سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار. محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ جو لکيل تحقيقي ڪتاب ”شاھہ لطيف ۽ جوڳي“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ شاھہ لطيف تي تحقيق حوالي سان ھي ٽيون ڪتاب لکيو آھي. شاھہ لطيف ٽن سالن تائين سامين ۽ جوڳين جي صحبت ۾ رھي لس ٻيلي، ڪڇ، ھنگلاج ۽ ڪاٺياواڙ جا پنڌ ڪيا. شاھہ جي رسالي جي سُر رامڪلي، پورب ۽ کاھوڙيءَ ۾ جوڳين ۽ سامين جي صحبت کان متاثر ٿي شاعري ڪيل آھي. ھن ڪتاب ۾ شامل مقالن ۾ سامين ۽ جوڳين سان ڀٽائيءَ پاران ڪيل سوالن جي ڏي وٺ، فڪر ۽ پيغام ۾ بھترين انداز سان قلم بند ڪيو ويو آھي.
هي ڪتاب وشال انٽرپرائيزز الھاسنگر پاران 2023ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ جا، جنھن ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.