آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

يادن جي ڳڙکيءَ مان (يادگيريون - ڀاڱو پھريون)

عبدالرزاق سومري اسڪول کان ڪاليج، وڪيل کان سياستدان ۽ سماجي شخصيت کان سفارتڪار تائين جيڪي سفر ڪيا تن کي ھن بيان ڪيو آھي. ھي سندس يادگيرين تي مشتمل ڪٿا جو پھريون جلد آھي. سومري صاحب ڪتاب ۾ ڏورانھين سفرن، سياسي سفرن، پرڏيھي سفرن، ڳوٺن ۽ شھرن جي قصن، سياسي ۽ سماجي ڪم ڪندي يادگيرين کي سھڻي نموني سھيڙيو آھي. استاد خالد چانڊيي پڻ 66 ڪيسيٽن ۾ رڪارڊ ڪيل گفتگو کي سٺي ترتيب سان پنن تي اتاري ڪتابي شڪل ۾ آندو آھي. 

Title Cover of book يادن جي ڳڙکيءَ مان (يادگيريون - ڀاڱو پھريون)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سياسي اڳواڻ، وڪيل، سفارتڪار ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي ساٿي عبدالرزاق سومري جي آتم ڪٿا ۽ يادگيرين تي مشتمل ڪتاب جو پھريون ڀاڱو ”يادن جي ڳڙکيءَ مان“ اوھان اڳيان پيش آهي، جنھن جو مرتب استاد خالد چانڊيو آھي.
عبدالرزاق سومري اسڪول کان ڪاليج، وڪيل کان سياستدان ۽ سماجي شخصيت کان سفارتڪار تائين جيڪي سفر ڪيا تن کي ھن بيان ڪيو آھي. ھي سندس يادگيرين تي مشتمل ڪٿا جو پھريون جلد آھي. سومري صاحب ڪتاب ۾ ڏورانھين سفرن، سياسي سفرن، پرڏيھي سفرن، ڳوٺن ۽ شھرن جي قصن، سياسي ۽ سماجي ڪم ڪندي يادگيرين کي سھڻي نموني سھيڙيو آھي. استاد خالد چانڊيي پڻ 66 ڪيسيٽن ۾ رڪارڊ ڪيل گفتگو کي سٺي ترتيب سان پنن تي اتاري ڪتابي شڪل ۾ آندو آھي. 
ھي ڪتاب 2011ع ۾ رائيٽرس ڪلب، لاڙڪاڻو  پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي