سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار حميد سنڌيءَ جي چونڊ ڪھاڻين، مضمونن، مقالن، انٽرويوز، مھاڳن ۽ ھمعصر ليکڪن تي لکيل تاثرن تي مشتمل ڪتاب ”اسان جو قلم ھڪ علم“ اوھان اڳيان پيش آھي.
سٺ جي ڏھاڪي ۾ سنڌي ادب جي کير ڌار ظاھر ٿي ھئي، جن مان حميد سنڌي پڻ ھڪ ھيو. ھو ھڪ بھترين ڪھاڻيڪار، وطن پرست ايڊيٽر، پرجوش مقرر ۽ بھترين منتظم ھيو. ھن اينٿالاجي مالھا جھڙي ڪتاب ۾ سندس ٻہ خاص انٽرويوز، 11 چونڊ ڪھاڻيون، ھڪ ناٽڪ، 16 مقالا ۽ مضمون، ٻہ خاڪا، 4 چونڊ مھاڳ، حميد سنڌي تي لکيل تاثر، حميد سنڌي جا لکيل تعزيتي تاثر ۽ ٻيو مواد شامل آھي.
ھن ھيءُ ڪتاب اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي مالي تعاون سان 2018ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي ٿورن سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي