تاريخ، فلسفو ۽ سياست

دنيا جا مشھور فلسفا

هي ڪتاب هڪ ڏاهپ وارو ڪتاب آهي. جنھن ۾ ليکڪ منجهيل سُٽَ، سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ھن ڪتاب ۾ ليکڪ پاران روزاني پنھنجي اخبار ۾فلسفي جي موضوع تي سيپٽمبر 2022 کان جولاءِ 2023 تائين ڇپيل ڪالم شامل آھن. ليکڪ، فلسفي جي ٻولي عام فھم ڪري آسانيءَ سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيئن هر عام پڙهندڙ بہ فلسفي کي آسانيءَ سان سمجهي سگهي، سندس هي پورهيو قابل داد آهي. ڊاڪٽر محمد الياس ڀُٽي صاحب، فسلفن جو بنياد، تاريخ، تعارف، تنقيد، تشريح، هاڪاري ناڪاري اثر ۽ نتيجا احسن نموني سمجهايا آهن. 

  • 4.5/5.0
  • 35
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book دنيا جا مشھور فلسفا

ڪتاب جا حق ۽ واسطا مَحفوظُ

ڪتاب جو نالو: دُنيا جا مشھور فلسفا
موضوع: فلسفو
ليکڪ: ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو
ڇاپو پھريون: سيپٽمبر 2023ع
ٽائٽل ڊزائن: مور ساگر
ڪمپوزنگ: ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو
ڇپائيندڙ: سوچ پبليڪيشن- سيوهڻ شريف
ڇپيندڙ: ساحل پرنٽر رابعيہ اسڪوائر حيدرآباد 03332634650

قيمت: -/600 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
2024ع
www.sindhsalamat.com

ارپنا

هي ءُ ڪتابُ آءٌ، هر اُن پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ماڻھوءَ
جي نانءُ ڪريان ٿو،
جيڪو شين ۽ لقائن کي سمجهڻ لاءِ
روايت پسند بڻجڻ بدران
پنھنجو ذهن نين ڳالھين، نظرين ۽
فلسفن لاء لکيل
رکي ٿو.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو جي لکيل مضمونن ۽ ڪالمن تي مشتمل ڪتاب ”دنيا جا مشھور فلسفا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
هي ڪتاب هڪ ڏاهپ وارو ڪتاب آهي. جنھن ۾ ليکڪ منجهيل سُٽَ، سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ھن ڪتاب ۾ ليکڪ پاران روزاني پنھنجي اخبار ۾ سيپٽمبر 2022 کان جولاءِ 2023 تائين ڇپيل ڪالم شامل آھن. ليکڪ، فلسفي جي ٻولي عام فھم ڪري آسانيءَ سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيئن هر عام پڙهندڙ بہ فلسفي کي آسانيءَ سان سمجهي سگهي، سندس هي پورهيو قابل داد آهي. ڊاڪٽر محمد الياس ڀُٽي صاحب، فسلفن جو بنياد، تاريخ، تعارف، تنقيد، تشريح، هاڪاري ناڪاري اثر ۽ نتيجا احسن نموني سمجهايا آهن.
ھي ڪتاب سوچ پبليڪيشن، سيوهڻ پاران ساحل پرنٽرز حيدرآباد وٽان 2023ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون مير حاجن مير جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

سيوهڻ جي زرخيز مٽيءَ مان ڪيترن ئي املھہ ماڻھن جنم ورتو آهي، اهڙن املھہ ماڻھن ۾ ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو بہ هڪ آهي.گهڻي وقت کان مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پنھنجيون تعليمي خدمتون ڏئي رهيو آهي، تہ ٻي پاسي ادبي خدمتون پڻ ڪري رهيو آهي، هو هڪ ڏاهو، ليکڪ، مترجم ۽ فلسفي جو شاگرد آهي. سندس هڪ ڪتاب ” تقريرون“ 2022ع ۾ ڇپيل آهي. سندس هي ٻيو ڪتاب” دنيا جا مشھور فلسفا“ هڪ ڏاهپ وارو ڪتاب آهي. جنھن ۾ هن منجهيل سُٽَ، سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. فلسفي جي ٻولي عام فھم ڪري آسانيءَ سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيئن هر عام پڙهندڙ بہ فلسفي کي آسانيءَ سان سمجهي سگهي، سندس هي پورهيو قابل داد آهي.
ڊاڪٽر محمد الياس ڀُٽي صاحب، فسلفن جو بنياد، تاريخ، تعارف، تنقيد، تشريح، هاڪاري ناڪاري اثر ۽ نتيجا احسن نموني سمجهايا آهن. جنھن ۾ هو گهڻي قدر ڪامياب ويو آهي، جن کي پڙهڻ سان علم ۾ اضافو ٿئي ٿو، ۽ هڪ ڏکئي موضوع تي خوب نڀايو اٿس، قديم دؤر کان موجودہ دؤر تان تائين مختلف فلسفن جو اڀياس ڪري پنھنجو نقطہ نظر پيش ڪيو ويو آهي.
هن موضوع تي هن وقت تائين سنڌي ادب ۾ گهٽتائي سان لکيو ويو آھي، ڊاڪٽر صاحب ” دنيا جا مشھور فلسفا “ ۾ مفصل ۽ جامع آرٽيڪل لکي، فلسفي جي چاهيندڙن ۽ شاگردن جي علم ۾ اضافو ڪيوآهي اسان جي اداري جو هي ڪتاب اميد تہ ضرور اوهان کي پسند ايندو.

- ادارو

سٽاءُ

 پبلشرنوٽ ادارو 06
 ڪتاب بابت ويچار ليکڪ 09
 سَمھاڳ مير حاجن مير 16
 مُھاڳ (فلسفن جو تقابلي جائزو) ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو 24

حصو پھريون: روايتي ۽ ڪلاسيڪل فلسفا

1. خيال ــ پسنديت يا تصوريت جو فلسفو......................................... 34
2. دواميت جو فلسفو .......................................... 39
3. حقيقت-پسنديت يا عقليت جو فلسفو.......................................... 44
4. عمل-پسنديت جو فلسفو ............................................51
5. فطرت-پسنديت فلسفو ............................................56
6. وجوديت جو فلسفو ............................................61
7. نوتعميريت فلسفو ............................................67
8. مشرقي فلسفو ............................................71
9. صوفي ازم ۽ سرمائيداريت ............................................77
10. انسان-پسنديت نظريو ............................................81

حصو ٻيون: تحقيقي فلسفا
11. پازيٽوزم يا مثبتيت جو فلسفو ............................................88
12. تشريحيت جو فلسفو ............................................93
13. پوسٽ ماڊرنزم فلسفو ............................................97

حصو ٽيون: ادبي تنقيدي فلسفا
14. تنقيدي نظريا ۽ ادبي تنقيد .........................................103
15. فرائيڊ جو تحليل نفسي نظريو: مختصر تعارف..........................107
16. فرائيڊ جي تحليل نفسي ۾ خوابن جي تعبير..............................113
17. تحليل نفسي نظرئي تحت موت جي خوف جو جائزو ..................118
18. فيمينزم يا عورت-واد تنقيدي نظريو ........................................ 123
19. مارڪسزم تنقيدي نظريو .........................................128
20. انساني نسل جي پيڙا کان نجات جو راز(حصو پھريون).............. 132
21. انساني نسل جي پيڙا کان نجات جو راز( حصو ٻيو ) .................. 137
22. انساني نسل جي پيڙا کان نجات جو راز ( حصو ٽيو آخري)..........141

حصو چوٿون : چونڊ فلسفيانہ ڪالم
23. علم جو نئون اوزار .........................................146
24. علم جو سفر ........................................ 157
25. غار جا گمراھہ قيدي، پاڇا ۽ سچائي ....................................... 162
26. چٻا ڦڏا ڪارا چشما ........................................ 166
27. وھم ۽ وسوسا ........................................ 170
28. صحيح ۽ غلط ........................................ 175
29. ’اڄ‘ ازل کان نئون آھي ........................................ 179
30. ساڄڙ ۽ کاٻڙ ........................................ 183
31. ھٿرادو ذھانت ........................................ 187
32. بايو ٽيڪنالاجي جا معجزا ........................................ 194
33. خوشي ........................................ 199

ڪتاب بابت ويچار: ليکڪ

فلسفو (فلسفو يوناني ٻولي جي ٻن لفظن مان جڙيل آھي: فلين=پيار؛ سوفيا=ڏاھپ) يا ڏاھپ جو پيار ايترو ئي پراڻو آھي جيترو خود انسان! چارلس ڊارون جي ارتقائي نظريي سان لاڳاپيل ”نسلي بقا لاءِ بھترين صلاحيتن جي فطري چونڊ“ يا ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ جو اصول سڀني جاندارن تي ھڪ جيترو لاڳو رھيو آھي، پر انساني حيات ۾ جنھن انقلاب ان عام ۽ غير اھم مخلوق کي ٻين تي سبقت ڏني ۽ ان کي نام نھاد طور اشرف المخلوقات جو درجو ڏنو اھو وقوفي انقلاب (Cognitive Revolution) ھو جيڪو انساني تاريخ جو پھريون انقلاب پڻ ھو. ھن انقلاب انسان کي پنھنجي خارجي مشاھدن ۽ تجربن توڙي داخلي جذبن جھڙوڪ خوف ۽ خطري، پيار ۽ محبت، ڪاوڙ ۽ نفرت، مقابلو ۽ فرار جي اظھار لاءِ ٻولي جھڙو طاقتور سماجي اوزار عطا ڪيو. ڊاڪٽر ھراري چواڻي: انساني تاريخ جا ٻيا سڀ انقلاب جھڙوڪ زرعي انقلاب (Agricultural Revolution)، صنعتي انقلاب (Industrial Revolution)، ھن دؤر جو سليڪان يا ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ انقلاب (Silicon/Computer & Internet Revolution) ۽ مستقبل جو انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي جي سنگم جو انقلاب (Merger of Info & Bio Technology Revolution) سڌي يا اڻ سڌي ريت وقوفي انقلاب جا ثمرات آھن.
ٻوليءَ بدولت ھڪ پاسي انسان جا ٺوس ۽ معروضي حواسي مشاھدا، محسوسات ۽ تجربا کيس دنيا، فطرت ۽ سماج کي سمجهڻ، پرکڻ ۽ ثابت ڪرڻ جي ڪينواس تي وسيع تاڃي مھيا ڪندا رھيا آھن تہ ٻئي پاسي تصوراتي ڪھاڻيون گهڙڻ ۽ ٻڌائڻ واري ذھنيت ان ڪئنواس جي پيٽي تي دلفريب ۽ خوبصورت نقش چٽيندي رھي ٿي، ڇو تہ ارتقا انسان جي کاٻي مغز کي حواسي سمجهہ عطا ڪئي ھئي جڏھن تہ ساڄي مغز کيس تصورات ۽ ڪھاڻين جي دلفريب دنيا سان آشنا ڪيو ھو.
ھن ڌرتيءَ تي ڪا بہ شيءِ، جذبو، سچائي، نظريو وغيرہ خالص حالت ۾ ملڻ ناممڪن آھي ڇو تہ فطرت جي ننڍي ۾ ننڍي توڙي وڏي ۾ وڏي شيءِ، وجود يا تخليق پنھنجي اندروني ۽ بيروني تضادن سان ٽمٽار آھي ۽ اھي تضاد ازل کان توازن ۽ عدم توازن (تعمير ۽ تخريب) جي جنگ ۾ جوٽيل ئي رھندا آھن. سقراط کان بہ اڳ هيراڪليٽس (Heraclitus, 500BC) چيو ھو ۽ بلڪل صحيح چيو ھو تہ ڪائنات ۾ ڪا بہ شيءِ دائمي ناھي سواءِ تبديلي جي. اھو ئي سبب آھي جو وقت گذرڻ سان ۽ مختلف تجربن ۽ محسوسات جي نتيجي ۾ اسان انسانن جي شخصيت، اسان جي سوچ، اسان جي نظريي، اسان جي فلسفي، اسان جي رويي ۽ اسان جي عمل ۾ تبديلي ايندي آھي. اھا تبديلي ان ماڻھوءَ جي خارجي تجربن، داخلي لاڙن، مطالعي، مختلف ثقافتن جي ماڻھن سان لھہ وچڙ ۽ وقت گزارڻ، پسنديده شخصيت جي شخصي لاڙن وغيرہ جي اثرن ھيٺ ھاڪاري توڙي ناڪاري رخ ۾ برپا ٿي سگهي ٿي؛ اِھا ئي ارتقا آھي. ھن تناظر ۾ اھو سمجهڻ ضروري آھي تہ نظريا ۽ اصول مخصوص خارجي (معروضي) ۽ داخلي (موضوعي) حالتن ھيٺ جڙندا آھن ۽ انھن تي ڀاڙيندڙ ھوندا آھن؛ جڏھن ارتقائي اثرن جي ڪري مٿين حالتن ۾ تبديلي ايندي آھي تہ ان صورت ۾ اھي نظريا ۽ اصول پنھنجي اھميت وڃائي ڇڏيندا آھن. اھو ئي سبب آھي جو سائين جي ايم سيد چيو ھو تہ :”جڏھن اصول ۽ قانون انسانن جي ڀلائي بدران انھن جي استحصال جو سبب بڻجي وڃن تڏھن انھن کان بغاوت لازمي بڻجي وڃي ٿي.“
مٿئين تناظر کي نظر ۾ رکي پروڙينداسين تہ اسان کي اھو پتو پوندو تہ ماضيءَ ۾ توڙي حال ۾ ھڪ ئي وقت ھڪ ننڍي خطي ۾ يا سڄي ڌرتي تي اسان انسان مختلف فلسفن، نظرين، عقيدن، قدرن، سوچن، راين ۽ روين ۾ ڇو ورھايل آھيون. ياد رھي تہ فرد جا اھي داخلي ۽ موضوعي لاڙا اسان جي خطي جي مخصوص معروضي ۽ اجتماعي سماجي حالتن جي تاڃي پيٽي تي اڪريل نقش آھن. اسان جو عملي ۽ معاشرتي ڪردار مٿين داخلي ۽ خارجي لاڙن جي ضرب اپت آھي. اھو ئي سبب آهي جو ڪنھن خاص وقت ۾ ھر ٽولي، قبيلي، قوم توڙي خطي يا ملڪ جي ھڪ مخصوص ۽ مختلف تھذيب ۽ ثقافت رھي آھي. اھا ثقافت جيتوڻيڪ ساڪن ۽ اڻ تبديل ٿيندڙ نظر ايندي آھي پر اھا سماج جي خارجي ۽ افراد جي انفرادي ۽ اجتمائي تضادن ۾ توازن جي حالت ھوندي آھي. توھان جي ھڪ ننڍي پر ديرپا تبديلي اڳتي ھلي ان توازن ۾ خلل وجهي نئون توازن قائم ڪندي ۽ نئون سماج جوڙيندي. ھتي اھو ياد رکڻ گهرجي تہ ڪا بہ سماجي تبديلي عام حالتن ۾ تڪڙي نہ ايندي آھي، ان لاءِ سال، ڏھاڪا ۽ ڪڏھن تہ صديون پڻ لڳي وينديون آهن.
جڳ مشھور ڊاڪٽر يووال نوح ھراري مطابق ھن دنيا ۾ سچائيون ٽن قسمن جون ھونديون آهن: معروضي سچائي (Objective Reality)، موضوعي سچائي (Subjective Reality) ۽ بين الافرادي سچائي (Intersubjective Reality). پھرين يعني معروضي سچائي اھا سچائي آھي جيڪا ڪو بہ ماڻھو پنھنجي مشاھدي سان معلوم ڪري سگهي، پرکي سگهي ۽ پنھنجي حواسن يا موزون اوزارن سان ان جي پيمائش ۽ تصديق ڪري سگهي؛ مثال طور وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا، جبل ٽڪري، سمند دريا وغيرہ. ٻئين يعني موضوعي سچائي مان مراد ھڪ فرد جو ڪنھن شيءِ، ماڻھو، لقاءُ يا نظريي بابت ذاتي پسند يا ناپسند جي بنياد تي قائم ڪيل رايو آهي جنھن کي ٻيا ماڻھو مشاهدي جي بنياد تي ماپي ۽ تصديق نہ ڪري سگهن؛ مثال طور ھڪ عاشق جو پنھنجي محبوب کي سڀني انسانن توڙي سڄي ڪائنات کان خوبصورت قرار ڏيڻ، يا وري ھڪ سچي مريد جو پنھنجي مرشد کي ھر لحاظ کان ڪامل سمجهڻ ۽ کيس ٻين مرشدن کان مٿاھون سمجهڻ؛ آخري يعني بين الافرادي سچائي مان مراد اھا گهڙيل ۽ تصوراتي ڪھاڻي آھي جنھن تي ڪروڙن ۽ اربن جي تعداد ۾ ماڻھو يقين رکندا ھجن ۽ ان بنياد تي ھڪ ٻئي سان تعاون ڪندا ھجن؛ اھو يقين انڌي مذھبي عقيدي توڙي شعوري ۽ سوچيل سمجهيل يقين جي بنياد تي ڪيو ويندو آھي. ھن قسم جي سچائي لازمي طور تي من گهڙت ڪھاڻي ئي ھوندي آھي جيڪا معروضي طور تي ڪڏھن بہ پرکي نہ ٿي سگهجي؛ ناڻو (ڪرنسي نوٽ، ڪريڊٽ ڪارڊ، ڊيبٽ ڪارڊ توڙي موجودہ اڀرندڙ بٽ ڪوائن)، وڏا سمنڊ جھڙوڪ پيسفڪ وغيرہ، ملڪ جھڙوڪ پاڪستان يا انگلينڊ وغيرہ، ڪمپنيون جھڙوڪ پيپسي وغيرہ، تنظيمون جھڙوڪ اقوام متحدہ وغيرہ، مذھب جھڙوڪ عيسائيت وغيرہ بين الافرادي سچائين جا مثال آھن.
بين الافرادي سچائي جي مٿين مثالن تي ڪجهہ ماڻھو اعتراض واري سگهن ٿا تہ ناڻو، پيسفڪ سمنڊ، انگلينڊ، پيپسي يا اقوام متحدہ تہ معروضي طور اسان کي نظر ۽ مشاھدي ۾ اچن ٿا ان ڪري اھي معروضي سچائيون آھن. ھتي ھراري وراڻي ٿو تہ ناڻي جا نوٽ يا ڪارڊ حقيقت ۾ بيڪار پني يا پلاسٽڪ جا ٽڪرا آھن جن جي ملھہ يا ڏيتي ليتي تي دنيا جي اربين ماڻھن جو يقين ۽ اعتبار آھي؛ ڌرتي جي گولي تي فطري طور ڪٿي بہ ڪي بہ ملڪ، ڪمپنيون يا تنظيمون معروضي طور موجود ڪونھن پر اھي فقط ڪھاڻيون ئي آھن جن تي دنيا جي اربين، ڪروڙين ۽ لکين ماڻھن جو اعتبار آھي؛ دنيا ۾ سمنڊ اصل ۾ ھڪ ئي آھي پر ماڻھن جي سھولت ۽ اعتبار جي بنياد تي ان جي مختلف حصن کي مختلف نالا جھڙوڪ پيسفڪ، ائٽلانٽڪ، ھندي سمنڊ وغيرہ سڏيو ۽ مڃيو وڃي ٿو. دنيا جا مختلف مذھب پڻ ساڳي ريت بين الافرادي سچائيون آھن جن تي ڪروڙن ۽ اربن جي تعداد ۾ ماڻھو اعتبار ڪن ٿا ۽ عقيدو رکن ٿا.
جھڙي ريت شين، جذبن، نظرين وغيرہ جو خالص ۽ غير خالص ھجڻ نسبتي ۽ عارضي آھي ڇو تہ انھن ۾ اندروني توڙي بيروني تظاد ھر دم ٽڪراءَ ۾ ھوندا آھن، ساڳي ريت دنيا ۾ صحيح ۽ غلط جا تصور پڻ نسبتي ۽ عارضي آھن. ھي دنيا گول آھي ان ڪري ڪا بہ شي بلڪل سڌي يا سولي نہ آھي پر ھر شيء، ھر نظرئي ۽ ھر فلسفي ۾ ڪجهہ نہ ڪجهہ ڏِنگ ۽ وَنگ موجود ھوندو آھي. ساڳي ريت شيون ۽ نظريا چاھي ڪيترا بہ سادا ھجن اھي مڪمل طور صحيح يا غلط نہ ھوندا آھن. ٻين لفظن ۾ دنيا جو ڪو بہ بھترين يا جڳ مشھور نظريو توڙي فلسفو اھڙو نہ ھوندو جنھن ۾ ڪٿي نہ ڪٿي ڪا نہ ڪا اوڻائي يا ڪمزوري نہ ھجي. ساڳي ريت توھان کي دنيا جي اڇلايل ۽ رد ٿيل نظرئي ۾ پڻ ڪٿي نہ ڪٿي، ڪنھن نہ ڪنھن طبقي لاءِ ڪا نہ ڪا چڱائي ضرور ملندي. شين ۽ نظرين جو ٻيو رخ ھي بہ آھي تہ اھي ماڻھن وٽ سدائين ھڪجيترا مقبول يا نفرت لائق نہ رھندا آھن. اڄ جيڪو ماڻھو يا ماڻھن جو طبقو ڪنھن شيء جي باري ۾ ھا ٿو ڪري تہ اڳتي ھلي اھو ان جو انڪار ڪندو. اھڙي ريت ھن جو ابتڙ پڻ صحيح آھي.
منھنجو ھي ڪتاب ”دنيا جا مشھور فلسفا“ اصل ۾ ”پنھنجي اخبار“ ۾ مختلف فلسفن يا انھن سان لاڳاپيل منھنجي ڇپييل 33 ڪالمن (24 سيپٽيمبر 2022 کان 11 جولاءِ 2023) جو مجموعو آھي. ھر ھڪ فلسفو ھڪ منفرد مڪتبہ فڪر ۽ رنگين بلوري عينڪ مثل آھي جنھن وسيلي اسان کي شيون، فطري لقاء، اقدار ۽ سماجي سچائيون ان فڪر ۽ رنگ ۾ رڱيل نظر اينديون. فلسفو سائنس سميت سڀني علمن جي ماءُ آهي. هي اهو علم ۽ طريقہ ڪار آهي جنھن وسيلي اسان سچائي، علم، منطق، ذهن ۽ وجود بابت بحث ڪندا آهيون ۽ انھن جي حقيقت تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. مطلب تہ انسان، انساني سماج توڙي فطرت، فطري لقاءَ ۽ ڪائنات جي باري ۾ ڄاڻڻ جو شروعاتي توڙي موجودہ علم فلسفو ئي آهي. هن بدولت ڪيترا ئي مضمون ۽ موضوع هينئر الڳ سائنسون بڻجي چڪا آهن؛ جھڙوڪ فلڪيات، نفسيات، سماجيات، سياسيات، فزڪس، ڪيمسٽري، باٽني، زولاجي، جينيٽڪس وغيرہ فلسفو بنيادي طور شين ۽ لقائن بابت سوالن اٿارڻ جو علم آهي ۽ بعد ۾ اهو انھن سوالن جا مختلف پسمنظرن ۾ مختلف جواب ۽ حل پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سچائي جي نوعيت، علم، علم جا وسيلا، اخلاقيات، منطق، خوبصورتي، سياست، انصاف، ٻولي جي پيچيدگي، مابعدالطبيعات يا مذهب ۽ ان جي حقيقت وغيرہ فلسفي جا شعبا ۽ شاخون آهن.
مون کي يقين آهي تہ ھي ڪتاب پنھنجن پڙھندڙن کي شين ۽ سماجي لقائن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جا انيڪ رخ پيش ڪري سندن ذھن، سوچ ۽ سمجهہ کي وسعت بخشيندو. مون ڪوشش ڪئي آھي تہ ھن ۾ شامل ھر ھڪ فلسفي کي عام پڙھندڙن لاءِ عام فھم ۽ دلچسپ بڻايان. ان کان سواءِ اها پڻ ڪوشش ڪئي آهي تہ ھر ھڪ فلسفي جو تعارف، ان جو تاريخي پسمنظر، سندس باني ۽ حامي، ان جا اھم اصول يا اھم نقطا، ان جو ٻين شعبن تي اثر، ان تي ٿيندڙ تنقيد ۽ نتيجو پيش ڪريان ۽ آخر ۾ ان بابت وڌيڪ ڄاڻڻ ۽ پڙھڻ لاءِ مددي ڪتاب پڻ ڏنا آھن.
مون مختلف فلسفن کي سندن ھڪجھڙائي، ڳانڍاپي ۽ سمجهڻ ۾ سولائي لاءِ انھن کي ھن ڪتاب جي چئن حصن ۾ ورھايو آھي. پھريون حصو روايتي يا ڪلاسيڪل فلسفا ڏهن فلسفن تي ٻڌل آھي، جنھن ۾ خيال=پسنديت، دواميت، حقيقت=پسنديت، عمل=پسنديت، فطرت=پسنديت، وجوديت، نوتعميريت، مشرقي فلسفو، صوفي ازم ۽ انسان=پسنديت جا فلسفا ڏنل آهن. ڪتاب جو ٻيون حصو تحقيقي فلسفا ٽن فلسفن تي مشتمل آهي، جن ۾ پازيٽوزم، تشريحيت ۽ پوسٽ ماڊرنزم شامل آهن. ڪتاب جو ٽيون حصو ادبي تنقيدي فلسفا نون ڪالمن تي ٻڌل آهي. هن جي پھرئين مضمون ۾ ادبي تنقيدي فلسفي جو تعارف ڏنل آهي ۽ پنج ادبي تنقيدي مقالا ڏنل آهن: فرائيڊ جي تحليلِ نفسي نظريي جو تعارف، ان نظريي تحت خوابن جي تعبير، ان نظريي تحت موت جي خوف جو جائزو؛ فيمينزم تنقيدي نظريو ۽ مارڪسزم تنقيدي نظريو. ان کان سواءِ هن حصي ۾ پروفيسر جيريمي سمٿ جي ڪتاب “انساني نسل جي پيڙا کان نجات جو راز” بابت ٽي مضمون شامل آهن. ڪتاب جو آخري حصو منھنجي لکيل 11 مختلف فلسفيانہ ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي. هن حصي ۾ پڙهندڙن کي علم جو نئون اوزار (ترجمو)؛ علم جو سفر؛ غار جا گمراھہ قيدي، پاڇا ۽ سچائي؛ چٻا ڦڏا ڪارا چشما؛ وهم ۽ وسوسا؛ صحيح ۽ غلط؛ اڄ ازل کان نئون آهي؛ ساڄڙ ۽ کاٻڙ؛ هٿراڌو ذهانت؛ بايو ٽيڪنالاجي جا معجزا ۽ خوشي بابت پرمغز ۽ ذهن کي جهنجهوڙيندڙ مواد ملندو.
هي ڪتاب فلسفي پڙهڻ جي شوقينن لاءِ توڙي عام پڙهندڙن، شاگردن ۽ استادن لاءِ لاڀائتو ٿيندو، خاص ڪري استادن جي پيشہ ورانہ ۽ تدريسي تربيتي ڊگرين جھڙوڪ بي ايڊ، ايم ايڊ توڙي ايم فل جي شاگردن لاءِ هڪ مددي ۽ حوالي جي ڪتاب طور ڪم ايندو.
فلسفي جي مشڪل مضمونن سان مون ڪيترو انصاف ڪيو آهي اهو فيصلو آئون پڙهندڙن، خاص طور تي فلسفي سان لاڳاپيل استادن، اديبن ۽ تنقيد نگارن تي ڇڏيان ٿو. اميد تہ هي منھنجو پورهيو اوهان کي پسند ايندو. آخر ۾ سوچ پبليڪيشن سيوهڻ شريف جي روح روان نامور نوجوان شاعر، محقق، اسڪالر، تاريخ نويس، نقاد، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳواڻ محترم مير حاجن مير جو ٿورائتو آهيان جنھن ڪتاب بابت مفيد مشورا پڻ ڏنا ۽ ڪتاب ڇپائي اوهان جي هٿن تائين پھچايو.

ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو
سيوهڻ شريف
04.08.2023

سمـھاڳ : ڏاهپ جون ڳالھيون

فلسفو قديم دؤر کان جڳ جھان ۾ موجود رهيو آهي، فلسفي کي سڀني علمن جي ماءُ چيو وڃي ٿو. فلسفو يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن (Phileo)۽ سوفيا (Sophia) جو ميلاپ آهي. فيلو معنيٰ پيار ڪرڻ (Phileo to love) ۽ سوفيا معنيٰ ڏاهپ ــ يعني ڏاهپ سان پيار ڪرڻ.
فلسفي جي شروعات يونان کان ٿي، ڪن ليکڪن جو رايو آهي تہ فلسفي جي شروعات وادي دجلا، فرات ۽ وادي نيل ۾ ٿي، ڪن جو وري رايو آهي تہ ٻنھي يعني يورپ ۽ عراق ۾ ٿي.پھريون فلسفي ٿاليس(Thales) کي چيو وڃي ٿو. جدليات جو ابو وري هير اقلطيس کي چيو وڃي ٿو. مشھور فلسفي اناڪسيماندر (Anaximander)، انڪسيمينز (anaximenes)، پئٿاگورث (pythagors)، زينو فينز (Xenophanes)، هرا اقلطس (Heraclitus) ، پرمينائينڊز (Parmenides) ، زينو آف ايلميا) (zeno of Elea، ايمپيڊاڪلس (Empedocles)، ليوسيپس (Leucippus)، ڊيمو ڪريٽس (Democritus)، انگيزا گورس (Anaxagoras)، پروٽا گورس (Protagoras)، جارجيس (Gorgias)، هپيسئس (Hippias)، پروڊيڪس (Prodicus)، سُقراط (Socrates)، افلاطون (Ploto)، ارسطو (Aristotle)، ڪانٽ، هيگل، شاپنھار، ڪارل مارڪس، فرائيڊ، ڊارون، ول ڊيورانٽ ۽ ڪروچي چيا وڃن ٿا.
هير اقلطيس جو چوڻ هو :
Fire lives the death of earth ,and air the death of fire, water lives the death of air ,earth that of water
(هيءَ ڪائنات نڪو ڪنھن ديوتا جي پيدا ڪيل آهي ۽ نہ وري انسان جي، هيءَ ڪائنات ابدي باھہ جو نتيجو آهي جيڪا مسلسل ٻرندي ۽ اجهامندي رهي ٿي. )
فلسفو آهي ڇا؟
فلسفو سوچ، ويچار، ڳوڙهو احساس، تصور، نظريو، خيال، ڏاهپ، رويو، رجحان، لاڙو ۽ سچائي کي چيو وڃي ٿو. جو متحرڪ رهندڙ آهي ڪنھن وقت بہ تبديل ٿي سگهي ٿو ڪو پابند خيال ناهي. نہ ئي ڪو ان تي زور دٻاءَ هوندو آهي، هو آزد خيال هوندو آهي. هڪ بحث بہ هوندو آهي. خاص ڪري پنج شيون ان ۾ موجود هونديون آهن.منطق، جماليات، علم اخلاق، يا اخلاقيات، علم سياست ۽ مابعد الطبعيات. فلسفو هڪ سوال هوندو آهي جنھن کي جواب جي ڳولا ڪرڻي پوندي آهي. راشد دائود پوٽو لکي ٿو تہ:
”فلسفلو هر شيءَ تي شڪ ڪرڻ سيکاري ٿو، تہ هيءَ ڪائنات ائين ڇو آهي؟ انسان ڇو ٿو سوچي؟ هيءَ ڪائنات بي ترتيب آهي يا با ترتيب؟ ڪائنات ۾ قانونيت آهي يا لاقانونيت؟ غيرت ڇا آهي؟ خوبصورتي ڇا آهي؟ پيار، نفرت ۽ خوبصورتي ءَ جا آفاقي قدر ڇا آهن؟ هڪ فلسفياڻو شڪ ماڻھوءَ کي اصل رازن ۽ رمزن کان واقف ڪرائڻ ۾ مدد ڪري ٿو، فلسفو ماڻھوءَ کي اونھو بڻائي ٿو.“
سنڌ ۾ فلسفي بابت ڪيترائي ڪتاب ترجمو ٿيل يا اصلوڪا ڇپيل آهن. ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ محمد ابراهيم جويو 1985ع ترجمو، ”ويڳاڻپ جو فسلسفو “ خاڪي جويو 1985ع ترجمو، ”خدا انسان ۽ جبلت “ ”مجتبيٰ راشدي“ 1988ع، ”فلسفي جي ڪھاڻي“ محمد اڪرم انصاري 2007ع ترجمو، “فلسفي جي مختصر ڪھاڻي “ غلام اڪبر لغاري2003ع، ”يوناني فلسفي جي تاريخ “ راشد دائودپوٽو 2009ع، ”ڏاهپ جو اڀياس “ڊاڪٽر سڪندر مغل، ”فلسفو هڪ مطالعو“ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، ”خدا، روح ۽ سائنس“(سائنس ۽ فلسفو) رسول ميمڻ 2015ع، فلسفي جون راحتون ليکڪ ول ڊيورانٽ مترجم آغا سليم، ”فلسفو (اصول، حدون، تاريخ “نواز خان زئور ترجمو، ”الف کان اڳ“ (سائنسي فلسفو) رسول ميمڻ 2019ع، ”پليسبو“ (سائنسي فلسفو) رسول ميمڻ 2019ع، ”فسلفو، سائنس۽ ادب “ مشتاق جروار2023ع ۽ اسان جي دوست ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو جو ڪتاب ”دنيا جا مشھور فلسفا“ اوهان جي هٿن ۾ آهي.
فلسفي جو موضوع هڪ خشڪ ٻيو وري هن کي ڳوڙهو ڪري پيش ڪيو ويندو آهي.صرف سقراط جي ئي ٻولي ئي عام فھم ۽ سرل چئي وڃي ٿي. ٻيو مذهبي رياستن سبب ئي هن فلسفي کي ڳوڙهو ڪري پيش ڪيو ويو آهي. سنڌ جي گهڻن سڄڻن کي محمد ابراهيم جويي جو ڪتاب” فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ جي ٻولي، پڻ گهڻي گَھري هئڻ ڪري، فلسفي کي سمجهڻ کان قاصر رهيا آهن.
ڊاڪٽر محمد الياس ڀُٽي صاحب پنھنجي ڪتاب ۾ ٻولي عام فھم ۽ سرل استعمال ڪئي آهي، فلسفي جي فھم ۽ ڏاهپ کي سمجهڻ لاءِ عام ڪري ڇڏيو آهي جنھن سان هر عام پڙهندڙ فلسفي جي باريڪ بينين کي آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو.موضوع جو تعارف پڻ پيش ڪري فلسفي کي عالماڻي انداز ۾ پرکي، ان جي قدامت، تشريح، هاڪاري ناڪاري اثر، اصول، خاصيتون، تنقيد، تعريف ۽ نتيجو ڏئي سمجهائي ٿو، آخر ۾ جنھن آرٽيڪل ۾، جنھن ڪتاب مان مدد ورتي وئي آهي، انھن ڪتابن جا نالا ڏئي آرٽيڪل کي مضبوط بنايو ويو آهي، جي ڪٿان ترجمو ڪيو اٿس تہ اصل مصنف جو نالو ڏنو اٿس.
ڊاڪٽر صاحب جا هي ڪالم پھرين روزاني ”پنھنجي اخبار“ ۾ ڇپيل آهن.اصل ۾ ڊاڪٽر صاحب کي پھرين ڪتاب ڇپائڻ جو ڪو اردو ڪونہ هو ۽ آرٽيڪل لکي اخبار ۾ ڇپائڻ جو هن کي خيال هو تہ، هي مواد عوام تائين پھچي. پوءِ جڏهن ( راقم) کيس زور ڀريو تہ اوهان ڪالمن جو ڪتاب ڇپايو تہ هُن ها ڪئي. اخبار جي ڪالم جي حيثيت اخبار جيتري معنيٰ هڪ ڏينھن جيتري هوندي آهي. اُهي سياسي ڪالم هڪ ڏينھن جا ٿي سگهن ٿا. پر، هي هي ڪالم نہ، ڊاڪٽر الياس جو پورهيو هڪ ڏينھن ۾ پئي پراڻو ٿيڻ وارو ناهي، لطيف چواڻي ” وکر سو وهائج جو پئي پراڻو نہ ٿئي “ هي ڪالم اهم آهي، جيڪي فلسفي جي تشريح، فڪر، گھرائپ، خيال، تجزيي، تنقيد، تعريف ۽ تاريخ تي لکيل آهن.
ڊاڪٽر الياس ڀُٽي صاحب فلسفي بابت هنن آرٽيڪلن ۾ بھترين ۽ اهم ڄاڻ ڏني آهي، جا سوچڻ، سمجهڻن، پرکڻ ۽ پرُجهڻ تي مجبور ٿي ڪري. هر فلسفي تي عالمانہ راءِ پڻ ڏئي ٿو. جيئن ان فلسفي جي ابتدايت يا قدامت معلوم ٿئي ٿي ۽ ان نظرين جي حامين، مخالفن ۽ ان جي ڪارج جي پڻ بحث ڪري ٿو.” خيال ــ پسنديت يا تصوريت جي فلسفي “ بابت ٻڌائي ٿو تہ : هي قديم ترين فلسفو ۽ نظريو آهي جيڪو سچائيءَ تائين پھچڻ يا ان جي جوڙڻ ۾ آزاد ۽ تنقيدي خيالن ۽ شعور جي اهميت جو اقرار ڪري ٿو.“
فلسفي جا ڪيترائي موضوع/قسم ٿين ٿا. جن جو تفصيل سان هن ڪتاب ۾ جداجدا لکيو ويو آهي.سنڌي ادب ۾ فلسفي بابت اڪثر ڪتابن ۾ موضوعاتي حوالي سان اڪثر گڏائي لکيا ويا آهن. جنھن سان پڙهندڙ منجهي پئي ٿو.پر، ڊاڪٽر الياس صاحب ڏاڍي احسن نموني سان هر موضوع بابت جدا جدا ڄاڻ ڏئي ٿو. ڪتاب جو ٻيو مضمون ”دو اميت جي فلسفي“ جي باري ۾ آهي. دواميت جي فلسفي جي بنياد بابت مصنف ڄاڻ ڏئي ٿو تہ : ”دواميت جي تعليمي فلسفي کي بنيادي شڪل ڏيندڙ آمريڪي فيلسوف رابرٽ مينارڊ هچنس (1977ــ 1899) هو.جيڪو 1929ع کان 1951ع تائين شڪاگو يونيورسٽي جو وائيس/ صدر هو.“
ڪتاب جو ٽيون آرٽيڪل حقيقت پنسديت يا عقليت پسند جي باري ۾ آهي. مصنف سھڻي نموني سان پھرين فلسفي جي نظريي بابت سمجهائي ٿو ۽ لکي ٿو: ”حقيقت پسند يا عقليت پسند (Realism) جو نظريو هن ڳالھہ تي يقين رکي ٿو تہ مادو دنيا جي معروضي (Objectie)سچائي آهي.“ اڳتي هن مضمون ۾ حقيقت پسند فلسفي جا اصول ۽ شاخن بابت ٻڌايو ويو آهي.
ڪتاب جو چوٿون آرٽيڪل عمل پسنديت فلسفي جي باري ۾ آهي.هي فلسفو اوڻويھہ صديءَ جي پوين ڏهاڪن جي پيداوار آهي. مصنف فلسفي جي جو تعارف ۾ ڄاڻائي ٿوتہ ” آمريڪا ۾ ڄاول ۽ پليل عمل ــ پسنديت (Pragmatism) فلسفو اسان جي مجرد خيالن ۽ نظرين جي عملي نتيجن تي زور ڏئي ٿو. هن مطابق اسان جا خيال، نظريا، مادي شيون، سماجي لقاءَ ۽ قدر بذات خود سٺا يا خراب نہ آهن، پر، جيسيتائين انھن جي تجربن ۽ عملن جي ڪسوٽي تي پرک نہ ٿي ٿئي ۽ لاڳاپيل نتيجا انھن جي اهميت ۽ قدر قيمت طئہ نہ ٿا ڪن تيستائين انھن کي قبول يا رد نہ ٿو ڪري سگهجي. “
ڪتاب جو ڇھون آرٽيڪل فطرت ــ پسنديت فلسفي جي باري ۾ آهي.هن فلسفي جو بنياد سقراط کان بہ اڳ چيو وڃي ٿو. مصنف هن آرٽيڪل ۾ فطرت پسنديت جا اصول بيان ڪري فلسفي تي تنقيد بابت لکيو ويو آهي. ليکڪ هن فلسفي جو نتيجو هيئن بيان ڪري ٿو.” فطرت ـ پسنديت هڪ اهم فلسفو رهيو آهي، جيڪو دنيا توڙي ڪائنات جي فطري لقائن کي ڪنھن مافوق الفطري طاقتن جي خدائن بدران سندن فطري سببن ــ نتيجن وسيلي سمجهڻ ۽ وضاحت ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏئي ٿو. هي فلسفو ٻين شعبن جھڙوڪ سائنس، نفسيات، ادب ۽ انفراديت، انساني تجربن جي پيچيدہ هجڻ ۽ آزاد شعور جي انڪار جي ڪري هن تي تنقيد ٿيندي رهندي آهي.“
ڪتاب جو ڇھون آرٽيڪل وجوديت جي فلسفي جي باري ۾ آهي. هي فلسفو انسان جي وجود، آزادي ۽ معنيٰ بابت بنيادي سوالن تي غور ڪري ٿو.وجوديت جي فلسفي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.هڪ ديني وجوديت، ٻيو لاديني وجوديت.هن فلسفي جو ان ڳالھہ تي هوندو آهي تہ : ”جيئن تہ انسان هڪ وجود رکي ٿو، ان ڪري هو پنھنجي وجود جي هئڻ کي ثابت ڪري ڏيکاري؟.“ وجودي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ هنن وجودي وارتائن کي سمجهڻ ضروري آهي.
ويڳاڻپ (Alienation)، مايوسي( Despair)، وجوديت جي معنائيت (being and absurdity)، بوريت(Boredom) ، ڪراهت /ڪرڀ (Nausea)، احسام جرم (Guilt)، موت جو تصور (Concept of death)، فرد ۽ ٻيا نظام (Individual and systems)، چونڊ جي آزادي (Freedom of choice) ۽ شخصي وجوديت جي حقيقت (Reality of individual existence) وغيرہ.
مصنف وجوديت جي فلسفي جي باري ۾ لکي ٿو تہ : ”وجوديت پسنديءَ جو جو فلسفو انساني وجود بابت انفرادي ۽ موضوعي سطح تي هڪ عميق نقطہ نظر پيش ڪري ٿو.هي فلسفو انفرادي ۽ موضو عي سچائين کي تسليم ڪندي انساني وجود، ذاتي آزادي، ذميواري، معنيٰ جي ڳولا تي زور ڏئي ٿو. “
ڪتاب جو ستون آرٽيڪل نو تعميريت فلسفي جي باري ۾ آهي. هي تعليمي فلسفو ۽ نظريو آهي. جيڪو تعليم ذريعي سماج کي تبديل ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ٿو. هن فلسفي جي بنياد بابت ليکڪ لکي ٿو تہ ” نو تعميرت جو بنياد آمريڪا جي تعليمدان جارج ايس ڪائونٽس (George.S.counts) (1974ع ــ 1889ع ) رکيو، جيڪو ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ تعليم جو پروفيسر هو. سندس خيال هو تہ تعليم کي شاگردن جي سماجي مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ هڪ ڪارائتي اوزار طور استعمال ڪرڻ گهرجي تہ جيئن اُهي سرگرمي ۽ تنقيدي تجزئي سان سماجي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ عملي طور اڳتي اچي سگهن.“
ڪتاب جو اٺون آرٽيڪل مشرق جي فلسفي جي باري ۾ آهي، جنھن ۾ مختلف تصورن ۽ نظرين تي بحث ڪيو ويو آهي. جنھن ۾ هندومت، ٻڌمت، ڪنفيوشينزم، جين مت، بشيدو ازم ۽ شنتو ازم اچي وڃن ٿا. بحث ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر الياس ڀُٽو صاحب مشرقي فلسفي جي نتيجي ۾ ٻڌائي ٿو تہ ”مجموئي طرح سان مشرقي فلسفو ( هندستان جو هندو مت ۽ ٻڌ مت، چائنا جو ڪنفيوشيزم ۽ ڊائوازم تائوازم ۽ جاپان جو جين مت، بشيدو ۽ شنتو ازم ) قبل مسيح کان هال تائين سچائي، انساني وجود، روح يا اصلي ڄاڻ، ۽ هڪ با معنيٰ زندگيءَ جي سمجهہ ۽ جستجو لاءِ هڪ منفرد ۽ نئين بصيرت وارو دڳ فراهم ڪري ٿو.“ جين مت ۽ ٻڌمت جو فلسو رڳو هندستان ۾ موجود نہ هئو، هي فلسفو قديم دؤر کان پاڪستان ٺھڻ تائين سنڌ ۾ بہ موجود هو.
ڪتاب جو نائون آرٽيڪل صوفي فلسفي جي باري ۾ آهي جنھن جو باني امام رباني چيو وڃي ٿو. هي فلسفو اسلام مان ڦٽي نڪتو آهي، صوفين جا خاص ڪري ٻہ قسم ٿين ٿا.هڪڙا وحدت الوجودي ٻيا وحدت الشھودي، وحدت والوجودين جو چوڻ آهي تہ:“ وجود حقيقي فقط هڪ آهي، اهو الله تعاليٰ جو وجود آهي.“ وحدت الشھودين جو چوڻ آهي تہ ”ماڻھوءَ جو پاڇو هرگز ماڻھو ٿي نہ ٿو سگهي (چہ نيست خاڪ رابا عالم پاڪ). ڊاڪٽرمحمد الياس صاحب هن آرٽيڪل ۾ صوفيت جي فلسفي جي هاڪاري ۽ ناڪاري اثرن کي واضع نموني سان اظھاريو آهي.
ڪتاب جو ڏهون مضمون انسان ــ پسنديت جي فلسفي جي باري ۾ آهي. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو تہ: ”انسان ــ پسنديت هڪ ئي وقت نظريو، فلسفو ۽ مذهب آهي جيڪو نہ رڳو زندگي گذراڻ جو سونھان اصول ٻڌائي ٿو پر، مادي ۽ ڪائنات جي تناظر ۾ انساني زندگيءَ جي عقلي وضاحت پيش ڪري ٿو.“
اهڙي نموني حصي ٻئي ۾ پازيٽوزم يا مثبتيت جو فلسفو، تشريحت جو فلسفو ۽ پوسٽ ماڊرنزم جي فلسفي تي سھڻي نموني بحث ڪيو ويو آهي. جنھن ۾ فلسفن جو بنياد، قدامت هاڪاري ۽ ناڪاري اثرن تي بحث ڪيو ويو آهي.
ڪتاب جي ٽئي حصي ۾ آرٽيڪلن ۾، تنقيدي نظريا ۽ ادبي تنقيد، فرائيڊ جو تحليل نفسي نظريو : مختصر تعارف، فرائيڊ جي تحليل نفيسي ۽ خوابن جي تعبير، تحليل نفسي نظريي تحت موت جي خوف جو جائزو، فيمينزم يا عورت ــ واد تنقيدي نظريو، مارڪسزم تنقيدي نظريي، بابت جامع ۽ مفصل معلومات ڏني وئي آهي، وڏي اهم ڳالھہ تہ ”انساني نسل جي پيڙا کان نجات جي راز“ جي آرٽيڪل کي ٽن حصن ۾ لکيو ويو آهي. تہ پڙهندڙ جيئن آسانيءَ سان هن فلسفي نظريي کي سمجهي سگهي، پرکي ۽ پروڙي.
ڪتاب جي چوٿين حصي ۾ چونڊ فلسفا شامل شامل ڪيا ويا ويا آهن. اهي بہ ڏاڍ اهم ڄاڻ ڏين ٿا جنھن جي پڙهڻ سان انسان جي شعور جو واٽون کلن ٿيون. چوٿين حصي ۾ شاندار آرٽيڪل شامل ڪيا ويا آهن. جن ۾ علم جو نئون اوزار، علم جو سفر، غار جا گمراھہ قيدي، پاڇا ۽ سچائي، ڄٻا ڦڏا ڪارا چشما، وهم ۽ وسوسا، صحيح ۽ غلط، اڄ ازل کان نئون آهي، ساڄڙ ۽ کاٻڙ، هٿرادو ذهانت، بايو ٽيڪنالاجي جا معجزا، ۽ خوشي شامل آهن.
ڪتاب ۾ سڀ آرٽيڪل سگهارا آهن، هر آرٽيڪل جو موضوع پنھنجو آهي، هر آرٽيڪل پڙهڻ کان پوءِ ماڻھو تجسس ۽ حيرانگي ۾ وٺجي ٿو وڃي. فلسفي بابت تہ سنڌ ادب ۾ کوڙ ڪتاب چپيل آهن پر ڊاڪٽر الياس ڀُٽي صاحب پنھنجي قلم جي نوڪ سان جنھن نمنوني فلسفي کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان جي بنياد، قدامت، تعارف، هاڪاري ناڪاري اثرن، اهميت، افاديت، فڪري گوناگونيت، فلسفن تي ٿيل تنقيد، تشريح ۽ ان جي وجود بابت جيئن سمجهايو آهي جنھن تي کيس جس ڏجي ٿي. پر، ڪتاب ۾ زير اضافت جو استعمال آهي جنھن جو کيس خيال رکڻ گهرجي ها.
ڊاڪٽر الياس ڀُٽي صاحب جو خاندان پڙهيل لکيل، ليکڪ طور سڃاڻپ رکي ٿو، سندس چاچو عنايت الله ڀٽو ڇھن ڪتابن جو ليکڪ هو. ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ جو ميمبر پڻ هو. ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو پڻ هن وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوھڻ جو سيڪريٽري آهي.
سندس هي ڪتاب فلسفي جي ڪتاب ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، جو پاڻ ترقي پسند ۽ روشن خيالي کي اهميت ڏئي ٿو. سندس هي پورهيو سنڌي ادب جي پڙهندڙن کي روشن خيالي ۽ ترقي پسندي واري رستي تي هلڻ لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو. ڊاڪٽر محمد الياس ڀُٽي هن ڪتاب ۾ ڏاهپ جون ڳالھيون ڪيون آهن جيڪي سمجهڻ ۽ هيئين سان هنڊائڻ جھڙيون آهن.

مير حاجن مير
سيوهڻ شريف
13.8.2023

مُـھاڳ: فلسفن جو تقابلي جائزو

تصور-پسنديت (Idealism) جي باني (Socrates) ۽ ان جي حامين ذھني سوچ، شعور ۽ تخيل کي دنيا ۽ ڪائنات کي سمجهڻ ۾ وڏي وٿ ڄاتو. انھن روح، خدا ۽ مذھب کي سمجهڻ ۽ انھن جي ترويج کي ترجيح ڏني جيڪا نھايت بھتر ڳالھہ ھئي، پر انھن سکيا، سمجهہ ۽ شعور جي ٻئي ۽ وڏي ذريعي يعني حواسي مشاھدي ۽ مشاھداتي استدلال کي بلڪل نظرانداز ڪري وڏي غلطي ڪئي. اھي تصور ۽ خيال جي حمايت ۾ ان انتھا پسندي تائين وڃي پھتا جو انھن ذھن کان ٻاھر مادي دنيا جي آزاد وجود کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو. ان باوجود علم حاصل ڪرڻ ۽ سچائيءَ تائين پھچڻ جي سقراطي طريقي (Dialectical Method) يعني اڻ ڌرين سوالن جوابن واري طريقي جي ايجاد نھايت شاندار ھئي. سوالن جوابن کان اڳ ۾ سقراط چوندو ھو تہ شين، تصورن ۽ لقائن جي معروضي يا بحث ۾ شامل ٿيندڙ ٻنھي ڌرين لاءِ مڃڻ جھڙي (Objective) وصف يا وضاحت ڪرڻ لازمي آھي. اھڙي وضاحت بعد ئي ڪو تصور بحث لاءِ پيش ڪيو ويندو ھو. ان کان پوءِ سقراط ان جي مختلف تناظرن ۽ پھلوئن کان پڇندڙ کان سوال ڪندو ھو. نتيجي ۾ سچائي تائين پھچڻ جو خواھشمند سوالن ۽ جوابن جي بنياد تي پنھنجي تصور ۾ تبديلي ڪندو ھو ۽ آخرڪار موزون جواب تائين پھندو ھو جيڪو سندس پھرئين تصور کان بلڪل مختلف ھوندو ھو. سقراطي طريقي جو اختصار: تصور (Thesis) + رد تصور (Anti-thesis) = نئون، تبديل ٿيل ۽ بھتر تصور (Synthesis). سندس انصاف ۽ سياست بابت بحث مباحثي تي ٻڌل ڪتاب جيڪي بعد ۾ سندس شاگرد افلاطون (Plato) مرتب ڪيا، اھي اڄ بہ شاھڪار جي حيثيت رکن ٿا.
تصور- پسنديت جي مقابلي ۾ عقليت يا حقيقت-پسنديت (Realism) جو فلسفو تہ علمي ميدان تي آيو پر آخر تائين ھڪ ٽنگ کان معذور ئي رھيو. حقيقت-پسنديت جي باني (Aristotle) ۽ ان جي حامين ان ڳالھہ جو برملا اقرار ۽ اظھار ڪيو تہ مادو ۽ ڪائنات انساني ذھن کان ٻاھر الڳ ۽ آزاد وجود رکن ٿا ۽ شين ۽ فطري لقائن کي حواسي مشاھدي ۽ مشاھداتي استدلال وسيلي سمجهي سگهجي ٿو ۽ اصل حقيقت يا سچائي تائين پھچي سگهجي ٿو. ارسطو (Aristotle) جيتوڻيڪ اڻ ڌرين حواسي مشاھدن جي بنياد تي مختلف مضمونن تي 150 کان وڌيڪ ڪتاب لکيا جن اڳتي ھلي جديد سائنس جو بنياد وڌو، پر پوءِ بہ ارسطو جو جوڙيل مشاھداتي منطق 2000 سالن تائين يورپ ۾ علم، فلسفي ۽ سائنس جي ترقيءَ ۾ جمود ۽ رڪاوٽ جو سبب بڻيو. سندس منطق کي ٽه-پسائون منطق (Syllogism) چئبو آھي. ارسطو مطابق ھن جو سادو مثال ھي آھي: 1. سڀ انسان فاني آھن. 2. سقراط ھڪ انسان آھي. 3. ان ڪري سقراط فاني آھي. ارسطو ھن منطق کي جيتوڻيڪ مشاھداتي استدلال (Inductive Reasoning) ڪوٺيو پر اھا سندس عظيم غلطي ھئي ڇو تہ اھو اصول جي بنياد تي استدلال (Deductive Reasoning) ھو. سندس استدلال ۾ پھريون اصول يا ٿلھہ مشاھداتي ناھي پر اڻ پرکيل اصول آھي. جيڪڏھن پھريون اصول ئي غلط ھوندو تہ ان تحت ھٿ ۾ کنيل ٻئين تصور جي پرک ۽ آخري نتيجو پڻ غلط ئي نڪرڻو آھي. ھن استدلال جو گهڻي ۾ گهڻو فائدو مذھبي ڌرين ورتو ۽ اڄ تائين ڪافي خطن ۾ فائدو وٺي رھيا آھن ڇو تہ انھن مطابق پھريون اصول الھامي يا خدا طرفان طئي ٿيل ھوندو آھي، ان ڪري ان جي غلط ھجڻ جو ڪوبہ مذھبي ماڻھو تصور بہ نہ ٿو ڪري سگهي.
مٿئين جمود واري عرصي ۾ ھڪ پاسي عربستان ۾ مذھب اسلام جي اثر ھيٺ دنياوي علم حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جھان جو سير ڪرڻ، اڻ ڌريا مشاھدا ڪرڻ، غور فڪر ڪرڻ، پڙھڻ ۽ لکڻ، مراقبو ڪرڻ، تاريخ مان سبق پرائڻ يعني قومن جي عروج ۽ زوال مان سکڻ وغيرہ جھڙن روين پيدا ڪرڻ ۽ انھن جي فروغ ڏيڻ سان ان خطي ۾ دنيا ۾ مشاھداتي علم يا سائنس جي ابتدا ۽ ترقيءَ جو سونھري دور برپا ٿيو. ھن دور کي تاريخ جو وچيون دور (Medieval Period) چيو وڃي ٿو جيڪو 500ع کان 1500ع تائين جاري رھيو. ھن سونھري دؤر ۾ ڪيترن ئي مسلمان دانشورن ۽ سائنسدانن ارسطو جي حواسي مشاھدن ۽ تجربن وسيلي ڀروسي لائق علم جي پيروي ۾ سائنسي سوچ ۽ عمل کي فروغ ڏنو. جڏھن تہ يورپ ۾ عين اھو دور علم ۽ تحقيق جي حوالي سان اونداھو دؤر ليکيو ويندو آھي. ھن دؤر جي نامور مسلمان دانشورن ۾ ابن الھيشم، ابن الرشد، الفارابي، ابن السينا، ابن الخلدون، جابر ابن الحيان ۽ ڪيترن ئي ٻين دانشورن، فلسفين ۽ سائنسدانن فلسفي، حسابن، فلڪيات، فزڪس، طب ۽ ڪيميا ۾ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون. اھي ڪيترن ئي شعبن جا باني بڻيا ۽ انھن توڙي ٻين شعبن ۾ ڪيتريون ئي ايجادون ۽ دريافتون ڪيون. مسلمانن جو ھي علمي دور نام نھاد مذھبي عالمن ۽ حڪمرانن طرفان سائنس ۽ مذھب سان ٽڪراءَ جي بي بنياد الزامن جي ڪري اختتام تي پھتو. تنگ نظر عرب خليفن ھن سلسلي ۾ دنياوي علم ۽ سائنس کي غير مذھبي قرار ڏنو ۽ ان الزام ھيٺ ڪيترن ئي مسلمان محققن ۽ سائنسدانن کي سخت سزائون ڏنيون ويون.
ٻئي پاسي مسلمانن جي اسپين فتح ڪرڻ جي ڪري مشاھداتي ۽ سائنسي علم يورپ ۾ پھتو ۽ اتي علم ۽ شعور جون صدائون بلند ٿيڻ لڳيون ۽ عيسائيت ۽ چرچ خلاف بغاوتون شروع ٿيڻ لڳيون. فلسفي جي لحاظ کان ٻنھي پاسن کان صف بنديون ٿي ويون. ھڪ پاسي عيسائي پادري چرچ جي حڪومت جي سھاري پنھنجي مذھب کي سچو ۽ الھامي ثابت ڪرڻ ۾ لڳي ويا ۽ حواسي مشاھدي جي بنياد تي پيش ڪيل ۽ مذھب کان ھر ٿڙيل تصور ۽ ان جي پيش ڪندڙ فلسفين يا ڏاھن کي عبرتناڪ سزائون ڏياريندا رھيا. ٻئي پاسي ڪيترن ئي ڏاھپ ۽ سچ جي پروانن سچ جي آڳ ۾ جلڻ تہ پسند ڪيو پئي پر ڪوڙ ۽ ڏاڍ جي ڏمر آڏو جهڪڻ پسند نہ پئي ڪيو. انھن انتھائي حالتن ۾ اريسمس (Erasmus) ۽ ٿامس مور (Thomas More) انساني صلاحيتن، روايتي سکيا ۽ تنقيدي سوچ جي آبياري ڪئي؛ ڊيڪارٽي (Descartes)، اسپائينوزا (Spinoza) ۽ ليبنيز (Leibniz) ذھني ۽ عقلي استدلال ۽ منطق تي زور ڏنو؛ جڏھن تہ فرانسس بيڪن (Francis Bacon)، جان لاڪ (John Locke) ۽ ڊيوڊ ھيوم (David Hume) حواسي ۽ مشاھداتي استدلال (Inductive/ Observatory Reasoning) تي زور ڏنو ۽ باقائدہ سائنس جو بنياد وڌو ۽ ان کي ھر عقلي علم مٿان فوقيت ڏياري. 17ھين ۽ 18ھين صدي جي يورپي ڏاھن وولٽيئر (Voltaire)، مونٽيسڪيو (Montesquieu) ۽ روسو (Rousseau) دليلن جي بنياد تي انفرادي حقن، خيال توڙي تقرير ۽ تحرير جي آزادي ۽ سماجي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيو؛ امينيوئل ڪانٽ (Immanuel Kant) انساني ذھن ۽ علم جي محدوديت جي بنياد تي عقلي ۽ مشاھداتي منطق جي وڇوٽي کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي. مٿين ڏاھن جي علمي، ادبي ۽ فلسفيانہ پورھين ۽ قربانين جي نتيجي ۾ يورپ جهالت جي تاريڪ دور ۽ مذھبي استحصال مان جان ڇڏائي نئين سر جنم ورتو جنھن کي يورپ جو نئون جنم (Renaissance) چيو وڃي ٿو.
علمي، عقلي ۽ فلسفيانہ ڇڪ ڇڪان ۾ فلسفن جو اڌ تعداد يا ٿورو گهٽ باقي فلسفن جي رد ۾ جوڙيل ۽ مخالف ڇيڙي جي انتھا تي بيٺل آھي. تصور-پسنديت ۽ حقيقت-پسنديت جو ذڪر مٿي اچي چڪو آھي. ثباتيت (Perinealism) جا باني ۽ ان جا حامي تصورن، لقائن، اخلاقن ۽ شين جي دائمي ھجڻ جي پرچار ڪن ٿا، جڏھن تہ اھي ڪائنات جي ھر ننڍي توڙي وڏي شيءِ ۾ تعمير ۽ تخريب، تغير ۽ تبديلي کي ڏسڻ کان غافل رھيا. ان جي مقابلي ۾ ارتقا (Evolution) جو فلسفو ۽ نظريو جاندار توڙي غير جاندار شين جي ھڪ ماخذ مان ڦٽي نڪرڻ جو تصور پيش ڪري ٿو. ھي فلسفو اسان کي ٻڌائي ٿو تہ دنيا ۽ ڪائنات جي شين ۽ لقائن جي اندروني ۽ بيروني تضادن جي توازن ۾ تبديلي ۽ بگاڙ انھن ۾ نئين توازن کي جنم ڏئي ٿو جنھن جي ڪري شيون ۽ لقاء تبديل ٿيندا رھندا آھن؛ ٻين لفظن ۾ تعمير ۽ تخريب جا عمل سڀني جاندار توڙي غير جاندار شين ۾ جاري رھن ٿا.
مارڪسزم (Marxism) جو فلسفو پڻ ارتقا ۽ ان جي مٿين اصولن سان لاڳاپيل فلسفو آھي. ھي فلسفو ارتقا جا اصول انسانن ۽ انساني سماج تي پڻ ساڳيءَ ريت لاڳو ڪري ٿو. مارڪسزم مطابق انساني سماج يا سماجي ادارا ٻن طبقن تي مشتمل آھن: ھڪڙو سرمائيدار طبقو آھي جيڪو ظالم، استحصال ڪندڙ غالب طبقو آھي تہ ٻيو وري مزدور، مظلوم، محڪوم ۽ ڏتڙيل طبقو آھي. ظالم ۽ سرمائيدار طبقو مزدورن جي انساني محنت ۽ پورھئي جي ثمر، اجرت ۽ منافعي جو تمام وڏو حصو پاڻ کڻي پنھنجي زندگي کي ھر آسائش سان ڀرپور ۽ جنت بڻائي عيش پيو ڪندو آھي. ٻئي پاسي مظلوم ۽ ڏتڙيل مزدور طبقو سرمائيدار طبقي جي شعوري ۽ لڪل ظالمانہ پاليسين سبب گهٽ اجرت ملڻ سبب پيٽ ۾ ڦاٿل رھندو آھي ۽ سندن زندگي عذاب بڻيل ۽ بڻايل ھوندي آھي. مارڪس ۽ لينن جو خيال ھو تہ مظلوم طبقو (Prolitarats) جڏھن پاڻ تي ٿيندڙ ظلمن جو شعور پيدا ڪندو ۽ تنقيدي سوچ، شعور ۽ تعليم جي زيور سان آراستہ ٿي پاڻ ۾ اتحاد قائم ڪندو تہ ظالم طبقي (Bourgeoisie) جو انت آڻي ڇڏيندو ۽ سماجي انقلاب برپا ڪري ڇڏيندو. باقي مارڪس ۽ لينن جو ھي خواب تہ ملڪ توڙي دنيا ۾ اھڙي انقلاب بدولت غير طبقاتي سماج جڙي سگهندو جتي نہ ڪو مالڪ ھوندو نہ ڪو نوڪر ھوندو، سندن خام خيالي ھئي.
فيمينزم يا عورت-واد (Feminism) جو نظريو پڻ مارڪسزم جي شاخ آھي يا ايئن کڻي چئجي تہ جنس جي لحاظ کان ان جو سماج تي اطلاق آھي. فيمينزم جي بانين ۽ حامين جو خيال، جيڪو صحيح پڻ آهي، تہ دنيا ۾ اڪثر معاشرا يا سماجي نظام پدراڻي نظام تي ھلندڙ ۽ ان کي ھٿي ڏيندڙ آھن. پدراڻي نظام کي مردن جو غالب معاشرو بہ چيو ويندو آهي. ان ۾ مردن طرفان شعوري توڙي غير شعوري طريقن سان عورتن کي نہ رڳو پاڻ کان گهٽ ۽ ادنيٰ سمجهيو ويندو آھي پر اھڙي پرورش کانپوءِ ايئن ثابت پڻ ڪيو ويندو آھي. نتيجي ۾ مردن اھڙي پدراڻي نظام ھيٺ عورتن جو نفسياتي، تعليمي، جسماني، معاشي، جذباتي، جنسي ۽ سياسي استحصال پئي ڪيو آهي. فيمينزم نظريو پدراڻي نظام جي نہ رڳو اوڻاين جي نشاندھي ڪندو آھي پر سماج کي مجموعي لحاظ کان بھتر بڻائڻ لاءِ انھن ظلمن جو حل پڻ پيش ڪندو آهي. ساڳي طرح سان فرائيڊ جو تحليل نفسي (Psychoanalysis) نظريو پڻ سماج تي مارڪسزم جو نفسيات جي حوالي سان اطلاق آھي. ھي نظريو حڪمران طبقي طرفان نڌڻڪي ۽ مظلوم عوام تي مذھب، عقيدي، نظرئي ۽ ثقافت جي نالي تي انھن ۾ پيدا ٿيل جنسي، نفسياتي ۽ سماجي ناآسودگين ۽ ناانصافين جو نفسياتي تجزيو ڪري انھن جو حل پيش ڪرڻ سان واسطو رکي ٿو. ھن نفسياتي تجزيي ھيٺ ھسٽيريا، ڊپريشن، اينزائٽي، نشو واپرائڻ ۽ خودڪشي بابت سوچڻ يا ڪرڻ جھڙن نفسياتي مريضن جي خوابن، خوفن، سوچن ۽ روين جي پيشہ ورانہ نفسياتدانن طرفان جانچ ڪئي ويندي آھي ۽ رھنمائي توڙي علاج ڪيو ويندو آھي.
جتي تصور يا خيال-پسند (Idealists) دائمي قدرن ۽ اخلاقيات جي ڳالھہ ڪندا آھن اتي ھڪ پاسي ترقي پسند (Progressivists) پراڻين روايتن کي بيڪار ۽ فرسودہ چئي ڦٽو ڪري نون طريقن، نين شين، نين روايتن ۽ نين نظرين کي اپنائڻ کي بھتر سمجهندا آھن. ان سان گڏ اھي اجتمائي اخلاقيات بدران انفراديت ۽ انفرادي تسڪين جي انڌ ۾ صديون پراڻي ڏاھپ جيڪا نسل در نسل منتقل ٿيندي ايندي آھي، کي يڪسر نظرانداز ڪندا آھن. ٻئي پاسي عمل-پسند (Pragmatists) وري حال کي ۽ پنھنجن سماجي عملن ۽ انھن جي تڪڙن نتيجن کي اھميت ڏيندي ماضي جي چڱين روايتن، دور-انديشي ۽ معاشري کي توازن ۾ بيھاريندڙ دور رس اخلاقيات کي ٿوڪاري ڇڏيندا آھن جيڪا سندن وڏي ۾ وڏي خامي آھي. اھو ئي سبب ھو جو جان ڊيوي (John Dewey) چيو ھو تہ ترقي پسند ۽ عمل پسند ٿيڻ جو اھو مطلب ڪونھي تہ اسان ماضي جي روايتن کي بنا سوچڻ سمجهڻ جي اڇلائي ڇڏيون. ان ڪري انھن جي چڱين ۽ ڏاھپ وارين ڳالھين، روين ۽ عملن کي نئين نظرئي ۾ ۽ پنھنجي زندگي ۾ جوڳي جاءِ ڏيڻ ضروري آھي. ان کان سواءِ خيال-پسنديت (Idealism) جي اثر ھيٺ ٻارن ۾ اجتماعيت جي فروغ لاءِ سندن مصنوعي ماحول يعني تعليمي ادارن ۾ تعليم ۽ تربيت ۾ استاد جو مرڪز-تعليم ھجڻ، استاد کي روحاني مرشد سمجهي ان کي نصاب، تدريسي طريقي ۽ سزا ۽ جزا ڏيڻ جو اختيار ڏيڻ، ٻار کي مڇ جو وار سمجهڻ جنھن کي جيڏي مرضي ھجي اوڏي ورائڻ، يعني ٻار جي ذھن کي ڪوري سليٽ سمجهڻ جي رد ۾ فطرت-پسنديت(Naturalism)۽ترقي-پسنديت(Progressivism) جا فلسفا سامھون آيا. روسو جو فطرت-پسنديت فلسفو فرد جي تعليم ۽ تربيت جي حوالي سان ھٿراڌو ماحول يا روايتي تعليمي ادارن، نصاب ۽ ضابطن جو انڪار ڪندڙ؛ فطري ماحول ۾ فطرت جي مشاھدي، ان جي سختين سھڻ مان سبق پرائڻ جو پرچار ڪندڙ؛ ۽ مڪمل انفرادي ۽ شخصي آزداي ھيٺ پنھنجن فطري ۽ جبلي ضرورتن جي تسڪين تي زور ڏيندڙ ھو. ھن فلسفي جو زور ٻار کي سماجي اثرن کان آزادي ڏيارڻ ۽ فطري ۽ جهنگلي ماحول ۾ پرورش لاءِ آزاد ڇڏڻ ھو. ٻئي پاسي تعليم جي حوالي سان ترقي-پسنديت ٻارن جي فطري ۽ انفرادي صلاحيتن جي نشونما جي آڙ ۾ استادن طرفان ٻارن تي سختي ۽ قائدن قانونن جو انڪاري ھو. مٿين تعليمي خامين جي پيش نظر جان ڊيوي عمل-پسنديت (Pragmatism) وسيلي ٻار جي انفرادي ۽ ان مٿان سماج جي اجتماعي اثرن جي وچ ۾ توازن پيدا ڪندي ٻار کي سماجي معاشري جو ھڪ ذميوار شھري بڻائڻ تي زور ڏنو. عمل- پسنديت ٻار جي انفرادي صلاحيتن جي نشونما ۽ گڏيل مفادن جي حاصلات لاءِ گڏيل رضامندي تحت راندين جي طرز تي ۽ شاگرد-مرڪز-تعليم جي طرز تي قائدن ۽ قانونن کي تعليم جو حصو بڻايو.
سائنسي تحقيقي فلسفي کي پازيٽوزم (Positivism) چيو ويندو آهي جنھن مطابق مادي دنيا معروضي سچائي (Objective Reality) تي مشتمل آھي جيڪا اسان جي ذھن کان ٻاھر مادي جي ٺوس دنيا ۾ موجود آھي ۽ معروضي اصولن جي پيروي ڪندڙ آھي. ھن مطابق اسان ڪنھن مادي شيءِ يا لقاءُ جي حواسي مشاھدن يا موزون اوزارن سان پيمائش ڪري سگهون ٿا ۽ ساڳين مخصوص حالتن ھيٺ ان جي تصديق پڻ ڪري سگهون ٿا. ھي فلسفو 20ھين صدي جي مني حصي تائين بنا مقابلي جاري رھيو پر پوءِ آخري چوٿائي ۾ ان جي مقابلي ۾ تشريحيت (Interpretivism) جو تحقيقي فلسفو آيو. ھن مطابق انسانن جي سماجي دنيا مادي دنيا کان مختلف آھي انڪري فطري سائنس ۽ تحقيق جا قائدا سماجي سائنس ۽ تحقيق تي لاڳو نہ ٿا ڪري سگهجن. ھن جي حامين جو چوڻ ھو تہ سماجي ذھنيت ۽ سماجي لقاء معروضي سچائين بجاءِ خالص موضوعي (Subjective) ۽ بين الافرادي (Intersubjective) سچائين يا عقيدن ۽ گهڙيل تصوراتي ڪھاڻين تي ٻڌل آھن، ان ڪري سماجي تحقيق ۽ تحقيق ڪندڙ اڻڌريا ٿي نہ ٿا سگهن. ٻين لفظن ۾ ھڪ پاسي اسان انسانن شين ۽ لقائن کي معني پاڻ ڏني آھي ۽ انھن جا قدر پاڻ متعين ڪيا آھن ان ڪري سماجي لقاء ۽ نظريا، قدر ۽ روايتون، ثقافت ۽ رويا توڙي صحيح ۽ غلط جا تصور سماجي محقق کي تيستائين سمجهہ ۾ نہ ايندا جيستائين اھو/اھا مطلوبہ ماڻھن جي پاتل رنگين (چٻي ڦڏي) عينڪ پاڻ نہ پائيندو/پائيندي! ٽيون ۽ جديد تحقيقي فلسفو پوسٽ-ماڊرنزم (Postmodernism) پڻ تشريحيت (Interpretivism) جھڙو آھي جيڪو نہ رڳو موضوعت جو حامي آھي پر ان کان ھڪ قدم اڳتي آھي. ھن مطابق نہ رڳو ھڪ کان وڌيڪ سچائيون آھن پر ھي ڪجهہ ڳالھين ۾ ٻين سچائين کي سائنس کان بھتر سمجهي ٿو. ھن جو ٻيو اھم نقطو اھو بہ آھي تہ دنيا ۾ ڪا ھڪ مطلق سچائي ناھي ان ڪري ھي فلسفو ھر جزوي ۽ موضوعي مشاھدي ۽ تصور کي سچائي طور تسليم ڪري ٿو. ”ڪا بہ شيءِ غير سياسي ڪانھي“ جي مصداق ھن ڌرتي تي طاقتور ۽ حڪمران ٽولي اڪثر ڪري پنھنجن مفادن تحت نظريا ۽ مذھب پئي گهڙيا آھن. ان ڪري ڪا ڳالھہ يا نظريو ۽ مذھب سورھن آنا صحيح ھجي، اھو ممڪن ڪونھي. توڙي جو آخري ٻن سچائين کي صحيح ڪوٺي نہ ٿو سگهجي پر اھي انساني سماج جي عمارت جي جوڙجڪ جو حصو ضرور آھن ۽ گهڻين ڳالھين ۾ انھن جو اجنبي انسانن منجهہ باھمي تعاون پيدا ڪرڻ ۾ وڏو ۽ اھم ڪردار رھيو آھي. ان کان سواءِ اھي ٻئي فلسفا ماڻھن جي ناقص موضوعي، ثقافتي توڙي نظرياتي تضادن کي تسليم ڪندي انھن جي اپٽار ڪرڻ جو درس ڏيندا آھن. باقي تشريحيت ۽ پوسٽ-ماڊرنزم فلسفا ناقص موضوعي ۽ ثقافتي نظرين کي ھڪ سچائي طور پيش ڪري معروضي حقيقتن ۽ سچائين کان طوطا چشمي کي فروغ ضرور ڏين ٿا ۽ حڪمران ٽولي جي مضبوط پروپيگينڊا کي عوام ۾ سچائي طور ڦھلائڻ ۽ مڃائڻ لاءِ استعمال ٿيندا پيا نظر اچن.
مٿئين بحث کي سوڙھو ڪجي تہ مون کي ايئن محسوس ٿئي ٿو تہ دنيا جا مختلف فلسفا مختلف نالن ۽ رنگين ڇٽين ھيٺ ھڪ نہ ٻي صورت ۾ يا تہ سائنس يعني مشاھداتي استدلال جا حامي رھيا آھن يا وري ان جا مخالف بڻجي قديم روايتن، قدرن، عقيدن ۽ مذھبن جا حامي رھيا آھن. ٻنھي فلسفن جي ٽولن جي حاصلات تي نظر وجهنداسين تہ ھڪ پاسي سڄي دنيا، ايستائين جو مخالفن، جي ھنج ۾ بہ سائنس پنھنجن انيڪ دريافتن، ايجادن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جا ثمر بنا ڪنھن مت ڀيد جي وڌا آھن ۽ انھن جي زندگين کي جنت نظير بڻايو آھي. جڏھن تہ فلسفين جو ٻيو ٽولو ھڪ پاسي پنھنجي مخالف ٽولي جو دشمن رھيو آھن تہ ٻئي پاسي اھو پنھنجن حامين جي زندگين کي غلامي، جهالت ۽ بيوسي وسيلي جھنم بڻايو ويٺو آھي؛ ھا ايترو ضرور آھي جو اھو ٽولو پنھنجن حامين لاءِ مرڻ کان پوءِ ھر قسم جي نعمتن ۽ آسائشن جو پڪو واعدو ضرور پيش ڪندو رھيو آھي.
منھنجي ذاتي راءِ آهي تہ نوتعميريت (Reconstructionism) فلسفي جي بنيادي تصور مطابق اسان جو معاشرو شديد بگاڙ جو شڪار ٿي چڪو آھي ان ڪري ان جي از سر نئين تعمير جي ضرورت آھي. اسان انسان فقط مادي وجود نہ ٿا رکون جنھن جي وجوديت (Existentialism) جي فلسفي سان مڪمل وضاحت ڪري سگهجي. ٻين لفظن ۾ انسان نہ رڳو حقيقت-پسند (Objective) آھي پر ذاتي پسند ناپسند سوچ رکندڙ (Subjective) ۽ ڪھاڻيون گهڙيندڙ ۽ ٻڌائيندڙ يا عقيدو رکندڙ (Intersubjective) پڻ آھي. ان ڪري سائنس سان گڏ اسان کي ھڪ بھتر عقيدي جي پڻ ضرورت آھي. ھن سلسلي ۾ نئون فلسفو انسان-پسنديت (Humanism) اسان جون سماجي ضرورتون احسن طريقي سان پوريون ڪري سگهي ٿو. انسان-پسنديت ھڪ ئي وقت ھڪ نظريو، فلسفو ۽ مذھب پڻ آھي جيڪو نہ رڳو زندگي گذارڻ جا سونھان اصول ٻڌائي ٿو پر مادي ۽ ڪائنات جي تناظر ۾ انساني زندگي جي عقلي وضاحت پڻ پيش ڪري ٿو. انساني زندگي، انساني حق، انفراديت، روشن خيالي، جمھوريت، تقرير ۽ تحرير جي آزادي ۽ ترقي پسندي ھن جا نمايان گڻ آھن. ھي نظريو ۽ فلسفو رنگ، نسل، مذھب ۽ سماجي مرتبي جي مت-ڀيد کان بالاتر ٿي سڀني انسانن ۽ انھن جي جذبات کي ھڪ جيترو مقدس ۽ برابر سمجهي ٿو. منھنجي خيال ۾ سائنس ۽ انسان-پسنديت جو سنگم انساني بقا، فلاح ۽ ترقي جو ضامن آھي.


ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو
سيوهڻ شريف
10.08.20.23
bhuttomuhammadilyas@gmail.com

حـِصو پھريون: روايتي ۽ ڪلاسيڪل فلسفا

---

خيال- پسنديت يا تصوريت جو فلسفو

خيال پسنديت يا تصوريت (Idealism) ھڪ قديم ترين فلسفو آهي جيڪو حقيقت يا سچائي تائين پھچڻ لاءِ خيالن، آزاد سوچ ۽ شعور جي اهميت تي زور ڏئي ٿو ۽ ان جي پاڙ ھن ڳالھہ تي بيٺل آھي تہ مطلق حقيقت يا سچائي پنھنجي آخري تجزئي ۾ اسان جي خيالن يا تصورن ۽ شعور تي مشتمل آهي؛ ان ڪري ھي فلسفو مادي بدران خيالن ۽ تصورن کي وڌيڪ اھم ڄاڻي ٿو. مذھبي دنيا جي تاريخ ۾ ھي فلسفو تمام اثرائتو رهيو آهي ۽ تاريخ جي مختلف دورن ۾ مختلف فلسفي جھڙوڪ سقراط (470-399BC)، افلاطون (427-347BC)، رين ڊيڪارٽ (1596-1650AD)، جارج برڪلي (1685-1753AD)، امينوئل ڪانٽ (1724-1808AD)، فريڊرڪ ھيگل (1770-1831AD) وغيرہ ان جا پڪا حامي رھيا آھن. جيئن تہ ھن فلسفي جا اھم فلاسافر ۽ حامي مادي شين جي وجود جا ئي انڪاري آھن ان ڪري اڪثر دانشور ھن فلسفي ۽ ان جي حامين کي ترتيبوار خيال پرستي ۽ خيال پرست ڪوٺيندا آھن جن کي مادي دنيا جي خوبصورتي ۽ رنگيني نظر ئي نہ ٿي اچي! ان باوجود ھن وقت تائين ھي فلسفو ڪنھن نہ ڪنھن صورت ۾ ھلندو پيو اچي.
قديم يونان جي افلاطون جنھن کي سقراط جو شاگرد ۽ وات پڻ چيو ويندو آهي، کي ھن اولھہ جي خيال پرستي يا تصوريت جو باني سڏيو ويندو آهي. سندس خيال هو تہ مادي دنيا مطلق حقيقت يا سچائي نہ آهي پر ھڪ ڪوڙ آھي، ڌوڪو آھي ۽ فريب آھي، جڏھن تہ خيالات/تصورات جي دنيا ئي حقيقي دنيا ۽ مطلق سچائي آهي. سندس تصوراتي دنيا جنھن کي ھو حقيقي ۽ ابدي دنيا سمجهي ٿو، ۾ انصاف، خوبصورتي ۽ نيڪي جھڙيون سچائيون مادي ۽ جسماني دنيا کان آزاد ۽ ابدي طور تي ھميشہ کان موجود ھيون، آهن ۽ رھنديون. ٻئي پاسي سندس خيال ھو تہ مادي دنيا مسلسل تبديل ٿي رهي آهي ۽ زوال ۽ عدم استحڪام سندس اڻٽر خاميون آهن. افلاطون جو خيال هو تہ انسان پنھنجي ذهني سوچ جي ذريعي سچائي تائين پھچي سگهي ٿو. ٻين لفظن ۾ عقل ۽ منطق انسان کي اصلي خيالي دنيا جي حقيقت تائين رسائي سگهن ٿا.
افلاطون جيتوڻيڪ پنھنجي استاد سقراط جي نظرئي جي تشريح ۽ تشھير ڪئي پر ھن انھن تصورن کي اڳتي وڌائي جامع شڪل پڻ ڏني. اڪثر محقق افلاطون ۽ سقراط جي خيالن، نظرين ۽ لکڻين کي ھڪ ڪري ليکيندا آھن ۽ گڏيل طور انھن کي افلاطون جو خيال پسنديت يا خيال پرستي وارو فلسفو چوندا آهن. خيال پرستي جي فلسفي سياست، اخلاق ۽ فلسفي تي گهرا اثر ڇڏيا آھن جيڪي ڪنھن نہ ڪنھن صورت ۾ اڄ بہ موجود آھن. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا جن مان ”جهموريت“ (The Republic)، ”سمپوزيم/اجلاس“ (Symposium) ۽ ”قانون“ (The Laws) جو مختلف شعبن ۾ وڌيڪ چرچو ۽ حوالو ڏنو ويندو آهي. دي ريپبلڪ يا ”جمھوريت“ ۾ افلاطون دليل ڏئي ٿو تہ تعليم عام ڀلي يعني عوامي ڀلي ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جو وسيلو آھي. عوام کي پاڻ تي ۽ ٻين تي حڪومت ڪرڻ جي قابل هئڻ گهرجي. جڏھن تہ سندس ڪتاب The Laws ۾ ھڪ اجنبي (يعني ھو پاڻ) ۽ ٻن مقامي ماڻھن جي وچ ۾ ھڪ تصوراتي ٻيٽ تي زندگي گذارڻ جي قانونن، اخلاقيات، تعليم، شادي، ملڪيت جي مالڪي ۽ عوام جي ڀلي لاءِ ۽ حڪومت جي ڪردار تي گرما گرم گفتگو ۽ بحث ٿيل آھي؛ سندس واضع مؤقف آھي تہ معاشري جا قانون منطق ۽ عقلي استدلال تي ٻڌل ھجڻ گهرجن نہ ڪي شخصي ترجيحن تي، انھن قانونن جو ديرينہ مقصد عوام جو ڀلو ئي ھجڻ گهرجي.
افلاطون پنھنجي سماج ۾ ماڻھن کي ٽن ٽولن ۾ ورھائڻ جي ڳالھہ ڪئي ھئي: فلاسافر بادشاھ ٽولو، ويڙھاڪ يا فوجي ٽولو ۽ ھنرمند ٽولو. ھن نظرئي کي عملي جامو پھرائڻ لاءِ دنيا ۾ اعليٰ تعليم جي پھريون تعليمي اداري ”دي اڪيڊمي“ (The Academy) جو بنياد سن.BC387 ۾ رکيو. سندس تعليم ڇھن مرحلن تي مشتمل ھئي. جيڪو اميدوار پنجاھ سالن جي عمر تائين جي ڇھن مرحلن (پنج مرحلا اڪيڊمي ۾ ۽ آخري مرحلو وقت جي حڪمران سان گڏ ٽريننگ ڪندڙ جي حيثيت ۾) جي تعليم دوران حسابن، منطق ۽ فلسفي ۾ اعليٰ ترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ، اعليٰ اخلاق جو حامل ۽ ھر قسم جي ذاتي لالچ کان پاڪ ثابت ٿيندو تہ اھو فلاسافر بادشاھ يا حڪمران بڻجڻ جو اھل ھوندو؛ فقط اھڙو حڪمران ئي انصاف ۽ عقلمنديءَ سان حڪومت ڪري سگهندو. ساڳيءَ طرح سان ھن ويڙھاڪن توڙي ھنرمندن جي چونڊ ۽ تربيت لاءِ تعليمي مرحلا ٻڌايا ھئا. ويڙھاڪ يا فوجي ٽولي جيڪو بھادري ۽ وڙھڻ جي فن جي اوزارن ۽ اٽڪلن ۾ مھارت رکندڙ ھو، ان جي ذمي ملڪ جي حفاظت ھئي، جڏھن تہ ھنرمند ٽولي جي ذمي ضرورت جون شيون ٺاھڻ ۽ جسماني مزدوري واريون خدمتون فراهم ڪرڻ ھو.
ھن فلسفي مطابق صحتمند جسم، اخلاقي ۽ تنقيدي سوچ پيدا ڪرڻ ۽ انھن کي پروان چاڙھڻ تعليم جا اھم مقصد ھئا جيڪي جسماني تعليم (جيمناسٽڪس)، موسيقي، رياضي، منطق ۽ فلسفي پڙھائڻ سان حاصل ڪري پيا سگهجن. ھي نظريو ٻڌائي ٿو تہ انسان ٻن جزن جو مرڪب آھي: جسم ۽ روح؛ جسم تغير پزير، عارضي ۽ فاني آھي جڏھن تہ روح غير تغير پذير، دائمي ۽ غير فاني آھي؛ ان ڪري روح کي جسم جي مٿان فوقيت حاصل آھي. سقراط جو خيال ھو تہ انساني روح سندس پيدائش کان اول جي حقيقت آھي، جسم تہ فقط ھڪ ڪالب يا کوکو آھي جنھن ۾ روح وقتي طور رھندو آھي. جسم ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ روح کي ھر حقيقت، علم، سياڻپ ۽ نيڪي جي پروڙ ھئي پر جسم جي ڍانچي ۾ قيد ٿيڻ تي ان کان اھو سڀ ڌنڌلو ٿي ۽ وسري ويو آھي، ۽ روح کي وري پنھنجي اصلي جاءِ تي موٽڻو ضرور آھي. ھن فلسفي مطابق جسم جي پرورش جيمناسٽڪس يا جسماني ورزشن ۽ مشقتن وسيلي ممڪن آھي، جڏھن تہ روح جي نشونما وري موسيقي وسيلي ڪري سگهجي ٿي.
ھي فلسفو ڪيترن ئي شعبن تي اثرانداز ٿيندو رھيو آھي جھڙوڪ فلسفو، ادب ۽ آرٽ. اڄ بہ فلسفي ۾ جڏھن سچائي، علم ۽ اخلاقيات جي ڳالھہ ٿيندي تہ ھن فلسفي جا حوالا لازم ۽ ملزوم آھن؛ ادب ۽ آرٽ ۾ خوبصورتي جي تصور ۽ تخليقي ۽ تنقيدي خيالن جي ڳالھہ ٿيندي تہ خيال پسندن ۽ خيال پرستن جو ذڪر ضرور ٿيندو. اڄڪلھ جا تشريحيت (Interpretivism) ۽ پوسٽ ماڊرنزم (Postmoderism) فلسفا پڻ ماڻھن طرفان شين ۽ لقائن کي موضوعي (Subjective) طور ڏسڻ ۽ معني ڏيڻ کي اھم سمجهن ٿا. دنيا جا اڪثر مذھبي تصور ھن فلسفي جي سڌريل يا بگڙيل شڪل ئي آھن.
خيال پرستن، خاص ڪري سقراط ۽ افلاطون، جو بنيادي نقطو ھن عقيدي تي مبني ھو تہ مادي دنيا ھر وقت تغير پذير آھي، عارضي آھي ۽ فاني آھي ان ڪري اھا بذات خود حقيقت يا سچائي نہ آهي پر ھڪ ٻي/ابدي دنيا جو پاڇو، پرتو يا بگڙيل عڪس آھي يعني اسان پنھنجن چوڌاري جيڪو مادو ڏسون ٿا اھو ھڪ خواب ۽ خيال آھي. ٻين لفظن ۾ ٽڪر ٽڪريون، ڍنڍون ڍورا، درياءَ سمنڊ، برف برسات، وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا، ڀاڄيون ميوا، جانور مڇيون وغيرہ بذات خود حقيقتون نہ آھن پر ھڪ ٻي ابدي دنيا جي شين جا پاڇا يا عڪس آھن. مطلب تہ خيال پرستن حواسي معلومات جو ھڪ نہ ٻي ريت انڪار ئي پئي ڪيو آھي. ھن معاملي ۾ خيال پرستي ۽ سندس حامي مات کائي ويا ۽ وڏي ۾ وڏو غلطان ڪري ويا جنھن ڪري ھنن تي ڇتي تنقيد ٿيندي رھندي آھي.
مٿئين بحث جو لب لباب اھو وڃي بيھي ٿو تہ خيال پسنديت يا تصوريت جو فلسفو قديم ترين فلسفو ۽ نظريو آھي جيڪو سچائي تائين پھچڻ يا ان جي جوڙڻ ۾ آزاد ۽ تنقيدي خيالن ۽ شعور جي اھميت جو اقرار ڪري ٿو. ھي فلسفو تاريخ ۾ ھن وقت تائين اھم رھيو آھي. سقراط، افلاطون، برڪلي، ڪانٽ ۽ ھيگل جھڙو فلسفي ھن جا حامي رھيا آھن. مذھبي دنيا ۾ روح، ابدي ۽ دائمي دنيا، ابدي سچائي ۽ لافانيت جھڙو تصور ھن فسلفي جي پيداوار آھن. ھن فلسفي جو مادي دنيا کان انڪار سندس وڏي ۾ وڏي غلطي ھئي جنھن ڪري ھن تي اڄ تائين ڇتي تنقيد ٿيندي رھي ٿي.


مددي ڪتاب:

1.Berkeley, George. A Treatise Concerning the Principles of Human Knowledge. Hackett Publishing, 1982.
2.Descartes, René. Meditations on First Philosophy. Hackett Publishing, 1993.
3. Hegel, G.W.F. Phenomenology of Spirit. Oxford University Press, 1977.
4. Kant, Immanuel. Critique of Pure Reason. Penguin Classics, 2007.
5. Smith, Nicholas. "Idealism" Stanford Encyclopedia of Philosophy. Accessed 25 March 2023.
6. https://plato.stanford.edu/

دواميت جو فلسفو

تعارف: دواميت يا ثباتيت (Perennialism) هڪ فلسفياڻي ۽ تعليمي تحريڪ آهي جيڪا انساني فطرت توڙي انساني علم، فلسفي ۽ ٻين مضمونن جي دائمي ۽ آفاقي قدرن ۽ پھلوئن تي زور ڏئي ٿي. ھن فلسفي جي مطابق دنيا توڙي ڪائنات ۾ ڪجهہ اھڙا سچا ۽ اڻ تبديل ٿيندڙ اصول آهن جيڪي وقت يا زماني، ثقافت ۽ تاريخي حوالن کان مٿي آھن ۽ ھر زماني، ھر ثقافت ۽ ھر تاريخ ۾ ھڪجيتري اھميت رکندڙ ھوندا آھن، مثال طور: انساني فطرت جي حوالي سان عقليت ۽ مشاھداتي استدلال سندس آفاقي فطرت آھي؛ اخلاقيات جي حوالي سان انصاف، ايمانداري، اتحاد، نيڪي، ھمدردي ۽ ٻين ماڻھن جو بنا مت ڀيد جي احترام اھم آھن؛ هي مقالو دائميت جو هڪ جائزو پيش ڪري ٿو، جنھن ۾ ان جي باني ۽ حمايت ڪندڙن، تاريخي پسمنظر، بنيادي تصورات، ٻين مضمونن تي اثر، ان تي تنقيد ۽ نتيجو شامل آهن.
باني ۽ حامي: دواميت جي تعليمي فلسفي کي بنيادي شڪل ڏيندڙ آمريڪي فيلسوف رابرٽ مينارڊ هچنس (Robert Maynard Hutchins 1899-1977) ھو جيڪو 1929 کان 1951 تائين شکاگو يونيورسٽي جو وائيس چانسلر/صدر رهيو. هچنس سڀني شاگردن لاءِ هڪ بنيادي ۽ لازمي نصاب تي يقين رکندو هو. پاڻ اھو بنيادي ۽ لازمي نصاب هر تعليم يافتہ شخص لاءِ ضروري سمجهندو هو؛ ھن ۾ رياضي، سائنس، ادب، تاريخ ۽ فلسفي جا مضمون شامل ھئا. دواميت جي ٻين قابل ذڪر حمايت ڪندڙن ۾ مورٽيمر ايڊلر (Mortimer Adler, 1902-2001)، جان سيئرل (John Searle, 1932) ۽ جيڪ بارزون (Jacques Barzun, 1907-2012) شامل آهن.

تاريخ: دواميت جو فلسفو ويھين صدي جي شروعات ۾ ترقي پسند تعليمي تحريڪ (Progressive Education Movement) جي ردعمل جي طور تي اڀري نروار ٿيو ھو؛ ان ترقي پسند تحريڪ ٻار-مرڪز تعليم (Child-centered Education) ۽ مشاھداتي سکيا (Experiential Learning) تي زور ڏنو ۽ هڪ اڳ ۾ طئي ٿيل، مقرر ۽ غيرلچڪدار نصاب جي خيال کي رد ڪيو. هچنز ۽ ٻين دواميت-پسندن جو ترقي پسند تعليم بابت اھو اعتراض ھو تہ ان قسم جي تعليم شاگردن ۾ ضروري ۽ بنيادي علم جي منتقلي ۽ دانشورانہ لياقتن جي آبياري کي نظرانداز ڪندڙ ھئي. ھن جي ازالي ۽ ردعمل طور آمريڪا اندر تعليم جي شعبي ۾ 20ھين صديءَ جي وچ ڌاري دواميت جو ظھور ٿيو ۽ اتي جي تعليمي سوچ تي ڪنھن نہ ڪنھن حوالي سان اڄ بہ اثر انداز ٿي رهيو آهي.

اھم اصول ۽ خاصيتون: دواميت جو فلسفو شاگردن منجهه، چاھي اھي ڪھڙي بہ زماني ۽ ثقافت سان تعلق رکندڙ ھجن، ھيٺيون خاصيتون ۽ آفاقي اصول پيدا ڪرڻ ۽ انھن کي پنھنجي زندگيءَ جو حصو بڻائڻ لاءِ زور ڀري ٿو.

آفاقي سچائيون: دواميت-پسندن جو چوڻ آهي تہ انسان جي فطرت ۾ داخلي ۽ موروثي طور ڪجهہ آفاقي سچائيون ۽ اصول ودعيت ٿيل آھن جھڙوڪ فطرت ۽ ڪائنات کي سمجهڻ لاءِ عقليت، سچائي جي تلاش، مشاھداتي استدلال، خود- احتسابي ۽ خود-اصلاحي جا علمي اوزار استعمال ڪرڻ. اھي آفاقي سچائيون، اصول يا اوزار ڪنھن مخصوص زماني، ثقافت ۽ تاريخي دور تائين محدود نہ آھن پر ھر ثقافت ۽ تاريخ جي ھر دؤر ۾ انھن جي اھميت ۽ اطلاق يڪسان آھي.

معروضيت: دواميت-پسند ھن ڳالھہ جا حامي آھن تہ ھن ڪائنات ۾ ھڪ معروضي سچائي (Objective Reality) موجود آھي جيڪا اسان جي انفرادي، موضوعي (Subjective) ۽ ثقافتي عقيدن ۽ قدرن کان الڳ ۽ آزاد وجود رکي ٿي. ھنن جو نظريو آھي تہ دنيا بابت ڪجهہ ڀروسي لائق سچائيون آفاقي آھن جن تائين اڻڌرئي مشاھدي، تنقيدي ڳولا ڦولا ۽ عقلي منطق وسيلي پھچي سگهجي ٿو.

ذھني نشونما: ھي فلسفو ٻارن ۽ شاگردن ۾ ذھانت، تنقيدي سوچ، غير جانبدار يا اڻ-ڌري جانچ ۽ ڳولا ڦولا، خود احتسابي ۽ خود اصلاحي جون آفاقي خاصيتون پيدا ڪرڻ ۽ انھن مطابق زندگي گذارڻ جو خواهان آھي.

انساني فطرت: فطرت طرفان ڪائنات ۽ زندگيءَ کي سمجهڻ لاءِ انسان کي منطق يا عقل، مشاھداتي استدلال، سچائي ۽ علم جي تلاش، زندگيءَ جي معني ۽ مقصد، نيڪي، ھمدردي، خود احتسابي ۽ خود اصلاحي جھڙيون صلاحيتون ڏنيون ويون آھن.

اخلاقيات: دواميت-پسند آفاقي اخلاقيات جي آبياري کي اھم سمجهندا آھن، انھن مطابق آفاقي اخلاقن ۾ انصاف، ايمانداري، ذميواري، اتحاد ۽ انساني احترام شامل آھن. اھي اعليٰ اخلاق ھر زماني ۽ ثقافت ۾ اھم آھن يعني آفاقي آھن.

بنيادي نصاب: دواميت-پسند ٻارن جي تعليم ۽ تدريس جي حوالي سان اھڙي بنيادي ۽ لازمي نصاب جي وڪالت ڪن ٿا جنھن ۾ انساني علمن جھڙوڪ تاريخ، ادب، فلسفو ۽ آرٽ؛ سائنسي علمن جھڙوڪ حساب ۽ جنرل سائنس جا مضمون شامل ھجڻ گهرجن تہ جيئن ٻارن/ شاگردن ۾ منطقي سوچ، گهڻ-رخي انساني مشاھدن ۽ تجربن بابت آگاھي، وسيع نظري ۽ آفاقي سوچ پيدا ٿي سگهي.

استاد-مرڪز تعليم: ھي تعليمي فلسفو استاد مرڪز تعليم (Teacher Centered Education) جو حامي آھي جتي ھڪ استاد کي علم ۽ دانش جو خزانو ۽ انھن آفاقي خاصيتن کي شاگردن ۾ منتقل ڪرڻ جو ذريعو تسليم ڪيو ويندو آهي.

عقل ۽ دانش جي آبياري: دواميت جو فلسفو ذھانت، تنقيدي سوچ ۽ علم براءِ علم جي حاصلات کي ترجيح ڏئي ٿو. ان کان سواءِ ھي فلسفو تعليم کي ھڪ منظم مڪتبہ فڪر بڻائڻ، عقلي يا منطقي استدلال ۽ ڳوڙھي غور ۽ فڪر جي فروغ لاءِ اتساھيندڙ آھي. دواميت-پسند ادب ۽ فلسفي جي حوالي سان افلاطون، ارسطو ۽ شيڪسپيئر جي شاھڪار ڪتابن سان گڏ انجيل مقدس يا مذھبي ڪتابن جي پڙھڻ ڪڙھڻ جا وڏا حامي آھن ڇو تہ انھن ۾ مختلف زمانن ۽ ماڻھن جي سياڻپ محفوظ ٿيل آھي.

زندگيءَ لاءِ تياري: ھي فلسفو شاگردن ۾ محض مخصوص ھنرن ۽ لياقتن جي نشونما لاءِ نہ پر مڪمل ۽ ڀرپور زندگي گذارڻ لاءِ جتن ڪرڻ لاءِ اتساھيندڙ آھي. ٻين لفظن ۾ ھي انسان جي ڀرپور ذھني، سماجي ۽ ذاتي زندگي گذارڻ لاءِ گهربل دانشمندانہ لياقتن جي نشونما جي حمايت ڪندڙ آھي.

انفراديت: ھي فلسفو انفرادي سطح تي فرد جي اخلاقي، ذھني ۽ اخلاقي نشونما سان گڏ خود-اصلاحي ۽ خود-احتسابي وسيلي زندگي کي ڀرپور ۽ با مقصد بڻائڻ تي زور ڀري ٿو.

ٻين شعبن تي اثر: دواميت جي فلسفي تعليم سان گڏ ٻين ڪيترن ئي شعبن کي متاثر ڪيو آهي. ڪائناتي سچائين جي کوج، ذھانت ۽ تنقيدي سوچ جو پڙلاءُ اسان کي فلسفي جي شاخن جھڙوڪ مابعدالطبعيات (Metaphysics)، علم تائين رسائي (Epistemology) ۽ اخلاقيات (Ethics) جي شعبن ۾ واضع نموني ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. دواميت-پسند لازمي نصاب کي اعلي تعليم يعني يونيورسٽي جي سطح تي وڏي پذيرائي ملي آھي، جنھن جو مثال لبرل آرٽس جي تعليم ۽ تدريس آھي.

تنقيد: دواميت جي فلسفي تي ڪيترن ئي حوالن کان تنقيد ٿيندي رهي آهي. ڪجهہ تنقيد نگارن جو چوڻ آهي تہ ھي فلسفو تجريدي ۽ نظرياتي علم کي عام زندگي جي عملي صلاحيتن ۽ ھنرن تي ترجيح ڏئي ٿو جنھن سان ماڻھو حقيقيي دنيا کان ڪٽجي وڃي ٿو. ٻين جو وري چوڻ آهي تہ ھن فلسفي تحت هڪ مقرر، غير لچڪدار ۽ اڳ ۾ طئي ڪيل ۽ جوڙيل نصاب شاگردن جي انفرادي پسمنظرن، انفرادي اختلافن، صلاحيتن ۽ مفادن کي نظرانداز ڪري ٿو. جڏھن تہ ڪجهہ وري اھو اعتراض وارين ٿا تہ ھي فلسفو روايتي طرز تي معاشري جي مٿئين ۽ حڪمران طبقي جي مفادن وٽان آھي ۽ پورھيت ۽ مزدور طبقي جي ماڻھن کي آڇڻ لاءِ ھن وٽ ڪجهہ بہ نہ آھي.

نتيجو: رابرٽ مينارڊ هچنس پاران قائم ڪيل دواميت (Perennialism) جو تعليمي فلسفو اڳواٽ طئي ٿيل غير لچڪدار ۽ مخصوص مضمونن تي مشتمل ھڪ بنيادي ۽ لازمي نصاب جو حامي آھي جيڪو ڪائناتي سچائين، ذھانت ۽ تنقيدي سوچ کي فروغ ڏيندڙ آھي. سندس حامين جي دعويٰ آھي تہ اھو فلسفو ھر زماني، تاريخ ۽ ثقافت لاء ھڪ جيتري اھميت رکندڙ آهي. ڪڙي تنقيد جي باوجود دواميت جي فلسفي تعليم ۽ نصاب سازي تي پنھنجا گهرا اثر ڇڏيا آھن. جيتوڻيڪ ھي فلسفو تعليم جي سڀني مسئلن جو حل پيش نہ ٿو ڪري سگهي پر پوءِ بہ تنقيدي سوچ ۽ ذھانت جي فروغ وارن لاڙن جي ڪري اڄ بہ فطرت ۽ تعليم جي مقصد بابت بحث-مباحثن ۾ دواميت جو فلسفو اھم حيثيت رکي ٿو.


مددي ڪتاب :

1.Adler, M. J. (1982). The Paideia Proposal: An Educational Manifesto. Macmillan.
2.Barzun, J. (2000). Teacher in America. University Of Chicago Press.
3.Hutchins, R. M. (1936). The Great Conversation: The Substance of a Liberal Education. Encyclopædia Britannica.
4.Searle, J. R. (2004). Minds, Brains, and Science: The 1984, Reith Lectures.

حقيقت-پسنديت يا عقليت جو فلسفو

حقيقت-پسنديت يا عقليت (Realism) جو نظريو ھن ڳالھہ تي يقين رکي ٿو تہ مادو دنيا جي معروضي (Objective) سچائي آھي ۽ اھو انساني ذھن جي خام خيالي نہ پر ذھن کان ٻاھر پنھنجو الڳ حقيقي وجود رکي ٿو؛ انسان دنيا جي مادي سچائي کي حواسي مشاھدن (ڏسڻ، ٻڌڻ، ڇھڻ، سنگهڻ ۽ چکڻ) وسيلي سمجهي سگهي ٿو. ھن فلسفي اڳتي ھلي سائنسي طرزِ فڪر ۽ طرزِ عمل جي نشونما ڪئي ۽ انسان کي انڌن عقيدن جي اونداھي دنيا مان ٻاھر ڪڍي مشاھدي ۾ ايندڙ حقيقي دنيا ۽ سچائي سان روشناس ڪرايو. حقيقت پسنديت اڄ بہ هڪ اهم فلسفي جي حيثيت رکي ٿو. اڄ دنيا ۾ جيڪي بہ سائنسي دريافتون، ايجادون ۽ اخترائون اسان کي نظر اچن ٿيون يا وري اسان جن روزمره جي زندگي کي آسان بڻائيندڙ پيداواري شين ۽ خدمتن کي استعمال ڪريون ٿا اھي سڀ سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ ريت ھن فلسفي ۽ نظريي جي تعليمات جون حاصلات آھن، ان ڪري ھن فلسفي جا اثرات فقط پاڻ تائين محدود نہ آھن پر زندگيءَ جي ڪيترن ئي شعبن جھڙوڪ سياست، صنعت، معيشت، ادب ۽ آرٽ ۾ ھن فلسفي پنھنجا اونھا اثر ڇڏيا آھن. ھن مقالي ۾ اسان ھن جي ابتدا، ارتقا ۽ سندس حامين؛ اصولن ۽ شاخن؛ مختلف شعبن تي اثر ۽ نتيجي بابت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

حقيقت-پسنديت جي ابتدا، ارتقا ۽ حامي:
سخت خيال-پرستن (Idealists) جو نظريو هو تہ سچائي ٻاھرين دنيا ۾ معروضي طور موجود نہ آھي پر اسان جي ذهني پيداوار يعني موضوعي (Subjective) آھي؛ ان ڪري دنيا ۽ ان جون شيون بذات خود ڪجهہ بہ نہ آھن پر ماڻھن طرفان انھن تي مڙھيل معنائون ۽ تشريحات آھن. اھڙي قسم جي انتھائي ناقص سوچ کي حقيقت پسندن (Realists) رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو تہ ٻاھرين يعني مادي دنيا هڪ معروضي حقيقت آهي جيڪا اسان جي تصورن ۽ تشريحن کان آزاد آهي ۽ ان معروضي سچائي تائين رسائي حواسي معلومات وسيلي ممڪن آھي. ھن فلسفي جون پاڙون قديم يوناني فلسفي ارسطو (Aristotle 384-322BC) تائين وڃن ٿيون جنھن پنھنجن مشاھدن جي بنياد تي لڳ ڀڳ 150 ڪتاب لکيا ھئا. ھن علي الاعلان چيو تہ مادو/مادي دنيا جون شيون اسان جي ذھني خام خيالي کان ٻاھر الڳ وجود رکندڙ ۽ معروضي دنيا جون مشاھدي ۾ ايندڙ ۽ تصديق ٿيندڙ حقيقتون آهن. مثال طور ھڪ وڻ مادو آھي جنھن سان سندس ٿولهه، اوچائي، رنگ، شڪل وغيرہ جھڙيون خاصيتون لازمي ۽ ذاتي طور جڙيل آھن. انھن خاصيتن بابت چاھي اسان سوچيون يا نہ سوچيون پر اھي ٻاھرين دنيا ۾ ان وڻ سان گڏ موجود ئي ھونديون. ارسطو جو خيال ھو تہ اسان جا حواس ٻاھرين دنيا جي شين سان لاڳاپن، انھن جي مشاھدن ۽ تجربن وسيلي ڀروسي لائق معروضي علم فراھم ڪن ٿا ۽ حواسي علم وسيلي ۽ ان جي ڇنڊڇاڻ ۽ تجزئي وسيلي اسان دنيا کي گهرائي ۾ سمجهي سگهون ٿا.
تاريخ جي وچئين دور جي مسلمان فلسفين ۽ دانشورن اٺين کان تيرھين صدي دوران حقيقت پسنديت جي فروغ لاءِ وڏو ڪم ڪيو ھو. ھن عرصي کي مسلمانن جو سونھري دؤر پڻ سڏبو آھي. ھن سونھري دور ۾ ڪيترن ئي مسلمان دانشورن ۽ سائنسدانن ارسطو جي حواسي مشاھدن ۽ تجربن وسيلي ڀروسي لائق علم جي پيروي ۾ سائنسي سوچ ۽ عمل کي فروغ ڏنو، جڏھن تہ يورپ ۾ عين اھو دور علم ۽ تحقيق جي حوالي سان اونداھو دور ليکيو ويندو آھي. ھن دؤر جي نامور مسلمان دانشورن ۾ ابن الھيشم، ابن الرشد، الفارابي، ابن السينا، ابن الخلدون، جابر ابن الحيان ۽ ڪيترن ئي ٻين دانشورن، فلسفين ۽ سائنسدانن فلسفي، حسابن، فلڪيات، فزڪس، طب ۽ ڪيميا ۾ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ڪيترن ئي شعبن جا باني پڻ بڻيا.
ارسطو جي حقيقت پسنديت جي نظرئي جو ھڪ پاسي مغربي فلسفي تي وڏو اثر پيو، تہ ٻئي پاسي مغربي مفڪرن جھڙوڪ ٿامس اڪئيناس ۽ جان لاڪ ھن نظرئي ۾ پڻ وڌيڪ ترقي ۽ سڌارو آندو. مغربي مذھبي فلسفي ٿامس اڪئيناس (1224-1274) جو خيال ھو تہ ڌرتي يا دنيا جو خالق خدا آھي، اھا ذھن کان الڳ مادي وجود رکي ٿي ۽ ان کي مشاھدي ۽ عقل سان سمجهي سگهجي ٿو. جان لاڪ (1632-1704) کي جديد مغربي فلسفي يا سائنس جو باني پڻ چيو ويندو آھي. ھن خيالن ۽ تصورن جي پيدائشي ۽ ازلي ھجڻ ۽ سچائي جي موضوعي ھجڻ جو انڪار ڪندي چيو تہ معروضي علم حواسي معلومات جي بنياد تي ڪيل تجربن ۽ انھن جي ڇنڊ ڇاڻ وسيلي پيدا ٿئي ٿو. ساڳئي سلسلي ۾ ٿامس ھوبس (1588-1679) انساني تصورن جي پيدائشي يعني ازلي ۽ ابدي ھئڻ جو انڪار ڪيو؛ سندس نظريو ھو تہ حواسي ۽ منطقي علم ئي حقيقي علم ھو.
بعد ۾ رومانيت (Romanticism) يورپ، خاص طور جرمني، ۾ 18ھين صدي جي آخر کان 19ھين صدي جي وچ تائين ھلندڙ ھڪ فني ۽ ثقافتي تحريڪ طور اڀري جنھن جو مرڪزي نقطو انساني جذبات، تصورات ۽ انفراديت جو اظھار ۽ انھن جي پذيرائي ھو؛ ان کان سواءِ انسان جي ماضي، فطرت جي شين ۽ لقائن توڙي مافوق الفطري شين، لقائن ۽ تصورن جو آزادانہ اظھار ۽ پذيرائي پڻ ھن تحريڪ جو حصو ھو. رومانيت تحريڪ جي رد-عمل طور ان وقت جرمني جي خيال-پسندن، جھڙوڪ ايمينوئيل ڪانٽ (1724-1804)، جوھان گوٽليب فچي (1762-1814) ۽ جارج ولھيلم فريڊريڪ هيگل (1770-1831) پنھنجو الڳ نظريو جرمن خيال-پسنديت (German Idealism) پيش ڪيو. ھن مطابق فرد جو انفرادي ذھن ۽ آزاد شعور يا عقل ئي سچائي جوڙي سگهي ٿو. ھيگل، ڪانٽ ۽ فچي جي تصورن کي سڌاري ٽياڪڙي (Traid) جو نظريو پيش ڪيو جنھن مطابق ھڪ خيال (Thesis) جي مقابلي ۾ جڏھن ان جو رد-خيال (Anti-thesis) سامھون اچي ٿو تڏھن ئي نئون خيال (Synthesis) جڙي ٿو جيڪو پھرين ٻنھي خيالن کان بھتر ھوندو آھي ۽ سچائي جي ويجهو ھوندو آھي. ھن طريقي کي بحث وارو طريقو (Dialectic) پڻ چئبو آھي. ھيگل جي فلسفي ۽ نظرين اڳتي ھلي يورپ ۾ مارڪسزم (Marxism)، وجوديت (Existentialism) ۽ روشن خيالي (Enlightenment) جون راھون ھموار ڪيون.
”رين ڊيڪارٽي (1596-1650) “حواسي مشاھدن ۽ تجربن جو حامي ھو ۽ معروضيت جو قائل ھو؛ ”جان لاڪ (1632-1704)“ جو خيال ھو تہ نئين ڄاول ٻار جو ذھن خالي سليٽ وانگر آھي جنھن تي ماحول ۽ ٻار جو ماحول سان رابطو پنھنجا نقش چٽيندو آھي. ان کان پوءِ جان اسٽئارٽ مل (1806-1873) پڻ حقيقت-پسند فلسفين مان هو، جنھن دليل ڏنو تہ علم حسي تجربي تي ٻڌل آهي ۽ سائنسي مشاهدو ئي دنيا جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو واحد قابل اعتماد طريقو آهي. ھن مطابق حواسي مشاھدن ۽ تجربن وسيلي حاصل ٿيندڙ علم ڀروسي وارو ۽ تصديق جي قابل ٿئي ٿو، انڪري سندس خيال ھو تہ تعليمي نظام جو بنياد اھڙي علم تي ٻڌل ھئڻ گهرجي ۽ حواسي مشاهدن، تجربن ۽ تجزين کي فروغ ڏيندڙ ھئڻ گهرجي. برطانوي ڏاھو برٽرينڊ رسل (1872-1970) جيڪو ھڪ ئي وقت فلسفي، حسابن ۽ ادب ۾ اھم نالو ھو، جو خيال ھو تہ سائنس ۽ سائنسي تجزيا ڀروسي لائق معلومات جا وسيلا آھن.
20ھين صدي عيسويءَ دوران، حقيقت پسنديت ۾ ارتقا جو سلسلو جاري رهيو ۽ نون خيالن ۽ للڪارن جي جواب ۾ ترقي ڪندو رهيو. ھن فلسفي اندر اهم ترقي تنقيدي حقيقت پسنديءَ (Critical Realism) جو اڀرڻ هو، جنھن دنيا ۽ سماج بابت اسان جي سمجهہ لاءِ شين جي فطري ماحول، تناظر يا تاريخي اثرن جي اهميت تي زور ڏنو. هن فلسفي جو انسانن تي وڏو ٿورو اھو آھي تہ ھن سائنسي حقيقت پسنديءَ (Scientific Realism) جي راھ ھموار ڪئي جنھن مطابق سائنسي نظريا نہ رڳو دنيا جي اڳ ڪٿي ڪرڻ ۽ وضاحت ڪرڻ لاءِ ڪارآمد اوزار آھن پر اھي معروضي سچائين جي ٺيڪ ٺيڪ وضاحت ۽ تشريح ڪندڙ پڻ آھن.

حقيقت پسنديت جا اصول ۽ شاخون:
ھن فلسفي جا ڪجهہ اصول ۽ گڻ آهن جيڪي ھن فلسفي کي مخصوص ۽ مختلف رخ ڏين ٿا نتيجي ۾ انھن اصولن جي بنياد تي ھن جون مختلف شاخون جڙي ويون آھن. اچو تہ مختصر طور تي انھن جو ذڪر ڪريون:

• معروضيت (Objectivity): حقيقت پسندن جو خيال آهي تہ دنيا ھڪ معروضي حقيقت آهي جيڪا اسان جي تصورن ۽ تشريحن کان آزاد وجود رکي ٿي.
• تجربا ۽ تصديق (Empiricism): حقيقت پسندن جو خيال آهي تہ علم حواسي تجربن تي ٻڌل آهي ۽ سائنسي مشاهدو دنيا جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو سڀ کان وڌيڪ قابل اعتماد طريقو آهي.
• عقليت (Rationality): حقيقت-پسند دنيا کي سمجهڻ ۾ دليل ۽ منطق جي اهميت تي زور ڏين ٿا.
• شڪ (Skepticism): حقيقت-پسند مطلق سچائين (Absolute Realities) ۽ دعوائن جا شڪي آهن ڇو تہ انھن کي تجرباتي طرح سان، ثبوتن سان يا عقلي دليلن سان ثابت نہ ٿو ڪري سگهجي.
• فطرت پسندي (Naturalism): حقيقت پسند اھو مڃيندا آهن تہ فطرت جا قانون عالمگير آھن ۽ اھي دنيا ۽ ڪائنات جي ھر شيءِ تي لاڳو ٿين ٿا. ٻين لفظن ۾ دنيا ۾ ڪي بہ مافوق الفطرت يا مابعدالطبعياتي شيون يا قوتون ڪم نہ ٿيون ڪن.

حقيقت-پسنديت فلسفو ڪيترن ئي شعبن تي اثرانداز ٿيو آھي. مثال طور ھن جا حامي آرٽ جي تخليقن ۾ ھروڀرو جي وڌاء کي پسند نہ ڪندا آھن ۽ طبعي ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکڻ جا حامي آهن ۽ گهڻو ڪري روز مره جي زندگيءَ جي معاملن تي توجهہ ڏيندا آهن؛ ادب ۾ ھيروازم بدران زندگي جا عام ڪردار ۽ انھن جي گهريلو، سماجي ۽ معاشي زندگي ۽ ماڻھو اھميت رکن ٿا؛ سياست ۾ طاقت ۽ طاقتور ڌرين جي مفادن، بين الاقوامي معاملن ۽ مفادن جا ڳجهہ، ۽ حڪمران ۽ عوامي طبقن جي وچ ۾ فرق ۽ ناانصافي جي سائنسي اپٽار ڪئي ويندي آھي؛ ۽ معاشيات ۾ عوامي ڀلي لاءِ پاليسين ۽ عملي اقدامات جو سياسي مفادن جي حوالي سان تجزيو ڪيو ويندو آھي.
مٿئين بحث جو نتيجو اھو ٿو نڪري تہ حقيقت-پسنديت هڪ قديم، پيچيدہ ۽ گهڻ رخي تصور ۽ فلسفو آهي جيڪو اسان جي مادي دنيا کي معروضي سچائي سمجهي ٿو، ۽ ان دنيا جي حواسي مشاھدن، تجربن ۽ تجزين تي آڌاريل علمن، سچائين ۽ نظرين تي يقين رکي ٿو جن کي معروضي سچائيون ڪوٺي ٿو؛ سائنسي سوچ ۽ طريقو ھن فلسفي جي پيداوار آھي. ھن فلسفي مختلف شعبن کي متاثر ڪيو آهي جھڙوڪ فلسفو، فن، ادب، سياست ۽ معاشيات وغيرہ. ھي فلسفو روحاني ۽ تصوراتي دنيا بجاءِ مادي دنيا کي سمجهڻ جي اھميت تي زور ڏئي ٿو. جديد دنيا جون سڀ دريافتون، ايجادون ۽ اخترائون ڪنھن نہ ڪنھن حوالي سان ھن فلسفي جي پيداوار آھن.


مددي ڪتاب:

1.Aristotle. Metaphysics. Translated by W. D. Ross. Oxford University Press, 1924.
2.George Berkeley. A Treatise Concerning the Principles of Human Knowledge. Penguin Classics, 1988.
3.Immanuel Kant. Critique of Pure Reason. Translated by Norman Kemp Smith. Palgrave Macmillan, 2015.
4.Gustave Courbet. Realism. Translated by James Emmons. University of California Press, 1990.
5.Émile Zola. The Experimental Novel and Other Essays. Translated by Belle M. Sherman. BiblioBazaar, 2009.
6.Henry James. The Art of Fiction. Scribner, 1914.
7.Niccolò Machiavelli. The Prince. Translated by W. K. Marriott. Barnes & Noble, 2003.
8.Kenneth Waltz. Theory of International Politics. Addison-Wesley, 1979.
9.John Kenneth Galbraith. The Affluent Society. Houghton Mifflin, 1958.
10.Thomas Piketty. Capital in the Twenty-First Century. Translated by Arthur Goldhammer. Harvard University Press, 2014.

عمل- پسنديت جو فلسفو

تعارف:
آمريڪا ۾ ڄاول ۽ پليل عمل-پسنديت (Pragmatism) فلسفو اسان جي مجرد خيالن ۽ نظرين جي عملي نتيجن تي زور ڏئي ٿو. ھن مطابق اسان جا خيال، نظريا، مادي شيون، سماجي لقاء ۽ قدر بذات خود سٺا يا خراب نہ آهن، پر جيستائين انھن جي تجربن ۽ عملن جي ڪسوٽي تي پرک نہ ٿي ٿئي ۽ لاڳاپيل نتيجا انھن جي اھميت ۽ قدر قيمت طئہ نہ ٿا ڪن تيستائين انھن کي قبول يا رد نہ ٿو ڪري سگهجي. ھن فلسفي آمريڪا جي ماڻھن جي فلسفي، زندگي گذارڻ جي نظرئي، سياست ۽ ثقافت تي تمام گهرا اثر ڇڏيا آھن. عمل-پسندن جو خيال آهي تہ حقيقي علم اھو آھي جيڪو ھڪ ڪارائتو اوزار بڻجي عملي زندگيءَ جا مسئلا حل ڪري ۽ ماڻھن کي پنھنجي زندگي جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري؛ جيڪو علم، نظريو، فلسفو ۽ ثقافتي قدر ايئن نہ ٿو ڪري اھو بيڪار ۽ دقيانوسي آھي. ھي فلسفو اڪثر ڪري سچائي جي نوعيت بابت روايتي فلسفيانہ بحثن کي رد ڪندڙ آھي پر انھن جي بدران سائنسي تجربن ۽ تصديق وسيلي دنيا ۽ زندگي جي مسئلن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. ھن مقالي ۾ ھن فلسفي جي تاريخي پسمنظر، اصولن، ٻين شعبن تي اثرن، ھن تي ٿيندڙ تنقيد ۽ نتيجي بابت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

تاريخي پسمنظر:
عمل-پسنديت (Pragmatism) فلسفو آمريڪا ۾ 19ھين صدي جي آخر ۾ ظاهر ٿيو ۽ فلسفي جي دنيا ۾ 20ھين صدي جي شروعات ۾ مقبول ٿيو. ھونئن تہ ھن فلسفي کي آمريڪا جي ٽن فلسفين چارلس سينڊرس پيئرس (1839-1914)، وليم جيمس (1842-1910) ۽ جان ڊيوي (1859-1952) ڏانھن منسوب ڪيو ويندو آهي پر ھن جو باني چارلس سينڊرس پيئرس کي ڪوٺيو ويندو آهي، سندس تحريڪ ۽ خيالن کي وليم جيمز سڌاري فلسفي جي صف ۾ بيھاريو، جڏھن تہ جان ڊيوي وري ھن فلسفي کي تعليم تي لاڳو ڪري دنيا ۾ مشھور ڪيو.
چارلس سينڊرز پيئرس، جنھن کي ھن فلسفي جو باني سمجهيو ويندو آهي، موجب ڪنھن تصور يا خيال جي معنيٰ ان جي عملي نتيجن سان طئي ٿيندي آهي. ٻين لفظن ۾ اسان پنھنجن تصورن، نظرين، عملن توڙي دنيا جي شين جا ملھہ ۽ قدر ٻئي ڪنھن بہ طريقي سان طئہ نہ ٿا ڪري سگهون پر سائنسي طريقيڪار سان انھن جي ٺيڪ ٺيڪ پيمائشن بعد عام زندگيءَ ۾ آزمائڻ کان پوءِ سندن موزون يا غير موزون نتيجن جي بنياد تي طئہ ڪري سگهون ٿا. وليم جيمس جيڪو نفسيات، فلسفي ۽ مذهب ۾ اھم سند سمجهيو ويندو آهي، جو خيال هو تہ علم ۽ سچائي جو تعلق ھر فرد سان نسبتي ھوندو آهي. جان ڊيوي عمل-پسنديت فلسفي جو وڏو وڪيل ھو؛ سندس خيال ھو تہ سچائي، خاص طور سماجي سچائي، سدائين کان مقرر يا اڻ تبديل ٿيندڙ ناھي پر ارتقا، تبديلي ۽ تغير ان جا بنيادي گڻ آھن ۽ اھا اسان جي سماجي اثرن، رابطن ۽ نتيجن تي انحصار ڪري ٿي؛ ھن ان فلسفي جي اصولن کي تعليم تي لاڳو ڪيو ۽ آمريڪا ۾ مخصوص سماجي قدرن جي سڌارن جو بنياد وڌو؛ ھن ھڪ فلسفي ۽ تعليمدان ھجڻ جي ناتي ان ڳالھہ تي زور ڀريو تہ جھڙي طرح علم ۽ سچائي اڻ تبديل ٿيندڙ نہ آھن پر ھميشہ ارتقا پذير آھن انڪري تعليمي ادارن ۾ مقرر ۽ طئہ ٿيل نصاب نہ ھجڻ گهرجي پر ان کي ھر شاگرد جي ضرورتن جي لحاظ کان لچڪدار ھجڻ گهرجي؛ تعليمي نصاب جو مقصد ٻارن ۾ جهموري رويا ۽ تنقيدي سوچ پيدا ڪرڻ، حواسي مشاھدن، سائنسي طرزِ فڪر ۽ طرزِ عمل کي فروغ ڏيڻ ۽ روزمره جي مسئلن کي کليل ۽ تنقيدي ذھن سان حل ڪرڻ ھجڻ گهرجي تہ جيئن ٻار مستقبل جي اڻڏٺل مسئلن کي حل ڪري سگهي. مٿين ڏاھن جي نظرين ۽ تعليم جو ڳر اھو ھو تہ اسان جا سماجي عقيدا توڙي اخلاقي قدر بذات خود سٺا يا خراب نہ آھن ان ڪري اھو ضروري آھي تہ انھن جا ملھہ پڻ سماجي تجربن وسيلي پرکيا وڃن، جيڪڏھن عملي زندگيءَ ۾ اھي اسان لاءِ ڪارگر ثابت ٿين ٿا تہ پوءِ ڀلي انھن تي يقين ۽ عمل ڪرڻ گهرجي.

عمل- پسنديت جا اصول:
• مشاھداتي ۽ تصديقي طريقہ ڪار: ھي فلسفو سائنسي طرزِ فڪر ۽ طرزِ عمل تي يقين رکي ٿو، يعني معروضي ۽ ثبوتن جي بنياد تي شين کي قبول ۽ رد ڪرڻ جو حامي آهي.
• تجرباتي طريقہ ڪار: اسان جا تصور ۽ خيال اھي اوزار آھن جيڪي اسان جي روزمره مسئلن کي عملي طور حل ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪن ٿا، ان ڪري انھن جو بنياد سائنسي طرزِ فڪر ۽ طرزِ عمل سان ٺھڪندڙ يعني مشاھداتي، تنقيدي ۽ تجرباتي ھجڻ گهرجي.
• غلطي جي گنجائش تسليم ڪندڙ: ھي فلسفو چوي ٿو تہ ڪابہ شيءِ يا ڪا بہ سچائي اڻ تبديل ٿيندڙ نہ آھي پر ھر وقت ارتقا ھيٺ ۽ تبديل ٿيندڙ آھي ان ڪري ڪي بہ اصول، اخلاق ۽ قدر دائمي نہ آھن.
• گهڻ رخو طريقہ ڪار: ھن فلسفي جا حامي دقيانوسيت کي رد ڪندڙ، ارتقا تي يقين رکندڙ، شين ۽ قدرن بابت ماڻھن جا مختلف توڙي ابتڙ نظريا ۽ رايا رکڻ کي تسليم ڪندڙ آھن.
• عمل- پسنديت جو محاورو: چارلس سينڊرس پيئرس مطابق ڪنھن خيال جي قيمت ۽ قدر ان جي عملي نتيجن مان ظاھر ٿيندي آھي.

ھن فلسفي جو ٻين شعبن تي اثر:
سياست ۾ ھي فلسفو ھڪ نقطي يا نظرئي تي اٽڪي بيھڻ بجاءِ موجود ادارن ۽ نظامن ۾ سمجهوتي جي فضا برقرار رکڻ جو حامي آھي تہ جيئن قومي مفادن وارا عملي ۽ ديرينہ مقصد حاصل ڪري سگهجن. تعليم جي شعبي ۾ جان ڊيوي جي فلسفي ھيٺ شاگرد-دوست تدريسي طريقا جھڙوڪ مشاھداتي سکيا (Experiencial Learning)، حل-مسئلي طريقو (Problem-solving Method)، دريافتي طريقو (Discovery Method) ۽ پروجيڪٽ طريقو (Project Method) متعارف ڪيا ويا؛ ھن فلسفي ھيٺ شاگردن طرفان معلومات کي طوطي وانگر رٽڻ بدران سندن پيدائشي لياقتن کي دريافت ڪري انھن جي مٿين طريقن سان ڀرپور نشونما تي زور ڏنو ويندو آھي. نفسيات جي شعبي ۾ اپلائيڊ سائيڪالوجي کي ھٿي ملي ۽ مؤثريت (Functionalism) جو نظريو متعارف ٿيو جنھن ۾ ماحول جي مطابقت سان پاڻ کي ڍالڻ جو اڀياس ڪيو ويندو آهي. ھن وقت تائين ھن فلسفي جي زد ۾ مذھبي ۽ اخلاقي قدر وڌ ۾ وڌ آيا آھن.

عمل-پسنديت تي تنقيد:
جيئن تہ ھي فلسفو ڪنھن بہ مقرر، اڻ تبديل ٿيندڙ يا مطلق سچائي تي يقين نہ ٿو رکي ان ڪري ھڪڙا ڏاھا ھن ڪوتاھي جي حوالي سان ھن تي تنقيد ڪندا رھيا آھن. جڏھن تہ ٻين جو خيال آهي تہ ھڪ پاسي ھن فلسفي جي عملن ۽ نتيجن تي لاھي پاھي انحصار ڪرڻ جي ڪري سماجي اخلاقيات جو نظام درھم برھم ٿئي ٿو، تہ ٻئي پاسي وري ھي فلسفو روايتي فلسفيانہ طريقي، علم ۽ علمي بحثن کي نظر انداز پڻ ڪري ٿو.

نتيجو:
عمل-پسنديت ھڪ فلسفيانہ تحريڪ طور آمريڪا ۾ 19ھين صدي جي آخر ۾ ظاهر ٿي ۽ فلسفي طور 20ھين صدي جي شروعات ۾ مقبول ٿيو. ھي فلسفو مجموعي زندگي يا ثقافت جھڙوڪ آرٽ، ادب، سياست، معاشيات ۽ اخلاقيات تي اثرانداز ٿيو آھي. ھن مطابق اسان جا خيال، نظريا، مادي شيون، سماجي لقاء ۽ قدر بذات خود سٺا يا خراب نہ آهن، پر جيستائين انھن جي تجربن ۽ عملن جي ڪسوٽي تي پرک نہ ٿي ٿئي ۽ لاڳاپيل نتيجا انھن جي اھميت ۽ قدر قيمت طئہ نہ ٿا ڪن تيستائين انھن کي قبول يا رد نہ ٿو ڪري سگهجي. ٻين لفظن ۾ ھي فلسفو سماجي زندگيءَ ۾ سائنسي طرزِ فڪر ۽ طرزِ عمل جو حامي آهي؛ اھو اسان کي وسيع نظري جو درس ڏئي ٿو ۽ اسان کي ان قابل بڻائي ٿو تہ جيئن اسان سماجي مسئلن کي سائنسي اڀياس وسيلي بھترين طريقن سان حل ڪري پنھنجي زندگيءَ کي بھتر بنائي سگهون. ھن مقالي کي شاعر مشرق علامه اقبال جي لفظن ۾ جيڪڏھن سوڙھو ڪجي تہ ڪجهہ ھن ريت وڃي بيھندو:

عمل سي زندگي بنتي هي جنت ڀي جھنم ڀي
يہ خاڪي اپني فطرت مين نہ نوري هي نہ ناري هي


مددي ڪتاب:

1.Bernstein, R. J. (1978). The Pragmatic Imagination. The University of Chicago Press.
2.Dewey, J. (1916). Democracy and Education. The Free Press.
3.Dewey, J. (1925). Experience and nature. Dover Publications.
4.Dickstein, M. (2010). Pragmatism and the Reflective Life. University of Texas Press.
5.Haack, S. (1996). Pragmatism: An Introduction. Polity Press.
6.James, W. (1907). Pragmatism: A new name for some old ways of thinking. Longmans, Green, and Company.
7.James, W. (1909). The Meaning of Truth. Longmans, Green, and Co.
8.Malachowski, A. (Ed.). (2013). The Cambridge Companion to Pragmatism. Cambridge University Press.
9.Misak, C. (2013). The American Pragmatists. Oxford University Press.
Peirce, C. S. (1878). How to Make Our Ideas Clear. Popular Science Monthly, 12, 286-302.
10.Peirce, C. S. (1998). The Essential Peirce: Selected Philosophical Writings. Indiana University Press.
11.Stuhr, J. J. (Ed.). (2002). Reconstructing Pragmatism: William James's Philosophy Reconsidered. Vanderbilt University Press.
12.Talisse, R. B., & Aikin, S. F. (Eds.). (2011). The Pragmatism Reader: From Peirce through the Present. Princeton University Press.
13.Westbrook, R. B. (1991). John Dewey and American Democracy. Cornell University Press.

فطرت - پسنديت فلسفو

فطرت-پسنديت (Naturalism) فلسفو حقيقت-پسنديت (Realism) وانگر خيال-پسنديت (Idealism) جي بنيادي تصورن ۽ سچائي بابت تشريح کي رد ڪري ٿو ۽ ارتقائي سببن ۽ نتيجن تي يقين رکي ٿو. ھي فلسفو مادي کي حقيقت ۽ سچائي ڄاڻي ٿو. ھڪ پاسي ھي روحانيت، روحاني ۽ ابدي دنيا توڙي خالص ذھني تصورات (غير مشاھداتي) کي نہ ٿو مڃي، تہ ٻئي پاسي حواسي معلومات کي سچائي تائين پھچڻ جو رستو ۽ وسيلو ڄاڻي ٿو. ھن مطابق ڪي بہ تصور يا اقدار آفاقي نہ آھن. ڪائنات توڙي انسان ۽ سندس ذھن فطرت يا ارتقا جي پيداوار آھن جيڪا پنھنجي فطري ۽ ڪائناتي قائدن تحت ھميشہ کان روان روان آھي؛ فطرت پنھنجو پاڻ ۾ مڪمل آھي ۽ ڪنھن غيبي طاقت يا فيصلي جي محتاج نہ آهي؛ ۽ ھر شيءِ فطرت منجھان ڦٽي آھي ۽ ان ڏانھن واپس ورڻي آھي. ھي فلسفو ھن ڳالھہ تي زور ڏئي ٿو تہ دنيا ۾ ڪا مطلق نيڪي يا برائي پنھنجو وجود نہ ٿي رکي پر ماڻھن جا نيڪي ۽ برائي بابت تصور نسبتي آھن، ٻين لفظن ۾ اسان جا اعليٰ اقدار ۽ اصول پڻ خودساختہ آھن. انسان بذات خود ’سٺو‘، ’حقيقت-پسند‘ ۽ ’فطرت-پسند‘ پيدا ٿيندو آھي پر معاشرو ان کي بگاڙي ڇڏيندو آهي.

