- زندگي:
زندگي هڪ خوبصورت تحفو آهي. پر تحفا هميشہ پيٽ ڀريل جي هٿن ۾ سُونھندا آهن. بُکئي پيٽ واري جي زندگي بہ انجي جسامت جيان نِٻل هوندي آهي. سڀئي رنگ اميرن جي ٿالھہ ۾ جرڪڻ لاءِ آتا هوندا آهن، جڏهن تہ غريب جي جهُڳي ۾ پِيلو رنگ (چُلھہ) بہ اڻلڀ هوندو آهي. مون وٽ اهڙي زندگي جي ۽ اهڙن رنگن جي ڪائي ٻي تشريح ناهي، انھي لاءِ تہ مان توکي ”زندگي“ ناهيان ڪوٺيندو.
-
- حساب ڪتاب:
هُن جي Math اڪثر ڪمزور هوندي آهي، شيون، کاڌو يا ٻيو ڪجهہ ونڊيندي هميشہ پاڇي ”ٻُڙي“ بچائيندي آهي.
- خواب:
خوابن جو تعلق ننڊ سان آهي ۽ مان صدين کان اوجاڳن جو مسافر آهيان.
- اُڀ جي ڇاتي:
مان ازل کان اُڀ جي ڇاتي چيرڻ لاءِ، ڇُري ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ پنھنجا هٿ وڍي ويھندو آهيان.
- ڌپ:
منافقت، ذلالت، حرامپائي، بي غيرتي، ٻيائي وات جي ڌپ جيان هوندي آهي، پنھنجي جي خبر ناهي پوندي ۽ ٻي جي بُري لڳندي آهي.
- لعنت:
بُک سڀني لعنتن جي ماءُ آهي. (1)
___________________________
• (لعنت) سعادت حسن منٽو جي مضمون مان موضوع کنيو ويو.
- سياست:
جمھوريت جي تن تان سمورا ڪپڙا لاهي ان سان زبردستي زنا ڪرڻ ئي اڄ جي سياست جو واضع چھرو آهي.
- ادب:
تاريخ جي سيني ۾ اڄ بہ طوائفن جي ڪوٺن تان سرجيل بھترين غزل دفن آهن.
- عورت:
دنيا جي هڪ انتھائي خوبصورت تخليق، جنھن جي وجود سان هن پُوري ڪائنات جو وجود آهي. عورت فطرت جو هڪ سھڻو تحفو آهي.
- ڊوڙ:
مان گذريل 39 سالن کان ڊوڙ ۾ آهيان، مون سان گڏ ڪُل عالمِ انسان پنھنجي پنھنجي هڪ مخصوص ڊوڙ ۾ رُڌل آهي. هر هڪ ماڻھو ٻئي ماڻھو کان اڳ ڪڍڻ، گوءِ کڻڻ، جي چڪر ۾ آهي. ٻي کي مات ڏيڻ جي لاءِ هر وقت جھڙوڪ آتو نظر اچي رهيو آهي. پر مان پنھنجي ڊوڙ ٻين جي ڊوڙ کان الڳ ڪري ڇڏي آهي، مان پنھنجو پاڻ کي ڳولڻ لاءِ ڊوڙي رهيو آهيان. پنھنجي وجود جي شناخت کي تلاشي رهيو آهيان، پنھنجي اندر جو اڌ گم ٿيل حصو ڳولھي رهيو آهيان، پر گذريل 39 سالن ۾ مون وٽ صرف ڊوڙ کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ناهي.
- هُڳاءُ:
مينھوڳي کانپوءِ ڪچي زمين مان اٿندڙ مٽيءَ جي خوشبوءِ مون کي بي حد وڻندي آهي. فطرت جا انيڪ رنگ مون کي موهي وجهندا آهن. منھنجي جيون ۾ هُڳاءُ واسي ڇڏيندا آهن. شام جي پھر ۾ کُليل آسمان هيٺ ڪچي ڇِڻڪاريل پڌر تي کٽ تي ويهي فطرت جا رنگ پسڻ لاءِ من ماندو هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مان تنھنجي ٽھڪن ۽ ڀاڪرن مان اها اڪير پوري ڪري وٺندو آهيان. تنھنجو هُڳاءُ مون کي هميشہ وشال ڌرتي جيان محسوس ٿيندو آهي.
