ڪھاڻيون

جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان

سنڌي ٻوليءَ جي افسانوي ادب ۾ حميد سنڌي ھڪ مٿانھون مقام رکي ٿو.  حميد سنڌيءَ جو مطالعو وسيع آھي، پر سندس لکڻين تي ڪنھن بہ ڏيھي توڙي پرڏيھي اديب جي ڇاپ نہ آھي. سندس موضوع ۽ ڪردار سنڌ جا عام موضوع ۽ ڪردار آھن ۽ ڪھاڻي لکڻ جو ڍنگ سادو، سلوڻو ۽ دل کي ڇھندڙ آھي. سندس ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي پڙھندڙ کي ڇرڪ ڀرائي وجهي ٿي. حميد ڪھاڻي لکڻ لاءِ ڪنھن بہ تصوراتي دنيا جو سھارو نٿو وٺي. سندس ڪھاڻيءَ جي تاڃي پيٽي ۾ موضوع کان وٺي ڪردار نگاريءَ تائين، منظر نامي کان ويندي مڪالمن تائين، سنڌي ماڻھن جي زندگي جهلڪندي آھي. اھا حقيقت پسندي سندس ڪھاڻيءَ جو خاصو آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 20
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان

فھرست

ٻہ اکر
ڌرتي دان گهري ٿي
حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين جا ڪردار
مھاڳ
ريب فريب – زندگيءَ جا!
چڪ
وڏو ماڻھو
مٺوءَ جي ڪھاڻي
خانو چور نہ آھي
ڪڇان تہ ڪوڪ ٿئي
چور ڪير، ساڌ ڪير؟
تنھنجو سفر – منھنجو سفر
اسان اڌارا آڻي آونگ چاڙھيا
زورآور
زبرو ڌڪ
چوري ساڻ چسن
اسان تي الزام آندا جڳ جيئڻ جا
پرديسي پکيئڙا
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون
جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان

ارپنا


انھن جي نانءُ
جن مون کي جنم ڏنو
محترم والد مرحوم سيٺ محمد اسماعيل ۽ امڙ جيجل مرحومہ
جي نالي
جن جي دعائن جي صدقي
جيان پيو.
۽
سندن ٻچي جي ٻچڙن
ارشد، تمڪنت، ۽ عائشيہ
جي نالي،
جن جي لاءِ بہ ھو زنده ھيا ۽ وڃڻ گهڙيءَ
تائين دعاگو رھيا

- - حميد 

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو ”جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان“ اوھان اڳيان پيش آھي.
سنڌي ٻوليءَ جي افسانوي ادب ۾ حميد سنڌي ھڪ مٿانھون مقام رکي ٿو. حميد سنڌيءَ جو مطالعو وسيع آھي، پر سندس لکڻين تي ڪنھن بہ ڏيھي توڙي پرڏيھي اديب جي ڇاپ نہ آھي. سندس موضوع ۽ ڪردار سنڌ جا عام موضوع ۽ ڪردار آھن ۽ ڪھاڻي لکڻ جو ڍنگ سادو، سلوڻو ۽ دل کي ڇھندڙ آھي. سندس ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي پڙھندڙ کي ڇرڪ ڀرائي وجهي ٿي. حميد ڪھاڻي لکڻ لاءِ ڪنھن بہ تصوراتي دنيا جو سھارو نٿو وٺي. سندس ڪھاڻيءَ جي تاڃي پيٽي ۾ موضوع کان وٺي ڪردار نگاريءَ تائين، منظر نامي کان ويندي مڪالمن تائين، سنڌي ماڻھن جي زندگي جهلڪندي آھي. اھا حقيقت پسندي سندس ڪھاڻيءَ جو خاصو آھي.
ھي ڪتاب 1996ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي ٿورن سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ٻہ اکر

نوري ۽ ناري جوڳيئڙا جهان ۾،
ٻري جن ٻاري، آئون نہ جيئندي ان ري.
(شاھ)

مان ڀانيان ٿو، ”سيمي“، ”اداس واديون“، ”ويريون“، ”راڻا جي رجپوت“ وارو سفر ”جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان“ تي اچي چٽو ٿي بيھي رھي ٿو. منھنجا ڪردار نوري آھن يا ناري، پر ھنن ٻري ٻاري آھي ۽ منھنجي جياپي جو سھارو آھن. منھنجا ڪردار انھن جوڳيئڙن ۽ ڪاپڙين مثل آھن، جن جو ڪردار شاھ صاحب چٽي ڇڏيو آھي. شاھ صاحب جي چائنٺ جي پراڻي پانڌيئڙي جي حيثيت سان مون کي پنھنجي حياتيءَ جي سفر ۾ جيڪي ھمسفر مليا، پسيم ۽ پروڙيم، کڻي اڳڀرو ڪيو مان. گوندرن جا ماريل سکن کان وانجهيل، وک وک واجهائيندا وتن.
ڪيم ڪاپڙين جي، پھرئين ڏينھن پروڙ،
سگها ساعت نہ ھيڪڙي، چارئي پھر چور،
سدائين سيد چئي، ھون سناسي ۾ سور،
جوڳي ساڻ ضرور، لڪا ڀڻن لوڪ ۾!
منھنجي ڪردارن پاڻ ڪجهہ نہ ڳالھايو آھي؛ سندن ماحول، ريت رواج ۽ صدين کان مسلط ٿيل سماج پئي ڳالھايو آھي. ’ٺوٺ ڌرتي‘ جو مينھاڻي مست پرو ھجي، ’راڻا جي رجپوت‘ جو ناچو نينگر گلاب ھجي، ’جت جر وھي ٿو جال‘ جو ھڪ غريب پاڻي ڀريندڙ ھجي يا ’دربان‘ جو چاچو علي محمد ھجي يا ’ويريون‘ جو صابرين شمس الدين ھجي يا ’ڇوري ڇڏ م ڇپرين‘ جي حور ھجي، جنھن جو پرسان حال ڪو بہ ناھي. ڏسو تہ سھي، ڪنھن بہ ٻڙڪ ٻاھر نہ ڪڍي، پر پنھنجي عمل دخل سان وارو وڄائي ويا.
ڪھاڻين جي ھن ڳٽڪي ۾ موجود ڪردارن کي ڏسو: ”ڪڇان تان ڪوڪ ٿئي“ جي سھڻي نوران آھي، ڪڇي جھڙي ڀت. اڇو مٿو سندس حسن کي پامال ڪيو پر اھو ئي سندس زبان آھي ۽ سندس ئي بيان آھي. ’زور آور‘ جو مامو مرندي مري وڃي ٿو، پر ڏک جو اظھار نٿو ڪري. ”اسان تي الزام“ جي پڦي زليخا جي ھٿ تي گرم کير وھيو ۽ اڄ بہ وھندو رھي ٿو؛ اھڙيون زليخائون ريتن رسمن جو کاڄ بڻجي ڪجهہ بہ نہ ٿيون ڪڇن. ”چور ڪير ساڌ ڪير“ جي مائي جنان اڄ بہ ڪنھن دڪي تي ويھي خاموش نگاھن سان پنھنجي پٽڙي جي واٽ تڪي ٿي، پر مان سمجهان ٿو تہ سڀ ڪردار سماج جي مقرر ڪيل دائري اندر ويٺا تہ آھن، پر پنھنجي چر پر سان بيٺا دانھين ٿا. آھي ڪو سندن ساڻي ٿئي.
”خانو چور ناھي“ جو خانو نيٺ سڄي سماج کي سڏي نشاندھي ڪري خاموش ٿي وڃي ٿو.
منھنجن ڪردارن ماٺ ميٺ ۾ سڀ ڪجهہ چوڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. انھن ڪردارن کي وڌيڪ کولي پڌرو ڪرڻ ۾ منھنجن دوستن ۽ ساٿين پڻ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو آھي. محترم علي احمد بروھي، رشيد ڀٽي، سليم احمد، ماھتاب محبوب، عبدالقادر جوڻيجو، قاضي خادم، ابراھيم کرل ۽ ٻين دوستن منھنجين اڳين ڪھاڻين جي باري ۾ ڪافي لکيو آھي. ڪھاڻين جي ھن ڳٽڪي ۾ سليم احمد سان گڏ ناصر مورائي جا رايا بہ شامل آھن.
خاص طرح سان منھنجي پراڻي ساٿي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو مھاڳ منھنجي ڪھاڻين ۾ ڪردارن جو چٽو جائزو آھي. سندس ھيءُ مھاڳ منھنجي لاءِ وڏي وٿ آھي. مان تنوير سان گڏ ناصر ۽ سليم جو بہ ٿورائتو آھيان، جن تڪڙ ۾ ھيءُ رايا موڪليا آھن. محترم ڪھاڻيڪار انيس انصاري جو ھڪ خط ڇپڻ پئي چاھيم پر نہ لڌو، جنھن ۾ ھن خاص طرح سان ”اسان اڌارا آڻي آونگ چاڙھيا“ تي تبصرو ڪيو ھو. مان سڀني دوستن جو ٿورائتو آيان، جن مون کي پاڻ کان پري نہ سمجهيو آھي، ڇاڪاڻ تہ ھو منھنجي معصوم گگدام ڪردارن سان گڏ گهاريندا اچن. ٿي سگهي ٿو تہ ”جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان“ منھنجي ڪھاڻين جو ”آخري“ مجموعو ھجي، جو ١٩٩٢ع کان پوءِ ڪا بہ ڪھاڻي نہ لکي سگهيو آھيان. اصل ۾ انھن ڪھاڻين لکرائڻ ۽ مھراڻ ۾ ڇپرائڻ جو وڏو محرڪ منھنجو پراڻو ساٿي ۽ ھمسفر نفيس احمد ناشاد آھي، جنھن مون کي ڪڏھن بہ سک سان سمھڻ نہ ڏنو. ھن ڪتاب جي مواد سھيڙڻ ۾ سندس ئي محنت ۽ پورھيو آھي. جيڪڏھن اھڙن دوستن، ساٿين ۽ پنھنجن مٺڙن پڙھندڙن وري بہ جاڳايو تہ شايد ڪجهہ ڪھاڻيون لکي وٺان. ڪھاڻين لکڻ وارو سفر ڪشالن وارو ضرور ھو، پر پڙھندڙن جي محبت ۽ سڪ ڪري محسوس نہ ٿيو. ٻيو تہ منھنجا ھمسفر منھنجا ڪردار مون کي وھڻ بہ تہ نہ پيا ڏين.
مون کي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾،
اڀا ائين چون، مڇڻ پاند پسائيين.
ٿورائتو آھيان محترم حسين شاھ راشدي (مرحوم)، ڀاءُ غلام رباني آگري ۽ مراد علي مرزا جو، جن ھن ڪتاب ”جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان“ جي مڙھہ ۾ روح ڦوڪي وري جياريو آھي.
”جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان“ ۾ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون آھن، جن جي ڪردارن مون سان گڏ گهاريو آھي ۽ ڪن سان مان گڏ جيئرو رھيو آھيان. جيئن زندگي جمود جو نالو نہ آھي، اِھي ڪردار ھر ھنڌ اوھان کي ملندا رھندا، زمان ۽ مڪان جي فرق کان سواءِ. شال سماج ۽ معاشري ۾ کين سڃاڻپ ملي.
ڪنھن کان ڪين گهرن بک مرندي بکيا،
پيٽ نہ ھيريائون پانھنجا، چوري ساڻ چسن،
ڦڪي فقيرن، ماڳيان پني ماٺ جي.
اميد اٿم تہ منھنجي ھنن ڏکن سکن جي ساٿين، ھر گهڙي من ۾ پيھي گهارڻ وارن ڪردارن کي مان ڏئي، گڏ تہ محسوس ٿيندو تہ سنڌ اڃا پالھي نہ ٿي آھي.
سدا سور نہ ھون، گوندر وڃن گذريو،
اھکايون، عبداللطيف چئي، پرکا خاطر پون،
چڱا ائين چون، تہ در نہ مٽجي دوست جو.
(شاھ)

دعاگو

حميد سنڌي
١٢ – سنڌي مسلم ھائوسنگ سوسائٽي ايڪسٽينشن فيز – ٢
قاسم آباد، حيدرآباد
٣١-١٠-١٩٩٦ع

  ڌرتي دان گهري ٿي

حميد تي لکيل اڻپوري، اتاولي خاڪي ۾ مون سندس ڪھاڻين بابت رايو ڏنو ھو تہ سندس سڀاءُ ۾ جيڪا ڊرامائي جذباتيت آھي، تنھن جو چڱو چوکو، شايد وڌيڪ، ڀاڱو سندس لکڻين جي نصيب ۾ آيو آھي؛ ۽ سندس ڪھاڻيون تڏھن وڏي ڏک ڏينديون آھن، جڏھن ھو فضائن ۾ اڏامڻ بجاءِ زمين تي پير پختا ڪري لکندو آھي.
انھيءَ راءِ ۾ ھاڻي ھيءُ واڌارو ڪندس. جيئن حميد پاڻ اصل ۾ ٻھراڙيءَ جو آھي، تيئن سندس ڪھاڻيون بہ پنھنجي ماحول ۽ ڪردارن سوڌيون دھقاني آھن. پاڻ منجهس ۽ انھن ڪھاڻين ۾ ڳوٺاڻي حياتيءَ جون سٺيون روايتون جيئريون آھن. منجهن ”جديديت“، ذري گهٽ اڻھوند برابر آھي. ھو قصي کان يا تمثيل کان گهڻو پري نٿو رھي – ڪھاڻي جا مٿاڇري آکاڻيءَ کان، مذڪور جو ظاھري بيان کان گهڻو ڪي وڌيڪ ٿئي ٿو. حميد جي دھقانين پٺيان مھان تجريدون آھن: نيڪي، بدي، موت، خدا، ۽ سڀ کان وڌيڪ پيار – ماڻھوءَ جو ماڻھوءَ سان، ماڻھوءَ جو ٻين جيون سان، ۽ ڌرتي ماءُ سان. انھيءَ پوئين پيار ۾ ڪوئي (Mystic element)، ڪو الستي اسرار، ڪائي معرفتي مستي ٿئي ٿي، جنھن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ، گهٽ ۾ گهٽ مون لاءِ، ممڪن نہ آھي. انھيءَ پيار جو مثال حميد جي ڪھاڻي، ”ٺوٺ ڌرتي“ آھي.
”ٺوٺ ڌرتي“ مان، ائين کڻي چوان، يڪساھيءَ، چوڌار کان بيخبر ٿي ويندي پڙھي ھئي، ۽ پڙھڻ کان پوءِ ڪا مھل ڪنھن عجيب ڪيفيت ۾ قابو، ڪنھن عميق ۾ گم رھيو ھوس. ڇا ان ڪري تہ اھا سٺي ڪھاڻيءَ جا شرط - جيڪي ڪھاڻيءَ جي فن تي لکيل مضمونن ۾ پڙھيا اٿم تہ ھڪ ڪرو پلاٽ ھجي، ڪردار ڀرپور ھجن، ٻولي ماحول موجب ھجي، (Developed) ڇيھہ ھجي، اٿندي ئي گرفت ۾ وٺي ۽ سڀ کان وڌيڪ، تاثر جي ھيڪڙائي ھجي – پورا ڪري ٿي؟ نہ، اھو ڪو ٻيو ”فھم“ ھو، جنھن ”پرين پسايو“ ھوم.
ڇا اھو فھم مينھاڻي مست پروءَ ۽ ڊيل راڻيءَ مومل جو پاڻ ۾ عشق ھو، جو وصال کان مٿي، ماورا (”الائجي ڇو منھنجو شاديءَ ۾ ايمان نٿو بيھي؛ ھونئن بہ شادي محبت جو معراج تہ ڪونھي“) ھو؟
يا ڇا اھو ان عشق مجازي جي ماورائيت ھئي، جنھن عشق حقيقي (”ڀيڄ، مولا“، ”ھڻ ڪو، مولا، گوڏي جيڏو“، ”مولا، ھاڻ ھالار ۾ ھارينس“) جي ڏک ٿي ڏني؟
يا ڇا اھو ڌرتيءَ سان عشق (ائين ابر ۾ اھاءُ ٿيو، گوڙ ٿي، گجگوڙ جا ٺڪاءَ ٿيا، وڄ وراڪو ڏنو، بادل مستيءَ ۾ ورندا آيا“ ڦڙ ڦڙ ڦري لارون بڻي، پرو تيئن بھاريءَ ۾ آيو“ ... ”واھہہ ڙي، مولا، واھہہ، بنھہ بھاري ڪري ڇڏيئہ. مولا، اصل رنگ لڳي ويا“... اڀو ٿيو پيو نچندو، مينھن بت تي ورائيندو، پاڻيءَ جون لارون پيئندو، دٻن مان ڍڪ ڀريندو، مٽي کڻي بُت تي لائيندو، ھڪ مٽيءَ جو چاڻو کڻي مٿي تي رکندو، اھو ڌوپجي ويندس تہ ٻيو کڻندو. . . )؛ ۽ ان عشق جي انتھا (”ھن ڌرتيءَ جي ٺوٺ ھجڻ ۾ شڪ اٿئي ڇا؟ پر اھو ياد رک تہ ڌرتي ھميشہ دان گهرندي آھي. . . ڌرتي دان گهري ٿي“ . . . . ”ھيءَ تہ منھنجي ڌرتي آھي ۽ ھن سان لائون لھڻ لاءِ ڳاڙھو گهوٽ کپي“ . . . ”ھا، منھنجا مولا، ھيءَ ٺوٺ ڌرتي دان گهري ٿي؛ رت جو ريج گهري ٿي.“ . . . ڀلا خشڪ زمين، رت ائين پيئندي وڃي، جيئن ڪو اڃايل اڃ لاھيندو آھي. پر پرو بہ ريج ڏيندو وڃينس؛ ۽ ھو، ايستائين ڌڪ ھڻندو رھيو، جيستائين ابر ۾ اھاءُ نہ ٿيو، پھرين ڦڙي مٿس وسڪارو نہ ڪيو، ۽ پروءَ بي نور اکيون مٿي کڻي چيو: ”واھہہ، منھنجا مولا، اصل رنگ لائي ڇڏيئہ، بنھہ بھاريون. . . . !“ پرو وڌيڪ چئي نہ سگهيو ۽ وڃي ڌرتيءَ جو پاسو ورتائين. ھاڻ سندس رت بہ ڌوپيو پئي ويو. آھستي آھستي رت جي لالاڻ مينھن جي ڌارائن ۾ گڏجيو ڦھلبي وئي. ڪو وھڪرو ڪنھن طرف ھو، ڪو ڪنھن طرف. رت جي لالائي پاڻيءَ جي سونھن کي وڌيڪ سھڻو ڪري ڇڏيو ھو. ڌرتيءَ جون رڳون آھستي آھستي ان ڳاڙھي پاڻيءَ کي کڻي رھيون ھيون. سڀني اھو بہ ڏٺو تہ مٿاھينءَ تان، جتي مومل رھندي ھئي، اتان جيڪي بہ وھڪرا آيا پئي، تن ۾ بہ اھا ئي لالائي، اھا ئي سرخي ھئي. ٻئي وھڪرا جڏھن پاڻ ۾ ملي اڳتي وڌيا تہ سڄي ڌرتيءَ پٽ پٽيھر جو وڳو کڻي پاتو. چون ٿا تہ جڏھن بہ اسان جي ڌرتي ٺوٺ ٿي ويندي آھي تہ ڪونہ ڪو مست ان کي رت جو ريج ڏيندو آھي....) ھو؟
يا شايد اھو سڀ ڪجهہ ھو، جنھن مون کي ڪنھن عجيب ڪيفيت ۾ قابو، ڪنھن عميق ۾ گم ڪيو ھو؛ ۽ جڏھن انھيءَ ڪيفيت مان نڪتو ھئس، انھيءَ عميق منجهان اڀريو ھئس، تڏھن ڪھاڻيڪار جي نراڙ تي چمي ڏني ھئم.
موت جو موھ:
پرو (۽ مومل) مري ٿو تہ جيئن ٻيا جيئن، ڌرتي ماءُ جيئي. پر ”جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان“ جا اڪثر ڪردار ڇو ٿا مرن، سو واضح نہ آھي. اھي ڪردار ائين اوچتو بي سبب مرن ٿا، ڄڻ موت جو باز، اڏامندي اڏامندي، ھيٺ ڏسي ٿو. تہ امالڪ ”چڪ“ جي سيٺ ھاشم، ”وڏو ماڻھو“ جي ھو. ”اسان اڌارا آڻي آونگ چاڙھيا“ جي سيٺ خدا ڏني، ”زور آور“ جي مامي، ”پرديسي پکيئڙا“ جي بچل تي نظر پويس ۽ جهڙپ ڏيئي سندن ساھ جهٽي وٺي ٿو. نہ ھيٺ ڏسي ھا، نہ ھي مرن ھا!
اھي سڀ موت حادثاتي لڳن ٿا، ائين ٿو ڀاسي تہ ڪھاڻيڪار لکندي لکندي انھن کي ڪنھن ريچڪ اچڻ تي ماريو آھي. ڇا اھا ڳالھہ سندس نفسياتي بڻاوت ۾ ڪنھن ور – ونگ جو ڏس ڏي ٿي؟ ڇا ھيءُ موت جو موھہ آھي، جنھن کيس منڊي ڇڏيو آھي؟ ھنن ڪردارن کي مرڻو آھي. ھنن لاءِ ڪائي آس اميد نہ آھي؛ نہ ھاڻ، نہ پوءِ؛ ويندي تن لاءِ پڻ، جيڪي ڏاڍ، ڏنج يا وقت سان وڙھڻ جي سگهہ سارين (”ريبُ فريب زندگيءَ جا“ جو ھو، ”خانو چور نہ آھي“ جو خانو ۽ ”ڪڇان تہ ڪوڪ ٿئي“ جي نوران) ٿا؛ يا جيڪي وڏي پيڙا کان پوءِ سک جو ساھ کڻڻ جھڙا (’جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان‘ جي شاھبانو) ٿين ٿا.
ڪھاڻيڪار جھڙوڪر رمتو آھي، جيڪو ماضيءَ جي ڏکن سکن جون وسنديون رلندي جيڪي ڏٺل ٻڌل جهيڻو جهڪو ساري ٿو، سو ھنن آکاڻين ۾ آکي ٿو. ٻسائي، بيرنگي ۽ بي اتساھيءَ جو ڪو نظر نہ ايندڙ سڳو آھي، جنھن ھنن ڪردارن کي ھڪ لڙھيءَ ۾ پويو آھي. اھا ٻسائي بيرنگي ۽ بي اتساھي شايد اسان جي سنڌ ۾ جياپي جو وڏو سچ آھي؛ ۽ حميد اھو ئي آکيو آھي.

خواجا سليم احمد
٢٣-١١-١٩٩٥ع

حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين جا ڪردار

سنڌي ٻوليءَ جي افسانوي ادب ۾ حميد سنڌي ھڪ مٿانھون مقام رکي ٿو. ھن ١٩٥٧ع کان لکڻ شروع ڪيو آھي. ٿي سگهي ٿو تہ ان کان بہ اڳ لکڻ شروع ڪيو ھجيس، پر اشاعت ھيٺ ١٩٥٧ع کان آيو آھي ۽ ھن وقت تائين (سال ١٩٩٦ع) تائين لکندو رھيو آھي. ڪھاڻين لکڻ ۾ سندس اظھار جي طرز (Style) لڳ ڀڳ ساڳي آھي. اھا سندس خاص خوبي آھي. ائين کڻي چئجي تہ ڪھاڻيءَ جي سري تي سندس نالو ڇپيل نہ ھجي، پر ڪھاڻي پڙھڻ کان پوءِ سڃاڻي وٺبي تہ ڪھاڻي حميد سنڌيءَ جي آھي. اھا خوبي ڪن ٿورن ليکڪن ۾ ھوندي آھي. دنيا جا وڏا ڪھاڻيڪار پنھنجن موضوعن، ڪردارن ۽ اسلوب بيان مان سڃاتا ويندا آھن ۽ ان طرح ھو منفرد ھوندا آھن.
حميد سنڌي اسان جي سنڌي ڪھاڻيڪارن ۾ منفرد ڪھاڻيڪار آھي. ھن جيئن تہ ننڍپڻ سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن، ڳوٺن ۽ واھہڻن ۾ گذاريو آھي ۽ اتي تعليم بہ حاصل ڪئي آھي تہ سندس لاشعور ۾ انھن شھرن، ڳوٺن ۽ واھہڻن ۽ اتي رھندڙ ماڻھن جون يادگيريون آباد آھن. سندس ٻالجتيءَ جي انھن مشاھدن ئي کيس ھڪ ڪھاڻيڪار بنائي ورتو آھي. حميد جو مطالعو وسيع آھي، پر سندس لکڻين تي ڪنھن بہ ڏيھي توڙي پرڏيھي اديب جي ڇاپ نہ آھي. سندس موضوع ۽ ڪردار سنڌ جا عام موضوع ۽ ڪردار آھن ۽ ڪھاڻي لکڻ جو ڍنگ سادو، سلوڻو ۽ دل کي ڇھندڙ آھي. سندس ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي پڙھندڙ کي ڇرڪ ڀرائي وجهي ٿي. حميد ڪھاڻي لکڻ لاءِ ڪنھن بہ تصوراتي دنيا جو سھارو نٿو وٺي. سندس ڪھاڻيءَ جي تاڃي پيٽي ۾ موضوع کان وٺي ڪردار نگاريءَ تائين، منظر نامي کان ويندي مڪالمن تائين، سنڌي ماڻھن جي زندگي جهلڪندي آھي. اھا حقيقت پسندي سندس ڪھاڻيءَ جو خاصو آھي.
مان ان ڳالھہ جو اکين ڏٺو شاھد (Eye witness) آھيان تہ حميد تي ڪھاڻي لکڻ جو موڊ تڏھن ٿيندو آھي، جڏھن سندس آسپاس ۾ رھندڙ ماڻھو کيس پاڻ ڏانھن متوجھہ ڪندا آھن يا جڏھن کيس ڪھاڻي لکڻ لاءِ چيو ويندو آھي تہ ھو پنھنجن يادگيرين ۾ گم ٿي ويندو آھي. حميد جو مشاھدو تيز ۽ گهرو آھي ۽ سندس دل ڪومل ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ تھذيب لاءِ پيار سان سرشار آھي، اھو ئي ڪارڻ آھي جو سندس ھر ڪھاڻي سنڌي ماڻھوءَ جي مزاج جو اولڙو آھي. سندس سمورين ڪھاڻين جا ڪردار جيئرا جاڳندا ھجن ٿا ۽ سنڌ جي ھر شھر، ڳوٺ ۽ واھہڻ ۾ وسندا ھجن ٿا، اھي ڪردار مون وانگر سندس ڪھاڻيءَ جي ھر پڙھندڙ جا واقف ھجن ٿا. حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين جا ڪردار سڀ سنڌي ھجن ٿا ۽ سندس آسپاس ۾ رھندڙ آھن ۽ سندس ڪھاڻين جو موضوع آھن. اھي سمورا ڪردار مان سڃاڻان ٿو. مان ”چڪ“ جي سيٺ محمد ھاشم ۽ محمد بچل، ”مٺوءَ جي ڪھاڻي“ جي مٺوءَ، ”ڪڇان تان ڪوڪ ٿئي“ جي موسي، ”“چور ڪير، ساڌ ڪير“ جي حاجي شاھ محمد، سيٺ ھاشم ۽ ”زور آور“ جي سرڪاري ڪاموري، ان جي پٽ ۽ مامي کي سڃاڻان، جيڪو امڙ کي چوي ٿو: ”ادي، ير ڏاڍي زور آھين“ ۽ ان سرڪاري ڪاموري جي پٽ (جيڪو ھن وقت بہ سرڪاري ڪامورو آھي) جي ان پٽ کي بہ سڃاڻان جيڪو پيءُ کي چئي ٿو ڏئي: ”بابا، ڪھڙيون ڳالھيون ٿا ڪريو، ھن زماني ۾ ڪٽيل آلٽرڊ ڪپڙا؟ ڏاڍا زور آور آھيو!“
حميد سنڌي جي ڪھاڻين ۾ سنڌي سماج جو ماضي ۽ حال جهلڪي ٿو.

