڪندا. شوق شڪار ميڙا ملاکڙا گهوڙا هٿيار زيور زور وغيره ان ۾ محو ٿيو وتن. مون هن ڪم ۾ پنھنجي حياتي صرف ڪئي آهي، مگر اوھان پاران مدد جي وڏي ضرورت آهي. انشاءَ الله تعاليٰ هي ھاءِ اسڪول ٻن سالن بعد ڪنداسون.

عرضدار
غلام محمد ٽالپر

حاجي محمد علي جو خط، 1930ع

عالي جناب مسٽر نور محمد صاحب
خط پھتو الحمدالله جو وساريلن کي وري ياد ڪيو. اسان سمجهئو تہ اسين اوھان جي دلين تان وسري ويا آهيون، پر نہ اسان جو خيال غلط نڪتو.
جناب من اسان اوھان کي آسمان تي پئي ڏسون تہ ميمبر آهيو. هي اسان جي دعا اٿو. انھي مبالغو نہ آهي. اوھان خبر نہ آهي ڇا ٿا سمجهو. جيڪڏهن اوھان اسان کي دوست ٿا سمجهو تہ اسين اوھان جا بدخواھہ نہ آهيون. يعني اوھان جي برخلاف نہ آهيون. خدا و تعاليٰ اوھان کي فتح ڏيندو آمين.
زماني جي گردش ۽ آسماني انقلاب اهو ڦيرو ڪرايو آهي اوھان جو يا اسان جو ڪو ڏوھہ ڪونھي.
ميمبر بہ تہ اوھان ضرور چونڊبؤ.
انشاءَ الله تعاليٰ اوهين ڪامياب آهيو.

نياز ڪيش
حاجي محمد علي....
از ٽنڊو الھيار

محمد عثمان سومروو ايم ايل اي جو نور محمد وفات تي لکيل، خط 26 آگسٽ 1937ع

ڪراچي
26 آگسٽ 1937ع
جناب فخر قوم مرحوم ميان نو رمحمد صاحب جو هن فاني دنيا مان رحلت ڪرڻ جو ٻڌي نھايت گهڻو افسوس ٿيو. انالله وانا اليہ راجعون. گهڻو ئي ڏک ٿئي ٿو جڏهن اهڙن نازڪ قضين جو احوال ٻڌجي ٿو خصوصاً فخر قوم مرحوم ميان نور محمد صاحب جو اڃان هتي هجڻ نھايت ضروري هو. مرحوم جنھن جو مقصد ئي فقط قوم جي خدمت ڪرڻ هو، اهو اڃا ڇا ڇا ڪري ھا اهو هر موافق ۽ مخالف سمجهي سگهي ٿو.
مرحوم جي رحلت ڪرڻ ڪري نہ فقط اوھان دوستن پنھنجو هڪ هر دل عزيز دوست وڃايو آهي، پر مسلم قوم پنھنجو هڪ سچو خادم هميشہ لاءِ پاڻ کان وڃايو آهي پر خدا تعاليٰ کي شايد ائين منظور هو. جن جي هتي ضرورت آهي تن جي هتي بہ ضرورت آهي.
گل راچہ مجال کھ گويد بگلان
چرا مي ساري چرامي شکني
تنھنڪري سواءِ صبر شڪر جي ٻيو ڪوبہ چارو ڪونھي. اسان جي اھا دعا آهي تہ شال مرحوم کي الله تعاليٰ پسند ڪيل ۽ پيارن ٻانھن مان ڪري جنت فردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ الله تعاليٰ سندس عزيزن کي صبر ۽ شڪر جي توفيق عطا فرمائي. آمين


(رسالو الڪمال، ايڊيٽر ڪمال الدين ميمڻ، 12 سيپٽمبر 1937ع، حيدرآباد تان ورتل)

حڪيم عبدالڪريم جو نور محمد وفات تي لکيل خط، 1937ع

هن فنا پذير عالم ۾ هر ڪنھن ڏي روح کي بقا جو امڪان ڪونھي مگر عمل هڪ اهڙي غير فاني قوت آهي جو انسان کي زنده جاويد بنايو ڇڏي. پيدائش عالم کان زمانہ حال تائين بي شمار فقيدالمثل ۽ عديم المظير هستيون اگر بذات خود زينت خاڪ ٿي ويون آهن، مگر انھن جي ڪارنامن کي ابدي حيات حاصل ٿي آهي. انھن بزرگن مان مرحوم نور محمد وڪيل بہ هڪ آهي، جو سنڌ ۾ ايندڙ نسلن لاءِ سبق آموز غير فاني مثال ڇڏي ويو ۽ سندس پيارو نالو تاريخ ۾ زرين رقم منقش رھندو.
مرحوم پنھنجي تمام زندگي وقف اعليٰ اولاد مسلم ڪري آخرين وقت ۾ مسلم بورڊنگ ھائوس ۽ قلب حيدرآباد ۾ مسلم ھاءِ اسڪول ڇڏي ويو آهي، جنھن جي مجموعي قيمت ست لک روپيا ٿيندي. دعا آهي تہ خدا وند ڪريم مادر سنڌ جي ڪنھن غيور فرزند ۾ قوت ايماني پيدا ڪري جو مرحوم نور محمد جي پوکيل باغ کي مسلمانن جي يتيم ۽ بي زر ٻچن جي علم حاصل ڪرڻ لاءِ ترو تازہ رکي پاڻ بہ مرحوم نور محمد وانگر مسلمانن سنڌجي قلب حسين ۾ مقبوليت حاصل ڪري. شل خدا صاحب مرحوم کي غريف رحمت فرمائي سندس پس مانندن کي صبر جميل عطا ڪري.آمين !

(رسالو الڪمال، ايڊيٽر ڪمال الدين ميمڻ، 12 سيپٽمبر 1937ع، حيدرآباد تان ورتل)