تاريخي پسمنظر:
ھن فلسفي جون پاڙون سقراط کان گهڻو اڳ ٿيلز (Thales of Miletus, 624-546BC) جي پيش ڪيل تصور ڏانھن وڃن ٿيون تہ ڪائنات پاڻي مان جڙي آھي ۽ اسان ھر فطري لقاءُ کي فطرت جي سببن ۽ نتيجن وسيلي سمجهي سگهون ٿا. ھن تصور کي يونان جي ڏاھي ارسطو (Aristotle 384-322BC) عملي صورت ڏني ۽ پنھنجن اڻڌرين مشاھدن ۽ منطقي نتيجن جي بنياد تي دنيا جي مختلف شين ۽ لقائن کي سمجهڻ جي باقائدہ شروعات ڪئي ۽ اٽڪل 150 ڪتاب لکيا. ڇھين کان سورھين صدي تائين مسلمانن جي فطرت-پسندي، اڻڌرئي تحقيقي مشاھدن، تجربن ۽ لاڙن يعني سائنس سان چاھ انھن کي ڪيتريون ئي ڪاميابيون جهوليءَ ۾ وڌيون؛ سندن ڪاميابين جا چرچا جڏھن يورپ، جيڪو ان وقت تاريخ جي تاريڪ دؤر مان گذري رھيو ھو، ۾ پھتا تہ اتان جي ماڻھن تنگ نظري ۽ مفادن واري مذھبي ذھنيت جو نقاب لاھي ڦٽو ڪيو. نتيجي ۾ اھي سائنسي طرزِ فڪر ۽ طرزِ عمل کي چنبڙي پيا جنھن انھن کي ترقي پسندي ۽ روشن خيالي جي نئين زندگيءَ جي دڳ لاتو ۽ اتي سائنس ۽ صنعت جو ھڪ نئون دؤر شروع ٿيو جنھن انھن جون زندگيون مڪمل تبديل ڪري ڇڏيون. سترھين صدي جي ٿامس ھوبس (1588-1689) پڻ اھو چيو ھو تہ دنيا توڙي انساني روين ۽ عملن جي سببن-نتيجن وسيلي وضاحت ڪري سگهجي ٿي.
ارڙھين ۽ اوڻيھين صدي ۾ خاص طور يورپ ۾ فطرت-پسنديت ھڪ فلسفيانہ تحريڪ طور اڀري، ان دور ۾ فرانس جي برون ڊي-ھالبيڪ جي ڪتاب (The System of Nature 1770) کي ھن فلسفي جو ڪلاسيڪل ڪتاب ڪوٺيو ويندو آهي. اوڻيھين صدي ۾ انگريز ماھر حياتيات چارلس ڊارون (1809-1882) 'ارتقا' ۽ 'موزون ترين فطري خاصيتن جي چونڊ' جو نظريو پيش ڪيو جنھن مطابق سڀ زندھ شيون ھڪ ئي جاندار مان پيدا ٿيون آھن ۽ ڪروڙن سالن تي محيط ارتقا جا مرحلا طئي ڪري موجودہ شڪلين تائين پھتيون آھن ۽ ھن عمل ۾ ڪنھن آفاقي طاقت يا خدا جي ڪا بہ مداخلت نہ رھي آھي. ھن فلسفي جي ٻين اھم حامين ۾ ڊيوڊ ھيوم، فريڊرڪ نطشي، لڊوگ فيوئربيڪ وغيرہ شامل آهن. ھن فلسفي کي ارڙھين صدي ۾ فرانس جي ڏاھي جين جيڪس روسو (1712-1778) تعليم تي لاڳو ڪيو ۽ پنھنجا جڳ مشھور ڪتاب ”Social Contract“ ۽ ”Emile, or on Education“ لکي تعليم کي استاد-مرڪز مان شاگرد-مرڪز ۽ فطرت-پسند بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. سندس خيال ھو تہ ”ھر شي جيڪا فطرت جي ھٿن مان اچي ٿي اھا سٺي آھي پر ماڻھن جي ھٿن ۾ اچي تباھ ٿي وڃي ٿي“ (Emile, 1762)، ”فطرت اسان کي ڪڏھن بہ ڌوڪو نہ ٿي ڏئي پر اھي اسان آھيون جيڪي پنھنجو پاڻ کي ڌوڪو ڏيون ٿا“ (Confessions, 1782)، ”انساني تھذيب پنھنجن پيدا ڪيل آزارن ۽ بڇڙائين کي ختم ڪرڻ جي ھڪ بيڪار اميد آھي.“ (Social Contract, 1762). روسو جي تعليمي فلسفي جو بنياد ان ڳالھہ تي آھي تہ ٻارن ۽ شاگردن کي فطرت کان ۽ فطري مشاھدن ۽ تجربن وسيلي سکڻ گهرجي نہ ڪي روايتي تعليمي ادارن، نصاب ۽ استادن وسيلي!
ويھين صدي ۾ ھن فلسفي ٻين شعبن جھڙوڪ فلسفي، سائنس، نفسيات، ادب ۽ آرٽ تي پنھنجا اثر ڇڏيا ۽ ايمائيل زولا، ٿيوڊور ڊريسر ۽ جيڪ لنڊن انساني فطري جذبات ۽ محسوسات کي پنھنجن ادبي شاھڪارن ۾ جڳھه ڏني. موجودہ دور جو انگريز حياتدان رچرڊ ڊاڪنس (1941-تاحال)، جيڪو لادين طور مشھور آھي، پڻ فطرت-پسنديت جو وڏو حامي آھي ۽ ھن ارتقا تي کوڙ ساري تحقيق ڪئي آھي ۽ ان بنياد تي سندس پڻ اھو خيال آھي تہ ڪائنات توڙي دنيا کي سببن-نتيجن وسيلي سمجهي سگهجي ٿو.

فطرت-پسنديت جا اصول:
• فطرت يا ڪائنات سببن-نتيجن تي دارومدار رکي ٿي ۽ اھا ڪنھن غيبي طاقت يا خدا جي محتاج نہ آهي.
• اسان جا حواسي مشاھدا، خبردار تجربا، عقلي دليل يا منطق ئي اسان کي دنيا توڙي ڪائنات بابت ڀروسي ۽ تصديق لائق معلومات ۽ سچائي تائين رسائڻ جا وسيلا آھن.
• سائنس ۽ سائنسي طرزِ فڪر ۽ طرزِ عمل فطرت ۽ فطري لقائن کي بھتر انداز ۾ بيان ڪندڙ آھن؛ مطلب تہ ھي فلسفو معروضييت (Objectivity) جو شديد حامي آهي.
• مادو، ماديت ۽ زندگي حقيقتون آھن انھن کان علاوه سڀ شيون، جھڙوڪ مشاھدن کان آزاد ذھني تصورات ۽ روح يا روحاني دنيا، خام خيالي آھن.
• ھر مادو ارتقا ڪندو رھيو آھي ۽ سڀ جاندار ھڪ وارث منجھان موزون خاصيتن جي فطري چونڊ وسيلي ارتقا جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيا آھن.
• انسان جسم ۽ روح جو مرڪب نہ آھي پر فقط جسم آھي جنھن ۾ ارتقا جي عمل سان زندگيءَ جا سڀ جزا ۽ پيچيدہ نظام جڙيا آھن.
• انسان ماحول جي پيداوار آهي يعني اسان جي سوچ، رويا ۽ عمل مختلف ماحولياتي يا فطري محرڪن ھيٺ پيدا ٿيندڙ آھن؛ ٻين لفظن ۾ ھي فلسفو انسان جي پيدائشي آزاد سوچ ۽ مرضي جو انڪاري آھي.
• فطري ماحول ئي سڀ کان وڏي درسگاھہ آھي، يعني ھٿراڌو ماحول، ثقافتون، قدر ۽ پابنديون بيڪار آھن.

فطرت-پسنديت تي تنقيد:
ھن فلسفي تي مختلف وقتن تي مختلف بنيادن جي حوالي سان تنقيد ٿيندي رهي آهي. ڪيترن دانشورن جو خيال آھي تہ ھڪ پاسي ھن فلسفي جي تخفيف-پسندي (Reductionism) ۽ جبريت (Determinism) تي انحصار ۽ ٻئي پاسي انساني جذبات ۽ محسوسات کي نظرانداز ڪرڻ يا گهٽ اھميت ڏيڻ سندس ڪمزور پاسا آھن؛ ان کان سواءِ ھي فلسفو انسان جي انفراديت جو انڪاري پڻ آھي ۽ ثقافت ۽ تاريخ کي پڻ غير اھم سمجهي ٿو. ان ڪري ڪجهہ نقاد ھن کي انساني وجود جي بي-معني۱ ھجڻ سان پڻ جوڙيندا آھن ۽ ناڪاري فلسفي طور سمجهندا آھن.

نتيجو:
فطرت-پسنديت هڪ اھم فلسفو رھيو آهي جيڪو دنيا توڙي ڪائنات جي فطري لقائن کي ڪنھن مافوق الفطري طاقتن يا خدائن بدران سندن فطري سببن-نتيجن وسيلي سمجهڻ ۽ وضاحت ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏئي ٿو. ھي فلسفو ٻين شعبن جھڙوڪ سائنس، نفسيات، ادب ۽ فن تي اثرانداز ٿيو آهي. بھرحال انسان جي انفراديت، انساني تجربن جي پيچيدہ ھجڻ ۽ آزاد شعور جي انڪار جي ڪري ھن تي تنقيد ٿيندي رھندي آھي.


مددي ڪتاب :

1.Dennett, Daniel C. "Darwin's Dangerous Idea: Evolution and the Meanings of Life." Simon & Schuster, 1995.
2.Dewey, John. "Experience and Nature." Dover Publications, 1958.
3.Greene, R. W. (1995). The naturalistic novel. New York: Twayne Publishers.
4.Rousseau, Jean-Jacques. Confessions. Translated by J.M. Cohen, Penguin Classics, 1953.
5.Rousseau, Jean-Jacques. Emile, or On Education. Translated by Allan Bloom, Basic Books, 1979.
6. Rousseau, Jean-Jacques. The Social Contract. Translated by G.D.H. Cole, Penguin Classics, 2003.
7.Sagan, Carl. "The Demon-Haunted World: Science as a Candle in the Dark." Ballantine Books.

وجوديت جو فلسفو

تعارف:
وجوديت (Existentialism) جو فلسفو انسان جي وجود، آزادي ۽ معنيٰ بابت بنيادي سوالن تي غور ڪري ٿو. ھن فلسفي 19هين ۽ 20ھين صدي ۾ ان وقت جي جديد دنيا جي غير يقيني صورتحال ۽ پريشاني جي جواب ۾ ھڪ تحريڪ جو روپ ورتو جنھن ڪري ماڻھن توڙي دنيا جي نامور فلسفين ۽ ڏاھن انساني موضوعي تجربي (Subjective Experience) ۽ زندگيءَ ۾ معنيٰ ۽ مقصد جي ڳولا تي زور ڏنو. وجوديت جي حامين جو نظريو آھي تہ انساني وجود يا زندگي جو ڪو خاص ۽ مقرر مقصد ۽ معنيٰ ڪونھي پر انسان موضوعي ۽ انفرادي طور پنھنجي طرفان ان کي با معنيٰ بڻائڻ لاءِ ڪو يا ڪي مقصد طئہ ڪندو آھي. هي مقالو وجوديت جي مڪتبہ فڪر سان لاڳاپيل اهم موضوعن ۽ انھن جي اپٽار ڪندڙ فلسفين بابت هڪ جائزو پيش ڪري ٿو.

باني ۽ حامي:
سورين ڪرڪي گارڊ Søren Kierkegaard (1813-1855) کي وجوديت جو باني سمجهيو ويندو آھي. سندس تحقيق ۽ تخليق جي اھم موضوعن ۾ انفراديت، موضوعيت، عقيدو، تشويش يا پريشاني اھميت رکن ٿا؛ ھن سلسلي ۾ سندس ڪتاب Fear and Trembling ”خوف ۽ ڏڪڻي“، Concept of Anxiety ”تشويش جو تصور“، Concluding Unscientific Postscript to Philosophical Fragments ”غير سائنسي لکت مان فلسفيانہ نتيجا اخذ ڪرڻ“، Either/Or ”يا ھي يا ھو“، Stages of Life's Way ”زندگيءَ جا مرحلا“، Works of Love ”پيار جا ڪم“، The Sickness Unto Death ”موت تائين جي مصيبت“ وغيرہ حوالن طور گهڻو استعمال ٿيندا آھن. ڪرڪي گارڊ کان علاوه وجوديت جي ترقيءَ لاءِ ٻين ڏاھن ۽ فلسفين پڻ گهڻو ڪم ڪيو آھي؛ ڪجهہ اھم فلسفين ۾ فريڊريڪ نطشي (1844-1900 ,Friedrich Nietzsche)، مارٽن هيڊيگر (1889-1976 ,Martin Heidegger)، جين پال سارتر (Jean-Paul Sartre 1905-1980)، سائمن ڊي بيووائير (Simone de Beauvoir, 1908-1986) ۽ البرٽ ڪيمس (Albert Camus, 1913-1960) شامل آهن. مٿين فلسفين جي تخليقن ۽ لکيل ڪتابن جي سلسلي ۾ نطشي جا ڪتاب ”Thus Spoke Zarathustra“ ۽ "Beyond Good and Evil"، سارتر جا ”Being and Nothingnes“ ۽ ”No Exit“، ڪيمس جا ”The Myth of Sisyph The Stranger “۽ ”The Plague“ اھميت جا حامل آهن.

وجوديت جا اهم موضوع:
وجود اڳ ۾ آھي يا ان جو جوهر: وجوديت-پسندن جو چوڻ آهي تہ انسان جو وجود اڳ ۾ آھي ۽ ان جو جوھر يعني انسانيت جون خاصيتون ۽ معنائون بعد جون سندس طرفان جوڙيل آھن. ٻين لفظن ۾ انسان پنھنجي آزاد شعور ۽ عمل جي ذريعي پنھنجي جوهر جي تعريف ڪن ٿا. اهي اڳ ئي طئي ٿيل معنيٰ ۽ وجود ۾ آيل جوھر جا انڪاري آھن.

آزادي ۽ ذميواري:
وجوديت پسند انفرادي آزادي ۽ سندس گهڙيل معنائن ۽ ان بنياد تي ڪيل عملن جي ذميواري کي تسليم ڪندڙ آھن. انھن مطابق ماڻھو پنھنجن انفرادي نظرين ۽ عملن جا ذميوار آهن. ٻين لفظن ۾ ھڪ معاشري ۾ ذاتي خوشي ۽ ترقي توڙي اھنج ۽ تنزلي جا اسان پاڻ ذميوار آھيون.

پريشاني ۽ تشويش:
وجود پسند ان موروثي پريشاني ۽ تشويش کي تسليم ڪن ٿا جيڪا اسان انسانن جي آزاد شعور ۽ زندگي جي غير يقيني صورتحال مان فطري طور ڦٽي ٿي. اهي دليل ڏين ٿا تہ ماڻھن کي مستند زندگي گذارڻ لاءِ انھن وجودي چئلينجن کي منھن ڏيڻ گهرجي.

صداقت ۽ خود پسندي:
وجوديت جو فلسفو سچائي جي ڳولا لاءِ، ماڻھن کي پنھنجن قدرن، عقيدن ۽ خواهشن جي تسڪين لاءِ، ۽ پنھنجي بامعنيٰ وجود جي تعمير لاءِ ڀرپور جاکوڙ تي زور ڏئي ٿو.

بي مقصديت ۽ بي معنيٰ ھجڻ:
وجود پرستن جو خيال آھي تہ موت جي خوف سببان ۽ ڪنھن مقرر ۽ موروثي معنيٰ نہ ھجن سببان زندگي فطري طور تي بي معنيٰ ٿي سگهي ٿي. ان ڪري ماڻھن کي هن قسم جي بيوقوفيت کي منھن ڏيڻ لاءِ مليل زندگيءَ کي پنھنجي ذاتي ۽ بامقصد معنيٰ ڏيڻ گهرجي.

روزمره زندگي ۾ اطلاق:
وجوديت جي فلسفي زندگيءَ جي مختلف پھلوئن تي گهرا اثر ڇڏيا آهن. مستند ذاتي لاڳاپن ۽ سماجي رابطن جي فروغ لاءِ ھي فلسفو اتساھيندڙ آھي؛ اخلاقيات جي حوالي سان ھي فلسفو مقرر ۽ اڻ تبديل ٿيندڙ يا الھامي اخلاقيات جو انڪاري آھي ۽ اھي ماڻھن طرفان ٺاھڻ، مڙھڻ ۽ اڪتسابي ھجڻ جو حامي آھي، ان ڪري اھڙي انفرادي اخلاق ۽ ڪردار جي ذميواري کڻڻ جي حمايت پڻ ڪري ٿو؛ ان کان سواءِ ھي فلسفو پنھنجي انفرادي زندگي کي معنيٰ ڏيڻ لاءِ ۽ ان ۾ سڦلتا جو احساس پيدا ڪرڻ لاءِ ماڻھن جي تخليقي ڪمن ۽ انفراديت جي اظھار ۽ خوابن جي ساڀيان جي حمايت ڪندڙ آھي.

تنقيد:
وجوديت-پسندي تي پھريون اعتراض موضوعيت (Subjectivity) تي وڌيڪ ڀاڙيندڙ جو لڳايو ويندو آھي ڇو تہ گهڻن ڏاھن مطابق موضوعيت جي شديد حمايت ھڪ پاسي معروضيت (Objectivity) يعني ڀروسي لائق علم يا سائنس کان انڪار آھي تہ ٻئي پاسي ذاتي يا گروھي مفادن تي ٻڌل اخلاقيات، شخصي ڇڙواڳي، افراتفري ۽ انتشار جو سبب بڻبي آھي؛ ھن فلسفي تي ٻيو وڏو اعتراض مايوسي ۽ فراريت کي ھٿي ڏيڻ جو آھي ڇو تہ ھڪ پاسي ھي انساني وجود جي الھامي يا ٻاھرين مقرر مقصد ۽ معنيٰ جو انڪاري آھي ۽ بيوقوفيت، افراتفري، مايوسي ۽ تشويش جي ھجڻ کي عام رواجي ڳالھہ ڄاڻندڙ آھي تہ ٻئي پاسي پنھنجي انفرادي، خيالي، بي ربط ۽ غير موزون معنيٰ جوڙڻ جي حمايت ڪندڙ آھي؛ ٽيون وڏو اعتراض اھو آھي تہ ھي فلسفو اجتماعي قدرن، اجتماعي ذميوارين ۽ ثقافتي لاڙن کي اھميت نہ ٿو ڏئي ۽ معاشري جي تشڪيل ۽ ترقي ۾ انھن جي ڪردار بابت خاموش آھي؛ آخر ۾ ڪجهہ ڏاھا اھو پڻ چون ٿا تہ ھي فلسفو اخلاقي مسئلن ۽ مونجهارن توڙي عملي زندگي جي مسئلن جي حل بابت ٺوس رھنمائي فراھم ڪرڻ کان لاچار آهي.

حجت سنڌي ھن فلسفي تي پنھنجو پر مغز تنقيدي رايو ھن ريت پيش ڪري ٿو:
”... وجوديت پسندي هڪ داخليت پسند فلسفو آهي... درحقيقت شوپنھاور نراسائيت پسند فلسفي هو، نطشي پنھنجي ڪمزورين جو حل معاشري ۾ تلاش ڪرڻ جي بجاء سپر مين ۾ تلاش ڪري پيو؛ ٻئي پاسي سورن ڪرڪي گارڊ خود عقيدي پسند ۽ خيال پرست هو، ۽ ٻئي پاسي فختي نازين سان گڏ بيٺل مکيو دانشور هو. سارتر وٽ اهو فري ڪمٽمينٽ جو عنوان وٺي ويو يعني لاتعلق ٿيڻ لاء ضروري ناهي تہ ماڻھون دليلن کي قبولي. ٻين لفظن ۾ انسان پنھنجي مرضيء جامالڪ آهن، سندن مرضيء جي اڳيان معروضي صداقت جي ڪابہ اهميت ۽ وقعت ناهي. ڪاميو زندگيء کان فراريت وڃي خودڪشي ۾ تلاش ڪئي ۽ خودڪشيء تي ناول لکي ڇڏيائين. صوفين يوگين ۽ سنياسين بر منھن ڏئي وجوديت-پسندي جي فلسفي کي مردم بيزاري جو فلسفو جي صورت ۾ سهيڙيو. جڏھن تہ سڀ کان پھريان وجوديت پسند نفسيات جي بيماريء ۾ ورتل ديوجانس قلبي جھڙو ماڻھون هئا جن گوشه نشيني اختيار ڪئي؛ هندو يوگين ۾ بہ اهڙي سڀاء وارا ماڻھو موجود هئا جيڪي پنھنجي عمر غارن ۾ گذاري ڇڏيندا هئا.
درحقيقت وجوديت پسندي ٻئين عالمي جنگ کانپوء تڏهن اٿلي پئي جڏھن هڪ ئي نظرئي ۽ هڪ ئي مذهب جا ماڻھون قومي سامراجي مفادن جي ٽڪراء جي ڪري هڪ ٻئي سان دست گريبان هئا. انھيءَ بيگانگيء جي عالم ۾ اهو فلسفو ٻيهر پروان چڙهيو هئو.“

.نتيجو:
وجوديت پسندي جو فلسفو انساني وجود بابت انفرادي ۽ موضوعي سطح تي هڪ عميق نقطہ نظر پيش ڪري ٿو. ھي فلسفو انفرادي ۽ موضوعي سچائين کي تسليم ڪندي انساني وجود، ذاتي آزادي، ذميواري، ۽ معنيٰ جي ڳولا تي زور ڏئي ٿو. انساني وجود جي پيچيدگين، موروثيت ۽ غير يقيني صورتحال کي قبول ڪندي ھي فلسفو ماڻھن جي حوصلا افزائي ڪري ٿو تہ هو ڀرپور طرح سان انفرادي زندگي گذاري سگهن ۽ پنھنجي وجود جي معنيٰ جي مسلسل ڳولا ۾ مشغول رھي سگهن. جڏھن تہ اجتماعي انساني قدرن، رابطن ۽ ثقافتي لاڙن توڙي انساني معاشري جي مجموعي ترقي کي گهٽ اھميت ڏيڻ ھن جي وڏي خامي آهي.


مددي ڪتاب:

1.Cioran, E. M. (1998). The Trouble with Being Born: Art and Philosophy of Existentialism. Arcade Publishing.
2. Cooper, D. E. (1999). Existentialism: A Reconstruction. Blackwell Publishers.
3. Crowell, S. (Ed.). (2012). The Cambridge Companion to Existentialism. Cambridge University Press.
4.de Beauvoir, S. (1949). The Second Sex. Vintage Books.
5. Flynn, T.R. (2006). Existentialism: A Very Short Introduction. Oxford University Press.
6. Heidegger, M. (1927). Being and Time. State University of New York Press.
7. Kierkegaard, S. (1843). Fear and Trembling. Penguin Classics.
8. Kierkegaard, S. (1844). The Concept of Anxiety.
9.Macquarrie, J., & Robinson, E. (2013). Existentialism. Routledge.
10. Nietzsche, F. (1883). Thus Spoke Zarathustra.
11.Nietzsche, F. (1886). Beyond Good and Evil.
12. Sartre, J.-P. (1943). Being and Nothingness: An Essay on Phenomenological Ontology. Philosophical Library.
13. Sartre, J.-P. (2007). Existentialism and Human Emotions. Citadel.
14. Sartre, J.-P. (2007). Existentialism Is a Humanism. Yale University Press.
15. Solomon, R.C. (2005). Existentialism. Oxford University Press.
16. Stewart, J. (Ed.). (2006). Kierkegaard and Existentialism. Ashgate.

نو تعميريت فلسفو

تعارف:
نوتعميريت (Reconstructionism) هڪ تعليمي فلسفو ۽ نظريو آهي جيڪو تعليم ذريعي سماج کي تبديل ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ٿو. ھن مطابق تعليم کي ترقي پسند سماجي سرگرمين، تنقيدي سوچ ۽ مسئلا حل ڪرڻ جون صلاحيتن پيدا ڪرڻ ۽ انھن جي فروغ جي اوزار طور استعمال ڪرڻ سان سماج ۾ انقلاب برپا ڪري سگهجي ٿو. ھي نظريو سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ تعليم ذريعي سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جي اهميت تي زور ڏئي ٿو.

ابتدائي تاريخ:
آمريڪا ۾ 1930ع ۽ 1940ع جي ڏهاڪن دوران ان وقت جي سماجي، معاشي ۽ سياسي اٿل پٿل جي جواب ۾ ماڻھن ۾ پيدا ٿيل سماجي بحاليءَ جي جذبي هڪ ترقي پسند تحريڪ جو روپ ورتو، جنھن تعليم کي سماجي سڌاري لاءِ اوزار طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان جو مقصد هڪ بھتر منصفاڻو ۽ برابري وارو سماج ٺاهڻ هو.

باني ۽ حامي:
نوتعميريت جو بنياد آمريڪا جي تعليمدان جارج ايس ڪائونٽس George S. Counts (1889-1974) رکيو، جيڪو ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ تعليم جو پروفيسر هو. سندس خيال هو تہ تعليم کي شاگردن جي سماجي مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ ھڪ ڪارائتي اوزار طور استعمال ڪرڻ گهرجي تہ جيئن اُھي سرگرمي ۽ تنقيدي تجزئي سان سماجي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ عملي طور اڳتي اچي سگهن. نوتعميريت جي ٻين قابل ذڪر حامين ۾ ٿيوڊور بريميلڊ Theodore Brameld (1904-1987) شامل آهي جنھن نوتعميريت تعليمي نظرئي کي وڌيڪ جامع ۽ گهڻ پاسائون بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو تہ جيئن ان وسيلي سماجي، سياسي ۽ معاشي مسئلن جو احاطو پڻ ڪري سگهجي. انھن کان علاوه برازيل جي پاولو فريري Paulo Freire (1921-1997) تعليم ۾ تنقيدي سوچ ۽ سماجي عمل جي اهميت تي زور ڏنو.
فريري پنھنجي ڪتاب ”تعليم ۽ تدريس مظلومن لاءِ“ (Pedagogy of the Oppressed) ۾ روايتي تعليم کي فرسودہ قرار ڏنو ۽ ان کي ”تعليم جو بينڪاري تصور“ (Banking concept of education) ڪوٺيو. ھن تصور ھيٺ روايتي استاد شاگردن جي ذھنن کي خالي ۽ بيڪار سمجهي انھن ۾ علم ذخيرو پيا ڪندا آھن؛ ھن قسم جي تدريس ۽ سکيا ۾ شاگرد غير فعال، غير سرگرم، جاھل ۽ اڻڄاڻ سمجهيا ويندا آھن، جڏھن تہ استاد ئي سڀڪجهہ يعني ماھر ۽ سرگرم ھوندو آھي؛ ھتي استاد جو ڪم محض شاگردن تائين طئي ٿيل معلومات پھچائڻ ھوندو آھي جڏھن تہ شاگردن جو ڪم پيش ڪيل معلومات کي حق سچ سمجهي ان کي رٽڻ ۽ طوطي وانگر دھرائي ٻڌائڻ ھوندو آھي؛ ھن تصور ھيٺ شاگردن ۾ تنقيدي سوچ جي آبياري لاءِ ڪا بہ جڳھ نہ ھوندي آھي. ٻين لفظن ۾ بينڪاري واري سيڙپ ھيٺ سرمايو ٻين ماڻھن جو ھوندو آھي پر اپت ۽ منافعي جو ڳچ حصو بينڪ مالڪن يا سرمائيدارن وٽ پيو گڏ ٿيندو آھي ۽ اڪائونٽ ھولڊر (شاگرد) فقط انھن جا مھرا ھوندا آھن جيڪي اٽي ۾ لوڻ جيتري منافعي تي راضي رھندا آھن. ان ڪري تعليم جي بينڪاري جي تصور جي رد ۾ پائولو فريري مظلوم ۽ ڏتڙيل طبقن لاءِ ”گفتگو وارو طريقو“ (Dialogue Approach) پيش ڪيو. ان ۾ شاگرد ۽ استاد ٻئي باھمي سکيا جي عمل ۾ ھڪ جيترا سرگرم رھندا آھن ۽ ڪنھن سماجي مسئلي جي حل ڳولڻ لاءِ پنھنجا مشاھدا، محسوسات، تجربا، نقطہ نظر، تنقيدي ۽ تخليقي رايا ۽ تجزيا بنا ڪنھن ڊپ ڊاءُ ۽ رڪاوٽ جي ھڪ ٻئي سان ونڊيندا آھن؛ ان سان نہ فقط جهموري سوچ، رويا ۽ عمل پروان چڙھندا آھن پر ظالم، سرمائيدار ۽ سياسي طور طاقتور ڌرين جون عوام کي غلامي جي ڌٻڻ ۾ غرق ڪندڙ سازشون بي نقاب ٿينديون آھن ۽ غلام طبقي ۾ پنھنجن حقن لاءِ وڙھڻ ۽ جدوجهد جو جذبو پيدا ٿيندو آھي.

اصول يا بنيادي خيال:
نوتعميريت تعليمي نظرئي جو مرڪزي نقطو اهو آهي تہ تعليم کي سماجي انقلاب، منصفاڻي سماج ۽ سماجي برابري پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ اوزار طور استعمال ڪيو وڃي تہ جيئن معاشري مان بدعنواني ۽ ٻين سماجي روڳن جو خاتمو ڪري سگهجي. ھي نظريو تعليم جي ذريعي سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏئي ٿو ۽ سماج ۾ مثبت تبديلي پيدا ڪرڻ لاءِ شاگردن منجهہ اھڙي سوچ ۽ عمل جو اتساھہ پيدا ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪري ٿو. ھي نظريو فرسودہ سماجي نظام جي پاڙ پٽڻ ۽ نئين انقلابي ۽ مثبت سوچ جو بنياد وجهڻ لاءِ تعليم وسيلي تنقيدي سوچ جي آبياري، مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت، ٻين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽ جذبي پيدا ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو.

ٻين شعبن تي اثر:
نوتعميريت ٻين ڪيترن ئي شعبن تي اثرانداز ٿيو آھي، جن ۾ فلسفو، سماجيات، ۽ سياسيات شامل آهن. ھن نظرئي جو تنقيدي تدريس سان گهرو لاڳاپو رھيو آهي، جيڪو تعليم ۾ تنقيدي سوچ ۽ سماج جي سڌاري لاءِ اسان جي ھاڪاري ڪردار جي تعمير تي زور ڏئي ٿو. ھي نظريو سماجي ۽ معاشرتي بدعنواني، اڻبرابري ۽ ناانصافي جي ناسورن خلاف تنقيدي تعليم جي بدولت اجتمائي ھاڪاري سماجي تبديلي ۽ انقلاب جو خواهان آھي.

تنقيد:
ھن جي تنقيد نگارن جو چوڻ آھي تہ ھي نظريو سماجي سرگرمين ۽ فعاليت جو تہ پرچار ڪري ٿو پر عام تعليمي مھارتن ۽ تعليمي ڄاڻ جي اھميت کي نظرانداز ڪري ٿو. ٻيو تہ طاقتور ڌريون نوتعميريت جي آڙ ۾ پنھنجا سياسي ۽ سماجي مفاد پڻ حاصل ڪري سگهن ٿيون يا من پسند سوچ جي ترويج ڪري سگهن ٿيون. ان کان سواءِ ڪجهہ تنقيد نگارن جو اھو پڻ خيال آهي تہ ھي نظريو تعليم جي حوالي سان ھڪ صاف ۽ سڌو نقطہ نظر نہ ٿو رکي ان ڪري تعليم جي شعبي ۾ ھن کي عملي طور لاڳو ڪرڻ اگر ناممڪن ناهي تہ ڏکيو ضرور آھي!

نتيجو:
نوتعميريت ھڪ تعليمي نظريو آھي جيڪو تعليم کي سماج جي سڌارڻ يا سماجي انقلاب جي ھڪ اوزار طور استعمال ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿو تہ جيئن ھڪ منصفاڻي ۽ برابري تي ٻڌل معاشري جي نئين سر تشڪيل ڪري سگهجي. اھو نظريو تنقيدي سوچ، سماجي مسئلن ۽ انھن جي عملي حل لاءِ نوجوانن، خاص ڪري شاگردن، منجهہ اھڙي تنقيدي شعور ۽ اڀياس جي گڻن جي آبياري جو خواهان آھي. جيتوڻيڪ نوتعميريت تي تنقيد ٿيندي رھي ٿي پر ھي نظريو نظرياتي توڙي عملي ميدان ۾ تعليم جي شعبي ۾ ھر دؤر ۾ اھم رھيو آھي ڇو تہ نظرياتي طور تي ھي ھاڪاري تبديلي ۽ انقلاب جو خواهان آھي پر طاقتور ڌريون تعليم جي اوزار کي استعمال ڪندي پنھنجا ناڪاري ذاتي توڙي گروھي مفاد حاصل ڪندا پيا اچن.


مددي ڪتاب:

1. Brameld, T. (1972). Education as power. Waveland Press.
2. Counts, G. S. (1932). Dare the schools build a new social order?. The John Day company.
3. Freire, P. (1970). Pedagogy of the oppressed. Continuum.
4. Klein, J. T. (2010). A taxonomy of interdisciplinary fields, systems, and applications. In Interdisciplinary education in the age of assessment (pp. 13-27). Jossey-Bass.
5. Kliebard, H. M. (1986). The struggle for the American curriculum, 1893-1958. Routledge & Kegan Paul.
6. Labaree, D. F. (2010). The making of an American educational catastrophe. Education Week, 29(16), 24-25.
7. Spring, J. (2012). American education. McGraw-Hill.
8. Tanner, D., & Tanner, L. N. (1980). Curriculum development: Theory into practice. Macmillan.

مشرقي فلسفو

تعارف:
مشرقي فلسفو ھڪ شاھوڪار ۽ مختلف فلسفو آھي جيڪو قبل مسيح دؤر ۾ دنيا جي اڀرندي علائقن يعني ايشيا جي ھندوستان، چائنا ۽ جاپان جي روايتن مان ڦٽي نڪتو ھو ۽ اڄ تائين ڪروڙين ۽ اربين ماڻھن جي زندگين تي اثرانداز ٿي رھيو آھي. ھي مختلف فلسفيانه، روحاني ۽ اخلاقي روايتن تي مشتمل آھي جيڪي ماڻھن کي سچائي، روح، انساني وجود، سياڻپ ۽ روشن خيالي جي دڳ ڏانھن رھنمائي ڪن ٿيون. هن مضمون ۾ ھن فلسفي جي تاريخ، بنيادي تصورن، ٻين مضمونن تي اثر، تنقيد ۽ نتيجي بابت بحث ڪيو ويو آھي.

تاريخ:
مشرقي فلسفي جون پاڙون ھزارين سال آڳاٽي ھندوستان، چين ۽ جاپان جي قديم شاندار تھذيبن ۾ کتل آهن. هندوستان ۾ ھن فلسفي جا پيرا ۽ اھم خيالات قديم ويدڪ دؤر (1500-500 ق.م) جي ڪتابن جھڙوڪ ويدن، اپنشد ۽ ڀڳود گيتا ۾ ملن ٿا. انھن ڪتابن ۾ اسان کي ڪرما (عمل ۽ نتيجو)، ڌرما (عمل/فرض) ۽ موڪشا (ڄمڻ ۽ مرڻ جي چڪر يعني جوڻ مٽائڻ مان آزادي) بابت لکڻيون ۽ سمجهاڻيون ملن ٿيون جيڪي ڌرتي توڙي ڪائنات جي سڀني جاندار توڙي بي جان مخلوقات جي تسلسل يعني هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ھجڻ، انھن جي مسلسل تبديل ٿيڻ ۽ خود آگاھي يا پاڻ سڃاڻڻ جي عظيم مقصد جي حصول تي زور ڏين ٿيون. چين ۾ ڪنفيوشيس (551-479 ق.م) ۽ لائوزي (ڇھين صدي ق.م) جي تعليمات ھيٺ ڪنفيوشينزم ۽ ڊائوازم (يا تائو-ازم) جو بنياد پيو. ڪنفيوشينزم نظرئي جو زور يا بنياد اخلاقي روين، سماجي هم آهنگيءَ ۽ ابن ڏاڏن جي احترام تي هو؛ جڏهن تہ ڊائوازم جو زور ڊائو يا ڪائناتي روح/آفاقي اصولن سان هم آهنگيءَ ۽ سادگي سان رهڻ تي آھي؛ ڊائو يا تائو اھو ناقابل بيان اصول آهي جيڪو سڀني وجودن، مخلوقن ۽ تخليقن جو لازمي جزو ۽ روح آھي. جڏھن تہ جاپان جي جين-ٻڌمت، بشيدو ۽ شنتوازم مطابق مراقبي، اعلي اخلاقي قدرن، ابن ڏاڏن جي احترام ۽ سڀني شين جي روحن سان ھم-آھنگي وسيلي ذھن ۽ ڪائنات جي سچائين تائين پھچي سگهجي ٿو.

مکيہ مفھوم:
مشرقي فلسفو ڪيترن ئي فلسفيانہ تصورن ۽ نظرين تي مشتمل آهي جن مان ڪجهہ اهم تصورات ھي آھن:

هندومت:
هندومت فلسفي ۾ ھي تصور اھم آھن؛ برهما (مطلق يا حتمي حقيقت)، آتما (روح يا اصلي-پاڻ)، جوڻ مٽائڻ (نئين روپ ۾ ٻيھر جنم وٺڻ) ۽ نجات جا رستا (يوگا جي طريقن سان جسماني ۽ ذھني طاقتون تسخير ڪري زندگي کي معني ڏيڻ ۽ ڪامياب بڻائڻ) جھڙوڪ ڪرما يوگا، ڀڪي يوگا، ۽ جنانا يوگا. ھندوازم ۾ جوڻ مٽائڻ يا وري جنم وٺڻ مان مراد مادو يا روح/شعور غيرفاني آھي جيڪو وقت سان گڏ تبديل ٿيندو رھي ٿو.

ٻڌمت:
سدھارٿ گوتم-ٻڌ پاران متعارف ڪرايل ٻڌ ڌرم چار عظيم سچائين (ڏک/پيڙا، ڏک جو سبب، ڏک جو خاتمو، ۽ ڏک جي خاتمي جو سبب)، چوٿين سچائي جي اٺ رستن (يعني ڏک جي خاتمي لاءِ صحيح نظر يا تناظر، صحيح ارادو، صحيح ڳالھہ ٻولهه، صحيح عمل، صحيح ڪمائي ۽ گذر سفر، صحيح ڪوشش، صحيح ۽ سرگرم ذھن، ۽ صحيح توجهہ)، ۽ ذهن جي مشق يا مراقبي سان زندگيءَ جي مصيبتن کي گهٽائڻ ۽ روشن خيالي يا سچ جي روشنيءَ تائين پھچڻ (نرواڻ-پد حاصل ڪرڻ) جي تعليم ڏئي ٿو.
ڪنفيوشينزم: چيني ڪنفيوشيس جو فلسفو سماجي اخلاقيات، ابن ڏاڏن جي احترام، اخلاق جي آبياري ۽ رسمن ۽ روايتن توڙي مناسب تعلقات جي مشق سان سماجي هم آهنگي جي فروغ تي زور ڏئي ٿو.

ڊائو-ازم:
چيني ڊائو-ازم اسان کي پنھنجي زندگي ”ڊائو يعني ڪائناتي روح يا قانون“ سان هم آهنگ ٿي گذارڻ ۽ شين جي مسلسل تبديل ٿيڻ جو درس ڏئي ٿو. ھي هڪ فطري ۽ پاڻ مرادو طريقو آهي جيڪو انسانن جي اندر يا باطن ۾ نيڪين جھڙوڪ سادگي، تڪڙو ۽ پاڻ مرادو مدد لاءِ اٿي پوڻ ۽ ذاتي رنج ملڻ جي صورت ۾ خاموش رھڻ يا صبر ڪرڻ (وُو وي جي پيروي ڪرڻ يعني ڪو بہ عمل نہ ڪرڻ) جي پرورش ڪري ٿو. وُو-وي جو ھروڀرو اھو مطلب ڪونھي تہ ماڻھو ظلم ئي سھندو رھي پر ان جو مطلب اھو آھي تہ ڪائناتي روح مطابق شيون ھڪ حالت ۾ سدائين لاءِ رھڻيون ناھن پر پنھنجي وقت تي تبديل ٿيندڙ آھن، ان ڪري ھروڀرو جي واويلا کان پاسو ڪجي.

جين ٻڌ-ازم، بشيدو ۽ شنتو-ازم:
جاپان جا ھي فلسفا ترتيبوار مراقبي؛ ويڙهاڪ زميندار ۽ سميرائي طبقي جي اعلي۱ اصولن جھڙوڪ وفاداري، عزت، ذاتي-ضابطي ۽ اخلاقي پيروي؛ ۽ جاپاني قوم جي عام ثقافتي لاڙن جھڙوڪ فطري قوتن، روحن ۽ ابن ڏاڏن جي احترام جي تعليم ڏين ٿا.

ٻين شعبن تي اثر:
مشرقي فلسفي جو ڪيترن ئي شعبن تي گهرو اثر پيو آهي. مذهب ۽ روحانيت جي لحاظ کان ھن جي اثر ھيٺ اوڀر ۾ ڪجهہ وڏا مشرقي مذھب جھڙوڪ هندوازم، ٻڌازم ۽ تائوازم ارتقا ڪري چڪا آھن ۽ سڄي دنيا جي مذهبي منظرنامي تي اثرانداز ٿي رهيا آهن. يوگا ۽ آڪيو پنڪچر جو واسطو نفسياتي قوت حاصل ڪرڻ ۽ تڪليف گهٽائڻ سان آھي. ان کان سواءِ جاپاني روايت ۾ مراقبو ڪائنات ۽ زندگي جي سچائي تائين پھچڻ جو وسيلو آھي. نفسيات ۽ ذهانت جي حوالي سان ٻڌمت جا يوگا ۽ مراقبي جا تصور عصر حاضر جي نفسياتي علاج، شعور جي مطالعي، خود آگاهي ۽ ذھني صحت يا تندرستي کي فروغ ڏئي رھيا آھن. دوائن ۽ علاج جي حوالي سان يوگا، آڪيو پنڪچر ۽ آيورويدڪ علاج جي طريقن جون پاڙون پڻ مشرقي فلسفي ۾ کتل آھن جيڪي ھاڻي مغرب ۾ بہ مشھور ٿي رھيا آھن. آرٽ ۽ جماليات جي حوالي سان مشرقي ڪيليگرافي، پينٽنگ ۽ شاعري ھاڻي پنھنجو الڳ وجود، ذائقو، لھجو ۽ اثر ڌاري چڪي آھي. ان کان سواءِ فنون لطيفه ۾ وابي- وابي جو مشرقي تصور (غير ڪامل ھئڻ کي تسليم ڪرڻ) مغربي پوسٽ ماڊرنزم جي ويجهو آھي.

تنقيد:
ھتي اهو نظر ۾ رکڻ ضروري آهي تہ مشرقي فلسفو ڪنھن ھڪ نظرئي يا سوچ تي نہ پر مختلف قسم جي سوچن ۽ نظرين تي مشتمل آهي جھڙوڪ هندو-مت، ٻڌ-مت، ڪنفيوشينزم، ڊائوازم (يا تائوزم)، جين ٻڌازم، بشيدو ۽ شنتوازم وغيرہ. هنن مان ھر هڪ نظريو پنھنجي منفرد تعليمات ۽ اصولن تي مشتمل آهي. باقي مجموعي تنقيد ۾ سڀ کان پھريون اعتراض سندس ثقافتي تناظر ۽ تعلق جي محدوديت آھي ڇو تہ ھن جا تصور ۽ طريقا مشرقي ثقافت ۽ ٻولي (پراسرار ٻولي: تجريدي تصورن، محاورن ۽ پھاڪن) سان جڙيل آهن جيڪي ٻين لاءِ سمجهڻ مشڪل آھن. ٻيو تہ ھن جا مابعدالطبعياتي تصور جھڙوڪ روحاني، وجداني ۽ مراقبي وسيلي حاصل ٿيل سمجهہ موضوعي محسوسات سان تعلق رکي ٿي ۽ پنھنجي دعوائن ۾ سائنسي، تجرباتي ۽ تصديقي ثبوتن ۾ کٽل آھي. ھن تي ٽيون اعتراض سندس اجتماعي مسئلن کان لاتعلق بڻجي مراقبي ۽ روحاني طريقن سان انفرادي اصلاح تي زور ڏيڻ آھي.
ڪجهہ نقادن جو اھو بہ خيال آهي تہ انفرادي توڙي اجتماعي تڪليفن ۽ مصيبتن جي تناظر ۾ وُو-وي (ماڻھو جي غير فعاليت) سماجي ناانصافين کي ھٿي ڏئي ٿي.

نتيجو:
مجموعي طرح سان مشرقي فلسفو (ھندوستان جو ھندومت ۽ ٻڌمت، چائنا جو ڪنفيوشينزم ۽ ڊائوازم/تائوازم ۽ جاپان جو جين مت، ٻڌمت، بشيدو ۽ شنتوازم) قبل مسيح کان حال تائين سچائي، انساني وجود، روح يا اصلي-پاڻ، ۽ هڪ بامعني زندگي جي سمجهہ ۽ جستجو لاءِ ھڪ منفرد ۽ نئين بصيرت وارو دڳ فراھم ڪري ٿو. سندس بنيادي تصورن مان ھڪ اھو آھي تہ ڪائنات جون سڀ شيون ۽ انسان ھڪ ٻئي سان ڳنڍيل، ھم آھنگي ۽ توازن ۾ آھن. ھي فلسفو اسان کي انساني محسوسات ۽ تجربن جي عميق ۽ پيچيدہ دنيا کي سمجهڻ لاءِ مراقبي وسيلي خود آگاھي، شفقت، ھمدردي ۽ موجودہ وقت ۽ حالتن جو شعور عطا ڪري ٿو. ھي فلسفو ھڪ پاسي اسان کي ڪائنات جي وسيع تناظر ۾ ھڪ بامعني زندگي گذارڻ جي ترغيب ڏئي ٿو، تہ ٻئي پاسي ڪثرت ۾ وحدت، ۽ اختلاف ۾ ھم آھنگي ۽ توازن جو درس ڏئي ٿو.


مددي ڪتاب :

1. Ames, R. T., & Hall, D. L. (2003). Dao De Jing: A Philosophical Translation. Ballantine Books.
2. Confucius. (2014). The Analects. Penguin Classics.
3. De Bary, W. T., & Bloom, I. (Eds.). (1999). Sources of Chinese Tradition: From Earliest Times to 1600 (Vol. 1). Columbia University Press.
4. Englehardt, E. E. (Ed.). (1986). The Foundations of Bioethics. Oxford University Press.
5. Feuerstein, G. (2003). The Yoga Tradition: Its History, Literature, Philosophy, and Practice. Hohm Press.
6. Fischer-Schreiber, I., Ehrhard, F., & Diener, M. S. (Eds.). (1991). The Shambhala Dictionary of Buddhism and Zen. Shambhala Publications.
7. Harvey, P. (2013). An Introduction to Buddhism: Teachings, History, and Practices (2nd ed.). Cambridge University Press.
8. Kripal, J. J. (2007). Esalen: America and the Religion of No Religion. University of Chicago Press.
9. Laozi. (1997). Tao Te Ching. Shambhala.
10. Lopez, D. S. (2008). Buddhism and Science: A Guide for the Perplexed. University of Chicago Press.
11. Loy, D. (1988). Nonduality: A Study in Comparative Philosophy. Humanity Books.
12. Radhakrishnan, S., & Moore, C. A. (Eds.). (1957). A Source Book in Indian Philosophy. Princeton University Press.
13. Radhakrishnan, S., & Moore, C. A. (Eds.). (1957). A Source Book in Indian Philosophy. Princeton University Press.
14. Sharma, A. (1993). A Critical Survey of Indian Philosophy. Motilal Banarsidass.
15.Smith, H. (1991). The World's Religions. HarperOne.
16.. Unschuld, P. U., & Tessenow, H. (2016). Huang Di Nei Jing Su Wen: Nature, Knowledge, Imagery in an Ancient Chinese Medical Text. University of California Press.

صوفي ازم ۽ سرمائيداريت

صوفي ازم ھڪ روحاني يا مذھبي طريقو ۽ فلسفو آھي جيڪو انساني تاريخ ۾ روايتي مذھبن جي غير لچڪداري ۽ مذھب اندر طبقاتي اجاره داري خلاف ھڪ بغاوت جي تحريڪ طور اڀريو جنھن انسان کي مذھب کان اتم ڄاتو. ھي مذھبي رواداري، عالمي امن ۽ انسانيت جي پرچار ڪندڙ صوفي ازم فلسفو بغير واسطي جي ڪائنات جي خلقڻھار تائين پھچڻ يا ھن ڪائنات جي سچائي کي سمجهڻ جي حمايت ڪري ٿو ۽ پاڻ کي ان آفاقي طاقت سان ڳنڍڻ يعني ڪائنات جي سچائيءَ سان ھم آھنگ ٿيڻ جو ڏس ڏئي ٿو. ھن مقصد لاءِ ھن فلسفي جا حامي عام رواجي حواسي معلومات ۽ تجربن بدران اڪثر ڪري ذاتي مراقبي، ڳوڙھي فڪر کي پنھنجي اڙانگي منزل تائين پھچڻ جو رستو ۽ ذريعو ڪري وٺندا آھن. صوفي ازم جو تصور ۽ فلسفو انساني تاريخ ۾ لڳ ڀڳ ھر مذھب ۽ ثقافت ۾ ملي ٿو.
صوفي ازم جون پاڙون مصر، ميسوپوٽاميا (عراق ۽ ڪويت) ۽ ھندوستان جي ھزارين سال قديم تھذيبن ۾ کتل آھن. انھن شروعاتي تھذيبن جا صوفي مخصوص عبادتن، مراقبي ۽ ھڪ طرفه ڳوڙھي سوچ وسيلي پاڻ کي ڪائنات جي خلقڻھار يا ڪائناتي قوت سان ڳنڍڻ لاءِ جاکوڙيندا ھئا تہ جيئن ڪائنات جي آفاقي مطلق سچائي تائين پھچي سگهن. ھن ڌرتي تي صوفي ازم جو فلسفو مختلف مذھبن جھڙوڪ عيسائيت، اسلام، يھوديت، ھندومت ۽ ٻڌمت جي ڇٽين ھيٺ وڌيو ويجهو آھي. صوفي ازم جي اھم حامين ۽ نالن ۾ پلوٽينس (Plotinus)، رومي (Rumi)، ايويلا جو ٽيريسا (Teresa of Ávila) ۽ رامانوجا (Ramanuja) شامل آھن جن ھن جي مخصوص شڪلين ۾ ارتقا ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي.
ھن ڌرتيءَ تي مختلف ثقافتن، مذھبن ۽ سماجي نظرين جي اثر ھيٺ صوفي ازم جا پڻ مختلف رخ، شڪليون ۽ قسم مروج رھيا آھن. سنياسي صوفي ازم (Ascetic mysticism) دنياوي مسرتن کان انڪار ۽ پاڻ کي پيڙڻ وسيلي ڪائناتي سچائي سان جوڙڻ جي ڪوشش جو حامي آھي؛ فطرتي صوفي ازم (Nature mysticism) وري فطرت جي سڀني شين ۽ لقائن کي مقدس ۽ محترم ھجڻ ۽ ڪنھن بہ جاندار کي نہ ڏکائڻ وسيلي روحانيت جي معراج تائين پھچڻ جو درس ڏئي ٿو؛ مذھبي صوفي ازم وري پنھنجن پوئلڳن کي مذھبي عبادتن ۽ رياضتن وسيلي پنھنجي خدا سان ڳنڍڻ جي ڳالھہ ڪري ٿو؛ جڏھن تہ يھودي ۽ يوگي صوفي ازم روحاني تجربن جا اڃا بہ نرالا ۽ مختلف پاسا آڇين ٿا.
صوفي ازم جي بنيادي تصورن ۾ ڳنڍجڻ يا وحدت (Union)، روشن خيالي (Enlightenment) ۽ حواسي تجربن کان ماورائي موضوعي بصيرت (Transcendence) اھم آھن. ڳنڍجڻ يا وحدت مان مراد ھڪ سچي صوفي جي اھا خواھش تہ سندس روح يا شعور جيڪو آفاقي يا ڪائناتي سچائي جو ڪڏھن جزو ھو اھو سندس روحاني مشقتن جي وسيلي وري ان سان جڙي وڃي تہ جيئن زندگي جا سڀ مقصد حاصل ٿي سگهن ۽ ڪائنات جا سڀ ڳجه ان مٿان عيان ٿي سگهن. جڏھن تہ روشن خيالي ۽ حواسي تجربن ۽ محسوسات کان اونھي ماورائي موضوعي بصيرت جي حاصلات مان مراد ھڪ صوفي جي اھا خواھش آھي جنھن وسيلي سندس سوچ ۽ ذھن مان مقصد کان ھٽائيندڙ سڀ خيال، مادي شيون ۽ ماڻھن سان نفرتون ختم ٿي وڃن ۽ عام رواجي حواسي مشاھدن ۽ محسوسات جي ڀيٽ ۾ تمام گهرو موضوعي مشاھدو نصيب ٿي سگهي جيڪو ھن جي شعور، ذھن ۽ روح کي ڪائناتي سچائي سان روشن ڪري ڇڏي. ان لاءِ مختلف صوفي مراقبن، عبادتن، رياضتن ۽ مشقتن مان گذرڻ جا مختلف رستا اختيار ڪندا آھن. ھتي اھو ٻڌائڻ بہ ضروري آھي تہ ڪنھن صوفيءَ کي جيڪڏھن اھڙو موضوعي (Subjective) تجربو حاصل ٿيندو آھي تہ اھو ايترو تہ عميق ۽ ڳوڙھو ھوندو آھي جيڪو ٻولي ۽ زبان سان بيان ڪرڻ کان مٿي ھوندو آھي. ڪو ان کي تجلي چوندو آھي تہ ڪو وري مورڳو زبان-بند بڻجي ويندو آھي.
صوفي ازم فلسفي تي ڪيترن ئي پاسن کان تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آھي. سڀ کان وڏي تنقيد صوفين جي مشقتن ۽ رياضتن جي نتيجي ۾ سندن حاصلات يعني روحاني مشاھدا ۽ سمجهہ خالص موضوعي ھجڻ ڪري ان کي ٻيا ماڻھو ڄاڻڻ کان قاصر رھندا آھن. ھن تي ٻيو اعتراض اھو آھي تہ صوفي ڪائناتي سچائي تائين پھچڻ جي ڊوڙ ۽ چڪر ۾ پنھنجي سماج کان ڪٽيل رھندا آھن. ٻين لفظن ۾ اھي سماج ۾ ظالم طبقي جي ناانصافين ۽ ڏاڍاين کان طوطا چشمي جو مظاھرو ڪندڙ بڻجي ويندا آھن. اھو ئي سبب آھي جو صوفي غير شعوري طور مفاد پرست سرمائيدار ۽ ظالم طبقي جا آلاء ڪار بڻجي استعمال ٿيندا رھيا آھن.
منھنجي ذاتي خيال مطابق ھڪ پاسي سچو صوفي بڻجڻ جو سفر انفرادي ۽ اڪيلي سر ھوندو آھي جنھن ۾ ھڪ ماڻھو (صوفي) زماني ۽ دنيا جي غم دوران کي پاسيرو رکي نہ رڳو پنھنجي اندر ۾ جهاتي پائيندو آھي ۽ اھو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي تہ ھو ڪير آھي، ھو ڇا آھي، ھو ڪٿان آيو آھي، سندس سوچ ڪيئن ٿي ڪم ڪري، سندس زندگي جو مقصد ڪھڙو آھي، پر ان سان گڏ ھو دنيا جھان بابت پڻ پروڙيندو آھي تہ ڌرتي، چنڊ، وقت ۽ وٿي توڙي انيڪ تارا، سورج منڊل، ڪهڪشائون ڇا آھن، ڪيئن وجود ۾ آيون آھن، انھن جو مقصد ڇا آھي؛ انھن جو پيدا ڪرڻ وارو ڪو آھي يا اھي پاڻھي پيدا ٿيون آھن؟ جيڪڏھن انھن جو ڪو پيدا ڪندڙ آھي تہ ڇا ھن وقت اھو ھن نظام ۾ مداخلت ڪري سگهي ٿو يا نہ يا وري ڪندو ٿو رھي؟ ٻئي پاسي ھڪ سچو صوفي انسان، انسان جي سماجي نظامن، مذھبن يا عقيدن جي ابتدا، انھن جي ارتقا ۽ انھن جي آخري امڪاني صورت بابت ڳوڙھو اڀياس ڪندو آھي جنھن لاءِ ھن کي پنھنجو من، قلب ۽ ذھن ھر ھڪ پراڻي ڳالھہ کان صاف ڪرڻو پوندو اھي تہ جيئن موزون نين حقيقتن ۽ نظرين جي تسليم ڪرڻ لاءِ ھن وٽ گنجائش پيدا ٿي سگهي. ھڪ صوفي پراڻن توڙي موجودہ نظرين، ريتن رسمن، ٻولين، ثقافتن ۽ مذھبن کي تنقيدي نظر سان پرکڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. ھن وٽ ايترا تہ وڏا نصب العين ھوندا آھن جو ھو اھڙي اڙانگي منزل تي رسڻ جي رستي کي ئي پنھنجي منزل سمجهندو آھي ۽ جيڪڏھن ان سفر ۾ ھن کي ڪٿان ڪنھن ذري يا ماسي جيتري بہ ڪاميابي حاصل ٿيندي آھي تہ اھو پوڄارو پر ۽ پراپت ٿي ويندو آھي. ھڪ صوفي ھن اڙانگي رستي تي ھلندي موجودہ سماجي نظامن جھڙوڪ مذھبن، ملڪن، ثقافتن، ٻولين، ريتن ۽ رسمن جي ڳوڙھي اڀياس وسيلي انھن جي خامين ۽ اندر جي کوکلي ھجڻ تائين جڏھن رسائي حاصل ڪري وٺندو آھي تہ اڪثر ڪري انھن کان باغي ٿي بغاوت جو اعلان پڻ ڪندو آھي. نتيجي ۾ ھڪ سچو صوفي پنھنجي دؤر جي ڪرتن ڌرتن حڪمرانن يا مذھبي ٺيڪيدارن يا تنگ نظر قوم پرستن ۽ ريتن رسمن جي پاسدارن جي اک ۾ ڪنڊو ھوندو آھي. ھڪ صوفي جو سفر سدائين تنھا، اڪيلو ۽ انفرادي ھوندو آھي ۽ ان کي انفرادي ئي رھڻ گهرجي ڇو تہ ڳوڙھي سوچ جي بدولت اھو سماج جي اوڻاين تي ردعمل ڏيکاريندڙ ھوندو آھي انڪري اھو سماج کي ظاھري طرح جوڙيندڙ نظرين ۽ لقائن کي فروغ ڏيندڙ نہ رھي سگهندو آھي. ان ڪري منھنجي ذاتي خيال مطابق اڄ جي دور جو ھڪ سچو صوفي اھو آھي جيڪو پنھنجي پنھنجي شعبي ۾ حقيقي معني ۾ ھڪ جاکوڙي محقق، سائنسدان، دانشور ۽ اھل علم ۽ صاحب ڪتاب ھجي ڇو تہ سائنسي ڄاڻ کان سواءِ انسان، انساني سماج ۽ ڪائنات کي سمجهڻ ناممڪن آهي.

انسان ـ پسنديت نظريو

انسان معلوم تاريخي دؤر يا وقوفي انقلاب کان وٺي ھن مھل تائين عقلي حقيقتن جي ڀيٽ ۾ تصوراتي ڪھاڻين کي وڌيڪ پسند ڪندو رھيو آھي ۽ انھن تي يقين پڻ ڪندو رھيو آھي. ڪڏھن ھن سج، چنڊ، تارن جي پرستش پئي ڪئي تہ ڪڏھن اھو ابن ڏاڏن جي روح جي پوڄا ۾ مصروف ھو؛ ڪڏھن ھو کنوڻن جي ڪڙڪاٽن ۽ طوفانن ۾ وڻن جي ٽڙڪاٽن سبب خوفزدہ پئي ٿيو تہ ڪڏھن برسات ۽ سيلاب ان جي فصل ۽ اناج کي لوڙھي سندس محنتن جي ڪئي ڪمائي ڪٽ پئي ڪئي. نتيجي ۾ انسان جي ذھن ۾ ھڪ غيبي طاقت يعني خدا جو ڀيانڪ روپ پيدا ٿيو ۽ اھو اڳتي ھلي مذھب جي شڪل اختيار ڪري ويو. وقت گذرڻ سان گڏ ان مذھبي تصور ۾ پڻ ڪافي تبديليون آيون ۽ ان منجھان ڪيترائي نوان مذھب ۽ نظريا جڙي ويا. مذھبي ۽ نظرياتي تصورن ھڪ پاسي اجنبي انسانن کي گڏيل مقصدن جي ڇٽيءَ ھيٺ متحد ڪري باھمي تعاون ۽ ترقيءَ کي فروغ پئي ڏنو تہ ٻئي پاسي وري مذھبي ٺيڪيدارن پنھنجن مفادن تحت عقيدي جي بنياد تي انسانن ۾ ھڪ ٻئي خلاف نفرتون پکيڙي ھزارن ۽ لکن انسانن کي قتل پئي ڪرايو. اڄ اسان انسانن طرفان جوڙيل ھڪ اھڙي نظرئي جيڪو ھڪ نئين مذھب ۽ فلسفي جو روپ اختيار ڪري چڪو آھي جي اپٽار ڪنداسين جيڪو صوفين جو ساھ رھيو آھي، رندن جو راز رھيو آھي، انسانن جو آواز رھيو آھي ۽ دنيا جي بقا جو راز رھيو آھي: اھو آھي انسان-پسنديت (Humanism) مذھب يا فلسفو.
انسان-پسنديت ھڪ ئي وقت ھڪ نظريو، فلسفو ۽ مذھب آھي جيڪو نہ رڳو زندگي گذارڻ جا سونھان اصول ٻڌائي ٿو پر مادي ۽ ڪائنات جي تناظر ۾ انساني زندگي جي عقلي وضاحت پڻ پيش ڪري ٿو. انساني زندگي، انساني حق، انفراديت، روشن خيالي، جهموريت، تقرير ۽ تحرير جي آزادي ۽ ترقي پسندي ھن جا نمايان گڻ آھن. ھي نظريو ۽ فلسفو رنگ، نسل، مذھب ۽ سماجي مرتبي جي مت-ڀيد کان بالاتر ٿي سڀني انسانن ۽ انھن جي جذبات کي ھڪ جيترو مقدس ۽ برابر سمجهي ٿو. ھن مطابق انسان پنھنجن سوچن، روين ۽ عملن لاءِ آزاد آھي ۽ اھو ڪنھن اڻڏٺل ۽ تصوراتي خدا جي اڳيان جوابده نہ آھي پر اھو پنھنجي ۽ ٻين ماڻھن اڳيان جوابده آھي. مطلب تہ ھن مطابق ڪائنات ۽ زندگي کي سمجهڻ لاءِ توڙي انساني اخلاقيات يعني انسانن کي ڪھڙيءَ ريت زندگي گذارڻ گهرجي جي تعين لاءِ اڻ ڏٺل خدا يا الھامي ڪتابن جي حڪمن جي ضرورت نہ آهي پر سموري اخلاقيات انساني حياتيءَ ۽ انفرادي انساني جذبات کي مقدس سمجهڻ جي بنياد تي ٻڌل آهي. ان جو مطلب اھو آھي تہ ڪنھن بہ انسان کي اھو سڀڪجهہ ڪرڻ جي آزادي آھي جيڪو اھو چاھي ٿو يا جنھن ۾ ان کي سٺو محسوس ٿئي ٿو پر شرط اھو آھي تہ ان عمل سان انفرادي توڙي اجتمائي طور ڪنھن ٻئي ماڻھو يا ماڻھن جي طبقي جا جذبات مجروح نہ ٿيندا ھجن. مطلب تہ ھڪ معاشري ۾ جڏھن ٻن ماڻھن جا رويا ۽ عمل ھڪ ٻئي لاءِ ھڪ جيترا قابل قبول ھجن ۽ سندن انھن روين ۽ عملن جي ڪري معاشري جي ٻين ماڻھن کي بہ ڪو اھنج ۽ رنج نہ پھچي تہ سندن اھڙا رويا ۽ عمل اخلاق جي دائري ۾ آھن.
جيئن تہ ھي فلسفو عقليت يعني حواسي مشاھدن, تجربن ۽ منطقي تجزين تحت ثابت ٿيندڙ يا سائنسي معلومات کي ڀروسي جوڳو سمجهي ٿو ان لحاظ کان ھن جا پيرا سقراط کان بہ اڳين فلسفين ڏانھن وڃن ٿا؛ مثال طور پروٽوگورس (440 BC) چيو ھو: ”مون کي پڪ نہ آھي تہ خدا آھن يا نہ آھن، ۽ جي آھن تہ انھن جي شڪل ڪھڙي آھي؟“ سقراط (BC 399-470) کي بہ تہ انساني اخلاقيات ۽ انصاف جي منطقي ۽ تشريح ڪرڻ تي زھر جو پيالو پيئڻو پيو. ارسطو (322-384 BC) عقليتي استدلال ۽ اخلاقيات کي انساني فطرت جي ڪسوٽي تي پرکڻ جو باني ۽ پيروڪار ھو. ويجهي ماضيءَ ۾ سلطنت عثمانيہ طرفان بازنطيني يا رومي سلطنت جي گادي قسطنطنيہ جي فتح (1453ع) کان پوءِ يورپ ۾ ”وچئين يا تاريڪ دؤر“ جي پڄاڻي ٿي. لڳ ڀڳ مٿئين عرصي (اٺين کان چوڏھين صدي عيسوي) دوران اسلامي علم ۽ روشن خيالي جي اثر ھيٺ بو علي سينا، محمد بن ذڪريا الراضي، جابر بن حيان، محمد موسيٰ الخوارزمي جھڙن سائنسدانن جي تحقيق، کوجنا ۽ ايجادن مسلمانن کي سائنسي عروج جو ھڪ تاريخي ”سونھري دور“ ڏنو جنھن ۾ علم جي مذھبي ۽ غير مذھبي ھٿراڌو تفريق ڪانہ ھئي (بعد۾ اھڙي تفريق ئي مسلمانن جي پٺتي پوڻ جو سبب بڻي). اھڙي ريت علم ۽ روشن خيالي جي روشني مشرق کان مغرب تائين پھتي. يورپ ۾ ”جديد سائنسي انقلاب“ جون پاڙون جيتوڻيڪ تاريخ جي ”وچئين دؤر“ (پنجين کان پندرھين صدي) جي اٽلي جي شاعر ۽ دانشور پيٽرارڪ (Petrarch: 1304-1374 AD) تائين وڃن ٿيون جنھن کي انسان-پسنديت جو باني پڻ چيو ويندو آھي، پر سورھين کان ويھين صدي دوران برطانيہ ۽ يورپ ۾ برپا ٿيندڙ صنعتي انقلاب (پرنٽنگ پريس، ريلوي نظام) جي اثر ھيٺ چرچ کان بغاوت ئي انساني تاريخ کي انسان-پسنديت جھڙو ھڪ عظيم نظريو، فلسفو ۽ مذھب عطا ڪيو آهي. ھن لاءِ فطري سائنسدانن جھڙوڪ ڪوپرنيڪس، گيليلو، رين ڊيڪارٽي، وليم گلبرٽ، پاسڪل، رابرٽ بوائل، آئزڪ نيوٽن، بينجمن فرينڪلن، لوائيزر، گريگر مينڊل، چارلس ڊارون، البرٽ آئينسٽائين، ميري ڪيوري ۽ سگمنڊ فرائيڊ وغيرہ سان گڏ مغربي فلسفين جھڙوڪ وولٽائر، اسپائنوزا، ڪانٽ، ايڊم سمٿ، روسو، جان لاڪ، ليبنيز، ڊيوڊ ھيوم،، فرانسس بيڪن، ڪارل مارڪس، ڪارل روجرس ۽ جان ڊيوي وغيرہ جون خدمتون ناقابلِ فراموش آھن. انسان-پسنديت ھن وقت يورپ ۽ آمريڪا ۾ مقبول ترين نظرئي ۽ فلسفي طور مڃيو وڃي ٿو.
انسان-پسنديت جا حامي ھنن ڏھن اصولن کي زندگي گذارڻ جا سونھان اصول سمجهندا ۽ مڃيندا آھن: اھي روايتي ۽ دقيانوسي سوچ کي رد ڪندي تنقيدي سوچ يعني سائنسي سوچ تي يقين رکندا آهن؛ اھي لچڪدار اخلاقيات تي يقين رکندا آھن يعني ھڪ فرد جو انفرادي عمل ٻين ماڻھن، ٻين زندگين ۽ ماحول تي ڪھڙا اثر وجهي ٿو بابت مسلسل تحقيق ۽ تدبر تي يقين رکندا آھن؛ اھي عالمي ۽ سماجي امن لاءِ ھر قسم جي ناانصافي کي ختم ڪرڻ تي يقين رکندا آھن؛ اھي ھر ماڻھوءَ جي فطري ۽ اڪتسابي صلاحيتن کي معاشري جي فلاح ۽ بھبود لاءِ وڌ ۾ وڌ استعمال ڪرڻ تي يقين رکندا آھن؛ اھي معاشري ۾ سھپ ۽ رواداري پيدا ڪرڻ لاءِ پنھنجي خيالن ۽ نظرين کي پاسيرو رکي ٻين جي تڪليفن ۽ اھنجن کي سمجهڻ لاءِ ٻئي جي ڳالھہ کي غور سان ٻڌندا آھن ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آھن؛ اھي پنھنجين ڪاميابين ۽ اعليٰ حاصلات ھوندي بہ انڪساري ۽ خدمت تي يقين رکندا آهن ۽ غرور کي رد ڪندا آھن؛ اھي نہ رڳو انساني زندگي پر ٻي سڀ زندگي توڙي ماحوليات جي تحفظ جي عملي جاکوڙ تي يقين رکندا آهن؛ اھي انسانن جي ھڪ ٻئي تي انحصار، عالمي ڳوٺ جي تصور ۽ گهڻ ثقافتي قبوليت کي مڃيندڙ آھن؛ اھي پنھنجي انفرادي سوچن، روين ۽ عملن جي پوري ذميداري کڻندڙ آھن؛ ۽ اھي معاشري ۾ انفرادي توڙي اجتماعي فلاح جا خواھشمند آھن ۽ بيغرض خدمت تي يقين رکندڙ آھن.
يووال نوح ھراري پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب ”ھومو ڊيئس: سڀاڻي جي مختصر تاريخ“ (Homo Deus: A Brief History of Tomorrow) ۾ ھن نظرئي بابت سٺو بحث ڪيو آھي. ان مطابق انسان-پسنديت جو زندگيءَ جي هر شعبي سان واسطو آهي پر ان کي سمجهڻ لاءِ هتي زندگي جي پنجن اهم شعبن ۾ سندس اطلاق ۽ متعلقه ُسونھان اصول ٻڌائڻ ضروري آھي:

• انسان-پسنديت سياست: هڪ ووٽر ئي بھتر ڄاڻي ٿو.
• انسان-پسنديت معاشيات: هڪ گراهڪ ئي هميشه صحيح آهي.
• انسان-پسنديت جماليات: خوبصورتي ڏسڻ واري جي اک ۾ هوندي آهي.
• انسان-پسنديت اخلاقيات: جيڪڏهن ڪجهہ ڪرڻ ۾ توهان کي سٺو محسوس ٿئي ٿو تہ ڀلي ڪريو.
• انسان-پسنديت تعليم: پنھنجو پاڻ سوچيو.

