آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سارا شگفتہ

هن ڪتاب ۾ امرتا پريتم کي سارا شگفتہ جيڪي خط لکيا هئا، انھن خطن ۾ هن پنھنجي زندگيءَ جي سموري ڪَٿا امرتا پريتم کي لکي موڪلي هئي. امرتا پريتم جيئن جو تيئن سارا شگفتہ جي خطن مان سمورو مواد گڏ ڪري هڪ ڪتاب ”ايڪ تهي سارا“ جي نالي سان ڇپائي ورتا. هن ڪتاب ۾ سارا شگفتہ جي، سندس زباني ”آپ بيتي“ بيان ڪيل آهي. جنھن ۾ سارا شگفتہ جي زندگي سان وابستہ واقعن، قصن، يادگيرين ۽ خطن کي هن ڪتاب ۾ مختصر پر جامع مواد اوهان تائين پهچائڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي وئي آهي. 27/ 28 سالن جي ڦوھہ جوانيءَ ۾ نہ ڄاڻ الائي ڪيتريون ئي تڪليفون، درد، ڏُک، سُور سھندي هوءَ ريل جي پٽڙيءَ تي خودڪشي ڪري وڃي آرامي ٿي.

  • 4.5/5.0
  • 64
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سارا شگفتہ

حق ۽ واسطا

Book No: 44

- ¬ڪتاب: سارا شگفتہ
- موضوع: (سوانح عمري)
- مصنفہ: امرتا پريتم
- مترجم: احسان آڪاش
- ڇاپو: (ٻيو) جنوري 2024ع
- تعداد: 500
- ڪمپوزنگ اينڊ ٽائيٽل : احسان آڪاش

@ڇاپيندڙ:

احساس پبليڪيشن ۔ حيدرآباد
03100934500

مُلھہ : 300 روپيہ

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2024ع

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نظم جي خوبصورت شاعرہ سارا شگفتہ جي سوانح عُمريءَ تي امرتا پريتم جي لکيل ڪتاب ”ايڪ ٿي سارا“ جو سنڌي ترجمو ”سارا شگفتہ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو سنڌيڪار احسان آڪاش آھي.
هن ڪتاب ۾ امرتا پريتم کي سارا شگفتہ جيڪي خط لکيا هئا، انھن خطن ۾ هن پنھنجي زندگيءَ جي سموري ڪَٿا امرتا پريتم کي لکي موڪلي هئي. امرتا پريتم جيئن جو تيئن سارا شگفتہ جي خطن مان سمورو مواد گڏ ڪري هڪ ڪتاب ”ايڪ تھي سارا“ جي نالي سان ڇپائي ورتا. هن ڪتاب ۾ سارا شگفتہ جي، سندس زباني ”آپ بيتي“ بيان ڪيل آهي. جنھن ۾ سارا شگفتہ جي زندگي سان وابستہ واقعن، قصن، يادگيرين ۽ خطن کي هن ڪتاب ۾ مختصر پر جامع مواد اوهان تائين پھچائڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي وئي آهي. 27/ 28 سالن جي ڦوھہ جوانيءَ ۾ نہ ڄاڻ الائي ڪيتريون ئي تڪليفون، درد، ڏُک، سُور سھندي هوءَ ريل جي پٽڙيءَ تي خودڪشي ڪري وڃي آرامي ٿي.
ھن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو احساس پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2024ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون احسان آڪاش جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پنھنجي پاران

منھنجو نالو احسان آڪاش آهي. ۽ مان هن ڪتاب جو ترجمي نگار آهيان. هي منھنجو ترجمي جي حوالي سان پھريون پورهيو آهي. اوهان مانوارن جي طرفان موٽ ملڻ جي ڪري هن ڪتاب جو هي ٻيو ايڊيشن اوهان پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب جو پھريون ايڊيشن جنوري 2023ع ۾ سڦلتا پبليڪيشن پاران شايع ڪيو ويو هو. مون سعادت حسن منٽو جون ڪجهہ ڪھاڻيون ۽ ڪجهہ ٻيو مواد مان ترجما ڪري چڪو آهيان، جيڪي مختلف رسالن ۽ مئگزين جي زينت بڻيا آهن.
2017ع کان 2023ع تائين منھنجا ڪُل 10 ڪتاب شايع ٿي چُڪا آهن. جنھن ۾ شاعريءَ جي موضوع تي منھنجا مرتب ڪيل 5 ڪتاب (شاعري جو آڪاش، صحرا منجهہ صدا، ننڊ جا نيڻ، نظمن جو ديس ۽ هڪ اردو گڏيل شاعري جو ڪتاب عڪسِ جانان هم ۽ ڪھاڻي جي موضوع تي مرتب ڪيل 3 ڪتاب (سپنن جو پڌر، احساس نگر، آڪاش منھنجي ٻُڪ ۾) شايع ٿي چُڪا آهن. ان کان علاوه منھنجو هڪ ٻيو ڪتاب (ڀڃ ڊاهہ) جيڪو نثراڻن احساسن تي مشتمل آهي، ۽ تازو شايع ٿيندڙ ڪتاب ”جسم فروشي جي تاريخ“ شاد پبليڪيشن طرفان شايع ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ امرتا پريتم کي سارا شگفتہ جيڪي خط لکيا هئا، انھن خطن ۾ هن پنھنجي زندگي جي سموري ڪَٿا امرتا پريتم کي لکي موڪلي هئي. امرتا پريتم جيئن جو تيئن سارا شگفتہ جي خطن مان سمورو مواد گڏ ڪري هڪ ڪتاب ”ايڪ تھي سارا“ جي نالي سان ڇپائي ورتا. هن ڪتاب ۾ سارا شگفتہ جي، سندس زباني ”آپ بيتي“ بيان ڪيل آهي. جنھن ۾ سارا شگفتہ جي زندگي سان وابستہ واقعن، قصن، يادگيرين ۽ خطن کي هن ڪتاب ۾ مختصر پر جامع مواد اوهان تائين پھچائڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي آهي. 27/ 28 سالن جي ڦوھہ جواني ۾ نہ ڄاڻ الائي ڪيتريون ئي تڪليفون، درد، ڏُک، سُور سھندي هوءَ ريل جي پٽڙي تي وڃي آرامي ٿي. هُن زندگي کان ڇا گُهريو هو؟ ۽ موٽ ۾ زندگي هُن جي جهول ۾ نہ کُٽندڙ دردن جا باب اُڇلائي ڏنا. سارا پنھنجي زندگي ۾ اهڙا شاهڪار ۽ جرئت مندانہ نظم لکي وئي، جيڪي اڄ تائين ڪير ناهي لکي سگهيو.... اهڙي جرئت ۽ دليرمندانہ تخليق صرف سارا وٽ ئي هئي... اچو تہ ٿورو وقت ڪڍي سارا کي پڙهون!
عورت ڪڏهن شھيد ناهي ٿيندي،
تون ڪھڙي نماز پئي پڙهين....؟
_
تون ڊِڄ مان ٻار ڄڻين ٿي
ان لاءِ تنھنجي ڪا نسل ناهي.
_
مان ماءُ بڻجڻ کانپوءِ بہ ڪنواري آهيان
۽ هاڻي منھنجي ماءُ بہ ڪنوراي آهي.
_
مان پنھنجي باھہ ۾ هڪ چنڊ
رکان ٿي ۽ ننگي اکين سان
مرد ڪمايان ٿي پر
منھنجي رات مون کان اڳ
جاڳي پئي آهي.
_
مان جسم کان علاوه بہ
شعر لکندي آهيان
شھوت زدہ جڏهن مون کي
داد ڏيندا آهن تہ منھنجا
گناھہ ٻري پوندا آهن.
مان صدين جي ماءُ آهيان
منھنجي رات ۾ داغ
صرف چنڊ جو آهي.
_
دعا جيڪڏهن زهر ٿي پوي تہ
خدا وٽ پُٽ پيدا ٿيندو آهي.
_
مان عبادت جي غار نہ
انسان چاهيان ٿي ۽
تلاوت جي لاءِ انساني صحيفو !

اهڙي هئي سارا شگفتہ... هڪ تمام حساس شاعرہ جنھن کي عزت، مان ڏيڻ ۽ سمجهڻ بجاءِ سماج ان سان سمھڻ کي پسند ڪيو. هر ٻيو ماڻھو انھيءَ انتظار ۾ هيو تہ منھنجو وارو ڪڏهن ٿو اچي...!؟
مان احساس پبليڪيشن حيدرآباد وارن جو ٿورائتو آهيان، جنھن منھنجي هن پورهيئي کي مانُ ڏيندي پنھنجي اداري مان ڪتاب شايع ڪري اوهان تائين پھچايو... انھيءَ اميد سان تہ پڙهندڙ ان کي ضرور موٽ ڏيندا. ڪتاب پڙهي ڪري پنھنجي راءِ کان ضرور آگاھہ ڪندا.

دعاڳو
احسان آڪاش
خدا جي بستي _ ڪوٽڙي / ڄامشورو
03100934500

باب پھريون

---

سارا شفگتہ جو تعارف (احسان آڪاش)

نظم جي دنيا جي اهڙي شاعرہ جيڪا زندگي سان وڙهندي وڙهندي پنھنجي حياتي جو ڏيئو هميشہ جي لاءِ اجهائي ڇڏيو. هن ڄاڻي ورتو هيو تہ ”عورت ڪڏهن شھيد ناهي ٿيندي“ تڏهن ئي تہ هُن پنھنجي لاءِ جيڪا راھہ چونڊي هئي، اها شريعت ۾ حرام راھہ هئي، پر سارا جي مذهب ۾ اها راھہ ئي حلال هئي.
هي سماج هڪ اڪيلي عورت لاءِ ڪيترو ڀيانڪ ۽ وحشي آهي ان جو اندازو ۽ حقيقي تصوير سارا شگفتہ جي هن زندگي نامي ۾ محفوظ آهي. بظاهر مذهب نظر ايندڙ ماڻھو هڪ اڪيلي ۽ تنھا عورت جي معاملي ۾ اندر ۾ سوئر ۽ ڪتو آهي، جيڪو صرف ماس پٽڻ ۽ کائڻ ڄاڻي ٿو. اهڙن مردن جي تشريح سارا پنھنجي نظمن ۾ ڪري وئي آهي، تنھن ڪري ئي هن جي نظمن تي اگهاڙپ جي ڇاپ لڳي وئي هئي، ۽ هُن جي لاءِ مشھور ڪيو ويو هيو تہ ”هوءَ هر ڪنھن سان سمھي پوندي آهي.“ پر حقيقت ان جي ابتڙ هئي، ڪير بہ پنھنجي ڪتي جھڙي شڪل ڏسڻ لاءِ تيار نہ هيو. اهڙن واقعن ۽ الزامن کان تنگ اچي ڪري نيٺ هڪ دفعي سارا چئي ويٺي هئي تہ (هي ڪنڃر هٿ اڃا ڪيترو مون کي ذليل ڪندا...؟)
سارا شگفتہ جو جنم 13 آڪٽوبر، 1954ع بروز اڱارو، گوجرانوالا ۾ ٿيو. هوءَ جڏهن اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي هئي تہ هُن جي شادي هڪ ڄٽ سان ڪرائي وئي. انھيءَ ڄٽ شخص سارا سان صرف سمھڻ ئي ڄاڻي سگهيو هيو، باقي جي زندگي حيوانن جيان سلوڪ ڪندو رهيو. سندس حياتيءَ ۾ هڪ ڪتاب نظمن تي مشتمل هيو، اهو شايع ٿيو هيو. ڪسمپرسي اهڙي جو جڏهن ڪتاب شايع ٿيو هيو تہ هوءَ چرين جي اسپتال ۾ زيرِ علاج هئي، اليڪٽرڪ شاڪ جي ذريعي علاج هلندڙ هو، هڪ ڊاڪٽر هن جو ڪتاب هٿ ۾ کڻي هن کي مبارڪباد ڏني هئي تہ ”ڏس تنھنجو ڪتاب شايع ٿيو آهي، هاڻي تون ملڪ جي وڏي شاعرہ ٿي وئي آهين“
هن لکڻ جي شروعات پنھنجي پھرين ٻار جي ضايع ٿيڻ کانپوءِ ڪئي. ۽ اهڙي ريت هوءَ اردو ادب ۾ پنھنجو هڪ الڳ مقام حاصل ڪيو. پر هُن جي شھرت ۽ عزت هن جي پنھنجن عزيزن کان سَٺي نہ ٿي، جنھن ڪري هوءَ اڪثر پنھنجن عزيزن کان الڳ ٿلڳ هڪ ڪرائي جي گهر ۾ اڪيلي رهندي هئي.
سارا پنھنجي زندگي جا 15 سال صرف تشدد برداشت ڪيو، ۽ باقي جا 5 سال هوءَ بيمار رهي، 2 سال مسلسل ذهني مريض طور هُن جي سڃاڻپ ٿي. بعد ۾ صرف هڪ سال سعيد سان گڏ هُن پنھنجي زندگي ۾ خوشگوار احساس محسوس ڪيو، ۽ 4/5 جون 1984ع تي هُن ٽرين جي هيٺيان اچي ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي.

سارا شگفتہ جون بي ترتيب شاديون

پھرين شادي:
مان 14هين سال ۾ گهونگهٽ واري ٿيس، ۽ ٽن سالن جي مشقت سان ٽي ٻار ڄڻيم.... ”گهر واري ڇا هيس؟ صرف اجازت هيس، پھريان ماءُ جي اجازت سان هڪ روپيو اڌارو گهرندي هيس، ۽ هاڻي مڙس جي اجازت سان هڪ روپيو خرچ ڪندي آهيان.“
منھنجو مڙس هڪ جاهل ۽ اوباش هيو. جاهل ايترو هيو جو ڳالھہ ڳالھہ تي مار ڪڍڻ شروع ٿي ويندو هيو. ايتري مار ڏيندو هيو جو جسم تي نيرا داغ ٺھي ويندا هيا. جڏهن چاهي جانورن جيان همبستري ڪندو هيو. خير اها ڪا وڏي ڳالھہ نہ هئي، اسان وٽ مڙس ايئن ئي هوندا آهن، مان پنھنجي سبزي مان پائي پائي گڏ ڪري نائين جماعت جا ڪتاب خريد ڪري ورتا ۽ پڙهڻ شروع ڪيا. نائين جماعت پاس ڪيم تہ مڙس جي مار جي باوجود فيملي پلاننگ ۾ نوڪري ڪيم. هاڻي گهر کي ڏسندي هيس، نوڪري ڪندي هيس، ٻارن کي ڏسندي هيس، ٻارن کي سمھاري ڪري، مڙس کي راضي ڪندي هيس ۽ رات جو ميٽرڪ جي تياري ڪندي هيس.

ٻي شادي:
هڪ شاعر مون سان گڏ فيملي پلاننگ ڪندو هو، مان ڏاڍي بانماز هوندي هيس، گهر کان آفيس تائين جو رستو وڏي مشڪل سان ياد ڪيو هوم. هڪ ڏينھن ان شاعر صاحب چيو: ”مون کي توهان سان ضروري ڳالھہ ڪرڻي آهي.“
اسان جي هڪ ريسٽورنٽ ۾ ملاقات ٿي. ان چيو: ”شادي ڪندينءَ؟“
ٻي ملاقات ۾ شادي طئي ٿي وئي. هاڻي قاضيءَ جي لاءِ پيسا ڪونہ هئا.
مون چيو: ”اڌ فيس تون قرض وٺ اڌ مان ٿي وٺان.... جيئن تہ منھنجي گهر وارا شريڪ نہ ٿيندا سو منھنجي طرف کان گواھہ بہ وٺيون اچجانءِ“
هڪ دوست کان مون اڌارا ڪپڙا ورتا ۽ مقرر جڳھہ تي پھچي ويس. ۽ نڪاح ٿي ويو. قاضي صاحب فيس کان علاوه مٺائيءَ جو دٻو بہ گهرائي ورتو تہ اسان وٽ ڪل ڇھہ روپيہ بچيا. باقي جهوپڙي تائين پڳاسين تہ 2 روپيہ بچيا.
مان لالٽين جي روشنيءَ ۾ گهونگهٽ ۾ ويٺي هيس.....
شاعر چيو: ”ٻہ روپيہ اٿئي؟ ٻاهر منھنجا دوست ڪرايي جي بغير ويٺا آهن“
مون ٻہ روپيہ ڏئي ڇڏيا.
ان چيو: ”اسان وٽ گهرواري نوڪري ناهي ڪندي“
نوڪري مان بہ هٿ کڻڻا پيا.
گهر ۾ روز تعليم يافتہ شاعر ۽ نقاد ايندا هئا ۽ ادب تي ڳالھائيندا هئا. منھنجي خمير ۾ علم جي وحشت تہ هئي، پر ان جي باوجود بُک برداشت نہ ٿيندي هئي. هر روز گهر ۾ فلسفو پچڻ لڳو ۽ اسان اهو فسلفو کائيندا هياسين. هڪ ڏينھن جهوپڙيءَ مان بہ ڪڍيا وياسين. اها بہ پرائي هئي. هڪ اڌ گهر ڪرائي تي ورتو. مان هيٺ فرش تي چادر تي ليٽي ڪري تارا ڳڻيندي هيس ۽ پنھنجي جھل جو اڪثر شڪار ٿيندي هيس.

ٽين شادي:
هاڻي ٻيو شاعر منھنجي پويان هو تہ منھنجي وجھہ جي ڪري توکي طلاق ٿي.... مون سان شادي ڪر نہ تہ مان خودڪشي ڪري ڇڏيندس....
مون چيو : ”هي سڀ مڪر آهن..... ڪوڙ آهن..... وڃ .... وڃي ڪري پنھنجو ڪم ڪر.“
هاڻي هو منھنجي فليٽ جي هيٺيان ڪيئي پھر اس تي بيٺو رهندو هو. ۽ شھر جي معزز ماڻھن وٽ وڃي ڪري چوندو هو منھنجي هن سان شادي ڪرايو.... ڇھہ مھينا گذري ويا، ٻڌڻ ۾ اهو ايندو هو تہ اڄ هو فلاڻي وٽ ويو، فلاڻي وٽ ويو، ۽ ڏاڍو روئندو رهيو..... پوءِ هڪ ڏينھن مون هن کي گهرايو ۽ هن کي ڏاڍو سمجهايو تہ هاڻي منھنجي شادي ڪرڻ جو ڪو ارادو ڪونھي.“
پر هو ڪو نہ مُڙيو..... مون هن کي ايترو بہ چيو تہ : جيڪڏهن مون کي چاهين ٿو تہ پوءِ شادي جي ڪھڙي ضرورت آهي“
پر هو نہ مُڙيو پنھنجي ڳالھہ تي بيٺو رهيو.
هڪ ڏينھن مون هن کان پڇيو: ”ڇا تون صرف شادي ڪرڻ چاهين ٿو؟“
هن چيو: ”ها.....“
تہ مون چيو : وڃ وڃي ڪري ڪارڊ ڇپائي ۽ سڄي شھر ۾ ورهائي، سڀاڻي نہ پرين ڄڃ وٺي اچ“ ____ شادي ٿي وئي........

چوٿين شادي:
منھنجي دل شادي ڪرڻ کان ڀرجي وئي هئي، دل تي ۽ روح تي جيڪي زخم هيا، اهي اڃا ڀرجي نہ سگهيا هئا، بيماريءَ ۾ ڪافي حالت خراب ٿي وئي هئي، پر هاڻي ڪجهہ بھتري محسوس ڪري رهي هئم، پنھنجي ماءُ کي لڪي لڪي آهون ڀريندي ڏسندي هئم، ۽ هڪ ڏينھن منھنجي ماءُ هڪ رشتو کڻي آئي ۽ چيائين: ”مون کي ذلت کان بچاءِ وٺ ڌيءُ، ها چئي وٺ! مڃان ٿي تہ ڇوڪرو بدصورت آهي، پڙهيل لکيل ناهي، پر ايترن پڙهيل لکيلن بہ توکي ڇا ڏنو؟ هي رشتو تنھنجي لاءِ ٺيڪ رهندو؟“ مون خاموشيءَ ۾ ”ها“ ڪري ڇڏي. ۽ ايئن منھنجي چوٿين شادي ٿي وئي....

سارا شگفتہ جو اولاد

سارا شگفتہ پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪُل چار شاديون ڪيون، جيڪي بُري طرح ناڪام ويون. انھن شادين مان سارا شگفتہ کي صرف پھرين شاديءَ ۾ 3 ٻار ٿيا هئا. ٻئي مڙس مان پُٽ جو اولاد ٿيو، جيڪو ڪجهہ گهڙين بعد وفات ڪري ويو. ان بعد ٽئين مڙس مان جيڪو حمل ٿيو، سارا اهو پاڻ ضايع ڪرائي ڇڏيو. چوٿين مڙس مان ڪو بہ اولاد نہ ٿي سگهيو.
اهڙي طرح سارا جي اولاد جي حوالي سان صرف 3 ٻارن جو حوالو ملي ٿو.