ناصر مورائي

مھاڳ

ورھاڱي کان پوءِ جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جو جيڪو نئون جنم (Renaissance) شروع ٿيو، ان جي پھرئين دور ۾ جمال ابڙو، حفيظ شيخ، رباني، رشيد ڀٽي ۽ آغا سليم آھن ۽ ان کان پوءِ واري ٽھيءَ ۾ حميد سنڌي، امر جليل، غلام نبي مغل، طارق اشرف، عبدالقادر جوڻيجو ۽ جمال رند اچي وڃن ٿا. سنڌي ڪھاڻي انھن کان اڳتي ھلي ماھتاب محبوب، نورالھديٰ شاھ، خيرالنساء جعفري ۽ شوڪت شوري تائين پھتي.
پھرئين ٽھيءَ ۾ رڳو رشيد ڀٽي ھو، جيڪو آخر تائين ڪھاڻيءَ سان ناتو نڀائيندو رھيو. ان کان پوءِ واري ٽھيءَ ۾ امر جليل ۽ حميد سنڌي آھن، جيڪي لڳاتار لکندا اچن. حميد جا ھن وقت تائين ڪل چار مجموعا ڇپجي چڪا آھن جن ۾ آيل ڪل ڪھاڻيون اٿس.
حميد سنڌي نہ فقط پنھنجي دؤر جو منفرد ڪھاڻيڪار آھي، پر ھن ورھاڱي کان پوءِ سنڌي ڪھاڻي جي نئين جنم ۾ وڏو عملي حصو ورتو آھي. ورھاڱي کان پوءِ سنڌي ڪھاڻي پوين پساھن ۾ ھئي. محمد ابراھيم جويي، ”مھراڻ“ ۽ مولانا عبدالواحد سنڌيءَ، نئين زندگيءَ، جي ذريعي ان ۾ ساھ وڌو، تہ حميد سنڌيءَ ”روح رھاڻ“ ۽ طارق اشرف سھڻي جي ذريعي ان کي نئين سر جوان ڪيو. روح رھاڻ کان اڳ حميد ”زندگي پبليڪيشنس“ جو بنياد رکيو. جنھن ذريعي پنھنجي مجموعي ”سيمي“ ۽ ”اداس واديون“ ناصر مورائيءَ جي ”راتيون جاڳن جي“، کان سواءِ ھن دور جي سنڌي ڪھاڻين جا ٻہ اھم ترين مجموعا شايع ڪيا. اھي ھئا جمال ابڙي جو ”پشو پاشا“ ۽ غلام ربانيءَ جو ”آب حيات“.
ان کان پوءِ ”روح رھاڻ“ سنڌي جديد افساني جي لاءِ ھڪ تحريڪ جو ڪم ڪيو. حميد نہ فقط ”روح رھاڻ“ ۾ پنھنجي دور جا بھترين افسانا شايع ڪيا، پر ”روح رھاڻ“ جي ذريعي ڪيترائي نوان ڪھاڻيڪار پيدا ٿيا، جيڪي اڄ ڪلھہ ادبي آسمان تي جڳمڳ جرڪي رھيا آھن. انھن ۾ امر جليل، عبدالقادر جوڻيجو، نسيم کرل، شوڪت شورو، غلام نبي مغل، سراج، علي بابا، ۽ رشيده حجاب اچي وڃن ٿا.
نئين سنڌي ڪھاڻيءَ جي اوسر ۽ سنوارڻ ۾ ان دور ۾ نئين زندگيءَ، مھراڻ ۽ سھڻيءَ سان گڏ روح رھاڻ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
١٩٥٦ع کان اڳ، جيڪي بہ ادبي ڪانفرنسون ٿينديون ھيون. ان ۾ رڳو مقالن جي نشست ۽ مشاعرو ٿيندو ھيو. ڪھاڻيءَ کي ادب جو حصو ئي نہ سمجهيو ويندو ھو. سنڌي ادبي سنگت برپا ٿي تہ ان جي گڏجاڻين توڙي ڪانفرنسن ۾ ڪھاڻيءَ جي نشست ڪئي ويندي ھئي، ۽ پوءِ جڏھن حميد ساليانہ ”جشن روح رھاڻ“ شروع ڪيا، تہ انھن ميڙن ۾ ڪھاڻيءَ جي نشست ھڪ اھم ادبي پروگرام ھوندو ھو، جنھن نہ صرف اڀرندڙ ڪھاڻيڪارن جي ھمت وڌائي، پر ڪھاڻيءَ کي سنڌي ادب جي ھڪ اھم صنف جي حيثيت ۾ مڃتا ڏياري. ويتر جو ”روح رھاڻ“ طرفان بھترين ڪھاڻين جي حيثيت ۾ ڪھاڻين تي انعام ڏنا ويا، تہ ڪھاڻيءَ جي اھميت توڙي مقبوليت ۾ واڌارو آيو.
حميد سنڌي، نہ فقط ھن دؤر جي اھم ترين سنڌي ڪھاڻيڪارن مان آھي، پر سنڌي ڪھاڻيءَ کي سنڌي ادب ۾ رائج ڪرڻ ۽ ان کي مقبول بنائڻ ۾ سندس وڏو ڪردار آھي.
ڪھاڻي پنھنجي دور جي تاريخ آھي. تاريخ نويس جي ڪنھن دور تي لکي ٿو، تہ ان کي Generalise ٿو ڪري، ان جي اونھي اڀياس ۾ نہ ٿو وڃي. ان جي تفصيلن جي اپٽار ڪرڻ جي ڪوشش نہ ٿو ڪري. ھو ان وقت جي سماجي، سياسي توڙي اقتصادي حالتن تي ھڪ طائرانھ نظر ٿو وجهي. پر افسانوي ادب پنھنجي دؤر جي حالتن، ان جي ڪردارن، انھن جي نفسياتي لاڙن، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جي تفصيلن تي روشني ٿو وجهي. جيڪا ڳالھہ تاريخ نويس جي وس ۾ نہ آھي. ڊڪنس جو (A Tale of Two Cities) ھيمنگوي جو (Farewell to Arms) ان ڳالھہ جو مثال آھن. حميد جي افسانن جي وڏي خوبي اھا آھي، جو ھن سنڌ ۾ اسان جي دؤر جي سماجي، نفسياتي، توڙي سياسي حالتن کي آتشي ڪائي (Magnifying glass) سان وڌائي، انھن مان ڪن اھڙن ڪردارن، واقعن ۽ اھڙي ماحول کي ھميشہ لاءِ محفوظ ڪيو آھي، جيڪي اڄ کان چوٿائي صدي پوءِ موجود ئي نہ ھوندا ۽ اسان جي دؤر جي تاريخ ان جا اھڙا چٽا ۽ پڌرا نقش نہ ڏيئي سگهندي، جيڪي اسان جي ھن انوکي ڪھاڻيڪار ڏنا آھن. ”ڌو پار“ ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ ارڏو ڪردار آھي، جيڪو اٽي ڏڪر راند ٿو ڪري، ۽ ان ۾ ايترو ماھر آھي جو جنھن بہ فانوس کي چاھي، گهڙيءَ ۾ پنھنجي اِٽيءَ سان ڀڃي ٿو ڇڏي. اھا اِٽي ڏڪر راند، ۽ اھي گاسليٽ وارا فانوس، ھاڻي سنڌ ۾ نہ آھن. نہ وري اھي ارڏا ڇوڪرا (نفسياتي ساخت پڻ وقت ۽ دؤر سان بدلجي ٿي.)
اھڙين ئي ڪھاڻين مان ھڪ ڪھاڻي ”راڻا جي رجپوت“ نہ فقط حميد جي شاھڪار ڪھاڻين مان آھي، پر سنڌي ادب جي شاھڪار ڪھاڻين مان پڻ!
مون کي ياد آھي، تہ حفيظ شيخ، انھيءَ ئي ھم جنس پرستيءَ واري موضوع تي پھرين ڪھاڻي؟ ”اوستو جاڙو“ لکي ھئي، تہ ان وقت سنڌيءَ جي سڀني رسالن جي ايڊيٽرن ان کي ڇاپڻ کان انڪار ڪيو ھو، ۽ اھا ڪھاڻي اڻڇپيل ئي رھجي ويئي ۽ ھاڻ اھا شاھڪار ڪھاڻي گم ٿي ويئي آھي. ۽ ڪٿي بہ ھٿ نہ ٿي اچي.
حميد، ”راڻا جي رجپوت“ لکي سنڌي سماج جي ان اِداري Institution کي ابدي حياتي ڏيئي ڇڏي آھي. جيڪو اڄ پوين پساھن ۾ آھي، ۽ اڄ کان چوٿائي صدي پوءِ اسان جون ايندڙ ٽھيون ان ڪھاڻيءَ کي پڙھي ”ڏندين آڱريون“ ڏينديون تہ ”مار – ڪڏھن سنڌ ۾ ائين بہ ٿيندو ھو.“ اھا ڪھاڻي، سنڌ جي جاگيرداري سماج (Feudal Society) جو ھڪ چِڪندڙ ناسور آھي، حميد جنھن جي تفصيلي اپٽار ڪئي آھي.
”ڀڳت جي اداري کي، سنڌي سماج ۾ خوبيون بہ آھن، تہ خاميون بہ، ڀڳت جي اداري مان سنڌ کي ڪنور ڀڳت ۽ ان کان پوءِ ڪي ئي ڀڳت مليا، جن سنڌي موسيقيءَ ۾ شاندار ۽ فخر لائق ڪردار ادا ڪيا. انسان دوستي، رواداريءَ ۽ پيار جو پيغام ڏنو تعصب ۽ نفرت کي ٻنجو ڏنو ۽ صوفين توڙي ڀڳتن جي عظيم پيغام کي ڦھلايو. پر جڏھن اھو ادارو وڏيرڪي قبضي ۾ آيو تہ ان ۾ ” “Corruptionشروع ٿي، ۽ سھڻا ناچو ڇوڪرا، وڏيرن جي ھوس جو شڪار ٿيا. حميد ان ڪھاڻيءَ ۾ مثالي ڪردار کنيا آھن. ناچو ڇوڪرو – ان جي نفسيات، وڏيرا، جيڪي ان ناچو ڇوڪري جي ناز تي مست آھن، وڏيري جي زال، جيڪا اڪيلائيءَ سببان پريشان آھي. اھي سڀ ڪردار ڪو بہ ڪھاڻيڪار ان سماج جي تمام اونھي ۽ ويجهي اڀياس کان سواءِ خلقي نہ ٿو سگهي. حميد جي ھيءَ ڪھاڻي ايندڙ دور جي تاريخدانن، سماجيات توڙي نفسيات جي ماھرن لاءِ ھڪ اھم ”ڪچو مال“ (Raw Material) ثابت ٿيندو.
اھڙي ئي قسم جي حميد جي ھڪ ٻي ڪھاڻي ”زبرو ڌڪ“ بہ ڏاڍي اھميت واري آھي. جانورن جي ويڙھ (Animal Sports) تي سنڌيءَ ۾ ٽي ڪھاڻيون اھم آھن. ھڪ رشيد ڀٽيءَ جي ”بڻ“ ٻي حميد سنڌيءَ جي ”زبرو ڌڪ“، ٽين بادل جماليءَ جي ”خفتي“.
”زبرو ڌڪ“ جو ڪردار سنڌ جو ھڪ مثالي ڪردار آھي، جيڪو حجامڪو ڪم بہ ڪري ٿو، پر کيس بلٽري ڪتن جو بہ خفت آھي. ڪتن جي ويڙھ جو بہ شوقين آھي. ھن افساني ۾ حميد انسان ۾ رحمدليءَ جي عنصر جي اونھي اپٽار ڪئي آھي. استاد نبن، ڦڻي ڦوڪارو ڪندي، ھڪ آفيسر کي بلٽري ڪتن جي فرمائش ٿو ڪري، نيٺ وڃيو سندس آفيس ۾ نڪري. بلٽري ڪتن کي ھٿ ڪري ڏاڍو خوش ٿو ٿئي. جڏھن انھيءَ ڪتي جو سوئر سان ميل ٿئي ٿو، ۽ ڪتو ڦٽجي مرڻينگ ٿو ٿئي، تہ استاد نبن پاڻ ميدان ۾ لھي پنھنجي جان جوکي ۾ وجهي کيس بچائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، ۽ ائين پاڻ بہ ڦٽجي ٿو پوي، ۽ ٻيا ماڻھو ميدان ۾ لھي، سوئر کي ڏڦن سان ماري، استاد نبن کي بچائن ٿا.
انھيءَ ڪھاڻيءَ ۾ حميد نہ فقط ڪردار نگاريءَ جو ڪمال ڏيکاريو آھي، پر انھي طبقي جي خفتين جي ٻولي پڻ ڊائلاگن ۾ محفوظ ڪري ڇڏي اٿائين، جيڪا اڄ کان ويھ – پنجويھ سال پوءِ گم (Extinct) ٿي ويندي.
”ھي لوسي آ، ھي لوسي آ، واھہ سائين واھہ ! واھہ جي عزت ڪئي اٿو خانداني ڪتي جي؟ خانداني ماڻھو ٿي ڪري خاندان جو قدر نٿا ڪريو!“
”پنھل سائين ڪاٿي ٿو ڇڏيانءِ اسان جي تہ ڀينگ ٿي وئي آھي. ھو شھنشاھ بلٽري ڏنو ھيئہ اھو بہ نيٺ ميدان ۾ لاٿم. ھن ڌڪ ئي نہ جهليو. پھرين ئي سٽ ۾ رڇ چڪ ھنيس. ”ڪئون“ ئي نہ ڪئي ۽ الله ڏي ھليو ويو“.
ھن ڪھاڻيءَ جي چوٽ (Climax) دکدائڪ بہ آھي، تہ انساني رحم جي جذبي جي چٽي تصوير پڻ. جڏھن استاد نبن پنھنجي پاليل پياري بلٽري ڪتي کي بچائيندي زخمي ٿئي ٿو، ۽ ان کان پوءِ ڪتو بہ ڪنھن ڪم جو نہ ٿو رھي، ۽ استاد نبن جي منھن تي زخمن جا چچريل نشان رھجي ٿا وڃن. تڏھن بہ ھو ان بيڪار ۽ اپاھج ڪتي کي پنھنجي دڪان ۾ ٻڌي، ان جي خدمت ڪندو ٿو رھي، ۽ جڏھن اھو آفيسر، جنھن کيس اھو بلٽري ڪتو ھٿ ڪري ڏنو ھئو، ۽ استاد نبن انھي ڪتي کي شھنشاھ چوندو ھو، کيس چيڙائڻ لاءِ چئي ٿو ته:
”استاد – ھيءُ بلٽري بہ لوسي ٿي ويو آھي“ تہ ھو چڙي نہ ٿو، مرڪي ٿو چوي:
”پنھل سائين – اسين ئي لوسي ٿي ويا آھيون – ٻچن جا ڌڪ ڏاڍا ڪي زبرا آھن.“
حميد جي ڪيترين ئي ڪھاڻين ۾ انھيءَ انساني رحمدليءَ جي جذبي جي اپٽار آھي. سندس ڪھاڻي ”ھڪ ھرڻيءَ جي ڳالھہ“ بہ ان قسم جي ڪھاڻين مان ھڪ شاھڪار ڪھاڻي آھي. جنھن ۾ ھڪ ٻار جا پاڪ پوتر ۽ نرمل جذبا بيان ڪيا ويا آھن. ھرڻيءَ جھڙو سھڻو ۽ شانائتو جانور، ۽ ھڪ ٻار جا معصوم، ۽ سادا جذبا، اھو ٻار جڏھن وڌي وڏو ٿئي ٿو، تڏھن بہ سندس دل ۾ اھي جذبا قائم رھن ٿا، ۽ ھرڻيءَ جي ٻچي لاءِ سندس دل ۾ رحم تھائين وڌي ٿو وڃي.
اھڙي ئي موضوع تي حميد جي ھڪ ٻي ڪھاڻي آھي ”بابا منھنجو چوزو“ حميد نہ رڳو انسانن سان پيار ڪري ٿو، پر ھو پکي پکڻ (پرديسي پکيئڙا) جانورن (زبرو، ڌڪ، ھڪ ھرڻيءَ جي ڳالھہ ۽ بابا منھنجو چوزو) وڻن ٽڻن (دربان) ۽ ماڳن (ويريون) سان بہ محبت ٿو ڪري. ھن جو موضوع محبت آھي. ھن جو، سچل جي ھن سٽ وارو حال آھي تھ: ”يار مليو ڪک پن ۾“ ھن جي محبت لامحدود آھي. نہ رڳو انسانن، جانورن ۽ پکين تائين، پر وڻن ۽ ڀِتين تائين ھن جا محبوب آھن.
”بابا منھنجو چوزو“ جو مرڪزي ڪردار جيڪو پاڻ کي ترقي پسند ٿو سڏائي پر ويس وڳا ۽ کاڌا پيتا شاھاڻا اٿس. کٽاري گاڏيءَ تي ڊگهو سفر ڪري ادبي ميڙ ۾ شريڪ ٿيڻ کان اڳ نہ رڳو ڦڻي ڦوڪارو ضروري ٿو سمجهي پر ميزبانن کي ڪپڙن جي استري ۽ بوٽ جي پالش ڪرائڻ لاءِ بہ ھدايتون ٿو ڏئي. کاڌي جي باري ۾ صاف چئي ٿو تہ ”اسين گوشت کائون ٻاڪرو – اھو بہ ننڍي ليلي جو. ۽ ڪڪڙ نہ - پر چوزو“
ميزبان ڪڪڙ جو ٻوڙ تہ ڪرايو ھيو، پر لاچار ھمراھ جي فرمائش ٻڌي، چوزي جي ٻوڙ جو ڍونگو ٿو آڻي، جنھن کي ميزبان جو ننڍڙو معصوم ٻار ”بابا منھنجو چوزو“ چوندي، ان اديب جي ڪپڙن تي ڦھڪائي ٿو ڏئي.
حميد جي ھن ڪھاڻيءَ جي چوٽ (Climax) بہ انساني رحمدليءَ ٻار جي پاڪ معصوم ۽ چوزي لاءِ ھمدرديءَ وارن جذبن جي تاثر جي تمام چٽي ۽ زورائتي نموني ۾ اپٽار ٿي ڪري.
پکين سان پريت جي موضوع تي حميد جي ھڪ شاھڪار ڪھاڻي ”پرديسي پکيئڙا“ ھن مجموعي ۾ شامل آھي. ان ڪھاڻيءَ جا ٽي مکيہ ڪردار آھن: سچو – نوجوان باغائي، جيڪو پنھنجي پيءُ بچل جي پوڙھي ۽ بيمار ٿي وڃڻ جي ڪري کانڀاڻي ٿو سنڀالي – بچل جيڪو پوڙھو جهانديد آھي. سڄي عمر کانڀاڻي کڻي پکين کي باغ مان اڏاريو اٿس. پر ھن کي پکين سان پريت آھي. پنھنجي پٽ کي سمجهائي ٿو تہ ”سچل کانڀاڻي وھندي جي ڪنھن پکي پکڻ جو کنڀ ڪريو، سمجهھ تہ ڪيس ڪري ڇڏيئہ. خاص طرح وھين جو تہ خيال ڪجانءِ. ھي پتڪڙو ڀورڙو پکي پرديسي پکي اٿئي.“
بچل ڪيترن سالن کان وھين کي قطارون ڪندي، کجين جي چوڌاري لامارا ڏيندي، ٻن ڳڙين خاطر جان جوکم ۾ وجهندي ڏٺو ھئو.
نوجوان سچل، جڏھن وھين جي ولرن سان پڄي نہ ٿو سگهي، تہ ڪاوڙ ۾ سڌي ۽ اڀي کانڀاڻي ٿو وھائي، جنھن مان ھڪ ڳوڙھو وڃي وھئي کي ٿو لڳي، ۽ سچل خوشيءَ مان رڙ ٿو ڪري ”اھو ٿو وڃئي“ جڏھن اھو زخمي وھيو کڻي. ھو مناھينءَ ڏي ٿو وڃي تہ پنھنجي پيءُ کي مرڻينگ ٿو ڏسي، جنھن جي لوندڙيءَ ۽ منھن تي ڳوڙھن جا نشان ھئا. ھو پيءُ کي ھوش ۾ آڻي ٿو تہ پڻس جي نظر ڌڪيل پکيءَ تي پئي ٿي، ۽ چوي ٿو:
”سچل پٽ گهٻراءِ نہ پر واھہ ناھي. ھر ھڪ پرديسي آھي. اڄ پرديسين جو وارو ھيو. جھڙو وھيو پرديسي پکي تھڙو مان.“
۽ انساني رحمدليءَ واري چوٽ (Climax) تي ھيءَ شاندار ڪھاڻي پنھنجو ڀرپور تاثر ڇڏيندي ختم ٿي ٿئي.
حميد جون ڪجهہ ڪھاڻيون آھن جن جو موضوع ٻار آھن. انھن مان ھڪ ڪھاڻيءَ ”ڌو پار“ جو اڳ ۾ بہ ذڪر اچي چڪو آھي. ڌوپار جو مرڪزي ڪردار ھڪ ارڏو ٻار آھي، جيڪو فانوسن جا شيشا اِٽي – ڏڪر کيڏندي ڀڃي ٿو. ۽ کيس اڻ وڻندڙ ھڪ ڪردار کي بہ اِٽي وھائي ٿو ڇڏي. ”ٽڪي ۾ ٻاٽي“ ھڪ ٻئي ٻار جي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ ھڪ ڪھر وڪندڙ ٻار جي مايوسين جي اپٽار ڪئي وئي آھي، ۽ ان جي باوجود بہ سندس ھمت ۽ عزم کي چٽو ڪري ڏيکاريو ويو آھي. ”ڪنچن ڪايا“ ھڪ ٻئي ٻار جي ڪھاڻي آھي، جيڪو چڌي راند جو ماھر آھي. ”مٺوءَ جي ڪھاڻي“ ھڪ شاھڪار ڪھاڻي آھي، جنھن جو مرڪزي ڪردار ”مٺو“ ھڪ اھڙي آفيسر جو پٽ آھي، جيڪو بدلي ٿي ڳوٺ ۾ ٿو وڃي، ۽ مٺوءَ جي دل تي اھو نئون ماحول ھڪ عجب تاثر ٿو ڇڏي.
ھو ڍڳي گاڏي ڏسي عجب ۾ پئجي ٿو وڃي. اسڪول جو گهنڊ ٻڌي پڇي ٿو تہ اسڪول ڇا ٿيندو آھي. سندس پيءُ کيس ”استاد ڇاڱي مل“ جي حوالي ٿو ڪري، جيڪو روشن خيال آھي. مثالي ماستر آھي جيڪي رڳو ورھاڱي کان اڳ ھوندا ھئا. چوي ٿو: ”مٺو اڄ کان وٺي منھنجو پٽ آھي. کيس مان تيار ڪندس.“
مٺوءَ جو من سونجهڻو (Inquisitive Mind) آھي. ھو ھر مشاھدي تي سوال ٿو ڪري.
”پورھيت ڇا ٿيندو آھي؟“
۽ پوءِ پيءُ کي چوي ٿو:
”بابا – اسان اڄ پورھيت ڏٺو. بابا پورھيت سٺو ھوندو آھي يا نہ؟؟ مان وڏو ٿي پورھيت بڻبس. پنھنجي ھٿ سان ان اپائيندس. مامي غلام وانگر.“
۽ پوءِ ماستر ڇاڱي مل جي گهر وڃي، انھن کي ”سرلا“ جي ڏک ۾ روئندو ڏسي، سندس معصوم من بہ انھن جي ڏک ۾ شريڪ ٿي ٿو.
ٻارن تي لکيل ڪھاڻين مان حميد جي ڪھاڻي ”خانو چور نہ آھي“ ھڪ شاھڪار آھي. اھا نہ فقط حميد جي، پر سنڌي ادب جي شاھڪار ڪھاڻين مان آھي. خانو ھڪ معصوم ٻار آھي، جيڪو ٻين ٻارن سان گڏ اسڪول پڙھڻ وڃي ٿو. ھو نٻل ۽ ڪمزور بہ آھي، تہ غريب بہ – سندن اسڪول ۾ شودا، پيداگير ۽ داداگير ڇوڪرا ھئا، جيڪي اھڙن ڇوڪرن کان ”آنڪي“ اڳاڙيندا ھئا. خانو اھا ”آنڪي“ ڀرڻ لاءِ چوري ڪندو ھئو. ھنن پيداگيرن جڏھن ”آنڪيءَ“ مان اگه وڌائي ٻياني ڪيو، تہ خانو چوري ڪرڻ مھل ضمير جو آواز ٻڌو. ”خانو چور آھي“ ۽ ان ضمير جي آواز کان متاثر ٿي، ھن چوري ڪيل ٻياني واپس رکي ڇڏي اسڪول آيو تہ بہ سندس چپن تي اھي لفظ ھئا تہ ”خانو چور نہ آھي.“
موڪل ٿيڻ وقت جڏھن شودن ڇوڪرن کانئس ٻياني گهري تہ ھن انڪار ڪيو. چيائين ”خانو چور نہ آھي“ ان تي شودن ھن کي ٺؤنشا ھنيا، ۽ سندس رت وھندو ڏسي ڊڄي ڀڄي ويا. خانو جيڪو مار کان نستو ٿي پيو ھئو ٻاھر اسڪول جي گيٽ تي آيو، جتي اڃا ڪجهہ سندس جھڙا مظلوم ۽ شودن، داداگيرن ۽ پيداگيرن جا ستايل بيٺا ھئا. ھن رڙ ڪري چيو ”اڙي نورا، اڙي شمن، علڻ، رحيم، ٻڌو ڪو بہ ھاڻي پيروءَ ۽ سندس شودن جي ٽولي جي آنڪي نہ ڀريندو“.
ھو ڏسو سامھون وڃي ٿو پيرو ۽ سندس شودن جو ٽولو. نہ ڇڏيون دسيون، ھمٿ ڪيو، وڌو ھمٿ ڪيو.“
پوءِ انھن شودن جي ٽولي کي ھڻي ڊاھي وڌو. حميد لکي ٿو تہ ”اڄ ڏينھن پويان ڪمزورن جي سرسي ٿي“ ۽ خانو خاموش اونڌو پيو ھئو. پر سندس چپن تي مرڪ ھئي. چچريل ۽ رتائون منھن ٻھڪي رھيو ھئو. ھنن جڏھن ڪمزور، بي جان ۽ نٻل جسم کي کنيو تہ ھنن کي ائين لڳو تہ ڪنھن ڳري بت واري جوڌي جوان کي کڻي رھيا ھجن.
حميد جي ھيءَ ڪھاڻي، سنڌ ۾ ھن ڌاڙيلن ۽ ڪلاشنڪوف جي دؤر، ۽ تعليمي ادارن ۾ نراجيت جي زماني ۾ وڌيڪ اھميت رکي ٿي. سنڌ ۾ ڦھليل ھن ڪئنسر جو علاج تڏھن ئي ممڪن آھي جڏھن سنڌ جو عام ماڻھو، توڙي تعليمي ادارن جو شاگرد، ڌاڙيلن ۽ داداگيرن کان ڊڄي، ان جي ”آنڪي“ ڀرڻ کان انڪار ڪري، ھمت ۽ ٻڌيءَ سان خانوءَ جي مثالي ڪردار کي آڏو رکي، انھن جو مقابلو ڪندو.
چڱائيءَ ۽ برائيءَ جي ويڙھ، ھر دور ۾ ھلندي رھي آھي، پر اسان جي دور ۾ چڱائي جيترو ھيسيل، دٻيل ۽ نستي آھي، اوتري شايد سنڌ ۾ ڪنھن بہ دور ۾ نہ رھي ھئي. پر تڏھن بہ ھيءَ ڪھاڻي سنڌ جي مستقبل جي ڪھاڻي آھي، جڏھن سنڌ ۾ چڱائيءَ جون ھيسيل دٻايل ۽ ڪمزور قوتون، ڪنھن خانوءَ جي مظلوميءَ واريءَ ھمت جي ھمدرديءَ ۾ ھڪ ھنڌ گڏ ٿي، ٻڌي ڪري سماج ۾ پيدا ٿيل داداگيرن کي شڪست ڏينديون. ھيءَ ڪھاڻي، ٻارن ۾ نہ فقط چڱائيءَ لاءِ احترام ۽ پيار، ۽ برائيءَ لاءِ نفرت پيدا ڪندي، پر انھن ۾ برائيءَ خلاف جنگ جوٽڻ، ۽ ان جنگ جي حڪمت عمليءَ جي طرف پڻ رھنمائي ڪندي. ڇو تہ داداگير، ظاھر ۾ ڪيترا بہ طاقتور ھجن، پر اھي عوام جي اٿاھہ سمنڊ آڏو تڇ آھن. ڇو تہ عوام ۾ گهڻائي نيڪيءَ، انصاف ۽ حق جا طرفدار آھن.
حميد جون ڪھاڻيون ڊرامائي تاثر رکن ٿيون. انھن ۾ اھم ڪھاڻي آھي ”تنھنجو سفر منھنجو سفر“ ھيءَ ڪھاڻي فيڊر لائين جي ھڪ مسافر جي ڪھاڻي آھي، جيڪو صبح جو ريل گاڏيءَ ۾ ڳوٺ ڪنھن ڪم سان وڃي ٿو، ۽ شام جو دير سان موٽي ٿو اچي. ساڳيءَ ئي گاڏيءَ ۾ ويندي بہ ان گاڏيءَ ۾ ھڪ ننڍيءَ اسٽيشن تي ھڪ ڪنوار، ھڪ اڌڙوٽ، ۽ ھڪ لساٽ ٿا چڙھن ۽ موٽندي بہ ساڳي اسٽيشن تان اھو ئي اڌڙوٽ، اھو ئي لساٽ ۽ ھڪ پڪيءَ عمر واري ڪنوار سان گڏ ٿا چڙھن، جنھن جا وار مينديءَ سان ڳاڙھا ٿيل آھن.
ھن ڪھاڻيءَ جي ٽيڪنڪ جو ڪمال اھو آھي، جو اھو سمورو واقعو اھڙيءَ حالت ۾ ٿئي ٿو، جڏھن ريل جي گاڏي ۾ پوري روشني نہ آھي ۽ ڏسندڙ کي انھن ڪردارن جا مھانڊا بہ چٽا نظر نہ ٿا اچن. ھو رڳو سندن قد ۽ عمر جو اندازو لڳائي سگهي ٿو. ويندي مھل ڪو بہ ڊائلاگ نہ آھي. پر ڪنوار جي جسم مان ايندڙ خوشبو، ۽ چوڙين جي جهنڪار اھي ٻہ اھم ڊائلاگ آھن. موٽندي مھل رڳو ٻہ مختصر ڊائلاگ آھن. ان کان پوءِ لسڙاٽ گهوٽ پڪيءَ عمر جي ڪنوار جي ھنج ۾ سڏڪا ڀريندو. پنھنجي پياريءَ ڀيڻ کي ياد ڪندو (جنھن جي ان اڌڙوٽ سان شادي ٿي) ۽ ان جي پارت ڪندو سمھي ٿو پوي. ڄڻ تہ ماءُ جي ھنج ۾ سمھي ٿو پوي.
ھيءَ ننڍي ڪھاڻي. ٽيڪنڪ ۽ موضوع جي لحاظ کان تمام وڏي آھي نہ واقعو، نہ ڊائلاگ، رڳو چار ڪردار – جن جون شڪليون بہ چڱيءَ طرح نہ ٿيون اچن، اھا اڄوڪيءَ سنڌ جي سماجي ناسور، اڻ برابري واري شاديءَ جو ڀرپور، اونھو ۽ چٽو تاثر ڏئي ٿي. جوان ڇوڪريءَ جي اڌڙوٽ سان شادي ۽ پڪيءَ عمر، مينديءَ رتل ڳاڙھن وارن واريءَ ڪنوار جي لسڙاٽ سان شادي. جنھن کي مڇن جي ساول مس آئي آھي، ۽ جيڪو سندس ھنج ۾ سمھي ٿو پوي. ڏي وٺ جو ناسور – عورت کي وٿ (Commodity) بنائڻ جي ناسور، ۽ ان مشاھدي کان، انھن اڻ چِٽن ڪردارن جي چِٽن دردن، ۽ اڻ ڳالھايل مڪالمن کان متاثر ٿي فيڊر لائين جو اھو مسافر ھڪ خط ٿو لکي، (جيڪو پاڻ پنجاھ جي پيٽي ۾ آيل ھڪ جهونو آھي) جنھن ۾ پاڻ کان ٽيھ ورھيہ ننڍي، ڪجهہ رقم جي عيوض پرڻجڻ لاءِ ورتي آھي، ان جي پيءُ کي لکي ٿو، تہ اھا رقم ان ڇوڪريءَ کي ڏاج ۾ ڏئي ھو پاڻ ان ڇوڪريءَ سان شادي نہ ٿو ڪري سگهي. اھا آھي ھن شاندار ڪھاڻيءَ جي چوٽ (Climax).
ھن ڪھاڻيءَ ۾ حميد، سنڌ جي ھڪ اھم دؤر کي محفوظ ڪيو آھي. فيڊر لائين (جيڪا تازو پٽجي وئي آھي) ان تي جنڪشن اسٽيشنون، جن تي بجلي نہ ھوندي ھئي، پر گئس جا گولا ٻرندا ھئا، ويٽنگ روم، ان جا بئرا – اھو ماحول حميد جو بہ ڏٺل آھي تہ منھنجو بہ.
حميد انھن ماڳن ۽ ٽاڻن کي فنڪاريءَ سان محفوظ ڪيو آھي. حميد جون ڪجهہ ڪھاڻيون ڪردارن واريون ڪھاڻيون آھن – ھونءَ تہ حميد جي ھر ڪھاڻيءَ ۾ انوکا ڪردار ھوندا آھن، مٿي ذڪر ڪيل ڪھاڻين مان ”زبرو ڌڪ“ ، ”خانو چور نہ آھي“، ”راڻا جي رجپوت“ وغيره ڪرداري ڪھاڻيون آھن، پر حميد جون اھي ڪھاڻيون ڪردار نگاريءَ سان گڏ ٻين طريقن جي اڀياس ۾ بہ اچي سگهن ٿيون، پر حميد جون ھن مجموعي ۾ آيل ڪھاڻيون ”ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون“، ”زور آور“، ”اسان اڌارا“، ”چور ڪير، ساڌ ڪير“، ”چوري ساڻ چسن“ ۽ ”اسان تي الزام“ اچي وڃن ٿيون.
ڪردار نگاري ڪھاڻيڪاريءَ جو اھم شعبو آھي، پر ڪھاڻيءَ ۾ توازن (Balance) پيدا ڪرڻ ڪھاڻيڪار جي فني مھارت جو ثبوت آھي. حميد جا ڪردار اھڙا آھن، جھڙا توھان ۽ مون ڏٺا آھن. فطري (Nature) ۽ اڻ اڀاريل – ”زبرو ڌڪ“ وارو خفتي حجام ”ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون“ جو شھباز، توڙي ”راڻا جي رجپوت“ جو ناچو ڇوڪرو ۽ وڏيرو – اھي نہ زورائتا ۽ فلسفياڻا مڪالما ٿا ڳالھائن، نہ وري پنھنجي وت کان وڌيڪ ڪرتب ٿا ڏيکارين – اھي ھن ئي دنيا جا، ھن ئي دؤر جا، ھن ئي مٽيءَ جا چرندڙ پرندڙ ھلندڙ چلندڙ حقيقي ڪردار آھن. اسان جي دؤر جي ڪن ڪھاڻيڪارن جي ڪھاڻين کي پڙھندي لڳندو آھي تہ انھن جا ڪردار نہ ھن زماني جا آھن، نہ ھن ماڳ مڪان جا- ڄڻ خلا مان فرشتا آيا ھجن، ۽ فوق الفطرت (Super Natural) مڪالما ڳالھائيندا ھجن – جيڪي رڳو فلسفي ۽ تاريخ جا پروفيسر ڳالھائي ٿا سگهن. حميد نہ خلائن جو ڪھاڻيڪار آھي، نہ آسمانن جو – ھو سنڌ جي سرزمين، ان جي مٽيءَ، ان جي عام ماڻھوءَ جو ڪھاڻيڪار آھي. ھن جا ڪردار حقيقي ۽ فطري آھن. ھو پنھنجي ڪردارن تي ڪا بہ ڳالھہ مڙھي نہ ٿو. جھڙا آھن، تھڙا ئي پيش ڪري ٿو. سواءِ ڪنھن ٺاھ ٺوھ، يا ميڪ اپ جي – ان ڪري حميد جا ڪردار ڌيان ڇڪائيندڙ يا ذھن تي حملو ڪندڙ ڪردارن بدران فطري ۽ حقيقي آھن، جيڪي پڙھندڙن جي ذھن تي حملو ڪرڻ بدران انھن جي دل جي اونھاين ۾ وڃيو گهر ڪن.
انھن ڪرداري ڪھاڻين ۾، حميد جي ڪھاڻي ”زورآور“ ڏاڍي دلچسپ آھي. ھن ۾ فقط اھو اڄڪلھ اڻ لڀ ڪردار جيئرو جاڳندو، چرندو پرندو نظر ٿو اچي، پر اھو ماحول پڻ چِٽو ۽ پڌرو اکين آڏو اچيو وڃي، جيڪو اڄڪلھ اڻ لڀ آھي. اھي زمانا ھئا. اھا سنڌ ھئي، جنھن جا ڪامورا ايماندار ھئا. خانداني رٿابندي بہ نہ ھئي، ان ڪري اھي ڪامورا وڏي عيال وارا بہ ھئا. سڪيءَ پڪيءَ پگهار مان وڏا عيال پالڻ ۽ انھن جي لٽي ڪپڙي جو بندوبست ڪرڻ ناممڪن ھيو. ان ڪري ٿيندو ائين ھئو، جو گهر جي وڏن ڀاتين جا ڪپڙا ڪٽائي، ننڍا ڪرائي ننڍڙن کي پارايا ويندا ھئا، ۽ انھي ڪارروائي کي ’آلٽر‘ ڪرڻ چيو ويندو ھو. اھي زمانا مون بہ ڏٺا ۽ اھڙا آلٽر ٿيل ڪپڙا مون بہ پاتا. اھڙو ئي ھڪڙو ماھر درزي، ”مامو محمد“ اصل شڪارپور جو، ان ايماندار آفيسر جي ٻارن لاءِ ڪپڙا آلٽر ڪندي ساڻن گهرو ٿي ٿو وڃي، ۽ ڄڻڪ گهر جو ڀاتي ٿي ٿو وڃي. اھو زمانو اعتبار ۽ اعتماد جو ھو.
اھو ڪپڙن آلٽر ڪرڻ وارو درزي – گهر جو ڀاتي ٿي ٿو وڃي. پاڻ بہ سئنيما جو شوقين تہ ان ڪاموري جي ٻارن کي بہ ان شوق تي لاھي ٿو. ھن جو تڪيو ڪلام ھوندو ھئو. ”ير – تون ڪو ڏاڍو زورآور آن“.
جڏھن ان ڪاموري کي خبر پئي ٿي تہ اھو مامو سندس ٻارن کي پڙھڻ کان ”کاري“ سئنيما تي وٺي ٿو وڃي تہ ان ڳالھہ تي ڪاوڙجي مامي کي ڏاڍي ڇنڊ ٿو ڪڍي.
ان ڳالھہ تي ڪاوڙجي، مامو بنا موڪلائڻ جي ھليو ٿو وڃي.
ڪامورو جڏھن گشت مان موٽي ٿو تہ گهر ڀاتين کي ٻڌائي ٿو تہ مامو سخت بيمار آھي، ۽ ائين سڄو ڪٽنب تيار ٿي شڪارپور ٿو پھچي. اتي دل ڀڄائيندڙ ملاقات ٿئي ٿي. ھڪ پاسي مامو ٿو روئي، تہ ٻئي پاسي ڪامورو.
جڏھن ڳوٺ پھچن ٿا تہ اطلاع ٿو ملين تہ مامو گذاري ويو. حميد جي ھيءَ ڪھاڻي بہ انساني ھمدرديءَ تي ٻڌل آھي ۽ ان جي چوٽ ڏاڍي دل ڇھندڙ آھي.
اھڙي ئي ھڪ ٻي ڪھاڻي جيڪا پڻ ڪردار واري ڪھاڻي آھي، اھا آھي، ”ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون“ ان ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار ھڪ سيٺ آھي، جنھن جي سڄي عمر اوڙي پاڙي وارن جون ملڪيتون ڦٻائڻ ۾ گذري آھي. جي ڪو مٽ مائٽ يا پاڙي وارو مري ٿو وڃي تہ ھيءُ ڪمال فنڪاريءَ سان يتيمن ۽ رنن زالن جي ملڪيت ھڙپ ڪيو ڇڏي. شھباز خان ظاھر ۾ ٻي روپئي وارو ڊاڪٽر آھي، پر اندر ۾ کوٽ اٿس. ڪھاڻي ھڪ اتفاق تي ختم ٿي ٿئي، جڏھن سندس ستايل مائٽ رات جو گند ڪچري رکڻ لاءِ کڏا کوٽن تہ ھيءُ تڪڙ ۾ بندوق کڻڻ لاءِ ڪاٺ جي ڏاڪڻ تان ھيٺ لھي ٿو، ۽ ڪاٺ جي ڏاڪڻ ٽڙڪو ڏئي ڀڄي ٿي پوي، ۽ ھيءُ انھيءَ کڏ ۾ ڪري ٿو پوي ۽ اھا ئي سندس قبر ٿي وڃي ٿي. ھن ڪھاڻيءَ ۾ حميد ڪجهہ مزاح جو بہ رنگ ڀريو آھي، جڏھن شھباز خان سمھندو ھو، تہ سندس ڳچي گم ٿي ويندي ھئي ۽ ماڻھو چوندا ھئا تہ ھن جي منڍي ڪير وڍي ويو.
جيتوڻيڪ ھن ڪھاڻيءَ جي پڇاڙي؛ آخري، اوچتي ۽ غير فطري آھي، پر تنھن ھوندي بہ ان ۾ ڪردار نگاري ايتري تہ چٽي ۽ جيئري جاڳندي آھي، جو پڄاڻي اھڙو تاثر ڇڏي ئي نہ ٿي.
اھڙي ئي ھڪ جيئري جاڳندي ۽ چرندڙ پرندڙ ڪردار جي ڪھاڻي آھي، چڪ!
چڪ ڪڍڻ وارو سيٺ محمد ھاشم اصل ۾ کلن جو واپاري آھي، چڪ ڪڍڻ سندس سائيڊ بزنيس آھي. محمد پڃل ھڪ غريب مزور آھي جيڪو وٽس چڪ ڪڍائڻ اچي ٿو. محمد ھاشم پھرين تہ کانئس لنوائي ٿو، پر جڏھن پڃل ڪجهہ پئسا ٿو باسي تہ ان جي چڪ ڪڍڻ تي راضي ٿئي ٿو. پڃل جو ڪردار دلچسپ آھي. چڪ نڪرڻ کان پوءِ ائين لڳو ڄڻ ڇنائي ڀڳو ھجي. ھو ڊوڙندو وڃي، ۽ نوڙي زمين تان ڪا ٺڪري يا پٿر کڻي وري سڌو ٿي، پٺيان اڇلائيندو ويو.
”سيٺ واھہ واھہ ٿي وئي، ڏسو نوبنو پيو لڳان، ھي ڏس...!“
محمد پڃل جيڪو اڳ ۾ شيخ ٿيو پيو ھو، سو آرام سان نوڙيو، وري سڌو پئي ٿيو، وري نئڙي وري سڌو پئي ٿيو، ڄڻ چاٻي اچي وئي ھجيس.
حميد جا اھي جملا، پڃل جي ڪردار، ۽ ان جي چرپر کي وڊيو فلم وانگر ڪھڙيءَ نہ چٽيءَ ريت ٿا بيان ڪن.
اتي سيٺ ھاشم کي دؤرو ٿو پوي، ھو اھڙي زبردست ۽ بي رحم ماڻھوءَ کي بيوس ۽ لاچار ٿو ڏسي.
”ھي سيٺ تہ اھو سيٺ ھئو مزور لاءِ موت ھو. سندن مزوري ائين ڳھي ويندو ھو جو ڪجهہ ڪڇي نہ سگهندا ھئا. اڄ ھو لاچار بيٺو ھو نہ چري نہ پري.“ محمد پڃل کلڻ تي ھو، پر نہ کليو.
پڃل سمجهيو تہ سيٺ کي چڪ پئي آھي. ھو اندران پوتڙو کڻي آيو ۽ وٺي اھو عمل پئي دھرايائين جيڪو سيٺ ھاشم چڪ ڪڍڻ لاءِ ڪندو ھئو. اتي ”پرو“ (سيٺ جو نوڪر) ظاھر ٿيو ۽ سيٺ جو حال ڏسي ڏند ڪڍڻ لڳو.
ٽھڪ ڏيڻ تي ھو جو پڃل آھستي چيس، ”ڀيڻان نہ کلجانءِ بي موت مارجي ويندين. سيٺ فوٽو ڪونہ پيو ڪڍائي چڪ پئي اٿس چڪ.“
ان گنڀير صورتحال ۾ بہ حميد ظرافت جي جهلڪ ٿو ڏيکاري، جيڪا ان مزور طبقي جي ان بي رحم سيٺ تي اونھي طنز آھي.
پر سيٺ ھاشم کي چڪ نہ پئي ھئي، ھن کي تہ اٽئڪ (Attack) ٿيو ھئو ”ھو ٻوٿ ڀر وڃي کلن ۾ ڪريو.“
”انھيءَ ويڙھ سيڙھ ۾ سيٺ تہ جھڙوڪر کلن ۾ ويڙھبو ويو.“
اھو جملو اھڃاڻ (Symbolic) آھي.
۽ ھن شاندار ڪھاڻيءَ جي چوٽ (Climax) انساني ڪمزوريءَ تي ٿئي ٿي، جڏھن محمد پڃل مئل سيٺ جي کيسي مان پنھنجو ڏنل سوا رپيو ڪڍي ڀڄي ٿو وڃي، ۽ کيس ان بادشاھ جي ڳالھہ ياد ٿي اچي، جيڪو ظالم ڏوھاري ماڻھوءَ کي جيئري ئي کلن ۾ ويڙھائي ڇڏيندو ھئو.
ھن مجموعي جي ڪھاڻي ”جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان“ جيڪا ھن مجموعي جي نالي واري ڪھاڻي آھي، اھا جيتوڻيڪ سنڌي سماج جي ھڪ اھم موضوع تي آھي، پر ايترو ڀرپور تاثر نہ ٿي ڇڏي، سنڌ ۾ اڃا تائين ٿئي پيو، تہ نياڻين جا پيءُ لالچ ۾ اچي، پئسن تي ڌيءُ مڱائي ڏين ۽ وري مڱڻو ٽوڙي پئسا وٺن، ۽ اھو سلسلو ھلندو رھي. جيتوڻيڪ ھن ڪھاڻيءَ جو موضوع جاندار ۽ انوکو آھي، پر حميد ان ۾ اھو رنگ ڀري نہ سگهيو آھي، جيڪو حميد جي ٻين ڪھاڻين ۾ آھي، ۽ ھيءَ ڪھاڻي اھڙو ڀرپور تاثر نہ ٿي ڇڏي جيڪو حميد جي ڪھاڻين ۾ ھوندو آھي، ۽ ھئڻ گهرجي، لڳي ٿو تہ ھڪ آفيسر، پنھنجيءَ عزيز ڇوڪريءَ تي پھرينءَ نظر ۾ عاشق ٿي ٿو پوي، ۽ آخر ۾ سھڻي ميھار، سسئي پنھونءَ ۽ مومل راڻي جيان ٻئي گڏ ٿا مرن.
ڪھاڻي ”چوري ساڻ چسن!“ ۾ تمام چٽائيءَ سان سنڌ جي وڏيرڪي ۽ پوليسي ماحول جي چٽسالي ڪئي وئي آھي. ھڪ ھڪ ڪردار، ھڪ ھڪ واقعي ۽ ھڪ ھڪ ماڳ مڪان جو بيان اھڙيءَ طرح لکيو اٿس جو پڙھندڙ ڄڻ پاڻ کي ان ماحول جو حصو ٿو محسوس ڪري پوليس ڪيئن ماڻھن کي ”ڌاڙيل“ جو الزام ھڻي ۽ ايڪسيڊنٽ ڏيکاري مارائي ٿي ڇڏي.
ڪھاڻيءَ جي پڇاڙي ۽ چوٽ ڏاڍي دکدائڪ آھي ۽ ڏاڍي اثرائتي پڻ ڪھاڻيءَ ۾ زميندار، ان جي ھارين سان روش، پوليس آفيسر، شوقيہ چور، جيڪو پوءِ عشق جي اوي ۾ اچي ٿو وڃي ۽ آخر ۾ ”ايڪسيڊنٽ“ ۾ مري ٿو وڃي. اھي سڀ اھڙا تہ فطري ۽ حقيقي ٿا لڳن جو ڪھاڻي، ڪھاڻي نہ پر حقيقت پئي لڳي. ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي ايڏي تہ دکدائڪ ۽ اثرائتي آھي، جو پڙھندڙ جون رڙيون نڪريو وڃن. جڏھن رستي تي پيل ڪتي جي لاش کي ڏسي، ھن کي پنھنجو ھاري ٿو ياد اچي، جيڪو ان ڪتي جان ماريو ويو ھئو، تہ ھو ڊرائيور کي چوي ٿو ”شمن ڏس ڪنھن جو لاش آھي.“
۽ شمن چوي ٿو ”سائين ھي لاش نہ آھي. پر مئل ڪتو آھي توھان ھروڀرو ڇرڪي ويا آھيو“.
ڪھاڻي ”اسان تي الزام“ اھڙي وڏيرڪي سماج جي ڪھاڻي آھي، جتي عورتن کي شادي ڪرڻ کان سواءِ وھاريو ويندو آھي، ۽ اھي مجبور عورتون ذھني مونجهارن (Complexes)، وھمن ۽ وسوسن جو شڪار ٿي وينديون آھن. ھن ڪھاڻيءَ جي ”پڦي زليخا“ بہ اھڙين حالتن جو شڪار آھي، جيڪا ”شھزادي“ جا خواب ڏسندي رھي، ۽ ڏسندي ڏسندي سندس وار اڇا ٿي ٿا وڃن ۽ سندس ڀائر ملڪيت وڃڻ جي ڊپ کان سندس شادي نہ ٿا ڪن.
ھن ڪھاڻيءَ ۾ حميد پڦي زليخا جي داخلي ڪيفيتن ۽ مونجهارن جي تمام سٺي چٽسالي ڪئي آھي.
ڪھاڻي ”ريب فريب زندگيءَ جا“ ھڪ اھڙي نوجوان جي ڪھاڻي آھي، جيڪو (Frustrated) آھي. سندس پيءُ چيڙاڪ ۽ نامھربان آھي. ڳالھہ ڳالھ تي کيس ڇينڀ ٿو ڪڍي. نوجوان جنھن ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ ٿو چاھي، سندس پيءُ ان جي آڏو ٿو اچي. نيٺ نوجوان انتھائي قدم ٿو کڻي، ۽ گهر وارن کي خودڪشي ڪرڻ جو دڙڪو ڏيئي اسٽيشن تي ريل گاڏيءَ ھيٺان پاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ اچي ٿو. اسٽيشن جو ماحول تڏھن جو آھي، جڏھن سنڌ ۾ اڃا بجلي عام نہ ٿي ھئي. گاسليٽ جون بتيون ۽ گولا ٻرندا ھئا. ھن ڪھاڻيءَ ۾ حميد روشنيءَ جي اثر (Light effect) کان ڪم ورتو آھي، ۽ انھن روشين کي اھڃاڻ طور استعمال ڪيو اٿس. ھو سوچي ٿو تہ مون کي بچائڻ لاءِ منھنجا گهر وارا نہ آيا تہ مان ھنن لاءِ ڇو مران ۽ نيٺ ھو خودڪشيءَ جو ارادو ترڪ ڪري ٿو.
جڏھن ريل گاڏي اسٽيشن تي اچي ٿي تہ سندس نظر ھڪ گلر تي پوي ٿي جيڪو ريل جي پٽي ڏي ڊوڙي ٿو ۽ گاڏيءَ ھيٺان اچڻ وارو آھي.
ھو کيس بچائڻ لاءِ ريل جي پٽي ڏي ڊوڙي ٿو ۽ ريل ھيٺان ٿو اچي وڃي ۽ بيھوش ٿي وڃي ٿو.
ھوش ۾ اچڻ سان ڏسي ٿو تہ سندس ماءُ، پيءُ ۽ گهر وارا سندس چوڌاري آھن، ھو اطمينان محسوس ٿو ڪري، پر پڇي ٿو تہ ”گلر بچي ويو.“
۽ پوءِ ھو گلر جي (”ڪئون ڪئون“ ٻڌي ٿو ۽ ھميشہ لاءِ اکيون ٻوٽي ٿو ڇڏي.)
حميد جي ھن ڪھاڻيءَ جي چوٽ (Climax) پڻ دکدائڪ ۽ اثرائتي آھي. ۽ ھن ڪھاڻيءَ ۾ بہ ھن ”جانورن سان رحم“ سان رحم وارو موضوع اختيار ڪيو آھي.
حميد جي ڪھاڻين تي مجموعي نظر وجهبي تہ معلوم ٿيندو تہ حميد جون ڪھاڻيون نہ خلائي آھن ۽ نہ تصوراتي – ھن جون ڪھاڻيون ڌرتيءَ جون ڪھاڻيون آھن. انھيءَ ڌرتيءَ جون ڪھاڻيون جتي حميد جنم ورتو، پليو، نپنو ۽ وڏو ٿيو. حميد جا ڪردار ڪي آسماني ڪردار نہ آھن، پر اھي بہ ڌرتيءَ جا ڪردار آھن. حميد جا ڏٺل وائٺل. ڪھاڻين جو ماحول بہ حميد جي ارد گرد جو ماحول آھي انھيءَ ڌرتيءَ، ۽ انھيءَ ماحول ۾، ۽ انھن ڪردارن سان حميد جي ننڍپڻ، نوجواني ۽ جوانيءَ جون يادون وابستھ آھن. ھن انھيءَ ڌرتيءَ، ماحول ۽ ڪردارن جو اونھو اڀياس ڪيو آھي. ھو انھن جو حصو آھي، ۽ اھي حميد جو حصو آھن. حميد جو انھن سان جذباتي لڳاءُ آھي. ھو انھن کي رومانوي انداز ۾ پيش ٿو ڪري. ”دربان“ جي کجي ھجي، ”ويرين“ واريون حويلون ھجن، ۽ ”ڌوپار“ وارا ٻار ھجن،“ تنھنجو سفر منھنجو سفر“ ۽ ”ريب فريب زندگيءَ جا“، واريون ريلوي اسٽيشنون ھجن، ”راڻا جي رجپوت“ جا ناچو ۽ وڏيرا ھجن ”زورآور“ وارو درزي ھجي يا ”چڪ“ وارو سيٺ. . . اھي سڀ حميد جي شخصيت جو حصو آھن. مان حميد جي ويجهي دوست جي حيثيت ۾ ان ڳالھہ جو شاھد آھيان تہ حميد جون سڀ ڪھاڻيون، انھن جا ڪردار ۽ انھن جو ماحول حميد جي ماضيءَ جو اڻ وسرندڙ حصو آھن. جن کي حميد ھميشہ لاءِ محفوظ ۽ جيئرو ڪري ڇڏيو آھي.
سنڌي ادب ۾ ھيءُ دور، ڪھاڻيءَ جي نئين جنم جو دور آھي. ڪيترائي بي مثال ڪھاڻيڪار حميد جا سھيوڳي آھن. پر مان ايترو چوندس تہ حميد کي اھا مڃتا نہ ملي آھي، جنھن جو ھو لائق آھي. (ادبي دنيا ۾ ائين ٿيندو آھي). حميد جي ڪھاڻين جي باري ۾، ھڪڙي ڳالھہ پوري يقين سان چئي سگهجي ٿي، تہ حميد پنھنجي سھيوڳين ۾، ھڪ انوکي اسلوب جو مالڪ آھي، جنھن جي ڪھاڻين جا ڪردار، ماڳ ۽ انھن جو ماحول سنڌ جي سماجي تاريخ جو ھڪ اھم باب آھي.


تنوير عباسي

ڪھاڻيون

---

ريب فريب – زندگيءَ جا!

ھن کي وڌ وڌ ۾ تکائي ۽جلدائي ھئي. پر ھو جيئن اسٽيشن جو سيخائون در ٽپي اندر ٿيو تہ کيس محسوس ٿيو ڄڻ سندس اندر وانگر ھيءَ اسٽيشن بہ ويران آھي. ھونئن بہ ھيءَ اسٽيشن فيڊر لائين جي ننڍي اسٽيشن ھئي ۽ ھت جي ماڻھوءَ جي ڪا ذات مڙندي بہ ھئي تہ گاڏي اچڻ مھل. ٻہ چار ماڻھو لھندا ھيا، ٻہ چار ھتان چڙھندا ھيا. ھڪ ٻن ٽانگن جي کڙ کڙ ۽ ڦيٿي تي لڪڻ ھڻڻ جا آواز ٿيندا ھيا. ان ويلي لڳندو ھيو تہ ھيءَ بہ ڪا اسٽيشن آھي. ھو ھن اسٽيشن کي ائين سڃاڻندو ھو جيئن پنھنجو گهر. ھو ننڍي ھوندي کان ھن اسٽيشن جو رستو چڱيءَ پر سڃاڻندو ھو، جو لائين ٽپي کيس، عيد براد يا قضيي ويل پنھنجي اباڻي قبرستان وڃڻو پوندو ھو.
اڄ نہ عيد براد ھئي نہ قضيو ٿيو ھو. اڄ ھو سالن کان پوءِ ھت ھڪ مسافر جيان آيو ھو، ڇو تہ جڏھن کان سندن ڳوٺ پڪي رستي سان ڳنڍيو ھو تہ ھرڪو ھن ڌڌڙ اڏائيندڙ ۽ گهل ڪندڙ گاڏيءَ کان لنوائيندو ھو. پر اڄ ھن انھن ضرورتمندن جيان ھن گاڏيءَ جو سھارو ورتو ھو جيڪي مجبوري سبب انھيءَ گاڏيءَ ۾ چڙھندا ھيا. ھو واقعي مجبور پي لڳو ڇو تہ سندس وکن ۾ ھاڻ اھا تکائي ۽ تيزائي نہ ھئي جيڪا اسٽيشن ڏي ايندي ويل ھئي. ھو ھاڻ اسٽيشن جو ڪچو پليٽ فارم لتاڙيندي ٿڪو ھو. ھو ھاڻ ھڪ وڻ ھيٺان پيل پراڻي ڪاٺ جي پٽين سان جڙيل بينچ تي ويھي رھيو. ھن ويھڻ سان وڏو ساھ کنيو ۽ پوءِ آھستي آھستي ماحول سان ھو جيءُ پرڀائڻ لڳو.
کيس خبر ھئي تہ گاڏي سج لٿي مھل ايندي ھئي. ھن وقت شام جا پاڇولا چوڌاري ڏٺا پي. ھن آھستي آھستي محسوس پي ڪيو تہ جيئن سج لڙيو پي تہ ٿڌ وڌندي پي وئي. ھن جلدي ۾ ڪو سويٽر يا ڪوٽ بہ نہ کنيو ھو. ھو نڪتو بہ تہ ائين ھو ڄڻ جلاوطن ٿيو ھجي. ”ڪو ائين بيعزتو ٿي بہ نڪرندو آھي؟“ ھن کي جيئن جيئن ڳالھيون ياد پي آيون تہ سندس منھن ڳاڙھو پي ٿي ويو ۽ اکين ۾ پاڻي پي ڀرجي آيو. ھن ڏک سور لڪائڻ لاءِ چپ پي ڀڪوڙيا. سندس ڳاڙھا چپ وڌيڪ ڳاڙھا ٿي ويا.
ھو ھيو بہ تہ ڳڀرو سھڻو ننڍو نيٽو جوان. سندس اڃا شادي بہ نہ ٿي ھئي. ھو شاديءَ جي ڳالھہ کي ياد ڪري تيئن ئي دکي ٿي ويو. يڪدم ھن اسٽيشن جي ماحول تي نظر وڌي. اڃا ڪو ٻيو پليٽ فارم اندر داخل نہ ٿيو ھو. ھن ”ڪون ڪون“ جي آواز تي نھاريو. کيس ٻہ ٽي ننڍڙا گلر نظر آيا، جيڪي پاڻ ۾ راند ڪڏي رھيا ھئا. ھو آواز ڪڍي خوشيءَ جو اظھار ڪري ھيڏانھن ھوڏانھن ھلي چلي رھيا ھيا. ٿورو پريان سندن ماءُ ويٺي ھئي، جنھن جي نظر پنھنجي ٻچڙن ۾ ھئي. ھو ڪا گهڙي انھيءَ نظاري کي ڏسندو رھيو. ھن کي ائين محسوس ٿيو تہ ھي گلر کانئس وڌيڪ خوش آھن ۽ بھتر زندگي پيا گذارين. گهٽ ۾ گهٽ آزاد ھوا ۾ تہ ساھ کڻن ٿا. کيس پنھنجو ٻوسٽ وارو ماحول ياد آيو.
ھو ننڍپڻ کان پيءُ جي ڏنڊي ھيٺ رھيو ھو. ننڍو ھو تہ پڻس جي رڙ پئي پوندي ھيس تہ ”ڇورا پڙھ.“ ھو اڃا گهٽيءَ ۾ ڪنھن سان کيڏڻ ويندو ھو تہ ماڻس جي ڊوھ ھوندي ھيس، ”ڇورا ايڏو نہ رل اچ اچي گهر جو ڪم ڪر.“ يا وري چوندس، ”وڃ وڃي پيءُ کي دڪان تي ھٿ ونڊاءِ.“
ھو دڪان تي ويندو ھيو تہ پڻس جو ٿڪ بُجو پيو پوندس، ”ڇورا، ھي چانور ٿو تورين – ھي بقال ٿو ٻڌين – پڙي بہ نٿي اچئي ٻڌڻ.“ ھو ائين مار موچڙي ۽ ٿڪ بُجي ۾ وڏو ٿيو، پر پڙھڻ تان ارواح کڻي ڇڏيائين. ڇڪي تاڻي انٽر ڪيائين، پوءِ اچي پيءُ سان ڌنڌي ۾ لڳو. پڻس جو ھاڻ چڱو چوکو واپار ھو. بقاليءَ مان ھاڻ ھو سيٺ ھو. شھر جو واپار وڌيو تہ پڻس کي ٻہ ٽي ايجنسيون مليون تہ سندن گهر جون حالتون بہ بدليون، پڪو گهر ٺھيو، پکا، فرج ۽ ٽي وي آيا. پر جي حالتون نہ بدلي نہ بدليون تہ سندس ڇاڪاڻ تہ اڄ تائين پڻس ۽ ماڻس کيس ھڪ سدوري ۽ شريف ٻار وانگر سمجهي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، پر ھو جيئن وڏو ٿيو منجهس بغاوت جا آثار ظاھر ٿيڻ لڳا. ھاڻ ھو ڪڏھن ڪڏھن پيءُ جي سامھون بہ ٿيندو ھو. ماءُ کي تہ ليکيندو بہ نہ ھو. ھو پاڻ کي اڪيلو ۽ ويڳاڻو سمجهڻ لڳو. سندس جيڪي دوست ھيا تہ بہ سندس چڙ ڪاوڙ واري طبيعت ڪري گهڻو جٽاءُ نہ ڪندا ھيا. ھن جي جيڪڏھن لڳندي ھئي تہ ماسڙ ۽ ان جي گهر وارن سان، جن سان وري پڻس جي ڪڏھن ڪانہ پئي، ھو پيءُ کان پنج ڇڏائيندو ھو تہ ماسڙ جي ھشي ھوندي ھيس تہ ڏھ وٺينس. جي پيءُ خرچ ۾ سوڙھو ڪندو ھيس تہ ماسڙ پنج ڏھ ڏئي کاريندو ھوس. ھيءُ بہ ڏوڪڙ مليو ناھي ۽ سگريٽ وچين آڱر ۾ جهلي، سوٽا ھڻي وڃ سينيما جا پوسٽر ڏسندو. پوءِ گهڙي ويندو پوئين شو ۾. ٻارھين کان پوءِ گهڙندو ھو گهر ۾ جتي موچڙا پسيا پيا ھوندا ھيس.
ائين ھو وڏڙو ٿي اوڙي پاڙي لوڻا ھڻڻ لڳو. پڻس جهاڙي ورتس تہ نينگر جي اک خراب آھي ۽ ٺوڪيائينس پادر. ھيءُ بہ نہ مڙيو ۽ ھڪ رات پاڙي ۾ وڃي ڀت ٽپيو. پاڙو جاڳي پيو. ھن ماسڙ جي گهر ٽپي جان بچائي.) ماسڙ جي بہ ھڪ نياڻي ھئي ۽ ماسڙ موقعي جو فائدو وٺي پڻس کي سوگهو جهليو، ان سان گڏ کيس بہ قابو ڪيائين. ھاڻ ھو نينھن ناتي قابو ٿي ويو، جيسين پڻس ڪو شاديءَ تي راضي ٿئي. ھو ماسڙ جي گهران عشق ۾ ڳاڙھو ٿي نڪرندو ھيو ۽ پنھنجي گهر اچي شاديءَ لاءِ رنڀندو ھيو. ماڻس، پڻس جي ڊپ کان کيس دم دلاسو بہ نہ ڏيندي ھئي. پڻس جي ماسڙ سان ورھين جي دشمني ھئي، سو ڪاٿي ٿو سولو ھائو ڪري. کيس ڳالھہ تان ھٽائڻ لاءِ خرچ بہ بند ڪيائين ۽ پري جي مائٽن ۾ قابو ڪرڻ جا بہ جتن ڪيائين. نيٺ انھيءَ رنجه ڪنجه ۽ گوڙ بگوڙ وارو بم کلي طرح ڦاٽو ۽ ھو پڻس جي سامھون ٿيو، ساڻس وڙھيو، ماءُ کي ٿيلھا ڏنائين، گهر جا ٽپڙ ڀڳائين، پوءِ خودڪشيءَ جون ڌمڪيون ڏيندو اچي ٽيشڻ نڪتو، جت گاڏيءَ اچڻ ۾ اڃا دير ڪئي ھئي.
ھو ڳالھين کي ياد ڪري دکي ٿي ويو ۽ اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس. ھاڻ تہ پاڇا بہ لڙي ويا ھيا، سج جو ڪرڻو بہ نہ ھو. ولھہ لھي آئي ھئي. ھو ٿڌ ۾ ڏڪڻ لڳو. ھن نم جي وڻ ڏانھن نھاريو جو مٿس ڇانو ڪيو بيٺو ھو، ۽ ھوا جي جهوٽن تي کيس وڌيڪ ھوا ڏئي رھيو ھو. ھن کي ياد آيو تہ جهيڙي ۾ ھن اڄ منجهند جي ماني بہ نہ کاڌي ھئي. ھن بک جي خيال کان ھيڏانھن ھوڏانھن لوڻا ھنيا. کيس ڪو گهورڙيو بہ نظر نہ آيو جو ڪا شيءِ وٺي. پوءِ ھن خيال ڪيو تہ ھو اسٽيشن ٻاھران وڃي ڪا شيءَ وٺي اچي. کيسي ۾ ھٿ ھنيائين تہ کيس اھو بہ ياد پيو تہ ڪيترن ڏينھن کان پڻس جي سختيءَ ڪري سندس خرچي بہ بند ھئي، تہ سندس پيارو سگريٽ پيئڻ وارو شوق بہ پورو ٿيو پيو ھو. ھو ماسڙ کان ٿيڻ واري سھري ناتي جي ڪري بہ پائي پئسو نہ وٺندو ھيو. اڄ تہ ھن ماسڙ جي گهر ۽ گهٽيءَ جا چڪر ھنيا، نہ وري ڪو ديدار ئي ڪيو. سندس اڄوڪو ڏينھن قيامت جي ڏينھن جھڙو ڏينھن ھو. ھو ھاڻ ٿڌ بہ برداشت نہ پيو ڪري سگهي. ھو الائجي ڪھڙي جذبي ھيٺ سٽ پائي اسٽيشن جي چوڌاري لڳل سيخائين ڪٽھڙي ۾ منھن وجهي ٻاھر ڏسڻ لڳو. سندس نظرن شھر ڏانھن ويندڙ رستي جو وڃي توڙ ڪيو، کيس اھو رستو ائين ئي ويران نظر آيو جيئن ھيءُ اسٽيشن. ھو ور ور ٻاھر تڪيندو رھيو پر کيس ڪا اھڙي پھر يا روشني نظر نہ آئي جا سندس ڏکن ۽ غم جي زخمن جي چيٺ ڪري يا ڏڍ ڏئي.
ائين ھن ڀڻڪو ٻڌو. ھن پٺيان نھاريو تہ کيس ٻہ ماڻھو نظر آيا، ھن سندن ڀڻڪو چٽيءَ طرح ٻڌو.
”ھيءُ سيٺ محمد جو ڇوڪرو آھي. ھن مھل ھت الائجي ڇو بيٺو آھي.“
ھو ڀڻڪو ٻڌي اڳتي وڌي ويو. سامھون اسٽيشن جي ھڪ ماڻھوءَ لالٽين پئي ٻاريا. ھو ڪا گهڙي سندس ڀر ۾ بيٺو رھيو ۽ بتين جي ٻرڻ ۽ وسامڻ جو تماشو ڏسندو رھيو. الائجي ڇو ھو بتين جو ڀڙڪو ڏئي روشن ٿيڻ ۽ وري ڀڙڪڻ کي ڏسي دکي ٿيڻ لڳو. ھو بتين جي ور ور ڀڙڪڻ تي ھڪدم ٻاھر ڏسڻ جي ڪرڻ لڳو. ھاڻ اوندھ رستي کي وڪوڙيندي پي وئي. ات کيس ڪو بہ ماڻھو يا روشني ڏسڻ ۾ نہ آئي، جيڪا کيس پنھنجي ارادي ۾ ڪمزور ٿيڻ ۾ مدد ڏئي.
ھو ولھ ۾ بکارو، منجهند کان ائين بي حال ھو. ھاڻ کيس وڌيڪ روئڻ پي آيو. ھو اوڇنگارون ڏئي روئڻ لاءِ پليٽ فارم جي ڇيڙي ڏانھن ڊوڙيو. ھن جون وکون ات ڄمي ويون ۽ ھنيانءُ ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳو، جڏھن ھن گاڏيءَ جي سيٽي ٻڌي ۽ پوءِ پريان کيس روشني نظر آئي.
ھو آھستي پگهرجڻ لڳو، کيس فيصلو ھن ويلي ڪرڻو ھو. ھن کي پيءُ کي ٻڌايل پنھنجي خودڪشيءَ جي فيصلي تي عمل ڪرڻو ھيو. ھو سامھون روشني ڏسي رھيو ھو، جنھن جا پري کان ايندڙ ڪرڻا ھن کي سج جا ڪرڻا پي لڳا. ھن جي جسم ۾ گرمي اچي وئي ھئي. ھو ھاڻ ولھہ محسوس نہ ڪري رھيو ھو. ھن پوئتي نھاريو، ھاڻ بتيون سڀ ٻري چڪيون ھيون، پر ھڪ بتيءَ اڃان پي ڀڙڪا کاڌا. ھو تيئن ھراسجي ويو. آھستي وڌي اسٽيشن جي نالي واري بورڊ کي ٽيڪ ڏنائين. ھن ھڪ دفعو وري ٻاھر ڏٺو، کيس ڪي بہ سڃاتل پاڇا نظر نہ آيا. ھو مايوس ٿي ويو.
ھاڻي تہ ھن کي ڏاڍي خار بہ آئي، ”ڏس تہ سھين مان خودڪشي پيو ڪيان ۽ ڪير مون کي روڪڻ بہ نہ آيو آھي! مان رسي آيو آھيان ڪير مون کي پرچائڻ بہ نہ آيو آھي؟ ھنن کي منھنجي پر واھہ نہ آھي تہ مون کي بہ پر واھہ نہ ھجڻ گهرجي. ھو منھنجي لاءِ نہ ٿا مرن تہ مان ڇو ھنن لاءِ مران.“ ھو سوچيندو رھيو ۽ سندس نئون فيصلو اڀرندو نسرندو نڪرندو آيو ۽ ھن سک جو وڏو ساھ کنيو. ھن جي پيشانيءَ تي آيل پگهر خشڪ ٿيڻ لڳو، سندس ٽنگن ۾ آيل ڏڪڻي بيھجي وئي. ھن پر ڀرو رکيل بتين ڏاھن ڏٺو، اتي ھاڻ ڀڙڪا کائيندڙ بتيءَ ڀڙڪا نہ پئي کاڌا. ھن کي وڌيڪ اطمينان ٿيو، ھاڻ ھو پاڻ کي محفوظ سمجهڻ لڳو. پوءِ ھو ڏاڍي اطمينان سان گاڏيءَ جي رڙھندڙ روشنيءَ کي ڏسڻ لڳو جا ھاڻ کيس اچي ويجهو پئي ھئي ۽ ھو بي ڊپو ٿيو ريل جي پٽي لڳ وڌي گاڏيءَ کي ايندو ڏسڻ لڳو.
ھن کي ريل جي ڏانھس ايندڙ روشني ڏاڍي وڻي پي، ان جا جيڪي ڪرڻا ريل جي چمڪندڙ پٽي کي چمڪائي رھيا ھئا، انھيءَ روشنيءَ جو عڪس ھو پنھنجي چھري تي محسوس ڪري رھيو ھو. ھو ھاڻ خوش ھو. ھن نئون فيصلو بہ ڪري ورتو تہ ھو ھن ٽرين ۾ چڙھي زندگيءَ جي نئين سفر جي شروعات ڪندو، نوڪري ڪندو، محنت ڪندو، مزوري ڪندو، ھڪ گهر ٺاھيندو ۽ ان گهر ۾ ھڪ ڪنوار آڻيندو ۽ سندس آڏو ھڪ وڻندڙ مک اچي ويو.
ھو گاڏيءَ جي ڌڌڪي ۽ ويجهي آيل روشنيءَ تي سجاڳ ٿي ويو. گاڏي آھستي آھستي وڌي رھي ھئي. اوچتو ھن جي نظر پٽ تي پئي تہ ات ڪا شيءَ چرندي نظر آيس. ھن سڃاتو، ھڪ ننڍڙو گلر ھو جيڪو چرندو کيڏندو ساٿين ۽ ماءُ کان وڇڙجي ھيڏي اچي نڪتو ھو. ھو ڪڏھن پٽي تي پي ٽپيو ۽ ڪڏھن پٽن جي اندر حصي ۾ پي چريو. ھن کي ڏاڍيو قياس آيو. ھن ڏاڍي ”ھش ھش“ ڪيس پر گلر پنھنجي نموني سان پئي چريو ۽ وڌيو. ھن گاڏيءَ کي ايندو ڏٺو. گاڏي ڪجهہ پرڀرو ھئي، پوءِ ھو تکائي ۽ جلدائيءَ سان گلر ڏانھن ڊوڙيو، جيڪو کانئس اڳڀرو نڪري ويو ھو.
ھن ڊوڙندي گلر کي کنيو ۽ جيئن ئي ريل جو پٽو ٽپڻ جي ڪئي تہ سندس پير تارن ۾ وچڙيو. . . ۽ ان کان پوءِ کيس پيڙا ۽ درد محسوس ٿيو. ھن کي محسوس ٿيو تہ ھو فضائن ۾ اڏامي وري ڪنھن اوڙاھ ۾ ڪريو آھي، جنھن کان پوءِ ھن کي ھوش نہ رھيو.
ھن کي جڏھن ھوش آيو تہ ھو انھيءَ ڪاٺ جي پٽائين بينچ تي پيو ھو. نم جو وڻ مٿس واءُ ڪري رھيو ھو. ھن اکين کي گهڻو کولي ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو. ھو عجب ۾ پئجي ويو، سندس پيءُ ھو، سندس ماءُ ھئي، سندس عزيز ھئا، دوست ھئا، سندس ماسڙ ھو ۽ اھو روشن ٻھڪندڙ چھرو بہ ھو جنھن سان ھن پيار ڪيو ھيو ۽ جنھن ڪري ھو جهيڙو ڪري گهران نڪتو ھو. ھن کيس پيار سان ڏٺو ۽ پوءِ ماءُ پيءُ ڏانھن ڏٺائين، سندس اکين ۾ ھڪ سوال ھو، ”توھان دير ڇو ڪئي؟“ ھنن ڪجهہ نہ ڪڇيو. ھو روئندا رھيا، شايد انھن وٽ جواب تہ ھو تہ ھنن سڀني کي گڏ پي ڪيو، پر ھو ڪجهہ نہ ڪڇيا ۽ روئندا رھيا. ھن آھستي ڀڻڪيو،
”گلر بچيو؟“
پڻس ڳوڙھا ڳاڙيندي ڪنڌ سان ھا ڪئي ۽ اشارو ڪيائين. گلر سندس ڀر ۾ بينچ وٽ ”ڪون ڪون“ ڪئي پئي ۽ چريو پي. ھن ھڪ دفعو انھيءَ روشن مک ڏي نھاريو ۽ پوءِ ھن اکين ٻوٽڻ جي ڪئي، ھو گهڻي دير اکيون کولي نہ پي سگهيو ۽ جڏھن سندس چچريل جسم کي بينچ تان کڻي کٽ تي سمھاريائون ۽ اسپتال پي نيئون تہ ھن تڪليف کان ھڪ دفعو وري اکيون کوليون ۽ سندس نگاھہ وري انھيءَ بتيءَ تي پئي، جا اڃا انھيءَ مٿاھين ھنڌ تي رکيل ھئي. بتي بہ روشن ھئي ۽ ڪو بہ ڀڙڪو نہ پي کاڌائين، سندس جوت ٽم ٽم لاتيون بيٺي ھئي. ھو مرڪي پيو ۽ ڀڻڪيو ”ٺڳ – فريبي – دوکي باز!“
پوءِ ھن جون اکيون ھميشہ لاءِ ٻوٽجي ويون.