ھراري چوي ٿو تہ انسان-پسنديت نظرئي يا مذهب جا ڪجهہ اُونداها پاسا پڻ آهن. مثال طور، هڪ پاسي انسان-پسنديت معيشت مطابق هڪ گراهڪ ئي هميشه صحيح هوندو آهي جي مطابق اسان جيڪڏهن مارڪيٽ ۾ گوشت جي طلب ۽ رسد (گراهڪن طرفان طلب ۽ سيڙپڪارن طرفان رسد) تي انحصار ڪريون ٿا، تہ اچو تہ اهو پڻ ڏسون تہ ٻئي پاسي اهي سيڙپڪار ڇا ڪري رهيا آهن؟ انھن سيڙپڪارن اُپسالا ۾ بايو ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جانورن ۾ جينياتي هير-ڦير لاءِ پروفيسر ليف اينڊرسن جون خدمتون حاصل ڪيون آهن. پروفيسر صاحب مختلف جانورن جھڙوڪ سُوئرن، ڪُڪڙين ۽ ڳائي مال تي جينياتي تجربا ڪري رهيو آهي تہ جيئن انھن مان تڪڙو ۽ وڌيڪ گوشت پيدا ڪري سگهجي يا وري تڪڙو ۽ وڌيڪ کير جو مقدار پيدا ڪري سگهجي. هن سان هڪ انٽرويو ۾ هڪ اخباري صحافي جڏهن بحث ڪندي سوال ڪيو تہ: پروفيسر صاحب ڇا اها هڪ حقيقت نہ آهي تہ جانورن توڙي پکين (يا ٻين جاندارن) جي جينياتي هير-ڦير انھن لاءِ تڪليف ۽ اذيت جو سبب بڻجي رهي آهي؟ ڇو تہ اڄڪلھہ اڳ ۾ ئي جينياتي تبديلين وسيلي ڳئون جو اهڙو نسل پيدا ڪيو ويو آهي جنھن منجھان ڄاول ڦرڙا ايترا تہ ڳرا ۽ ٿُلها ٿا پيدا ٿين جو اهي مشڪل سان ئي بيهي سگهن ٿا، ۽ ٻئي پاسي وري بھتر بڻايل ڪُڪڙيون پڻ ايتريون ڳريون ۽ ٿُلھيون بڻايون ويون آهن جو اهي بيھي بہ نہ ٿيون سگهن ۽ وڌيڪ وزن جي ڪري فقط ويٺيون ئي هونديون آهن. تہ ڇا انھن جانورن کي اهڙي تڪليف ۾ مبتلا ڪرڻ توهان جي نظر ۾ ٺيڪ آهي؟ ان تي پروفيسر صاحب پختو جواب ڏئي ٿو تہ ”هر شي آخرڪار هڪ گراهڪ تائين پھچي ٿي، ان ڪري سوال اهو آهي تہ هڪ گراهڪ گوشت لاءِ ڪيتري قيمت ڏيڻ لاءِ تيار آهي...اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي تہ جينياتي تبديلين کان سواءِ رواجي يا فطري طريقن سان دنيا ۾ گوشت جي موجودہ طلب يا کپت کي مُنھن ڏيڻ ناممڪن آهي...جڏهن گراهڪ اسان کي سستي ۾ سستي گوشت لاءِ چون ٿا...تڏهن ئي اسان گراهڪن کي اهو مھيا ڪريون ٿا...گراهڪن کي ئي فيصلو ڪرڻو آهي تہ انھن لاءِ ڪھڙي شي اهم آهي: قيمت يا ڪجهہ ٻيو.“ اهو ئي سبب آهي جو پروفيسر اينڊرسن مطمئن ضمير سان رات جو آرام وارِي ننڊ ڪري ٿو ۽ کيس کي توڙي گراهڪن کي احساسِ جرم محسوس ئي نہ ٿو ٿئي.
ڳالھہ جو ڳر اِھو آھي تہ اڄوڪي ترقي يافتہ دنيا خاص ڪري اولھہ جي ملڪن خاص ڪري يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻھو صنعتي انقلاب کان پوءِ پنھنجي جوڙيل انسان-پسنديت جي نظرئي ۽ فلسفي تي يقين رکن ٿا؛ ھاڻي انھن کي زندگي گذارڻ ۽ ڪائنات کي سمجهڻ لاءِ ڪنھن مذھبي ۽ اڻ ڏٺل خدا جي حڪمن جي ضرورت محسوس نہ ٿي ٿئي. انسان-پسنديت نظريو يا فلسفو انسانن جي انفرادي توڙي اجتمائي ترقي جو ضامن نظر اچي ٿو. جيئن تہ ھي نظريو سائنس وانگر ھر وقت ھر ڳالھہ تي تنقيد لاءِ کليل آھي انڪري ھن جا ڪمزور پاسا اڳتي ھلي بھتر بڻجي ويندا ۽ ھي نظريو انسانذات جي بنا ڪنھن مت-ڀيد جي خدمت ڪندو رھندو.


مددي ڪتاب :

1. https://thehumanist.com/magazine/september-october-2019/features/living-humanist-values-the-ten commitments/
2. https://en.wikipedia.org/wiki/Scientific_Revolution
3.https://en.wikipedia.org/wiki/Humanism#:~:text=Humanists%20tend%20to%20advocate%20for,with%20education%20and%20the%20state.
4.Yuval Noah Harari (2016). Homo Deus: A History of Tomorrow. Vintage/Penguin Random House. UK

حصو ٻيون: تحقيقي فلسفا

---

پازيٽوزم يا مثبتيت جو فلسفو

فلسفو بنيادي طرح جن ٻن يوناني لفظن (Philen=love Sophia=wisdom) مان جڙيل آھي تن جو مطلب آهي ”ڏاھپ جو پيار“، اُن ڪري سڌي يا اڻ سڌي طرح ڏاھپ جي ھر عمل جو سڌو يا اڻ سڌو واسطو ماضي کان حال توڙي مستقبل تائين ڪنھن نہ ڪنھن فلسفي سان رھيو ھو، آھي ۽ رھندو. انساني تاريخ ۾ وقوفي انقلاب (آوازن کي الف بي جي اکرن ۽ لفظن جو روپ ڏئي پنھنجن خيالن، جذبن، تجربن، ثقافت، سياڻپ ۽ علم جي خزانن کي ٻولي جي صورت ۾ زباني توڙي لکت ۾ محفوظ ڪرڻ جي نتيجي ۾ آيل انقلاب) کان پوءِ جيڪي بہ انقلاب جھڙوڪ زرعي، صنعتي ۽ سليڪان انقلاب آيا آھن انھن جو بڻ بنياد پازيٽوزم جو فلسفو رھيو آھي. ھونئن تہ شين جي حقيقت تائين پھچڻ لاءِ سقراط يا ان کان بہ آڳاٽي فلسفين جي منطقي يا استدلالي طريقن جو ٿورو گهڻو تعلق ھن مڪتبہ فڪر يا فلسفي سان پڻ لاڳاپيل آھي پر ھن جون واضع پاڙون ارسطو جي مشاھداتي (Observatory) ۽ معروضي (Objective) مڪتبہ فڪر ۾ کتل آھن. ھن فلسفي جي ڪک مان اڳتي ھلي دنيا، فطرت ۽ ڪائنات کي سمجهڻ ۽ پرکڻ وارو سائنسي طرز فڪر ۽ طرز عمل ڦٽي نڪتو.
ھڪ پاسي مسلمان سائنسدانن جھڙوڪ جابر بن حيان، موسيٰ الخوارزمي، الڪندي، ابن سينا جھڙن عظيم ڏاھن جو طرز فڪر ۽ طرز عمل مثبتيت سان ٺھڪندڙ ھو تہ ٻئي پاسي وري مغربي سائنسدان جھڙوڪ ڪوپرنيڪس، گيليلو، رين ڊيڪارٽي، وليم گلبرٽ، پاسڪل، رابرٽ بوائل، آئزڪ نيوٽن، بينجمن فرينڪلن، لوائيزر، گريگر مينڊل، چارلس ڊارون، البرٽ آئينسٽائين، ميري ڪيوري ۽ سگمنڊ فرائيڊ وغيرہ ھن فلسفي جا پيروڪار ھئا. جيڪڏھن اسان ھن فلسفي جي پاڙ تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪنداسين تہ مغربي فلسفين جھڙوڪ سقراط، افلاطون، ارسطو، جان لاڪ، فرانسس بيڪن، ڪارل مارڪس، ڪارل روجرس ۽ خاص طور تي اگسٽ ڪومٽ جي جفاڪشين کي نظرانداز نہ ٿو ڪري سگهجي.
اگسٽ ڪومٽ (1798-1857) جنھن دنيا کي ھڪ عظيم انسان-پسنديت جو نظريو/مذھب ڏنو، کي مثبتيت جو باني پڻ سڏيو ويندو آهي؛ ھن 1830ع کان1842ع تائين پنھنجي تحقيقي ڪم کي A General Way of Positivism نالي ڪتابي صورت 1848ع ۽ 1865ع ۾ فرانسيسي ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڇپرايو جنھن ۾ ھن بحث ڪيو تہ فطري سائنسي علمن يعني فزڪس، ڪيمسٽري، بايولوجي وغيرہ جا قائدا قانون سماجي سائنسز تي پڻ معروضي طور لاڳو ڪري سگهجن ٿا ۽ انھن جي پيمائش ۽ تصديق پڻ ڪري سگهجي ٿي.
”اگسٽ ڪومٽ “ مطابق سچائي جي تلاش جي سفر ۾ ھڪ معاشرو ھڪ ٻئي پٺيان ايندڙ ترتيبوار ٽن مرحلن مان گذرندو آھي: مذھبي، مابعد الطبيعي، ۽ مثبت. مذھبي مرحلي ۾ ماڻھو خدا ۽ ان سان واسطو رکندڙ شين ۽ احڪامن کي سچي عقيدي ۽ دل سان مڃيندا آھن ۽ فقط مذھب کي ئي سچائي ۽ روشن خيالي جو سرچشمو سمجهندا آھن؛ ھتي عقلي دليلن جي ڪا بہ اھميت نہ ھوندي آھي. ٻئين مرحلي مابعدالطبيعي ۾ انسانن جا حق عالمگير ھوندا آهن ۽ انھن جو ھر حال ۾ ۽ ھر جاءِ تي احترام ڪيو ويندو آھي؛ ھن سلسلي ۾ جهموريتن ۽ آمريتن جو عروج ۽ زوال انساني حقن جي پاسداري سان سلهاڙيل آھي. آخري مرحلو پازيٽو يا سائنسي سوچ ۽ عمل سان واسطو رکي ٿو؛ ھن مرحلي جو اھم ترين نقطو اهو آهي تہ انسانن جا انفرادي حق ٻئي ڪنھن بہ قانون، فرد يا حڪمران کان برتر آھن؛ مطلب تہ انسان جي انفرادي آزادي ۽ سندس آزاد فيصلا ئي اھم آھن.
پازيٽوزم يا مثبتيت جي فلسفي مطابق سچائي انسان جي موضوعي (Subjective) ذھن جي اندر نہ پر ٻاھرين دنيا ۾ معروضي (Objective) طور موجود ھوندي آھي جنھن کي حواسي مشاھدن ۽ معلومات جي بنياد تي نہ رڳو دريافت ڪيو ويندو آھي پر ان کي ساڳين حالتن ۽ شرطن ھيٺ ڪو بہ پرکي يا تصديق ڪري سگهي ٿو. اڳتي هلي پازيٽوزم جي حواسي معلومات جي محدود تصور کي منطقي استدلال ۽ حسابي مساواتن جي مدد سان ثابت ڪرڻ تائين وسيع بنايو ويو جنھن کي (Logical Positivism) يا منطقي مثبتيت چيو ويو. ھن فلسفي جون اھي ٻئي شاخون سچائي تائين پھچڻ جي ٻين وسيلن جھڙوڪ مذھب، مابعدالطبيعات، وجدان ۽ داخلي تصورات وغيرہ کي رد ڪن ٿيون يا وري انھن کي بي معني سمجهن ٿيون. مثبتيت ۾ مقداري تحقيق (Quantitative Research) ئي سچائي تائين پھچڻ جو واحد گس ۽ ذريعو آھي.
پازيٽوزم يا مثبتيت داخلي ۽ خارجي منطق ۽ استدلال (Inductive and Deductive reasoning) تي ھڪ جيترو انحصار ڪندڙ آھي. ھن جا عام اصول ھي آھن:
• حقيقي معلومات فقط حواسي يا مشاھدي ۾ ايندڙ لقائن يا شين تي مشتمل ٿي سگهي ٿي.
• ھن فلسفي ۽ نظرئي جو مقصد لقائن ۽ شين بابت اھڙا مفروضا ٺاھڻ آھي جن جي مقداري پيمائش، چڪاس ۽ وضاحت ڪري سگهجي.
• ھن ۾ حقيقتن کي ڳولي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي تہ جيئن لاڳاپيل سائنسي قائدي تائين پھچي سگهجي.
• کوجنا يا دريافت مڪمل معروضي ھجڻ گهرجي ۽ ان ۾ محقق جا ذاتي لاڙا، جذبا ۽ خيال ڪنھن بہ صورت ۾ شامل نہ ھجڻ گهرجن.
• سائنسي حقيقن ۽ ماڻھن جي سماجي عام راين/اعتقادن ۾ زمين آسمان جو فرق ھوندو آھي ڇاڪاڻ تہ عام راين ۽ عقيدن جي پيمائش ۽ چڪاس معروضي طور ممڪن نہ آهي (Bryman, Alan, p.13).

ويھين صدي جي وچ کان پوءِ ھن فلسفي تي اعتراض وارڻ شروع ڪيا ويا ۽ 1960ع جي ڏھاڪي دوران مثبتيت جي مقابلي ۾ رد-مثبتيت (Antipositivism) فلسفو اچي ويو (ھن موضوع تي ٻئي مقالي ۾ تفصيل سان لکبو).

مٿئين بحث جو تت اھو ٿو بيھي تہ پازيٽوزم يا مثبتيت جي فلسفي وسيلي سائنسي علمن وانگر سماجي علمن جي سماجي لقائن ۽ شين کي سمجهڻ ۽ تبديل ڪرڻ لاءِ حواسي مشاھدن، داخلي توڙي خارجي منطقن، شمارياتي پيمائشن ۽ تجزين وسيلي لاڳاپيل معروضي حقيقتن تائين رسائي حاصل ڪري سگهجي ٿي. اسان جي دنيا ۾ ٻيڙي کان آبدوز تائين؛ ڦيٿي کان بليٽ ٽرين تائين؛ قلم کان ٿري-ڊي پرنٽر تائين؛ ڪلڪيوٽر کان ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تائين؛ ھوائي جهاز کان مريخ کي تسخير ڪندڙ خلائي شٽل تائين؛ پينسيلين کان حياتي بچائيندڙ دوائن ۽ بيمارين کان بچاءُ جي حفاظتي ٽڪن تائين سڀ ايجادون، دريافتون ۽ اخترائون سائنس ۽ پازيٽوزم جا ثمرات آھن.


مددي ڪتاب:

1.Bryman, Alan (2008). Social science methods (3rd Ed). Oxford University Press, UK.
2.Harari, Yuval Noah (2016). Homo Deus: A History of Tomorrow. Vintage/Penguin Random House. UK
3.Marczyk, Geoffrey R., DeMatteo, David & Festinger, David (1964). Essentials of research design. John Wiley & Sons, Inc., Hobkon, New Jersey..
4.https://en.wikipedia.org/wiki/Positivism#:~:text=Positivism%20is%20an%20empiricist%20philosophical,and%20logic%20from%20sensory%20experience.

تشريحيت جو فلسفو

تحقيق جي حوالي سان تشريحيت (Interpretivism) جو فلسفو باقي ٻين جي ڀيٽ ۾ نئون آھي. جيئن تہ ھي فلسفو مثبتيت/اثباتيت (Positivism) جي ردعمل طور ۽ ان کان پوءِ وجود ۾ آيو ان ڪري ھن کي رد اثباتيت (Anti-positivism) ۽ ما بعد اثباتيت (Post-positivism) پڻ چئبو آهي. ويھين صدي جي وچ ڌاري اثباتيت فلسفي تي اعتراض وارڻ شروع ڪيا ويا ۽ نيٺ 1960ع جي ڏھاڪي دوران تحقيق جي شعبي ۾ اثباتيت جي مقابلي ۾ تشريحيت (Interpretivism) ھڪ الڳ ۽ مختلف فلسفي جي حيثيت ۾ منظر عام تي اچي ويو. ھن فلسفي ۽ نظرئي مطابق مختلف طبقن، ثقافتن، مذھبن ۽ نظرين سان واسطو رکندڙ ماڻھو ھڪ مادي شيءِ ۽ سماجي لقاءُ جي منفرد، مختلف ۽ ڪجهہ حالتن ۾ بلڪل ابتڙ تشريح ڪندا آهن. جيئن تہ انسانن جي عقيدن، نظرين، روين ۽ عملن جي معروضي پيمائش ممڪن نہ آهي ان ڪري ھي فلسفو مقداري تحقيق (Quantitative Research) بدران معياري تحقيق (Qualitative Research) جي طريقن جھڙوڪ ذاتي مشاھدو، دوستانہ يا گهري ڳالھہ ٻولهه، ۽ ريتن رسمن ۾ ڀرپور شموليت وغيرہ کي ترجيح ڏئي ٿو. تشريحيت سماجي سائنسز جي تحقيق ۾ ٽن مڪتبہ فڪرن سان واسطو رکي ٿو: فنومينالاجي (ماڻھن جا ذاتي تجربا ۽ محسوسات)، ايٿنوگرافي (سرزمين تي ڪافي عرصي تائين ماڻھن سان گڏ رھڻ، انھن سان گفتگو ڪرڻ ۽ انھن جو مشاھدو ڪرڻ تہ ماڻھو مخصوص سماجي عمل ڇو ڪن ٿا) ۽ سمبولڪ انٽرايڪشنزم (ماڻھن جا ٻوليءَ ذريعي سماجي رابطا شين ۽ لقائن کي معني ڏين ٿا ۽ ھڪ مخصوص معاشري جي تشڪيل ڪن ٿا).
ھونئن تہ تشريحيت جون پاڙون ايمينيئل ڪانٽ جي انسان جي خودمختياري جي فلسفي تائين وڃن ٿيون جنھن مطابق انساني اخلاقيات ۽ ان جا بنيادي تصور يعني خدا، آزادي ۽ ابديت پڻ عقلي استدلال جا ثمرات آھن؛ پر ھن فلسفي جو واضع آغاز ويھين صدي جي اوائلي دور ۾ ئي ”شڪاگو اسڪول“ جي ميمبرن (Albion Small, George Herbert Mead, and E. Franklin Frazier) طرفان ٿي چڪو ھو جن جو خيال ھو تہ ماڻھن ۽ سماجي معاملن ۾ سائنسي طرز کان بلڪل مختلف قسم جي تحقيق جي ضرورت پوي ٿي جنھن ۾ متعلقه ماڻھن جي راين ۽ نظرين بابت ڄاڻڻ بلڪل ضروري آھي؛ جڏھن تہ ادارن جي انتظام يعني ”بيوروڪريسي“ جي باني ۽ مختلف شعبن جھڙوڪ سماجيات، اخلاقيات ۽ نفسيات تي سٺي دسترس رکندڙ جرمني جي ڏاھي ميڪس ويبر (Max Weber 1864-1920) کي ھن فلسفي جو پڻ باني قرار ڏنو ويندو آهي. سندس خيال ھو تہ ”دل جي ڪنن سان ٻئي جي ڳالھہ يا نقطہ نظر ٻڌڻ“ سان ماڻھن جي روين ۽ عملن جي تہ تائين پھچي سگهجي ٿو (Encyclopedia Britannica).
اثباتيت جي ابتڙ تشريحيت وسيلي ٻئي ماڻھو يا ٻين ماڻھن کي دل جي ڪنن سان ٻڌڻ ۽ ھمدردانہ گفتگو وسيلي سندن عقيدن، نظرين ۽ لاڳاپيل روين ۽ عملن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي تہ جيئن متعلقه فرد يا ٽولي جي موضوعي سچائي (Subjective Reality) تائين رسائي حاصل ڪري سگهجي. ھن مطابق انساني سماج ۾ سماجي سچائي ھڪڙي ڪانھي پر ھڪ ئي وقت ھڪ شيءِ يا لقاءُ بابت ڪيتريون ئي موضوعي سچائيون مروج آهن جيڪي ان سماج جي تشڪيل ڪن ٿيون. ٻين لفظن۾ مادي شين ۽ سماجي لقائن جي اھميت ۽ انھن جي صحيح ۽ غلط ھجڻ جا تصور ھر مذھب، ثقافت ۽ لساني ٽولن توڙي فردن ۾ آفاقي يا ھڪجهڙا نہ پر مختلف ھوندا آھن ۽ ڪجهہ حالتن ۾ تہ ھڪ ٻئي جي برعڪس ھوندا آھن. مثال طور ھڪ مرد ۽ عورت جو شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ کان اڳ گڏ رھڻ ۽ازدواجي لاڳاپا رکڻ ھڪ ثقافت ۾ قابلِ قبول آھي تہ ٻي ثقافت ۾ وري ان جي سزا ڦاسي جو ڦندو يا سنگڪساري آھي.
تشريحيت جو مرڪزي نقطو ھي بہ آھي تہ سچائي ٻاھرين دنيا يا ڪائنات ۾ ٺھيل ٺڪيل موجود نہ آهي جيڪا دريافت ڪئي وڃي پر سچائي تہ اصل ۾ اھا معني آھي جيڪا اسان ڪنھن شيءِ يا لقاءُ کي ڏيون ٿا. ان جو مطلب اھو آھي تہ دنيا ۾ مڪمل طور معروضي يا مطلق سچائي نالي ڪا شيءِ ڪانھي پر ھڪ ئي وقت ھڪ کان وڌيڪ سچائيون اسان جي ذھنن اندر جڙن ٿيون ۽ اھي موضوعي ۽ ذھني پيداوار آھن. اچو تہ تشريحيت جي تحقيقي فلسفي جي عام نقطن تي ھڪ نظر وجهون:

• سچائي معروضي ۽ ھڪ نہ آهي پر انساني سماج ۾ ھڪ شيءِ يا لقاءُ بابت ھڪ ئي وقت ھڪ کان وڌيڪ، مختلف ۽ ڪجهہ حالتن ۾ ابتڙ سچائيون موجود آهن.
• سچائيون خارجي دنيا ۾ دريافت ٿيڻ لاءِ ھڪيون تڪيون موجود نہ آھن پر اھي انسانن جي ذھنن اندر موضوعي طور جڙيون آھن يعني اسان پنھنجن منفرد دنيائن جا پاڻ خالق آھيون.
• اسان معاشري يا سماج جي پيداوار نہ آھيون پر مختلف معاشرا اسان جي پيداوار آهن.
• ھن فلسفي تحت ھڪ محقق ڪنھن شيءِ يا لقاءُ کي سندس فطري ماحول، تاريخ ۽ وقت کان الڳ ڪري مطالعو ڪرڻ جو حامي نہ ھوندو آهي پر شين ۽ لقائن کي سندن فطري ماحول، تاريخ ۽ وقت اندر انھن جي ڏسندڙن يا حصو بڻيل ماڻھن جي اک ۽ زبان سان ڏسڻ، سمجهڻ ۽ انھن جي اھميت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندو آھي.
• ھتي محقق صحيح يا غلط بدران اھو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ ماڻھو ايئن ڇو ڪن ٿا؟
• ھن ۾ محقق تحقيقي مواد گڏ ڪرڻ ۽ ان جي تجزئي لاءِ مقداري (quantitative) طريقن بجاءِ معياري/بياني (qualitative) طريقا استعمال ڪندو آھي جھڙوڪ لاڳاپيل ماڻھوءَ جون ذاتي ڊائري يا لکتون، دوستانہ ڊگهي گفتگو ۽ سرزمين تي پاڻ وڃي ڪافي عرصي تائين رھڻ ۽ مشاھدو ڪرڻ وغيرہ.
• ھن قسم جي تحقيق جو مقصد ڪو نظريو دريافت ڪرڻ نہ پر ھٿ ۾ کنيل عنوان متعلق ھڪ نئون نظريو جوڙڻ يا تخليق ڪرڻ آھي.
• ھن قسم جي تحقيق جو نتيجو مختصر نہ پر ھڪ ڊگهي رپورٽ يا ڪتاب جي صورت ۾ ھوندو آھي.

ڳالھہ جو ڳر يووال نوح ھراري جي لفظن ۾ اھو ٿو وڃي بيھي تہ ”ماڻھو ڪھاڻيون ٻڌائيندڙ جانور آھي... اھو معروضي حقيقتن کان ڪھاڻين کي وڌيڪ پسند ڪري ٿو“ ان ڪري سماجي اجتماعي زندگي ۾ اھو شين ۽ لقائن کي پنھنجي طرفان معني ڏيندو آهي، انھن جا قدر طئي ڪندو آھي ۽ اھڙي تشريح پڻ ڪندو آھي. تشريحيت جو تحقيقي فلسفو سرزمين تي ماڻھن سان ڊگهي عرصي تائين گڏ رھڻ، انھن جو توڙي شين ۽ لقائن جو فطري ماحول ۾ مشاھدو ڪرڻ، دل جي ڪنن سان ماڻھن جون ڳالھيون ۽ نظريا ٻڌڻ، دوستانه/ھمدردانہ ڊگهي غير رسمي گفتگو ڪرڻ ۽ متعلقه ذاتي لکتن جو گهرائي سان جائزو وٺڻ جي طريقن سان مخصوص طبقي جي ماڻھن جي ريتن رسمن، قدرن، ثقافت، سماجي روين ۽ عملن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو.


مددي ڪتاب:

1. Bryman, Alan (2008). Social science methods (3rd Ed). Oxford University Press, UK.
2. Harari, Yuval Noah (2016). Homo Deus: A History of Tomorrow. Vintage/Penguin Random House. UK
3. https://www.britannica.com/summary/Max-Weber-German-sociologist
4. https://study.com/learn/lesson/interpretivism-sociology-concept-origin.html
5. https://www.intgrty.co.za/2016/08/15/research-paradigms-interpretivism/

پوسٽ ماڊرنزم فلسفو

پوسٽ ماڊرنزم هڪ ثقافتي تحريڪ جي طور تي 20 صدي جي آخر ۾ ان وقت جي جديد سماجي، سياسي ۽ ثقافتي تبديلين خلاف هڪ پيچيدہ ۽ گهڻ رخي ردعمل واري تحريڪ طور اڀري جيڪا اڳتي ھلي ھڪ نظريو بڻجي وئي؛ جڏھن تہ ھاڻي ھي نظريو ھڪ فلسفي طور پڻ پنھنجي جاءِ والاري رھيو آھي. ھي ثقافتي نظريو ھڪ ئي عالمي توڙي آفاقي سچائيءَ جو انڪاري آھي ۽ ان سان گڏ نام نھاد اعليٰ ۽ ادنيٰ ثقافتن توڙي طبقن جي تصورن جو پڻ انڪاري آھي. ھن تنقيدي نظرئي/فلسفي جو اھم نقطو ذاتي ۽ ثقافتي موضوعيت (Subjectivity) آھي. ٻين لفظن ۾ ھن دنيا ۾ ھڪ ئي وقت ھڪ کان وڌيڪ سچائيون آھن ۽ ھڪ سماجي سچائي جا وري ھڪ کان وڌيڪ رخ، رنگ ۽ معنائون آھن. ان ڪري آرٽ يا فن ۽ ادب کي ھڪ ئي رخ، رنگ، معني ۽ بيھڪ ۾ قيد نہ ٿو ڪري سگهجي. مطلب تہ ذاتي راءِ جي اظھار جي آزادي ۽ گهڻ رخيت ھن جا اھم عنصر آھن.
جيئن تہ پوسٽ ماڊرنزم کي هڪ پيچيدہ ۽ گهڻ رخي ثقافتي ۽ دانشورانہ تحريڪ سمجهڻ وڌيڪ صحيح آهي، ان ڪري ان کي ڪنھن ھڪ بانيءَ تائين محدود ڪرڻ اجائي ڳالھہ آھي. ھن سوچ، تحريڪ، نظرئي ۽ فلسفي جي ترقيءَ سان لاڳاپيل ڪجهہ اهم شخصيتن ۾ فريڊرڪ نيٽشي (1844-1900)، مارٽن هيڊيگر (1889-1976)، لڊوِگ وِٽگنسٽائين (1889-1951)، جيڪس ڊيريڊا (1930-2004)، جين فرانڪوئس ليوٽارڊ (1924-1998)، مائيڪل فوڪالٽ (1926-1984)، گليس ڊيليوز (1925-1995) ۽ جين باڊري لارڊ (1929-2007) شامل آهن.
پوسٽ ماڊرنزم صرف هڪ فلسفيانہ تحريڪ ناهي ۽ نہ ئي فقط پنھنجي شعبي تائين محدود آهي، ان ڪري ان جو اثر ٻين شعبن جھڙوڪ فن، فن تعمير، ادب، فلم ۽ ثقافتي اڀياس ۾ ڏسي سگهجي ٿو. هتي پوسٽ ماڊرنزم کي چڱي ريت سمجهڻ لاءِ ان جون ڪجهہ اهم خاصيتون نظر مان ڪڍڻ ضروري آھن.

• شين ۽ نظرين جي باري ۾ شڪ: پوسٽ ماڊرنزم عظيم ۽ وسيع نظريات يا metanarratives کي رد ڪري ٿو جيڪي هر شيء جي وضاحت ڪرڻ جي دعوي ڪن ٿا. ان جي بدران، اهو انساني تجربن ۽ محسوسات جي تنوع ۽ مختلف نقطہ نظرن يا انھن جي ڪثرت تي زور ڏئي ٿو.
• مطلق سچائي جو رد: پوسٽ ماڊرنزم ان تصور کي چيلينج ڪري ٿو تہ دنيا ۾ هڪ ئي واحد ۽ معروضي سچائي آهي جنھن تائين فقط منطق، استدلال يا تجرباتي مشاهدي (سائنسي طرز عمل) ذريعي پھچي سگهجي ٿو. ان جي رد م ھي نظريو اهو دليل ڏئي ٿو تہ سماجي سچائي کي مختلف حالتن، واقعن ۽ تناظرن ۾ ٻولي ۽ گفتگو ذريعي تعمير ڪيو ويندو آهي ۽ تنھن ڪري سچائي ھميشہ موضوعي ھوندي آھي ۽ ڳالهائيندڙ جي تناظر ۽ نقطہ نظر تي منحصر ھوندي آھي.
• ثقافتي تناظر تي زور: پوسٽ ماڊرنزم نظريو اھو تسليم ڪري ٿو تہ مختلف ثقافتن جا پنھنجا الڳ قدر، عقيدا، روايتون، رويا ۽ عمل آهن جن کي اخلاقيات جي عالمي معيار سان قطئي طور پرکي نٿو سگهجي. اهو نقطہ نظر مختلف ثقافتن سان رواداري ۽ احترام جي بنيادي رويي ۽ عمل جي حمايت ڪري ٿو.
• جزئيات بيني ۽ طنز: پوسٽ ماڊرنزم نظريو جزيات ۽ انھن ۾ ٽڪراءَ، غير تسلسل ۽ گهڻائي يا گهڻ رخائي کي تسليم ڪندي وڏي پيماني تي ھڪ مربوط ۽ متسلسل موضوعي سچائي جو پڻ انڪار ڪري ٿو؛ ۽ ان نظريي ھيٺ غالب سياسي ۽ ثقافتي نقطہ نظر جي باريڪين، تضادن ۽ حدن کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ اڪثر ڪري ذاتي سوچ ويچار، طنز، مزاح، ٽوڪ ۽ طعني جو استعمال ڪيو ويندو آهي.
• ثقافت کي هٿي وٺرائڻ: پوسٽ ماڊرنزم روزمره جي مشھور لاڙن، ثقافتن ۽ جشنن ملهائڻ جي تائيد ڪري ٿو پر ڪنھن بہ غالب سياسي طبقي يا اشرافيہ جي مخصوص ثقافتي لاڙن ۽ قدرن کي رد ڪري ٿو. ان مقصد لاءِ دنيا جھان جي مختلف ثقافتن ۽ قدرن کي جديد ذرائع ابلاغ وسيلي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پھچائڻ ۽ مختلف ثقافتن سان سلهاڙيل ھنرمندن جي ھنرن ۽ تخليقڪارن جي فن پارن ۽ ڪتابن جي ترويج ۽ مشھوري سان گهڻ رخي ۽ گهڻ رنگي دنيا جي تشڪيل ھن نظرئي جو ھڪ اھم اھڃاڻ ۽ مقصد آهي.
• گهڻ شعبي لاڳاپو: پوسٽ ماڊرنزم مختلف شعبن ۽ موضوعن جي وچ ۾ ھٿراڌو حدبندي جي ڇڪيل ليڪن کي نہ ٿو مڃي. ان ڪري آرٽ يا فنون لطيفه، ادب، فلسفي ۽ ثقافت جي مختلف اڀياسن ۽ تجربن بابت تحقيق ۾ تعاون جي حوصلا افزائي ڪري ٿو. ھي نظريو مختلف ثقافتي رجحانن کي سمجهڻ ۾ انھن جي اندروني حوالن ۽ واقعن جي اهميت تي زور ڏئي ٿو.

ھتي پڙھندڙ اھو نہ سمجهن تہ ھي فلسفو سائنس جي دريافتن، ايجادن ۽ اخترائن جي سراسر نفي ٿو ڪري پر ھن جا حامي اھو ضرور چون ٿا تہ سائنس، خاص طور سماجي سائنسي لقائن، ۾ مڪمل معروضييت (Objectivity) ناممڪن آھي. ٻيو تہ ڪائنات کي سمجهڻ جي حوالي سان فقط سائنسي نظريو ئي قابلِ قبول نہ آهي پر ٻيا طريقا جھڙوڪ ذاتي ڪشف ۽ روحانيت وغيرہ پڻ اھميت رکن ٿا. انکان سواءِ انھن جو اھو بہ مؤقف آھي تہ سائنس انسان کي فقط ترقي جا رستا نہ ڏيکاريا آهن پر ان جو غلط استعمال دنيا کي تباھي ڏانھن پڻ وٺي وڃي رھيو آھي. انڪري دنيا توڙي ڪائنات جي تصور ۽ تصوير کي بھتر طور سمجهڻ لاءِ ھڪ کان وڌيڪ طريقا ۽ رخ موجود آهن. ھن تنقيدي نظرئي جا حامي چون ٿا تہ غالب سياسي ۽ ثقافتي طبقا ٻوليءَ ۽ ذرائع ابلاغ کي پنھنجو ھٿيار بڻائي پنھنجا بيانيہ ڦھلائي رھيا آھن.
مجموعي طور تي، پوسٽ ماڊرنزم سماجي شين ۽ لقائن جي مستحڪم معنائن ۽ قدرن جي روايتي تصور کي للڪاري ٿو، ۽ ثقافتي شڪلين، لقائن ۽ گفتگوئن تي گهڻ رخي ذاتي ۽ تنقيدي نظر وجهڻ جي حوصلا افزائي ڪري ٿو.


مددي ڪتاب:

1. https://media-studies.com/postmodernism/
2. https://simplicable.com/society/postmodernism
3. https://www.britannica.com/topic/postmodernism-philosophy
4. https://www.allaboutphilosophy.org/characteristics-of-postmodernism-faq.htm

(فيس بوڪ تي مٿئين فلسفي جي پوسٽ تي حجت سنڌي جي راءِ جي بنياد تي منھنجو حمايتي رايو)
سائين حجت سنڌي توهان بلڪل صحيح ٿا چئو. منھنجو ذاتي تصور پڻ اھو آھي تہ معروضيت يا سائنسي طرزِ فڪر ۽ طرزِ عمل اسان کي ارتقاء ۽ ماديت جي باھمي تضادن ۽ انھن جي سماجي اطلاق يعني مارڪسزم جي نظرياتي ۽ عملي طور صحيح ھجڻ جو ڏس ڏين ٿا. پر جيئن تہ انسان رڳو حقيقت-پسند نہ آھي ۽ ان جي سماجي زندگي عقليت تي انحصار نہ ٿي ڪري پر ھو ڪھاڻين ۽ افسانن کي گهڻو پسند ڪندو آھي (توڙي جو اھا روش صحيح نہ آھي)، انڪري مختلف ثقافتن ۽ علائقن ۾ انسانن ۾ نظرياتي توڙي عملي سطحن تي ڪيترا ئي انڌا ۽ گمراھ ڪندڙ عقيدا، تصور، روايتون ۽ اخلاق مروج رھيا ھئا، آھن ۽ رھندا. جيئن تہ ڪو بہ فلسفو يا نظريو ھر ڪنھن ماڻھو لاءِ يا ماڻھن جي ھر طبقي لاءِ سئو سيڪڙو صحيح توڙي سئو سيڪڙو غلط نہ ھوندو آھي؛ ان ۾ ماضيءَ جون خوبيون ۽ مستقبل جون خاميون ھر وقت پوشيده ۽ ڪارفرما ھونديون آھن جيڪي ان کي معروضي حالتن ھيٺ مخصوص عرصي تائين يا تہ برقرار رکنديون آھن يا وري ٽوڙي ڦوڙي ھڪ نئين فلسفي ۽ نظرئي جي راھ ھموار ڪنديون آھن. ھن سلسلي ۾ پوسٽ ماڊرنزم فلسفو ھيٺ گهٽ ۾ گهٽ مروج انساني سماج ۾ (جتي اسان جي نظرياتي ۽ عملي زندگي کي متاثر ڪندڙ سچائي ھڪ نہ پر ھراري مطابق ٽي آھن: معروضي، موضوعي ۽ بين الافرادي... توڙي جو آخري ٻن سچائين کي صحيح ڪوٺي نہ ٿو سگهجي پر اھي انساني سماج جي عمارت جي جوڙجڪ جو حصو ضرور آھن ۽ گهڻين ڳالھين ۾ انھن جو انسان منجه باھمي تعاون پيدا ڪرڻ ۾ وڏو ۽ اھم ڪردار آھي) ماڻھن جي ناقص موضوعي، ثقافتي توڙي نظرياتي تضادن کي تسليم ڪندي انھن جي اپٽار ڪرڻ جو درس ڏيندو آھي. باقي اھو فلسفو توھان جي ڳالھ وانگر ناقص موضوعي ۽ ثقافتي نظرين کي ھڪ سچائي طور پيش ڪري معروضي حقيقتن ۽ سچائين کان طوطا چشمي کي فروغ ڏئي ٿو.

حصو ٽيون: ادبي تنقيدي فلسفا

---

تنقيدي نظريا ۽ ادبي تنقيد

تنقيدي نظريو ڇا آهي؟ تنقيدي نظريو اسان ۾ پنھنجي اندروني توڙي بيروني دنيا کي هڪ نئين نظر سان ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي سگهه ۽ صلاحيت پيدا ڪري ٿو؛ اهو اسان کي سوچ جي اهڙين طاقتن ۽ طريقن سان روشناس ڪرائي ٿو جيڪي اسان جي زندگي جي سڀني شعبن تي اثرانداز ٿين ٿا: مثال طور اسان والدين توڙي استاد جي حيثيت سان ٻارن جي تربيت ڪيئن ڪندا آهيون؟ اسان ٽيليويزن تي رات جون خبرون يا مزاحيہ پروگرام ڪھڙيءَ ريت ڏسندا آهيون؟ اسان پاڻ ووٽرن توڙي گراهڪن طور ڪيئن هلندا آهيون؟ اسان سماجي، مذهبي ۽ سياسي اختلافن جي صورت ۾ ڪھڙيءَ ريت ۽ ڪهڙو ردِعمل ڏيکاريندا آهيون؟ ۽ اسان پنھنجن محرڪن، خوفن ۽ خواهشن کي ڪيئن سمجهندا آهيون ۽ انھن کي ڪھڙيءَ ريت منھن ڏيندا آهيون؟ جيڪڏهن اسان اهو سمجهون تہ انساني پيداواري شيون جھڙوڪ نہ رڳو ادب پر فلم، موسيقي، فن، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تعميرات وغيرہ انساني احساسن ۽ تجربن مان ڦٽي نڪتا آهن انڪري اهي انساني خواهشن، تضادن ۽ صلاحيتن جي عڪاسي ڪندڙ پڻ آهن تہ پوءِ ان صورت ۾ اسان مٿين انساني پيداوارن جي باري ۾ بھتر ڄاڻ ۽ سمجهہ رکي سگهون ٿا. تنقيدي نظريا توهان ۾ شين کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جون اهي طاقتون ۽ صلاحيتون پيدا ڪندا ۽ توهان کي انھن اوزارن سان ليس ڪندا جيڪي توهان کي نہ رڳو داخلي توڙي خارجي دنيا کي نين نظرن يا نين بلورن سان ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي سگهه عطا ڪندا پر توهان کي منطقي سوچ ۽ بصيرت جي نئين جھان سان پڻ آشنا ڪرائيندا.
ھر ھڪ تنقيدي نظريو ڄڻ تہ اکين تي پائڻ وارو هڪ چشمو ھوندو آھي جيڪو ھن دنيا متعلق ڪجهہ تصورن ۽ عنصرن کي فوڪس ڪري چٽو ڏيکاريندڙ ھوندو آھي جڏھن تہ ساڳئي وقت اھو چشمو ٻين گهڻن تصورن ۽ عنصرن کي ڌنڌلو بڻائي پسمنظر ۾ ڌڪي ڇڏيندو آھي. ڇا ھن آخري خيال ۾ توھان ڪجه وقت لاءِ اٽڪي بيٺا؟ گهٽ ۾ گهٽ مون کي تہ اھڙي پڪ ھئي. آخر ڪنھن ڳالھ يا تصور تي توجهہ مرڪوز ڪرڻ لاءِ ڪجهہ شين کي پسمنظر ۾ ڇو ٿو ڌڪڻو پوي؟ ڇا اھا ڳالھہ ان ڏانھن اشارو نہ ٿي ڪري تہ ڪو بہ نظريو پنھنجو پاڻ ۾ ڪامل نہ ھوندو اھي ۽ ھر ھڪ نظريو دنيا جي جامع حقيقت يا ھڪ وڏي تصوير جو فقط ھڪ حصو يا ھڪ رخ ڏيکاريندڙ ھوندو آھي. مثال طور سائنس ۽ مذھب اڪثر ڪري ھڪ ٻئي جا مخالف يا ابتڙ سمجهيا ويندا آھن؛ اھو ان ڪري نہ آھي جو اھي حقيقت ۾ ھڪ ٻئي جا ابتڙ آھن پر اھو ان ڪري آھي جو اھي اسان جي توجهہ اسان جي تجربن ۽ محسوسات جي مختلف پھلوئن ڏانھن ڇڪائيندا آھن. اسان جي سوچ ۽ سمجهہ، اسان جي تصورن ۽ راين، اسان جي انفرادي توڙي اجتماعي روين ۽ عملن جي پٺيان ڪي نہ ڪي تنقيدي نظريا ضرور ڪارفرما ھوندا آھن چاھي اھي شعوري سطح تي ھجن يا لاشعوري سطح تي ھجن! ٻين لفظن ۾ اسان جي ھر وضاحت ڪنھن نہ ڪنھن نظرئي سان سلهاڙيل ھوندي اھي ۽ ڪا بہ وضاحت اھڙي نہ ھوندي آھي جيڪا ڪنھن نظرئي سان جڙيل نہ ھجي.
زندگي جي ڪار ونھوار سان گڏ ادبي تنقيدي نظريا اسان کي ڪنھن ادبي لکت کي پرکڻ جا نظريا يا چشما آھن جن وسيلي ان لکت جي تعمير ۽ جوڙجڪ ۽ ان جي خوبصورتي ۽ مطلب جي وضاحت ڪئي ويندي آهي. جڏھن اسان ڪنھن ادبي لکت جي وضاحت ۽ تشريح ڪري رھيا ھوندا آھيون تہ اسان اصل ۾ ادبي تنقيد ئي ڪري رھيا ھوندا آھيون. پر جڏھن اسان پنھنجي ڪيل وضاحت ۽ تنقيد جا ھڪ مخصوص نظرئي ھيٺ پيمانا ۽ معيار جانچيندا آھيون تہ ان وقت اسان اھو تنقيدي نظريو گهڙي رھيا ھوندا آھيون. سادن لفظن ۾ اھو کڻي چئجي تہ ادبي تنقيد اصل ۾ ڪنھن ادبي فن پاري تي تنقيدي نظرئي جو اطلاق آھي، جنھن ۾ اھو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي تہ متعلقه اديب ان نظرئي سان ڪيتري قدر آشنا آھي ۽ ان جي سلهاڙيل تصورن کي پنھنجي فن پاري ۾ ڪيتري حد تائين جڳھه ڏئي سگهيو آھي. ادبي تنقيد ٻن قسمن جي ٿي سگهي ٿي يعني ’تنقيدي نظرئي جي داڻي سان گڏ‘ ۽ ’تنقيدي نظرئي جي داڻي کان سواءِ‘. ھڪ ادبي فن پاري جي ’تنقيدي نظرئي جي داڻي سان گڏ‘ واري تشريح جو مطلب اھو آھي تہ اسان ان جي اھڙي قسم جي تشريح ڪريون جھڙي اھو فن پارو يا ان جو مصنف ڪرائڻ چاھيندو ھجي. جڏھن تہ ’تنقيدي نظرئي جي داڻي کان سواءِ‘ واري تنقيد ۾ اسان مخصوص ادبي نظرئي کي نظر ۾ رکندي ڪنھن ادبي فن پاري جي اھڙن عنصرن ۽ پاسن جي تشريح ڪندا آھيون جن جي باري ۾ اھو فن پارو يا اھو اديب خاموش ھوندو آھي. ادبي تنقيد جو مقصد ادبي فن پارن وسيلي ھڪ بھتر سماج جوڙڻ آھي.
ھن وقت تائين ڪيترائي ادبي تنقيدي نظريا سماجي توڙي ادبي ميدان ۾ اچي چڪا آھن. انھن مان مشھور ترين ھي آھن: فرائيڊ جو نفسياتي يا تحليل نفسي وارو تنقيدي نظريو (ھن تحت ھڪ فرد جي داخلي دٻيل ۽ غير تسڪين شدہ جنسي خواهشن جو خوابن وسيلي اڻ چٽي يعني لاشعوري اظھار جي تشريح ڪئي ويندي آھي، ان کان سواءِ ھڪ فرد مٿان سندس ڪنھن غالب گهر ڀاتيءَ يا ٻئي ماڻھو جھڙوڪ والد/والدہ، استاد/آفيسر طرفان استحصال جو ان فرد جي سوچ، روين ۽ ڪردار تي پوندڙ اثرن ۽ انھن جي مختلف نفسياتي اظھارن جي اپٽار ڪئي ويندي آھي)؛ ڪارل مارڪس جو مارڪسزم وارو تنقيدي نظريو (ھن تحت معاشي ترقي کي بنياد بڻائي ھڪ خاندان، قبيلي يا قوم کي توڙي ھڪ اداري کي ظالم ۽ مظلوم طبقن طور ٽوڙي ۽ سندن اميري ۽ غريبي کي انھن طبقن جي الڳ الڳ ڄارن سان جوڙيو ويندو آھي)؛ فيمينزم وارو تنقيدي نظريو (ھي نظريو اصل ۾ انسانن ۾ جنس جي بنياد تي مارڪسزم جو اطلاق آھي، ھن ۾ پدراڻي نظام ھيٺ مردن جي عورتن مٿان حڪمراني ۽ فوقيت مڙھڻ وارن شعوري توڙي غير شعوري حربن، ھٿڪنڊن ۽ ڄارن جي اپٽار ڪئي ويندي آھي)؛ آفريڪن آمريڪن تنقيدي نظريو (ھي پڻ مارڪسزم جو انسانن تي رنگ ۽ نسل جي بنياد تي اطلاق آھي، ھن ۾ اڇي چمڙيءَ وارن يا آمريڪي ماڻھن جي ڪاري چمڙيءَ وارن مٿان ھٿ ٺوڪي حڪمراني ۽ فوقيت مڙھڻ وارن شعوري توڙي غير شعوري حربن، ھٿڪنڊن ۽ ڄارن جي اپٽار ڪئي ويندي آھي)؛ ليسبين گي ٽرانسجينڊر باء سيڪسيوئل ڪئير وارو تنقيدي نظريو (ھن ۾ روايتي مرد ۽ عورت جي جنسي رجحانن کان ھٽيل جنسي لاڙن رکندڙ مردن، عورتن، ٽئين جنس رکندڙن ۽ ٻٽي جنس يا اڻمڪمل جنس رکندڙن يعني ٽرانسجينڊرن سان سماجي اڻبرابري وارن روين جي اپٽار ڪئي ويندي آھي.
ڳالھہ جو ڳر اھو آھي تہ زندگي چاھي داخلي ھجي يا خارجي ھجي، انفرادي ھجي يا اجتماعي ھجي، تنقيدي نظريا ۽ ادبي تنقيد اسان کي نہ رڳو پنھنجن ادبي فن پارن جي تشريح ۽ توضيح ڪرڻ ۾ مددگار آھن پر اھي اسان کي پنھنجي زندگي ۽ دنيا کي نہ رڳو مختلف زاوين کان ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي سگهه عطا ڪندا آھن پر انھن کي بھتر ۽ خوبصورت بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا آهن.

(ھي مضمون گهڻو تڻو ھيٺئين ڪتاب جي صفحي ۲-۷ تائين ڪجهہ ٽڪرن جو ترجمو آھي:
1. Lois Tyson, 2006. Critical Theory Today: A User friendly guide. 2nd Ed. Routledge, New York-London

فرائيڊ جو تحليل نفسي نظريو: مختصر تعارف

جھڙي طرح اسان چاھيندي بہ ڪنھن ٻئي ماڻھو کي ايستائين جو پنھنجي پياري دوست کي بہ مڪمل طرح سمجهي نہ ٿا سگهون، اھڙي طرح اڪثر حالتن ۾ اسان جي ظاهري سوچ، رويي، ڪردار ۽ شخصيت جا اصلي، اندروني ۽ نفسياتي محرڪ اسان جي مشاھدي ۽ سمجهہ کان ڳجها ئي رھندا آھن. سقراط پڻ مادي شين کي حقيقي نہ پر انھن جا عڪس ۽ پاڇا چيو ھو ڇو تہ جيئن اھي نظر اينديون آھن اھي ايئن ھونديون نہ آھن. ڪنھن شاعر خوب چيو آھي تہ: ”ايک چهري پي کئي چهري سجاليتي هين لوگ“ ھن دنيا ۾ شايد انسان اھا واحد مخلوق آھي جيڪا پاڻ جھڙن ٻين انسانن کي پنھنجو اصل چھرو ۽ رخ ڏيکارڻ نہ چاھيندي آھي. سگمنڊ فرائيڊ (1856-1939) جو انسان جي روين، عملن ۽ شخصي پھلوئن جي نفسياتي محرڪن خاص طور جنسي آسودگي يا نا آسودگي تي تمام گهڻو ۽ تاريخ ۾ پھريون ڀيرو روايت کان ھٽي ڪري سائنسي طرز تي بيمثال ڪم ٿيل آهي. اڄ بہ سندس تحقيق ۽ تخليق انساني نفسيات ۾ اھم سنگ ميل سمجهيا ويندا آهن. ٻين لفظن ۾ انساني نفسيات جو ذڪر فرائيڊ جي حوالن کان سواءِ اڌورو ۽ اڻپورو سڏيو ويندو. ھتي آئون سگمنڊ فرائيڊ جي تحليل نفسي (Psycho-analysis) نظريي ۽ ان جي ڪجهہ اھم پھلوئن جھڙوڪ لاشعور (Unconscious) ۽ ايڍيپس ڪمپليڪس (Oedipus Complex) بابت بيان ڪندس.
ھڪ انساني معاشرو جيتوڻيڪ ھزارن ۽ لکن فردن تي ٻڌل آھي پر آخري تجزئي ۾ ان جا سڀ فرد الڳ ٿلڳ وراثتي ۽ گهريلو ماحول جي اثرن جي پيداوار آھن. ھر ھڪ فرد انفرادي طور پنھنجي الڳ دنيا ۾ پلجي وڏو ٿيو آھي يعني ھن پنھنجي الڳ نفسياتي دنيا جوڙي رکي آھي ۽ ان متعلق پنھنجا الڳ تصور جوڙي رکيا آھن. ھڪ گهر يا خاندان کي معاشري جي بنيادي وحدت قرار ڏنو ويندو آھي ان ڪري سگمنڊ فرائيڊ مطابق ڪنھن بہ بالغ فرد جي سوچ، رويي ۽ ڪردار توڙي ان جي نفسياتي مونجهارن يا زخمن، خوفن، مجرمانہ خواھشن، جرم جي احساسن ۽ غير حل ٿيل نفسياتي تنازعن جا پيرا ننڍپڻ جي گهريلو زندگي جي تجربن ۽ آزارن ڏانھن وڃن ٿا جيڪي سندس لاشعور جوڙين ٿا. اسان جي دماغ جي لاشعور ۾ نہ رڳو انساني نسل جي ماضي بعيد (لکن سالن جي ارتقائي دور جا زندگي جي بقا وارا تجربا) ۽ ماضي قريب ( اسان جي ننڍپڻ) جا تجربا محفوظ ھوندا آھن پر ان ۾ اسان جي حال يعني موجودہ شعوري زندگي جا تجربا پڻ پنھنجا اڻ مٽ نقش ڇڏيندا آھن. جيتوڻيڪ لفظ لاشعور غيرمتحرڪ محسوس ٿئي ٿو پر اھو غير محسوس ۽ اندروني طرح سان انساني شخصيت کي تمام گهڻو متاثر ڪندڙ ۽ جهنجهوڙيندڙ آھي. جيئن تہ لاشعوري محرڪ ۽ نقش ظاھري طرح سان دماغ ۾ دفن ٿيل ۽ نظر نہ ايندڙ ھوندا آھن ان ڪري سگمنڊ فرائيڊ تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ماڻھن جي نفسياتي مونجهارن ۽ پريشان ڪندڙ سوچن، روين ۽ عملن جو علاج پنھنجي خاص طريقي تحليل نفسي (Psycho-Analysis) يعني ھڪ نفسياتدان طرفان پيشہ ورانہ ڳالھہ ٻولھہ ۽ رھنمائي سان ڪرڻ شروع ڪيو. ياد رھي تہ ٿورو يا گهڻو ھر ماڻھو زندگيءَ جي ڪنھن نہ ڪنھن دور ۾ نفسياتي مونجهارن جو شڪار رھيو ھوندو آھي.
فرائيڊ نفسيات ۾ شعور(Conscious)، لاشعور (Unconscious) ۽ تحت الشعور (Sub-conscious) جھڙو تصور ڏنا جن مان لاشعور جو تصور تمام گهڻي اھميت رکي ٿو جنھن کان سواءِ تحليل نفسي توڙي اڄڪلھہ جي نفسيات جو ھر تصور ۽ ھر نظريو اڻپورو آهي (ھن مطابق انسان جو ذھن ٽن حصن تي ٻڌل آھي: لاشعوري حصو جيڪو ستل ۽ نامعلوم ھوندي بہ اسان جي سوچ، روين ۽ عمل کي ڪنٽرول ڪري ٿو؛ شعوري حصو جيڪو حواسي مشاھدي ۽ ان جي سمجهہ سان واسطو رکي ٿو؛ ۽ تحت الشعوري حصو جيڪو ماضي جي مشاھدن، تجربن ۽ واقعن کي ارادي ڪوشش سان شعور ۾ آڻي اسان کي ان جي ياد ڏياري ٿو). لاشعور ھڪ اھڙو خانو آهي جنھن ۾ اسان جون دٻيل شرمناڪ خواھشون ۽ انھن جون پيڙائون، اسان لاءِ تڪليف ده جذبا ۽ تڪليف ده تجربا، خوف ۽ خطرا، غير حل ٿيل نفسياتي ۽ جسماني تنازعا وغيرہ رڳو دفن ٿيل نہ آھن پر اھي اھڙي طرح محفوظ آھن جو اھي اسان جي سوچ، رويي ۽ شعوري زندگي کي تمام گهڻو متاثر ڪن ٿا. فرائيڊ مطابق جسماني ۽ نفسياتي ضرورتون ۽ خواھشون دٻائڻ سان ختم يا گهٽ نہ ٿيون ٿين پر اھي لاشعور ۾ محفوظ ٿيڻ کان پوءِ اندروني ناڪاري قوتن ۾ تبديل ٿي اسان جي نفسياتي مونجهارن، تڪليف دہ روين ۽ عملن جي مختلف صورتن ۽ روپن ۾ ظاھر ٿين ٿيون. ھڪ تہ دٻيل لاشعوري سوچون، شرمناڪ خواھشون ۽ پيڙائون جيئن تہ اسان جي عام مشاھدي جي پھچ کان ٻاهر يعني دماغ ۾ اندر لڪل ھونديون آهن انڪري ئي انھن کي لاشعوري چئجي ٿو؛ ٻيو تہ اھي جيئن تہ اسان لاءِ اذيتناڪ ھونديون آھن ۽ انھن کي سنڀالڻ اسان جي وس ۾ نہ ھوندو آھي انڪري اسان انھن کي شعوري زندگي جو حصو ٿيڻ ئي نہ ڏيندا آھيون، نتيجي ۾ اھي لاشعوري طرح سان پنھنجي اظھار ۽ تسڪين جا ذريعا پيون ڳولينديون آھن ۽ اسان جي شخصيت کي ناڪاري طرح سان مسخ پيون ڪنديون آهن.
ڀائرن يا ڀيڻن جي وچ ۾ ماءُ پيءُ جي پيار جي حوالي سان ساڙ ۽ ريس، پٽن جو مائرن ڏانھن وڌيڪ لاڙو ۽ پيار، ڌيئرن جو پيئرن ڏانھن وڌيڪ لاڙو ۽ پيار، پٽن جو پيئرن سان ساڙ، ڌيئرن جو مائرن سان ساڙ، زندگي ۽ موت جون قوتون ۽ تحريڪون، ذاتي حفاظتي خول، دٻيل ۽ دٻايل خواھشن جون پيڙائون، خوابن جي تشريح، موت جو خوف، ننڍي عمر ۾ جنسي ھراسگي ۽ زيادتي جي واقعن ۽ متعلقه نفسياتي مونجهارن جي تجزئي ۽ علاج بابت فرائيڊ جو پيش ڪيل تحليل نفسي يا سائيڪو اينالسز اڄ بہ ھڪ سند جي حيثيت رکي ٿو. ھن مطابق اھي نفسياتي مونجهارا ۽ آزار متعلقه ماڻھو کي لاشعوري طرح سان مختلف روپن ۽ رستن سان ايستائين پيا تڙپائيندا ۽ لڇائيندا رھندا آھن جيسيتائين اھو ان قابل نہ ٿو بڻجي جو انھن جي پاڙ تائين پھچي انھن کي ڄاڻي ۽ سمجهي سگهي. اچو تہ فرائيڊ جي تحليل نفسي نظرئي مان ڪجهہ چونڊ مثال نظر مان ڪڍون.
ڪا ڇوڪري پنھنجي لاءِ ھڪ شرابي شخص کي زندگي جو جيون ساٿي چونڊي ايستائين پيار ڪري سگهي ٿي جيستائين ھو ھن کي ڌتڪاريندو رھندو، تڙپائيندو رھندو ۽ نظرانداز ڪندو رھندو ڇو تہ ننڍپڻ ۾ ھن جو پيءُ جيڪو ھن وقت ڀلي فوت ٿي چڪو ھجي شراب جي نشي جو عادي ھو ۽ ھن کي پيار نہ ڪندو ھو. ان ڇوڪري جو اھو رويو اصل ۾ لاشعوري طور ”ھن واري“ اھو پيار حاصل ڪرڻ جو نہ رڳو ھڪ اظھار ۽ ڪوشش آھي پر اھا يادگيري ورجائڻ جو ھڪ روپ پڻ آهي. پر جيڪڏھن ھن جو مڙس ڪنھن طرح سان نشو ڇڏي ٿو وڃي ۽ ھن کي پيار ڪرڻ شروع ڪري ٿو تہ ان صورت ۾ ھوءَ بجاءِ خوش ٿيڻ جي وڌيڪ اداس ٿي وڃي ٿي ۽ ان کي پيار ڪرڻ ڇڏي ڏئي ٿي. ان حالت ۾ ھڪ نفسياتدان جي رھنمائي ھيٺ اھڙو پتو پوڻ تي شروع ۾ ھوءَ ان حقيقت کان صاف انڪار پڻ ڪري سگهي ٿي ۽ سندس پيءُ ۽ مڙس جي سطحي تفاوتن جھڙوڪ وارن جو رنگ، قد-ڪاٺ وغيرہ تي اسرار ڪندي اھڙي ڳالھہ کي رد پڻ ڪري سگهي ٿي، پر اڳتي ھلي ھن تي اھا حقيقت شعوري طور واضع ٿيڻ کان پوءِ شيون بھتر ٿي وڃن ٿيون.
”مان ھڪ ناڪام شخص آھيان“، ”مان بھترين آھيان“، ”منھنجي حيثيت پنھنجي ڀاءُ جي ڀيٽ ۾ ھميشہ ٻيون نمبر واري آھي“، ”مان پيار جي قابل آھيان“، ”مان نفرت جي قابل آھيان“ ۽ ”مان ئي ھميشہ پنھنجي والدين جي وچ ۾ جهيڙن جو سبب رھيو/رھي آھيان“ جھڙو جملا توڙي ڀائرن ۽ ڀينرن جي وچ ۾ ساڙ يا والدين مان ھڪ جو پنھنجي اولاد سان ساڙ وغيرہ اصل ۾ متعلقه ماڻھو جي ننڍپڻ جي گهريلو زندگي ۾ جاري رھندڙ تنازعن ۽ تعلقات ۾ مونجهارن جي نشاندهي يا انھن جو اظھار آھن. مطلب تہ ٻارن جي ننڍپڻ دوران سندس لاشعور جڙندو آھي ۽ ان سان والدين ۽ گهر ڀاتين جي روين، پيار، ترجيح ۽ نفرت جي ڇاپ سندن آئندہ واري سموري زندگي ۾ رھندي آھي ۽ انھن جو رويو اھڙو جڙي ويندو آھي يعني جيڪڏھن ڪا کوٽ رھجي ويندي آھي تہ ان جي اظھار ۽ پورائئي لاءِ لاشعوري طرح سان اھي پيا واجهائيندا آھن. مثال طور جيڪڏھن والدين مان ڪو (والد يا والدہ) پنھنجي ڪنھن اولاد يعني ڌيءَ يا پٽ سان پيار ڪرڻ تي ان جا ناز نخرا کڻڻ تي ساڙ محسوس ڪري ٿو تہ لاشعوري طور اھو والد يا والدہ اصل ۾ سندس ننڍپڻ دوران پنھنجي ڀائرن يا ڀينرن ۾ نظرانداز ٿيڻ وارا لمحا ياد ڪري ان ڪڙي حقيقت کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھوندو آھي.
فرائيڊ جو پيش ڪيل ايڊيپس ڪمپليڪس جيتوڻيڪ انساني نفسيات جو ھڪ متنازعه تصور رھيو آھي پر ھن وقت تائين ان کي سراسر ڪير بہ جهٽلائي نہ سگهيو آھي. ايڊيپس ڪمپليڪس ۾ ھڪ پاسي ٻارن جي مخالف جنس جي والدين سان جذباتي لڳاءُ جي لاڙن ۽ مونجهارن جي اپٽار ڪئي ويندي آھي تہ ٻئي پاسي ٻارن جي ساڳي جنس جي والدين سان پيار ۾ مقابلي ۽ فتح جي لاڙن ۽ مونجهارن جو اڀياس ڪيو ويندو آھي. اھڙا معاملا جيئن تہ بلڪل عام آھن ۽ ھر ٻار انھن منجھان گذري ٿو ان ڪري ھن ڪمپليڪس جي حيثيت ڄڻ تہ ٻارن جي نشونما ۾ ھڪ اھم مرحلي واري بڻجي ٿي. اھي معاملا جيڪڏھن ٻالڪپڻي ۾ خير خوبي سان نہ ٿا نبرن تہ لاشعوري طور تي وڏي ھوندي انيڪ نفسياتي مونجهارن جو روپ وٺي ظاھر ٿيندا آھن. اچو تہ عورتن ۽ مردن جي مثالن سان انھن مونجهارن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.
عورتن جي حوالي سان جيڪڏھن ڪا ڇوڪري ان مرد ڏانھن جنسي طرح ڇڪجندي ھجي يا ان سان شادي ڪرڻ چاھيندي ھجي جنھن جي اڳ ۾ ئي شادي ٿيل ھجي يا ان جا مختلف ڇوڪرين سان جنسي لاڳاپا اسطوار ھجن تہ ٿي سگهي ٿو تہ لاشعوري طور اھو سندس ننڍپڻ جي ايڊيپس ڪمپليڪس جي نہ نبرڻ جو اظھار ھجي. ٻين لفظن ۾ ننڍپڻ ۾ ھوءَ پنھنجي پيءُ جو پيار حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجي ماءُ سان مقابلي واري حالت ۾ رھي ھئي پر ڪامياب نہ ٿي سگهي ھئي، نتيجي ۾ لاشعوري طور تي ھاڻي (ڀلي ھن جا والدين فوت ٿي چڪا ھجن) ھوءَ اھو مقابلو وري ورجائڻ چاھي ٿي. يقيناً ھوءَ ڪامياب ٿيڻ نہ ٿي چاھي پر فقط اھڙي مقابلي واري صورتحال ئي چاھي ٿي، يعني جيڪڏھن ھن جي شادي ان مرد سان ٿي وڃي ٿي ۽ اھو ٻي زال کي يا ٻين ڇوڪرين کي ڇڏي ڏئي ٿو ۽ ھن کي اپنائي ڇڏي ٿو تہ ان صورت ۾ ھوءَ ان سان پيار ڪرڻ بہ ڇڏي ڏئي ٿي! ٻئي پاسي جيڪڏھن ننڍپڻ ۾ اھا ڇوڪري پيءُ جي پيار حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ ماءُ کان مقابلي ۾ کٽيندي رھندي ھئي (يعني ھن جو پيءُ ھن جي ڪري سندس ماءٌ کي نظرانداز ڪندو ھو يا وري مارڪٽ ڪندو ھو...) يعني پنھنجي ماءُ کان پنھنجو پيءُ کسيندي رھندي ھئي. ھن صورت ۾ ھوءَ ھاڻي لاشعوري طور تي احساس جرم تحت پاڻ کي سزاوار سمجهي ٿي ۽ سزا طور پنھنجي موجودہ مڙس سان سرد مھري وارو رويو رکي ٿي ۽ جنسي بيزاري جو مظاھرو ڪري ٿي.
مردن جي حوالي سان جيڪڏھن ڪو ڇوڪرو ”سٺي ڇوڪري“ ۽ ”خراب ڇوڪري“ جي تصور ھيٺ فقط وقتي طور خراب ڇوڪرين سان جنسي لاڳاپا رکندو ھجي يعني ھڪ مان ڪم ڪڍي وري ٻي کي ڦاسائڻ جي چڪر ۾ رھندو ھجي تہ اھو پڻ ايڊيپس ڪمپليڪس جي ڇڪتاڻ مان ڪاميابي سان اڪري نہ سگهيو آھي. فرائيڊ مطابق ٿي سگهي ٿو اھو ڇوڪرو ننڍپڻ دوران ماءُ سان پيار جي ڊوڙ ۾ پنھنجي پيءُ سان مقابلي ۾ رھيو ھجي. نتيجي ۾ ھو ھاڻي احساس جرم ۾ مبتلا زندگي گذاري رھيو آھي. ھن جرم جي احساس جي ڪري ھو سزا طور ماءُ جي مثل ڪنھن سٺي ۽ وفادار ڇوڪري سان جنسي لاڳاپا نہ ٿو رکي پر جيڪي اڳ ۾ ئي خراب آھن انھن سان وقتي لاڳاپا رکي ٿو تہ جيئن اھي لاڳاپا وقتي تسڪين کان وڌيڪ گهرا (سندس ماءُ پيءُ جي وفادار ۽ ديرپا لاڳاپن جيان) ٿي مستقل پيار ۾ تبديل نہ ٿي وڃن، ڇو تہ خراب ڇوڪرين سان پيار تہ ڪري نہ ٿو سگهجي.
يقينن فرائيڊ پنھنجي وقت جو ھڪ مرد مجاھد ھو جنھن پنھنجي وقت جي دقيانوسي چرچ جي اثرن، ڏائڻين جي تصورن، بدي ۽ بدروحن جي تصورن کي اڇلائي ڦٽو ڪيو ۽ انساني سوچ، رويي ۽ عمل جي نفسياتي مونجهارن جو سائنسي طريقي سان تجزيو ڪري انھن جو جوڳو حل پيش ڪيو.