باب ٻيو

---

سارا شگفتہ جي زندگي جا اذيت ڀريا ۽ تشدد جا قصا

پھريون قصو:
جڏهن هو پھريون ڀيرو مون کان منھنجا ٻار کسي ويو هو تہ مان حد کان وڌيڪ پريشان ٿي وئي هيس. مان اڪيلي ميانوالي پھتم. اڻڄاڻ رستا، عجيب طرح جا ماڻھو، ۽ وڏي ڳالھہ تہ مون وٽ منھنجي مڙس جي ايڊريس بہ نہ هئي، بس ايتري خبر هئي تہ هو بئراج جي ويجهو ڪٿي رهي ٿو. مان بئراج جي ڪناري پھچي چيم: ”اي بئراج! تون تہ مون سان گڏ آهين نہ؟ اڄ تون منھنجي لاءِ دعا ڪجانءِ، اڄ مان ڪا بہ دعا نہ گهرنديس ڇو تہ مائرون دعائن کان وڏيون هونديون آهن.“
وڏي مشڪلن سان آخرڪار مون کي منھنجي مڙس جو گهر ملي ويو. مون دروازو کڙڪايو تہ اندران منھنجو مڙس نڪري آيو.
”ڪُتي! تون هتي بہ پھچي وئين؟“
مون وراڻيو: ”ها يزيد! مان هتي بہ پھچي وئي آهيان.“
”ڇا لاءِ آئي آهين؟“
”مون کي منھنجو حق مھر ڏي ۽ منھنجا ٻار مون کي واپس ڪر“
”تون ان قابل ڪٿي آهين تہ توکي حق مھر ادا ڪيو وڃي ۽ ٻار تہ توکي ڏسڻ جو بہ حق نہ ڏيندس“
مون چيو: ”اڇا! مان پنھنجو حق مھر ۽ ٻار توکان وٺي رهنديس، مان وري واپس ايندس“
رات گهڻي ٿي وئي هئي، رهڻ جي لاءِ ڪا جڳھہ بہ نہ هئي، اتفاق سان هڪ آخري بس ملي وئي، انھيءَ ۾ سوار ٿي ويس ڇو تہ ميانوالي ۾ نہ ڪو رڪشو وغيره هلندو هيو نہ ئي ٻي ڪا سواري. رستي تي بس خراب ٿي وئي. بس ۾ صرف مان اڪيلي عورت هيس. مان سوچڻ لڳس ”هاڻي مان ڪيڏانھن وڃان؟“ مٿان اچانڪ برسات بہ شروع ٿي وئي هئي. جتي بس خراب ٿي هئي اهو هڪ ڳوٺ هيو. مان بس مان هيٺ لٿم تہ مون کي هڪ مزدور ڏسڻ ۾ آيو، مون ان کي سڏ ڪيو ۽ چيو: ”هتي ڪا ويجهو ريلوي اسٽيشن آهي؟“
ان چيو: ”اهو تہ هتان کان گهٽ ۾ گهٽ 3 ميل پري آهي.“
مون چيو: ”مان توکي 50 روپيہ ڏيندس، مون کي اسٽيشن تائين ڇڏي اچ“
ان شخص حيرت مان چيو: ”تون شھري ڇوڪري ايترو پري پنڌ ڪري سگهندينءَ؟“
مون چيو: ”ها“
۽ پوءِ اسان هلندا هلندا اسٽيشن تائين پھچي وياسين. اسٽيشن تي هر طرف خاموشي هئي. ڪير بہ نہ هيو. ۽ اها خبر پڻ گرم هئي تہ ”هن علائقي ۾ ڏينھن ڏٺي ماڻھو عورتن کي کڻي ويندا آهن ۽ 500 جي ڪري انسان کي قتل بہ ڪري ڇڏيندا آهن. مان ريلوي اسٽيشن جي ريسٽ هائوس ۾ هلي ويس ۽ اندران ڪُنڊي لڳائي ڇڏي. مون کي ڪو خوف محسوس نہ ٿيو، مون پنھنجا ڪاغذ ڪڍيا ۽ لکڻ شروع ڪري ڏنم.
ڪراچيءَ پھچي ڪري سڀ کان پھرين ان جڳھہ طرف ويم جيڪو منھنجو مڙس حق مھر ۾ منھنجي حوالي ڪري ويو هيو، انھيءَ گهر ۾ ڪرائيدار رهندا هيا. وڏي مشڪلن سان اهو گهر خالي ڪرائي، ۽ هڪ لک روپين ۾ وڪرو ڪيم. پيسا بيگ ۾ رکي وري ميانوالي جي هوائي ٽڪيٽ ڪٽرايم. هوائي جھاز ۾ ڪُل ڏيڍ ڪلاڪ لڳو. ميانوالي وڃي پھتم. دروازو کڙڪايم تہ وري مڙس نڪري آيو ۽ چيائين: ”اندر اچ“
مون چيو: ”يزيد! مان توکان ٻيڻ تي حق مھر حاصل ڪري ورتو آهي، تنھنجو گهر وڪڻي آئي آهيان.“
گهر جي اندر ٻہ ماڻھو ٻيا بہ هيا. هن چيو: ”رقم ڪٿي آهي؟“
مون چيو: ”سودو ڪر مونسان، رقم وٺ ۽ ٻار ڏي“
هن چيو: ”اها تنھنجي ڀُل آهي، شرافت سان رقم منھنجي حوالي ڪري ڇڏ نہ تہ گولين سان تنھنجو جسم پروڻ ڪري ڇڏيندس ڪُتي....“
منھنجا ٻار هيڏانھن هوڏانھن گهمي رهيا هئا، پر انھن سان نہ ملي پئي سگهيم ۽ انھن کي پيار پئي ڪري سگهيم. ٻہ ماڻھو جيڪي اندر بيٺا هيا انھن جلدي ۾ هٿيار ڪڍي مون ڏانھن سڌا ڪيا. مان فوراًًً دروازي کان وٺي ٻاهر ڀڄي ويم. ۽ تيز تيز ڀڄندي رهيم منھنجي پٺيان هوائي فائر ٿيندا رهيا. پر مان مسلسل ڀڄندي رهيم..... ۽ ايئن مان اتان پنھنجي جان بچائي نڪتم.... مون کي ٻيو ڪو ڏک نہ هيو سواءِ پنھنجي ٻارن کي سيني سان لڳائڻ جي......!!!

ٻيو قصو:
گهر ۾ روز تعليم يافتہ شاعر ۽ نقاد ايندا هئا ۽ ادب تي ڳالھائيندا هئا. منھنجي خمير ۾ علم جي وحشت تہ هئي، پر ان جي باوجود بُک برداشت نہ ٿيندي هئي. هر روز گهر ۾ فلسفو پچڻ لڳو ۽ اسان اهو کائيندا رهياسين. هڪ ڏينھن جهوپڙي مان بہ ڪڍيا وياسين. اها بہ پرائي هئي. هڪ ٻيو گهر ڪرائي تي ورتوسين. مان هيٺ فرش تي چادر تي ليٽي ڪري تارا ڳڻيندي رهندي هيس. مون کي ستون مھينو هو، منھنجو درد شديد هو. علم جي غرور ۾ هو اک کڻي نھارڻ بنا ئي هليو ويو. جڏهن وڌيڪ درد ٿيو تہ منھنجي رڙين تي مالڪ مڪان ڀڄندي آئي ۽ مون کي اسپتال ڇڏي وئي. منھنجي هٿ ۾ درد ۽ روپئي وارا پنج ڪڙڪ نوٽ هئا..... ٿوري دير کانپوءِ پٽ جو اولاد ٿيو. سيءُ تمام گهڻو هيو، مون وٽ هڪ ٽوال بہ ٻار کي ويڙهڻ لاءِ نہ هو.....
ڊاڪٽر ٻار کي منھنجي ڀرسان واري اسٽريچر تي ليٽايو. پنج منٽن لاءِ ٻار اک کولي ۽ پوءِ ڪفن ڪمائڻ لاءِ هليو ويو. بس ان وقت کان منھنجي جسم ۾ اکيون ڀريل آهن. سسٽر مون کي وارڊ ۾ سمھاري وئي. مون سسٽر کي چيو: ”مان گهر وڃڻ چاهيان ٿي، ڇو تہ گهر ۾ ڪنھن کي بہ خبر ناهي تہ مان ڪٿي آهيان“
نرس، مون ڪاوڙ سان ڏٺو ۽ چيو: ”تنھنجي جسم ۾ زهر ڦھلجڻ جو هونئن ئي ڊڄ آهي سو ان ڪري تون بستر تي ئي ليٽي رھہ “
پر هاڻي تہ آرام ڪٿي بہ نہ هو...... هاڻي مون وٽ پنج روپيہ ۽ مري ويل ٻار هو.
مون سسٽر کي چيو: ”مون وٽ فيس جا پيسا ناهن، مان کڻي ٿي اچان، مون لاءِ مشڪل آهي هاڻي اسپتال ۾ رهڻ، تو وٽ منھنجو مري ويل ٻار امانت آهي، مان پيسا کڻي اچان ٿي، ڀڄي نہ ويندس.“
مان ڏاڪڻن کان هيٺ لھي ويس. مون کي 105 ڊگري بخار هو. بس تي سوار ٿي ويس. گهر پھتم تہ منھنجي ڇاتين مان کير وهي رهيو هو. مان کير گلاس ۾ ڀري رکي ڇڏيو.
ايتري ۾ شاعر ۽ ٻيا اديب حضرات اچي ويا. مون شاعر کي چيو: ”پٽ پيدا ٿيو هو..... پر مري ويو....“
ان سرسري ٻُڌي ڪري پنھنجي نقاد دوستن کي ٻڌايو. ڪمري ۾ ٻہ منٽ خاموشي رهي ۽ اڳلي ٽئين منٽ گفتگو شروع ٿي وئي.....
...... فرائيڊ جي باري ۾ تنھنجو ڇا خيال آهي؟
....... فيدور دوستو وسڪي ڇا ٿو چوي؟
........ سعدي ڇا چيو؟
......... ۽ وارث شاھہ وڏو ماڻھو هو........
هي ڳالھيون تہ مان روز ٻڌندي هيس، پر اڄ لفظ ڪجهہ وڌيڪ صاف ٻڌجن پيا. مون کي ايئن لڳو ڄڻ هي سڀ وڏا ماڻھو منھنجي رت ۾ هجن، دوستو وسڪي ۽ فرائڊ منھنجي رحم مان منھنجو ٻار پٽي رهيا هجن.
ان ڏينھن علم منھنجي رت ۾ وڏا ٽھڪ ڏئي رهيو هو. ان ڏينھن علم پھريون دفعو منھنجي گهر آيو هو. منھنجي ٻار جو جنم ڏس! بس هڪ ڪلاڪ گفتگو ٿي ۽ پوءِ خاموش اکيون مون کي ڏسنديون رهيون..... هي ماڻھو علم جا دريا عبور ڪندي ڪمري مان نڪري ويا.....
مان ڏاڪڻن کان هڪ رڙ ڪندي هيٺ لھي آيس، منھنجي هٿ ۾ 3 روپيہ هيا. مان پنھنجي دوست وٽ ويس ۽ ان کان 300 روپيہ اڌارا گهريم. هن ڏئي ڇڏيا. ان مون کي ڏسي ڪري چيو:
”ڇا تنھنجي طبعيت خراب آهي؟“
”بس مون کي ٿورو بخار آهي، مان وڌيڪ بيھي نہ ٿي سگهان ڇو تہ پيسا هڪ قرض خواھہ کي ڏيڻا آهن هو منھنجو انتظار ڪري رهيو آهي“
اسپتال پھتم بل 295 روپيہ جو ٺھيو. هاڻي مون وٽ وري مري ويل ٻار ۽ پنج روپيہ هيا.
مون ڊاڪٽر کي چيو: ”توهان چندو گڏ ڪري ٻار کي ڪفن ڏيو ۽ هن کي ڪٿي بہ دفن ڪري ڇڏيو. ٻار جي اصل قبر تہ منھنجي دل ۾ ٺھي وئي آهي.“
مان وڏيون رڙيون ڪندي ڏاڪڻن کان هيٺ لھي آيس. اگهاڙين پير مان روڊ تي ڀڄندي ڀڄندي بس ۾ اچي سوار ٿيس. ڊاڪٽرن سمجهيو شايد صدمي کان مان پنھنجو ذهني توازن وڃائي ويٺي آهيان. ڪنڊيڪٽر مون کان ٽڪيٽ نہ گُهري. ڇو تہ منھنجي ڪپڙن کان رت وهڻ لڳو هو. مان بس مان لھندي ڪنڊيڪٽر جي هٿ ۾ پنجين روپئي جو نوٽ رکندي هلي آيس.
گهر....گهر.... گهر.... پھچي.....
گلاس ۾ منھنجي ڇاتي جو کير رکيل هو، ڪفن کان بہ وڌيڪ اُجرو...... مون پنھنجي کير جو قسم کنيو!
شعر مان لکنديس! شاعري مان ڪنديس! شاعرہ مان چورائينديس.....۽ کير خراب ٿيڻ کان اڳ مون پھريون نظم لکيو .
اڄ چئني طرف کان شاعرہ شاعرہ جي آواز اچي ٿي. پر اڃا تائين ڪفن جا پيسہ پورا ناهن ٿيا......
مان پوءِ بہ هن بي حِس ٽانڊن تي ليٽي رهيس، ۽ هو مون ۾ هر روز رات جو زهر ڀريندو رهيو، مون هن کي ڪڏهن نہ چيو تہ ”تنھنجي ڪمري کان، منھنجي بدن کان هڪ روح وڇڙي ويو آهي...... مان خدا کان وڌيڪ خاموش رهيس...... جڏهن هو مون سان سمھندو هو تہ مون کي ايئن لڳندو هو ڄڻ وري منھنجو ڪو بي ڪفن ٻار مرڻ وارو آهي.....!!!

ٽيون قصو:
ٻي طلاق کانپوءِ هاڻي ٻيو شاعر منھنجي پويان پئجي ويو تہ توکي منھنجي ڪري طلاق ٿي آهي. مون سان شادي ڪر نہ تہ مان خودڪشي ڪري ڇڏيندس.... وغيره
هو منھنجي فليٽ جي هيٺيان ڪئي ڪلاڪ بيٺو رهندو هيو ۽ شھر جي معزز ماڻھن وٽ وڃي ڪري منٿ ڪندو هيو تہ منھنجي شادي سارا سان ڪرايو. 6 مھينا ايئن گذري ويا پر هُن جي مسلسل ساڳي ضد تہ شادي ڪر مونسان..... هڪ ڏينھن مون هُن کي سمجهايو تہ هاڻي منھنجو شادي ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي.... مون هن کي ايتري تائين چيو تہ جيڪڏهن مون کي چاهين ٿو تہ پوءِ شادي جي ڪھڙي ضرورت!؟
پر هو نہ مڙيو.... هڪ ڏينھن مون هن کي چيو:
”توکي مون سان شادي ڪرڻي آهي نہ؟“
چيائين: ”ها....“
مون چيو: ”وڃ.... وڃي ڪارڊ ڇپرائي ۽ سڄي شھر ۾ ورهائي مان توسان شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“
شادي ٿي وئي.....
صبح جو سس چوڻ لڳي: ”ڇا ٽِڪا نٿ پايون ويٺي آهين، منھنجي ڪنواري پُٽ کي ڦاسايو آهي تو....“
مان خاموشيءَ سان ٽِڪو ۽ نٿ لاهي رکي ڇڏيم. ۽ ٻيا ڪپڙا پائي ورتم. شاديءَ جي پھرين ڏينھن شاعر صاحب چوڻ لڳو:
”تون اڪيلي ٻاهر اچ وڃ نہ ٿي ڪري سگهين. هي اسانجي گهر جو دستور آهي.“
مون کي پاڙي وارن جي گهر وڃڻ جي بہ اجازت نہ هئي...... شادي جي هڪ هفتي کانپوءِ سس ۽ نڻانن جي نفرتن جي ڪري شاعر صاحب مون کي زمين تي ليٽائي منھنجي سيني مٿان ٽپا ڏيڻ لڳو. ۽ مون کي ايترو ماريو جو منھنجي جسم تي نيرا گهاوَ ٿي ويا هئا. مون کي ڪنھن سان ملڻ جلڻ جي اجازت نہ هئي. منھنجي هر رشتيدار، دوست يا اچڻ واري تي شڪ ڪيو پيو وڃي. مان سڀني گهر وارن جا ڪپڙا ڌوئندي هيس، بوٽ پالش ڪندي هيس.... ڇھہ نڻانون ملي ڪري مون کي گاريون ڏينديون هيون، ۽ مڙس اهڙو بدليو ڄڻ بازار مان ڪا لونڊي خريد ڪري آيو هجي. هڪ ڏينھن هن جي والدہ چيو:
”تو مون کان منھنجو پٽ ڦري وئي آهين.....“
مون چيو: ”امان فڪر نہ ڪريو مان توهان کي توهانجو پٽ واپس ڪري ڇڏيندس.“
پوءِ انھيءَ شام، مون سڀني کي گڏ ڪيو، ۽ شاعر صاحب کي چيم: ”مون کي هن وقت طلاق ڏي.“
هن چيو: ”طلاق نہ ڏيندم.... مان تنھنجي کَل لاهي ڇڏيندس، ۽ دروازي تي تالو لڳائي ڇڏيائين.“
مان وري اميد سان ٿيس.... منھنجي لاءِ اها ڳالھہ وڏي پريشاني واري هئي. ٻاهر بہ نہ پئي وڃي سگهان.... ۽ بن مانس منھنجا پير چٽي ڪاغذ جا ڪري ڇڏيا هيا..... هو مون کي ڇُھندو هو تہ مون کي ايئن لڳندو هو ڄڻ منھنجي دل ۾ ڪا زنجير لھي وئي هجي.....
هڪ ڏينھن مون هڪ وڏي ڪاغذ تي لکيو....... ”مان ٻار ضايع ڪرائڻ وڃي رهي آهيان، مان نہ ٿي چاهيان تہ تنھنجو گندو خون منھنجي رڳن ۾ رهي....“
۽ صبح اسر ويل5 بجي ڀت ٽپي ڪري هڪ ليڊي ڊاڪٽر وٽ پھچي ويس..... ۽ ٻار ضايع ڪرائي ڇڏيو. مون کي ڏاڍو تيز بخار چڙهي ويو. سڄو ڏينھن بستر تي ليٽي رهيس، شام جو اٿي گهر واپس هلي آيس. ايتري ۾ منھنجي نڻانن سڄي پاڙي ۾ هُل ڪري ڇڏيو تہ اسان جي ڀاڄائي ڀڄي وئي....“
پوءِ مڙس مون کي ايترو ماريو جو منھنجي جسم تي نيرا نشان پئجي ويا. پوءِ هو بُل ڊاگ چوڻ لڳو:
”وڃ .... وڃي ڪري منھنجا بوٽ پالش ڪر.... ان کانپوءِ چانھہ ٺاهي اچ.....“
پڙهڻ تي بہ پابندي هئي..... مان ٽوائلٽ ۾ وڃي ڪري شعر لکندي هيس. ۽ هو ڪُتو چوندو هو: ”عظيم شاعرہ منھنجا بوٽ پالش ڪري رهي آهي.....“
هن گهر ۾ مون تي ايترو تشدد ٿيو جو مون تي پاڳل پڻي جا دورا پوڻ شروع ٿي ويا. پوءِ هڪ ڏينھن مون پنھنجي سس کي چيو: ”مان توکي تنھنجو پٽ واپس ڪري ٿي وڃان، ان لاءِ مان بہ ماءُ آهيان ۽ ماءُ جو ڏک سمجهان ٿي“
۽ دروازي کان ٻاهر نڪري آيس.....