چڪ

سيٺ محمد ھاشم، تور واري اسپرنگ ڪانٽي کي ڇڪي ڏٺو، پوءِ ان جو مٿيون ھڪ دروازي جي گول ڪڙي ۾ ڦاسايو ۽ پنھنجي نوڪر پروءَ کي سڏ ڪيائين:
”پرو! مال کڻي آ.“
پروءَ کلن جو ڍير مٿي تي کڻي اچي اوطاق جي اڱڻ ۾ اڇلايو. سيٺ ھاشم کلن جي ويڙھيل ھڙ جي ڳنڍ کولي ۽ ھڪ ھڪ کل ڪڍي ڇنڊيندو ٻاھر ڪندو ويو. ڪا کل اڇي ٻڪر جي ھئي تہ ڪا ڪاري جي تہ ڪا وري ناسڙي رنگ تي ھئي.
”پرو، ڪيئن ٿو ڀانيئن رنگيءَ جا رنگ، مال بہ ڀلو تہ رنگ بہ ڀلا.“
پروءَ پنھنجا پيلا ڏند ڪڍي ڪنڌ ڌوڻيو ۽ پوءِ وري مال واريءَ جاءِ ڏي ٻيو مال کڻڻ لاءِ گهڙي ويو.
سيٺ ھاشم ھڪ ھڪ کل کي ڪانٽي ۾ چاڙھيندو ويو. ڳري تور تي تہ ڪانٽو چريو پئي، باقي ھلڪي سلڪي کل تي تہ ڪانٽي جو اسپرنگ ئي نہ پئي چريو.
”مار! ڪي بنھہ ھلڪيون آھن.“ سيٺ ھاشم ڀڻڪيو. بندي کنيائين. تور لکيائين پئي تہ سندس نظر سامھون پئي. محمد پڃل بيٺو ھو.
”ھي وري ڪٿان آيو. ھڪ ڪم جي مھل، ٻيو وري خيرات.“ سيٺ ھاشم آھستي ڀڻڪيو.
محمد پڃل جو منھن لٿل ھو. ھڪ تہ سنگل ھڏي ماڻھو وري پيلو پڻ ٿيو پيو ھو. سيٺ ھاشم کي قياس اچي ويو.
”ڪر خبر محمد پڃل، سور تنگ ڪيو آھي يا پيٽ!“
”مزوريءَ تي تہ لڳو آھيان، پر چيلھ جي سور ماري ڇڏيو آھي. ٻن ڏينھن کان ڪم تي بہ نہ ويو آھيان. ھڪ ٻچا بک تي، ٻيو ھيءُ سور، اصل مري پيو آھيان. سيٺ، بس تو وٽان چڪ ڪڍائي وڃان ٿو، ڏينھن ئي ڪونہ ٿا گذرن تہ چيلھ وٺجيو وڃي. پٺي اصل ڪمان ٿيو پئي، ھاڻ ڪر ڪا سرداري.“
”محمد پڃل بابا! مون ڪڏھن انڪار ڪيو آھي. تون مون وٽ مزوريءَ تي ھئين تہ بہ بنان پائي پئسي چڪ ڪڍندو ھئس. بيروزگار ھئين تہ بہ چڪ ڪڍيمانءِ، ڪجهہ ڏنئه يا نہ، مون خيال نہ ڪيو، باقي ڪم جي وقت ڏکيو ٿيو پئي. ڏسين ٿو، مال پيو توريان. اڃان کلن کي ويڙھي وري تور ڪرڻي آھي. ھاڻ پروءَ کان بہ ڪم ڪونہ پڄي. ڇلي سو وٺي ٿو باقي ڪڏھن لوڻ بہ مان ڏيان ۽ صفائي تي بہ مان موڪليان. بُج لھيو اچن تہ سڪائي بہ مان موڪليان بس بنھہ ھڄي پيو آھيان.“
محمد پڃل جو منھن اھو ئي پِيلو ۽ سور بہ ڏاڍو پئي لکايائين. ڪا گهڙي محمد پڃل بيٺو رھيو. سيٺ ھاشم بس نہ ڪئي ۽ وري شروع ٿي ويو.
”تون بہ ڪم جي مھل اچين، اسان پيٽ جي ڪيون يا وتون ماڻھن جي چڪ ڪڍندا. ابي ڏاڏي جو اذن مليل آھي، ان جو مطلب اھو تہ نہ آھي تہ ابي ڏاڏي جو ڌنڌو بہ ڇڏي ڏيون. يار ھينئر تہ ڇڏ، ٻيءَ ويل اچجانءِ.“
سيٺ بنديءَ تي حساب لکڻ ۾ لڳي ويو. ڪنڌ مٿي کنيائين تہ محمد پڃل کيسي مان ڪجهہ ڪڍي تريءَ تي کڻي رکيس، ۽ پنھنجي خشڪ چپن تي زبان ڦيرائڻ لڳو. کيس خبر ھئي تہ سيٺ مفت ۾ ٻرو بہ ڪونہ ڏئي.
”يار پڃل تون بہ زورآور آھين، مون تو کان ڏوڪڙ تہ نہ گهريا، بار پيو چاڙھين، زور ڪرين ٿو تہ پوءِ ٺيڪ آ، پرو! اچ تہ سھين، محمد پڃل جي چڪ ڪڍڻي آھي، ھٿ ڌوئيو اچ.“
ھن سوا رپيو سوگهو جهليندي چيو ۽ پوءِ ململ جي چولي جي ٻاھرين کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين.
حقيقت ۾ سوا رپئي اذن جي مٺائيءَ سندس چھري تي رونق آڻي ڇڏي. ھن يڪدم ڪونرو کنيو ۽ ويٺو ھٿ ملڻ. سيٺ ھاشم ابي ڏاڏي چمڙي جو واپاري ھو. ھاڻ وڏڙا ويچارا ويا گذاري ۽ پاڻ بہ جهونڙو ٿيو ھو، باقي ننڍن مان ڪنھن بہ اھو ڪم ھٿ ۾ نہ کنيو. ”ھي تہ ڪم ڍيڍن جو آھي،“ چئي ننڍن مان ڪي وڃي ڪھڙي ڪرت سان لڳا، ڪي ڪنھن سان، پر محمد ھاشم اڃا سيٺ ئي ھو ۽ اڪيلي سر چمڙي جي واپار سان دل لايو پئي آيو. ورھاڱي کان پوءِ چمڙي جي واپار ۾ جا موڙي آئي ھئي، تنھن ھڻي واپارين جا لاھہ ڪڍي ڇڏيا ھئا. اگه بنھہ پٽ پيا ھئا. جيئن سيٺ محمد ھاشم خانداني چمڙي جو واپاري ھو سو ھوشياري سان ڪم ھلائڻ لڳو. ڪوٺيءَ تي چار – ڇھہ نوڪر ھئس، اھي بہ ڪڍي ڇڏيائين. پاڻ ۽ پرو ٻئي سٺي وقت جي انتظار ۾ ڪجهہ مال سوڌي، گذر سفر لاءِ ڪم ٽپائيندا ھئا. ڪنھن مھل ڪو ھمراھ وٽس چڪ ڪڍائڻ ايندو ھو تہ سيٺڪي ڏيکاربي ضرور ھئي، پر اندران خوش ٿيندو ھو تہ ابي ڏاڏي جو ھدو جيڪو مليل ھوس، اھو بہ ڪمائي ڏيس پيو. سوا رپيو ماڻھوءَ تي ڏينھن ۾ ٻہ – چار ھمراھ شھر توڙي ٻھراڙيءَ جا ايندا ھئس تہ ٽڙي پوندو ھو. ھڪ ڌنڌي جي موڙي، ٻيو ڇوڪرا بہ ڇڏي ويس، گذر سفر لاءِ اھو چڪ ڪڍڻ وارو ڌنڌو منجهس روح ڦوڪي ڇڏيندو ھو. ھو جيئن مٽيءَ سان ھٿ ملي، ڌوئي صاف ڪري اٿيو تہ پرو بہ پوتڙي سان ھٿ اگهندو آيو.
سيٺ ھاشم اوطاق ۾ اندر ويو ۽ دري کولي، ڪٻٽڙيءَ مان انگوڇو ڪڍيائين ۽ ناسي رنگ جو مر چڙھيل شيشو ڪڍيائين. انگوڇو پروءَ کي ڏنائين، جيڪو بيٺو ان کي وٽڻ ۽ پوءِ وات ۾ ان جي پڇڙي جهلي ائين وٽيائين جھڙو نوڙ. انھيءَ وچ ۾ سيٺ ھاشم تيل جو چنبو ڀري پڃل جو پلو پري ڪري پٺي تي کڻي ھنيو ۽ بيٺي پير مالش وارو ھٿ ھڻي، ور ڪري وٽيل انگوڇو چيلھ کي سندرو ڪري ٻڌائينس ۽ ڇڪي آيس اوطاق کان ٻاھر. وٽيل پوتڙي جو ھڪ ڇيڙو پاڻ جهليائين ۽ ٻيو پروءَ ڇڪيو ويا ڇڪيندا ۽ پڃل ويو ڌرتيءَ ڏانھن جهڪبو. سيٺ ھاشم جڏھن ڇڪي بيٺو تہ رڙ ڪيائين،
”چڪ ڪڍانءِ“
محمد پڃيل ڪنجهيو ”ھا“
”چڪ ڪڍانءِ.“ پڃل ور ڪيو چوي، ”ھا“. ھو ٻيڻو ٿي ويو ھو. چيلھ جي سور کان بنھہ پگهرجي ويو ھو.
جيئن تہ سيٺ ھاشم ۽ پرو ڇڪي جهليو ھوس، ھو ڪنجهڻ لڳو ۽ پوءِ آھستي آھستي ھو واپس سڌو ٿيڻ لڳو ۽ سمجهيائين پئي تہ ھو ھاڻ آرام سان سڌو ٿي پئي سگهيو.
سيٺ ۽ پرو آھستي آھستي وٽيل پوتڙي کي ڍرو ڪندا ويا، تان تہ محمد پڃل سنئون سڌو بيھي رھيو ۽ پوءِ جيئن ھنن چيلھ مان پوتڙو ڪڍيو تہ محمد پڃل ائين ڀڳو ڄڻ ڇنائي ڀڳو ھجي. ھو ڊوڙندو وڃي ۽ نئڙي زمين تان ڪا ٺڪري يا پٿري کڻي وري سڌو ٿي پٺيان اڇليندو ويو. ائين ڊوڙندو ويو پئي ۽ ور ور نئڙي ٺڪريون کڻندو پٺيان اڇليندو رستي جي موڙ وٽان غائب ٿي ويو.
سيٺ ھاشم ٿڌو ساھ کنيو. ”پرو ھاڻ ھل ڪم کي وٺ ٻيا ويٽا کڻي آ. ڀيڻسان ھيل مال پشمي ڏاڍو آھي ڪئنرو بہ آھي تہ بَج بہ ڏاڍي اٿس. ڳائو مال اڃا نہ کڻي اچجانءِ. پھريائين ٻاڪرو توري وٺان. پڃل ڀلي ڊوڙ پڄائي موٽي اچي تہ احوال وٺونس ٿا.“
سيٺ ھاشم کليو؛ پروءَ ور ڪري پيلا ڏند ڪڍيا ۽ ھاشم ڪنڌ ڌوڻي اوطاق ۾ ويو، جت تور اڌو گابري پئي ھيس. ھن کلون ور ڪري ويڙھيون. ڳنڍ ڏئي ھڙ ڪري ٻڌائين، پوءِ ڪانٽي جي ھڪ ۾ ھڙ اٽڪايائين. ھڪ ڇڪجي ھيٺ ھليو ۽ ڳپل تور ڏيکاريائين. سيٺ ھاشم ٽڙي پيو. ھن ھڙ ڇڪي ڪانٽي جي ڪڙي مان ڪڍي ھيٺ اڇلي، ان سان گڏ پروءَ اچي ٻي ھڙ سامھون اڇلايس ۽ پاڻ تڪڙو وري کلن واري ڪوٺيءَ ڏانھن ھليو ويو. سيٺ ھاشم جيئن سٽ ڏئي نئڙيو ۽ نئين ھڙ کي کولڻ لڳو بنھہ ڄمي ويو. ھڪ سور جي ٽاٽ ھئي، جا ڪنڌ کان ھلي پٺيءَ جو ڪنڊو ٽپي چيلھ وٽ اچي بيھي رھي. ھو جيئن نوڙيو تہ سڌو نہ پئي ٿي سگهيو، ڪجهہ سڌو ٿيو تہ سڄو پگهرجي ويو. نراڙ تي پگهر جون بوندون چمڪڻ لڳيون ھيس، ائين پڃل سھڪندو اوطاق جي اڱڻ ۾ داخل ٿيو. آواز نہ پيو نڪريس، پر ٽڙيو پئي.
”سيٺ واھہ واھہ ٿي وئي، ڏس نوبنو پيو لڳان ۽ ھي ڏس. . . “
محمد پڃل، جيڪو اڳ ۾ شيخ ٿيو پيو ھو، سو آرام سان نئڙيو وري سڌو پئي ٿيو، وري نئڙي وري سڌو پئي ٿيو؛ ڄڻ چاٻي اچي وئي ھجيس. ائين سندس نظر سيٺ ھاشم جي بيھڪ تي پئي. ھو پاڻ بہ ڄمي بيھي رھيو. ھو انھيءَ پوز کي ڏسي رھيو ھو، جيڪو اڳ ڪڏھن نہ ڏٺو ھئائين. ھو ڇرڪندو اڳتي وڌيو، ھٿ لاتائينس، سيٺ ھاشم شيخ ٿيو بيٺو ھو. ھن ھھڙي زبردست بي رحم ماڻھوءَ کي بيوس ۽ لاچار ڏٺو تہ حيرت ٿيس. ھيءُ سيٺ تہ اھو سيٺ ھو، جو مزورن لاءِ موت ھو ۽ سندن مزوري ائين ڳھي ويندو ھو جو ھو ڪجهہ ڪڇي نہ سگهندا ھئا. اڄ ھو لاچار بيٺو ھو، نہ چري نہ پري. سندس ڌڪيل سنوان ڪونہ ٿيا ھيا. غريب غربي جو پويون ڏينھن ھو. اڄ ڪو قدرت وٺ ڪيو ھوس.
محمد پڃل کلڻ تي ھو پر نہ کليو. مزور ماڻھو، سيٺ ھاشم وٽ بہ ڪي سال ڪمائي ويو ھو. اڳيان موچڙا بہ پئي سجهيس. ھو ڪا گهڙي سوچيندو رھيو. پوءِ يڪدم رڙ ڪيائين، ”اڙي پرو! وارو ڪر سيٺ وٺجي ويو آھي، اڙي وارو ڪر.“
ائين چئي ڊوڙ پائي اندران انگوڇو کڻي آيو ۽ ائين وٽڻ لڳو، جيئن پرو وٽيندو ھو، ھڪ ڇيڙو وات ۾ جهلي، وٽي نوڙي وانگر تيار ڪيائين، ائين پرو مال واريءَ جاءِ مان جتي کلن واري ڪوٺي ھئي، ڊوڙندو نڪتو. جيئن سيٺ جو اسٽل پوز ڏٺائين تہ الائجي ڇو سندس پيلا ڏند نڪري آيا ۽ ٽھڪ ڏيڻ تي ھو جو پڃل اچي آھستي چيس: ”ڀيڻان نہ کلجانءِ، بي موت مارجي ويندين. سيٺ فوٽو ڪونہ پيو ڪڍائي، چڪ پئي اٿس چڪ!“
پروءَ جا پيلا ڏند لڪي ويا. ھو وڌي ويجهو اچي بيٺو. سيٺ ڪڇي ڪونہ پيو سگهي. ھاڻ تہ زبان بيھي وئي ھيس. سڄو بت ڪمان مثل ڇڪجي ويو ھوس. نہ چري پيو، نہ ڳالھائي پيو. سندس اکيون ڦريون پئي. ھو ائين ڄميو بيٺو ھو، ڄڻ سياري جو سٽيل ھجي ۽ ڄمي پارو ٿي ويو ھجي.
پرو تہ ھراسجي ويو، پر پڃل حرڪت ۾ ھو. ھن مر چڙھيل شيشي مان تيل جي لپ ڀري سيٺ جي چيلھ تي ملي. پوءِ مالش جو ھٿ ھڻڻ لڳو. ھاڻ سيٺ ڪنڌ ڌوڻڻ لڳو. ھڪ ٻانھن چورڻ لڳو. اشاري سان منع ڪيائين. پر پڃل ھڪ ڪاريگر وانگر ٻہ ٽي اھڙا مھٽا چاڙھيس جو سيٺ جو ڪنجهڻ بہ بند ٿي ويو ۽ ٿڌو ٿيڻ لڳو. پڃل وٽ ڏئي وٽيل سٽيل انگوڇو چيلھ کي سندري وانگر ٻڌي، پروءَ کي اشارو ڪيو تہ اچي ٻئي پاسي کان وٺيس ۽ ڇڪيس، پر پرو پري بيھي رھيو. پوءِ ڪنڌ سان اشارو ڪيائين تہ ائين نہ ڪري.
”پرو، وارو ڪر نہ تہ سيٺ ويو پيو اٿئي، جلدي ڪر ھمراھي ڪراءِ.“
پرو ڪا گهڙي سوچيو، پوءِ وڌيو. سيٺ وري ڪنڌ ڌوڻيو. گهڻي ھون ھون ڪئي. پرو ڇرڪيو پر پڃل ٻانھن کان وٺي قابو ڪيس ۽ انگوڇي جي ھڪ ڪنڊ ڏنائينس ۽ پاڻ ٻئي پاسي ڇڪڻ لڳو. آھستي آھستي ڇڪڻ لڳا، پر سيٺ نہ ڪو جهڪي نہ ڪو ڇا. پڃل تڪڙ ۾ چوڻ شروع ڪيو:
”چڪ ڀڃانءِ سيٺ؟ چڪ ڀڃانءِ چئھ سيٺ چڪ ڀڃانءِ؟“
ھوڏانھن ڪو بہ ڦوٽ ٻوڏ جو اھڃاڻ بہ ڪونہ ھو. پڃل سٽ ۽ زور ڏئي کيس نئڙايو پر سيٺ انھي سٽ سان ٻوٿ ڀر وڃي کلن ۾ ڪريو. پڃل تہ انگوڇو ڇڏيو، پر پرو ٽپ ڏئي وڃي پري بيٺو ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو.
”الاڙي بابا ڙي! سيٺ مري ويو – اڙي سيٺ مري ويو – اڌ رنگي ۾ مري ويو – پڃل! سيٺ اڌ رنگي ۾ مري ويو اٿئي اڌ رنگي ۾. چڪ ڪانھي اڙي! چڪ ڪانھي!“ پوءِ ھو رڙيون ڪندو اوطاق کان ٻاھر نڪتو ۽ گهل گهوڙا ڪندو سيٺ جي گهر ڏانھن ڀڳو.
پڃل ھاڻ ھراسجي ويو ھو. سڄي حڪمت ۽ چڪ ڪڍڻ وارو شوق ھوا ٿي ويو ھوس. ھو آھستي وڌيو ۽ سيٺ کي ڪنڌ کان وٺي مٿي کڻڻ جي ڪيائين.
ھو کيس سنئون ڪري نہ سگهيو. ھو ڪا دير کڻڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو ۽ انھيءَ ويڙھ سيڙھ ۾ سيٺ تہ کلن ۾ جھڙوڪر ويڙھبو ويو. ھن آخري ڪوشش ڪئي. ھو کيس فرش کان ڪا دير مٿي جهلي بيٺو. ھاڻ تہ سيٺ جي چھري تي زندگيءَ جو واقعي ڪو اھڃاڻ نہ ھو. ھن سيٺ کي جيئن واپس فرش تي ڇڏيو تہ سندس نظر ململ جي چولي ۾ پيل انھيءَ سوا رپئي تي پئي، جيڪو ھن صبح جو بکئي پيٽ ٻچن کي نہ کارائي بہ سيٺ جو ڏن ڀريو ھو.
سيٺ جيئن واپس ٻوٿ ڀر ڪريو تہ ھن بہ ھٿ وجهي ململ جي چولي مان سوا رپيو ڪڍي ورتو. ھن ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو. اڃا اوطاق ۾ ڪير نہ پھتو ھو. ھن جيئن سوا رپيو کيسي ۾ رکيو تہ سندس ھٿ ڏڪيا پئي ۽ سندس پيشاني ايستائين پگهرجي بہ وئي ھئي. ھو پوءِ تڪڙو اوطاق جي ٻاھرين در تائين پھتو ۽ ور ڪري پٺيان نھاريائين. سيٺ ائين کلن ۾ ويڙھيو پيو ھو. پڃل کي ان ويلي ھن ئي اوطاق تي ڳالھيرن جي کنيل انھيءَ بادشاھ جي ڳالھہ ياد آئي، جيڪو ظالم ۽ ڏوھاري ماڻھوءَ کي جيئري ئي کلن ۾ ويڙھائي ڇڏيندو ھو. ھاڻ ھو جيئن واپس وريو تہ سندس وک شاھاڻي ھئي.
*

وڏو ماڻھو

ماضيءَ جي گم ٿيل رستن کي ڳولڻ جي ڪندي ھن کي شام ٿي ويئي. سندس پيءُ گذرئي ڪي گهڻا ڏينھن ڪونہ ٿيا ھئا. پھريائين تہ سندس گهر ماين جا ميڙ ۽ اوطاق تي ماڻھن جي اچ وڃ ھئي. آھستي آھستي ھرڪو ٽڙي پکڙي ويو. اِئين لڳو، ڄڻ ڪو ميلو ھو ۽ ھر ڪو ويکڻ آيو ھو ۽ ھاڻ تہ ميلي جي موٽ وارا ڏينھن بہ ماضيءَ جي دز بڻبا پئي ويا. ھو نہ نوڪريءَ تي وڃي پئي سگهيو، نہ وري ھن جي دل پي لڳي. ھو اٻاڻڪو اوطاق تي ويٺو ھوندو ھو ڪڏھن ڪڏھن اباڻي ٻنيءَ جو ڪو ھاري يا پري جا رھيل مٽ مائٽ، سڃاڻو يا دوست تعزيت لاءِ گهڙيءَ لاءِ ڦرڪو ڦيرائيندا ھيا، نہ تہ ھو واڻ جي وڏي کٽ تي پاسا ورائيندي بيحال ٿيو پيو ھوندو ھو. سندس ڀرسان پيل ڪتابن ۾ بہ سندس دل نہ لڳندي ھئي. ھو ھر ھر ائين چاھيندو ھو تہ ھو ھاڻ ھتان ھليو وڃي، پر سندس ماءُ، عزيزن جو حڪم ھيو تہ چاليھو ڪري پوءِ يڪو نڪري. ھن وچ ۾ ڪوشش ڪئي تہ ھو ڪجهہ ڏينھن لاءِ شھر وڃي نوڪريءَ ۽ ٻين گهرجن جي پورائي لاءِ ڪجهہ ڪري اچي، پر ڪڏھن جماڻو تہ ڪڏھن مائٽن جي اچ وڃ، سندس وڃڻ ھٽبو ويو. ھاڻ ذري گهٽ اچي مھينو پئي ٿيو.
ھو جيتوڻيڪ وساميل پيو ھو، پر ھميشہ وانگر ڪجهہ وقت ماضيءَ جي رستن تي ڀٽڪڻ لاءِ نڪري ويو. سندس ذھن انھيءَ رستي تي ھليو ويو، جت کيس پيءُ ھٿ کان وٺي ھلڻ سيکايو ھو. پيءُ کي ياد ڪرڻ جي بھاني ان ڳالھہ کي ضرور ياد ڪندو ھو تہ کيس وڏي ماڻھو ٿيڻ لاءِ محنت ڪرڻ سان گڏ ڪنھن بہ نموني سان وڏو ماڻھو ٿيڻو آھي. ھو پيءُ جي وڏ ماڻھائپ ڏسي سڌون ڪندو ھو. پيءُ جي آفيسري جو دور ھجي يا سندس رٽائر ٿيڻ کان پوءِ زمينداري جي دور ۾ جيڪي ڏسندو ھو، اھو کيس ناممڪن لڳندو ھو. ھو سمجهي نہ سگهندو ھو تہ ھو ھن گپا گيھہ ۽ مقابلي جي دور ۾ بي.اي جي ڊگريءَ سان ڇا ڪندو. پڻس جي اثر رسوخ سان ڇڪي تاڻي ھاءِ اسڪول جي ماستريءَ جي جيڪا نوڪري کيس ملي ھئي؛ ان جو پگهار ۽ الائونس کڻي جڏھن گهر ويندو ھو تہ ھڪ سٽ سان زال سڀ ڪجهہ کڻي ويندي ھيس. ھو ڪڏھن ٽيوشن ڪندو ھو، ڪڏھن پڻس ڪجهہ ڏئي ويندو ھوس مڙئي گذر ٿي ويندو ھون. پر ھن سک جو ساھ ڪڏھن بہ نہ کنيو. ايم.اي ۽ ايل. ايل. بي جي امتحان سان بہ وچڙندو آيو پر اڃا ڪاميابيءَ کان پري ھو. ھر ھر ويلي اِھا ڳالھہ سمجهڻ جي ڪندو ھو تہ ھو ڪند ذھن آھي يا نصيب جو ماريل. ھر ڪوشش موٽ کائي ٻہ وکون پوئتي ڪري ڇڏيندي ھيس، جيڪي سندس ڪلھي اچي لڳا ھئا، خاص ڪري وڏو پٽ انور.
سندس شھري زندگيءَ سان چاھہ ھاڻ ڳچيءَ ۾ پيو ھوس. ھو گهر جي ڪري يا ٻار پڙھائي يا پنھنجي بقا جي جڌ لڙي. پنھنجي پيءُ جي تڏي تي ويھي. ھن ڪجهہ ڏينھن وڏا ٿڌا ساھ کنيا. ھر ويلي، چڱو چوکو کائي، ماءُ کي آٿت ڏيندو ھو ۽ گهر واري ۽ ٻچن ڏي نھاريندو ھو، جن جي منھن تي بہ رونق آئي پئي. پر ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ جڏھن کيس خبر پئي تہ ھاڻ انھيءَ گهر کي بہ کيس ئي ھلائڻو آھي ۽ پڻس بئنڪ ۾ جھڙوڪ ڪجهہ بہ نہ، صرف پينشن ۽ ٻنيءَ جو ٽڪر ڇڏي ويو ھو، جنھن تي پڻ قرض ھو. ھو ڪيئن ٺٺ ٺانگر رکيو ويٺو ھو، ان جي کيس سمڪ ڪانہ ٿي پئي. ھو جيئن جيئن ڏينھن گهاريندو ويو، واڻ واري کٽ سندس اگهاڙن پٺن تي نشان ڪندي وئي. ھو گرمي ۾ پگهر ڳاڙيندي، ڪڏھن وڃڻو ھڻي ھيانءُ ٺاريندو ھو، يا وڃڻي سان پٺي کنھندو ھو.
ان ڏينھن ھو گهڻو وقت ماضيءَ جي رستي تي ڀٽڪيو، پر کيس ڪي بہ اھڃاڻ نہ مليا، جن سان سندس مسئلا حل ٿين. ھن مھل تائين تہ گهر جو خرچ جيڪي ڪجهہ ماءُ وٽ پاڇي ھو يا ماڻھن پھت ڪري ڏنو ھو. ان مان پئي ھليو، مٿان چاليھو ھو ۽ ختمي جي مانيءَ جو بندوبست جھڙي تھڙي ڳالھہ نہ ھئي. ماني بہ ڀري ڪرڻي ھئي، ڇو تہ پڻس تر جو چڱو مڙس ۽ وڏو ماڻھو ھو.
ھاڻ ھو جڏھن بہ اڪيلو ٿيندو ھو تہ اھو سوچيندو ھو تہ ھو ڪيئن وڏو ماڻھو بڻجي، پر پنھنجي پيءُ کان وڏو ماڻھو، جيڪو پئسي ۾ بنھہ وڏو نہ ھو. ھو ڪڏھن ناڪاميءَ جي انديشن ۾ ٻڏل، ڪڏھن اميد جي ڪرڻن سان روشن پل پيو گهاريندو ھو ۽ من ئي من ۾ واريءَ جا گهر ٺاھي ڊاھيندو ھو.
ھيءَ شام تہ کيس ڏاڍي ڌمڪيل ۽ اجهاميل لڳي. ھو جيئن تيئن ڪري اٿيو. پاڻيءَ لاءِ پيءُ جي جهونڙي نوڪر گلوءَ کي سڏ ڪيائين، پر کيس سڏ نہ مليو. ھو پاڻ اٿيو، پاڻي پيتائين، پوءِ سڌو گهر ڏي رخ ڪيائين. ماڻس فرش تي ليٽي پئي ھئي. سندس زال ۽ ٻار انھيءَ فرش تي ويٺا ھئا، سواءِ سندس وڏي پٽ انور جي.
گهر ۾ ڪو بہ مٽ مائٽ نظر نہ آيو. ھو ماءُ جي پيرن کان ويھي کيس زور ڏيڻ لڳو. ھوءَ اٿي ويٺي.
”اڃا مقام تي نہ ويو آھين. ٽپھري بہ اچي لڙي آھي. شام پئي ٿئي، پنڌ پري آھي. جي وڃڻو اٿئي تہ جلد ٿي اچ. منھنجي راڻل کي سلام چئجانءِ، جيڪو ھاڻ مڻين مٽيءَ ھيٺ ائين ڇڏي آيا آھيو.“ ماڻس روئي ويٺي.
ھو بہ اداس ٿي ويو. ھو اٿيو، زال کي سڏ ڪيائين، ۽ پاسي تي وٺي وڃي چيائينس:
”ڪجهہ پئسا اٿئي، سگريٽ بہ کپي ويا آھن.“
”مون وٽ تہ ڪجهہ بہ نہ آھي، چئين تہ امان کان وٺي ڏيانءِ.“
”نہ نہ، ڀلا انور ڪاٿي آھي سونجهڙو آھي، متان ڪجهہ پيسا ھجنس.“
ائين انور سندس وڏو پٽ اندر گهڙيو. مرڪي پيءُ ڏي ڏٺائين، پوءِ کيسي مان سگريٽ ڪڍي کيس ڏنائين.
”مان مامي جي دوڪان تان کنيو آيو ھيم. اوطاق تي ويم تہ ڪڙو ڏنو پيو ھيو“
”ڀلا مان بہ ھلانو مقام تي؟“
”نہ، بابا. ٿڪجي پوندين. مان بس اچان ٿو.“
ھن گهر کان ٻاھر نڪري سگريٽ دکايو. مرڪي ويٺو. انور سندس وڏو پٽ ھو. اڃا مئٽرڪ مس پاس ڪئي ھئائين ۽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي ھئائين جو ھو ھيڏانھن قضيي تي ھليا آيا. پر الائجي ڇو ھو کيس تمام وڏو سمجهندو ھو. سياڻو، ڏاھو ۽ اميد ھيس تہ ھو وڏو ماڻھو بڻبو، ڏاڏي کان بہ وڏو. پاڻ تہ ڪجهہ بہ نہ ھو.
سوچيندو، ڳوٺ لتاڙيندو ڳوٺ جي ٻاھران وھندڙ وڏي واھہ وٽ جڏھن پھتو تہ کيس ٿڌڪار جو احساس ٿيو. ھن گرمي ۾ واھہ ۾ وھندڙ گجي ڪندڙ پاڻي جو ٿڌڪار ھٻڪار ڪندڙ ھو. ھو تيز تيز واھہ جي مٿان ٺھيل پل ۽ ريگيوليٽر تي پھتو تہ پاڻيءَ جي گوڙ واري آواز ۽ ڇولين کيس بيھاري ڇڏيو. ھو ڪا گهڙي تہ ڇولين جي مستي ۽ پاڻيءَ جي وھڪري کي ڏسندو رھيو، جيڪو اڳتي وڃي، ويندڙ واٽ وانگر ماٺو ٿي ڪنھن پنڌ پرانھين جو ڏس ڏيندو رھندو پئي ويو. ھو پاڻيءَ جي انھيءَ ٺھندڙ رستي کي ڏسي مرڪي ويٺو ۽ پوءِ اڳتي ويندڙ رستي ڏي ڏٺائين، جيڪو مقام تائين کيس نيندو ھيو. ھو ڪا گهڙي انھي رستي کي بہ ڏسندو رھيو ۽ پوءِ سامھون پري کان پيءَ جي تازي ٺھيل قبر ڏسي کيس ڪجهہ ياد آيو. ھو تڪڙو پل ٽپي واھہ سان ٿورو اڳتي لھوارو ھليو، جتي وڃي پاڻي ماٺار ڪري واٽ وٺيو پئي ويو. ھن کي ڪي ھمراھ ڳوٺائي مليا، جيڪي وضو ڪري مقام تي پئي ويا ۽ ڪي وري مقام تان پئي موٽيا. شفن وڏيري تہ رڙ ڪري چيس:
”ابا، دير ٿي ٿئي، جلدي اچ. نما شام جو مقام تي تہ نہ وڃبو.“
ھو تڪڙو تڪڙو وڃي واھہ جي ڪناري تي ويٺو ۽ جهڪي جلدي جلدي وضو ڪرڻ لڳو. ھو جيئن جيئن جلدي ڪندو ويو، تيئن کيس محسوس ٿيو تہ ھو انھيءَ گپ ۾ ويھندو پيو وڃي ۽ گهڙيءَ کان پوءِ ھو سڄو پاڻيءَ ۾ ھو. الائجي ڇو کانئس ڪا بہ دانھن نہ نڪتي، نہ ھن پريان ويندڙ ڳوٺائين يا شفن وڏيري کي سڏ ڪيو تہ مان پاڻيءَ ۾ ڪري پيو آھيان ۽ اچي مون کي ٻاھر ڪڍو. ھن سمجهيو تہ کاڌل ڪناري جي ڪرندڙ ڀڪ سان گڏ ھو ھيٺ ھليو ويو آھي. ھن کي ھيءُ ٿڌڪار وڻيو پئي. ھو ڪناري وٽ اڌ کان مٿي ٻڏل بيٺو ھو. ھن سامھون وھندڙ وھڪرو ويندڙ واٽ وانگر ڏٺو. ھو تارون ھو. ھو ھن وھڪري ڏانھن وڌيو. ھن کي خيال آيو تہ ڀِڳو ھو تہ سڄو ڀڄي ۽ گپ لاھي نڪري. ھو جيئن ان واٽ تي ويو تہ وھڪري پير ڪڍي وڌس. ھيءُ نہ حياتيءَ جو وھڪرو ھو، نہ وري خيالي وھڪرو ۽ نہ ڪو ماضي جو ٺڳيندڙ وھڪرو ھو. ھو انھيءَ وھڪري ۾ ئي ھڪ سٽ سان وھي ويو. ان ۾ ھن وھندي ھڪ جهلڪ ماڻھن، قبرستان ۽ آخر ۾ پيءُ جي قبر جي ڏٺي. ھو ھميشہ جيان ڪنھن کي بہ نہ سڏي سگهيو. ھو ائين وھي ويو جيئن ڄڻ تہ پاڻ بہ ھڪ پاڻي ھو، جو پاڻيءَ ۾ سمائجي ويو.
ھاڻ ھن جي لاءِ اھو ئي قبرستان ھو، اھو ئي واھہ جو ڪنارو ۽ اھو ئي ماضي ۽ ماضيءَ جا رستا، پر ھو ھاڻي مڻين مٽيءَ ھيٺ ھو، پنھنجي پيءُ جھڙي قبر اندر.
ھن جي قبر تي سندس پٽ انور صرف ٽي ڏينھن آيو ۽ ٽئين ڏينھن ھن قبر اندران بہ ڏٺو ۽ ٻڌو. ھو قبر وٽ ويھي ڏاڍي کڙائيءَ سان چئي رھيو ھو؛
”بابا، مون کي واقعي وڏو ماڻھو ٿيڻو آھي، ان ڪري مون وٽ وقت نہ آھي. مان وڃان پيو، نہ مان اوطاق تي واڻ واري کٽ تي پٺا اگهاڙا ڪري وھندس، نہ ڪنھن آسري يا اميد جا ويچار ڪندس، منھنجي منزل پري آھي. مان جڏھن وڏو ماڻھو ٿي ويندس تہ عيد براد تي تو وٽ ضرور ايندس. ھاڻ مون وٽ وقت نہ آھي، مان وڃان ٿو، منھنجي منزل پري آھي.“
ھو قبر مان کيس ڪو بہ جواب ڏئي نہ سگهيو ۽ پوءِ ھن ھميشہ لاءِ اکيون ٻوٽيون؛ دل جا دروازا بند ڪيا، ماضيءَ جي گم ٿيل رستن کي ھميشہ لاءِ وڃائي پاڻ ھڪ ماضيءَ جي رستي جي دز بڻجي ڌوڙ ۾ گڏجي ويو.

مٺوءَ جي ڪھاڻي

مٺو چيچٽن جي آواز تي ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ ٽپ ڏئي کٽ تان لٿو، سڌو ڪوٺي جي پلئوڙي واريءَ ڀت وٽ وڃي بيٺو. ھن ڀت ڏانھن نھاريو. مايوس ٿي موٽڻ جي ڪئي، ڇاڪاڻ تہ ڀت کانئس گهڻو مٿي ھئي. ائين ٻن مضبوط ھٿن کيس مٿي کنيو ۽ ڀت تي جهلي بيھاريائينس.
”بابا، ھي ڇا آھن؟“
”پٽ، اھي ڍڳي گاڏيون آھن.“
”پر، بابا، اسان واري ڳوٺ تہ اھي ڪونہ ھيون،“
”پٽ، ھن پاسي ڍڳي گاڏيون ٿينديون آھن.“
”بابا، گهوڙي گاڏيون بہ تہ ٿينديون آھن؟“
”ھا پٽ، ٿينديون آھن، پر ھت نہ ٿينديون آھن.“
”ڇو؟“
”ھت ڪچا رستا ۽ وارياسو علائقو آھي، ڍڳو ئي ھن بار کي ڍوئي سگهي ٿو.“
”بابا، ماڻھوءَ گاڏي بہ ھوندي آھي؟“
”ھا پٽ، پر شھر ۾.“
ڪا گهڙي مٺو گاڏين جو قافلو ڏسندو رھيو ۽ پوءِ پڻس کيس ڪوٺي جي پلئوڙي وٽان ھيٺ لاٿو. ھو ٽپ ڏئي ھيٺ لٿو.
اڃا ھو بيٺو ئي مس تہ زور سان گهنڊ وڄڻ لڳو. ھو وائڙن وانگر چوڌاري نھارڻ لڳو. پوءِ ھو ڊوڙي ڪوٺي جي ٻي ڪنڊ تائين ويو ۽ پلئوڙي جي ڀت ۾ ٺھيل ٽونگن مان ٻاھر نھارڻ لڳو. کيس گهڻو ڪجهہ نظر نہ آيو. ھن پٺتي پيءُ ڏي نھاريو. پڻس کلي چيو، مٺو، اھو اسڪول جو گهنڊ آھي.“
”بابا، اھو اسڪول ڇا ٿيندو آھي؟“ ائين نوڪر اچي پاسي ۾ بيٺو.
”ڇا ھي، گلو!؟“
”سائين، استاد ڇاڱومل آيو آھي.“
” واھہ واھہ! سڏ ڪرينس. مٺو! تنھنجو ماستر اچي ويو آھي. ھاڻي اھو ئي سڀ ڪجهہ توکي سمجهائيندو تہ اسڪول ڇا ٿيندو آھي.“
”پر بابا، ماستر ڇا ٿيندو آ؟“
”ماستر اسڪول ۾ پڙھائيندو آھي.“
”پر بابا، اسڪول ڇا ٿيندو آ؟“
سائين استاد ڇاڱي مل منھن ڪڍيو ۽ ھو ھٿ ٻڌي بيھي رھيو.
”سائين نياز ٿئي.“
”استاد، ھاڻي ڳالھہ ٻڌ، ھيءُ ڇوڪرو منھنجو مٿو کائي ويو آھي. پاڻ سان وٺي وڃينس ۽ سڀ ڪجهہ سمجهائينس. توکي تہ خبر آھي تہ اسان جهنگ جا ويٺل آھيون. نوڪري سانگي ٻاھر نڪتو آھيان تہ اولاد کي بہ تعليم ڏيارڻ ضروري سمجهان ٿو...“
”سائين، توھان خيال نہ ڪيو. اوھان اڳ بہ ڳالھہ ڪڍي ھئي. نينگر آيو آھي تہ اکين تي. توھان ڀلي آفيس لاءِ تيار ٿيو. مان ڪڪي کي شنان پاڻي ڪرائي وٺي ٿو وڃان.“
”پر توھان کي اسڪول لاءِ دير ٿيندي ھوندي.“
”مان ديوان ھاسارام ھيڊ ماستر کي چئي آيو ھيس تہ مختيارڪار صاحب گهرايو آھي، سو فڪر جي ڳالھہ نہ آھي.“
خانصاحب محمد علي خان ويٺل تہ ھڪ ننڍڙي ڳوٺ جو ھو، پر پڙھي پيو ۽ اچي ڪلارڪي مان چڙھي مختيارڪار ٿيو. ورھاڱو مس ٿيو تہ ھمراھ کي ڳڙھي خيري ۾ مختيارڪار رکيائون. سندس گهر ۾ پڙھيل ڳڙھيل زائفان تہ ھئي ڪانھ، نہ ڪي سندس ڳوٺ ۾ ڪو اسڪول ھو. پاڻ بہ ڳوٺ کان پنج ميل پري اسڪول ۾ پڙھيو ھو. تڏھن تہ سندس پيءُ حيات ھو. ھاڻ سندس اولاد کي ڪير سنڀاري ۽ پڙھائي، سو پنھنجي پٽ کي وٺي اچي ڳڙھيءَ جي استاد ڇاڱي مل جي حوالي ڪيائين. استاد بڻيادي ديوان ھو. سندس وڏا واپاري ھيا، پر ھيءُ ھمراھ تعليم کاتي ۾ اچي گهڙيو. مشھور تہ اھو ھو تہ استاد ڇاڱي مل جو پڙھيل ھميشہ ڪڙھيل ئي نڪتو. سندس شاگرد وڏين ڪرسين تي ھيا. خان صاحب محمد علي خان پر ۾ پڇائون ڪري کيس نينگر حوالي ڪيو ھو.
استاد جيئن نينگر کي وٺي ھيٺ لٿو تہ نوڪر ڦري آيس. ”ديوان، مٺوءَ کي تيار ڪري وٺان؟“
”تون ڪير ٿيندو آھين؟ مٺو پٽ اڄ کان وٺي منھنجو پٽ آھي، کيس مان تيار ڪندس.“
مٺو اکيون ڇنڀيندو ٻنھي کي نھاريندو رھيو. پوءِ ديوان کيس ڇنڊيو ڦوڪيو، سنواريو، سرما تيل ڦليل ڪرائي، اڇا ڪپڙا اوڍائي، گهر کان ٻاھر وٺي آيو.
ڳڙھي جو شھر وڏو تہ ڪونہ ھو، پر ننڍڙي مٺوءَ لاءِ سڀ ڪجهہ ھو.
سامھون سارين ڇڙڻ جو ڪارخانو ھو. ڏاند گاڏيون بيٺيون ھيون. ماڻھن جا ميڙ ھيا. ھن حيرت وچان ڪن کي پلال ڍوئيندو، ڪن کي ڳوڻيون چاڙھيندو ڏٺو تہ پڇي ويٺو:
”سائين، ھيءُ ڪير آھن؟“
”ھي پورھيت آھن بابلا، پورھيت.“
”پورھيت ڇا ٿيندو آھي؟“
”پورھيت ھٿ جو پورھيو ڪندو آھي. ھي ھٿ جي پورھيي سان ان اپائين ٿا.“
”مامي غلام وانگي.“
”ھا پٽ، ڪي ڪڙمي، ڪي ڪاسبي. ھٿ جي پورھيي سان ٿانو ٺاھين تہ ڪنڀر، ڪپڙو اڻن تہ ڪوري، ڪاٺ جو ڪم ڪن تہ واڍا.“
”اسان وٽ ڳوٺ ۾ بہ ولو ڪنڀر ۽ علڻ واڍو آھي.“
”ھا من، ھر ڳوٺ، ھر شھر ۾ ڪڙمي بہ آھن تہ ڪاسبي بہ، سندن ھٿ جو پورھيو سون آھي. اسين جيڪي کائون ٿا، پھريون ٿا، ڌڻي ڏئي ٿو ۽ ان ئي ھن پورھيت کي بڻايو ۽ ھنر ڏنو آھي تہ ھو سڄي انسان ذات جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري.“
مٺوءَ ڪجهہ سمجهيو، ڪجهہ نہ. ھو ھر شيءَ کي عجيب نظرن سان ڏسندو اسڪول پھتو. استاد ڇاڱو مل سڌو کيس ديوان ھاسارام ھيڊ ماستر وٽ وٺي ويو، جنھن کلي کيڪاريس تہ ھن استاد کان يڪدم پڇيو:
”سائين، ھي ڪير آھي؟“
”ھيءُ ھيڊ ماستر صاحب آھي.“
”اھو ڇا ٿيندو آھي؟“
”اھو وڏو ماستر ھوندو آھي.“
”اھو وري ڇا ھوندو آھي؟،
ھاسارام کلي ويٺو. ڇاڱو مل يڪدم کيس آفيس کان ٻاھر وٺي آيو. مٺو اسڪول جي عمارت ۽ ڪلاسن کي ڏسندو تڪيندو توريندو سوال پڇندو ڪلاس ۾ پھتو. استاد ڇاڱي مل ڪٻٽ مان پٽي، ڪلڪ ۽ مس ڪڍي، پوءِ پٽيءَ تي ليڪا ڪڍي اِنڊا ڀرڻ لاءِ ڏنا. مٺو تہ قلم جهلي نہ پيو سگهي. استاد ھٿ کان وٺي کيس لکڻ جي مشق ڪرائيندو رھيو تہ ٻين ٻارن جي سار سنڀال بہ ڪندو رھيو. مٺو بہ ڪوشش ڪندو رھيو. مس ھاريائين، ڪلڪ ڀڃي وڌائين، سو سوال پڇيائين. ڪپڙا پوءِ منھن، مس سان ڀريائين. استاد کيس ڏسندو رھيو ۽ مشڪندو رھيو. رسيس ۾ کيس بسڪوٽ ۽ کٽمٺڙا وٺي ڏنائين. ٻين ٻارن سان رانديون ڪرايائين. جڏھن موڪل مھل کيس وٺي گهر آيو ۽ آئينو ڏيکاريائين تہ مٺو کلي ويٺو.
استاد ڇاڱي مل شايد خانصاحب محمد علي جي مھربانين ڪري، يا الائجي کيس نينگر وڻيو ھو، يا وري فرض ڀانيئين جو وري ويٺس کيس ڳيٽيون ٺاھي ماني کارائڻ. خانصاحب محمد علي جيڏي مھل آفيس مان موٽيو تہ مٺوءَ کي ستل ۽ استاد کي ڪرسيءَ تي گهڏندي ڏٺائين. ھو مرڪي وڌي آيو ۽ استاد کي ھوشيار ڪيائين.
”سائين، مٺو ٺيڪ آھي. شام مان وري ايندو مانس ۽ گهمائڻ وٺي ويندومانس.“
”مھرباني، ديوان. تڪليف جي معافي.“
”خان صاحب، مٺو جھڙو اوھان جو ٻچو، تھڙو منھنجو.“
شام جو سج اڃان چڱو بيٺو ھو تہ استاد اچي نڪتو. مٺوءَ ويٺي ٿاڌل پيتي. الائجي ڇا خيال آيس.
”سائين، ٿاڌل پيئو.“
”ھن پنھنجو گلاس ڏانھس وڌايو:
”ھان ھان، جوٺو گلاس، ترس، استاد لاءِ ٻيو گلاس ٿا گهرايون.“
”نہ سائين، مان پيئندس تہ اِن گلاس ۾ ۽ مٺوءَ سان گڏ.“
پڻس ڏٺو تہ ٻنھي گلاس مان سرڪيون ڀريون. مٺو گد گد پئي ٿيو. اوچتو مٺو گلاس رکي پيءُ ڏانھن نھاريو:
”بابا، اسان اڄ پورھيت ڏٺو. بابا پورھيت سٺو ھوندو آھي نہ، مان وڏو ٿي پورھيت بڻبس، پنھنجي ھٿ سان ان اپائيندس، مامي غلام وانگر.“
”ھي وري ڪھڙيون ڳالھيون ٻڌايون اٿئيس. اباڻو پورھيو ڇڏي نوڪري ڪئي اٿئون. محنت ڪري تہ مختيارڪار ٿيو آھيان. وري ھن کي سمجهائين ٿو تہ ڪڙمي ٿئي.“
“نہ سائين، اوھان بہ تہ پورھيت آھيو. مٺو، تنھنجو بابا بہ پورھيت آھي. قلم جو پورھيو ڪندو آھي. ھاڻ ھل تہ قلم جو پورھيو ڪريون ۽ ڪتاب وٺي اچون.“
جيئن ھو بزار ۾ گهڙيا تہ مٺوءَ جا سوال شروع ٿي ويا.
”ھيءُ ڇا آھي؟“
”انگوڇو آھي.“
”انگوڇو ڇا ٿيندو آھي“
”پوتڙو“
”ائين چئہ.“
”ھي ڇا آھي؟“
”ھوٽل.“
”ھوٽل ڇا ٿيندو آھي“
استاد کيس سمجهائيندو اچي ڪتابن جي دوڪان تي پھتو.
ٻاراڻي جو ڪتاب، مس قلم ۽ ٻيون شيون چڪائي کيس وٺي ڏنائين. مٺوءَ جيئن ڪتاب کوليو تہ رڙ ڪيائين:
”سائين، ڍڳو، ڍڳي گاڏي.“
استاد ھاڻ کيس جواب نہ ڏنو. سڌو کيس پنھنجي گهر وٺي آيو.
جيئن گهر ۾ گهڙيا تہ ڏٺائون، ديوان جي گهر واري پئي ڀرت ڀريو ۽ پئي جهونگاريئين. مٺو وڌي وڃي مٿانئس بيٺو. ديوان جي گهر واري ڀرت ڀرڻ ۾ ايڏي ٻڏل ھئي جو کيس خبر نہ پئي تہ ڪير مٿان اچي ويٺو آھي. ھوءَ ڳوڙھا ڳاڙيندي وڃي ۽ چوندي وڃي:
الله ڪارڻ اوٺيا، ڪرھا م ڪاھيو،
جانب، جڏي جيءَ جو آڳانڍو آھيو،
لاڳاپو لاھيو، متان منھنجا سپرين.
مٺو پوئتي ھٽي اچي استاد وٽ بيٺو، جنھن جي اکين ۾ بہ پاڻي ھو. ھو ٻنھي کي تڪيندي پڇي ويٺو:
”سائين، ھيءَ ڪير آھي؟ توھان رئو ڇو ٿا!“
”ھيءَ منھنجي گهر واري آھي، مٺو.“
”ڏس، ھٿ جو پورھيو اِھا بہ ڪري ٿي.“
”پوءِ ھيءَ بہ پورھيت آھي؟“
”ھا، من، ھر ماڻھو پورھيت آھي؛ مان؛ تون؛ اسين سڀ.“
”پوءِ ھيءَ روئي ڇو ٿي؟“
”ھر پورھيت رئندو بہ آھي، مٺو.“
”ڪڙمي ڪاسبي، واڍا، ڪنڀر، سڀ.“
”ھا، من، سڀ. جڏھن بہ ڪنھن کي جهوري لڳندي آھي تہ جهري پوندو آھي ۽ تنھنجي ڪلڪ وانگر ڀڄي پوندو آھي.“
”جهوري ڇا ٿيندي آھي؟“
استاد ڇاڱي مل جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. ھو جواب ڏئي نہ سگهيو. سندس گهر واري کيس ۽ مٺوءَ کي ڪا گهڙي تڪيندي رھي.
”ھي مٺو آھي نہ، جنھن جي تو سوير ڳالھہ ڪئي ھئي؟“
”ھا،“ ڇاڱي مل وراڻيس.
سندس گهر واريءَ کٽ تان اٿي اچي مٺوءَ کي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ مٺيون ڏنائينس، پوءِ کيس کٽ تي ويھاري، چيائينس:
”مٺو، مان ٻڌايانءِ تہ جهوري ڇا ٿيندي آھي؟“
”ھا.“
”مٺو. توکي ماءُ ياد ايندي آھي؟“
”ھا“، ”ھا“ مٺوءَ ورجايو ۽ ھاڻ مٺو روئڻھارڪو ٿي ويو.
”تون کائنس ڌار ٿيو آھين، ھوءَ توکان ڌار ٿي آھي. انھيءَ جدائيءَ تي توکي ڪجهہ ٿئي ٿو من؟“
مٺو روئي ويٺو. استاد ڇاڱو مل ٻہ ورانگهون تڪڙيون ڀري اچي مٺوءَ کي ڀاڪر ۾ ڀريو. ”اھو ڇا ٿي ڪرين. ٻچڙي کي روئاري وڌءِ.“ نہ، مٺو، نہ، ڌڻي توکي جهوري نہ ڏئي. تنھنجي ڏاڏي چري ٿي آھي، آھي نہ چري؟“
مٺوءَ ڳوڙھا جهلي ورتا ھيا. ھو ماٺ ۾ ويٺو رھيو.
”ھاڻ اٿي ٻار کي ڪو ٽوال ٻوال ڏي. ڇڏ اِنھيءَ رودن کي.“
ڏاڏيءَ کي ڄڻ تہ چاٻي اچي وئي. ٽپ ڏئي صندل جي ڪاٺ مان ٺھيل سھڻي ڪٻٽ کي وڃي کوليائين. چرڙاٽ جي آواز تي مٺوءَ اوڏانھن ڏٺو. ڪاٺ تي اڇي عاج جھڙي چٽسالي پسي، ھو اٿي اوڏانھن ويو ۽ مٿس لس ئي لس ھٿ ڦيرڻ لڳو. ڏاڏيءَ کي ٽوال ڪڍڻ وسري ويا. ھوءَ ٻارڙي جو چاھہ ڏسي موھجي وئي.
”مٺو، ھيءُ ڪٻٽ توکي وڻي ٿو؟“
”ھا.“
”ڏس، ھن ۾ آئينو بہ لڳل اٿئي.“
مٺو ھن سھڻي چِٽيل وڏي ڪٻٽ کي ڏسندو رھيو ۽ ھٿڙا ڦيريندو رھيو. دادي ڪنڌ ورائي مڙس ڏانھن ڏٺو، جيڪو آرام ڪرسيءَ تي ويٺو کين تڪي رھيو ھو.
پڻس! ھيءُ ڪٻٽ سرلا جو ھو، ھاڻ مٺوءَ جو ٿيو. ھيءُ اڄ ئي کڻائي مٺوءَ جي گهر پھچراءِ؛ ھاڻ اسان جي ڪھڙي ڪم جو. ھونئن بہ سرلا بہ تہ منھنجو پٽ ئي ھئي.“ دادي وري روئڻھارڪي ٿي وئي.
مٺوءَ داديءَ ڏي ڏٺو، استاد کي ڏٺو ۽ پوءِ ڳيت ڏئي آھستي چيائين:
”سرلا ڪير آھي، دادي؟“
چوڌاري چپ چپات ٿي وئي.
”دادا، سرلا ڪير آھي؟، مٺوءَ جو آواز وري گونجيو.
داديءَ يڪدم ڇرڪ ڀري ڪٻٽ مان شيون ڪڍيون. ھڪ نئين دٻڪي ڇنڊي ڪڍي. ان ۾ گانٺيا، ننڍڙا بسڪوٽ ۽ مٺا ڀڳڙا وڌائين، دٻڪي مٺوءَ آڏو جهليائين، ”مٺو، تون شيءِ کاءُ، جاني.“
مٺوءَ ھٿ ھڻي سندس دٻڪي کي لوڏي وڌو ۽ ھيٺ گانٺيا، بسڪوٽ ۽ کنڊ ڀڳڙا ڦھلجي ويا. مٺو اڳتي وڌي ڪٻٽ وٽ وڃي بيٺو. وچين تختي تي ڪيترا وڳا ويڙھيل رکيا ھئا. ھن آھستي ھڪ وڳو ڇڪيو ۽ اھو وڳو وڏڙي چولي وانگر ڦھلجي ويو. ھو حيران ان چولي کي نھاريندو رھيو، جنھن تي ٽڪ ۽ آر جو ڪم ٿيل ھو.
”ھيءُ سرلا جا آھن؟“
استاد کان ھاڻ رھيو نہ ٿيو.
”مٺو، ڏاھو ٿي. مون وٽ سڀني سوالن جا جواب آھن، پر ھن سوال جو جواب توکي ڇا ڏيان، ڇا ڏيان؟ ھا، اھي ويس وڳا سرلا جا آھن. سرلا کي ھاڻ ٻئي ملڪ موڪليو اٿئون.“
”سرلا کي ڇو موڪليو اٿو؟“
”سرلا وڏي ٿي وئي ھئي مٺو. سرلا وڏي ٿي وئي ھئي. ھت، ھت سندس لاءِ جاءِ نہ ھئي.“
مٺو انھيءَ ئي انداز سان سوال پڇيو، ”مان جي وڏو ٿي وڃان تہ توھان مون کي بہ ٻاھر اماڻي ڇڏيندو، ٻئي ملڪ اماڻي ڇڏيندو؟“
”استاد وٽ ڪو بہ جواب نہ ھو. دادي اوڇنگارون ڏئي پئي رني.
استاد ڇاڱو مل، مٺوءَ جو ھٿ وٺي ٻاھر ھليو. مٺوءَ ويندي، داديءَ ڏي نھاريو، ھن چٽو ٻڌو:
”الله ڪارڻ اوٺيا، ڪرھا م ڪاھيو،
جانبَ جڏي جيءَ جو آڳانڍو آھيو،
لاڳاپا لاھيو، متان منھنجا سپرين.
مٺوءَ کي گهر ڇڏڻ وقت استاد ڇاڱي مل نئڙي مٺي ڏني ۽ اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس. ھو يڪدم ٻاھر ھليو ويو.
مٺو پيءُ وٽ آيو، پر پيءُ وٽ اڱڻ ۾ ماڻھن جا ميڙ ڏسي، ھو ڪوٺي تي چڙھي ويو. ھن کي خبر نہ پئي تہ صبح ڪيڏي مھل ٿيو. ھو کٽ تي پاسا ورائيندو رھيو. نيٺ ھو ھيٺ لھي آيو. استاد اڃا نہ آيو ھو. اوچتو سندس نظر ورانڊي ۾ پيل ڪٻٽ تي پئي. ھو انھيءَ ڪٻٽ کي ڪا گهڙي تڪيندو رھيو. پوءِ ھن ٻاھر ڊوڙ پاتي. نوڪر جو کيس ڊوڙندو ڏٺو سو بہ ڪڍ آيس ۽ ٻنھي استاد ڇاڱي مل جي گهر تي وڃي توڙ ڪيو.
مٺو ٽپڙي کڻي اندر ھليو ويو. اندر ڪير بہ نہ ھو. مٺوءَ آھستي پڪاريو:
”دادا، دادا.“
جواب نہ آيو.
”دادي، دادي.“
جواب نہ آيو. ھو پوءِ ڪوٺين، ورانڊي ۽ اڱڻ ۾ ڦيريون پائيندو رھيو. اتي ڪير بہ نہ ھو. پوءِ ھو روئڻ لڳو. لڙڪ لاڙي ڪجهہ چوڻ جي ڪيائين، کانئس ڪو بہ لفظ نہ نڪتو ھو. ھو آھستي آھستي پوئتي موٽيو ۽ نوڪر جي ھنج ۾ منھن وجهي رئڻ لڳو.
*

خانو چور نہ آھي

خانوءَ آھستي آھستي ڪري ڪرسي ريڙھي ۽ ڪٻٽ سان لڳائي ڇڏي. ٽپ ڏئي ھو ڪرسيءَ تي چڙھيو. ڪٻٽ جو مٿيون تختو اڃا مٿي ھو پر ھن ھٿ سان ھٿوراڙيون ڏنيون. سندس ھٿ سڌو وڃي پيالي کي لڳو. ننڍڙين آڱرين سان ھن پيالي کي ريڙھيو. پيالو اتي ئي اونڌو ٿي پيو ۽ ڇڻ ڇڻ ڪري آنڪيون، ٻيانيون ۽ پائليون اچي ھيٺ پٽ تي پيون. ھو ڇڻڪي تي سڄو ڏڪي ويو ۽ ڪا گهڙي اتي ئي ڄمي بيٺو رھيو. پوءِ جڏھن ڪو ٻيو آواز نہ ٿيو تہ ھن ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو. کيس ڪو بہ نظر نہ آيو. ھو ٽپ ڏيئي ھيٺ لٿو. ھن پٽ تي ٽڙيل پکڙيل ڏوڪڙن جو وڻندڙ لقاءُ ڏٺو. ڪٿي آنڪيون ھيون تہ ڪٿي ٻيانيون تہ ڪٿي پائليون. ھن ھڪ ھڪ ڪري سڀ ڏوڪڙ ميڙيا، ٻئي لپون ڀرجي ويس. ھو ڪرسيءَ جي تختي تي مٺيون کوڙي وري چڙھي ويو ۽ اڀو ٿي بيٺو پر بيوس ڀانئي وري لھي آيو. سڀ ڏوڪڙ پٽ تي رکيائين ۽ ٽپ ڏئي وري ڪرسيءَ تي چڙھي ويو. آڱريون تختي تي ڦيرائيندي ٻيا ڏوڪڙ بہ ھيٺ ڪيرايائين ۽ پوءِ پيالي کي ھڪ ھٿ سان ريڙھي ٻئي ھٿ ۾ کڻي جهپيائينس. ھاڻ پيالو سندس مٺ ۾ ھو. ھن ھيٺ لھي وري ڏوڪڙ ميڙيا ۽ ٻين ڏوڪڙن سان ملائي پيالي ۾ وڌائين. ھو ڌيان سان ڏوڪڙن کي ڏسندو رھيو. ھن ھڪ آنڪي کنئي وري واپس پيالي ۾ وڌائين وري پائلي کنيائين وري پائلي ڇڏي ٻياني کنيائين. ھو چمڪور ٻيانيءَ کي ڏسندو رھيو، جنھن تي انگلنڊ جي بادشاھ جي شڪل ڇاپيل ھئي. ھن پيالو اتي رکيو ۽ ڪمري کان ٻاھر نڪتو. وھنجڻ جي جاءِ مان ڪپڙن جي سٽڻ ڪٽڻ جو آواز آيو پئي. ھو بي اونو ٿي اڱڻ ۾ ڪجهہ ڳولڻ لڳو. پوءِ ھو رڌڻي ۾ گهڙيو ۽ ڪاٺ جي صندلي ۾ يڪدم ھٿ وڌائين ۽ اڇل ڏئي کنيائين. سندس صندليءَ جو پاسو ديڳڙيءَ ۾ پيل ڪيويءَ سان لڳو ۽ ديڳڙيءَ جي ڍڪ وڃي ھيٺ سٽڪو ڪيو. ھو پنڊ پھڻ ٿي ويو. ڪپڙڻ سٽڻ ڪٽڻ جو آواز بيھي ويو. ۽ ماڻس جو آواز آيو؟
”ڪير آ.“
ھن جواب نہ ڏنو ۽ آھستي سان ڍڪ کڻي ديڳڙيءَ مٿان رکيائين. پوءِ لوھ پائي صندليءَ سوڌو ڪمري ۾ گهڙي ويو. ھو ھاڻ سھڪي پيو. ھن وڌي دريءَ مان ٻاھر نھاريو. ماڻس وھنجڻ جاءِ جو در کولي رڌڻي ۾ نھارڻ لڳي. پوءِ ھوءَ ھيڏانھن ھوڏانھن نھاري ڪنڌ کي لاڙي وري وھنجڻ جاءِ ۾ گهڙڻ لڳي. کيس وري خيال آيو ۽ ڪنڌ ڪڍي ٻاھرين در ڏانھن نھاريائين. اھو کيس بند نظر آيو ۽ پوءِ وھنجڻ جاءِ جو در وري بند ٿي ويو ۽ خانوءَ جڏھن ڪپڙن جي سٽڻ ۽ ڪٽڻ جو آواز جاري ٻڌو تہ کيس پيٽ ۾ ساھ پيو ۽ وڃي ساڳي ڪرت سان لڳو. صندلي ڪرسيءَ تي رکي پيالو ھٿ ۾ جهلي جيئن ھو مٿي چڙھيو تہ ڪٻٽ جي ڇت صاف پئي نظر آيس. ھن آرام سان پيالو اتي رکيو ۽ ٽپ ڏيئي ھيٺ لٿو. جيئن ھن صندلي ھٽائي تہ اوچتو سندس ڪن ٻرڻ لڳا:
”خانو چور آھي.“
”خانو چور آھي.“
”خانو چور آھي.“
ھو يڪدم ڀڻڪيو، ”خانو چور نہ آھي، خانو چور نہ آھي.“
ائين چرين وانگر ڀڻڪندي ھو وري ٽپ ڏئي مٿي چڙھيو. ٻياني کيسي مان ڪڍي واپس پيالي ۾ وڌائين. پوءِ ڪرسي پنھنجي جاءِ تي رکيائين. صندلي لوڏيندو رڌڻي ۾ آيو ۽ صندلي ڦٽي ڪري آرام سان اڱڻ لتاڙي در کولي ٻاھر نڪري آيو.
ھو جيئن اسڪول پھتو تہ رسيس ختم ٿي چڪي ھئي. ھو ڊڄندو ڪلاس ۾ گهڙيو. ماستر بورڊ تي حساب لکي رھيو ھو، تہ ھو ماٺ ميٺ ۾ اچي بينچ تي ويھي رھيو. ڇوڪرن جي ڀڻڪي تي ماستر پٺتي نھاريو.
”ڇا جي مستي آھي!“
ھڪ نينگر يڪدم چيو، ”سائين خانو . . . “
”خانوءَ کي ڇا ٿيو آ. ڇا ھي ڙي، خانو؟“
خانو اٿيو ۽ بي اختيار کانئس نڪتو “نہ، سائين خانو چور نہ آھي.“
ماستر وائڙو ٿي ويو. ”اڙي وري ڪا مستي سجهي اٿو؟“
يڪدم لڪڻ کڻي خانوءَ تي الاريائين.
خانوءَ يڪدم چيو، ”سچي سائين خانو چور نہ آھي.“
ڇوڪرن کلڻ ۽ کجڪڻ شروع ڪيو. ماستر لڪڻ سان ميز تي وڏو ٺڪاءُ ڪيو.
”خاموش! ھاڻي جنھن بہ مستي ڪئي تہ بخيا اڊيڙي ڇڏيندومانس.“
پوءِ ھو بورڊ تي حسابن جي جوڙ ڪٽ ۾ غرق ٿي ويو. خانو سڄو وقت ائين ويٺو رھيو، ڄڻ ھو ڪلاس ۾ ھوئي ڪونھ. ڪيڏي مھل گهنڊ وڳو ۽ موڪل ٿي، ڪيڏي مھل ڇوڪرا اٿيا ۽ ڪلاس مان نڪتا، کيس سمڪ ئي نہ رھي. ائين ڪو اچي ڀر ۾ بيٺس ۽ کيس ڌونڌاڙيائين.
”ھل ٻاھر. ھل ڙي، خانو چور!“
ھن ڪنڌ کڻي مٿي نھاريو. پيرو سندس پاسي ۾ بيٺو ھو. خانو کيس ڏسي چيو:
”پيرو! خانو چور نہ آھي. خانو چوري نہ ڪندو.“
”خانو چوري نہ ڪندو تہ ڇا ڪندو. ھلاءِ ٻياني. صبح وعدو ڪيو ھو. آنڪي مان اگه چڙھي ٻيانيءَ تي پھتو آھي.“
”پيرو، مان روز تنھنجي آنڪي ڀري آھي. ھاڻي ٻياني نہ ڀريندس.“
”پوءِ تيار ٿي وڃ پٽ!“
ھن ھڪدم ٻاھر بيٺل ٻن ڇوڪرن کي سڏ ڪيو، ”روشو، گلو، اچو ڀلا.“
خانوءَ ڏٺو تہ اسڪول خالي ٿي چڪو آھي ۽ ٽي شودا سندس دڳ جهلي بيٺا آھن، تنھن ھوندي بہ ھو نہ گهٻرايو.
”اڙي ڪڍ ٻياني.“
”ڪانھي ٻياني. داداگيري آھي ڇا؟“
”داداگيري ئي سمجه. جيئرو نہ بچندين.“ ائين چئي پيروءَ کيس ٺڪاءُ ٺونشو ڪرايو. ھو نٻل ڪمزور نينگر جو اڳي ئي پنھنجي ڪمزور ھجڻ ڪري پيداگيرن جي آنڪي ڀريندو ھو، سو سٽ ڪھڙي جهلي سگهيو پئي.
ھو بينچن مٿان بولاٽيون کائيندو وڃي ڪريو ۽ ھڪ بينچ ۾ لڳل لوھ جو بٽ لوندڙي چيري ويس. ھو آھستي سنئون ٿيو ۽ بينچن مان نڪري ٻاھر آيو ۽ ھاڻ رت ٺينڍيون ڪري پئي وھيس.
”ھاڻ مان ٻياني تہ ڇا آنڪي بہ نہ ڀريندس، پٽ. خانو چور نہ آھي.“
پيرو ۽ سندس شودا ساٿي ھئا تہ جانٺا ۽ متارا پر جو رت ڏٺئون ۽ نٻل نينگر جو ڀوائتو منھن پسي ھو وٺي ڀڳا.
خانو ٿڙندو ٿاٻڙندو رڙيون واڪا ڪندو ”خانو چور نہ آھي پٽ. خانو تہ ٻياني تہ ڇا پر آنڪي بہ نہ ڀريندو“ اسڪول جي ٻاھران نڪتو. سندس ڪلاس جا ڪجهہ نينگر اڃا گيٽ وٽ بيٺل ھيا.
”اڙي نورا، اڙي شمن، علڻ، رحيم، ٻڌو، ڪو بہ ھاڻي پيروءَ ۽ سندس شودن جي آنڪي نہ ڀريندو. ڪو بہ چوري نہ ڪندو. سمجهو ٿا، ڪو بہ شودن جي ٽولي جي آنڪي نہ ڀريندو. ٻڌو ٿا؟“ ھو ائين رڙيون ڪندو ٿڙيو ۽ ڪرڻ تي ھو تہ سڀني کيس سنڀالي ورتو. ھو اڃا وڦلي رھيو ھو.
”ھو ڏسو سامھون وڃي ٿو پيرو ۽ سندس شودن جو ٽولو. نہ ڇڏينداسون ھمٿ ڪيو، وڌو ھمٿ ڪيو.“ نينگرن ھڪٻئي ڏي نھاريو ۽ پوءِ سٽ ڏئي پيروءَ ۽ سندس ٽولي ڏانھن ڀڳا. ويجهو وڃي ھو ھٽڪي بيھي رھيا. ھاڻ شودن جي ٽوليءَ ۾ ٻيا بہ ٻہ ڄڻا ھئا. پيرو ۽ سندس ساٿي کين خونخوار نظرن سان ڏسي رھيا ھئا. پٺيان خانوءَ جو وري آواز آيو:
”آنڪي ڪير نہ ڀريندو وٺون، نہ ڇڏيون.“ ھنن پوئتي خانوءَ ڏي نھاريو جو رت ڳاڙيندو ٿڙندو انھن ڏانھن آيو پئي. کيس رت ڳاڙيندو ڏسي سندن اکين ۾ بہ رت ٽمي آيو. پوءِ ھو طوفان وانگر ڇانئجي ويا. نٻل ڪمزور آنڪي ڀريندڙ نينگر ھينئر شينھن ھيا ۽ ھڻي ٽنھي شودن کي ڊاھي وڌائون.
خانو رت ڳاڙيندو بہ ور ور ڪيو حملا پي ڪيا. سندس نعرن کين پئي ھمٿايو، اڄ ڏينھن پويان ڪمزورن جي سرسي ٿي ھئي. ھو ھاڻ نعرا ھڻي رھيا ھئا، ”ھاڻ ڪير بہ آنڪي نہ ڀريندو ڪير بہ چور ناھي. ڪير بہ چوري نہ ڪندو. ڪير ٻياني تہ ڇا آنڪي بہ نہ ڀريندو.“
شودن ڀڄڻ جي ڪئي پر ھنن اصل کڻي دسين. کين مرڻ جھڙو ڪري ڇڏيائون. ساٿين ساھي پٽي. ھاڻ چوڌاري خاموشي ھئي. ڪو بہ نعرو نہ ھڻي رھيو ھو. ھنن خاموشي ۾ سڃاتو تہ خانوءَ جو آواز بہ نہ ھو. ڏٺائون خانو خاموش اونڌو پيو ھو. ھو ھاڻ نعرو بہ نہ ھڻي رھيو ھو. پر سندس چپن تي مرڪ ھئي، چچريل ۽ رتائون منھن ٻھڪي رھيو ھو. ھنن جڏھن سندس ڪمزور، بي جان ۽ نٻل جسم کي کنيو تہ ھنن کي ائين لڳو تہ ڪنھن ڳري بت واري جوڌي جوان کي کڻي رھيا ھجن.

ڪڇان تہ ڪوڪ ٿئي

ھو منھنجي سامھون زور سان کنگهي رھيو ھو، ۽ ڪنھن گهڙيءَ پوتڙو منھن کي ڏئي پيو تہ ڪنھن مھل ساڻو ٿي پوتڙي جو پلئو پري پئي ڪيائين. مون کيس چتائي پئي ڏٺو. سندس جوڀن تہ ختم ھو، پر سندس منھن ۾ رت ڦڙو بہ نظر نہ پئي آيو. ھڏائين منھن ۽ جسم سان ھو ساڻو ٿيو پيو ھو. ڀرسان ويٺل سندس پٽڙي پرگهور پئي ڪئي. ڪنھن ڪنھن مھل ھو سامت ۾ پئي آيو. مان سندس اھڙو حال ڏسي پاڻ بي حال ٿي ويو ھوس. ھڪ تہ اسين ورھين ڪرھين ڳوٺ وڃون، سو بہ پنھنجي دلبرن ۽ پيارن جا ھھڙا ڏکوئيندڙ نظارا ڏسون، اصل دل ڦٽجي پئي. مون ڊاڪٽر کي تہ ماڻھو موڪليو ھو، پر ڪاوڙ ۾ ھر ھر کانئس پڇيم پئي، ”اڙي ھھڙا حال ڪيئن ٿيئي موسيٰ، اڙي چاڪ چڱو ڀلو تہ ڇڏي ويو ھومانءِ. سڀ ڪجهہ تہ ھيئہ، ھي سال کن ۾ ڇا ٿي ويئي؟“
ھو جواب تہ ڪونہ پيو ڏئي، پر کنگهندي ھڪ آڱر مٿي آسمان ڏي ڪري، رب جي مرضي ٿي ڄاڻايائين. کيس دوا درمل دارونءَ کان ڪنھن جهليو تہ ڪونہ ھو، يا ان کان بہ ويو ھو جو پاڻ کڻائي مون تائين پھچي ھا. ڪاوڙ پئي آيم، ائين ڪندي مون وارو سؤٽ ڊاڪٽر اندر اوطاق ۾ گهڙيو.
”ايتري دير!“
”دڪان تي رش ھئي.“
”ھا بابا، پيسن وارن کي ڏسندؤ، ھنن غريبن کي ڪاٿي ڏسندؤ.“
”ھن موسيٰ غريب کان پڇ تہ ڪيترن ڏينھن کان مون وٽ ايندو آھي، ڪڏھن پائي پئسو ورتو اٿمانس؟ توھان جو پراڻو نوڪر آھي تہ اسان جو بہ پراڻو يار آھي. سندس ھوٽل تي جام مال کاڌا اٿئون. ڪيئن موسيٰ؟“
موسو ڦڪي کل کليو ۽ ڊاڪٽر کيس تپاسڻ لڳو.
”ڪمال آ، موسو ھيترن ڏينھن کان بيمار آ، مون کي خبر نہ آھي، ۽ وري ڊاڪٽر اھڙو ٿيو آھين، جو کيس اڃان تائين ٺيڪ ڪري نہ سگهيو آھين.“
مون واري سؤٽ ڊاڪٽر کيس تپاسڻ ڇڏي، مون ڏي خار مان نھاريو. ”ھڪ تہ ٽي بي اٿس ٻيو ڪري ھوٽل تي باھ جو ڪم، وري دوا دارون کان آڱوٺو تہ ڏينھن نہ لڳندا تہ ڇا ٿيندو. ھونئن بہ ھاڻ ھن ۾ رھيو ڇاھي. توکي خبر آھي تہ سندس ھاڻ ڪھڙا حال آھن. اھو جهڳيءَ ڇاپ روڊ وارو ھوٽل جو تو کيس ڪڍرائي ڏنو ھو، سو بند پيو آھي. گذر سفر لاءِ پائي پئسو ڪونھي. ھنن غريبن کي اھي بيماريون لڳن ٿيون وڻ ويڙھيءَ وانگر، جڪڙي نپوڙيو نھوڙين.“
مون حيرانگيءَ مان موسيٰ ڏي ڏٺو. ھن ڪنڌ سان ھائو ڪئي ۽ وري بہ آڱر مٿي کڻي رب جي رضا ڄاڻايائين. مون يڪدم نظر ڦيرائي ڊاڪٽر کي ڏٺو. ھو نسخو لکڻ ۾ پورو ھو. پوءِ ڪنڌ کڻي ڏانھس نھاريو ۽ چيائينس: ”دوائون لکي ٿو ڏيانءِ، باقاعدي کائيندين تہ شفا بہ ٿيندءِ. ھا، جوڻھين وري ڪم تي نہ ٿي اچي. چئجائنس لالچ ۾ منھن نہ وجهي، ھي اسان واري ويڙھي وارا گهر ايترو ڏينس ٿا، پوءِ ڇو ٿي در در ڀٽڪندي وتي.“
پوءِ ڊاڪٽر کيس سئي ھنئي ۽ تڪڙو تڪڙو ائين چوندو نڪري ويو، ”يار ھاڻي سالن کان پوءِ آيو آھين تہ پنھنجي پياري موسيٰ کي سنڀال، ھٿن مان ويندءِ ھليو.“
مون ڏانھس نھاريو بہ نہ ۽ موسيٰ جي منھن ۾ نھاريو. ھو خاموش اوطاق جي گلم تي ليٽيو پيو ھو. سندس پٽ پئي پٺي مھٽي. مون پٽس ڏي ڏٺو، الائجي ڇو مون کي موسيٰ جي جواني ياد اچي وئي. پٽس جا مھانڊا بہ اھي ئي ھئا، جيڪي پڻس جا ھوندا ھئا. موسو ڇوڪراٽ ئي ھو جو منھنجي پيءُ وٽ نوڪريءَ ۾ گهڙيو. اسين تنھن وقت ٻار ھوندا ھئاسين، پر ھو جنھن نموني سان اسان ٻنھي ڀائرن جي خدمت ڪندو ھو ۽ ساٿ ڏيندو ھو، ڄڻ اسان جو سن آھي ۽ ھڪ جيڏو سرتو آھي. اسان بہ کيس پنھنجن دوستن وانگر سمجهندا ھئاسين، توڙي کڻي جوان ٿي وياسين، نوڪرين وارا ٿي وياسين، پر موسيٰ کي ڪڏھن نوڪر نہ سمجهيوسين. ھو سنھڙي ھڏ ڪاٺ وارو پر سھڻو جوان نڪتو. اسين سندس فيشني گلن وارا وار ۽ چوٽا ڏسي، بابي کي دانھن ڏيندا ھئاسين. ھن بہ کيس پٽن وانگر پاليو ھو. مرڪي دڙڪو ڏيندو ھئس: ”موسيٰ، ماريندوسانءِ، ھڪ تہ پاڻ فيشني ٿيو آن، وري مون وارن پٽن کي بہ کارين ٿو.“
اسان يڪدم پنھنجن اڌوگابرين فيشني وارن کي ھٿ ھڻي گل ڊاھي سڌو ڪرڻ جي ڪندا ھئاسين. وقت کي پر ھئا يا نہ، پر وقت اسان کي ائين اورانگي ويو ھو جو موسيٰ جھڙو جوان پٽ تي پيو ھو ۽ سندس پوتڙو رت سان ڀريل ھو!
مون کي اھو وقت بہ ياد ھو جڏھن موسيٰ سان اسان جو ناتو دوستي ۽ ڀائپيءَ ورو وڃي رھيو ھو ۽ موسيٰ اسان جي نوڪري ڇڏي گهر وسايو ۽ ھڪ جهوپڙائين ھوٽل ۾ وڃي چانھ ٺاھڻ لڳو. اتي ئي مانيءَ جو ڌنڌو کوليائين. پوءِ تريل گوشت جون چانپون، سيخ ڪباب ۽ ٻيون شيون ٺاھڻ لڳو، جو شھر جا شوقين روڊ تي گهمڻ ويندا ھئا تہ موسيٰ جي ھوٽل تي ڪباب يا چانپون ضرور کائيندا ھئا. مان عيد براد تي جڏھن بہ ڳوٺ ويندو ھئس تہ ڪڏھن چانپون، ڪڏھن ڪڪڙ ڀڳل، ڪڏھن ڇا تہ ڪڏھن ڇا، ڍاڪئان ڀري گهر موڪلي ڏيندو ھو. ھڪ ڏينھن جيئن شام جو گهر پھتس تہ ڏسان موسيٰ وارا ڍاڪئان ٻوڙ پلاءُ ۽ چاشني سان ڀريل ھئا. مون امڙ ڏي نھاريو، مرڪي چيائين: ”موسيٰ جي اڄ شادي اٿئي. رات نڪاح اٿس، الائي ڪيترا دفعا پڇڻ آيو تہ مون وارو صاحب آيو يا نہ.“
مان تڙ ٻڙ ڪري، ڪپڙا مٽائي، اوطاق تي پھتس تہ موسو بيٺو ھو. اصل کنڀي ويو. اسان بہ کيس ڳائي وڄائي پرڻايو. سندس شادي اھڙي ٿي جو اتي جي راڄن بہ گهٽ ڏٺي ٻڌي ھوندي. موسي وارن جو ڳوٺڙو شھر کان پرڀرو اسٽيشن جي پاسي ۾ ھيو. سندن گهرن ڏي وڃڻ لاءِ ھمٿ کپندي ھئي، پر مان وٽس ايستائين ويندو رھيس، جيستائين وري ھو ڪم تي نہ چڙھيو ۽ مان واپس نوڪري سانگي ھليو ويس.
ھڪ ڏينھن مان ڳوٺ ئي ھيس جو ھو جيئن آيو تيئن مون کي ڇڪي گهر وٺي ھليو ۽ سڌو اندر کڻي ويو. اڱڻ ۾ ٻہ کٽون پيون ھيون، ھڪ کٽ تي ھڪ سھڻي سيبتي نينگر ويٺل ھئي. اصل ٽِڙي پيو. چي: ”ڏس، صاحب ھيءَ اٿئي منھنجي ڪنوار نوران آھي نہ سھڻي؟“
مان ڪا گهڙي کيس ڏسندو رھيس. نينگري واقعي سھڻي، جسم ۾ ڀريل ھئي. اٿي بيٺي ۽ ھٿ ڏيڻ لاءِ رئي جو پلئه جهليائين تہ منھنجي ڪلھي تائين ٿي آئي. ھلي ٿي تہ اصل ڊيل ھئي. رنگ جي ڀوري، منھن ۾ مشعالون پئي ٻريس. سندس ڪارا ڀنڀا وار، گوري منھن تي ٺھيا ۽ جرڪيا پئي، ۽ سندس وارن ۾ ھڪ عجيب سونھن ھئي. عجيب وڻاءُ ھو. ھلي پئي تہ سندس چوٽو ڪيل وار، لھرون کائيندا ور واسينگ جيان پئي وريا. مون کي ھو مڪمل سونھن جي جوڙيل پتليءَ جيان لڳي، جنھن ۾ ڪا بہ ڪمي ڪانہ ھئي. کلي پئي تہ ڏند جرڪيس پئي.
”واقعي، يار، ڪنوار ڀلي ملي اٿئي.“ مون کيس ور ور ڏسندي چيو. ويچاري نئين ڪنوار ھوندي بہ چڱي خدمت ڪئي. جيسين ماني پچائي نہ کارايائين، تيسين آرام نہ آيس. وري جو مون کي ڏورانھين نوڪري ملي تہ مان گهر ڏانھن لڙيس بہ ڪونھ، باقي جڏھن بہ ڳوٺ اچبو تہ موسي جي ھوٽل تي ضرور وڃبو ۽ ڪچھري ضرور ڪبي. موسي ٻہ ٽي دفعا صلاح ھنئي ۽ ماني جي دعوت ڏني، پر اسان جو پير پٽي تي بہ تہ ھجي. ڌار ھوٽل ڪڍڻ چاھيائين تہ بنھہ جهونپڙائين ڪچي پڪي مناھين ٺھرائي ڏني مانس ۽ سندس پنھنجو ھوٽل زور تي ھلڻ لڳو. پر ھاڻ ھو اصل اچي لالچ ۾ پيو. ٻارھوئي چلھہ تي چڙھيو ويٺو ھوندو ھيو. باھ ھڻي سٽي وڌس. ٻہ ٽي دفعا بيمار ٿيو تہ زوري شھر وٺي وڃي سندس علاج چڱي طرح ڪرايومانس ۽ ھمراھ وڃي ڪرت سان لڳو. ڊاڪٽرن اِھو تاڪيد ڪيو ھوس تہ باھ جو ڪم گهٽ ڪر. پر ھمراھ بہ تہ مڙي. ھمراھ اولادي ٿيو تہ پٽن جي طھرن جون خوشيون ڪيائين ۽ مٺايون وٺي اسان کي شھر پھچايائين.
سندس منھن تي مرڪ تہ ھوندي ئي ھوندي ھئي. ان وقت جي مرڪندو ھيو تہ اڄ ھھڙي ھيڻي حال ۾ بہ مرڪ ساڻ ھيس.
مون يادگيرين کي سندس مرڪندڙ منھن ۾ پئي پسيو. ھاڻ سندس کنگه بند ھئي، ھو اٿي ويٺو ھو ۽ وڃڻ جي موڪل گهريائين.
”چيم تہ حياتي الائي باقي گهڻا ڏينھن، سو وڃي پنھنجي صاحب کان موڪلائي اچان.“
”خير، خير آ. پر تون پاڻ ڇو آئين، نياپو ڪرين ھا.“
”مون پنھنجي صاحب جي پئي حاضري ڀري آ. وڏو صاحب اڄ دنيا ۾ ڪونھي پر اونھيءَ جي اولاد جي ھن دنيا ۾ مان ويندي بہ حاضري نہ ڀري وڃان تہ پوءِ لعنت آ.“ ھو سھڪيو پئي. مون کيس پاڻي پياريو. ھو پاڻي پي اٿي کڙو ٿيو. مون کيس ٻانھن کان وٺي اچي موٽر ۾ اڳيان ويھاريو. اصل وھلور پيو وڃي پر کيس ۽ پٽس کي کڻي آيس سندس ڳوٺڙي.
سندن گهر اسٽيشن پريان ھو، مون گاڏي اسٽيشن اوريان جهلي. کيس آھستي آھستي ريل جو بند ٽپائي اچي گهر ڀيڙو ڪيم. جڏھن کيس اچي اڱڻ ۾ ليٽايم تہ اھي ئي ٻہ کٽون پيون ھيون، جن تي ھڪ ٻار ۽ ٻارڙي ويٺا ھيا؛ ٻيو گهر ۾ ڪير بہ نہ ھيو. گهر ۾ ھڪ عجيب خاموشي ۽ ويراني ھئي. بنھہ ڳوڙھا ڳڙي پيم. ڀرسان ٿي ويٺومانس، ھو چپ چاپ پيو ھو. ڊاڪٽر جون ڏنل گوريون ڦڪايون مانس. آھستي آھستي کيس گهيرٽ اچي ويو ۽ ھو سمھي پيو. مان اٿي اڱڻ ۾ چڪر ھڻڻ لڳس. ٽي ٻارڙا ھيا. شاديءَ کي ست اٺ سال مس ٿيا ھوندس. مون سوچيو: ھي ننڍڙا ٻار ڪاڏي ويندا. موسي جي حالت واقعي صحيح نہ ھئي، مون ايندڙ گهڙين لاءِ سوچيو. منھنجي نظر ٻارڙن جي معصوميت ۽ ويچار پڻي تي کتل ھئي. ھو ويچارا بت بڻيا کٽ تي ٽنگون لڙڪائي ويٺا ھيا. سندس سڪل ھڙٻاٽيون – نڪتل چھرن تي ڪا بہ خوشي ڪانہ ھئي. اوچتو ننڍڙو ڪڪو ٽپ ڏئي کٽ تان لٿو ۽ ڊوڙندو دروازي ڏي ويو. اڇي برقعي سان ڪير اندر گهڙيو. ھن ننڍڙي کي کڻي ڀاڪر پاتو ۽ چمي ڏني. ٻيا ٻئي وڏڙا ويٺا رھيا. ھن اچي واري واري سان ٻنھي کي ڀاڪر پاتو.
”اوندھ ۾ ڇو ويٺا آھيو؟ نياز، تو بتي ڇو نہ ٻاري آھي؟“ ھن وڏي کي ڇڙٻيندي چيو. ھوءَ برقعو اڇلائيندي، رڌڻي واري پاسي تکي وئي ۽ گهڙيءَ ۾ لالٽين کنيو اڱڻ ۾ آئي. مون کي جھڙو اوندھ جو احساس نہ ٿيو ھو تھڙو روشنيءَ جو نہ ٿيو. اتي ڄميو بيٺو رھيس. اوچتو سندس نظر مون تي پيئي. ھوءَ پھريائين ڇرڪي وئي. پوءِ لالٽين اڀو ڪيائين. لالٽين جي روشني مون تي پئي يا نہ پر سندس نقش چٽا ڏسڻ ۾ پئي آيا. پھريائين اوپري پئي لڳي پوءِ لڳي تہ موسي جي اھا ئي گهر واري جا ڪي ورھيہ اڳ ھن اڱڻ ۾ ڪنوار بڻجي آئي ھئي. ھن گندي ۾ وار ويڙھي پويان ورائي ڇڏيا، سندس سونھن جهڪي ضرور ٿي ھئي پر سندس ڏيا ۾ ڪمي ڪانہ ھئي. سندس بُت اڄ سنھو ۽ سوس کاڌل پئي لڳو، پر سندس قد اھو ئي ور کائي ويل پئي لڳو. ھوءَ انھيءَ ڊيل چال سان مون ڏانھن وڌي آئي.
”سائين، توھان ڪيڏي مھل آيا؟“ ھوءَ مون کي چڱيءَ طرح سڃاڻي ويئي.
”بابا صاحب ڏي ويو ھو امان. بابا کي ۽ مون کي صاحب ڪار ۾ وٺي آيو آھي. امان، بابا کي صاحب سئي ھڻائي ۽ دوائون وٺي ڏنيون. امان، بابا کي صاحب گوريون بہ ڦڪايون.“ سندن وڏو پٽ جو اوطاق ۾ بہ خاموش ھو ۽ ھت بہ، پر ھاڻ اصل کلي پيو. ھو ڳالھہ ڪندو وڃي ۽ سھڪندو پيو وڃي.
”چڱو، چڱو، سائين کي ويھار تہ سھين. تو تہ سائينءَ کي چانھ بہ ڪانہ پياري ھوندي.“ ھوءَ لالٽين اتي ئي ننڍڙي ٺھيل دڪي تي ڇڏي وئي. گهڙيءَ کان پوءِ رڌڻي ۾ بہ روشني ٿي وئي. ھن شايد ٻيو لالٽين ٻاريو ھو. ھوءَ جيسين چانھ کڻي آئي، مان سندس ويچار ۾ رھيم، سندس سونھن ڀريي ھڏ ڪاٺ ۽ وريل بت، انھن ساڳين جرڪندڙ ڏندن کي ڏسي ڪئين خيال آيم. مون موسي ڏي ڏٺو، ھو نشي جي گورين سبب غشي پيو ھو. مون سندس گهر ۾ غريبي جا مڪمل اھڃاڻ ڏٺا. مون ٻارن کي ڏٺو ۽ سندس مستقبل ڏٺو، بنھہ ڇرڪي ويس. مون ھڪدم نوران لاءِ واجهايو تہ انھي سھڻي سيبتيءَ جو ڇا ٿيندو. ھوءَ جيئن رڌڻي مان نڪتي تہ سندس چال ۾ ڪو بہ فرق نہ ھو. ھوءَ ڊيل مثل ھئي. ھوءَ ھٿ ۾ لوڏ سان ڪوپ کي بہ لوڏيندي آئي. گنديءَ سان پورھيت جيان وار ڍڪيل، مرڪندي ھن مون ڏانھن ڪوپ وڌايو. مون سندس ھٿن ڏي ڏٺو. سندس ھٿ ڪاراٽيل ۽ باھ جا سڙيل ھئا. سندس آڱريون بصر وڍي ۽ مانيون اٿلائي، ڦاٽي پيون ھيون. انھيءَ جهڪي روشنيءَ ۾ ھڪ اھڙي روشني بہ ھئي، جا آھستي آھستي مون آڏو مشعالون ٻاريندي پئي وئي.
”تون ڪٿي ڪٿي ڪم ڪندي آن؟
مون کي پنھنجي ڊاڪٽر سوٽ جا موسي کي چيل جملا ياد آيا. ڏٺم تہ سندس چھري تي ھڪ رنگ آيو. پوءِ مرڪي ڏنائين.
”ڪھڙا گهر ڳڻايانو. جت بہ پورھيو ملندو آھي، تت ويندي آھيان. پگهار تي بيھان ٿي تہ مالڪياڻيون ٽڪي پيسي تي بہ ڪر ڪر ڪن ٿيون. بس، پوءِ جيترو ڊوڙي سگهان ٿي ڊوڙان ٿي ۽ جيڪي روز سڀني ھنڌان مليم ٿو، گنج آھي. ڪٿي ماني پچايان، ڪٿي جنڊ مليم تہ ڪٿي ٿانو ٻھاري.“
مون ڏٺو اصل بنھہ کلي پئي: ”سائين، ڏسو سال کن ۾ ڇا ٿي ويو آھي. ھاڻ تہ روزگار بہ بند اٿس. چئي ٿو تہ چاڪ ٿيان تہ نياز کي ڪم سيکاريندومانس. ھاڻ سائين نياز ڏسو ۽ ھوٽل جو ڪم ڏسو. بس چيو اٿمانس تہ دل نہ لاھي. جيءُ جاءِ تي ھيس تہ کارايائين بہ تہ چوڙڻ لاءِ بہ سڀ ڪي ڏنائين. بس رب ڪو کيس تندرسي ڏي، باقي گهر جو خيال نہ ڪري، مان پورھيو ڪري بہ پاليندي مان. کيس حيدرآباد بہ کڻي ويندم. نياز کي پڙھائي وڏو ڪندم. وري نياز ھنن ٻن پلونگڙن کي سنڀاليندو. ھا نہ، نياز؟“
ھن ڳالھايو پئي، مان الائجي ڇو کڙو ٿيندو ويس. ھوءَ چوندي ھلي وئي.
”سائين، مڙئي خير آ. مان پورھيي سان پڄي پوندم. موسي جھڙي مڙس سان سر لڳي. ھيءُ سر بہ گهري تہ حاضر آ. شل ڌڻي ھٺ سڄو ڏئيس گهر کڻي وٺبو.“
پوءِ ھن جهڪي مڙس جي مٿي تي ھٿ ڦيريو ۽ ڪوپ کڻي رڌڻي ۾ ھلي وئي. مان کيس ڏسندو رھيس. مون کي ھاڻ ھن گهر ۾ ڪا بہ ڪمي يا غربت ۽ ويراني ڏسڻ ۾ ڪانہ پئي آئي. ھوءَ ٻئي لالٽين سان واپس اڱڻ ۾ آئي ڄڻ تہ ڏينھن ٿي ويو. سندس ھلڻ ۾ اھا ئي ڊيل چال ھئي. سندس ھٿ بہ پئي انھيءَ رفتار سان لڏيا. مان آھستگيءَ سان اٿيس ۽ پوءِ ٻارن ڏي ڏٺم، سمجهيم تہ سندن مستقبل بہ محفوظ آھي. مرڪي ٻارن جي مٿي تي ھٿ رکيم ۽ کيسي مان ڏھين جا ڪجهہ نوٽ ڪڍي کين ڏنم ۽ پوءِ کيس ڏٺم. اھو ئي ڏيل، اھا ئي ڏيا، اھا ئي سونھن ۽ ڪا بہ ڪمي ڪانھ. بي اختيار کيسي ۾ ھٿ وجهي، سون جا نوٽ ڪڍيم ۽ کيس ڏنم؛ بنھہ مرڪي پئي.
”سائين، ٻارن جي خرچي تائين تہ ٺيڪ آھي، پر مون لاءِ نہ، توھان رڳو دعا ڪيو.“
ھن مون کي نوٽ موٽائي ڏنا. الائجي ڇو مون کي ڏک ٿيو. پيسا کيسي ۾ وجهي، جيئن وريس پئي تہ نوران بي خياليءَ ۾ لھندڙ گنديءَ کي مٿي تائين کنيو ۽ ورائي ڍڪڻ لڳي. مون جيڪي پل ۾ ڏٺو، انھيءَ مون کي پگهرائي ڇڏيو. نوران جو سڄو مٿو اڇو ٿي ويو ھو ۽ اڇاڻ چانديءَ مثل جرڪي پئي. مان ڄمي بيھي رھيس. مون کي ھاڻ ڪنھن ڪميءَ جو احساس ٿيو ۽ پوءِ وڌي مون سندس مٿي تي ھٿ رکيو. ھن ويلي سندس ڳوڙھا ڳڙي پيا ۽ ھوءَ اوڇنگارون ڏئي رئڻ لڳي.

چور ڪير، ساڌ ڪير؟

حاجي شاھ محمد خار مان سونھاريءَ تي ھٿ ڦيريو، پوءِ ٿڌو شوڪارو ڀري فرش تي ويٺل مائيءَ ڏانھن ڏٺائين. مائي بنھہ اوڇنگارون ڏئي پئي رني ۽ اھائي دانھن ھيس:
”اڙي او حاجي، آخر ٻار آھي. اول تہ ھن چوري نہ ڪئي آھي، پر جي غلطي ٿي اٿس تہ معاف ڪرينس.“
”مائي بابا، معاف ڪرڻ واري مٿين ذات آھي، مان ڪير ٿيندو آھيان. مان پاڻ گنھگار عيبدار بندو آھيان. مون جيڪي ڏٺو، انھيءَ جي شاھدي ڏني. تنھنجو پٽ چور آھي. منھنجي دوڪان مان پئسا کڻي پئي ڀڳو. جي مان تڪڙو سلام نہ ورايان ھا تہ ھيءُ تہ ڀينگ ڪري ڇڏي ھا.“
”او حاجن سائين، تو جيڪي ڏٺو، اھو اکين تي، پر کڻي تہ ڪجهہ نہ ويو. ڇورو منھنجي بيماريءَ ڪري بتال ٿيو ھو. ھاڻ تو ئي پوليس ۾ ڏنو اٿس ۽ تون ئي چوندين تہ ڇٽندو نہ تہ ٽِيپ کائيندو.“
حاجيءَ جون اکيون ڳاڙھيون ٿي ويون، ”ٽِيپ؟ ٽِيپ ٿي چئين. ھاڻ تہ قانون اھو آھي تہ چور جو ھٿ وڍي ڇڏجي. سندس ھٿ وڍبو ڪرائيءَ وٽان. مائي تون ڇا ٿي سمجهين. حاجي شاھ محمد جي دوڪان تان چوري ٿي ڪيائين، ڪنھن ٽلو ٽوپڻ جي دڪان تي ڪونہ ويو ھو. جي قانون کيس رڳي ٽيپ ڏني تہ مان سندس ھٿ وڍيندس.“
حاجي شاھ محمد ھاڻ ڏاڍو تپي ويو ھو. سندس نظرون بار بار ڪاٺ جي پيتيءَ ڏانھن پئي ويون، جتان مائيءَ جي نينگر پئسا ڪڍي وٺي ڊڪ پاتي ھئي. پر حاجي شاھ محمد ڪوڻ سڏائي. سلام ائين ورايائين، جو نينگر کي خبر ئي نہ پئي ۽ وڃي ڳٿڙ کان جهليائينس. ڇوڪر قابو ٿي ويو. غريب جو ٻار، ڪير ڇڏائيس. سندس عزيزن ڪن ڏينھن کان زور لاتا. ھاڻ جڏھن خبر پين تہ سزا کائي ويندو تہ سندس ماءُ آئي ايلاز منٿ ڪرڻ. پر حاجي ڪاٿي ٿو مڙي.
دڪان ۾ ھاڻ خاموشي ھئي. حاجي ڳالھائي ٿڪو ھو. مائي روئي بس ڪئي ھئي. ائين ڪندي مائي اٿي ۽ دڪان کان ٻاھر وڃڻ لڳي. ھوءَ دڪان جي در تي وڃي بيھي رھي ۽ پوءِ ڍڪيل منھن ڏانھنس ورائي چيائينس:
”حاجي مان وڃان ٿي، پر اھو ياد رکجانءِ، جي منھنجي پٽ کي ڪجهہ ٿيو، ڪنھن سندس جسم کي ھٿ بہ لاتو تہ – پوءِ، تہ پوءِ . . . !“
”پوءِ ڇا؟ چئه، پوءِ ڇا؟ تون ڇا ڪندينءَ. ڌمڪي ٿي ڏين. ھڪ چوري ٻيو سينازوري؟“
”مان سڀني کي ٻڌائيندس تہ تون ڪھڙو اشراف آھين. تو ننڍي ھوندي ڇا نہ ڪيو. اڄ سيٺ بڻيو آھين. اھي ڏينھن ياد ڪر جڏھن ماڻھن جي عزت . . . !“
”بس ڪر رن، ڪيانءِ نہ تاراج، گاريون ٿي ڏين. نڪر ھتان، چوانءِ ٿو نڪر ھتان، پر تون آھين ڪير؟“
جيئن شاھ محمد دخل تان اٿي دڪان جي در وٽ پھتو تہ ڏٺائين تہ رڙين تي ماڻھو مڙڻ شروع ٿي ويا ھئا. حاجي شاھ محمد اتي ڪجهہ ٿڌو ٿيو.
”چڱو، چڱو، ھاڻ تون ھل.“
مائيءَ ماڻھو ڏسي، کيس ٿڌو ٿيندي ڏٺو تہ وٺي بتال کاڌو:
”مان ائين نہ وينديس، جيستائين تون منھنجو پٽڙو نہ ڇڏائي ڏيندين.“
”بابا، چيم تہ ھل ھاڻي، گراھڪي نہ کار. تنھنجي پٽ جو فيصلو ڪورٽ ڪندي. ھل ھاڻي چيم نه!“
”حاجي، مان چوان ٿي تہ ايڏو ظالم نہ ٿي. ڇوڪر کان غلطي ٿي، سا ٿي.“
حاجي ماڻھن ڏي ڏٺو، پاڙيسري دڪاندارن ڏانھن ڏٺو. ھن نيٺ پاسي واري دڪاندار کي چيو، ”ادا ھاشم، ھن مائيءَ کي ٻڌاءِ تہ ڪيئن سندس پٽ پيتيءَ مان ڏوڪڙ کڻي وٺي ڀڳو. رڙين تي تون بہ آئين. تو سندس ھٿ ۾ ڏوڪڙ ڏٺا، الله ڪارڻ تو بہ شاھدي ڏني. ڀيڻسان اسان جي چوري ٿئي ۽ فرياد بہ نہ ڪيون!“
ائين مائيءَ ھاشم ڏانھن گهوري نھاريو. سندس منھن تان ھاڻ ڪجهہ پلئه ھٽيل ھو.
”سيٺ ھاشم، ان مھل الله ڪارڻ شاھدي ڪو نہ ڏني ھيئہ، جڏھن حاجي صاحب، غلام علي مستريءَ جي گهران چوري ڪري نڪتو ھو، سامان بہ تو کڻايو هيئہ.“
ھاشم جو رنگ پيلو ٿي ويو.
”سيٺ، ڊڄ نہ، اھا اڄ جي ڳالھہ نہ آھي، جڏھن تاجن جي ميڙا چونڊي چورائي اچي ميري جي گهر رکي ھيو.“
حاجي شاھ محمد تہ سن ٿي ويو. سيٺ ھاشم سيڌي وارو جيڪو پيلو ھيڊو ٿي ويو ھو، تنھن آھستي پاڻ سنڀالڻ شروع ڪيو. ھن مجمعي ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ ٽپ ڏئي حاجيءَ جي دڪان جي دڪي تي ٿي بيٺو.
”ھلو بابا، ھلو، دڳ ڇڏيو. ھلو ھتي ڪا مٺائي ٿي ورھائجي ڇا؟ ھيءَ مائي آھي چري، پٽس پيو آ ڍڪ ۾ تہ ٿي آ بتال. توھان ھلو ھتان!“
مائيءَ ھيڏو ميڙ ويندي ڏٺو تہ وري بر ٿي ويئي، ”اڙي بابا، ٻڌو ائين نہ وڃجو. نہ ھاشم سيٺ آ نہ حاجي وڏو ماڻھو آ. ٻئي نور پور جا مشھور چور ڳنڍيڇوڙ آھن. ھي شھر ۾ اچي وڏا ماڻھو ٿيا آھن. ھنن جو اصل نسل تہ ٻڌو، بيھو.“ مائيءَ جو منھن ھاڻ کليل ھو.
پر انھيءَ وچ ۾ ماڻھن وٺي ٽاھ کاڌو. ڪٿان ڪو پوليس وارو اچي نڪتو، وٺي لٺ ڦيرايائين. گهڙيءَ ۾ ات ڪير ڪونہ ھو. مائي دڪان جي دڪيءَ تي اڪيلي بيٺي ھئي.
”ڇا جو گوڙ لڳايو اٿئي، مائي؟ ڇا ڳالھہ آ، حاجي صاحب؟“
حاجي، جيڪو انھيءَ وچ ۾ ڊپ کان اندر وڃي دخل تي ويھي رھيو، تنھن اتان ئي وراڻيس، ”ڪجهہ ناھي، بس چرڙي آھي. ٻوليون پئي ٻوليائين سو ماڻھو اچي مڙيا!“ حاجيءَ وڏو ٽھڪ ڏنو. سپاھي بہ کلندو بزار ۾ اڳتي وڌي ويو.
ھاڻ ھاشم وري پنھنجي دڪان مان نڪري سري آيو. سڌو اندر حاجي وٽ وڃي بيٺو.
” واھہ حاجي، واھہ ! واھہ جي پنھنجي ۽ ٻين جي عزت ڪرائي اٿئي. تو کيس سڃاتو بہ نہ.“
”ڇڏ يار، ورھيہ ٿيا، جوانيءَ جي ڳالھہ ھاڻ ٿي ياد پوي. پر، يار ھاشم، ھيءَ جنان آئي ڪٿان؟“ حاجيءَ سرٻاٽ ڪيو.
ھاشم مائي جنان کي ڏٺو تہ جنان رني پئي. ھو کيس اندر وٺي آيو. کيس انھيءَ صندل تي وھاريائين، جتي حاجي ويٺو ھو. پوءِ ھو پاڻي کڻي آيو. مائي جنان جو جهريل چھرو سڄو ڳوڙھن سان ڀرجي ويو ھو. ھن ڏڪندڙ ھٿن سان پاڻي پيتو ۽ پوءِ حاجيءَ ڏانھن گهوري نھاريو. سڏڪندڙ لھجي ۾ چچريل آواز سان چيائين، ”سائين حاجي صاحب، مون کي سڃاتو؟“
حاجيءَ ڪنڌ سان ھاڪار ڪئي. مائي يڪدم حاجيءَ جي پيرن تي کڻي ھٿ رکيا؛ ”مون کي پٽڙو ڇڏائي ڏيو.“
حاجي ڪنڌ سان ھاڪار ڪئي.
مائي جنان اتان اٿي وڃي دڪان جي ٻاھران دڪيءَ تي ويھي رھي. ھاڻ ھوءَ رني ڪانہ پئي، آسروند ويٺي ھئي. اندران حاجي شاھ محمد کيس ڏسندو رھيو. چاليھہ ورھيہ ھن کيس نہ ڏٺو ھو. ھن اڄ کيس ڏٺو ھو. ھو ڏسندو رھيو.
ھوءَ سندس گهر کان ڀڳل زال ھئي. ھوءَ سندس چوريءَ جي عادتن کان ڀڳي ۽ ساڌ بڻجڻ لاءِ جبل جهاڳڻ نڪري پئي. اڄ ھو ساڌ ھئا، ھيءَ چور ھئي.
دڪيءَ تي ويٺل ھڪ عورت، جا سماج جي چور ھئي، سندس پٽ بہ چور ھو. ھوءَ خاموش ھئي. شايد ايستائين جيستائين سندس پٽڙو جيل مان ڇڏائجي نہ ٿي آيو.

تنھنجو سفر – منھنجو سفر

ويٽنگ روم جي بيري جيئن ئي ٻڌايو تہ گاڏي پليٽ فارم تي لڳي وئي آھي. مان ٽپ ڏئي اٿيس. مون اوورڪوٽ پاتو، مفلر ويڙھيم. لوئي ويڙھي ٻانھن تي وڌم. ٿيلھو لوڏيندو جيئن ٻاھر نڪتس تہ ولھہ وڪوڙي وئي. منھن جهٽ پل ۾ سن ٿي ويو. مون کي لڳو تہ منھنجي سفر جي ھيءَ تمام سرد رات ھئي. منھنجو ھيءُ سفر بنھہ نئون تہ نہ ھو، پر گهڻي عرصي کان پوءِ ڪم سانگي ھن پاسي ويس ٿي. منھنجو رخ پاڻھي انھيءَ پاسيري پليٽ فارم ڏي ٿي ويو، جتي ھن جنڪشن اسٽيشن تان فيڊر لائين واري گاڏي تيار بيٺي ھئي. مان جيستائين ان پليٽ فارم تي پھتس، تيستائين مان ڄمي برف ٿي وڃان ھا، جي مان پري کان باھ ڪڍندڙ انجڻ، جنھن شوڪارا پي ڀريا، جو سيڪ نہ محسوس ڪريان ھا. رڙھندو پليٽ فارم تي تہ پھتس پر مون کان فرسٽ ڪلاس ڳوليو نہ ٿي لڀيو. پليٽ فارم تي ڪا بہ بتي ڪانہ ھئي. پري کان ٽمڪندڙ بتين تي گاڏو ڳوليم ۽ دروازو کولي جيئن اندر ٿيس تہ پيٽ ۾ ساھ پيم. مون ھڪدم دروازو بند ڪري اوسي پاسي واريون دريون بند ڪيون. پليٽ فارم تي مون کي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻھو ڏسڻ ۾ آيا. جي نوان مسافر آيا بہ پئي تہ يڪدم ڪنھن نہ ڪنھن گاڏي ۾ گهڙي ٿي ويا. پارو بہ پارو ھو، اصل چوي تہ اڄ نہ پوان ڪڏھن پوان. منھنجيون تہ ڄاڙيون پئي کڙڪيون. ٿيلھو مٿن کان رکي ٽپ ڏئي مٿين سيٽ تي چڙھي ويس. اوورڪوٽ سوڌو سڌو ٿي ليٽي پيس. مٿان کڻي لوئي وڌم. ڏڪڻي اڃا بند نہ ٿي ھئي. خبر ھيم تہ گاڏي اڃان ھلڻ ۾ اڌ منو ڪلاڪ کائيندي. پڇتايم تہ ويٽنگ روم کي تڪڙو ڇو ڇڏيم. خبر ھوندي بہ دل ۾ بيري کي پئي گاريون ڏنم، جو ھن جي اشاري تي نچندو ڪڏندو ٻاھر نڪري آيس، ڄڻ تہ صبح واري سير تي پيو وڃان. جهٽ پل کان پوءِ ڪجهہ سامت ۾ آيس. بت ۾ گرمي آئي تہ آرام آيو. گهڙيءَ ۾ اک لڳي ويم. ڪاڏي ويٽنگ روم ۾ اڌ رات جو ميل مان لٿل، تان تہ اچي اسر ٿيو، پر اتي بنھہ ننڊ نہ پئي آئي. ھاڻي تہ ڄڻ ننڊ کنيو پئي وئي ۽ اکيون ٻوٽجي ويم. ڪا گهڙي ڪا نہ گذري تہ دروازو زور سان کليو ۽ ماڻھن جي تيز ڳالھائڻ جو آواز آيو. چند پاڇا ڏٺم. ڪن سامان رکيو ۽ گاڏيءَ بہ چرڻ شروع ڪيو. مون ڪنڌ کڻي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. گاڏي ھلڻ سان روشنيءَ جا ڪي گذرندڙ جهڪا پاڇا ٺھڻ لڳا. انھن ۾ سڃاتم: ٻہ مرد ھئا ۽ ھڪ عورت. مان ڇپ ھڻي پئجي رھيس. ھن گاڏيءَ ۾ ٽي بينچون ھيون.
ٻہ ھمراھ وچينءَ سيٽ تي ويٺا ۽ عورت درين واري بينچ تي ويٺي. ھن جو ڪنڌ ھيٺ ٿي لڳو، پر سندس ڪپڙن مان تيز ايندڙ خوشبو ۽ جرڪندڙ ڪپڙن مان ائين پئي لڳو تہ ڪا نئين پرڻيل آھي. پر جيئن گاڏيءَ اسٽيشن ۽ شھر ڇڏيو، گاڏيءَ ۾ اھا ئي اوندھ ڇانئجي وئي. انھن پاڻ ۾ بنھہ نہ پئي ڳالھايو. آواز جيڪڏھن آيو پئي تہ اھو چوڙين جي وڄت ھئي، جيڪي جڏھن جڏھن وڄيون پئي تہ گاڏي ۾ گاڏيءَ ۽ انجڻ جي بي سري آواز کي ٻاھر ڌڪي ڇڏيو ٿي انھن جي چڻڪڻ تي ٻنھي مڙدن پوئتي نھاريو ٿي ۽ وري ھو سڌا ٿي ٿي ويٺا، پر سندن ڪنڌ بہ ھيٺ ھئا. لڳو پئي تہ ھنن مون کي بنھہ نہ ڏٺو ھو. مان آھستي آھستي اچرج ۾ ويڙھبو پئي ويس. ھورا کورا پئي ٿيم تہ الاھي، ھيءَ ماجرا ڪھڙي آھي؟ گاڏي ٻہ – ٽي اسٽيشنون ٽپي آئي آھي، پر ھتي خاموشي ئي خاموشي آھي ۽ ڳالھائين ڇو نٿا. ھاڻي تہ شيشن مان اچي صبح جي اڇاڻ جرڪي پئي ۽ گاڏي جي اوندھ غائب ٿيندي ٿي وئي، پر ات اھائي چپ چچات ھئي منھنجي ننڊ غائب ٿي چڪي ھئي. مون کي ھاڻ چٽائي پئي نظر آئي. مون عورت کي ڏٺو، اڇي رنگ واري ننڍي عمر جي نينگر ھئي. سندس منھن ڪجهہ ڍڪيل ھو. ھمراھن ۾ ھڪ ننڍيءَ عمر جو نينگر ھو، ۽ ٻيو پڪي عمر جو اڌڙوٽ پئي لڳو. سندس گنج مان ائين لڳو تہ پنجاھ ٽپيل آھي. مان وڌيڪ جائزو وٺان ھا پر گاڏي جيئن ھڪ اسٽيشن تي بيھڻ واري ٿي تہ وڏي عمر واري ھمراھ دروازي وٽ اچي دروازو کوليو، ائين ڄڻ کيس خبر ھئي تہ ھاڻ ڪھڙي اسٽيشن ايندي. جيئن گاڏي بيٺي تہ دھل شرناين جا آواز اچڻ لڳا. ھن ھمراھ وڌي ان عورت کي اٿاريو. ھاڻ چٽو پٽو ڏٺم تہ ھيءَ تہ بنھہ ننڍي نيٽي نينگر ھئي. ھن ھمراھ کيس برقعو پارايو. کيس چڱيءَ طرح ڍڪي ڀاڪر ۾ ڀري ھو دروازي تي وٺي آيو ۽ دروازو کوليائين. ماڻھن جو وڏو گوڙ ھو. ھاڻ تہ گاڏو بہ روشن ھو. مون ھاڻ چٽو ڏٺو تہ ھو تہ بنھہ ننڍو جوانڙو ھو ۽ اڃا ائين ٻڏل ويٺو ھو. مون کي مڇن واري آيل ساوڪ بہ پئي نظر آئي. جڏھن ڪن ھمراھن اچي سامان لاٿو تہ ھيءُ نينگر بہ اٿيو. ھو جيئن لٿو تہ مان بہ ٽپ ڏئي ھيٺ لٿس. شيشي واري دريءَ مان ٻاھر ڏسڻ لڳس. ننڍي اسٽيشن ھئي، پر وڏو ميلو ھو. وڏي ڄڃ پئي لڳي. ٻين گاڏن مان بہ ماڻھو، عورتون ۽ ٻار لٿا. ات بہ ماڻھو، ٻار موجود ھئا. جيئن گاڏي اڳتي ھلي تہ ان جوان ڪنڌ کڻي گاڏيءَ ڏي حسرت سان ڏٺو. ھن جون منھنجون نظرون ٽڪريون. مون سندس اکين ۾ اداسيءَ جا پل ۾ پاڇولا ڏٺا، گاڏي اسٽيشن کان نڪري آئي. مان ماٺ ۾ اچي ويو ھئس، ھاڻ ھيٺ ٿي ويھي رھيس. ھوا ۽ مٽي احساس ڏياريو ۽ مان دروازي جي ٺڙڪن کي بند ڪرڻ لاءِ اٿيس. دروازي وٽ آيس، ھاڻ ڏينھن ھو، مان ڪا گهڙي ان ھوا ۽ مٽيءَ جي تيز جهوٽن کي سھندو رھيس. مون کي ھاڻ سيءَ جو بنھہ احساس نہ پئي ٿيو. گاڏي جيئن ڪنھن اسٽيشن تي پھتي تہ مان ھوش ۾ آيس. سامھون ٿڌ ۽ ڪوھيڙي ۾ ويڙھيل سھڻو ننڍو شھر ھو. مون اسٽيشن جو نالو پڙھي پڪ ڪئي، پوءِ يڪدم ٿيلھو سنڀالي لھي پيس.
انھيءَ شام ئي منھنجي واپسي ٿي ھئي. ڪم ڪار لاھي سانجهيءَ ٽاڻي اچي اسٽيشن ڀيڙو ٿيو ھوس. اسٽيشن جي ٻاھران ھڪ ننڍي ھوٽلڙي ھئي. گهرٻٽ چانھ ڪجهہ بت ۾ گرمي آندي. ٿڌ لھندي پئي وئي. مان چپ چاپ اسٽيشن جي ٻاھران ٺاھيل اونداھي مسافر خاني ۾ ھڪ بينچ تي ھلي پيس. اتي ويٺي سڄي ڏينھن جي ڪم ڪار تي سوچيم ئي پئي تہ اسٽيشن تي گهنڊ وڳو. مان اوورڪوٽ اوڙھي، لوئيءَ جو ٻڪل ھڻي اچي پليٽ فارم تي پھتس.
ھيءَ اسٽيشن ننڍي ھئي. ان جو پليٽ فارم ڪچو ۽ ڊسڙ وارو ھو. ھڪ ٻن ھنڌن تي لالٽين ٽمڪيا پئي. ھڪ ٿڌ، ٻيو رات واري گاڏي، ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻھو اسٽيشن تي ھئا. گاڏي گسڪندي گسڪندي اچي بيٺي. اھي ئي گاڏا، اھا ئي انجڻ ھئي. ٽپ ڏئي انھيءَ صبح واري گاڏي ۾ وڃي ويٺس. گاڏي ۾ گهڙڻ شرط ھڪ ھڳاءُ آيم. يڪدم صبح وارو نظارو ياد آيم. ڪا گهڙي ھيٺينءَ سيٽ تي ويھي ويچاريم. ڪجهہ ڳالھيون سمجهيم، ڪجهہ بنھہ ڪونھ. ٽپ ڏئي ٿيلھو مٿي کان ڏئي مٿيئنءَ سيٽ تي وڃي اھليس. گاڏي لوڏا لما کائيندي ھلي ۽ جيئن ھڪ اسٽيشن تي بيٺي تہ دھل شرناين جا ڌڌڪا ۽ ماڻھن جو گوڙ ٻڌم. اندازو نہ لڳائي سگهيس تہ ڪھڙي اسٽيشن آھي، پر دل ۾ خوش ٿيس تہ اڄوڪو ڏينھن سدورو آھي، جو ايندي بہ ڄڃ مليم ۽ ھاڻ ويندي بہ دھل ۽ شرنايون. ائين دروازو زور سان کليو. ڪي ماڻھو اندر آيا. سامان رکيائون. ٽي پاڇا ھئا. ھڪ عورت ھئي، جيڪا انھيءَ ئي سيٽ تي ويھاريائون، جنھن تي صبح جو ڪنوار ويٺي ھئي. پاڻ ٻئي وچينءَ سيٽ تي ويٺا. جيئن ويجها ڏٺم تہ سڃاتم. ھمراھ ٻئي ساڳيا ھئا. ھن دفعي بہ سانت ھئي، صرف چوڙين جي وڄت ٻڌم.
گاڏي ھن دفعي ڪجهہ دير بيٺي، شايد ڄڃ پئي چڙھي. گارڊ سيٽي ڏني ۽ گاڏيءَ ڪوڪ ڪئي تہ اڌڙوٽ ھمراھ اٿي کڙو ٿيو ۽ سٽ پائي ھن عورت جي مٿي تي ھٿ رکيائين ۽ ان ننڍڙي ھمراھ کي ڀڻڪو ڪري چيائين: ”گل، اديءَ جي پارت اٿئي. منھنجي پياري ۾ پياري ڀيڻ آھي. خيال ڪجانئس.“ پوءِ ھو در کولي لھڻ تي ھو تہ ننڍي نينگر بہ ھن دفعي ڀڻڪو ڪيو، پر اھو ڀڻڪو صبح کان ڪو روڪيل ھو، يڪدم وڏو واڪو ٿي ويو.
”ادا، او ادا، منھنجي ننڍڙي ڀيڻ سڪيلڌي مومل جو خيال ڪجان.“
ائين چئي ھن دروازو بند ڪيو ۽ اندر اچي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. گاڏي ھلي تہ بہ ھو سڏڪندو رھيو. برقعي واري عورت، جيڪا ھاڻ سمجهيم تہ سندس ڪنوار آھي، اٿي اچي ھن جي پاسي ۾ ويٺي. ھن برقعي جو مٿيون حصو لاھي ڇڏيو ۽ پوءِ ھن نينگر کي آھستي وٺي ھنج ۾ ليٽائي ڇڏيو. اھو نينگر ننڍي ٻار جيان، جيڪو ماءُ جي ھنج ۾ ھڏڪندو ۽ سڏڪندو آھي، ان وانگر پئي رنو ۽ ھنجون ھاريائين. گاڏي اچي وڏي اسٽيشن جي ويجهو ٿي ۽ روشنيءَ جا پاڇولا ٺھڻ لڳا. گاڏيءَ ۾ روشني اچڻ لڳي. مون ٿورڙو نئڙي ڏٺو، مائي ويچار ۾ ھئي. ھن جيئن منھن ھن پاسي ڪيو تہ مان ڇرڪي ويس.
ھيءَ عورت وڏي عمر جي پڪي مائي ھئي. سندس وار مينديءَ ۾ ڳاڙھا ٿيل ھئا ۽ سندس ھنج ۾ اھو نينگر ائين پئي لڳو، ڄڻ واقعي ھڪ ٻارڙو روئي پنھنجيءَ ماءُ جي ھنج ۾ ستو آھي. گاڏي جيئن بيٺي تہ اھي ئي دھل شرنايون ۽ ماڻھن جو گوڙ ھو. جوانڙو اٿيو، آرس ڀڳائين، زال کي برقعو پارايائين، پوءِ پليٽ فارم تي لاٿائين.
ھن دفعي گاڏي وڏي پليٽ فارم تي آئي ھئي. روشني ئي روشني ھئي. گهڙي ترسي مان ٽپ ڏئي مٿان ھيٺ لٿس ۽ در وٽ وڃي بيٺس. ڀانيم تہ ڄڃ ھلي وئي ھوندي، پر ڄڃ اتي ئي بيٺي ھئي ۽ سامھون مون کي اھو ئي نينگر نظر آيو، جنھن جي مڇن تي ساوڪ مس آئي ھئي ۽ ھو گهوٽ بڻيو بيٺو ھو. قدرت وري اھڙي جو يڪدم اسان ٻنھي جون نظرون مليون. سندس اکين ۾ اھائي حسرت ۽ اداسي ھئي. پر ھن ويلي ٿورو ترسي ھو مرڪيو، پر سندس مرڪ ڦڪي ھئي.
مون سامان سھيڙيو، ھيٺ لٿس ۽ وٽس ويجهو ويس پر ڪڇي نہ سگهيس. ڇاڪاڻ تہ ھو ھن جو سفر ھو، ھيءُ منھنجو سفر ھو. ٿيلھو لوڏي تڪڙو اچي ويٽنگ روم ڀيڙو ٿيس. ھن ويلي نہ ولھہ کنيم، نہ ڏڪڻي ورتم. يڪدم ٿيلھو کولي نوٽ بڪ ڪڍيم. لکندي محسوس ڪيم تہ ھن نوجوان کان منھنجو سفر مختلف نہ ھو. پوءِ مون لکيو:
”محترم سائين، اڄ اوھان ڏي جنھن ڪم سانگي آيس، ڏک اٿم تہ اھو واعدو نڀائي نہ سگهندس. اوھان جي مجبوري نياڻي آھي، پر منھنجي مجبوري اھا آھي تہ اوھان جي نياڻي مون کان ٽيھ ورھيہ ننڍي آھي، ۽ ھي سڱ مون پنجاھ جي پيٽي ۾ آيل جهوني کي نٿو سونھين. وڏو ڏک اھو اٿم تہ بدلي ۾ بہ تہ مون وٽ ڪو سڱ ڪونھي نہ تہ شايد ايڏو بار نہ ٿئيم ھا. اوھان کي ڏنل رقم ان جو بدل نٿو سمجهان. جيڪا رقم ۽ سامان اوھان کي ڏنو اٿم، اھو پنھنجي نياڻيءَ کي ڏاج ۾ ڏيندا. اميد تہ مون کي معاف ڪندؤ.“
نيازمند
چٺي لکي لفافي ۾ وجهي بيري کي سڏ ڪيم. ھو ڊوڙندو آيو، ”صاحب! گاڏي تيار آ،“ ھن دفعي مون تڪڙ نہ ڪئي. مان کيس لفافو ٽپال جي دٻي ۾ وجهڻ لاءِ چئي، آرام ڪرسيءَ تي ٽنگون پساري ليٽي پيس. ڇاڪاڻ تہ ھيءُ منھنجو نئون سفر ھو.

اسان اڌارا آڻي آونگ چاڙھيا

اسان وٽ تر ۾ دوستيون ٻڏنديون ۽ ترنديون آھن، پر اسان جيئن سيٺ خدا ڏني کي نياز محمد تي ساھ ڇڏيندو ڏٺو، اھا ڄڻ اڻ ٿيڻي ھئي. ٻي شادي نياز محمد ڪئي، ٽڙي اصل سيٺ خدا ڏنو پيو. ڏاڏي پوٽي تہ ھيس پر سيٺ خدا ڏني جو خيال ھو تہ زال مٽيل چڱي، سو نياز محمد ڳولي وڃي اھڙي لڌي جو کائنس تہ وڏي ھئي، ۽ ساڻس گڏ ھڪ پٽ بہ ھو. پر شادي، شادي ھئي، سا بہ نياز محمد عشق ڪمائي ڪئي ھئي. خوشيءَ ۾ نہ پئي ماپيو، ڄڻ کيپ کٽي ھئائين. سيٺ خدا ڏني بہ نچي ڪڏي پرڻايو ھيس.
اصل ۾ نياز محمد جڏھن ننڍو ھو تہ اچي سيٺ خدا ڏني جي پنسارڪي دڪان تي نوڪر ٿيو ۽ پڙيون ٻڌي وڏو ٿيو. اچي جو خدا ڏني کي ڀاڳ لڳو تہ وڏو واپاري ٿي ويو. ان سان گڏ نياز محمد بھ؛ سيٺ نياز محمد ٿي ويو. سيٺ خدا ڏني جو ڀائيوار ۽ ڪرتا ڌرتا اصل ۾ نياز محمد ئي تہ ھو. گيھہ جي ايجنسي ھجي يا ڀاڻ جي، ان جو واپار ھجي يا ڪنھن ٻي جنس جو، سيٺ خدا ڏنو ساڻس نہ رڳو ڀائيوار ھو، پر وک وک تي صلاحڪار بہ ھو.
چون ائين ٿا تہ سيٺ خدا ڏني جو نياز محمد سان ڏاڍو پيار ھو. اصل ڪا ميخ لڳل ھئس جو گهڙي بہ کيس پري نہ ڪندو ھو. رات ھجي يا ڏينھن، سيٺ خدا ڏنو ۽ نياز محمد جٽ ھوندا ھئا. گهڻو ڪري سيٺ خدا ڏنو ماني ئي نياز محمد وٽ کائيندو ھو. جڏھن کان نياز محمد نئين زال پرڻيو تہ سيٺ خدا ڏنو گهڻو وقت نياز محمد جي نئين گهر گذاريندو ھو. ھيءَ نئين مائي گلان، نياز جو عشق تہ ھو، پر ھئي چڱي عمر جي. سيٺ خدا ڏني سان تہ سن مک ٿي ايندي ھئي ۽ پئي اور گهور ويندي ھيس. سيٺ خدا ڏنو ڏاڍو خوش ٿيندو ھو، جڏھن مائي گلان کيس زور ڏئي، ننڊڙي ڪرائيندي ھئي.
ھوڏانھن وري نياز محمد کي بہ ڪو سال ئي ڪونہ گذريو تہ اچي بيمار ٿيو ۽ کنگه کڙڪو ٿيس. چاليھن پنجتاليھن جو ھوندي بہ لڳو پئي تہ ڄڻ سٺ جو آھي. سيٺ خدا ڏني دوا درمل تہ ڪرايس، پر ڏس بہ ڏنائينس تہ ٽين شادي ڪر پر ننڍي نيٽي، بنھہ جوان ٿي پوندين. نياز محمد بہ سيٺ خدا ڏني جي ھشڪر ۽ ڏوڪڙن جي زور تي ٽين شادي بہ ڪري ورتي. ننڍي نيٽي حسنا خريد ڪري آيو. پر نياز محمد ۾ وت ۽ ست گهڻو ھو؟ نئين شادي اچي پاسا ورتس. خبر تڏھن پئي جو اچي کٽ تي پئجي رھيو. واپاري ڀلو ھو ۽ ساک چڱي ھيس، ڪجهہ ڏينھن تہ جالاري ويو، پر آھستي آھستي ھو پوئتي پئبو ويو.
سيٺ خدا ڏنو منجهند ٽاڻي دستور موجب وٽس ايندو ھو، ۽ کانئس طبيعت پڇي دوا دارون جي ڪري، ھو ٻئي ڪمري ۾ کٽ تي چڙھي ويھندو ھو. ھاڻ وري نياز محمد جي نئين زال حسنا ماني کڻي اچي اڳيان رکندي ھيس. ھو جيسين ماني کائيندو ھو، حسنا وڃڻو ھڻندي ھيس ۽ پوءِ جڏھن سيٺ خدا ڏنو ننڊاکرو ٿيندو ھو تہ حسنا کيس زور ڏئي سمھاريندي ھئي. ڪڏھن سيٺ جو خيال ڦرندو ھو تہ گلان واري پاسي، ان جي ڪمري ۾ ھلي ويندو ھو ۽ ھوءَ بہ ائين خدمت ڪندي ھيس، جيئن ھو وٽس اڳ ايندو ھو. ڪڏھن اوڀاريون لھواريون ڪندس، ڪڏھن ماني ٽڪر کارائي ننڊڙي ڪرائي، شام جو دڪان تي روانو ڪندي ھيس. باقي نياز محمد جي ڏاڏي پوٽيءَ واري گهر، ھاڻ گهٽ ويندو ھو. ڪنھن زماني ۾ تہ وڏا ڦيرا ھيس. ھاڻ جڏھن بہ ويندو ھو تہ سڄو گهر کيس پِير ڪري مٿي وھاريندو ھو. مائي ۽ نياڻيون پيرن ۾ بيٺيون ھونديون ھيس ۽ خدا ڏنو ات بہ پرسن ھوندو ھو.
نياز محمد جي بيماريءَ ۾ بہ ھو سڀني گهرن کي خرچ پکو پھچائيندو رھيو ۽ سندس ڪاروبار کي بہ ھلائيندو رھيو. ھوڏانھن وري نياز محمد جي علاج ۾ وسان نہ گهٽايائين. ڪو ڊاڪٽر، ڪو شھر، ڪا اسپتال نہ ڇڏيائين. پر نياز محمد آھستي آھستي پوئتي پوندو ويو ۽ نيٺ پنجاھ جي پيٽي ۾ ھيءُ جهان ڇڏيائين.
سيٺ خدا ڏنو نھايت جهان ديدو ۽ ڏاھو ماڻھو ھو. ڪرائڻ کي تہ ھن نياز محمد کي ٽي شاديون ڪرايون، ان ۾ سندس مرضي بہ شامل ھئي، پر ھاڻ جو ان مان عيال ٿيو ۽ خرچ پکو ايترو تہ پي ھليو جو سيٺ خدا ڏني جھڙو ماڻھو تہ بنھہ ويچار ۽ ڏچي ۾ پئجي ويو. نياز محمد کي پھرين زال مان ٽي جوان ڌيئر ۽ ھڪ پٽ ھو. گلان ھڪ جوان پٽ رانجهو کڻي تہ آئي پر بي اولاد رھي. حسنا ھڪ ڌيءَ ڄڻي ۽ اڃا ھنج تي ئي ھيس جو نياز محمد ھيءُ جهان ڇڏيو.
سيٺ خدا ڏنو پاڻ اڪيلو ھو جو ڪو زمانو ٿيو تہ سندس زال گذاري وئي ۽ نہ وري کيس ان مان ڪو اولاد ٿيو. سيٺ خدا ڏني جي زندگي، دڪان، ان سان لڳ پاسي ۾ اوطاق، نياز جي سنگت ۽ ان جا ٻار ھئا. پر ھن انھن سڀني کان اتم حقيقت ۾ پيسي کي رکيو. واپار ھڪ پئسي کان شروع ڪيائين. ھو اڄ لکن ۾ ھو. کانئس پئسو ڇڏائڻ بہ مشڪل ھو. سندس لاءِ مشھور ھو تہ وٽانئس ڪانگ بہ نيرانا ويندا ھئا. ھن جي ماني بہ ٻاھر ھوندي ھئي. نيرن منجهند نياز جي گهر تہ رات جي ماني، کير ۽ جوئر جي ماني ڀاءُ جي گهر کائيندو ھو ۽ اتي ئي اباڻي گهر ۾ رھندو ڪندو ھو.
گهر ھلائڻ جو ڪو خاص تجربو تہ ڪونہ ھئس، پر ھاڻ ٽي گهر سندس حوالي ھئا. نياز جو ڌنڌو پڻ کيس مليو. ڏوڪڙ پئسا ڌراوتون سڀئي ڄڻ تہ سندس ٿيا. نياز جي ٽنھي گهرن کيس اھو ئي پير ڪري پئي پوڄيو، جيئن اڳ ھو. ائين ئي ھر گهر ۾ ويندو ھو. مانڙي کائي زور ڏياريندو ھو جو زور سندس ڪمزوري ھوندا ھئا. شام ٽاڻي واپس دڪان تي ايندو ھو تہ سندس ٿڪ لٿل ھوندا ھئا. پر جيئن جيئن ھو پئسا روڪيندو ويو، ٽنھي گهرن ۾ مانڌاڻ مچندو ويو ۽ خدا ڏني ان ٽمجهڻ کان بچڻ لاءِ اچڻ وڃڻ بہ گهٽائي ڇڏيو ۽ ماني دڪان تي نياز جي اڳ ڄائي رانجهوءَ جي ھٿان گهرائي وٺندو ھو. ھاڻ منجهند اوطاق تي گذاريندو ھو. جڏھن ھن خرچ کان بنھہ ھٿ روڪيو، رانجهي جي ھٿان موڪليل نياپن تي بہ ھو نہ ويو تہ نياز محمد جا ٽئي گهر ڄڻ تہ لڏي ويا.
پھريون نياپو حسنا جو ھئس، جيڪو ور ور رانجهي پئي پھچايو. حسنا ٿڪي تہ رانجهي جي ماءُ گلان سنيھا موڪليس، پر سيٺ خدا ڏنو چري ڇو ٿو. ٿورو گهڻو ڳنڌڻ ۽ ان پاڻي موڪليو تہ واھہ واھہ نہ تہ مڙئي خير ٿيو.
نيٺ صلاح ڪري مائي وڏي کي دانھن ڏنائون، جيڪا ھاڻ پڻ ڏئي وٺي بيٺي ھئي. نيٺ تہ کاڌو پيتو ۽ چوڙ بہ کپي. سندس ٽي نياڻيون اچي جوان ٿيون ھيون. خدا ڏني کي ان جي نياپن بہ گهٽ اثر ڪيو. ھاڻ وٽس ٻہ دڪان، وڏو واپار، ايجنسيون، جايون جڳھيون جام ھيون. وٽس فرصت بہ نہ ھئي جو وسرام کڻي ڪري.
ھڪ ڏينھن جيئن ھو منجهند ٽاڻي دڪان بند ڪري، اوطاق ۾ وڃي ويٺو ۽ جيسين ماني اچي، تيسين ھو جوڙ ڪٽ ۾ مصروف ھو تہ سندس ڪمري جو در کليو ۽ ھن نياز جي پھرئين گهر واري جنھن کي سڀ مائي وڏي چوندا ھيا ان کي اندر گهڙندي ڏٺو. خدا ڏنو بيھي رھيو.
”جنان، تون ھيڏي ڇو آئي آھين؟“
”سڏن نياپن تي نہ لڙندين تہ آخر اينديس، نہ تہ ٻيو ڇا ڪنديس؟“
”اوطاقن تي مايون اينديون آھن ڇا؟“
”مان مائي نہ آھيان، سائين خدا ڏنا. اسين تنھنجو ننگ آھيون. مان جوان ٽن ڌيئرن جي ماءُ آھيان. توکي چڱي پر خبر آھي. مان ھاڻ ھنن جوان ڌيئرن کي ڪاڏي نيان. ھاڻ ھنن جي واھہ ڪڍ ۽ پنھنجا ننگ سنڀال. مان توکان پئسو ڏوڪڙ ڪونہ ٿي گهران يا نياز جي ڌنڌي جو ڪو حصو نہ ڪو حساب. سمجهيئہ خدا ڏنا؟“
خدا ڏنو سڄو پگهرجي ويو. ھو ڏڪندو ويھي رھيو. نيٺ ھمت ڪري چيائينس. ٺيڪ آھي، بھرحال مون کان جيڪي ٿيندو مان ڪندس. تون ھاڻ ھتان ھل.“
مائي وڏي کيس ھڪ دفعو گهوري ڏٺو. کيس پگهر ۾ شل ۽ ھٿ ڏڪندي ڏسي، وٽي ۾ پاڻي اوتي کيس پياريو ۽ ايترو چيو، ”سائين خدا ڏنا، تون اسان سڀني جو سڀ ڪجهہ آھين. موٽي آ. پيسو سڀ ڪجهہ نہ آھي. اسين توکان حصو نہ گهرنداسين. تون ئي اسان جو نياز آھين. تو اڳ بہ سنڀاليو ھو. ھاڻ بہ اسان تي ھٿ رک.“
ٿڪ ڀريل سيٺ خدا ڏنو آھلي پيو. مائي وڏي کيس زور ڏيڻ شروع ڪيا کيس جڏھن سجاڳي ٿي تہ ڪمري ۾ ڪير بہ نہ ھو.
سيٺ خدا ڏني کي ائين لڳو تہ ھن خواب ڏٺو آھي. سندس پاسي ۾ حساب ڪتاب جون بنديون پيون ھيون. ھو وري انھن ۾ اھڙو رنبجي ويو جو کانئس اھو وسري ويو، تہ مائي وڏي وٽس آئي بہ ھئي ۽ کيس ڪجهہ چئي وئي ھئي.
”اڃان ڏينھن ئي ڪونہ گذريا تہ رانجهو، ماءُ کي وٺي سندس بيٺڪ ۾ آيو.“
”ھيءَ ڪھڙي مشڪري لاتي اٿو. ان ڏينھن مائي وڏي آئي، اڄ وري تون گلان آئي آھين. بابا، توھان جو حساب ڪتاب ئي تہ ٺاھيان ٿو، حصي ۾ جيڪي ايندو گهر ويٺي پھچائيندس.“
”تون ڇا حساب ڪتاب ڏيندين، خدا ڏنا، ٻہ سال گذري ويا آھن، اسين انگ لاءِ بہ واجهايون ٿا. تنھنجو ڄڻ تہ ننگ نہ ھئاسين. تو تہ جيئري سڀني کي دفنائي ڇڏيو آھي. تون گهر تہ اچ، اسين ڍڪ گهرون ٿا، اسين ڇپر ڇانو گهرون ٿا. اسان کي ائين نہ رول، خدا ڏنا.“
”ٺيڪ آ، ٺيڪ آ. مان ايندس، ھاڻ تون گهر ھل. اڙي رانجها، ماءُ کي وٺي وڃ ۽ ھيءَ اوطاق آھي، ھت نہ آڻيندو ڪر، سمجهيئہ؟“
”خدا ڏنا، رانجهو منھنجو جوان پٽ آھي، تنھنجي نوڪري ڪري پيو، ڏس ان کي بہ تون چڱي طرح پگهار نہ ٿو ڏين. ڏسجانءِ جوان جماڻ نينگر آھي، ڪا گستاخي نہ ڪري وجهي.“
”ھاڻ! توھين مون کي ڌمڪايو ٿا، ھاڻ نڪري وڃو، چوان ٿو تہ ھليا وڃو.“ خدا ڏنو ڏڪڻ لڳو.
ائين رانجهو اڳتي وڌڻ لڳو، پر گلان ٻانھن کان وٺي ٻاھر ڪڍيس ۽ اندران در ڏئي ڇڏيائينس. خدا ڏنو پگهرجي ڪريو، مائي گلان وڃي سندس پير ورتا، تريون مھٽيائينس، وٽي ۾ پاڻي پياريائينس، پوءِ اچي زور ڏنائينس ۽ ائين سيٺ خدا ڏنو اتي ئي سمھي پيو. جڏھن جاڳيو تہ ات ڪجهہ بہ نہ ھو. اھي ئي بنديون، اھو ئي حساب ڪتاب، اھا ئي ملڪيت، اھو ئي موھہ. ھو سڀ کي خواب ڄاڻي ملڪيت جي موھہ ۾ وري جنبي ويو.
ھن اھو خواب وساريو مس تہ ھڪ نٽھڻ جو حسنا سندس اوطاق ۾ گهڙي آئي. خدا ڏني ڇرڪ ڀريو، ”نيٺ تون بہ آئينءَ!“
”مان توسان آخري دفعو ملڻ ۽ ھن ننڍڙي کي ملائڻ آئي آھيان.“
خدا ڏني ان ٻارڙيءَ کي نہ ڏٺو، پر سندس نڪتل پيٽ تي نظر وڃي پئي ۽ ھو ان کي گهوريندو رھيو، ڄڻ تہ پڇندو ھجيس:
”اھو ڪٿان آيو؟“
حسنا سندس نظر جو پيڇو ڪندي چيو: ”تون وڏو ظالم آھين خدا ڏنا، تو اسان کي ڇا سمجهيو آھي ۽ ڇا بڻايو آھي. اچ تہ ڏيکاريانءِ.“
ائين چئي ھوءَ زوم سان ٻاھر نڪتي. خدا ڏنو پھريون دفعو اڳتي وڌيو ۽ سندس ڪڍ پيو.
جيئن حسنا اوطاق جي ٻاھران نڪتي تہ سيٺ خدا ڏنو بہ ٻاھر نڪتو. ھن پٺي ورائي خدا ڏني کي گهوري ڏٺو. زھريلي مشڪ مشڪي، ٻاھر گهٽيءَ وٽ بيٺل موٽر ۾ چڙھڻ کان اڳ ڪار جي در وٽ بيٺل ڀرت ڀريل بت واري شخص کي چيو، ”ھلو سائين.“
پوءِ پٺي ورائي چيو، ”سيٺ خدا ڏنا، ھيءُ رئيس الله بخش آھي، منھنجو مڙس. سمجهئھ. جي گوٿناٿ ڪئي اٿيئي ۽ نياز جي ملڪيت مان حصو نہ ڏيندين تہ آنڊا ڪڍرائي ڇڏيندينمانءِ. سمجهيئہ.“
ھن برقعي جو پلئه ھيٺ ڪيو ۽ ڪار ۾ اڳينءَ سيٽ تي ٽپ ڏئي چڙھي ويٺي ۽ ڪڪڙيءَ کي بہ پاڻ سان وھاريائين ۽ سيٺ خدا ڏني ڏانھن اشارو ڪندي چيائينس، ”بيبي، پنھنجي بابا کي سلام ڪر.“
رئيس الله بخش سندس پاسي وارو در بند ڪيو ۽ سيٺ خدا ڏني کي گهوري ڏٺو، شھپرن تي ھٿ رکيو ۽ پوءِ ڪار جي ڊرائيونگ سيٽ تي ويھي، ھڪ ئي سٽ ۾ گهٽيءَ مان ڪار ڪڍي ويو.
سيٺ خدا ڏنو ات ئي بيٺو رھيو. سندس ھڪ ھٿ اوطاق جي ڀت تي ھو ۽ پوءِ آھستي آھستي ڀت کي ٽيڪ ڏئي گسڪندي وڃي فرش کنيائين. رانجهو، جيڪو ماني کنيو پئي آيو، سو ماني ڇڏي ڊوڙندي وڌيو.
ھن نٽھڻ ۾، ھن کي سيٺ خدا ڏني جو بت برف لڳو. خدا ڏني ھڪ وار اک پٽڻ جي ڪئي. ھن رانجهي کي ڏٺو. ھن کي ھيءَ ويل خواب جي ويل نہ لڳي. کيس سڀ سچ ۽ ساڀيان لڳو. سندس اک مان ٻہ لڙڪ لڙيا ۽ رانجهي جو ھٿ وٺي چپن تي رکڻ جي ڪئي، پر ائين نہ ڪري سگهيو، ڇاڪاڻ تہ انھيءَ آخري گهڙيءَ ۾ ائين ٿيندو آھي. اھا ڪا نئين پراڻي ڳالھہ ڪانھي!
*