- رشتا:
انتھائي ويجهن رشتن جي موجودگي ۾ بہ جڏهن اوهان پاڻ کي اڪيلو ۽ تنھا محسوس ڪريو تہ پوءِ يقين ڄاڻو دنيا جو ڪو بہ ڪُلھو اوهان جي لاءِ مضبوط ثابت نہ ٿيندو.
- اڪيلائي:
اڪيلائي ”ڪُتيءَ“ جيان هوندي آهي، جيڪا اڪثر مون کي کائيندي رهندي آهي.
- سماج:
هي سماج ¼ ۾ ٺھيل آهي. هڪ حصو توهانجو ۽ باقي 3 حصا سماج جا. سو پاڻ کي 3 حصن جي لالچ ڏئي ڪري پنھنجو هڪ حصو نہ وڃايو. پنھنجي ئي هڪ حصي ۾ جيون گهارڻ سِکي وٺو.
- سگهہ:
ها ! مان توکي وساري ناهيان سگهيو !
39 بھارون ڏسي چڪو آهيان پر 39 سيڪنڊن جيتري ملاقات جي لاءِ اڄ بہ دل سَٽون کائيندي آهي.
- پھرين چُمي:
تنھنجي طرفان ڏنل پھرين چُمي، جنھن ۾ ڪائنات جا سمورا رنگ ۽ احساس سمايل هئا، انھيءَ چُمي جو لَمس اڄ بہ مون کي ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي.
- ننڊ:
مان اڪثر رات جو جاڳندو آهيان، شايد ازل کان ڪنھن ڏوھہ جو ڄڻ ڏوهي هجان ۽ عمر قيد جي سزا ۾ ننڊ مون کان ڪوهين ڏُور آهي ۽ مان سمھڻ کان هاڻي ڊڄڻ لڳو آهيان.
- آنڌ مانڌ:
منھنجو من بي قرار ۽ بي چين آهي هڪ عجيب قسم جي بي چيني مون کي ورائي وئي آهي. ڇا جي ۽ ڇا لاءِ بي چين آهيان؟ ڪا خبر ناهي ! پر من ۾ آنڌ مانڌ جاري آهي ۽ مسلسل دل جو ڌڌڪو وڌندو پيو وڃي، محسوس ائين پيو ٿئي تہ اِجهو ساھہ جي تند ٽُٽي ويندي. خبر ناهي مان ڪيئي سالن کان انھي آنڌ مانڌ ۾ ڇو آهيان. . . . !!!؟؟؟
- پيسو:
جانور کي جيڪڏهن وات ۾ ڊالر وجهي ۽ ڳچيءَ ۾ سونا ڳٽ پارائي بازار مان چڪر لڳائي اچبو تہ. . . . . تہ بہ جانور، جانور ئي رهندو. پيسي سان معيار ناهي ماپبو.
- محبت ۽ نفرت:
مان محبتن جو متلاشي آهيان مون هميشہ محبتون تلاش ڪيون آهن. نفرتن جي ٻيٽ ۾ منھنجو گذارو ئي ڪونھي. نہ مان توهان جھڙو ٿيندس ۽ نہ توهان مون جھڙا.
- ڀاڳ:
ادب جي آبياري لاءِ اوهان جو ڀاڳوند هجڻ تمام ضروري آهي. نہ تہ ننڌڻڪائي اوهان جي مقدر ۾ آهي ئي. . . . . . مون کي اڪثر دوست ائين چوندا رهندا آهن !
- ڪشڪول:
وقت جي ڪشڪول مان منھنجي عمر جا 39 کوٽا سِڪا ڪِري پيا آهن.
- خواهش:
تنھنجي ساٿ هجڻ سان، هڪ احساس بار بار جنم ورتو آهي تہ توکانسواءِ مان ڪجهہ بہ ناهيان . . . . !!!
- ڪُن فيڪون:
ڪالھہ رات منھنجي سپنن ۾ هڪ خودڪش بم ڦاٽو ۽ منھنجي خوابن جا چٿڙيل لاشا روڊن تي پکڙيل پيا رهيا.
- گهڙي:
مون اڄ تائين گهڙي ناهي ورتي، مون کي امر نہ ٿيو ۽ توکي ڪڏهن الھام نہ ٿيو. هٿ جي ڪارائي اڄ بہ تنھنجي وڇوڙي جي شاهد آهي.
- زندگي جون اکيون:
منھنجي زندگي جون اکيون زخمي آهن. انھن اکين ۾ وقت جي ويرين سُيون ٽنبي ڇڏيون آهن.