چوٿون قصو:
چوٿين شادي مان وڏي مشڪلاتن سان طلاق تہ حاصل ڪري ورتي هئي، پر ڪورٽ ڪچھري جون زنجيرون اڃان تائين کُلي نہ سگهيون هيون. هڪ ڏينھن جاگيردار پيغام موڪليو تہ توسان ضروري ڳالھہ ڪرڻي آهي، توسان ملڻ ٿو چاهيان...“ مان هلي ويم ملڻ...
”تو مون کي ڇو ٺڪرائي ڇڏيو آهي ان لاءِ جو مان جاهل آهيان، اسان عورت کي استعمال ڪريون تہ هوءَ ٻي چادر تائين پائي نہ ٿي سگهي، اسان روز عورت خريد ڪندا آهيون ۽ جڏهن هوءَ انڪاري ٿيندي آهي تہ پوءِ ان کي قتل ڪري ڇڏيندا آهيون، ان لاءِ مان چاهيان ٿو تہ تون مون وٽ رهہ.....!“
وڌيڪ چيائين تہ : ”تون مون وٽ رهہ، جيتري دولت گهرجي توکي ڏيندس.... گاڏي، بنگلو، زمين، ڳوٺ مطلب تہ هر شيءَ توکي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، تون نہ مڃيندينءَ تہ توکي قتل ڪري ڇڏيندس.... تنھنجون ٻئي ٽنگون ڪٽي ڇڏيندس، تنھنجون ٻئي ٻانھون ڪٽي ڇڏيندس جن تي توکي ايترو غرور آهي، جنھن سان تون لکندي آهين ۽ دنيا کي بيوقوف بڻائيندي آهين....“
مون چيو: ”مان توسان چند ڏينھن ئي گذاري سگهان پئي باقي جبر مون تي لازم نہ هيو، مون کي جاگير، دولت جي ضرورت ناهي، تون مون کي خريد ڪري نہ ٿو سگهين ۽ اھا تنھنجي ڀُل آهي تہ دولت سان هر شيءَ خريد ڪري سگهجي ٿي، مان اها عورت ناهيان جو مڙس جي حرم ۾ سڄي عمر روئندي رهان، مون کي پنھنجي حرم ۾ رهڻ جي دعوت ٿو ڏين ڪُتا!
تون مون کي قيد نہ ٿو ڪرين سگهين، منھنجو توسان ڪو بہ تعلق ناهي، آئندہ مون کي گهرائڻ جي ڪوشش نہ ڪجانءِ نہ تہ بڇڙو ڪندي سانءَ....“
۽ مان اتان هلي آيس....
ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ مان ڪافي بيمار ٿي ويس تہ ڪراچيءَ جي نديم اسپتال ۾ داخل ٿيس.... جاگيردار هڪ ڏينھن اتي آيو، مون کي رت جي بوتل لڳل هئي، اچي چوڻ لڳو:
”اسپتال جو خرچ ڪير ڀريندئي، مان ان لاءِ آيو آهيان تہ توکي پيسن جي ضرورت هوندي“
مون جاگيردار کي ڏٺو ۽ چيو: ”ڊاڪٽر منھنجو علاج مفت ڪري رهيا آهن ۽ مون کي ڪوئي بل ناهي ڏيڻو.“
هو اتان هليو ويو. اسپتال مان آئي اڃان ٻہ ڏينھن مس گذريا هيا تہ جاگيردار جي ڀاڄائي مون وٽ آئي ۽ چيائين:
”فلان خالہ ڏاڍي بيمار آهي ۽ توکي ياد ڪري رهي آهي ۽ توسان ملڻ ٿي چاهي.“
مون چيو: ”سڀاڻي مان ان سان ملڻ ايندم“
ٻئي ڏينھن مان ان جي عيادت ڪرڻ هلي ويس. اتي جاگيردار ۽ هڪ ٻيو مرد موجود هيو. هن ٻئي مرد کي چيو تہ ٻئي ڪمري ۾ وڃ. هو ٻئي ڪمري ۾ هليو ويو.
مون جاگيردار کان پڇيو: ”مون کي چڪر ڏئي گهرائڻ جو ڇا مطلب هيو؟“
هن ڪاوڙ ۾ مون ڏانھن نھاريو ۽ چيو: ”بڪواس بند ڪر، هاڻي تون هن گهر مان ٻاهر نہ وڃي سگهندينءِ، ڪيترن عاشقن جا خط توکي روز اچن ٿا ڪُتي؟“
مون چيو: “عاشق؟ منھنجي مٽي هن خوشبو مان غافل رهي آهي“
ان وري چيو: ”مون وٽ رهندينءَ يا نہ؟“
مون چيو: ”نہ بنِ مانس! مان تنھنجي حرم ۾ نہ رهنديس“
هو ڪاوڙ ۾ هڪدم اٿي بيھي رهيو، ۽ مون کي ايترو اچي ماريائين جو منھنجي جسم تي نيرا نشان ٺھي ويا. مان ان جي هر وار تي گاريون ڪڍنديون رهيم، جيترو ٿي سگهيو مان بہ ان تي هٿ کڻندي رهيم. هن اچانڪ ويھاڻي جي هيٺيان چاقو ڪڍيو ۽ منھنجي سيني تي وار ڪرڻ لڳو..... مان وار کان پاڻ بچائي ورتم... موت منھنجي ويجهو کان گذري وئي هئي، مان بہ وڙهندي رهيس، هن مون کي زمين تي ڪيرائي منھنجي مٿان چاقو جو وار ڪرڻ چاهيو مان ان کي سيني تي لت هڻڻ جي ڪئي تہ هن چاقو منھنجي ڄنگهہ ۾ وهائي ڪڍيو.... سڄي ڪمرو رت ٿي ويو. مان رتورت ٿي ويس.... مان زور سان رڙيون ڪرڻ شروع ڪيم، منھنجي رڙين تي پاڙي وارا گهر اندر اچي ويا.... انھن کي ڏسي جاگيردار ڀڄي ويو. مان چاقو جي وار جي ڪري بيھوش ٿي ويس......
هوش آيو تہ گهر ۾ ڪير بہ ڪو نہ هيو.... قتل جي معاملي ۾ ڪير ٿو پوي؟

سارا شگفتہ کي مليل طلاقن جا واقعا

پھرين طلاق:
منھنجو مڙس ٻين عورتن سان پڻ ڦاٿل هيو. هڪ ڏينھن منھنجي ڀاڻيجي منھنجي گهر رهڻ لاءِ آئي. ان وقت منھنجو ننڍو پٽ ستن سالن جو هيو. آڌيءَ رات جو ٻئي ڪمري مان رڙيون اچڻ شروع ٿي ويون.
ماسي..... او ماسي..... مون ڏٺو منھنجو مڙس زبردستي منھنجي ڀاڻيجيءَ سان همبستر ٿيڻ پيو چاهي، مان ڀڄي وڃي ٻئي ڪمري ۾ ستل پنھنجي هڪ سال جي ڌيءَ کي کڻي آيم، ۽ اچي چيم
”سمھڻو اٿئي تہ پنھنجي ڌيءَ سان سمھہ.... ٻئي جي زندگي ڇو ٿو برباد ڪرين....؟“
۽ پوءِ ان وقت مون کي طلاق ٿي وئي.

ٻي طلاق:
مون قرض کڻي ڪري هڪ انڊسٽريل هوم کوليو . ڇو تہ شاعر صاحب جي پگهار کي مون ڪڏهن ڏٺو ئي نہ هو. سوچيندي هيس..... هن پُسيل انجڻ سان گڏ ڏينھن گذاري ويندس.... پر اچانڪ هڪ واقعو پيش آيو.... شاعر صاحب پنھنجي هڪ شاعر دوست کي گهر وٺي آيو، ۽ تعارف ڪرايو ۽ چيو:
”هاڻي تہ منھنجي گهر واري بہ شاعري ڪندي آهي“
خير مان ڪم ختم ڪري شام جو گهر ايندي هيس ۽ شام تائين ڪافي اديب، شاعر اچي ويندا هئا ۽ مقابلہ بازي شروع ٿي ويندي هئي. ڇھہ مھينا ائين گذري ويا..... هڪ شام اهو ئي دوست شاعر صاحب جو گهر آيو ۽ چيائين: ”مون کي اوهان سان ڳالھہ ڪرڻي آهي پر قسم کڻو تہ اوهان ناراض نہ ٿيندا“
گهڻي ضد کانپوءِ مون قسم کنيو. هن چيو: ”مان توهان سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو“
مون چيو: ”مان شادي شدہ آهيان، ڀلا منھنجي ۽ توهان جي شادي ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ ۽ اڳتي اهڙي ڳالھہ مون سان نہ ڪجو“
خير ڳالھہ کي مون کلندي ٽاري ڇڏيو. هڪ منھنجي سھيلي هئي، اها بہ اسانجي گهر ايندي هئي. هو حضرت شاعر جي نگاھہ کي سڃاڻي وئي. هڪ ڏينھن مذاق ۾ مون کي چيائين:
”سارا... توکي هو شاعر ڪيئن ٿو لڳي؟“
مان بہ موڊ ۾ هيس سو کلي چيم: ”سٺو آهي، خوبصورت آهي، سمارٽ آهي.....“
۽ پوءِ اسان ٻيون ڳالھيون ڪرڻ لڳي وياسين.
هڪ ڏينھن مان انڊسٽريل هوم مان واپس آيم تہ منھنجي مڙس شاعر جو چھرو لٿل هو. ٻيو شاعر بہ موجود هو. هونئن بہ شام جو اسان سڀ گڏ ئي هوندا هئاسين. مان ڪرسي تي ويٺي ئي هيس تہ منھنجي مڙس مون کي قرآن شريف هٿن ۾ رکي ڇڏيو. ٻيو شاعر بہ موجود ۽ ٻيا ماڻھو بہ هئا.
هن چيو: ”تنھنجي هٿن ۾ قرآن شريف آهي، اميد آهي تون سچ ڳالھائيندين....“
مون چيو: ”قرآن نہ بہ هجي ها تہ بہ مان سچ ڳالھايان ها، خير پُڇ.... ڇا ٿو پڇڻ چاهين؟“
هن چيو: ”ڇا تو پنھنجي دوست کي چيو آهي تہ ٻيو شاعر خوبصورت آهي، سمارٽ آهي، ۽ مون کي وڻي ٿو...“
مون چيو: ”ها .... مون چيو هو“
تہ ان چيو: ”مون توکي طلاق ڏني..... طلاق ڏني...... طلاق ڏني......
جڏهن طلاق ڏئي ڇڏي ۽ قرآن اڃا تائين منھنجي هٿن ۾ هو تہ مون چيو: ”طلاق ڏئي ڇڏي اوهان؟“
هن چيو: ”ها.....“
تہ پوءِ مون چيو: ”منھنجي بہ ٻڌي ڇڏ..... مان هن قرآن تي هٿ رکي چوان ٿي تہ هن شاعر سان منھنجو ڪو بہ ناجائز تعلق ناهي، پر تون گهٽيا ۽ ڪميڻو انسان نڪتين، هن گهر جا ٻہ دروازا آهن هڪ مان تون ٻاهر نڪري وڃ ۽ ٻئي دروازي مان مان ٿي نڪري وڃان.....“
هو فوراََ منھنجي پيرن تي ڪِري پيو ۽ چيو: ”مون کي معاف ڪري تو جھڙي گهرواري مون کي ڪڏهن نہ ملي سگهندي.“
مون چيو: ”مان توکي ٿُڪي ڇڏيو.... هاڻي منھنجو توسان ڪو بہ رشتو ناهي.... انھيءَ چڪر ۾ رات جا 2 ٿي ويا.... ٻيو شاعر بہ ويٺو ئي رهيو. مان پنھنجي ڪمري ۾ هلي ويس. ٿوري دير کانپوءِ پھريون شاعر آيو ۽ وڏيون منٿون ڪيائين مون ان کي ڪمري مان ڪڍي ڇڏيو. پوءِ ٻيو شاعر ڪمري ۾ آيو مون ان کي بہ ڪمري مان ڪڍي ڇڏيو....

ٽين طلاق:
ٽين شادي جي هڪ هفتي کانپوءِ سس ۽ نڻانن جي نفرتن جي ڪري شاعر صاحب مون کي زمين تي ليٽائي منھنجي سيني مٿان ٽپا ڏيڻ لڳو. ۽ مون کي ايترو ماريو جو منھنجي جسم تي نيرا گهاوَ ٿي ويا هئا. مون کي ڪنھن سان ملڻ جلڻ جي اجازت نہ هئي. منھنجي هر رشتيدار، دوست يا اچڻ واري تي شڪ ڪيو پيو وڃي. مان سڀني گهر وارن جا ڪپڙا ڌوئندي هيس، بوٽ پالش ڪندي هيس.... ڇھہ نڻانون ملي ڪري مون کي گاريون ڏينديون هيون، ۽ مڙس اهڙو بدليو ڄڻ بازار مان ڪا لونڊي خريد ڪري آيو هجي. مان ان گهر ۾ ٽي سال رهيم، سس ٻوٽيون ڳڻي رکي ڇڏيندي هئي، پر گهر کان ٻاهر قدم رکڻ نہ ڄاڻندي هئي، پھرين تہ برقعو پائيندي هئي، اڪيلي ٻاهر نہ نڪرندي هئي. انھيءَ گهر جو هڪ واقعو ياد آيو آهي تہ تقريباً هڪ رات، 8 بجي ڌاري منھنجي ڀاءُ اچي مون کي اطلاع ڏنو تہ والد صاحب جو انتقال ٿي ويو آهي، مان جنازي ۾ شرڪت جي لاءِ تياري ڪرڻ لڳس..... منھنجي مڙس مون کي چيو تہ ”تون جنازي ۾ شريڪ نہ ٿي، ٿي سگهين، اڄ انسان نہ بلڪہ هڪ ڪتو مري ويو آهي.....“
مون چيو: ”وڌيڪ خباثت جي ضرورت ڪونھي.... مان تہ ضرور وينديس.... “
پوءِ هن مون کي پائيپ سان ايترو ماريو جو مان بي هوش ٿي ويس..... جڏهن هوش آيو تہ رات جا 2 ٿي رهيا هيا.... مان ڀت ٽپي ۽ ڀڄندي پنھنجي والد جي جنازي تائين پھتم ۽ ميت کي ڀاڪر ڀري روئڻ لڳس..... گهر واپس آيم تہ مڙس صاحب مون کي وري پائيپ سان ماريو.

مان ئي رڳو ڇو؟ بلڪہ پورو سماج عورت سان اھو ئي لڪاءُ ڪندو آهي. بس ڪٿي ڪٿي رَوَن (دوپٽہ) جا رنگ تبديل ٿي ويندا آهن.
”اسان تہ بنا آس جي اک آهيون،
۽ چوندا آهن تہ عورتون تہ کيت (فصل) آهن،
انھن کان پڇو... ڪڏهن ڪنھن هاريءَ پنھنجي فصل کي اجاڙيو آهي؟
هاريءَ جو تہ پوري زندگيءَ جو دارومدار فصل تي هوندو آهي.“
”وڃ .... وڃي ڪري منھنجا بوٽ پالش ڪر.... ان کانپوءِ چانھہ ٺاهي اچ.....“
پڙهڻ تي بہ پابندي هئي..... مان ٽوائلٽ وڃي ڪري شعر لکندي هيس. ۽ هو ڪُتو چوندو هو: ”عظيم شاعرہ منھنجا بوٽ پالش ڪري رهي آهي.....“
هن گهر ۾ مون تي ايترو تشدد ٿيو جو مون تي پاڳل پڻي جا دورا پوڻ شروع ٿي ويا. . پوءِ هڪ ڏينھن مون پنھنجي سس کي چيو: ”مان توکي تنھنجو پٽ واپس ڪري ٿي وڃان، ان لاءِ مان بہ ماءُ آهيان ۽ ماءُ جو ڏک سمجهان ٿي“
۽ دروازي کان ٻاهر نڪري آيس..... پوءِ وڏي مشڪلاتن سان مون طلاق حاصل ڪئي.

چوٿين طلاق:
_ڪھڙي مصيبت سان شادي ٿي آهي؟
_ اسان وٽ عورتون سگريٽ پيئن تہ ان کي گولي هڻي ڇڏيندا آهيون.
_ پڙهڻ لکڻ تي اڄ کان پابندي.
_ ڇا ٿي لکين؟ هيڏانھن اچ، منھنجا پير دٻاءِ... وڏي آئي شاعرہ....
_ زيور هر وقت پاتل هجي، ان سان عزت وڌندي آهي.
_ مشھور شاعرہ جو ساھہ هاڻي منھنجي مُٺي ۾ آهي.
پندرنھن ڏينھن تائين مون برداشت ڪيو.
”مون کي ان سان ڪو ڏيڻ وٺڻ ناهي تہ تون لکپتي آهين، پنھنجو لھجو درست ڪر، ٻي صورت ۾ سٺو نہ ٿيندو.“
”تون ٽَڪي جي شاعرہ، تنھنجو علم تہ توکي اڌ ماني بہ نہ ٿو ڏئي، پڙهڻ لکڻ مان ڪھڙو فائدو؟“
پنجويھہ ڏينھن کانپوءِ مون لکپتي کي چيو: ”مون کي طلاق کپي.“
”نہ ڏيندس.... توکي هتي ڪھڙي تڪليف آهي، توکي گهر ڏنم، 20 هزار حق مھر آهي تنھنجو.“
”مون توکي حق مھر معاف ڪيو، مون کي طلاق ڏي.“
وڏي مشڪلن سان مون ان لکپتيءَ کان طلاق ورتي.

سارا شگفتہ جي حق ۾ ڪورٽ جو هڪ يادگار واقعو

مان عبادت لاءِ غار نہ انسان چاهيان ٿي، ۽ تلاوت لاءِ انساني صحيفو!
پھرين مڙس مان سارا شگفتہ کي ٽي ٻار پيدا ٿيا. جيڪي هن جي مڙس هن کان زبردستي کسي ويو هيو. ۽ واپس نہ پيو ڪري، جنھن تي سارا ٻارن کي واپس ڪرائڻ لاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرايو.... انھيءَ ڪيس جي ٻُڌڻي دوران هن جي مڙس سارا تي تمام گندا ۽ بيھودہ الزام لڳايا هئا، جنھن تي سارا جواب ۾ چيو تہ:
”جج صاحب ! هي شخص بلڪل سچ ٿو چوي تہ مان آوارہ ۽ هڪ بدچلن عورت آهيان، انھيءَ لاءِ اهو اقرار ٿي ڪريان تہ هي ٻار هن شخص جا نہ آهن. هنن ٻارن جو پيءُ ڪو ٻيو آهي. عدالت مون کي اجازت ڏي تہ مان هي ٻار اصل پيءُ وٽ پھچايان.....!!!!“

باب ٽيون

---

سارا شگفتہ جو ادب ۾ پير پائڻ ۽ اديبن ڏانھن لکيل خط

سارا شگفتہ جي پھرين ٻار جو جنم قصو انتھائي دردناڪ آهي، انھيءَ اذيت واري ڪيفيت مان گذرندي رهي... ڪجهہ گهڙين جي لاءِ هُن جو ٻار هن دنيا ۾ اک کولي پوءِ هميشہ جي لاءِ اکيون بند ڪري ڇڏيون.... انھيءَ درد کي سھندي هُن پاڻ سان هڪ واعدو ڪيو تہ شعر مان لکنديس! شاعري مان ڪنديس! شاعرہ مان چورائينديس.....۽ هُن پھريون نظم لکيو .

اردو جي مشھور افسانہ نگار رام لال جي نانءُ خط

رام لال!
اڄ مون ڊاڪٽر کي چيو: ” هي عمارت پٿرن جي پيماني سان ٺھيل آهي.“ هو ڏاڍو کليو، انھيءَ جي کِل ۾ هزارين آهون هيون، جيڪي ويچاري ڊاڪٽر جي وس ۾ نہ هيون. سفيد چادرن ۾ اڌ زنده ۽ اڌ مردہ ماڻھو.... انسان جي زندگي چادر کان بہ گهٽ آهي. جوتشي جي بُک، هٿ هوندو آهي رام لال....
اڄ مان خدا کان وڌيڪ اداس آهيان جو وارڊ ۾ ٻہ عورتون مري ويون آهن، جي چوي ٿو تہ ...... مان بہ موت جي خاموشي چورائي وٺان ۽ اکين جي بِين مرڻ وارن جي هٿن تي رکي ڇڏيان... پر انھن جا جسم انڌا ٿي ويا آهن. ڪالھہ تائين جيڪا عورت پنھنجن سان گهڻو ڳالھائيندي هئي، اڄ ڏس ڪيڏو چُپ آهي...!؟
چانڊوڪيءَ ۾ ڪو بہ داغ نہ هوندو آهي. خدا جو ڪنڊو ڪنھن جي بہ نڙيءَ ۾ ڦاسي سگهي ٿو.... تہ خيال ٿيو ..... سڀ کان وڏو شڪاري آهي رب!
مون کي ڪنواري خدا جي نظر لڳي وئي هئي. منھنجي رت مان اداس آواز ايندا آهن، جوڳياڻي مري ويل درد جي لئي تي نچي ٿي. هي دروازا آهن يا تابوت ! خوف منھنجون آڱريون ڇو پيو کولي؟ رات پکي جي پرن ۾ رهجي ويندي، سج هر روز انسان جو فصل ڪٽي رهيو آهي.
رام لال! مون کي بہ موت پنھنجي ويجهو پئي محسوس ٿئي. خير .... ڏٺو ويندو.... مان توهان جو بيحد احترام ڪندي آهيان. ۽ لفظ لفظ رکندي آهيان صاحب! لفظن کانسواءِ اسان وٽ ٻيو بچيو ڇاهي؟ جواب جلد موڪلي ڏيندا.