مددي ڪتاب:

1. Lois Tyson, 2006. Critical Theory Today: A User friendly guide. 2nd Ed. Routledge, New York-London

فرائيڊ جي تحليل نفسي ۾ خوابن جي تعبير

انسان جا اڪثر اندروني سرشتا ۽ سندن عضوا ڄمڻ کان مرڻ تائين بنا ساھي جي ڪم ڪندا رھندا آھن جھڙوڪ نيڪال، رت جي دوري، ھاضمي، پيدائشي، ساھ کڻڻ، واڌ ويجهه، بيمارين کان بچاءُ، غدود يا ھارمونز وارا، ۽ تنتي سرشتا ۽ سندن مکيہ عضوا مثلاً گردا يا بڪيون، دل، معدو، خصيا/ بيضيداني، ڦڦڙ، ھڏن جي مک/جسم جا تقسيم ٿيندڙ جيوگهرڙا، پچوٽري توڙي ٻيا غدود ۽ دماغ وغيرہ جاڳ ۾ توڙي ننڊ ۾ پنھنجو سونپيل ڪم ڪندا رھندا آھن. ٿلھي ليکي ننڊ ۾ اسان جا فقط حواسي عضوا (اک، ڪن، نڪ، زبان ۽ کل) گهڻو تڻو غير فعال رھندا آھن باقي وڏي سطح تي اندروني سرشتا ۽ سندن عضوا ۽ ننڍي سطح تي جسم جا سڀ جيوگهرڙا ۽ انھن سان لاڳاپيل ماليڪيول ۽ ائٽم ھر وقت سرگرم ۽ مصروف عمل ھوندا آھن. ننڊ ۾ اسان جو دماغ جيتوڻيڪ آرام تہ ڪري رھيو ھوندو آھي پر ساڳئي وقت ڪجهہ اھم ڪم پڻ ڪري رھيو ھوندو آھي جن ۾ خواب ڏسڻ پڻ شامل آھي. مختلف نفسياتدانن خوابن جي مختلف تشريح ڪئي آھي. سگمنڊ فرائيڊ (Sigmond Freud 1856-1939) جو نہ رڳو انسان جي روين، عملن ۽ شخصي پھلوئن جي نفسياتي محرڪن خاص طور جنسي آسودگي يا نا آسودگي تي تمام گهڻو ۽ تاريخ ۾ پھريون ڀيرو روايت کان ھٽي ڪري سائنسي طرز تي بيمثال ڪم ٿيل آهي پر ھن جو خوابن متعلق ڪم پڻ انساني نفسيات ۾ اڄ بہ ھڪ اھم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ھتي آئون سندس تحليل نفسي (Psycho-analysis) نظريي تحت خوابن جي تشريح متعلق پڙھندڙن جي سامھون مختصر تعارفي معلومات پيش ڪريان ٿو.
فرائيڊ مطابق اسان شعوري طور يا جاڳ دوران پنھنجي اڻيل حفاظتي خول اندر زندگي گذاريندا آھيون؛ يعني اسان روز مره جي زندگي ۾ پنھنجي چوڌاري حفاظتي ديوارون (حواسي ادراڪ يعني ڏسڻ، ٻڌڻ، سنگهڻ، چکڻ ۽ ڇھڻ جي تجربن مان بي ضرر ۽ چونڊ تجربا محسوس ڪرڻ؛ بي ضرر ۽ چونڊ يادگيريون دھرائڻ؛ ٿيل واقعي جو سري کان ئي انڪار ڪرڻ؛ تشويش پيدا ڪندڙ ماڻھن ۽ شين کان ٽھڻ يا ڀڄڻ؛ گهٽائڻ يا گهٽ خطرو محسوس ڪرڻ؛ ۽ پنھنجون غلطيون ۽ شرمناڪيون ٻين تي لاڳو ڪري پنھنجي بجاءِ انھن کي تنقيد جو نشانو بنائڻ) تعمير ڪري ڇڏيون آھن تہ جيئن دٻايل خواھشون، پيڙايون ۽ انھن سان لاڳاپيل ناڪاري طوفاني جذبا لاشعور ۾ ئي دفن ھجن ۽ اھي شعور ۾ ظاھر ٿي تڪليف ۽ تباھي جو باعث نہ بڻجي سگهن. پر جيئن تہ ننڊ ۾ اسان جو مڙھيل ۽ اڻيل حفاظتي خول ۽ بچاءُ جو نظام ايترو مؤثر نہ رھندو آھي ان ڪري لاشعور کي ايترو موقعو ضرور ملي ويندو آھي جو ان ۾ اسان جون دٻيل خواھشون ۽ پيڙائون خوابن جي صورت ۾ ظاھر ڪري سگهي. خوابن ۾ اسان جو مڙھيل حفاظتي نظام مڪمل ختم نہ ٿيندو آهي ان ڪري اھو ماڻھن ۽ شين کي ٽوڙي مروڙي ڇڏي ٿو. خواب جي اصلي مواد جي اھا ٽوڙ مروڙ اصلي ماڻھن ۽ شين جي ٻين بي ضرر ماڻھن ۽ شين سان مٽاسٽا ڪرڻ، ھڪ ئي ماڻھو يا شيءِ جو ھڪ کان وڌيڪ ماڻھن ۽ شين لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ جاڳڻ کان پوءِ خواب کي شعوري يا غير شعوري طور تبديل ڪرڻ وسيلي ڪئي ويندي آھي. پر تنھن ھوندي بہ ڪو خوفناڪ ماڻھو يا ڪا خوفناڪ شيءِ خواب ۾ ڏسڻ جو مطلب اھو ضرور آھي تہ ڪو خوفناڪ ڪردار يا ڪا خوفناڪ شي خواب ڏسندڙ ماڻھو جي لاشعور ۾ ان کي پريشان ضرور ڪري رھي آھي. ان ڪري خواب جي تعبير ڪندڙ نفسياتدان فقط ھڪ خواب جي بنياد تي ڪو بہ فيصلو نہ ٿو ڪري سگهي پر اھو ان ماڻھو جي مڪمل ذاتي معلومات، ان جي ڏٺل مختلف خوابن جي معلومات ۽ ان ماحول ۾ ٻين ماڻھن جي خوابن جي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ ئي ڪو درست اندازو يا تعبير ڪري سگهي ٿو. اچو تہ ھاڻي خوابن ۾ ڏٺل ڪجهہ واقعن جي مثالن سان وضاحت ٿا ڪريون.
فرائيڊ مطابق جيڪڏھن ڪنھن کي خواب ۾ اھو نظر اچي تہ ھن سان سندس اسڪول جي استاد جنسي زيادتي ڪئي آھي يا اھڙي ڪوشش ڪري رھيو آھي تہ اھو ان ڳالھہ ڏانھن اشارو ٿي سگهي ٿو تہ خواب ڏسندڙ سان سندس ويجهو عزيز جھڙوڪ والد، چاچو، مامو، سؤٽ، ماسات وغيرھ مان ڪو ماڻھو جنسي زيادتي ڪري چڪو آهي يا اھڙي ڪوشش ڪري رھيو آھي يا وري اھڙي ڪم لاءِ زباني توڙي اشارن ۾ چئي رھيو آھي. جيڪڏھن خواب ڏسندڙ اھو ڏسي ٿو تہ ھو ھڪ خوفناڪ رڇ سان وڙھي رھيو آھي تہ ھن صورت ۾ ٿي سگهي ٿو تہ سندس لاشعور اھو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي تہ ان ماڻھو سان ڪنھن طاقتور ڌر جھڙوڪ سندس گهر ۾ والد يا آفيس ۾ باس/آفيسر سان ڪو نفسياتي تنازعو ھلي رھيو آھي. جيڪڏھن ڪو ماڻھو خواب ۾ اھو ڏسي ٿو تہ سندس ڀيڻ ھڪ مئل ٻار کي جنم ڏنو آھي تہ ان جو مطلب اھو ٿي سگهي ٿو تہ ھن پاڻ ھڪ مئل ٻار کي جنم ڏنو آھي(جيڪڏھن پاڻ عورت آھي) يا وري ھن جي ازدواجي زندگي ناڪام ٿي چڪي آھي يا وري ھو پاڻ پنھنجي پيشہ ورانہ زندگيءَ ۾ ناڪام ٿي چڪو/چڪي آھي يا وري پاڻ ھڪ شاھڪار فن پاري جي تخليق ۾ ناڪام ٿي چڪو/چڪي آهي يا وري ھو/ھوءَ پاڻ کي تنھا، بي يارو مددگار ۽ مايوس محسوس ڪري رھيو/رھي آھي؛ مطلب تہ خواب ۾ ٻار ڏسڻ جو تعلق ڪنھن نہ ڪنھن حوالي سان اسان جي مجروح جذبن سان سلهاڙيل ھوندو آھي.
لاشعور ۾ دٻيل جنسي خواھش جي حوالي سان فرائيڊ خوابن جي مردانہ ۽ زنانہ تصورن بابت پڻ تفصيل سان بحث ڪيو آھي. ھن مطابق خواب ۾ ٽاور، راڪيٽ، بندوق، تير، تلوار يا اھڙين ٻين شين ۽ اوزارن جو تعلق ڪنھن نہ ڪنھن طرح سان مردانہ جنسي عضون ۽ تصورن سان لاڳاپيل آھي. مطلب تہ ھر اھا شيءِ جيڪا اُڀي يا سڌي بيٺل ھجي يا وري ڪا شيءِ تيزي سان ڪٿان نڪرندي ڏٺي وڃي جھڙوڪ بندوق يا ڪمان مان گولي يا تير جو ڇٽڻ وغيرہ تہ اھا پڻ مردانہ جنسي تصور جي نمائندگي آھي. مثال طور خواب ۾ جيڪڏھن ھڪ فرد ھيئن ڏسي تہ ھڪ ماڻھو کيس تي بندوق تاڻيو بيٺو آهي يا وري ھو پاڻ ڪنھن دوست تي بندوق تاڻيو بيٺو آھي تہ امڪاني طور ان جو مطلب اھو آھي تہ ھن جي جنسيت ٻئي ماڻھو طرفان نشاني تي آھي يا وري ھو پاڻ ان دوست يا ڪنھن ٻئي دوست جي جنسي ھراسگي جو شڪار آھي؛ يا اُھو ماڻھو ھن سان جنسي تشدد جو ارادو رکي ٿو يا ھن سان اھڙو ساڙ رکي ٿو يا وري ھو پاڻ ان دوست يا ٻئي دوست سان جنسي تشدد جو ارادو رکي ٿو يا اھڙو ساڙ رکي ٿو؛ يا وري ھن جي پنھنجي يا سندس دوست جي انفراديت ۽ شناخت نشاني تي آھي. ساڳيءَ ريت خواب ۾ غارون، اونداھا ڪمرا، ڀتين ۾ بند باغيچا، ڪوپ يا کاڌي جا ٿانو، فيڊر يا بوتلون، کير، فروٽ وغيرہ وري زنانہ جنسي تصورن جي نمائندگي ڪندڙ شيون آهن. عورت جي حوالي سان ٿڃ يا ڇاتيءَ سان لاڳاپيل تصور وري پرورش ۽ جذباتي لڳاءُ جي تصورن سان لاڳاپيل آھي. مثال طور جيڪڏھن ڪا عورت خواب ۾ اھو ڏسي تہ ھوءَ ھڪ ننڍي کير جي فيڊر يا بوتل سان ڪيترن ئي ٻليءَ جي بکايل ٻچڙن کي کير پياري رھي آھي تہ ان جو مطلب اھو آھي تہ ھن جا ٻار يا ھن جو مڙس يا آفيس ۾ سندس باس ھن کان تمام گهڻيون توقعات لڳايو ويٺا آھن يا گهڻو ڪم وٺي رھيا آھن يا وري ھوءَ پاڻ تي ٻين جي سار سنڀال لاءِ پنھنجي طرفان تمام گهڻو دٻاءُ وجهي رھي آھي. اھڙي طرح سان خواب ۾ ڪو ماڻھو ڏسي ٿو تہ پاڻ بکايل آھي ۽ کاڌو ڳولي رھيو آھي تہ ان جو مطلب اھو آھي تہ ھو لاشعوري طور پيار يا جذباتي آسودگي چاھي ٿو.
خواب ۾ پاڻي ڏسڻ جو مطلب پڻ حقيقي زندگيءَ وانگر پيچيدہ آھي ڇو تہ ڪڏھن اھو آرام ۽ راحت بخشيندڙ آھي، ڪڏھن اھو اندازي کان وڌيڪ گهرو آھي، ڪڏھن اھو ٻوڙيندڙ آھي تہ وري ڪڏهن ٺاريندڙ آھي. ان ڪري جيڪڏهن ڪو خواب ۾ پاڻي ڏسي ٿو تہ ان جو امڪاني مطلب اھو ٿي سگهي ٿو تہ لاشعور ۾ اھو سندس جنسي خواھش جي اٿل پٿل جو اھڃاڻ ھجي يا وري سندس دٻايل جذبن جي لڇ پڇ ھجي. ساڳيءَ طرح جيڪڏھن ڪو پاڻ کي پاڻي جي لھرن ۾ لڙهندي ڏسي ٿو تہ اھو پڻ ڪن دٻايل يا دٻيل جذبن ۾ طوفان ۽ ڀونچال جي عڪاسي آھي. ان کان علاوہ پاڻيءَ ۾ اندر ٻڏڻ يا ترڻ وري ماءُ جي پيٽ ۾ ھجڻ واري يادگيري يا ماءُ سان جذباتي لڳاءُ کي ظاھر ڪندڙ آھي. باقي خواب ۾ مختلف عمارتون جھڙوڪ اسڪول، چرچ/مسجد، ڪم واري آفيس وغيرہ ڏسڻ متعلقه ماڻھو جو انھن ادارن سان پيشہ ورانہ لاڳاپو يا متعلقه قائدن قانونن سان تعلق کي ظاھر ڪري ٿو. ھڪ ڳالھہ طئي آھي تہ بار بار ڏٺا ويندڙ ڏکارا، ڀوائتا ۽ تڪليف وارا خواب اسان جي لاشعور طرفان زندگي ۾ حل طلب ۽ جاري رھندڙ جذباتي مونجهارن ۽ دٻيل خواھشن جي نشاندهي ڪندڙ ھوندا آھن. جيڪڏھن خواب حد کان وڌيڪ ڏکارو يا ڀوائتو ٿي ويندو آھي تہ اسان ننڊ مان جاڳي پوندا آھيون؛ جيڪڏھن جاڳندي بہ اسان اوچتو خوف ۾ وٺجي ٿا وڃون تہ ان جو مطلب اھو آھي تہ اسان جي لاشعور جون حفاظتي ديوارون ٽٽي چڪيون آھن؛ پر جيڪڏھن جاڳ ۾ بہ اسان جو خوف عارضي نہ پر مستقل رھي ٿو تہ ان جو مطلب اھو آھي تہ اسان جي نفسياتي حالت ڳڻتي جوڳي بڻجي چڪي آھي ۽ اسان کي مناسب طبي ۽ نفسياتي مدد جي ضرورت آھي.
ڳالھہ جو ڳر اھو آھي تہ سگمنڊ فرائيڊ مطابق جاڳ ۾ اسان جي لاشعور ۾ دٻيل خواھشن، آزارن ۽ جذباتي مونجهارن جي شعور ۾ ظاھر ٿيڻ جا امڪان اسان جي حفاظتي ديوارن جي ڪري نہ ھجڻ برابر ھوندا آھن پر ننڊ ۾ اھي لاشعور مان شعور ۾ ٽوڙيل مروڙيل خوابن جي صورت ۾ ظاھر ٿيندا آھن. خواب ۾ نظر ايندڙ ۽ پريشان ڪندڙ انساني ڪردار اسان جي زندگي ۾ حقيقي ڪردار ئي ھوندا آھن پر انھن جا روپ ۽ نالا خوابن جي ٽوڙڦوڙ جي ڪري تبديل ٿيل ھوندا آھن. دٻيل جنسي خواھشون ۽ زيادتيون ۽ تشدد خوابن ۾ ٽاورن، بندوقن، تيرن تلوارن، گولي يا تير ڇٽڻ، غارن، اونداھن ڪمرن، پيالن، ڪوپن ۽ کاڌي جي ٿانون وغيرہ جي روپ ۾ ظاھر ٿينديون آھن. ان کان سواءِ خواب ۾ پاڻي ڏسڻ، ان ۾ ترڻ يا اندر ٻڏڻ وغيرہ جون پڻ انيڪ معنائون ٿي سگهن ٿيون.


مددي ڪتاب:

1. Lois Tyson, 2006. Critical Theory Today: A User friendly guide. 2nd Ed. Routledge, New York-London.

تحليل نفسي نظرئي تحت موت جي خوف جو جائزو

ڏڪار، وبا ۽ جنگ انسانن لاءِ سدائين کان پريشان ڪندڙ رھيا آھن پر تاريخ ۾ انسانن کي جيترو موت جهنجهوڙيو ۽ پريشان ڪيو آھي اڄ تائين اوترو ٻئي ڪنھن مسئلي پريشان نہ ڪيو آھي. ھڪ پاسي انسان ۾ موت جي خوف سندس زندگي کي عارضي ھجڻ جو احساس پيدا ڪيو آھي جنھن جي نتيجي ۾ ھن ميسر مختصر حياتيءَ کي پنھنجي عقل ۽ دانش جي ثمر يعني سائنسي دريافتن ۽ ايجادن بدولت آسان بڻايو آھي، ان کي ٻين خوفن خطرن کان آجو ڪيو آھي ۽ ايئن کڻي چئجي تہ سندس دنيا کي جنت نظير بڻائي ڇڏيو آهي تہ بہ غلط نہ ٿيندو؛ پر ٻئي پاسي موت جي خوف انسان جي زندگي ئي زھر ڪري ڇڏي آھي ۽ ڄڻ تہ ھن کي جيئري ئي ماري ڇڏيو آھي. موت جي خوف انسانن کي ھميشہ کان ۽ ھر طرح سان پريشان ڪيو آھي. مطلب تہ موت جو خوف اسان کي جسماني ۽ نفسياتي (ذھني، جذباتي، سماجي ۽ روحاني) طرح سان پيڙيندو پئي رھيو آھي. ھتي اسان سگمنڊ فرائيڊ (Sigmond Freud 1856-1939) جي تحليل نفسي نظريي ھيٺ موت جي خوف جو سادن لفظن ۾ جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
موت متعلق پيڙائون ۽ تلخ تجربا زندگي جي ڪنھن نہ ڪنھن ڏاڪي تي اسان منجھان ھر ڪنھن جي زندگي جو حصو رھيا آھن، مثال طور والدين لاءِ پنھنجي ٻار جي موت جو تجربو يا بيماري ۾ سندس موت جي منھن ۾ وڃڻ جو خوف، ڪنھن مٽ مائٽ يا دوست جي حادثاتي موت جو تجربو، نوجواني ۾ مايوسي دوران خودڪشي جي خيالن جو تجربو، يا وري ماضيءَ ۾ موت متعلق ھروڀرو جا وسوسا ۽ خدشا ۽ انھن بابت موجودہ وقت ۾ موجود احساس جرم وغيرہ اھڙا تجربا آھن جن منجھان تقريباً ھر ڪو گذرندو آھي. جيئن تہ موت ھڪ اھڙو شعبو آھي جنھن کي سڌو سنئون ڪو بني بشر تجرباتي طور تي چکي ۽ بيان نہ ٿو ڪري سگهي ان ڪري ان کي اڪثر اڻ سڌيءَ ريت پنھنجن پيارن يا ٻين ماڻھن جي موت وسيلي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. ان ڪري موت جو تصور مخصوص مادي شيءِ بجاءِ مجرد (abstract) يا تصوراتي حقيقت رھيو آھي! اھو ئي سبب آھي جو نفسيات دانن کي ان جي تشريح ۾ وڌ ۾ وڌ ڏکيائي جو منھن ڏسڻو پيو آھي.
فرائيڊ جڏھن پنھنجي دور جي گهٽيل، جنگين ۽ مذھبي ور چڙھيل سماج ۾ ماڻھن جو انفرادي توڙي اجتماعي موت پوءِ ڀلي اھو جسماني گهٽ پر نفسياتي وڌيڪ وڌيڪ ھو ڏٺو تہ ھن موت کي پڻ ھڪ انساني فطرت ۽ ضرورت طور سمجهيو ۽ پيش ڪيو. فرد توڙي قوم جي لحاظ کان جڏھن سندن داخلي ۽ جذباتي مونجهارا ذاتي ۽ اجتماعي خودڪشي جو ڏيک ڏيڻ لڳا تہ ان تناظر ۾ فرائيڊ کي موت ھڪ ناگزير مسئلو ۽ جبلي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳو، ان ڪري ھن تعمير ۽ تخريب جي حوالي سان انسان ۾ ٻن اھم قوتن جي ھجڻ جو تصور پيش ڪيو: ايروز يا زندگيءَ جي قوت (Eros or Life-drive) ۽ ٿيناٽوز يا موت جي قوت (Thanatos or Death-drive). موت کي ھڪ جبلي ضرورت طور مڃڻ اصل ۾ اسان کي ان متعلق گهرائي ۾ وڃڻ ۽ اھڙي کوجنا ڪرڻ ۽ ان کان فرار جا رستا ڳولڻ کان روڪي ٿي ۽ ان کي جيئن جو تيئن تسليم ڪندي ان کي ناقابلِ تسخير بڻائي ٿي (ھراري مطابق ھن وقت ھڪ اھڙي سائنسي پروجيڪٽ تي ڪم ٿي رھيو آھي جيڪو مستقبل جي ھڪ يا ٻن ڏھاڪن ۾ انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي انقلابن جي سنگم جي صورت ۾ انسان کي ان قابل بڻائي ڇڏيندو تہ اھو نہ رڳو موروثي بيمارين کي مڪمل ختم ڪري ڇڏيندو پر ان سان گڏ اھو نين بيمارين کي جسم ۾ پيدا ٿيندي ئي رت ۾ ڊوڙندڙ نينو روبوٽس وسيلي مات ڏئي ڇڏيندو. ان جي نتيجي ۾ انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي ۾ اڳواڻي ڪندڙ اولھ جي ملڪن جو ننڍو حڪمران طبقو پنھنجو پاڻ کي فاني منجھان لافاني بڻائي ڇڏيندو؛ اھي خدا بڻيل حڪمران لامحدود جسماني، ذھني، جذباتي ۽ سماجي طاقتن ۽ صلاحيتن جا حامل ھوندا ۽ بھشت جي تصوراتي خوابن جي ساڀيان حاصل ڪري چڪا ھوندا؛ يعني اھي سدا حيات، سدا حسين، سدا جوان ۽ سدا خوش رھڻ وارن خوابن کي حقيقتن جو روپ ڏئي چڪا ھوندا. اھو ننڍو حڪمران ٽولو ٽيڪنالاجي ۾ پوئتي پيل اسان پارن ملڪن جي اربين ماڻھن جي جسمن، ذھنن، جذبن، سوچن ۽ فيصلن کي يرغمال ڪري انھن کي ”بيڪار ماڻھن جو وڏو ٽولو“ ٺاھي ڇڏيندو جيڪي پنھنجي بقا ۽ بنيادي ضرورتن جي پورائي لاءِ انھن جي رحم ڪرم تي ھوندا).
اسان مان اڪثر جو اھو خيال ۽ نظريو ھوندو آھي تہ موت اصل ۾ اسان جو ھر شيءِ کان لاتعلق ٿي وڃڻ ۽ اڪيلو ٿي وڃڻ جو احساس ۽ خوف آھي. موت ھر شيءِ کان، ھر ماڻھو کان، ھر احساس کان ۽ ھر خوشيءَ کان مڪمل ۽ قطعي عليحدگي آھي چاھي اسان ڪنھن ماڻھوءَ سان، پنھنجن پيارن سان، پنھنجي قبيلي ۽ ملڪ سان ڪيترو ئي گهرائي سان، ويجھڙائي سان ۽ اٿاھ پيار سان ڇونہ جڙيل ھجون! ٻين لفظن ۾ اسان مان ھر ڪنھن کي اڪيلو ئي مرڻو آھي. ڀلي اسان سوين ماڻھن سان گڏ ھوائي جهاز جي ڪنھن حادثي ۾ ئي ڇو نہ مرندا ھجون، پر اسان مان ھر ھڪ اڪيلو ٿي پنھنجو خانگي موت ئي مرندو. ھن تناظر ۾ مذھبي نظريا انسانن کي عظيم تسلي ۽ آرام فراھم ڪن ٿا ۽ اھو يقين ڏيارين ٿا تہ مرڻ کان پوءِ ڀلي دنيا جا سڀ ماڻھو اسان کي اڪيلو ڇڏي وڃن پر اسان اڪيلا نہ ھونداسين ڇو تہ آسمانن ۾ خدا اسان سان ھميشہ ۽ ھر وقت گڏ ھوندو.
اڪيلو ٿيڻ جو احساس رڳو اسان جي پنھنجي موت سان لاڳاپيل نہ آهي پر اھو اسان جي پيارن جي موت سان پڻ لاڳاپيل آهي؛ مثال طور جڏھن ٻارن کان انھن جي والدين مان ھڪ کي موت کسيندو آھي، يا موت والدين کان سندن ڪو ٻار کسيندو آھي، يا موت زال کان سندس مڙس کي جدا ڪري ڇڏيندو آھي، يا موت مڙس کان سندس زال ڦري وٺندو آھي تہ اھڙين صورتن ۾ اصل خوف ٻيو ڪو نہ پر پنھنجي اڪيلو ٿي وڃڻ جو ئي ھوندو آھي. اھو ئي سبب آهي جو بيخودي ۾ مرتئي تي پونئرن جون ڪجه اھڙيون ماتمي دانھون ٻڌڻ ۾ اينديون آھن: ”توھان مونکي نٿا ڇڏي وڃي سگهو“، ”توھان مونکي ڪيئن ٿا ڇڏي سگهو؟“، ”ڇا توھان مون سان پيار نہ ٿا ڪريو؟“ ۽ اھو صدمو اندر ۾ لڪل احساس جرم کي بہ جاڳائي سگهي ٿو: ”ضرور مون کان ڪا غلطي ٿي آھي“، ”ضرور مون توھان کي رنجايو ھوندو“. اھا پيڙا ايتري تہ تڪليف پھچائيندڙ ھوندي آھي جو ڪجهہ ماڻھو موت جي خوف کي پنھنجي محبوب کان ڌار ٿيڻ سان مشروط ڪري ڇڏيندا آھن ۽ فقط ان ڊپ کان تہ متان ڪڏھن پنھنجي پياري کان جدا ٿي وڃون، اھي ڪنھن جي ايترو ويجهو ئي نہ ويندا آهن يا ٻئي کي ايترو ويجهو ٿيڻ نہ ڏيندا آھن جو اھي انھن سان پيار ڪرڻ لڳي وڃن. ياد رھي تہ جيڪي ماڻھو عادي طور تي ھڪ کان وڌيڪ چالو عورتن يا لوفر مردن سان وقتي جنسي لاڳاپا رکندا آھن شايد اھي پڻ موت جي خوف ۽ پنھنجي پياري محبوب جي دائمي وڇڙڻ جي خوف ۾ مبتلا ھوندا آھن! اھڙو نفسياتي خوف جڏھن وڌي ويندو آهي تہ ڪجه ماڻھن ۾ ھر ڳالھہ ۽ ھر شيءِ لاءِ دلچسپي پڻ ختم ٿي ويندي آهي. حالتون جڏھن وڌيڪ ڳنڀير ٿي وينديون آھن تہ ماڻھو ايئن سوچيندو آھي تہ ھر ڪم ۾ ۽ ھر ڳالھہ ۾ جيئن تہ ڪجهہ نہ ڪجهہ رسڪ يا خطرو ھوندو آھي انڪري زندہ رھي پنھنجي زندگي ڇو داءُ تي لڳائجي! اھڙي صورت ۾ اھڙا ماڻھو يا تہ زندہ لاش بڻجي ويندا آھن يا وري انتھائي قدم کڻندي خودڪشي ڪري ڇڏيندا آھن.
جيڪڏھن موت کي جسماني (خودڪشي) نہ پر نفسياتي ۽ ذھني موت طور ڏسون تہ اسان کي جيڪي اڪثر ماڻھو پنھنجن پيارن کان، پنھنجن ٻارن کان، پنھنجي صحت کان، ظاھري ڏيک يا خوبصورتي کان يا پئسن کان لاتعلق بڻجي ويندا آھن اھي دراصل ماضي ۾ پھتل ڪجهہ صدمن جي ڪري جذباتي موت جو شڪار ٿيل ھوندا آھن. ٻين لفظن ۾ انھن جو لاشعور انھن کي اھو ياد ڏياريندو رھندو آھي تہ جيڪڏھن اھي ڪنھن خوشي کي محسوس ئي نہ ڪندا تہ انھن کي ان جي کسجڻ جو ڏک بہ نہ ٿيندو، يا وري انھن وٽ ڪجه ھوندو ئي نہ تہ پوءِ ان جي کسجڻ ۽ ڦرجڻ جو سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي. فرائيڊ مطابق جن ماڻھن جي زندگي ۾ موت جو خوف جيترو غالب ھوندو آھي تہ عجيب ڳالھہ اھا آھي تہ انھن جا رويا جسماني موت (خودڪشي) توڙي نفسياتي يا جذباتي موت (ماڻھن ۽ شين سان لاتعلقي) ڏانھن اوترا وڌيڪ گهرا بڻجي ويندا آهن. اھي اندر جا جهريل ۽ مئل ماڻھو زوري زنا، ٻارن تي تشدد، ايڊز، جيون ساٿين جي قتل يا تشدد، قدرتي آفتن جھڙوڪ زلزلن، سيلابن ۽ ڏڪارن تي ٺھيل عام آگاھي جي ڊاڪيومينٽريز توڙي خونخوار ڀوائتيون فلمون ڏسي نہ سگهندا آھن.
ڳالھہ جو ڳاٽو جيڪڏھن وٺجي تہ اھو وڃي بيھندو تہ سگمنڊ فرائيڊ جا تحليل نفسي ۾ موت جي خوف متعلق پيش ڪيل تصور اڄ بہ تمام اھميت جا حامل آھن ۽ انساني نفسيات سندس پيش ڪيل نظرين ۽ تصورن کان سواءِ اڻپوري آھي.


مددي ڪتاب:

1. Lois Tyson, 2006. Critical Theory Today: A User friendly guide. 2nd Ed. Routledge, New York-London
2. Yuval Noah Harari (2016). Homo Deus: A History of Tomorrow. Vintage/Penguin.

فيمينزم يا عورت-واد تنقيدي نظريو

انساني تاريخ ۾ ھڪ فرد يا ھڪ گروھ کي انفرادي توڙي اجتماعي زندگيءَ ۾ جڏھن بہ طاقت حاصل ٿي آھي تڏھن ان فرد يا ان گروھ پنھنجي طاقت جو استعمال ڪندي ٻين ماڻھن خاص ڪري پنھنجن مخالفن جو استحصال ڪيو آھي. اھو استحصال سماجي سطح تي مختلف صورتن جھڙوڪ جسماني، ذھني، جذباتي ۽ معاشي شڪلين ۾ ٿيندو رھيو آھي. جنس جي لحاظ کان ڪنھن بہ سماج جو تقريبن ٪۹۸ حصو مردن ۽ عورتن تي مشتمل ھوندو آھي (باقي ٻہ سيڪڙو ۾ ھم جنس، روايت کان ھٽيل مختلف جنسي لاڙا رکندڙ، ٽئين جنس ۽ ٻٽي جنس رکندڙ شامل آھن). فيمينزم يا عورت-واد تنقيدي نظرئي ھيٺ ادب يا ٻين انساني پيشڪشن جھڙوڪ فلم، موسيقي، فن، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تعميرات جي شاھڪارن وسيلي مردن طرفان عورتن جي معاشي، سياسي ۽ سماجي ترقيءَ يا استحصال جو تجزيو ڪيو ويندو آھي. عورت-وادن جي گرما گرم بحثن جو اھم موضوع ’پدراڻو نظام‘ رھيو آھي جنھن تحت مردن طرفان شعوري توڙي غير شعوري سماجي ھٿڪنڊن، حرفتن ۽ ثقافتي توڙي مذھبي ريتن رسمن ۽ قانونن وسيلي عورتن کي ادنيٰ ۽ نامڪمل قرار ڏئي انھن کي چادر ۽ چارديواري، گهر ۽ گهر داري جھڙن انيڪ ڄارن ۾ قيد ڪيو ويندو آھي.
دنيا ۾ اڪثر معاشرا يا سماجي نظام پدراڻي نظام تي ھلندڙ ۽ ان کي ھٿي ڏيندڙ آھن. پدراڻي نظام کي مردن جو غالب معاشرو بہ چيو ويندو آهي جنھن ۾ مردن طرفان شعوري توڙي غير شعوري طريقن سان عورتن کي نہ رڳو پاڻ کان گهٽ ۽ ادنيٰ سمجهيو ويندو آھي پر اھڙي پرورش کانپوءِ ايئن ثابت پڻ ڪيو ويندو آھي. فيمينزم نظريو پدراڻي نظام جي نہ رڳو اوڻاين جي نشاندھي ڪندو آھي پر سماج کي مجموعي لحاظ کان بھتر بڻائڻ لاءِ انھن اوڻاين جو حل پڻ پيش ڪندو آهي.
پدراڻو نظام مردن توڙي عورتن جا روايتي سماجي رويا ۽ ڪردار طئي ڪندو اھي. ان مطابق ھڪ مرد جي تربيت عقلمند، حقيقت پسند، مضبوط، محافظ ۽ پنھنجا فيصلا پاڻ ڪندڙ طور ڪئي ويندي آھي، جڏھن تہ ھڪ عورت جي وري مٿين صفتن جي ابتڙ يعني جذباتي، غيرحقيقت پسند، ڪمزور، پرورش ڪندڙ ۽ نماڻي يا اٻوجهہ طور پرورش ڪئي ويندي آھي. بيووئاير (Beauvoir) مطابق پدراڻي نظام ۾ ٻارن جي اھڙي پرورش ڪئي ويندي آھي جو ڇوڪرا ۽ مرد پاڻ کي خودمختيار ۽ ھر معاملي ۾ فيصلا ڪندڙ بڻجندا آھن، جڏھن تہ ڇوڪريون ۽ عورتون ڇوڪرن ۽ مردن تي انحصار ڪندڙ ۽ انھن جي فيصلن جون محتاج بڻجي وينديون آھن. مرد دنيا جھان جا ڪم ڪارڪندا آهن، دنيا جھان کي تبديل ڪندا آھن ۽ دنيا جھان کي معنيٰ ڏيندا آھن، ٻئي پاسي وري عورتن جو وجود الڳ حيثيت ۾ نہ پر فقط مردن جي نسبت سان ئي موجود ھوندو آھي. ٻين لفظن ۾ ھڪ عورت جو وجود پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ جيئرو جاڳندو، ھڪ سوچيندڙ سمجهندڙ ۽ ھڪ مرد جھڙو جذبا ۽ احساس رکندڙ فرد طور نہ پر ھڪ ڪمتر ۽ مردن جون ضرورتون پوريون ڪندڙ طور جوڙيو ويندو آهي جنھن جا ڪي بہ برابر حق نہ آھن. نتيجي ۾ ھڪ عورت جو وجود ھڪ ناقص فرد ۽ ھڪ 'ڌارئي مخلوق' طور بڻجي ويندو آھي.
فيمينزم يا عورت-واد نظريو دعوي۱ ڪري ٿو تہ پدراڻو نظام شعوري توڙي غير شعوري ھٿڪنڊن، حرامپائين ۽ ھٿ ٺوڪين روايتن ۽ قانونن وسيلي ھڪ ’سٺي مرد‘ ۽ ھڪ ’سٺي عورت‘ جا معيار مقرر ڪري کين انھن ڪالبن ۾ ڍاليندو آھي. ان روايتي ڪالب تحت ھڪ سٺو مرد گهر جي معاشي ذميواري قبول ڪندڙ، مصيبتن کي منھن ڏيندڙ، تڪليفن ۽ ايذائن کي بھادري سان سھندڙ، ڪنھن بہ حال ۾ ھار قبول نہ ڪندڙ ۽ ڪنھن بہ حال ۾ ڪڏھن بہ نہ روئندڙ شخص سمجهيو ويندو آھي. بيووئاير (Beauvoir) مطابق ”ھڪ عورت عورت طور پيدا ڪون ٿيندي آھي پر اھا بڻجي ويندي آھي“. اسان جي پدراڻي سماج ۾ ھڪ ’سٺي عورت‘ اھا آھي جيڪا وات ۾ زبان رکندڙ نہ ھجي يعني نماڻي، ھا ۾ ھا ملائيندڙ ۽ تمام گهٽ ڳالھائيندڙ ھجي، مردن سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالھائيندڙ نہ ھجي پر شرم ۽ حياء کان ڪنڌ ھيٺ جهڪائي ھلندڙ ھجي؛ چادر ۽ چار ديواري جو تقدس برقرار رکندڙ ھجي، ؛ شادي کان اڳ پنھنجي دوشيزائي کي يعني جنسي عضون کي جنسي عمل ۽ لذت کان محفوظ رکندڙ ھجي ۽ شادي کان پوءِ سڄي ڄمار مڙس کان سواءِ ٻين سڀني مردن کان پري رھندڙ ھجي؛ عام زندگيءَ ۾ غير محرم مردن کي ڏسڻ، انھن سان ڳالھائيندڙ ۽ سماجي رابطا نہ رکندڙ ھجي؛ صبح جو سوير سڀني مرد گهر ڀاتين کان اڳ ۾ اٿندڙ، سڄو ڏينھن گهر جو ڪم ڪندڙ (ٽي وقتي ماني ٽڪي، ٿانو ٻھاري، ڪپڙا لٽا ڌوئڻ وغيرہ) ۽ رات جو بنا چون چران مڙس کي جنسي لذت فراھم ڪندڙ ھجي... ھتي پدراڻي نظام جي ھن ٻہ اکيائي کي پڻ آساني سان نظرانداز ڪرڻ سيکاريو ويندو آھي تہ ھڪ مرد شادي کان اڳ يا شادي کان پوءِ پنھنجي جنسي عياشي لاءِ ڀلي ڪيترين عورتن سان ڪارو منھن ڪندو ھجي ۽ جنسي لاڳاپا رکندڙ ھجي پر ان عمل کي سندس مردانگيء سان جوڙو ويندو آھي؛ ٻئي پاسي اھو ئي زاني مرد پنھنجي گهر يا پاڙي جي ڪنھن ڇوڪري يا عورت تي ڪنھن غير مرد سان جنسي لاڳاپن رکڻ جو فقط شڪ پوڻ تي ان عورت کي ڪاري قرار ڏئي قتل پڻ ڪندو آھي ۽ ان قتل کي غيرت جي نالي تي جائز پڻ سمجهيو ويندو آهي...ان کان سواءِ مردن طرفان ٻئي کي ذليل ڪرڻ لاءِ ڪچين گارين ۾ انھن جي عورتن (ڀيڻ/ماءُ) جي جنسي عضون ۽ انھن جي تذليل جو سھارو ورتو ويندو آھي.
بيووئاير (Beauvoir) مطابق ”شادي مرد ۽ عورت جي وچ ۾ سڄي عمر گڏ رھڻ جو ھڪ معاھدو آھي جنھن ۾ ھڪ عورت ھر روز ۲۴ ڪلاڪ بنا معاوضي مزدوري ڪرڻ جي حامي ڀريندي آھي.“ اھا وصف چاھي اولھہ جي ترقي يافتہ سماجن جي عورتن تي مڪمل طرح لاڳو نہ ٿيندي ھجي پر ننڍي کنڊ جي ھندوستان ۽ پاڪستان جي اڪثر عورتن تي ضرور پوري لھي ٿي. اولھہ جي ملڪن جھڙوڪ آمريڪا ۾ شادي شدہ يا شادي کان سواءِ گڏ رھندڙ مرد ۽ عورت ۾ جيتوڻيڪ معاشي طور ھر ھڪ خود ڪفيل ھوندو آھي پر پوءِ بہ گهر داريءَ جي ذميوارين ۽ ڪمن ۾ عورت جو حصو سٺ کان ستر سيڪڙو ھوندو آھي. اسان وٽ تہ چڪر ئي ٻيو آھي ڇو تہ سڄي عمر جي بنا معاوضي نوڪرياڻي بڻجڻ ۽ پنھنجو جسم ھڪ ئي مرد (مڙس) کي ارپڻ کان پوءِ بہ اڪثر مڙس توڙي ان جي خاندان جا ٻيا مرد (ڏير، سھرو، چاچا، ماما وغيرہ) زال سان کھرو رويو رکندا آھن ۽ مڙس پنھنجي زال کي ننڍي ڳالھہ (مثال طور ماني دير سان ڏيڻ وغيرہ) تي جسماني تشدد تي لھي ايندو آھي.اسان جي معاشري ۾ اھڙين خدمتگذار زالن جو بہ قدر نہ ٿو ڪيو وڃي، افسوس!
عورت-واد نظريي جا حامي چون ٿا تہ عورت کي اشتھارن ۽ فلمن ۾ ھڪ چٽپٽي مصالحي طور مختلف صنعتي پيداورن جي وڪري لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو جيڪو پڻ ھڪ غلط عمل آهي. فلمن، ڊرامن ۽ اشتھارن ۾ عورت جي جسم کي ھڪ مرد جي حوس ڀرئي نظر جي حساب سان ڏيکاريو وڃي ٿو. ساڳي ريت نين دوائن جي تياري دوران ھڪ مرد جي تجربن ۽ مشاھدن کي ڪائناتي سمجهي ان دوا جي وڌيڪ مقدار واپرائڻ (اوور ڊوز) وغيرہ جي نقصانن جا عورتن تي ڪھڙا اثر ٿين ٿا جو اڀياس نہ ڪيو ويندو آھي جنھنڪري ڪجه عورتون دوا واپرائڻ بعد ان جي ضمني خراب اثرن ۾ مبتلا ٿي وينديون آھن.
ھاڻي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تہ ڇا دنيا ۾ ڪنھن وقت يا ڪٿي اھڙيون ڪي ثقافتون گذريون آھن يا موجود آھن جن ۾ مرد ۽ عورت کي برابر حق حاصل ھجن؛ عورتن کي پڻ سندن ڪمن ۽ خدمتن مطابق عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو ھجي، ۽ انھن کي بہ سوچيندڙ سمجهندڙ ۽ ھڪجهڙا جذبا ۽ احساس رکندڙ فردن طور ڏٺو ويندو ھجي؟ ان جو جواب پڻ ھاڪار ۾ آھي. انڊونيشيا جي ’جيرائي‘۽ نيو گني جي ’ونيٽيناء‘ٻيٽن جا ماڻھو عورتن سان ھڪ جھڙي عزت ۽ احترام سان پيش ايندا آهن ۽ اتان جي مردن توڙي عورتن کي سندن ڪمن، صلاحيتن، خدمتن ۽ سياڻپ جي لحاظ کان ٺھڪندڙ ۽ ھڪ جھڙي پذيرائي ڪئي ويندي آھي.
ڳالھہ جو ڳر اھو آھي تہ فيمينزم يا عورت-واد تنقيدي نظريو پدري نظام ھيٺ مردن طرفان عورتن جي جسماني، نفسياتي، جذباتي توڙي سياسي ۽ ثقافتي استحصال جي نشاندھي ۽ انھن جو حل پيش ڪري ٿو. اسان مردن کي گهرجي تہ عورتن کي پاڻ کان ڪمتر ۽ ادنيٰ نہ سمجهون؛ انھن کي زر خريد غلام نہ سمجهون؛ انھن کي فقط جنسي تسڪين جو ذريعو ۽ ڪم ڪار ڪرڻ جون نوڪراڻيون نہ سمجهون؛ انھن کي ھڪ جيئرو جاڳندو، سوچيندڙ سمجهندڙ، ھڪجهڙا جذبا ۽ احساس رکندڙ سمجهون؛ ۽ انھن جي ڪيل خدمتن جي اعتراف ۾ انھن جي منصفانہ ۽ ٺھڪندڙ پذيرائي ڪريون.


مددي ڪتاب:

1. Lois Tyson, 2006. Critical Theory Today: A User friendly guide. 2nd Ed. Routledge, New York- London

مارڪسزم تنقيدي نظريو

وچ اوڻيھين صدي ۾ پيش ڪيل جرمني جي معاشيات جي ماھر ڪارل مارڪس مارڪسزم نظريو پيش ڪيو جيڪو اڳتي ھلي ھڪ ئي وقت فلسفي، تاريخ، معيشت ۽ سياست جو انقلابي نظريو بڻجي ويو. مارڪسزم ھڪ خاندان، قبيلي ۽ قوم توڙي ھڪ سماجي اداري، معاشري ۽ ملڪ ۾ طاقتور ۽ ڪمزور طبقن جو معاشي ۽ ٻين مادي وسيلن جي لحاظ سان تجزيو ڪري ٿو؛ ھن تجزئي ۾ اھو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي تہ طاقتور ٽولو ڪھڙيءَ ريت ڪمزور ٽولي جو معاشي استحصال ڪندي انھن مٿان پنھنجو تسلط قائم رکندو آھي. ٻين لفظن ۾ ماڻھن جي گروھن ۽ سماجي ادارن ۾ ھي نظريو نہ رڳو مادي وسيلن جي غير منصفانہ ورڇ جي ڪري ٻن طبقن جھڙوڪ حڪمران يا سرمائيدار ۽ رعايا يا مزدور طبقن جي نشاندھي ڪري ٿو، پر ساڳئي وقت ڪمزور ۽ مظلوم طبقي اندر جاري رھندڙ استحصال جي اپٽار ۽ اڀياس وسيلي حڪمران ۽ ظالم طبقي خلاف بغاوت جو علم پڻ بلند ڪري ٿو؛ ھن نظرئي جا حامي ان خوشفھمي ۾ پڻ يقين رکندا آھن تہ مظلوم طبقي جا ماڻھو پاڻ ۾ متحد ٿي ظالم ۽ سرمائيدار طبقي سان وڙھندا؛ اھا ويڙھ ھڪ انقلاب آڻيندي ۽ محنت ڪش مزدور طبقو انھن کان اقتدار ۽ مادي وسيلا ڦري وٺندو؛ انقلاب آڻيندڙ مزدور طبقو وقتي طور ايسيتائين حڪمران بڻجي ويندو جيسيتائين معاشري ۾ طبقاتي نظام جو مڪمل خاتمو نہ ٿو ٿئي ۽ مادي وسيلن جي منصفانہ ورڇ نہ ٿي ٿئي. مارڪسزم تنقيدي نظرئي تحت ادب يا ٻين انساني پيشڪشن جھڙوڪ فلم، موسيقي، فن، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تعميرات جي شاھڪارن وسيلي معاشري ۾ معاشي ۽ مادي وسيلن جي غير منصفاننہ ورڇ جي بنياد تي حڪمران ۽ ظالم طبقي طرفان محڪوم ۽ مظلوم طبقن تي شعوري ۽ غير شعوري استحصالي ھٿڪنڊن، حرفتن ۽ حرامپائين جي ڄارن جي اپٽار ڪئي ويندي آھي.
مارڪسزم نظرئي ھيٺ روس ۽ چين ۾ ڪميونسٽ پارٽين پنھنجن ملڪن ۾ طبقاتي نظام کي ختم ڪرڻ ۽ عوام جي ھڪ ئي طبقي ۾ سڀني پيداواري ۽ مادي وسيلن جي منصفانہ ورڇ يا ڪميونزم جو نعرو ھنيو (جيڪو ڪنھن بہ دور ۽ سماج لاءِ غير فطري ۽ ناممڪن آھي). انھن ملڪن ۾ سرمائيدارانہ نظام خلاف ملڪي سطح تائين ڀرپور تحريڪون ھليون جن اتان جي حڪومتي نظامن ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو ۽ ڪار وھنوار جون سڀ شيون يعني مادي وسيلن جي پيدائش ۽ ورڇ کي ھڪجهڙو ۽ يقيني بنائڻ لاءِ خانگي شعبن کي ختم ڪري سوشلزم، يعني ھر معاملو ۽ ھر کاتو سرڪار يا حڪومت وٽ ھجي، جو بنياد وڌو (پر پوءِ بہ نہ رڳو طبقاتي نظام يعني حڪمران، ادارا ۽ انھن جا سربراھ توڙي رعايا، ملازم ۽ مزدور موجود رھيا پر انھن ملڪن ۾ حڪمران ٽولن يعني روس جي لينن ۽ چين جي مائوزي تنگ پنھنجن مفادن تحت مارڪسزم جي آڙ ۾ پنھنجي شخصي حڪمراني کي مسلسل طول ڏئي ليننزم ۽ مائوازم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو). ڊسمبر ۱۹۹۱ ۾ متحدہ روس (يونين آف سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ ۱۹۲۲-۱۹۹۱) کان سندس پندرھن سوشلسٽ رياستن جي ٽٽي الڳ ٿيڻ کان پوءِ عام طرح سان اھو چيو ويندو آهي تہ ماڪسزم نظريو عوامي انقلاب آڻڻ ۾ مڪمل طرح سان ناڪام ٿي چڪو آھي پر حقيقت ۾ اھو اڃا تائين توڙي ايندڙ ھر دور جي مادي حالتن ۽ تاريخ کي سمجهڻ جو ھڪ اھم نظريو ۽ فلسفو آھي ۽ رھندو. ايسيتائين جو ان نظرئي تحت روس جي سوشلسٽ رياستن جي ٽٽڻ جو سندن مادي وسيلن جي غير منصفانہ ورڇ تحت تنقيدي جائزو پڻ وٺي سگهجي ٿو.
بدقسمتيءَ سان طبقاتي نظام ۾ مزدور، محروم ۽ مظلوم طبقو پاڻ تي ٿيندڙ ظلمن ۽ ناجائزين جي باري ۾ اڻڄاڻ ھوندو آھي ۽ سڀني کان آخر ۾ سجاڳ ٿيندو آھي. اھو ئي سبب آھي جو عام عوام يا ووٽر، مزدور، ھاري ۽ ننڍا ملازم اڪثر ڪري مذھب، ثقافت، حب الوطني، قبيلي، قوم ۽ جنس جي انيڪ ڄارن ۾ ٻہ - ٽنگا ڦاٿل ھوندا آهن. ان ڪري اھي اڪثر ڪري پنھنجي ھيٺئين سماجي طبقي کان ٻاھر نڪري نہ سگهندا آھن. ڪارل مارڪس مذھب کي ”ماڻھن يا عوام لاءِ آفيم“ سڏيو آھي. جيئن نشي ۾ وقتي طرح اسان تي سرور ۽ اوج واري ڪيفيت طاري ٿي ويندي آھي ۽ اسان دنيا جي معروضي ۽ عقلي اڻوڻدڙ سچائين جھڙوڪ سور، تڪليف، مظلوميت وغيرہ کان آجا ٿي ويندا آھيون، تيئن ھڪ سچو مذھبي پيروڪار پڻ پنھنجي دنياوي تڪليفن ۽ اڻھوند واري حال ۾ بہ مذھب ۽ خدا جي رضا تي راضي رھي ٿو ۽ انھن تڪليفن جو ثمر مرڻ کان پوءِ جنت ۾ حاصل ڪرڻ چاھي ٿو! مطلب تہ حڪمران ۽ ظالم طبقو غريبن ۾ اھڙي قسم جو نظرياتي آفيم وڪڻي ھڪ پاسي انھن تي پنھنجو تسلط جاري رکندو آھي تہ ٻئي پاسي انھن جي محنت مان ڪمايل معاشي ۽ پيداواري وسيلن جي ھڪ وڏي حصي کي مال غنيمت سمجهي پنھنجي زندگيءَ ۽ دنيا کي ئي جنت بڻايو ويٺو ھوندو آھي.
ساڳئي طرح سان مارڪسزم ھر ٻئي نظرئي کي استحصالي نظرئي طور ڏسندو آھي. مثال طور مارڪسزم حب الوطني کي پڻ ھڪ استحصالي نظرئي جي حيثيت سان ڏسي ٿو. ان مطابق ھڪ ملڪ جا معاشي طور غريب ماڻھو (فوجي) ٻئي ملڪ جي غريب ماڻھن سان جنگيون ڪندا آهن ۽ انھن ۾ مرندا ۽ ماريندا آھن. جڏھن تہ ٻنھي ملڪن جا شاھوڪار ماڻھو جنگي-معيشت جي انيڪ فائدن جو مزو وٺندا آھن. جيئن تہ حب الوطني تحت ھڪ ملڪ جا غريب ماڻھو پاڻ کي ھڪ وڏي قوم جون خاصيتون رکندڙ ھڪ جز سمجهندا آھن پر ٻي قوم کان ھروڀرو الڳ، منفرد ۽ بھتر سمجهندا آھن. نتيجي ۾ اھي انھن سان نفرت ڪرڻ لڳندا آھن ۽ ڪنھن بہ صورت ۾ انھن سان متحد نہ ٿي سگهندا آھن. اچو تہ ھڪ ٻيو مثال پڻ وٺون. آمريڪي زندگي جو خواب يا آمريڪي طرز عمل پڻ ھڪ نظريو آهي جنھن ۾ نوجوانن جي اڪثريت پنھنجو سڀ سرمايو اعليٰ رتبي، ڪاروبار يا پيشي تي لڳائڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿي چاھي ان ۾ سڀ سرمايو ٻڏي وڃڻ يا ڪيتري ئي جاني نقصان جو خطرو ڇو نہ ھجي. ان کان سواءِ اتان جا نوجوان سرمائيدارانہ مارڪيٽ جي اثرن ھيٺ ھڪ طرف انفراديت يعني ”مان“ ۽ ”منھنجو“ جي خوبصورت ڄارن ۽ گراھڪي يا ڪنزيومرزم اثرن ھيٺ پنھنجي دل جي آواز کي ورنائيندي ڪريڊٽ ڪارڊن وسيلي پنھنجي بجيٽ ۽ بچت کان وڌيڪ خرچ ڪندا آھن. نتيجي ۾ انھن کي فقط خوشفھمي ئي پلئه پوندي آھي جڏھن تہ ھڪ پاسي سرمائيدار انھن غريب نوجوانن جي خرچ ڪيل ڳرين رقمن مان نفعي ۽ وياج جا ٻٽا فائدا لٽيندا آھن، تہ ٻئي پاسي غربت جي چڪي ۾ پيسجندڙ نوجوانن جي اڪثريت جي حڪومتي سطح تي سھائتا جي سوچ وچ تي ڪٿي گم ٿي ويندي آھي.
اسان پنھنجي معاشري ۾ فوج، سياست، اشرافيہ، تعليم، شو-بز يا ٻئي ڪنھن بہ عوامي خدمت جي نظام يا کاتي جو مارڪسزم تحت جائزو وٺنداسين تہ اسان کي ڀلي ڀت نظر ايندو تہ تحفظ، عوامي ڀلائي ۽ خدمت جي آڙ ۾ انھن شعبن جو مٿيون طبقو پنھنجي ذاتي ڀلائي ۽ تحفظ حاصل ڪيو ويٺو آھي؛ عوام يا متعلق ھيٺيون طبقو جيئي توڙي مري پر ان سان انھن جو ڪو تعلق ناھي؛ ايسيتائين جو اھي اھڙو ماحول جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا آھن جو معاشي ۽ مادي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ غيرمنصفانہ ورڇ بابت ھيٺين طبقي جي مظلوم اڪثريت بيخبر رھندي پئي اچي.
مٿئين بحث جو لب لباب اھو آھي تہ مارڪسزم تنقيدي نظريو ڪنھن معاشري ۾ موجود طبقن جو معاشي لحاظ کان سرمائيدار يا ظالم ۽ مزدور يا مظلوم طبقن طور ڇيد ڪري انھن جي وچ ۾ ٿيندڙ ترقي يا استحصال جو تنقيدي جائزو وٺندو آھي. جيسيتائين اسان جي سماج ۾ موجود طبقن ۾ مٿئين استحصالي طبقي پاران ھيٺئين مظلوم طبقي تي معاشي ۽ مادي وسيلن جي لحاظ کان استحصال ٿيندو رھندو تيسيتائين مارڪسزم جو تنقيدي نظريو معاشري ۽ ادب ۾ اھميت جو حامل رھندو.


