ھن شماري جي ڪلاسيڪل ڪارنر ۾ مولوي حاجي احمد ملاح، بلقيس ڀُٽو جو تحقيقي مضمون ”شاھہ لطيف جي شاعريءَ جو ساختياتي جائزو“، حيات علي شاھہ بخاريءَ جي سارَ- جبران زيب، الطاف شيخ، صلاح الدين پنھور، پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي، عنايت نھڙيوجا ليک، ڦلواڙي ۾ رابندر ناٿ ٽئگور، رجب ٻُگهيو، مٺل جسڪاڻي، احساس ميرل، نصير سومرو، ليلا رام، وفا جانوري، حُميرہ نُور، بختاور منصور، خالد چانڊيو، عبدالله آس هنڱورجو، آزاد خاصخيلي، وحيد علي ناهيون، فقير مسڪين وگهيو، وسيم حيدر کوسو، فراخ جانوري.جي شاعري شامل ڪيل آھي. ان کانسواءِ ڪھاڻيون، فيچر، اڪبر سومري جي ناول جو باب، ڪتابن تي تبصرا ۽ ٻيو مواد شامل آھي.
ايڊيٽر وٽان: قُدر وارا ڪَم ٿيا، کُٽا خريدار
سال 2023ع جي آخري شماري سان اوهان جي خدمت ۾ لاڳيتي نائين حاضري آهي. هر ڀيري ڪوشش ڪئي اٿئون تہ وقت سِر حاضري ڀرجي، پر وري بہ ائين ڪري نہ سگهياسين ۽ هن سال ٽي شمارا گڏيل نڪتا، جن جو ڪارڻ هڪ ڀيري فقير جو زيارتن لاءِ اُسرڻ ۽ باقي ٻہ ڀيرا هٿ مُنجهہ هيو، ترتيب ڪجهہ هن ريت هئي:
1. 127: جنوري، 2. 128: فيبروري/مارچ، 3. 129: اپريل/مئي، 4. 130: جون، 5. 131: جولاءِ،
6. 132: آگسٽ، 7. 133: سيپٽمبر/آڪٽوبر، 8. 134: نومبر، 9. هيءُ شمارو 135: ڊسمبر 2023ع....
صاحبانِ عقل و فھم!
وقتِ حاضر ۾ الاءِ ڇو فقير کي هر زماني جي هر ڪُنڊ پاسو معيار کان وانجهيل نظر اچي ٿو. جھانِ رنگ و بُو ۾ معيار کي ڄڻ تہ زنگ لڳي ويو آهي يا وري اهو ڪَسجِي ويو آهي، جنھن کي قَلعِي گَر جي سخت ضرورت آهي، پر افسوس جو قَلعِي گَر وجودَ هاڻ وقت جي دز ۾ وڃائجي چڪا آهن.
’امرتا‘، پنھنجي معيار کي قائم رکڻ لاءِ، ميمبرشپ بہ ڪندو رهيو آهي ۽ ميمبرن تائين يقيني حد تائين رسالي جي پھچ جي پڪ ڪندو رهيو آهي. هن مھل تائين سئو سوا خريدارن تي منحصر هئاسين، جن کي رجسٽرڊ ٽپال رستي امرتا روانو ڪبو هو، گذريل ڇھن مھينن ۾ ٽپال خرچ 55 روپين کان وڌندو 70... پوءِ 90 ۽ پوئين مھيني 110 روپين تائين وڃي پھتو تہ هٿ مٿي تي اچي ويا... اها مدد بہ جھڙوڪر کسجي وئي، پر مالڪ مٺو ڪندو تہ همٿ ڪونہ هاربي...
الاءِ ڇو اڄ بزرگن جي چوڻي ياد اچي وئي آهي تہ، ’قدر وارا ڪم ٿيا، کُٽا خريدار...‘ هاڻ ائين ئي آهي اسان جي سماج مان اهي قدر شناس ڪُوچ ڪري ويا آهن ۽ خوش پوش خريدارن جي کوٽ ٿي پئي آهي، پر تنھن هوندي بہ، ان فڪر کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نہ ڏبو... ’حال حبيبان پيش پِريان‘ ڪندي، ڪوشش جاري رهندي تہ درمھينو ملاقات وارو سلسلو هلندو رهي. اڄوڪي هن شماري جي اختتامي صفحن تي نگاھہ ضرور وجهجو، هٿُ، هٿَ ۾ ڏينداسين تہ گهڻا ئي ڪاڄ سَرِي پوندا. ان ڏِس ۾ ادارو، ادا عبيدالله صدر، سائين منظور جوکيو ۽ محترم مٺل جسڪاڻيءَ جو هٿ همراهيءَ لاءِ بيحد ٿورائتو آهي.
سال 2023ع کان موڪلائيندي، ’امرتا‘ اچڻ واري سال 2024ع لاءِ اوهان سڀني جو خيرخواه، گهڻگهرو ۽ دعاڳو آهي تہ شل ڪوسو واءُ نہ لڳيوَ... وڌو وِيجهو ۽ ٻين لاءِ سوَلائين جو بندوبست ڪندا رهو- آمين.
نيازمند:
فقير محمد ڍول
سنڌي ڪلاسيڪي شاعري (غزل: پَسڻ لئہ تنھنجي) مولوي حاجي احمد ملاح
بِلو ڪر ڪو ڀلا جاني، بدن بيمار ٿي آيس
نہ لھندو حُسن جي حد ڪو، نہ ثاني ٻيو سِڌي قد ڪو
سندءِ واٽن مٿان صدقو، سڄڻ صدبار ٿي آيس
اوهان جي باغ ۾ بُلبل، ڪندا ها گفتگو گل ڦل
ٻُڌي هي حُسن جو هُل هُل، پکي آچار ٿي آيس
لنگهي ’احمد‘ عمر سارِي، ڪندي زارِي مٿي زارِي
تو بخشڻھار وٽ باري، بندو بدڪار ٿي آيس
ارپنا
اوهان سڀني جي نانءِ
- امرتا سَٿ
منھنجي مدايُن جي، ڪَلَ پِريان پيئي،
ڪڏهن ڪوسا نہ ٿيا، ڏوراپا ڏيئي،
ساجن سڀوئي، ڍَڪيون ڍولَ ڍلايون.
(شاه سائين)
نياپو
قريبن چار کان پنج ڏهاڪا اڳ، ڳوٺ جي هر گهر ۾ اهڙو ئي ’برانڊيڊ‘ ڪِچن هوندو هو. سماج ۾ ڪلاس سسٽم جو نانءُ نشان بہ نہ هو. زمين ايترو اناج اُپائيندي هئي، جو ڪوبہ بُکيو نہ سُمھندو هو. خواهشن جو زور نہ هو، سادگيءَ جو زمانو هو.
پاڙي ۾، ٻوڙ جي وَٽِي موڪلڻ ڪو احسان نہ، بلڪِ سماجي رسم هوندي هئي. ننڍن گهرن ۾ وڏيءَ دل وارا ماڻھو رهندا هئا، مِٽيءَ جا گهر هئا، مِٽيءَ جا ٿانوَ هئا، مِٽيءَ جا ماڻھو ڪيڏو نہ سُڪون سان جيئندا هئا. رڌڻي جو ذائقو هيو، يا مِٽيءَ جي برڪت.... نہ حرص نہ لالچ ۽ نہ ئي وري سڄي عمر جي ڪوڙي مقابلي بازي...
مِٽيءَ جي رڌڻي ۾ پلجي وڏو ٿيڻ وارن جي طبقاتي نظام واري درد کي اسين خوب ڄاڻون ٿا. اسان هاڻي ترقي ڪري ورتي آهي. ’فائيوِ جِي‘ جو زمانو آهي، ٻين جي ڏُک سور سان اسان جو ڇا...!؟ پنھنجي ڪمري اندر مؤج ۾ رهون ٿا ۽ پنھنجي ننڊ واري گوري کائي مزيدار ننڊ ڪريون ٿا.
اورڻ اِهو ئي ٿيو
بلقيس ڀٽو
ساختيات اصل فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ ايجاد ڪرڻ، گهڙڻ يا ٺاهڻ آهي. لفظ ’ساخت‘ ڍانچي يا بناوٽ جي معنيٰ بہ ڏئي ٿو. ساخت لفظ سان ئي ’ساختيات‘ جو اصطلاح ٺاهيو ويو آهي ۽ ساختيات مان مراد آهي تہ ساخت جو علم يا مطالعو. ان منجهان ئي ساختياتي تنقيد ڦُٽِي نڪتي آهي. ساختياتي تنقيد جو مطلب آهي تہ ڪنھن بہ فن پاري جي ثقافت، رسم ۽ رواج سان گڏ زبان جي قاعدن جي تناظر ۾ پرک ڪئي وڃي.
سادن لفظن ۾ جيڪڏهن اسين ساختيات کي بيان ڪنداسين تہ ائين چئي سگهجي ٿو تہ ساختيات ڪنھن بہ مظھر جو هڪ تجزياتي سائنسي علم آهي. هن سائنسي علم جي ذريعي ڪنھن بہ تحرير جي ساخت جو مطالعو ڪري ان مان معنويات کي اخذ ڪيو ويندو آهي. هي هڪ قسم جو زبان جي داخلي نظام جو مطالعو بہ آهي. ساختيات، اڳين مروج نظرين جي ردِعمل ۾ هڪ اهڙو علم آهي جيڪو ڪنھن بہ فن پاري جي سطحي معنيٰ يا هيئت کي بحث جو موضوع بڻائي تخليق کي وحداني ۽ مستقل معنيٰ ڏيڻ تي اصرار ڪندو آهي. ساختيات، نہ صرف ٻوليءَ جي لڪيل لفظن تائين خود کي محدود ڪري ٿي پر متن جي اندر لڪيل معنيٰ ۽ معنوي نظام جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪري ٿي. ساختياتي دانشورن جي راءِ آهي تہ زبان جي سطحي واقفيت سان پوري سمجهہ جو تقاضو ممڪن نہ آهي، پر متن جي اصل معنيٰ تائين رسائي حاصل ڪرڻ سان ئي فن پاري بابت مڪمل سمجهہ اچي سگهي ٿي. ساختيات ۾ فن پاري جو تجزيو ثقافتي تناظر ۾ ڪيو ويندو آهي. اهو ان ڪري جو ساختياتي دانشورن جو خيال آهي تہ هڪ ليکڪ جيڪا بہ تخليق ڪندو آهي سا پنھنجي دؤر جو ثقافتي مظھر هوندي آهي يعني جنھن سان ثقافت جي ڪيترن ئي پھلوئن کي ڄاڻي ۽ سڃاڻي سگهجي ٿو. ساختيات جا دانشور متن جي معنيٰ پراڻين ڏندڪٿائن، روايتن، لوڪ قصن کان ويندي اٿي ويٺي ۽ رهڻي ڪھڻيءَ جي نموني مان اخذ ڪندا آهن.
ساختيات جي فڪري اسڪول جو جنم ويھين صدي ۾ ٿيو، فرينچ ماهر لسانيات ’فريڊينڊ سوسيئر‘ کي هن نظريي جو باني سمجهيو ويندو آهي. ٻولي ۽ ان جي معنيٰ جي گهري ڇنڊڇاڻ سبب اسان اهو چئي سگهون ٿا تہ ساختيات جو جنم لسانيات مان ٿيو آهي. ساختيات جي نظريي کان اڳ زبان جو مطالعو صرف تاريخي پسمنظر ۾ ڪيو ويندو هو، پر سوسيئر جي خيالن لسانيات سان گڏ ادبي تنقيد جي دنيا ۾ بہ وڏو انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. سوسيئر کان سواءِ جن لسانياتي ماهرن سندس ڪم کي اڳي وڌايو تن ۾، رومن جيڪب سن، تروبتز ڪائي، نوم چومسڪي، ڪلاڊي ليوي اسٽراس ۽ رولينڊ بارٿ جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. سوسيئر پنھنجي لسانياتي ماڊل کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو. هن پھرئين حصي کي ’نشان‘ ۽ ٻئي حصي کي ’زبان‘ چيو آهي. زبان جو تصور وري ٻن طريقن سان ڪيل آهي، جنھن ۾ ’لئنگ‘ ۽ ’پارول‘ اچي وڃن ٿا. لئنگ ٻوليءَ جي گرامر جڏهن تہ پارول مان مراد ڳالھہ ٻولھہ يا مڪالمو آهي. ان کان بعد ٻيو حصو يعني نشان اچي وڃي ٿو، جنھن ۾ ’سگني فائير‘ ۽ ’سگني فائيڊ‘ اچي وڃن ٿا. سوسيئر جي مطابق سگني فائير ۽ سگني فائيڊ هڪٻئي لاءِ لازم آهن. سوسيئر لساني نشان کي تصور ٺاهيندڙ سڏي ٿو، مثال جي طور اسين بورڊ تي اسڪول جو لفظ لکنداسين تہ خودبخود اسڪول جو تصور اسان جي ذهن ۾ اچي ويندو. سگني فائير کي لفظ جي معنيٰ ۽ سگني فائيڊ کي لفظ جو تصور سمجهيو وڃي.
سوسيئر جي نظريي کان اڳ زبان جو مطالعو صرف تاريخي پسمنظر ۾ ڪيو ويندو هو، جيئن اڳي ادب ۾ صرف پڙهندڙ ۽ ليکڪ جو ئي رشتو اهم سمجهيو ويندو هو، پر سوسيئر پنھنجي نظريي ۾ هڪ ٽڪنڊو ٺاهي ڏنو، جنھن ۾ هن متن کي بہ شامل ڪيو ۽ هن اهو ٻڌايو تہ صرف ليکڪ ۽ پڙهندڙ جو رشتو ناهي هوندو پر ان ۾ متن کي بہ شامل ڪيو وڃي. ان سان گڏ ساختياتي تنقيدي نظريي ان ڳالھہ کي بہ رد ڪيو آهي تہ انساني ذهن معنيٰ جو ماخذ آهي، ساختياتي دانشورن جي نظر ۾ انساني ذهن معنيٰ کي خودبخود پيدا نٿو ڪري پر اهو لساني ۽ ثقافتي نظام ئي آهي، جنھن جي ڪري متن جون ڪيتريون ئي نيون ۽ پراڻيون معنائون جنم وٺن ٿيون.
ساختيات، جديد تنقيدي نظريو آهي، ٻين جديد تنقيدي نظرين جيان سنڌ ۾ هن نظريي جي لکندڙن جو تعداد آڱرين جي ڳڻڻ جيترو يا بنھہ نہ هئڻ جي برابر آهي. هن مضمون ۾ شاھہ لطيف جي شاعريءَ جو ساختيات جي نظريي مطابق پرک ڪرڻ کان پوءِ اسين اهو ڏسنداسين تہ شاھہ لطيف جي شاعريءَ جي متن جون لساني ۽ ثقافتي لحاظ کان ڪھڙيون ڪھڙيون معنائون ڪڍي سگهجن ٿيون. شاھہ لطيف جي ’سُر ڪاموڏ‘ جو هڪ بيت آهي:
تون سمو آئون گندري، مون ۾ عيب اپار.
هتي سمو (سمون) لفظ تي معنوي رخ کان غور ڪنداسين تہ اسان جي اڳيان هڪ ذات ’سمون‘ اچي بيھندي، پر سنڌي ثقافتي پسمنظر ۾ جيڪڏهن سمون لفظ جي سماجي ۽ لساني رشتي کي ڏسنداسين تہ اسان جي سامھون سمون لفظ سان لاڳاپيل هڪ مڪمل تاريخ سامھون اچي بيھندي، جنھن ۾ سڀني کان پھرين سمن جو دور اچي وڃي ٿو، جيڪو 1350ع کان 1520ع تائين پکڙيل آهي، جنھن کي سنڌي ٻوليءَ جو ’جوڙجڪ وارو دؤر‘، جڏهن تہ تاريخي حوالي سان سنڌ جي ’خوشحاليءَ وارو دؤر‘ چيو ويو آهي. سمون، ڄام تماچي جي ذات هئي، جيڪا ان وقت حاڪماڻي ذات هئي يعني سمون هجڻ ان وقت وڏي فخر جي نشاني سمجهيو ويندو هو. هتي نوري پنھنجو پاڻ کي گندري سڏي ٿي ۽ ڄام تماچي کي وڏي ذات وارو سڏي ٿي. سمون لفظ تي غور ڪرڻ سان هن ذات سان لاڳاپيل ڪيترائي تاريخي ڪردار اسان جي ذهن ۾ اچي سگهن ٿا، جن ۾ لاکو ڦلاڻي، ڄام ابڙو، ڄام نندو، ڄام فيروز جيڪو آخري سمون حڪمران هو. ٻئي پد ۾ هُوءَ يعني نوري مھاڻي پنھنجو پاڻ ۾ ڪيترن ئي عيبن جي ڳالھہ ڪري ٿي. هاڻ پھرئين پد ۽ ٻئي پد کي غور سان پڙهڻ سان خبر پوندي تہ سمون عيب کان پاڪ، جڏهن تہ گندري ۾ کوڙ عيب آهن. هن جي هڪ معنيٰ هيءَ بہ ٿي سگهي ٿي تہ سمون هجڻ جي سڃاڻپ اها آهي تہ هُن ۾ عيب نہ هجن، نہ تہ هُو سمون نہ هوندو ۽ گندري اها آهي جنھن ۾ عيب هجن، جنھن ۾ عيب نہ هوندا اها گندري نہ هوندي.
سُر مومل راڻي جو هيءُ بيت بہ اهڙي ئي مثال طور ڏئي سگهجي ٿو، جنھن مان ثقافتي طرح ڪيتريون ئي معنائون نڪرن ٿيون:
موٽ مران ٿي مينڌرا، راڻا ڪارڻ رب.
هن سِٽَ ۾ هڪ لفظ ’موٽ‘ ساختياتي حوالي کان انتھائي اهم آهي، سنڌيءَ ۾ معنوي لحاظ کان موٽ ڪيترن ئي معنائن ۾ استعمال ٿئي ٿو. جيئن ڪنھن سامھون ويندل شخص کي سڏ ڪرڻ مھل اسين کيس چوندا آهيون تہ جلدي موٽ، پر هتي مومل جي سامھون راڻو نہ آهي پر پوءِ بہ هُوءَ موٽ لفظ کي استعمال ڪري، پنھنجي اندر جي ڪيفيت کي ظاهر ٿي ڪري. سنڌيءَ جي لغت ۾ ’موٽ‘ جي معنيٰ واپسي ورڻ لکي وئي آهي، ائين ئي سنڌي سماج ۾ وري ڪنھن جي وفات ٿيڻ تي بہ ’موٽ‘ جو لفظ استعمال ڪندا آهيون، هتي حياتيءَ جو خاتمو ٿيڻ ۽ پنھنجي اصل دنيا ڏانھن موٽ کائڻ ورتي وئي آهي. موٽ جي ٻي معنيٰ اها بہ آهي تہ ماڻھو ڪنھن کان ناراض ٿي وڃي ٿو، پوءِ وري رُساما ۽ ناراضگيون ختم ڪري ان طرف موٽ کائي ٿو، تہ ان مان سندس راضپو ٿيڻ آهي، تنھن کي بہ موٽ چيو ويندو آهي. راڻو لفظ بہ سنڌ ۾ ڪيترن ئي معنائن ۾ ورتو ويندو آهي. هتي تہ راڻي مينڌري کي مومل منٿون ڪري رهي آهي پر راڻو خوبصورتي يا ڪردار طور سٺي هجڻ جي استعاري طور بہ استعمال ٿيندو رهيو آهي. جيئن فلاڻو ماڻھو دلين جو راڻو آهي. مطلب هُو ماڻھن تي حاوي آهي يا دليون کٽڻ ڄاڻي ٿو. ايئن بہ چيو ويندو آهي تہ فلاڻو ماڻھو راڄن جو راڻو آهي. ان مان مطلب اهو ورتو ويندو آهي تہ هُو پنھنجي ڪردار، گفتار ۽ اٿي ويٺي ۾ وڏماڻھپي وارو آهي ۽ ڳوٺن راڄن ۾ سٺي هلندي اٿس.
جھڙي ريت ساختيات جو تصور تجريدي آهي، تيئن ئي ساختيات کي سمجهڻ سَوَلو بہ نہ آهي. ساختيات جو نظريو ڪنھن بہ شعر يا فن پاري جي تشريح کان وڌيڪ ان جي معنيٰ پيدا ڪندڙ نظام تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جو چئي ٿو. ڪنھن لفظ جي معنيٰ ٻڌائڻ تہ لسانيات جي ماهر جو ڪم آهي پر لفظ جي ساخت جو تجزيو ساختيات جو فڪر ڪري ٿو. ’ڊاڪٽر گوپي چند‘ نارنگ پنھنجي مشھور ڪتاب ’ساختيات پس ساختيات ۽ مشرقي شعريات‘ ۾ اهڙو ڪارائتو مثال ڏئي، ساختيات جي نظريي کي سمجهڻ لاءِ تمام گهڻي سوَلائي پيدا ڪئي آهي تہ ڪيئن ٽريفڪ جي بتي ۾ نظر ايندڙ رنگ ڪھڙو ڪھڙو مقصد رکن ٿا. مٿيان رنگ صرف ٽريفڪ بتيءَ ۾ ئي وڃڻ، بيھڻ يا وڃڻ لاءِ تياريءَ جي معنيٰ طور ورتا وڃن ٿا، سو نہ صرف هڪ سماج ۾ پر دنيا جي مختلف سماجن ۾ انھن رنگن جي ساخت يا معنيٰ پنھنجي پنھنجي الڳ سُڃاڻپ رکي ٿي. ڳاڙهو رنگ انقلاب جي نشاني سان گڏ ڪنوار جي وڳي جو بہ رنگ هوندو آهي. ڦِڪو رنگ سرءُ جي علامت آهي، ايئن ئي سائو رنگ زرخيريءَ جي علامت آهي. شاھہ جي شاعريءَ مان اهڙو ئي هڪ ٻيو مثال بہ آهي تہ:
اکين ۾ ٿي ويھہ تہ واري ڇپر ڍڪيان. ]سُر آسا[
هي بيت جيڪڏهن ٻي ٻوليءَ واري ماڻھو کي ٻڌائبو، تہ هُو ان مان صرف ظاهر معنيٰ ئي وٺندو تہ هتي ڪنھن کي اکين ۾ ويھارڻ جي ڳالھہ هلي پئي، پر ڇا اک جيڪا خود واريءَ جو ننڍڙو داڻو بہ برداشت نٿي ڪري سگهي، اُها ڪيئن ڪنھن ايڏي وڏي انساني وجود کي پاڻ اندر سمائي سگهي ٿي؟ اکين ۾ ويھارڻ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ خوبصورت اصطلاح آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ڪنھن کي عزت ڏيڻ يا مانَ مرتبي سان نوازڻ. مٿئين لفظ جي ساخت ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ثقافتي نظام اسان کي اهو ٻڌائي ٿو تہ ان مان مراد عزت ۽ مان ڏيڻ آهي. ڇپر وارڻ جي ظاهري معنيٰ اها ئي ٿيندي تہ اکين کي پورڻ، پر ساختياتي اصولن کي مدِنظر رکندي لفظ جي ساخت تي غور ڪنداسين تہ اسان کي خبر پوندي تہ هتي ڇپر ڍڪڻ مان مراد ڪنھن کي لڪائڻ آهي، مطلب تہ ان کي لڪائڻ جي ڳالھہ ڪيل آهي جنھن کي مانُ ۽ عزت ڏني وئي آهي.
ساختيات جو نظريو اسان کي اهو بہ ٻڌائي ٿو تہ پڙهندڙ پنھنجي ذهن ۾ ثقافتي پسمنظر رکندڙ هوندو آهي، تنھن ڪري ئي اُهو لکيل متن کي سمجهي سگهندو آهي. شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾بہ اهڙا ڪيترا ئي مثال آهن جن ۾ ڪيترا ئي لساني پسمنظر يعني ڪوڊ رکيل آهن، جن کي پڙهندڙ ۽ لکندڙ يعني صرف سنڌي سماج جو فرد ئي ان جي معنيٰ جي تھہ تائين پھچي سگهي ٿو. سُر رامڪلي مان هيٺيون مثال ساختياتي تجزيي لاءِ پيش ڪجي ٿو:
جوڳيئڙا جھان ۾، نوري ۽ ناري؛
ٻري جن ٻاري، آئون نہ جئيندي ان ريءَ. ]سُر رامڪلي[
سنڌي لسانيات جي لحاظ کان هتي جوڳيئڙا لفظ اسم تصغير آهي، جيڪو جمع جي شڪل ۾ آهي، جوڳي جو اسم تصغير جوڳيئڙو ٿيندو. ظاهري لفظ جوڳي يعني جوڳ پچائيندڙ ۽ مخصوص مراقبن تحت پنھنجي عبادت ڪرڻ واري شخص کي چيو ويندو آهي، پر سنڌي سماج ۾ هي لفظ ڪيترن ئي معنائن ۾ ڪم آيو آهي، جيئن جوڳي مرشد کي بہ چيو ويندو آهي. قاضي قادن پنھنجي شاعريءَ ۾ جوڳيءَ جو لفظ مرشد طور استعمال ڪيو آهي. سنڌيءَ ۾ جوڳي ٿيڻ معنيٰ ڪنھن ڪم جي پٺيان ڏينھن رات ڪوشش ڪرڻ بہ سمجهيو ويندو آهي. ان سان گڏ شڪل جي ڪاري انسان کي بہ طنزيه طور جوڳي چيو ويندو آهي. هيٺين سٽ ۾ ٻري جن ٻاري جو اصطلاح سمجهڻ جھڙوآهي. ٻري جن ٻاري جي عام فھم معنيٰ اها آهي تہ جن پنھنجو پاڻ کي جلائي بہ باھہ کي اجهامڻ نہ ڏنو، پر ان اصطلاح جي رائج معنيٰ يا مطلب هيءُ بہ آهي تہ جيڪي حق سچ جي واٽ تي هليا ۽ سچ جي مشعل کڻي سماج ۾ ان کي سرخرو ڪيو.
سنڌي سماج جي لساني سرشتي ۾ بہ ڪيترين ئي لوڪ روايتن جو ذڪر ملي ٿو. انھن لوڪ روايتن ۾ ڪم آندل لفظ پنھنجي پنھنجي ڌار معني رکن ٿا، جن جي ساختياتي جائزي کان پوءِ خبر پوندي تہ ان لفظ سان سلھاڙيل ڪھڙيون ڪھڙيون ڳالھيون سماج ۾ رائج هيون يا آهن. اهڙين ئي لوڪ روايتن ۾ جو هڪ لفظ ’چيئن‘ آهي، جنھن کي شاھہ عبداللطيف ڀٽائي پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو آهي، سُر سامونڊيءَ جي بيت جي سِٽَ آهي:
مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري.
هتي ’چيئن’ لفظ جي معنيٰ لغت نويسن ۽ شارح نويسن ’چکيا تي چاڙهڻ‘ يا ’جيئري باھہ ۾ ساڙڻ‘ لکي آهي، پر اها صرف ظاهري ۽ هڪڙي معنيٰ آهي. چيئن لفظ سان سنڌي ثقافت ۾ علاج جو طريقو لاڳاپيل آهي. پراڻي زماني ۾ جڏهن ڪاري نانگ، بلا يا وڇونءَ جي ڏنگيل مريض کي پھرين جهاڙ جي ذريعي زهر جو اثر زائل ڪيو ويندو هو، تنھن کان بعد بہ جيڪڏهن مريض چڱو ڀلو نہ ٿيندو هو تہ ان کي مُڃ جي کٽ مٿي سمھاري ان هيٺ ڪڻاھہ ۾ تيل گرم ڪرائي ان جي ٻاڦ ان جي جسم کي ڏني ويندي هئي، جنھن سان زهر جو اثر تہ ختم ٿي ويندو هو، پر جسم ۾ ڪجهہ مھينن تائين جَلن پئي ٿيندي هُئي. ان کي چيئن چاڙهڻ چيو ويندو آهي. پڇا ڪرائڻ مان خبر پوندي هئي تہ ”مريض جهاڙ مان بچيو يا چيئن چڙهي بچيو.“ تہ چوندا تہ، ”چيئن چڙهي بچيو.“
سنڌي سماج ۾ چيئن چاڙهڻ ان ڪاٺيءَ کي بہ چيو ويندو آهي، جنھن تي ڇيلي کي ذبح ڪري کل لاهيندا آهن. ٻيو تہ جڏهن ٻيلي ۾ ٿلھو وڻ وڍبو آهي تڏهن اهو اڌ کان وڌيڪ وڍجڻ تي ڪارائيءَ تي الڙي پوندو آهي، تڏهن ان کي ڌڪ هڻي ڪارائيءَ کي آجو ڪبو آهي. ان ڌڪ هڻڻ کي بہ چيئن چاڙهڻ چئبو آهي. چيئن لفظ جي ٻي معنيٰ هيءَ بہ آهي تہ کاڌي واري مانيءَ کي بہ چيئن چاڙهيو ويندو آهي. ٿڌي ماني اهڙي هلڪي باھہ تي رکڻ جيڪا نہ ٻري نہ اُجهامي، جنھن جو صرف هلڪو تاءُ هجيس تنھن کي چيئن چاڙهڻ چئبو آهي. جنھن ۾ انتظار جي خطرناڪ ڪيفيت لڪيل هجي تہ کائڻ وارو ڪڏهن ايندو؟ ۽ ڪڏهن ماني چيئن تان لاهبي.
هيٺ ڏنل شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي سُر مارئيءَ جي سِٽَ ۾ هڪڙو ثقافتي ڪوڊ لِڪَل آهي:
منھنجي اِها آھہ، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.
هن بيت ۾ بہ ثقافتي ڪوڊ ’آھہ‘ لڪيل آهي، هيءَ آھہ دل جي پُڪار آهي. ظاهري معنيٰ ’آھہ ڪرڻ‘ جو مطلب آهي تہ ڪنھن بہ ڏاڍ يا جبر خلاف پنھنجو احتجاج ڪرڻ، پر آھہ لفظ جون بہ ڪيتريون ئي معنائون آهن. غم يا ڏک ۾ نڪتل آھہ، بددعا هوندي آهي، جڏهن تہ خوشيءَ مان نڪتل آھہ دعا طور بہ ورتي ويندي آهي. هيءَ حق ۽ سچ جي جي جنگ ۾ حق جي فتح بابت هڪ اميد آهي. هن لفظ تي غور ڪرڻ سان خبر پوندي تہ ان جون ٻہ معنائون نڪرن ٿيون. هڪ سواليہ يعني اهو ڪم ڪڏهن ٿيندو؟ ان جي ڪا بہ خبر نہ آهي. ٻيو زمان مستقبل ۾ ڪنھن اميد جي پورائي جي ڳالھہ آهي، تہ اهو ڪم ڪڏهن نہ ڪڏهن ضرور ٿيڻو آهي. ڪوٽ ڪيرائڻ جو اصطلاح بہ انياءُ ۽ ظلم واري اونداهيءَ جي پڄاڻيءَ طور ورتل آهي. ظاهري معنيٰ ۾ تہ هن اصطلاح جي هيءَ معنيٰ ٿيندي تہ ڪنھن جنگ کي کٽڻ يا ڪنھن قلعي کي فتح ڪرڻ، پر هن اصطلاح جي ٻي معنيٰ ڪنھن جي ڏاڍ جو خاتمو آهي. ان سان گڏ ڪوٽ ڪرڻ جو مطلب ڪنھن ماڻھوءَ جو پردو لھي وڃڻ بہ ورتو ويندو آهي. انھيءَ کان علاوه ڪوٽ ڪيرائڻ جي معنيٰ وڏا وڏا ڏکيا ڪم ڪرڻ بہ آهي.
ساختيات بابت علمي ۽ فڪري بحث ۽ دليلن طور هيءُ مضمون پيش ڪرڻ ڄڻ تہ سورج کي ڏيئو ڏيکارڻ آهي، ڇاڪاڻ تہ هن علم کي آشڪار ڪرڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
(ٽرئبيُوٽ) حيات علي شاھہ بخاريءَ جي سارَ : جبران زيب
سائين حيات علي شاھہ بخاري هر دلعزيز انسان، سھڻي سيرت سان گڏ هميشہ پيار ڏيندڙ انسان هو، سائين حيات علي شاھہ بخاريءَ سان منھنجي پھرين ملاقات 2009 ۾ ٿي ان زماني ۾ مان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نئون پروڊيوسر مقرر ٿيو هئس، ان شروعاتي وقت ۾ ريڊيو تان گهڻو ڪجهہ سگهڻ لاءِ مليو.
بخاري صاحب ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مقبول پروگرام ’صبحِ مھراڻ‘ ۾ سلسلو ڪندا هئا ’ثقافتي منظرنامو‘ پاڻ گهڻي ئي زماني کان صحافت سان لاڳاپيل رهيا. انھيءَ ڪري سلسلو بہ انتھائي خوبصورت انداز سان پيش ڪندا هئا. ريڊيو پروگرام کان سواءِ سائين حيات علي شاھ بخاري ٽيليوزن ۽ ريڊيو لاءِ تمام گهڻا ڊراما ۽ مزاحيہ فيچر لکيا ۽ ساڳئي وقت پاڻ ريڊيو ڊرامن يا مزاحيہ فيچر ۾ صداڪاري بہ ڪندو رهيو.
بخاري صاحب گهڻو وقت سلسلو ڪرڻ کان پوءِ پھريون دفعو ڊسڪ جاڪي پروگرام صبحِ مھراڻ ڪرڻ لڳو، منھنجي لاءِ اعزاز جي ڳالھ هئي تہ شاھہ صاحب پروگرام ڪرڻ کان اڳ مون سان اسڪرپٽ بابت مشورو ڪندو هو ڇاڪاڻ تہ مان صبحِ مھراڻ جو پروڊيوسر هيس ۽ تقريبن سائينءَ جي پروگرام کان پوءِ ڊيوٽي روم ۾ هر هفتي زبردست ڪچھري ٿيندي هئي ۽ سائينءَ جي يادگيرين ۽ تجربي مان سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهہ ملي ويندو هو. سائين حيات علي شاھہ بخاريءَ جي خوبي اها بہ هئي تہ سائينءَ کي پنھنجي پراڻن ڊرامن جا ڊائلاگ ياد هوندا هئا ۽ شاھ صاحب ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڊيوٽي روم ۾ پرفارم ڪري ڏيکاريندو هو.
بخاري صاحب بنيادي طور غريب ماڻھو هو. سائين هڪڙي ڏينھن مون کي چيو تہ، ”مون کي ٻيو ڪوبہ پروگرام ڏيو تہ جيئن ڪجهہ پئسا ملي پوَن تہ مدد بہ ٿي پوندي ۽ پروگرامن سان لاڳاپيل بہ رهندس.“
مون شاھ صاحب کي چيو، ”سائين اهو تہ منھنجي لاءِ اعزاز ٿيندو تہ اوهان منھنجي ڪنھن ٻئي پروگرام ۾ بہ ڪمپيرئنگ ڪريو، پر سائين شرط اهو رکيو تہ صبحِ مھراڻ واري ڏينھن بدران ڪنھن ٻئي ڏينھن تي ئي مقرر ڪيو تہ بھتر ٿيندو، اتفاق سان ڇنڇر تي مان پاڻ پروگرام صبحِ مھراڻ ڪندو هيس. اهو بہ مون سائينءَ کي ڏنو ۽ سائين گهڻي ئي زماني تائين ٻن ڏينھن تي صبحِ مھراڻ ڪرڻ لڳو. صبحِ مھراڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اهو مقبول پروگرام آهي، جنھن ۾ ڪوثر ٻرڙو، زيب سنڌي، ڊاڪٽر محمود مغل، پروفيسر گل ڪونڌر، پروفيسر علي عمران سمون سان گڏ ماضيءَ ۾ ڪيترائي وڏا نالا هن پروگرام جا ڪمپئرز رهيا آهن.
شاھ صاحب سان هر هفتي ڪچھريءَ جو سلسلو گهڻي ئي زماني تائين جاري رهيو. نيٺ هڪ ڏينھن مون سائينءَ کي عرض ڪيو تہ، ”ٽائيم ڏيو تہ اوهان جو مڪمل انٽرويو ڪجي ۽ لسنرز تائين اوهان بابت معلومات پھچائجي تہ اوهان ريڊيو، ٽي وي ۽ فلم جي دنيا ۾ ڪڏهن پير پاتو.“
منھنجو ايترو چوڻ سائين حيات علي شاھہ بخاريءَ جواب ڏيندي چيو تہ، ”ٻيو ڪو ڏينھن ڇو؟ هاڻي ئي اوهان انٽرويو ڪري سگهو ٿا.“ ...۽ موقعي جو فائدو وٺندي، مان سائينءَ کي اسٽوڊيو وٺي ويس. پروگرام ’رتيءَ جي رهاڻ‘ لاءِ انٽرويو شروع ڪيوسين. ڳالھين ڳالھين ۾ وقت جو احساس نہ رهيو. اوچتو سائينءَ چيو، ”يار صبح جا 10 ٿي ويا آهن. هاڻي مان ’عبرت پريس‘ ٿو وڃان. اوهان اهو پروگرام نشر ڪجو، باقي ٻيو حصو وري ڪنھن ٻي دفعي رڪارڊ ڪنداسين.“ اهو انٽرويو اڌ ۾ ئي رهيل هيو پر اهو رڪارڊ ٿيل حصو ايڊٽ ڪري پنجاھہ منٽن جو رتيءَ جي رهاڻ ۾ نشر ڪيو ويو ۽ بقايا انٽرويوءَ لاءِ سائين کي چوندو رهيس، پر سائينءَ جي طبيعت ڪجهہ خراب رهڻ لڳي هئي، جنھن سبب پاڻ ريڊيو تي بہ گهٽ اچڻ لڳا هئا ۽ پوءِ تہ اچڻ بلڪل ئي بند ڪري ڇڏيائون.
ڏينھن پُڄاڻان شاھہ صاحب جي موبائل تي ڪال ڪيم تہ اٽينڊ ڪونہ ٿي، وري مون سائينءَ جي پي ٽي سي ايل نمبر تي ڪال ڪئي تہ سائينءَ جي نياڻي ڪال اٽينڊ ڪئي. مون سائينءَ جي باري ۾ پڇا ڪئي تہ اديءَ چيو، ”بابا جي طبيعت انتھائي خراب آهي. اسان ڪراچي وٺي وڃڻ جي تياري پيا ڪريون.“ سائين لاءِ هميشہ دعاڳو تہ رهيس پر جڏهن سائين حيات علي شاھہ بخاري ڪراچيءَ کان واپس آيا تہ خبر پئي سائينءَ جي طبيعت ۾ سڌاريو نہ آيو آهي ۽ پاڻ هاڻ تہ ڳالھائي بہ نٿا سگهن.
هڪڙي ڏينھن سجاول مان واپس حيدرآباد موٽيس ۽ فيسبُڪ چيڪ ڪيم تہ سڀ کان پھرين اشرف بلوچ جي پوسٽ سامھون آئي تہ سائين حيات علي شاھہ بخاري هميشہ لاءِ وڇڙي ويو آهي. اهو پڙهڻ سان ئي دل ڏکوئجي وئي ۽ سائينءَ جي درجات جي بلنديءَ لاءِ تمام گهڻيون دعائون دل مان ازخود نڪتيون. گڏ گذاريل وقت، ڊيوٽي روم جون ڪچھريون، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي لائيوِ اسٽوڊيو ۾ پروگرام دوران سائينءَ سان گذاريل وقت، مختلف وقتن تي مختلف موضوعن تي ٿيل بحث ۽ سائينءَ جو خوبصورت آواز ذهن ۾ گردش ڪرڻ لڳو.
سائين حيات علي شاھہ بخاري، جسماني طور اسان سڀني کان وڇڙي ويو آهي، پر پنھنجي تحريرن ۾ سدائين زنده رهندو.
(هينئڙو ڦارُون ڦارُون ) ننڍي کنڊ جو ورهاڱو: پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي
هن ورهاڱي جي ڏکن ۽ ڏولاون جي هڪ اڻکٽ سلسلي جا هزارين داستان قصا ۽ ڪھاڻيون لکيون ويون، جنھن کي دردن ڀريو ورهاڱي جو ادب يعني Literature on Partition يا Tragedy of the Partition چيو وڃي ٿو.
پنجاب ۽ بنگال مان وڏي انگ ۾ ماڻھن جي ٻنھي پاسن کان لڏپلاڻ ٿي. رڳو سنڌ مان پنجويھہ لک سنڌي هندو پنھنجن اباڻن گهرن کي ڇڏي، پنھنجي سنڌ وطن مان هندستان هليا ويا. انھن جي جاءِ تي هندستاني مھاجر اچي سنڌ ۾ پھتا، جيڪي اسي نوي واري ڏهاڪي تائين سنڌ ۾ ايندا رهيا. پنجويھہ لک سنڌين پنھنجا گهر گهاٽ، محل ماڙيون، مال ملڪيتون، ڪارخانا ڇڏي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، واهڻ وسندين، ڳوٺن شھرن مان راتو رات خالي ڪري پنھنجو وطن ڇڏي، ڪراچي منھوڙي وٽان پاڻيءَ جي جھاز ۾ چڙهي بمبئي هليا ويا، جتي ’ڪلياڻ ڪيمپ‘ جي ڦٽل گهرن ۾ کين رهائش ڏني وئي، جيڪي ٻي مھاڀاري لڙائيءَ ۾ انگريز فوجين جون ڇڏيل خالي Haunted ڪيمپ هيون.
دنيا جا هي مڃيل وڻج واپار جا ماهر، سنڌ ورڪيز، جن لاءِ مھاتما گانڌي چيو، ”سنڌ جا جڳ مشھور واپاري هندستان اچي اسان جي واپار کي طاقتور ۽ ڪامياب ڪندا.“ ڀٽائي انھن وڻجارن کي ڏياريءَ جي شڀ ڏڻ تي هيئن ياد ڪري ٿو، جيڪي وطن کان ٻاهر پرڏيھہ ۾ ڪاروبار ڪن ٿا:
ڏٺي ڏياري، سامونڊين، سڙه ٿي سنباهيا،
وجهيو ور ونجهہ کي، روئي وڻجاري،
ماريندءِ ماري! پره سُور پرين جا.
هن ڏک ڀرئي داستان يا ورهاڱي جي وڍ (Injuries) تي ’ڊاڪٽر ساز اگروال‘، جنھن جا والدين ڪراچي ڇڏي بمبئي ڪلياڻ ڪيمپ پھتا هئا، جيڪي اصل حيدرآباد سنڌ جا رهاڪو هئا. هُن سندن درد ۽ پيڙا کي محسوس ڪيو. ڊاڪٽر اگروال وڏي اسڪالر تاريخدان ۽ دانشور خاتون آرٽسٽ آهي، جيڪا هن وقت Twin Cities پوني ۾ رهي ٿي.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي تي تمام گهڻو ادبي ڪم ٿيو آهي، جيڪو اردو انگريزي ۽ هنديءَ ۾ لکيل آهي ۽ ان ۾ سنڌي هندن جي سنڌ کان لڏپلاڻ بابت ڪوبہ احوال يا مواد موجود ناهي. ڊاڪٽر ساز اگروال، ان ڳالھ کي سمجهي ان خال جي پورائي لاءِ پنھنجي والدين جا ڏک سُور، گهر ۾ والدين مِٽن مائٽن کان تفصيل ورتائين. سنڌي هندو جيڪي بنيادي طور واپاري آهن سنڌ ورڪيز (Sindhworkis) جي نالي سان ڏيھان ڏيھ ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا، هندستان جھڙي وڏي ملڪ جي مختلف رياستن ۾ ٽڙي پکڙي واپار سانگي گهڻن شھرن ۾ آباد ٿي ويا. اهي Sindhworkis دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سترهين ارڙهين صديءَ کان واپار ڪن ٿا، پر ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۽ حيدرآباد ۽ مٽن مائٽن خاندان وارن سان سندن تمام ويجهو ڳانڍاپو جُڙيل رهيو. ڊاڪٽر اگروال سنڌ ڇڏي ويندڙ پھرئين نسل جي چونڊ ڪري انھن ماڻھن جا انٽرويو ڪري مواد سھيڙي ٻہ شاندار ڪتاب (2012)Sindh Stories from Vanished Homeland ۽Sindhi Tapestries (2021) ٻئي ڪتاب سنڌي هندن جي لڏپلاڻ ۽ سنڌي سڃاڻپ Sindhi) Diaspora and Sindhi identity) کي مصنف پنھنجو موضوع بڻايو ۽ شاندار نموني فوڪس ڪيو آهي، جيڪو مصنف جي اعليٰ قابليت پنھنجي وڃايل وطن سنڌ سان محبتن جو ڪارنامو آهي. هن کان وڌيڪ ٻيو ڪتاب Losing Home Finding Home هڪ فڪر انگيز ڪتاب آهي، جنھن ۾ 1947ع جي ورهاڱي جون دکدائڪ پيڙائن جو هُوبھو تاريخي بيانيو پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ کي يقينن ڇُھي ٿو. هن ڪتاب ۾ انھن واقعن ۽ لقائن جو داستان ڏنو ويو آهي، جن ۾ سنڌي هندن جي سنڌ مان لڏپلاڻ ۽ نئين وطن هندستان ۾ آباد ٿي رهڻ جي مسئلن، تڪليفن ۽ ڏکن جو تفصيلي احوال ملي ٿو ۽ اڻکٽ تڪليفن جا دردناڪ داستان پڙهڻ لاءِ ملن ٿا.
سنڌي هندن جي هڪ طرفي لڏپلاڻ بنگال ۽ پنجاب جي ڀيٽ ۾ ٿوري ھئي، تنھن ڳالھ کي محسوس ڪندي مصنف ورهاڱي جي ادب ۾ سنڌ جي لڏپلاڻ کي شامل ڪري کوٽ جو پورائو ڪيو ۽ ورهاڱي جي تاريخ کي مڪمل ڪري ورتو. ڪتاب 112 صفحن تي، بليڪ ائنڊ وائيٽ تصويرون آرٽسٽ صبح ديپ جي ڪاوشن سان خوبصورت سجايل آهي. ڪتاب نئين وطن جي تلاش ۽ وري اصلي وطن جون Roots جي ڳولا، ويڳاڻپ ۽ Nostalgia، جيڪي سچ پچ پڙهندڙن جي دلين کي ڇڪي موهيندڙ Spellbinding ڪيو ڇڏين. ڪتاب ۾ وطن جي وڇوڙي ۽ هڪ نئين ملڪ ۾ پھچي، ان کي پنھنجو وطن سمجهي اَجهو (Shelter) ٺاهي اڳتي هلي بي مثال ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جو ڪمال، سنڌ جي سنڌ ورڪيز ڪري ڏيکاريو ۽ هندستان جي گهڻ قومي وڏي ملڪ ۾ اهم جاءِ والاري ’سنڌيت‘ جو نالو روشن ڪيو.
ڪتاب جي شروعات ۾ سنڌ جي مختصر تاريخ تہ هت سڀني مذهبن جا ماڻھو مذهبي متڀيد کان مٿاهون، امن، سلامتي ۽ ايڪتا جو مثالي سنڌي سماج هو. جڏهن تہ مذهبي نفرت ۽ تشدد سموري ملڪ ۾ عام هو. ٻئي پاسي سنڌ ۾ تمام ٿورڙا واقعا ٿيا. هڪ ٻہ ڪراچيءَ ۾ ٿيا هئا، جن ۾ نوَن آيل مھاجرن گهرن تي قبضي ڪرڻ لاءِ جهيڙو ڪيو ۽ ڊيڄاري ڇڏيو. باقي سموري سنڌ ۾ ڪابہ اهڙي ڳالھہ ڪونہ ٿي. سنڌي مسلمان، هندن جي ملڪ ڇڏڻ جي افسوس ۽ صدمي ۾ ڏکارا هيا. سنڌ تہ صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي، امن ۽ ايڪتا جو مرڪز رهي آهي، سو ان ڪري باقي ننڍا وڏا ڳوٺ، شھر، چوڌاري سک ۽ سلامتي ھئي.
ڊاڪٽر اگروال جي اپٽار ۾، ورهاڱي وقت هتي ڪوبہ جهيڙو جهٽو بدامني ڊپ ڊاءُ بلڪل ڪونہ هو. لکي ٿي تہ ڪراچيءَ ۾ هڪ هندو فيمليءَ کي مسلمان فيمليءَ پناھہ ڏئي مثال قائم ڪيو. جڏهن تہ پاڻ پنھنجي اگروال فيمليءَ لاءِ لکي ٿي تہ سندن فيمليءَ کي هڪ ويجهي دوست ڪياماڙيءَ ۾ پاڻي واري جھاز تائين کين حفاظت سان سامان سميت پھچايو ۽ خداحافظ چيو.
ڪتاب جي پينٽنگز ۾ مثال طور هڪ مسلمان کي هندن جي خاندان کي جھاز تي چڙهڻ ۾ سامان کڻي مدد ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. اها ڳالھ وڌيڪ دلچسپ آھي تہ سنڌ ڇڏي ويندڙ پاڻيءَ واري جھاز توڙي راجستان کان ويندڙ ڪيترن پنھنجو ٿورو گهڻو گهربل گهريلو سامان، ڪتاب ۽ فرنيچر بہ کڻي روانو ٿيا تہ هُو نئين ملڪ ۾ تعليمي ادارا کولي سگهن ۽ گهريلو ٿانوَ بہ بنيادي ضرورت هئي. اهڙو مثال پنجاب، بنگال، سرحد ۽ بلوچستان جي صوبن ۾ نٿو ملي. سنڌ ۾ ملي ٿو جيڪي امن ۽ سلامتيءَ جو وڏو مثال آهي.
’Losing Home Finding Home‘ ورهاڱي تي ڪو وڏو ۽ ضخيم ڪم ڪونھي، هن ڪتاب ۾ لڏپلاڻ ڪندڙ فردن جون اصلوڪيون ۽ سچيون ڪھاڻيون، رپورٽون ۽ انٽرويوز بيان ڪيل آهن، جيڪي پڙهندڙن جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺن ٿيون. ڪتاب ۾ صبح ديپ مڪرجي ۽ ڊاڪٽر اگروال جون شاندار دل کي ڇھندڙ اسڪيچ پينٽنگز آهن، جيڪي اصلوڪن ماڻھن جي دل ڏاريندڙ تجربن جي بنياد تي اگروال جون مختصر تحريرون (Notes) يقينن دکدائڪ ۽ ڏکارو ڪريو ڇڏين.
اگروال ورهاڱي جوهڪ واقعو ٻڌايو تہ ’مولو‘ هڪ هندو ۽ ’علي گوهر ملڪاڻي‘ مسلمان ٻئي پاڻ ۾ ويجها دوست هيا. 1947ع ۾ هڪ ٻئي کان موڪلائڻ وقت مولو، پنھنجي دوست علي گوهر ملڪاڻيءَ کي چيو، ”آئون سڀ سامان ڇڏيو پيو وڃان، توهان ڀلي سڀ کڻي استعمال ڪيو.“ هنن احتياط سان ڪجهہ سامان ڪتب آندو. محبتن ۽ عزت سان گهر سنڀالي رکيو، ڇا تہ هندو مسلمانن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو، ايڪتا ۽ مثالي ڀائيچارو هو. اڄ تائين علي گوهر جي پوٽي وٽ دوست مولوءَ جي نشاني آڏاڻي تي اڻيل ڪارپيٽ خانداني سوکڙيءَ طور موجود آهي، جنھن تي مولوءَ جي والد جو نالو اُڻيل آهي.
گهڻو تڻو هندو خوشحال پيسي وارا سُکيا ستابا هيا. ڪلياڻ ڪيمپ رهڻ لاءِ ڪا سٺي جاءِ نہ هئي. پراڻن بيرڪن ۾ شاهوڪار پئسي وارا سنڌي مھاجر تمام گهڻين تڪليفن ۾ رهيا ۽ جتي کين گورنمينٽ رهائش ڏني هئي، اتي ڪابہ پرائيويسي بلڪل نہ هئي، پر هنن انھن تڪليفن جي ڪڏهن بہ دانھن ڪُوڪ نہ ڪئي. اگروال جو والد وڪيل هو ۽ خوشحال خاندان هو، جڏهن تہ ورهاڱي سبب ڪيترا پڙهيل نوڪرين سان ۽ ڪاروباري ماڻھو بمبئيءَ ۾ مالي طور ڪمزور ٿي ويا. ايستائين جو هڪ شاهوڪار ۽ مخير ’سيٺ پرتاب راءِ‘ خراب مالي حالتن جي ڪري شھر ۾ رهائش لاءِ مدد گهري ورتي. سو ورهاڱي سبب سرنديءَ وارن بہ ڏکيا ڏينھن ڏٺا. اگروال ٻڌائي ٿي تہ سنڌي هندو وڏا واپاري هجڻ ڪري محنت ۽ جدوجھد وسيلي هندستان جي وڏي سماج ۾، جتي بہ کين سھوليتون مليون، واپار وسيلي اهڙي جاءِ ورتي، جيڪا کين سنڌ ۾ مليل هئي.
ڊاڪٽر اگروال، ڪلياڻ ڪيمپ جي بدحاليءَ جو احوال ڏيندي ٻڌايو تہ، اتي Privacy بلڪل ڪانہ هئي. ايستائين جو ٻن خاندانن جي وچان رڳو ڪپڙا ٽنگيل هئا، پر وڏن امير ماڻھن برداشت ڪيو ۽ ڪڏهن ٻڙڪ ٻاهر نہ ڪڍي، سھپ جو مثال قائم ڪيو، جيڪا سنڌي ثقافت جي انيڪ اهم خوبين منجهان هڪ آهي.
سنڌ ۾ سنڌي هندن جي خوشحال ۽ آسودي زندگيءَ بابت وڌيڪ لکي ٿي تہ، ’حيدرآباد سنڌ ۾ جڏهن سندن گهرن ۾ ڪو مھمان ايندو هو تہ ان کي جيڪو شراب Wine پيش ڪيو ويندو هيو، ان ۾ سونيون گينيون وجهي ڏئي مھمان جو آڌرڀاءُ ڪيو ويندو هو.‘ هيءَ هئي حيدرآبادي سنڌ ورڪيز ۽ ٻين سنڌي هندن جي خوشحالي ۽ روايتي مھمان نوازيءَ... حيدرآباد، سنڌ جي آدرشي شھر جو شاندار مثال.
ڪلياڻ ڪيمپ ۾ ڪجهہ مھينن کان پوءِ سرڪار ٻيا بلاڪ اڏي شفٽن ۾ اسڪول قائم ڪري هلايا ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ميڊيم آف انسٽرڪشن جي سھوليت اقليت وارن سنڌين کي مھيا ڪري، جمھوريت ۽ رواداريءَ جو تمام وڏو مثال قائم ڪيو. سنڌي هندن محنت ۽ لاڳيتو جاکوڙ وسيلي واپار ۾ ڀڙ هجڻ ڪري، انڊين سماج ۾ آهستي آهستي خوشحاليءَ وارو اوج سنڌ جيان ماڻيو. بمبئيءَ ۽ ان کان سواءِ جتي جتي وڃي آباد ٿيا، اتي بي گهر سنڌين پنھنجا سٺا گهر، ڪوآپريٽو سوسائٽيون، بنگلا ۽ ڪالونيون تعمير ڪري پاڻ مڃائي ورتو ۽ نئين ملڪ کي پنھنجو گهر سمجهي، پنھنجي شھرن جي خوبصورتيءَ ۾ واڌ ڪري عزت ۽ وقار حاصل ڪيو. جيڪو سندن ڪاميابيءَ جو وڏو مثال سمجهيو وڃي ٿو.