زوراور

ھيءُ انھن ڏينھن جون ڳالھيون آھن، جڏھن گهر جو ڪم ڪار عورتون پاڻ ڪنديون ھيون. ماني پاڻ پچائينديون ھيون، پاروٿي ماني کائڻ عيب نہ ھوندو ھو. ٻار وڏن جا ڪٽيل يا آلٽر ٿيل ڪپڙا پائيندا ھئا. خاص طرح سڪي پڪي پگهار وارا سرڪاري ڪامورا گهڻو ڪري انھيءَ ڳڻتيءَ ۾ ھوندا ھئا تہ ھيڏو عيال ڪيئن پالجي. جيڪڏھن ڪنھن کي ڪو اباڻو نوڪر ملي ويو تہ عيش ٿي ويندا ھئا. منھنجو ابو – امان انھيءَ ۾ خوش ھئا تہ کين مامو محمد ملي ويو ھو. مامو نوڪر ڪونہ ھو، نہ لڇ ۾ مائٽ، پر درزڪو ڪم ڄاڻندو ھو.
انھيءَ دور ۾ عيال جا ڪپڙا لٽا سبڻ ۽ سبرائڻ وڏو مسئلو ھوندو ھو. اتي مامي محمد جو وجود ابي امان لاءِ وڏو ڏڍ ھوندو ھو. مامو اصل مقيم شڪارپور؛ حال مقيم ھر اھو گهر جتي ڪو ڪامورو پنھنجي وڏي اھل عيال سان رھندو ھجي ۽ رڳو کاڌي پيتي ۾ پورو ھجي. مامو محمد بنيادي طرح سان پراڻو، انگريزن جي دور جو ڪاريگر ھو، پر سندس سبڻي اھڙي ھوندي ھئي، جو ڪنھن جي پتلون ٺاھيندو ھو تہ چڍي ٺھي ويندي ھئي، جي چڍي ٺاھيندو ھو تہ ڪڇو ٺھي ويندو ھو. جيترو وقت گورا ھئا، اوترو وقت تہ مامي محمد جو درزڪو ڪينچي ڇاپ دڪان مشھور ھو، ڇاڪاڻ تہ گورن لاءِ چڍيون بہ ڪار ھيون.
مامي جي ڏھ سيري خوفناڪ ڪينچي مشھور ھوندي ھئي، جنھن سان نہ رڳو ڪپڙا ڪٽڻ وقت ماڻھن جي ٻيڙي ٻڏندي ھئي، پر جيستائين ڪپڙو مشين تائين پھچي يا ڪاريگر وٽ وڃي، اڳ ئي مامو اڌ ڪپڙو کڻي وٺندو ھو.
مامي جي اِنھن حالن ھوندي بہ سندس دڪان تي ميڙاڪو ھوندو ھو.
ڳالھين جو ڳھير، ڀوڳائي، پيو سنگت ساٿ کي وندرائيندو ھو. ڪم ڪار مليس تہ واھہ واھہ ، نہ تہ آئي وئي سان ڪچھري، ڪو سگريٽ ڇڪائيندس تہ ٽڙي پوندو.
”ير ڏاڍو ڪو زوراور آن.“
اِھو مامي جو خاص جملو ھوندو ھو. ڪم ويلي ڳائڻ جو شوق پراڻو ھيس، رھي وڃ رات ڀنڀور ۾. . . “ ٿلھن ڊوڻن چپن سان ڳائيندو ھو تہ ويٺل اٿي ويندا ھئا.
جڏھن گهر ۾ ٽڀو اونڌو ھيس تہ پئسي ڏوڪڙ تي ٻڙڌڪ مچندو ھو. جوڻس اچي تپائيندي ھيس ۽ مامو، دڪان ڪنھن موالي ڪاريگر جي حوالي ڪري، ڏيندو ھو کڙيءَ تي زور. پوءِ ڪنھن نہ ڪنھن ڪاموري وٽ ڪڏھن سکر، ڪڏھن روھڙي، ڪڏھن دادو، ڪڏھن لاڙڪاڻي وڃي نڪرندو ھو. جنھن بہ ڪاموري وٽ ٽڪندو ھو، ان جي گهر جي ڀاتين کي بنھہ پنھنجو ڪري وٺندو ھو ۽ گهر ڌياڻي سندس ڀيڻ ھوندي ھئي ۽ ٻار ڀاڻيجا. جلد ھو ”مامو“ بڻجي راڄ ڪندو ھو. نہ رڳو ھو، صاحب جا ڪپڙا لٽا ڪٽي ٻارن لاءِ ٺاھيندو ھو، پر سڄي گهر تي بہ رعب ھلائيندو ھو. کيس ڏوڪڙ پئسي جي ڳڻتي نہ ھوندي ھئي. جڏھن اتان راڄ ڪري، حڪم ھلائي، سڄي گهر کي منجهائي بيزار ڪري نڪرندو ھو تہ جي ڪجهہ پئسا مالڪن ڏنا تہ واھہ واھہ ، نہ تہ ٻيو شھر ۽ ٻيو گهر. پر جلد مامي جو اھو گهڻو رلڻ گهٽبو ويو. شايد عمر سارو، پر ان جو ڪارڻ مان سمجهان ٿو تہ مامي جو اسان جي گهر سان لڳاءُ ھو. امڙ جي ھو خاص عزت ڪندو ھو. ھو جڏھن بہ گهر ڇڏيندو ھو يا بابي جو نياپو پھچندو ھئس تہ سڌو اسان وٽ ٽڪندو ھو.
ھاڻ ھن ٻيا گهر ڇڏي ڏنا. سندس لاءِ بنگلي ۾ ھڪ الڳ ڪمرو ھوندو ھو، جتي ڪپڙن جا ڍير ۽ مامو ھوندو ھو. پر اصل ۾ سڄي گهر جو حاڪم ٿيو ويٺو ھوندو ھو. صبح جو ٻوڙ ٻاڙي آڻڻ، نوڪر چاڪر کي دڙڪي ۾ رکڻ، صفائي وغيره ڪرائڻ بہ سندس ڪم ھو. امان آجي ٿي ويٺي ھوندي ھئي. نوڪر مامي جون دانھون بابي وٽ ڪندا ھئا تہ بابو کلي ڏيندو ھو ۽ دڙڪو ڏيندو ھئن؛ ”ڇورا، ڪٿي مامو مون کي نہ مار ڪڍي. ڪم ڪيو ۽ سڌا ٿي ھلو.“
مامو پنھنجو درزڪو ڪم گهٽ ڪندو ھو. ڏھ سيري ڪينچي جنھن ڏينھن ھلندي ھئي، اسان ڊڄندا ھئاسين، اِجهو ٿو پتلون کي نڪر ڪري ۽ نڪر کي ڪڇو. ان ڪري وڃي پاسو ڏيندا ھئاسين. بس پوءِ مامي جون ڪير ڳالھيون ٻڌي! امڙ نيٺ اچي چوندي ھيس: ”ادا، ڪجهہ ڪم کي بہ اڪلاءِ.“
يڪدم گوڙ ڪندو ھو، ”ادي ير، ڪا ڏاڍي زوراور آن. مان مان تنگ ٿي آن ڇا؟“
”نہ، ادا، ائين نہ چئہ.“ امڙ کلي ھلي ويندي ھئي ۽ اسان جي عيد ٿي ويندي ھئي. ويٺا کيس چوريندا ۽ چرچا ڪندا ھئاسين. مامو ھو تہ جهونو جهاز، پر کاڌي پيتي جو شوقين ھو. پر اصل وڏو شوق کيس فلم جو ھوندو ھو. مامو ايندو ھو تہ منھنجا تہ مزا ھوندا ھئا، ڇاڪاڻ تہ مون کي فلم ڏسڻ جو جنون ھوندو ھو.
ھونئن ئي مون لاءِ منجهند ھجي يا رات، موقعو مليو ناھي ۽ گولي ٿي ويندو ھوس. بابي جي وڏي آفيسر ھئڻ ڪري فلمون بہ ڀلا مفت، بنھہ جهل پل نہ ھوندي ھئي. سکر شھر ۾ سئنيمائون بہ گهڻيون ھيون، تنھنڪري ڪڏھن تہ مسئلو اھو ھوندو ھو تہ ڪھڙي فلم ڏسجي؟ مامي جي اچڻ ڪري ڪڏھن تہ قانوني طرح سان بابي کي ٻڌائي، ڪڏھن امڙ تي زور بار آڻي وڃيو فلم ڏسي ايندا ھئاسين. ڪڏھن منجهند جو وس نہ ھلندو ھو، تہ جڏھن سڀ سمھي پوندا ھئا، تہ بنگلي جي پويان جبل ۽ پٽ لتاڙيندا پير پٿون ڪندا، ڪاڙھي جو وڃي ڪنھن سئنيما ڀيڙو ٿيندا ھئاسين. مامو سئنيما تي پھچڻ تائين ساڻو ٿي پوندو ھو. جهونڙي کي مان بہ ڊوڙائيندو ايندس ھيس، ”ماما، جلدي ڪر، کيل شروع ٿي ويندو.“
”ير، ڏاڍو ڪو زوراور آن، پر تون فڪر نہ ڪر، کيل تي مان پڄائيندو مانءِ.“ ائين لڳندو ھو، ڄڻ ھو سچ پچ مون کي ڪلھي تي کنيو کيل تي پڄائڻ پيو ھلي. سنھڙو سيپڪڙو مامو، لڏندو لمندو نيٺ اچي سئنيما تي پھچندو ۽ پھچڻ سان دانھن ڪندو، ”ير، ٻاٽلي تہ پيار.“
ڏوڪڙ پئسي جي ھوندي ھئي ڪڙڪائي. ٻہ آنا ملي خرچي، سو مامي لاءِ ٻاٽلي ڪٿان اچي؟ مان سڌو مئنيجر جي ڪمري ۾ وڃي کانئس پھريائين تہ ٻہ پاسون وٺندو ھئس. بابي جو لحاظ ڪري مئنيجر اٿي ملندو ھو، پر جڏھن چوندو ھو مانس، مئنيجر صاحب ”ٻاٽلي تہ پيار“ ، تہ سندس منھن ڦري ويندو ھو. ڇِپ ڪري پوندي ھيس، پر بابي جي ڊپ کان يڪدم ٻاٽليون گهرائي اندر ھال ۾ پھچرائي ڏيندو ھو. مامو ٻاٽلي پِي ايڏي وڏي اوڳرائي ڏيندو ھو، جو اوسي پاسي وارا اھڙيءَ طرح اسان کي ڏسندا ھئا، جو سندن اکيون اوندھ ھوندي بہ اسان کي ڦوٽاريل نظر اينديون ھيون.
جي وري مامي کي ڪو گانو وڻيو تہ بہ ڏاڍيان سر سر ۾ ملائي ڳائيندو. ڀلا مامو ڳائي تہ پوءِ بنھہ ڀينگ ٿي وئي! يڪدم ھال ۾ رڙيون ٿي وينديون ھيون، ”او ڀائي او ڀائي.“ پر ڀائي بہ بَس ڪري! تڏھن بس ڪندو ھو، جڏھن پٺيان ڪو ويٺل اچي ٻہ ٽي لوڏا ڏيندو ھئس. مامو ڳائڻ بند ڪري ٿلھن چپن سان ڊڻ ڊڻ جھڙو آواز ڪڍي مون کي چوندو ھو، ”ڏاڍا بدذوق آھن. اھڙا بدذوق آھن تہ ھتي ڇو ٿا اچن؟“
انٽرول ۾ پوسٽر ۽ فوٽو ڏسي ٽڙي پوندو ھو.
”ير، ڏس تہ سھين، فيشن ڪاٿي پھتو آھي. ڊيزائين تہ ڏسينس.“
”ماما، قميص جي ڊيزائين يا منھن جي؟“
”ير، بنھہ ڪو زوراور آن، مزو وڃائي ڇڏيئہ.“
اسان جي اِھا ياري پئي ھلندي ھئي. مامو جڏھن ايندو ھو تہ مان ڪتاب ڇڏيندو ھئس. ڪڏھن تہ اسڪول گسائي بہ وٺندو ھئس. مامي کي جيئن چوندو ھئس، ھو بہ رونشي ۾ خوش. امڙ کان خرچي کاٻاري لاءِ ڏوڪڙ ڪڍڻ لاءِ مامو ڪافي ھو. بس ڏوڪڙ مليس، ٽِڙي پوندو. ”ادي ير، ڏاڍي ڪا زوراور آھين.“ پوءِ کڻي پيسا قابو ڪندو.
”ماما، حصو ڇڏاءِ.“
”ير، ڏاڍو ڪو زوراور آن، اچي وٺ.“
بس پوءِ مامو ۽ مان شھر گهمي ڦري کائي پي سڌو کيل تي. ھڪ ڏينھن جيئن کيل ڏسي شام جو موٽياسين تہ گهر ۾ ٻڙڌڪ متو پيو ھو. ٿورن ڏينھن ۾ مئٽرڪ جا امتحان شروع ٿيڻ وارا ھئا. مون تہ ڄڻ امتحان کي کنگهيو ئي ڪونہ ٿي. اسان جي رفتار اھا ئي. الله سولي ڪري اسان جي ھڪ مائٽ جي، جيڪو ان ڏينھن ڳوٺان آيو ھو شھر ۾ امتحان ڏيڻ. ان سڄو ٽائيم ٽيبل بابي کي ٻڌائي ڇڏيو. بابي ليکي تہ اڃا امتحان ۾ ڏينھن اٿس. ويتر جو اچڻ ساڻ ھن ھمراھ کي پڙھندو ڏٺائين، بنھہ بِر ٿيو بيٺو ھجي. اسان کي جو ڏٺائين تہ ڳاڙھو ٿي ويو. پھرين الر مون تي ڪيائين. مون ڀڄي پاسو ڪيو. پوءِ مامي کي اچي کنيائين، ”ماما، ھن عمر ۾ توکي بہ فلم جو شوق. پاڻ ڀلي وڃ، پر ھن کي ڇو کاريو اٿئي. تو تہ ھن کي بنھہ کاري ڇڏيو آھي. تو اسان سان دشمني ڪئي آھي. تون ھيءَ مھرباني ٿو ڪرين.“
مامو ڪُڇي جھڙي ڀِت. امڙ کي نيٺ خيال آيو، وڌي ابي وٽ آئي. ”وڏي سڏي جو تہ خيال ڪر.“
”ھيءُ وڏو آ، ٻار جي آئيندي جو ڪو اٿس خيال؟“ بابو چوندو ھليو. امڙ مامي کي وٺي اچي ڪوٺيءَ ۾ ويھاريو. مامو بنھہ پگهرجي ويو ھو. امڙ شربت ٺاھي آڻي ڏنس. ڦڪي کل کلي چيائينس: ”ادي، ير، ڏاڍي زوراور آن.“
ان رات گهر ۾ ڏاڍي خاموشي ھئي، مون دل ئي دل ۾ ان مائٽ کي ڏاڍيون گاريون ڏنيون. مامي وٽ ٻہ دفعا ويس پر ھو پاسو ورايو بنگلي آڏو ٻاھر کليل ميدان تي کٽ تي ليٽيو پيو ھو. ماني کڻي ويو مانس.
”ير، ڏاڍو زوراور آن. ماني اڄ کڻي نہ ٿا کائون.“ ماني موٽايائين تہ امڙ سڏايس. اندر آيو تہ امڙ پوتي کڻي پيرن تي رکيس بنھہ جهڄِي پيو: ”ادي ير، ڪا ڏاڍي زوراور آن، ائين تہ نہ مار.“ رئو کڻي مٿي تي رکيائينس. پوءِ کٽ تي چڙھي ويٺو، ماني ڀور کاڌائين. نہ امڙ پئي ڳالھايو نہ ھن. رکيو رکيو امڙ ڳوڙھا پئي اگهيا. مامو چپ ھو.
صبح جو مامي جي اھا ئي گجگوڙ پي پئي. نوڪرن کي اٿاريائين. امڙ کان پيسا ورتائين. پنڊي کڻي بازار ويو. ڳنڌڻ وٺي ڏنائين. پوءِ اچي ڪم کي لڳو. سندس مشين ھلندي وڃي. ھيءُ ڳائيندو بہ وڃي! ”او رھي وڃ رات ڀنڀور ۾. . . . او رھي وڃ . . .“
ھن دفعي ڪپڙا ڏاڍا ڀلا ڪٽيائين. اسان سڀني کي پارايائين. کلي امان کي چيائين، ”ادي ير، ڏس ھي سڀ زوراور آھن نہ.“
امڙ ڏاڍي خوش ھئي. ھن سمجهيو، مامي من ۾ ڳالھہ نہ رکي آھي. رات جو دير تائين امڙ ۽ ٻين ٻارن سان ڪچھري ڪندو رھيو ۽ مون وٽ ھر ھر اچيو ڏاڍيان چئي. ”ير، پڙھہ. . . بس، ھاڻي رڳو پڙھہ. جڏھن وڏو ماڻھو ٿين تہ پنھنجي مامي کي ضرور گهرائجانءِ. تنھنجن ٻچڙن جا ڪپڙا بہ ڪٽي ڏيندس. پڙھہ، ير، پڙھہ. . . .“
صبح جو مامو ٻڌائڻ کان سواءِ ھليو ويو. بابي کي ڏاڍو ارمان ٿيو. کيس افسوس ڏاڍو ھو. دل ھيس تہ مامي کان معافي وٺي. جيسين دل ٻڌي، مامو وڃي شڪارپور نڪتو. بابو ٻہ ٽي ڏينھن گشت ۾ ھليو ويو. موٽيو تہ فڪرمند ھو. يڪدم اچي امان کي چيائين:
”تيار ٿي، مامو ڏاڍو بيمار آ، شڪارپور ھلنداسين.“ امڙ، بابو ۽ اسين سڀ ڀائر ڀينر اچي شڪارپور نڪتاسين. مامي جي گهر اوريان مامي جو دڪان ھو. اھو بند پيو ھو. ڪو ڪاريگر بہ ڪونہ ھو. گهر ۾ اندر گهڙياسين تہ مامو ڄڻ سنئون ٿي پيو.
”اڙي ير، زوراور آيا آھن ڇا؟“ اسان سان ڀاڪر پائيندي ڪنھن جي پتلون پيو ڇڪي، ڪنھن جي چڍي؛ ڪنھن جو فراڪ، ڪنھن جو چولو، ۽ ھر ھڪ کي چئي پيو: ”ڪيئن ٿا ڀانيو فٽنگ. ڪاريگر جا ھٿ آھن ير.“ بابي کي ڏٺائين. اٿڻ جي ڪيائين، ”اچو صاحب. ”بابي کي ھو ”صاحب“ چوندو ھو. بابي اچي پيرن تي ھٿ رکيس. بابي کي اکين ۾ ڳوڙھا ھئا. مامو بہ روئي پيو. ”صاحب ير، ڏاڍو ڪو زوراور آن. اِئين ڪبو آ ڇا؟“ امڙ جي مٿي تي ھٿ رکيائين. امڙ وڌي ڳراٽڙي پاتس. ”ادا، ھاڻ اسان کي بخش ڪر!“ ادي ير، ڪھڙيون ڳالھيون ٿي ڪرين؟ ڏاڍي ڪا زوراور آن.“ ھو ان ويلي اٿي ويٺو ھو. کلي خوش ٿيو. سڀني سان ور ور ڪيو پيو ڳالھائي. ٻار ٻچا ھيڏي ھوڏي ٿيا تہ مان بہ مامي سان گڏجي وڃي ويٺم. ھو ھڏائين پڃري جيان پيو ھو. ”ماما“، سڏيو مانس. يڪدم وراڻيائين: ”جي چوانءِ.“ ”ماما، کيل تي ھلون.“ کلي پيو. ”ماما، راڳ ڳايون.“
گهڙي لاءِ ھو چپ ٿي ويو. پوءِ سندس ٿلھڙا چپڙا ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳا. آواز چٽو ٿيندو ويو. اڄ مامو سر ۾ ڳائي پيو. ”رھي وڃ رات ڀنڀور ۾، الا رھي وڃ رات.“ مامي جي ڳلن تان ڳوڙھا ڳڙيا پئي. بابو جيئن پاسيرو ويٺو ھو، تيئن منھن سڌو نہ ڪيائين. شايد رنو پئي. مامي جو آواز جهڪو ٿيندو پئي ويو. مان اکين ۾ ڳوڙھا کڻي ٻاھر ھليو آيس. اسان سکر موٽياسين مس تہ خبر پئي تہ مامو گذاري ويو.
مان مامي جي حڪم تي ڏاڍو پڙھيو. پڙھي وڏو ماڻھو بہ ٿيس، پر اِھا حسرت رھي تہ منھنجا ٻار سندس ڪٽيل ڪپڙا پائين. مون ڪيترا دفعا ڪوشش ڪئي آھي تہ منھنجو اولاد ڪٽيل يا آلٽر ٿيل ڪپڙا پائي، نيٺ ھڪ ڏينھن مون واري پٽ مون کي چئي ڏنو: ”بابا، ڪھڙيون ڳالھيون ٿا ڪريو، ھن زماني ۾ ڪٽيل الٽرڊ ڪپڙا؟ ڏاڍا ڪي زوراور آھيو!“ مون کي ان ويلي مامو ڏاڍو ياد آيو. مان زماني جي زوراوري تي چپ آھيان.
*

زبرو ڌڪ

بس مان جيئن ھيٺ لٿس تہ سمجهيم ڪنھن قيد مان آزاد ٿيو آھيان. سامت ۾ اچڻ لاءِ پر ڀرو بيھي رھيس. ٿيلھو ھيٺ رکي مٿي تي رکيل ٽوال کي ڇنڊيم ۽ پوءِ بيٺس پاڻ کي ڇنڊڻ. ائين ڪو سڏ ٿيو. لوڻو ھنيم، ڏسان تہ استاد نبن سامھون واري دڪان تي چمڙائين پٽي تي پاڪي تکي ڪري رھيو ھو.
”پنھل سائين، انھيءَ ڇنڊ ڦوڪ لاءِ اسين حاضر آھيون.“
مون ٿيلھو کنيو ۽ اڳتي وڃي سندس دڪان تي چڙھيس. يڪدم ٻانھن کان وٺي کڻي ڪرسيءَ ۾ ھنيائين.
”ويھ تہ سائين، مس مس ٿو ھٿ اچين.“
يڪدم ڦوڪارو ڪڍيائين. جو مان ٿڌڙي پاڻيءَ تي اصل ٺڙي پيس. ٽوال سان انگ انگ اگهيائين. ھو مالش کي لڳو تہ مون کڻي اکيون پوريون. سندس ڳالھاءُ ٻڌان تہ پيو، پر پري کان.
”انھيءَ ِٺڪر بس کان تہ پنڌ اچجي تہ بھتر. ھيڏو آفيسر ٿيو آھين، پر اچين انھيءَ ڇڪڙي بس ۾. ننڍو مختيارڪار ڪا معمولي ڳالھہ تہ ناھي. ڏس تہ سھين. اسان جا ڀورل ڪيئن نہ لٽجي ميرا ٿيو پون. سونھن تہ ڏس، جوانڙو اصل لھسجي پيو آھي. ڳاڙھا ڳلڙا ھيڊ پيا ڇڏين، گلڙا ڪومائجي ٿا وڃن.“
ائين ڪو آواز آيو: ”استاد، واندو آھين؟ سيرب ٺھرائڻا آھن.“
”بگن، جهٽ ترسي اچ. پنھل سائينءَ کي تيار ڪري وٺان.“ سندس ھٿ بيٺو تہ مون اکيون کوليون.
”بس، چاچا نبن، گهڻو ٿيو. اچي ھيءُ وٺ. مان ھلان ٿو. ابو انتظار ڪندو ھوندو.“
”پنھل سائين، ڇو ٿو بي عزتو ڪرين. پيسا نہ ڏيندو ڪر. بس اسان وارو ڪمڙو ڪري ڏي بنھہ پير ڌوئي پيئندومانءِ. ھو ڏسين ٿو، ڪيئن اسان وارو يار ڪومايو ويٺو آھي.“
مون ڏٺو، استاد جو پيارو ڪتو ڪومايو ويٺو ھو.
”بنھ نج بُلٽري آھي. سندس ساٿي بہ بُلٽري نسل جا ھجن تہ واھہ واھہ ٿي وڃي. ايڏانھن اتر پاسي جو نوڪريءَ سانگي ويو آھين، تہ ڪجهہ تہ اسان فقيرن سان وھي وڃ. ڪيڏيون نہ منٿون ڪيون اٿمانءِ.“
”پر، استاد، مون کي خبر ئي نہ ٿي پوي تہ بُلٽري ڇا ٿيندو آھي؟“
استاد بتال کاڌو. ”سائين، ڪمال آ، سڄي ڄمار استاد نبن ۽ ان جي بُلٽرين سان گذاري اٿو. توھان کي بُلٽري ڪتي جي خبر نہ ٿي پوي، ھيڏانھن ڏسو.“
اوچتو استاد نبن شڪل ڦيرائي وٺي غر غر ڪيائين: ”ھيءُ ڏس، ھيءُ بُلٽري ھيئن ٿيندو آھي.“ وٺي زور سان ڀونڪيو. سندس شڪل ٻاھر ويٺل ڪتي کان ھيئن مختلف ھئي، جو ڪنھن خوفناڪ ڪتي جو روپ ڌاري بنھہ پئي ڏاڙھيائين. مون کيس ھٿ سان روڪيو. يڪدم حملو ڪري ھٿ ۾ چڪ ھنيائين. مون ھٿ ڇڏائي، دانھن ڪئي: ”استاد، ماڻھو جو روح اٿئي يا ڪتي جو.“
سندس ڏاڙھڻ بند ٿي ويو.
”ڀلا ھڻايان ڪورس سين جو.“
بنھہ کلي پيو. مان دڪان تان ھيٺ لھي پروڀرو ٿي بيٺس.
”استاد، اصل بُلٽري تہ تون آن، باقي ھي لوسي تہ ڇوڙي ڇڏ.“
دڪان وٽ ٻڌل مرضيل ڪتي ڏي اشارو ڪندي چيومانس، اتان وٺي الر ڪيائين.
”ھي لوسي آ؟ ھي لوسي آ؟ واھہ ، سائين، واھہ ؛ واھہ جي عزت ڪئي اٿو، خانداني ڪتي جي! خانداني ماڻھو ٿي ڪري خاندان جو قدر نہ ٿا ڪريو.“
واھہ ، سائين، واھہ ! بُلٽري نہ وٺي ڏيو تہ توھان جي مرضي. پر ھھڙو ذليل تہ نہ ڪريو.
”استاد، ڪاوڙ نہ ڪر. بُلٽري ايندا، بنھہ ڀلي نسل جا بُلٽري، پر ويڙھ ۾ نہ مارائجانءِ.“ ائين چئي مان گهر ڏي تکو ٿيس.
ھڪ تہ اٺين – پنڌرھين ڏينھن سئو ميل سٽي پھچ ۽ پھچڻ سان استاد نبن جي ور چڙھجي. ڏينھن ئي اصل گار ٿيو وڃي. استاد نبن جو ڏوھہ نہ ھو، سندس وڏا انھي ڪتن جي ميل ۾ مارجي ويا. ڀلا ڪتا وٺي ڌارڻ، رڇ ڪتي – يا سوئر – ڪتي جي ويڙھاند سندن پيشو ھو. وڏا زميندار سندن محتاج ھئا، ڀلي نسل جا ويڙھو ڪتا ملندا بہ نبن جي وڏڙن وٽ ھئا. خانداني ويڙھاڪ ھئا، پر وقت ساڻن ويڙھ وڙھي ويو. پھريائين نسل ڦٽو، پوءِ ڪئين نسل مئا. بُلٽري ھجي يا ھاؤنڊ، وٽن ڪتو نہ رھيو. ھيءُ شڪر جو استاد نبن حجامڪو ڌنڌو سکي پيو. اچي شھر جي منھن تي، ونگ وٽ، دڪانڙو کوليائين. شوق ڏاڍو ھيس. ڪي ڀلڙا ڪتڙا بہ ھيس، پر آھستي اھي بہ رڇ ۽ سوئر جي ميل ۾ مارائي ڇڏيائين، تھن پويان بُلٽرين جو کيس ڪو سٺو نسل نہ مليو. ايڪڙ ٻيڪڙ ڪو ڪتو ور چڙھندو ھيس تہ ڪنھن شوقين کي وڪڻي ڇڏيندو ھو. ھاڻ وري ھي ڪتو ملي ويو ھئس، سو دڪان تي ٻڌي نشان بڻائي جڳ کي پيو ڏيکاريندو ھو تہ اڃان وٽس بُلٽرين جو نسل آھي. پر اسان ان ڪتي کي لوسي ڪتو چئي کيس چيڙائيندا ھئاسين. ڪڏھن وري ڪو وڏيرو ڦاسندو ھيس تہ ان جي اوطاق تي وڃي انھيءَ جي ڪتن جي سار سنڀال لھندو ھو ۽ صلاحون ڏيندو ھو. ٻہ چار ڏوڪڙ جڙي پوندا ھيس. ڪتن ۽ رڇن يا سوئر جي ميل ٿيندي ھئي تہ يڪدم پھچي ويندو ھو ۽ جيڪو ھوندو ھيس سو شرطن ۾ وڃائي ڇڏيندو ھو.
سندس حجامڪو دوڪان بہ ڄڻ تہ اوطاق ھوندي ھئي. ڪتن جي شوقينن جو ميڙاڪو ھوندو ھو. منھنجو نوڪري سانگي بس اسٽينڊ تي پنڌ ھوندو ھو. چڙھان تہ سامھون ھيءُ، جي لھان تہ بہ ھيءُ سڄڻ سامھون. کيس ڪنھن ٻڌايو ھو تہ اتر ڏي ڪتن جو نسل ڀلو ٿئي ٿو. منھنجي نوڪري روينيو کاتي ۾ ھئي، ھو ھرو ڀرو اِھو زور لائيندو ھو تہ کيس جوڙي بُلٽري نسل جي ڪتن جي وٺي ڏيان. ھڪ تہ نوڪري، ٻيو اٺين ڏينھن ڳوٺ اچڻ، وري دنيا داري، اسان کان خيال ئي لھيو وڃي. ھڪ ڏينھن جيئن گشت تان موٽي جاءِ تي پھتس تہ ڏسان چاچو نبن ويٺو آھي.
”اڙي چاچا، ڏي خبر، نيٺ پنڌ پئين.“
”پنھل سائين، ڪاٿي ٿو ڇڏيانءِ. اسان جي تہ ڀينگ ٿي وئي آھي. ھو شھنشاھ بُلٽري ڏٺو ھيئہ، اھو بہ نيٺ ميدان ۾ لاٿم. يارن زور ڀريو، ھن ڌڪ ئي نہ جهليو. پھرين ئي سٽ ۾ رڇ چڪ ھنيس، شھنشاھ ڪئون ئي نہ ڪئي ۽ الله ڏي ھليو.“
”استاد، چوندو ھو مانءِ تہ زوريءَ تو ھن کي ٿوم مان جافران بڻايو ھو اصل ۾ ھو شھنشاھ نہ ھو، لوسي ھو.“
استاد نبن ڳاڙھو ٿي ويو پر سور پي چيائين:
”پنھل سائين، تنھنجي تڏي تي آيو آھيان، بي عزتو تہ نہ ڪر. شھنشاھ جا جوھر مون ڏٺا. ھڪ واري رئيس خاوند ڏني واري سوئر کي وچڙيو تہ رئيس سو جو نوٽ مون کي ڏنو ھو. خير توھان آفيسر ماڻھو ڇا ڄاڻو انھيءَ شوق مان، بس ھاڻي ڀلائي ڪري، جوڙي ڪتن جي وٺي ڏي، پر ھجن بُلٽري.“
مون سوچي ٻئي ڏينھن رئيس عارب کي، جو ڪتن جو وڏو شوقين ھو، ماڻھو موڪليو. ھو بنھن جوڙي ڪتن سان اچي نڪتو. واقعي سنھڙا سيپڙا سھڻا ڪتا ھئا. چيائين پي تہ بُلٽري نسل جا آھن ۽ ويڙھ جي ڏانءَ جا بہ ھئا. استاد نبن جو ھي ڀلوڙ ڪتا ڏٺا تہ بنھہ ٽڙي پيو. چئ:
”بس، سائين، لئي ٿي وئي. ڏسان ٿو تہ تر ۾ ڪير ٿو مون کي وٺي.“
واقعي ھن جي لئي ٿي وئي، سندس در تي جو ھھڙا ڀلوڙ ڪتا ھجن تہ چڱا شوقين رئيس بہ ايندا ھئس. مان ھاڻ جڏھن بہ وٽانئس لنگهندو ھئس تہ دانھن ڪندو:
”پنھل سائين، ڦڻي ڦوڪاري کانسواءِ نہ ڇڏيندو مانءِ. ھلي آ، ھلي آ.“
مان ڪڏھن تہ ڇڏايو وڃانس، ڪڏھن ويھانس تہ مائٽ ڳولي اچي دڪان تان کڻندا ھئا تہ ويل ٽري وئي، راڻو گهر نہ آيو. پر اساد نبن وٽ ويل ھجي نہ ھجي، ھو راڻو پيو ڳائيندو ھو.
ٻنھي بُلٽرين کي ھاڻ دڪان جي پويان اڱڻ ۾ ٻڌندو ھو. شوقين کي سھائي ڏيکاريندو ھو. ھڪ ڏينھن پڇيو مانس:
”ڏي خبر، استاد، ٻنھي ڪا ميل ماري يا رکيو ويٺو آھين؟“
”سائين، ڪا ھڪ ميل ھجي. اصل تر کي ويل ۾ وجهي ڇڏيو اٿن. رئيس خاوند ڏني جي ڪتن سان ڇڏيندو آھيان، باقي سندن ڪو رنگ ڏسي.
سائين، بس دعا ٿو ڪيانءِ، فقيرن تي وڙ ڪيو اٿئي. باقي ھڪ وڙ ڪر. آھين وڏو صاحب پر منھنجو عرض نہ موٽاءِ. اڄ رئيس جي ڳوٺ ميل آھي. شام ڪا مھرباني ڪر.“
مون عمر اھڙو ڪم نہ ڪيو سو جان ڇڏائڻ لاءِ چيو مانس تہ ”چڱو چڱو ڏسنداسين.“
شام ئي مس ٿي تہ ڏسان استاد نبن ٽانگو جهلي بيٺو آھي، ”ابا، ڇاھي؟“
چئي: ”بس، سھڻا، ھل.“
مان بہ نڪري پيس، ٽانگي جي ھودي ۾ ٻئي بُلٽري ويٺا ھئا. ڏاڍا معصوم وڻيا پي. کڙا تڙا، سڄاڳ ڪتا ھئا. استاد نبن پويان وٽن ويٺو ھو. مان اڳيان ويٺل ھيس. ٽِدڳي ٽپي پنھنجو ڳوٺ ڇڏي اڳڀرو ٿياسين تہ ٽانگي واري ڳالھايو:
”استاد، اڄ خبرون پونديون. تو وارن بُلٽرين چڱن رڇن جا لاھہ ڪڍيا آھن، پر اڄ ميل آھي سوئر جي، ڀانيان ٿو تہ تو وارن شينھن سوئر اڃا ڏٺو نہ آھي.“
مان بہ چوان تہ استاد چپ ڇو ھو ۽ مون کي وٺيو وڃي، وڏو ڪو مسئلو سامھون ھيس. استاد نبن ڪنڌ ڌوڻيو ۽ ھوشيار ٿي گلو ٽانگي واري کي جواب ڏنائين:
”گلڻ ٽانگا! توکي ڪھڙي خبر تہ ھيءُ شينھن کڻي ڪٿان آيو آھيان. اصل سوئرن جي دن مان ڪڍي آيو آھيان. پليا وڏا ٿيا ئي سوئرن وٽ آھن.“
مون سندس لٻاڙ ٻڌي کلي کيس چيو، ”وري وڙھن بہ سوئرن سان ٿا.“
”سوئر آھن ئي وڙھڻ لاءِ. سوئر مارڻ ثواب آ.“ استاد ٺھ پھ جواب ڏنو:
”پر، سائين، ڏسون تہ ھي ٿا وڙھن يا سوئر ٿو وڙھين.“ گلو ٽانگي واري ٽوڪ سان چيو:
”او ٽانگا، گهڻو نہ ڳالھاءِ. مون وارا شينھن ڪٿي توکي نہ ڦاڙي وجهن!“
اسان ائين ڳالھيون ڪندا، استاد کي چيڙائيندا، رئيس خاوند ڏني جي ڪوٽ وٽ پھتاسين. خلق ڪوٽ ٻاھران چڙھيو بيٺي ھئي. مون کي بہ مٿي وھاريائين. رئيس خاوند ڏنو ٽڙي پيو ٽڙي.
”سائين، وڏا ڀاڳ جو اوھان اسان وٽ ٻہ پير ڀري آيا آھيو. استاد نبن اڄ ڪارنامو ڪري ڏيکاريو آھي.“
”ڪارنامو اصل تڏھن ٿيندو جو سندس شينھن ۽ اوھان جا بگهڙ انھيءَ سوئر کي دسين.“
”سائين ڏسجو ۽ پاڻ فيصلو ڪجو. رئيس شمس الدين ۽ ڀليڏني ٺيڪيدار جا ڪتا بہ ميل ۾ شامل آھن. وڏو ميل آھي. تر ۾ اھڙو ميل اڳ ۾ ڪڏھن نہ ٿيو آھي.“
واقعي انبوھ ھجن، ماڻھن پئي شرطون ھنيون. رئيس جي ماڻھن بہ اوڳڙ پئي ڪئي. اوچتو رڙ مچي وئي. ٿم مان سوئر نڪتو ۽ ميدان ۾ ھڪ ڊوڙ پائي، گپ واري ميدان ۾ منھن ھڻي ويھي رھيو. رڙيون ۽ ھش ھش گهڻي ٿي، پر ھو ماٺ ڪيو ويٺو ھو.
مون کلي رئيس کي چيو، ”مرون لوسي ٿو لڳي.“
“نہ سائين، وڄ ڏسوس ٿا، رڳو ڪتا لھن، پوءِ رنگ ڏسجو.“
ائين ڪندي باھوڙ ٿي. ست اٺ ڪتا ميدان ۾ آيا، اچي مرون کي ورتئون. مرون آھستي لاچار اٿيو، پر گهڙيءَ ۾ ٻہ چڪر ڏنائين ۽ ٻہ ٽي ڪتا ڌڪي وڌائين. ھمراه ڪوٽ کان ھيٺ پاسن کان پاسيرا بيٺل ھئا. ڌڪي ڪتن کي کنيو ڊوڙيو مٿي چڙھي ٿي آيا، سوئر جا وڄ واقعي تکا ھئا. ڪي ٿڪيا. ائين ڪندي نوان ڪتا لاٿئون ٿي. مرون بہ ڊوڙي ڊوڙي ٿڪو ضرور ھو پر ڪو خاص اثر نہ ٿيو ھيس. ائين ڏٺم استاد نبن پنھنجا ٻہ ڪتا ٽي ٻيا جيڪي شايد رئيس جا ھئا، ميدان ۾ ڇڏيا، واقعي ويڙھو ھئا. ويڙھ مزي واري ٿي وئي ھئي. مون جھڙو ماڻھو بہ انساني جذبن کان پري جوش ۾ اچي، واھہ واھہ ڪرڻ لڳو. ڪتا ڌڪيا، مون تي اثر نہ ھو. ھاڻ جوش ۾ رڙيون پئي ڪيم ”وٺينس، وٺينس“ ڪتڙا ويچارا ڦٽجي ڪريا. مون رئيس کي چيو، ٻيا لاھيو. رئيس آخري ٻہ ٽي لاٿا، پر سوئر ھاڻ تپيو بيٺو ھو، منٽ ٿي ڪيائين. رئيس ھاڻ بي چين ھو.
”سائين ھاڻ بس ٿا ڪيون. سوئر ڪاري ڪري ڇڏي آھي. ڏاڍا ڀلوڙ مارايا اٿئون.“
”رئيس! ڇڏڻو ناھي، ھاڻي ڌڪيو بہ آھي، ڇڏيوس نہ.“
ائين ڪندي ڏٺم تہ نبن پاڻ ميدان ۾ لٿو. ڪنھن رڙ ڪيس: ”ُستاد نبن، اِيڏانھن نہ، اِيڏانھن نہ.“
”يار شيھن ٿا مرن.“ سوئر جي گهمري ھجي، بِر ٿيو بيٺو ھو. بس نبن جيئن ڌڪيل ڪتن کي کڻڻ لاءِ نئڙيو تہ سوئر ڦيرو ڏئي اچي ڪڙڪيس. بس کنيو ويس، وڃي ڪوٽ جي ٻي ڪنڊ کان ڪڍيائينس. چوڌاري رڙ مچي وئي. مان اٿي بيھي رھيس. ڪنڌ ڌوڻي نظارو ڏٺم. ڄڻ تہ ميدان جنگ ھو. ڏاڍو خون وھيو ھو. ڪئين ڪتا ڦٽيا ڌڪيا پيا ھئا. اسان جو استاد نبن ڌڪيو پيو ھو. مون کي پاڻ کان نفرت اچڻ لڳي. مان ڪٿي کان ڪٿي ھليو ويو ھيس. بس مان بہ ڪوٽ تان گهيڙ تي ٽپو ڏنو. ائين ڏٺم تہ ڪئين ھمراھ ڏڦا کڻي ھيٺ لٿا. رئيس خاوند ڏني جو ڏٺو تہ پاڻ گهيڙ لھي آيو، مون کي ٻانھن کان اڳتي وڃڻ کان روڪيائين. جوانن گهڙيءَ ۾ سوئر جو ڏڦن سان ڪم لاھي ڇڏيو. استاد نبن وٽ بہ ھمراھ پھچي ويا ھئا. سڄو چچريو پيو ھو.
”استاد ھي ڪھڙو قھر ڪيئہ.“ منھنجي اکين ۾ پاڻي ھو.
”سائين، ھيءُ بُلٽري ٻچا ڪري پاليا ھئم، اصل جهٻي اچي ويم. ڏاڍا وڻندا ھئم، ٻچا مارائڻا تہ نہ ھئا.“
”استاد ھي پنھنجا پاليل ھيئہ، وڻندا ھيئہ، تڏھن ني!“
استاد چپ ھو، اکين ۾ پاڻي ھيس.
استاد بچي ويو، سندس جسم سڄو ڌڪيل ۽ چچريل ھو. ھاڻ بہ مون کي دڪان تي چمڙائين پٽي تي پاڪي تکي ڪندي ملندو آھي، پر مون کي سڏ نہ ڪندو آھي. جي مان پنھنجي ليکي سيرب ٺھرائڻ يا ڦڻي ڦوڪاري لاءِ ويندو آھيان تہ ھو بُلٽري ڪتن جي نہ ڳالھہ ڪندو آھي نہ فرمائش. ھن جي دڪان تي باقي بچيل ٻن ڪتن مان ھڪ ڌڪيل ڪتو، زمين ۾ منھن ھنيو پيو ھوندو آھي. مون ھڪ ڏينھن استاد کي چيڙائڻ لاءِ چيو:
”استاد ھيءُ بُلٽري بہ لوسي ٿي ويو آھي.“
استاد ھن دفعي نہ چڙيو، رڳو مرڪيو ۽ پوءِ چيائين:
”پنھل سائين! اسين ئي لوسي ٿي ويا آھيون، ٻچن جا ڌڪ ڏاڍا ڪي زبرا آھن.“
مون ڌرتيءَ ۾ منھن ھنيل ڌڪيل، معذور ڪتڙي ڏانھن ڏٺو، جيڪو ھاڻ بُلٽري تہ ڇا پر لوسي بہ نہ رھيو ھو. پوءِ ڪنڌ مٿي کڻي کيس چيو:
”ھا استاد، ٻچن جو ڌڪ برابر زبرو آھي.“
*