الوحيد اخبار جو نور محمد جي وفات تعزيت نامو

سنڌ جو نالي وارو وڪيل ۽ مسلم تعليم جو سچو عاشق ۽ شيدائي مسٽر نور محمد بي. اي.، ايل. ايل. بي، وڪيل 22 آگسٽ 1937ع مطابق 14 جمادي الثاني 1356ھہ هن دنيا فاني مان اوچتو ئي اوچتو وفات ڪري پنھنجن دوستن ۽ عزيزن کي هميشہ لاءِ جدائيءَ جو داغ ڏئي ويو.
انا لله وانااليہ راجعون.
مرحوم عليڳڙھہ ڪاليج جي جهونن شاگردن مان هو ۽ عليڳڙھہ جي جهوني روايات قوم پسندي جو هڪ مجسم هو ۽ سندس دل ۾هميشہ مسلم قوم جي تعليمي ترقي ۽ بھبودي جو درد رھندو هو. 1920ع ۾ خلافت تحريڪ جي شروع زماني ۾ مسلم قوم جون خاموش انداز ۾ هن صاحب نھايت تندهي سان اهڙيون خدمتون ڪيون جي وسارڻ جون نہ آهن. سالن جا سال ملڪي خدمات ۾ مرحوم رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي جو ٻانھن ٻيلي ٿي رهيو. آخر زمانہ ۾ هن وڪالت جو ڌنڌو ترڪ ڪري پاڻ کي هميشہ لاءِ تعليمي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. 1924ع ۾ سندس ڪوشش سان حيدرآباد ۾ مسلم ايجوڪيشنل ڪانفرنس صاحبزادہ آفتاب احمد جي زير صدارت منعقد ٿي ۽ ان کان پوءِ حيدرآباد جو گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سرڪار کان منتقل ڪرائي پنھنجي حوالي ڪيائين، جنھن کان پوءِ رات ڏينھن ھاءِ اسڪول جي خدمت ۾ ايترو رڌو رهيو جو ڪثرت ڪاروبار سبب سندس صحت جواب ڏئي ڇڏيو ۽ آخرڪار تعليمي خدمت واري مصروفيت ئي سندس موت جو باعث ٿي.
مرحوم نور محمد نہ فقط مدرسہ ھاءِ اسڪول جي خدمت ۾ پنھنجي جان جي قرباني ڏني پر ھاءِ اسڪول جي عمارت اڏائڻ لاءِ پنھنجو رهڻ وارو بنگلو گروي رکي ۽ هزارين روپيا قرض کڻي مسلم قوم جي تعليم لاءِ پاڻ کي هڪ سخت بار هيٺ آڻي ڇڏيو. ھاءِ اسڪول ۾ اردو فارسي کان سواءِ عربي زبان لازمي طور مقرر ڪئي وئي هئي. مسٽر نور محمد ھندستان مان تمام وڏي قابليت وارا گريجوئيٽ مناسب پگهارن تي گهرائي ھاءِ اسڪول جو ڪم اهڙي انداز ۾ ڪيو جو ان جي پڙھائي نمايان نظر اچڻ لڳي. مرحوم جي عادت هوندي هئي تہ هر هڪ ماسٽر جي پڙھائي جي پاڻ نگراني ڪندو هو ۽ بورڊنگ ھائوس کي سنڀاليندو هو. شاگردن جي کاڌي جو خاص احتمام رکندو هو. هو دل جو صاف هوندو هو جيڪي بہ دل ۾ هوندو هوس سو روبرو چئي ڏيندو هو پر ڪڏهين بہ ڪنھن سان هن کي وير يا عداوت باقي نہ رھندي هئي.
سنڌ جي مسلمانن ۾ ڪم ڪندڙن جو سخت قحط آهي، خاص طور اهڙا نوجوان جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنھنجي زندگي کي قوم جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏين سي مسلمانن ۾ ڪامياب آهن سچ پچ تہ سنڌ جي جديد تعليم يافتن نوجوانن جي تاريخ ۾ هڪ مسٽر نور محمد ئي هو جنھن پاڻ کي قوم جي تعليمي شعبہ لاءِ وقف ڪيو جو پڻ اسان کان جدا ٿي ويو!
مرحوم پوءِ تان فقط ٻہ نياڻيون ۽ هڪ بيوه ڇڏي ويو آهي جن سان اسان جي دل همدردي آهي. الله تعالي هنن کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي ۽ اجر عنايت ڪري.
مسلمانن جو فرض
مرحوم وفات ڪري ويو آهي پنھنجي پوءِ تان هڪ بھترين يادگار مدرسہ ھاءِ اسڪول جي صورت ۾ ڇڏي ويو آهي. هن جا انھي درسگاھہ لاءِ جيڪي ارادا هوا سي اجل جي شڪار اڌ ۾ رھائي ڇڏيا. هن جيڪو تعليمي درخت پوکيو هو سو اڃا ڦريو ڦليوئي نہ هو تہ باغبان اڳ ۾ ئي هليو ويو. ھاڻ مسلمانن جو فرض آهي تہ مسٽر نور محمد مرحوم جي قائم درسگاھہ ي آبياري ڪن ۽ جن ارادن سان هن اهو ڪم خدا ڪارڻ شروع ڪيو هو تنھن کي تڪميل تي پھچائين.
دنيا ۾ ڪنھن ماڻھو جي موت حياتي سان دنيا جا ڪم رڪجي ڪونہ پوندا آهن پر ضرورت آهي اهڙن ماڻھن جي جيڪي پوري خلوص ۽ ديانتداري سان اڌ ۾ رهيل ڪمن جي سنڀال ڪن. ضرورت آهي تہ سنڌ جي مسلمانن جي هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جا مرحوم جي قائم ڪيل درسگاھہ جي سنڀال جو ذمھ کڻي ڪم کي اهڙي وقت سنڀاليندي رهي جيئن ڪو بہ فرق ڏسڻ ۾ ڪونہ اچي ۽ اهو ئي هڪ ذريعو آهي جنھن سان اسان مرحوم جي روح کي حقيقي معنيٰ ۾ خوشي پھچائي سگهون ٿا.

(رسالو الڪمال، ايڊيٽر ڪمال الدين ميمڻ، 12 سيپٽمبر 1937ع، حيدرآباد تان ورتل)

الحقيقت اخبار جو تعزيتي بيان

افسوس هزار افسوس جو سنڌ جي مسلمانن جو سچو خير خواه ۽ فرزندان قوم جي ترقي جو خوامان ۽ بني نوح انسان جو ڀلو چاهيندڙ مسٽر نور محمد وڪيل تاريخ 22 آگسٽ 1937ع ڪراچي ۾ رحلت ڪري ويو. انا لله وانا اليہ راجعون. مرحوم اگرج هڪ ڪامياب وڪيل هو، مگر شروعات کان وٺي رات ڏينھن مسلمانن جي تعليم جي ڳڻتي هوندي هيس تنھن ڪري پنھنجي ڌنڌي سان گڏ مسلم تعليمي خدمت بہ ڪندو ايندو هو، جيئن تہ سال 1924ع ۾ حيدرآباد ۾ جيڪا پھرين سنڌ مسلم ايجوڪيشنل ڪانفرنس صاحبزادہ آفتاب احمد خان جي صدارت هيٺ ڪئي ٿي هئي سا سندس ڪوشش جو نتيجو هئي. آخر مسلمانن جي تعليمي ڪمن ڏانھن ايڏي تہ دلچسپي وڌي ويس جو پنھنجو ڌنڌو وڪالت جو ڇڏي ڏنائين ۽ سڌو سنئون پنھنجو سر گويا قومي ڪمن جي حوالي ڪري ڇڏيائين. حيدرآباد ھاءِ اسڪول کي مسلم مدرسو ۽ مسلم ھاسٽل بڻائڻ سندس غير نالي ڪارنامو آهي. مرحوم ڪجهہ وقت بمبئي ڪائونسل جو بہ ميمبر هو اتي اهڙو تہ زبردست ڪم ڪيائين جو هلائڻ لڳا تہ بس ڄان ٿو وزير ٿئي. بيمار هو تہ بہ آخر وت تئاين قوم جو لفظ سندس زبان تي هو. ڪراچي مان مرحوم جو لاش حيدرآباد ۾ آندو ويو جتي هزارن ماڻھن جي جلوس ۾ مسلم ھاسٽل ۾ دفنايو ويو. نرينہ اولاد مرحوم کي ڪونہ هو فقط ٻہ نياڻيون اٿس. دعا آهي تہ الله تعاليٰ شل بھشت نصيب ڪريس ۽ بماندن کي صبر جميل عطا فرمائي.

(رسالو الڪمال، ايڊيٽر ڪمال الدين ميمڻ، 12 سيپٽمبر 1937ع، حيدرآباد تان ورتل)

منظوم ڀيٽا

---

مرحوم نور محمد جي تربت تي ٻہ گل: محمد خان “غني”، ايڊيٽر (مسلمان)

هرسنگ هن مزار جو مانند طور ڏس،
هن خاڪ ۾ نہ نھفتہ محمد جو نور ڏس
هن قبر مان ٿي نڪري هر هر اھا صدا،
خادم تي پنھنجي رحمت رب غفور ڏس.
رضوان جي هٿ ۾ آهي ڀريل خوشگوار جام،
کليل سامھون بھشت ۾ آغوش حور ڏس.
منزل ڪئي قريب، مرڻ جان نثار جي،
عاشق کان درد هجر ۽ فرقت نفور ڏس.
لاشو لٽائي شاد ٿيو ڪوئي يار ۾
هي قوم جو قتيل ۽ عاشق غيور ڏس.
اي فخر ملڪ و ملت اي جانفدائي قوم
تنھنجي فراق ۾ هي دل ناصبور ڏس
ڳولي ٿي قوم توکي، نھاري ٿي نقش پا،
تنھنجي اچڻ جي ڪاڻ دليون بي سرور ڏس.
پھچي، سگهون ٿا ڪينڪي تنھنجي مڪان تي،
پر خوف آهي واٽ ۽ منزل بہ بولڊ ۾ ڏس
هيھات هو عمل، هو سند ئي همت بلند،
هي ذڪر ور د وات ۾ شام و سحور ڏس.
فاتح پڙهجي نياز و ادب ساڻ هت غني
هن خاڪ ۾ نهفتہ محمد جو نور ڏس.