ورهاڱي وقت سنڌ ورڪيز بہ سخت متاثر ٿيا، جيڪي ٻاهرين ملڪن جي بندرگاهن تي ڪاروبار ڪندا هئا، انھن جون فيمليون حيدرآباد ۾ هجڻ ڪري، هُو واپس اچي پنھنجون فيمليون وٺي، پنھنجي پنھنجي ملڪن ڏانھن هليا ويا.
هن ڪتاب ۾ ليکڪا، ڏک ۽ صدمي سان انھن Iconic ثقافتي خاص جاين ۽ شھرن جي وڇوڙي جو اپٽار ڪيو آهي، جنھن ۾ سنڌو درياھہ بابت بجا ذڪر ملي ٿو، سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي سنڌي هندو پوڄا ڪندا هيا، ان ڪري پاڻيءَ کي پوتر ۽ مقدس سمجهيو. سنڌ جا هندو، جن جايُن کي اڄ بہ ياد ڪن ٿا، انھن ۾ ميرن جي خيرپور رياست، پيرڳوٺ (پير پاڳاري جو ڳوٺ)، ڀٽ شاھ ۽ سيوهڻ شريف... ڇاهتر سالن گذري وڃڻ باوجود وساري نہ سگهيا آهن. اهو آهي وطن، جيڪو نٿو وسري... جيڪو وساريان نہ وسري!!
ڊاڪٽر آگروال، ورهاڱي سبب جيڪو سنڌي ٻوليءَ کي ڇيھو رسيو، ان جو تمام گهڻو افسوس ڪيو آهي. چئي ٿي وقت گذرڻ سان سنڌي مھاجرن جي نئين نسل پنھنجي ماءُ ٻوليءَ کي وساري ڇڏيو، جنھن جو کيس گهڻو ڏک ۽ صدمو آهي. اها وقتائتي ڳالھ تہ والدين يا بزرگ هن نقصان جو ازالو ڪن، پنھنجي ٻوليءَ لاءِ جاکوڙ ڪري، کين پنھنجي اصليت ڏانھن موٽ کائيندي ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ ڊگهي جدوجھد ڪرڻ گهرجي. خاص طور اهي واپاري جيڪي پرڏيھہ ۾ رهن ٿا.
ليکڪا هيءُ ڪتاب، نھايت گهڻي سڪ ۽ پاٻوھہ وچان مرتب ڪري، سنڌي مھاجرن جي زندگيءَ کي مختلف طريقن سان جانچي، ان تي روشني وڌي آهي. اهي ڪھاڻيون سچيون ۽ اصلوڪيون آهن ۽ سندن ڏکن، دردن ۽ ڪاميابيءَ جو شاندار داستان آهن.
ڊاڪٽر ساز اگروال ٻڌائي ٿي تہ ڪيئن سنڌ ورڪيز دنيا جي گولي تي پکڙجي ويا ۽ واپار جي هڪ منفرد ڇاپ قائم ڪري ڇڏيَن. هن ڪاميابيءَ جي ڪھاڻين جا فوٽو، اسڪيچ پينٽنگز، مختصر ڪھاڻين وسيلي خوشحاليءَ ۽ آسودگيءَ جا مثال ورهاڱي جي ڏکن کي يقينن خوشين ۾ تبديل ڪيو آهي، پر وڃايل وطن جون ساروڻيون ورهاڱي جا وڍَ، غم ۽ خوشيون هن ڪتاب جي سونھن ۽ سينگار آهن.
اگروال هن ڪتاب کي ورهاڱي جي ادب ۾ خاص واڌاري طور سنڌي هندن کي هڪ گيت طور پيش ڪيو آهي، جيتوڻيڪ ننڍو ڪتاب پر منفرد انداز ۽ دل کي ڇھندڙ ضرور آهي. سچ پچ تہ ڊاڪٽر ساز اگروال هن ڪتاب جون خوبصورت تخليقي تحريرون، ڀٽائيءَ جي ساز تنبوري جا آلاپ آهن، جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ حيدرآباد سنڌ جي مَنگهن ۽ ٿڌين هوائن واري شھر ۾ محسوس ڪري سگهجن ٿا.
]هي مضمون، مون ڊاڪٽر ساز آگروال جي ٽن ڪتابن ۽ خاص طور هن جي تازو ڪتاب Losing Home Finding Home تي ’ريحانہ عالم‘ جي انگريزيءَ ۾ لکيل تبصري ’Stories of Belonging‘ جي عنوان واري شاندار تبصري تي آڌاريل هي مضمون ٺاهي لکيو، جيڪو انگريزي اخبار روزاني ’ڊان‘ جي سلسلي ’Sunday Book and Authors‘ ۾ پنجين نومبر 2023ع تي ڇپيو ويو.[
(سفر بخير) ڇھہ ڇھہ پئسا، ٻہ ٻہ پايون : صلاح الدين پنھور
صلاح الدين ولد حڪيم محمد صالح پنھور، دادوءَ جو جادو آهي...
اٺين جون 1947ع تي ’ڳوٺ ابراهيم پنھور‘ ۾ محترم حڪيم محمد صالح پنھور جي اولاد ۾ چوٿون نمبر ماڻيندي، هُن اکيون کوليون. ٽن ڀائرن عبيدالله، صلاح الدين ۽ مصطفيٰ ڪمال ۽ ٽن ڀينرن پنھنجي والدِ محترم جي حڪمت واري پيشي کي پنھنجي حياتيءَ جي حڪمت ۾ اڳ اڳرو ڏٺو. سائين حڪيم محمد صالح پنھور، ان دور ۾ ’دهليءَ‘ مان حڪمت پڙهي آيا هئا، جتي جڳ مشھور عالم، سائين مرحوم علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي‘ جي صحبت کيس هڪ ڪلاس فيلو جي صورت ۾ نصيب ٿي.
صلاح الدين پنھور پنھنجي پرائمري تعليم ’پرائمري اسڪول غريب آباد دادو‘ مان حاصل ڪئي. ’طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو‘ مان 1963ع ۾ مئٽرڪ ۽ ’گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو‘ مان 1967ع ۾ انٽرميڊيٽ جا امتحان پاس ڪيائين. هن 1969ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ بي اَي جو امتحان پاس ڪيو، جنھن کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سيڪنڊ ڪلاس ٿرڊ پوزيشن ماڻيندي، ’سوشل ورڪ‘ جي شعبي ۾ ماسٽرس ڪئي.
1972ع ۾ ’سوشل ويلفيئر آفيسر‘ لاڙڪاڻو مقرر ٿيو. جنھن کان پوءِ 75-1974ع ۾ ’دوڙ‘، 1975-1981ع تائين ’مورو‘ ۾ سوشل ويلفيئر آفيسر رهيو. جنھن کان پوءِ ’سانگهڙ‘ ۾ ’ڊسٽرڪٽ فيلڊ آفيسر‘ جي حيثيت سان جوائن ڪيائين، جنھن کي تنھن زماني ۾ ’سپروائيزر‘ بہ سڏبو هو. 1983ع ۾ سندس بدلي دادوءَ ۾ ٿي، جتي سال 2001ع تائين رهيو. ان وچ ۾ پاڻ ٻہ ڀيرا ’ڊپٽي ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو ڊويزن‘ بہ رهيو. سال 2001ع کان 2007ع تائين ڪراچيءَ ۾ ’ڊپٽي ڊائريڪٽر ائڊمنسٽريشن‘ بہ رهيو، جتان ستين جون 2007ع تي ريٽائر ڪيائين.
پنھور صاحب پنھنجي دور ۾ مشھور ڊبيٽر هيو. سندس تقرير ڪرڻ جو انداز يگانو هو. جنھن ڄڻ تہ کيس مضمون نويسي ۽ شاعريءَ واري پاسي بہ قوت ڏياري ڇڏي. ’عبرت‘ اخبار پاران 1967ع ۾ ڪيل ’ڪل ٻارڙا ڪنوينشن‘ ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ هُن ’پير مظھر‘ جي ادارت ۾ نڪرندڙ مشھور صفحي ’ٻارن جي ٻاري‘ ۾ لکڻ شروع ڪيو.
سندس تحرير جيتوڻيڪ ڇڙوڇڙ آهي ۽ ڪنھن بہ هڪ جاءِ تي گڏيل صورت ۾ موجود ناهي، پر سندس اجازت سان فيسبُڪ تان کنيل سندس قسطوار تحرير سادگيءَ جو ڪمال موھہ ساڻ رکي ٿي. ڪنھن چيو، ”’امرتا‘ کي ڇا ٿيو آهي! هِتان هُتان پُورائو ڪري، پَنن جو پيٽُ ڀري، الاءِ ڪھڙيون ڪھڙيون شيون ڇپجي سامھون اچن ٿيون.“ ڪَج بحثي چڱي نہ هوندي آهي، لحاظ ساڻ هجي تہ ڪنڌ جُهڪيل ئي سُونھي ٿو، پر صلاح الدين صاحب جي هن تحرير کي ڏسي، ڇاپڻ مھل دل چيو تہ، انھن سڀني کي عرض ڪجي تہ هي بہ نثر جو هڪڙو انداز آهي، جيڪو پنھنجي سادي اسلوب، نرم خُو ٻولي، بي ساختگي ۽ بيانيہ انداز ۾ ڪمال حيرتون ساڻ کڻي اچي ٿو.
ڳالھہ کي ڊگهو ناهي ڪرڻو... سائين ڪو ’سنڌباد جھازي‘ تہ ڪونھي، پر بھرحال صلاح الدين پنھور ضرور آهي، جيڪو جيئن ڳالھائي ٿو، تيئن ئي سندس تحرير بہ ڳالھائي ٿي.
هڪ مختصر سفر جو قصو، جيڪو پوين پنجن ڏهاڪن جي ياد کي ڀاڪر ۾ ڀري آيو آهي.
____________________________________________________
1971ع جي آخر ۾ رزلٽ آئي. ماسٽرس آف سوشل ورڪ جي... مس زيب النساء شيخ پھرين پوزيشن، مسٽر علي نواز ڪلھوڙو ٻين پوزيشن، صلاح الدين پنھور ٽين پوزيشن حاصل ڪئي.
ھاڻي ٿياسين پڙھائيءَ کان واندا، سو سواءِ سمھڻ ۽ گهمڻ جي ڪم رھيو ڪونہ، وحدت ڪالوني حيدرآباد ۾ چاچي نُور محمد پنھور، جيڪو اتي ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ۾ سپرينٽنڊنٽ ھو ۽ اَي ٽائيپ ڪوارٽر مليل ھيس ۾ رھندا ھياسين. وحدت ڪالونيءَ ۾ دادوءَ جا ڪافي دوست ۽ ٻيا سڃاڻون ھيا. اتي ڪيترائي ڊراما ڪياسين. جن ۾ ھيروئين جو ڪردار ھڪ ڪرسچن ڇوڪري ڪندي ھئي، مان بہ اھم ڪردار ادا ڪندو ھوس. ناچ ۾ منھجي ساٿي اھا ڪرسچن ڇوڪري ھئي، جنھن جي ماءُ سينٽ ميريز ھاءِ اسڪول تلڪ چاڙهيءَ تي ڪم ڪندي ھئي.
هڪڙو دائودپوٽو خاندان رھندو ھيو، جيڪو اليڪٽرڪ واپڊا ۾ اڪائونٽنٽ ھو. سندس پٽ جو نالو وسري ويو آھي، سٺو ڪوريوگرافر ۽ ناچ ڪندڙ ھيو. غلام علي سومرو بہ اتي ڪجهہ وقت آيو ۽ ڊرامي ۾ جن يا ديوَ جو ڪردار ادا ڪندو هو. مڙئي وقت گذريو.
ڊسمبر ۾ پاڪ انڊيا جي جنگ لڳي. اخبار ۾ اشتھار نوڪريءَ جو بہ آيو اپلاءِ ڪيوسين... زيب النساء شيخ، صلاح الدين پنھور، شمس شيخ (زيب النساء شيخ جي ننڍي ڀيڻ، علي نواز ڪلھوڙو... انٽرويو بورڊ جو چيئرمين مشھور بيوروڪريٽ عثمان علي جِي عيساڻي ھيو. سيد ولي محمد شاھہ، اپلاءِ شايد نہ ڪيو، ڪلھوڙي کان سواء سڀني ڪواليفاءِ ڪيو. سوشل ويلفيئر آفيسر لاءِ دادوءَ مان فاوق سولنگي، پرائيوٽ سوشيالاجيءَ ۾ ماسٽرس ڪري، اچي انٽرويو ۾ شريڪ ٿيو ۽ ڪواليفاءِ ڪري ويو.
سو چڙھياسين نوڪرين تي... منھنجي چاچي کي تہ خبر ھئي نوڪريءَ جي، باقي دادوءَ ۾ بابا وارن کي ٽرين تي لاڙڪاڻي ويندي خبرڪيم. منھنجي پوسٽنگ لاڙڪاڻي ڪميونٽي ڊولپمينٽ اربن آفيس ۾ ٿي. اھا تاريخ ھئي ڏھين مارچ 1972ع.
ڪوٽڙيءَ کان رات ٻارھين وڳي ھڪ لوڪل ڇَڪڙو ٽرين ھلندي ھئي، حيدرآباد مان ڪوٽڙيءَ ڪنھن رڪشا يا ڇھن ماڻھن واريءَ رڪشا ۾ چڙھبو ھو جيڪا ڪوٽڙيءَ جي ٽانگا اسٽينڊ تي ڇڏيندي ھئي. ان وقت ڪي ٻہ چار بيڪار بسون ھلنديون ھيون حيدرآباد کان دادوءَ تائين، جي ھر ٻئي ميل تي بيھي مسافر کڻنديون ھيون. دادو سئو ميلن جو فاصلو ڪي اَٺ ڪلاڪ، اڃان بہ مٿي وٺندي ھئي. ان ڪري ڪوٽڙيءَ کان ٽرين تي چڙھي، دادو... لاڙڪاڻو... سکر... شڪارپور... جيڪب آباد وڃبو ھو. ٽريڪ تي مٽيءَ جو طوفان اڏائيندَي، جبل، ويرانا، ڪجهہ ساوڪ وارا علائقا ايندا ھيا، جتي جوئر جو فصل يا ڪي لَيُون، سَرَ، جهنگلي ٻوٽا نظر ايندا ھيا. ڳوٺ پري پري ھوندا ھئا. ٽرين سن تي اچي پاڻي ڀريندي ھئي يا مانجهند تي.
استادن جي پڙھايل جاگرافي واريون اسٽيشنون، دادوءَ حد ۾ ھيون، ٻولھڙي، ڪوٽڙي، ڄامشورو، پيٽارو... جتي ھڪ ڪيڊٽ ڪاليج مشھور ھيو، جتان شاگرد اچي ڪاليج جي بس تي چڙھڻدا ھيا. اتي ٽرين تمام احتياط سان بيھندي ۽ ھلندي ھئي، جو ڪاليج جا ڇوڪرا وڏن ماڻھن جا ٻار ۽ ملٽري ٽريننگ وارا ھيا. ھڪ استاد فوجي ڪپڙن ۾ پليٽ فارم تي ڇوڪرن جي چڙھڻ ۽ لھڻ کي نظر ۾ رکندو ھيو. اسٽيشن ماسٽر، ٽڪيٽ چيڪر ۽ ٻيو عملو پوليس ريلوي واري الرٽ ھوندي ھئي، باقي جَي ڇوڪرن جو ڪاليج کليل ھوندو ھو تہ چند مسافر لھندا چڙھندا ھيا.
پيٽاري کان گاڏي انڙپور، ٻڍاپور، مانجهند، کُماڻ، سن، آمري، لڪي شاھہ صدر، جتي شاھہ صدر جي مزار آھي ۽ اولھ طرف مٿي جبل تي اولھ اتر گرم گندرف وارو پاڻي ھوندو ھيو، جتي چمڙيءَ جي خارش وارا مريض اچي، سنان ڪندا ھيا ۽ دٻن ۾ پاڻي ڀري گهر کڻي ويندا ھيا. چشمن ۾ مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ پورشن ھيو، ھتي قديم دؤر جا ٻُڌ، جَين مَت جا ننڍڙا مندر بہ موجود ھيا. ھن جاءِ تي پھچڻ لاءِ اوٺار اٺ ڪاھيو بيٺا ھوندا ھيا. غريب غربو پنڌ، ميل ڪي ڇھ ست ڪوھہ چڙھندو ھيو. لڪيءَ کان اڳ آمريءَ جا ڪجهہ دڙا ٽرين مان نظر ايندا ھيا. مشھور پينٽر اسڪلپچر ٺاھيندڙ ’سائين ظفر ڪاظمي‘ اتان جا رھاڪو ھيا.
سن، سنڌ جي سياست جو معتبر مقام ھو. ٽرين سن تي اچي بيٺي، اوڀر طرف سن شھر جيڪي ڪجهہ ميل اندر، قريبن سنڌو درياھہ جي ڪناري تي آھي. سن جي محترم سيد جي حويلي ۽ مھمانن لاءِ اوطاق، درياھہ ڪنڌيءَ تي آھي. ساوڻيءَ ۾ اوطاق جي ڀتين سان پاڻي اچي لڳندو آھي ۽ چنڊ ان ۾ غوطا ڏيندو سنڌوءَ جو ساکي رهندو آھي. سيد سائين مھمان نواز ۽ مانُ ڏيندڙ ھستي، لکون ڇا... اسان پاڻ ان جا ساکي آھيون. شاگرد وڏا ننڍا ھتي مانُ وٺي ويندا آھن. سياست جي سِکيا جو مرڪز آھي. سن اسٽيشن جي اولھ اتر ۾ دنيا جو وڏو ڪوٽ... رني ڪوٽ واقع آھي. جتي سياح اچي قديم ماڻھن جي اڏاوت کي ڏسي تعجب کائيندا آهن... رني ڪوٽ سن کان ڪي ٻارنھن ڪوھہ کن يا مٿي، جبل جي مٿان ھڪ عجوبو آھي. جنھن کي ڪي ٽي کن دروازا اچ وڃ لاءِ آھن. سن گيٽ، شير پير دروازو... ٽئين جو نالو ياد ناھي.
سن گيٽ کان گهڙبو تہ ميري ڪوٽ ۾ داخل ٿبو. رني ڪوٽ جي ايراضي ڪا چويھ چورس ميل آھي. ھتي فوجين، اناج ۽ اميرن جون ڪوٺيون موجود آھن. داخلي دروازو پٿر جي خوبصورت چٽساليءَ سان ٺھيل آھي. ميري ڪوٽ ۾ دودو ڊسٽرڪ ڪائونسل جو ھڪ ڪوٺيءَ وارو ريسٽ هائوس آھي. ان وقت اتي ڪو مينگل چوڪيدار ھيو. لوھہ جون کٽون. ھنڌ بسترا ۽ مانيءَ جو انتظام ڪندو ھيو. سِيڌو ۽ مٺو پاڻي گڏ کڻبو ھيو. کير ريڍو يا ٻاڪرو ھوندو ھيو. دٻن وارو کير ان وقت ڪونہ ھيو، باقي سُڪل کير کڻي وڃبو ھيو. ڪاٺين تي چانھ مانيءَ جو چَسُ ڏاڍو سوادي ھوندو ھيو. رني ڪوٽ مٿان اڏامندڙ جھاز کٽ جيترا نظر ايندا ھيا. ڪجهہ ٻاجهريءَ جو فصل، ڪجهہ ڪڻڪ، ڪجهہ سبزيون نظر اينديون ھيون.
رات جو چنڊ چلولايون ڪندو ھيو. اتي رات گذارڻ جو رومانس ڪڏھن ڪونہ وسرندو. ويڪريءَ ڀت تي گِلم وڇائي، راڳ سُريلو يا بي سُرو ڳائڻ جو پنھجو مزو ھوندو ھيو.
نوڪريءَ جي سفر ۾ ھي ساروڻيون لکڻ سان جواني ديواني مستانيءَ جي ور چڙھي ويو آھيان.
ڳالھ پئي ھلي رني ڪوٽ جي... اڄ ڪلھ تہ اتي ريسٽ هائوس، رستا ۽ روڊ ٺھي ويو آھي. ڪافي پروگرام ٿيا آھن، پر اڃان سياحن کي اٽريڪٽ ڪرڻ ضروري آھي جيئن سياحت وڌي. سن ۾ ھڪ ميوزم ٺاھجي روڊ تي، جنھن رستي کان رني ڪوٽ وڃجي ٿو. اتي ثقافتي ۽ کائڻ پيئڻ جون شيون ھجن ۽ ھڪ ننڍڙو ريسٽورنٽ، جتي مسافر بسون ويگنون بيھن ۽ اتي اشتھارن جا بل بورڊ رني ڪوٽ جي اھميت وارا لکيل ھجن.
مان جڏھن سيڪريٽري، سيوھڻ ميلا ڪاميٽي ھوس تہ راڳ جي آڊيٽوريم جي بيڪ تي رني ڪوٽ کي پينٽرن کان ٺھرائي، سالن جا سال ان تي ميڙو مچائبو ھو، ان جا فوٽا بہ ضرور رکندس....
ٽرين، سن اسٽيشن ڇڏي، لڪي شاھ صدر ڏانھن هلندي هئي، جنھن جو احوال اڳ ڏئي چڪو آھيان. پوءِ ٽرين ھلندي ڀڳي ٽوڙي جبل جي پاسي کان ھڪ طرف جبل ۽ اوڀر طرف سنڌو پيو نظر ايندو هو ۽ اوچتو گاڏي ٻن جبلن وچ ۾ ھلندي اچي، ھڪ ھالٽ اسٽيشن ’ڀڳو ٽوڙو‘ ڀر سان بيھندي. ھن اسٽيشن جا آثار اڄ بہ موجود آھن، باقي گاڏي ڪانہ بيھي. جبلن جي وچان گاڏي ھلندي اچي منھن ڪڍندي ڳوٺ ’ڳاڙھي واري‘ جي ڀرسان. ھتي جي جابلو ڳاڙهي واريءَ ڪري اھو نالو پيو آھي ۽ اچي ’ڇنڊڻ پُل‘ تان لنگهندي، جتان اولھ طرف ’لال باغ‘ ۽ ’جهانگارا باجارا‘ روڊ ويندو.
باجارا ھڪ مشھور ڳوٺ آھي، جتي سيد عبدالله شاھہ اڳوڻي وزيراعليٰ جي دوستن جا گهر آھن. اتي سائين عبدالله شاھہ ضرور ويندو ھيو. ايڏانھن وري ’بڊو جبل‘ آھي جيڪو ڪي ٽي چار ھزار فوٽ سمنڊ جي ليول تي آهي. اڳي فور ويل تي وڃبو ھو، پر سائين عبدالله شاه روڊ، پوليس ھيڊڪوارٽر ۽ ٽي بي سينيٽوريم ٺھرايو. پاڻيءَ جي کوٽ کي ڪيئن اتي پورو ڪجي، جي سروري ڪرائي، پر مٺو پاڻي نظر ئي ڪونہ اچي.
ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر دادو مير محمد پرھياڙ ڪو گرائونڊ واٽر آف سنڌ پڙھيو ھجي، سو مون کي گهرائي چيائون تہ، ”ايم. ايڇ. پنھور تنھنجو پڦاٽ ٿئي، ان سان منھنجي ڪچھري ڪرائَي. مون کي ٽائيم وٺي ڏي تہ جڏھن مان ڪوٽڙي ڪيمپ تي ڇنڇر تي وڃان تہ ملاقات ڪجي.“
مون ايم. ايڇ. پنھور کي عرض ڪيو، پاڻ وقت ڏنائين ۽ چيائين، ”ڊپٽي ڪمشنر کي چئجو تہ فون تي ڳالھائي تہ ڪچھريءَ ۾ جا گهر آھي، ان جا ڪاغذ ھٿ ڪري رکان.“ مير محمد پرھياڙ کي اھو مشورو لڳي ٿو سائين عبدالله شاھہ ڏنو ھو، بھرحال اھو احوال پوءِ لکبو.
جهانگارا روڊ تي ڪجهہ غارون آھن، اڳوڻي زماني جون، جي ان وقت بہ خراب حالت ۾ ھيون. ڪجهہ صفائيءَ کان پوءِ ٽارچ جي روشنيءَ ۾ گهڙبو تہ غار ويڪري ھئي. پٿر جون ڊگهيون سليب، لڳي ٿو سُمھڻ لاءِ ڪم اينديون ھجن. جبل جي ڀت تي ڪجهہ پٿر، ڪليءَ وانگر نڪتل ھيا... لڳي ٿو اتي پخالون پاڻيءَ جون يا اشياء ٽنگبيون ھجن شايد.... ٻڪرار اتي ٻڪريون، اس ۽ مينھن ۾ بيھارندا ھوندا، جو غار ۾ ٻڪرين جون ڦولھڙيون ڀريون پيون ھونديون ھيون.
لکڻ سوَلي ڳالھ ڪانھي... ھن عمر ۾ اڌ پيج لکي ٿڪجي پوان ٿو.
سيوھڻ جي اولھ ڏکڻ ۾ آرمي پبلڪ اسڪول آھي. ھڪ خوبصورت عمارت ۽ سخت ڊسيپلين... لال باغ ۾ ننڍڙا ننڍڙا دُٻن جيان گول... ڪي چار انچ قطر جا ڪيترائي دُٻا ھتي موجود آھن. جن مان ٻُڪ سان پاڻي ڪڍجي ٿو تہ وري دُٻي ۾ پاڻي ڀرجي وڃي ٿو. چون تہ نعرا ھڻو پاڻي وري ڀرجي ويندو پر بنا نعرن جي بہ ڀرجي ويندو آھي. قدرت ننڍڙا چشما خلقيا آھن، سي ڀرجيو وڃن... اڳي ھتان جي باغ جا گل گلاب جا مزار لاءِ ويندا ھيا. چون ٿا تہ بيشمار گل ٻوٽا ھيا، ھاڻي باغ ۾ موالي ويٺا چرس آفيم ڇڪين ۽ مست مست جا نعرا ھڻن. سرڪار اوقاف کي کپي تہ اتي وري باغ کي اوج ڏين.
موٽون وري ڇنڊڻ طرف ۽ ھلون سيوھڻ سرڪار جي شھر ڏي. رستي تي اولھ طرف مٽيءَ جي دڙي تي ڪافي جهنڊا لڳل ڏسبا. اھا جاءِ ’قلندر جَي چلي‘ جي چون ٿا ۽ ھيٺ قبرن سان ڀريو پيو آھي شھر تائين... ٽرين اچي بيھندي سيوھڻ اسٽيشن تي... ھڪ چڱي موچاري پليٽ فارم تي... ھڪ ننڍڙو ريسٽ ھائوس ڪو ٻن ڪمرن جو ريلوي عملدارن لاءِ ٺھيل آھي... جتي اچي ڊاٻو ڪن ۽ ريلوي ٽريڪ جو معائنو ڪن. ھڪ ننڍڙي گاڏَي نما گاڏيءَ تي جنھن کي مزدور ڊوڙئيندا ريل جي ٽريڪ تي پيا ھلائيندا ۽ صاحب خاڪي ٽوپلو پائي، ھلندڙ گاڏي جي ريل جي پٽڙيءَ جي جهٽڪن سان خبر پوندن تہ ٽريڪ مضبوط آھي يا نہ... نٽ بُلٽ، پيل پٽيون، پٿر جو مقدار ٺيڪ طرح ريل جي پٽڙين کي مضبوطيءَ سان جهليو بيٺا آھن يا نہ. پاڻ ھاڻي سيوھڻ شھر ڪونہ ٿا ھلون. انجو ذڪر اڳتي ڪبو.
گاڏي ھلندي ’بُوبڪ ٽيشڻ‘ ڏانھن....
بوبڪ مشھور شھر ھيو، جتي عالم اديب پيدا ٿيا. ھتان جي ڀنگ جو فصل مشھور ھيو ۽ سو بہ سڄي ملڪ ۾ مشھور... فصل تي طوطا ساوا، ساون پنن کي پٽي چکيندا ۽ پوءِ نشي ۾ ڦھڪو ڪري ڪرندا، ھٿ سان پڪڙجي يا ھٿ لائجي تہ ٽيون ٽيون جو نٻل آواز ڪڍندا. ڳيرا بہ اھو مزو چکين. بوبڪ شھر ڪنھن زماني ۾ ميونسپل ھئي. سندس گهٽين ۾ رات جي روشنائيءَ لاءِ شمعدان ٻاريا ويندا ھيا. شام جو ميونسپل جو ڪارندو، ٽِينَ جي دٻي ۾ گاسليٽ، وَٽِ جا ڌاڳا کڻي اچي، شمعدان جا شيشا صاف ڪندو... گاسليٽ ان ۾ وجهي... وَٽِ کي درست ڪندو، جي خراب ھوندي تہ مٽائيندو ۽ شھر کي روشن ڪندو. چون ٿا ڪي سوين روپيه، ’بامبي گورنمنٽ‘، بوبڪ ميونسپل کان قرض بہ کنيو ھو، جيڪو چون ٿا تہ اڄ تائين واپس ناھي ڪيو. سچي خبر جي تاريخدان تصديق ڪندا.
بوبڪ شھر دڙي تي اڏيل آھي. بوبڪ ڇا ڀر پاسي جا سڀ ڳوٺ مٽيءَ جي دڙن تي آھن، جو منڇر جي پاڻيءَ جي اٿل ڪري ٻڏڻ کان بچاءَ لاءِ آھن. ھڪ ننڍڙو بازار... ھتي غاليچا بہ ڪڏھن ٺھندا ھيا، ان ڪري سرڪار سمال انڊسٽري طرفان بہ ھڪ سِکيا گهر ٺاھيو. ھتي جون ڪڻڪ جي تيلين واريون دٻڪيون بہ مشھور ھيون. منڇر ھتان ڪجهہ فرلانگن تي آھي. ھي ڍنڍ مٺي پاڻيءَ جي ايشا جي وڏي ڍنڍ ھئي. ھاڻي تي پاڻي بہ ڌپ ڪري ويو آھي. جي برسات پئي ۽ تيز پئي تہ اھو ڪنو پاڻي نيڪال ٿيندو آھي. ھن ڍنڍ جو اوج اسان شاگرديءَ واري زماني ۾ ڏٺو.
پرديسي پکين جو سياري ۾ اچڻ ۽ شڪارين جي مستي. وڏيرن جي تہ رک رکيل ھوندي، ان مان مجال آھي سندن مھمان کان سواءِ ڪو پکي ڌڪي... گاڏي، خصوصن ’بولان ميل‘ ڪافي وقت بيھي، اتان مڇي لوڊ ڪري ڪوئيٽا کڻي ويندي ھئي. ڀر پاسي جي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ هتان جي مڇي، جا لذيذ ھوندي ھئي. مھاڻا کڻي وڪرو ڪندا ھيا. منڇر اندر مھاڻن جا ھزارين ٻيڙا ۽ بتيلا پيا ھلندا ھيا. ھُوءَ Boat Civilization لاءِ مشھور ھئي. مھاڻن جي رھائش لاءِ خاص ٻيڙا ھيا، جي پوري گهر جيان ھيا. ڪجهہ ھاڻي بہ آھن. ھن ٻيڙي ۾ رڌپچاءَ جي چُلھ ٻيڙي ۾ تاڪن تي چمڪندڙ جست جا ٿانوَن ٽنگيل ھوندا ھيا. ھن جو ٻيو احوال پوءِ بہ ايندو.
ھاڻي ٽائيپ ڪري آڱر سُور پئي ڪري...
بوبڪ، تماڪ لاءِ بہ مشھور آھي. ھتي جون تماڪ واريون ٻيڙيون مشھور ھيون... بوبڪ جي ڀر پاسي ڪافي قريشين ۽ مھاڻن جا ڳوٺ آھن. ھي احوال ٽرين مان آھي، جڏھن روڊ جو سفر آيو تہ ڪافي احوال ڪبا. بوبڪن ۾ مڇيءَ جون ڪافي مَڏيون ھيون، جتي مھاڻا مڇي کڻي، ٺيڪيدار کان تور ڪرائي کيس وڪرو ڪندا ھيا. ٺيڪيدار مڇيءَ جي ھر تور تي تارازيءَ مان چار پنج مڇيون ٺيڪيدار جي پتيءَ طور ڪڍندا ھيا. ان کي ’کڻتو‘ چوَن.
اھا مڇي اڄ آھي ئي ڪونہ... منڇر، ڪني پاڻيءَ جي نيڪال سبب ويران آھي. منڇر کان وري ٻيڙيون ھلنديون ھيون. ماڻھو پَرينءَ ڪنڌيءَ تي پھچڻ لاءِ استعمال ڪندا ھيا.
لال جي ميڙي تي اھي ٻيڙيون مرد عورتون کڻي ايندا ھيا. مشھور گيت... ’ٻيڙيءَ وارا ادا ڙي مھاڻا، مان لال تي ٿِي وڃان... لال تي ٿِي وڃان، گهورُون گهورڻ وڃان...“ ڳائينديون ھيون.
پَرينءَ ڪنڌيءَ تي ڪيترا ڳوٺ ھيا. مشھور ’شاھہ حسڻ‘ هيو...
اتي ھڪ سرڪاري ريسٽ هائوس آھي. ھاڻي شايد ويران ھجي، جنھن ۾ اسان بہ ھڪ رات گذاري ھئي. ھيءُ ڳوٺ ’عزيز رانجهاڻي‘ جي ڳوٺ ڀر سان آھي. ھن کي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ’گل محمد عمراڻيءَ‘ رينوويٽ ڪرايو ھيو. انگريزن ھيءُ ريسٽ ھائوس، اريگيشن جي عملدارن لاءِ ٺھرايو ھيو. ٻاھران پڪ سرو اندر ڪچين سرن ۽ گِچ مٽيءَ جو پلستر... تمام ويڪري ڀت... اندر ٿڌڪار ھوندو ھيو.
ريسٽ هائوس ۾ شايد ٽي ڪمرا ۽ ڪچن موجود ھيو. ان جي ديک ڀال اريگيشن جي ذميواري ھئي. ھتي جبلن تي، ننڍيون ٻيريون، ننڍي قد واريون پر ويڪر ۾ تمام گهاٽيون ھيون. انھن ۾ ننڍڙا ڳاڙھا ٻير ٿيندا ھيا جن کي ’ڇاڱري ٻير‘ سڏبو هو. اتي ٻڪرين جا ڌڻ، پنھجا اڳيان پير ٿڙ تي رکي، ٻير چرنديون ھيون. ٻڪرين جا اڳين پيرن جي مٿي ڪرڻ ڪري سندن ٿَڻَ پيا لڙڪندا ھيا، جي کير سان ڀريل ھوندا ھيا. ٻڪرين جو کير ننڍن ٻارن لاءِ مفيد ليکيو ويندو ھو... ھن کير جي چانھ جو مزو واھہ جو ھيو. ٻير مٺا جو چرنديون ھيون سو بنا کنڊ جي بہ مٺو لڳندو ھيو... ڪي ماڻھو يا ٻار ٻڪرين جي ٿڻن مان گُوھا ڪڍي، کير ڪوسو پيئندا ھيا.
شاھہ حسڻ کان جوھيءَ طرف وڃڻ جو رستو... عزيز رانجهاڻيءَ جي ڳوٺ مان سندس والد صاحب جون ۽ ڪي ھڪ ٻہ، ٻئي جون بسون ھلنديون ھيون. چون ٿا ۽ سچ بہ آھي تہ انھن بسن ڪري ڪافي ڳوٺاڻا ڇوڪرا پڙھي آفيسر ٿيا ھيا. ان جو احوال عزيز رانجهاڻي ڪري چڪو آھي. طبعيت ۾ سستيءَ ڪري احوال دير سان لکيم. طبعيت لاءِ ڪو چانھ چُڪو پيان... وري لکان ٿو...
’بوبڪ‘ کان ٽرين ’ڀان سعيدآباد‘ ڏانھن رواني ٿي.
سڄي واٽ فصلَ، ساوڪ ۽ ٻنيون ٻارا، ڳوٺ، واھڻ وستيون. جوئر جا فصلَ ووئڻ سان زمينون. پکي پکڻ لاتيون پيا لَنوَن... گاڏيءَ ڀانَ تي بريڪ ھنئين.. ڀان ھن پاسي جو واپاري مرڪز آھي. پري پري جا ڳوٺاڻا پنھنجي ضرورت جو سودو سلف ھتان وٺن. ڀانن ۾ تمام سٺا چاڪليٺ ٺھندا ھيا، جيڪي ٿالھ ۾ رکيل ھوندا ھيا ۽ ڇُريءَ سان ڪَٽي ڏيندا ھيا. گهاٽي کير ۽ چاڪليٽ جي ملاوٽ... سچ تہ اڄ جا چاڪليٽ سندس مقابلو ڪونہ ڪندا.
ھتي مائَي جون ٽڪيون، چاٻُو حلوو مشھور آھي، اڄ بہ مسافر اتان لنگهندي. وچ چونڪ جي دڪان تان وٺن. پڪوڙا وري قسمن قسمن جا ٺھن. مرچن جا، بِھن جا، سادا ڀور، پٽاٽن، واڱڻن وغيره جا... ان مٿان ھڪ خاص مصالحو ڇڙڪيندا ھيا. چس ڀريا، جو چَپَ پيا چٽبا...
ھتي ميمڻ، پنھور، ڪلھوڙا، ڀنڀا ۽ ڪافي ذاتيون آھن، پر سياست ۾ سيدن جي ھميشه سرسي رھي آھي. سيد عبدالله شاھہ ھاڻي مراد شاھہ جا ووٽر آھن ۽ سندن اميدوار جي گهڻي ڀاڱي سرسي رھَي. ڀان ۾ ٽاؤن ڪميٽي، واٽر سپلاءِ، اسپتال، جانورن جي اسپتال، پراڻي زماني جون سوڙھيون گهٽيون، پڪ سريون عمارتون، ڪپھ جا ڪارخانا، پيٽرول پمپ... ڪراچي يونيورسٽيءَ جو ناميارو سنڌي ڊپارٽمنٽ جو اڳوڻو سربراھہ ھن وقت شاه لطيف چيئر جو چيئرمين ۽ سگا جو سرواڻ سليم ميمڻ، اتان جو آھي اصلي. ڪراچيءَ جي ھڪ عمارت، جا بندر روڊ تي جنھن کي ھاڻي ’ايم اَي جناح روڊ‘ چون، صدر وڃڻ واري رستي تي، ڪار جون بيٽريون، فلٽرن جي آفيس آھي سا بہ ڀان جي ميمڻ جي ھئي. ھاڻي خبر ناھي... سو بہ ميمڻ، سليم ميمڻ صاحب جو ڪو مائٽ ھيو... ھتان جوھيءَ جو رستو سامتياڻي پنھورن جي ڳوٺن کان ٿيندو ويندو آھي.
ھتي ھاءِ اسڪول، ڇوڪرن ڇوڪرين لاءِ ڪاليج ھاڻي موجود آھن. ڪيترائي پرائيمري اسڪول ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جا آھن. ھڪ انگريزي اسڪول پير مظھرالحق جي ڀاءُ، جيڪو اسڪواڊرن ليڊر ھو ھوائي فوج ۾، شايد پير منورالحق... نالي ڀل جي معافي... رستي تي انگريزي اسڪول بہ کوليو آھي ۽ ھاڻي تہ پرائيويٽ اسڪولن جي ڀرمار آھي. ڀان جي ھاءِ اسڪول مان ڪيترائي شاگرد تعليم حاصل ڪري وڏين پوسٽن تي موجود آھن. سيوھڻ کان پوءِ ھيءُ شھر وڏو شھر آھي... ھتي بھ جا ديرا، ڪچيءَ لِنبَ سان ريلوي ٽريڪ جي آس پاس جبلن جيترا ڏسڻ ۾ آيا. فصل بہ ڀلا ٿين. ترقي ماشاءَالله ٿيڻ گهرجي ھا پر خير لڳو پيو آھي.
ڀانن کان مشھور ڳوٺ ’ٽلٽيءَ‘ طرف رستو وڃي... ھن ’ٽھل ھٽي‘ ۾ واڻين جا سٺا گهر ھيا. اڄ ويران... ’شمس العلماء علامہ عمر بن محمد دائودپوٽو‘ ھتان جو رھواسي ھو... ڪتاب چون ٿا، کٽون واڻي، محنت ڪري پاڻ سنڌ جي تعليم جو وڏو آفيسر ٿي ويا. ڪيترن ڪتابن، شاھہ جي رسالي جا شارح ھيا ۽ ترتيب ڏنائون. بيباڪ... جو ھن لياقت علي خان جي سنڌين لاءِ غلط ٻولي ڳالھائڻ جو جواب ڏيڻ کان ڪين ڪِيٻايو. سندن مرقد ڀٽ شاھہ جي قبرستان، لطيف جي روضي ٻاھران ڏکڻ طرفن مدفن آھن. سندس پٽ محمد عظيم دائودپوٽو ھوائي فوج جو سربراھہ ۽ سنڌ جو گورنر بہ رھيو. احوال ھتي پورو ڪونہ ٿيو، جو ڪِي بورڊ ھاڻي جواب ڏنو آھي تہ ڀائو! اسان تي آڳرين جي ايڏي ٺوڪ نہ ڪر. اڃان سنڀالي رک. اليڪشن ۾ ڪم ايندئي. ٽھل ھٽي يعني ٽلٽيءَ جو احوال اڃان ڪبو. راجپوت جو ذڪر بہ ڪبو...
ڀانن ٻرسان حسن علي جو آفندي ڳوٺ آھي. ٽلٽيءَ جو ذڪر اچي ۽ عبدالسلام راجپوتَ جو ذڪر نہ اچي، ممڪن ڪونھي. ھُو پڙھيل لکيل ايل ايل بي وڪيل آھي. لاڳاپو ھاڻي پيپلز پارٽي سان اٿس يا نواز سان پاڻ ڄاڻي... ٽلٽيءَ ۾ راجپوت، رانگڙ ۽ سھل ذاتيون بہ رھن. ھتي اسان جي ڪليگ بھادر علي سھل جا مائٽ بہ رھندا ھيا. بھادر علي سھل، ھڪ نماڻو ۽ مزاح سان ڀرپور شخصيت ھو. رھاڪو نوابشاھہ جو ھو. ٽيچريءَ مان امتحان ڏئي سوشل ويلفيئر آفيسر ٿيو. سادو... ٻارن جي پالنا، گهر ۽ مائٽن جون چٽيون ڀريندو ھيو. کِل ڀوڳ سندس رڳ رڳ ۾ سمايل ھئي. ان جو ذڪر ڪبو، جڏھن نوابشاھہ جي شھر دوڙ ۾ پوسٽنگ جي ڳالھ ٻولھ ڪبي.
ھاڻي ھلون اڳتي ٿا گاڏي ھلي ’خدا آباد‘ طرف...
خدا آباد سنڌ جي گاديءَ جو مرڪز رھيو آھي. ھتي ڪلھوڙن جا مدفن آھن. ھڪ دفعي اتي وزٽ تي وڃڻو پيو تہ مرڪز طرفان مرمت پئي ھلي. مقبري جي دروازي کي جيڪو ڪاٺ سان لمبيل ھو، تنھن ھٿوڙن سان ٽوڙيو پئي پر ڪونہ ٿَي ٽُٽو. مون کين چيو، ”ھي نٿو ٽُٽي تہ ڇو ٿا ٽوڙيو؟ ڇا اصلي صورت ۾ بحال نٿا ڪريو!“ جواب ڏنائون تہ، ”تنھجو ڇا وڃي؟“ مون چيو، ”ادا مستري.....“ جيڪو ٻي ٻوليءَ وارو... چيائين، ”تُسان اپڻا ڪم ڪرو.“
مون ڊوڙي ٿاڻي تي وڃي رپورٽ ڪيو تہ آرڪيالاجيءَ جي قانون مطابق اصل شڪل برقرار رکڻ لازمي آھي. سيل فون هيا ڪونہ، سو ٿاڻي مان ڊپٽي ڪمشنر دادو مير محمد پرھيار کي فون ڪيم تہ ھي مامرو آھي. ان ٿاڻي جي انچارج کي ڪم روڪرائڻ جو چيو. پوليس وڃي ڪم روڪرايو. ڊي سيءَ، ايس ڊيم دادو الھبچايو چانديو کي موڪليو تہ اصلي صورتحال جي رپورٽ ڪري. اڌ ڪلاڪ ۾ ھُو پھتو ۽ مسترين کان پڇو تہ، ”اصلي صورت کي خراب ڇو ٿا ڪريو؟، جڏھن ان کي اصلي صورت ۾ نٿا آڻي سگهو.“ پوليس کيس آرڊر ڪيو. ڪم روڪيو ويو ۽ مرڪزي آرڪيالاجيءَ جي ڊپارٽمنٽ کي رپورٽ ٺاھي موڪلي.
خدا آباد ڀر سان شاھہ صاحبن جو ڳوٺ آھي، جتي سيد رسول بخش شاه مشھور تعليم جو ماھر رھندو آھي، جيڪو پوءِ ترقي ڪري ڊائريڪٽر تعليم بڻيو حيدرآباد ريجن جو ۽ ھاڻي رٽائرمنٽ کان پوءِ تعليم کاتي جي ڪنھن پروجيڪٽ ۾ وڏو آفيسر آھي. خدا آباد شھر سياسي لحاظ کان پيپلز پارٽيءَ جو آھي. سگا جو مشھور دوست سائين خان محمد پنھور بہ هتان جو هو، جنھن جو ڪم سنڌ ۾ ساراھيو وڃي ٿو.
ھڪ ھاءِ اسڪول شاگرد جو آھي. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا پرائمري اسڪول آھن. محمد يعقوب پنھور مشھور سياسي ڪامريڊ آھي. ھُو منھنجو ڀيڻيوو آھي. جامع مسجد دادو روڊ تي شاندار ٺھيل آھي، جا ھاڻي تمام ڀلي نموني سنڌ ثقافت ۽ آرڪيالاجي کاتي محنت ڪري تيار ڪئي آھي. اڳيان ڇٻر ۽ باغڙو پوکيو اٿن. ھتي راشدي خاندان جون زمينون ٿورو خدا آباد جي اولھ ڏکڻ ۾ آھن، جتي علي محمد راشدي، بيگم ممتاز راشدي سندن گهرواري وزٽ ڪندا رھندا ھيا.
ڳوٺ جو نالو جيئن ياد پيو ايڊ ڪبو... گاڏي ھلي دادوءَ ڏانھن...
ڇھ ڇھ پئسا ٻہ ٻہ پايون، جيڪي اڻلڀ آھن جيئن ھاڻي ريل گاڏيون... دادو... دادو آ... جيڏانھن پير تيڏانھن خير .
(پڳھہ ڇوڙي پنڌ پيا) سُئيڊن جا ماڻھو: الطاف شيخ
عام طرح سُئيڊ، طبيعت جو شرميلو، سنجيدو ۽ پنھنجو منھن وٺي هلڻ وارو ٿئي ٿو. هو پورهيت ۽ پنھنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو ٿئي ٿو. کل ڀوڳ جھڙي شئي کان اڻ واقف لڳندو، عادت جو غلام آهي، يعني هر ڳالھہ جي عادت ڪري ڇڏي اٿس، آفيس جو وقت اٺ هوندو پر روزانو ساڍي پنجين ئي اٿي ويندو، جيئن اخبار پڙهڻ لاءِ کيس وقت ملي سگهي. ان مان اهو بہ ظاهر ٿئي ٿو تہ سئيڊ اخبار پڙهڻ جا سست آهن.
پنھنجي پاڻ کان علاوه هنن جون ٻيون پسنديدہ شيون پئسو ڏوڪڙ، نوڪري، گهر، هاڪي کيڏڻ جي اسٽڪ ۽ پنھنجو ڪٽنب آهي (انھيءَ ئي ترتيب سان). هن کي جانورن سان پڻ پيار آهي، خاص ڪري ڪتن سان... هُو ڪلاڪن جا منھن شھر ۾ سائيڪل هلائيندو ۽ پٺيان رسي ذريعي هڪ بگهڙ جھڙي پاليل السيشن ڪتي کي بہ ڇڪيندو.
سئيڊن جو ماڻھو گهڻو ڪري ايماندار، وقت جو پابند، ڀروسي جوڳو ۽ صاف سٿرو ٿئي ٿو. کيس پنھنجا ئي قدرتي ڏند ٿين ۽ قانون جو دل سان ادب ڪري ٿو. غير قانوني ڪم کان ڪوشش ڪري پاسو ڪري ٿو، جنھن جو مثال توهان کي اڪثر رستن تي نظر ايندو. پري پري تائين کڻي ڪجهہ بہ نہ هجي، پر سئيڊ سخت ٿڌ ۽ بارش ۾ پُسندو رهندو پر رستو نہ ٽپندو، جيسين ڳاڙهي بتي وسامي سائي نہ ٿئي. اهڙي طرح هُو ڪار ۾ هميشہ سيٽ بيلٽ ٻڌي ويھي ٿو. شراب پي ڪڏهن بہ ڊرائيونگ نٿو ڪري. ٽي ويءَ سان گڏ باقاعدي ٽي ويءَ جو لائسنس پڻ ٺھرائي ٿو، انڪم ٽئڪس وقت تي ادا ڪري ٿو. سئيڊ ماڻھو ڪتي سان گڏ هر وقت پلاسٽڪ جي ٿيلھي بہ کڻي ٿو، ڪھڙي خبر ڪنھن مھل سندس ڪتي کي فارغ ٿيڻ جي ضرورت پوي ۽ هن کي رستي تان ان جو گند کڻي رستو صاف ڪرڻو پوي. رات جو ڏهين کان پوءِ ڪڏهن بہ نٿو وهنجي. (هتي جي قانون موجب فلئٽ ۾ رهڻ واري کي پاڙيسريءَ جو خيال رکڻ ڪارڻ ڏهين کان پوءِ نہ زور سان ڳالھائڻو آهي، نہ ٽي وي/ ريڊيو جو آواز مٿاهون ڪرڻو آهي ۽ نہ وهنجڻو آهي. ڇو جو وهنجڻ سان پاڻيءَ جي شپڪي جو آواز ۽ پائيپ جو گڙ گڙ پاسي واري، هيٺين يا مٿين فلئٽ ۾ رهندڙ کي ڊسٽرب ڪري سگهي ٿو.)
سئيڊ ماڻھو هر ڪم ڪندي خبردار رهي ٿو. هر ڳالھہ سوچي سمجهي ڪري ٿو. ائين بنا سوچ، اڇل ۽ هوڙيائيءَ سان ڪو بہ ڪم نٿو ڪري، سواءِ ڇِڪَ ڏيڻ جي. هن لاءِ هر ڳالھہ جو فيصلو زندگي ۽ موت برابر رهي ٿو.
مثال طور مکڻ يا پنير وٺڻ جھڙوڪو معمولي ڪم هوندو تہ بہ سئيڊ تڪڙ نہ ڪندو، هُو ڏهن دڪانن تان ڏھہ ڏھہ جنسون ڏسي پوءِ مس مس اڌ پاءُ وٺندو. سندس نس نس ۾ ڀريل شايد هيءَ اها ئي خبرداري جي عادت آهي، جنھن جي ڪري هُو شاديءَ جھڙي ڪم ۾ بہ تڪڙ نٿو ڪري. يڪدم شادي ڪرڻ بدران پسند جي عورت سان پھرين ڳالھائي ٻولھائي ٿو، پوءِ ساڻس گڏ رهي ٿو ۽ پوءِ هڪ ٻہ ٻار ٿيڻ بعد، جي ڳالھہ وڻيس ٿي تہ پوءِ عورت کان شاديءَ جو پڇي ٿو تہ نڪاح نامي تي صحيح ڪجي يا نہ... يعني رسمي طرح شادي ڪجي يا هر ڪو آزاد ٿي وڃي.
شاديءَ جي ڳالھہ نڪتي آهي تہ اهو بہ ٻڌائيندو هلان تہ سئيڊ مرد باقي يورپي مردن کان نرالو آهي. هُو هر اهو ڪم بھتر نموني سان سرانجام ڏئي سگهي ٿو، جيڪو زال ذات ڪري سگهي ٿي. رڌ پچاءَ کان ڪاڄ ٽوپي تائين. سچ تہ اهو آهي تہ سئيڊ مرد کي زال جي هر ڪم ۾ ڀائيوار ٿيڻو پوي ٿو، سواءِ ٿڃ ڏيڻ جي.
هتي سئيڊن ۾ ٻار کي اسڪول ۾ هفتو زال ڇڏي ايندي تہ هفتو مرد. ٻار کي کارائڻ پيارڻ ۽ نئپيون بدلائڻ جھڙو ڪم عورت سان گڏ مرد بہ ڪري ٿو، ڇاڪاڻ جو هتي جي مرد توڙي عورت جي زندگي توڙي سماجي درجو برابر آهي.
دنيا ۾ جيڪي ڪجهہ وهي واپري رهيو آهي، ان جي ڄاڻ کان سئيڊ پاڻ کي واقف رکي ٿو ۽ هر وقت ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪنھن نہ ڪنھن قسم جي معلومات حاصل ڪرڻ ۾ لڳو رهي ٿو، جھڙوڪ: ائٽمي هٿيارن جا انگ اکر جمع ڪرڻ، ٽين دنيا جي مالي وسيلن بابت اپاءَ، دنيا جي سمنڊ ۽ هوا ۾ وڌندڙ گندگيءَ بابت، سائوٿ آفريڪا جي نسلي فرق بابت، سئوپيريءَ جي جنسي ضروريات بابت، وغيره.
ساڳئي وقت هُو غير اهم شين ڏي تمام گهٽ ڌيان ڏئي ٿو، ان ڪري هن کي ڪڏهن بہ ان جو گهڻو خيال نٿو رهي، تہ سندس پاڙيسري ڪير آهي؟ شراب پيئڻ مان نقصان آهن يا فائدا، وغيره.
گهڻا تڻا سئيڊ پنھنجي صحت کي صحيح رکڻ واري معاملي ۾ اصل ديوانگيءَ جي حد تائين چريا آهن ۽ ان چڪر ۾ هُو پنھنجا موڪل وارا ڏينھن رستن تي ڊوڙندي گذاريو ڇڏين يا هيٺ بھري (Basement) ۾ زمين سان قابو ٿيل سائيڪل هلائيندي برباد ڪريو ڇڏين. تندرست رهڻ جي فڪر ۾ هنن ڪيتريون ئي شيون ڇڏي ڏنيون آهن، جھڙوڪ: سگريٽ ڇڪڻ، ڪافي پيئڻ، صبح جو نائين کان پوءِ سمھڻ ۽ اڻ واقفڪار کي کيڪارڻ وغيره.
پر انھن سڀني گڻن مان سئيڊ ماڻھوءَ ۾ جيڪو وڏو گڻ آهي، اهو آهي برابريءَ جو احساس. هر سئيڊ پنھنجي هم وطن سئيڊ کي برابر جو انسان سمجهي ٿو. شايد انھيءَ ڪري ڪيترن جون ذاتيون ساڳيون آهن، جھڙوڪ: نلسن، جانسن، سوين سن، پرسن وغيره. انڪم ٽيڪس ڏيڻ بعد امير توڙي غريب وٽ هڪ جيترو وڃيو بچي. فرنيچر وٺڻ جي معاملي ۾ سڀني سئيڊ ماڻھن جي ساڳي چونڊ ۽ پسند آهي. سڀ هڪ نموني جا لٽا ڪپڙا پھرين ٿا، هڪجھڙو سوچين ٿا، وولوو ڪار هلائين ٿا ۽ ’موڪل جا ڏينھن‘ ۽ ’بچت‘ ختم ڪرڻ لاءِ اسپيني ٻيٽ ميورڪا (Majorca)ڏي رخ رکن ٿا.
سيئڊ ماڻھو مڃڻ کان هميشہ انڪار ڪندو تہ هن کي ٻين سان ڪو ساڙ يا ڪينو آهي. هن لاءِ سندس ملڪ ۾ آيل ڌاريان ماڻھو ائين آهن جيئن پنھنجا سئيڊ. هن جي جيتوڻيڪ ڪنھن بہ ترڪ، عرب، پاڪستاني، ايراني يا يوناني، سرب، ڪروٽ، پولش يا چيڪو ۽ سلاويڪين سان دوستي نہ آهي، پر هن کي يقين آهي تہ منجهس ۽ هنن ۾ ڪو گهڻو فرق ناهي، سواءِ ان جي تہ ڌارين ملڪن کان لڏي سندس ملڪ ۾ پناھہ وٺندڙن جا نالا نرالا آهن ۽ رسمون رواج اوپرا آهن، جنھن نموني سان هُو گهر جي ڪنڊن پاسن ۾ ڀاڄيون پوکين ٿا، اهو بيھودو طريقو آهي ۽ اها پڻ نا پسنديدہ ڳالھہ آهي تہ ڌاريان هر وقت ڇرا ۽ پستول کڻيو هلن ۽ سندن ملڪ (سئيڊن) جي بئنڪن کي ڦريندا وتن. هُنن کي اها ڳالھہ بہ پسند نہ آهي تہ سندن ملڪ ۾ ڌارين ملڪن جا رهندڙ، هِنن جي ملڪ جي سوشل سڪيورٽي کان ورتل خيراتي پئسي تي گذر ڪن ٿا، سَھن وانگر ويجهہ تي زور اٿن ۽ وڃن ٻن مان چار ۽ چئن مان سورنھن ٿيندا. مڪاني ماڻھن جي نوڪرين ۽ ڌنڌن تي ڌاڙا هڻن ٿا، پنھنجين زالن کي موچڙا هڻن ٿا ۽ وات چٻو ڪري سئيڊش زبان ائين ڳالھائين ٿا، ڄڻ وات ۾ اخروٽ ڦاسي پيو هجين.
آخر ۾ اهو بہ لکندو هلان تہ سُئيڊ مرد توڙي عورت کي سج سان پيار آهي، قطار ۾ بيھڻ کان نفرت آهي، ٻين کان پھرين بس ۾ چڙهڻ ۾ خوشي ٿئيس ٿي، سياري لاءِ سخت ڌڪار آهي، سيڪس سان دلچسپي آهي، يوگوسلاويا ۽ رومانيا پاسي کان آيل جپسي (Gypsy) عورتن کان چڙ اٿن، جيڪي ڊاڪٽر ٻڌائيس ٿو ان تي دل جو (توڙي ٻاهر جون) اکيون پوري اعتبار ڪري ٿو. هُو خدا کي نٿو مڃي، Skiing(برف تي کيڏندڙ) رانديگر Stenmark-Ingemar جي پوڄا ڪري ٿو، جنھن وقت بہ پيئي ٿو تہ نشو چڙهيس ٿو ۽ پنھنجي ملڪ لاءِ وفاداريءَ جو جذبو رکي ٿو (سئيڊن جي جهنڊي مان ڪڇو ٺاهي پائي ٿو). طلاق ڏنل زال وٽ رهندڙ سندس ٻارن سان قاعدي موجب هفتي ۾ ٻہ دفعا ملي ٿو، پر ماءُ پيءُ سان ملڻ لاءِ سال ۾ هڪ دفعو (ڪرسمس جي موڪلن ۾) ئي وقت ڪڍي ٿو. انگريزي سکڻ لاءِ شام جا ڪلاس اٽينڊ ڪري ٿو ۽ ظاهر آهي، هن قسم جي مضمونن کي پڙهڻ ۾ پنھنجي بي عزتي سمجهي ٿو.
(تجزيو) روسي هيئت پسندي: عنايت نھڙيو
روسي هيئت پسندي بہ اهڙو ئي نظريو هو، جيڪو ويھين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ سامھون آيو، هن نظريي مان ساختيات ۽ نئين تنقيد اثر ورتو، پر خود هي نظريو ٽئين ڏهاڪي ۾ سياسي ۽ سماجي حالتن جي ڪري ادبي دنيا جي منظر تان الوپ ٿي ويو. سنڌي ادب جي اها خوش قسمتي آهي جو سنڌي ادب ۾ ٻاهرئين ادب کي پڙهندڙ نقاد ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري ۽ اڪبر لغاري روسي هيئت پسنديءَ جو شروعاتي تعارف ڪرائي چڪا آهن.
تاريخي طور ڏٺو وڃي تہ جيڪي بہ روسي هيئت پسند هئا، انھن مان گهڻن جي پيدائش 1900ع کان اڳ جي آهي، مطلب انھن پھرين مھاڀاري لڙائيءَ (1918 - 1914) کي پنھنجي جوانيءَ ۾ نہ صرف اکين سان ڏٺو هوندو پر ان دور جي انھن حالتن جا بہ اکين ڏٺا شاهد هئا. انھن ليکڪن جي ٻن گروهن پاڻ ۾ ملي ادب جي نئين سر پرک ڪرڻ لاءِ تنظيمون ٺاهيون، پھرين تنظيم ’ماسڪو لئنگسٽڪ سرڪل‘ جي نالي سان 1914ع ۾ منظر عام تي آئي، جنھن جو بنياد تہ روسي ماهر لسانيات ’فلپ فورتُناتوف‘ وڌو پر انھي ئي سال سندس وفات ٿيڻ کان پوءِ انھي گروھہ جي سرواڻي ’رومن جيڪب سن‘ جي هٿ ۾ آئي. هن گروھہ ۾؛ گريگوري وينوڪور، پيٽر بوگاتيريوف ۽ ٻيا شامل هئا.
جڏهن تہ ٻيو گروھہ ’OPOYAZ‘ جي نالي سان ظاهر ٿيو، جيڪو روسي ٻوليءَ جو مخفف آهي. جنھن کي انگريزيءَ ۾The society for the study of the poetic language چيو ويندو آهي. هي گروھہ (پيٽروگراڊ) هاڻوڪي سينٽ پيٽرسبرگ ۾ 1916ع ۾ قائم ٿيو. هن تنظيم جو بنياد روسي نظريا ساز ۽ نقاد ’وڪٽر شڪلووسڪي‘ وڌو. وڪٽر سان گڏ سندس ٻانھن ٻيلي بورس آئخن بام، يوري تينيانوف، پروفيسر بورس توماشيووسڪي ۽ ٻيا هئا. انھن مان ڪجهہ اهڙا ليکڪ بہ هئا، جيڪي هڪ ئي وقت ٻنھي تنظيمن ۾ ڪم ڪندڙ هئا. انھن مان ئي ڪيترن ليکڪن اڳتي هلي روسي هيئت پسنديءَ جا نوان اسڪول بہ منظم ڪيا، جيئن ’ماسڪو لئنگسٽڪ سرڪل‘ جو روحِ راون رومن جيڪب سن، سويت يونين کي سال 1920ع ۾ الوداع چئي چيڪو سلوواڪيا هليو آيو ۽ چيڪ ٻوليءَ جي لساني ماهر ’وليم ميٿيوز‘ پاران ٺاهيل تنظيم ’پراگ لئنگسٽڪ سرڪل‘ کي منظم ڪيو.
هيئت پسندي جي پڇاڙڪن ڏينھن ۾ ميخائل ميخائيلووچ پاران ’باختن سرڪل‘ جو قيام عمل ۾ آيو، جنھن مارڪسيت ۽ هيئت پسندن کي هڪ صف ۾ بيھارڻ جي ڪوشش ڪئي.
روسي هيئت پسندن کي تنقيد نگاريءَ ۾ اهم ۽ بنيادي حيثيت رکندڙ تصور متعارف ڪرائيندڙ چيو ويندو آهي، هنن، متن جي روايتي پڙهڻي جيڪا تاريخي ۽ ثقافتي طريقي سان ڪئي ويندي هئي، تنھن کي ڇڏي نئين انداز سان متن جي پرک ڪرڻ شروع ڪئي. هُو متن کي گهرائيءَ سان پڙهڻ تي زور ڏيڻ سان گڏ فن پاري جي متني تجزيي جي اهميت کي اوليت ڏيندا هئا.
هيئت پسند ادبي فن پاري جي معنيٰ نہ صرف ان جي لساني عنصرن جو باريڪ بينيءَ سان جائزو وٺي قائم ڪندا هئا، پر انھن جي نظريي موجب ان جي ساخت جي عنصرن جو بہ مطالعو نھايت ضروري آهي. فن پاري ۾ موجود مواد جيڪو متن جي مختلف رخن کان سمجهاڻي پيش ڪري ٿو، جنھن کي ان وقت تائين اوليت ڏني پئي وئي تنھن کي هيئت پسندن ثانوي جڳھہ ڏني.
هيئت پسند پنھنجي نظريي ۾ ان ڳالھہ جا قائل هئا تہ، متن ۾ معنويت ان جي مخصوص هيئت جي ڪري ئي ممڪن آهي. تنھن ڪري متن جي هيئت مطالعي سان ئي معنويت جي رمز سمجهي سگهجي ٿي. هي هڪ نئون نظريو هو، جيڪو ادب جي پرک لاءِ هيئت پسندن متعارف ڪرايو. روسي هيئت پسند پنھنجي تحريڪ جي شروعات کان آخر يعني سينٽ پيٽرسبرگ ۽ ماسڪو کان چيڪو سلوواڪيا تائين پنھنجي نظرياتي سفر ۾ ’ڇا آهي‘ جي بجاءِ ’ڪيئن آهي‘ واري نظريي جي پرچار ڪندا رهيا. هنن جي خيال ۾ هيئت کي معروضي انداز سان جاچڻ کان پوءِ ئي متن ۽ ان بابت مختلف رُخ بھتر انداز ۾ سمجهي سگهجڻ جھڙو ٿي سگهن ٿا. مثال طور جتي جمالياتي نقاد فن پاري ۾ حسن، رومانويت پسند نقاد عشق ۽ مارڪسي نقاد طبقاتي فڪر کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، اتي وري هئيت پسند فن پاري جي هيئت کي بحث جو موضوع بڻائيندو آهي.
روسي هيئت پسندن زبان جي استعمال کي ٻن خانن ۾ ورهايو، جنھن کي ’عملي زبان‘ ۽ ’ادبي زبان‘ جو نالو ڏنو ويو. عملي زبان اها زبان آهي جيڪا روزمره جي استعمال ۾ ايندي آهي، جنھن جو ڪوبہ ادبي ڪارج ناهي هوندو، پر ادبي زبان اها آهي جيڪا اسين ڪنھن فن پاري يا خاص طور شاعريءَ ۾ پڙهندي محسوس ڪندا آهيون، جيڪا اسان کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي. هنن جو نظريو هو تہ، اسين ڪنھن بہ شاعريءَ جي هڪ اسم مان ڪا سٽ ڪا ڪو بند، توڙي ڪنھن ڪھاڻي يا ناول جي هڪ ٽڪري کي بہ ادبي زبان قرار نٿا ڏئي سگهون، ڇو تہ اها هڪ جزو آهي. مثال اسين ڪنھن ڪھاڻيءَ جي هڪ پئراگراف کي تيستائين ادبي زبان ۾ شامل نٿا ڪري سگهون، جيستائين ان ڪھاڻيءَ جي ٻين جزن يعني مختلف پئراگرافس کي کڻي پاڻ ۾ ملايون. تنھن کان پوءِ ئي اها ادبي زبان قرار ڏئي سگهجي ٿي.
ان کان علاوه روسي هيئت پسندن پنھنجي نظريي ۾ نثر کان وڌيڪ شاعريءَ کي اهميت ڏني. هنن جي نظر ۾ شاعري ئي پنھنجي تعميري معيار سبب اسان جو ڌيان ڇڪائيندي آهي، تنھن ڪري ان کي ئي اعلي ادبي زبان قرار ڏئي سگهجي ٿو. واضح رهي تہ روسي هيئت پسندن سان گڏ ان وقت مستقبل پسندن ’فيوچر ازم‘ جي بہ هڪ تنظيم هئي، جيڪا جدت جي حامي هئي. شھري زندگي ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي حامي هن تنظيم هر شئي کي سائنسي انداز ۾ ڏسڻ ٿي چاهيو. مستقبل پسندن پراڻي تھذيب جي مدي خارج ڳالھين کي ختم ڪرڻ سان گڏ ايجادن ۽ مشيني ترقيءَ کي فوقيت ڏني. روسي هيئت پسندن ۾ ادب جي پرک بابت سائنسي انداز انھن جي اثر جي بدولت ئي آهي.
جنھن وقت روسي هيئت پسندن جو اڀار ٿيو، ان وقت سويت يونين ۾ ڪميونسٽن جي حڪومت هئي. مٿين ليکڪن جي ادب بابت اهڙي تشريح ڪميونسٽ حڪومت جي نظريي سان بلڪل بہ ٺھڪندڙ نہ هئي، تنھن ڪري کين نظرياتي طور روس ۾ قبول نہ ڪيو ويو.
ٽراٽڪسي پنھنجي ڪتاب ’ادب ۽ انقلاب‘ ۾ روسي هيئت پسندن تي ڇتي تنقيد ڪئي، جنھن جي جواب ۾ روسي هيئت پسند رومن جيڪب سن ۽ ٻين جوابي مقالا بہ لکيا، پر ان وقت جي سويت يونين ۾ ادب بابت سماجي حقيقت پسندي زور وٺڻ ڪري جملي هيئت پسند مايوس ٿي ويا ۽ نتيجي طور انھن کي سويت يونين کي الوداع ڪرڻو پيو. انھن مان جيڪي هيئت پسند آمريڪا ويا، انھن اتي وڃي ’نئين تنقيد‘ جي نظريي کي زور وٺرايو. نہ صرف ايترو پر جديد لسانيات ۾ ’فرڊي ننڊ ڊي سوسيئر‘ جي پيش ڪيل ساختيات واري نظريي سان گڏ جديد اسلوبيات جي نظريي کي بہ روسي هيئت پسنديءَ اتساھہ ڏنو.
ڦلواڙي
نظم: رابندر ناٿ ٽئگور
سڏ نـ ورائي تـ اڪيلو ئي وڌندو رھ
اڪيلو ھل، اڪيلو وڌ، اڪيلو ھل
جڏھن ھر ڪوئي پنھنجو وات سبي ڇڏي
او منھنجا بدقسمت دوست
جڏھن ڪوبہ آواز اٿارڻ جي
جرئت نـ ڪري سگهي
۽ جڏھن ھر ماڻھو خوف منجهان
تو کان منھن موڙي ڇڏي
تڏھن تون کلئي دل سان
پنھنجي آزاد ذھن سان
جيترو ڏاڍيان ڳالھائي سگهين
اڪيلو آواز اٿار
اڪيلو ئي وڌندو رھ، ھلندو رھ
جڏھن ھر ڪوئي تو کان ڦري وڃي
او منھنجا بدقسمت دوست
جڏھن ھر ڪوئي ڀڄي وڃي
۽ جڏھن ڏکين رستن تي ھلندي
ڪوئي بـ تنھنجو ساٿ ڏيڻ لاءِ
مڙي تو ڏانھن نـ ڏسي
تڏھن رستي جي سختين باوجود
تون اڪيلي سر ڪنڊن کي
پنھنجي رت سان رڱيل
پيرن هيٺان لتاڙيندي
اڪيلو ئي وڌندو رھ ھلندو رھ
جڏھن ڪوبہ روشني نہ رکندو ھجي
او منھنجا بدنصيب دوست
جڏھن ڪوبہ توکي
روشنيءَ جي راھ نـ ڏيکاري
جڏھن ھر ڪوئي
گجگوڙ طوفان واري انڌاري رات ۾
تنھنجي لاءِ پنھنجا دروازا
بند ڪري ڇڏي
تڏھن ان طوفاني کنوڻ جي روشنيءَ سان
پنھنجي پاسراٽين کي جلائي ڪري
اڪيلو رستي کي روشن ڪر
اڪيلو ئي وڌندو رھ ھلندو رھ.
(مترجم: علي شير ڪيريو)
ٽي غزل: رجب ٻُگهيو
مٽيءَ مھڪ نيڻين رَکِي رات هئي.
ڪنارا نديءَ جا ٻئي نور ها،
لَڳِي حُور وانگي نَدِي راتِ هئي.
وڻن جا هِندورا لڏيا سانجهہ ٿي،
پکي خواب جھڙو اڇي رات هئي.
سمُونڊن جي ڀاڪرُ رکي نيڻ پوءِ،
ڇنڊي وارَ پنھنجا ڀِنِي راتِ هئي.
اسان ديسُ نيڻن جو ڳوليو گهڻو،
مگر پوءِ بہ پنھنجي نہ ٿِي راتِ هئي.
اسان چَپَ پنھنجا هَوا هَٿِ ڏئي،
چُمي بَس پرينءَ ڏي مُڪِي راتِ هئي.
رُڳو سوڳَ جھڙي عُمر ڀَرِ رَهي،
پُڇين ٿو تہ ڪيڏي ڊگهي راتِ هئي؟
***
پکيُنِ جَي پَرَنِ تي رکِيا نيڻ ھا،
اوھان جَي دَرَنِ تي رکيا نيڻ ھا!
نہ موٽيا، نہ موٽيا، نہ موٽيا اُھي،
جَي ساڳيَنِ سَرَنِ تي رکيا نَيڻَ ھا!
رَھِي سا سمونڊن مٿان مھربان،
نہ بَارِشِ بَرَنِ تي رکيا نَيڻَ ھا!
ھُئا کوڙَ خَطِرا اَنديشا مَگَرِ،
سو وَاٽُنِ وَرَنِ تي رکيا نَيڻَ ھا!
اَبَرُ ھَيلَ ڏَمِرِي ۽ ڌَڌِڪا ڏَئي،
ڪَکَاوَنِ گهرن تي رکيا نَيڻَ ھا!
***
سُونھن سُخن جا ٻولَ ٻَٽي ھا!
ھا پَرَ! تو کان ڪَيرُ کٽي ھا!؟
پَيرَ مِٽيءَ تي رھڻا ھا سَي،
واءُ نہ جَيڪَر واٽَ لَٽي ھا!
ڪا تہ چَڱائِي پنھنجِي ٿِئي ھا،
ماڻھو جَيڪَر سوچَ مَٽي ھا!
ڪاوا ڪنڊا خوبُ ڇَٽِيائين،
ڪاشِ! ھَٿنِ سان ڦُولَ ڇَٽي ھا!
ڪُندُ برابر ذھنُ ھيُو پَر،
سَڀُ وِساري پيارُ رَٽي ھا!
مِينھن ڪَڻِيءَ جِي آسَ اِھا ئِي،
سُھِڻي ڪائِي سِپَ جهٽي ھا!
ڪاشِ! جَتَڻِ ھِي ڳالھِ مَڃي ھا،
واڻَ سان مون کي گَڏ وَٽي ھا!
غزل: احساس ميرل
پو ساٿ نڀائڻ جي گنجائش هوندي آ.
لھجن جو وزن آهي، ڳالھين کي ڀلي تورِيو،
هر لفظ ۽ گفتي جي پيمائش هوندي آ.
جي عمل بہ اهڙو ٿئي پوءِ دَڳ ملي پوندو،
هت ڳالھين ۾ جھڙي گرمائش هوندي آ.
هڪ ڏينهن تہ اچڻو آ، ماڻھو تہ مٽي ٿيندو،
جا ڪِينَ ختم ٿيندي سا خواھش هوندي آ.
هر ڪنهن جي اشاري تي مان ڪين هلي سگهندس
هر ماڻهوءَ جي پنهنجي فرمائش ھوندي آ.
جنهن مٽيءَ کي ’ميرل‘ تاريخ سلام ڪَري،
ڪا صدين ۾ اهڙي پيدائش ھوندي آ.
نثري نظم: مٺل جسڪاڻي
ڪُلھا گٺل آھن پر
اڳ ۾ نہ ڪيل ڪم
جڙي ڍڳي وانگر
وھو ڍڳي کي پڻ
نئون ڪم ھئڻ ناتي
ڏکيو لڳي ٿو
سھپ بہ ائين آھي
پچائڻ کان پھرين
نئون ڌڪ ايذائي ٿو.
نظم: نصير سومرو
دل چئي ٿي
سڀ ٻڌايان
ڀل اهو پڻ
هيل تائين جو ٻڌايو
سو بہ نئين انداز ۾
ورجائيان
ڇو لڪايان
منھنجيون سوچون
مون لاءِ فقط ناھن نصير
سڌ اَسڌ جي
ساڌنا مان
جن جنم ورتو
زماني منچ تان
خواب سارا
خيال چوڏس
واءَ ۾ وکري ويل
هڪ هڪ سميٽيان
جيترا جاڳن پيا
ٻارڙا کيڏن پيا
يادگيري جي اڱڻ ۾
دل چئي ٿي
سڀ ٻڌايان
نظم؛ نصير سومرو
آئينو گهر ۾ هجي
دفتر، شاپنگ مال ۾
ريل گاڏي يا جھاز ۾
شفاف هجي يا ڌنڌلو
ڏيھي هجي پرڏيھي
آئينو ٻوٿ اُلٿو
ڪڏهن ڏسڻھار کان
ڪين پڇي دين ڌرم
ڪھڙي اٿس ذات پات
ڪھڙي ڳالھائي ٻولي ٿو
آئينو کيس ڏسي
ڪيئن لڳي ٿو؟
سئو سيڪرو سچ ٻڌائيندو
اهڙي ۾ دروغ گو سڀ هجون
هڪ آئينو ئي سچو آهي
نظم: لِيلا رام
آھي حياتي پنڌ رڳو
ساڳئي ماڳ پُراڻي بيٺا آھيون
منزل ڏک ۾ روئي پئي
چاھي ٿي، ڪو ماڻي ان کي
پر سڀ رستا، رستي ۾ گم ٿي ويا
سِج سمھي پيو آ ننڊ ڊگهي
ڪو نہ سُڻي ٿو يار اسان جيِ
اڌ صدي کان روز ٻُڌان پيو
رات جو پويون پھر ھلي پيو
ڄاڻ کُٽو، جو قھر ھلي پيو
پر ڪھڙو آ، ھِي پَھر نڀاڳو
ڳوٺ ڳري ويا، شھر مري ويا
ڪونہ کُٽي ٿو، ڪونہ وڃي ٿو
بس رات جي ڇپر ڇايا ۾
پاڇن جو ھڪ ھجوم ھلي پيو
ڳالھين جي ڳھر ۾ ورتل
عَملن کان آجو آجو
سچ کان ڪافي ڏُور پري
پاڇن جو ھڪ ميڙ جيئي پيو
شايد رات ھِنن کي
خوب وڻي ٿي
رات ۾ پاڇن جو قد وڌي ٿو
رستا، رستي ۾ گم ٿي ويا
منزل ڏُک ۾ روئي پئي
پاڇن کي ڪا پرواھ ناھي!
غزل: وفا جانوري
ڪوي سوچي لکِي آھي اها تحرير ڪنھن جي آ؟
زميني تنھنجا هي جهيڙا ڪرين پيو خونريزي تون
ذرا سوچيو اٿئي هيڏي ٻڌا جاگير ڪنھن جي آ؟
درياه تي گهر اڏيو تو آ اتي ڏس کيت کيڙين ٿو
ڪمائڻ جي ڏنل توکي اها تدبير ڪنھن جي آ؟
بغاوت ڪر ڀلي پنھنجي عقيدن کي رکي سامهون
ڀلي گيتا وڃي پڙھ تون لکيل تفسير ڪنھن جي آ؟
مٽيءَ مان توکي پيدا ڪيئين وڏي ڏس مانَ سان ماڻھو
ڪرايئين تو مٿان سجدا اها تقدير ڪنھن جي آ؟
نثري نظمَ: حُميرہ نُور
منھنجا
سڀئي گيت
ان عورت جي نانءُ
جيڪا
جائز ڳالھ ڪندي
مرد هٿان موچڙا کائي
ويھي رهي ٿي.
- - - - - - - - - - - - - -
عڪس
ڪوهيڙو
موسم جو هجي
يا
حالتن جو
روين جو
لفظن جو
سوچن جو
اهو
ايستائين اوهان جي
اوسي پاسي مان
ناهي نڪرندو
جيستائين وجود سان واڳيل
هر عڪس کي
ڌنڌلو نٿو ڪري....!!
نظم: بختاور منصور
ڪيڏن ڏينھن کان پوءِ اڄ تو
مون ڏي وڊيو ڪال ڪئي هئي!!
منھنجي لئہ ڪا عيد گهڙي هئي
ڪيئن پڇيو تو پھرينءَ نظر ۾
هي ڇا پنھنجو حال ڪيو ٿِي؟؟!!
اُلجهيل منھنجا وارَ تَڪَي تو
مون کي ڪيئن تڪڙ ۾ چيو هو
”وارن پنھنجن کي تو ڏٺو آ؟!“
مون مُرڪي تو ڏانھن ڏسي چيو
”ناهي وارن منجهہ ڦڻي ڪئي...
تنھن تي تڪڙ منجهہ چيو تو
”مُنھن ڀي اڄ تو ناهي ڌوتو!
اهڙا ڇو هي حال ڪيا ٿِي؟“
توکي ڪجهہ چئي بہ نہ سگهيس
”ائين ئي بس...“ مس چيو هُم
مُرڪي تو ڏي يارَ ڏٺو هُم
غزل: خالد چانڊيو
هت مخلص آخر ڪير آهي، رشتن جي خبر تہ پوي ئي نٿي.
هن شھر سڄي جون بازارون، اڄ پيادل پيادل اُٿلايم،
هر چيز نظر آئي مون کي، ماڻھن جي خبر تہ پوي ئي نٿي.
دل پُرزا پُرزا ٿي ويئي، هڪ محفل ۾ تنهنجي سامهون،
لُڙڪن تي مَسين قابو پاتو، سُڏڪن جي خبر تہ پوي ئي نٿي.
دل هڪڙي سا به هٿن ۾ هئي، من! دل سان قبول ڪرين ها تون،
هاڪر نھڪر به تہ ڪانه ٻُڌِي، اُلڪن جي خبر تہ پوي ئي نٿي.
مان پيارُ ڪريان ٿو هر ڀيري، تڪرار اڳيان بيهي ٿو رهي،
پل پل ۾ بدلجي ويندا هِن، لھجن جي خبر تہ پوي ئي نٿي.
غزل: عبدالله ’آس‘ هنڱورجو
جيسين يار ڀاڪُر ٻکِيو ڪونہ ٿيندو.
تُنھنجي سُونھن تي جو لِکِيو مون غزل آ،
اهو ٻئي جي آڏو رکيو ڪونہ ٿيندو.
جڏهن سنڌ توتي ڏکيو وقت ايندو،
پڪل طعام مون کان چکيو ڪونہ ٿيندو.
وظيفو پڙهيو مون جڏهن هِن وطن جو،
ڪارِيھر پوءِ تو کان ڪکيو ڪونہ ٿيندو.
ٽُٽُل لِير جھڙي حياتي سَندم کي،
سواءِ تو ٻيو ڪو بکيو ڪونہ ٿيندو.
منھنجا هار سينگار تو لئہ تہ آهن،
ڇڏي وئين اگر مَکُ مکيو ڪونہ ٿيندو.
اٿم ’آس‘ تو ساڻ گذري حياتي،
سوا تنھنجي ٻيو ڪو اکيو ڪونہ ٿيندو.
غزل: آزاد خاصخيلي
سڄڻ سونا ھاڻا بہ، وسريو وڃن ٿا
عجيبن اچڻ جون، وڃن ويلُون وِھامِيو
پـوءِ ٽَـڪ ٽـاڻا بہ، وسريو وڃن ٿا
جِنين ڌاران جيون، نٿي پل بہ گذريو
اُھــي يَــر اباڻا بہ، وسريو وڃن ٿا
اڙَي تـون تہ ’آزاد‘ آھـيـن عـام آدم
مُـئَـي راڄ راڻـا بہ، وسريو وڃن ٿا
بيتَ: وحيد علي ناهيون
قسمت ساڻ ڪريمَ، هِن محبوب ملايا،
’وحيد‘ آهن وسايا، جُهوپا جانب پارَ ڏي.
-
سُندرَ! تنھنجيءَ سِڪَ ۾، ٿو رُئان رات و ڏينھن،
اکيون وسن ايئن ٿيون، جيئن وسي ساوَڻ مينھن،
نرمل تنھنجي نينھن، ماريو هن مسڪين کي.
-
سِڪَ سُندر يار جي، اکين نيو آرام،
ناهي چَينُ چَرِيُن کي، صبح توڙي شام،
نرمل سندو نام، وٺڻ ساڻ وَسن ٿيون.
-
سُندرَ! سُرمي واريون، اکيون تو عجيب،
ڪُھَن ٿيون ڪاتيءَ بنا، گولا ڪيئي غريب،
ڪَجليُن ڪيو قريب، وَڍَي هن ’وحيدَ کي.
-
سُونھن سُندر يار جي، آهن دونھان دُکايا،
چڻنگ سندس چريا ڪري، هي جو واٽُو ورايا،
سي برھہ بنايا، آهن جوڳي جانب يار جا.
غزل: فقير مسڪين وگهيو
انگوري آب جھڙي لڳي!
اکڙين ۾ شوخي شربتي آ،
ڄڻ تہ عقاب جھڙي لڳي!
هوليءَ جي رنگن ۾ رنگجي،
گلن ۾ گلاب جھڙي لڳي!
نشيلي نظر ۾ خمار ڇانيل،
خود بہ شراب جھڙي لڳي!
نظر کان اوجهل جڏھن ٿئي،
’مسڪين‘ خواب جھڙي لڳي!
غزل: وسيم حيدر کوسو
دير نہ ڪر تون هاڻ هلي آ
پکين جون لاتيون پيون ٻڌائين
صبح ٿئي پيو باک ڦٽي آ
اوهان جون يادون وري وريون هِن
مس تہ سورن مان جان ڇٽي آ
پڇيائين، ”ڪھڙي آ تنھنجي خواهش؟“
چيم تہ، ”ساجن وري، وري آ“
طويل اوجاڳا هِن اکين کي
ننڊ بہ نيڻن ۾ لھي پئي آ
اهو ئي کوڙ آ ’وسيم‘ اسان لاءِ
اسان ڏي هُن جو نگاھہ ڪئي آ
چوسٽو
دڳن تي مسافر پريشان آهيون
سَکِي شھر تنھنجي ۾ مھمان آهيون
ڳليون پيچرا اوپرا اوپرا
پڇين ٿو ڇو ايڏا حيران آهيون
گيت: فراخ جانوري
توکي سوچي سانورا..!
لُڙڪَ ڪِرِي پيا ڪاڳر تي!
سوچ بدلجي ساري ويئي،
ڇيتِ چُڀي ڄڻ دل ۾ پيئي،
مون کان وِسريو سُر سنگيت.
مون تہ لکڻ پئي چاھيو گيت،
توکي سوچي سانورا..!
لُڙڪَ ڪِرِي پيا ڪاڳر تي!
تو بن سُڏڪا سارون آھن،
جِيتَ نہ ڪائي، هارُون آھن،
مِلُ تہ پوان ٿي آءٌ اجيتُ!
مون تہ لکڻ پئي چاھيو گيت،
توکي سوچي سانورا..!
لڙڪ ڪِرِي پيا ڪاڳر تي!
تو کان پو سڀ خواب ٽُٽا ھِن،
مون ۾ ڏکن جا جهنگ ڦُٽا ھِن،
دردُ بڻيو آ مَنَ جو مِيت!
مون تہ لکڻ پئي چاھيو گيت،
توکي سوچي سانورا..!
(امرتا جو شاعر) عبدالقيوم ’زخمي‘ هالائي: ڊاڪٽر سليمان شيخ
_______________________________
’امرتا‘ جي هنن صفحن ۾، ڪنھن شاعر جي حياتي ۽ سندس چونڊ اسمن جو اظھار شامل هوندو آهي. سال 2023ع جي آخري شماري ۾ پنھنجي دؤر جي هڪ منفرد اسلوب سائين عبدالقيوم ’زخمي‘ هالائيءَ جي خيال جي سونھن شامل ڪندي، ’امرتا‘ کي هڪ سرخوشي ٻي بہ نصيب ٿي رهي آهي تہ سائين زخمي هالائيءَ بابت ايندڙ ڪجهہ سِٽون، پنھنجي دؤر جي هڪ سدا سيبائتي وجود محترم ’ڊاڪٽر سليمان شيخ‘ صاحب لکيون آهن.
_______________________________
هالا نوان جي مجاور گهٽيءَ جو رهواسي ’عبدالقيوم‘ هالا جو مشھور مزاحيہ شاعر هو. هُو علم و ادب جي محفلن جي جان هو. 1960ع جو ڏهاڪو هالا جي ادبي ماحول جو يادگار دؤر هو. هن دؤر ۾ مشاعرہ ۽ ادبي علمي محفلون عام طور ٿينديون هيون جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ روح روان هو، اسان چند دوستن ان دور ۾ ’انجمن فروغِ ادب هالا‘ جو بنياد وڌو هو.
جناب عبدالقيوم صاحب اسان جي ان سَٿَ جو سرگرم ڪارڪن هو. ان وقت هالا جي موجودہ طارق روڊ تي عبدالمجيد صاحب جي هوميو ڪلينڪ هوندي هئي. عشاء نماز کان پوءِ اتي محفل مچندي هئي جنھن ۾ في البديع مشاعرا مشھور ٿيا. اتي جو اتي مليل ’طرح‘ تي شعر لکبو هو ۽ پڙهبو هو. اها مشغولي خصوصاً اسڪول/ڪاليج جي موڪلن واري عرصي دوران ٿيندي هئي. عبدالمجيد صاحب پڻ ان ۾ سرگرم رهندو هو.
هليو اچ هالين جتي محبوب جو ماڳ،
جت آستانو..... جو صوفين سندو راڳ.
اسان انجمن پاران ’محبوب علي چنا‘ صاحب پرنسپال ’سروري ڪاليج‘ جي سربراهيءَ ۾ ماهوار ادبي محفلون منعقد ڪندا هئاسين عجيب دور هو. اسان جا اهي ساٿي گهڻو ڪري عدم جا راهي ٿي ويا، ڪي داڻا بچيا آهن جيڪي پنھنجي واري جو انتظار پيا ڪن.
اڄ ڪلھہ هالا ادبي لحاظ کان رُڃ جو ڏيک ٿو ڏئي بقول زخمي:
هن درد و غم ۽ رنج والم کي وداع ڪجي،
مدت ٿي ويئي آهي ڪا محفل بپا ڪجي.
ان وقت رفيق ڪمپني هالا ۾ هڪ سرگرم ادارو هو جيڪو ماهوار وڏي پيماني تي هالا ۾ مشاعرا ڪرائيندو هو. ان وقت شايد زخمي هيءَ دعا ڪئي هئي تہ:
غريب غربي ۽ پير و جوان جو خير هجي،
سڄي جھان سان هالا نوان جو خير هجي.
عبدالقيوم صاحب پنھنجي زندگي لوڪل گورنمينٽ شعبي ۾ يونين ڪائونسل سيڪريٽري طور گذاري. ون يونٽ دوران کين لالا موسيٰ ۾ رکيو ويو جتان ڏاڍا زبردست ادبي خط لکندا هئا. اهي جي هٿ اچن تہ هڪ ادبي دستاويز طور شايع ڪجن.
عبدالقيوم صاحب پنھنجي ڪتاب ”واڌو ادب حدِ ادب“ ۾ پنھنجي پاران وسيلي پنھنجو تعارف هن ’زو معني‘ تحرير وسيلي ٿو ڪري:
’ڪجهہ اهتمام نذرِ گلستان ڪيو اٿم،
ڪجهہ روح جي رهاڻ جو سامان ڪيو اٿم،
ڪجهہ درد دل ڏنو غمِ دوران دوست،
ڪجهہ زخم در جگر غمِ جانان ڪيو اٿم.
کولي پٽيون جگر تان وري دل مٿان رکيم،
ان طرح پنھنجي درد جو درمان ڪيو اٿم.
مصر جي ٻڍڙي مائيءَ وانگر منجهيل سُٽ جي ڦوري کڻي، يوسف جي خريدارن ۾ نالو لکائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم... سو ڪالھہ اچي کُٽيءَ کنيم جو ڏينھن تَتي جو يوسف جي در تي پھچي وڃي گهنٽي وڄايم... نالو تہ ڪونہ لکيائين... اُٽلندو چيائين تہ مون کي خبر هجي ها تہ تون آهين تہ ڪتو بہ ڪاهيو اچان هان... سو يوسف کي فقط بادشاھہ ئي خريد ڪيو... باقي منزلِ مراد تہ هر ڪنھن جي پنھنجي آهي. جن کي ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موه ۽ اهنڪار منجهائي ماريو آهي... انھن جي عاقبت بہ اها ئي ٿي رهي آهي.‘
نوڪريءَ مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ گاجڻي گهٽيءَ ۾ هوميو پيٿڪ ڪلينڪ کوليائين، جتي غريب غربي جو علاج ڪندو هو. باگڙي وڏي تعداد ۾ هن ڪلينڪ مان فيضياب ٿيا، ان ڪري ان کي ’باگڙين جي ڪلينڪ‘ سڏيندا هئا. جناب مخدوم صاحب جن 1987ع ۾ هالا ۾ مشاعرو ڪرايو ان جي طرح هئي:
’مئڪدي ۾ مئڪشن روئي ڏنو!‘
زخمي صاحب ان طرح کي هن ريت نڀايو:
ديڳ يارهين جي هئي پنڌ ۾،
ٻارنھن ٿي ويا ذاڪرن روئي ڏنو.
زخمي صاحب پنھنجي ڪتاب ۾ سيلف انٽرويو ڇاپيو آهي. ان جو مھاڳ اجهو هيئن آهي:
”هيڏانھن ٻڌين ٿو؟“..... ”هون“
”جيڪا ڳالھہ پڇ ان جو جواب..... هون.... اهو لکڻ کُٽندو يا نہ.... پُٽهين کي بخار ٿي پيو آهي.... دوا آڻي ڏيندي يا ايڌيءَ وارن کي فون ڪرڻي پوندي؟“
”بس باقي ٻہ صفحا آهن، اجائي ڪاوڙ نہ ڪر....“
”هيءَ سرڪاري لکپڙهہ؟... ڏسان؟“
”تون ڏسي ڇا ڪندينءَ؟“
”هي ڪھڙا اُبتا سبتا مضمونَ ۽ شعر لکيا اٿئي؟ اهي سيٺ وڏا ڪير آهن جن اناج، گيھہ، کنڊ ۽ چانور جا چاليھہ ڀانڊا ڀري رکيا آهن تہ اجهي ٿا وارا نيارا ٿين!... ڀلا وڏي وَرَ ڌڻيءَ اهو ڪھڙ واڻيون کڻايو آهي. جنھن جي خبر صوبيدار سڻڀي خان کي اڃا تائين پئجي ڪانہ سگهي آهي؟“
سندس عمر جي آخر ۾ زخمي صاحب جا دوست هليا ويا، جن ۾ خصوصا سوز هالائي، حميد شھيد ۽ يعقوب انيس جي وڃڻ جو هن کي ڏک هو. هُو بلڪل اڪيلو ٿي ويو ۽ دوڪان بند ڪري گهر ۾ قيد ٿي ويو.
اسان لاءِ ملاقات مشڪل بڻجي وئي ان کانپوءِ سڃاڻڻ بہ ڇڏي ڏنائين پاڻ ان لاءِ لکيائين:
جنھن کي سڀئي ڇڏي ويا محبوب يار دوست،
تارا تڪيندي رات گذاريندو ڇا ڪندو؟
ديوانہ وار چاڪِ گريبان ڪير گُهمي،
’زخمي‘ الاجي پاڻ کي ماريندو ڇا ڪندو!
چئجي ٿو کپي کپي کپي ليڪن کپئي نہ ٿو،
سو پاڻ کي بہ نيٺ کپائيندو ڇا ڪندو!.
زخمي صاحب اردو ۾ بہ شاعري ڪئي آهي، هڪ مثال هن ريت آهي:
جب بھی گرھن لگا قمر میں ہے،
درد اٹھا میرے جگر میں ہے،
پتلیون کا یہ کھیل ہے 'زخمی'
ڈور ھلتی بڑے شھر میں ہے۔
*****
غزل
هن وٽ جام تي پئي جام آيو
اسان وٽ تنھنجو مٺڙو نام آيو
عدؤ ڀانيو تہ ٿي آهي عنايت
مگر هن لاءِ پي فرجام آيو
پڪاريو دار وارن ڪير ايندو
صنم کي ياد منھنجو نام آيو
سڀئي صياد آڏو سر نِگُون هئا
نظر پئي نينھن جو نيلام آيو
وري پيو محتسب توکي سڏائي
وري ڪو تو مٿان الزام آيو
جنونِ زر جي ٿي پئي ڪاميابي
جنونِ عشق پئي ناڪام آيو
چيائين زر جي ناهي ڪا ضرورت
۽ غربت جو ڏيڻ الزام آيو
وري ’زخمي‘ ڪمايو ننگ ۽ نام
وري بي ننگ ٿي بي نام آيو
سڀئي مئخاني مان پُرباش نڪتا
مگر ’زخمي‘ آ تشنہ ڪام آيو
*****
غزل
اسان جا تہ پنهنجا بہ پنهنجا نہ ٿيا
پرايَن کي پنهنجو ڪري ڪير ٿو؟
چڻا لوهہ جا شاعري ۽ ادب
چرين کا سوا ٻيو چري ڪير ٿو؟
وٽي وه سندي آه موکيءَ مُڪي
متارن سوا ٻيو مري ڪير ٿو؟
چُڪي جن چَکي سي کرڻ کي کريا
کرين کان سواءِ ٻيو کري ڪير ٿو؟
سڀئي آلو ڪمبل ڍڪيو پيا هلن
سڪل ڪاٺ بنجي ٻري ڪير ٿو؟
ڀڳل آه انصاف جي ساهمي
ڪري ڪير ٿو ۽ ڀري ڪير ٿو؟
سڀن کي ضرورت آ ’زخمي‘ ڪيو
هتي محبتن لئه مري ڪير ٿو؟
*****
غزل
ڪيئن تنھنجي دل جو يار درِ بند وا ڪجي
هن آهِ نارسا کي ڀلا ڪئين رسا ڪجي
هن درد و غم ۽ رنج و والم کي وداع ڪجي
”مدت ٿي ويئي آه ڪا محفل بپا ڪجي“
هڪ منھنجو ٿي رهين ۽ ٻيو وسري وڃئي رقيب
ان کان وڌيڪ ٻي ڀلا ڪھڙي دعا ڪجي
گر تو آ پاڻ ڪئي دلِ عشاق نيم نيم
دو نيم تنھنجو ڇو نہ پو زلفِ دوتا ڪجي
راضي هجين خفا هجين تو ساڻ دل لڳي
توکي ڇڏي ٻيو ڪھڙو وڃي آشنا ڪجي
خونِ جگر سان پھرين هلي سارجي وضو
پوءِ دار تي نمازِ محبت ادا ڪجي
واعظ وياج کي آ منافعو بنائيو
هاڻي انھي منجهان ئي ٿو عمرو ادا ڪجي
گيھہ، چانورن ۽ کنڊ جا ڀانڊا ڪري بليڪ
پوءِ ماربل جي مرمرين مسجد بنا ڪجي
ٻيو ڪو هجي تہ ڦوڪ سان ئي واءُ ٿي وڃي
’زخمي‘ اڳيئي مست سو مستن کي ڇا ڪجي
*****
غزل
غريب غربي ۽ پير و جوان جو خير هجي
سڄي جھان سان هالا نوان جو خير هجي
اٺن جو خير هجي ساربان جو خير هجي
غبارِ راه جو ۽ ڪاروان جو خير هجي
چمن کي چئني ڪنڊن کان آ دشمن گهيريو
’گلن جو خير هجي گلستان جو خير هجي‘
هجي ڪراچي يا ڪشمير چيچنيا يا عراق
الٰهي خير هجي ڪل جھان جو خير هجي
جڏهن محافظِ گل خود ئي ٿي پوي صياد
تہ امن ڪھڙو ٿئي ۽ ڪٿان جو خير هجي
بندي کي بم هڻو ۽ خدا کي سجدو ڪريو
زمين کي باھہ ڏيو آسمان جو خير هجي
اسان جا نالہءِ شب ۽ اوهان جي خاموشي
زبان جو خير ۽ اذنِ گران جو خير هجي
پياسا موٽي ويا بند ڇو آ مئخانو
صبو، صراحي ۽ پيرِ مُغان جو خير هجي
*****
غزل
آه رندن جي موج مستيءَ جو
محتسب کي ملال ڇا چئجي
عشق وارن مٿان هڻي فتويٰ
ٿيو آ واعظ بتال ڇا چئجي
دوستن کي سدائين ڪم آيو
ميمڻن جو هي مال ڇا چئجي
چيئين ته ايندس مگر اچان ڇالئه؟
هيءُ جوابي سوال ڇا چئجي
توکي پڻ بدگمان بنايو ويو
تھمتن جو ڪمال ڇا چئجي
تو بنا زنده ’زخميءِ‘ خسته
آه امرِ محال ڇا چئجي
*****
غزل
ڪٿي مصلحت ۾ لنوائي ڇڏيو آ
ڪٿي موقعي کي ملھائي ڇڏيو آ
ڪڏهن دل جو دروازو کولي رکيو آ
ڪڏهن ان کي تالو لڳائي ڇڏيو آ
جا ٻاري هيم لختِ دل سان جگر سان
انهي آگ کي مون اُجهائي ڇڏيو آ
سهي ڪيتري سهبي آخر ملامت
چريو پاڻ کي مون
چوائي ڇڏيو آ
الاءِ ڇو حلاج کي هاج پئي هئي
مون ’زخمي‘ چپن کي سبائي ڇڏيو آ
نڪور ناول
تُرم: اڪبر سومرو (پنجون باب)
ڪجهہ دير کان پوءِ هن ڏٺو: هُو ’اندلس‘ ملڪ جي هڪڙي خوبصورت شھر ’قرطبه‘ جي مشھور گلن واري گهٽيءَ مان گذري رهيو هئو. ان وقت سج پنھنجي شاهي شانَ سان آسمان تي چمڪي رهيو هئو، گهٽيءَ مان عورتون ۽ ٻار اچي وڃي رهيا هئا! اندلس جيڪو دريائن، پھاڙن، ميڊيٽرينين ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جو ملڪ هئڻ سان گڏوگڏ ڪئين ميوَن ڏاڙهن، صوفن، انگورن، نارنگين سميت بادامن ۽ انجيرن جو ملڪ آهي. قرطبہ شھر ان وقت پنھنجي جوڀن تي هئو. اهو ٽپھريءَ جو وقت هئو ۽ سارنگ ان گهٽيءَ مان گذري رهيو هئو، جنھن ۾ ’قاضي ابوالقاسم احمد، جو گهر هئو، جنھن جو پٽ ’عبدالوليد محمدُ ابن رشد‘، ننڍي عمر ۾ ئي فلسفي، حڪمت، منطق، فقھہ ۽ حديث جي تعليم مڪمل ڪري چڪو هئو. ڏهن سالن جي عمر ۾ هن فلسفي جي استاد ’ابنِ باجہ‘ کان فلسفو پڙهڻ شروع ڪيو. عبدالوليد محمد سندس فلسفي جي اها تعليم صرف ٻارنھن سالن جي عمر ۾ حاصل ڪئي هئي.
هُو جڏهن چئن سالن جو هئو تہ سندس والد ’قاضي ابوالقاسم احمد‘ هن کي قرآن شريف حفظ ڪرائڻ شروع ڪيو. جلد ئي ان کان فارغ ٿي، هن عرب ثقافت، تاريخ، ادب ۽ فن جي تعليم تي دسترس حاصل ڪئي ۽ پوءِ هن ارسطو ۽ افلاطون جي ڪتابن تي شرحون لکڻ کان سواءِ ’بَدايت المجتھد ونھاية المقصدہ‘ کان علاوه قانون، منطق، عربي زبان جا قائدا، علم فلڪيات ۽ طب تي ڪئين ڪتاب لکي چڪو هئو. اڄ هن جي گهر تي هن سندس استادن ۽ دوستن جي عزت افزائيءَ لاءِ شام جي مانيءَ جي دعوت رکي هئي، جيڪا مغرب جي نماز پڙهي کاڌي ويندي. هن دينيات، علم فلڪيات، قانون، علم الحساب ۽ طب بابت ابو جعفر هارون ۽ ابي مروان بن جرجول اندليسيءَ کان علم حاصل ڪيو هو، جيڪي ان دؤر جا وڏا داناءَ استاد هئا.
مھمان عصر جي نماز پڙهي ابن رشد جي گهر اچڻ لڳا هئا. سڀ کان پھرين سندس استاد ’ابنِ طفيل‘ آيو تہ هن دروازي کان وٺي هن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کيس سندس لائبريري ۽ لکڻ پڙهڻ واري ڪمري ۾ وٺي آيو، جتي هڪ طرف پيتين ۾ بند ڪتابن ۽ مسوِدن کان علاوه سامھون نظر ايندڙ جارن ۾ رکيل ڪتابن ۾ ارسطو جو ’الکون والفساد‘ پيل هئو، ان سان گڏ ’مقامات ديوان‘، ’المتنبي‘، ’ديوان حماسہ‘، ’سَبَح معلقات ‘ (يعني اسلام کان اڳ جي ستن وڏن عرب شاعرن جي قصيدن جو ڪتاب، جيڪو ڪعبي شريف ۾ سونن اکرن سان لکي ٽنگيو ويو هو) ’مقدمہ ابنِ خلدون‘، ابنِ رشيق جو ’العمدہ‘، ابنِ عبدرہ جو ’العقدالفريد‘ اسلامي دنيا جي پھرئين فلسفي ’الڪندي‘ جو ’الفلسفہ الاوليٰ فيمادون الطبعيات والتوحيد‘، ابي محمد علي بن جزم الاندلسي جو ڪتاب ’قيھہ الرسالة‘، فارابي جا ’الموسيقي‘ ۽ ’الکبيرة‘، ’معافي العقل‘، ’آراءِ اهل المدينہ‘، ’الفاضلہ‘، ’السيرة الفاضلہ‘ فخرالدين رازي جو ’نوسير الڪبير‘ بدرالدين محمد بن عبدالله الشبلي جو ’اکام المرجان في احکام الجان‘ ابنِ سينا جو، ’ڪتاب النجاة مختصر الشفا‘ ابنِ دريد جو ’جمھرة اللغة‘، ازهري جو ڪتاب ’تھذيب الفتہ‘، الشافي جو ’ڪتاب الجيم‘ ۽ ’تاج العروس‘، احمد البوني جو ’شمس المعارف الڪتبري‘، ابن المتيفتح جو ’ڪليلہ و دمنہ‘، ابنِ منظور جو ’لسان العرب‘، النفواضي جو ڪتاب ’الروض العاطر في نزهد الخاطر‘ ڪتاب پيل هئا.
ڪجهہ ئي دير بعد ابنِ عربيءَ جو پيءُ علي ابنِ محمد، ابنِ تيميہ، ابوبڪر بن زهر، ابن دريدہ، ابن قطيبہ ۽ ابوالبرڪات بغدادي پڻ آيا ۽ ڪچھريءَ ۾ شامل ٿي ويا تہ ڪچھريءَ جو رنگ ئي ٻيو ٿي پيو. سمورا مھمان ايراني قالين تي طول وهاڻن کي ٽيڪ ڏيئي ويٺل هئا، مھمانن ۾ ڪجهہ مھمان حاضر غائب پڻ هئا!
ابنِ قطيبہ پھرين ابنِ منظور جي ڪتاب ’لسان العرب‘ جو ذڪر ڪيو، جيڪو ابنِ رشد جي لائبريريءَ ۾ موجود هئو. ابنِ قطيبہ ٻڌايو تہ ابنِ منظور سندس لغت لاءِ لکيو آهي تہ، ’جميعت هٰذالکتاب في زمن اهلد بغير لغة يفغرون، وَصنعة کما صَنع نوحُ الفلک و قومہ مِنہ يَسَخرون، وسميتہ لسان العرب!‘ (مون ڪتاب کي اهڙي وقت مرتب ڪيو آهي، جنھن دؤر ۾ ماڻھو ٻين ٻولين تي فخر ڪندا هئا ۽ اهڙيءَ محنت سان تيار ڪيو آهي، جيئن حضرت نوح عہ سندس ٻيڙي ٺاهي هئي. ان حال ۾ تہ ان جي قوم جا ماڻھو بہ ان تي ٽوڪون ڪري رهيا هئا!)
ابنِ رشد، ابنِ عربيءَ جي پيءُ ابو محمد کي مخاطب ٿيو ۽ کيس محمد بن علي (ابنِ عربيءَ) کي وٽس موڪلڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، جيئن هُو ان سان ملاقات ڪري سگهي. ان وقت ابنِ عربي اڃان 13 سالن جو ٻار هئو، پر هن جي شھرت گلاب جي خوشبوءِ جيان پکڙجي رهي هئي.
ابنِ رشد وٽ ان وقت سندس مشھور ڪتاب ’فصل مقال في مابيان الحکمہ و الشريعہ من اتصال‘ جو اڻ - پورو مسودو پيو هئو. ان کان پھرين هُو خليفي ابو يعقوب يوسف جي چوڻ تي ارسطو جي ڪتاب ’آثار‘ جي تفسير ۽ افلاطون جي ڪتاب ’رياست‘ تي شرح ۽ طب جي باري ۾ ڪتاب ’الڪليات في الطب‘ لکي چڪو هئو.
حُجري جي اتر طرف هڪڙي دري کليل هئي، جتان ٿڌڙي هوا ۾ بادام جي وڻ ۾ ٽڙيل بنفشي ۽ گلابي گل جهومي رهيا هئا ۽ دريءَ جي مٿان هڪڙي ٻلي ويٺي هئي ۽ ان جي ڀرسان شيشي جي فريم ۾ هڪڙو عربي پھاڪو رقم ٿيل هئو.
’العقل للرؤية والقلب للسمع‘
(دماغ ڏسڻ لاءِ آهي ۽ دل ٻڌڻ لاءِ!)
ڪجهہ دير تائين مھمان ان پھاڪي تي ڳالھائيندا ۽ کِلندا رهيا. ڪجهہ وقت کان پوءِ ٻيا مھمان ابنِ قطيبہ، بصري شھر مان آيل جو ابنِ دريد ۽ بغداد مان ابو الفراج ال آغاني، ابنِ رشد کي ملڻ آيا هئا، سي پڻ اچي شامل ٿيا. ابنِ دريد جيڪو شاعر هئو، پھرين ’العقل للرؤ ية والقلب السمع‘ جي جملي تي تبصرو ڪيو ۽ پوءِ سامھون جاري ۾ رکيل ڪتاب ’سبع معلقات‘ جي باري ۾ گفتگو ڪرڻ لڳو.
ابنِ دريد ڳالھائيندي ٻڌايو تہ قديم دور ۾ مڪي شريف جي چوڌاري ٽي ميلا لڳندا هئا، جنھن مان سڀني کان وڏو ميلو ’عڪاظ‘ جو هوندو هو. جنھن ۾ شعر ۽ شاعريءَ جون خاص محفلون مچنديون هيون.
ابنِ قطيبہ چيو: ”الشعر ديوان العرب“، سڀئي هن ڏانھن نھاري رهيا هئا، ”شريف جرجاني شعر لاءِ چوي ٿو، لغوي طرح شاعري هڪڙو علم آهي ۽ اصطلاحاً شعر کي موزون ۽ مقفي هجڻ کپي. شاعريءَ ۾ قافيو ۽ وزن لازمي جز تسليم ڪيو ويو آهي. قافيو بيت جو آخري لفظ هوندو آهي ۽ عربي شاعريءَ جا پندرنھن جز مقرر ڪيا ويا آهن.“
”صحيح“، ابنِ رشد ڳالھايو، ”مون پنھنجي جوانيءَ واري دؤر ۾ ٿوري شاعري ڪئي هئي ۽ جڏهن شاعريءَ جي علم بابت پڙهيم تہ موزون شاعريءَ جا پندرنھن بحر آهن. جن کي طويل، مديد، بسيط، وافر، ڪامل، هِزج، رجز، رمل، سريع، منسرح، خفيف، مضارع، مقتضب، مجتث، متقارب، متدارڪ ۽ خبب چيو ويندو آهي. اهي بحر ’خليل بن احمد فراهيدي‘ جنھن کي علم عروض جو امام مڃيو ويو آهي، تنھن ايجاد ڪيا هئا. بعد ۾ ان جي هڪڙي شاگرد واڌارو ڪندي انھن جو تعداد سورنھن ڪيو. اسلام جي شروعاتي دؤر ۾ ’حسان بن ثابت‘ ۽ ٻين مسلمان شاعرن پنھنجي شاعريءَ جي ذريعي قريش جي ڪافرن خلاف اسلام ۽ مسلمانن جو بچاءُ ڪيو.“
ان ئي مھل مغرب جي ٻانگ اچڻ لڳي تہ سمورا ڄڻا اٿيا ۽ گهٽيءَ جي مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ وڃڻ لڳا. نماز پڙهي موٽيا تہ ابنِ رشد جي چھري تي وضوءَ جي پاڻيءَ جا ڦڙا هئا، نوڪر چلمچي کڻي آيو ۽ پھرين سمورن مھمانن جا هٿ ڌوئاريائين ۽ پوءِ مھمانن کي کاڌي واري ڪمري ڏانھن هلڻ لاءِ چيائين. سڀ اتي پھتا تہ ابنِ رشد جي استاد ۽ دوست ابنِ طفيل ٻڌايو:
”صحرائن ۾ رهڻ جي ڪري اسان جا ماڻھو جيئن تہ اڻ پڙهيل هوندا هئا، ان ڪري انھن پنھنجي شاعريءَ کي لکيو ڪونہ! بلڪہ پنھنجي حافظي تي قناعت ڪندا هُئا ۽ راوين کان پڻ مدد وٺندا هئا. ’زبير بن ابي سلمہ‘ ابنِ حجر کان روايت ڪئي آهي ۽ زبير کان ان جي پٽ ’ڪعتب‘ ۽ ‘حطيہ‘، بُدبہ بن خشرم کان جميل بن معمر ۽ جميل بن معمر کان ڪثير عزت اها روايت ڪئي آهي، اهڙيءَ طرح صدين تائين سيني کان سيني تائين شاعريءَ جو سفر هلندو رهيو.“
ابنِ دريد ٻيھر ڳالھائڻ لڳو، سامھون جاري ۾ رکيل ڪتابن ۾ هن ’سبع معلقات‘ سان گڏ ’ديوانِ حماسا‘ ۽ ’ديوانِ المتنبي‘ پڻ پيل ڏٺا.
’سبع معلقات‘ کي اسلام کان اڳ جي شاعريءَ ۾ وڏو ڪمال حاصل هئو. انھن ستن شاهڪار قصيدن کي ڪعبة الله ۾ ٽنگجڻ جو شرف حاصل ٿيو هئو، جن ۾ ’امراءُ القيس‘، ’طرفہ بن العبد الکبري‘، ’زبير بن ابي سلمہ‘، ’لبيد بن ربيعہ‘، ’عمرو بن ڪلثوم‘، ’التغلبي‘، ’عنترہ بن شداد‘، ’العبسي‘ ۽ ’حارث بن حُلزہ اليشڪري شامل هئا، انھن مان ’لبيدہ بن ربيعہ‘ بعد ۾ اسلام قبول ڪيو. هر قبيلي مان ننڍا وڏا شاعر ايندا هُئا ۽ پنھنجي شاعري ٻڌائي داد وٺندا هئا ۽ اهي محفلون ڪيترن ڏينھن تائين هلنديون رهنديون هيون. ان موقعي تي جنھن بہ شاعر جي ڪلام کي ماڻھو سڀني کان سٺو قرار ڏيندا هئا، ان کي سال جو وڏو شاعر قرار ڏنو ويندو هئو ۽ روايت آهي تہ ان جو قصيدو ريشمي ڪپڙي (ڪتان) تي سونَ جي پاڻيءَ سان لکي، ڪعبي شريف ۾ لٽڪايو ويندو هئو تہ ان جي شھرت سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويندي هئي، ڇو تہ ميلي ۾ ماڻھو پري پري کان ڪھي پھچندا هئا ۽ چونڊيل قصيدي جا شعر بر زبان ياد ڪندا هئا. انھن ستن شاعرن مان ڪو ڪمال جي ‘مرثيہ خواني ڪندو هئو تہ ڪو غزل جو شهسوار هئو ۽ ڪنھن وري مدحيہ شاعريءَ ۾ نالو ڪمايو، انھن ستن ڄڻن مان وري چار ڄڻا وڌيڪ مشھور هئا، جن ۾ ’اُمراءُ القيس‘، ’زبير بن ابي سلمہ‘، ’نابغہ‘ ۽ ’والاعشيٰ‘ کي سمورن ۾ بھترين شاعر تسليم ڪيو ويندو هئو. عرب دنيا ۾ هي مقولو مشھور هئو تہ: ’امراءُ القيس اذا رڪب‘، امراءُ القيس اٺڻيءَ ۽ گهوڙيءَ جون وصفون بيان ڪرڻ جو ماهر هئو. ’زبير اذا رغب‘ زبير بن ابي سلميٰ کي جڏهن رغبت ٿئي تہ هُو مدح سرائيءَ جو بادشاھہ آهي! ’والنابغہ اذا رهب‘ نابغہ زيباني جڏهن ڊپ ۾ هجي، يعني معذرت خواهيءَ ۾ هجي تہ پوءِ هُو غضب جي شاعري ڪندڙ آهي ۽ ’والاعشيٰ اذا طرب‘ اعشيٰ جڏهن مَستيءَ ۾ هجي! تہ ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي برائي توڙي چڱائي بيان ڪرڻ جو ماهر هئو.“
نوڪر جيڪي کاڌا کڻي آيو، تن ۾ ’المفتح‘، ’چانورن، گوشت، دال چيني، لئونگ، ڪارن مرچن ۾ پڪل پلاءُ، ’الڪبستہ‘ دنبي جو گوشت، ’مشبوس‘، مڇيءَ ۾ پڪل چانور ’الحنيز‘ ڳاڙهي مڪائيءَ جي ماني، ’الڪليجا‘ ڪڻڪ ۽ کجور ۽ زعفران جي شيري ۾ پڪل سويٽ ڊش ۽ ’الحنيني‘ کان سواءِ تازا ڦل ۽ ميوا وافر مقدار ۾ موجود هئا.
ابنِ عربيءَ جي پيءَ علي بن محمد وري عرب شاعر امراءُ القيس جو قصو ٻڌايو، جيڪو هيٺئين ريت هئو:
”’حجر بن حارث الڪندي‘ بنو اسد قبيلي جو بادشاھہ هئو، ’امراءُ القيس‘ هن جو ننڍو پٽ هئو ۽ لاڏ ڪوڏ ۾ پليو هئو. وڏو ٿي هن جون عادتون خراب ٿي ويون. شراب نوشي، اوباشي ۽ عياشيءَ ۾ لڳي ويو. سندس پيءَ کيس گهڻو سمجهايو، پر هُو جڏهن پنھنجين عادتن کان باز نہ آيو تہ کيس گهر مان ڪڍي ڇڏيائين. هُو ۽ هن جا دوست ويراني ۾ جتي بہ پاڻيءَ جو چشمو ڏسندا هئا اتي ٽڪي پوندا هئا. هُو صحرائن ۾ گهمندو رهيو ۽ شعر چوندو رهيو. جڏهن چشمي مان پاڻي ختم ٿي ويندو هو ۽ گاھہ سُڪي ويندو هو تہ امراءُ القيس وري وڃي ٻيا وٿاڻ وسائيندو هئو. هلندي هلندي هُو وڃي يمن پھتو. جتي هن کي اطلاع پھتو تہ سندس قبيلي جي ماڻھن دشمنيءَ ۾ سندس پيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو هئو.
ان بعد هن قسم کنيو تہ هُو جيستائين قاتلن کان سندس پيءَ جي قتل جو پلاند نہ وٺندو ۽ جيستائين بنو اسد قبيلي جا گهٽ ۾ گهٽ سؤ کان مٿي ماڻھو نہ ماريندو، تيستائين هُو نہ گوشت کائيندو، نہ شراب پيئندو ۽ نہ وري مٿي ۾ تيل وجهندو. هن جي اکين ۾ پنھنجي ئي قبيلي جي سؤ ماڻھن کي مارڻ جو خبط هئو. هن بنو اسد قبيلي جي خلاف ماڻھو گڏ ڪيا ۽ جنگيون وڙهيون، پر ماڻھن جي ساٿ ڇڏڻ ڪري ناڪام ٿيو! نيٺ هُو پلاند جي باھہ ۾ قيصرِ روم تائين پھتو ۽ کانئس مدد طلب ڪيائين. قيصرِ روم هن لاءِ هڪڙو لشڪر تيار ڪيو پر پوءِ پنھنجو ارادو بدلائي ڇڏيائين. چون ٿا تہ ’طماح اسدي‘ هن خلاف قيصرِ روم کي ڀڙڪايو هو ۽ کيس ٻڌايو تہ امراءُ القيس جا سندس ڌيءَ سان تعلقات هئا تہ هُو صورتحال ڏسي اتان هليو ويو، بعد ۾ قيصرِ روم هن لاءِ زهر ۾ ٻڏل پوشاڪ موڪلي، جيڪا پائڻ سان امراءُ القيس کي ماتا جھڙي ڪا بيماري ٿي ۽ هن جي چمڙي ۽ گوشت ڳرڻ ڪري نيٺ هُو گذاري ويو تہ هن کي ’جبلِ عيسب‘ جي ڀر سان دفن ڪيو ويو.“
مھمانن ماني ختم ڪئي ۽ هاڻ ڪافي پي رهيا هئا ۽ چُپ هئا. ”توهان امراءُ القيس بابت پئي ڳالھايو.“ ابنِ عربيءَ جي پيءَ علي بن محمد کي شاعر ابنِ دريد مخاطب ڪيو، جنھن تي ابو محمد ٻيھر ڳالھائڻ لڳو:
”ها تہ، امراءُ القيس پنھنجين بي هودين حرڪتن جي ڪري جيترو بدنام ٿيو اوترو ئي شاعريءَ ۾ هن جو مقام اوچو آهي، هن جي شاعريءَ ۾ نازڪ، خيالي، قوت بيان ۽ تشبيھن جو خوبصورت استعمال هئو. هن جي مشھور قصيدي ۾ ايڪاسي شعر آهن، جنھن ۾ هن پنھنجي پڦاٽ، ‘عنيزہ بنت شرجيل سان عشق جو اظھار ڪيو آهي، هُو پھريون شاعر هئو، جنھن سندس محبوبہ جي گهر ۽ ان جي ويران کنڊر تي بيھي ياد ڪرڻ ۽ روئڻ جي رسم جو رواج وڌو. هن سندس شاعريءَ ۾ عورتن سان عشق جو کُليو اظھار ڪيو، عورتن سان گفتگوءَ ۾ فحش ٻولي ڳالھائڻ کان بہ نہ مُڙندو هئو، ان ڪري هن جي شاعري عريانيت سان ڀري پيئي آهي.“ ايترو چئي ابنِ محمد بس ڪئي.
ان بعد ابنِ قطيبہ ٻڌايو:
”چون ٿا تہ، امراءُ القيس سندس پڦاٽ ’’عنيزہ‘ سان عشق تہ ڪندو هئو پر ساڻس ملڻ جو کيس موقعو نہ ملي سگهندو هئو، ان ڪري هُو پريشان رهندو هئو. هن جي قبيلي بنو اسد جي روايت هئي تہ سڄي قبيلي جا مرد ساليانو جشن ملھائڻ لاءِ آباديءَ کان پري هليا ويندا هئا! هڪ ڀيري جي ڳالھہ آهي تہ ساليانو جشن ملھائڻ لاءِ سڀ مرد آباديءَ کان پري هليا ويا، جڏهن تہ عورتون ’دارہ جُلجل‘ نالي حوض تي وهنجڻ لاءِ هليون ويون. امراءُ القيس کي جڏهن خبر پئي تہ هُو ٻين کان نظر بچائي ان حوض ڏانھن هليو ويو ۽ اتي لڪي ويھي عورتن کي وهنجندي ڏسڻ لڳو. بلڪ هُو عورتن جي لٿل ڪپڙن جي ڍير مٿان ويھي وڏي سڏ شاعري ڪرڻ لڳو. جڏهن عورتن کي خبر پئي تہ هُو ڏاڍيون پريشان ٿيون ۽ کانئس پنھنجا ڪپڙا گهريائون پر هن انڪار ڪيو، جنھن تي عورتن هن کي پٽون پاراتا ڏنا تہ امراءُ القيس کين چيو: ”ڏسو! مان توهان مان ڪنھن کي بہ نقصان پھچائڻ جو ارادو نٿو رکان، پر جيستائين توهان مان هڪڙي هڪڙي ٿي منھنجي سامھون نہ ايندي، آءٌ ڪنھن کي بہ ڪپڙا واپس نہ ڪندس! بھرحال نيٺ هن کين هڪ هڪ ٿي اچي ڪپڙا گهرڻ تي موٽايا پر دير ٿيڻ جي ڪري اچي عورتن کي بک لڳي تہ هنن ٻيھر امراءُ القيس کي گهٽ وڌ ڳالھايو ۽ روڄ راڙو شروع ڪيو تہ هن سندس سواريءَ واري اٺڻي ڪُھي، ان جو گوشت پچائي کين کارايو. واپس وڃڻ مھل امراءُ القيس وٽ سواري نہ هئي تہ هن کي سندس محبوبا ۽ پڦاٽ سان گڏ اٺڻيءَ تي ويھڻ جو موقعو مليو.“ سڀيئي ويٺل مُرڪي رهيا هئا.
ڪافيءَ جو دور ختم ٿيڻ بعد ابنِ رشد کي سندس فلسفي بابت ابو الفرج ال آغاني ڳالھائڻ لاءِ چيو تہ هن چيو:
”فلسفو ۽ مذهب، انسان کي هڪ ئي منزل تي پھچائڻ وارا ٻہ رستا آهن، پر اهو اهڙو تہ قضيو آهي، جيڪو صدين کان اهلِ علم جي وچ ۾ مڪالمي ۽ بحث جو موضوع آهي. تقريباً سڀ آسماني مذهب، عقل ۽ نقل جي ان جهيڙي سان لڳل آهن. منھنجي خيال ۾ فلسفو ۽ مذهب هڪ ئي شئي آهن. جيڪي انسان کي ’حقيقتِ اعليٰ‘ تائين پھچائين ٿا. مذهب ان ڪري حق آهي تہ ان وٽ سڌو سنئون وحيءَ جي ذريعي خدا جو پيغام موجود آهي ۽ فلسفو انساني عقل هجڻ جي ڪري حق آهي. ان ڪري حق، حق جو مخالف نٿو ٿي سگهي. قرآن شريف انسان کي بار بار غور و فڪر ڪرڻ يا ٻين لفظن ۾ عقل جي استعمال جي تعليم ڏئي ٿو. قرآن ڪريم نہ رڳو الله تعاليٰ جي پاڪ زبان آهي، بلڪہ اهو دنيا لاءِ هڪڙو آفاقي نظريو، قانون ۽ زندگي گذارڻ جو سليقو پڻ آهي. قرآن شريف ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ آيتن ۾ فلڪيات، حيوانيات، نباتيات، حياتيات، ارضيات، جاگرافي طبعيات وغيره وغيره جو ذڪر آيل آهي. سورة نحل جي آيت نمبر 61 ۾ تقدير جي باري ۾ چيل آهي: ’فاذا جاءَ اَجلهم لايَستا خرون ساعَة ولايستقدمَون.‘ (جڏهن موت جو وقت اچي پھچي ٿو تہ هڪڙي گهڙي بہ اڳيان پويان نٿي ٿي سگهي!) ۽ اهو مقرر ڪيل وقت تي اچي ٿو. يقيناً موت جي گهڙي الله تعاليٰ جي طرفان مقرر ڪيل هجي ٿي، هر انسان کي ان تي ڪامل يقين رکڻو آهي، قرآن شريف جي سورة نجم جي آيت نمبر 39 ۾ فرمايل آهي: ’وَ اِن لَيس لِلِانسانِ الا ما سَعيٰ!؟‘ (۽ هيءُ تہ انسان کي اهو ئي ملندو، جنھن لاءِ هن ڪوشش ڪئي.) باقي خدا تعاليٰ دنياوي معاملن ۾ مداخلت نٿو ڪري، ڇو تہ انسانن جي روزمره وارن عملن ۾ خدا جي مرضي شامل نٿي هجي. انسان پنھنجي مرضيءَ ۾ آزاد ۽ پنھنجين ضرورتن ۾ مجبور آهي ۽ علم جو ذريعو عقل ئي آهي!“
سمورا مھمان کاڌي واري ڪمري مان هلندا، ٻيھر لائبريريءَ ۽ لکڻ پڙهڻ واري ڪمري ۾ واپس آيا، جتي ابو الفراج ال آغاني جيڪو بغداد کان ڪھي ابنِ رشد سان ملڻ لاءِ آيو هئو، تنھن فرمائش ڪئي تہ، ”ڪيڏو نہ چڱو ٿئي جو ابنِ رشد کان عقيدہءِ تقدير بابت بيان ٻڌجي.“ تہ ابنِ رشد ڳالھايو:
”اسلام ۾ عقيدهءِ تقدير، جبر ۽ قدر يعني انسان مجبور محض آهي يا صاحبِ اختيار؟ اهو مسئلو پڻ فلسفين ۾ هميشہ زيرِ بحث رهيو آهي. اسلام ۾ ٽي مڪتبِ فڪر آهن يا چئجي تہ ٽي فرقا آهن، جن مان پھريون ’جبريہ‘ ٻيو ’قدريہ‘ ۽ ٽيون ’اشاعرہ‘ آهي، مسلمان انھن ٽنھي تي بحث ڪندا رهن ٿا، بلڪہ انھن ٽنھي تي عمل ڪن ٿا. ’واصل بن عطا‘ جبريہ فرقي جو باني هئو، هن جو عقيدو هئو تہ انسان پنھنجي هر عمل ۾ تقدير جو پابند آهي ۽ هُو جيڪو ڪجهہ بہ ڪري ٿو سو سندس تقدير موجب سرانجام ٿئي ٿو، ان ڪري اهو مجبور محض آهي! مطلب تہ انسان پنھنجي ڪنھن بہ عمل جو حساب ڏيڻ جو پابند ناهي. ’جھم بن صفوان‘ قدريہ فرقي جو باني هئو، هن جو چوڻ هئو تہ، انسان پنھنجي هر عمل ۾ آزاد ۽ خود مختيار آهي ۽ هُو جيڪو ڪجهہ بہ ڪري ٿو سو پنھنجي مرضيءَ سان ڪري ٿو. مطلب تہ هر انسان پنھنجي ڪيل هر عمل جو حساب ڏيڻ جو پابند آهي. اشاعرہ مسلڪ وارا ’ابوالحسن الاشعري‘ جا پوئلڳ، هنن جو چوڻ آهي تہ، انسان پنھنجن ڪن عملن ۾ مجبور آهي ۽ ڪجهہ عملن ۾ مختيار آهي. ’لھاما کسبت وعليھا ما اکتبست‘ هن جيڪا نيڪي ڪمائي تنھن لاءِ اجر ملندس ۽ جيڪي گناھہ ڪيائين تن لاءِ سزا ملندس! ٻئي طرف الله تعاليٰ، قرآن ڪريم جي سورة ’رعد‘ ۾ ارشاد فرمائي ٿو: ’يمحو الله مايشاءَ وَ يُثبت وِعندہ امالکتاب‘ (الله جنھن لکئي کي چاهي ڊاهي ڇڏي ۽ جنھن لکئي کي چاهي برقرار فرمائي، ان وٽ ئي اصل ڪتاب (لوح محفوظ) آهي.) ’معتزله‘ نالي هڪڙو فرقو، جنھن جو باني وري هڪڙو ايراني ’واصل بن عطا الغزال‘ جو شاگرد خواجہ حسن بصري‘ هئو. عباسي خليفي مامون الرشيد جي دؤر ۾ هيءُ سرڪاري مذهب بڻجي ويو هئو. معتزلہ انسان کي مختيارِ ڪُل مڃندو هئو. سندس چوڻ هئو تہ انسان پنھنجي عملن ۾ خود مختيار آهي! سڀ کان اهم ڳالھہ جيڪا انساني زندگيءَ کي متاثر ڪري ٿي، سا آهي لاعلمي: لاعلمي ڊپ پيدا ڪندي آهي، ڊپ وري نفرت پيدا ڪندو آهي ۽ نفرت مان تشدد جنم وٺندو آهي!“
اهو بيان ٻڌڻ بعد ابنِ عربيءَ جو والد ۽ ’ابنِ دريد‘، ’ابنِ طفيل‘ ڏانھن متوجه ٿيا، جيڪو ابنِ رشد جو استاد ۽ دوست هئو. اهو انھن ڏينھن ڪو داستان لکي رهيو هئو. سڀني چيو تہ ابنِ طفيل، جيڪڏهن سندس داستان جو ڪو ٽڪرو ٻڌائي تہ بھتر ٿيندو.
ان ئي مھل سارنگ جي ننڊ مان اک کُلي ۽ هُو پنھنجي صندل تان لھي گهر کان ٻاهر پيشاب ڪرڻ هليو ويو. واپس اچي هن پِسيءَ جو وٽو کڻي دلي مان ڀريو، پاڻي پيتو ۽ آسمان ڏانھن نھاريائين، جيڪو هميشہ جيان تارن ۽ کيرڌارائن سان ڀريل هئو، هن سوچيو: تارن ۽ کيرڌارائن جي بہ ڪا زبان هوندي، جنھن کي سمجهڻ ايترو سولو ڪونھي ۽ شايد سمنڊ جا راز بہ هر ڪو نٿو ڄاڻي، جيڪو هن جي روزگار جو ذريعو بڻيل آهي: سمنڊ بہ ڄڻ ڏاتار آهي! هُو سوچيندو سوچيندو اچي سُتو تہ ننڊ نہ اچڻ جي ڪري، هُو دير تائين پاسا ورائيندو رهيو، گهڻي دير کان پوءِ هُن کي ننڊ آئي، تہ هُن ابنِ طفيل جي داستان ’حَيِّ ابن يقظان‘ بابت خواب لھڻ شروع ڪيو.
هن ڏٺو تہ، ٻہ حسينائون سندن محلات جھڙي گهر جي بالڪنيءَ ۾ بيھي شھر جو نظارو ڪري رهيو هيون تہ رستي تان هڪڙي مسافر کي لنگهندي ڏٺائون، جيڪو هڪڙي اُٺ تي چڙهيل هئو ۽ عرب شاعر امراءُ القيس جي قصيدي جا بند جهونگاري رهيو هئو:
”اِذَا قَامتا تصنَوعَ المِسۡکُ مِنهُمَا، لَسنيم الصَّباءَ جَاعَت بِرَّ يا القُرنفُل“
-
فَضَاضَت دَمُوعُ العَينۡ مِنّي صَبَابَةِ، عليٰ الۡمضَحۡر حَتيٰ بَل دَمعَي مخِملي!
-
فَمِثلکُ حُبلي قَدۡ طَرقۡتَ وَ مَرضِع، فَالھيتھا عَن ذي تَمائِم محولِ!
(امراءُ القيس)
(جڏهن اهي ٻئي مستاني انداز ۾ بيٺل هونديون هيون تہ انھن ٻنھي مان مُشڪ جي خوشبوءِ ائين مھڪندي هئي جھڙوڪ بادِ صَبا لئونگن جي خوشبوءِ کنيو ٿي اچي! عشق جي سَٽَ جي ڪري منھنجي اکين مان غم جا ڳوڙها وهي سيني تائين پھتا ۽ انھن منھنجي تلوار جي مياڻ کي تَر ڪري ڇڏيو! اي منھنجي معشوقا! تو جھڙيون ڪيتريون ڪنواريون، حمل واريون ۽ کير پيئارڻ واريون خوبصورت عورتون هيون، جن وٽ مان راتين جو ويس ۽ انھن کي دنيا و مافيھا کان غافل ڪري ڇڏيم!)
انھن ٻنھي جڏهن خوبصورت ۽ نوجوان اوٺار جي زبان مان اهڙي شاعري ٻڌي تہ هڪٻئي کي ڏسي ٽَھڪ ڏنائون. انھن مان هڪڙي جيڪا وڏي هئي، تنھن اوٺار جي شاعريءَ جو پھريون بند ورجايو:
’جڏهن اهي ٻئي مستاني انداز ۾ بيٺل هونديون هيون تہ انھن ٻنھي مان مُشڪ جي خوشبوءِ ائين مھڪندي هئي جھڙوڪ بادِ صبا لئونگن جي خوشبوءِ کنيو ٿي اچي... ها... ها...! هن ٻيھر ٽھڪ ڏنو. سندس هٿ ۾ ان وقت گلناري جو گل هئو، سو اوٺار ڏانھن اڇلايائين. اوٺار جيڪو مسلسل هنن ٻنھي دوشيزائن ڏانھن نھاري شعر پڙهي رهيو هئو، تنھن اهو گل جهٽي پنھنجين اکين تي رکيو ۽ حسينا کي سلام ڪيائين ۽ مُرڪندو هليو تہ ويو، پر ڄڻ حسينا جي دل پاڻ سان گڏ کڻي ويو: هُوءَ ان کان پوءِ چُپ ٿي ويئي ۽ سندس ننڍي ڀيڻ سڄو ڏينھن اهو شعر ورجائيندي، وڏيءَ ڀيڻ کي چيڙائيندي رهي. ٻنھي ڇوڪرين جو پيءُ شھر جو امير ترين ماڻھو هئو، سونَ جو واپار ڪندو هو.
’جڏهن اهي ٻئي مستاني انداز ۾ بيٺل هونديون هيون تہ انھن ٻنھي مان مشڪ جي خوشبو ائين مھڪندي هئي... جھڙوڪ بادِ صبا!‘ تہ وڏيءَ جو رنگ فق ٿي ٿي ويو.
ٻہ ڏينھن گذري ويا دوشيزا جي اندر ۾ اُهو مسافر ڄڻ حُزن جي زهر ۾ ٻڏل تير کُپائي هليو ويو هئو! ٽئين ڏينھن هُو ٻيھر اتان لنگهيو تہ وڏي ڀيڻ، جنھن جو نالو اَفرح يمني هئو، سا هن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿي ۽ سندس ٻانھيءَ کي ڊوڙايائين تہ ان اوٺار کي وڃي روڪي ٻڌاءِ تہ هُو اڄ رات منھنجو مھمان ٿئي تہ سندس دل کي ڄڻ پذيرائي ملندي.