- ڪوجهائپ:
ڊيڄاريندڙ، مڪروه چھرا، اذيت ڏيندڙ نظرون، ڦوٽاريل دوڏا، ٿلھا، بي ڊولا ڪارا جسم، وڏا پيٽ، ڪِنا اڻڀا چيڙهيل وار، پيلا بدبودار ڏند، ڪاراٽيل چَپ_____ هي سمورا نقش منھنجي ارد گرد جي ڪوجهن وجودن جا آهن. ڇو جو اهي ڪوجها وجود رت ۽ ٻين اهڙن رشتن سان مون سان سلھاڙيل آهن. جيڪي منھنجي ذهني صلاحيتين کي پڻ ڪوجهائپ جي اثر هيٺ آڻي رهيا آهن.
- ماڻھپو:
تو ۾ جي ماڻھپو ناهي تہ تنھنجو وجود مون لاءِ ڌُوڙ مثل ئي آهي. . . . !!!
- داغ:
داغيل ٻوٿ ۾ ڪڏهن بہ خوشين جا عڪس واضع نظر ناهن ايندا.
- نظر:
دنيا جي وشال پڌر تي منھنجو پتڪڙو وجود. . . . . . . ! تنھنجي نظر کان مٿانھون آهي. ڇو تہ تون ظاهري اکين سان مون کي تلاشي رهيو آهين جڏهن تہ تنھنجي اندر جي اڏاوت ۾ منھنجي عمر جو اڌ حصو لڳل آهي.
- احساس:
منھنجا احساس ڊسٽ بن ۾ اڇلايل ردي ڪاغذ جيان آهن. جنھن جي هجڻ ۽ نہ هجڻ سان ڪنھن تي ڪو فرق نہ ٿو پوي.
- ڪمرو:
منھنجي زندگي جو احاطو صرف هڪ ڪمري کان وڌ ڪونھي.
- پالڻھار:
هڪ دفعو ٻيھر توکي ياد ڏيارڻ ٿو چاهيان اي پالڻھار !
تہ اڄ کان 39 سال اڳ اوهان جي هٿن، منھنجي وجود جي مٽي بہ ڳوهي هئي.
- سپنا
منھنجا سپنا سمنڊ ڪناري پيل انھن سِپين جيان آهن جن ۾ ڪي بہ
موتي ناهن هوندا. . . . .
- دُعا
منھنجو خلوص ئي تو لئہ دعا مثل آ تون گهٻراءِ نہ مو ربّ کان صرف
تو کي ئي گهريو آهي.
- سسئي ۽ صدا
اي سکي ! منھنجي ڪمري ۾ اڄ بہ تنھنجا ٽھڪ پڙاڏو بڻجي گونجندا آهن مان صدين کان تنھنجي راھہ پيو ڏسان ۽ تون صدين کان سسئي جيان ننڊ پئي آهين. . . .
- مايا
هي ڪائنات صرف هڪ ڌوڪو آهي، هڪ مايا آهي ٻيو ڪجهہ بہ ناهي، هتي سڀ ڪو جادوگر آهي، هر ڪو پنھنجو پنھنجو کيل رچائي ماڻھن کي مُنجهايو ويٺو آهي.
- اهميت
هٿ جي تَري جيتري ڪاغذ جي اهميت اڄ اسان جي قدن کان وڌيڪ قدآور آهي. ماڻھپي جو معيار صرف قارونيت وارو آهي. موسى جي سين وارو زمانو لنگهي ويو، هاڻي چوڏس فرعونيت کي فروغ آهي.
- وجود
منھنجي سڀ کان وڏي بدقسمتي اها آهي تہ مان هن دور جو رهاڪو آهيان، منھنجي سوچن، منھنجي خلوص، منھنجي حساسيت ۽ منھنجي سچائي جي تن جا ڪپڙا لاٿا ويا آهن، مان زنا جي بستري جھڙي هن سماج جو هڪ اگهاڙو فرد آهيان. منھنجي وجود کي ڍڪڻ لاءِ ڪنھن کي ڪا بہ ضرورت محسوس نہ ٿي ٿئي، ڇو تہ مان فرعونيت کان فرار ٿي ويل فرد آهيان ۽ سماج منھنجي جسم تان جيئري کَل لاهڻ جي فتوى ڏئي ڪري منھنجي تن تان سمورا ڪپڙا لاهي ڦِٽي ڪيا آهن.