وفات حسرت آيات ميان نور محمد وڪيل: مولوي دين محمد اديب فيروز شاهي

 

تون قوم جو خادم ۽ فدا نور محمد

درويش صفت، مرد خدا نور محمد

منظور نظر شاھہ و گدا نور محمد

هن حال ۾ ٿئين ڪينءَ جدا نور محمد

ٿي گرم محبت ۾ ٿئين سرد وري ڇو؟

بي وجہ بڻئين قوم کان بيزار، بري ڇو؟

ڇورا تون ڪري ڇو وئين هي قوم جا فرزند

جي تنھن جا هوا جان و جگر، دلبر و دلبند

ٿي زار روئي تو لئي هي قوم سندي سند

هر عاقل و هر فاضل و هر زاهد وهر رند

ماتام سندءِ موت ۽ اندوه وڌو، درد

ٿيا خاڪ فشان برسر هر عورت و هر مرد

هو روز ازل کان تنھنجو پيمان محبت

ميثاق صداقت جو ۽ ميعاد مودت

هر رمز، ادا هئي تنھنجي محبوب نھايت

من موهڻي گفتار ۽ رفتار و ظرافت

نباض هئين قوم جو مرهم نہ جراح

خوش تنھنجي دوا کان ٿيا اجسام ۽ ارواح

اسڪول ۽ ھاسٽل جي عمارت ۾ ٿي ظلمات

جو مرگ مفاجات جي آندي آ مٿن رات

غمگين جي تسڪين جي توکي هئي طلب، تات

 واکاڻ ڪري ورد سندءِ خصم وڏي وات

شاگرد ٿيا ششدر و استاد الم ناڪ

سڪتہ ۾ زمين آئي ۽ زلزلن ۾ افلاڪ

لئي قوم ٿي اڪسير تنھنجي طرز سياست

تون بطل حريت جو هئين، شير شجاعت

جادو تنھنجي تحرير ۽ تقرير قيامت

سحار طلاقت سچ سخار بلاغت

ايثار مجسم هئين اخلاق معظم

تعليم جي شيرازہ جو استاد منظم

تقدير عطا ڪئي توکي هئي جرائت ايمان

توحيد، توڪل ۽ گهڻي قوت ايمان

دولت کي ڪيئي ترڪ رني طاقت ايمان

هر مال جي سرتاج اھا دولت ايمان

تو ترڪ وڪالت جو ڪيو يڪسر ڌنڌو

تسليم رضا وارو بڻئين بھتر بندو

يورپ سندي تقليد کي دائم تو ڌڪاريو

جدت سندي چمڪار ڏي تو ڪين نھاريو

هن مھر ملمع کي حذاقت سان پگهاريو

جيد کان رديءَ کي ڪري ممتاز ڏيکاريو

نت سوٽ کي ۽ هئٽ کي نفرت سان نھاريئي

ٿي اچڪن، طر بوش ۾ شھزادہ گذاريئي

دل صاف رکيئي يار ۽ اغيار سان دلدار!

هشيار ٿي لڙندو رهئين سرڪار سان دلدار!

جرار ٿي لڙندو رهئين ڪفار سان دلدار!

بدڪار ۽ اشرار ۽ فجار سان دلدار!

 

ٿيو نانءُ سندءِ دفتر احرار ۾ داخل

اختيار ۽ انوار ۽ ابرار ۾ داخل

ڪنھن سان نہ رکيئي ويرڪي ڪينو ۽ ڪدورت

غصي ۾ کڻي گرچہ وتيئي باه جي صورت

جي طيش ۾ آئين تہ ٿئين شينھن جو صولت

پر دل ۾ رکيئي ماءُ سندي مھر، مروت

تون جامع اضداد هئين ڪامل انسان

خور شيد فلڪ شفقت ۽ مظھر احسان

هر وقت دعاگو آ سندءِ امت مرحوم

تون يار، مدد گار سندو بيڪس مظلوم

منشور گهر علم ڪيا تو سدا منظوم

نڪات دقائق بہ ڪيا غور سان معلوم

الله ڪري توکي سدا مره سان مغفور

مسرور ۽ منصور ۽ منظور ۽ ماجور

بي روئي دل افروز ترشد ببتم بي نور

بي شمع جمال توچو شب روز م ديجور

از داغ فراق تو دلم دائم ناصور

مسموم من حيف کو ترياق زمن دور

صد آه زجور ر ستم اي دور جفا ڪار

فرياد زبيداد تو اي چرخ بلا بار!

 سچ زيست سندءِ زنده د لي جي ئي ٿي تعمير

بخشڻ هو سندءِ مقصد بي نور کي تنوير

نڪري نہ سگهي مونکان ٿي غم تنھنجي جي تصوير

ڪئن ڪلڪ، زبان وڌ ڪري تحرير ۽ تقرير

مقبول خدا! ڪر تون دعائون ۽ ثنائون

محتاج کي ڏي گنج مان تون نيڪ جزائون

تنھنجي موت کان افسردگي گلزار، چمن ۾

اشجار ۽ گلنار ۽ از ھار سمن ۾

هر گلشن و هر گلبن و هر لعل لبن ۾

گلفام، گل اندام ۽ هر غنچہ دهن ۾

شد نظم بہ يمن تو همين نالا همين رنج

هر چند “اديب” ست سخند ان نہ سخن سنج

منجهہ ماو جماد آخر تاريخ دو هفتہ (14)

آچر تي ڪيئي خستہ، جگر، قلب کي سفتہ

تيرهن سو ڇاونجاھہ ۾ هو مو تن نھفتہ

ڪلھہ بستر گل برگ تي اڄ خاڪ ۾ خنتہ

مغرور نہ هل يار! مٿي ڪنڌ ڪر تون

هن خاڪ جي تودي کان نہ ڏس پاڻ پري تون

“مغفور و دوري” تنھنجي تاريخ عجيب آھہ 1356

هر شام و سحر تنھنجو دعا گوئي “اديب” آھہ

هر رنج جو هر درد جو الله طبيب آھہ

شافع ٿيو محبوب خدا خاص حبيب آھہ

ڪر هردو جھان ۾ مون کي مسعود خدا يا!

مرزوق ۽ مقبول ۽ محمود خدا يا!

امين يا رب العالمين بحق نبيک الامين صلي اللو عليہ وسلم اليٰ يوم الدين

مادو تاريخ وفات در فارسي ايضا منہ

رفت چون نور محمد زين جھان گفتا اديب

بھريا دش سال رحلت “مھربان خوش نصيب”

 

(رسالو الڪمال، ايڊيٽر ڪمال الدين ميمڻ، 12 سيپٽمبر 1937ع، حيدرآباد تان ورتل)

قطعات ماتم: مخدوم محمد صالح ڀٽي

آتش بدامن آهي هر جاءِ کڙ کٻيتو،
پر باھہ ۾ جلي جو پروانو سو ئي آهي.
ٿي هونءَ تہ آھہ دنيا معمور ساڻ مستن،
پر جنھن کي عشق ليليٰ، ديوانو سو ئي آهي.
پس پيش جي نہ جهوري ٿئي عشق ۾ جنھن کي،
داناءَ دور سوئي، فرزانو سو ئي آهي.
آٽش ۾ جو جلي ٿو مرد خدا ٻين لئي،
جانب جي شمع رخ جو پروانو سو ئي آهي.
هر دل کي ياد نورل* تصوير آھہ تنھنجي،
ڪٿي قوم کان جدائي تقدير آھہ تنھنجي.
الله جي بندن سان نہ ٿي جنھن کي محبت،
الله جي الفت جو سزا وار نہ سو آھہ.
ڪيئن ان جي ڳڙي چشم منجهان گوهر ناياب،
غربا جي مصيبت ۾ جي خونبار نہ سو آهي.
ڪمزور اڳيان جنھن کي نمڻ ڪين اچي ٿو،
محروم سو اخلاق کان خوددار نہ سو آهي.
دل جنھن جي ۾ٿي قوم جي لئي ڪجهہ نہ محبت،
مقبول ڪڏهن درگ دادار نہ سو آهي.
جو امت مرحومہ جي الفت ۾ رهيو مست،
سچ نور محمد کان ڪڏهن ڌار نہ سو آهي.