سارا شگفتہ

ڊاڪٽر سومرو جي نانءُ خط

ڊاڪٽر سومرو!
آداب !

ڪاتب جي غلطي پھريان ئي نظرانداز ڪري ڇڏجو. توهان انتھائي انساني سطح تي جيڪو سلوڪ مون سان ڪيو آهي، ان کي ڪڏهن بہ وساري نٿي سگهان. اصل ۾ جنرل وارڊ ۾ انساني درد جون دانھون منھنجي برداشت کان ٻاهر آهن. ۽ اھا منھنجي ڪمزوري آهي تہ مان شور هنگامي ۾ نٿي رهي سگهان، هي منھنجو نفسياتي مسئلو آهي. هن کي منھنجي مجبوري سمجهو. ايڪس ري ٿي ويو آهي، ۽ مون بہ ڏسي ڇڏيو آهي، مادي ۾ السر آهي، علاج جي لاءِ ايندي رهنديس. اسپتال ۾ رهڻ ڇا ضروري آهي....؟ شور جي ڪري سڄي رات هڪ ڪرب ۾ گذري.... اميد آهي برو نہ لڳندو، مان گهر پئي وڃان.

انتھائي محبتن مان
سارا شگفتہ

ڪشور ناهيد جي نانءُ

ڪشور ناهيد!
جيڪڏهن ڪنھن مسجد ۾ دعا گهرندي آهيان تہ مندر رُسي ويندو آهي، جسم جي لٺ تي ڪنھن جنگل جو نالو ناهي لکيل. ڄاڻان ٿي عورت جي رت سان جھنڊيون ٺاهيون وينديون آهن. هي ڪفن ماپڻ وارا پنھنجي جسم جيترو گز رکندا آهن پر اسان سِر تي ڪفن ٻڌي پيدا ٿيا آهيون، ڪا منڊي پائي نہ.... جنھن کي هو چوري ڪري سگهن. هو اسان جي ٽھڪن ۾ آيتون ڇو ٿا ڳولھين؟ جڏهن تہ هر آيت ۾ شيطان جو ذڪر ضرور آهي.
سارا شگفتہ

احمد سليم جي نانءُ خط

احمد سليم!
مذاق شروع ٿيندو آهي تہ سڄي ڳالھہ ختم ٿي ويندي آهي. ڌرتي منھنجي ٿڪاوٽ کان بہ ننڍي ٿي پئي آهي. جن کي مون عزتون ڏنيون انھن هميشہ مون کي غليظ مٽي سمجهي ڌڪاريندا رهيا. منھنجي لکڻ جي لاءِ ڪائنات جو خالي ڪاغذ ننڍو آهي، هونئن تہ مان مالدار مشھور آهيان، ۽ اھا ئي منھنجي صبر جي لغام آهي. لغام سفر کان وڌيڪ آهي سو بي ارادو آهي. مان کِلڻ چاهيان ٿي ۽ شايد مسڪرائڻ بہ چاهيان ٿي پر شايد منھنجا چپ ننڍا ٿي پوندا آهن. سڀئي قدم رخصت ٿي ويا آهن. هاڻي تہ اکين کي پگهر اچي ويا آهن. مون کي پٿر هڻندڙن تي ڪو افسوس ناهي جو هو هڪ اک سان ڏسندا آهن. ڪير بہ ڪنھن بہ وقت منھنجي اندر خوف جا کوھہ کوٽي سگهي ٿو. ۽ منھنجي جذبن جا گلدستہ ڪنھن بہ چھري تي ظاهر ٿي پوندا آهن.
واقعي سليم! اهڙا ماڻھو ڪٿي آهن جيڪي مون سان گڏ جنگل مان آيا هيا. مان بار بار پنھنجي لھو کي وساري ويھندي آهيان. هي چپ منھنجا گداگر آهن ۽ بدن جا فالتو ترازو پڻ آهن.
دل جي اکين سان ٻڌل ڪتو ڀونڪندو آهي ۽ مان چور پڪڙي وٺندي آهيان. منھنجي گهر ڪڏهن ڪو چور ناهي آيو. اکيون ورهائڻ باوجود ڪيڏيون تاريڪ آهن..... اخلاقي طور تي منھنجا چپ هميشہ کان ڪُوڙا آهن.
سليم! هي منھنجو آخري قيام آهي ۽ ماڻھو رازداري ۾ مصروف آهن مڪمل طور تي مسڪرائي چڪي آهيان ۽ زبان جي علم مان وڇڙي وئي آهيان. ڪنڊن جي هڪ لباس سان ڪيترا گل مرندا هوندا. ميرا حرف اکيون وڃائي ويھندا آهن.
اها چانھہ جي پيالي اڄ تائين نڙيءَ کان هيٺ لاهي نہ سگهي آهيان جيڪا مري ويل کير مان ٺاهي هئي. اڃ جا ڪنڊا ڪُٽي ڪري منھنجون اکيون ٺاهيون ويون هيون، منھنجو جسم هڪ وڻ جيان تراشيو ويو ۽ مون کي سفر جو ساحل سڏيو ويو. ۽ ساحل تي ڪير گهر ناهي ٺاهيندو هي صرف سمنڊ جو مذاق هوندو آهي.
ڌرتي الائي ڪيترا انسان چَٽ ڪري وئي آهي پر مون کي روز بُک لڳندي آهي ۽ هر انسان هرروز بُکيو هوندو آهي. منھنجي شاخ مان ڪِريل پن زرد هيا ۽ ڌرتي جو مذهب هيا.
سليم! غيب جي کوهن ۾ رسي ڀونڪندي آهي ۽ منھنجي ٽانڊن سان باھہ ٻڌل آهي. مون کي ڏسڻ کانپوءِ هي سڀ ماڻھو شفاف هيا. پوءِ مون انھن جو خمير ڳوهيو ۽ لوڻ کي چيو...... چَک !
باھہ جي تلاش ۾ مون کان منھنجا ڪيئي چراغ وڇڙي ويا جن جي ياد مون کي سياه ڪندي آهي. ۽ خاموشي مون تي ٽوڪون ڪندي آهي. سڀ اُڃارا وياج ڏيڻ لاءِ تيار آهن پر پاڻي جو وياج صرف مٽي هوندو آهي.
سليم! لڳي ٿو خدا تنھا ئي هوندو آهي...... منھنجي گهر جي شيخن مان ڪيترن ڪُتن جي زنجير ٺھي پوندي....... ٿورو حساب ڪر.....
رانديڪا جو مقدر وڌ کان وڌ ٽُٽڻ ئي هوندو آهي. ۽ خدا جو مقدر وڌ کان وڌ غضب آهي. هي سناٽو هڪ نئين قيد جي پيروي ڪندو.

سارا شگفتہ

ثروت سلطانہ جي نانءُ خط

ثروت !
ڪَٽي ....
ڪيترن ڏينھن کان ملاقات ناهي ٿي. پوءِ سوچيندي آهيان تون مصروف هوندينءَ، ڪجهہ ڏينھن ٻيا سھي.... مان توکي اداس ڏسندي آهيان تہ ڏکن سان هڪ ٻي اک اچي ملندي آهي ۽ چوندي آهي
”سارا! تنھنجي ثروت ڏاڍي اداس آهي“
ڇا ڪيان دوست؟ ڏکن جي ورهاست نٿي ٿئي نہ تہ اسانجون زمينون الاٽ ٿي وڃن ها تون پاڪستان ۾ پھرين ڇوڪري آهين جنھن کي مان پنھنجو دوست چئي سگهان ٿي. ۽ منھنجي خوش قسمتي هي آهي جو تون منھنجي دوست آهين.....
خدا توکي سُک ڏي ۽ تون پنھنجي قلم مان ”اکيون“ لکين.... مان اڪثر تنھنجي باري ۾ سوچيندي آهيان ۽ تنھنجي لاءِ پريشان رهندي آهيان پر ڇا ڪريان.....!؟
اداسيءَ جو هڪ سمنڊ منھنجي ٻيڙيءَ ۾ اچي ويھي رهيو آهي. سوچيان ٿي توکي سِتار (تنبورو) ٻڌايان پر سِتار جو هٿ ڪٽجي ويو آهي. زندگيءَ ۾ مون کي ڪڏهن ايئن نہ چاهيو جھڙيءَ ريت تون مون کي چاهين ٿي.

سارا شگفتہ

راجندر سنگهہ بيدي جي نانءُ

بيدي!
مان هڪ جاهل ڪنواري آهيان! سامھون منھنجي آڳر تي منھنجي ٻار جا قدم لکيل آهن ۽ ان جي قدم جي لڪيرن تي مان ان جي پيءُ جو نالو ناهي لکيو. سوچيم پھريان توکي خط لکان.... پوءِ مٽي کي پڙهان..... تنھنجي زنده تحريرون ۽ وقت جي ڪشڪول ۾ تنھنجي اڄ جي ڏينھن ۾ هڪ ”ڊگهي ڇوڪري“ آهيان. منھنجي ڏاڏي صدين کان ڏسي رهي آهي تہ مان اميد سان آهيان. پر مون وٽ ڪو جسم ناهي ٿي سگهيو. منھنجي ماءُ هڪ پوڙهو ديوتا جنم ڏنو آهي جيڪو روز مون سان همبستري جي ڪوشش ۾ رهندو آهي پر مان ڪنواري ئي رهجي وڃان ٿي....

سارا شگفتہ

عطيہ جي نانءُ

عطيہ!
زندگي پنھنجي ٽڪڙا ڪٽي ڪٽي ڏيندي رهي ۽ موت هڪ سنسار....
پياري دوست.... توکي ڇا ڏيان؟ ڏس ! منھنجي اسباب ۾ نہ روح رهيو آهي. نہ ئي ڪو بدن..... مان اڄ ڏاڍي اذيت ۾ آهيان، اها اذيت جيڪا ڪنوارين تي لازم آهي پر مون تي نہ.... مان ڇا ٿي وئي آهيان.... عطيہ ! ڳوڙهن کان اڳ ۾ مان خاڪ ٿي وڃان ٿي.... اچ تہ پنھنجن ڏانڊن جي ٿڌي ٿيڻ تائين تہ جيءُ وٺون.... پر لڳي نٿو.... زندگي اسان جا رانديڪا ڪڏهن بہ ٽوڙي نٿي سگهي. پر هي رانديڪا اسان کي ضرور ٽوڙي چڪا آهن هي ٽٽل رانديڪا عطيہ! اڌ منھنجي ٻارن کي اڌ سعيد کي ڏئي ڇڏجانءِ.....
اچڻ وارن ڏينھن ۾ مان توکي بوڪ شيلف ۾ ملندس ۽ تون بہ مون کي اتي ئي ملندينءَ.....

سارا شگفتہ

هڪ هئي سارا هڪ هيو سعيد !

سعيد!
جھڙيءَ ريت تو منھنجو ساٿ ڏنو اهڙيءَ ريت ڪنھن نہ ڏنو. ان کي مان ڪڏهن وساري نٿي سگهان. توهان جي اعلى ظرفي مون کي متعارف ڪرايو. ڪڏهن دل ۾ اهو خيال نہ آڻجو تہ توهان جي ڪري مون کي ڪو ڏک پھتو هجي..... جيڪڏهن ڪڏهن منھنجي بيوقوفي جي ڪري پھتو بہ هجي تہ ايترو ضرور ڄاڻجو تہ ان ۾ منھنجي نيت جو دخل هرگز نہ هوندو.....
منھنجا قدم انڌيرن جي نذر ٿي وڃن ها.... منھنجي گهر ۾ جيڪي گُل مسڪرائڻ لڳا آهن اهي اوهان جي ڪري آهن....
اميد آهي زندگي جيڪا منھنجي ٿوري گهڻي رهجي وئي آهي ان کي گذارڻ ۽ ساھہ کڻڻ ۾ منھنجي مدد ڪندي..... ساٿ ڏيندي..... منھنجي دل ۾ اوهان جي لاءِ جيڪي عقيدت جا گل ڦٽي آيا آهن تہ مان مھڪجي وئي آهيان نہ ڄاڻ الائي ڇو ......!؟
ياد رهي...... خوشامد جي مان سخت خلاف آهيان زندگي ۾ بعض محرومين جي ڪري اھا شيءَ رهجي وئي آهي. مان تہ ڪنھن ڀِتر کي بہ تڪليف ناهيان ڏيندي..... يعني جذبن کي.
توهان تہ مون ۾ انساني قدرن کي پيدا ڪيو آهي. ۽ انساني سطح تي مون سان ملاقات ڪئي آهي.

بقلم خود
سارا شگفتہ



سعيد!
”ڳالھہ، وقت جي ننگي جسم تي ڇو ٿي اچي؟“ توهان جي انھن لفظن کي مون پنھنجي پوري ٿڪاوٽ سان پڙهيو. ڳالھہ جسم جيتري هجي ها تہ قلم جي مس کي پنھنجي تحرير جي بينائي سان ڪڏهن بہ حاملا نہ ڪيان ها..... ردي جي بدن کي تہ عالمن بہ پنھنجي گهر ۾ نہ رکيو. پر توهان ايئن ڪيو، توهان وٽ انسان جي وڏي سڃاڻپ آهي. ۽ منھنجي لاءِ اھا ئي وڏي ڳالھہ آهي. مان توهان وٽ فقط هڪ ڳالھہ جي لاءِ ننگو بدن کڻي بہ آيس.... هي بہ سچ آهي پر هلندي هلندي نہ ڄاڻ ڪنھن روز مان بدن جي لٺ جي ٽيڪ کي ڇڏي توهان سان گڏ روح جي لٺ سان هلڻ لڳس.... ۽ اھو سچ آهي..... رهي ڳالھہ وري وقت جي ننگي جسم جي......... منھنجي گهڙي جي مطابق وقت جي صليب تي لوهي ڪوڪن جو شور آهي.
موت راهگذر کان وڌيڪ اهميت نٿي رکي. ايئن سمجهو انسانن خدا جي عبادت ڪئي آهي ۽ مان انسانن جي عبادت ڪئي آهي. ۽ منھنجي ڪا بہ رياضت گبنذن تائين گونجي نہ هئي.... اسان تہ پنھنجي فرشتن کي بہ نيڪ رکيو تہ بدي جو فرشتو وڏو چغلخور هوندو آهي.
مون مردن کان هميشہ نفرت ڪئي آهي. انھيءَ جي وجھہ منھنجو پيءُ آهي. اھا ڳالھہ سڄو برصغير ڄاڻي ٿو. پر مان اڄ اھا ڳالھہ لکان ٿي.
سعيد! منھنجي دل ۾ تو لاءِ بي پناھہ محبت جاڳي پئي آهي. لڳي ٿو تو مون کي منھنجي روح تائين سجائي ڇڏيو هجي. اهڙو وجدان تو منھنجي اندر ۾ پيدا ڪيو آهي جو هر شيءَ انڪاري لڳڻ لڳي آهي. ايئن ڇو پئي سوچيان؟ ۽ پنھنجي ئي ڪنھن ڪمي جي ڪري ڊڄي وڃان ٿي.

سارا شگفتہ


سعيد!

تنھنجي قدمن جي سچائي، منھنجي مٽي کٽي ورتي آهي. وجد جو ڪوئي اهتمام نہ ڪندو آهي. سعيد! سارا جو اهڙو ئي وجد آهي، منھنجي خاموشي کي تون پنھنجي مُٺي مان ڪيرائي نٿو سگهين. مان تنھنجي لاءِ آهيان، واري جي اُڃ سمنڊ نٿو لاهي سگهي انساني قدم لاهيندا آهن. مان واري هيس تون سمنڊ تي هلندي منھنجي تخم ۾ پنھنجا قدم رکي ڇڏيئي، مون ڄاتو هي قدم ئي منھنجو سفر آهي. سوچ...... قدم ڪڏهن ناهي ٿي، جڏهن کان سعيد تون منھنجي دل کي پنھنجي زبان ڏني آهي.

سارا



سعيد!
منھنجو اڌورو وجود ڇا توکي هميشہ پڪاريندو رهندو؟ ڇا مون کي پنھنجي اڌ وجود سان سڄي رات جاڳڻو پوندو؟ هي ڪھڙي ڪيفت آهي .... سعيد! مون کي ۽ منھنجي رات کي الڳ الڳ قيد ڪري ويندو آهين، هي ڪھڙي تارازي آهي، جنھن جي هڪ پاسي منھنجو اڌ وجود ۽ ٻئي پاسي منھنجي اڌ رات تڙپندي آهي.؟
مان تنھنجي انتظار جي چِتا پرستي ٿيڻ پنھنجي معراج سمجھنديس سعيد! تو مون کي چِتا جي دهوئين کان انسان بڻائي ڇڏيو......

تنھنجي سارا



سعيد!
تون هليو ٿو وڃين تہ انھيءَ خوف سان سوچون پنھنجون اکيون جهڪائي ڇڏين ٿيون. ۽ سوچن جو بہ انتظار ڪرڻو پوي تہ انتظار جي باطن ۾ ڪھڙي تلاطم آهي؟ ڪو بہ سپھہ سالار پنھنجو ميدان ۽ گهوڙو فروخت نہ ڪندو آهي. سوچن کي لفظ لفظ ڪري ڇڏيان تہ منھنجو ڪتاب وڃائجي ويندو سعيد! يقيناًً اسان جو سفر ان کان اڳتي جو سفر آهي....
چريا! اسان کي هاڻي انڌن لفظن کي ڳالھائڻ جو حق نہ ڏيڻ کپي. اسان جا ڳوڙها ڇا اسان سان گفتگو نٿا ڪن؟ سچاين کان پُڇ مان ڪڏهن چُپ رهي آهيان... مون پنھنجي سعيد کي ڪڏهن ۽ ڪيئن نہ تنگ ڪيو آهي. انھيءَ جذبي تي ڪنھن بہ لفظ جي سچائي نٿي گُهران.... تون هليو ٿو وڃين سعيد تہ گهڙي جي صليب کان منھنجو لاش ڪيترا دفعہ ڪِري پوندو آهي..... تنھنجي گهڙيءَ جي ٽِڪ ٽِڪ مون کي ايترو بيدار ڪندو آهي جو ننڊ پنھنجي ڪشڪول ۾ سمھي ناهي سگهندي. هڪ ڳالھہ ٻڌايانءِ...... هڪ هيو سعيد...... هڪ هئي سارا...... هو ٻئي هڪٻئي کي ايترو چاهيندا هيا جو لفظ ڪٿي بہ گهٽ نہ رهجي ويندا هيا.
ٽيگور جو هڪ گيت ياد ٿو اچي ......
”تون ئي منھنجو سمنڊ آهين، تون ئي منھنجو ناخدا آهين،
مان ڪشتي آهيان، توکي ڪنارن لڳائڻ جو ڇو چوان؟
ٻُڏي بہ وڃان تہ تو ۾ ٻُڏي ويندس،
ڇو تہ تون ئي منھنجو سمنڊ ۽ تون ئي منھنجو ناخدا آهين.“
هي گيت نہ ڄاڻ الائي ڇو سڄو ڏينھن گنگائيندي آهين.

تنھنجي سارا


سعيد!

رات مون سان گڏ روئي رهي آهي. گهر ۾ سڀ سمھي رهيا آهن، صبح جو ۽ تنھنجو انتظار ڪري رهي آهيان. رات، تون ۽ ڳوڙها..... رات کي ڪيترو سجائي ويٺا آهن.....
هڪ سِٽ آهي منھنجي ”اسانجي ڳوڙهن سان اکيون ٺاهيون ويون آهن.“ ۽ اڄ تون چوين ٿو سعيد! ڇا ٿو چوين سارا جي اکين ۾ ان وقت بہ ڳوڙها نہ هيا، جڏهن سارا جو ٻار مري ويو هيو. سارا تہ ان وقت بہ نہ رُني هئي...
جڏهن لاهور جي قلعي ۾ هڪ ڊڪٽيئر منھنجي بيحرمتي ڪئي.... هي هڪ وڏي داستان آهي....
سارا تہ ان وقت بہ نہ رُني جڏهن ان جو چھرو ماني کان وڏو نہ رهيو هيو.... حالانڪہ جڏهن انسان کي پيدا ڪيو ويو هيو تہ ان کي بُک کان افضل ڪيو ويو هيو. منھنجون اکيون نم آهن، ۽ ڳوڙهن جا لاشا منھنجي ئي سيني تي پيا آهن.
رات جا ٽي ٿي رهيا آهن ۽ گهڙي چئي رهي آهي سڀ کان وڌيڪ فضول خرچ اک هوندي آهي.
اکيون نم ڇو ٿي وينديون آهن مون کي ٻڌاءِ.... مان تہ سادي ورق کان وڌيڪ چُپ رهي پئي سگهان.