- هڪ سوچ:
زندگي جي هن مختصر ڊوڙ ۾ اسين هميشہ اڳيان وڌڻ چاهيندا آهيون. پر اسين اهيو وساري ويھندا آهيون تہ اڳيان وڌڻ جي لاءِ لازماً اسان کي ڪنھن نہ ڪنھن کي پوئتي ڇڏڻو ئي پوندو آهي. ڇا اهو بھتر نہ آهي تہ بجاءِ ڪنھن کي پوئتي ڇڏڻ جي ان سان گڏ گڏ سفر ڪجي. . . !!!
- فاسشسٽ:
قرت العين حيدر جون سٽون آهن تہ: ”اسين سڀ حقيقت ۾ فاشسٽ ٿي ويا آهيون، اسان پنھنجي هٿيارن جا منھن هڪٻئي ڏانھن ڪري ڇڏيا آهن.” اڄ جي هن دور ۾ ڪنھن وٽ بہ وقت ڪونھي جو ڪير ڪنھن جا درد پنھنجي جهولي ۾ کڻي. . . . . انھن دردن جو ڪو درمان ٿئي. . . . . تاريخ پنھنجو پاڻ کي انھن ماڻھن جي سامھون هڪ دفعو ضرور ورجائيندي آهي جيڪي تاريخ کي وساري ويھندا آهن.
- حِرص ۽ مفاد:
دنيا ۾ جتي اهلِ درد ۽ انسانيت دوست آهن اتي اهڙا ماڻھو بہ آهن جن جو گهڻو وقت تلوارون ۽ ڇُرين کي تيز ڪرڻ ۾ گذرندو آهي. جيڪي هر وقت اهڙي موقعي جي تلاش ۾ هوندا آهن تہ پنھنجا تيار ڪيل هٿيار ماڻھن جي هٿن ۾ ڏئي خونريزي جو تماشو ڏسن ۽ پوءِ رت جي انھي حوض مان پنھنجي حرص ۽ مفاد جي اُڃ اُجهائين . . . . !!!! (2)
_________________
سعادت حسن منٽو جي مضمون مان کنيل.
- ظرف:
ظرف جو ٿانوَ جيڪڏهن ننڍو هجي تہ گهڻيون شيون سنڀالي ناهي سگهندو، پوءِ چاهي علم هجي، دولت هجي، تقوي هجي، عزت هجي، شھرت هجي. نيٺ ان ٿانوَ مان هارجي ويندو آهي(3)
- قدر:
اخلاق جو قدر بہ دولت ۽ طاقت سان آهي. (4)
- لفظ:
لفظ هميشہ مٺا ڳالھايو. . . ڇو تہ؟ جيڪڏهن اهي لفظ ڪڏهن اوهان کي واپس وٺڻا پون تہ ڪڙا نہ لڳن. . . . . . !!!! (6)
______________________________________
• هي مٿيان ٽئي موضوع سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تان انسپائريشن طور کنيا ويا آهن.
- دوست ۽ فنڪار:
زندگي گذاريندي گهڻن ئي ماڻھن سان واسطو پيو نظر تہ ائين آيو ڄڻ اهي اسانجو وڏو خيال رکندا هجن پر هاڻي پوئتي مڙي نھارڻ کانپوءِ حقيقت سمجهہ ۾ آئي آهي تہ انھن مان چند سھڻا دوست هئا ۽ ٻيا سھڻا فنڪار هئا. (5)
____________________________________
• هي موضوع سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تان انسپائريشن طور کنيو ويو آهي.
- سبق:
زندگي جا سمورا مھانگا سبق هميشہ سستا ماڻھو ئي سيکاريندا آهن اهڙن سستن ماڻھن جي پنھنجي حياتي ۾ قدر ڪريو. (7)
- هڪ ڳالھہ:
هڪ ڳالھہ هميشہ ياد رکي ڇڏيو تہ:
اخلاق ڪڏهن بہ نہ ٿو هارائي، ۽ تڪبر وري ڪڏهن بہ کٽي نہ ٿو سگهي !!! (8)
______________________________________
• هي ٻئي موضوع سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تان انسپائريشن طور کنيو ويو آهي.