_______
* نور محمد لاکير

ساڪن حيدرآباد : محمد يوسف متخلص (عاصي)

هر طرف کان اڄ مسلمان ٿو ڏسان مان اشڪبار
ويو لڏي هي هي اسان کان نور محمد نامدار
اڄ مسلمان بخت پنھنجي تي روئن ٿا زار زار
جو اسان کان ٿيو جدا هي ھاءِ اهڙو جانثار
سال اڻيھہ سو ويھن کان سال ستٽھين تلڪ
ان ڪيون جي خدمتون تن جو نہ ڪو آهي شمار
خلق جي خدمت ڪئي ان جان سان ايمان سان
ان سبب مخلوق ۾ آهي سندس وڌيل وقار
ڪائونسل ۾ ياڪ ٻاھر ملڪ لاءِ هو محنتي
خاص مسلم قوم جو هو سک ۾ توڙي ڏک ۾ يار
سالھا محنت ڪري قائم ڪيئين هڪ ھاسٽل
جنھن تي غربا جي ٻچن جي ٿيو سڌاري جو مدار
هو ڪيو هن مدرسہ قائم تہ سڌري قوم هيءَ
جنھن ۾ نعمت علم جي حاصل ٿا ڪن مسلم جا ٻار
هي ويو جو نور محمد سو وري ورندو نہ قوم
جو سلو پوکيو انھي تنھن آب ڏيئي ڪريو تيار
يا الاهي رک تون قائم مدرسہ ۽ ھاسٽل
نور محمد جي نشاني آهي تون ان کي سڌار
عاصيا ڪر عرض ان تي هوءِ مولا مھربان
روز شب رحمت وسي مرقد سندس تي بار بار.

تاريخ وفات مرحوم مسٽر نور محمد وڪيل: ميان محمد عمر “اختر“ ھالائي

ويو لڏي فاني جھان مان نور محمد نيڪ نام
خلد ۾خوشنود ٿي پنھنجو ڪيائين خود مقام
صاف صورت نيڪ سيرت احسن الاخلاق هو
صاحب لطف و ڪرم خوش خلق هو خوش ڪلام
هو غريبن جو هو همدرد ۽ وري مسڪين نواز
خير ۽ خيرات سان مرحوم جي دل هئي مدام
قوم مسلم کي ڪيائين خواب غفلت مان سجاڳ
علم جي ترقي سندو ساعي رهيو ٿي صبح شام
گرچه هو بالاترين عاقل هئو قابل وڪيل
عمر هن پنھنجي ڪئي تعليم قومي ۾ تمام
خلق جي خدمت ڪرڻ هو اولين ان جو اصول
۽ رهيو هر وقتي ڪل قوم جو خادم غلام
ھاءِ جنت ۾ ڏني رحمان تنھن کي رحم سان
حوص ڪوثر مان عطا حضرت ڪيس انعام جام
آشنائن ۽ عزيزن کان ڪيائين الوداع
ارجعي جي امر جو ان کي جڏهن پھتو پيام
شام آچر ٻاوهين آگسٽ جي ھاتف چيو
جنت الفردوس ۾ آهي اوھان لاءِ انتظام
بعد اڻيھہ سون ستٽہ سال جي هڪدم وڃي
بارگاھہ ايزديءَ جو ڪيو وڃي سڪ مان سلام
صدق سان صلوات ۽“اختر” پڙهي الحمد تون
خوب ڏي ختمون پيو شام و سحر دل سان دوام.

نالئہ غم!: محمد صديق مسافر

جي ٻچا قوم جا سي پنھنجا ٻچا ان ڄاتا.
اي قلم هونءَ تہ سندءِ آھہ سدا ڪم تحرير،
اڳ بہ ڪي توھا ڪيا درد دلي ۽ غم تحرير،
پر نرالي ڪي سندءِ لرزش همدم تحرير
غير معلومي اٿيئي ڪرڻو ڪو ماتم تحرير،
جي “اڳيئي قوم ۾ مشھور ٿيو قحط رجال.”
اوچتوسرر ستا سجاڳي وري پيا اڄ اجال،
“ڪين شايد ٿو لري دل ۾ فلڪ تير اڃا،
زخم ريٽيا ئي نہ، پيو تد ۾ بڇي ٽير اڃا،
ڀرڳڙي ڪلھہ ويو ڪري قوم کي دلگير اڃا،
ان جو همدام بہ وسريو نہ اٿئون مير اڃا،
تہ مٿان ڪھڙو ٿيو قوم سان هي هي هي ڪلور،
ٿي ويو نور محمد بہ اسان کان اڄ دور.”
“قوم مسلم جو سچو خادم دانا سو دلير،
عشق تعليم ۾ سرمست سدا مرد مٿير،
ڪار ڪم پنھنجا ڇڏي شوق سان خدمت ڪئي شير،
پاڻ قربان ائين ڪم ۾ ڪري ٻيو اڄ ڪير؟
جي ٻچا قوم جا، سي پنھنجا ٻچا ان ڄاتا،
ائن ڪيئين قوم سان مضبوط محبت ناتا.
مرد مانجهي ۾ هيون قوم جون سهسين آسون،
پڻ هيون ان جي اندر ۾ بہ اميدون لاکون،
دل سنديون دل ۾ رهيون، درد جون نڪرن ٻاڦون،
واٽ ٻي ناھہ، سبق صبر جو ھاڻي پڙھہ تون.
مرد مرحوم جي حق دل سان دعائون گهرجن،
پيو گهري يار نہ ڪي سانکان، دعائون گهرجن.”
شاد مرحوم جو رک روح خداوند ڪريم،
هل جزا حڪم سندءِ، ڪر تون ئي احسان عظيم،
بخش سان ڀال تون مرحوم کي جنت نعيم،
ياد گار ان جو رکج جڳ ۾ تون سرسبز سليم،
گلشن عام سندس کي تون ئي آباد رکيج
ان جي پرگهور ڪندڙ شير سڀئي شاد رکج!
ٻاويھون روز هو آچر جو ۽ آگسٽ هو ماھہ،
ارجعي ٻانگ ڪراچي ۾ سڻي ٿيو آگاھہ،
شام جو پھتو سندس روح وڃي حق درگاھہ،
حيدرآباد رسير لاشو بصد عزت و جاه.
دم سھي سال مسافر جي ٿيو دل تي عيان
1937ع خلد اعليٰ ۾ مليو مرد کي دلخواه مڪان.
انا لله وانا اليہ راجعون.

(رسالو الڪمال، ايڊيٽر ڪمال الدين ميمڻ، 12 سيپٽمبر 1937ع، حيدرآباد تان ورتل)

قوم جي ھاڻ ٻچن جي ڪندو ٻيو ياري ڪير؟ : محمد بخش واصف

ڪھڙي اي نور محمد ڪريان مد حت تنھنجي
جو ثنا خوان ڏسان ٿو سڄي خلقت تنھنجي
ھند ۽ سنڌ ۾ هر ڪنھن ڪئي عزت تنھنجي
قابل رشڪ رهي آھہ تہ شھرت تنھنجي
ڇا نہ خلق رکي سھڻي اھا فطرت تنھنجي
تون لڏئين لوڪ مان هر دل اهو ارمان ڪري
خانہ آباد جو هو سو وئين ويران ڪري
ھاءِ سارو وئين پر درد دبستان ڪري
ڪير آهي جو اچي درد جو درمان ڪري
چشمو صحت جو هئي چشم عنايت تنھنجي
ساري محفل کي ڏسون ٿا تہ سندءِ غم آهي- ھاءِ جنھن چشم کي ڏسجي ٿو تہ پر نم آهي.
آسمان ڏس رنو اڄ صورت شبنم آهي- پڻ زمين تي بہ نہ ٿيو بار الم ڪم آهي
ڇونہ ائين ٿئي جو مڙن آھہ محبت تنھنجي
سوز فرقت کان چمن ٿي پيو آهي گلخ- آتش رنگ جي پردہ ۾ جليو گل ٿا جلن
سر وشمشاد هي حيرت منجهان بيٺا ٿا ڏسن. بلبل ۽ قمري وري هيڏانھن پيون ٻئي ڦٿڪن
هئي مٺي جنکي گل و سرو کان صحبت تنھنجي
قوم مسلم کان ٿيو ناھہ خبر ڪھڙو گناھہ هستي تو جھڙي جدا جنھن کان ٿي اڄ اوچتو آھہ
گرچه تنھنجو هو وطن خير پور ناٿن شاھہ حيدرآباد ۾ پر تون رهئين ڪيئن سال ۽ ماھہ
ديس پنھنجي جان انھي ۾ ٿي سڪونت تنھنجي
نڪري جنھن وقت عليڳڙھہ مان ٿئي تون نروار دام تز وير ۾ مغرب جي ٿئين ڪين شڪار
پنھنجي جذبات جوڌو قوم اندر ڪيو اظھار توکي حاصل ٿي جو ياريءَ رئيس الاحرار
خوب قلم ازل ڪئي اھا قسمت تنھنجي
قوم مسلم کي ڪڏهن تو نہ فراموش ڪيو. ان جي ڏک درد ۽ غم کي ترهم آغوش ڪيو
تو شراب فدافي القوم کي بس نوش ڪيو پاڻ کي ملڪ ۽ ملت تي ڪف پوش ڪيو
نيٺ قربان ٿي هت ويئي وڪالت تنھنجي
تنھنجو مقصود ۽ مطلب سدا تعليم رهي دل ۾ تنھنجي انھي جي دائما اسڪيم رهي
ان جي هر وقت اڳيان تنھنجي تہ تنظيم رهي آھہ بلڪل هي بجا تنھنجي جي تعظيم رهي
ڳائي ڇاکون نہ سڄو لوڪ لياقت تنھنجي
شاهد جذبئہ ايمان سندءِ آھہ اسڪول جنھن ۾ هر وقت رهئين ٿي تون هم تن مشغول
جنھن جي لئي ڪيو تو گدائي کي خوشي ساڻ قبول زندگي تنھنجي جو جڏهين تہ مترهو هي مول
موت کان پوءِ اتيئي پڻ رهي تربت تنھنجي
قدر ڪنھن ڪيو يا نہ ڪيو، تون نہ وفادار رهئين. ڪرڙو نئين ڪين ڪڏهن قوم سان سچار رهئين.
دشمن ديس سان نت بر سر پيڪار رهئين حرفتن کان انھي جي تون سدا هشيار هئين
وسرڻي ناهي جھان کي اھا جريت تنھنجي
قوم جي ھاڻ ٻچن جي ڪندو ٻيو ياري ڪير تنھنجي لئي ننڊ ڦٽائيندو اٿي پياري ڪير
ملڻ ڀوڳيندو انھي بره جي بيماري ڪير وقف هن ڪم ۾ حياتي ڪندو ٻيو ساري ڪير
ڏيکاري اهڙي ٻيو ڪير صداقت تنھنجي
قوم جي ڪم ۾ تو ڌن من ڪيو اهڙو قربان گروي آخر رکيو پر تنھنجي رهڻ جو بہ مڪان
پيٽ پنھنجي کي پٽي تو ٻڌي اي نيڪ انسان قوم مسلم جو ڪيو نڪ مٿي دنيا جي اڳيان
قابل داد اي مخدوم تي خدمت تنھنجي
ڏس اتي پنھنجي روحاني پٽن جو هي روئڻ حسرت وياس سان تنھنجو تون اچڻ ڏس ۽ وڃڻ
ڏس اٿي ڏس درو ديوار جو خاموش بھڻ، ڏس اٿي پنھنجي تون اڄ قوم جي ڳوڙهن جو ڳڙڻ
جنھن جي رئي آھہ هٿئون سھڻي سنگت تنھنجي
گرچه ظاهر ۾ ستل آهين زمين جي اندر پر اڃا پردہ باطن ۾ رهين ٿو ٻاھر
خدمتون قوم جون جيڪي تو ڪيون هي اظھر زندگي جا ڇڏيا اهڙا اهي آهن تو اثر
جو چوي ڪونہ ٿو ڪوئي تہ ٿي رحلت تنھنجي
آھہ واصف جي دعا رب تو رحمان جي در مھر پنھنجي سان تہ مقبول سان منا تون ڪر
لطف، احسان جي ڪر نور محمد تي نظر روح ان جي کان ڪرين دور تون هر خوف و خطر
قرب پنھنجي ۾ رکي انکي تہ رحمت تنھنجي.

(رسالو الڪمال، ايڊيٽر ڪمال الدين ميمڻ، 12 سيپٽمبر 1937ع، حيدرآباد تان ورتل)

اردو مضمون

---

نور محمد کی کہانی ان کی بیگم کی زبانی: نواب احمد خانزادہ

مسلم کالج کے بانی جناب نور محمد کہ جنہیں سندھ کا سر سید بھی کہا جاتا ہے، کون نہیں جانتا۔ ان کے متعلق متعدد اخباروں، جریدوں اور رسالوں وغیرہ میں مضامین پڑھے اور ان کے حالات سے واقفیت حاصل کی، اسی واقفیت حالات نے ایک ایسی صورت اختیار کرلی جسے میں کوئی واضح نام دینے سے قاصر ہوں، نہ اسے دلچسپی کہہ سکتے ہیں نہ عشق یا جنون کما حق میں اسے عقیدت کا نام دے سکتا ہوں۔ اسی جذبے کے تحت میں نے چاہا کہ جناب نور محمد کی زندگی کسے ایسے واقعات معلوم کروں (اور انہیں منظر عام پر لائوں) جو بظاہر معمولی ہوں، مگر در حقیقت ان کے صحیح نظریات و احساسات کی ترجمانی کرتے ہوں، اس سلسلے میں بیگم صاحبہ نور محمد سے موضوں شخصیت اور کوئی نظر نہ آئی۔ لہذا مین نے ان سے گزارش کی کہ وہ اس پر قلم اٹھائیں، یہ گزارش بعد میں اصرار کی شکل اختیار کر گئی اور بیگم صاحبہ کے ماورانہ شفقت اور مامتا نے اسے ایک نا سمجھ بچے کی ‘‘ہٹ’’ کی صورت دے دی۔
کئی دن سے ٹال مٹول ہو رہی تھی۔ اور اس میں اکثر اوقات کوتاہی میری جانب سے ہوئی کہ انہیں صحیح صورت حال سے مطلع نہ کر سکتا کہ میں کس قسم کا مواد چاہتا ہوں، آخر ایک روز معلوم ہوا کہ بیگم صاحبہ مسلم ہاسٹل کے معائنے پر تشریف لا رہی ہیں، میں نے ان سے رابطہ قائم کیا تو وہ اس بات پر رضامند ہوگئیں کہ وہ مجھے ہاسٹل میں وقت دے سکتی ہیں۔ خوشی کی انتہا نہ رہی جذبات شوق سے لبریز دل بمشکل سنبھالتے ہوئے جب میں مقررہ جگہ پر پہنچا تو سامنے ایک پیکر وقار تمکنت، مادرانہ و بزرگانہ شفقت کے مجسمہ کو براجمان پایا۔ چوٹا سا قد، سفید ساڑھی، سفید چہرے پر بڑھاپے کی جھریاں ساڑھی کے سر پوش سے جھانکتے ہوئے چاندی جیسے سفیدیاں اور آنکھوں پر نظر کی عینک میں نے مودبانہ لہجے مین سلام کیا اور انہوں نے نہایت شفقت سے سلام کا جواب دیا۔ کچھ طلباء و اساتذہ پہلے ہی سے موجود تھے اور غالباً کسی انتظامی مسئلے کے متعلق گفتگو ہو رہی تھی، ایک صاحب نے میرا تعارف کرایا تو دوبارہ میری جانب متوجہ ہوئیں اور کمال شفقت سے کچھ مسکرائیں، میں نے موقع غنیمت جانا اور حرف مدعا زبان پر لایا، وہاں موجود کئی دوسرے افراد نے بھی میری تائید کی تو فرمایا:
بچو! مجھ ميں اتنی قابلیت نہیں ہے کہ میگزین وغیرہ میں مضمون لکھ سکوں، ویسے بھی ان کی زندگی کے بارے میں بہت کچھ لکھا جا چکا ہے۔۔۔
میں نے عرض کی ‘‘آپ کسر نفسی سے کام لے رہی ہیں ورنہ یہ کیسے ممکن ہے کہ سندھ کے سر سید کی رفیقہ حیات اور ادب و تحریر سے بے بہرہ ہو، گلاب کی صحبت تو مٹی میں بھی خوشبو پیدا کر دیتی ہے ، بقول سعدی رح
جمال ہم نشیں برمن اثر کرد
و گرنہ من ہمہ خاکم کہ ہستم
متبسم ہوئیں اور فرمایا لڑکے باتیں بہت بنانی آتی ہیں تم کو۔ تم شاید پوری طرح تیار ہو کر آئے ہو، مگر میری طبیعت آجکل کچھ ٹھیک نہیں ہے۔ بلڈ پریشر کی شکایت ہے اس واسطے کوئی کام یسکوئی سے نہیں کر سکتی۔
میں نے ایک لمحے سوچا اور فوراً ایک ترکیب ذہن میں آئی کہ کیوں نے نور محمد صاحب کے کچھ ایسے واقعات معلوم کر لیئے جائیں جو ابھی تک اکثر لوگوں کو معلوم نہیں ہیں (جیسا کہ ابتدا میں لکھا جا چکا ہے) لہذا میں نے کہا:
’’تو کیا آپ ہمیں زبانی طور پر بھی ان کے متعلق کچھ نہ بتائیں گی؟’’
یہ الفاظ ادا کرتے وقت میرے چہرے پر امید کرن کے ملے جلے جذبات انہوں نے صاف پڑھ لیئے اور شاید کچھ ملتجیانہ لہجہ نے بھی انہین متاثر کیا، فرمایا:
‘‘ہاں یہ ممکن ہے۔’’ ان کے حالات زندگی تو آپ لوگوں نے اکثر و بیشتر میگزین، اخبارات اور رسائل وغیرہ میں پڑھے ہوں گے اور ان کے ہمعصر ساتھیوں اور دوسرے لوگوں کی زبانی سنے ہوں گے، وہ نہایت شریف، خوددار، رحمدل اور خدا ترس انسان تھے نہ وہ کسی کی خوشامد کرتے تھے اور نہ خوشامد کرنے والوں کو پسند کرتے تھے، سب کے ساتھ نہایت عمدہ اخلاق سے پیش آتے تھے۔
بچوں! بیگم صاحبہ نے مادرانہ شفقت سے بھرپور ایک نگاہ ہم سب پر ڈالی اور ہوا میں اپنی نگاہیں جمالیں، جیسے وہ دور ماضی کے دھند لکوں میں جھانکنے کی کوشش کر رہی ہوں اور فرمایا:
‘‘وہ اپنے ملازمین اور بچوں سے کبھی ڈانٹ ڈپٹ سے پیش نہ آتے تھے اور سب بچوں کو اعلی تعلیم سےآراستے سے دیکھنا چاہتے تھے، کیونکہ وہ خود اعلیٰ تعلیم یافتہ تھے، انہوں نے ابتدائی تعلیم سندھ مدرسہ کراچی میں حاصل کی پھر بابا (نور محمد صاحب کے والد اور بیگم صاحبہ کے سسر) نے انہیں علی گڑھ بھیجدیا۔ وہاں سے انہوں نے بی اے اور ایل ایل بی مین نمایاں کامیابی حاصل کی۔
بچوں! انہیں ضرورتمندوں کی مدد کرنے کا بہت شوق تھا اور جب بھی کوئی حاجتمند انکے پاس آتا تو پہلے اسے تسلی تشفی دیتے اور اپنے مخصوص لہجے میں سینے پر ہاتھ رکھ کر اس سے کہتے بابا رکھ اللہ تے یا پٹ رکھ اللہ تے پھر خود اس کے ساتھ جاتے اور جہاں اس کا کام ہوتا وہ کرواتے، ایک دن میں نے ان سے کہا کہ آپ سے تو لوگ ملتے ہوئے گھبراتے ہوں گے کہ اب آئے مسٹر نور محمد کسی کی سفارش کرنے پہ ست کر کہنے لگے بی بی اپنوں کا کام تو ہر شخص کرتا ہے مگر کامیاب وہ ہے جو دوسروں کے لئے کچھ کر جائے۔
اس موقع پر بیگم صاحبہ نے ہم سب کو بھی نصیحت کی کہ اُن کے اس اصول کو اپنائیں مزید فرمایا
اپنے والد کو بہت چاہتے تھے اور بڑی عزت کرتے تھے۔ بڑھاپے کی وجہ سے بابا کی طبیعت میں کچھ چڑ چڑاپن پیدا ہوگیا تھا، پھر بھی خدمت کا یہ عالم تھا کہ اپنے ہاتھوں سے ان کا منہ دھلاتے، تولئے سے صاف کرتے اور بڑے پیار سے ان کی پیشانی کو بوسہ دیتے۔ انہیں اپنے ہاتھ سے کہھلاتے، بابا کی وفات پر کئی دن تک غمگین رہے، جس طرح وہ خود والدین کی عزت کرتے تھے اسی طرح چاہتے تھے کہ ان کے اسکول کے بچے بھی والدین کے رتبے کو پہچانیں۔ ایک دفعہ ایک لڑکا داخلے کے لئے آیا، اس طرح کہ پیچھے پیچھے اس کا ضعیف باپ سر پر سامان رکھے تھا اور یہ تیرہ چودہ سال کا لڑکا خالی ہاتھ آگے آگے تھا۔ آپ نے سب بچوں کو جمع کیا اور ان کے سامنے اس لڑکے کے سر پر سب سامان رکوا کر اسکول کے دس چکر لگوائے۔
ہم میں سے اکثر افراد نے ایک دوسرے کی جانب معنی خیز نظروں سے دیکھا اور مجھے ہر آنکھ یہی گلہ کرتی نظر آئی کہ ہم بھی اپنے والدین کے ساتھ وہ سلوک روا نہیں رکھتے جو ان کا حق ہے۔ بیگم صاحبہ نے شاید اس چیز کو بھانپ لیا اور فرمایا :
بچوں! تم سب بھی اپنے والدین کے ساتھ بہترین سلوک کیا کرو کہ اول وآخر ہی ہے۔ پھر کہنے لگیں میں موضوع سے بھٹک تو نہیں رہی؟ تم کہو گے کہ ان کے حالت زندگی بیان کرنے کے بجاۓ یہ تو وعظ فرمانے لگیں۔
نہیں نہیں ہم سب نے ایک زبان ہو کر کہا ہم آپ کی باتوں سے پورا پورا استفادہ کر رہے ہیں۔
وہ کچھ دیر سوچتی رہیں شاید یہ فیصلہ کر رہی تھیں کہ اب کہاں سے داستان چھیڑی جائے آخر کار فرمایا:
‘‘انہوں نے اسکول اور بورڈنگ ہائوس قائم کرنے مین جو مصائب برداشت کئے، اس سے بہت کم لوگ واقف ہیں، ایک روز کہنے لگے ‘‘ اپنے مکان کے کاغذات کہاں ہیں؟’’میں نے کہا میں ہرگز کاغذات نہیں دوں گی۔ اسکول کی وجہ سے وکالت چھوڑ دی اور اب سر چھپانے کی جگہ بھی رہن رکھنا چاہتے ہو۔’’ میں نے زیورات کی صندوقچی مین مکان کے کاغذات رکھ کر الماری کو مقفل کردیا۔ ان کے انتقال کے وقت ہم پولیس کمشنر کراچی مولوی ضیاء الدین کے پاس ٹہرے ہوئے تھے، وہیں ان کا انتقال ہوا۔ ضیاء الدین صاحب نے بتایا کہ آپ کا مکان بھی میرا اللہ داد صاحب کے پاس رہن رکھا ہوا ہے۔ بچوں! کیا بتائوں اس وقت مجھ پر کیا گزری؟ دنیا تاریک ہوگئی ایک تو شوہر کا سایہ اٹھ گیا دوسرے سر چھپانے کی جگہ نہ رہی۔ خانماں برباد۔ مگر شکر ہے تیجے والے دن ہی دکن سے میرے بھائی آگئے اور وہاں جو لوگ جمع تھے ان مین بہت جوش و خروش تھا۔ تقاریر وغیرہ ہوئیں اور لوگوں نے سینوں پر ہاتھ مار مار کر عہد کیا کہ ‘‘نور محمد نے اسکول اس لئے نہیں بنایا تھا کہ ا سکے بال بچے بے گھر ہوجائیں۔ ہم بھیک مانگ کر بھی انہیں آرام سے رکھیں گے’’۔ غرض بچوں مسلمانوں نے ان کی خدمات کی قدر کی سنا ہے تین ہزار روپے میر صاحب نے معاف کردیئے اور باقی پانچ ہزار روپے اسکول نے ادا کئے۔
یہ کہہ کر بیگم صاحبہ سانس لینے کو رکیں تو ایک صاحب نے چائے تیار ہونے کی اطلاع دی آپ نے وہاں ہی چائے لانے کو کہا۔ چائے کے دوران خاموشی رہی اور ہر شخص اپنی اپنی جگہ پر سندھ کے سر سید کی خدمات پر غور کرتا رہا۔ میں نے بیگم صاحبہ کے جھڑیوں پڑے ہوئے پر وقار چہرے پر نظر ڈالی تو یوں لگا جیسے میں بھی ان کے ساتھ بیسیوں سال پیچھے کی دنیا میں پہنچ گیا ہوں اور نور محمد صاحب کے ساتھ ہر تحریک میں شریک ہوں۔ کمرے کے سکوت کو بیگم صاحبہ گھمبیر اور با تمکین آواز نے توڑا۔
‘‘ہاں تو بچوں! انہوں نے اپنی ذاتی منفعت کیلئے کوئی کام نہیں کیا۔ اپنی زندگی قوم کے لئے وقف کردی ورنہ چاہتے تو اعلی تعلیم یافتہ تھے ہر عہدہ حاصل کر سکتے تھے۔ خلافت کے زمانے مین انگریز حکومت کے خلاف بہت کام کیا۔ مجھ سے کہتے تھے بی بی تمہاری وجہ سے مجبور ہوں جیسا کام کرنا چاہتا ہوں نہیں کر سکتا کہ میرے جیل میں جانے کے بعد تم اکیلی رہ جائوگی۔ ایک دفعہ کلکٹر نے بلاکر کہا کہ نور محمد ان بیکار کاموں کو چھوڑو ہشیار آدمی ہو ہم تمہیں اچھی ملازمت دیں گے۔ مگر انہوں نے صاف انکار کردیا۔
یہاں بیگم صاحبہ ایک لمحے کے لئے سانس سدرست کرنے کو رکیں، اور پھر فرمایا:
کشمیر میں میری پھوپھی کے لڑکے خسرو جنگ بہادر وزیر تھے، انہوں نے کئی مرتبہ ‘‘ان’’ ان کو اعلی عہدے پیش کئے۔ مگر انہوں نے ہر مرتبہ انکار کیا اور یہی کہتے رہے کہ میں آزاد رہ کر ملک و قوم کی خدمت کرنا چاہتا ہوں۔ یہ کہہ کر بیگم صاحبہ نے ایک بھرپور نگاہ ہم سب پر ڈالی جس میں افتخار کی جھلک صاف نظر آرہی تھی اور پر تمکنت لہجےمیں کہا ‘‘بچوں! کیا آج بھی ایسے بے لوث افراد پائے جاتے ہیں جو بغیر کسی عہدے یا انعام کی لالچ کے قومی خدمت کر سکیں۔’’ اور میں نے ان الفاظ کو تیر کی طرح اپنے نوجوان معاشرے کے دل میں اترتے دیکھا۔
اسی دوران ایک لڑکا اپنے کچھ ساتھیوں کے ساتھ کمبل اوڑھے ہوئے گزرا، آپ مضطرب ہوگئیں او رکہا کہ گرمی مین اس لڑکے نے کمبل کیوں اوڑھ رکھا ہے، واقف حال اصحاب نے بتایا کہ وہ بیمار ہے اور اسے ڈاکٹر کے پاس لے جایا جا رہا ہے۔ یہ سن کر ان کی آنکھوں میں بلا کی روشنی آگئی اور کہا:
‘‘ انہیں بھی ہمیشہ اس بات کا خیال رہتا تھا کہ ہاسٹل میں بچوں کو کسی طرح تکلیف نہ ہو۔ کوئی بچہ ہاسٹل میں بیمار ہوجاتا تو بڑے پریشان ہوتے۔ گھر سے سوپ، ساگودانہ وغیرہ پکواکر لے جاتے اور اس کی تیمارداری کرتے، اکثر کہا کرتے تھے کہ ا ن کے والدین نے اللہ کے بھروسے پر اپنے بچے چھوڑ ے ہیں اور اللہ نے یہ کام میرے سپرد کیا ہے۔ ‘‘ وہ اسکول کے بچوں کو گھر پر بلا کر بھی پڑھاتے تھے اور اپنے اسکول کا نتیجہ ہر حال میں بہتر دیکھنا چاہتے تھے۔ ہاسٹل کے بچوں کی تکلیف کا خاص خیال رکھتے تھے اور اچانک ہاسٹل پہنچ جاتے اور ان کے ساتھ کھانے میں شریک ہوتے۔ اس طرح بچوں کی غذا معیاری ہوگئی بچوں ! امتحان کے دنوں میں اپنی صحت کی پرواہ نہ کرتے اور دن رات بچوں کو پڑھاتے۔ ڈاکٹروں نے بہت منع کیا مگر نہیں مانے اور صحت خراب ہوتی چلی گئی۔
اتنا کہہ کر خاموش ہوئیں تو میں نے پوچھا بیگم صاحبہ ان کے کوئی مخصوص معالج بھی تو رہے ہوں گے۔ فرمایا:
ہاں! حیدرآباد میں ایک سول سرجن تھے کرنل ہال گٹ، انہی کا علاج کرتے تھے۔ جب کرنل ہال گٹ کا تبادلہ کراچی ہو گیا تو اس کا تبادلہ دوبارہ رکراچی کروایا۔ خود کرنل نے اس کی خواہش کی تھی اور وہ اس بات پران کا بہت احسان مند تھا۔ کرنل ہال گٹ ایک دفعہ کراچی میں تھا، ان کی طبیعت کچھ معمولی سی خراب ہوئی۔ مجھ سے کہا کہ میں ‘‘کرنل ہالی گٹ ’’ کے پاس کراچی جا رہا ہوں۔ نسخہ وغیرہ لکھوا کر آجائوں گا۔ کچھ ایسے زیادہ بیمار بھی نہیں تھے۔ ان کی عادت تھی کہ جب کبھی باہر جاتے روز ایک خط خسرور لکھتے اور مجھے بھی لکھتے رہنے کی تاکید کرتے۔ ایک روز خط میں لکھا کہ: میں بہتر ہوں طبیعت ٹھیک ہے۔ کل تھوڑی سی کھچڑی کھائی تھی ہضم ہوگئی۔ اس سے پہلے کھانا ہضم نہیں ہوتا تھا۔ اسی دن شام کو تار آیا کہ آپ فوراً آئیں خدمت کی ضرورت ہے۔ میں باحال پریشان پہنچی حالت بگڑ چکی تھی چوتھے دن بیچارے ختم ہوگئے۔
بیگم صاحبہ کی آواز یہاں تک پہنچ کر بھرا گئی اور ہم سب کے منہ سے ایک ساتھ نکلا انا للہ وانا الیہ راجعون ۔ بیگم صاحبہ کچھ دیر تک خود پر قابو پاتی رہیں پھر ایک عزم آلود لہجے میں جس میں فخر کی جھلکیاں نمایاں تھیں یوں گویا ہوئیں۔
ان سے بعض لوگ ان کی اولاد کے متعلق سوال کیا کرتے تھے، ایک روز دفتر میں بیٹھے کام کر رہے تھے ایک صاحب ملنے آئے، اثنائے گفتگو میں انہوں نے دریافت کیا آپ کے کتنے بچے ہیں۔ انہوں نے اس وقت تو ٹال دیا جب اسکول کی چھٹی ہوئی اور سب بچے باہر نکلے تو انہوں نے ان صاحب سے کہا آپ نے میرے بچوں کے متعلق پوچھا تھا؟ پھر اسکول کے بچوں کی طرف اشارہ کر کے کہا: دیکھیئے یہ سب میرے بچے ہیں۔ یہاں تک کہہ کے ہم سب کی جانب مامتا بھری نظروں سے دیکھا اور پھر متکلم ہوئیں۔
جب ان کا انتقال ہوا میری گود میں صرف ڈیڑھ سال کی بچی تھی۔ اس کو وہ بہت چاہتے تھے کہتے تھے ‘‘میرا دل چاہتا ہے اسے خوب پڑھائوں ، خدا کرے یہ میرا دماغ۔ اور وہ بچی واقعی باپ کی طرح ہوشیار اور عقلمند نکلی۔ بچپن ہی سے پڑھائی کی شوقین اور بلا کی شوقین قابل باپ کی قابل بیٹی کبھی کسی امتحان میں فیل نہ ہوئی۔ کم عمری میں اکنامکس میں ایم اے کیا اور اب زبیدہ کالج میں لکچرار ہے۔
بچوں! کالج، اسکول، ہاسٹل اور میری بچی کی طرح تم سب بھی میرے لئے ان کی یادگار ہو۔ میری دلی خواہش ہے کہ تم سب مل کر ان کے افکار کو عملی جامہ پہنائو یہ کہہ کر بیگم صاحبہ نے ہم سب پر ایک ناقدانہ نظر ڈالی اور مجھ پر نظریں جماتی ہوئی بولیں:
کیوں میرے بچوں، بنو گے نا ؟نور محمد، سندھ کے سر سید، اور ہم سب نے یک زبان کہا انشاء اللہ و تعالیٰ