تنھنجي سارا


سعيد!
اڄ تہ ڳالھيون ڪريون .....
تنھنجي سچاين جي اڳيان مان ڏاڍي........ ڏاڍي ميري آهيان سعيد! سچ تہ تون چوندو آهين، سچ تہ تون سھندو آهين، جيڪو ماضي ڪوڙ کان شروع ٿيو، ان جو حال سچ ئي تہ هوندو آهي.
ٻُڌ سعيد! گدلي سچائي هڪ ڏينھن سچ جي سچائي بڻجي وئي. ۽ منھنجي گدلي لھو ۾ هڪ ڪنول ڦٽي پيو. ڪنول منھنجي گدلي ظرف کي پنھنجي ظرف سان ڍڪي ڇڏيو، زندگي جي پھرين ڇانوَ ڏسي، پاڻي مان گدلائپ ڪڍي، ۽ شفاف ٿي ويم.....
ڪوڙ جي چوڌاري دُوارن کي پوري سچائي سان چمڪائڻ لڳيس.... مان پنھنجي ڌُٻڻ مان نڪتس يا نہ اهو تون ڄاڻ! ۽ هي سڀ ان لاءِ توکي ڄاڻڻ گهرجي تہ تو هڪ پينو فقيرياڻي سارا شگفتہ کي، پنھنجي چِتا مان بيدار ڪيو آهي. ۽ پنھنجي وسيع سيني ۾ ان کي جيئڻ جي تميز سيکاري...... پوءِ ان کي ڳالھائڻ سيکاريو.... تو سچ ڳالھائڻ سيکاريو يا ڪوڙ...... اهو مان ۽ تون ٿا ڄاڻون....! مان اڪثر ڪنڊن تي ڪِري پوندي هيس تون هر دفعي مون کي ڪنڊن تان کنيو ۽ تنھنجي رت جا قطرہ منھنجي بدن تي ڪِرندا رهيا...مان سموري حياتي تنھنجي انھن رت جي قطرن جي حيا ۾ رهنديس....
اچ وري ٿا ڳالھايون.....
تنھنجي سامھون مان پنھنجي حيثيت کي ڪَک کان وڌيڪ نٿي ڀانيان... جو منھنجو خمير تنھنجي آڳ سان اٿيو ۽ سارا ان کي ڏٺو.... ڇا ڏٺو تہ ان جي ويران اکين کي ڪير ڏسي ٿو..... ان جا خاموش قدم ڪنھن جي دريافت آهن.... هو تنھائي جي ڪال ڪوٺڙي ۾ حقيقت کان وڌيڪ بيدار ٿي وئي... هو هڪ قدم ناهي رهي..... هو هاڻي ٻہ قدم آهي.
مان ٻِرن ۾ رهڻ ڇڏي ڏنو آهي، ۽ سڪا ٽُڪڙا گهرن مان چوري ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو آهي جو غارن جي تنھائي کي تو منھنجي ذهن کان پَٽي ٻاهر ڪڍي ڦٽي ڪيو آهي. مان اونداهين ۾ ڌڙڪڻ لڳي هيس، تنھنجي انسيت ايتري هئي جو تو مون کي منھنجا مذهب ٻڌايا.... تون منھنجي بدن مان ميخون ڪڍيون ۽ طلسماتي حصو ٽوڙيو..... مون کي خبيث روحن جي مڪان کان ڇوٽڪارو تو ڏياريو...... مون کي منھنجي اصل کان آگاھہ ڪيو.
هلو ٻيھر واپس ڳالھيون ٿا ڪريون....
جڏهن منھنجي زبان رڪجي ويندي آهي تہ تون منھنجي خاموشي کي هڪ آواز ڏنو. حالانڪہ ان وقت تہ توکي معلوم هيو تہ مان ڳالھايو تہ پرائي آواز ۾ ڳالھائيندس، انکانپوءِ بي شمار پراين حالاتن تي پرائي آواز سان ڳالھائيندي رهيس..... تون پوءِ بہ پرايو نہ ٿئين... تو مون کي آواز ڏنو تہ ان وقت مان ڪوڙ جي بي شمار پٿرن جي هيٺيان دٻيل هيس، ۽ تنھنجو آواز ٻُڌي هڪ هڪ پٿر کي پري هٽائيندي ويس تنھنجو آواز زبان تي رکڻ سان منھنجي پٿر جي زبان بہ ٺيڪ ٿي وئي..... تو مون کي ايتري شڪتي ڏني جو مان پنھنجي بساط کان وڌيڪ زنده ٿي وئي ويس.....
ٻُڌ! تنھنجي آتما سمنڊ آهي جو هڪ لھو ٿڪڻ واري عورت جي زخم ۾ سِندُور ڀريو..... زندگي جو سِندُور.... مون کي پنھنجي پناھہ ۾ رکيو..... تو منھنجي پٿرن کي بہ موسم عطا ڪيو.... منھنجي پٿريلي روح کي تو ذرو ذرو ڪري ڇڏيو... مون ڇا ڪيو زهر کائي ڇڏيو ۽ توکي اذيتن جي انتھا تي رکيو....
” پنھنجي انھيءَ موت تي شرمندہ آهيان“
اڄ جي ڳالھہ آهي تو چيو ”جيڪڏهن مون انتھائي قدم کنيو تہ سڀ ڪجهہ ڀسم ٿي ويندو..... پاڇولن جي مقدر ۾ ڪڏهن ديوار هوندي آهي ڪڏهن آڳر.....
سعيد! جھڙي ريت ڇانوَ ۾ سج کي قيد نٿو ڪري سگهجي اهڙي ريت مان بہ اڄ تائين...... اڄ تائين...... هڪ نہ هڪ..... ڪا نہ ڪا پرواز رکان ٿي. تو منھنجي ڏکن جي بہ عبادت ڪئي آهي. ٿورو سوچ! ٻُڌ ! مان تنھنجو گهر.... پوءِ هڪ گهر نہ بلڪہ ٻہ گهر برباد ڪري سگهان ٿي؟
سمجهڻ ۾ ايتري شڪتي ناهي.... مان اڃا ايتري ناهيان مري.... مون کي توکان وڌيڪ تنھنجي گهرواري، منھنجي عورت، تنھنجا ۽ منھنجا ٻار ۽ ڀيڻ زياده عزيز آهن. مان انھن جي خوشين کي کسي نٿي سگهان..... منھنجي سچائي فوٽ پاٿي سچائي آهي. ۽ بي گهرن جو سڀ کان وڌيڪ سچ..... گهر هوندو آهي.....
”انسانن کي پائڻ، ڏکن جو احترام ڪرڻ گهرجي..... جيڪو انسان پنھنجي ڏکن جو احترام نٿو ڪري، تہ قربان گاهون ان جو احترام ڪرڻ وساري ويھنديون آهن.“
ڪالھہ جي ڳالھہ ”مان جيڪو ڪجهہ ڪمائيندس، ان مان اڌ تنھنجو هوندو“ سعيد! مون کي دولت..... پراپرٽي..... کان شديد نفرت آهي. مان ڇا ڪنديس ايترن سارن سِڪن..... پيسن جو..... مون کي ايتري رقم جي ضرورت ناهي.... منھنجو وقت ايترو قيمتي ناهي، مان هڪ معمولي پينو فقيرياڻي آهيان، چار ڏينھن کان پوءِ ماني جي ضرورت پوندي آهي، ۽ هڪ گلاس پاڻي جي اُڃ اجهائڻ لاءِ ضرورت پوندي آهي. طبعيت جي خرابي جي ڪري ڪجهہ مسئلن ۾ دير ٿي وئي آهي. مان پوري ڪوشش ڪندس تہ مان پنھنجو پاڻ بنيادي مسئلا حل ڪري وٺان.... تون دعا ڪجانءِ!
تنھنجي عظيم جذبي کي مان دلي طور خراجِ تحسين ٿي پيش ڪريان تہ تنھنجو هي رويو معمولي رويو ناهي.... مان تنھنجي انھيءَ جذبي جي قدر ڪريان ٿي....
تنھنجي شگفتہ

امرتا پريتم سان سارا جي پھرين ملاقات

سارا شفگتہ جي امرتا پريتم سان پھرين ملاقات 1980ع ۾ ٿي هئي، جڏهن سارا پھريون ڀيرو هندوستان وئي هئي.

امرتا! مون پري پري تائين عورت کي صرف سُتل ڏٺو آهي، ۽ اھو ڄاڻيم تہ سُتل اک کي جيڪو ثواب ملندو آهي مان ان جي قائل ناهيان. جاڳيل اک هڪ اوبر ٿيل پاڻي آهي مان نٿي چاهيان تہ عورت اوبر پيئي....
مون ان کي وچ ۾ ٽوڪيو.... ”سارا جاڳيل اکين مان تنھنجي ڇا مراد آهي؟ جاڳيل اک تہ روح جي آگاهي ڏيندي آهي.“
هو کلِي پئي.... چوڻ لڳي: ”هن وقت جاڳيل اک مان منھنجي مراد مڙس آهي.... پر امرتا! تون ٺيڪ ٿي چوين..... اهو ئي مڙس جيڪو سُتل اک جو خواب هو، جيڪڏهن جاڳيل اک جي آگاهي نہ هجي ها تہ اوبر پاڻي ڪيئن لڳندو؟ مون جڏهن سُتل اک جي ثواب سان اک کولي تہ گهونگهٽ ۾ چنڊ جا ٽڪڙا ڏٺا.... مون ڏٺو تہ مينڌي منھنجا هٿ رنگي نہ سگهي هئي بلڪہ اڃا سفيد (اڇو) ڪري ڇڏيا هئا.... سامھون گهر نہ هيو، خالي ميدان هيو ۽ مان ميدان ۾ جهانجهر پائي نہ ٿي هلي سگهان.....
ايئن لڳو جيئن منھنجي سفيد ڪپڙن تي رنگين ڌاڳن سان منھنجو ڪفن سبي ڇڏيو هجي..... زخمن کي سبڻ جي ڳالھہ تہ تو ٻُڌي هوندي.... پر ڏٺم تہ منھنجي کليل اکين کي سبڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.... مون انھيءَ گهونگهٽ ۾ پنھنجي ننڍپڻ ۽ پنھنجي جواني جا ڪپڙا ساڙي ڇڏيا....
مون چيو: ”سارا طلاق سچ مچ جهانجهر جي موت آهي.“
هوءَ ٻيھر مسڪرائي ڏنائين، چوڻ لڳي: ”۽ گناھہ بہ.... پر مان پنھنجي گناهن کي پنھنجيون آيتون سمجهان ٿي..... مگر ماڻھو منھنجي نظمن کي صرف طوائف سمجھندا آهن.“
منھنجي وات مان نڪتو: ”خدايا! نظم کي طوائف سمجهڻ وارن کي مان ڇا چوان....؟“
سارا چيو: ”مان انھن کي خدا جي مري ويل تخليق چونديس، خدا جو مري ويل تصور...... جيڪڏهن نظم کي طوائف سمجهيو ۽ چيو وڃي ٿو تہ چاهيندس تہ منھنجي ڌيءُ بہ....... منھنجي ڌيءُ مون کي منھنجي نظم کان وڌيڪ پياري آهي، ۽ نظم شاعري منھنجي ڌيءُ آهي.“
حالانڪہ منھنجي ڌيءُ مون کان ڦُري وئي آهي. هي قانوني فيصلو نہ هيو. ڌيءُ جي پيءُ هٿ ۾ قرآن پاڪ کڻي مون سان واعدو ڪيو هيو تہ عيد کانپوءِ ڌيءُ واپس ڏئي ويندس..... پر ان موٽائي نہ ڏني.... هاڻي قرآن کي آزمائي رهي آهيان تہ هو پنھنجي عظمت ڪڏهن ڏيکاريندو....؟

سارا شگفتہ جا امرتا پريتم ڏانھن لکيل خط

سارا شگفتہ جو پھريون خط جيڪو 16 سيپٽمبر 1980ع ۾ امرتا کي لکيو.

امرتا باجي!
منھنجا تمام سج اوهان جي نانءُ !
منھنجي پکين جي شام بہ چورائي وئي آهي. اڄ ڏک بہ ڄڻ رُٺل آهي. چوندا آهن فيصلا ڪڏهن بہ فاصلن جي حوالي نہ ڪجن.... پرمون تہ اڄ تائين فاصلا ڏٺا ئي ناهن.... هي ڪھڙو آواز آهي، جيئن ڪا رات سڙيل ڪپڙن ۾ گهمي رهي هجي.... جيئن قبر تي ڪو اک رکي ويو هجي..... مان ڀِت سان گڏ ڪيترا ئي ميل سفر ڪيو، ۽ انسانن کان آزاد ٿي ويس. قدم قدم تي گهونگهٽ جي فرمائش آهي پر منھنجي ويجهو شرم هڪ اونداهي آهي. شرم ڇا ٿيندي آهي؟ شرم مُئل غيرت هوندي آهي. جسم کان علاوه مان شعر بہ چوندي آهيان..... شھوت ۾ غرق ماڻھو مون کي داد ڏيندا آهن تہ منھنجا گناھہ ٻري اٿندا آهن. اُس کي باھہ لڳي آهي، ڪپڙا ڪٿي سُڪايان؟ چڻنگين جي مقدر ۾ باھہ ضرور لڳندي آهي.
امرتا باجي! دل ڏاڍي اداس آهي. سو اوهان سان ڳالھہ ڪري ورتم.... اڄ ڪلھہ مون وٽ صرف ديوارون ۽ وقت آهي.... اسان تہ توهان جي محبت ۾ ڪنارن کي وڃائي ڇڏيو ۽ سمنڊ جي حامي ڀري ورتي.... موسم جي قيد ۾ منھنجو لباس ڇو رهي؟ مان صدين جي ماءُ آهيان... منھنجي رات ۾ داغ صرف چنڊ جو آهي.... اکيون مون کي ڇو ٿيون ماپن؟ ڇا انسان جي جسم ۾ ئي سڀ راز رهجي ويا آهن؟ دعا جيڪڏهن زهر بڻجي پوي تہ خدا وٽ پُٽ پيدا ٿيندو آهي. منھنجي ڏک تي خدا چيو تہ ”مان تنھا آهيان“
مٽي ٻولي لڳائيندي آهي موسم جي، سچ اھو آهي تہ ڪائنات جي خاتمي تي جيڪا شيءَ رهجي ويندي اهو صرف وقت هوندو..... مان پنھنجي رب جو خيال آهيان، ۽ مُئل آهيان....

سارا شگفتہ
22 مئي 1981ع
لياقت اسپتال _ ڪراچي



امرتا!
ڏاڍي بيمار آهيان، اليڪٽرڪ شاڪ سان علاج ٿي رهيو آهي. اعصابن تي ڏاڍو اثر پيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن هٿ ۽ زبان ڏڪڻ لڳندا آهن. هاڻي جسم بہ شايد معذوري جي حالت ۾ آهي. وارڊ ۾ ڪير ڪنھن سان نٿو ملي. سڀ وڇڙي رهيا آهن. مان هٿ ڊگهيري خاموش پئي آهيان.....
امان ٻُڌائيندي آهي تہ جڏهن مون کي دورو پيو تہ مان بيھوش ٿي ويس.... ان کانپوءِ رڙيون ڪرڻ لڳس ۽ چار ڏينھن تائين ڪنھن کي سُڃاڻان نہ پئي.... رات جو هلندي رهندي آهيان ۽ دير دير تائين هلندي آهيان.... ٻيو تہ ٺھيو هاڻي تہ گهر جو رستو بہ وسري ويندو آهي.... چھرا ياد نٿا رهن، شعر لکندي چوندي آهيان تہ الائي ڇا لکڻ ويٺي هيس، الائي ڇا لکي رهي آهيان....
رپورٽ پڙهيم تہ دماغي رپورٽ ۾ لکيل هو...... اڳتي دورو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو....

سارا شگفتہ



16 جون 1981ع
امرتا!

ڇا لکان.... هڪ لفظ فروش وٽ ويس.... چيائين: ”سارا ڏاڍي بيمار پئي لڳين....“
لفظ ماري کي ڪٿي نہ ڪٿي تہ مون کي پڄائڻو هوندو آهي نہ! چوڻ لڳو: ”فلان جي گهر واري چئي رهي هئي تہ شاعرہ تہ سُٺي آهي پر رئي سنڀالڻ جو عقل ناهي....“
منھنجو تہ جنم ئي بي ترتيب آهي، وجود ۾ تہ صرف خالي مٽي لڳل آهي. ڇا چوان.... گهر ماپيان ٿي تہ سِر هٿ ٿي اچي.... موت جھڙي مسڪراهٽ آخري چھرو رکي ٿي.... هڪ تنھائي.... ٻيو ڪتاب..... ڪھڙي زبان رکي ٿي.... آخر انسان وڌي بہ ڪيئن سگهي ٿو.... انسان کي ترتيب ڏيندي ڏيندي مان تہ حرامزادي ٿي ويس.... ڇا مسجدن جون سِرون چورائي نٿيون وڃن؟ هي دنيا لفظن مان معنى چرائڻ وارن جي دنيا آهي. محبت لفظ مان بہ معنى چورائي هن لفظ کي کپائن ٿا... دين.... ايمان..... مذهب...... ۽ ادب.... ڪھڙو اهڙو لفظ بچيو آهي جنھن جي معنى کي چورائي هنن لفظ فروشن ان کي فروش نہ ڪيو هجي.....
امرتا! طبعيت ڏاڍي خراب آهي... هڪ مھيني کان سُتي ناهيان، ڪنھن وقت بہ دورو پئجي سگهي ٿو. انسان ان وقت لکندو آهي جڏهن ان وٽ ان کان علاوه ٻيو ڪو رستو ناهي هوندو... منھنجي ابتدا بي ضميري سان ٿي انڪري پوري زندگي ضمير کي تلاش ڪندي رهيس.... ڪجهہ بہ تہ ناهي مون وٽ..... قلم جي نوڪ پنھنجي دل ۾ ٻوڙيان ٿي ۽ لاشعور لکان ٿي... مون تہ اڃا قلم کي پڪڙڻ سکيو ئي ناهي....

سارا شگفتہ


15 نومبر 1981ع
امرتا!
احمد سليم کان علاوه پاڪ ۾ ٻيو ڪو انسان ناهي جنھن سان ڏينھن گهاري سگهان.... ان کي وڌيڪ تنگ بہ نٿي ڪرڻ چاهيان... ان کان علاوه ٻئي ڪنھن سان ملڻ لاءِ دل نٿي چاهي، تنھائي جي پير جي تريءَ تي خاموشي کي رکي مان پاڻ کي ڳڻي رهي آهيان.
هن وقت تائين مون کي 21 اليڪٽرڪ شاڪ لڳي چڪا آهن. ڪڏهن ڪڏهن تہ گهڙي جي مقدار کان بہ وڌيڪ وحشت ٿيڻ لڳندي آهي. پر مان هڪ وڻ جيان بيٺي آهيان. نہ خاموش آهيان نہ هلي ٿي سگهان.... ڪاغذ کان وڇڙڻ وارا زمين کان ڪڏهن وڇڙندا آهن؟ لڳي ٿو قلم ۽ ڪاغذ بڻجي وئي آهيان ۽ انسان وساري رهي آهيان.....
منھنجو صرف هڪ انٽرويو ڇپيو آهي، ڄڻ گناهن جي نبوت ملي وئي هجي... جيڪڏهن منھنجو ”زندگي نامو“ ڇپجي وڃي تہ گهٽ گهٽ ۾ محشر جي روز منھنجي اڪيلي قبر جو اڪيلو خدا هجڻ گهرجي.... ڪٿي فرشتا منھنجي وس ۾ نہ اچي وڃن....
ڇا لکان؟ گذريل ڏينھن ۾ هڪ صاحب چيو: ”سارا تہ پليت لفظ لکندي آهي، ان ڪري انجي شھرت آهي ۽ مرد انھي جي ڪري ان کي داد ڏين ٿا ۽ ڪلام ٻڌن ٿا.....“
مون کي لکڻ مان فرصت ملي تہ مان شھرت کي ڏسان..... هڪ ٻيو صاحب چيو: ”ادب ضمير کان پيدا ٿيندو آهي“
هڪ تنقيدي بيٺڪ ۾ هڪ جملو ڪجهہ هن طرح جو هيو: ”سارا! پنھنجي جسم ۽ پنھنجي شاعري ۾ ڪجهہ تميز پيدا ڪر....!“ هي محض هڪ گار هئي.... جيڪو مون برداشت ڪيو.... ۽ پوري ڪوشش ڪيم بس صرف ايترو چيم تہ: ”صاحب! مان تہ بي ضميري لکان ٿي مون کي معلوم آهي تہ تميز ۽ ضمير ڇا کي چوندا آهن؟ ان جي لاءِ منھنجي نظمن تي صرف بي ضميرن کي حق آهي.....“
هڪ ڏينھن هڪ شاعر چيو: ”نماز پڙهندي ڪر“
حالانڪہ ان جو قد جانماز کان بہ گهٽ هيو. پوءِ هڪ نقاد چيو: ”ڌيءُ.... هي لڇڻ سٺا ناهن....“ ۽ رومال مان پنھنجي گِگ صاف ڪرڻ لڳو.
ڪنھن ٻئي چيو: ”بنا ڄار جي مڇي آهي، پر مان تہ ڀيڻ چئي ويٺو آهيان، هاڻي توهان ڄاڻو....“
هي عالم، هي ڪمرن جا باشندہ، هي نقاد، هي شاعر، هي اديب، هي عزتدار پنھنجي قد کان بہ گهٽ نسل جا ڪُتا آهن.

سارا شگفتہ


1982ع
امرتا!
ضمير کان وٺي بي ضميري تائين جو سفر منھنجو پنھنجو آهي. طلاق کانپوءِ مان پنھنجي ماءُ جي گهر نہ ويم.... بلڪہ هڪ بيوھہ عورت جو ڪمرو ڪرائي تي وٺي ڇڏيو.... ڪجهہ ڪتاب هيا مون وٽ.... ڊگري هئي، مون وٽ چادر تائين بہ نہ هئي..... ان عظيم بيوھہ مون کي بستر ڏنو.... هي تہ هر فقير کي ملي ويندو آهي. پر ان جي سڀ کان عظيم ڳالھہ اھا هئي تہ ان هڪ اڪيلي عورت کي گهر ڪرائي تي ڏنو، هونئن عام طور تي هڪ اڪيلي عورت اهڙي ريت گهر يا ڪمرو ڪير ڪرائي تي ناهي ڏيندو....
منھنجي مڙس مون کان ٻار کسي ڇڏيا هيا، منھنجو هر عذاب زمين تي وهندو رهيو.... مان ٽي انسان ڄڻڻ کانپوءِ بہ اڪيلي هيس... تہ مٽي کان وڌيڪ بُکايل هيس.... رات کان پھرين چنڊ نڪري اچي تہ داغ لڳي ويندو آهي. سج پنھنجا چنبا آهستي آهستي بند ڪري رهيو هو ڄڻ اڪيلي دعا خدا کي ڳولڻ نڪتي هجي.... اکين جي کينچل سان منھنجو لباس سبيو ويندو هو.... ڏک بہ نابين ٿيڻ لڳا هيا... قافلن جون گهنٽيون هڪ اڪيلي عورت کي ايترو تہ ڊڄارين ٿيون جو خوف پٿر ٿيڻ لڳو آهي....
منجھند جو ماني نٿي گهران، اکين جھڙي ڪاري رات بُک کي نابينا ڪري ڇڏيو آهي. خواهش جي پھرين گهڙي منھنجا ٽاڪا کولي ٿي ۽ منھنجي ڪپڙن جا رنگ پاڳل ٿي ويا آهن.
رستن جي اڌ جُتي سان منھنجي عورت جا پير ننگا رهڻ لڳا آهن، بينائي جي تابوت جون ميخون هاڻي ٽُٽڻ لڳيون آهن. منھنجي ڏک جي پراڻي قبر تي روز نئي مٽي وجهي ٿي وڃي تہ انسان ان کان وڌيڪ موت کي ياد نٿو رکي سگهي.....
منھنجي زبان رانديڪا ٺاهيندي ۽ منھنجي رت مان لغر اڏامندا پر منھنجي ٻارن وٽ سڳو ناهي.... انھن جي ڪپڙن مان سج ضد چورائي ڇڏيو آهي. ٻارن وٽ سج جو آخري رنگ بہ ناهي.... ۽ ٻارن جي هٿ تي سج جو رت رهجي ويو آهي....
مون هن شھر کي ماءُ جيان پاليو آهي، هن وقت بہ جيڪڏهن ڪير اڌ رات جو منھنجي گهر جو دروازو کڙڪائيندو تہ سارا شگفتہ گهر مان نڪري پوندي.... منھنجي محبت ۽ منھنجي ايثار کي ماڻھن هميشہ غلط رنگ ۽ زمين ڏني....

سارا شگفتہ




12 اپريل 1982ع
امرتا!
دشمنن، منھنجي ٻارن جي دل ۾ عزت جو ٻڄ ڇٽي ڇڏيو آهي.... هڪ ڏينھن مان پنھنجي ٻارن جي اکين ۾ پاڻ لاءِ نفرت ڏٺي.... مون کي يقين نہ آيو.... هي مان برداشت نہ ڪري سگهنديس..... ڇا منھنجي سچاين جو ڍل مون کي پنھنجي ٻارن کي بہ ڏيڻو پوندو....!؟ جن جي لاءِ منھنجي اکين ۾ ڳوڙها ناهن..... هٿن ۾ ڪا دعا ناهي.... ڇا اهي مون کان ايترو وڇڙي چڪا آهن؟ ها امرتا! روايت ۽ سوسائٽي جو زهر اهي عزت جي پيالي ۾ پيئڻ لڳا آهن...
عزت جي بين تہ مان ننڍپڻ کان ٻُڌندي پئي اچان.... ڪاش منھنجا ٻار مون وٽ هجن ها.... مان انھن کي سچ تي رستي تي هلڻ سيکاريان ها.... جڏهن بہ مان ٻارن سان ملڻ ويندي آهيان تہ مون کي لڳندو آهي تہ انھن ٻارن جي دل ۾ ماءُ جي ڄڻ قبر هجي..... پھريون خوف ٻارن جي دل ۾ اھو وڌو ويو تہ ”هي توهان جي ماءُ غير مردن سان ملندي آهي، ڳالھائيندي آهي ۽ سگريٽ پيئندي آهي....“ ٻيو خوف جيڪو ان جي عمر کان وڏو آهي..... اڃا منھنجي ٻارن جو قد منھنجي گريبان کان ننڍو آهي.....
امرتا! مان ٻارن جي لاءِ اکين کان وڌيڪ تڙپي آهيان.... جيڪڏهن ٻارن وڏو ٿي ڪري ”ماءُ“ جي علاوه ڪو ٻيو لفظ چيو تہ سارا تہ پنھنجي قبر ۾ بہ نہ لھي سگهندي..... انسانن جا داغ ڌوئندي ڌوئندي منھنجا هٿ ڪارا ٿي پيا آهن.... مان ضمير کان وڌيڪ جاڳي پئي آهيان .... خاموشي منھنجي دل آهي پر سمنڊ کان وڌيڪ شور مچائڻ چاهيان ٿي.... مان ننگي سج کان وڌيڪ خوبصورت آهيان پر سياه پوش آهيان....!
ڪڏهن ڪڏهن ذهني توازن بگڙجي وڃي ٿو.... گذريل ڏينھن ٻہ اليڪٽرڪ شاڪ لڳا تہ طبعيت ڪجهہ بھتر ٿي.... ان کان وڌ موت بھتر آهي.... پر خدا پنھنجي شڪار کي ايترو آساني سان نٿو ڇڏي..... مان خدا جي زبان مان ٽٽل هڪ رانديڪو آهيان....
هڪ ٻي ڳالھہ !
ٻن ڏينھن کان لڳاتار لکي رهي آهيان... تہ ڪمري ۾ ڪافي ردي جمع ٿي وئي آهي... منھنجي ڀيڻ ردي جمع ڪري ٻاهر اڇلائڻ لڳي.... ايتري ۾ امي اچي وئي ڀيڻ کي چيائين: ”ڪاغذ ٻاهر اڇلائي ڪري محلي ۾ اسانجي عزت خراب ڪندينءَ، هنن ڪاغذن کي جلائي ڇڏ....“
ها امرتا! منھنجي ڪمري مان جيتري ردي نڪرندي آهي، امي سڀ جلائي ڇڏيندي آهي ۽ چوندي آهي ”تون ننگا ۽ بيھودہ لفظ نہ لکندي ڪر....“
۽ پوءِ مان لفظن کان وڌيڪ خاموش رهڻ لڳندي آهيان.... هي مان ڪھڙي سنسار ۾ اچي وئي آهيان امرتا!؟
پُٽ ڏسي تہ نفرت.... ۽ ماءُ منھنجي چِتا کي باھہ ڏيڻ لاءِ آس لڳائي ويٺي آهي.... ڀائر چون ٿا ..... هي پاڳل آهي، نہ تہ هوش ۾ انسان ايترو ٿورئي لکي سگهي ها.....!
گهروارن کي ۽ هن نام نھاد سوسائيٽي کي مون سان شڪايت آهي تہ مان پنھنجو گهر نہ ٿي وسايان.... پر مان چوان ٿي..... امي جان! مانيون تہ هزارين عورتون پچائن ٿيون ۽ پوءِ پنھنجي ئي جھنم ۾ مري وڃن ٿيون.... مون کي ڪڻڪ کان وڌيڪ انسان جي تلاش آهي.... مان ايترو پري ڇو وڃان....؟ منھنجي ماءُ جي مڙس ٻہ شاديون ڪيون ۽ منھنجي ماءُ سٺ سال روئي گذاريا..... هي تعلق جو ڪھڙو قسم آهي جو عورت ۽ مرد جبر جي حالت ۾ ستر ستر سال گذاري ڇڏين....!؟
حالانڪہ اسلام ۾ آهي تہ ”جيڪڏهن مومن جي دل ۾ ڪيڙو آهي تہ پوءِ هر تعلق حرام آهي.“ ۽ هڪ ٻي حديث ۾ آهي تہ ”جبر جي ماحول ۾ پکي بہ پنھنجن آکيرن ۾ مري ويندا آهن.“
امرتا! ڪو مندر، ڪا مسجد، ڪا گرجا اهڙي ناهي جتي مان پنھنجي ڪپڙن مان نفرت کي ڌوئي سگهان..... مان ڪمري ۾ پنھنجو آواز وساري ويٺي آهيان..... منھنجي بدن تي پکي نٿا ٻولين.... منھنجي ساهن ۾ سج ٻُڏي رهيو آهي.... مان اکين ۾ پُوري وئي آهيان....
امرتا! مان هتي ڪنھن سان ناهيان ملندي.... احمد سليم سان ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿيندي آهي. تمام گهڻا ماڻھو مونسان ملڻ چاهين ٿا.... پر مان پاڻ ملڻ پسند ناهيان ڪندي.... هي سڀ ڪوڙ جي وَٽ سان مون کي ماپڻ، تورڻ چاهين ٿا.... مان اڪيلي گهمندي رهندي آهيان، ۽ ڏاڍي اداس رهندي آهيان، سمنڊ جي ڪناري وڃي ويھي رهندي آهيان ۽ سمنڊ سان ڳالھيون ڪندي آهيان..... خاندان جون ڇوڪريون بہ مون کان پري رهنديون آهن، انھن کي سختي سان منع ٿيل آهي.....
ڏس امرتا! ڪيتري تنھائي آهي؟ ڪڏهن ڪڏهن تہ آسمان کي ڏسي ڪري ڪيتري وقت تائين روئندي رهندي آهيان. بدن جي قيد کان آزاد آهيان.... ۽ روح کي ڪنھن ڏٺو آهي... وقت ٿورو رهجي ويو آهي؟ امرتا! مان هلي وينديس..... بدن جي قبر ۾ گهڻا ڏينھن رهڻ سان روح کي زنگ لڳي ويندو آهي....
امرتا! منھنجا ٻار هڪ ڏينھن تو وٽ ايندا، انھن کي چئجانءِ ”تنھنجي ماءُ خدا کان بہ وڌيڪ توهان سان پيار محبت ڪندي هئي، ڇو جو ان تي خدا کان بہ وڌيڪ خاموشي سکي ڇڏي هئي.....“

سارا شگفتہ



05 سيپٽمبر 1982ع
امرتا!
تون جھڙي ريت محبت سان منھنجي حوصلا افزائي ڪئي آهي، مان انھيءَ محبت سان پنھنجا سڀ دريا تنھنجي مُٺ ۾ قيد ٿي ڪريان....
امرتا..... منھنجي امرتا! هي سڀ تنھنجي محبت آهي..... نہ تہ مان تہ هٿ مان ڪِريل دعا مثل آهيان.... ها امرتا! هاڻي آواز کي صرف گنبذ ۾ قيد رهڻ نہ گهرجي... منھنجي گهر آئي آهين تہ ڏس منھنجو گهر بہ..... ڪڏهن ڪڏهن منھنجو ايترو ذهني توازن بگڙجي ويندو آهي جو امي ٻڌائي ٿي تہ ”مان اڪثر رات جو پنھنجا سڀ ڪپڙا لاهي ڇڏيندي آهيان ۽ نہ ڄاڻ الائي ڇا جو ڇا وڦلندي وتندي آهيان....“ هر ٻئي يا ٽئين ڏينھن اهڙو دورو پوندو آهي. منھنجي لاءِ هي صورتِ حال افسوسناڪ آهي.... مان پاڳل نٿي بڻجڻ چاهيان. اڃا تہ مون کي کوڙ سارا ڪم ڪرڻا آهن.
امرتا! حالات ڪجهہ ٺيڪ ناهن، 22 ڏينھن لاهور قلعي ۾ قيد رهيس، سزائون وڏيون سخت آهن.... هڪ تہ بيماري مون کي بزدل بڻائي ڇڏيو آهي. ”انساني صحيفو“ جي باري ۾ ٿوري محتاط آهيان ۽ پاڪستان ۾ اھو ڪتاب ڇپجي بہ نٿو سگهي.... مون کي خبر آهي اھو ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ منھنجي سزا ڦاسي کان گهٽ نہ هوندي..... پر مون کي ڪا پرواھہ ناهي.... نہ ڄاڻ هڪ هڪ ڏينھن ۾ ڪيترا دفعہ ڦاهي تي چڙهي آهيان.... ڪاش مون کي هڪ سال صحتيابي جو ملي پوي.... تہ مان پنھنجا سمورا رهيل ڪم ختم ڪري وٺان.... هتي سختي وڌيڪ آهي، منھنجا کوڙ سارا خط سينسر ٿي وڃن ٿا..... صحت ٺيڪ ٿي تہ ضرور هندوستان چڪر لڳائيندس، پوءِ مان پنھنجي امرتا سان ڍير ساريون ڪچھريون ڪندس.... امرتا تنھنجي ڪري ئي سارا زنده آهي.....

سارا شگفتہ


11 آڪٽوبر 1982ع
امرتا!
اليڪٽرڪ شاڪ لڳڻ جي ڪري اڃا تائين طبعيت ۾ سڌارو ناهي آيو. مان تہ هڪ مذاق آهيان امرتا.... 21 ڏينھن پاڳل خاني ۾ رهي آئي آهيان. ڪڏهن پاڳل خاني، ڪڏهن گهر.... تون جنھن محبت سان مون کي خط لکيا آهن، ان جي لاءِ محبت لفظ بہ ننڍو آهي. منھنجا هٿ ڏاڍا ڏڪڻ لڳا آهن، جسماني تڪليف وڌي وئي آهي. ڏڪندڙ هٿن سان توکي خط لکي رهي آهيان. هڪ ماءُ ئي آهي جيڪا مون سان منھنجي وحشت ۾ شريڪ ٿيندي آهي. باقي تہ سڀ ماڻھو نہ زمين بڻجي سگهيا نہ ڳوڙها..... تمام رات هٿن ۾ گذري ويندي آهي. دار تي سمھان ٿي، جيل جي قيد بامشقت ڪٽيان ٿي. ڏاڍو سناٽو آهي... ياداشت بہ ڏاڍي خراب ٿي وئي آهي. ڪجهہ ڏينھن پھريان تہ ڪنھن کي بہ نہ پئي سڃاڻان.... هاڻي اڪيلي ڪيڏانھن نٿي وڃي سگهان، رستو ڀلجي وڃان ٿي....
بيماريءَ جي ڪري ڪتاب بہ ڇپجي نہ سگهيو.... بس صرف پريس وڃڻ باقي آهي. باقي تمام ڪم ٿي ويو آهي. جيئن ئي طبعيت ٿوري ٺيڪ ٿي وٺي تہ پنھنجي امرتا وٽ ضرور هندوستان ايندس... ڇانوَ جو در تہ وڻن وٽ ئي هوندو آهي.... باھہ جو رنگ منھنجي پيرن تي رهڻ لڳو آهي، مان پاڳل ٿيڻ نٿي چاهيان امرتا! هڪ ذهن ئي هو هاڻي اهو بہ ساٿ ڇڏيندو پيو وڃي.
امرتا! دعا فقير کان وڌيڪ بُکايل هوندي آهي. مان ڪيتري مٽي هلندي آئي آهيان امڪان جي جُتي ٽُٽي رهي آهي ۽ دل ۾ دعا آهي. امرتا! ڪاش تون مون سان گڏ هجين ها..... هتي.... ڪڏهن ڪڏهن تہ سڄي رات رڙين ڪرڻ وارو دورو پئجي ويندو آهي. جڏهن هوش ايندو آهي تہ ڏاڍي شرمندہ ٿيندي آهيان. گهر وارا ويچارا خوامخواه پريشان ٿي ويندا آهن. سڄي رات هلندي رهندي آهيان پير سُڄي ويا آهن. دعا ڪر امرتا! تہ هاڻي بس خاموش ٿي وڃان.... ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي تہ منھنجي جيڪڏهن شادي ٿي ويندي تہ مان ٺيڪ ٿي ويندس.... رشتا تہ ڏاڍا ٿا اچن امرتا! دوست نٿا ملن.... مان ڇا ڪريان؟ ڳالھہ کي وڌيڪ سمجهي وڃڻ بہ تہ ڏک جي علامت آهي. مان ڪوڙ، ٺڳي، فريب، ڌوڪي کان تہ واقف آهيان پر رشتو ڪنھن سان ٺاهيان....؟
تنھنجي خط اچڻ سان نئين زندگي ملندي آهي.

سارا شگفتہ



25 نومبر 1982ع
امرتا!

منھنجي زندگيءَ ۾ ڪيئي مرد آيا، مان صرف هڪ اڌ مرد جي حيرت ۾ شريڪ آهيان. عمر ڇو تہ وڏي آهي، ان جي لاءِ رانديڪا جلد ٽُٽي پوندا آهن. اڪثر تنھا ئي سمنڊ تي ويندي آهيان، سمنڊ جي هڪ بہ سوال جو جواب اڄ تائين ناهيان ڏئي سگهي. ذات ۾ عياري ۽ مڪاري ناهي، جيڪو ملندو آهي منھنجون سچايون ٻڌي ڪري قدم چورائي وٺندو آهي. منھنجي لکڻ جي ڪري گهر وارا مون سان شديد نفرت ڪندا آهن، چوندا آهن ”تون خاندان جي مٽي پليت ڪري رهي آهين، سٺو ٿئي جو موت جي مار پوي توکي.... هر ايندڙ ڏينھن اخبارن، رسالن ۾ تنھنجون اگهاڙيون تحريرون ڇپبيون رهنديون آهن. اسان جو نڪ وڍجي ويو آهي.“ گهر ۾ اچانڪ جيڪڏهن ڪير مھمان اچي وڃي تہ امي جلدي سان ردي ميڙڻ شروع ٿي ويندي آهي، پوءِ منھنجا لکيل لفظ باھہ جي نذر ٿي ويندا آهن. تارازي جي هڪ پاسي هميشہ پٿر پيا هوندا آهن شايد انھيءَ جو نالو انصاف يا سچائِي آهي. پٿر ئي تہ انصاف ڪندا آهن. نفرت کان ڀريل اکيون جڏهن مون کي ڏسنديون آهن تہ مان پنھنجي دل کي پڙهڻ لڳندي آهيان.
سچائيءَ کان ماڻھو مرڻ لڳا آهن، تہ مئل ماڻھو جا ڪوڙ جمع ڪري رک تہ اسان کي ننگي اکين کي بہ دفنائڻو پوندو آهي.
مون زندگيءَ ۾ چار خودڪشيون ڪيون آهن. پر موت نہ آيو. خدا ڏينھن ڳڻي رهيو آهي تہ زهر امرت ٿي وڃي ٿو. هاڻي ڇھہ مھينا پھرين مون پنھنجو چوٿون ڪتاب ”اکيون“ مڪمل ڪري ورتو تہ وري ذائقو بدلائڻ جو خيال ٿئي ٿو. بازار کان زهر خريد ڪري آيم پوءِ پنھنجي پياري دوست امرتا کي خط لکيم وڏي تفصيل سان.....
انھيءَ رات امي مون کي چانھہ آڻي ڏني. مون چانھہ سان گڏ زهر بہ پي ڇڏيو. ۽ هڪ ننڍو خط بہ لکيو تہ ”مان خودڪشي ڪري رهي آهيان. هن دنيا کي ٿُڪڻ ٿي چاهيان.“ مون اهو خط امي کي ڏنو. امي پڙهيل لکيل ناهي، ان خط رکي ڇڏيو مون چيو هي خط صبح جو وڏي ڀاءُ کي ڏئي ڇڏجو....

سارا شگفتہ



07 فيبروري 1983ع
امرتا!
اميءَ جي وفات کي اڃا ڪجهہ ڏينھن ئي مس ٿيا هيا، سڄو خاندان گڏ ٿي ويو، اميءَ جو ڪمرو خالي هيو. مان آڳر تي ويٺي هيس. منھنجو ڀيڻوئو آيو ان جي هٿ ۾ اخبار هئي، ان اخبار مون کي ڏني ۽ چيو: ” پڙهہ.....“
مون ان کان اخبار ورتي ۽ پڙهڻ لڳس....
_ سارا شگفتہ پنھنجي چوٿين مڙس کان بہ طلاق وٺي ڇڏي.
_ سارا شگفتہ جي والدہ اھو صدمو برداشت نہ ڪري سگهي، ذريعن جو چوڻ آهي تہ ان جو موت انھيءَ صدمي جي ڪري ٿيو آهي.
مون اخبار ميز تي رکي ڇڏي. پوءِ اها اخبار سڄي خاندان وارن کي پڙهائي وئي....
جنھن گهر ۾ مان ۽ امي رهندا هئاسين اهو امي جي نالي تي هيو وڏي ڀاءُ چيو ”هاڻي هي گهر شگفتہ ۽ خالد يعني منھنجي ننڍي ڀاءُ جي نالي تي ڪيو وڃي.“
مون چيو: ”مون کي ڪجهہ نہ گهرجي، هي گهر منھنجي ننڍي ڀاءُ جي نالي ڪري ڇڏيو.... “ گهر منھنجي ننڍي ڀاءُ جي نالي تي ليز ٿي ويو. انھيءَ ڏينھن امي جو ايڪيھون هيو منھنجو ننڍو ڀاءُ ۽ ڀيڻوئو مون کي چوڻ لڳا: ”اسان پاڙي، محلي ۾ نڪرون ٿا ماڻھو اسان کي اخبار ۽ رسالا ٿا ڏيکارين، ڳالھيون ٿا ڪن، تنھنجي موجودگي ۾ اسان هن گهر ۾، هن پاڙي ۾ نٿا رهي سگهون..... يا تون هتان هلي وڃ يا اسان هتان هليا ٿا وڃون..... تون چوٿين طلاق بہ ورتي آهي. هاڻي اسان جو توسان ڪو تعلق ناهي....“
ننڍي ڀاءُ اھو بہ چيو تہ ”ماءُ هئي تہ ٻي ڳالھہ هئي، تنھنجي آزادي، سگريٽ پيئڻ اسان برداشت ڪندا هئاسين، ماءُ جي مرڻ کانپوءِ تون اسان جو ڇا خيال ڪندينءَ؟ توکي تہ پاڻ پاڳل پڻي جا دورا ٿا پون....“
مان اچي آڳر تي ويھي رهيس.... ڪمري مان مسلسل آواز ايندا رهيا.... _
_ منھنجو خيال آهي شگفتہ کي پاڳل خاني ۾ داخل ڪرائي ڇڏجي. جتان هوءَ ڪڏهن بہ نہ نڪري سگهي. ۽ ڪاغذ، قلم تي پابندي لڳائي ڇڏجي...
_ خاندان کي تہ هن اخبارن جي سُرخي بڻائي ڇڏيو آهي.
_ اسان جي ماءُ کي هن ڏاڍا ڏک ڏنا آهن.
_ هي ڪڏهن هتان ويندي....؟
مون پنھنجا ڪتاب کنيا ۽ پاڙي ۾ رکي ڇڏيا، هڪ بيگ کنيو ۽ ماءُ جي گهر کي دل ۾ رکيو ۽ نڪري آيس.... وڃڻو ڪٿي هيو؟ پير اھو سوال ڪندا رهيا.... ڪنھن شاعر، اديب جي گهر؟ تہ سڀاڻي اخبار ۾ اھا خبر ڇپجي ويندي تہ ”سارا شگفتہ اڄڪلھہ فلان شاعر کي داد ڏئي رهي آهي.“
ڪيڏانھن وڃان؟ مائٽن وٽ؟ پر مان ۽ منھنجي ماءُ تہ اڪيليون رهنديون هيوسين. اسان جو ڪو مائٽ نہ هيو. منھنجي هٿ ۾ ڪپڙن جي هڪ ڳنڍ بہ هئي. منھنجي ماءُ جا اهي ڪپڙا هيا جيڪي زنده رهجي ويا هيا.
ماءُ جي ڪُک مان ڪريل سِڪا پھريان تہ ڪڏهن بہ بڪواس نہ ڪئي....
مان پنھنجي هڪ دوست جي گهر هلي آيس. ثروت سلطانہ وٽ.... في الحال اتي ئي رهان پئي... مان پنھنجي ننڍي ڀاءُ سان ڏاڍي محبت ڪندي آهيان. منھنجا ڀاءُ تون منھنجي ۽ پنھنجي وچ ۾ هڪ گهر کي چونڊي ورتو آهي. جيڪڏهن ٻي منزل کڻائڻ جو ارادو رکين ٿو تہ مون کان منھنجون اکيون وٺي وڃجانءِ، منھنجا هٿ، منھنجا قدم، منھنجا جذبا کڻي وڃجانءِ مان چاهيان ٿي منھنجا ڀاءُ تہ تنھنجو گهر وسيع هجي....
امرتا! حشر جو ميدان هتان کان ڪيترو پري رهجي ويو آهي؟ خدا کي منھنجي ماءُ جو نالو سڏڻو آهي مون کي پنھنجي ماءُ سان کوڙ ساريون ڳالھيون ڪرڻيون آهن.... جڏهن کان موت منھنجي ماءُ سان سچ ڳالھائي ويو آهي تڏهن کان منھنجي ماءُ مون سان نٿي ڳالھائي...
امرتا! ڪوڙو تعلق مون کان نٿو رکجي سگهي.... ماڻھو ستر ستر سال گذاري ٿا ڇڏين هڪٻئي سان... پر دل ۾ انھن جي ڪينو هوندو آهي. ڪڏهن اسلام چيو آهي تہ توهان جبر واري زندگي گذاريو؟ جيڪڏهن عورت کي هي ماڻھو هڪ ئي هنڌ مري کپي وڃڻ لاءِ چون ٿا تہ پوءِ اسلام ۾ طلاق ڇو رکي وئي آهي؟
مان انسان آهيان، جائيداد نہ آهيان... جيڪڏهن ڪير مون کي يعني عورت کي انسان نٿو سمجهي تہ اهو ماڻھو گهڻي دير تائين عورت جي ڏينھن تي نٿو ڀونڪي سگهي.....
امرتا! منھنجي ماءُ جو مون کي ڏاڍو ڏک آهي. رهي ڳالھہ گهر جي تہ ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪري وٺنديس.... ڏاڍي اداس آهيان.

سارا شگفتہ


02 آگسٽ 1983ع
امرتا!

ياد ڏاڍي ٿي اچي، طبعيت هاڻي پھريان کان ٺيڪ بہ آهي ۽ نہ بہ... اڄ ثروت کي سليم جو خط مليو تہ امرتا جو حڪم آهي تہ سارا، عطيہ جي گهر رهي.... هاڻي مان عطيہ جي گهر رهان پئي. جلد هندوستان اچي ويندس. بس ڪجهہ طبعيت بھتر ٿئي... پوءِ پنھنجي امرتا سان صدين تائين ڳالھيون ڪندس....
امرتا! ڪجهہ ڏينھن پھريان يونيورسٽيءَ جا ڪجهہ شاعر نما ڇوڪرن مون کي چيو: ”سارا صاحبہ! هڪ و يھڪ رکي آهي اوهان جي اعزاز ۾“ انڪار ۽ ضد جي باوجود مون چيو: ”ٺيڪ آهي ايندس“
اتي ويم تہ اڪيلو گهر ۽ اڪيلو ڇوڪرو.... مون کي ڏسي چوڻ لڳو: ”ڪافي بڪواس ڪرڻ کانپوءِ، هڪ رات مون سان گذار.....“
مون چيو: ”هي رات توسان گذاري ڇڏي تہ باقي ٻيون راتيون ڪنھن سان گذاريندس.... ۽ گناھہ جو بہ ڪو مذهب هوندو آهي...؟“
امرتا! هڪ انڌو رستي تي بيٺو هيو. مون پڇيو: ”بابا روڊ ڪراس ڪرايان؟“
چيائين: ”اسٽيشن وڃڻو آهي. گاڏيءَ ۾ پنندس..... “
مون هن کي رڪشي ۾ و يھاريو ۽ چيو: ”هلو مان اوهان کي اسٽيشن تائين پھچائي ٿي اچان.“
امرتا! هو رڪشي ۾ مون کي لڪي لڪي ڇھندو رهيو..... ۽ مان نہ ڄاڻ الائي ڇا سوچي خاموش رهيس....
ڪائنات ۾ پنھنجو قدم رکي ويٺي آهيان،
ان ڪري اڌوري آهيان
موت جي اکين ۾ مون پنھنجي زبان رکي ڇڏي آهي
انھي ڪري منھنجو ذائقو ماڻھن جي زبان کي خراب ٿو لڳي
مان ذليلن وٽ نہ ٿي رهي سگهان.........

سارا شگفتہ


امرتا!
ست ڏينھن پھريان مون سوچيو..... سارا بي بي! هاڻي گهڻو ٿيو، ڪيتريون ئي اکيون ناياب ٿي ويون، ٿُڪي ڇڏ هي جسم! مون هڪ خط توکي لکيو... ۽ هڪ خط پنھنجي رخصتي تي لکيو.... اهو خط مون پنھنجي ماءُ کي ڏنو تہ رکي ڇڏ.... صبح جو احمد سليم اچي تہ ان کي ڏجانءِ....!
هوءَ پڙهيل لکيل نہ آهي.... ان رئي ۾ خط کي ٻڌي ڇڏيو.... توکي جيڪو خط لکيو هو اهو ميز تي ئي پيل رهيو..... مون 40 ٽڪيون (گوريون) کاڌيون ۽ پنھنجي ماءُ جي ڀرسان سمھي پيس.... اک کُلي تہ جناح اسپتال جي صرف وارڊ تائين پھتي آهيان.... بقول امي جي تہ مون کي ٽن ڏينھن کانپوءِ هوش آيو.... جسم ڏُکي رهيو هو.... احمد سليم ڏاڍو ناراض هيو.... خير! اداس ماڻھن جون اکيون پائي مان وري ڪمري ۾ موجود آهيان.... ٿوري دير پھريان مون پنھنجي ماءُ کي چيو: ”مون جيڪو امرتا کي خط لکيو هو، اهو ڏي....“
امان ٻئي خط پنھنجي رئي سان ٻڌي ڇڏيا هيا.... ڳنڍ کوليندي چيائين ڪير ٿيندي آهي امرتا تنھنجي؟ هر وقت امرتا، امرتا ڪندي ٿي وتين.... تون روز ان کي خط لکندي آهين.... هڪ خط ان کي نہ ملندو تہ انجي خزاني مان ڪھڙي ڪمي ٿي ويندي؟ هي تہ ثبوت آهن، تنھنجو ڪھڙو ڀروسو؟ تون تہ چري آهين.... نہ ڄاڻ الائي ڇا ڪري ڇڏيو آهي انھن شاعرن، اديبن توکي؟ انھن ڪار زبان وارن..... توکي ٿي ڇا ويو آهي؟ ايترو نہ پڙهندي ڪر...... ڇو اچي خاندان کي لڄايو اٿئي..... اڙي ٻلي بہ ست گهر ڇڏي ڏيندي آهي.... ذري برابر بہ توکي غيرت ناهي.... ڇا ڇا پنھنجي نظمن ۾ لکندي رهندي آهين....؟ ۽ ان تي وري خودڪشي ڪري مون پوڙهي ماءُ کي جيل ۾ ٿي وجهرائڻ چاهين؟

سارا شگفتہ


امرتا!
مان تہ جيئڻ جا واعدہ ٿي ڪريان.... جيڪڏهن ٺڳ کي خبر نہ پوي... ڏس نہ! روحن تائين اڏائي کڻي ٿو وڃي.... ڇا رنگ، رنگي ٿو... هي رنگ ساز جي بدن جي قيد کي برداشت ڪرڻ ضروري آهي.... تو جھڙي طرح محبت سان مون کي قيد ڪيو آهي. ان جي لاءِ منھنجا تمام لفظ، تنھنجي لاءِ احترام ۾ سر کي جهڪائي بيٺا آهن....
ڏکن جي ديوي! بدن جو رنگ ڦڪو پوندو پيو وڃي.... تو ڏاڍو مون کي چيو آهي تہ نہ وڃ.... چلو ديوار تي منھنجو اقرار نامو لکي ڇڏجانءِ!
طبعيت ۾ مزو ناهي.... لکندي لکندي لفظ وساري و يھان ٿي.... ڪڏهن تہ ايئن بہ ٿيندو آهي تہ هٿ ڏڪي رهيا هوندا آهن ۽ من لکڻ لاءِ پيو چوندو آهي پوءِ خبر پوندي آهي تہ لفظن جو سينو مون کان وڏو آهي.
ڪافي ڪتن جا آواز اچن ٿا.... سارا... سارا.... ڪير آهي.... ڄاڻان ٿي... ڪتو گوشت جي دڪان تي ڀونڪي رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن جيءُ چوندو آهي..... تہ بيوقوفيون ڪريان.... پر مصنوعي تعلق مان نٿي رکي سگهان....يا تہ تعلق هوندو آهي يا نہ هوندو آهي.....!
خدا .... اڃا وڌيڪ خاموش ٿيندو پيو وڃي.....مردن سان ڳالھائڻ، ملڻ جي ڪرڻ جي ڪري گهر وارا بہ نفرت ڪرڻ لڳا آهن.... ڏسون! ڇا ٿو ٿئي.... ڪنھن فوٽ پاٿ تي گذارو ڪرڻ پوندو شايد....!

سارا شگفتہ



امرتا!
هڪ پاڙي واري چيو: ”هاڻي تنھنجي دل ٺري پئي هوندي، تنھنجي ماءُ جو تنھنجي ڪري هارٽ فيل ٿيو آهي.“
امرتا! ڇا اھو سچ آهي؟ ماءُ جي موت کان 15 ڏينھن پھرين مون زهر کائي ڇڏيو هيو. مون کي جناح اسپتال داخل ڪيو ويو هو. ڊاڪٽرن منھنجي ماءُ کي چيو هو هن جي بچڻ جي ڪا بہ اميد ناهي.... شگفتہ جي ڪفن دفن جو انتظام ڪريو.... منھنجي ماءُ ان وقت ڏاڍو رُني هئي. منھنجي رت ۾ منھنجي ماءُ جا آخري ڳوڙها رهجي ويا آهن.
تون منھنجي دوست آهين مون کي ٻُڌاءِ! ڇا مان پنھنجي ماءُ جو آخري ڏُک آهيان.... ٻُڌاءِ امرتا! هاڻي مان ڪڏهن بہ خودڪشي نہ ڪندس ان جي لاءِ جو منھنجي ننڍي ڀاءُ جي بہ ماءُ مري وئي آهي. ان جو بہ ڪير ڪونھي. مان پنھنجي ماءُ جي نشاني پنھنجي روح ۾ رکندس....

سارا شگفتہ

سارا شگفتہ جا چونڊ نظم

---

شاعر

تون شاعر هئين
مان طوائف هوندي بہ هڪ
جهونپڙي ۾ پرڻائي ويم
منھنجو ٻار بي ڪفن مري ويو
طوائف هوندي بہ مان توکي
ڪمائي نہ سگهيس
جو ڪوڙا سڪا منھنجي ڇاتين
مان وهي نڪتا
۽ تون ڄڃ هارائي وئين
چار سالن ۾ اڌ کٽ بڻجندي رهيس
۽ تون منھنجي شرم گاھہ ۾ سمھندو رهين
مان هڪ مشرقي طوائف آهيان
ان لاءِ توکي مغرب تائين توکي ڪميشن
وٺي نہ ڏئي سگهيس
تون موت نٿو وسارين
مان ڏک نٿي وساريان
منھنجي شرم گاھہ ۾ ڪھڙو
ڪوڙو سڪو هلي پيو
هاڻي جڏهن چاهيان توکي
خريد ڪري سگهان ٿي
مان نچي نچي پنھنجي جهانجهر
وڃائي ڇڏي
تون خاموش رهي رهي
حرامزادن تہ حد ڪري ڇڏي
عورت کي محض گرم پاڻي
نيڪال جو وسيلو سمجهيو آهي
مون توکان ڪڏهن بہ حق مھر
ناهي گهريو
مان ايتري طوائف زادي آهيان
جو منھنجو حق مھر ماڻھو ايئن ئي
ڏئي ڇڏيندا آهن
تنھنجي ٿڪاوٽ سڄي شھر کي خبر آهي
تنھنجا هٿ پفليٽ بڻجي ويا آهن
تنھنجي تلوار ۽ سپھہ سالاري
ان وقت ڪٿي هئي؟
جڏهن چار کدڙن جي اقرار تي
مان تنھنجي آبرو بڻيس
تنھنجي غيرت تہ مردہ ٻار کي
قبول نٿي ڪري
منھنجي ٽٽل شرم گاھہ کي
ڪيئن قبول ڪندي
منھنجو آخري مرد مري ويو
جنھن سان مان اڄ تائين پرڻائي وئي هيس
هاڻي منھنجو چوڙيون نيزو بڻجي ويون آهن
جنھن سان مان داستان لکندس.

عزت !

عزت جون ڪيتريون
ئي قسمون آهن
گهونگهٽ، ٿپڙ، ڪڻڪ
عزت جو سڀ کان ننڍو ۽
سڀ کان وڏو حوالو عورت آهي
گهر کان وٺي فوٽ پاٿ تائين
ڪجهہ بہ اسانجو ناهي
عزت صرف اسانجي گذاري جي ڳالھہ آهي...
عزت جي نيزي سان
اسانکي داغدار ڪيو ويندو آهي
عزت جي ڪُني اسانجي ئي زبان
سان شروع ٿيندي آهي
ڪا رات جيڪڏهن اسانجو
لوڻ چکي وٺي تہ
سڄي زندگي اسان کي بي ذائقي واري
ماني چيو ويندو آهي...

خوف !

ڊڄ کان ٻار ڄڻين ٿي
ان لاءِ تنھنجي اڄ ڪا نسل ناهي
تون جسم جي دڪان سان
سڃاتي وڃين ٿي
تنھنجي حيثيت ۾ هڪ چالاڪي
رکي وئي آهي
هڪ خوبصورت چالاڪي
ڪوڙي مسڪراهٽ تنھنجي چپن
تي تراشي وئي آهي
تون صدين کان مسڪرائي ناهين سگهين
تون صدين کان رُني ناهين
ڇا ماءُ ايئن هوندي آهي؟
جيڪا قبر جي سجاوٽ چَورائي
پوءِ تنھنجو جنم ڪھڙو ٿيو....؟

عورت

پنھنجي چنڊ ۾ آسمان جو ٽاڪو ڇو لڳايان
سنگِ ميل ڪنھنجو انتظار ڪيو آهي؟
عورت هڪ رات ۾ ئي رَچي ويندي آهي
آخر خدا پنھنجي من ۾ ڇو نہ ٿو رهي؟
باھہ سڄي جسم کي وڪوڙي وئي آهي
مان پنھنجي باھہ ۾ هڪ چنڊ رکان ٿي
۽ اگهاڙين اکين سان مرد ڪمايان ٿي
پر منھنجي رات مون کان پھرين
سجاڳ ٿي پئي آهي
مان آسمان کپائي چنڊ نٿي ڪمايان ....

گناھہ

هتي قيد جون هٿڪَڙيون کوليندي کوليندي
منھنجو وجود ٿڪجڻ لڳو آهي
هر نقاد، غير نقاد منھنجي بدن ۾
ڀونڪڻ چاهيندو آهي
منھنجو سڀ کان وڏو گناھہ
اهو ئي آهي تہ مان هڪ عورت آهيان
جڏهن انھن سان گڏ مان ٽھڪ نٿي ڏيان
تہ هو منھنجي خلاف ٿي ويندا آهن
۽ قطار ۾ بيٺل ماڻھو مون کي ٻڌائيندا آهن
تہ ڪيترا مَٽ اڃا اُڃارا آهن؟
حد تہ اھا آهي جو
ٻڌائڻ وارو بہ پيو گگ
ڳاڙيندو آهي
مان ايئن فاحشہ نٿي ٿي سگهان
۽ هو ختنہ کان وڌيڪ وسيع ناهن هوندا.

لکڻيون

منھنجي لکڻين جي ڪري
ڪيترن گهرن مون تي پنھنجي گهر
جا در بند ڪري ڇڏيا آهن
پر.... مان انھن جو ذائقو نٿي ٿيڻ چاهيان
مان ٽُٽل سڏ پنھنجي جهوليءَ ۾
ڀري رهي آهيان
هر شيءَ لڙهي ويندي منھنجا لفظ، منھنجي عورت
هي مشرڪي گولي ڪنھن هلائي آهي
زبان هڪ گرھہ ڇو ٿي قبول ڪري؟
بُک هڪ.... ۽ طعام طرحين طرحين جا
ڏسڻ جي لاءِ صرف چنڊ ستارا ڇو ڏسان؟
سمنڊ جي لاءِ لھرون ضروري آهن
عورت جي لاءِ زمين ضروري آهي
اهي ڪيڏانھن ويا
جيڪي عورت پرڻائيندا آهن
هي ڇا گهر آهي؟ جو هڪ عورت ۽ عزت ۾
ڪو فرق نہ ٿو رکي
مون اڪيلي ئي بغاوت شروع ڪئي آهي
هاڻي اڪيلي پنھنجي گهر ۾ رهندي آهيان
ڇو جو آزاديءَ کان وڌيڪ ڪو بہ پيشو ناهي
ڏس منھنجي مزدوري !
ڪڏهن ديوارن ۾ زندهہ قيد ڪئي پئي وڃان
ڪڏهن بسترن جي زينت بڻجي پوان ٿي.

اڌوري شڪست

اڃا تہ مون کي لکڻو هو
پر ڪھڙو فائدو جو منھنجا حواس
وڃائجي رهيا آهن
هٿ بيھي ويو تہ الوداع ڪيئن ڪندس
هو ڪارو فقير هر دروازي تي
صدا هڻندو آهي
جيڪڏهن مان چري ٿي ويس تہ
پوءِ ماڻھو الزام ڪٿي رکندا؟
منھنجي قبر تي خاموشي لکجي ڇڏجو
خاموشي ۾ سچ ۽ ڪوڙ جو ڪھڙو سوال
اڃا تہ مون لکڻ شروع ڪيو آهي
اهو ڪيئن ٿيو.....
اوقات جي پڪي آهيان
شايد ان لاءِ اڄ زخمي آهيان
منھنجا هٿ فائدو کڻڻ جي قابل
ناهن رهيا
ڇا ايئن ئي ماڻھن کي فراموش ڪيو
ويندو آهي
يا تہ رستو جاهل رهيو هوندو
يا وري منھنجا قدم جاهل رهيا هوندا
پر اڌوري شڪست ڪيتري بُري
هوندي آهي؟
ڏس! ماڻھو اڌ هٿ منھنجي هٿن ۾ ڇڏي ويا آهن
هر ٻار کي گود ۾ ڀرڻ منھنجي ئي تہ عادت هئي
هر سوار کي خوش ڪرڻ تہ منھنجو سفر هيو
ڪنڊن جي مسڪراهٽ تہ منھنجو جنگل هيو
ڪمري ۾ هڪ ڪاري ٻلي گهمي رهي آهي
هي ٻلي مون کان وڌيڪ آواز رکي ٿي
مان تہ ڊڄي ويس پر هو وڏي
مغرور هئي....

ڪنڃر هٿ

هي ڪنڃر هٿ مون کي
اڃا ڪيترو زهريلو ڪندا؟
کنگهي کنگهي منھنجون ڇاتيون
زمين ٿي ويون آهن
خدايا! مون کي انھن هٿن کان بچاءِ
مان انھن جي هٿن تي وڌيڪ نٿي
نچي سگهان
غلط هٿن جي ڪري منھنجي زبان
۾ ڦلوڪڻا ٿي پيا آهن
هي پري ڇو نٿا هليا وڃن؟
بار بار مون کي ڇو ڇُھي رهيا آهن
منھنجي طاقت ۾ ٻہ مُٺ زمين آهي
مان ڪيڏانھن وڃان؟
مان رسي نٿي بڻجڻ چاهيان
مان پنھنجي وس ۾ رهڻ چاهيان ٿي.

تلاش

اي منھنجا وڃايل رب!
تون ڪھڙي اخبار ۽ ڪھڙي خبر
پڙهندو آهين؟
تنھنجا تراشيل بُت چُپ نٿا ٿين
انھن وٽ پيل دعائون هونديون آهن
مان تہ نچي نچي ٽُٽي پئي آهيان
۽ ڏسي ڏسي بيزار ٿي پئي آهيان
لڪيرن سان مون کي ڪَٽَ نہ ڪر
سياه دل سان سياه لفظ لکي وٺان
تنھنجي خاموشي سان
مان روز ٽُٽي، ڀُري رهي آهيان
جڏهن مان ورهائي ويم تہ
تنھنجا فقير ڪٿي هيا؟
ڇا چوان؟ جيتري تنھنجي ڳلي آهي
ايترو ڀونڪي وٺان ٿي
۽ تون آهين تہ صبر جي چپٽي وڄائي
هليو ويندو آهين.

مختصر نظم

مون موت جي اکين ۾
زبان رکي ڇڏي آهي
ان جي ڪري
منھنجو ذائقو ماڻھن جي
زبان کي برو لڳندو آهي
مان ذليلن سان گڏ نٿي هلي سگهان.


ڇا مسجد جون سِرون
چورائي نٿيون سگهجن؟
هو سچ مچ مسجد جي سِر وانگر هو
تڏهن تہ چئي سگهيم
پنھنجي اکين جي ڀر ۾ رهڻ سان
ڇا عورت آوارہ چورائيندي آهي؟


ڇا لکي رهي آهيان
مان تہ بس هلي رهي آهيان
هي گدلا ماڻھو ڪنول کي رکڻ
نٿا چاهين بس انھن جي اکين ۾ مردہ جواب آهي
پاڻي جي مقدر ۾ لھرون هونديون آهن
عورت جي مقدر ۾ صرف انسان هوندا آهن
جانور نہ ...


مان سڀني جي چراغن ۾ ٻرندي رهيس
اڄ چرين جي قبيلن مان حاملا ٿي ويس
شيخون مون کي سڃاڻي نٿيون سگهن
سامھون شيخن تي تالي جي اک لڳل آهي
منھنجو سينگار ڏس!
ٻي عورت خلا سان اکيون ٻڌي ويٺي آهي
ٽين عورت جي گهڙي مان وقت ڪِري پيو آهي
ڇا ٿيو انھن سان؟
عزت تہ ماس کان پري جي ڳالھہ آهي
هتي زنجيرن جو مجرو سج
تائين ٻڌندو آهي.



جڏهن کان جنگل
سڙي ويو آهي
باھہ شين جو شڪار
نٿي ڪري
ماڻھو منھنجي خاموشي
کان بہ وڌيڪ ننڍا هئا
سو مون سمنڊ تقسيم ڪري ڇڏيو
عورتون رڙين سان حاملا نظر اچي رهيون هيون.


اسان سڀ خدا کي
ڇڏي رهيا آهيون
ڇا موت آخري خدا
ڏئي سگهندو؟
خدا قرآن لکيو
مون انسان لکيو.


فصلن جي اجرت ئي
اسانجي بُک آهي
جُتي جي ٽٽڻ تي هڪ ڪوڪو
ٺوڪيو ويندو آهي
۽ سفر ايجاد ڪيو ويندو آهي.


منھنجي قبيلي جي ڪُک مان
جڏهن صرف هڪ رڙ پيدا ٿي
تہ مان پنھنجي ڪُک مان
ٻار اُڇلائي ڇڏيو
۽ رڙ کي کڻي ورتو.

خدا

اي خدا!
ڇا مان تنھنجي زڪوات آهيان؟
يا هڪ سجدو آهيان
اي خدا!
تون منھنجو انڪار آهين
۽ مان تنھنجو اقرار آهيان
اي خدا!
ڇاتيءَ کان وٺي کُڙيءَ تائين
مان تنھنجي آهيان
مان ناداني مان ٻار ڄڻيان ٿي
۽ فضل سان حڪم جنمندو آهي
اي خدا!
مان پنھنجي ڪُک مان هلندي
تنھنجو نالو ڄڻيان ٿي
اي خدا!
مون پنھنجي نسل تي تنھنجو نالو لکي ڇڏيو.

پڄاڻي

---

سارا شگفتہ جي خودڪشي

سارا شگفتہ پنھنجي زندگي ۾ لڳ ڀڳ 4 ڀيرا خودڪشي جي ڪوشش ڪري چڪي هئي..... پر هر ڀيري هن جي ڪيل ڪوشش ناڪام ٿي ويندي هئي.... هن ڀيري سارا شگفتہ 4/ 5 جون 1984ع جي رات هڪ ٽرين جي هيٺيان اچي خودڪشي ڪري ڇڏي..... ان وقت سارا جي عمر 30 سال بہ نہ هئي. خودڪشيءَ کان اڳ 3 خط سارا جا سعيد کي بعد ۾ مليا، ۽ ٽنھي خطن ۾ سارا جي روح جو عالم اھو آهي تہ ڄڻ هُن اهي ٽيئي خط موت کانپوءِ ڄڻ لکيا هجن.... خطن ۾ لکيل تاريخ سارا جي موت کان 4 ڏينھن پھريان جي آهي.... ٽنھي خطن مان هي ٻہ خط آهن جنھن تي پھريون دفعو سارا شگفتہ جي جڳھہ تي سارا سعيد لکيل هو..... جنھن ڌرتيءَ تي هوءَ رهي پئي، اتي پنھنجي نالي سان گڏ سعيد جي نالي جي وابستگي ممڪن نہ هئي، ڌرتي ڇڏڻ کانپوءِ ان جي سامھون ڪا مشڪل نہ هئي.....



سعيد!
اڏري ويندڙ اکيون ڪٿي نہ ڪٿي رهنديون هونديون؟ تنھنجي دل ۾، تنھنجي اکين ۾، مان رهي تہ هوندم.... وئي ٿوري آهيان پاڳل!
منھنجي مٽي توکي سلام ڪندي آهي..... ٻُڌ! ڇا ڪري رهيو آهين؟ منھنجو خاموش آواز توکان پري ناهي، مان توسان ڳالھائي رهي آهين... مان اڃا جاڳي رهي آهين، تون جڏهن بہ ايندو آهين مان تنھنجي احترام ۾ جاڳي پوندي آهيان. ٿورو چُپ تہ ٿي وئي آهيان.... تون ڳالھاءِ سعيد!
مان ٻُڌي رهي آهيان....

(31 مئي 1984ع)


سعيد!
آواز ڪڏهن بہ ناهي ٻُڏندو.... ايتري تائين جو آواز خاموش بہ ٿي وڃي تڏهن بہ ناهي ٻُڏندو.... مان ساھہ جي بغير بہ تنھنجي آهيان.... هاڻي تنھنجو آواز منھنجو ئي آواز هوندو..... منھنجي آواز کي توکي لکڻو آهي.... لفظن کي زبان توکي ڏيڻي آهي. ڪاري مس سوچي ڇڏيو آهي تہ هاڻي منھنجو هٿ جهلڻ وارو آهي....
لِک.... لِک نہ ..... منھنجي لفظن کي سمھڻ نہ ڏجانءِ..... سمھي رهيو آهين؟ نہ تہ مان بہ سمھي پونديس.....

تنھنجي پنھنجي سچ..... تنھنجي سارا سعيد
(31 مئي 1984ع)


سعيد! جي لاءِ بي پناھہ محبتن ۽ ويڙھہ سا گڏ منھنجا سعيد!
سڀني ورقن جي خاموشي هاڻي توکي لکڻو آهي سعيد! منھنجي خاموشي کي هاڻي توکي پڙهڻو آهي. لفظن جي ڪائنات ڇڏي پئي وڃان.... ۽ تنھنجي مٽي ۾ لڪي رهي آهيان.... منھنجي روح جي حفاظت ڪجانءِ....
مان ۽ تون....... پنھنجي خاموشي ۾ بہ..... هڪٻئي جا موسم آهيون....
ڏس! تون مون وٽ آهين، ۽ مان تو وٽ.... مان ڪڏهن توکان پري تہ ناهيان... هن دنيا جي رهڻ تائين مان توسان گڏ جاڳندي رهندس... منھنجي اکين تي اعتبار ڪر... ۽ ڏسندي نہ؟ مان توکي ڏسي رهي آهيان ۽ تنھنجي سيني تي سر رکي سمھي رهي آهيان.... نہ تہ سارا ڪڏهن سمھي آهي سعيد...!؟ هوءَ تہ اڄ بہ تنھنجي اکين جاڳي رهي آهي.... لکين پيار......
تنھنجي صرف تنھنجي سارا سعيد....!

بوڪ شيلف

سارا هاڻي بڪ شيلف ۾ سجايل آهي.... ٺيڪ اهڙيءَ طرح، جھڙيءَ طرح ان پيشنگوئي ڪئي هئي... هوءَ ”ٻرندڙ لفظ“ جي صورت ۾ شايع ٿي هئي 1982ع ۾، پوءِ ”اکيون“ جي صورت ۾ شايع ٿي هئي 1985ع ۾، جنھن جي مھورتي تقريب ڪراچيءَ جي آرٽ ڪائونسل ۾ 18 مئي تي ٿي هئي....
ٻُڌو آهي.... ان ڏينھن حاجرہ مسرور صدارت ڪئي هئي.... راشد نور ۽ احمد هميش، سارا تي مضمون پڙهيا هيا.... ۽ ان ڪتاب تي لکيل منھنجا ڪجهہ لفظ هيا... جيڪي اتي ثروت سلطانہ پڙهيا هيا..... گڏوگڏ سارا جي آواز ۾ ٽيپ ٿيل ان جا نظم ٻڌرايا ويا هيا.... ۽ ان جي هڪ خاص نظم ”سڳنڌي نامہ“ افتخار جالب صاحب پنھنجي آواز ۾ پڙهيو هو.... ۽ اھو بہ چيو هيو تہ..... ”اهڙي نظم لکڻ جي جرئت صرف سارا وٽ هئي....“
۽ هاڻي سعيد احمد جي ”سارا اڪيڊمي“ هن بوڪ شيلف کي وڏو ڪندي ويندي.... اڄ جيڪي ماڻھو افتخار جالب صاحب سان متفق ناهن، اهي متفق ٿيندا ويندا.... ۽ جڏهن جڏهن پنھنجي پنھنجي بوڪ شيلف ۾ سارا سان ملاقات ڪندا.... انھن کي خدا جي هڪ اهڙي تخليق جو ديدار ٿيندو جنھن کي انسان نہ بلڪہ انسانيت چوندا آهن....
هن وقت مان پنھنجي بوڪ شيلف ۾ بيٺي آهيان، ۽ سارا سان مخاطب آهيان، ڏس دوست! هن وقت منھنجا ڪيترا ئي عظيم دوست آهن..... وسشٺ رشي ۽ ويدو ياس کان وٺي بان ڀٽ، ڪالي داس، سلطان باهو، وارث، سيفو، چيخوف، غالب، ڪازان زاڪس، آئين رنيڊ، ساحر، فراق ۽ فيض تائين سڀ تنھنجي ڀرسان ويٺا آهن.... بس صرف هڪ هٿ جو فاصلو آهي.... هي طئي ٿي وڃي تہ مان توهان سڀني سان گهڻيون ڳالھيون ڪندس..... بوڪ شيلف جي سامھون بيھي نہ توهان سڀني دوستن سان گڏ بڪ شيلف ۾ ويھي ڪري.......

احساس پبليڪيشن جا ڇپيل ڪتاب

رابطي لاءِ: 03100934500


1. English Grammar Raja Bajaj ختم ٿيل
2. Active Voice & Passive Voice Raja Bajaj ختم ٿيل
3. Basic Biology M.Athar Kalhoro ختم ٿيل
4. Philosophical Poetry & Essays Riaz Bhatti 150 روپيه
5. Shhamsuddin BulBul Eng: Dr Riaz udin Abro 300 روپيه
6. شاعريءَ جو آڪاش (شاعري) مرتب: احسان آڪاش 400 روپيہ
7. صحرا منجهہ صدا (شاعري) مرتب: احسان آڪاش ختم ٿيل
8. عڪس جانان هم (شاعري) مرتب: احسان آڪاش ختم ٿيل
9. ننڊ جا نيڻ (شاعري) مرتب: احسان آڪاش ختم ٿيل
10. نظمن جو ديس (شاعري) مرتب: احسان آڪاش 250 روپيه
11. ڪلام نشتر (شاعري) نشتر ناٿن شاهي ختم ٿيل
12. سخن نشتر (شاعري) نشتر ناٿن شاهي ختم ٿيل
13. چنڊ مان ۽ رولاڪيون (شاعري) آصف ڪالرو 300 روپيه
14. درد کي هڪلي هلون (شاعري) خاڪي جاني 250 روپيه
15. آخري سٽ لکڻ ڏي ! (شاعري) مخدوم آسيہ قريشي 300 روپيه
16. نظم آهي زندگي (شاعري) ياسمين چانڊيو ختم ٿيل
17. صداءَ نشتر (شاعري) ناٿن شاهي ختم ٿيل
18. شاعري جي پينگهه (شاعري) شعيب شاد 300 روپيه
19. پري پري گذر نہ ڪر (شاعري) فياض بلوچ ختم ٿيل
20. سوغات نشتر (شاعري) نشتر ناٿن شاهي 300 روپيه
21. دراوڙ دادلي (شاعري) عين سحر 300 روپيه
22. اهو سڀ عشق ئي آهي (شاعري) ساحل ميمڻ ختم ٿيل
23. گلابن ۾ گذري (شاعري) مقبول مارو ختم ٿيل
24. سڏي پئي سنڌ (شاعري) شعيب شاد 500 روپيه
25. درد ميڙي مون رکيا (شاعري) صوفي امتياز ٻلال ختم ٿيل
26. سڄڻ ۽ ساڻيھہ (يادگيريون) ارڏو اترادي ختم ٿيل
27. مرڪون مھڪون ميڙيم (يادگيريون) اقبال بلوچ ختم ٿيل
28. آديسي اٿي ويا (خاڪا) ديدار شام ختم ٿيل
29. ڇڻيل گل (ڪھاڻيون) ڊاڪٽر مقبول مارو 250 روپيه
30. احساس نگر (ڪھاڻيون) مرتب: احسان آڪاش 200 روپيه
31. سپنن جو پڌر (ڪھاڻيون) مرتب: احسان آڪاش 250 روپيه
32. ٿيندي ناهي پريت پراڻي (پريم پتر) هوش ڀٽي 350 روپيه
33. ڀڃ ڊاهه (نثراڻا احساس) احسان آڪاش ختم ٿيل
34. سچل جون ڪھاڻيون (ڪھاڻيون) آزاد سچل اعواڻ 250 روپيه
35. ڏيئا بڻجون ڏات جا (آداب المتعلمين) حيدر عامُر 150 روپيه
36. ٻانھي ٻنڌڻ جن سين (سوانح عمري بي بي فضا سلام عل يھا) حيدر عامُر ختم ٿيل
37. جهڙو نانءُ تهڙي ڏات (يادگيريون) ادي نظير قريشي 500 روپيه
38. لڙيو سج لڪن ۾ (مضمون) ظفر الله کوسو ختم ٿيل
39. سج ڏانھن اُڏام (شاعري) ربڏنو خاصخيلي ختم ٿيل
40. جيءُ جياريو جن (يادگيريون) مھرالنساء جويو 150 روپيه
41. قربان (شخصيت) مرتب: ديدار شام 300 روپيه
42. جسم فروشي جي تاريخ (تحقيق) مترجم: احسان آڪاش 650 روپيه
43. ڀڳت سنگهه (سوانح عمري) احسان آڪاش 400 روپيه
44. سارا شگفتہ (سوانح عمري) مترجم: احسان آڪاش 300 روپيه

ايندڙ ڪتاب

45. پيار (ناول) ليو ٽالسٽاءِ / احسان آڪاش 400 روپيه