مددي ڪتاب :

1. Lois Tyson, 2006. Critical Theory Today: A User friendly guide. 2nd Ed. Routledge, New York-London
2. https://www.britannica.com/event/the-collapse-of-the-Soviet-Union

انساني نسل جي پيڙا کان نجات جو راز (حصو پھريون)

پروفيسر جيريمي گرفٿ ( Prof. Jeremy Griffith) آسٽريليا جا ماھر حياتيات آھن. ھن پنھنجي سموري ڄمار زندگي جي انوکي خاصيت يعني ”چڱائي ۽ برائي“ يا ”نيڪي ۽ بدي“ جي انساني الميي جي حياتياتي تشريح لاءِ ارپي ڇڏي آھي. پاڻ ھن وقت تائين ھن موضوع تي ست ڪتاب لکيا آھن جن مان 2003ع ۾ ھڪ ڪتاب (A Species in Denial) جڳ مشھوري ماڻي چڪو آھي، پر اڄوڪو مضمون سندس 2016ع ۾ ڇپيل ”آزادي: انساني حالت جو اختتام“ (Freedom: The End of Human Condition) بابت جڳ مشھور انگريز اداڪار، پروڊيوسر، ھدايتڪار ۽ ليکڪ ڪريگ ڪانوي (Craig Conway) طرفان ورتل انٽرويو جو اختصار آھي.
پروفيسر جيريمي گرفٿ جي مٿئين ڪتاب جي باري ۾ ڪئناڊين سائيڪياٽرڪ ايسوسيئيشن جو سابق صدر چوي ٿو: ”مون کي ان ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ جيريمي گرفٿ جي حياتياتي تشريح انساني نسل جي نفسياتي بحالي جي سلسلي ۾ مقدس نظرئي جي بصيرت جو اعتراف آھي. اسان کي ھن ڪتاب جو انتظار ھو. ھي اھو ڪتاب آهي جيڪو دنيا کي بچائيندڙ آھي.“
ھاڻي اچو تہ ڏسون تہ ھن ڪتاب ۾ ”انساني حالت مان آزادي يا نجات“ ۽ ”انساني نفسياتي بحالي“ جو مطلب ڇا آهي. ليکڪ مطابق انسانن جي سماجي نظام ۾ بد نظمي پيدا ڪندڙ ناڪاري روين جھڙوڪ مفاد-پرستي، جارحيت، مقابلو ڪرڻ يا ٻئي کي مات ڏيڻ جي ڪري ئي معاشري ۾ ھر وقت نفسياتي ڇڪتاڻ واري صورتحال رھي ٿي. انسانن جي نفسياتي بحالي يعني مسئلن کان آجپي واري سوچ، سمجهہ ۽ ڪوشش انساني تاريخ ۾ ھزارن سالن کان وٺي اھم رھي آھي. پر ان لاءِ ضروري آھي تہ اھڙي ڪوشش حياتياتي ۽ سائنسي علمن سان مطابقت رکندڙ، غير مجرد ۽ غير روحاني ھجي.
سادن لفظن ۾ ھاڻي سوال اھو آھي تہ اسان انسان ڪمن ڪارين ۾ يا ٻين انسانن سان تعلقات ۾ مفاد پرست، جارحاڻا ۽ مقابلي وارا يا مات ڏيندڙ رويا ۽ ڪردار رکندڙ ڇو آھيون جڏھن تہ اھي رويا ھاڻي حد ٽپي ناقابل برداشت ٿي چڪا آهن؟ اھو ان ڪري آھي جو اسان سڀئي انسان ڪو نہ ڪو عقيدو رکندا آھيون يا وري اسان کي اسڪولن ۾، ٽيليويزن توڙي فلمن ۾ يا وري ڊاڪيومينٽري پروگرامن ۾ اھو ڏيکاريو ۽ سيکاريو ويندو آهي تہ اسان جا مٿيان رويا ۽ عمل اسان جي جانورن واري وحشياڻي ان ارتقائي دور جي پيداوار آھن جڏھن اسان ۾ ٻين جانورن وانگر پنھنجا جين پنھنجي نسل جي موزون اميدوار ۾ جبلتي ۽ لازمي طور منتقل ڪرڻ جي سوچ غالب ھوندي ھئي. جيتوڻيڪ کاٻي ڌر جا ماڻھو اھا پڻ دعويٰ ڪندا آهن تہ انسانن ۾ ڪجهہ بي-غرض يعني بنا ڪنھن لوڀ ۽ لالچ جي تعاون ۽ مدد ڪندڙ رويا موجود آھن پر ساڳئي وقت انھن ۾ جانورن واريون صفتون جيئن خودغرضي، مفاد پرستي ۽ مقابلو ڪرڻ يا مات ڏيڻ وغيرھ پڻ موجود آھن؛ ھنن کي ڪارل مارڪس تہ بنيادي ضرورتن جھڙوڪ کاڌو، جنس، اجهي ۽ لٽي سان سلهاڙي ٿو، پر ابلاغ جي سڀني اظھارن ۾ مردن جو جارحاڻو، للڪاريندڙ ۽ مات ڏيندڙ رويو سندن جانورن واري دؤر جي جنگجو ھجڻ جي جبلت سان جوڙيو ويندو آهي ۽ خوبصورت ۽ تندرست عورتن سان دوستاڻو رويو سندن جينياتي مواد منتقل ڪرڻ سان سلهاڙيو ويندو آهي. مطلب تہ اسان جي روزمرہ جي زندگيءَ ۾ انسانن جو ھر ناڪاري رويو ۽ عمل جاندارن جي ارتقائي اصولن ”مقابلو ڪرڻ ۾ ڀڙ“۽ ”موزون ترين خاصيتن جي فطري چونڊ“ جي اصولن سان جوڙيو ويندو آهي.
پروفيسر جيريمي گرفٿ جو خيال آھي تہ اسان جا مٿيان ناڪاري رويا ۽ عمل فقط جاندارن جي ارتقائي اصولن ۽ انھن مان ڦٽندڙ جبلتي تسڪين تي ٻڌل نہ آھن ڇو تہ اسان جي عام زندگيءَ ۾ ھزارن سالن کان استعمال ٿيندڙ لفظ جھڙوڪ: پنھنجي ٻڌڻ وارو، مغرور، متاثر ٿيل، مايوس، سچائي کان منڪر، ناڪاري سوچ رکندڙ، ھاڪاري سوچ رکندڙ، مصنوعي، نفرت انگيز، ڀروسي جي قابل نہ ھجڻ، گهٽيا، اذيت-پسند، بد اخلاق، تابناڪ، احساس جرم رکندڙ، گنھگار، نفسياتي، بيگانو وغيرہ، واضع طرح سان اشارو ڪن ٿا تہ اسان انسان پنھنجي آزاد سوچ، ارادو، اختيار ۽ شعور رکندڙ مخلوق رھيا آھيون. اھي سڀ لفظ اھو پڻ ٻڌائين ٿا تہ اسان جي رويي جو ھڪ نفسياتي پاسو پڻ آھي، يعني اسان جون مصيبتون فقط جانورن واري موقعي پرست ھجڻ ۽ ارتقائي جبلتن جي غير مطمئن رھجي وڃڻ جي ڪري نہ آھن پر اسان جون تڪليفون ۽ اذيتون اسان جي شعور ۽ جبلتن جي ٽڪراءَ ۽ تضاد سببان آھن. ليکڪ ان ٽڪراءَ ۽ تضاد کي ئي ’انساني حالت‘ يا بگڙيل نفسياتي حالت ڪوٺي ٿو.
ظاهر آهي تہ اھا بگڙيل نفسياتي حالت انسانن ۾ شعور جي اچڻ کان پوءِ پيدا ٿي ھئي. ھن حالت کان اڳ اسان جي نسل جي ماڻھن ۾ خود غرضي ۽ مفاد پرستي، ساڙ ۽ بغض، ريس ۽ مقابلو ڪري مات ڏيڻ جھڙو اوگڻ موجود نہ ھوندا ھئا پر اسان جا وڏا ڏاڏا بي-غرض، ٻين سان پيار ڪندڙ ۽ تعاون ڪندڙ ھوندا ھئا. چارلس ڊارون پڻ انھيءَ عظيم خاصيت جو پنھنجي ارتقائي نظريي جي تخليق ۽ تحقيق دوران معترف ھو پر جيئن تہ اھا خاصيت ارتقائي نظرئي کي ٻيو رخ ڏيندڙ ھئي ان ڪري ان کي ايتري پذيرائي نہ ملي سگهي. ڊارون چيو ھو: ”انسانن جو اخلاقي شعور ئي اھا عظيم خاصيت آھي جيڪا انھن کي ادنيٰ جانورن کان ممتاز ڪري ٿي.“ جي ايئن نہ ھجي ھا تہ اسان ۾ اھي گڻ نسل در نسل ڪٿان پيا منتقل ٿيندا اچن؟
اسان جا وارث ڀولڙا ڪڏھن بہ ظالم، حڪم ھلائيندڙ ۽ ويڙھاڪ وحشي نہ رھيا آھن پر اسان کي ان جي ابتڙ پڙھايو ويندو رھيو آھي. اھي يقيناً بھشت جي باغ واري زندگي گذاريندڙ ھئا يعني بلڪل بي-غرض، ٻين سان پيار ڪندڙ ۽ تعاون ڪندڙ ھئا. ان جو ثبوت اھو آھي تہ اووين ۽ لوبواء جھڙن انساني تاريخ تي تحقيق ڪندڙن موجودہ دؤر جي ڀولڙن جي بونوبو قسم ۾ اٿاھ پيار ۽ محبت سان گڏجي سڏجي رھڻ جي خاصيت کي سندن پنڊ پھڻ ٿيل نسلن جي تجزئي وسيلي پلايوسين دور (5.3 ملين سال يا 53 لک) کان بہ پراڻو ڄاڻايو آھي.
مطلب تہ اسان ۾ جارحاڻي ۽ مقابلي ۾ ماري مات ڪرڻ جي لاڙي جا پيرا فقط جانورن جي اھڙين جبلتن جي ارتقائي سفر ڏانھن نہ ٿا وڃن پر اھو تہ رڳو بھانو آھي جنھن ۾ اسان جي ذھنن کي سدائين کان جڪڙي رکيو ويو آھي؛ اسان جي نفسياتي مونجهارن جھڙوڪ مفاد پرستي، ساڙ ۽ بغض، ريس ۽ مقابلو ڪري مات ڏيڻ، تڪبر، بدلو وٺڻ ۽ اذيت پسندي جا پيرا جبلت ۽ شعور جي تضاد جي ابتدا ڏانھن وڃن ٿا. ماحولياتي لھه-وچڙ جي نتيجي ۾ سکيل روين ۽ عملن جي ڀيٽ ۾ جينياتي لاڙن سان لاڳاپيل روين ۽ عملن کي تبديل ڪرڻ اڪثر ڪري ناممڪن ھوندو آھي، پر ان جي ڀيٽ ۾ اسان انسانن جا سکيل رويا ۽ عمل تبديل ڪرڻ ممڪن ۽ نسبتاً آسان ھوندا آھن. پروفيسر جيريمي ان سلسلي ۾ تمام گهڻو يقين ۽ اتساھ رکندڙ آھي تہ اسان انسانن جا مٿيان ناڪاري رويا ۽ عمل يا ٻين لفظن ۾ وڏا نفسياتي مونجهارا جيڪي شعور ۽ جبلت جي ٽڪراءَ سبب پيدا ٿيا آهن اھي اھڙي سمجهہ ۽ سکيا وسيلي ختم پڻ ٿي سگهندا.
اچو تہ شعور ۽ جبلت جي تضاد ۾ پيدا ٿيندڙ نفسياتي مونجهارن کي انسانن جي تناظر ۾ ھڪ مثال سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون. پروفيسر جيريمي چوي ٿو تہ فرض ڪريون ٿا تہ ھڪ ٻگهه، جنھن کي سولائي خاطر آدم ٿا چئون، ۾ دماغي تبديليون آيون (ڪارٽيڪس وجود ۾ آيو) جن جي نتيجي ۾ ان ۾ شعور (آزاد سوچ، ارادو ۽ عمل) پيدا ٿيو. ھاڻي ٻين ٻگهن وانگر جينياتي لاڙن تحت اھو ٻگهہ ھر اونھاري ۾ پنھنجو نسل وڌائڻ لاءِ ڏکڻ کان اتر يعني آفريڪا مان يورپ جي علائقن ڏانھن سفر ڪري ٿو. ھن کان اڳ ۾ ھو بنا چون چران جي اھو ڪجهہ ڪندو ھو جيڪو جبلتن جي اثر ھيٺ ٻيا ٻگهہ ڪندا ھئا. پر ھن واري ھو ٻين کان شعوري طرح مختلف ھو. اتر ڏانھن سفر جي وچ ڌاري ھن پريان صوفن جو باغ ڏٺو. ھن پنھنجي شعور ۽ آزاد سوچ ۽ ارادي سان ٻين ٻگهن جي جبلي لاڙن جي ابتڙ ان باغ ڏانھن وڃڻ جو فيصلو ڪيو.
آدم جڏھن اتي پھتو ۽ صوفن جي باغ مان ميوا کاڌائين پئي تہ ھن کي جبلي قوتن ھيٺ سندس دماغ اھو پيغام ڏئي رھيو ھو تہ ھن باغ ڏانھن لڙي غلط فيصلو ڪيو آھي ۽ ھن کي پنھنجن ساٿين سان شامل ٿيڻ گهرجي ھا. نتيجي ۾ ھو پاڻ کي ڏوھي ۽ گنھگار محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. بھترين خيالي حل اھو ھو تہ آدم کي پاڻ کي سمجهائڻ گهرجي ھا تہ لکن سالن جي جبلتي ۽ جينياتي لاڙن جو فھم جانورن واري انڌي تقليد جي برابر آھي ۽ نيوراني يا شعوري (آزاد سوچ ۽ ارادي تي ٻڌل) مشاھداتي فھم ئي ھن کي سببن ۽ نتيجن جي دنيا سان واقف ڪرائيندڙ آھي. پر آدم لاءِ اھو سڀ ڪجهہ بلڪل نڪور تجربي مثل ھو ۽ قطعي سمجهہ ۾ ايندڙ نہ ھو. انڪري ھن لاءِ شعوري طور تي ٽي مختلف صورتحالون پيدا ٿيون ھونديون: ھڪ تہ ھو جبلتي لاڙن ۽ فھم ۽ تنقيد کي يڪسر رد ڪري پنھنجي آزاد سوچ ۽ شعور مطابق زندگي گذاري؛ ٻيو تہ ان کي اھو ڏسڻو ھو تہ نيوراني يا شعوري آزاد سوچ ۽ نيت مٿين ناڪاري جذبن کي ختم يا بي اثر ڪرڻ لاءِ ڪو اڻ ڏٺل ۽ اڻڄاتل مزو يا بھتر لطف ۽ آسودگي فراھم ڪندڙ ھئي يا نه؛ ٽيون تہ ھو جبلتي تنقيد جو انڪار ۽ ان کي نظرانداز ڪري پنھنجي زندگي گذاري. نتيجي ۾ انھيءَ نفسياتي ڪشمڪش ۾ آدم ۾ ڪاوڙ، خود-پسندي ۽ ٻين سان بيگانيت يا لاتعلقي پيدا ٿي ھوندي. اڳتي ھلي ڪجهہ ٻيون ناڪاري نفسياتي خاصيتون يعني ٻئي سان مقابلو ڪرڻ، ٻئي کي ماري مات ڏيڻ پيدا ٿيون ھونديون. ھنن ناڪاري نفسياتي لاڙن کي پروفيسر جيريمي انساني حالت قرار ڏئي ٿو.
مطلب تہ اڄوڪي دنيا جي اسان انسانن جا نفسياتي مونجهارا اصل ۾ اسان جي جبلي ۽ غير شعوري زندگي کان نيوراني (ڪارٽيڪس) آزاد سوچ ۽ ارادي واري شعوري زندگيءَ کي اپنائڻ جي قيمت آھي جيڪا نہ چاھيندي بہ اسان طرفان چڪائي وئي آھي، يعني جنت حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي پنھنجي دنيا کي دوزخ بڻائڻو پئجي ويو ۽ پاڻ کي پائڻ لاءِ پاڻ کي وڃائڻو پئجي ويو. اسان جا مٿيان ناڪاري نفسياتي لاڙا جبلتي نہ پر اڪتسابي آھن جيڪي موزون سوچ ۽ سمجهہ جي فروغ سان ختم ٿيڻ جوڳا آھن.
(ٻئين حصي ۾ آدم جي جنت مان تڙجڻ جي تمثيل تي سائنسي روشني وڌي ويندي)

انساني نسل جي پيڙا کان نجات جو راز (حصو ٻيون: آدم جي جنت مان نيڪالي جي سائنسي وضاحت)

پروفيسر جيريمي گرفٿ ( Prof. Jeremy Griffith) آسٽريليا جا ماھر حياتيات آھن. ھن پنھنجي سموري ڄمار زندگي جي انوکي خاصيت يعني ”چڱائي ۽ برائي“ يا ”نيڪي ۽ بدي“ جي انساني الميي جي حياتياتي تشريح لاءِ ارپي ڇڏي آھي. پاڻ ھن وقت تائين ھن موضوع تي ست ڪتاب لکيا آھن جن مان 2003ع ۾ ھڪ ڪتاب (A Species in Denial) جڳ مشھوري ماڻي چڪو آھي، پر اڄوڪو مضمون سندس 2016ع ۾ ڇپيل ”آزادي: انساني حالت جو اختتام“ (Freedom: The End of Human Condition) بابت جڳ مشھور انگريز اداڪار، پروڊيوسر، ھدايتڪار ۽ ليکڪ ڪريگ ڪانوي (Craig Conway) طرفان ورتل انٽرويو جي اختصار جو ٻيون حصو آھي.
پھرئين حصي ۾ اسان اھو سمجهياسين تہ اسان انسانن جي نفسياتي مونجهارن جھڙوڪ مفاد پرستي، ساڙ ۽ بغض، ريس ۽ مقابلو ڪري مات ڏيڻ، تڪبر، بدلو وٺڻ ۽ اذيت پسند ھجڻ جا پيرا جبلت ۽ شعور جي تضاد جي ابتدا ڏانھن وڃن ٿا. اسان جا وارث ڀولڙا ڪڏھن بہ ظالم، حڪم ھلائيندڙ ۽ ويڙھاڪ وحشي نہ رھيا ھئا پر اسان کي ان جي ابتڙ پڙھايو ويندو رھيو آھي. اھي يقيناً بھشت جي باغ مثل زندگي گذاريندڙ ھئا يعني بلڪل بي-غرض، ٻين سان پيار ڪندڙ ۽ تعاون ڪندڙ ھئا. ان جو ثبوت اھو آھي تہ اووين ۽ لوبواء جھڙن انساني تاريخ تي تحقيق ڪندڙن موجودہ دور جي ڀولڙن جي بونوبو قسم ۾ اٿاھ پيار ۽ محبت سان گڏجي سڏجي رھڻ جي خاصيت کي سندن پنڊ پھڻ ٿيل نسلن جي تجزئي وسيلي پلايوسين دؤر (5.3 ملين سال يا 53 لک سال) کان بہ پراڻو ڄاڻايو آھي.
ھن حصي ۾ اسان اھو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين تہ اھا ڳالھہ اسان کي ڪتابن ۾ ڇو نہ پڙھائي وئي يا ڇو نہ ٻڌائي وئي؟ اسان جا وارث بونوبو ڀولڙا ڪھڙيءَ ريت پيار سان، ھڪ ٻئي سان تعاون سان ۽ پرامن نموني سان زندگي گذاريندا ھئا؟ ۽ ھن وقت جڏھن اسان ۾ مٿيان ناڪاري نفسياتي مونجهارا ۽ لاڙا پنھنجون پاڙون پختيون ڪري چڪا آھن، اھي ڪيئن ۽ ڪيتري عرصي ۾ ختم ٿيندا؟
پھرئين سوال تہ اھا ڳالھہ اسان کي ڪتابن ۾ ڇو نہ پڙھائي وئي يا ڇو نہ ٻڌائي وئي جي جواب ۾ پروفيسر جيريمي گرفٿ چوي ٿو تہ اھا ڳالھہ اسان انسانن کي ھزارين سال اڳ تمثيل طور ٻڌائي وئي هئي پر ان وقت اسان سمجهي نہ سگهيا ھئاسين! انجيل مقدس ۾ آيل حضرت آدم ۽ بيبي حوا بابت قصو جيڪو 1500 قبل مسيح سال ۾ حضرت موسيٰ (عليہ السلام) لکيو ھو، ۾ پڻ آڳاٽي ماڻھوءَ جي معصوم ھجڻ، بي-غرض ھجڻ، ھڪ ٻئي سان غير مشروط تعاون ڪرڻ ۽ پيار ڀرئي زندگي گذارڻ جھڙي ن صفتن جي تباھ ۽ ختم ٿيڻ بابت ٻڌايو ويو ھو. پر ان جو شعور ۽ ادراڪ جديد سائنسي دؤر جي دريافتن ۽ ايجادن کان سواءِ ممڪن نہ ھو. انجيل مقدس جي قصي مطابق آدم ۽ حوا (ٻين لفظن ۾ اسان انسان) جڏھن مليل احڪامن (جينياتي خاصيتن) جي انحرافي ڪندي پنھنجي مرضي سان (ڪارٽيڪس ظاھر ٿيڻ يا شعور اچڻ تي) منع ڪيل ”علم جي وڻ“ مان ميوو پٽي کاڌو تڏھن اھي گناھ جا مرتڪب ٿيا. انھن کي سندن انحرافي يا آزاد ارادي يا شعوري عمل جي سزا ملي (يعني انھن ۾ ڪاوڙ، مفاد پرستي، بيگانيت، مقابلو ڪرڻ، ٻئي کي ماري مات ڏيڻ جا جذبا پيدا ٿيا). مطلب تہ ھن قصي جي سائنسي سمجهاڻي اھا آھي تہ انسان جڏھن جينياتي طرح مليل علم يا موروثي خاصيتن تحت جيسيتائين مقرر ۽ غير تبديل شده زندگي گذاريندڙ ھئا تيسيتائين انھن ۾ مٿيان ناڪاري نفسياتي لاڙا يا جذبا پيدا نہ ٿيا ھئا؛ پر جڏھن انھن ۾ ڪارٽيڪس جڙي ويو ۽ ان جي بدولت انھن شعوري طور پنھنجن آزاد ارادن ۽ آزاد فيصلن مطابق زندگي گذارڻ شروع ڪئي تہ جينياتي ۽ شعوري فيصلن ۾ تضاد يا ٽڪراءَ پيدا ٿيڻ ڪري انھن ۾ ھڪ بگڙيل نفسياتي صورتحال پيدا ٿي جنھن جي نتيجي ۾ انسانن ۾ مٿيان ناڪاري نفسياتي لاڙا ۽ جذبا پيدا ٿيا. پروفيسر گرفٿ جي بقول انجيل مقدس يا ان کان اڳ وارن ڪتابن ۾ مٿئين قصي کي تمثيلي انداز ۾ بيان ڪري ٻڌايو ويو ھو ۽ انھن ۾ حضرت آدم ۽ بيبي حوا کي جنت منع ڪيل علم جي وڻ جو ميوو پٽي کائڻ جي سزا طور جنت مان نيڪالي جو قصو ٻڌايل آھي. جنت مان نيڪالي جو مطلب جينياتي لاڙن تحت مطمئن، بنا ساڙ حسد ۽ مقابلي جي پيار واري زندگي کسجڻ آھي.
پروفيسر گرفٿ چوي ٿو تہ :”مٿئين ڪھاڻي ۾ ھڪ عظيم غلطي آھي (يا ايئن کڻي چئجي تہ اسان انسانن ان کي سمجهڻ ۾ ھڪ عظيم غلطي ڪئي آھي). اھا عظيم غلطي اھا آھي تہ حضرت آدم ۽ بيبي حوا جينياتي لاڙن (مقرر لاڙن) مٿان نيوراني، مشاھداتي ۽ سببن ۽ نتيجن يا شعور واري زندگي کي چونڊڻ جي ڪري سزا جا حقدار نہ آھن پر اھي انعام جا حقدار آھن ۽ سڄي انسان ذات جا ھيرو آھن ڇو تہ سندن ھن عمل جي ڪري انسان سڀني مخلوقات تي غالب آيا ۽ دنيا ۾ سڀ انقلاب آيا ۽ مشاھداتي علمن جي ڪري اڄ انسان سڄي ڪائنات کي تسخير ڪرڻ جو خواب ڏسي رھيو آھي. “
ٻيو سوال تہ اسان جا وارث بونوبو ڀولڙا ڪھڙي ريت پيار سان ۽ ھڪ ٻئي سان تعاون سان رھندا ھئا بابت ليکڪ مختلف تاريخي ۽ مذھبي ڪتابن جا حوالا ڏئي چوي ٿو تہ تقريبن سڀني پراڻن مذھبن ۽ نظرين ۾ اھو تصور موجود آھي تہ انسان (شعور يا آزاد سوچ رکندڙ) پنھنجي پھرين وجود (مقرر جينياتي يا جانورن واري وجود) کان الڳ ٿيڻ بعد پنھنجو اڳ وارو علم ۽ معصوميت وڃائي چڪو آھي. جڏھن انسان پنھنجي پھرئين وجود سان ڳنڍيل ھو ان وقت ھو بھشت ۾ ھو؛ افلاطون مطابق سندس اھو دؤر ”سونھري دؤر“ ھو جنھن ۾ ڪو بہ جهڳڙو، ڪو بہ ساڙ نہ ھوندو ھو؛ ان وقت خدا پاڻ انسانن جو ڌنار يا چاريندڙ ھو؛ سندس نظرداري کان سواءِ ٻي ڪابہ حڪومت نہ ھئي ۽ نہ وري انسانن وٽ الڳ ۽ انفرادي جائداد، ٻار يا عورتون ھيون، مطلب تہ سڀ ڪجهہ گڏيل ھو؛ سڀ ماڻھو زمين منجھان ماضي جي يادن کان آزاد پيدا ٿيندا ھئا؛ زمين انھن کي بغير محنت جي وڻن ۽ ٻوٽن مان جهجهو ميوو ڏيندي ھئي؛ اھي بي لباس گهمندا ھئا؛ اھي گاھن جي نرم بسترن تي سمهندا ھئا؛ موسم مناسب ۽ پوري پني ٿڌي يا گرم ھوندي ھئي؛ مطلب تہ انسانن وٽ پيار ئي پيار ھو. ان مذھبي تصور مطابق ان ساڳي نيڪي، ساڳي معصوميت، ساڳيو وجود ۽ ساڳئي نعمت کي حاصل ڪرڻ لاءِ انسان کي پنھنجي اندر ۽ پنھنجي باطن ۾ جهاتي پائي پنھنجي اندر جي تنازعي کي حل ڪرڻو ھو.
آخري سوال تہ اسان انسانن ۾ مٿيان ناڪاري نفسياتي مونجهارا ڪيئن ۽ ڪيتري عرصي ۾ ختم ٿيندا بابت پروفيسر جيريمي گرفٿ جو خيال آھي تہ انھن ناڪاري نفسياتي لاڙن کي مذھبي طرح سزا ۽ سائنسي طرح حيوانن جي جبلتي ارتقائي نظرين سان غلط طور جوڙڻ کي ويھه لک سال ٿي چڪا آھن، ان ڪري اھڙي غلط مشروطيت کي صحيح ٿيڻ ۾ پڻ ڪجهہ ڏھاڪا تہ ضرور لڳندا. ٻيو تہ سائنس ۽ تحقيق سان لاڳاپيل طبقا اڃان تائين حيواني جبلتي ارتقاء سان لاڳاپيل آھن ۽ ان کي مڃيندڙ آھن. ان ڪري جيسيتائين اھي تسليم نہ ٿا ڪن تہ نفسياتي مونجهارا جھڙوڪ مفاد پرستي، ساڙ، ريس ۽ مقابلو ڪري مات ڏيڻ، تڪبر، بدلو وٺڻ، اذيت پسند ٿيڻ وغيرہ اصل ۾ ارتقائي حيواني جبلتن (جينيات) ۽ شعور يا آزاد سوچ ۽ ارادي (ڪارٽيڪس يا نيوراني) جي تضاد يا ٽڪراءَ سبب پيدا ٿيل آھن تيسيتائين اھو مسئلو حل ڪون ٿيندو. پر جيئن تہ شعوري لاڙا اڪتسابي آھن انڪري انھن جي تبديلي توڙي انھن کان ڇوٽڪارو پڻ دير سوير مناسب سوچ ۽ سمجهہ سان ممڪن آھي.

انساني نسل جي پيڙا کان نجات جو راز( حصوٽيون ۽ آخري: تنقيدي جائزو)

پروفيسر جيريمي گرفٿ ( Prof. Jeremy Griffith) آسٽريليا جا ماھر حياتيات آھن. ھن پنھنجي سموري ڄمار زندگي جي انوکي خاصيت يعني ”چڱائي ۽ برائي“يا ”نيڪي ۽ بدي“ جي انساني الميي جي حياتياتي تشريح لاءِ ارپي ڇڏي آھي. پاڻ ھن وقت تائين ھن موضوع تي ست ڪتاب لکيا آھن جن مان 2003ع ۾ ھڪ ڪتاب (A Species in Denial) جڳ مشھوري ماڻي چڪو آھي، پر اڄوڪو مضمون سندس 2016ع ۾ ڇپيل ”آزادي: انساني حالت جو اختتام“ (Freedom: The End of Human Condition) بابت منھنجو تنقيدي جائزو آھي.
پروفيسر گرفٿ جو خيال آھي تہ اسان ۾ جارحاڻي ۽ مقابلي ۾ ماري مات ڪرڻ جي لاڙي جا پيرا فقط جانورن جي اھڙين جبلتن جي ارتقائي سفر ڏانھن نہ ٿا وڃن پر اھو تہ رڳو بھانو آھي جنھن ۾ اسان جي ذھنن کي سدائين کان جڪڙي رکيو ويو آھي؛ پر اسان جي نفسياتي مونجهارن جھڙوڪ مفاد پرستي، ساڙ ۽ بغض، ريس ۽ مقابلو ڪري مات ڏيڻ، تڪبر، بدلو وٺڻ ۽ اذيت پسندي جا پيرا جبلتن ۽ شعور جي تضاد جي ابتدا ڏانھن وڃن ٿا. مختلف سائنسي حوالن سان پاڻ اھو ثابت ڪري ٿو تہ پلايوسين دؤر (5.3 ملين سال يا 53 لک سال اڳ) دوران اسان جا وارث ڀولڙا ڪڏھن بہ ظالم، حڪم ھلائيندڙ ۽ ويڙھاڪ وحشي نہ رھيا ھئا پر اسان کي ان جي ابتڙ پڙھايو ويندو رھيو آھي. اھي يقيناً بھشت جي باغ مثل زندگي گذاريندڙ ھئا يعني بلڪل بي-غرض، ٻين سان پيار ڪندڙ ۽ تعاون ڪندڙ ھئا. جيئن تہ جينياتي لاڙن سان لاڳاپيل روين ۽ عملن کي تبديل ڪرڻ اڪثر ڪري ناممڪن ھوندو آھي پر انھن جي ڀيٽ ۾ ماحولياتي لھه-وچڙ ۽ تجربن جي نتيجي ۾ سکيل رويا ۽ عمل تبديل ڪرڻ ۽ وسارڻ ممڪن ۽ نسبتاً آسان ھوندا آھن. پروفيسر جيريمي ان سلسلي ۾ تمام گهڻو اتساھ رکندڙ ۽ پراميد آھي تہ اسان انسانن جا مٿيان ناڪاري رويا ۽ عمل يا ٻين لفظن ۾ وڏا نفسياتي مونجهارا جيڪي شعور ۽ جبلت جي ٽڪراءَ سبب پيدا ٿيا آهن اھي اھڙي سمجهہ ۽ مناسب سکيا وسيلي ختم پڻ ٿي سگهندا. مطلب تہ انسان مستقبل ۾ مٿين ناڪاري نفسياتي روين ۽ عملن کان نجات حاصل ڪري پنھنجي زندگيءَ کي وري جنت نظير بڻائي سگهندو.
ھي ڪائنات سببن ۽ نتيجن تي ٻڌل آھي. ھڪ پاسي اھي سبب ۽ نتيجا مخصوص وقت جي وھڪري ھيٺ ۽ مخصوص مادي يعني حياتياتي ۽ غير حياتياتي محرڪن، حالتن ۽ انھن جي انفرادي توڙي باھمي رابطن ۽ اثرن ھيٺ وقوع پذير ٿيندا آھن، تہ ٻئي پاسي اھي سبب ۽ نتيجا ڪجهہ حالتن ۾ ھڪ ٻئي کان رات ۽ ڏينھن وانگر الڳ ۽ مختلف ھوندي بہ ڌرتيءَ تي ھڪ ٻئي سان ھميشہ جڙيل پڻ رھندا آھن. ان ڪري ھڪڙا سبب بنيادي ۽ اھم ھوندا آھن جڏھن تہ ٻيا وري ثانوي ھوندا آھن جن جو سڌو سنئون نتيجن ۾ تہ ڪردار نظر نہ ايندو آھي پر اھي نتيجن تي ڪجهہ قدر اثرانداز ضرور ٿيندا آھن. ساڳي ڳالھہ نتيجن تي پڻ لاڳو ٿئي ٿي.
جيئن تہ سبب ۽ نتيجا ڪنھن وقت ۽ وٿي ۾ ئي ظھور پذير ٿيندا آهن ان ڪري اھا ھڪ اڻٽر حقيقت آهي تہ ڪائنات ۾ سڀڪجهہ ارتقا پذير آھي ۽ موجودہ وقت جو ھر بيجان ۽ جاندار مادو ارتقا جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو آھي ۽ ارتقا ڪندي وڌيڪ پيچيدہ ۽ بھتر مادي ۽ زندگي ۾ تبديل ٿيندو رھندو آھي. انسان جي جسم ۽ ذھن جي ارتقا جي حوالي سان منھنجو اھو خيال آھي تہ جيسيتائين انساني ٻولي نہ ٺھي ھئي يا ٻين لفظن ۾ وقوفي انقلاب (Cognitive Revolution) نہ آيو ھو تيسيتائين انسان جي وارث بونوبو ڀولڙن جي زندگي گهڻو تڻو جينياتي ۽ وراثتي اثرن تحت گذري ھوندي؛ يعني انھن ۾ پنھنجي بقا لاءِ ٻين حيوانن وانگر پنھنجا جين منتقل ڪرڻ جي جبلت سڀني کان وڌيڪ اھم رھي ھوندي؛ ان کان سواءِ مقابلي توڙي ٻين خاصيتن جي فطري چونڊ وارا لاڙا پڻ تمام اھم رھيا ھوندا. پر انھن ۾ جڏھن کان دماغي ڪارٽيڪس جي اثر ھيٺ ٻولي وجود ۾ آئي ۽ ان جي نتيجي ۾ انساني تاريخ ۾ زرعي، صنعتي ۽ سليڪان انقلاب برپا ٿيا تڏھن کان اسان انسان جسماني توڙي ذھني صلاحيتن جي بقا لاءِ پنھنجي جين يا ٻج جي منتقلي جا يعني جبلتن جا محتاج نہ رھيا آھيون يا ٻين لفظن ۾ انھن جبلتن جي اسان کي ايتري ضرورت نہ رھي آھي. ان جي ثابتي اھا آھي تہ انسان-پسنديت يا ٻين امن پسند نظرين تحت ھن ڌرتيءَ جي گولي تي ڪمزور، ڏتڙيل ۽ مقابلو نہ ڪري سگهندڙ ملڪن ۽ قومن جي ماڻھن کي پڻ ترقي يافتہ ملڪن طرفان (توڙي جو پنھنجن مفادن تحت) گهربل مالي مدد ۽ وسيلا فراھم ڪيا ويندا آھن؛ يعني ماضي جي ڀيٽ ۾ موجودہ دؤر ۾ انھن لاءِ زندگي جي بقا ۽ بنيادي سھولتن جي اڻھوند جا ايترا وڏا مسئلا درپيش نہ آھن جو انھن جي نسل جي خاتمي جو خطرو پيدا ٿي سگهي. ھن وقت انساني ارتقا جسماني ۽ حواسي بدران ذھني ۽ روحاني رخن ۾ جاري آھي.
ارتقا جي نئين لاڙي جو سفر ضروري نہ آهي تہ ھر صورت ۾ ھاڪاري پاسي ۽ اڳتي ئي جاري رھي ڇو تہ مادي توڙي معاشرتي تضاد جيسيتائين ھڪ حد اندر ھوندا آھن تہ اھي مجموعي طرح سان نہ رڳو پنھنجا پر معاشري ۽ انساني سماج ۽ ترقي جا ڀرجهلا ۽ مددگار ثابت ٿيندا آھن، پر جڏھن اھي پنھنجي حد کان تجاوز ڪندا آھن تہ پنھنجو استحڪام وڃائي ويھندا آھن ۽ ھڪ نئين مادي يا نظام ۾ ڍلجي ويندا آھن. ھن جو ننڍي ۾ ننڍو مثال ھڪ ائٽم جو نظام يا ايڪو آھي. ڪنھن عنصر جي ھڪ ائٽم جا ٻہ حصا ھوندا آھن: پھريون مرڪزي حصو جنھن ۾ واڌو برقي چارج وارا پروٽان ۽ بنا ڪنھن چارج وارا نيوٽران ھوندا آھن؛ ۽ ٻيون مرڪز کان ٻاھريون حصو جنھن ۾ ڪاٽو برقي چارج وارا اليڪٽران پنھنجن مخصوص مدارن ۾ ڦرندا رھندا آھن، انھن جو تعداد مرڪز ۾ موجود پروٽانن جي برابر ھوندو آھي يعني واڌو ۽ ڪاٽو چارجون برابر ھونديون آھن جن جي نتيجي ۾ اھو ائٽم مستحڪم ھوندو آھي. ائٽم جڏھن مشتعل ڪيو ويندو آھي تہ ان جي ٻاھرئين مدار جو ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ اليڪٽران ٻئي ائٽم ڏانھن منتقل ٿي ويندا آهن ۽ ائٽم غير مستحڪم ٿي ويندو آھي. ان کانسواءِ جڏھن ائٽم تي ڪو طاقتور حملو ٿئي ۽ ان جو مرڪز ٽٽي پوي ۽ ان مان ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ پروٽان ۽ نيوٽران نڪري وڃن تہ ان عمل کي ائٽمي ڌماڪو چئبو آهي جنھن ۾ تمام گهڻي توانائي گرمي ۽ تابڪاري جي صورت ۾ خارج ٿئي ٿي ۽ اھو وڏو عنصر (ائٽم) ٻئي ننڍي عنصر (ائٽم) ۾ تبديل ٿي ويندو آھي ڇو تہ پروٽانن ۽ نيوٽرانن جو تعداد پھريان کان گهٽجي ويندو آھي.
مٿئين مثال کي اسان جيڪڏھن انساني سماج تي لاھيون تہ ھڪ جهموري رياست ۾ حڪومتي ڌرين ۽ مخالف سياسي پارٽين جو ھاڪاري تضاد ئي رياست ۽ عوام جي فلاح بھبود جو ضامن آھي جڏھن تہ ڪنھن ڌر جو پنھنجي حد کان تجاوز ٿيڻ نہ رڳو مخالف ڌر لاءِ پر پاڻ سميت سڄي رياست ۽ عوام لاءِ آزار جو سبب بڻجي وڃي ٿو. چوندا آهن تہ ھن ڌرتيءَ جي گولي تي منافقي تي مشتمل معاشرو تہ قائم رھي سگهي ٿو پر ناانصافي تي ٻڌل معاشرو قائم نہ ٿو رهي سگهي؛ ڇو تہ منافق ماڻھو پنھنجي قول ۽ عمل جي فرق سبب دير يا سوير قانون جي گرفت ۾ ايندو پر جتي ناانصافي ھر شعبي، ھر کاتي ۽ ھر عدالت ۾ ٿيندي ھجي اتي قانون فقط ڪوريئڙي جو ڄار ھوندو آھي جنھن ۾ ھڪ مک يا مڇر تہ ڦاسي پوندو آهي پر اھو ھڪ ڍڳي يا سوئر کي روڪي نہ سگهندو آھي.
مٿئين نقطي تي مارڪسزم تنقيدي نظرئي ھيٺ حجت سنڌي جي بقول تہ پروفيسر جيريمي گرفٿ پنھنجي ڪتاب ۾ نانگ کي مارڻ بجاءِ فقط ليڪو ئي ڪٽيو آھي. سندس خيال موجب مختلف طبقن ۾ معاشي ۽ مادي وسيلن جي اڻ برابري ۽ ناانصافي واري ورڇ ئي انساني سماج جي طبقن ۾ مخصوص ناڪاري لاڙا پيدا ڪيا آھن. مثال طور مادي وسيلن جي لٽ مار جي ڪري حاڪم ۽ مٿين طبقن ۾ احساس برتري، غرور، مفاد پرستي، اذيت پسندي ۽ قتل ڪرڻ جا نفسياتي لاڙا پيدا ٿين ٿا ۽ اھي ظالم بڻجي وڃن ٿا، جڏھن تہ ھيٺين ۽ مظلوم طبقن ۾ ظالمن جي ظلمن جي ڪري نفرت، ڪاوڙ، ساڙ، ريس، يا وري مذھبي لاڙا پيدا ٿين ٿا. سندس مضبوط رايي مطابق انسانن جي ناڪاري نفسياتي لاڙن جا پيرا جبلت ۽ شعور جي تضاد جي ابتدا ڏانھن نہ ٿا وڃن پر طبقاتي اڻ برابري ۽ ناانصافي ڏانھن وڃن ٿا. اھو ئي سبب آھي جو دنيا جي عظيم ڏاھن جھڙوڪ سقراط، افلاطون، مارڪس ۽ اينجلس وغيرہ جي لکڻين جو اھم موضوع انصاف رھيو آھي.

حصو چوٿون: چونڊ فلسفيانا، ڪالم

---

علم جو نئون اوزار

(فرانسس بيڪن جي نظر ۾ انساني خطا جا چار بت ۽ سائنس)
مصنف: وِل ڊيُورنٽ (Will Durant)

(نوٽ: فرانسس بيڪن جو هي ڪتاب پھريائين لاطيني ٻوليءَ ۾ (Novum Organum) “نووم آرگينم” نالي سان 1620ع ۾ ڇپيو هو، جنھن کي بعد ۾ انگريزي ۾ ”دي نيو آرگينان“ (The New Organon)جي نالي سان ڇاپيو ويو. هن ڪتاب سائنسي تحقيق ۽ طريقہ ڪار جو رستو کوليو ۽ بنياد وڌو. ول ڊيورنٽ هن ڪتاب جو هيٺيون اختصار پيش ڪيو آهي.)

فرانسس بيڪن جي ڇتي تنقيد نگار مطابق هن جو پھريون ڪتاب ”نيو آرگينم“ (علم جو نئون اوزار 1620ع) سندس عظيم ترين تخليق هئي. هن کان اڳ منطق کي نئين سر جيارڻ ۽ استقراري استدلال (Inductive Reasoning) کي سھڻو ۽ قابلِ تسخير بڻائڻ ۾ بيڪن کان سواءِ ڪنھن ٻئي بني بشر ايتري جاکوڙ نہ ڪئي هوندي. جيڪڏهن ڪنھن کي منطق پڙهڻو آهي تہ ان کي شروعات بيڪن جي هن ڪتاب کان ڪرڻ گهرجي. ”انساني فلسفي جو هي حصو، جيڪو گهڻن ماڻھن جي پسنديده ذائقي وٽان نہ آهي، منطق کي هڪ باريڪ، پيچيدہ ۽ ڪنڊيدار ڄار وانگر پيش ڪري ٿو. پر جيڪڏهن اسان شين کي سندن حقيقي معنيٰ ۽ ملھہ مطابق تورڻ چاهيون تہ سائنس ئي اسان کي سڀني شين جون بھتر ساهميون عطا ڪري ٿي.“
بيڪن مطابق فلسفو ڪافي عرصي کان سُڪل ۽ بي ثمر بڻجي چڪو هو، ان کي زرخيز بڻائڻ لاءِ هڪ نئون طريقو جيڪو يوناني فلسفين وٽ موجود نہ هو گهربل هو. يونان جي فلسفين جي بدترين غلطي اها هئي تہ انھن نظرئي يا تصور جي اپٽار تي تہ تمام گهڻو وقت خرچ ڪيو پر ان جي بر عڪس مشاهدي کي اوترو ئي نظرانداز ڪيو. ياد رهي تہ سوچ يا تصور کي مشاهدي جو ساٿي هجڻ گهرجي نہ ڪي ان جو متبادل، بيڪن جو ڪتاب ”علم جو نئون اوزار“ جي ابتدا ما بعدالطبيعات علمن کي بُري طرح ڌونڌاڙي ۽ للڪاري ڇڏي ٿي. پاڻ چوي ٿو تہ انسان جيڪو فطرت جو ترجمان ۽ اڳواڻ آهي پنھنجي وت آهر اوترو ئي سمجهي ۽ عمل ڪري سگهي ٿو جيترو ان لاءِ سندس فطرت متعلق اڻ ڌريو مشاهدو رستا کولي ٿو. هو ان کان وڌيڪ نہ ڄاڻي ٿو نہ وري ڄاڻي سگهي ٿو. سقراط کان اڳ وارا فلاسافر هن معاملي ۾ سندس پونئرن کان بھتر هئا. مثال طور ڊيموڪرائيٽس حقيقت ۽ مشاهداتي ثبوتن کي تصوراتي نظرين تي ترجيح ڏيندو هو. ان ۾ ڪا حيرت جي ڳالھہ نہ آهي تہ ارسطو کان وٺي (BC 399 کان 1620ع تائين) فلسفي ڪابہ ترقي نہ ڪئي ۽ جمود جو شڪار رهيو، ڇو تہ فلسفو ارسطو جي جوڙيل منطقي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل هو (سقراط جي منطق جو مثال: سڀ انسان فاني آهن؛ سقراط هڪ انسان آهي؛ انڪري سقراط فاني آهي). هن ڳالھہ کي فرانسس بيڪن هيئن پيش ڪري ٿو.”ارسطو جي روشني استعمال ڪندي ارسطو کان اڳتي وڌڻ بلڪل ايئن آهن جيئن اهو سوچجي تہ ڪنھن طريقي سان اڌاري ورتل روشني اصل روشني کان وڌيڪ تيز بڻائجي.“ نتيجي ۾ ارسطو کان پوءِ ٻہ هزار سالن تائين فڪر، علم ۽ فلسفي ۾ جمود رهيو. هن جي فلسفي بدولت مٿين عرصي ۾ سندس ٺاهيل مشين سان فلسفي جي ڇانگ ۽ ڇنڊ ڇاڻ جاري رهي پر ڪو خاص نتيجو ملڻونہ هو انڪري فلسفي ڪا بہ ترقي نہ ڪئي؛ ان ڪري هينئر (بيڪن جي دور ۾) اهو ايترو ڪري پيو آهي جو ڪوبہ هاڻي ان کي عزت جي نگاھہ سان نہ ٿو ڏسي. ان ڪري هن وچ واري عرصي جا سڀ نظريا، حسابي ٿيورم ۽ دليل اڇلائي ۽ وساري ڇڏڻ گهرجن. هاڻي فلسفي کي نئين سر جيارڻ لاءِ اسان کي هڪ دفعو وري هڪ صاف ۽ شفاف ذهن سان شروعات ڪرڻي پوندي.
هن سلسلي ۾ پھريون ڏاڪو ذهن ۽ ذهانت جي صفائي ۽ ڇانگ آهي، يعني اسان کي هڪ دفعو وري هڪ ٻار بڻجڻو پوندو جنھن جو ذهن هر نظرئي ۽ تصور کان پاڪ هوندو آهي؛ جنھن جو ذهن ماضي توڙي حال جي هر ساڙ ۽ بغض کان پاڪ هوندو آهي. ان ڪري اسان کي پنھنجن ذهنن منجھان چار قسمن جي غلط تصورن کي ڪوري ڪڍڻو پوندو، بيڪن مطابق چار قسمن جي بتن کي ڪيرائڻو پوندو. هن مطابق هڪ بُتُ اها تصوير آهي جيڪا هڪ سچائي جي بدران انسانن طرفان گهڙِي وئي آهي. ان جو مطلب هي آهي تي هڪ حقيقي شيءَ لاءِ من گهڙت خيال هڪ بت آهي. دنيا جھان جون سڀ غلطيون ڪنھن نہ ڪنھن قسم جي بت سان واسطو رکن ٿيون. منطق جو پھريون ڏاڪو هنن غلطين جا ڪارڻ هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ آهي. ڪونڊيليڪ مطابق بيڪن کان وڌيڪ انساني ذهن جون غلطيون اڄ تائين ڪنھن بہ ڪون ڪڍيون آهن. بيڪن هنن غلطين کي چار بُتن هيٺ بحث ۾ آندو آهي.

1. قبيلي جا بُتَ (Idols of the Tribe):
انساني ذهن جي هن قسم جي غلطين کي انسان ذات جون عمومي غلطيون چئي سگهون ٿا. بيڪن مطابق ”قبيلي جا بت“ وارين غلطين مان مراد انسان بذاتِ خود هڪ قبيلي طور ٻين انسانن تي اثر اثرانداز ٿئي ٿو. ٻين لفظن ۾ هڪ انسان جا پيش ڪيل تصور ۽ نظريا انسانن تي اهڙي نموني اثر وجهن ثا جو اهي اڪثر ڪري انھن جي حمايت ڪندڙ ۽ حمايت ۾ دليل ڏيندڙ بڻجي ويندا آهن.
انساني حواسن کي غلط طور تي شين جي معيارن سان جوڙيو ويندو آهي، جڏهن تہ اصل ۾ اسان جي حواسي تصورات جڙڻ ۾ حواسن ۽ تصوراتي ڪھاڻين جو هڪ جيترو عمل دخل آهي. ٻئي پاسي حواسي شيون ۽ تصورات ماڻھن سان وابسطه هوندا آهن نہ ڪِي پوري ڪائنات سان، ڇو تہ اسان شين ۽ تصورن کي پنھنجي تناظر ۾ ڏسندا آهيون، جڏهن تہ ڪائنات هڪ وسيع ڪينواس آهي جنھن تائين اسان جي پھچ نہ هوندي آهي. هن نقطي کي هيئن سمجهي سگهجي ٿو تہ انساني ذهن غير هموار آئينن مثل آهي جنھن کي شين جي عڪسن کي ٽوڙڻ ۽ مروڙڻ جي پنھنجي خاصيت هوندي آهي. ان ڪري اسان جا خيال ۽ نظريا اُهي بگڙيل تصويرون هونديون آهن جن جو حقيقت سان گهڻو تعلق نہ هوندو آهي. انساني سوچ ۽ سمجهہ فطري طور تي شين ۾ ترتيب ۽ توازن ڏسڻ چاهيندي آهي پوءِ ڀلي حقيقت ۾ اهو توازن هجي يا نہ هجي. مثال طور، هڪ ناقص تصور اهو بہ آهي تہ سڀ آسماني جسم مڪمل ۽ پُورن دائرن ۾ گهمندا آهن جڏهن تہ ايئن آهي ڪونہ،
بيڪن چوي ٿو: عام عقيدي يا ان جي تسڪين لاءِ جڏهن ڪنھن انسان طرفان هڪ جملو پيش ڪيو ويندو آهي تہ پوءِ اهو ان عقيدي سان لاڳاپيل هر ماڻھو کي مجبور ڪري ٿو تہ هُو ان جي حمايت يا تصديق لاءِ پنھنجي طرفان ڪجهہ چوي. پر اڪثر حالتن ۾ حقيقت ڪجهہ ٻِي هوندي آهي جيڪا هن اثر هيٺ نظر نہ ايندي آهي. يا اهو تصور (جملو يا سچائي) نہ مڃيندڙن کي ٿڏي ڇڏيندو آهي ۽ پاڻ سان مخالفت جي ڪري انھن کي پاڻ کان ڪٽي ڇڏيندو آهي، ۽ هن عمل ۾ اڪثر ڪري مخالفن سان تشدد ۽ تعصب وارا رويا شامل ٿي ويندا آهن. انھن سڀني ڳالھين باوجود شروع ۾ پيش ڪيل تصور يعني جملي ۽ پھرين نتيجي کي سندن پوئلڳن طرفان ڪڏهن بہ قربان نہ ڪيو ويندو آهي.... هن قسم جا سڀ وهم ايئن ئي پيدا ٿيندا آهن چاهي اهي فلقيات، خوابن، ساٺن سنوڻن يا وري مذهبن سان تعلق رکندا هجن. هنن وهمن ۾ پڪي عقيدي وارا فقط انھن واقعن جو مشاهدو ڪندا آهن جيڪي سچا ثابت ٿيندا آهن، پر جن واقعن (ڳالھين) ۾ اهي ناڪام ٿيندا آهن اهي عام طور تي نظرانداز ڪيا ويندا آهن.
ڪنھن مسئلي يا سوال بابت جيڪڏهن اسان شروع ۾ ئي پنھنجو فيصلو يا ارادو مقدم رکون ۽ پوءِ تجربا ان جي پيروي ڪندا هجن تہ پوءِ اهو ارادو ۽ اهو خيال گهڻو ممڪن آهي تہ سچ ثابت ٿي وڃي. اهڙي ريت اسان پنھنجن فيصلن ۽ تصورن جا قيدي ٿي ويندا آهيون. مختصر لفظن ۾ انساني شعور ۽ سمجهہ خشڪ روشني مثل نہ آهي پر ان سان سڀني حالتن ۾ اسان جي مرضي ۽ اسان جا جذبا ڪنھن نہ ڪنھن نموني سلاڙهيل هوندا آهن. سائنسي طريقہ ڪار بہ هن مسئلي کان آجو نہ آهي پر وري بہ تصديق لاءِ ٻين ماڻھن لاءِ کليل رهي ٿو. جيڪڏهن انسان وٽ سچائي ميسر هجي ها تہ اهو ان تي تڪڙو ئي يقين ڪري ها، ڇا ايئن نہ آهي؟
هن جاءِ تي بيڪن هڪ سونهري صلاح پيش ڪري ٿو: ”عمومي طور فطرت جي هر هڪ شاگرد کي هي اصول اپنائڻ گهرجي تہ هن جو ذهن جن خيالن ۽ نظرين سان لاڳاپيل آهي اهي سڀ وقتي طور ڪَٽي ڪوري پاسي تي رکِي ڇڏڻ گهرجن. ان سان اهو شاگرد جيڪو بہ سوال يا مسئلو حل ڪرڻ وڃي رهيو آهي ان تي اصل سبب ۽ نتيجا واضع ٿي ويندا.“ اسان جي پنھنجي سوچ ۽ سمجهہ کي مشاهدي جي بنياد تي ثابت ٿيندڙ شين ۽ نظرين کي ڇڏي آسمان تي اڏامڻ نہ گهرجي ۽ ڪو بہ عام اصول يا قانون تڪڙو جوڙڻ جي ڪوشش نہ ڪرڻ گهرجي پر ان کي مشاهدن ۽ تجربن جي آڌار تي ثابت ٿيندڙ ڳالھہ يا نظرئي تائين محدود رهڻ گهرجي. هن جاءِ تي خيال جي اڏام ذهانت جي دشمن آهي. جڏهن تہ ان کي مشاهدن جي آڌار تي عارضي تصور (مفروضي) جوڙڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي جنھن کي اسان جا تجربا اڳتي هلي رد يا قبول ڪري سگهن.

2. غار جا بُتَ (Idols of the Cave):
بيڪن مطابق هن قسم جي بُتن هيٺ اهي انساني غلطيون اچن ٿيون جيڪي هر انسان لاءِ انفرادي يا ذاتي طور سندس سمجهہ ۽ شعور ۾ موجود رڪاوٽ يعني غار يا کاهِي جي ڪري پيدا ٿين ٿيون. انسان جي اها غار يا کاهِي فطرت جي حقيقي روشني ۽ سچائيءَ کي ٽوڙي مروڙي ۽ بي رنگ بڻائي ڇڏي ٿي. اها ڪوتاهي هر انسان جي جينياتي جوڙجڪ، ذهانت، ماحولياتي اثرن ۽ سندس وقتي رجحانن جي ڪري پيدا ٿئي ٿي. مثال طور ڪجهہ انسان فطري طور تجزيو ڪندڙ هوندا آهن ۽ شين ۾ فرق ڏسڻ جي صلاحيت رکندا آهن، جڏهن تہ ٻيا وري فطري طور هڪجھڙائيون ڏسندڙ ۽ شين کي ڳنڍيندڙ هوندا آهن. ان ڪري هڪ پاسي اسان وٽ دنيا ۾ سائنسدان ۽ مصور هوندا آهن تہ ٻئي پاسي وري شاعر ۽ فلسفي هوندا آهن. ساڳي ريت ڪجهہ جملا ۽ پھاڪا قديم ۽ پراڻين شين ۽ ريتن رسمن جي ساراھہ ڪندڙ هوندا آهن جڏهن تہ ڪجهہ وري اسان کي نئين دنيا ڏيکاريندڙ هوندا آهن. دنيا ۾ چند ماڻھو اهڙا هوندا آهن جيڪي هنن ٻن انتهائن جي وچ وارو رستو وٺڻ جي قابل هوندا آهن. اهي ماڻھو قديم تهذيبن جي بيڪار ۽ نقصانڪار ريتن، روايتن ۽ تصورن کي رد ڪندي انھن جي خوبصورت ۽ فائديمند ريتن رسمن، روايتن ۽ تصورن کي تسليم ڪندي پنھنجين زندگين کي آسان بڻائيندا آهن. اها هڪ حقيقت آهي تہ سچائي ڪنھن جي ميراث نہ آهي، جيڪو وهي سو لھي.

3. بازار جا بُتَ (Idols of the Marketplace):
بيڪن مطابق هن قسم جي بُتن ۾ ٻوليءَ سان لاڳاپيل انساني غلطيون اچن ٿيون. دنيا جو ڪار ونھوار ۽ واپار ٻوليءَ جي ڪري ئي ممڪن ٿي سگهيو آهي. هر علائقي جي پنھنجي پنھنجي ٻولي هوندي آهي. ان ٻولي ۾ لفظ اسان جا ٺاهيل نہ هوندا آهن پر ٻين ماڻھن طرفان ڪجهہ خيالن جي نمائندگي لاءِ اهي مڙهيل هوندا آهن. اهي لفظ (يا ٻولي ) اسان کي حقيقت ۽ سچائي تائين پھچڻ ۾ رڪاوٽ جو سبب بہ بڻبا آهن. جھڙي ريت هڪ ٻِي ٻولي ڳالهائيندڙ کي هڪ بازار مان پنھنجي مقصد جي غير موجود شي کي خريد ڪرڻ لاءِ تمام گهڻِي ڏکيائي پيش ايندي آهي، اهڙي ريت هر ٻوليءَ جي بناوت، گرامر ۽ شاهوڪاري جي سطح ان جي ڳالهائيندڙن لاءِ شين، تصورن ۽ نظرين کي سمجهڻ يا ٻين لفظن ۾ سچائي تائين پھچڻ ۾ آساني يا رڪاوٽ پيدا ڪندي آهي. فلسفين جي خيالن جي اُڏام لامحدود ۽ لامڪان طرف هوندي آهي جڏهن تہ ٻوليدان وري گرامر جي بناوتن ۽ فعل جي صورتن کان اڳتي چڙهي نہ سگهندا آهن ۽ تصوراتي دنيا جون اوڻايون انھن جي تنقيد جو موضوع نہ هونديون آهن. ان ڪري فلسفي جا تصور هڪ ٻولي ۾ صحيح طرح سان ٺھڪيل نہ هوندي بہ صحيح سمجهيا ويندا آهن. مثال طور فلاسافر چوندا آهن تہ هر شي جو ٺاهيندڙ آهي پر خدا پنھنجو پاڻ ٺھيو آهي. ڇا اهڙي قسم جا جملا ٻوليءَ جي بناوت مطابق ۽ سببن ۽ نتيجن مطابق صحيح نموني ٺھڪي بيهن ٿا؟ هر سالم ذهن ۽ ايماندار ذهنيت وارو ماڻھو ڄاڻي ٿو تہ ڪو بہ سبب بنا سبب جي پيدا نہ ٿو ٿئي. شايد فلسفي جي عظيم ترين معراج اهو جملو ٿي سگهي ٿو تہ ”اسان ڪوڙ ڳالهائڻ بند ڪريون.“

4. ٿيئـٽر جا بُتَ (Idols of the Theater):
بيڪن مطابق هي اهي انساني غلطيون آهن جيڪي مختلف وقتن تي مختلف فلسفين طرفان سندن نظرين ۽ سندن مشاهدن جي قانونن جي صورت ۾ اسان جي ذهنن تائين پھتيون آهن. هنن کي ٿيئٽر جا بت ان ڪري چيو وڃي ٿو جو اهي نظريا غير حقيقي ۽ نمائشي انداز ۾ اسان جي ذهنن ۽ سوچن جي پردي يا ٿيئٽر ٿي ڏيکاريا ويندا آهن. فلسفي جي اسٽيج تي اهي ڊراما شاعرن جي تصوراتي ڪھاڻين وانگر هوندا آهن جيڪي اسان جي پسند مطابق مختصر ۽ سھڻي صورت ۾ هونديون آهن؛ جڏهن تہ تاريخي حقيقت ۾ سچائي ايئن نہ هوندي آهي. افلاطون جي دنيا اُها ئي آهي جيڪا افلاطون طرفان ٺاهي وئي هئي نہ ڪِي اصلي دنيا (هن مطابق دنيا اسان جي ذهن کان ٻاهر وجود نہ ٿي رکي؛ مادي دنيا ۾ فقط اهي شيون حقيقتون آهن جيڪي اسان جي ذهني تصورات ۾ وجود رکي سگهن ٿيون.)
اسان هن قسم جي غلط نظرئن کي ساٿي بڻائي سچائي ڏانھن ڪڏهن بہ گهڻو اڳتي وڌي نہ ٿا سگهون. ان ڪري اسان کي سوچ، سمجهہ ۽ استدلال جا نوان طريقا گهربل آهن. ويسٽ انڊيز جا ڳُوڙها علائقا ڪڏهن بہ دريافت نہ ٿين ها جيڪڏهن انسان ذات قطب نما (Compass) ايجاد نہ ڪري ها. ان ۾ حيرت جي ڳالھہ ناهي تہ جڏهن سائنس جي دنيا کان اسان ناواقف هئاسين تہ ان وقت اسان جو معاشرو مختلف هنرن ۽ فنن کان بہ ناواقف هو. يقينن اها هڪ بدبختي آهي تہ هن وقت مادِي دنيا جيتوڻيڪ اسان لاءِ هڪ کليل ڪتاب وانگر آهي پر پوءِ بہ اسان جي ذهني ۽ تصوراتي دنيا پراڻين دريافتن ۽ تصورن ۾ قيد آهي.
اصل ۾ اسان جا موجودہ مسئلا پراڻن نظرين ۽ عقيدن ۽ انھن مان حاصل ٿيندڙ ناقص سچائين جي ڪري آهن ڇاڪاڻ تہ اسان ڪنھن نظرئي يا عقيدي تحت هڪ تصور کي مڪمل طرح سان سچو ۽ شڪ شبهي کان پاڪ سمجهندي ۽ ان کي بنياد بڻائيندي سچائي جي تلاش جي شروعات ڪريون ٿا، پر ڪڏهن بہ ان بنيادي تصور کي تجربن ۽ مشاهدن جي ڪسوٽي تي نہ ٿا پرکيون. ان ڪري هڪ ماڻھو جڏهن هڪ ڪامل سچائي سان شروعات ڪندو تہ يقينن اڳتي هلي هن جي جاکوڙ شڪن شبهن تي ختم ٿيندي. ٻئي پاسي جيڪڏهن هڪ انسان شڪن ۽ شبهن سان شروعات ڪندو ۽ انھن کي مشاهدن ۽ تجربن جي ڪسوٽي تي پرکيندو تہ اڳتي هلي گهڻو امڪان آهي تہ ان جي جدوجهد هڪ پائدار سچائي تي ختم ٿيندي (پر سدائين ايئن نہ ٿو ٿئي). جديد فلسفي جي جوانيءَ ۾ ڊيڪارٽي (Descartes) جو هي نوٽ آزادي جي اعلان وانگر آهي؛ پاڻ چوي ٿو تہ سچائي جي ڳولا ۾ اسان جي ذهن ۾ ماضي ۽ حال جا موجود سڀ خيال ۽ تصور اسان کي پاسيرا ڪري ڦٽا ڪرڻا پوندا.
فرانسس بيڪن سائنسي طريقہ ڪار کي کولي سمجهائي ٿو جنھن ۾ هڪ عام ۽ سادو تجربو اتفاقي يا حادثاتي طور لڪل سچائي کي سامھون آڻي ٿو. سائنسي طريقہ ڪار جيڪڏهن پراڻن خيالن ۽ تصورن کان پاڪ آهي تہ ڳُوڙهو مشاهدو ميڻ بتي جي روشني وانگر اسانجي رهنمائي ڪري ٿو (اسان نوان مفروضا ٺاهيون ٿا ۽ انھن کي تجربن جي ڪسوٽي تي پرکيون ٿا)، پوءِ انھيءَ روشني وسيلي اسان اڳتي جو رستو ڏسون ٿا (يعني تجربن کي هڪ خاص رخ ۾ ترتيب ڏيون ٿا). جڏهن تجربا ترتيب ۽ خبرداري سان ۽ غلطي کان پاڪ ڪجن ٿا تہ اسان انھن جي ڳُوڙهي تجزين وسيلي فطرت جي سچائين جا نوان نمونا، پھاڪا ۽ نظريا جوڙيون ٿا جيڪي وري اسان کي نون مشاهدن ۽ تجربن ڏانھن راغب ڪن ٿا. ان ڪري اسان کي واپس فطرت ڏانھن رجوع ڪرڻ گهرجي نہ ڪِي ڪتابن، روايتن، ادارن ۽ فردن ڏانھن. اسان کي فطرت کي جوابده بڻائڻو پوندو تہ جيئن اها سڀني ثبوتن سان ظاهر ٿئي، پوءِ ڀلي ثبوت ان جي خلاف ئي ڇو نہ هجن. ان سان ئي اسان فطرت کي پنھنجن مقصدن لاءِ تسخير ڪري سگهنداسين. هن مقصد لاءِ اسان کي دنيا جي حقيقي ۽ فطري تاريخ کي سهيڙڻ لاءِ سڀ سائنسي ثبوت گڏ ڪرڻا آهن ۽ اهو ڪم يورپ جي سڀني سائنسدانن کي ملي جلي ڪرڻو آهي. مطلب تہ سائنسي يعني استقرائي استدلال کان سواءِ ڪو چارو ڪونھي.
استقرائي ۽ مشاهداتي استدلال جو اهو مطلب هرگز نہ آهي تہ معلومات کي فقط انگن اکرن يا ڳڻپ ۾ ظاهر ڪجي. اهو ڪنھن ڪم جو نہ رهندو ۽ ان سان سائنس کي ڪابہ هٿي نہ ملندي. ان جو مثال بلڪل ايئن آهي جيئن هڪ سڄي ۽ هر طرف کُليل ملڪ ۾ ڪو شڪارِي شڪار لاءِ هڪ پکِيءَ جو شڪار ڪندو هجي جيڪو سراسر ناممڪن آهي. پکيءَ جي شڪار لاءِ اسان کي پنھنجي مشاهدي جي زمين (معلومات يا مفروضي) کي سوڙهو ڪرڻو پوندو تہ جيئن اسان پنھنجو مقصد ماڻي سگهون. مشاهداتي استدلال لاءِ اهو ضروري آهي تہ اسان شين ۽ معلومات جِي درجي بندي جو هنر ڄاڻندا هجون. درجي بندي اسان کي لاڳاپيل مفروضا ٺاهڻ ۽ انھن کي تجربن وسيلي پرکڻ ۾ مدد ڪندي. هن پرک وسيلي اسان مرحلي وار ٻيا سڀ مفروضا رد ڪري سگهنداسين ۽ آخر ۾ بچندڙ مفروضو تحقيقي سوال جي ٻن لازم ۽ ملزوم خاصيتن کي ثابت ڪندڙ هوندو. هي مفروضو اصل ۾ ٻن اهڙين خاصيتن کي ڏيکاريندڙ هوندو جيڪي هڪ ئي وقت وڌنديون ۽ گهٽجنديون آهن. ٻين لفظن ۾ تجربي دوران هڪ خاصيت کي وڌائڻ سان اوترو ئي ٻِي خاصيت وڌي ٿي. يعني اهو مفروضو سبب ۽ نتيجو ڏيکاريندڙ هوندو آهي. فرانسس بيڪن هن سلسلي ۾ هڪ تحقيقي سوال تہ “گرمي ڇا آهي؟” استقرائي استدلال ۽ سائنسي طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان لاءِ هن ڳوڙهي مشاهدي ۽ کليل ذهن سان ڪيترين ئي خاصيتن بابت ويچاريو جيڪي وڌائڻ سان گرمي پڻ وڌي سگهي پئي. پراڻن تصورن کي پاسي تي رکندي نت نون خيالن ۽ خاصيتن جي اڀياس لاءِ هن ڪيترائي انيڪ تجربا ڪيا. “وڌيڪ يا گهٽ واري جدول” (Table of more or less) وسيلي تجربن جي ڊگهي تجزئي کان پوءِ هن گرمي ۽ حرڪت جي وچ ۾ سڌو تعلق معلوم ڪيو ۽ اهو تصور يا نظريو پيش ڪيو تہ گرمي حرڪت جو هڪ قسم آهي. سائنس جي دنيا ۾ اڄ بہ اهو تصور صحيح سمجهيو ويندو آهي.
هن قسم جي معلومات ۽ انگن اکرن جي تجزئي کي بيڪن تحقيقي مسئلي سان لاڳاپيل لقاءُ جي تصوراتي شڪل قرار ڏئي ٿو. اهو تصور ڪنھن سوال يا مسئلي جو لڪل راز يا ڳَرُ آهي. هن جو تجربن جي آڌار تي ثابت ٿيندڙ تصور (نظريو) سقراط جي شين بابت تصور سان ملي جلي ٿو ڇو تہ مادِي شين بابت ٻنھي جا تصور تجريدي يا تصوراتي خيال (Form) تي ٻڌل آهن پر اهم فرق اهوآهي تہ ان تصور تائين بيڪن مشاهدن ۽ تجربن جي ڪسوٽي وسيلي پھچڻ چاهي پيو، جڏهن تہ سقراط وري فقط سوالن جوابن يعني ذهني ۽ منطقي استدلال ذريعي ان تائين پھچڻ چاهيو پئي. جڏهن اسان تصور يا خيال بابت بحث ڪريون ٿا تہ ان جو مطلب اهو آهي تہ اسان انھن قائدن ۽ قانونن بابت غور فڪر ڪريون ٿا جيڪي ڪنھن فطري لقاءُ ۾ سندس مخصوص شڪل ۽ حالت ۾ ڪارفرما آهن. ان ڪري گرمي ۽ روشني جا تصور اصل ۾ گرمي ۽ روشني جا قائدا ئي آهن.
ڪائنات ۽ فطرت ۾ شيون انفرادي يا اڪيلي سر موجود آهن جيڪي پنھنجن انفرادي قائدن ۽ قانونن تحت پنھنجو وجود برقرار رکنديون پيون اچن. انھن انفرادي قائدن ۽ قانونن جو اڀياس، دريافت ۽ اطلاق ئي دنيا ۾ اسان جي نظرياتي ۽ عملي ترقي جو ضامن آهي. نظريو ۽ عمل هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن ۽ هڪ کان سواءِ ٻيو ناقص ۽ بيڪار آهي. اهو علم جيڪو اسان کي عمل ۽ ڪاميابي ڏانھن نہ ٿو وٺي وڃي اهو بي روح ۽ بيڪار آهي ۽ انسان ذات لاءِ ڪنھن ڪم جو ڪونھي. اسان شين جا تصور (نظريا ۽ قانون) فقط علمي سطح تي حاصل ڪرڻ نہ چاهيندا آهيون پر اهي ان ڪري ڄاڻڻ چاهيندا آهيون تہ جيئن اسان پنھنجِي مرضي مطابق شين ۽ فطرت کي استعمال ڪري سگهون. ان لاءِ اسان جو حسابن جي شعبي ۾ ڀڙ ٿيڻ ضروري آهي ڇو تہ جيئن انگن اکرن جي تجزئي وسيلي اسان ٻين شعبن تائين رسائي حاصل ڪري سگهون. اسان کي نفسيات ان ڪري پڙهڻ گهرجي تہ جيئن انساني معاشري جي جهنگ ۾ پنهجا لڪ لانگهاوا ۽ رستا ڳولي سگهون.
جڏهن سائنس ان قابل ٿي ويندي جو اها شين جا حقيقي تصور يعني قائدا قانون دريافت ڪري وٺندِي تہ پوءِ هي سڄي دنيا انسان ذات لاءِ هڪ خام مال وانگر ميسر هوندي جنھن منجھان انسان پنھنجي مرضي ۽ پنھنجي ذهن سان هر اها شيءَ ٺاهي سگهندو جيڪا هُو چاهيندو.


(نوٽ: هي مضمون ترجمو ڪيو ويو آهي )

مددي ڪتاب:

1. Durant, W. (2006). The New Organon. In The Story of Philosophy. Pocket Books, Simon & Schuster Inc. New York. Pp. 164-172.