(رسالو الڪمال، ايڊيٽر ڪمال الدين ميمڻ، 12 سيپٽمبر 1937ع، حيدرآباد تان ورتل)

در عقیدت: ایم ایف افضل

محان بزی کہ اگر مرگ ماست مرگ دوام
خدا زکردہ خود شرمسار تو کردہ
شاعر مشرق نے کیا خوب کہا ہے کہ انسان کو ایسی زندگی بسر کرنا چاہیے کہ جب وہ انسان اس جھان فانی کو خیر باد کہہ جائے تو اس کی موت کا اسکے پس ماند مان کی نسبت خدا کو زیادہ افسوس ہو۔ ہمیں نہیں کہ خدا کو افسوس ھہ بلکہ یہ کہ خدا اپنی اس حرکت پر (نعوذ باللہ ) شرمسار ہو!
بھلا سوچیئے تو سہی، ذرا خیال تو فرمائے، کہ خداوند کریم جو لفظ ‘کن’ سے دنیا وما فیہا پیدا کر سکتا ہے، اسکو کیا غرض بڑی کہ ایک ھیچ میرز ضعیف ابدنیان ھستی کی موت پر شرمسار ہو۔ جبکہ وہ موت و حیات پر قادر ہے، جس کے کرشموں میں سے ایک ادنی سا کرشمہ یہ ہے کہ۔
یکے را بسر بر لھد تاجھ بخت، بکیے را بھاک اندر آردز تخت
کلاہ سئادت بکیے بر سوش، گلیم شقادت بیکے دو برش
طریقہ العینی جھان برھم زند، کسی نمی آرد کہ آن جادم زند
اب سوال یہ پیدا ہوتا ہے کہ ایسی زندگی کے لوازمات کیا ہیں؟ وہ کونسی زندگی ہے کہ جسکے ختم ہو جانی پر خدا کو خود افسوس و ندامت ہو؟ وہ کونسی حیات ہی کہ خود خالق ارض و سما اسکی اختتام پر رنجیدہ ہو؟
موجودہ نسل کی لئے اس سوال کا جواب مشکل نہیں۔ کیونکہ ابھی چند روز ہوئی ایک ایسی جلیل القدر، قابل رشک اور نایاب ھستی ھماری دیکھتی دیکھتی، دعائیں مانگتی مانگتی، اللہ میاں کےآگے سر بسجود ہوتی ہوتی، اس سرائی سپنج سے اس دار بقا کی طرف کوچ کر گئی۔ کہ جس پر عنوان کی شعر کا اطلاق مکمل طور پر ہوتا ہے۔ قارئین کرام سے مخفی نہیں ہوگا کہ میرا مطلب ہے میاں نور محمد مغفور لوگوں کو کامیاب انسانو کی زندگی پر رشک آیا کرتا ہے۔ لیکن مرحوم ایسی ہی عدیل انسان تھے کہ اغیار و احباب کو انکی موت پر رشک آتا ہے!!
جب مرحوم کا جنازہ انسانی سروں کی ٹھاٹھیں مارتے ہوئے سمندر میں متعدین کی اخلاص آگین کندہوں پر لہرایا جا رہا تھا، ا س وقت اپنا ہو یا پرایا، دوست ہو یا دشمن، مسلم ہو یا غیر مسلم، کونسا ایسا ذی نفس تھا، جس کی دل میں یہ آرزو نہیں پھڑ پھڑا رہی تھی کہ کاش یہ موت مجھے نصیب ہوتی، کاش یہ پھول مجھ پر نچاور کئے جاتے، کاش یہ گلاب مجھ پر چھڑکا جاتا، کاش یہ مرثی میری شان میں پڑھے جاتے، کاش یہ آنسوں میری یاد میں بہائے جاتے قصہ مختور کاش اس تابوت میں میں ہوتا!!! کیونکہ مرحوم کو یاد کرنی والی، مرحوم کرنے والے صرف مرحوم کی اہل و عیال ہی نہ تھی، لواحقین ورشتیدار ہی نہ تھی، بلکہ اپنی اور پرانے، یگانے اور بیگانی سبھی تھے۔ وہ یتیم بچی جنہوں نے اپنی باپ کی موت کی پرواہ نہیں کی تھی، آج زار و قطار رو رہی تھی، و ہ جری نوجوان جنہوں نے اپنی بھائیوں اور دوستوں کی موت کو پرکاہ کی اہمیت نہیں دی تھی، آج سینہ کو بان نظر آ رہے تھے۔ وہ سالخورردہ بزرگ جو کہ موت کا نظارہ دیکھتے دیکھتے اب پختہ کار ہو چکی تھی، آنسووں کی جھڑیاں لگا رہے تھے۔
آخر یہ بیقراری کیوں تھی؟ آخر یہ عالمگیر حشر سامان رنج و الم کیا تھا؟ مرحوم نہ زردار وڈیری تھی کہ انکی پیسے کو لوگ رو رہے تھے، نہ باوقار افسر تھے کہ انکی جائز و ناجائز چرفداریاں یاد کر رہے تھے، نہ یا خدا پیرو صوفی تھے کہ مریدان با صفا کی حوصلے ٹوٹی جا رہے تھے۔ نہ پنڈت و مہاتما تھے کے جن کی داس اور چیلی اب اناتھ ہو گئے تھے۔
تو آخر مرحوم میں کونسی کیمیا تھی؟ کونسی نایاب صفت تھی؟ کونسی بات تھی؟ جو سندھ کی ذری ذری سی خراج گریہ وصول کر رہی تھی؟ جس نے بیگانوں کو اپنا اور دشمنوں کو دوست بن الیا تھا، مرحوم کی وہ کیمیا صفت خوبی تھی خلق خدا کی خدمت۔ بے ریا خدمت، بے توقع بے معاوضہ خدمت، وہ خدمت کہ جو امیر و غریب کی لیئے یکساں بھی۔ وہ خدمت جو اپنے اور بیگانے کی لیئے یکساں تھی۔ وہ خدمت جو جو صحت و بیماری میں یکسان تھی وہ خدمت جو محض خدمت کی غرض سے کی جاتی تھی اور نہ تعریف و ستائش کے لیئے نہ۔ عہدے یا خطاب کی لیئے، دوستی یا دشمنی کی لیئے۔ وہ مکمل اور ہم گیر خدمت کہ جس سے اپنی اور غیر کا سوال اٹھ جاتا ہے۔ بلکہ خادم خود مجسم خدمت بن جاتا ہے یا یوں کہیں کہ فنا فی الخدمت ہو جاتا ہے۔ بے جیسے کہ مرحوم کی حالت فی الواقع تھی۔ کہ اس خدمت قوم و خدمت خلق کی دھن میں نہ اپنی زد کی پرواہ نھ اپجی گھر کی پرواہ نہ اپنی بیوی کی پرواہ نہ بچوں کی پرواہ۔ اور تو اور اس پروانے نے خدمت کو اپنی صحت و بیماری تک کی پرواہ نہیں، اپنی زندگی و قوت تک کی پرواہ نہیں!
تو کیا قوم نے اس کسی بے لوث خدمات کا اجر نہیں دیا؟ اس کے قومی محبت کی قدر نہیں کی؟ نہیں کی اور ضرور کی!! قوم نے اس شہید قوم کی وہ قدر کی کہ جو نہ کسی خدا رسیدہ صوفی کو نصیب ہوگی اور نہ شب زندہ دار زاہد کو۔ نہ کس کثیر العلائق حاکم کو نصیب ہوگی اور نہ کسی بایقین محکوم کو۔
اللہ اللہ کیا سچ کہا ہے شاعر نے:
عبادت بجز خدمت خلق نیست!
(یعنی دنیا سے سب کی بہتر عبادت خلق کی خدمت ہے۔)

ایم ایف افضل صاحب ایم ای بی ٹی، ایم، آر-ایس –ٹی (لنڈن) ھیڈ ماسٹر ھائی اسکول حیدرآباد

(رسالو الڪمال، ايڊيٽر ڪمال الدين ميمڻ، 12 سيپٽمبر 1937ع، حيدرآباد تان ورتل)