چوري ساڻ چسن

سلطان اوطاق ۾ گهڙيو تہ مان ٽپو ڏئي اٿي بيٺس. ساڻس اسان جا ٻيا ٽي ھاري بہ ھمراھي ھئا. سلطان لک اسان جو ھاري سھي، پر ابي ڏاڏي جي ڏينھن جو ساٿي ھو. مون سڪ مان وٺي ڪوچ تي ويھاريو مانس. سال ٻن کان پوءِ ڏٺو ھو مانس، ھمراھ بنھہ جهونو پئي لڳو، نہ اھا مينديءَ رتي سونھاري، نہ اڇو پڻئي جھڙو پٽڪو، نہ اکين ۾ سرمي جي سونھن، نہ وري مساڳ سان مليل جرڪندڙ ڏند. ڪپڙن ڏي ڏٺو مانس تہ اڄ گوڏ ٻڌل ھئس. رئيس جي اوطاق تي سلطان ڀلو وڳو اوڍي ايندو ھو. سندس منھن تي اڄ گهنج وڌي ويا ھئا، بنھہ ڏھاڳيل پئي لڳو.
”سلطان، خير تہ آھي، اجڙيو پيو آھين؟“
سلطان ماٺ ويٺو رھيو. سلطان اسان جو جهونڙو ھاري ھوندو ھو، منھنجي ننڍي ھوندي کان ساڻس دل ھوندي ھئي. جڏھن بہ ملندو ھو تہ مان وچڙي ويندو ھيو مانس. مان ڪچھري جو ڪوڏيو ۽ پاڻ گفتن جو بادشاھ. بس ساڻس ڪچھري ڪري اٿندو ھوس تہ سمجهندو ھوس ڪنھن مٽ مڌ جا پياري ڇڏيا آھن. سندس ڪچھري بس جي ڪونہ ھئي. ھو ڳالھائيندو ھو تہ محفل مست مگن ھوندي ھئي. اڄ محفل جو مور ماٺ ۾ ھو. مون سلطان جو لڙيل ڪنڌ مٿي کنيو، اکين ۾ ميگهہ ملھار ھو. بس وسڻ تي ھو. مون ڇڪي کيس ڇاتيءَ لاتو، بنھہ وسي پيو، اوڇنگارون ڏئي رنو، ڳوڙھا بس ئي نہ ڪن. مون ساڻس گڏ آيل پنھنجي ھاري صوف کان اشارن ۾ پڇيو. جيسين اھو ٻڌائي. سلطان ڪنڌ مٿي کڻي مون ڏي سڌو نھاريو.
”سائين صوف ڇا ٻڌائيندو، مان ٿو ٻڌايانءِ. شاھن مري ويو – سائين شاھن مري ويو.“ شاھن سلطان جو وڏو پٽ، اسان جو ھاري ھو. سلطان جيئن جهونو ٿيو تہ سندس ھارپ ھن جي ٻن پٽن شاھن ۽ گلڻ، سنڀالي ھئي. گلڻ ماٺو پر شاھن شھزور ھو. طاقت وارو، سھڻو جوان ڀلو ھاري، پر ڍڳن جي چوريءَ جو ماھر. شاھن ڪٿي ڀلا ڍڳا ڏٺا نہ آھن، ننڊ ڦٽي پوندس. بنھہ پويون ڏينھن ٿي لڳندن، جيسين ڍڳا ڪڍي واٽ نہ وڃائين تہ شاھن ڪونہ سڏائي. جهلبو بہ ڏکيو ھو، پوليس جي پڪڙ ۾ گهٽ اچي، تنھنڪري ويري بہ ويري ھيس.
”سلطان، مان توکي چوندو ھوس تہ شاھن کي جهل، ڪڏھن پاڻ اھڙو جهلبئي جو ڳوليو نہ ملندءِ.“
”نہ سائين ھيءُ چور چوريءَ وگهي نہ مئو آھي؛ ايڪسيڊنٽ ٿيس. توکي تہ خبر آھي تہ ھاڻ ڀرپاسي ۾ کنڊ وارو ڪارخانو لڳو آھي. ڀلا پڪو روڊ، ٽرڪ وارا نشو پي ھلائين ٽرڪ، بس ھمراھ جون پاسراٽيون ڪڍي وڌائون.“
سلطان ڳالھہ ٻڌائيندي سھڪي پيو. ھن بس ڪئي تہ صوف شروع ٿيو.
”سائين، ويو ھو بھاري وارن ڏي. ٻن ڏينھن کان اتي ٽڪيل ھو. بھاري وارن جو ڳوٺ تہ خبر اٿئي، شھر جي ڇيڙي تي پڪي روڊ سان آھي. بھارو ۽ ھيءُ ھوٽلن جا شوقين، بس شھر پيا اچن وڃن. بھارو تہ روڊ ٽپي ڳوٺ واري پاسي آيو، پر شاھن ٽپي نہ سگهيو. پريان ٽرڪ پئي آيو، جوان کي کنيو ويو. بنھہ ٽڪر ٿي ويو.“
مان ماٺ ۾ واقعو پئي ٻڌو. اعتبار ئي نہ پئي آيم. ڇھہ فٽ، ڀريل بت، ڪاٽڪو، ڦڙتيلو جوان. جنھن جي ٻرانگه ڪوھ لتاڙي، سو روڊ ٽپندي ٽرڪ لتاڙيو. بنھہ ويساھ نہ پئي آيم. سلطان جو ماٺ ۾ ھو، پرکي ويو.
”ابا سائين، ويساھ تہ مان کي بہ نہ ھو. پر سال ٿيو، جو قرآن ڏنو مانس تہ چوري کان پاسو ڪر. ڪاٽڪي ڇڏ. قسم تہ ابا کنيائين، پر ڇوڪر وسامي ويو. آھستي آھستي ڪم کان جواب. بس بھاري جي سنگت ۾ پيو رلندو ھو. گهڻو رھندو بہ ھو بھاري وارن جي ڳوٺ ھو. يار اٿس ڀلوڙ، پاڻ سان ڪم تي لڳائي ڇڏيو ھئائينس. اسان تہ پاڻ پلي ڇڏيو ھو. ڪنھن ويلي پور پيس تہ ڳوٺ ايندو ھو. زال کي پڇي ڪونہ. باقي ٻچڙن سان دل ھيس. بس انھن کي ڏسي ٽول وٺي ڏئي، ۽ پوءِ اھو ٿو وڃئي. گهڻو چئونس: ”ابا! ابا! گهڙي تہ ويھ چڱائيءَ لاءِ قرآن ڏنم. بس ھمراھ چوريءَ کان ويو، ڄڻ گهر کان ويو.“
سلطان پئي ڳالھايو مان اوطاق ۾ ھوندي بہ اوطاق ۾ نہ ھيس. اڄڪلھ نوڪري سانگي ٻاھر پيو رھڻو پئي، پر جڏھن ٻني ٻاري جي سنڀال ڪندو ھيس تہ شاھن مون وٽ گهڻو ايندو ھو. سھڻو جوان ھو، سندس نرڙ تي ڏينڀوڙي جو نشان ڏاڍو ٺھندو ھيس. پيءُ وانگر مساڳ ھڻندو ھو. ڏند پيا جرڪندا ھيس. مان جڏھن پڇندو ھيو مانس ”شاھن، ڏي خبر انھيءَ ڏينڀوڙيءَ جي؛ ڪنھن ڏينڀوڙيءَ تہ نہ ڏنگيو اٿئي.“ ھيڏو پھلوان مڙس، بنھہ ڇوڪرين وانگر شرمائجي ويندو ھو.
ھن راڄ جو زميندار ھوندي بہ منھنجي راڄ سان دوستي ھوندي ھئي. ھاڻ وڃڻ گهٽ ٿئي، ادو ننڍو پيو منھن ڏئي. پر جڏھن بہ ويندو آھيان تہ راڄ اچيو مڙي. بس اھا ڪچھري لڳندي آھي، جو اسين مست ٿي اٿندا آھيون. سلطان سان گهڻي لڳندي ھئي، پر سندس پٽ شاھن مون کي وڻندو ھو. سندس شخصيت ۾ ھڪ سحر ھوندو ھو. پٽ تي ھجي يا کٽ تي، سڀني ھارين ۾ پيو بکندو ھو. سندس شخصيت مون کي ڏاڍو متاثر ڪندي ھئي. مان سلطان کي چوندو ھيس:
”سلطان، ھن ڪاٽڪو کي سمجهاءِ، عمر نہ وڃائي. مون سان ھلي تہ شھر ۾ ڪنھن ڪم ڪار سان لايانس. سندس حياتي ٺھي پوندي.“
”تون مالڪ آن، ھلئي تہ ڀلي وٺي وڃينس.“ ڀلا شاھن کي ڍڳن جي چوريءَ جي چوس. ڇھين مھيني ڪري يا ٻارھين، پر ڪري ضرور ۽ جھڙي تھڙي ڍڳيءَ ۾ بہ ھٿ نہ وجهي. بس ڳولي کڻندو. مان ڪڏھن پڇندو ھو مانس تہ کلي پوندو ھو:
”ڀوتار، توھان سان ڪھڙا لڪ لڪاءُ. ڍڳو يا ڍڳي مون کي نہ ماري، سندس اک بس ماريو وجهي. اک ۾ ڏسندومانس، جي مڻيا ھوندس تہ بنھہ ڇڪي ڪڍندو مانس. پوءِ ڀل مون وٽ ڏينھنڪ ھجي. کڻندو مانس ضرور.“
ويٺي ويٺي شاھن جا ڏاڍا پور پيا. اھي ڏکيا ڏينھن بہ گهاريل ھئا، جڏھن زمين تي قبضا ٿيا. شاھن، ڪھاڙي کنيو اڀو پيو ورندو ھو. وڏو ڀر جهلائو ھو. ٻيءَ ٽيءَ پوليس سان ويڙھ تہ ھمراھ ڇڏيو، ڳالھہ ڏاڍو تنگ ڪندي ھئي. پر ماڻھو تہ مڻيا وارو ھو، پوءِ عيب بہ سوين ھجنس. مون ڏٺو سلطان ۽ سندس ساٿي اٿيا بيٺا ھئا.
”ابل سائين، ڳوٺ مھمان آھن. بھاري وارا آيل آھن. ڪجهہ سندن ماني ٽڪر جو بہ فڪر ڪريون. بس موڪل ڏي، وري ٻيءَ ساعت اينداسين. اڃان تہ اِتي آھيو نہ؟“
”ھا چاچا، پر مان ڳوٺ ايندس شاھن جو پير ڏيڻ. مڙس ويو پر يار کي تہ ياد ڪبو.“
ھو نڪتا ئي پي تہ مون کي خيال آيو:
”صوف، سڀاڻي شھر اچين تہ بھاري کي وٺيو اچجانءِ. مان يار جي يار سان ملڻ چاھيان ٿو.“
”حاضر منھنجا سائين!“
ھيءُ سڀ ويا تہ مان وري ٻئي خفي ۾ لڳي ويس. پنھنجي ڳوٺ اچون ڇٺي ڇماھي، ماڻھو ملڻ ۽ پير ڀرڻ ۾ پورو. ڏينھن گذريو رات وئي، صبح جوصوف، بھاري کي وٺي آيو تہ شاھن جو موت ياد آيو ماڻھو موت کي تہ پل لاءِ ياد ڪري ٿو ڇاڪاڻ تہ آھي بہ پل جو کيل.
مون سوچيو تہ بھارو بہ شاھن وانگي ڪو قدآور، ڪو سھڻو جوان ھوندو پر ھيءُ جوان قد جو ننڍو، رنگ جو سانورو پر ڦڙتيلو ھو. سندس اکيون ننڍيون ٻليءَ وانگر چمڪيون پئي. اڃان اسان ھڪٻئي سان کيڪر ئي ڪانہ ڪئي تہ تر جو وڏو صوبيدار فضل حسين اندر گهڙيو. پراڻو واقف ھو. سيلوٽ ھڻي اچي مليو.
”سائين جن جي خبر پئي، بس چيم تہ ٿيندو وڃان.“
سندس نظر بھاري تي پئي تہ پيشانيءَ تي گهنج اچي ويس.
”اڙي ڪاٽڪو، پنھنجي جوءِ ڇڏي ھتي ڪيئن آيو آن. چيو ھيومانءِ تہ ھيڏي نہ اچجانءِ، مارجي ويندين.“
”سائين! سائين! بابو آن. بس سائينءَ گهرايو ھو، اجهو وڃان پيو.“
بھارو پگهريو پيو ھو. ڏٺم تہ فضل حسين جي نرڙ تي گهنج وڌي ويا ھئا، ڪاوڙ مڙئي سرس ھيس.
مون کلي ڳالھہ کي لنوايو.
”چڱو، توھان ھلي مناھين ۾ ويھو، مان پوءِ ڳالھائيندس.“
”سائين، ھيءُ وڏو بدمعاش آھي. توھان اچو ٿا ڪڏھن ڪڏھن، ھن کي نہ ٿا سڃاڻو. خطرناڪ ماڻھو آھي. ھن کي ھتي نہ اچڻ کپي.“
”اِھا ئي تہ ڳالھہ آھي، ڪڏھن ڪڏھن ٿا اچون. ڀلي پيا اچن، اسان کي ڇا ڪندا.“
”سائين، ڪاٽڪو ھڪ دفعو اچي يا سؤ دفعا، وار ضرور ڪندو ۽ ڪنھن بہ ويلي. ھن کي جوءِ ڏيکارجي ئي نہ. توھان کي خبر آھي تہ ھن ۽ شاھن، تر ۾ باھ ٻاري ڇڏي ھئي. شاھن مئو ڄڻ ڪتو مئو، اسان جي جان ڇٽي پئي. ڪو وقت ڍڳن جي چوري ڪندا ھئا، پر پوءِ تہ جيڪي آين، ڀينگ ڪري ڇڏين. خير ڇڏيو انھيءَ ڳالھہ کي، ڏيو خبر اوھان ڪيئن آھيو.“
فضل حسين کي ڳالھہ مٽائيندي وقت لڳو. ويو تہ فڪر ڏئي ويو. ”سائين! بھاري کي ھڪدم ڪڍي ڇڏيو، جيئن مان اوھان کي چوان.“ مان ڪا ويل ماٺ رھيس، پوءِ جيڏي مھل بھارو ۽ صوف اندر گهڙيا تہ ڄمي بيھي رھيا. ھاڻ ھنن جي سامھون ھڪ سخت گير زميندار سامھون ھو. منھنجي ھٿ ۾ اباڻو نيٽ جو لڪڻ ھو. منھنجي پاسن کان منھنجو ڪمدار خانڻ ۽ منھنجو خاص نوڪر ڌڻي بخش بيٺا ھئا. ھنن يڪدم اوطاق جو در بند ڪيو، مون اشارو ڪيو. ھن صوف کي ٿيلھو ڏئي ٻاھر ڪڍيو ۽ پوءِ در ورائي ڇڏيائون.
جيسين بھاري کي ڪا ڳالھہ سمجه ۾ اچي، ٻنھي ھمراھن کڻي کيس دسيو، مان اٿندي ئي نيٽ جو لڪڻ کيس وھائي ڪڍيو.
”اڙي بھارا! سچي ڪر، شاھن ڪيئن مئو.“
”سائين – سڄي جڳ کي خبر آھي ايڪسيڊنٽ ۾ مئو. روڊ تي مئو سائين رڊ تي.“
”بھارا، مان آفيسر سان گڏ تر جو زميندار بہ آھيان. تو جهڙن کي چڱيءَ ريت سڃاڻان. ٻڌاءِ شاھن ڪيئن مئو.“
مون نيٽ جو ٻيو لڪڻ کيس وسايو، ٽيون، چوٿون . . .
”جهليو سائين جهليو – مان مارجي ويندم. اِھو صوبيدار فضل حسين ئي مارائي ڇڏيندم – بس سائين مون کي معافي ملي.“
”فضل حسين جو ذمو منھنجو آھي. بس تون ٻڌاءِ شاھن ڪيئن مئو، ايڪسيڊنٽ ۾ مئو؟ مون سان چرچو؟ جلدي ڪر، ٻڌاءِ شاھن ڪيئن مئو؟“
مون نيٽ جو لڪڻ وري وسايو.
”سائين بس ڪريو. ٻڌايانو ٿو. پاڻي پياريو.“
ھمراھ پڪو ھو پر اوطاق ۾ آفيسري ڏسي دھلجي ويو ھو. يڪدم کڻي باسيائين.
”سائين، اوھان کي تہ خبر آھي، شاھن ڍڳن جي چوري ڪندو ھو. پڻس قرآن ڏنس، ڀڄي اچي مون وٽ رھيو. ھو ڏاڍو موڙھل ھو. مون کيس چيو تہ ڍڳن جي چوري لاءِ قرآن کنيو اٿئي ڪو ٻين چورين لاءِ تہ ناھي نہ. مون سان ھل گڏجي. اسين سائين چور آھيون، سنھي ٿلھي جيڪا چوري آئي سا بہ ڪار پر ھي مور نہ مڃي. نيٺ ھڪ وھڙي ڏٺائين. ھتان ٻہ ڪوھہ اندر چڱا سکر زميندار آھن، کاجاڻن جا زميندار ليکبا آھن. اصل قسم ٽوڙڻ لاءِ تيار ٿي ويو. مون کي خبر نہ ھئي تہ ھيءُ پيو وھڙي سانگي يا ڪنھن ٻئي مامري اتي لامارا ڏيندو ھو. الائي ڪيئن لڳس. ويو وھڙي ڪاھڻ ھو، آيو تہ زال ماڻھو ساڻ ھجيس. ڀلوڙ زال ھئي. مون ان رات ئي کيس چيو تہ ٻانھن موٽاءِ. اصل روئي پيو. ھن جي تہ ڪن ڏينھن کان ڪا پنھنجي پر ۾ ميخ لڳل ھئي. اسان کي خبر نہ ھئي. بس يار سان ھئي ياري نڀاھڻي، پوءِ نڀائي سون.“
ھن ساھي کڻي پاڻي گهريو. مون ڏٺو، ھو سڄو ڏڪيو پئي ۽ پگهريو پيو ھو. پاڻي پي وڏو ساھ کنيائين ۽ وري قصو شروع ڪيائين:
”سائين، ٻانھن اسان وڃي ڪچي ۾ دمي، لڪي بہ ڪيترو لڪون. ھونئن بہ شاھن ڍڳا ڪاھي تہ ڪي ڏينھن رکي پوءِ ڏيو ڇڏي، پر ھيءَ زال ماڻھو ھئي ۽ ھئي بہ سھڻي ڏاڍي. نيٺ تہ ھئي پرائي ٻانھن، ھمراھ ڪوشش ڏاڍي ڪئي تہ رکي ۽ نڀائي، پر ھمراھ ڊوڙي ڊوڙي ٿڪو. تر ۾ باھ ٻري وئي. فضل حسين تڪڙو صوبيدار آھي. بنھہ اسان جي ڪڍ ڪاھجي پيو. نيٺ اسان جيئن رات جو کنئي ھئي، ڏھين ڏينھن در تي ڇڏي آياسين.“
”مائي پرڻيل ھئي يا ڪنواري.“
”ڪنواري، پر عمر جي چڱي وڏي ھئي. مالڪن جي ملڪيت ۾ وڏي وارث ھئي، وھاري ڇڏي ھئائون. پيسو، زيور جام آندو ھئائين. شاھن پيسي ۽ زيور سوڌي واپس ڪئي، پر ڀاڳين کي خبر پئجي وئي ھئي. فضل صوبيدار پاڻ بہ چورن جي ناني آھي. خبر کيس بہ ھئي پر خيال سان ھٿ وجهڻ ٿي چاھيائين. ٻانھن موٽي ناھي اِشارو ڪري ڇڏيائين. شاھن کي منھنجي سامھون ڌڪيائون، ڪٺائون، پوءِ روڊ تي پنھنجي ٽرڪ سان چٿيائون. مان پاڻ ھيم سائين. فضل حسين کي بہ خبر آھي، شاھن جي مائٽن کي بہ خبر آھي. سائين، ھو پوليس جي ڪري چپ آھن.“
بھارو چپ ٿي ويو. فضا ۾ سانت ڇانئجي وئي. مون اٿي بھاري کي فرش تان کنيو. بھارو ڏٺم ٿڙڪي پيو، ھراسيل ھو.
”سائين ڀاڳيا مون کي ماري ڇڏيندا، فضل حسين کي بہ لبي ڇڏيو اٿن. سڄي پوليس مليل آھي. مون کي حڪم ھو، ڪچي مان پڪي تي نہ اچجانءِ نہ تہ مارجي ويندين. آيو ھئس چاچي سلطان سان ملڻ. بس چاچي جو حڪم ٿيو، ٻيو اوھان جو نالو ٻڌو ھيم، ھلي آيس ھتي تہ . . . “
ھو ويٺو ڌڪ سيڪاٽڻ، مان مرڪي ويٺس. وڌي ڀاڪر پاتو مانس. کيسي مان ڪجهہ نوٽ ڪڍي ڏنامانس. دلداري ڏني مانس.
”خير آ، خير آ. مان ويٺو آھيان، ڪنھن مائيءَ جي لال کي طاقت آ. بس تون ھاڻ ڀلي وڃ، ڳالھہ ڇپر ۾ رھندي.“
مون صوف کي سڏ ڪيو، کيس بہ خرچي ڏنم ۽ چيومانس تہ بھاري کي خيال سان وٺي وڃي. بھاري ھٿ ٻڌي موڪلايو.
”بابل سائين، پارت اٿئي.“
مون بھاري کي ڪنڌ ھيٺ لڙڪائيندي ويندي ڏٺو. ھن جي چھري تي ھراس ھو. ھڪ ڪاٽڪو موت جي پل کان ڪيڏو نہ ڊنل ھو.
مان ٻئي صبح جو نوڪريءَ سانگي واپس حيدرآباد آيس پئي. اڃان موٽر ۾ پير رکيم تہ ڪمدار خانڻ آھستي آھستي اچي ڀڻڪو ڪيو:
”بھارو مري ويو سائين، ايڪسيڊنٽ ۾، ساڳئي روڊ تي.“
مان ڪا گهڙي ڄمي بيھي رھيس ۽ پوءِ ڊرائيور کي اشارو ڪيم. نيٺ موٽر اچي روڊ تي چڙھي. ڪجهہ پنڌ اڳيان ھلي مس تہ سامھون ڪا شيءِ چچريل روڊ تي پئي ھئي. مون يڪدم دانھن ڪئي ۽ ڊرائيور کي ٻانھن کان ڇڪي گاڏي بيھارڻ لاءِ چيو. ڊرائيور زور سان بريڪ ھنئي.
”شمن ڏس ڪنھن جو لاش آھي.“
”سائين ھيءُ لاش نہ آھي ڪتو آھي. توھان ھروڀرو ڇرڪي ويا آھيو. ھيءُ ماڻھو جو لاش نہ آھي. ٽرڪ ھيٺان ڪتو چچرجي مئو آھي.“
پوءِ ھن گاڏي ھلائي، مون کيس اشارو ڪيو، پاسو ڪري گاڏي ڪڍيائين. مون ڪتي جي چچريل جسم کي ڏٺو، اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيم.

اسان تي الزام آندا جڳ جيئڻ جا

زليخا پنھنجن خوابن جي شھزاديءَ سان ڳالھيون پي ڪيون، ھوءَ ھن دنيا کان پري پرين جي ديس ۾ ويٺي ھئي، سندس شھزادو کانئس پري نہ ھو. سندس ڳالھين ھن جي ڪنن ۾ سرٻاٽ پي ڪيا. ھوءَ ھميشہ جيان انھيءَ خواب ۾ الوٽ ھئي، جو ماڻس کيس جاڳائي وڌو. ھوءَ اڀا ساھ کڻندي اٿي ويٺي. زليخا آھستي اٿي کٽ ھيٺان پيل جتي سوري ويجهي ڪئي، پوءِ جتي گهليندي ٻاھر نڪتي. ٻاھر نڪتي تہ ولھہ وڪوڙي ويس. ھن دري وٽ پيل بتي کي کنيو ۽ وٽ سوري مٿي ڪئي.
ھوءَ حويليءَ جو اڱڻ لتاڙي، رنڌڻي تائين پھتي تہ سڄي ڏڪي پي. ولھ بہ ولھ ھئي. کيس ننڊ اھڙي آئي ھئي، جو رات چڱو پھر ٽپي ھلي ھئي ۽ ھن کان ماءُ کي کير ڏيڻ بہ وسري ويو ھو. سڄي حويلي جي ڪمرن جا در بند ھئا، ورانڊن جون چکون ڏنل ھيون. ھوءَ اڪيلي اڱڻ ۾ ھئي. رنڌڻي جا ٻئي در ٻيڪڙيل ھئا. ھن جيئن ھڪ در کي ڌڪو ڏنو، در چيچراٽ ڪندو کلي پيو. اندر اوندھ ھئي. ھوءَ جيئن لالٽين کڻي اندر داخل ٿي تہ ھن پاڻ کي ماڻھن ۾ گهريل ڀانيو. ھن انھن ڪنڊن ڏانھن نھاريو. ڪارن ڪپڙن، ڪارن کٿن ۽ ڪارن پٽڪن سان ٻہ جوان سندس سامھون بيٺا ھئا. ائين اوچتو ھڪ ھمراھ جنھن جو رنگ صفا ڪارو ھو، شڪليون ٺاھيندو منھن مان گڦ ڪڍندو نچندو ٽپا ڏيندو اڳتي وڌيو. زليخا اتي ئي ڄمي بيھي رھي، سندس ٽنگن ۾ اڳئي ساھ ڪونہ ھو، ويتر ھي ڀوائتي شڪل ڏٺائين، تہ ڦھڪو کائي ڪري. ائين ٻئي جوان ڀاڪر ۾ ڀري کيس بيھارڻ جي ڪئي.
ھوءَ سڄي ڏڪي پي. انھيءَ جوان جنھن جو وري رنگ ڀورو ۽ شڪل سھڻي ھئس ۽ ڪنن ۾ ڪيوٽيون ھئس. زليخا کي ڏڪندو ڏٺائين تہ مٿان کڻي کٿي ورايائينس. ھوءَ سڄي ويڙھجي سيڙھجي انھيءَ جوان جي ڀاڪر ۾ ھلي ويئي. ھوءَ آھستي آھستي ھوش ۾ ايندي پئي وئي. ھن ڳيتون ڏئي، رڙ ڪرڻ چاھي ”جن – جن“ پر کانئس صرف ڀڻڪو نڪتو، جيڪو ھن ٻڌو. ڀوري جوان سندس منھن تي ھٿ ڏنو.
”ھا اسين جن آھيون. ڪوھ سليمان کان آيا آھيون. مان جنات جي بادشاھ جو پٽ آھيان. ھيءُ منھنجو وزير آھي – اسين پرين جھڙي شھزادي کي نقصان نہ پھچائينداسين.“
زليخا ھن کي ماٺ ميٺ ۾ تڪيندي رھي. جنات جي شھزادي جو ٻڌي ھوءَ انھن خوابن واري شھزادي ڏي ھلي وئي. جنھن کي اڃان ھاڻ خواب ۾ ڇڏي آئي ھئي. ھوءَ آھستي پاڻ ڇڏائي پري ٿي بيھي رھي.
سندس اکيون حيرت ۾ ڀريل ھيون. ھيءُ تہ ساڳيو شھزادو آھي، سھڻين نيرين اکين، ڀوري رنگ وارو شھزادو. ھوءَ ھاڻ ڪنڌ جهڪائي بيھي رھي، ھو وٽس وري وڌي آيو. ھن سندس اڇڙو ھٿ ورتو، پوءِ ھڪ آڱر ۾ ڇلڙو پارايائينس. پيار مان کيس ويجهو ڪيائين ۽ ھٿڙو کڻي چپن تائين آندائين.
ھوءَ ان ڇھاءُ ۾ ٻڏي وئي ۽ اکيون بند ٿي ويس. ھن کي سمڪ ئي نہ رھي، اِئين اوچتو، ھن محسوس ڪيو تہ اتي ڪير بہ نہ ھو. ھن يڪدم اکيون کوليون. ھيڏانھن نھاري ھوڏي نھاري، يڪدم ٻاھر نڪتي. ماڻس ورانڊي جي ڇپري وٽ بيٺي ھئي، ”چور – چور“ ماڻس اوچتو رڙيون ڪيون. ھوءَ وٽس ڊوڙي آئي، “نہ امان چور نہ ھئا. جن ھئا جن.“
”تو ڏٺا ڇا؟“
ماڻس تيئن رڙيون ڪيون، ”چور – چور – جن – جن – چور – چور – جن – جن . . . . “
زليخا سندس وات تي ھٿ ڏنو، پر ماڻس حالون بي حال ھئي. سڄي حويلي جاڳي پئي، زليخا جو پيءُ وڏو خان، آدم خان، بندوق سوڌو ٻاھر نڪتو. ھو سڌو حويلي جا ڪڙا ڪنڊا لاھيندو، ٻين پٽن سان گڏ ٻاھر نڪري ويو.
زليخا گم سم ورانڊي جي ٿنڀي کي جهليو بيٺي ھئي. اوچتو ھن بندوقن جا ٺڪاءَ ٻڌا. ھوءَ سڄي ڏڪي وئي.
”اڙي ھنن کي نہ ماريو. ھو جنات آھن. جنن جو شھزادو ۽ ساڻس وزير آھي. امان ھنن کي چئھ تہ بندوقون نہ ھڻن. ھو شھزادا آھن.“
ھوءَ ائين چوندي ساڻي ٿي ڪري پئي.
مون پڦي زليخا کي تڏھن ڏٺو، جڏھن پل ھيٺان گهڻو پاڻي وھي ويو ھو. پڦي زليخا جا وار چانديءَ جو روپ وٺي چڪا ھئا. پڦي زليخا لاءِ اھو مشھور ھو تہ ھن تي جنن جو اثر آھي. حقيقت ۾ پڦي زليخا جا وارث سندس ڀائر ھئا. جن ڪنھن بھاني سندس سڄي ڄمار وڃائي ڇڏي. متان ملڪيت ٻئي گهرن ۾ نہ وڃي. پڦي زليخا اسان جي ابي جي سوٽاڻي لڇ ۾ سؤٽ ھئي. مان جڏھن بہ پڦي زليخا جي گهر ويندو ھئس، ۽ ساڻس ملندو ھئس تہ سندس ٻھڪندڙ منھن جي ڏيا مون کي ماٺ ڪرائي ڇڏيندي ھئي. مان ويجهو بہ ھئو سانس ۽ لاڏلو پڻ. پر پڇڻ جي ھمت مون ۾ نہ ھئي. پر ھڪ ڏينھن ھمٿ ڪري کائنس پڇي ويٺس. ھوءَ ان ويلي چلھ تي ويٺي ھئي ۽ کير پئي گرم ڪيائين.
”پڦي اڄ تہ ان جنن جي شھزادي واري ڳالھہ ٿي وڃي. ڀلا اھو شھزادو ڪيئن ھو؟“
ھوءَ مرڪي ويٺي، سندس اکين ۾ جوت اچي وئي.
”شيطان، توکي بہ ماڻھين ۽ ماسين ڀريو آھي. اھو شھزادو تو جھڙو ھو، بس.“
”نہ پڦي، ڳالھہ تہ ڳالھہ آھي. پر مون کي تو کان ڳالھہ ٻڌڻي ضرور آھي. پڦي ڏس مان تنھنجو لاڏلو بہ آھيان نہ. توکي اصل ڳالھہ ٻڌائڻي پوندي پڦي!“
ھاڻ پڦي زليخا روئي ويٺي.
”مون کي سڀني ڏاڍو بدنام ۽ ڪوڙو ڪيو. مٺو اِنھيءَ ڪھاڻيءَ تہ منھنجي سڄي حياتي ويران ڪري ڇڏي. ڀائرن بنھہ ويھاري ڇڏيو، ڄڻ اھو شھزادو موٽندو ۽ مون کي وٺي ويندو. ڳالھہ ٿي سا ٿي. ان جي ڪھڙي پچار ڪجي. مون ڪھڙو گناھہ ڪيو آھي.“ ھوءَ ماٺ ٿي وئي.
مون کيس وڌيڪ ڏکوئڻ نہ پي چاھيو، پر ورھين کان اندر ۾ دٻيل ھڪ سوال ھيئين تي ھري آيو. بي اختيار پڇيومانس، ”پڦي چون ٿا تہ ھو جن نہ ھئا، ٻہ مشھور چور ھئا. جيڪي پوءِ وڏي خان، آدم خان ڳولي ڦولي ھٿ ڪيا ۽ مارائي ڇڏيا ھئا.“
پڦي جو منھن ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ٿي ويو. ھن لوئيءَ مان ھٿ ڪڍيو، ”بي گناھ مارائين تہ ڀلي مارائين، پر پوءِ ھيءُ ڇا آھي.“ مون ڏٺو تہ سندس ھٿ تي سڙڻ جو نشان ھو، ڄڻ تہ ٻن چپن جا نشان ھئا. ھوءَ فخر سان اٿي بيٺي ڏانگاڻي تان ھڪ داٻلو کنيائين ۽ پوءِ ان کي کولي ھڪ ڇلو ڪڍيائين. ھن جيئن مون کي ڇلو ڏنو، تہ مون ۾ عجيب ڪرنٽ ڊوڙي ويو. مون ڇلي کي ڏٺو ان تي ھڪ عجيب مھر اڪريل ھئي. مون ڇلي کي جيئن اٿلايو پئي تہ ڊپ پئي ٿيم ۽ مھر تان نگاھہ ئي نہ پي ھٽي. مون يڪدم پڦيءَ ڏي نھاريو.
پڦي ان ويلي کير جي ھنڊي ڏانھن جهڪي، کير اڀامي ويو ھو ۽ وھيو پي. ھن آرام سان اڀامندڙ کير جي ھنڊي پنھنجي ھٿن سان لاٿي، بنا ڪنھن ڪپڙي جي ۽ کير سندس ان سڄي ھٿ تي وھي ويو، جت چپن جھڙا نشان ھئا. ھن سوسٽ بہ نہ ڀريو. نہ وري سندس ڪو ھٿ سڙيو، ھوءَ جيئن سنئين ٿي تہ مون سندس چھري تي ايتري ڏيا، روشني ۽ پختائي ڏٺي، جو مان ڊڄي ويس. پوءِ مان آھستي آھستي اتان کسڪي آيس.
پڦي زليخا وٽ اڄ بہ ويندو آھيان، پر ساڻس وري ان جنن جي شھزادي جي باري ۾ ڳالھہ نہ ڪئي اٿم، ڇاڪاڻ تہ مان ھاڻ پڦي زليخا کان ڊڄندو آھيان.
*

پرديسي پکيئڙا

ھن پٽ تي ڦھليل گليلن ۽ ڳوڙھن کي جاچيو ۽ پوءِ کانڀاڻي جي وچ تي ھڪ ڳوڙھو رکيو. سندس ننڍڙي ٻانھن ڏاڍي ڏانو سان کانڀاڻي کي گهمايو. ھڪ ٺڪاءُ نڪتو ۽ پنھنجي ننڍڙي ۽ نرم آواز کي وڏڙو ۽ کھرو ڪندي پڪاريو: ”ھو – ھو – ھو – وھيو – “
پکين چوڌاري ڀڙڪو کاڌو ۽ وھين جون قطارون سندس سامھون ڀورانھون ڪنديون کجين جي چوٽين کان اِئين نڪتيون، ڄڻ ھو ھيءُ باغ رڳو ڇڏي نہ ويندا، پر ملڪ بہ ٽپي ويندا.
ھن ڪيترن سالن کان وھين کي قطارون ڪندي، ڪتل جي مند ۾ کجين جي چوڌاري لامارا ڏيندي، ٻن ڳڙين خاطر جان جوکم ۾ وجهندي ڏٺو ۽ سندس پيءُ بچل باغائي جا ڌڪ بچائيندي ڏٺو. ھيءُ پھريون سال ھو، جو بچل بيماري سانگي، سچل کي کانڀاڻي سونپي ھئي، پر ھن ھدايت سان تہ ”سچل! کانڀاڻي وھندي پر جي ڪنھن پکي پکڻ جو کنڀ ڪريو، سمجه تہ ڪيس ڪري ڇڏيئہ. خاص طرح وھيي جو تہ خيال ڪجانءِ. ھيءُ پتڪڙو ڀورڙو پکي، پرديسي پکي اٿئي.“
سچل حيران ٿي پڇيو ھيس، ”پر بابا! ھيءُ پکي تہ ھتي جو آھي، پرديسي ڪيئن ٿيو؟“
”نہ من! ڏورانھين ملڪ جو پتڪڙو پکي آھي. ھيءُ ڪتل جو عاشق آھي. ڪي سوين ڪوھ لتاڙي، کجين جي باغن ۾ اچيو منزل ھڻي. ڪتل جون ٻہ ڳڙيون سندس شوق بہ آھي تہ پيٽ پوڄا بھ. مڙئي سندس شوق ۽ پيٽڙي جو خيال ڪجانءِ ٻچا! ڇو تہ اسان بہ شوق ۽ پيٽ جا ماريل آھيون!“
سچل کي ڀلي ڀت ڄاڻ ھئي تہ پڻس پيٽ لاءِ جي باغائي ھو تہ باغ جي کجيءَ کجيءَ سان بہ چاھ ھيس ۽ کيس جهونو باغائي سمجهيو ويندو ھو. کجين جي باغن ۾ سندس موھ ھوندو ھو. ڀلي رئيسن جو باغ ھجي يا سيٺين جو، وڏيرن جو ھجي يا پيرن جو بچل ھلي بہ کين صلاحون ڏيندو، پوءِ کڻي پاڻ پيرن وٽ نوڪر ڇو نہ جي. ھونئن بہ سندس پيرن سان جيئن ئي جيءُ ريجهيو ھو، ھن ھاڻ پيريءَ تائين پئي نباھيو.
سچل ويٺي ويٺي پنھنجي پيءُ بچل جي حال تي بہ سوچيو، جيڪو ھاڻ کٽ تي پيو ھو. کنگهي کنگهي سندس برو حال ٿيو ھو. باقي ڪي بچيو ھو. ھونئن بہ ڪمزورڙو تہ ھوئي. پر پر کان ھن بيماريءَ ھڻي ھڏا ڪري ڇڏيو ھوس. ماڻس ڪيئي حڪيم ڀيٽيا ھئا. ڪي چون تہ سلھ اٿس، ڪي چون تہ دم جو مريض آھي، ڪن تہ مورڳو چيو تہ ”بابا اِھا بہ پيري!“
پر سچل کي اھا پڪ ھئي تہ بابو ڪڏھن اٿي اچي ڀيڙو ٿيندم. سندس ھڪ تہ پيءُ سان دل ھوندي ھئي، ٻيو ھيڏي وڏي باغ ۾ ھو اوٻاڻڪو بہ ٿيندو ۽ جهار ھڪلڻ بہ تہ سندس لاءِ سولو ڪم نہ ھو.
ائين سندس ويچارن کي وھين جي ڀورانھين قطارن پل لاءِ پري ڪري ڇڏيو، ھو ڇرڪ ڀري اٿيو، ھن جي جان پئي نظر وئي تہ کيس ڀورانھون پئي نظر آيون. ڪٿي تہ ھنن ڀڙڪا پئي ڏنا تہ ڪٿي چوٽيارا ويٺا ھيا. سندن ايڏي گهڻائي ڏسي نڍڙو سچل ڊڄي ويو. ھن عمر ۾ ايڏو وھيو نہ ڏٺو ھو. ھيل ولرن جا ولر ڏسي ھو حيران بہ ٿيو پي تہ ڊنو بہ پئي. ھن ڪا گهڙي تہ ھن ڀوراھين ڀڙڪي ۽ چوٽيءَ جا نظارا پئي پسيا. اڄ کيس ھيءُ کجين جو باغ ٻيو پئي لڳو. اوچتو کيس خيال آيو ۽ ھو ڊڄي ويو: ”جي سڄي ڪتل جهار ئي کائي وئي تہ پوءِ - !“ ھن يڪدم گليلا ۽ ڳوڙھا ميڙيا ۽ کانڀاڻيءَ جي وچ تي رکندو ويو، ٺڪاءُ ڪڍندو ان سان گڏ سندس رڙ بہ پئي پيئي: ”ھو – ھو – ھو – وھيو - !“
سندس ٻانھن ساڻي ٿي پئي، پر اڄ وھيو بہ چئي تہ ننڍڙي يار سچل جي ياري ڇڏي ڪاٿي ٿو وڃان. ڀڙڪو ڏيو، وريو ڦريو اچي، سو بہ ولرين، يا تہ گوشا رسائتا ٿيا ھيا يا تہ سچل جو باغ ئي مٺو ھو ۽ کين وڻيو ھو. سچل جڏھن ھيءُ لقاءُ ڏٺو تہ يڪدم گليلن ۽ ڳوڙھن سان کڻي کيسا ڀريائين ۽ باغ ۾ اندر ڪاھي پيو. کانڀاڻي وھندي پئي ھلي، پر وھيو جي پچر ڇڏي! نيٺ سچل کانڀاڻي اڀي ڪئي ۽ سڌي ھڻڻ لڳو. ڪنھن مھل ڪنھن ولر کي ٿي چٽيائين تہ ڪنھن مھل ڪو اڪيلو بہ ھٿ پئي چڙھيس تہ گليلي يا ڳوڙھي جو زوزاٽ ھيس. پر سائين اڳيان بہ وھيو ھو. کانڀاڻيءَ جي ٺڪاءُ سان ھن ڀڙڪو پئي کاڌو ۽ گليلي (ڳوڙھي) جي پھچڻ کان اڳ ئي ھنن يا تہ آسمان پئي کنيو يا لھوارا ٿيو وڃي پٽ پئي ورتائون. شايد ائين بہ ھجي جو سچل جي پتڪڙي وجود کي ھنن پاڻ جھڙو پتڪڙو سمجهيو ھجي. ڇو تہ جڏھن سچل کانڀاڻي ھڻي ساڻو ٿيو ۽ پگهر وڃي کڙي کنيس تہ ھو ھڪ کجيءَ جي ڇانو ۾ ويھي رھيو ۽ گهڙي ئي ڪانہ گذري تہ وھين اچي ديرو سندس پاسي ۾ ھنيو ۽ ٽپ ڏيندا، سندس آڏو پئي کيڏيا. ڪي تہ بنھہ سندس مٿي کان يا تہ بنھہ ڪنن وٽان ڀون ڪندا وڃي سندس پٺيان ٿي ويٺا. ائين پئي لڳو ڄڻ ھو سچل سان راند پيا ڪن. ڪا گهڙي سچل ھن نرمل نظاري ۾ گم ٿي ويو. کيس ھيءُ پتڪڙا پکي ڏاڍا وڻيا پئي. پر پوءِ جو ھن مٿي نھاريو تہ کيس باغ جي ڀينگ نظر آئي.
ھو ھر ھر خار مان اٿيو پئي ۽ کانڀاڻيءَ جو ٺڪاءُ ڪڍي وري ويھي پئي رھيو. ھن کي سمجه ۾ نہ پئي آيو تہ ھو ڇا ڪري. ڪا مھل ھو بي وس ويٺو رھيو ۽ پئي وھين جن رانديون پسيائين. ھاڻي تہ ھو ڇيڪ ڇڏيل ھئا ۽ پٽ تي لھي آيا ھيا. سچل ھنن کي بود ۾ ٺينگ ٽپا ڏيندي مورڳو پوسريو پئي. سندس بي وسي ۽ لاچاري، ضد ۾ بدلجي وئي ھئي. ھن جو منھن ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ٿيندو پئي ويو. سندس ڏند ڀڪوڙبا ويا. چوڌاري وھين جو غوغاءُ ھو ۽ سندس ڪنن جون دھلڙيون ڦاٽيون پئي، لوندڙين ٺڪاءُ پئي ڏنا. ويٺي ويٺي سندس ھٿن ڪم ڪري ورتو ۽ ھن ھن دفعي ٻانھن کي گهڻو نہ گهمايو، بس سڌي ۽ اڀي کانڀاڻي وھي وئي ۽ سامھون کليل پٽ تي نچندڙ ڪڏندڙ بود ۾ چيچاٽن جو غوغاءُ ڪندڙ بي خبر پتڪڙن پکين ڀڙڪو کاڌو، پر ھڪ ساٿي سندن ساڻي نہ ٿيو ۽ ڌڪجي ڪريو. ھو پٽ تي کنڀڙاٽيون ھڻي پنھنجون کنڀڙاٽيون کوھيندو رھيو. سچل ھڪ وار تہ خوشيءَ ۾ رڙ ڪئي: ”اھو ٿو وڃيئي!“ پر پوءِ جو ڦٿڪڻ ۽ چين چين جو آواز ٻڌي ھو سمجهي ويو. گهڙي ڪا نہ گذري تہ سڄي باغ ۾ ماتم مچي ويو ۽ وھين رڙيون ڪري باغ مٿي تي کڻي ڏنو. ھو اڃان ويجها تہ ڪونہ پئي آيا، پر سندن واڪا وڏي سڏ پئي ٻڌا. سچل کي ائين لڳو ڄڻ وھيا اڀ ڏاري وجهندا.
سچل کي وھين جي ڀڙڪن ۽ غلغلي ھيسائي ڇڏيو ھو. سچل ڊپ ۾ آھستي آھستي چريو ۽ وڃي ڌڪيءَ کي کنيو، جنھن ھاڻي ڇڙيون ڪونہ پئي ھنيون پر ساڻو ٿيو پيو ھو. سچل جي ننڍڙي ھٿ ۾ ننڍڙو پکي جيئن آيو تہ سچل کي ڏاڍو قياس آيو.
ننڍڙو پتڪڙو ڪئنرو ھلڪڙو پکي ساڻو ٿيو سندس تريءَ تي پيو ھو. ڌڪ بہ ڪو زبرو لڳو ھيس، منجهس ڪا خاص چرپر نہ ھئي. ائين پي لڳو ڄڻ پوين پساھن ۾ ھجي.
سچل آھستي آھستي مناھين ڏانھن ھليو. ھو ھاڻ تڪڙو تڪڙو ٻنا ٽپڻ لڳو ۽ جيئن ھو مناھين ويجهو پھتو تہ ڪو ماڻھو پٽ تي ڪريل ڏٺائين. ڪا گهڙي ھو ڄمي بيھي رھيو، پوءِ اڀي رڙ ڪيائين، ”بابا - !“
ڊوڙندو وڃي پيءُ جي جسي کي چنبڙيو.
ڌڪي وھي کي ھن پٽ تي کڻي رکيو ۽ پوءِ ھو پيءُ کي جاچڻ لڳو. سندس لوندڙي ۽ منھن تي ڌڪن جا نشان نظر آيا، جن مان رت وھي ڄمي ھليو ھو.
سچل ڌڪ سھي ڪري ويو تہ اِھي گليلن ۽ ڳوڙھن جا ڌڪ ھيا. ھو سڄو ڏڪڻ لڳو، پوءِ روئڻ لڳو. ھن کي پنھنجا ھنيل جوشيلا کانڀاڻين جا اڀا ڌڪ ياد آيا. ھن کي يقين ٿي ويو تہ پڻس پوين پساھن ۾ آھي، ڇو جو بي سرت پيو ھو. ھن کي ويٺي خيال آيو ۽ ھو مناھين ڏانھن ڊوڙيو. ھن ٺڪر وارو کمرو پاڻيءَ سان ڀريو ۽ ڊوڙندو وريو. ھن مٿي کي ٻڌل ليڙون ليڙون ٿيل پوتڙو لاٿو، پاڻيءَ ۾ آلو ڪري پيءُ جو منھن اگهڻ لڳو. ھو سندس منھن اگهندو پيو وڃي ۽ روئندو بہ پيو وڃي. سندس ڳوڙھا نہ پيا بيھن. ڪي تہ انھيءَ پاڻي ۾ پئي ڳڙيا، جنھن سان ھن پڻس جا ڌڪڙا پئي چيٺيا. ائين پڻس ڀڻڪو ڪيو ۽ بت ۾ چرپر آيس. گهڙيءَ کان پوءِ پڻس ڪنجهندو اٿيو ۽ ور ڪريو پئي جو سچل سھارو ڏئي سنڀالي ورتس. پڻس سچل ڏي نھاريو، سندس ڪومايل مک پسي مرڪي پيو. پوءِ جيئن ٿورو سنئون ٿيو تہ سندس نظر ڌڪي پکيئڙي تي پئي:
”سچل پٽ، گهٻراءِ نہ. پر واھہ ناھي. ھر ھڪ پرديسي آھي. اڄ پرديسين جو وارو ھيو. جھڙو وھيو پرديسي پکي، تھڙو مان - !“
ھن ھٿ وڌائي پٽ تي پيل ڌڪي وھيو ھٿ ۾ کنيو ۽ پوءِ سندس چھنب وات ۾ وجهي، ان ۾ ساھ ڦوڪڻ جي ڪئي، پر پوءِ ھن پکيءَ کي چميو ۽ ڀڻڪيو، ”مٺا معاف ڪجان!“ پوءِ بچل جو ڪنڌ، سچل جي ھنج ۾ لڙڪي پيو. ان سان گڏ پکي بہ سندس ھنج ۾ ڪريو. ھن ويلي سچل دانھن بہ نہ ڪري سگهيو. صرف ھو ٻن جسن کي محسوس ڪري سگهيو پئي، کيس ائين لڳو تہ نٻل پتڪڙي وھي ۽ نٻل پيءُ جي جهور جسم ۾ ڪو فرق نہ ھو.
ھن مٿي نھاريو، چوڌاري ڪو بہ غوغاءُ نہ ھو. سانت ئي سانت ھئي ۽ ائين ٿي لڳو تہ پرديسي پکيئڙا ھاڻ اڏامي ويا ھئا.
*

ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون

ڊاڪٽر شھباز علي پنھنجي ڇھ مڻي تور واري جسم کي سوريو ۽ جئين، ”الله اڪبر“ ڪري اٿيو تہ سندس کٽ، جيڪا ديو مالائي ڇپر کٽ کان گهٽ نہ ھئي، اھڙا چرڙاٽ ڪڍيا، ڄڻ اِجها ڪا ڪنھن اِيس کان وئي. ھو اٿي تہ ويو پر ڀڻڪو شروع ڪري ڏنائين. سندس ويجهو، سندس گهر واري جميلہ اھڙي ئي وزن ۽ تور سان، ٻيءَ ڇپر کٽ تي بي خبر ستي پئي ھئي. کونگهري جو ٺڪاءُ پئي پيس.
”ٻڌين ٿي، ٻڌندي ڌوڙ، ننڊ ندوري وٺيس تہ ھوءَ بنھہ پوري، سو دفعا چيو اٿم تہ ھيءُ کٽون مٽرائي ڇڏ، ھاڻي پراڻيون ٿيون آھن. پاوا سو مضبوط اٿن، پر اِيسن جو حال ڪونھي ڪنجهن ٿيون، ڪنجهن. ڄڻ ڪو مڻ بار ھجين...“
ھو بڙ بڙ ڪندو رھيو، پر سندس گهر واريءَ لؤڻو ئي نہ ھنيو. ھوءَ پاڻ زور سان کونگهرا ھڻندي رھي.
ڊاڪٽر شھباز علي پنھنجي ڳري پيٽ کي سنڀاليو ۽ ڪنجهندو اٿيو. ھو آھستي آھستي ڪوٺي تي پسار ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ کٽ تان ٽارچ کڻي پاسي ۾ پيل ڪاٺ جي ڏاڪڻ تي چڙھڻ لڳو. ھو آھستي آھستي ڏاڪا چڙھڻ لڳو. ڏاڪڻ سڄي چرڙاٽ ڪرڻ لڳي. ھو اڃا اڌ ۾ ئي ھو تہ جوڻس اتان ئي رڙ ڪيس:
”اڙي شھباز علي! اِيس وڃي تہ پر واھہ ناھي، اھا ڏاڪڻ ويئي تہ ڳاٽو ڀڄندءِ. ٻيو ڪجهہ نہ ٿيندءِ. ٽين ماڙ تي وڃي روز روز ملڪيت نہ تپاس. ھاڻ گهڻو ٿيو، لھہ ھيٺ. مٿي نہ وڃين تہ ننڊ نہ اچئي.“
ڊاڪٽر شھباز علي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري وڃي مٿي ٽئين ماڙ تي پھتو. ات بہ ھڪ ڇپر کٽ پئي ھئي. ھو سھڪندو وڃي ان تي ويٺو. چوڌاري چانڊوڪي بھاري لايو بيٺي ھئي. اڃا مٿي اچڻ ڪري ھوا جا وڌيڪ جهوٽا اچڻ لڳس. ھو جهٽ پل ۾ بھاري ۾ اچي ويو. گنجي لاھي کٽ تي اڇليائين. پيٽ ڇلڪائيندو ھو ڪوٺي جي ننڍڙي پلئڙي تي وڃي بيٺو. چوڌاري عجيب ڪائنات ڦھليل ھيس. ھڪ پاسي تہ سندس ڳوٺ جي جهرمر ھئي، جيڪو ھاڻ ڳوٺ نہ پر شھر ھو. بجلي آئي تہ واٽر سپلاءِ آئي. اسڪول ھاءِ اسڪول ٿيو تہ ڪاليج بہ آيو. ھاڻ جڏھن ٻڌو ھئائين تہ سندس ھيءُ اباڻو شھر ضلعو ٿو ٿئي تہ سندس من گد گد ٿيندو ھو. ھو روز ھن ماڙيءَ تي چڙھي شھر جو نظارو ڪندو ھو. ھو شھر کي وڌندو ڏسي، ٽڙندو ھو ۽ پوءِ آھستي آھستي ھن ماڙيءَ جي ڪوٺي جي ٻئي پلئڙي ڏانھن وڌي ويندو ھو. ان پاسي سندس جايون ۽ پٽ – پلاٽ ھئا.
پھريائين تہ ھو انھن پٽن پلاٽن کي ڏسي خوش ٿيندو ھو ۽ تصور ڪندو ھو تہ اھي ڪيتري ملڪيت ڪندا ۽ ھو اڃا وڌيڪ شاھوڪار ٿيندو.
ھو انھيءَ کي امڙ جو حصو چوندو ھو. ائين سندس نظر ھڪ پاسيري ڪچي جاءِ تي پوندي ھئي تہ شڪل ڪاراٽجي ويندي ھيس. بيھي ڏند ڪرٽيندو ھيو. يڪدم اتان سري ٽئين طرف ھليو ويندو ھو. ات بہ اھي ئي پٽ پلاٽ ھئا، جنھن کي ھو ابي جو حصو چوندو ھو. ھو ھاڻ گد گد ٿيندو، فخر محسوس ڪندو ھو تہ ڏس ھن پاسي جي ملڪيت بنا ڪنھن شرڪت جي سندس ملڪيت آھي ۽ ھو ڪيئن آھستي آھستي سڄي ملڪيت تي قبضا ڪندو، وارث بڻجي ويٺو ھو. ھو انھن مائٽن جي بي وسي ۽ لاچاري تي کلندو ھو، جن کي ھن ڏاڍي سياڻپ ۽ ھوشياريءَ سان بي دخل ڪيو ھو. ھن کي بيٺي بيٺي ان مائٽ جو خيال ايندو ھو، جنھن سندس ماءُ جي حصي ۾ دعويداري ڪئي ھئي تہ ھو اڃا بہ وڌيڪ ڪاوڙبو ھو ۽ چوٿين پاسي وڌي ويندو ھو. ھيءُ پاسو ھو پنھنجو پاسو ليکيندو ھو. ھيءَ ملڪيت ھن ڪجهہ ڦرلٽ ۽ ڪجهہ پنھنجي ڊاڪٽريءَ جي ذريعي حاصل ڪئي ھئي، ھو ڊاڪٽريءَ کي ياد ڪري مشڪي ڏيندو ھو. ھو اصلي ڊاڪٽر نہ ھوندي بہ ڪيئن ڊاڪٽر بڻيو، اھو سوچي ھو پنھنجين صلاحيتن تي فخر ڪرڻ لڳندو ھو. ھو ڊاڪٽريءَ جي پيشي کي ڪم ڪار ڪڍائڻ جو بھترين ھٿيار ليکيندو ھو. اتان ھٽي ھو ھڪ دفعو وري شھر واري پاسي ڦري ايندو ھو ۽ ھاڻي ڏاڍي حسرت سان جاين جڳھين ۽ پلاٽن کي ڏسندو ھيو، جيڪي سندس نہ ھئا. ھو انھن ماڻھن تي حيرت ڪندو ھو، جيڪي سندس ڦندي ۾ نہ ڦاسندا ھئا ۽ ملڪيتون کانئس بچائي رکندا ھئا.
ڊاڪٽر شھباز علي ڪيترو ئي بنا پائي پيسي وٺڻ وارو ڊاڪٽر ئي سھين، ماڻھن جي دلين ۾ گهر ڪرڻ وارو سھين، پر کيس ماڻھو ملڪيتن کي ھضم ڪرڻ واري ”سنھي ڄور“ قرار ڏيندا ھئا. پھريائين تہ ڪنھن کي خبر نہ پئي تہ ھيءُ رپئي ٻن وارو ڊاڪٽر يا خيراتي طور ھلڻ وارو ڊاڪٽر ڪھڙي ھوشياريءَ سان گهرن اندر گهڙي ھنن جي اندر مان گهمي، ضرورتمندن جون ضرورتون پوريون ڪندو، ملڪيتون ۽ پٽ پلاٽ ڦٻائيندو، رت پيئندڙ ڄور وانگر ويو ٿلھو ٿيندو. جڏھن ماڻھن ھن کي چڱي طرح سمجهيو تہ ھن جي پرئڪٽس بيھي ويئي. ھو ڪنھن گهر ڏانھن رخ ڪندو ھو تہ ماڻھو سمجهندا ھئا تہ اھا ڄور ھاڻ انھيءَ گهر جو رت پِي پوءِ نڪرندي. ماڻھو ھاڻ کيس ڊاڪٽر شھباز علي نہ پر ”ڊاڪٽر ڄور“ چوندا ھئا. پر ھو انھيءَ خطاب کان بي نياز ھوندو ھو. ملڪيتون ميڙيندو، ھن کي خبر ھئي تہ ڳوٺ، شھر ۾ تبديل ٿي ويو آھي. جلد ضلعو ٿيندو تہ ٺڳيءَ سان يتيمن، بيواھہن ۽ مسڪينن جي ڦٻايل پٽن پلاٽن جو ملھہ الائي ڪٿي وڃي پھچندو. ڊاڪٽر شھباز علي مريضن يا سندس وڪڙ ۾ آيل غريبن سريبن جي مال ڦٻائڻ ۾ ھوشيار ھو تہ ھو مٽن مائٽن، خاص طرح يتيم ۽ بي واھہ عورتن جي ملڪيتن ڦٻائڻ جو اسپيشلسٽ بہ ھو. يتيم مائٽن جي ملڪيت ڦٻائڻ جي واردات ھو اڪيلو نہ ڪندو ھو. انھيءَ ۾ سندس سھرو اسپيشل ائڊوائيزر ھو. ڊاڪٽر شھباز علي اِھو ڌنڌو پنھنجي ماسات دلبر علي، جنھن کي سندس ڪارنامن ڪري دخلباز بہ چوندا ھئا، سان گڏجي ڪندو ھو. جيتوڻيڪ اڄڪلھ دلبر علي دخلباز جهونو ٿي رٽائر ٿي چڪو ھو ۽ سندس جاءِ تي ان جو ٻيو ڀاءُ عاشق علي ھو. ھنن جي واردات جو طريقو ڏاڍو آسان ھو تہ ھو اول پنھنجن پڙ ڏاڏن، پڙ مامن ۽ پڙ چاچن سان گڏ گم ٿيل مائٽن جي حصن جا ڪليم وجهندا ھئا. خاص طرح نانين، پڦين، چاچين ۽ مامين جي حصن ڪليم ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي ھين. ائين ھو عزيزن، قريبن جي ملڪيت ڪوڙن سچن نالن سان ڦٻائيندا ھئا. جي نہ ڦٻائي سگهندا ھئا تہ ان غريب جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندا ھئا. قبضا ڪرڻ سندن آرٽ ھو ۽ سندن خلاف ڪي بہ وڏا يا سندن جرگو نہ ويندو ھو، ڇاڪاڻ تہ ھيءُ ٽولو سڀني کي علاج معالج جي سھوليتن ۽ مرڻي پرڻي توڙي دفن ڪفن جي بندوبست جي معرفت چپ ڪرائي ڇڏيندا ھئا. جيڪو اڃا بچي ويندو ھو تہ کيس ڌمڪين سان عذاب ۽ ڏنڀ ڏيندڙ خط لکندا ھئا. سندن مٿان خاندان جي عورتن جا دٻاءَ وجهي نياڻين سياڻين جا واسطا ڏيئي، آھستي آھستي ويندا ھئا ملڪيت ڇڏرائيندا. انھيءَ سڄي ٽولي جو جيتوڻيڪ چيف دلبر علي دخلباز ھئو، پر سندس رٽائر ٿيڻ کان پوءِ سندس ڀاءُ عاشق علي جي خوفناڪ حربن ھوندي بہ ڊاڪٽر شھباز علي کي سڀني کان مٿانھين حيثيت حاصل ھئي. جيتوڻيڪ ھو ڏسڻ ڪرڻ ۾ قد جو ننڍو ۽ بُت ۾ ڀريل، ڀريل نڪتل پيٽ سان سمھندو ھو تہ سندس ڳچي گم ٿي ويندي ھئي ۽ ڪئين دفعا اوطاق تي اچڻ ڪرڻ وارن وٺي رڙيون ڪيون تہ ڊاڪٽر شھباز عليءَ جي منڍي ڪير وڍي ويو آھي. عمر ۾ ننڍو پر ھڏ ڪاٺ جي ڳري ۽ مضبوط ھئڻ ڪري پڪو لڳندو ھو.
شھباز علي حقيقت ۾ دلبر علي برادران کان ملڪيت ڦٻائڻ ۾ گوءِ انھيءَ ڪري بہ کڻي ويو جو سندس سھرو گلباز سرڪاري نوڪريءَ ۾ ھو ۽ سندس واسطو ڪورٽن سان جام ھوندو ھو. ھٿ ۾ تسبيح ۽ پل پل ۾ ڪوڙا قسم کڻڻ سندس معمول ھو. جتي شھباز علي جي ڊاڪٽري يا ميسڻو پڻ ڪم نہ ايندو ھو، ات گلباز جي ڏاڍ ڏمر واري قانون جي لباس ۾ لڪل لٺ ڪم ايندي ھئي. ائين ڪيترن يتيمن، بيوھہ عورتن ۽ بيوس لاچار مٽن مائٽن جون ملڪيتون آرام سان ھو ڊاڪٽر شھباز علي جي معرفت ھٿرادو قانون يا ڪوڙن قسمن جي ذريعي ائين گم ڪري ڇڏيندو ھو جو اصل وارث وتندا ھئا رت جا ڳوڙھا ڳاڙيندا. پر چوندا آھن تہ اوڻٽيھہ چور جون تہ ھڪ رات ساڌ جي بہ ھوندي آھي. شھباز علي ۽ گلباز جو ٽولو ھجي يا دلبر برادران، پر ھو سندن سوٽاڻي سوٽ معصوم علي جي ملڪيت ڦٻائي نہ سگهيا. ھو ھڪ ڪچي ڀونگيءَ جھڙي جاءِ اڏيو شھباز عليءَ جي ماءُ واري حصي ۾ چنڊ جھڙي ملڪيت ۾ گرھڻ مثل ويٺو ھو. ھيءُ چالاڪ ۽ ھوشيار ٽولو ڊاڪٽر شھباز علي جي مدد بہ ڪري نہ سگهيو. معصوم علي جي پلاٽ جي ٽڪري بنھہ سندس جاءِ سان لڳ ھئي. شھباز علي جڏھن بہ مٿي چڙھندو ھو تہ اِھا ڀونگي ڏسي سندس منھن ڪاراٽجي ويندو ھو. ھن ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر يا تہ وقت معصوم علي جو ساٿ ڏئي رھيو ھو يا شھباز علي جي قسمت خراب ھئي. نہ تہ ھو اِھو سڄو پلاٽ ڦٻائي ان مٿان ويو محل ماڙيون ٺھرائيندو. پر ھن ٽڪري ھڻي سندس پلاٽن جي سونھن ڦٽائي ڇڏي ھئي.
معصوم علي اصل ۾ شھباز علي جي سھري گلباز جو سڳو ڀائٽيو ھو. معصوم علي ڇاڪاڻ تہ ھڪ غريب ڀاءُ جو غريب پٽ ھو، تنھنڪري گلباز جو چنبو مضبوط ھو. گلباز اھو پلاٽ، پنھنجي حصي سوڌو، ٻين ڀائرن ۽ شھباز جي ماءُ جي نالي ۾ ڦٻايو. پر معصوم علي حق ۽ انصاف جي نالي ۾ پنھنجي وڏي چاچي محمد علي جي پٽن جي مدد سان ڪجهہ حصي تي قبضو ڪري ورتو. ڊاڪٽر شھباز علي ۽ سندس سھرو گلباز، معصوم علي کي تہ بي دخل ڪري سگهيا ٿي، پر مرحوم چاچي محمد علي جي اولاد سان اٽڪي نہ ٿي سگهيا، جو ھو بہ سرڪاري نوڪرين ۾ چڱن عھدن تي ھئا ۽ ھنن معصوم علي کي پنھنجو حصو بخش ڪري پلاٽ تي آڻي ويھاريو. ڊاڪٽر شھباز علي ۽ سندس سھري گلباز ھن غريب معصوم علي کي ڏاڍو سوڙھو ڪيو ھو. اھڙو سوڙھو جو چوڌاري قبضن جي ذريعي ھن جو لنگهہ بند ڪري نلڪن جي لائين ڀڃي ڇڏي ۽ سندس پاڻي جو نيڪال بہ بند ڪري ڇڏيو ھئائون. ھنن سندس لنگهہ واري گهٽي، جا معصوم علي جو بہ حق ھئي، تنھن مٿان جاءِ ٺھرائي، پنھنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏي. ھن کي مقرر وقت تي اچڻ وڃڻ جي اجازت ھوندي ھئي، نہ تہ ھو قيد ۾ اندر بند ھوندو ھو. جيتوڻيڪ ھو ڪورٽ مان پنھنجو حصو پنھنجي سھوليتي حقن سان کٽي آيو ھو پر رھڻو تہ کيس اِنھن ڏاڍن ۽ زورآورن سان ٻارن ٻچن سوڌو ھو.
ڊاڪٽر شھباز علي سندس جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو ھو: سندس پاسي گند ڦٽو ڪرڻ، گندو پاڻي سندس پلاٽ جي ٽڪر تي جهڳي ۾ ڇڏڻ، آئي وئي کي گار گند ڪرڻ. سندس سھري گلباز جو معصوم علي ننڍو ڀائيٽيو ھو، سو ايندي ويندي ھو بہ گارين جا ڌوڙيا چاڙھيندو ھئس.
ڊاڪٽر شھباز علي، اڄ بہ جيئن ٽين ماڙ تي ملڪيت جي تپاس ڪري واپس اچي کٽ تي ويٺو ئي مس تہ کيس ڪوڏر ھڻڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ھو جيئن ئي وڏي پلئڙي تي آيو ۽ ھيٺ ڏٺائين تہ چوڌاري ماٺ ھئي. ھن ڪاوڙ مان معصوم علي جي جهڳي ڏانھن نھاريو، ات ڪا چرپر نہ ھئي. ھن چار ئي پاسا گهميءَ کٽ تي پير پساريا ئي مس تہ اھو ئي آواز. ڪير تڪڙي ڪوڏر ھلائي رھيو ھو. ھو ڪا گهڙي آواز کي ٻڌندو رھيو، پوءِ انھيءَ رخ ۾ ٽپو ڏيئي بيھي رھيو. پلئڙي وٽان ھيٺ ٽارچ ھنيائين تہ ڪو ماڻھو ھو جو کڏ کوٽي رھيو ھو. ھن يڪدم ھڪل ڏنس: ”اڙي ڪھڙو آھين.“
ھمراھ جيئن پٺيرو ھو تيئن سنئون ٿيو ۽ ٽارچ جي روشنيءَ ۾ پڌرو ٿي پيو.
”اڙي معصوم علي تون! مڙين نہ ٿو وري ڇا کي لڳو آھين.“
معصوم علي ڪا گهڙي چپ رھيو. پوءِ ڏاڍيان رڙ ڪري وراڻيائينس: ”تنھنجي قبر ٿو کوٽيان شھباز علي.“
شھباز ڪا گهڙي چپ رھيو. ٽارچ گهمايائين. کانئس رڙ نڪري وئي ٻہ وڏيون کڏون کوٽيل ھيون. سي بہ سندس قبضي واري پلاٽ ۾. معصوم علي حد اورانگهي ٻئي حصي ۾، جيڪو شھباز علي جي ماءُ جي نالي ۾ ڦٻايل ھيون، ان ۾ بيھي کوٽ کوٽان ڪري رھيو ھو. ھو ڇا ڪري رھيو ھو ۽ ڇو ڪري رھيو ھو، اھا معصوم علي کي ئي خبر ھئي. ڊاڪٽر شھباز علي بنھہ ڳاڙھو ٿي ويو: ”اڙي معصوم علي، موت کنيو اٿئي! تون پرائي پلاٽ ۾ بيھي کڏون ٿو کوٽين، گولي ھڪ ئي ھڻندومانءِ...“
”گولي ڀلي ھڻ. قبرن جي کوٽ ناھي شھباز علي! ٻي قبر تنھنجي سھري گلباز جي آھي – ٽين بہ ٺاھي وٺنداسين. لھي آ. . . موت تنھنجو انتظار ٿو ڪري. . . “ شھباز علي ڪاوڙ ۾ تمام ڪوڙي دانھن ڪئي، سڄو پاڙو اوڙو جاڳي پيو. ھو يڪدم بندوق کڻڻ ھيٺ ڊوڙيو. تڪڙ ڏاڍي ھيس پر اڳيان بہ پل صراط جھڙي ڏاڪڻ ھيس. ڀلا ڳرو مڙس سو جيئن جيئن اسپيڊ وڌائيندو ويو، ڏاڪڻ لڏندي لمندي ٺڪاءُ ڏنو ۽ شھباز علي ڪپيل وڻ وانگر ڳاٽي ڀر ھيٺ واري ماڙيءَ تي اچي ڪريو. سڄو ڪوٺو لرزجي ويو، جوڻس ٽپ ڏئي اٿي:
”اڙي گهوڙا مري ويس.“ مائي جميله پل ۾ پنھنجن لفظن جي ساڀيان پسي ڏڪي وئي. ائين رڙو رڙ مچي وئي. سندس سھرو گلباز رڙين تي مٿي چڙھي آيو. ھڪ دل جو مريض، ٻيو جو ڏٺائين جوان جماڻ نياڻو ڀڳل ڳاٽي سان ھيٺ پيو ھو. اصل ڄمي ويو. جيئن شھباز علي واري ڇپر کٽ تي سمھاريائونس تہ اوٻاسيون ئي ٻہ ڏنائين.
اصل ۾ معصوم علي کوٽيون تہ کڏون گند ڪچري دفن ڪرڻ لاءِ ھيون، پر کيس اھا خبر نہ ھئي تہ پاڻ ولي ٿي ويو آھي ۽ اھي واقعي شھباز علي ۽ گلباز علي جون قبرون بڻبيون. مٽن مائٽن کي ٻہ ڪوھ پري قبرستان لاش ڍوئڻ بہ ڪو ڏاڍو ڏکيو لڳو، جو گهلي ٻنھي ڄڻن کي انھيءَ ئي پلاٽ ۾ کڏن ۾ ائين ئي کڻي ھنيائون، ڄڻ تہ ڪي اڳيئي کوٽيل ۽ تيار ٿيل قبرون ھيون.
چون ٿا تہ معصوم عليءَ لاءِ سڀني سھوليتن جا دروازا کلي ويا آھن جو مٽ مائٽ ٻن قبرن جي ڪري گهٽي کلي رکن ٿا. معصوم علي کي ڊپ صرف ان ڏينھن جو آھي، جنھن ڏينھن شھباز علي جو پٽ وڏو ٿي ظلم ۽ دوکيبازيءَ جون واڳون سنڀاليندو ڇاڪاڻ تہ شھباز علي جي پٽ کي دلبر برادران ٽريننگ ڏئي رھيا آھي.
معصوم علي ھاڻ پنھنجي غريباڻي ڀونگي تي نالو ڪاڪ محل رکرايو آھي ۽ آئي وئي کي اِھي ٻہ قبرون ڏيکاري مشڪي چوندو آھي تہ ھو ڏسو ”ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون“.

جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان

ھو اڃا در تي اڱڻ ۾ داخل مس ٿيو تہ اڱڻ ۾ بيٺل نينگر ھڪدم دانھن ڪئي: ”ھان! ھان! ڪير آن؟ ڪير آن؟ ائين گهڙي اچبو آھي – ھل ھل ٻاھر.“
سليم جون وکون وڪوڙجي ويون ۽ ڄمي بيھي رھيو. وڄ وراڪو ڏنو ۽ پوءِ نينگر کڻي رئي سان منھن ڍڪيو. سليم ھوش ۾ ھو يا بي ھوش، پوئين پير وريو ۽ در ٻاھران دڪيءَ تي اچي بيھي رھيو. ھو ڪا گهڙي سوچيندو رھيو، پوءِ ھن گهٽيءَ جو جائزو ورتو. گهر ۽ در کي ورائي ڏٺائين. گهٽي بہ ساڳي، گهر ۽ گهر جو در بہ ساڳيو. ھن کي گهٽي ۽ گهر ڏانھن لڙندي ورھيہ ضرور ٿيا ھئا، پر ايڏو بہ ھو بي ھوش ڪونہ ھو، جو ھو ماسيءَ جو گهر نہ سڃاڻي. جنھن گهر ڏانھن ماءُ سان گڏ ايندي سندس جتيون گسي ويون ھيون، جنھن گهر جي اڱڻ ۾ ھو ماسات قادن سان گڏ کيڏي وڏو ٿيو ھو؛ جنھن گهٽيءَ ۾ بيھي ھن ھوڪرون ڏنيون ھيون، اڄ ھن کي اھا گهٽي ۽ گهر اوپرو لڳو. ھن سوچيو تہ ڪنھن راھگير کان پڇي. ائين ٽپڙيءَ پويان آواز آيو:
”ابو سلڻ آھين؟“
ھن جو ساھ ساھ ۾ آيو. اھو ماسي قادن – ماءُ جو آواز ھو. ماسي قادن – ماءُ سندس سڳي ماسي نہ ھئي، پر سندس ماءُ جي سوٽاڻي لڇ ۾ سوٽ ھئي. ھن لاءِ سڳن کان بہ وڌ ھئي. ننڍي لاڪر سندس پر گهور لھڻ واري اھا ماسي تہ ھئي، جنھن کيس سانڍيو ۽ لاڏ کنيا ماءُ جي گذرڻ کان پوءِ ھن ڳوٺ اچڻ ڇڏي ڏنو. ورھين لاڪئون ماسيءَ جي چٺي مليس تہ دل سٽ ڏنس. ھو ڪنھن کان پڇڻ بنا ھليو آيو. ڇڙٻ تہ کاڌائين، پر پوءِ ماسيءَ جو مٺو آواز ٻڌائين تہ اندر ۾ ٽڙي پيو. يڪدم اندر ڪاھي پيو. ھو ماسيءَ سان حجائتو ھو، يڪدم ماسيءَ کي ڀاڪر ۾ ڀري کڻي مٿي کنيائين.
”ھا ماسي، مان سلڻ آھيان، پر ڪلاڪ کان ويل ۾ آھيان. ھيئن پنھنجن جو آڌر ڀاءُ ڪبو آھي؟ اھڙا چوڪيدار وھاري ڇڏيا اٿئي جو. . .“
سليم محسوس ڪيو تہ ماسيءَ جو بنھہ آواز نہ پئي نڪتو. صرف وڏن ساھن جو آواز ھو. سليم محسوس ڪيو تہ تمام ھلڪو جسم، ڄڻ ھڏائون پڃرو سندس ھنج ۾ آھي. ھن يڪدم ماسيءَ کي ڏٺو. ھڪ ڪمزور ۽ نٻل جسم سندس ڀاڪر ۾ اڀا ساھ کڻي رھيو ھو. ھن يڪدم ھيڏانھن ھوڏانھن نھاري ماسيءَ کي اڱڻ ۾ پيل کٽ تي ليٽايو. مڙھو جسم، سليم جي سٽ ۽ ڦيريون، ماسي قادن – ماءُ اصل اڌ مئي ٿي پئي ھئي. اندران اھا نينگر، جنھن سليم کي ڇڙٻ ڏني ھئي، ڊوڙندي آئي. يڪدم اچي ماسيءَ جون تريون مھٽيائين ۽ پوءِ ڊوڙندي پاڻي کڻي آئي. ڪجهہ ترين جي گرمائش، ڪجهہ پاڻيءَ جا ڇنڊا، ماسي ھوش ۾ اچي وئي.
انھيءَ وچ ۾ سليم ڦڪو ڦڪو بيٺو رھيو. ھو انھيءَ نينگر کي ڏسندو رھيو، جنھن جا نيڻ نماڻا ھا. وار کليل، جهل ھنيو، ھيٺ لھرون پئي ھنيائون. رنگ اڇڙو، منھن اھڙو اڇو اجرو ۽ ڌوتل پوتل جھڙو فرشتو. ھيءَ قدآور نينگر اڇلون ڏئي اڱڻ ۾ ھلي پئي ۽ سليم جي اک منجهس ھئي. ماسي کنگهيو کڙڪيو تہ سليم بہ نينگر مان اک ڪڍي. ھو حيران ھو، ھن کي ھيڏي سونھن ۽ اوجر ڪڏھن نظر ڪانہ آئي ھئي. جوان ئي ھو تہ زال ٻہ ٻچا ڄڻي مولا جي ملڪ ھلي. ھيءُ اڪيلي نوڪري ڪري ٻچا نپائي اصل ھڄي پيو. بيوه ڀيڻ کي اچي پاڻ سان رھايائين. اڄ ننڍي نوڪري، سڀان وڏي. وڏو آفيسر ٿيو تہ لوڻو نہ ھنيائين. اڄ ننڍي نيٽي نينگر ڏسي، بنھہ ھرکي پيو. ماسيءَ سان ڳالھہ ٻولھہ ۾ ويٺو تہ کلي پيو.
”ماسي! توکي تہ خبر آھي اسان جي زندگيءَ جي. جيڏا اٺ تيڏا لوڏا، نوڪري ۾ ئي پورا آھيون.“
”پر ابا، جوڻھين ھيءُ جهان ڇڏيو تہ توکي جهلي تہ ڪانہ وئي ھئي. ٻچا ڀيڻ پالي وڏا ڪيا. ائين جواني جهوٽو ڪري ڇڏيئي، عجب ماڻھو آھين.“
”ھا ماسي، ھونئن بہ جواني جهوٽو آھي. پر ماسي ھاڻي فيصلو ڪيو اٿم تہ ڪو سڱ ملي، ڪيستائين اڪيلو رھبو؟“
ھن ان نينگر ڏانھن نھاريو، جيڪا ھاڻ مٿي تي پلئه وجهيو چانھ کڻي آئي ھئي. ماسيءَ پراڻي عينڪ مان کيس ڏسي ورتو.
”تو شايد ھن کي نہ سڃاتو.“ سليم ڪنڌ ڌوڻي نھڪر ڪئي.
”شاھ بانو اٿئي، منھنجي ڏوھٽي شانان جي ڌيءُ. شانان بہ ھن کي ۽ اڪبر کي ننڍو ئي ڇڏي گذاري وئي. توکي تہ خبر آھي، ھيءُ ٻچا مون ڪيئن نپائي وڏا ڪيا آھن؟“
ماسي سڏڪي پئي. سليم حيران ھو تہ ھن ان ڇوڪر کي ڪنھن زماني ۾ شانان جي ھنج تي ئي ڏٺو ھو. اڄ ھوءَ ائين وڌي وڻ ٿي وئي ھئي، جو سليم کي ان قدآور ڇوڪري کي ڏسڻ لاءِ ڪنڌ مٿي ڪري ڳچي اڀي ڪرڻي پئي پيئي. ھاڻ ماسيءَ ساھ کڻي ڳوڙھا اگهيا.
”سلڻ! قادن جي روزگار جي تہ خبر اٿئي. ريزڪي دڪان، سو ڪڏھن موڙي آھي، ڪڏھن مندي آھي. ڪڏھن ائين نہ چيائين تہ ھان امان وٺ ھيل جهجهو ڪمايو اٿم. نہ ٻار نہ ٻچو، بس جيئن جوڻس ڇڏي ويس تہ نہ پاڻ لوڻو ھنيائين نہ وري جوڻس موٽ کاڌي. اِھو مون پورھيا ڪري شانان جي ٻنھي جگر جي ٽڪرن کي تاتي نپائي وڏو ڪيو آھي. اڪبر تہ اڃا پڙھي پيو پر شاھ بانو ٻئي وڏا امتحان پاس ڪري ورتا آھن. توکي چٺي بہ ان لاءِ لکي ھيم تہ ھاڻ مون ۾ طاقت نہ آھي.“
ماسي وري ٽٻيءَ ۾ پئجي وئي، پر سليم جي اکين ۾ ڄڻ تہ چمڪ اچي ويئي. ھن جون نگاھون شاھ بانوءَ کي ڳولڻ لڳيون. شاھ بانو پريان بيٺي ھئي ۽ پئي رسيءَ تان ڌوتل ڪپڙا لاٿائين. ھن جنھن چستيءَ سان ڪپڙا لاٿا ۽ وري کٽ تي رکي سنوان ڪندي ھڙ ٺاھي ورانڊي ڏانھن نڪتي، سليم کي بنھہ خيال کنيو ويا. ھيءَ سنئين سيبتي سھڻي ڇوڪري ملي وڃي تہ ٻيو ڇا کپي. ماسيءَ شايد ان لاءِ گهرايو آھي.
ماسيءَ جي کنگه کڙڪي کيس ور موٽايو.
”توکي تہ خبر آھي، ھن زماني ۾ گذر سفر ڪيڏو نہ ڏکيو آھي. چوان ٿي تہ ڪا نوڪرڙي ابا ملي وڃيس تہ ڏاڍو چڱو. تون ھاڻي چڱو وڏو آفيسر آھين. ھٿ ڊگها اٿئي، وس ۾ بہ اٿئي، بس شاھ بانو کي ڪا نوڪري وٺي ڏي. ھت ھاڻي وڏا اسڪول بہ کليا آھن، بس ابو ٿي، ڪا مدد ڪر. دعائون ڪندي سانءِ.“ ماسيءَ منٿون ڪندي چيس.
سليم ڪجهہ وسامي ويو، پر پوءِ ھمٿ نہ ھاريندي چيائين:
”ماسي اِھا ڪھڙي ڳالھہ آھي، شاھ بانو لاءِ نوڪريون کوڙ، پر – “
ھو چپ ٿي ويو ۽ سوچيائين تہ ٺھيو ڳالھہ ٻئي ويلي ڪبي، پر ماسيءَ يڪدم ڳالھہ کي ڇڪيو:
”پر ڇا ابا!“
“نہ ماسي اھا ڳالھہ تنھنجي سوچڻ جي نہ آھي. شاھ بانو ڪاڏي وئي. سڏ ڪيو، ڪجهہ مان بہ تہ انٽرويو وٺانس.“ سليم کلندي چيو.
شاھ بانو ڪو پريان بيٺي ٻڌو، تکي ڊوڙندي آئي. جيئن شاھ بانو ويجهو پھتي تہ سليم جي اک وڪوڙي ويس. ڇوڪر سندس اک جي چمڪ پسي ھٻڪي. پير وچڙيس، پر اچي پھتي ۽ ڏاڍي ادب ۽ احترام سان چيائين:
”جيءُ چاچا! اوھان سڏيو“.
سليم جي اک مان چمڪ گم ٿي وئي. سندس منھن ون ون ڪرڻ لڳو. گهڙيءَ ۾ نراڙ پگهرجي ويس. ڪنڌ کڻي ھيٺ ڪيائين ۽ چيائين:
”ٺيڪ آ شاھ بانو، توکي ماستري ملي ويندي.“
ائين چئي اٿيو ۽ ماسيءَ جي پيرن تي ھٿ رک ڏانھنس نئڙيو.
”چڱو ماسي، آءٌ موڪلايان ٿو. ڪم بہ اٿم، صبح جو ھليو ويندس. تون دلجاءِ ڪر. شاھ بانو جي ماستريءَ جو آرڊر توکي گهر ويٺي ملي ويندو.“
ماسي في الحال تہ ماٺ ۾ اچي وئي، ۽ پوءِ سمڪ آيس تہ سليم چانئٺ کان ٻاھر ھو.
ھن ٻاھر گهٽيءَ ۾ اچي وڏو اڀو ساھ کنيو ۽ پوءِ ساھ کڻندو ھليو. کيس ائين محسوس ٿيو تہ ھو وڏي پورھيي کان آجو ٿيو آھي.
پر ھو جيئن پنھنجي اباڻي گهر پھتو تہ سندس ھنيانءُ ڀري آيو. ھيءُ گهر گهڻو ڪري سندس امڙ جي وفات کان پوءِ بند رھندو ھو. امڙ جيسين جيئري ھئي تہ ھيءُ بہ پنڌ ڪندو ھو. اڄ ورھين ڪرھين آيو تہ اڱڻ ۾ بيھي رھيو. ڪمرا کليل ھئا. اندران سندس پراڻي جهور نوڪرياڻي، جنھن کيس بہ پاليو ھو، لڏندي ٻاھر نڪتي.
”ابا اچي وئين. مان ڇنڊ ڦوڪ ڪري ڇڏي اٿمانءِ. تون ڀلي ھاڻ اندر ويھ آرام ڪر. مان گهڙيءَ ۾ چانھ ٺاھي ٿي وٺان.“
”ٺيڪ آ ڏاڏي.“
ھو اڱڻ ڇڏي ڪمري ۾ آيو. ڪمري ۾ ٻوسٽ ھو. ھن کي پھريائين ٻوسٽ محسوس ٿيو. پوءِ ھو ڄڻ تہ ٻوسٽ جو ھيراڪ ٿي ويو. ھو ات پيل امڙ واريءَ کٽ تي پيرانديءَ کان ويھي رھيو.
ھن ڪڏھن ائين نہ سوچيو ھو، نہ محسوس ڪيو ھو. اڄ ھو ھڪ ننڍي ٻار وانگي ڪو رانديڪو ڏسي ھرکي پيو ۽ پوءِ ھن جا ھئا ٿڌا ساھہ. سچي جهوٽي واري جواني صدين وارا پل ٿي لڳس. ھن ڪڏھن اڪيلائيءَ لاءِ سوچيو بہ نہ ھو. اڄ ھو پاڻ کي ايڏو اڪيلو سمجهي رھيو ھو، جو احساس وچان ڳوڙھا ڳڙي آيس. ھو ڪا مھل ائين ويٺو رھيو. کڙڪي تي ھو سجاڳ ٿيو. ڳوڙھا اگهي پٺڀرو ٿي چيائين، ”ڏاڏي چانھ رکي وڃ. مان پاڻھي پيان ٿو.“
ڪمري ۾ اوندھڙي ھئي. پر ھن ڏٺو تہ ڪنھن وڌي اچي بتي ٻاري ۽ ھن جيئن روشني پسي مٿي ڪنڌ کنيو تہ ھن جي سامھون شاھ بانو پاڻي ۽ چانھ کنيو بيٺي ھئي.
”سائين! چانھ پيو.“ ھن جون اکيون تيئن ڀرجي آيون. ھن اٿڻ چاھيو. شاھ بانو پاسي ۾ پيل ٽيبل تي پاڻي ۽ ڪوپ رکيو ۽ کيس وھاري ڇڏيو. پوءِ ٽپ ڏيئي ڀر ۾ ويھي رھيس. ھن ڳوڙھا ڳڙندا ڏٺا ۽ پوءِ رئي سان سندس ڳوڙھا اگهڻ لڳي. ھو تيئن جهڄي پيو.
“نہ منھنجا سائين! ائين روئبو آھي ڇا. توھان تہ منھنجا سائين آھيو.“
شاھ بانو اھڙي پيار ۽ پاٻوھ سان چيس جو ھو فدا ٿي پيو. ھن کڻي ڀاڪر ۾ ڀريس.
”شاھ بانو تون مون سان ھلندينءَ، منھنجي ٿيندينءَ.“
”ھا سائين. ناني چئي ٿي اوھان منھنجا چاچا ٿورائي آھيو. اوھان سائين آھيو ۽ جيئن سائين چئي تيئن ڪر. توھان جيئن چئو سائين.“
ھو اٿي بيٺو ۽ کانئس ٿورو پرڀرو وڃي بيٺو. شاھ بانو بہ اٿي بيھي رھي. ھو کيس گهوريندو رھيو. ھو ٻڏتر ۾ ھو. ڇوڪر صفا بدليل ھئي. ھن جو انداز ۽ رخ ئي ٻيو ھو. ھو سندس موھيندڙ انداز پسي، ويو ويچارن ۾ ويڙھبو.
پاڻ پنجاھ جي ويجهو ھو ۽ ڇوڪر ويھن پنجويھن کان مٿي کيس نہ لڳي. ھن کي ڪا گهڙي لوڪ لڄا جو خيال آيو ۽ جوان ٻارن جو. ھو ائين سوچيندو رھيو. ايئن شاھ بانو اڇل ڏئي ويجهو ھلي آيس. ھن ڇرڪ ڀريو پر ڇوڪر منجهيل نہ ھئي.
”ڇا ٿا سوچيو. ناني چئي پئي تہ سائينءَ کي پريشان ٿيڻ نہ ڏجانءِ. ڏاڍو خيال ڪجائينس.“
پوءِ ھن چانھ جو ڪوپ کنيو.
”ڀلا چانھ پيو. چانھ ٿي ٺري. اڙي چانھ تہ ٺري ويئي. بيھ گرم ڪري اچان. ناني ڪاوڙجي ويندي.“ سليم وڌي وڃي کانئس ڪوپ ورتو ۽ رکي ڇڏيو. ھن فيصلو ڪري ورتو. پوءِ کيس پاڻ ڏانھن ڇڪيو. ويجهو ڪندي چيائينس:
”پنھنجي نانيءَ جي ڳالھہ ڇڏ شاھ بانو، تون بہ تہ ڳالھہ ڪر. تنھنجي مرضي ڇا آھي؟“
شاھ بانو ڪا گهڙي چپ ٿي وئي ۽ پوءِ چيائين:
”ناني چئي ٿي تہ جيئن سائين جي مرضي ۽ تون ھاڻ ھن جي ٻانھي آھين. توھان ڪاوڙجي ويؤ تہ نانيءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ان ويل برقعو پارائي وٺي آئي اٿم.“
”ماسي ڪٿي آ.“ سليم کانئس پڇيو.
”ناني ٻاھر ڏاڏيءَ سان ويٺي آھي. مون کي نانيءَ چيو آھي تہ جيئن سائين چئي. جي وٺي ھلي تہ بہ حاضر، جي ھٿ ٻانھي ڪري ويھاري تہ بہ جيئن سندس مرضي.“
سليم وري سوچ ۾ پئجي ويو. شاديءَ جو چوڻ سولو، پر ان سان گڏ ڪئين مسئلا، ڪئين مرحلا خيال ۾ آيس. جيئن شاھ بانو وڌيڪ ويجهو ٿيس ۽ ڳچيءَ ۾ ٻانھون پيس تہ سليم بنھہ پاڻي ٿي پيو. يڪدم سٽ ڏئي ٻاھر نڪتو. ماسي اڱڻ ۾ بيٺي، ڏاڏيءَ سان ٻولاچاري ڪئي. بنھہ اور گهور ٿيو ڊوڙندي آئي.
”مان صدقو وڃانءِ. ائين ڪاوڙجي وڃبو آھي. شاھ بانو ڪھڙي شيءِ آھي، تون حڪم ڪر، شاھ بانو جڏھن کپئي کڻي وڃ. اڄ کان تنھنجي ملڪيت ٿي.“
”پر ماسي – “
”پر ٻر ناھي. توکي وڻي ٿي ۽ مان سلڻ کان اھا شيءِ رکان؟ مان پاڻھي شاھ بانوءَ جي پيءُ قادن سان منھن ڏينديس. جڏھن وڻئي تڏھن نڪاح ڪرينس، شيءِ تنھنجي ٿي.“
سليم وري سوچ ۾ پئجي ويو. يڪدم پٺتي موٽ کاڌائين. ھن ٻڌو ڏاڏي وڏي واڪ چئي رھي ھئي: ”ادي قادن ماءُ! شاھ بانو ڪا وڏن ڀاڳن واري آھي، جو ھھڙو ماڻھو مليو اٿس. ھيڏو وڏو آفيسر، لکن جي ملڪيت، عمرن جي فرق کي ڇا ڪبو. پاڻ بہ تہ لکن جو مٽ آھي. اسان جو ابو، بس تنھنجي ڇوڪري راڄ ڪندي راڄ.“
ھو اندر گهڙيو تہ حيران ٿي ويو. شاھ بانو بي خبر ٿيو ويٺي ھئي. ھن پئي ھٿ مھٽيا، سندس ھٿ ڏڪيا پئي. ھو جيئن ويجهو ويس تہ کيس ھوءَ اڇي نظر آئي، ڄڻ بنھہ رت ئي نہ ھجيس. ھو ويجهو ويس تہ ڏٺائين سڄو ڏڪي ۽ سھڪي پئي. ھن سڏ ڪيس، ”شاھہ بانو، شاھ بانو“ ھو ڇرڪ ڀري ائين اٿي ڄڻ ڪنھن ڊپائتي خواب مان سجاڳ ٿي ھجي. شاھ بانو کيس ڏٺو، ڪا گهڙي ھوءَ ڏڪندي رھي، ھٿ مھٽيندي رھي، پوءِ ڏڪندڙ ھٿن سان ھن سندس ھٿ پڪڙيا.
”سائين او سائين – ناني، سائين – ناني.“ ھن ٻہ چار لاڳيتيون ڳيتون ڏنيون ۽ سھڪڻ لڳي. سليم ڏٺو تہ شاھ بانو وڦلي پئي. ھو سندس ھٿ پير مھٽڻ لڳو. پر زوريءَ ھٿ ڇڏايا ۽ سخت مھٽڻ لڳي – سندس وڦل جاري ھئي، آواز ڳرو ٿي ويس: ”منھنجي ڳالھہ ٻڌو سائين – منھنجي ڳالھہ ٻڌو پوءِ فيصلو ڪيو، تڪڙ نہ ڪيو. ھن دفعي تہ منھنجي ڳالھہ ٻڌو، توھان ضرور ٻڌندؤ، ڀلي ٻيو نہ ٻڌي، او سائين.“
نينگر ليلايو پئي، ھو ڏڪي ويو. ھو حيران ھو تہ ھي ڇا ٿي ويو. ھن کيس ڀاڪر ۾ ڀريو تہ ڇوڪر رئڻ لڳي، بنھہ جهڄي پئي.
”ڳالھ ڪر من! تون کلي ڳالھہ ڪر دل.“
سليم ھن کي پرچائڻ ۽ پرڀائڻ لڳو. ائين شاھ بانو ٽپ ڏئي نئين سنئين ٿي ويھي رھي. سندس جسم ۾ اھا ئي ڏڪڻي ھئي، پر ھوءَ پاڻ کي روڪي ڳالھائڻ لڳي.
”منھنجي ڳالھہ ٻڌو، مان ھوش حواس ۾ آھيان. خدا جي واسطي منھنجي ٻڌو. منھنجي پيءُ تي اعتبار نہ ڪجو. نانيءَ جو ڏوھہ ناھي، پر ھو بيوس آھي. منھنجو پيءُ نشئي ۽ جواري آھي. ھن کي پئسا کپن. ھن ٻہ مڱڻا ٽوڙيا آھن. ھاڻ منھنجو ٽيون مڱڻو ٿيل آھي. ھو ھڪ کان پئسا وٺي وري ٻئي کان وڌائي وٺندو آھي، ۽ پيو آسرن تي ھلائيندو آھي، ھاڻ ٽيون مڱڻو ڪيو اٿس. توھان کان پئسا وٺي وري اھو ڇڏائيندا. پوءِ وري اھو ئي عذاب منھنجي لاءِ ڏنڀ، گلا ۽ خواري. توھان بہ ھليا ويندؤ، وري ڪو چوٿون ايندو. منھنجي لاءِ ائين ڇو آھي سائين؟ ماڻھو چون ٿا تہ نڀاڳي آھي.“
شاھ بانو وري ھڪ نفسياتي مريض وانگر ھٿ مھٽيا ۽ سڄي ڏڪڻ لڳي.
”مون کي ڇڏي ڏيو سائين مان سڀني جي ٻانھي آھيان، سڀني جي، ابي جي، نانيءَ جي، سڀني جي سائين، منھنجو ڇا آھي.“
ڇوڪر وري وڦلڻ لڳي ۽ ڏڪندي سڏڪندي ھلي پئي. ھاڻ سندس ڳوڙھا نہ ٿي بيٺا.
سليم جي اکين ۾ بہ پاڻي ڀرجي آيو. ھو ڏکويل جيءَ کي ڏسي ڏکوئجي ويو.
ھن وري ھن جا ھٿ مھٽيا، پاڻي پياريو. شاھ بانو کي ھوش ۾ آندو. ھوش ۾ اچي شاھ بانو ھن کي چنبڙي پئي. ھو ھن جي وجود کي ھاڻ محسوس ڪرڻ لڳو ھو. ھن جي ڇھاءُ ۾ ھن کي نئين زندگيءَ جو احساس ٿيو. ھو شاھ بانوءَ کي ڀاڪر ۾ ڀري ٻاھر وٺي آيو. شاھ بانو ھن جي جيءَ سان لڳي ڪمري کان ٻاھر آئي. اڱڻ ۾ شاھ بانو جي ناني ۽ سليم جي پراڻي نوڪرياڻي ڏاڏي تہ ويٺيون ھيون، پر چپ ھيون، ۽ فضا ڪجهہ ڳري لڳي پئي.
جيئن ئي سليم ۽ شاھ بانو ورانڊي کان ٻاھر نڪتا تہ ٻئي پڻ ڪجهہ ھٽيا. شاھ بانو تہ بنھہ پاڻ کي الڳ ڪرڻ چاھيو، پر سليم کيس ڇڪي پنھنجي ڇاتيءَ سان لڳائي بيھاري ڇڏيو. فضا اوپري ان لاءِ ھئي جو سامھون شاھ بانوءَ جو پيءُ قادن ٽوپي نراڙ تي رکيو بيٺو ھو. ڪا گهڙي سانت رھي، پوءِ سليم ڳالھايو: ”ڏاڏي! اندران منھنجو بريف ڪيس کڻي آ.“ ڏاڏي ڊوڙندي وئي، ڊوڙندي وري، ”ابا اچي!“
سليم، شاھ بانوءَ کي ڏاڏيءَ جي حوالي ڪيو، ”ھن جو خيال ڪر، ڪٿي ڪري نہ پوي.“
شاھ بانو ۾ وري ڏڪڻي پيدا ٿي چڪي ھئي. پوءِ سليم بريف ڪيس کوليو ۽ ان ۾ پيل نوٽن جا ٿھا ڪڍي ٻاھر ڪيا، جيڪي اڄ کيس اباڻي ملڪيت جي اپراسي طور ڪمدار ڏنا ھئا. ھن بريف ڪيس مان چيڪ بڪ ڪڍيو، پوءِ نوٽن جا ٿھا قادن جي آڏو اڇلايا، جيڪي قادن جي سامھون پيل کٽ تي ڪريا. پوءِ سليم چيڪ صحيح ڪيو ۽ اھو بہ وڌي نوٽن سان گڏ رکيو.
”ماسات قادن سائين! مڱڻي ڇڏائڻ لاءِ رقم ۽ تنھنجي گذاري لاءِ بلينڪ چيڪ. ڳوٺ جي بينڪ ۾ جيڪا ميڙي چونڊي آھي سا تنھنجي ٿي. ڇوڪريءَ جي پچر ڇڏ.“ ھو اڃا ڳالھائي پيو تہ ڏاڏيءَ دانھن ڪئي: ”ابا شاھ بانو.“
ماسي بہ ڊوڙي. شاھ بانو بيھوش ٿي وئي ھئي. ھنن شاھ بانو کي، نوٽ سيري پري ڪري، کٽ تي ليٽايو. ھو ھٿ پير مھٽڻ لڳس. شاھ بانو ڪنجهڻ لڳي. ڪجهہ ھوش ۾ آئي تہ ھٿ مھٽڻ لڳي، ڏڪڻ لڳي، گهڙيءَ ۾ وڦلڻ شروع ڪيائين. ھاڻ ڪجهہ سمجه ۾ آيو پئي ۽ ڪجهہ نہ. سليم قادن ڏي رخ ڪيو: ”قادن سائين، ڏسي ڇڏ، تو پنھنجي ڌيءَ جا ڪھڙا حال ڪيا آھن. ھيءَ ھيري ڪڻي تو خاڪ سر ڪري ڇڏي. ڪڏھن ڪنھن در وڪاڻي، ڪڏھن ڪنھن در. ھاڻ تون ھن کي وساري ڇڏ مان وٺيو ٿو وڃانس ۽ ياد رکجانءِ جي تو ڪا مستي ڪئي آھي ۽ ھن کي تنگ ڪيو آھي تہ فرياد ڪرائيندوسانءِ. اڙي نياڻين جا سورنھن مڱڻا ڪرائبا آھن؟ در در وڪڻبو آھي؟ پيسي جي پيٽ کي تہ باھ لڳئي ٿي، پر ڄائيءَ جي ڄر بہ ڪڏھن آئي اٿئي؟“
سليم ڳالھائيندي سھڪيو پئي. قادن ڪنڌ لاڙيو ڪا گهڙي بيٺو رھيو ۽ پوءِ وڌي نياڻيءَ وٽ آيو. ھن کي حالون بي حال ڏٺائين،تھ لڙڪ لڙي پيس. مٿي تي ھٿ رکيائينس ۽ پوءِ سليم ڏي نھاريائين. ان نگاھہ ۾ سڀ ڪجهہ ھو. سليم ڪنڌ سان ھا ڪيس، قادن پوئين پير موٽيو ۽ اڱڻ ٽپي ٻاھر نڪري ويو.
ماحول ۾ چوڌاري ڪا گهڙي خاموشي رھي. ڪنھن ڪنھن مھل شاھ بانو جي ڪنجهڻ جو آواز آيو پئي. ڏاڏيءَ جو آواز تہ ”امان، امان منھنجي ھوش ۾ اچ.“ نہ تہ چوڌاري عجيب سانت ھئي. شاھ بانو جي ناني، سليم جي ماسي چپ ھئي ۽ پئي شاھ بانو کي مٿي تي زور ڏنا. اوچتو سليم ڳالھايو، ”ماسي، ھاڻ تون گهر وڃ، شاھ بانو جا ٻہ وڳا ٿيلھي ۾ وجهي آ، مان ھن کي رات پھر ۾ کڻي ويندس. شاھ بانوءَ کي ڊاڪٽر جي ضرورت آ.“
ماسيءَ ڏانھس نھاري اوڇنگارن ۾ اچي پئي. سليم ويجهو وڃي ڀاڪر پاتس ۽ پرچائڻ جي ڪيائينس. ”ھن نياڻيءَ جي ڏوھاري مان آھيان. ابا! مون ھن لاءِ ڪجهہ نہ ڪيو آ. ڪجهہ بہ نہ. مان ھن جي خدمت ڪندس. ھن کي ريجهائيندس. مون کي ڪھڙي خبر تہ ڇوڪر اندر ئي ڇڄي پئي آھي. باھ ڏيان اھڙن مڱڻن کي. مان صدقو وڃان ٻچڙيءَ تي، منھنجا مولا ھٺ سڄو ڏينس، بخشي بچائي ڏي.“
ماسيءَ پئي رني ۽ ڳالھايو. سليم آھستي کيس اٿاريو ۽ چيو: ”دير نہ ڪر ماسي، شاھ بانوءَ کي ڊاڪٽر جي ضرورت آھي، مان ھاڻ ئي کيس شھر کڻي ويندس.“
”مان اجها آيس ابا، مان بہ ساڻس گڏ ھلنديس.“
سليم ھڪدم وراڻيس، “نہ ماسي، شاھ بانوءَ جي ماضيءَ جي ڪا شيءَ ھن سان نہ ھجي. بس دعا ڪرينس. ٺيڪ ٿي پئي. گد گد ھوندي، راضي خوشي ايندي، وٺي ايندومانس. تون فڪر نہ ڪر مٺي جيجل ماءُ، جلدي ڪر.“
ماسيءَ جو منھن لھي ويو، پر ھن شاھ بانوءَ تي نظر وڌي تہ کيس جهٻي آئي. يڪدم جتي سيري پير ۾ ڪيائين ۽ سڌو گهر نڪري وئي. ھوڏانھن سليم اندران ڪمري مان ڪورامن کنيو آيو ۽ شيشيءَ مان ڦڙا پاڻيءَ ۾ وجهي شاھ بانوءَ کي پياريا. شاھ بانو آھستي آھستي ھوش ۾ اچڻ لڳي.
سليم جڏھن کيس ھنج ۾ کڻي ڪار تائين آيو تہ شاھ بانو ڪجهہ ھوش ۾ ھئي. ھن لھڻ جي ڪئي، پر ھو کنيو ويس. شاھ بانوءَ سھاري لاءِ ڳچيءَ ۾ ٻانھون وجهي ڇڏيس.
سليم ائين سمجهيو ڄڻ ھو ڪا ملڪيت سانڍيو پيو وڃي. ماسي ۽ ڏاڏي در تائين موڪلائڻ آيون. گهٽيءَ ۾ ڪير نہ ھو. رات چڱو پنڌ ٽپي ھلي ھئي. جڏھن سليم اتان نڪتو، ھو تکي گاڏي ڪڍي آيو. کيس ائين پئي لڳو ڪٿي کانئس ھيءُ سرمايو ڪير کسي نہ وٺي. سڄي زندگي پالھو رھيو. ھيءَ مليس تہ ڄڻ کيس پاڻ مليو. ھو ھر ھر شاھ بانوءَ کي تڪي رھيو ھو، جيڪا سندس ڀرسان ھليل ھئي. ھو سندس سونھن ۽ پرڀائيندڙ وجود کي پسي گد گد پئي ٿيو. کيس خبر نہ ھئي، تہ ڪڏھن موتي لال ھٿن ۾ ھوندي بہ ھٿن مان پاڻيءَ وانگر وھي نڪري بہ ويندا آھن. ھو آھستي آھستي شاھ بانوءَ جي ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪندو رھيو.
”شاھ بانو، مون کي خبر آھي تہ مان ڇا آھيان. تو مون تي وڏو وڙ ڪيو آھي. تون ڪٿي رنج تہ ناھين.“
شاھ بانو آھستي آھستي مشڪندي رھي ۽ پوءِ ٿڪل آواز ۾ چيائين:
”توھان سان رنج! توھان تہ منھنجا محسن آھيو – منھنجا سائين آھيو – ڀلا ڪاڏي ھلون پيا، منھنجا ڪپڙا لٽا کنيا اٿو.“
”شاھ بانو، ھيءُ ٻنھي جو نئون سفر آھي. منزل جي مون کي بہ خبر نہ آھي. تون ساڻ آھين تہ سڀ سولي ٿي پوندي. تنھنجي بيگ ڊگي ۾ آھي ۽ سنھي سامان وارو ٿيلھو سيٽ تي اٿئي.“
شاھ بانو پويان ڏٺو ۽ ھٿ وڌائي ٿيلھو کنيو ۽ ھنج ۾ ڪري کوليائين ٿيلھو انھن ئي نوٽن سان ڀريل ھو ۽ سليم وارو چيڪ بہ مٿان رکيل ھو.
”سائين، ھيءُ ڏسو نانيءَ جا ڪم.“
سليم ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ ڪا گهڙي چپ رھيو ۽ پوءِ کلي شاھ بانو ڏي نھاريائين، ”ھي نانھن طرفان ڏاج اٿئي.“
شاھ بانو شرمائجي وئي ۽ ھن دفعي ڏاڍي پيار سان ڏانھس ڏٺائين، ۽ جيئن سليم سندس نگاھون محسوس ڪيون تہ ھن بہ ڏاڍي پيار سان ڏٺس ۽ سرٻاٽ ڪندي ۽ ڏانھس جهڪندي چيائين، ”شاھ بانو پنھنجي منزل پري نہ آھي.“
ائين اوچتو شاھ بانو دانھن ڪئي، ”سامھون ڏسو – سنڀالجو!“
سليم گاڏي کي سامھون ٽرڪ کان بچايو، پر گاڏي ڪئين پنڌ پيچرا سٽيندي، ٽپندي ھڪ کامي ۾ ٺڪاءُ سان وڃي دنگ ڪيو.
سليم ھوش ۾ آيو تہ ڏٺائين شاھ بانو سندس ڀرسان ئي ھئي. ھن دفعي خاموش ۽ چپ. سليم ڏڪي ويو. ھن رڙيون ڪيون، ”شاھ بانو – شاھ بانو – شاھ بانو.“
شاھ بانو وٽس ئي ھئي، پر ان ۾ ٻوليندڙ پکي نہ ھو. ھو بہ آھستي آھستي خاموش ٿي ويو. ھو ڪار مان ٻاھر نڪتو تہ ھن محسوس ڪيو تہ ھو وري اڪيلو آھي – ھن کامي کان مٿي نھاريو، ھڪ وھندڙ روشني ھئي. ھڪٻئي جي پٺيان روشني. ھن جي اکين کي روشني نہ وڻڻ لڳي. ھن کي کامي ۾ پوندڙ روشنيءَ جا پاڇا بہ نہ وڻيا. ھو ڪار جو در کولي شاھ بانوءَ جي پاسي ۾ ويھي رھيو. ھن کي ائين لڳو تہ ڄڻ ھو اڪيلو نہ آھي. ھن جون اکيون ٿڪجڻ لڳيون ھيون. ھن بہ شاھ بانو وانگر سمھڻ چاھيو. جڏھن شاھ بانو ستل آھي تہ ھو جاڳي ڇا ڪندو. ھو اکيون ٻوٽي آھلي پيو. نئين سفر جي کيس خبر نہ ھئي.