علم جو سفر

انسان ھن ڌرتيءَ جي گولي تي پنھنجي علم، عقل ۽ باھمي تعاون سان ٻين سڀني مخلوقات کي مات ڏئي اشرف المخلوقات بڻجي چڪو آھي؛ اڄ ھو علم، عقل ۽ باھمي تعاون يعني سائنس جي دريافتن، ايجادن ۽ اخترائن جي بدولت زمين جي پاتال ۾ دفن ٿيل معدنيات ۽ ھيرن جواھرن جي خزانن تائين رسائي حاصل ڪري چڪو آھي؛ ھو فضائن جي بلندين تي F-16 ۽ ڪنڪورڊ ھوائي جهازن کي اڏائڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو آھي؛ ھو سمنڊن جي اٿاھ اوناھين ۾ آبدوزن وسيلي پير پائي چڪو آھي؛ ھو فضائن کان اڳتي نڪري خلائن ۾ اپالا ڊوڙائي ۽ خلائي اسٽيشنون قائم ڪري چُڪو آهي؛ اڄ ھو نہ رڳو ڌرتي جي حدن کي اورانگهي چنڊ تي پنھنجا قدم رکي چڪو آھي پر چنڊ کان بہ اڳتي وڌي مريخ تائين رسائي حاصل ڪري چڪو آھي. اڄ اسان ھن مضمون ۾ انساني تاريخ جي مختلف دورن ۾ انسانن پاران علم جي اعتبار جوڳن ذريعن بابت سکنداسين.
يورال نوح هرارِي انساني علم جي تاريخ کي سوڙهو ڪري ڪجهہ فارمولن يا مساواتن ۾ بند ڪيو آهي. سندس چواڻِي تہ تاريخ جي وچئين دؤر يعني زرعي انقلاب واري دؤر ۾ علم جو خزانو مذهبي پاڪ ڪتاب هئا جن مان مذهبي عالم ۽ پادري انھن ۾ پيش ڪيل منطق وسيلي دنيا جھان جي هر مسئلي جو حل ڳوليندا هئا. مثال طور، جاب جي انجيل مقدس (38:13) ۾ چيل آهي تہ خدا ڌرتي جي ڪنارن تي پڻ دسترس ۽ قدرت رکي ٿو ۽ نافرمانن کي اتان ڌُوڻي ڪيرائي سگهي ٿو. هن آيت منجھان عيسائي پادري اهو مطلب وٺندا رهيا تہ ڌرتي سڌِي ۽ تراکڙي آهي. ان دؤر ۾ علم جو فارمولو هي رهيو هو:

علم= مقدس ڪتاب X منطق
ان کان پوءِ صنعتي ۽ سائنسي انقلاب دوران علم جي مٿئين فارمولي کي الوداع چيو ويو ۽ هر مسئلي کي حواسي مشاهدن ۽ حسابن جي علم سان پرکيو ويو ۽ جيڪا ڳالھہ ان نئين فارمولي وسيلي وقت بوقت صحيح ثابت ٿيندي رهي ان کي ڀروسي لائق ۽ صحيح علم سمجهيو ويو. هي دؤر سائنسي دؤر جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي ۽ هتي سائنسدان ۽ محقق سالن جا سال مشاهدن، تجربيگاهن ۽ تحقيقي ڪمن ۾ معروضي معلومات جي ڇنڊ ڇاڻ ۾ مصروف رهندا هئا/آهن ۽ حسابن جي فارمولن وسيلي ڪنھن نہ ڪنھن نظرئي تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪندا هئا/آهن. هن دؤر ۾ صنعتي انقلاب برپا ٿيو. هن دؤر ۾ فلڪيات، طبيعات، طب، ڪيميا ۽ ٻين ڪيترن ئي انيڪ شعبن ۾ تاريخي ۽ ناقابلِ يقين ايجادون ۽ دريافتون ڪيون ويون. ان ترقي جو اهم سبب مذهبي ڪتابن جي تشريح نہ پر صاف ذهن سان شين جي مشاهدن ۽ انھن تي تجربن وسيلي ڀروسي لائق نظرين تائين پھچڻ جي ڪوشش هئي. نتيجي ۾ ڏڪارن، وبائن ۽ جنگين کي، خدا جي ناراضگي نہ پر ڪجه معروضي ۽ ضابطي ۾ ايندڙ سببَ ۽ انھن سببن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ حالتون سمجهيو وڃڻ لڳوهن دور جو فارمولو هي رهيو آهي:

علم = تجرباتي يا مشاهداتي معلومات X حساب
جديد دور يا هلندڙ دور ۾ انسانن مٿين ٻنھي نظرين کان بھتر (گهٽ ۾ گهٽ انساني زندگيءَ ۽مفادن لاءِ تہ بھتر ئي آھي ) نظريو يا تصور جوڙيو آهي جيڪو آهي ”انسان-پسنديت“. هن مطابق ڀروسي لائق علم جو ماخذ نہ تہ مذهبي ڪتاب آهن ۽ نہ وري معروضي سائنسي حقيقتون آهن، پر علم جو ماخذ انساني حسي محسوسات ۽ انھن متعلق انسانن جي حساسيت آهي. هن دور ۾ علم جو فارمولو هي آهي:

علم = محسوسات X حساسيت
هتي محسوسات (Experiences) سائنسي تجربن (Experiments) طور يعني معروضي نہ ٿا سمجهيا وڃن، پر محسوسات جو مطلب آهي تہ ڪنھن بہ شي يا تصور متعلق اسان پاڻ داخلي طور يا موضوعي طور تي ڇا ٿا سمجهون ۽ محسوس ڪريون. محسوسات جا ٽي اهم جزا آهن: ٻاهرئين حِسي يا حواسي معلومات، ان شيءَ متعلق اسان جا داخلي جذبات، ۽ ان شيءِ يا تصور متعلق اسان جا خيالات ۽ رويا. ڪنھن خاص لمحي دوران منھنجن پنھنجن محسوسات ۾ اهو سڀ ڪجهہ شامل هجي ٿو جيڪو آئون محسوس ڪريان ٿو (گرمي، لطف، ڳڻتي وغيرہ)، هر اهو جذبو جيڪو منھنجي اندر ۾ پيدا ٿئي ٿو (پيار، ڊپ، ڪاوڙ وغيرہ) ۽ سڀ اهي خيال جيڪي منھنجي ذهن ۾ پيدا ٿين ٿا. ان کان پوءِ حساسيت مان مراد ٻہ شيون آهن: پھرين تہ آئون پنھنجن محسوسات، جذبات ۽ خيالات تي توجه ڏيان ۽ ٻِي ڳالھہ تہ آئون پنھنجن انھن محسوسات، جذبات ۽ خيالات کي ڪيئن ٿو سمجھان يا معنيٰ ڏيان. حسي محسوسات ۽ حساسيت جو پاڻ ۾ سڌو تعلق آهي ۽ هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم واري حيثيت پڻ رکن ٿا. حسي محسوسات ماڻھوءَ ۾ حساسيت پيدا ڪن ٿا ۽ ساڳي ريت وري جيڪڏهن مون ۾ ڪنھن شي يا تصور لاءِ حساسيت نہ آهي تہ آئون ان بابت ڪجه بہ محسوس نہ ٿو ڪري سگهان. اهو ئي سب آهي تہ انسان-پسنديت اصل ۾ اسان جي اندرئين ۽ داخلي تبديليءَ جو نظام آهي جيڪو اسان کي پنھنجن محسوسات ۽ حساسيت وسيلي اڻڄاڻائي ۽ جهالت کان روشن خيالي طرف وٺي وڃي ٿو. ان جو وڏي ۾ وڏو مقصد اسان جي علم کي ذهني، جذباتي ۽ جسماني محسوسات جي بيشمار ڌارائن وسيلي دنيا جي شين ۽ تصورن بابت شعوري سگهه عطا ڪرڻ آهي. چيني فلسفي ۾ پڻ يِن ۽ يينگ ٻہ قوتون آهن. يينگ اسان کي طاقت مھيا ڪري ٿي ۽ يِن اسان کي ان طاقت جي معنيٰ ۽ اخلاقي قدرن بابت سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي، يعني اهي قوتون سائنس ۽ جذبات کي ظاهر ڪن ٿيون. هر سائنسي دريافت ۽ ايجاد کي اسان پنھنجن اخلاقي قدرن ۽ جذبن سان پرکيندا آهيون.
هن جديد مذهب ”انسان-پسنديت“ جي علمي فارمولي وسيلي ئي انسانذات ڌرتيءَ تان جنگين، ڏڪارن ۽ وبائن کي مُنھن توڙي مات ڏئي سگهيو آهي. انسان-پسنديت وسيلي ئي اڄ جي انسان هن وسيع دنيا کي هڪ ”عالمي ڳوٺ“ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ مختلف مذهبن ۽ تھذيبن کي هڪ جيتري اهميت ڏئي سگهيو آهي. اڄ جو انسان عالمي امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ مذهبي ڪتابن جي احڪامات ڏانھن رجوع نہ ٿو ڪري پر عالمي ادارن ۾ سندن نمائندن وسيلي سندن جذبات ۽ احساسات جي نمائندگي لاءِ ڪوشش ڪري ٿو تہ جيئن انھن جا جذبات، خيالات ۽ احساسات پڻ محسوس ڪيا وڃن. هن مذهب نہ رڳو سڀني روايتي مذهبن جي فرق کي ختم ڪيو آهي پر نسل جي بنياد تي قوميتن جي فرق کي پڻ ختم ڪيو آهي يا ختم ڪرڻ ڏانھن وڌي رهيو آهي.
هراري مطابق تاريخ جو رخ هميشه نئين سوچ رکندڙ، جديد خيالن ۽ جديد ٽيڪنالاجي ايجاد ڪندڙ ماڻھن جي ننڍي ٽولي ئي موڙيو آهي ۽ تاريخ بہ اهڙن ماڻھن کي ئي ياد رکندي آهي. اوڻيهين صدي جي وچ ڌاري جڏهن ڪارل مارڪس ۽ لينن دنيا جي نين ٽيڪنالاجين ۽ انھن سان لاڳاپيل نين مسئلن تي غور ڪيو ۽ انھن جو حل اشتراڪيت وسيلي يعني ٽيڪنالاجي کي معيشت ۽ ان جي ورڇ سان جوڙي پيش ڪيو تہ اشتراڪيت جو انقلاب برپا ٿي ويو ۽ انھن مذهبي ڪھاڻين کان بيزاري جو اعلان ڪيو. پر اڄ اشتراڪي ملڪ روس کان اهو سبق وسري ويو آهي ان ڪري هلندڙ سليڪان انقلاب واري دور ۾ ترقي يافتہ دنيا سان ڪلهو ڪلھي سان ملائي نہ پيو هلي. نتيجي ۾ اهو وري پوئتي ڌڪجي رهيو آهي. تاريخ اوڻيھين صدي جي مارڪس، اينجل ۽ لينن کي تہ ياد رکي ٿي پر مذهبي ڪھاڻين لاءِ پتوڙيندڙ سوڊان جي مھدي، چين جي پايس نائون هانگ زيڪانگ ۽ انڊيا جي ديانندا سَرسوتي کي ياد نہ ٿي ڪري. ايندڙ انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي انقلابن جي سنگم واري دور ۾ چين ملڪ نظرياتي طور سان تمام للڪاريندڙ نظر ٿو اچي ڇو تہ هڪ پاسي اهو آزاد خيالي جي ڪافي تصورن سان هم آهنگ آهي تہ ٻئي پاسي وري اتي نہ تہ حقيقي جهموريت آهي نہ ئي وري آزاد مارڪيٽ ئي آهي.
ان ڪري جڏهن ايندڙ وقت ۾ حڪمران طبقو فاني منجھان لافاني بڻجي ويندو ۽ اهو انسانن جي جسم، دماغ ۽ سوچ تي قابض ٿي ويندو تہ اُتي جي جابر حڪمران وٽ اختيار ۽ طاقت استعمال ڪرڻ جا انيڪ رستا ميسر هوندا. ٻئي پاسي هراري مطابق اسلامي دنيا اڃان تائين لڪير جي فقير آهي. مسلمان ترقي جي جهاز جو لنگر تہ بڻجي سگهن ٿا پر جهاز جو پٽوار (ان جي طرف تبديل ڪرڻ جي پَٽِي) نہ ٿا بڻجي سگهن. صنعتي انقلاب توڙي هلندڙ سليڪان انقلاب (ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ سمارٽ فون جو انقلاب) دوران ترقي جي ريل گاڏي ۾ مختلف ملڪ پنھنجن وسيلن ۽ حالتن تحت تاريخ جي مختلف وقتن تي سوار ٿي ترقي جي راھ تي گامزن ٿي پئي سگهيا. پر مستقبل جي ايندڙ انفوٽيڪ ۽ بايو ٽيڪ انقلابن جي سنگم دوران جڏهن جاکوڙيندڙ دنيا جو سائنسدان ۽ حڪمران طبقو خدائي طاقتون حاصل ڪري پاڻ کي لافاني بڻائي چڪو هوندو ان وقت اسان جھڙن سُست ۽ لڪير جي فقير مسلمان مذهبي ماڻھن وٽ ان ترقي جي ڇُٽل ريل گاڏي ۾ چڙهڻ ناممڪن بڻجي چڪو هوندو، ڇو تہ ان وقت اسان جو جسم، دماغ توڙي ان جي سوچ تي پھرا لڳي چڪا هوندا ۽ اسان وٽ “بيڪار ماڻھن جو وڏو ٽولو” بڻجڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نہ رهندو! ان ايندڙ وقت ۽ انقلاب دوران علم جو فارمولو ڪجه هن ريت جڙندو:

عوام جو علم = لافاني سپر انسانن جي مرضي X عام يا بيڪار انسانن جي بقا جا مطالبا
اهو چئي سگهجي ٿو تہ زرعي دؤر ۾ علم جا ماخذ پاڪ ڪتابن جي تشريح ۽ منطق جي معلومات رهيا؛ صنعتي دؤر ۾ علم جا ماخذ مشاهداتي يا سائنسي ڄاڻ ۽ حسابن جي علم ۾ مھارت رهيا؛ هلندڙ سليڪان (ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ) دؤر ۾ علم جا ماخذ انساني محسوسات ۽ سندن حساسيت آهن؛ ۽ ايندڙ دؤر يعني انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي انقلابن جي سنگم واري دؤر ۾ عوامي علم جا ماخذ لافافي سپر انسانن جي مرضي ۽ اسان جھڙن بيڪار انسانن جي بقا جا مطالبا رهندا.


مددي ڪتاب:
1.Yuval Noah Harari (2016). Homo Deus: A History of Tomorrow. Vintage/Penguin Random House.

غار جا گمراھه قيدي، پاڇا ۽ سچائي

اسان جي سنڌي قوم ھن ايڪيهين صدي ۾ رھندي بہ نہ رڳو نظرياتي ۽ سوچ جي لحاظ کان ڪيتريون ئي صديون پوئتي آھي پر عملي ۽ سماجي زندگيءَ ۾ پڻ اوترو ئي پوئتي پيل آھي. سماجي زندگي جي ترقي جا توڙي ھڪ فلاحي رياست جا ڪجهہ عام پيمانا ھي آھن: ھر ماڻھوءَ کي چاھي اھو ڪھڙي بہ مذھب، رنگ ۽ نسل سان تعلق رکندو ھجي، کي زندہ رھڻ جا برابر حق ميسر ھجڻ؛ ھر شھري کي روزگار، صحت، تعليم ۽ تفريح جا مناسب ۽ برابر حق حاصل ھجن؛ ھر شھري کي مناسب رھائش، پيئڻ جو صاف پاڻي، کاڌخوراڪ، گندي پاڻيءَ جي نيڪال جا انتظام وغيرہ ميسر ھجڻ؛ ھر شھري جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت جا انتظام ميسر ھجڻ؛ ھر شھري کي پنھنجن فطري صلاحيتن جي نشونما جا ڀرپور ۽ ھڪ جيترا موقعا ميسر ھجڻ؛ ھر شھري کي پنھنجي عقيدي مطابق عبادت ڪرڻ جي آزادي ميسر ھجڻ؛ ھر شھري کي تقرير ۽ تحرير جي آزادي ميسر ھجڻ؛ھر شھري کي ڪنھن ٻئي شھري يا اداري طرفان ارادي يا غير ارادي طور ڇيھي يا نقصان پھچائڻ جي صورت ۾ ھڪجهڙو ۽ غيرجانبدار انصاف ميسر ھجڻ؛ پائدار ترقي جو ھجڻ جيڪا ڪنھن بہ موجود فطري وسيلي جي تباھي جي قيمت تي نہ ھجڻ وغيرہ.
مٿيان حق، شيون، سھولتون ۽ نظام اسان جي سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن لاءِ يا تہ ھن دنيا ۽ زندگيءَ ۾ سھانا خواب رھيا آھن يا وري اھي مرڻ کان پوءِ واري ڪنھن خيالي جنت جا مزا محسوس ٿيندا آھن. پاڪستان جي قيام کان وٺي ھڪ طاقتور ٽولي وٽ اسان جي ملڪ جا ماڻھو ۽ وسيلا، خاص طور سنڌ، سنڌ جا ماڻھو ۽ سنڌ جا وسيلا، يرغمال رھندا آيا آھن. ان طاقتور ٽولي ھٿ وٺي اھڙو سماجي نظام ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي آھي (ھينئر اھا ڪوشش ان ڌر کي پنھنجا گهربل نتيجا ڏئي رھي آھي) جنھن ۾ شعور ۽ معاشي ترقي پيدا ڪندڙ ادارن ۽ نظامن جي اھڙي ريت چيلھہ ڀڃي وڃي جو اھي ڪيترن ئي ڏھاڪن تائين پنھنجن پيرن تي بيھي نہ سگهن پر اھي دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ فقط نالي ماتر ادارن طور ڪم ڪندا ھجن تہ جيئن عوام پيٽ گذر ۾ ڦاٿل رھي ۽ ٻي ڪنھن شي ۽ سھولت جو سوچي نہ سگهي ۽ فقط زندہ رھڻ کي ئي غنيمت سمجهي. ھن وڏي ڪم لاءِ طاقتور ٽولي کي ھر ضلعي، شھر ۽ ڳوٺ ۾ ھيٺين سطح تائين ڀروسي وارن فرمانبردارن جي ضرورت پوندي آھي جنھن لاءِ اھي ھڪ پاسي تہ وڪاميل پيرن، مرشدن، وڏيرن، سردارن منجھان ڪجهہ کي سندن ذاتي زندگي جي عيش عشرت جي سامان عيوض عوامي ۽ اجتماعي مفادن تان غير شعوري توڙي شعوري طور ھٿ کڻائيندا آھن ۽ اليڪشنن ۾ چونڊرائي پنھنجن مفادن لاءِ استعمال ڪندا آھن، تہ وري ٻئي پاسي پنھنجن ھم خيال اشرافيہ يا سي ايس پي آفيسرن کي ساڳي ريت پنھنجي ڄار ۾ سوگهو ڪندا آھن، ۽ ڪجهہ اٽي ۾ لوڻ جيترن ايماندار آفيسرن کي وري انھن جي ايمانداري جي سزا طور ميدان عمل تان ھٽائي انھن کان ڪلارڪي وارو ڪم پيا وٺندا آھن. ان سڄي بدعنواني جي ڪري عوام ۾ شعور جي آبياري روڪي ويندي آھي ۽ انھن کي پنھنجن حقن کان اڻواقف رکيو ويندو آھي ايستائين جو اھي پيٽ گذر کي بہ حڪمران طبقي طرفان وڏو ٿورو سمجهڻ لڳن. اھڙي ريت انھن ڀوتارن ۽ سردارن طرفان پنجن سالن ۾ چونڊن واري وقت ۾ عوام جي تڏي تي ھلي اچڻ ۽ گذاري ويل وارثن ۽ مائٽن جي دعا گهرڻ کي ئي سندن ووٽ جو حقدار سمجهڻ جو ھٿ ٺوڪيو معيار ٺاھي انھن جي ٽيڪس جي اربين ۽ کربين روپين جي بجيٽن تي راتاھا ھڻڻ ۽ ان ۾ مسلسل خرد برد ڪرڻ جو سامان جوڙيو ويندو آھي.
سچائي ۽ حقيقت متعلق سقراط طرفان پيش ڪيل اونداھي غار جي قيدين جي خاڪي ۽ اسان جي ننڌڻڪي عوام جي حقيقي زندگي ۾ ڪافي ھڪجھڙائي نظر اچي ٿي. سقراط چوي ٿو تہ فرض ڪريو تہ ھڪ اونداھي غار ۾ ڪجهہ قيدي اھڙي ريت قيد آھن جو اھي ھڪ ھنڌ ويٺل آھن ۽ غار جي فقط ھڪ پاسي واري ڀت ڏانھن ڏسي سگهن ٿا ۽ اھي قيدي ٻاھرين دنيا جي سڀني شين کان اڻواقف آھن. غار جي منھن وٽ ھڪ ھموار رستو آھي جتان ڏينھن جي وقت نہ رڳو سج جي روشني اندر سڌي توڙي اڻ سڌي ايندي آھي. نتيجي ۾ ان غار جي منھن اڳيان گذرندڙ جانورن ۽ پکين جا پاڇا غار اندر قيد ٿيل قيدين جي سامھون واري ڀت تي ٺھندا آھن ۽ اھي قيدي انھن پاڇن کي ڏسي ڏسي انھن متعلق پنھنجن ذھنن ۾ ڪھاڻيون، تصور ۽ نظريا گهڙيندا آھن ۽ ڏينھن رات ھڪ ٻئي سان فقط پاڇن متعلق پيا بحث ڪندا آھن. پاڇن متعلق بحث ۾ اھي ھاڻي ماھر بڻجي چڪا ھوندا آھن ۽ اھي انھن پاڇن کي ئي حقيقت يا سچائي پيا سمجهندا آھن. ڪافي وقت کان پوءِ انھن قيدين منجھان ھڪ قيدي ڪنھن طرح سان پنھنجن زنجيرن کان آزاد ٿي ويندو آھي ۽ اھو غار جي منھن وٽ پھچي ويندو آھي ۽ سج کي ڏسندو آھي. پھريان تہ ھن جون اکيون سج (سچائي) ڏسڻ تي خيريون ٿي وينديون آھن پر ڪجهہ دير ۾ اھي سج ۽ شين جي پاڇن کي ڏسڻ جي قابل ٿي وينديون آھن. ھن کي حيرت لڳندي آھي جڏھن ڏسندو آھي تہ پاڇا تہ حقيقتون نہ آھن، ۽ نہ وري غار ۾ يقين جي حد تائين سئو سيڪڙو نام نھاد سچيون سمجهيل حقيقتون ڪي اصل حقيقتن ۽ شين سان ڪو ٿورو بہ سچو تعلق رکندڙ ھيون! غار وارين سچائين ۽ ٻاھرين دنيا جي سچائين ۾ زمين آسمان جو فرق ھوندو آھي. آزاد ٿيل قيدي ٻاھرين دنيا جي ماڻھن، شين، تصورن ۽ نظرين سکڻ ۾ غرق ٿي ويندو آھي. جڏھن ھن کي ٻاھرين دنيا جي سڀني معروضي سچائين جو پتو پئجي ويندو آھي تہ اھو پنھنجن قيدي دوستن کي حقيقتون ٻڌائڻ، سمجهائڻ ۽ انھن کي آزاد ڪرائڻ پنھنجو فرض سمجهندو آھي ۽ انھن ڏانھن وڃڻ جو فيصلو ڪندو آھي. غار ۾ پھچڻ کان پوءِ جڏھن ھو انھن کي پاڇن بابت ٻڌائيندو آھي تہ پاڇا حقيقتون نہ آھن پر اھي ڪجهہ شين ۽ جانورن جا عڪس آھن. ان تي ھن جا دوست ھن سان اختلاف رکندي وڙھي پوندا آھن ۽ چوندا آھن تہ ھو ھاڻي پاڇن سمجهڻ جي سگهه وڃائي چڪو آهي ۽ بھتر آھي تہ ھو ھاڻي پاڇن متعلق بحث ۾ حصو نہ وٺي. اھي قيدي ھن کي خبردار ڪندا آھن تہ جيڪڏھن سندن پاڇن بابت ڄاڻ کي ھن رد ڪيو ۽ غلط چيو تہ ھو ھن کي قتل ڪري ڇڏيندا. ھن غار جو تمثيلي مطلب اھو بيھي ٿو تہ ھن دنيا ۾ اسان سڀ ماڻھو ڪنھن نہ ڪنھن حساب سان اڻڄاڻائي ۽ جهالت جي غار جا قيدي آھيون. تنقيدي بحث مباحثو غار کان ٻاھر ويندڙ ٿلھو يا رستو آھي. زنجيرن کي زنجيرون سمجهڻ شعور ۽ تعليم جو آغاز آھي جيڪا اسان ۾ انھن کي ٽوڙڻ جي ھمت پيدا ڪري ٿي. قيدين جو سندن پاڇن واري ڄاڻ کي چھٽيل ھجڻ اسان جي ذھنن ۾ پيدا ڪيل يا ٿيل ڪوڙا تصور ۽ نظريا آھن جن لاءِ اسان مخالف نظرئي واري کي صفحه ھستي تان مٽائڻ جي حد تائين پڻ وڃي سگهون ٿا. غار مان نڪرندڙ ۽ واپس ايندڙ شخص ھڪ فيلسوف يا اھو روشن خيال اڳواڻ آھي جيڪو پنھنجي جان جي پرواھ نہ ڪندي بہ جهالت ۾ ڦاٿل ساٿين کي ڪڍڻ لاءِ پر آسائش زندگي مٿان تڪليف واري انقلاب کي ترجيح ڏئي ٿو. اسان جي سنڌ ۽ سنڌين جي صورتحال مٿئين غار واري تمثيل سان ٺھڪيل آھي پر فرق ايترو آھي جو اسان جا سياستدان ۽ اشرافيہ فقط پاڻ تڪليفن واري زندگي کان تہ نڪري آيا آھن ۽ سچائي جي سج جي روشني ۾ دنيا جھان جا علم حاصل ڪري پنھنجن زندگين کي جنت نظير بڻائڻ کان پوءِ جهالت جي انڌيري غار ۾ ڦاٿل پنھنجي غريب عوام کي ڪڍڻ لاءِ واپس تہ نہ ٿا اچن پر ٻئي ڪنھن کي بہ ان واپسي جي رستي تي ھلندو ڏسي ان کي صفحه ھستي تان ئي ھٽائي ڇڏين ٿا. سچ چوندا آھن تہ جيستائين ھڪ قوم پنھنجي مدد پاڻ تحت نہ پتوڙيندي تيسيتائين خدا بہ ان قوم جي مدد نہ ڪندو آھي.
موجودہ قيادت کان بغاوت، حقيقي ۽ ذھنن کي کوليندڙ تعليم، تنقيدي سوچ، صحتمند بحث مباحثا، گهڻ رخا مطالعا، ۽ باشعور ۽ سڄاڻ ماڻھن جي ٽولي ۾ شموليت اسان جي قوم کي جهالت جي غار مان ڪڍڻ جا وسيلا آھن.


1.https://epaper.pahenjiakhbar.com/epaper/edition/604/pahenjiakhbar/page/4

چٻا ڦـِڏا ڪارا چشما

چيو وڃي ٿو تہ ”انسان ھڪ سماجي جانور آهي“ جيڪو سماج کان سواءِ يا سماج کان ٻاهر رھي نہ ٿو سگهي. سماج يا معاشرو انسان جي زندگيءَ تي تمام گهرا ۽ اڪثر ڪري اڻمٽ نقش ڇڏي ٿو. ٻين لفظن ۾ اسان جا مخصوص جسماني، ذھني، جذباتي، روحاني ۽ سماجي رابطن جا لاڙا اسان جي مخصوص سماج ۽ معاشري جي اثرن ھيٺ جڙندا آهن. اسان جو سماج يا معاشرو ھڪ پاسي اسان کي دنيا جھان کي سمجهڻ جو شعور عطا ڪري ٿو تہ ٻئي پاسي وري اھو غير شعوري ۽ غير محسوس طريقي سان اسان جي ذھن، سوچ، نظرئي، رويي ۽ ڪردار تي اڻ ڄاڻائي، جهالت ۽ ڪٽرپڻي جا ڪارا چشما پڻ چاڙهي ٿو.
جھڙي ءَ ريت ھن ڌرتيءَ تي اسان کي انيڪ رنگ نظر ايندا آهن اھڙي ريت سماجي اثرن ھيٺ اسان جي اکين، ذھنن ۽ سوچن تي پڻ جهالت ۽ ڪٽرپڻي جا انيڪ پردا ۽ چٻا ڦڏا ڪارا چشما چڙهيل هوندا آهن. اھي چشما دنيا جي سچائيءَ کي ٽوڙي مروڙي ڇڏين ٿا. اسان جي گهر ۾ ڳالھائي ويندي ٻولي، خاندان جي اھم فرد جو پيشو، خاندان جي مجموعي سوچ، سماج ۾ موجود روايتون، اقدار، تعليم، نصاب، مروج ٽيڪنالاجي، مذھب، اجتماعي سوچ، رويا ۽ نظريا وغيرہ اھڙن ناھموار يا چٻن ڦڏن ڪارن چشمن جا مثال آھن جيڪي اسان کي انھن جي مد مقابل ۽ مختلف شين ۽ نظرين کي سمجهڻ ۽ مڃڻ ۾ رڪاوٽ بڻبا آھن.
اسان جي اکين، ذھن، سوچ، رويي ۽ ڪردار تي ڪٽرپڻي جي ڪارن چشمن کي ٻن وڏن گروھن ۾ ورھائي سگهجي ٿو. ھڪ گروھ غير رسمي يا غير شعوري چشمن سان لاڳاپيل آھي جنھن ۾ انفرادي توڙي اجتماعي سطح تي پنھنجي ٻولي، پيشو، ٽيڪنالاجي، روايت، قدر، مذھب، نظريو، رويو ۽ ڪردار شامل آهن. ٻيو گروھ وري رسمي ۽ شعوري چشمن سان لاڳاپيل آھي جن وسيلي انفرادي توڙي اجتماعي رسمي تعليم ۽ رسمي نصاب وسيلي مخصوص ڌنڌن، ٽيڪنالاجي، اقدار، مذھبي تصورن، سوچن، روين ۽ ڪردار جي پوکي ۽ آبياري ڪئي ويندي آھي.
جيئن تہ انسان ھڪ سماجي جانور آهي ان ڪري سموري زندگي سماج اندر گذرڻ جي ڪري انسان غير محسوس ۽ غير شعوري طور تي ان سماج جو حصو بڻجي وڃي ٿو ۽ ان جھڙو بڻجي وڃي ٿو. ان جو ٻيو سبب اھو آھي تہ روايتي تعليم جي ڀيٽ ۾ سکڻ جو ڪينواس ۽ تاڃي پيٽو ثقافتي/ سماجي رنگن سان وڌيڪ رڱيل ٿئي ٿو. ھاڻي اچو تہ اھو ڏسون تہ مٿيان غير رسمي يا ثقافتي چشما اسان جي سوچ، رويي ۽ ڪردار کي ڪيئن ۽ ڪھڙي ريت متاثر ڪن ٿا.
سڀ کان پھريان اسان جي سمجهہ ۾ رڪاوٽ وجهندڙ اسان جي ڪٽرپڻي جو سبب بڻجندڙ جيڪو طاقتور ترين ڪارو چشمو يا پردو آھي، اھو آھي اسان جي ثقافت، ثقافت جي شامل اھم جزن ۾ اسان جو وطن ۽ ٻولي، لباس ۽ ريتون رسمون، اخلاقيات ۽ اقتدار، عقيدا ۽ مذھب، صحيح ۽ غلط بابت تصور، زندگي ۽ ڪائنات متعلق نظريا، ادبي شاھڪار ۽ مثالي شخصيتون وغيرہ شامل آهن. جيتوڻيڪ اھي سڀ ثقافتي اجزا اسان لاءِ اتفاقي ھوندا آھن يعني اسان ذاتي ۽ شعوري چونڊ جي بنياد تي انھن کي پنھنجو نہ ڪيو ھوندو آھي پر پوءِ بہ اھي اسان لاءِ پنھنجي پاڻ ۽ پنھنجي جان کان وڏيڪ پيارا بڻجي ويندا آهن.
مثال طور ڪنھن ٻار جي پاڪستان ۾ يا ٻئي ڪنھن ملڪ ۾ پيدائش ھڪ اتفاق ئي آھي يعني ان ٻار وٽ پنھنجي پيدائش واري ھنڌ جي چونڊ بابت ڪوبہ اختيار يا مرضي نہ ھوندي آھي؛ ڪنھن ٻار جي سنڌي ٻولي يا ڪنھن ٻي ٻولي ڳالهائيندڙ گهراڻي ۾ پيدائش پڻ ھڪ اتفاق ئي آھي؛ ڪنھن ٻار جي پيدائش گوڏ ۽ قميص پائيندڙ يا وري پينٽ ۽ شرٽ پائيندڙ گهراڻي ۾ ٿيڻ پڻ ھڪ اتفاق ئي آھي؛ ڪنھن ٻار جي پيدائش اھڙي گهراڻي ۾ ٿيڻ جتي مرڻي پرڻي، کاڌي پيتي ۽ مھمان نوازي جون پنجابي ريتون رسمون ادا ڪيون وينديون ھجن يا وري ان جي پيدائش ٻين ۽ مختلف ريتن رسمن واري گهراڻي ۾ ٿيڻ پڻ ھڪ اتفاق ئي آھي؛ ڪنھن ٻار جي پيدائش ھڪ منافق، مفاد پرست ۽ چوري ڪندڙ ۽ ڦري کائيندڙ گهراڻي ۾ ٿيڻ يا وري ان جي ابتڙ سچ تي ساھ ڏيندڙ، انفرادي خوشين کي اجتماعي مفادن تي قربان ڪندڙ ۽ اعلي۱ انساني اخلاقيات تي پورو ھلندڙ گهراڻي ۾ ٿيڻ پڻ ھڪ اتفاق ئي آھي؛ ڪنھن ٻار جي پيدائش ھڪ غريب ۽ ٽيڪنالاجي ۾ پوئتي پيل گهراڻي ۾ ٿيڻ يا وري ان جي ابتڙ ھڪ امير ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان ڀرپور فائدو وٺندڙ گهراڻي ۾ ٿيڻ پڻ ھڪ اتفاق ئي آھي؛ ساڳي طرح سان ڪنھن ٻار جي پيدائش ھڪ ھندو خاندان ۾ ٿيڻ يا وري ان جي ابتڙ ڪنھن ٻئي مذھبي گهراڻي ۾ ٿيڻ پڻ ھڪ اتفاق ئي آھي. ھڪ ماڻھوءَ جو ثقافت جي مٿين جزن سان اتفاقي پر ديرپا ۽ مشروط تعلق ھجڻ ڪري ان جي دل ۾ انھن ڏانھن ھڪ فطري ڪشش ۽ محبت جنم وٺي ٿي. ڳالھہ جيڪڏھن فقط ان ڪشش ۽ محبت تائين محدود ھجي ھا تہ بہ گهڻو مسئلو ڪون ھو، پر اڪثر حالتن ۾ ماڻھو جي اھا محبت مد مقابل يعني ڌاريء ثقافت جي جزن ۽ لاڙن سان نفرت ۾ تبديل ٿي ويندي آھي. نتيجي ۾ مٿيان ثقافتي جزا ۽ لاڙا ڌاريءَ سچائيءَ کي ٽوڙڻ مروڙڻ وارا ناھموار ڪارا چشما بڻجي ويندا آهن.
اھو ئي سبب آهي جو گهڻو تڻو ھر ماڻھوءَ جي ذھن، سوچ ۽ اکين تي وطن، ٻولي، لباس، روايت، اقدار، مذھب ۽ نظرئي جا ناڪاري چشما چڙهيل هوندا آهن، جنھن ڪري اسان کي ڌاريي وطن، ڌاريءَ ٻولي، ڌاريي لباس، ڌاريءَ روايت، ڌارئي قدر، ڌاريي مذھب ۽ ڌاريي نظرئي جون خوبيون نظر ئي نہ اينديون آهن ۽ اسان انھن ڌارين ثقافتي لاڙن ۽ نظرين کي بغير ڪنھن مشاھدي جي، بغير ڪنھن چڪاس جي ۽ بغير ڪنھن ثبوت جي رد ڪندا آھيون ۽ انھن سان نفرت ڪندا آھيون.
شعوري سطح تي وري اھڙن ڪارن چشمن جي پوکي ۽ آبياري ھڪ پاسي روايتي تعليم، روايتي نصاب ۽ روايتي تدريسي نظام وسيلي ڪئي ويندي آهي تہ ٻئي پاسي وري مخصوص سوچ، رويي ۽ نظرئي جي تربيت ۽ ترويج لاءِ نشر و اشاعت توڙي رابطي جي سڀني وسيلن کي طاقتور ڌرين پاران استعمال ڪيو ويندو آهي.
ھاڻي سوال اھو آھي تہ اسان پنھنجي ذھن، سوچ ۽ اکين تان سچائيءَ کي ٽوڙي مروڙي ڏيکارڻ وارا ڪارا چشما ڪيئن لاھي سگهون ٿا ۽ سچائيءَ تائين ڪيئن پھچي سگهون ٿا؟ ان جو سادو جواب اهو آهي تہ اسان پنھنجي ثقافت جي خول مان ٻاھر نڪرون، ٻين ثقافتي لاڙن ۽ نظرين جو گهرائي سان مشاھدو ڪريون ۽ انھن کي تحقيق ۽ تدبر جي ڪسوٽي تي پرکيون ۽ پنھنجي ثقافت جي اوڻاين کي ختم ڪريون ۽ ان جي مثبت پاسن کي اڃان وڌيڪ مضبوط ڪريون. ان سان نہ فقط اسان جو ذھن کلندو ۽ وسيع ٿيندو پر اسان ثقافتي ۽ مذھبي ڪٽرپڻي کان بہ نجات حاصل ڪري سگهنداسين.؟

وھم ۽ وِسوِسا

انسان ڀلي ڌرتيءَ جي گولي تي ٻين سڀني مخلوقات کي پنھنجي عقل، فھم ۽ باھمي تعاون وسيلي مات ڏئي اشرف المخلوقات بڻجي چڪو هجي؛ يا وري زمين جي پاتال ۾ دفن ٿيل معدنيات ۽ ھيرن جواھرن جي خزانن تائين رسائي حاصل ڪري چڪو ھجي؛ يا وري فضائن جي بلندين تي F-16 ۽ ڪنڪورڊ ھوائي جهازن کي اڏائڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو ھجي؛ يا وري سمنڊن جي اٿاھ اوناھين ۾ آبدوزن وسيلي پير پائي چڪو ھجي؛ يا وري فضائن کان اڳتي نڪري خلائن ۾ اپالا ڊوڙائي ۽ خلائي اسٽيشنون قائم ڪري چُڪو ھجي؛ يا وري ڌرتي جي حدن کي اورانگهي چنڊ تي پنھنجا قدم رکي چڪو ھجي؛ يا وري چنڊ کان بہ اڳتي وڌي مريخ تائين رسائي حاصل ڪري چڪو ھجي پر پوءِ بہ اڄ توڙي ھر دور ۾ ھن جو ذھن وھمن ۽ وسوسن کان مڪمل طور آجو ٿي نہ سگهيو آهي.
وھم ۽ وسوسا ھڪ پاسي انساني ارتقا جي ابتدائي ھزارن ۽ لکن سالن تي محيط سندن خوفن ۽ خطرن سان ڀرپور زندگي، سندن بقا ۽ موت جي ڪشمڪش ۽ سندن ڪھاڻين گهڙڻ ۽ ٻڌائڻ جو تسلسل آھن، تہ ٻئي پاسي وري وھم ۽ وسوسا سندن زميني ۽ جاگرافيائي حالتن، مجموعي سماجي ترقي ۽ سماجي نظرين جي پيداوار پڻ آهن. اھو ھڪ عام مشاھدي جو لقاءُ آهي تہ جنھن سماج جا ماڻھو جيترا گهٽ تعليم يافتہ ھوندا آھن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ پوئتي پيل ھوندا آھن ۽ معاشي طور ڪمزور ھوندا آھن، اھي اوترا ئي وھمن وسوسن ۽ مذھبي جنونيت ۾ وڌيڪ جڪڙيل ھوندا آھن. پر ان جو اھو مطلب ھرگز نہ آهي تہ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳواڻي ڪندڙ ۽ معاشي طور مضبوط ۽ سپر پاور ملڪن جا ماڻھو وھمن وسوسن کان پاڪ ھوندا آھن. ڇو تہ اوائلي دؤر جا ڪجهہ خوف جھڙوڪ خونخوار شڪاري جانورن جا حملا، سور ۽ تڪليف جو احساس، اوچائي تان ڪرڻ جو ڊپ ۽ تيزي سان پاڻ ڏانھن ايندڙ شين جا خوف لکن سالن تائين ارتقا ڪندي انسان جي جين ۾ شامل ٿي چڪا آھن ۽ اھي اسان جي جبلت بڻجي چڪا آھن؛ ٻيو تہ اسان جا افسانوي ذھن اڃان تائين مسلسل ڪھاڻيون گهڙيندڙ آھن، ان ڪري اسان جو وھمن وسوسن کان مڪمل ڇوٽڪارو ممڪن نہ آهي. ھاڻي اچو تہ مٿين وھمن وسوسن جي ھر ھڪ قسم جي پيرائتي وضاحت ڪريون.
اسان جا وھم ۽ وسوسا اسان جي لکها سالن تائين پکڙيل جذبن جي ارتقا ۽ ابتدا سان سلهاڙيل آهن. انساني جذبا جھڙوڪ ڪاوڙ يا ٻئي ساٿيءَ سان اختلاف ڪرڻ، ھمت يا ٻئي سان وڙھڻ ۽ ان تي غالب ٿيڻ جو ست سارڻ، ڊپ يا ٻئي سان مقابلي جي صورت ۾ ناڪاميءَ جي خيال جو غالب ٿيڻ، فرار يا مقابلو نہ ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ، پيار يا نسل وڌائڻ لاءِ مخالف جنس ۾ پنھنجا جين منتقل ڪرڻ وغيرہ جا جذبا انسانن توڙي ٻين جانورن ۾ لکين سالن جي ماحولياتي محرڪن ۽ انھن جي ردعملن جي مشروط تعلم ۽ ارتقا جا نتيجا آھن. اُھي جذبا اصل ۾ اسان انسانن ۽ جانورن جي دماغ ۾ کربين نيورانن جي لاڳاپن ۽ برقي فائرنگ جو حساب ڪتاب ڪرڻ جا الگورٿم وارا نظام آھن. اھي جذبا اسان توڙي ٻين جانورن لاءِ مختلف حالتن ۾ پنھنجي زندگيءَ کي جاري رکندڙ ۽ سندن بقا جا اثاثا آھن. اُن ڪري ڊپ کي اسان مڪمل طور رد نہ ٿا ڪري سگهون. ڪيترين ئي حالتن ۾ خوف جو ھجڻ اسان لاءِ ھڪ دفاعي نظام جوڙي ٿو جيڪو اسان کي انيڪ خطرن کان محفوظ رکي ٿو. ٻين لفظن ۾ اسان جو يا ڪنھن ٻئي جاندار جو داخلي ڊپ وارو جذبو جڏھن خارجي ماحول جي خطرن سان ھم آهنگ نہ ھجي پر ان جي ڀيٽ ۾ تمام وڌيڪ محسوس ڪيو وڃي تہ پوءِ اھو ڊپ وھم ۽ وسوسي ۾ تبديل ٿي ويندو آهي.
انسانن جي تصوراتي ڪھاڻيون گهڙڻ ۽ ٻڌائڻ جي لاڙي جا پيرا اسان جي وقوفي انقلاب ڏانھن وڃن ٿا. تقريباً ٻارنھن ھزار سال اڳ اسان جا آبائي نسل زبان جي آوازن کي لفظن ۽ ٻوليءَ جو روپ ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيا جنھن اڳتي هلي علامتي اظھار جي نشانين وسيلي لکت جو روپ ورتو. ان علامتي اظھار ۽ ٻولي وري انساني تاريخ ۾ وقوفي انقلاب برپا ڪيو ۽ ماڻھو دنيا جهان، زندگيءَ ۽ زندگيءَ کي لاحق خطرن بابت فرضي ۽ تصوراتي ڪھاڻيون گهڙڻ ۽ ٻڌائڻ لڳا. ھڪ پاسي تصوراتي ڪھاڻين جھڙوڪ مذھب، روح، ناڻو، قوم، ملڪ ۽ حب الوطني جي تصورن جي ڪري اجنبي انسانن جي وچ ۾ ھڪ ٻئي سان تعاون ڪرڻ جا رويا پيدا ٿيا جنھن جي نتيجي ۾ انسانن ڌرتيءَ جي گولي تي ٻين طاقتور جانورن تي غلبو حاصل ڪيو. ٻئي پاسي وري انھن جي تصوراتي دنيا ۾ وھمن ۽ وسوسن پڻ پنھنجون پاڙون پختيون ڪيون، مثال طور خدا جو ساھوارن کي ماريندڙ طور خوفناڪ تصور، بدروح ۽ ڏائڻين ۽ جنن وغيرہ جھڙن تصورن انسانن ۾ انيڪ وھم ۽ وسوسا پيدا ڪيا.
وھم ۽ وسوسن متعلق ڪھاڻيون گهڙڻ ۽ ٻڌائڻ ھڪ لحاظ کان ثقافتي پڻ آھي يعني ھڪ ئي وقت ۾ ڪنھن شي يا لقاءُ جي باري ۾ مختلف ثقافتن ۾ مختلف ڪھاڻيون موجود ھونديون آھن. مثال طور اسان جي برصغير (ھندوستان ۽ پاڪستان) ۾ چٻرو ھڪ نڀاڳو پکي سمجهيو ويندو آهي. ان ڪري اسان جي ماڻھن سندس نالو ئي چٻرو رکي ڇڏيو آھي. ھڪ چٻرو جيڪڏهن ڪنھن سائي وڻ يا آباد گهر تي ويٺل ڏٺو ويندو آهي تہ ھتان جا ماڻھو ان وھم ۾ وٺجي ويندا تہ اھو سائو ۽ سرسبز وڻ يا آباد گهر اجڙي ويران ٿي ويندا. پر اھو ساڳيو چٻرو اڏامندي برصغير مان يورپ جي ڪنھن ملڪ ۾ پھچندو تہ اتي جا ماڻھو ان کي خوبصورت، ”رات جو شھزادو“ ۽ ڀاڳ وارو پکي سمجهندا. اتي جا ماڻھو ھن پکي جون تصويرون خوبصورتيءَ ۽ ڀاڳ جي علامت طور پنھنجن گهرن اندر لڳائيندا آهن. ھڪ سلجهيل ۽ شعور وارو ماڻھو يقيناً ھنن مختلف ڪھاڻين مان اھو ڀلي ڀت نتيجو ڪڍي سگهي ٿو تہ نڀاڳ يا سڀاڳ چٻري ۾ نہ پر ماڻھن طرفان جوڙيل ھٿ ٺوڪين ثقافتي ڪھاڻين ۾ آھي جيڪي ماڻھن جي ذھنن ۾ اھڙا ھٿرادو تصور ۽ انھن تي اھڙو اعتقاد جوڙين ٿيون.
وھم ۽ وسوسن متعلق زميني ۽ جاگرافيائي حالتون پڻ مخصوص ڪھاڻين کي جنم ڏينديون آھن. مثال طور قديم زمانن کان زراعت جو ڌنڌو برصغير جي ماڻھن جو جياپو رهيو آھي. انھن جي زمينن لاءِ پاڻي ھر وقت ميسر ڪون ھوندو ھو انڪري اھي سال ۾ فقط چيٽ جو ھڪ فصل پوکي سگهندا ھئا جنھن لاءِ اھي وقتائتي دريائي يا برساتي پاڻي جو انتظار ڪندا ھئا. بي وقتائتو مينھن يا ڳڙو سندن فصل تباھ ڪري ڇڏيندو هو. جيئن تہ اھي پنھنجن زمينن کي کيڙڻ لاءِ ڍڳن کي استعمال ڪندا ھئا ۽ ڍڳن جي نسل کي جاري رکڻ سندن بقا ۽ جياپي کي جاري رکڻ برابر ھو، ان ڪري انھن ڍڳين جي نسل کي جاري رکڻ لاءِ مذھبي رنگ ڏئي ماءُ برابر `گائي ماتا` جو درجو ڏنو ويو ۽ انھن کي ڪھڻ کان روڪيو ويو. اھڙيءَ ريت ڳئون جي پوڄا شروع ڪئي وئي تہ جيئن کيتي باڙي ۽ بار وغيرہ ڍوئڻ لاءِ ڍڳن ۽ کير، مکڻ ۽ لسيءَ لاءِ ڳئون جي دستيابي ۾ ڪنھن قسم جي رڪاوٽ يا گهٽتائي نہ اچي.
ھاڻي اچو تہ اھو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريون تہ ڪنھن علائقي ۾ ھڪ جانور جھڙوڪ سوئر ھڪ غليظ ترين ۽ حقارت جي آخري حد کي ڇھندڙ ۽ نفرت جي قابل ڇو ٿو بڻجي، تہ وري اھو ساڳيو جانور ٻئي علائقي ۾ ھڪ پيارو ۽ پالتو جانور ڪيئن ٿو بڻجي؟ برصغير توڙي وچ اوڀر جي عرب علائقن ۾ سوئر يا مرون کي نفرت جي قابل جانور طور سمجهيو وڃڻ جو ڇيد ڪنداسين تہ اسان کي اھو معلوم ٿيندو تہ اتي اڪثر ڪري دريائي يا باراني زمين تي پاڻي ۽ برسات گهٽ ھجڻ سبب سڄي سال ۾ فقط ھڪ فصل پوکيو ويندو آهي. ان جي پوکائي کان وٺي لاباري ۽ ڳاھ ڳاھڻ تائين برساتن، طوفانن ۽ ٻين قدرتي آفتن جي ڪري ان فصل جي نقصان جو انديشو رھندو آھي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اھو نقصان ٿيندو پڻ آهي. اھڙي صورتحال ۾ ان فصل ۾ ڄڻ تہ ھارين ۽ آبادگارن جو ساھ ھوندو آھي ڇو تہ اھو ئي سندن جياپي جو واحد وسيلو ھوندو آھي. ھاڻي جيڪڏھن ڪجهہ سوئر يا مرون ڪنھن طرح سان ان فصل ۾ ڪاھي پون تہ يقيناً ان فصل جو ٻيڙو ئي ٻڏي ويندو ڇو تہ اھو جانور نہ رڳو تمام گهڻو ٻوٽاخور آھي پر فصل جي ڀيل پڻ تمام گهڻي ڪندو آهي. ان ڪري هن علائقي جي ماڻھن ۾ سوئر جي خلاف ڪاوڙ ۽ نفرت جو پيدا ٿيڻ بلڪل ھڪ فطري عمل آهي. ٻئي پاسي يورپ ۾ يا اھي علائقا جتي ھفتي جا اڪثر ڏينھن برسات وسندي آهي، جتي ھر ھنڌ ساوڪ ۽ گاھ ھوندو آھي، جتي زمين جو ڪو بہ ٽڪرو وڻن، ٻوٽن ۽ گاھ کان خالي نہ ھوندو آھي اتي سوئر يا مرون لاءِ کاڌو يا گاھ اڻميو ميسر ھوندو آھي. ان ڪري ھڪ پاسي اتان جي فصلن کي سوئرن کان ڪو خاص خطرو نہ هوندو آهي تہ ٻئي پاسي وري سوئرن جي گهڻائي جي ڪري انھن کي پاليو پڻ ويندو آهي ۽ انھن جو گوشت پڻ کاڌو ويندو آھي. انھن علائقن ۾ اتان جي رهاڪن ۾ سوئر جي خلاف ڪاوڙ يا نفرت جا جذبا پيدا ئي نہ ٿي سگهيا آھن جنھن ڪري انھن لاءِ سوئر ھڪ پيارو ۽ لذيذ گوشت فراھم ڪندڙ جانور سمجهيو ويندو آھي.
مجموعي سماجي ترقيءَ سان لاڳاپيل وھمن وسوسن جي حوالي سان جيڪڏهن ميسر معلومات جي ڇنڊڇاڻ ڪبي تہ اھو معلوم ٿيندو تہ ٽئين دنيا، جنھن ۾ پاڪستان (توڙي جو ائٽمي طاقت رکندڙ ملڪ آهي پر ان جي اڪثر آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاري ٿي ۽ انھن کي پيئڻ جو صاف پاڻي، گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو نظام، صحت، تعليم، روزگار ۽ انصاف جون بنيادي سھولتون ميسر ناهن) پڻ اچي وڃي ٿو، جا اربين ماڻھو مختلف قسمن جي وھمن وسوسن ۾ جڪڙيل آھن. اھڙن ملڪن جا سماجي نظام بدعنواني جو شڪار ۽ تباھ ٿيل ھوندا آھن؛ اتان جي معيشت ڪمزور ھوندي آھي ۽ افراط زر جي شرح تمام گهڻي ھوندي آھي؛ عوام جي اڪثريت اڻپڙھيل ھوندي آھي؛ تعليمي توڙي ٻيا ادارا تباھ ھوندا آھن. اھڙي صورتحال ۾ اتان جي ماڻھن جو حڪومتي ادارن تان ويساھ کڄي ويندو آھي ۽ اھي پنھنجي نفسياتي تسڪين لاءِ مذھبي وردن ۽ وظيفن، ڌاڳن ۽ ڦيڻن، دعائن ۽ ٽوٽڪن، پاڙھن ۽ پنڊتن مان بھتري ٿيڻ جي وھمن ۽ وسوسن ۾ وڪوڙيل ھوندا آھن! توھان اسان جي پياري پاڪستان جا شھر ۽ ڳوٺ گهمي ڏسو توھان کي ڪو بہ اھڙو شھر يا ڳوٺ نظر نہ ايندو جتي اھڙي قسم جا وھم ۽ وسوسا نہ ھجن.
وھمن ۽ وسوسن کان مڪمل طور بچڻ تہ ڪنھن بني بشر جي وس ۾ نہ آھي پر پوءِ بہ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرو ٿيڻ سان، ملڪ مان بدعنواني ۽ ڪوڙ جي ڪٽ کي ڪوري ڪڍڻ سان، انصاف ۽ ميرٽ کي ھر حال ۾ ترجيح ڏيڻ سان اسان پنھنجين زندگين کي گهڻي حد تائين وھمن ۽ وسوسن کان آجو ڪري سگهون ٿا.

صحيح ۽ غلط

انسان جو ماضي، حال توڙي مستقبل صحيح ۽ غلط جي بحث سان سلهاڙيل رھيو ھو، رھيو آھي ۽ رھندو. انسان پنھنجي سوچ، سمجهہ، نظرئي، رويي ۽ ڪردار ۾ ايترو آزاد نہ آھي جيترو سمجهيو ويندو آھي. فرانس جي فلاسافر جين جيڪس روسو پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب ”سوشل ڪانٽريڪٽ“ ۾ فرمايو ھو تہ ”انسان ڄائو تہ آزاد آھي پر اھو ھر جاءِ تي زنجيرن ۾ قيد آھي.“ اھا قيد جسماني، ذھني، جذباتي، روحاني ۽ سماجي شڪلين جي روپ ۾ ٿي سگهي ٿي. اسان جو موجودہ سماج ۽ ان جا سماجي ادارا، اسان جون تھذيبون ۽ ثقافتون، اسان جا آدرش توڙي اصول، اسان جي اخلاقيات توڙي گناھ ۽ ثواب جا تصور، اسان جا مذھب ۽ زندگي توڙي خدا ۽ ڪائنات بابت نظريا، اسان لاءِ بهشت جا دلاسا ۽ دوزخ جا دڙڪا، اسان جا مذھبي يا ملڪي قانون سدائين کان صحيح ۽ غلط جي بنيادن تي بيٺل آھن.
ھي دنيا گول آھي ان ڪري ڪا بہ شي بلڪل سڌي يا سولي نہ آھي پر ھر شيء ۽ ھر نظرئي ۾ ڪجهہ نہ ڪجهہ ڏنگ ۽ ونگ موجود ھوندو آھي. ساڳي ريت شيون ۽ نظريا چاھي ڪيترا بہ سادا ھجن اھي مڪمل طور صحيح يا غلط نہ ھوندا آھن. ٻين لفظن ۾ دنيا جو ڪو بہ بھترين يا جڳ مشھور نظريو اھڙو نہ ھوندو جنھن ۾ ڪٿي نہ ڪٿي ڪا نہ ڪا اوڻائي يا ڪمزوري نہ ھجي. ساڳي ريت توھان کي دنيا جي اڇلايل ۽ رد ٿيل نظرئي ۾ پڻ ڪٿي نہ ڪٿي، ڪنھن نہ ڪنھن طبقي لاءِ ڪا نہ ڪا چڱائي ضرور ملندي. شين ۽ نظرين جو ٻيو رخ ھي بہ آھي تہ اھي ماڻھن وٽ سدائين ھڪ جيترا مقبول يا نفرت لائق نہ رھندا آھن. اڄ جيڪو ماڻھو يا ماڻھن جو طبقو ڪنھن شيء جي باري ۾ ھا ٿو ڪري تہ اڳتي ھلي اھو ان جو انڪار ڪندو. اھڙي ريت ھن جو ابتڙ پڻ صحيح آھي.
اسان جي زندگيءَ ۾ سکيا ٻن طريقن يعني غير رسمي ۽ رسمي تعليم وسيلي جاري ۽ ساري رھندي آھي. غير رسمي تعليم اصل ۾ فردن جي زندگيءَ ۾ غير شعوري يا غير محسوس طريقي سان ڄمڻ کان مرڻ تائين پئي ھلندي آھي. ھن ۾ ماڻھو پنھنجن ريتن رسمن ۽ زندگي گزارڻ جي ثقافتي رنگ ۽ ڍنگ ۾ رڱجي ۽ ڍلجي ويندا آهن. ماڻھن تي ثقافتي سکيا جو اثر رسمي تعليم جي ڀيٽ ۾ ڪافي گهڻو ۽ ڳوڙھو ھوندو آھي. اسان جا صحيح ۽ غلط يا پسنديدہ ۽ ناپسنديده شين ۽ نظرين جا تصور گهڻو تڻو ثقافتي اثرن ھيٺ جڙندا آهن. جيئن تہ ثقافتي اثر ۽ ثقافتي سوچ غير محسوس طريقي سان بذات خود ھڪ بين الافرادي سچائي بڻجي ويندي آھي ان ڪري ڪنھن بہ ثقافت ۾ رھندڙ ماڻھن لاءِ سندن وطن ۽ ٻولي، لباس ۽ ريتون رسمون، اخلاقيات ۽ اقدار، عقيدا ۽ مذھب، زندگي ۽ ڪائنات متعلق نظريا، ادبي شاھڪار ۽ شخصيتون وغيرہ خامين کان پاڪ ۽ پوتر، جان کان پيارا ۽ صحيح بڻجي ويندا آهن. ساڳي ريت رسمي تعليم يعني اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي نصاب وسيلي شاگردن ۾ مخصوص سوچ، رويي ۽ ڪردار جي شعوري سطح تي پرورش ڪئي ويندي آهي جيڪا پڻ اسان لاءِ صحيح ۽ غلط جو تعين ڪري ٿي.
جيتوڻيڪ مٿيان ثقافتي اجزا اسان لاءِ اتفاقي ھوندا آھن يعني اسان ذاتي ۽ شعوري طور انھن کي پنھنجي لاءِ نہ چونڊيو ھوندو آھي پر پوءِ بہ انھن جي اثر ھيٺ اسان کي پنھنجي ٻولي، پنھنجون ريتون رسمون، پنھنجو مذھب، پنھنجو ديس، پنھنجو ويس، پنھنجي ديس جا ماڻھو، پنھنجو ويس پھريندڙ ماڻھو صحيح لڳندا آھن. بظاھر اھو ھڪ فطري لقاءُ آھي پر معاملا تڏھن بگڙندا آھن جڏھن پنھنجن کان مختلف يا ڌارئي ثقافت سان جڙيل ماڻھن، شين، روين، نظرين ۽ عملن کي اسان معروضي ڪسوٽي تي پرکڻ کان سواءِ ۽ ڪنھن ثبوت ۽ دليل کان سواءِ فقط ڌارئي ھجڻ ڪري غلط سمجهندا آھيون ۽ انھن سان نفرت ڪندا آھيون. اھڙي قسم جي انتهاپسندي واري سوچ ھن ڌرتي جي گولي تي فساد جو ڪارڻ بڻبي آھي.
سائنس ۽ مذھب جا ميدان گهڻو تڻو ھڪ ٻئي کان الڳ آھن پر ضرور ڪٿي ڪٿي ھڪٻئي سان وچڙن بہ ٿا. ان ڪري اصولي طرح سان انھن کي ھڪ ٻئي جو دشمن سمجهڻ سياڻپ جو ڪم نہ آھي. تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي تہ گهڻو ڪري مذھبي ماڻھن پنھنجي اڻ ڄاڻائي جي ڪري سائنسدانن تي ڪوڙا بھتان ھنيا آھن تہ انھن جا نظريا مذھب سان ٽڪراء ۾ آھن ان ڪري صحيح نہ آھن، نتيجي ۾ ڪيترن ئي سائنسدانن کي يا تہ قتل ڪيو ويو، يا وري اذيتناڪ سزائون ڏنيون ويون، يا وري انھن کي عقوبت خانن ۾ قيد ڪيو ويو، يا وري ملڪ بدر ڪيو ويو. پر اڳتي ھلي وقت ثابت ڪيو تہ مذھبي ڌريون غلط ھيون ۽ سائنسدان صحيح ھئا. اچو تہ تاريخ مان ڪجهہ مثال ڳولي ڪڍون.
گيليليو/ گيليلي پھريون دفعو ھڪ وڏي ”دوربين“ ايجاد ڪئي ۽ آسماني جسمن (سيارن يا گرھن ۽ انھن جي چنڊن) جي گردش جو باقائدگي سان مشاھدو ڪرڻ کان پوءِ ڪوپرنيڪس سان گڏجي ۱۵۴۳ع ۾ پنھنجن مشاھدن متعلق ھڪ ڪتابچو ڇپرايو. ھنن ان ۾ اھو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ سج ھڪ مرڪز آھي جنھن جي چوڌاري زمين ۽ ٻيا سيارا گردش ڪري رھيا آھن. عيسائي چرچ جي ڪرتن ڌرتن کي اھي مشاھدا انجيل جي زمين جي مرڪز ھئڻ ۽ سج چنڊ تارن کي زمين جي چوڌاري گردش ڪرڻ واري نظرئي جي ابتڙ لڳو. ان ڪري گيليلو کي قتل ڪرڻ جي سزا ڏيڻي ڪيائون. جنھن تي ھن پنھنجي زندگي بچائيندي پنھنجي مشاھدي ۽ نظرئي تان ھٿ کنيو ۽ معافي وٺي جان ڇڏائي، پر پوءِ بہ ھن کي مرڻ تائين گهر ۾ عمر قيد رکيو ويو ۽ ھن جي ڪتابچي کي ضبط ڪيو ويو. اڄڪلھہ پرائمري ۾ پڙھندڙ ٻارن کي پڻ اھو پڙھايو ويندو آھي تہ سج اسان جي نظام شمسي جو مرڪز آھي ۽ زمين سوڌو اٺ سيارا اُن جي چوڌاري گردش ڪري رهيا آهن.
ساڳيءَ طرح سان طب جي ماھر مسلمان سائنسدان ۽ محقق محمد بن ذڪريا الراضي (860-932ع) کي سائنس ۽ مغربي فلاسافرن جھڙوڪ ھپوڪرائيٽس ۽ گيلن جا ڪتاب پڙھڻ ۽ شاگردن کي پڙھائڻ جي پاداش ۾ وقت جي ھڪ مسلمان خليفي اھا سزا ڏني تہ ھن جي مٿي تي سندس لکيل ڪتاب ايستائين زور سان ھنيا وڃن جيستائين ڪتاب ڦاٽن يا سندس مٿو ڦاٽي. نتيجي ۾ مٿي تي ڌڪن جي ڪري ھو باقي عمر لاءِ انڌو ٿي ويو ۽ محقق توڙي طبيب طور ڪم نہ ڪري سگهيو. ان کان سواءِ ڊڪٽيٽر ھٽلر طرفان البرٽ آئينسٽائين کي ٿيوري آف رليٽوٽي پيش ڪرڻ تي سزا طور سندس ڪتاب ساڙيا ويا ۽ ملڪيت ضبط ڪئي وئي.
مختلف ملڪن ۾ صحيح ۽ غلط جون وصفون مختلف نمونن سان ڪيون وينديون آھن، ان ڪري مختلف ملڪن ۾ مختلف قانون لاڳو ھوندا آھن. ھڪ ملڪ ۾ ھڪ سماجي عمل جھڙوڪ ھڪ مرد ۽ عورت جو بنا شاديءَ جي زال مڙس ٿي ھڪ گهر ۾ رھڻ قابل قبول ۽ صحيح عمل آھي جڏھن تہ ٻئي ملڪ ۾ اھڙو عمل ٻنھي ڌرين لاءِ سنگسار ڪرڻ يا ڦاسيءَ جي تختي تي چاڙھڻ جھڙو بدترين ڏوھ ۽ غلط عمل آھي.
موضوعي لحاظ کان ڪوبہ ماڻھو پاڻ کي يا پنھنجي ڪنھن بہ عمل کي غلط نہ چوندو آھي پر ھميشہ پاڻ کي صحيح سمجهندو آھي. ھڪ چور، ھڪ ڌاڙيل، ھڪ بدعنوان سياستدان، ھڪ بدعنوان ڪاموري يا ھڪ تنگ نظر مذھبي اڳواڻ جي نظر ۾ سندن ڪڌا عمل صحيح ۽ مدلل ھوندا آھن. ھي نقطو ”ڏاڍي جي لٺ کي ٻہ مٿا“ جي عڪاسي ڪري ٿو. طاقتور حڪمران طبقي جي ثقافت ۽ سوچ محڪوم طبقن تي شعوري يا غيرشعوري طور تي غالب اچي ويندي آھي.
مٿئين بحث مان اسان اھو نتيجو ڪڍي سگهون ٿا تہ صحيح ۽ غلط نسبتي تصور آھن جيڪي مختلف ثقافتن ۾ مختلف حيثيت ۽ اھميت رکن ٿا. ٻيو تہ طاقتور ٽولو پنھنجي مفادن تحت انھن جي من پسند تشريح ڪندو آھي.

’اڄ‘ ازل کان نئون آھي

ڪائنات جي ابتدا چاھي سببن ۽ نتيجن تحت ٿي ھجي، يا وري”ڪن فيڪون“ تحت ٿي ھجي، چاھي ڪائنات جو ماضي ۽ مستقبل اربن سالن تائين محيط ھجي يا وري پدمن سالن تائين محيط ھجي، چاھي ڪائنات ۾ زندگيءَ نامياتي مخلوقات جي قسمن تي مشتمل ھجي يا وري غير نامياتي ذرن جھڙوڪ ائٽمن ۽ ماليڪيولن تي مشتمل ھجي، چاھي ڪائناتي سچائي ھڪ ھجي يا وري سچائيون ھڪ کان وڌيڪ ھجن، چاھي ڪائناتي سچائي انساني سمجهہ ۾ ايندڙ ھجي يا وري انساني سمجهہ کان ٻاھر ھجي، پر اھو طئي آھي ۽ ان کان ڪير بہ انڪار نہ ٿو ڪري سگهي تہ ”اڄ“ جي پنھنجي اھميت آھي ۽ ”اڄ“ ازل کان نئون آھي.
ٻوليدانن ۽ ٻولي جي سکندڙن مطابق زمانا يا وقت ٽي ھوندا آھن: ماضي، حال ۽ مستقبل. پر اصل ۾ سڀ زمانا ھڪ ئي زمان يعني حال يا ”اڄ“ مان ئي ڦٽن ٿا. ماضي ڪجهہ بہ نہ آھي پر اسان جو گذري ويل ”حال“ آھي، ساڳيءَ طرح سان مستقبل پڻ ڪجهہ بہ نہ آھي پر اھو ”حال“ آھي جيڪو اڃا آيو نہ آھي. انسان جي انفرادي توڙي اجتماعي زندگيءَ ۾ جيڪا اھميت ”اڄ“ کي حاصل آھي اھا ماضيءَ يا مستقبل جي حصي ۾ نہ اچي سگهي آھي. ھڪ انسان جو، ھڪ خاندان جو، ھڪ قبيلي جو ۽ ھڪ قوم جو اڄ ان جي ماضيءَ توڙي مستقبل تي اثرانداز ٿيندو آهي. ڪنھن فرد يا قوم جي جيڪڏھن ”اڄ“ اک پٽيل آهي تہ ان جو مستقبل پڻ بھتر ھوندو ۽ ان مستقبل ۾ وري سندس ماضي پڻ قابل ستائش ۽ سجاڳ ھوندو. اک پٽيل ھجڻ يا سڄاڳ ھجڻ جو مطلب يووال نوح ھراري جي پيش ڪيل ٽن سچائين جھڙوڪ معروضي (objective)، موضوعي (subjective) ۽ بين الافرادي (intersubjective) جي حوالي سان ٽن مختلف قسمن جو ٿي سگهي ٿو.
معروضي لحاظ کان اک پٽيل ھجڻ يا سجاڳ ھجڻ جو مطلب اهو آهي تہ سڀ کان پھريان ڪنھن فرد يا قوم جي انفرادي يا اجتماعي سجاڳي جا معيار مقرر ڪجن جھڙوڪ اھو فرد يا قوم ڪيتري روشن خيال، ترقي پسند ۽ معاشي طور مضبوط آھي وغيرہ. پوءِ دنيا انھن کي انھن معيارن ۽ پيمانن تي پرکي ۽ ثبوت گڏ ڪري. ھاڻي انھن ثبوتن جي بنياد تي جيڪڏهن دنيا چوي تہ اھو فرد يا اھا قوم سجاڳ آھي تہ اھا آھي معروضي سچائي. ان جي ابتڙ موضوعي سچائي لاءِ ٻين ماڻھن يا دنيا طرفان ڪا بہ چڪاس، راءِ ۽ ثبوت وغيرہ اھم نہ ھوندا آھن پر ان لاءِ اھو ڪافي سمجهيو ويندو آھي تہ اھو فرد يا قوم پاڻ کي سجاڳ سمجهي يا سمجهڻ جي دعوي ڪري. جڏھن تہ بين الافرادي سچائي مان مطلب اھو آھي تہ ٻيا ماڻھو يا دنيا جا ماڻھو اتفاق راءِ سان چون تہ اھو فرد يا اھا قوم سجاڳ آھي پر ان لاءِ ڪنھن معروضي چڪاس يا پرک جي ضرورت نہ ھوندي اھي. مطلب تہ بين الافرادي سچائي جوڙڻ لاءِ ڪنھن نہ ڪنھن عقيدي يا گڏيل مفادن تحت اھڙو عام رايو ۽ تعاون جوڙيو ويندو آھي.
ماضي، حال ۽ مستقبل منجھان فقط حال يا ”اڄ“ ئي نئون ۽ زندگيءَ سان ڀرپور آھي باقي ٻئي مئل، بيجان ۽ ان تي ڀاڙيندڙ آھن. ”اڄ“ جو تجزيو جيڪڏھن نامياتي زندگيءَ جھڙوڪ انساني، حيواني ۽ نباتاتي جاندارن ۾ ڪيو وڃي يا وري غير نامياتي زندگيءَ جي نمونن جھڙوڪ ائٽمن، ماليڪيولن، ڍنڍن، دريائن، ڌرتي، چنڊ، تارن، سورج منڊلن، ڪھڪشائن وغيرہ جي حوالي سان ڪيو وڃي تہ ڪائنات جو ھر لقاءُ ھر لمحي نئون ۽ نئين زندگيءَ سان ڀرپور ملندو. مثال طور اسان کي ميڊيڪل سائنس اھو ٻڌائي ٿي تہ اسان جي جسمن ۾ جيوگهرڙن يعني خلياتي سطح تي ھر وقت ۽ ھر لمحي ميٽابولزم يا تعمير ۽ تخريب جا عمل ٿيندا رھندا آھن. نتيجي۾ ھر لمحي چمڙيءَ، رت، ماس ۽ ھڏي جا ھزارين جيوگهرڙا فنا ٿيندا آهن تہ وري اوترا ئي نوان جيوگهرڙا انھن جي جاءِ وٺندا آھن ۽ اھو ڪم ڪرڻ شروع ٿي ويندا آھن. ان ڪري ھر ڏينھن، ھر ڪلاڪ، ھر منٽ ۽ ھر سيڪنڊ ۾ اسان پاڻ ھڪ نئين ماڻھوءَ يا نئين انسان طور جنم وٺندا رھندا آھيون ۽ نئين زندگي پيا ماڻيندا ھوندا آھيون.
مذھبي حوالي سان پڻ اسان کي اھو ٻڌايو ويندو آهي تہ ننڊ موت جو ھڪ روپ آھي، ان ڪري صبح جو ننڊ مان اٿڻ جو مطلب اھو آھي تہ اسان کي ھڪ نئين ڏينھن لاءِ ھڪ نئون جسم ۽ نئين زندگي نصيب ٿي آهي جنھن لاءِ اسان کي شڪر ادا ڪرڻ گهرجي. ان کان سواءِ اسان کي خدا طرفان رزق (زندگي کي روان دوان رکڻ لاءِ ھر ننڍي توڙي وڏي شي ۽ نعمت جھڙوڪ ڪشش ثقل، آڪسيجن، پاڻي، کاڌو ۽ ان وسيلي ملندڙ ۹۲ قدرتي عنصر جھڙوڪ سوڊيم، پوٽيشيم، لوھ، جست، ٽامو، چاندي، سون، ڪيلشيم، نائيٽروجن، فاسفورس وغيرہ) ميسر ھجڻ تي ان جو شڪرگذار رھڻ گهرجي.
غير نامياتي مادي جھڙوڪ ائٽمن ۽ ماليڪيولن توڙي ڌرتي، چنڊ، سج ۽ تارن وغيرہ جي حوالي سان پڻ ”اڄ“ اوترو ئي نئون آھي. ”اڄ“ اصل ۾ ڌرتي تي گذرندڙ وقت کي ظاھر ڪندڙ ۽ ان جي پيمائش ڪندڙ اوزار آھي. ان جو نئون ھجڻ ھيئن بيان ڪري سگهجي ٿو: اسان ڌرتي تي رونما ٿيندڙ لقائن کي وقت جي وٿي ۾ سندن ابتدا ۽ انتھا جي ٺيڪ پيمائش پنھنجي واچ يا گهڙيال جي وقت سان ڪندا آھيون. گهڙيال جو اھو وقت اصل ۾ نسبتي آھي جيڪو زمين جي پنھنجي مدار ۽ سج جي چوڌاري گردش سان نسبت رکي ٿو. سائنس اسان کي ٻڌائي ٿي تہ اسان جي ڌرتي اسان جي سورج منڊل جي اٺن ڀاتين (گرھن) مان ٽيون نمبر ڀاتي آهي جنھن کي پنھنجو ھڪ قدرتي چنڊ (اپگره يا ٻچو) پڻ آھي. چنڊ پنھنجي ماءُ جي يعني اسان جي ڌرتيءَ جي چوڌاري پيار مان لامارا ڏيندو رھي ٿو يا گردش ڪري ٿو؛ ڌرتي وري چنڊ کي ساڻ وٺي سج جي چوڌاري گردش ڪري ٿي؛ سج وري ڌرتيءَ سميت پنھنجن اٺن ڀاتين ۽ انھن جي ٻچڙن (چنڊن) کي ساڻ ڪري اسان جي کير-ڌارا ڪهڪشان جي چوڌاري گردش ڪري ٿي؛ کير-ڌارا ڪھڪشان ۽ اھڙيون ڪجهہ ٻيون ڪھڪشائون وري پنھنجن ڪٽنبن کي ساڻ ڪري ھڪ بليڪ ھول جي چوڌاري گردش ڪن ٿيون. ڪائنات ۾ ڪھڪشائون ۽ بليڪ ھول ھزارين نہ پر اربين ۽ کربين آھن. انڪري ”اڄ“ يا اڄوڪو ڏينھن، ڪلاڪ، منٽ ۽ سيڪنڊ جو لقاءُ ڌرتي ۽ ڪائنات جي تناظر ۾ بلڪل نئون ۽ انوکو آھي جيڪو ساڳي صورت ۾ وري ڪڏھن بہ نروار نہ ٿي سگهندو.
وقت ڪائنات جي تناظر ۾ نسبتي آھي. ان جو مطلب اهو آهي تہ ڌرتيءَ تي وقت ان کي گردش جي حساب سان مخصوص رفتار ۾ ھلندڙ آھي جڏھن تہ ڪنھن ٻئي سياري تي مختلف رفتار سان ھلندڙ آھي. ٻين لفظن ۾ تہ وقت ڪٿي منڊي ماڪوڙي مثل چرندڙ آھي تہ ڪٿي وري روشنيءَ جي رفتار سان ڌوڪيندڙ آھي. وقت جي شروعات اصل ۾ ڪنھن سياري يا آسماني جسم جي ٺھڻ ۽ ھلڻ سان واسطو رکي ٿي. انساني تاريخ جيئن تہ ڌرتيءَ جي ابتدا ۽ ارتقا جي لحاظ کان تمام گهڻو مختصر ۽ تمام گهڻو ويجهي آھي ان ڪري ڌرتي تي وقت جي نسبت پڻ ويجھڙائي ۾ ظاھر ٿيندڙ ھڪ لقاءُ يا تاريخي واقعي يعني حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي پيدائش سان لاڳاپيل آھي. ٻين لفظن ۾ ان واقعي بدولت قبل از مسيح ۽ بعد از مسيح سالن جي شروعات ٿي. ساڳي ريت ڌرتي جي گولي کي ماپڻ لاءِ پڻ فرضي ليڪ خط استوا ۽ بين الاقوامي تاريخ جي ليڪ وسيلي زمين جي بيھڪ ۽ زمين تي ڏينھن ۽ رات جي شروع ٿيڻ ۽ انھن جو وقت ماپڻ جي شروعات ٿي (ياد رھي تہ ڌرتي تي ھڪ ئي وقت ۾ ڏينھن ۽ رات توڙي سيارو ۽ اونھارو موجود ھوندو آھي).
مطلب تہ ھڪ فرد توڙي ھڪ قوم لاءِ ”اڄ“ ھڪ نعمت اھي، ھڪ موقعو آهي ۽ ھڪ نئين زندگي آھي. ان ڪري جنھن فرد يا قوم ”اڄ“ اک نہ پٽي تہ ان نہ رڳو پنھنجي ”اڄ“ کي برباد ڪيو پر ان پنھنجي ماضي ۽ مستقبل کي پڻ برباد ڪيو. ھن مقابلي جي دؤر ۾ اسان لاءِ اھو ضروري آھي تہ اسان پنھنجن انفرادي توڙي اجتماعي لاڙن جي پيش نظر سائنس ۽ آرٽ جي نون علمن حاصل ڪرڻ ۾ سچي دل سان جنبي وڃون. ان ۾ ئي اسان جي بقا ۽ ترقي آھي.

ساڄڙ ۽ کاٻڙ

اسان انسانن جو جسم بہ جيتوڻيڪ ٻين ڪيترن ئي جانورن وانگر ڊيگهه جي لحاظ کان ٻن ھڪجهڙن پاسن ۽ عضون تي مشتمل (Symmetrical) آھي پر تڏھن بہ اسان پنھنجي روزمره زندگيءَ ۾ اڪثر ڪمن ڪارين ۾ پنھنجي جسم جو ھڪ پاسو خاص ڪري لکڻ، ماني کائڻ يا بال اڇلائڻ لاءِ ھڪ ھٿ وڌيڪ استعمال ڪندا آهيون، ٻين لفظن ۾ اسان ساڄڙ يا کاٻڙ ھوندا آھيون. اچو تہ ان متعلق ڪجهہ وڌيڪ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريون.
اسان انسان ڪمن ڪارين ۾ ھٿن جي استعمال جي ترجيح جي لحاظ کان ساڄڙ، کاٻڙ، ٻئي ھٿ ھڪ جيترا استعمال ڪندڙ ۽ مختلف ڪم مختلف ھٿن سان ڪندڙ ھوندا آھيون. عام اندازي مطابق دنيا ۾ ٪90 سيڪڙو ماڻھو ساڄڙ ھوندا آھن، جڏھن تہ ٪8 ماڻھو کاٻڙ، ٪01 کان ٿورو وڌيڪ ماڻھو ٻنھي ھٿن سان ھڪ جھڙو ڪم ڪرڻ وارا (Ambidextrous) ھوندا آھن، جڏھن تہ ٪01 کان بہ گهٽ تعداد ۾ ماڻھو مختلف ڪم مختلف ھٿن سان ڪندڙ (Cross dominant or Mix-handed) ھوندا آھن.
اسان جو ساڄڙ يا کاٻڙ توڙي ھڪ جيترو ساڄڙ ۽ کاٻڙ ھجڻ وغيرہ جو تعلق گهڻو تڻو جينياتي ھوندو آھي ۽ اھو لاڙو ڄائي ڄم کان ھوندو آھي يعني ان جو مشاھدو اڄڪلھہ الٽراسائونڊ وسيلي ٻار جو ماءُ جي پيٽ اندر (ساڄو يا کاٻو ھٿ وات ۾ وجهڻ ۽ چوسڻ جي ترجيح سان) پڻ ڪيو ويو آھي. جينياتي سببن کان علاوہ ماحولياتي، ثقافتي ۽ جذباتي اثرن (حمل دوران ماءُ جو ڊپريشن يا ڳڻتي ۽ خوف ۾ مبتلا ھجڻ جي ڪري ٻار اڪثر کاٻڙ يا ٻئي ھٿ ھڪجيترو استعمال ڪندڙ بڻجي ويندا آھن) سبب ڪمن ڪارين ۾ ھٿن جي ترجيح متاثر ٿئي ٿي. جديد سائنس مطابق انسان جي نر يا مادي توليدي جزي جي DNA ۾ ھڪ مخصوص نيوڪليوٽائيڊ تي ٻن (alleles) اليل D ساڄو يا C اتفاق مان ڪنھن بہ ھڪ اليل جي موجودگي ٻار جي ساڄڙ يا کاٻڙ وغيرہ جي ترجيح جو تعين ڪري ٿي. ھنن ۾ D ڊيڪسٽرس يعني ساڄڙ کي ظاھر ڪري ٿو جڏھن تہ C چانس يعني اتفاق يعني ساڄڙ يا کاٻڙ مان اتفاقي طور تي ڪو بہ ٿيڻ کي ظاھر ڪري ٿو. مرد ۽ عورت جي جنسي ميلاپ دوران انھن جي جوڙجڪ جون ٽي امڪاني صورتون ٿي سگهن ٿيون:DD)، (CC)، (DC)). ڊي-ڊي ساڄڙ کي، سي-سي اتفاقي طور ساڄڙ يا کاٻڙ ھجڻ کي، ڊي سي ساڄڙ کاٻڙ جي مليل جليل ھجڻ جي رجحان کي ظاھر ڪن ٿا. ٻين لفظن ۾ ٻنھي ساڄڙ والدين جو اولاد ساڄڙ ھوندو، ٻنھي کاٻڙ والدين جو اولاد ھڪ جيترو ممڪن آھي تہ اھو ساڄڙ ھجي يا کاٻڙ ھجي، باقي رھيل جينياتي سنجوڳ جا حامل ٻار ٻنھيء ھٿن سان ھڪ جھڙو ڪم ڪندڙ يا وري مختلف ڪم مختلف ھٿن سان ڪندڙ ھوندا آھن.
اسان جو دماغ تقريباً ھڪ سئو ارب (۱۰۰ بلين) دماغي جيوگهرڙن يا نيورانز تي مشتمل آھي ۽ اھي نيورانز ھڪ ٻئي سان ھڪ لک ارب (ھڪ سئو ٽرلين) رابطن جا ڄار ٺاھي سگهن ٿا. اسان جو دماغ جيتوڻيڪ ھڪ وحدت طور عمل ڪندو آھي پر پوءِ بہ ان کي ٻن حصن يعني ساڄي مغز ۽ کاٻي مغز ۾ ورھايو ويندو آھي ۽ اھي مغز اسان جي جسم جي پاسن کي الڳ الڳ ڪنٽرول ڪن ٿا. ساڄو مغز گهڻو ڪري عڪسي يا بصري معلومات ۽ ان جي تجزئي سان واسطو رکي ٿو. اسان جا جذبات، احساسات، تصوراتي ۽ وجداني ڪھاڻيون جوڙڻ جي صلاحيت يعني آرٽ ۽ فن ساڄي مغز سان واسطو رکن ٿا؛ جڏھن تہ کاٻو مغز لفظن يعني پڙھڻ، لکڻ ۽ حساب ڪتاب جي معلومات ۽ ان جي تجزئي سان لاڳاپيل آھي ان ڪري ان کي منطقي ۽ مشاھداتي يا سائنسي ڄاڻ وارو پاسو پڻ چئبو آھي. اھو ئي سبب آھي تہ عام طور تي سائنسدانن ۽ محققن کي کاٻي مغز وارا ۽ شاعرن ۽ فنڪارن کي ساڄي مغز وارا ماڻھو چئبو آھي. ٻنھي مغزن جي وڇ ۾ ڪيترائي تنتي ۽ نيوراني رستا ھڪ ٻئي کي ڳنڍين ٿا انڪري دماغ ھڪ وحدت طور ڪم ڪندو آھي. جيئن تہ ساڄي ۽ کاٻي مغز مان نڪرندڙ رابطن جون مکيہ تنتي ڏوريون ھڪ وٽ کائي ھيٺ لھن ٿيون انڪري اسان جو ساڄو مغز جسم جي کاٻي پاسي کي ڪنٽرول ڪري ٿو ۽ اسان جو کاٻو مغز جسم جي ساڄي پاسي کي ڪنٽرول ڪري ٿو.
ماضيءَ ۾ کاٻڙ ماڻھن لاءِ چيو ويندو ھو تہ انھن جو ساڄو مغز وڌيڪ سرگرم ھوندو آھي ان ڪري انھن کي فن، راندين ۽ تخليقي صلاحيتن جي حوالي سان وڌيڪ فعال ۽ ڀرپور سمجهيو ويندو ھو، پر جديد سائنسي تحقيق ان ڏس ۾ ان نظرئي کي ثبوتن جي بنياد تي گهڻو تڻو رد ڪري ڇڏيو آھي ۽ واضع ڪيو آھي تہ ساڄڙ ۽ کاٻڙ ھجڻ ٻہ الڳ رجحان آھن جن جو ماڻھن جي مجموعي تخليقي صلاحيتن ۽ ساڄي مغز جي سرگرم ھجڻ سان ڪو خاص تعلق نہ آھي. سائنسدان ان جي وضاحت ايئن ڪن ٿا تہ جيئن تہ اسان جي معاشري ۾ ساڄڙ ماڻھو تمام گهڻا آھن انڪري راندين جي تربيت ڏيندڙ ماھر رانديگرن کي اڪثريتي ۽ روايتي ساڄڙ حريفن جي حساب سان داء پيچ سيکاريندا آھن. ان ڪري جڏھن اتفاقي طور سندن حريف کاٻڙ ھوندو آھي تہ اھو روايتي تربيت توڙي مد مقابل جي ان ڪمزوريءَ مان فائدو حاصل ڪري بھتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندو آھي.
اسان جي معاشري ۾ جيئن تہ نوي سيڪڙو ماڻھو ساڄڙ آھن ۽ کاٻڙ اقليت ۾ آھن ان ڪري معاشري ۾ انھن سان غير شعوري سطح تي ڪيترن ئي شعبن ۾ ناانصافي ٿيندي پئي اچي. پڙھڻ ۽ پڙھائڻ جي حوالي سان اڪثر استاد ٻارن جي کاٻڙ ھجڻ جي فطري رجحان کي نظراندز ڪري انھن کي ٻين ٻارن وانگر ساڄي ھٿ سان لکڻ لاءِ مجبور ڪندا آھن جيڪو سراسر ظلم آھي. جيتوڻيڪ اھا ڳالھہ استادن جي پيشہ ورانہ تدريسي ۽ تربيتي ڊگرين جھڙوڪ بي- ايڊ وغيرہ ۾ واضع نموني بيان ٿيل آھي پر جيئن تہ اھي توڙي ٻيون ڊگريون اسان وٽ فقط ڪاغذي ڊگريون ھونديون آھن ان ڪري اڪثر استادن کي ھن مسئلي جي خبر نہ ھوندي آھي. ٻيو تہ صنعتن ۾ ٺھندڙ توڙي استعمال ۾ ايندڙ سڀ اوزار ساڄڙ ماڻھن لاءِ ٺھيل ھوندا آھن جھڙوڪ ڪينچيون، تالا، چاٻيون، پينسلن گهڙڻ جا سانچا، شاگردن جي لکڻ لاءِ ٽيبل واريون ڪرسيون، نٽ بولٽ ۽ پانا، چوڙيءَ يا ڦيري تي کلندڙ ۽ بند ٿيندڙ نلڪا ۽ ٻيا اوزار وغيرہ. اھي اوزار کاٻڙ ماڻھن لاءِ موزون نہ آھن.
مٿئين بحث مان اسان اھو نتيجو ڪڍي سگهون ٿا تہ اسان مان ٪۹۰ ماڻھو ساڄڙ ھوندا آھن؛ جڏھن تہ اٺ سيڪڙو ماڻھو کاٻڙ ھوندا آھن، باقي رھيل ٻہ سيڪڙو ماڻھن ۾ ھڪ ئي وقت ھڪ جيترا ساڄڙ يا کاٻڙ ھوندا آھن ۽ ڪجهہ وري اھڙا ماڻھو ھوندا آھن جيڪي ڪجهہ ڪمن لاءِ ساڄو ھٿ تہ ڪجهہ ڪمن لاءِ وري کاٻو ھٿ استعمال ڪندا آھن. اسان کي گهرجي تہ کاٻڙ شاگردن کي ساڄي ھٿ سان لکڻ توڙي ماني کائڻ لاءِ مجبور نہ ڪريون ۽ انھن لاءِ روزمره زندگيءَ ۾ استعمال ڪرڻ جي مناسب اوزارن جي فراھمي کي يقيني بڻايون.

ھٿراڌو ذھانت

تعارف:
مصنوعي ذهانت يا آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) ڪمپيوٽر سائنس جي اھا شاخ ۽ علم آهي جنھن جو مقصد انساني ذھانت جي طرز تي اھڙيون ذهين مشينون، ربوٽ ۽ ڪمپوٽرائيڊ نظام ٺاهڻ آهي جيڪي انسانن وانگر پنھنجي طرفان صورتحال جو عقلي تجزيو ڪري عقلي ڪم ۽ عقلي فيصلا ڪري سگهن ۽ مختلف شعبن ۾ انسانن جي مدد ڪري سگهن. ٻين لفظن ۾ ھٿراڌو ذھانت مشين يا ڪمپيوٽر نظام طرفان انسان جي انھن ڪمن جن ۾ عقل يا ذھانت جو استعمال ٿيندو آھي، جي نقل ڪندڙ نظام آھي جيڪو اسان لاءِ ڪيترن ئي شعبن ۾ تمام مددگار ثابت ٿي رھيو آھي. ھٿراڌو ذھانت جا نظام ڊيٽا جو تجزيو ڪري سگهن ٿا، ڏنل نمونن کي سڃاڻي سگهن ٿا، تجربن مان سکي سگهن ٿا، اھڙي معلومات جي بنياد تي فيصلا ڪري سگهن ٿا ۽ پنھنجو پاڻ کي بھتر ۽ اپڊيٽ پڻ ڪري سگهن ٿا. ھٿراڌو ذھانت گذريل ڪجهہ سالن ۾ صحت، اچ-وڃ، مواصلات، دفاع، ماليات، شماريات ۽ تفريح ۾ زبردست ترقي ڪئي آهي. خودڪار ڊرائيونگ ڪارن کان وٺي ذاتي مددگار (Virtual/Personal Assistants) وغيرہ ھٿراڌو ذھانت جا نتيجا ۽ ثمر آھن.
موجودہ وقت ۾ ايميزون جا ايليڪسا (Alexa) ۽ چيٽ جي-پي-ٽي (ChatGPT)، ايپل جو سري (Siri)، گوگل جو گوگل اسسٽنٽ (Google Assistant) ۽ مائيڪروسافٽ جو ڪورٽانا (Cortana) وغيرہ ھٿراڌو ذھانت تحت ڪم ڪندڙ اسان جا خيالي مددگار (Virtual Assistants) آھن جيڪي قدرتي/انساني ٻولي جي پروسيسنگ، مشيني سکيا ۽ آوازن يا ڳالهايل ٻولي کي سمجهڻ جي صلاحيت رکندا آهن ۽ ان بنياد تي سمارٽ فونز، سمارٽ اسپيڪرز ۽ انٽرنيٽ سان جڙيل جديد اوزارن وسيلي اسان جي مدد ڪندا آھن. اھا مدد مختلف قسمن جي ٿي سگهي ٿي، جھڙوڪ: ٻڌايل ڪمن جي مخصوص وقت تي ياد-دھاني ڪرائڻ، ٻڌايل ماڻھو سان ڪال ملائڻ، پيغام پھچائڻ، گانا ۽ راڳ ٻڌائڻ، مذاق ۽ مزاح ٻڌائڻ، سوالن جا جواب ڏيڻ، ھدايتون ڏيڻ ۽ گهريلو سمارٽ اوزارن کي پري کان ڪنٽرول ڪرڻ وغيرہ.

تاريخي پسمنظر:
اھڙي مشين ٺاهڻ جيڪا انسانن وانگر سوچي ۽ سکي سگهي جي خيال جون پاڙون قديم يوناني افسانن ڏانھن وڃن ٿيون، پر ھٿراڌو ذھانت جو موجودہ تصور 1950ع جي ڏهاڪي ۾ ڪمپيوٽر پروگرامن جي ترقي سان شروع ٿيو، جنھن تحت ڪمپيوٽرائزڊ مشينن طرفان ماڻھن سان ساديون رانديون جھڙوڪ چيڪرز ۽ شطرنج کيڏايون ويون. ”مصنوعي ذهانت“ جو اصطلاح پھريون ڀيرو 1956 ۾ ڊارٽموت ڪاليج جي هڪ ڪمپيوٽر سائنسدان جان ميڪ ڪارٿي (John McCarthy) ٺاھيو ۽ استعمال ڪيو ان ڪري ھن کي ان جو باني پڻ چيو ويندو آھي. سندس اھم ڪارنامو LISP ڪمپيوٽر پروگرامنگ يا ڪمپيوٽر ٻولي جي تخليق آهي جيڪا اڄ بہ ھٿرادو ذھانت جي شعبي ۽ ان بابت تحقيق ۾ استعمال ٿئي ٿي. ھٿرادو ذھانت جي شروعاتي دؤر جي ٻين اھم محققن ۽ دانشورن ۾ مارون منسڪي (Marvin Minsky) ھربرٽ سائيمن (Herbert Simon) ۽ آيلن نيويل (Allen Newell) شامل آھن.
1960ع کان 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ھٿراڌو ذھانت جي تحقيقي دانشورن ڊيٽا بيس ۾ محفوظ ڪيل قائدن ۽ معلومات جي بنياد تي اھڙيون ڪمپيوٽرائزڊ مشينون ٺاهيون جيڪي انھن جي پروگرامن ۾ محفوظ ڪيل محدود فيصلن مطابق خارجي محرڪ جي بنياد تحت فيصلن جي چونڊ ڪري سگهن. اھي ڪمپيوٽرائزڊ مشينون ۽ نظام سامھون واري ڌر جي عمل ۽ پنھنجي ردعمل مان يعني تجربي مان سکڻ يا نئين حالتن کي منھن ڏيڻ جي صلاحيتن کان محروم ھئا. 1970ع ۽ 1980ع جي ڏھاڪن ۾ ھن شعبي جي ترقي ۾ سستي ڇانيل رھي. ان کان پوءِ مشين لرننگ (مشيني سکيا) جو دور آيو جنھن ۾ مشينن محفوظ ٿيل ڊيٽا، پنھنجي سکڻ وارن الگورٿمز، انسان طرفان داخلي احڪامن/ عملن جي تجربي ۽ ٻوليءَ جي پروسيسنگ وسيلي پاڻ کي بھتر بنايو. اھڙي ريت ڪمپيوٽر ويزن ۽ روبوٽڪس جا شعبا وجود ۾ آيا. ويھين صدي ۾ ھٿرادو ذھانت جو شعبو سست رفتاري سان ترقي ڪندو رھيو.
ھلندڙ ايڪيھين صدي ۾ ھن شعبي جي ترقي بي مثال رھي آھي ڇو تہ ڊيٽا بيس ۾ معلومات جي بي انتھا اضافي، ڪمپيوٽر پروسيسنگ ۾ بي انتھا ترقي ۽ ڪمپيوٽر طرفان انسان جي ٻولي جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ ان کي سمجهڻ ۽ سکڻ توڙي پاڻ کي خودڪار نظام تحت بھتر ۽ نئون سنئون بڻائڻ جي طريقن ھن شعبي ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آھي.

ھٿرادو ذھانت جا اھم حصا يا تصور:
ھٿرادو ذھانت جي ڪيترن ئي تصورن مان ڪجهہ اھم تصورن بابت مختصر ترين احوال پيش ڪجي ٿو.
مشين لرننگ: هي هٿرادو ذهانت جو اھو قسم آهي جنھن ۾ مختلف ۽ تفصيلي الگورٿمز جي مڙھڻ يا پروگرامنگ وسيلي مشينن کان مخصوص ۽ دھرايا ويندڙ عقلي ۽ باريڪ ڪم ڪرايا ويندا آھن. ھن ۾ مشين فقط مخصوص پروگرام ٿيل ڪم ڪندي آھي باقي اھا وڌل يا پاڻ ۾ موجود ڊيٽا مان پنھنجي طور ڪجهہ بہ نہ ٿي ڪري سگهي يا نئين شي پاڻ مرادو سکي نہ ٿي سگهي. ھن قسم جون مشينون مڙھيل الگورٿمز تحت زراعت، صحت ۽ صنعت ۾ شين جي مختلف نمونن جي سڃاڻپ ڪرڻ ۽ ان بابت اڳڪٿيون ڪرڻ، فيصلا ڪرڻ ۽ رپورٽون ٺاھڻ لاءِ استعمال ٿينديون آھن.

قدرتي ٻولي جي پروسيسنگ (NLP): نيچرل لينگويج پروسيسنگ مشينن جو ڪم انساني ٻولي کي سمجهڻ ۽ ان جي وضاحت ڪرڻ آھي. ھي ذھين مشينون مختلف ايپليڪيشنس ۾ استعمال ٿينديون آهن جھڙوڪ خيالي مددگار يا ورچوئل اسسٽنٽ، انساني گفتگو يا لکت سمجهندڙ چيٽ-بوٽس، ٻولي سمجهندڙ نظام يا اسپيچ ريڪگنيشن سسٽم وغيرہ. ھن سلسلي ۾ ايليڪسا، چيٽ جي-پي-ٽي، سري، گوگل اسسٽنٽ ۽ ڪورٽانا وغيرہ اسان جا خيالي مددگار يا ورچوئل اسسٽنٽ آھن؛ ميا Mya ھڪ چيٽ-بوٽ ايپليڪيشن آھي جيڪا قدرتي ٻولي سمجهڻ جي صلاحيت کي استعمال ڪندي محدود نوڪرين لاءِ آيل لکن جي تعداد ۾ درخواستن جي ڇنڊڇاڻ ڪري موزون اميدوارن جي شارٽ-لسٽنگ جھڙو مشڪل ڪم آساني سان ۽ ڦٽاڦٽ ڪندي آھي؛ ۽ ٻولي سمجهندڙ نظام يا اسپيچ رڪگنيشن سافٽويئر ايپليڪيشن ڳالهايل لفظن کي لکت ۾ تبديل ڪندي آھي، يا وري ان جي ابتڙ پڻ ڪم ڪري سگهي ٿي جيڪا خاص ماڻھن لاءِ تمام مددگار آھي؛ ان کان سواءِ ھن وسيلي ھڪ ٻوليءَ کي ٻي ٻولي ۾ ترجمو پڻ ڪري سگهجي ٿو.

ڪمپيوٽر-ويزن: هي اپليڪيشن دنيا جي بصري معلومات جي تشريح ۽ توضيح لاءِ استعمال ٿيندي آھي. ھن وسيلي جيڪا معلومات ڊجيٽل تصويرن يا وڊيوز جي صورت ۾ ڪمپيوٽر ۾ محفوظ آھي يا آن لائين ميسر آھي، ان کي سمجهي گهربل ھدايتون، احڪامات ۽ صلاحون جاري ڪيون وينديون آهن.

روبوٽڪس: ھٿرادو ذھانت کي استعمال ڪندي انسان وانگر مشين روبوٽس ٺاھيا ويا آھن جيڪي ڪمپيوٽر. پروگرامنگ، بايو سينسسرز ۽ ڪئميرائن وسيلي انسانن سان ٻولي وسيلي لھہ وچڙ ۽ رابطو رکن ٿا ۽ ڪيترائي ڏکيا ڪم ايتري مھارت سان ڪن ٿا جو ڏندين آڱريون اچيو وڃن. پاڪستان ۾ ڪجهہ ھوٽلن ۾ روبوٽ بيرا ڪم ڪري رھيا آھن. چائينا وارن گهر جي ڪم ڪار لاءِ سستا روبوٽ ٺاھيا آھن جيڪي گهريلو ڪم جھڙوڪ صفائي، ٿانو ڌوئڻ ۽ کاڌو پچائڻ وغيرہ جا ڪم ڪري سگهن ٿا.

انٽرنيٽ آف ٿنگس (آئي او ٽي):
انٽرنيٽ آف ٿنگس مان مراد اسان جي زندگي ۾ شامل يا استعمال ٿيندڙ شين، اوزارن ۽ مشينن جو انٽرنيٽ سان ھر وقت ڳنڍيل ھجڻ آھي تہ جيئن لاڳاپيل معلومات اسان تائين پنھنجي ڪمپيوٽر، سمارٽ فون يا ٻي ڪنھن اليڪٽرانڪ رابطي جي اوزار وسيلي نہ رڳو بر وقت پھچي سگهندي آھي پر اسان دنيا جي ڪنھن بہ ڪنڊ مان انھن شين، اوزارن ۽ مشينن کي ڪنٽرول پڻ ڪري سگهون ٿا. آئي-او-ٽي رابطي لاءِ انھن ۾ سادن سينسسرز کان وٺي پيچيدہ اوزارن ۽ نظامن تائين جو استعمال ٿيندو آهي. گهريلو توڙي پيشہ ورانہ زندگي جي سڀني شعبن ۾ ھن جو استعمال ممڪن آھي. ھن وقت صنعتن صحت ۽ آمدرفت جي شعبن ۾ ھن جو استعمال ٿي رھيو آھي. ٽيڪر سسٽم وسيلي چوري يا ڦر ڪيل ڪار يا ٻي گاڏي کي توھان ھڪدم لاڪ ڪري سگهو ٿا، چور يا ڦورو جو ڦوٽو ڪڍي سگهو ٿا، ان کي ان ڪار وسيلي سخت قانوني ڪارروائي جي ڌمڪي ڏئي سگهو ٿا ۽ ٻيو بہ گهڻو ڪجهہ ڪري سگهو ٿا؛ يا وري گهر ويٺي پنھنجي مڇي جي تلاءَ ۾ آڪسيجن، زھريلن مادن، گرمي جي درجي وغيرہ جو بروقت اطلاع پنھنجي سمارٽ فون تي وصول ڪري سگهو ٿا ۽ انھن جو ازالو پڻ ڪري سگهو ٿا. جاپان ۾ مختلف بايو سينسسرز جو استعمال ڪندي ٽوئلٽ ڪموڊ تي ويندي ماڻھو پنھنجي بلڊ پريشر، دل جي ڌڙڪڻ، رت ۾ شگر يا گلوڪوز ۽ ڪوليسٽرول وغيرہ کان روزانو جي بنياد تي آگاھ رھندا آھن.

ھٿرادو ذھانت جا شعبا:
ھٿرادو ذھانت ڪيترن ئي شعبن تي اثرانداز ٿئي ٿي ۽ استعمال ٿئي ٿي، جن مان ڪجهہ ھي آھن: صحت، ماليات، ٽرانسپورٽ، صنعت، دفاع ۽ تفريح وغيرہ. ھٿراڌو ذھانت جو صحت جي سار سنڀال جي سلسلي ۾ مريض سان لاڳاپيل طبي تصويرن جو تجزيو ڪرڻ ۽ بيمارين جي تشخيص ڪرڻ ۽ ان جي انفرادي علاج جون تجويزون پيش ڪرڻ توڙي ڪينسر جي ۽ ٻين آپريشنز يا وڍٽڪ ۾ ھٿرادو ذھانت استعمال ٿي رھي آھي؛ جڏهن تہ فنانس ۾ ان کي ملازمن طرفان دوکي ۽ مالي گهوٻين کي ڳولڻ لاءِ ۽ سيڙپڪاري جا فيصلا ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي رھي آھي. ھٿراڌو ذھانت جو ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ خودڪار ڊرائيونگ ڪارن/گاڏين جي متعارف ڪرائڻ ۽ ٽرئفڪ جي وهڪري کي بھتر ڪرڻ لاء استعمال عام ٿي رھيو آھي؛ صنعت ۾ خام مال کان صنعتي پيداور ٺھڻ ۽ ان جي پيڪنگ تائين مشين لرننگ ۽ ڪمپيوٽرائزڊ پروگرامنگ جو استعمال ناگزير آھي؛ دفائي سيٽلائيٽ وسيلي جي-پي-ايس سسٽم کي استعمال ڪندي زمين تي، فضا ۽ پاڻي ۾ دشمنن جي چرپر، جاسوسي، ڳولا ۽ انھن تي مختلف قسم جي ميزائلن سان حملن لاءِ ھٿرادو ذھانت جي نت نون طريقن وسيلي مدد ورتي ويندي آھي؛ اھڙي طرح سان ھٿراڌو ذھانت کي استعمال ڪندي ڪمپيوٽر گيمز جو نت نئون جھان تفريح لاءِ ھر عمر جي ٻارن ۽ وڏن لاءِ ٻنھي طريقن يعني آنلائين توڙي آفلائين ميسر آھي.

تنقيد:
ھٿرادو ذھانت جي ڪيترن ئي فائدن جي باوجود ان کي ڇتي تنقيد ۽ تڪرار کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آهي. هڪ تشويش آهي تہ ايندڙ ڪجهہ سالن ۾ ھٿرادو ذھانت جي ترقي ۽ فروغ سان امڪاني طور تي ڪيترن ئي پيشہ ورانہ شعبن سان تعلق رکندڙ ھنرمندن ۽ ماھرن کي پنھنجين نوڪرين تان دستبردار ٿي بيروزگار ٿيڻو پوندو ڇو تہ انھن جي جاءِ تي سستا ۽ ڀروسي وارا روبوٽس ڪم ڪرڻ شروع ڪندا، جھڙوڪ ڊرائيور، وڪيل، ڊاڪٽر، استاد، انجنيئر، ڪلرڪ، ويب-ڊزائينر، فوجي، ايڊمنسٽريٽر وغيرہ. مشين لرننگ يا صنعتي انقلاب دوران اڳ ئي صنعتن ۾ انساني ورڪرز ۽ عقلي سرگرمين لاءِ درڪار انسانن کي نيڪالي ملي چڪي آھي؛ ھاڻي جڏھن پيشہ ورانہ صلاحيتون رکندڙ انسانن جي بہ ضرورت نہ رھندي تہ بي روزگاري جو ھڪ وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو ۽ ٽئين دنيا جي ھٿراڌو ذھانت کان ٽھندڙ اسان پارن اربين ماڻھن ہن تي مشتمل ”بيڪار ماڻھن جو ھڪ وڏو ٽولو“ پيدا ٿيندو جيڪو ھٿراڌو ذھانت سان حڪمراني ڪندڙ خدائي قوتون رکندڙ ”ننڍي حڪمران ٽولي“ جي رحم ڪرم تي ھوندو. ان کان سواءِ ھٿراڌو ذھانت جي مشينن، ڪمپيوٽرن ۽ نظامن جي پروگرامنگ جيئن تہ ماڻھن جي ھٿ ۾ رھندي انڪري عوام جو مخصوص طبقو انھن جي تعصب جو شڪار بڻجي سگهي ٿو.

نتيجو:
مصنوعي ذهانت ايڪيھين صدي جو تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ شعبو آهي جيڪو اسان جي زندگين کي خودڪار نظامن تحت آسان بڻائيندڙ آھي. ھي شعبو ڪجهہ کي ڇڏي باقي سڀني شعبن مان انساني جسماني ۽ ذھني مشقت جي جاءِ والاريندڙ آھي. ايندڙ ڪجهہ سالن ۾ وڌندڙ مشيني ۽ ڪمپيوٽر خودڪاريت جي ڪري صنعتن ۽ ادارن ۾ مزدورن توڙي پيشہ ور ماڻھن جي ضرورت نہ رھندي. جيتوڻيڪ سماج ۽ معيشت تي ان جي اثرن بابت خدشا آهن پر انھن خدشن کي ديرپا ترقي ۽ مؤثر ضابطي ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو.


مددي ڪتاب :

1.Brynjolfsson, E., & Mitchell, T. (2017). What can machine learning do? Workforce implications. Science, 358(6370), 1530-1534.
2. Domingos, P. (2015). The Master Algorithm: How the Quest for the Ultimate Learning Machine Will Remake Our World. Basic Books.
3. Goodfellow, I., Bengio, Y., & Courville, A. (2016). Deep Learning. MIT Press.
4. Harari, Y. N. (2016). Homo Deus: A History of Tomorrow. Vintage/Penguin Random House. UK
5. LeCun, Y., Bengio, Y., & Hinton, G. (2015). Deep learning. Nature, 521(7553), 436-444.
6. McCarthy, J. (1956). "Proposal for the Dartmouth Summer Research Project on Artificial Intelligence"
7. Russell, S. J., & Norvig, P. (2010). Artificial intelligence: A modern approach. Pearson Education.
8. Russell, S. J., & Norvig, P. (2010). Artificial Intelligence: A Modern Approach. Prentice Hall.
9. Tegmark, M. (2017). Life 3.0: Being human in the age of artificial intelligence. Knopf.

بايو ٽيڪنالاجي جا معجزا

بايو ٽيڪنالاجي اصل ۾ حياتيات ۽ ٽيڪنالاجي جو سنگم آھي جنھن ۾ جاندارن يا انھن جي حصن کي استعمال ڪندي زراعت، طب/صحت، صنعت ۽ ماحوليات سان لاڳاپيل پيداوارن، عملن يا خدمتن کي بھتر بڻايو ويندو آهي. انھن مقصدن لاءِ ھن شعبي ۾ مختلف حياتياتي سائنسز جھڙوڪ جينيٽڪس، مائڪرو بايولوجي، بايو ڪيمسٽري ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو آھي. بايو ٽيڪنالاجي کي مختلف شاخن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، جن ۾ طبي بائيو ٽيڪنالاجي، زرعي بايو ٽيڪنالاجي، صنعتي بايو ٽيڪنالاجي، ۽ ماحولياتي بايو ٽيڪنالاجي شامل آهن. ھن جي هر شاخ ۾ پنھنجا مخصوص ۽ مختلف اوزار ۽ طريقا استعمال ٿيندا آهن جھڙوڪ جينياتي انجنيئرنگ (جينياتي ھير ڦير)، ٽشو ڪلچر (ھٿراڌو ماس يا گوشت ٺاھڻ)، خمير (بيڪٽيريا، ييسٽ ۽ فنجي جاندارن کي استعمال ڪندي مختلف کاڌا، مشروب، ٻارڻ ۽ دوائون ٺاھڻ) ۽ بايو انفارميٽڪس (ھي گهڻ-شعبو طريقو آھي جنھن ۾ حياتيات، ڪمپيوٽر سائنس، حساب ۽ شماريات کي استعمال ڪندي نامياتي توڙي غير نامياتي ماليڪيولن جو تجزيو ڪيو ويندو آھي) وغيرہ.

تاريخي پسمنظر:
بايو ٽيڪنالاجي جون پاڙون قديم زماني ۾ کتل آھن. جيتوڻيڪ دنيا جي قديم تھذيبن ۾ خميرجڻ وسيلي کاڌا ۽ مشروب ٺاھيا ويندا ھئا، پر ڊي-اين-اي (DNA) جي بناوت جي دريافت جو سھرو 1950s جي ڏھاڪي ۾ جيمس واٽسن ۽ فرانسس ڪرڪ جي سر تي آھي، جنھن بدولت جينيٽڪ انجينئرنگ جو بنياد پيو. اڳتي ھلي 1970s جي ڏھاڪي ۾ حياتياتي سائنسدان ڊي-اين-اي ۾ تبديلي آڻڻ جي قابل ٿيا، جنھن جي نتيجي ۾ اھي پھريون ڀيرو جينياتي تبديل ڪيل جاندار (genetically modified organisms GMOs) ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿيا. اڄڪلھہ ھن ٽيڪنالاجي بدولت 23andMe نالي سان ماڻھن جي جينياتي چڪاس جي ٽيسٽ ڪيليفورنيا جي پرائيوٽ ڪمپني طرفان آنلائين ٽيسٽ ميسر آھي. ھاڻي اچو تہ بايو ٽيڪنالاجي جي برپا ڪيل زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ معجزن تي الڳ الڳ نظر وجهون.

بايو ٽيڪنالاجي جا مختلف شعبن تي اثر:
جينيٽڪ انجينئرنگ: بايو ٽيڪنالاجي منجھان جيڪو اھم شعبو ڦٽي نڪتو آھي اھو جينيٽڪ انجينئرنگ آھي جنھن وسيلي سائنسدانن جاندارن جو نہ رڳو جينياتي نقشو معلوم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آھن پر ھاڻي اھي ان ۾ گهربل تبديلي پڻ ڪري سگهن ٿا. ھن سلسلي ۾ ماڻھن جي حوالي سان ڪيليفورنيا ۾ 23andMe آن-لائين جينياتي ٽيسٽ ميسر آھي. ھن ٽيسٽ لاءِ توھان کي لاڳاپيل ڪمپني طرفان موڪليل دٻيءَ ۾ پنھنجي ٿڪ (saliva) جو نمونو موڪلڻو پوندو. ھڪ يا ٻن هفتن ۾ توھان کي توھان جي ڊي-اين-اي ۾ جينياتي بيمارين جھڙوڪ سسٽڪ فائبروسس، سڪل سيل اينيميا، ڪنن يا سماعتي مسئلن، الزائيمر، پارڪنسن، ڪينسر وغيرہ جھڙي ن بيمارين جي موجود جينز يا خطرن بابت اڳواٽ آگاھي ملي سگهندي. ان جو اھو مطلب ھرگز نہ آھي تہ ڪنھن بيماري جي جين جي موجودگي لازمي طور ان ماڻھو ۾ اھا بيماري پيدا ڪندي ڇو تہ اھڙو خطرو زندگي گذارڻ ۽ کاڌي کائڻ ۾ مناسب تبديلين سان ٽاري پڻ سگهجي ٿو. ان کان سواءِ جينياتي جوڙجڪ ۽ ذاتي خاصيتن کي نظر ۾ رکندي ان ماڻھو لاءِ موزون پيشن جي چونڊ جون صلاحون پڻ ڏنيون وينديون آھن. جڳ مشھور تاريخدان ۽ فلسفي يووال نوح ھراري ھن ٽيسٽ جي حوالي سان ايترو پڻ چيو آھي تہ مستقبل ۾ نوڪرين لاءِ اميدوارن کان پنھنجي سي-وي بدران ڪمپنيون 23andMe جي رپورٽ گهرنديون. ھن سلسلي کي اڳتي وڌائيندي جينياتي سائنسدان ھن ڪوشش ۾ رڌل آھن تہ اڄڪلھہ جي لاعلاج جينياتي ۽ موروثي بيمارين جھڙوڪ انڌپڻ (blindness)، مدافعتي نظام جي بيمارين ۽ ڪينسر جي ڪجهہ قسمن جي لاڳاپيل بيمار جينز جي تبديلي وسيلي ختم ڪري سگهجي. ان کان سواءِ جينيٽڪ انجينئرنگ صحت/طب، زراعت ۽ ماحولياتي تحفظ ۾ معجزاتي ترقي ڪئي آھي. مثال طور جينياتي طور تبديل ڪيل ٻج ۽ فصل نہ رڳو اپت وڌيڪ ڏين ٿا پر اھي نقصانڪار جيتن، بيمارين ۽ ماحولياتي سختين سان پڻ مقابلو ڪري سگهن ٿا.
ھڪ-ٽڪ علاج ۽ دوائون: بايو ٽيڪنالاجي جي مدد سان ھڪ مريض جي مخصوص جينياتي جوڙجڪ ۽ مدافعت جي نظام کي نظر ۾ رکندي ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ مضر اثرن وارو ھڪ-ٽڪ علاج ۽ دوائون تجويز ڪري سگهجن ٿيون.
ھٿراڌو حياتيات: ھٿراڌو حياتيات (synthetic biology) اصل ۾ حياتيات ۽ انجنيئرنگ جو اھڙو سنگم يا ميلاپ آھي جنھن وسيلي سائنسدانڻ ليبارٽري ۾ ڪلوننگ وسيلي حياتي سان ڀرپور عضوا يا حصا، نظام توڙي مڪمل جاندار تيار ڪندا آھن. ھن وسيلي ديرپا حياتياتي ٻارڻ (biofuels) توڙي اھڙا جاندار پڻ تيار ڪري سگهجن ٿا جيڪي مخصوص ڪم ڪري سگهن جھڙوڪ گند ڪچري يا آلودگي کي کائي ناس ڪرڻ وارا جاندار ٺاھڻ ۽ ڪارائتا مرڪب ٺاھڻ وغيرہ. ھتي اھو ٻڌائڻ دلچسپي کان خالي نہ ھوندو تہ ھن شعبي جي ڪاوشن جي نتيجي ۾ اڄ ڪلھہ ھٿراڌو گوشت ليبارٽرين ۾ تيار ڪري مارڪيٽن ۾ وڪري لاءِ موڪليو پيو وڃي. ٻين لفظن ۾ ھاڻي گوشت لاءِ جانور پالڻ ۽ انھن کي ڪھڻ جي ضرورت نہ رھي آھي ڇو تہ ليبارٽري ۾ ھٿراڌو گوشت ٺاھڻ لاءِ جانور جي گوشت جا ڪجهہ جيوگهرڙا (cells) گهربل ھوندا آھن جن جي ھٿرادو ۽ جراثيمن کان پاڪ ماحول ۾ نشونما مان وڏي پيماني تي گوشت تيار ڪيو ويندو آھي. اھو گوشت زنده تہ ھوندو آھي پر فقط گوشت جي صورت ۾ ھوندو آھي يعني جانور جي صورت ۾ نہ ھوندو آھي جنھن جي ڪھڻ سان ان کي تڪليف ٿيندي ھجي. حياتي يا گوشت ٽن صورتن ۾ تيار ڪري سگهجي ٿو: شربت (پاڻياٺ اندر گوشت جي جيوگهرڙن جي الڳ الڳ نشونما ڪرڻ)، ٽشو (ماس يا گوشت) ۽ عضوي (لبلبو، دل، جيرو، بڪي،. رت جون ناليون وغيرہ) جي شڪل ۾. ھن وقت سائنسدان اھڙا عضوا تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا آھن جيڪي اميد آھي تہ مستقبل قريب ۾ ضرورتمند انسانن ۾ پيوند ڪري سگهبا.
بيمارين کان بچاءُ جا ٽڪا ۽ دوائون: بايو ٽيڪنالاجي جو ھڪ اھم معجزو ٿوري وقت ۾ وبائي بيمارين جي بچاءُ جا ٽڪا ۽ علاج لاءِ دوائون تيار ڪرڻ پڻ آھي. تازو ڪووڊ-19 جي پوري دنيا ۾ مفت ويڪسينيشن ھن جو اھم مثال آھي. ان کان سواءِ مختلف سينسرز کي استعمال ڪندي مختلف بيمارين جي تشخيص جي تڪڙين ميڊيڪل ٽيسٽن جي فراھمي پڻ بايو ٽيڪنالاجي جو ڪمال آھي.
ڊگهي حياتي يا موت تي فتح: جيتوڻيڪ بايوٽيڪنالاجي ھن وقت ان قابل نہ آھي جو اھا انسان جي ديرينہ خواھش يعني پاڻ کي خدائي صفتن جو حامل بڻائيندي ابدي حيات، ابدي حسن، ابدي جواني ۽ ابدي سرور جھڙن خوابن کي حقيقت جو روپ ڏئي سگهي، پر ھن جي ترقيءَ کي ڏسندي يووال نوح هراري مطابق ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو تہ ايندڙ ٻن ڏھاڪن اندر انسان جون اھي حسرتون مستقبل جون حقيقتون بڻجڻ واريون آھن.
ماحولياتي تحفظ: بايو ٽيڪنالاجي روايتي ٻارڻ جي متبادل طور بايوفيولس (biofuels) جھڙوڪ ايٿانول، بايوڊيزل ۽ بايوگيس کي متعارف ڪرايو آهي جيڪي ٻوٽن ۽ گندگاھہ مان مختلف طريقن سان ٺاھيا وڃن ٿا جنھن سان ماحولياتي آلودگي تي ضابطو اچي سگهي ٿو.

تنقيد:
بايو ٽيڪنالاجي جيئن تہ جانورن ۽ جاندارن جي جينيٽڪس ۾ ھيرا ڦيري جي ٽيڪنالاجي آھي ان ڪري انسان پنھنجي مفاد لاءِ جانورن ۾ اھڙيون تبديليون ڪري چڪو آھي ۽ ڪري رھيو آھي جو ھڪ پاسي انسانن کي تہ گهربل فائدا حاصل ٿي رھيا آھن پر ٻئي پاسي وري لاڳاپيل جانورن جي زندگي عذاب بڻجي چڪي آھي ۽ بڻجي رھي آھي. اھو رويو يقيناً اخلاقيات جي ابتڙ آھي ڇو تہ ڪيمبرج اعلان مطابق ٺوس ثبوتن جي بنياد تي سائنسدانن جو اھو متفقه رايو آھي تہ جانورن، پکين، مڇين ۽ ٻين ڪيترن ئي جاندارن ۾ انسانن جھڙو سور، تڪليف، خوشي، ڏک، ڪاوڙ وغيرہ جا جذبات ۽ احساسات موجود آھن، انڪري انھن کي تڪليف ڏيندڙ يا ڪھندڙ ماڻھو ان جو پاڻ ذميوار آهي. مثال طور ھڪ پاسي بيضا ڏيندڙ ڪڪڙين ۾ جينياتي ھيرا ڦيري ڪري انھن کان صبح ۽ شام بيضا حاصل ڪيا ويندا آھن تہ ٻئي پاسي وري انھن کي ھڪ مڪعب فوٽ جيتري جڳھہ ۾ سڄي عمر لاءِ قيد ڪيو ويندو آھي.

نتيجو:
بايو ٽيڪنالاجي تيزي سان ترقي ڪندڙ شعبو آھي جيڪو زراعت، صحت، ماحوليات ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن تي اثرانداز ٿئي ٿو. ھڪ پاسي ھن جي ترقي ۾ انسانن لاءِ انيڪ فائدا موجود آھن تہ ٻئي پاسي جينياتي ھير ڦير بي زبان جانورن جي زندگي کي عذاب بڻائيندڙ پڻ آھي. ان کان سواءِ انسانن ۾ جينياتي تبديلين سان لاڳاپيل اخلاقيات جا مسئلا ڌيان طلب ۽ حل طلب آھن.


مددي ڪتاب:

1.Harari, Y. N. (2016). Homo Deus: A Brief History of Tomorrow. New York: Harper Collins, 2016.
2. Kim, J. S. (2018). Genome Editing Comes of Age: From Principles to Practice. Genome Medicine, 10(1)
3. National Human Genome Research Institute. (n.d.). A Brief History of Genomics. Retrieved from https://www.genome.gov/about-genomics/fact-sheets/A-Brief-History-of-Genomics
4. National Center for Biotechnology Information. (n.d.). Biotechnology: Introduction and Overview. Retrieved from https://www.ncbi.nlm.nih.gov/books/NBK26819/
5. Post, M. J. (2012). Cultured meat from stem cells: challenges and prospects. Meat Science, 92(3), 297-301. doi:10.1016/j.meatsci.2012.04.008
6. Tuomisto, H. L., & de Mattos, M. J. T. (2011). Environmental impacts of cultured meat production. Environmental Science & Technology, 45(14), 6117-6123. doi:10.1021/es200130

خوشي

انساني تاريخ جي سفر جي محرڪ کي جيڪڏھن ھڪ لفظ يا ھڪ تصور ۾ سوڙھو ڪجي تہ اھو يقيناً ”خوشي“ ئي ھوندو. ھڪ پاسي انسان جي داخلي ۽ انفرادي دنيا ۾ سندس زندگي جي بنيادي ضرورتن ۽ جذبن جي تسڪين جون پاڙون سندس تڪڙي يا ديرينہ خوشي ۾ پيوست آھن تہ ٻئي پاسي وري خارجي دنيا ۾ انسانن جي اجتماعي زندگيءَ جو ھر انقلاب، ايجاد، دريافت ۽ اوزار جو سڌو يا اڻسڌو محرڪ خوشيءَ جي حاصلات ئي رھيو آھي. خوشي ڇا آھي، ان بابت مختلف خاص طور سائنسي نظريا ۽ تصور ڪھڙا آھن جي باري ۾ ھن مضمون ۾ اپٽار ڪنداسين.
خوشيءَ جو تصور گهڻو تڻو معروضي (سائنسي ۽ سببن نتيجن تي ٻڌل ۽ ماپي سگهجندڙ) بدران موضوعي (ماڻھو جي ذاتي راءِ ۽ نظريو) سمجهيو ويندو آھي. جيتوڻيڪ ايئن آھي ڪو نہ پر اھو تصور مروج ضرور آھي. موضوعي تصور جي حمايت ۾ اڪثر ڪري اُھي دليل ڏنا ويندا آھن تہ: خوشي ڪنھن ھڪ شيءِ يا ڳالھہ تائين محدود نہ ٿي ٿي سگهي. ڪو ماڻھو ٽي وقت جي ماني کائڻ ۾ خوش ٿي ويندو آھي تہ ڪو وري ٽن سالن تائين جي خوراڪ ھوندي بہ اداس رھندو آھي؛ ڪو ماڻھو سال کان پوءِ ٻڪر عيد تي مليل ڳائي گوشت جو ھڪ ڪلوگرام پچائي پاڻ کائڻ توڙي ٻچن کي کارائڻ ۾ خوش ٿي ويندو آهي تہ ڪو سيٺ وري ھر ويلي تي کاڌي جي ميز تي ستن طعامن ھوندي بہ خوش نہ ھوندو آھي؛ ڪو ماڻھو ڏينھن جي سخت مزدوري ڪرڻ کان پوءِ ڇڳل کٽ تي سمهي بہ خوش ٿيندو آھي تہ ڪنھن کي وري عاليشان محل ۾ نرم بستري تي بہ آرام نہ ايندو آھي ۽ سڄي رات پاسا ورائيندي گذري ويندي اٿس؛ ڪو ماڻھو پنھنجي سڄي ڄمار ھڪ ئي پياري وني جي پيار ۾ مسرور رھندو آھي تہ ڪو وري روز نئين عورت جي جسم کي نوچيندي بہ قرار نہ پائيندو آهي؛ ڪو ماڻھو پنھنجي سادي زندگي ۽ دوستن جي ننڍي حلقي ۾ ئي مستي ۽ اوج تي پھتل ھوندو آھي تہ ڪو وري سون دوستن، ميخانن ۽ جامن مٿان جام اوتڻ تي بہ سرور کان محروم رھندو آھي؛ ڪو ماڻھو سڄي ڄمار پنھنجي ذات تي خرچ ڪري خوش ٿيندو آھي تہ ڪو وري پنھنجون خواھشون ۽ پنھنجي ذات کي فنا ڪري ٻين جي خواھشن کي پورو ڪرڻ ۽ ٻين جي خدمت کي نصب العين سمجهڻ ۾ بي پناھ خوش ٿيندو آھي.
خوشي جي منجهيل سٽ کي سلجهائڻ لاءِ پھريان اسان کي انساني ضرورتن کي سمجهڻو پوندو. ڪجهہ نفسياتدانن ضرورتن کي فقط ٻن قسمن: جسماني ضرورتون (کاڌو ۽ پيتو، ڪپڙو ۽ لٽو، رھائش ۽ گهر، شادي ۽ جنس، ننڊ ۽ آرام) ۽ نفسياتي ضرورتون (پيار، دوستي، ڪاميابي، مرتبو، عزت-نفس، شھرت) ۾ ورھايو آھي، پر ھن سلسلي ۾ ابراھام ميسلو جي ضرورتن جي درجي بندي (Abraham Maslow's Hierarchy of Needs) انھن کي پنجن درجن ۾ ورھائي ٿي. ھن مطابق پھرئين درجي ۾ جسماني يا بنيادي ضرورتون جھڙوڪ کاڌو، پاڻي، مناسب گرمي جو درجو يا رھائش ۽ آرام اچن ٿيون؛ ٻئين درجي ۾ تحفظ سان واسطو رکندڙ ضرورتون جھڙوڪ بينڪ بيلينس ۽ صحت جي بيما پاليسي وغيرہ اچي وڃن ٿيون؛ ٽئين درجي ۾ جنسي لاڳاپن، دوستي ۽ پيار جون ضرورتون اچي وڃن ٿيون؛ چوٿين درجي ۾ عزت نفس سان واسطو رکندڙ ضرورتون جھڙوڪ معاشري ۾ عزت، نيڪ نامي ۽ ڪاميابي اچي وڃن ٿيون؛ آخري درجي ۾ پنھنجي فطري ۽ تخليقي صلاحيتن جي ڀرپور اظھار ۽ معاشري جي ترقي ۾ پنھنجي خدمتن جو حصو وجهڻ جون ضرورتون اچي وڃن ٿيون. بعد ۾ ھنن ضرورتن جي بنيادي تصور تہ جيسيتائين ھيٺئين درجي جون ضرورتون پوريون نہ ٿيون ٿين تيسيتائين اھو ماڻھو مٿئين درجي جي ضرورتن لاءِ ڪون پتوڙيندو تي ۽ جنسي ضرورتن کي پھرئين بجاءِ ٽئين نمبر تي رکڻ جا اعتراض واريا ويا، ان کان سواءِ ضرورتن جي احرام جي چوٽيءَ تي ھڪ نئين اعليٰ ترين ضرورت مادي دنيا جي ضرورتن کان اڳتي نڪري وڃڻ (روحاني) جي ضرورت جو اضافو ڪيو ويو.
ھاڻي اچو تہ جسماني ۽ نفسياتي ضرورتن کي سمجهڻ کان پوءِ انھن جو خوشيءَ سان تعلق ڪھڙو آھي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريون. خوشيءَ جا پيرا لکين سال اڳ واري ارتقائي دور ڏانھن وڃن ٿا جڏھن انسان توڙي ٻيا جانور پنھنجي نسل جي بقا لاءِ بھترين صلاحيتن جي فطري چونڊ واري قائدي تحت پنھنجن جسمن اندر پيچيدہ ھارموني نظام (دماغ ۾ موجود نيوران ڪجهہ ھارمونز يا رطوبتون خارج ڪندا آھن تہ ڪجهہ ھارمونز وري جسم ۾ موجود بنا نالي وارن غدود منجهاڻ خارج ٿيندا آھن) ۽ پنھنجن دماغن اندر مختلف جذبن کي پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا ھئا. ھڪ پاسي ھارموني نظام جسم ۾ مخصوص ضرورتن جي محسوس ٿيڻ تي مخصوص رطوبتون يا ھارمون خارج ڪري ٿو جيڪي اسان (توڙي جانورن) ۾ بک، اڃ، جنس، گرمي يا ٿڌ جو جبلتي احساس پيدا ڪن ٿيون ۽ انھن جي تسڪين ٿيڻ تي پڻ ان نظام تحت مخصوص رطوبتون خارج ٿي اسان ۾ سٺو يا خوشي محسوس ڪرڻ جو احساس پيدا ڪن ٿيون. ٻئي پاسي وري مٿين ضرورتن جي تسڪين لاءِ انفرادي ڪاميابي يا ناڪامي جي تعين لاءِ زميني حقيقتن، دشمنن جي تعداد ۽ حملن، پنھنجي طاقتن ۽ صلاحيتن، متعلقه پراڻن تجربن وغيرہ جي تصورن ۽ يادن بابت دماغ جي اربين نيورانس جي فائرنگ جو حساب ڪتاب اسان (توڙي جانورن) جي دماغ ۾ مخصوص جذبا پيدا ڪري ٿو. سٺو-خراب، پيار ڪاوڙ، مقابلو-فرار وغيرہ جا جذبا اصل ۾ اسان انسانن (توڙي جانورن) جي دماغن ۾ ڪنھن رويي يا عمل جي قابل عمل يا ناقابل عمل ھجڻ، فائديمند يا نقصانڪار ھجڻ، ڪامياب يا ناڪام ٿيڻ جي امڪانن بابت اربن جي تعداد ۾ نيورانن جي فائرنگ جي حساب ڪتاب جا نتيجا آھن. مطلب تہ جسم ۾ گهربل شي جي کوٽ مھل توڙي پورائي ٿيڻ مھل ھارموني نظام مخصوص ھارمون يا رطوبت دماغ يا جسم ۾ خارج ڪري ٿو جنھن جي نتيجي ۾ اسان ۾ مخصوص خواھش پيدا ٿئي ٿي تہ وري ان جي تسڪين دوران اسان کي مخصوص خوشي ۽ اطمينان محسوس ٿئي ٿو.
ھاڻي اچو تہ اھو ڏسون تہ ھڪ شيءِ ھڪ ماڻھوءَ لاءِ خوشيءَ جو باعث ڇو بڻجي ٿي جڏھن تہ ٻئي ماڻھوءَ لاءِ ڇو نہ ٿي بڻجي؟ يووال نوح ھراري پنھنجي ڪتاب (Homo Deus: A Brief History of Tomorrow) ۾ چوي ٿو تہ انساني خوشي معروضي (جسم ۾ يا پاڻ وٽ ڪنھن شي جي کوٽ) ۽ موضوعي (ذاتي توقعات) کوٽ ۽ تسڪين جي معيارن تي ھڪ جيترو انحصار ڪري ٿي. پاڻ مثال ڏئي ٿو تہ اڄ جي عام انسان کي پنھنجي عام زندگيءَ ۾ پراڻي وقت جي بادشاھن کان بہ وڌيڪ بھتر آسائشون ميسر آھن پر پوءِ بہ ھو خوش نہ آھي ڇو تہ سندس خواھشون ۽ توقعات ماضي جي دور مطابق نہ پر موجودہ ترقي يافتہ دور جي حساب سان ۽ پاڻ کان مٿئين طبقي مطابق آھن جيڪي عام حالتن ۾ پوريون ٿيڻ ناممڪن آھن. اھو ئي سبب آھي جو ھو گهر، بجلي، گئس، ڪار، تعليم، زال، ٻار ۽ صحت ھوندي بہ خوش نہ آھي ڇو تہ ھن کي گهر نہ پر بنگلو گهرجي، ھو بجلي ۽ گئس جو سھولتون نظرانداز ڪري آء فون طلب ڪري ٿو، ھو ھڪ زال نہ پر لاتعداد عورتن سان لاڳاپا چاھي ٿو، ھو فقط ٻار نہ پر پنھنجن ٻارن لاءِ دنيا جھان جون سھولتون چاھي ٿو، ھو صحت نہ پر ديرپا سرور ۽ اوج چاھي ٿو. نتيجي ۾ پاڻ ھوندي بہ اڻ-ھوندي جي عذاب ۾ مبتلا رھي ٿو. ان ڪري پاڻ کان گهٽ ۽ ھيٺ ڏسڻ بھتر آھي.
آخري حصي ۾ اچو تہ اھو پڻ ڏسون تہ ڪھڙا ھارمون ڪھڙيون رطوبتون پيدا ڪري اسان کي ڪھڙي قسم جي خوشيءَ سان سرشار ڪن ٿا؟ سائنسي معلومات مطابق ھن وقت تائين پنجاھ کان وڌيڪ ھارمونز لڌا ويا آھن جيڪي اسان جي جسم ۾ مختلف ڪم ڪندا آھن. ھتي خوشي، سرور ۽ چڱ ڀلائي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان اسان ڪجه اھم ھارمونز بابت ڄاڻ ڏينداسين.

ڊوپيمائين: ھن کي خوشي ۽ چڱڀلائي جو ھارمون پڻ چئبو آهي. دماغ جا نيورانس ھي ھارمون خارج ڪندا آھن. جيڪو عمل يا تجربو توھان کي خوشگوار گذري پڪ سمجهي وڃو تہ جسم ۾ ڊوپيمائين جو چڱو خاصو مقدار ٺھي چڪو آھي. توھان جي يا توھان جي ڪم جي تعريف ٿئي، پيار ٿي وڃي، کاڌو کائجي، جنسي عمل ڪجي، خريداري ڪجي، پسنديدہ ڪم ڪجي يا گانو ٻڌجي تہ ھي ھارمون جسم ۾ ٺھندو ۽ توھان کي خوشيءَ جو احساس ڏياريندو.

سيروٽونن: ھن کي پڻ خوشيءَ جو ھارمون چئبو آهي. دماغ ۾ موجود نيورانس ھي ھارمون خارج ڪندا آھن. ھي ڊپريشن ۽ تشويش کي ختم ڪندو آھي. جسماني ورزش، راند روند، پنڌ، نين جاين ڏانھن سير تفريح، دوستن ۽ مٽن مائٽن ڏانھن وڃڻ ۽ انھن سان وقت گذارڻ دوران ھي ھارمون خارج ٿيندو آھي.

اينڊورفنس: ھن کي سور ختم ڪندڙ آفيم وارو ھارمون چئبو آهي ۽ ھي دماغ ۾ موجود پچوٽري غدود توڙي دماغ جي ھائيپو ٿيليمس حصي مان خارج ٿيندو آھي. ھي پڻ ورزش، ڊوڙڻ، تيز پنڌ ڪرڻ، ترڻ، نچڻ، موسيقي ٻڌڻ، جبل تي چڙھڻ، جنسي عمل، مالش، کائڻ پيڻ وغيرہ دوران خارج ٿيندو آھي ۽ چڱ-ڀلائي ۽ خوشي جو احساس پيدا ڪندو آھي.

آڪسيٽوسن: ھن کي پيار ۽ سماجي تعلقات جوڙڻ وارو ھارمون چئبو آهي ۽ ھي دماغ ۾ موجود ھائيپو ٿيليمس حصي مان سڌو سنئون يا پچوٽري غدود وسيلي خارج ٿيندو آھي. ھڪ ماءُ ۾ ٻار ڄڻڻ کان پوءِ کير پيارڻ ۽ ٻارن جي پرورش ڪرڻ دوران ھي ھارمون تمام گهڻي مقدار ۾ خارج ٿيندو آھي؛ جڏھن تہ ھي پنھنجي جيون ساٿي کي پيار ڀرئي نظر سان ڏسڻ، سندس ھٿ پڪڙڻ، جسم ڇھڻ، ڀاڪر پائڻ، چمي ڏيڻ، مالش ڪرڻ ۽ جنسي عمل ڪرڻ سان خارج ٿئي ٿو.

ڳالھہ جو ڳر اھو آھي تہ مادي سھولتن ۽ توقعات ۾ توازن ئي ڪامياب ۽ خوش زندگيءَ جي ضمانت آهي. ٻيو تہ پاڻ کان گهٽ خوشنصيب ماڻھن کي نظر ۾ رکڻ کپي تہ جيئن پاڻ کي ميسر سھولتن ۽ خوشين جو احساس ٿي سگهي. ان کان سواءِ پنھنجي جيون ساٿي سان پيار ڀرئي ۽ ويجهي زندگي گذارجي؛ پنھنجن ٻارن کي پيار ڪجي، انھن سان راند ڪجي ۽ انھن جي خوشين ۾ خوش ٿجي؛ باقائدگي سان اڌ ڪلاڪ روزانو ورزش ڪجي يا تيز پنڌ ڪجي يا اھڙي قسم جي راند ڪجي؛ ڪو جانور يا پکي پالجي ۽ ان جو خيال رکجي؛ مٽن مائٽن، ويجهي ۽ پري جي دوستن ڏانھن وقتن فوقتن وڃبو رھجي، انھن کي پاڻ وٽ گهرائجي ۽ انھن سان وقت گهارجي؛ موسيقي سان شغل رکجي؛ مراقبو ڪجي؛ دوستن احبابن سان سير سفر ڪجن؛ مزاحيہ ڊراما ۽ پسنديدہ فلمون ڏسجن؛ جسم ۽ مٿي جي مالش ڪرائجي؛ ھر رات ست کان اٺ ڪلاڪ روزانو ڀرپور ننڊ ڪجي؛ پسنديدہ ۽ مختلف کاڌا کائجن ۽ مشروب پيئجن؛ پسنديدہ ڪم کي پنھنجو پيشو بڻائجي؛ پنھنجن دوستن، مٽن مائٽن ۽ مستحق ماڻھن جي اخلاقي ۽ مالي مدد ڪجي وغيرہ. انھن ڪمن سان يقينن اسان کي خوشي محسوس ٿيندي.


مددي ڪتاب :

1. Yuval Noah Harari (2016). Homo Deus: A History of Tomorrow. Vintage/Penguin Random House. UK
2. https://www.henryford.com/blog/2021/05/how-to-boost-feel-good-hormones-naturally
3. https://my.clevelandclinic.org/health/body/23040-endorphins

سوچ پبليڪيشن جا چپيل ڪتاب:

1. ڊاڪٽر عابد مظهر (فن ۽ شخصيت) مير حاجن مير 2022ع
2. پروفيسر محبوب علي چنا (جي علمي، ادبي خدمتن جو اڀياس)
علي اصغر اوٺو 2023ع
3. پروانو سيوهاڻي (فن ۽ شخصيت) مير حاجن مير 2023ع
4. دنيا جا مشھور فلسفا - ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو 2023ع