- صرف افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو:
اڪثر ڏٺو ويو آهي تہ ڪجهہ ماڻھو ٻين جي ڪلھن تي پير رکي ڪري، نابينن جي جيان ٻين جون آڱريون جهلي ڪري، ۽ Corporate (هڪ مخصوص حلقو) کان صرف واه واه ڪرائي پنھنجي جڳھہ ٺاهيندا آهن. شارٽ ڪٽ وارو، چاپلوسيءَ وارو رستو اختيار ڪندا آهن، پنھنجي تعريف جا ڪوڙا بند ٻين کان ٻَڌرائيندا آهن ۽ زندگي پنھنجي اهڙي ريت گذاريندا آهن.
- بس هڪ ڏينھن مرڻ لاءِ:
جيڪو ٺھيو آهي اهو ڊهندو ضرور . . . . هر شيءَ فنا آهي سواءِ منھنجي پالڻھار جي هستي جي باقي سڀ ڪجهہ فنا آهي. . . . بقا جي ذات صرف رب جي ذات کي آهي. زندگي جي پل جي بہ خبر ناهي تہ ايندڙ پل، لمحو، ڪا گهڙي، ڪا ساعت اسان جي دامن ۾ ڇا کڻي ايندي؟ پيدا ٿياسين آذان ٿي، مري وياسين تہ نماز ٿي، آذان کان نماز تائين جي مختصر حصي جو نالو زندگي آهي. ۽ ان مختصر حصي جي زندگي ۾ اسان توهان ڪڏهن ڪڏهن ڪيڏا بي حِس ۽ ڪڏا ظالم ٿي ويندا آهيون جو اسان جي اردگرد رهندڙ انسانن جا ڏُک، درد تڪليف ۽ اهنج وغيره نظر بہ نہ ايندا آهن. بس جيئندا ويندا آهيون جيئندا ويندا آهيون صرف هڪ ڏينھن مرڻ لاءِ . . . . . . !!!!
- تقدس !
محبتن، دوستين ۽ رشتن جو تقدس پائمال ٿيندو پيو وڃي انسان، انسان کان پري ٿيندو پيو وڃي. ننڍ وڏائي ختم ٿيندي پئي وڃي. اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ ساھہ کڻي رهيا آهيون جتي صرف مفاد، صرف پنھنجي ذات لاءِ جيئڻ، بغض، ساڙ، حسد وغيره سان سڄو ماحول ڀريو پيو آهي. ڪنھن کي ڪو فرق نہ ٿو پوي اسان هي آخر ڪري ڇا رهيا آهيون؟ ڪھڙو ٻِچ ڇَٽي رهيا آهيون. . . . . !!!؟
- ڏُک ۽ سُک:
ڏک ۽ سُک اسان جي زندگي جي سِڪي جا ٻہ پاسا آهن. انھن جا پاڇا هر انساني جيون تي پوندا آهن. اهنجن، سھنجن مان گذري پنھنجي منزل کي ماڻڻ ئي اصل زندگي آهي. باقي چوگرد هڪ آرٽيفيشل زندگي گذارڻ جو حلقو وڌندو پيو وڃي، هر انسان تي ڏکيو وقت اچڻو آهي پر ٻئي جي چپن تان دردن جون دانھون وٺي ڪري انھن جي چپن تي مرڪ ڏيڻ ئي انسانيت آهي.
- ويڙھہ:
هو هر ڪنھن سان وڙهندو رهندو هو، ڪڏهن غربت سان ويڙھہ، ڪڏهن پيٽ جي ٻن ويلن جي ٽڪر لاءِ پٿرن سان ويڙھہ، ڪڏهن بُک ۽ بدحالي سان ويڙھہ، ڪڏهن سماج جي اڻ برابري وارن روين سان ويڙھہ، مطلب تہ سموري حياتي هو ڪنھن نہ ڪنھن سان ويڙھہ ۾ جُنبيل هوندو هو. ڪڏهن بہ شانتي سان هڪ ڏينھن بہ نہ گهاريائين. . . . . . ائين وڙهندي وڙهندي نيٺ اڄ هو زندگي کان هارائي ويٺو ۽ هميشہ لاءِ شانت ٿي ويو.
- علامت:
روئڻ زندگي جي علامت آهي.
- شيون:
جيڪي شيون اوهان جي هٿ وس آهن اهي حقيقت آهن ۽ جيڪي شيون اوهان جي هٿ وس ناهن اهي صرف خواب آهن. . . .
- اميد:
اميد ڪڏهن بہ لاهڻ نہ گهرجي، ڇو تہ دنيا اميدن تي قائم و دائم آهي. سو منھنجو سھڻو رب اوهان لاءِ اتان بہ رستو ٺاهي ڏيندو آهي جتان رستو نڪرڻ جي اميد بہ نہ هوندي آهي.
- مضبوطي:
جيڪڏهن اوهان پنھنجي زندگي ۾ پاڻ کي مضبوط ڪرڻ چاهيو ٿا پوءِ زندگي ۾ هر ڏکئي حالات سان اوهان کي اڪيلي سر وڙهڻو پوندو. . . . .
- مثبت رُخ:
هڪ سِڌي ۽ مثبت رُخ ۾ اوهان جو ڪيل ڪم هڪ نہ هڪ ڏينھن ضرور سڦلتا ماڻيندو. سامھون واري جي ڪم ۾ ڪيترا نقص آهن؟ ان ۾ ڪھڙا گُڻ آهن؟ اهڙي سوچ کي نندي ڪري صرف پنھنجي حصي جي ڪم تي ڌيان ڏئي اڳيان وڌندڙ پنھنجي منزلِ مقصود تي ضرور رسندا آهن. مسلسل محنت، جاکوڙ ۽ سچائي جي جذبي تحت ڪم ڪرڻ سان اوهان سماج ۾ هڪ سُٺي ۽ معياري ساک ضرور بڻائيندا. . .
- اڌوري لکڻي:
تون اڪثر مون کان پڇندي آهين تہ منھنجي هر لکڻي اڌوري ڇو هوندي آهي. . . !!!؟
ڇو تہ منھنجي زندگي جي لکڻي اڃان اڌوري آهي. . . . !!!
- ياد:
ها اهو سچ آهي تہ مان توکي اڄ بہ ياد ڪندو آهيان، ڇو ڪندو آهيان مون کي ڄاڻ ناهي، پر تنھنجي ياد جي اچڻ سان منھنجي وجود اندر اڄ بہ ساڳي عجيب ڀڃ ڊاھہ شروع ٿي ويندي آهي.
- رب ۽ ڪُفر:
تون مون کي ايڏو پيار ڇو ڪندو آهين !؟ هڪ دفعي پڇي ورتو هيئي. . . . .
”مان تو ۾ پنھنجي رب کي پَسيو آهي. “
”تون صفا ڪو چريو آهين، ائين نہ چئبو آهي، ڪُفر ٿو ڪرين!“
”نہ مان چريو نہ آهيان، ڇو جو جيڪو پنھنجي رب کي پسي وٺي اهو چريو نہ هوندو آهي. . . . !!!“
”ٻڌُ . . . . اي سُندر روح واري ڇوڪري ! ڪُفر توکي پَسڻ ۾ نہ پر توکان مُنھن موڙڻ ۾ آهي. “
- اي منھنجي سپنا!:
مان پنھنجي باقي زندگي جا خوبصورت ڏينھن تنھنجي ئي محبتن جي ڀاڪرن ۾ گهارڻ کي دنيا جو عظيم تحفو سمجهان ٿو. ڇو تہ دنيا جي ٻي ڪا بہ عورت مون جھڙي اڻ گهڙيل شخص کي ڪڏهن بہ ايترو چاھہ ۽ مانُ نہ ڏيئي سگهي ها!
- برف:
منھنجا سمورا لھجا برف ٿي ويا آهن. تون پنھنجي ياد جي گرمي سان انھن کي پگهارڻ جي ڪوشش نہ ڪندي ڪر. ڇو تہ مون وٽ تو لاءِ ڪجهہ ناهي رهيو. . . . .
- فطرت:
خيرپور ناٿن شاھہ جي مٽي سان منھنجو جيءُ جڙيل آهي، مان جتي بہ رهان، دنيا جي ڪنھن بہ ڪُنڊ ۾ هجان پر اي منھنجي شھر جي مٽي! تولاءِ منھنجو من هميشہ اُٻاڻڪو رهندو !!!
- جڳ جا ويري:
تون ۽ مان جڳ کي ويري بڻائڻ لاءِ هڪٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتوسين. پنھنجن جو وير، زهر مِثل ٿيندو آهي، جيسين ماري نہ ٿو تيسين پورو نہ ٿو ٿئي. 10 سالن پڄاڻان اڄ بہ جڳ جي ويرين مُنھن ۾ آهيون. پر اهيا ٻي ڳالھہ آهي تہ هاڻي جڳ جو چھرو بدصورت کان بدصورت ٿي ويو آهي ۽ ان جي وات مان بدبو پڻ اچڻ لڳي آهي.