ٻانھيءَ جڏهن ڊوڙي وڃي اوٺار کي روڪيو ۽ کيس سَربستو احوال ٻڌايائين تہ اوٺار جنھن جو نالو ’حمزہ نجدي‘ هئو. تنھن پھرين بالڪنيءَ ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ سندس ڳچيءَ مان پکراج جڙيل سونو هار لاهي کيس نشاني طور ڏنو ۽ ساڻس واعدو ڪيو تہ پنھنجي مالڪڻ کي وڃي ٻڌائي تہ هُو اڄوڪي رات کيس دل سان ياد ڪندڙ محبوب وٽ ضرور ڀيرو ڀڃندو.
- - - - -
منجهند کان ئي افرح يمني پنھنجي محبوب لاءِ پاڻ کي ٺاهڻ ۽ هار سينگار ڪرڻ شروع ڪيو. پھرين هن ميندي پسارائي رکي پوءِ جسم جا غير ضروري وار صاف ڪيا. ان بعد هن نوڪرياڻيءَ هٿان سندس بُت کي مڪئي جي اٽي، زيتون جي تيل ۽ هيڊ جي آٽڻ سان مھٽرايو، پوءِ وهنجڻ بعد هن هٿن، پيرن تي ميندي هڻائي ۽ پوءِ آرسيءَ اڳيان بيھي پنھنجين ڇاتين ۽ اندام نھاني تي مينديءَ جا گل چِٽ ڪڍيا، جڏهن مينديءَ جو رنگ پڪو ٿي ويو تہ هن ٻيھر غسل ڪيو ۽ پوءِ ٻانھيءَ کان سڄي جسم تي چنبيليءَ ۽ بادام جي تيل سان مالش ڪرايائين. ان بعد پاڻيءَ ۾ ۾ ’مُر‘ وجهي پنھنجي اندام نھاني ۽ ڪَڇن جي بوءِ ختم ڪرڻ لاءِ مالش ڪيائين، پوءِ مشڪ ۽ گلاب جي پاڻيءَ سان ڌوتائين ۽ آخر ۾ ڳاڙهي ريشم جا ڪپڙا ۽ هيرا جواهر جڙيل زيوَر پائي ٺھي ٺڪي حمزہ نجديءَ جي انتظار ۾ ويھي رهي ۽ ٻانھيءَ کي بالڪني ۾ بيھاري ڇڏيائين. جيئن ئي هَئو مَئو ٽريو، سومھڻيءَ کان پوءِ حمزہ نجدي آيو ۽ کيس ٻڌايل رستي موجب هُو محل جي پوئين پاسي کان بيٺل ٻانھيءَ واري بالڪني سان گڏ اٺ کي بيھاري مٿي چڙهيو، اٺ جي مھار کي بالڪنيءَ سان ٻڌائين ۽ دروازو ٽپي اندر ٿيو تہ هن افرح يمني کي پلنگ تي سندس انتظار ۾ ڏٺو، سا ٽِپ ڏيئي اٿي ۽ سلام ورائي سندس آڌرڀاءُ ڪيائين. پوءِ ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ ائين ٻکجي ويا ڄڻ هڪٻئي کي سالن کان ڄاڻندا ۽ سڃاڻندا هئا. گهڻيءَ دير تائين هڪٻئي کي ڏسي ڀاڪر پائي ٿڌا ساھہ ڀريندا رهيا. حمزہ، افرح جي اکين ۾ ڏسي چيو:
اِذَا مَا الثُّرِيا فِي السَّماءِ تَعَرضۡتِ، تَعِّرُض اُثنَاءَ الو شَاحِ المُفصّل
فَجِئتُ وَقَد نَضّتۡ لِنَو ۾ ثِيَابھا، لَدَي السَّتۡرا اِلاّ لِبَسَة المتفَضَّلِ
(امراءُ القيس)
(مان پنھنجي سھڻي محبوب سان اهڙي وقت ملڻ لاءِ آيس جڏهن آسمان تي تارن ۽ ڪھڪشائن جا ڪنارا ائين پئي چمڪيا ڄڻ موتين جون لڙيون پويل هجن! مان پنھنجي محبوبا وٽ ان وقت وڃي پھتس، جڏهن هن پنھنجا ڪپڙا لاهي ڇڏيا هئا ۽ شب خوابي جي لباس ۾ سنھي پردي پويان بيھي منھنجو انتظار ڪري رهي هئي.)
افرح پوءِ، حمزہ نجديءَ کي ڪُشتا ۽ سونَ جا ورق پيل عشرت انگيز شربت پيئاريو. صوف، انگور ۽ ناسپاتيون ڪَٽي کارايون ۽ پوءِ ٻئي پلنگ تي هليا ويا. ڪلاڪ ٻن کان پوءِ هنن هرڻ جو پڪل گوشت کاڌو ۽ هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي سمھي رهيا. اهڙيءَ ريت هُو ٽي راتيون ۽ ٽي ڏينھن هڪٻئي مان لطف اندوز ٿيندا رهيا.
ٽن ڏينھن بعد حمزہ جڏهن موڪلائڻ جو چيو تہ، افرح سندس جُبي مان جهلي بيھي رهي، سندس اکين مان جُهڙ جُهڙ ڳوڙها ٽِمڻ لڳا ۽ کيس چيائين تہ، ”هُوءَ سندس عشق ۽ محبت ۾ فنا ٿي چڪي آهي، تنھن ڪري هُو جيڪڏهن هن کي ڇڏي ويندو تہ هُوءَ هيرو ڳڙڪائي آپگهات ڪري ڇڏيندي!“ حمزي حيرانيءَ مان سندس گهائيندڙ ڪارين اکين ۾ نھاريو. سندس اکيون چُميون ۽ پوءِ پنھنجيءَ چيلھہ سان ٻڌل خنجر کولي، کيس نشاني طور رکڻ لاءِ ڏنو ۽ ساڻس جلد ئي ٻيھر ملڻ جو واعدو ڪيائين. افرح هن کي سونَ ۾ مڙهيل ياقوت جي منڊيءَ جو تحفو ڏنو ۽ بالڪنيءَ تائين هن جا چَپَ چُمندي رهي تہ حمزہ شعر پڙهيو:
وَمَا ذرفت عيناڪِ الالتضربي، بسهمَيک في اعشار قلب مُقّتَلِ
(امراءُ القيس)
(تنھنجين ٻنھي خوبصورت اکين مان جيڪي ڳوڙها وهندي نظر پيا اچن، اهي منھنجي ڀڳل دل تي تنھنجي نگاهن جا تير آهن، هيءَ دل جيڪا اڳي ئي تنھنجي عشق ۾ ڀِڳل ۽ خوار آهي سا وڌيڪ زخمي ٿي ويئي آهي!)
حمزہ هن کي جلد ئي ٻيھر ملڻ جو واعدو ڪري روانو ٿيو، پر مھينا گذري ويا نہ موٽيو. افرح ڳورهاري ٿي پيئي ۽ روئيندي حمزہ جو انتظار ڪندي، سندس جدائيءَ جو ماتم ڪندي رهي. هن ڪافي ڀيرا مايوس ٿي، سندس ڀيڻ سان خودڪشيءَ جو ارادو ظاهر ڪيو، جنھن تي سندس ڀيڻ پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار جو ٻڌائي کيس روڪيندي رهي. افرح، حمزہ جي جدائيءَ ۾ رات ڏينھن روئيندي رهي، ايسيتائين جو موسم بہ مَٽجي ويئي، پر حمزہ نہ موٽيو. نيٺ نَوَ مھينا پورا ٿيا تہ افرح کي پٽ ڄائو. افرح جي ڀيڻ اهو سڀ ڪجهہ سندس پيءَ کان لڪائيندي رهي. نئين ڄاول ٻار کي هنن هڪڙي پيتيءَ ۾ بند ڪري رات وچ ۾ نوڪرن هٿان سمنڊ ۾ لوڙهائي ڇڏيو ۽ پوءِ حمزہ جي عشق ۽ جدائيءَ ۾ برباد ٿيل افرح وٽس نشاني طور ڇڏيل حمزہ جو خنجر ڪڍيو ۽ پنھنجي دل ۾ کُپائي پنھنجو انت آڻي ڇڏيائين.
- - - - -
صبح جو سوير هڪڙو مھاڻو ٻيڙي ڪاهي سمنڊ ۾ مڇيون مارڻ لاءِ نڪتو ۽ پري تائين هليو ويو تہ هن کي گهاٽي جهنگ واري ٻيٽ جي ڪناري هڪڙي صندوق ٽلڪندي ڏسڻ ۾ آئي. هُو ويجهو ويو تہ ان مان ڪي آواز ٻڌڻ ۾ آيس. هُو ٻيڙي ڪناري ڪري لٿو، صندوق پاڻيءَ مان ڪڍي ٻيٽ تي رکي ان کي کوليائين تہ حيرت ٿيس. پيتيءَ مان هيرن جواهرن جا چمڪاٽ پئي نڪتا ۽ انھن مٿان هڪڙو نئون ڄاول ابھم ٻار پنھنجيون مٺيون ڀڪوڙي روئي رهيو هئو، سندس اکين ۾ پاڻي هئو.
مھاڻو، ٻار ۽ چمڪندڙ هيرا جواهر ڏسي خوشيءَ ۾ گدگد ٿيڻ لڳو. هن سوچيو، هُو هن خوبصورت ٻار کي کڻي پنھنجي گهر ويندو ۽ سندس زال ان کي نپائيندي. هُو اڃان اهو سوچي ئي رهيو هئو تہ هن سندس پويان هڪڙو خوفناڪ آواز ٻڌو تہ هُو ڪنبي ويو.
اهو چراخ جھڙوآواز هئو. آواز ٻڌي هن جو هيانءُ ڦاٽڻ لڳو. هن پويان نھاريو تہ هن کي هڪڙي خوفناڪ ڏائڻ نظر آئي، جيڪا ٽپ ڏيئي بڙ جي وڻ تان هيٺ لٿي تہ هڪڙو چٻرو بہ وڻ مان نڪري اڏامندو، ڪنھن پاسي هليو ويو. ڏائڻ جي مٿي تي ٻہ سڱ هئا ۽ چپن جي مٿان ٻہ چيريندڙ ڏند پئي لڙڪيس ۽ ڳاڙهيون ٽانڊن جھڙيون اکيون ٻَريس پئي.
مھاڻي ڏائڻ کي ڏٺو تہ هڪدم ٻار کي ڇڏي ڊپ ۾ ڊوڙي وڃي سمنڊ ۾ ٽپو ڏنائين. ڏائڻ چِيٽون ڪندي ڊوڙندي آئي ۽ چيائين: ”نڪري ويو! نڪري ويو، منھنجي حد مان نڪري ويو!“ ۽ اچي پيتيءَ مان ٻار کي کنيائين، جيڪو مسلسل روئي رهيو هئو. ڏائڻ ٻيھر پنھنجي ڊيڄاريندڙ آواز ۾ چِيٽون ڪيون ۽ پوءِ ٽھڪ ڏيڻ لڳي. هن جو آواز چراخ جھڙو هئو، جنھن جي ٻڌڻ سان ڊپ ۾ ماڻھوءَ جي دل ويھي رهندي آهي!
ڏائڻ ٿوري دير تائين ٻار کي ٺپرڻ لڳي پوءِ مھاڻي ڏانھن نھاريندي چيائين: ”پاڻيءَ ۾ ٽپ ڏيئي ڀڄي وئين، منھنجي حد کان نڪري وئين، نہ تہ اهر جيڏا داڻا ڪري ڇڏيانءِ ها!“ پوءِ هُوءَ ٻار سميت وڃي وڻ جي ٿُڙ کي ٽيڪ ڏيئي ويٺي ۽ ٻار کي ريجهائڻ ۾ لڳي ويئي. ٿوري ئي دير ۾ مھاڻي ڏٺو تہ اها بدصورت ڏائڻ منجهان هڪڙي خوبصورت اپسرا ۾ بدلجي ويئي، پوءِ هن پنھنجو چولو مٿي ڪري ٻار کي کير ڌارائڻ شروع ڪيو تہ ٻار چُپ ٿي ويو. ڏائڻ جا پير ابتا هئا.
مھاڻو، سمنڊ مان مسلسل هن کي ڏسندو ۽ پاڻيءَ ۾ تڙڳندو رهيو. ٻارَ جڏهن کير پي ڍَءُ ڪيو تہ هُوءَ اُن کي کڻي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندي گهاٽي جهنگ ۾ اندر هلي ويئي. مھاڻو ڪافي دير تائين ڏائڻ جي ٻاهر نڪرڻ جو انتظار ڪندو رهيو پر نيٺ جڏهن گهڻي دير تائين هُوءَ ٻاهر نہ نڪتي تہ مھاڻو سمنڊ مان ٻاهر نڪتو ۽ ڊڄندو ڊڄندو آهستي آهستي ٻيٽ تي ويو ۽ هيرن ۽ موتين سان ڀريل صندوق کڻي تڪڙو واپس وريو ۽ ٻيڙيءَ ۾ ويھي وَنجهہ هلائڻ لڳو.
- - - - -
ٻيٽ تي ٻار، ڏائڻ ۽ هرڻيءَ جي کير تي پلجندو رهيو ۽ جيئن ئي هُو وڏو ٿيڻ لڳو تہ هن کي مٿي تي ٻہ سڱ ڦُٽي آيا، ڏائڻ هن جو نالو ’بنشي‘ رکيو. بنشي جنھن هرڻيءَ جو کير پيئندو هئو، ان جي ٻچي ’ڪاشي‘ سان دوستي رکيائين ۽ پوءِ جهنگ جا سمورا جانور ڊائناسار، هاٿي، لومڙيون، بگهڙ، گدڙ، رِڇ، ڀولڙا، باندر، سُوئر، هرڻ، ڦاڙها، نوريئڙا، چٻرا، سرڻيون، ڪانگ، عقاب، باز ۽ انھن جا ٻچا ٻيٽ تي رهندا هئا، سي سمورا بنشي ۽ ڪاشي جا دوست ٿي ويا! هُو پوءِ سڄو ڏينھن ٻيٽ جي گهاٽي جهنگ ۾ انھن جانورن ۽ پکين سان گڏ ڪچھريون ڪندو ۽ ٽولو ٺاهي گهمندو رهندو هئو. جڏهن بہ بک لڳندي هئس تہ ڪڏهن هرڻين جو کير پيئندو هو، ڪڏهن جهنگلي ميوا، گل، گئونچ کائيندو هو يا وري وڻن تان ماکي لاهي کائيندو هئو ۽ ڪڏهن وري مڪڙ يا آکيرن مان پکين جا آنا ڳولي پيو کائيندو هئو. ڪجهہ ئي سالن ۾ هُو هاڻ شاهي قد سان طاقتور جوان ٿي ويو هئو ۽ هلندو هئو تہ ٻيٽ جي زمين بہ ڌُٻڻ لڳندي هئي. هُو ڊائنا سارس ۽ هاٿين جي مٿان پيو سواري ڪندو هئو ۽ رات جو هُو ڏائڻ جي اُن چُر ۾ وڃي سمھندو هئو، جيڪا ڏائڻ جي کاڌل ماڻھن جي کوپرين سان ڀريل هوندي هئي يا وري ڪنھن گهاٽي وڻ جي ٽارين تي سمھي رهندو هئو، پنھنجي اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ هو وڻن جا پن استعمال ڪندو هئو.
هڪڙي ڏينھن بنشي سمنڊ جي ڪناري تي آيو تہ هن ڏٺو اتي هڪڙو شاهي ڪوڏ پيو هئو، جنھن مان هوا تي ڏاڍا زبردست سُرَ نڪري رهيا هئا، هُو ٿوري دير تہ ان کي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ ان کي کڻي ڪَن تي رکي سُرَ ٻڌڻ لڳو. ٻيٽ تي هن سمورن جانورن کي ان ڪوڏ مان ڦوڪ سان سُر ڪڍي ٻڌايا ۽ پوءِ جڏهن بہ هُو جانورن کي سڏڻ چاهيندو هئو تہ ڪوڏ کڻي وڄائيندو هئو تہ سمورا جانور توڙي پکي هِتان هُتان ڊوڙندا ۽ اڏامندا هن وٽ پھچي ويندا هئا. هُو نہ رڳو جانورن ۽ پکين جون ٻوليون سمجهندو هئو، پر ساڻن سندن ٻولين ۾ ڳالھائيندو پڻ هئو. ڪاشي تہ سڄو ڏينھن هن سان گڏ گڏ هوندو هئو.
هڪڙي ڏينھن بِنشي ۽ سندس دوست ڪاشي ٻيئي هڪڙي پٿر تي ويھي گهلندڙ هوا تي ڪوڏ مان موسيقي ٻڌي ۽ ڪچھري ڪري رهيا هئا تہ اوچتو هڪڙي شينھن ٽپو ڏيئي ڪاشي تي حملو ڪيو ۽ چنبو هڻي ان جا آنڊا ڪڍي وڌائين ۽ پوءِ ان کي گهلي پنھنجي ڪڇار طرف کڻي وڃڻ لڳو تہ بِنشي پھرين تہ حيران ٿي ويو. هن کي سندس دوست ڪاشيءَ جي اکين ۾ بيوسيءَ جا اولڙا ڏسي ايترو تہ ڏک ٿيو جو هن هڪڙو پٿر کڻي شينھن ڏانھن اڇلايو، جنھن سان ڪو فرق نہ پيو تہ هُو ڪافي دير تائين روئيندو رهيو.
بنشي جڏهن اها ڳالھہ ڪاشي جي ماءُ هرڻيءَ کي ٻڌائي تہ پھرين تہ هُوءَ اداس ٿي ويئي ۽ هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ پوءِ بنشي کي چيائين: ”پٽ! دنيا ۾ ڪو انصاف ڪونھي، هر طاقت اڳيان ڪمزوري، حقير ۽ مجبور آهي! لڳي ٿو، اسان هرڻن کي شينھن جي خوراڪ لاءِ ٺاهيو ويو آهي!“
هُو ٻئي ڄڻا ڪافي دير تائين گڏجي ڪاشيءَ لاءِ روئيندا رهيا. بنشي سوچيو: ’ائين ڇو آهي جو ڪمزوري، طاقت اڳيان حقير آهي؟‘ پر ان جو هن وٽ ڪو بھتر جواب نہ هئو.
سڄي جهنگ ۾ اها خبر باھہ جيان پکڙجي ويئي تہ بنشي جي دوست ڪاشي کي شينھن کائي ويو آهي.
ٻن ڏينھن تائين بنشي نہ ڪجهہ کاڌو نہ پيتو ۽ روئي روئي مُنھن سُڄي پيس. جڏهن هن روئڻ بس ڪيو تہ هن ڏائڻ کي ڳوليو، جيڪا سندس غار ۾ سمھي کونگهرا هڻي رهي هئي.
هن ڏائڻ کي ٻڌايو تہ، ”هُن جي دوست ڪاشي کي شينھن کائي ويو آهي ۽ هاڻ جيستائين هُو شينھن کي ماري بدلو نہ وٺندو تيستائين سک نہ ايندس!“
ڏائڻ پھرين تہ غار مان ٻاهر نڪري جهنگ ۾ هُوڪريا ڪيا. هن جو آواز چراخ جھڙوهئو ۽ اکين مان ٽانڊن جھڙي روشني پئي نڪتس. ڏائڻ پوءِ ڪجهہ دير تائين بنشي جو هٿ وٺي چميو ۽ ان سان پنھنجي پيار جو اظھار ڪيو. کيس ڳلن تي چميون ڏنيون تہ هن جي چپن مان گگ وهڻ لڳي. ان بعد هُوءَ هڪڙي پٿر تي چڙهي بيٺي ۽ سمنڊ ڏانھن منھن ڪري بلند آواز ۾ هڪڙو منتر پڙهڻ لڳي تہ سمنڊ ۾ ڀئونچال اچي ويو پوءِ هڪڙو زبردست تير ڪمان ۽ چِلڪندڙ ڀالو هن اڳيان اچي ڪريا، جنھن تي هن خوش ٿي ٽھڪ ڏنا ۽ بنشي کي چيو: ”هي جادو ئي هٿيار کڻ ۽ وڃ وڃي شينھن کي مار!“ هن بنشي کي هٿيار کڻي انھن جو استعمال بہ سمجهايو ۽ کيس هڪڙو منتر بہ سيکاريو:
’اوم گام گانا پتي نمھا!‘
’اوم، ماني پدم هيم... اوم نمو ڀاگاوتي رکمني ولڀا يا سوها، اوم گام گانا پتي نمھا!‘
’اوم ڀور ڀووا سورتت ساويتور ورنيم ڀارو ديوسيا ڌيمي ڌيميو يونہ پرچوديات!‘
ڏائڻ ٻيھر بنشي کي چيو: ”هي طاقتور هٿيار توکي نہ رڳو شينھن کي مارڻ ۾ آساني پيدا ڪندا پر تنھنجي اڳيان ايندڙ هر دشمن کي نيست نابود ڪري ڇڏيندا. تنھنجي قوت ۾ اضافو ڪندا ۽ توکي تنھنجن دشمنن تي غالب آڻيندا. ڏائڻ پوءِ ٽھڪ ڏنا ۽ پنھنجي غار ڏانھن سمھڻ لاءِ هلي ويئي.
ٻئي ڏينھن بنشي شينھن کي مارڻ جي تياري ڪئي ۽ ڪوڏ کڻي وڏي سڏ وڄايائين تہ سمورا جانور هرڻ، گدڙ، بگهڙ، هاٿي، سوئر ۽ لومڙيون باندر ۽ پکين جا ولر اچي مِڙيا، جهنگ ۾ چهچٽو مچي ويو. جن ۾ ڪانگ ۽ ڪٻريون گهڻو گوڙ ڪري رهيا هئا! پوءِ سمورا لشڪر ٺاهي بنشي سان گڏ شينھن جي ٻِر ڏانھن هلڻ لڳا. بنشي، هاٿيءَ جي پٺيءَ تي چڙهيل هئو. نيٺ سمورا جڏهن شينھن جي ٻِر تي پھتا تہ بنشي وڏي سڏ ڪوڏ وڄايو ۽ ڪانوَ لڙ مچائڻ لڳا تہ گوڙ تي شينھن ٻاهر نڪتو ۽ جهنگ جي سمورن جانورن ۽ پکين کي سندس ڏر اڳيان گڏ ٿيل ڏسي حيران ٿيو. بنشي سندس ئي ٻوليءَ ۾ کيس سندس پياري دوست ڪاشي کي مارڻ جو ٻڌايو ۽ ساڻس مقابلو ڪرڻ جو چيو تہ شينھن پھرين تہ لاپرواهيءَ ۾ مٿس ترڇي نظر وجهي اوٻاسي ڏني، پوءِ سمورن کي ڊيڄارڻ لاءِ گجگوڙ ڪئي تہ سمورا جانور ۽ پکي ٻنھي جي مقابلي لاءِ ميدان تي گهيرو ٺاهي بيھي رهيا! بنشي، هاٿيءَ کي اشارو ڏنو تہ اهو ويھي رهيو تہ هُو ٽپ ڏيئي ان تان لٿو ۽ ميدان ۾ اچي شينھن کي للڪارڻ لڳو. سندس هٿ ۾ جهليل جادوئي ڀالي مان چمڪاٽ نڪري رهيا هئا ۽ تير ڪمان سندس ڪلھي تي لڙڪي رهيا هئا.
شينھن جڏهن اها صورتحال ڏٺي تہ پھرين تہ ڏاڍي ڪاوڙ آيس ۽ بنشي ۽ ساڻس گڏ آيل جانورن کي گهٽ وڌ ڳالھائڻ لڳو، پوءِ هن ڪاوڙ ۾ پنھنجو پڇ ڦيرائي زمين تي سٽيائين ۽ مقابلو ڪرڻ لاءِ ميدان ڏانھن وڌيو. هن جي اکين ۾ سخت ڪاوڙ هئي. سمورا جانور ۽ پکي رڙي رنڀي ۽ نعرا هڻي رهيا هئا ۽ پنھنجين پنھنجين ٻولين ۾ ڀانت ڀانت جون ڳالھيون ڪري رهيا هئا. شينھن کي ڪاوڙ ۽ غيرت آئي، هُو ميدان ۾ آيو ۽ اکيون ڪرڙيون ڪري جانورن ڏانھن نھارڻ لڳو ۽ ڪاوڙ ۾ چيائين: ”توهان سڀني کي ڇا ٿيو آهي؟ جهنگ ۾ رهندڙ هرڻ کي ماري کائڻ منھنجو فطري حق آهي!“ ڪانوَ لڙ مچائي هڪڙن وڻن تان ٻين ڏانھن اڏامي رهيا هئا. جهنگ جي تاريخ ۾ اهو پھريون ڀيرو هئو جو شينھن خلاف جنگ جو اعلان ٿيو هئو ۽ سمورا جانور مقابلي ڏسڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا.
شينھن جي ڳالھہ ٻڌي ڪاوڙ ۾ بنشي جو منھن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ اکين مان چڻنگون نڪرڻ لڳس ۽ چيائين: ”او معتبر شينھن! ڪاشي منھنجو دوست هئو ۽ توکي ڪو حق نٿي پھتو تہ تون منھنجي دوست کي ماري کائين!“ بنشي جيئن ئي قدم کڻي زمين تي رکيو ٿي تہ زمين ڌُڏي ٿي ويئي. هاڻ شينھن ۽ بنشي مقابلي لاءِ ميدان ۾ آمھون سامھون هئا. شينھن، بنشي جو زبردست ورزشي بدن ڏٺو تہ ڏاڍو مايوس ٿيو ۽ وري هن جيئن ئي سندس هٿ ۾ چلڪندڙ جادوئي ڀالو ڏٺو تہ کيس ڏڪڻي وٺي ويئي. بنشيءَ وڏي رڙ ڪري شينھن کي للڪاريو ۽ چلڪندڙ ڀالو کڻي سڌو ڪيو تہ شينھن ڊڄي ويو، سندس اکين ۾ خوف مِڙي آيو پوءِ هُو مڙيو، پُٺي ڏنائين، سندس ڪاوڙ ۾ وٽيل پڇ سڌو ٿي ويو، جانورن جو گهيرو ٽوڙيندو وٺي ڀڳو ۽ ڊوڙي وڃي سندس ڪڇار ۾ لڪو!
سمورا جانور توڙي پکي اهو ڏسي حيران ٿي ويا ۽ شينھن جي گيدي پڻي تي کيس سندس ڏر ٻاهران بيھي ڦِٺ لعنت ڪرڻ لڳا. خاص ڪري ڊائناسار ۽ هاٿي مٿس گهڻي ڦٺ لعنت ڪري شينھن کي سندس ٻِر مان نڪرڻ لاءِ چئي رهيا هئا. نيٺ لومڙي آئي ۽ شينھن جي ڏر ڀر سان بيھي کيس شرم ڏيارڻ لڳي: ”او شينھن شير خدا جا!.. جهنگ جا بادشاھہ، ٻاهر نڪر ۽ بنشي سان مقابلو ڪر! زندگي موت الله جي هٿ ۾ آهي... پنھنجي نسل کي نہ لڄاءِ!“
شينھن اندران ئي جواب ڏنو: ”مان قطعي ٻاهر نہ ايندس. بنشي مون کي ماري وجهندو!“ تہ هاٿيءَ پھرين پنھنجي سونڊ مٿي ڪري اوناڙ ڪئي، جيڪا سڀني جانورن ٻڌي ۽ پوءِ پنھنجيون ننڍڙيون اکيون ڇينڀيندي چيائين: ”دنيا ۾ طاقت جو ڪو ڇيھہ ڪونھي! هر طاقت جي اڳيان ٻي طاقت بند ٻڌيو بيٺي آهي! هر طاقت کان ٻي وڏي طاقت موجود آهي، پر طاقت جو ڪو ڇيھہ ڪونھي! ان ڪري ڪابہ طاقت اصل طاقت ڪانھي، وڏي ۾ وڏي طاقت بہ ڪٿي نہ ڪٿي هيڇ آهي.“ تہ سمورا جانور اهو ٻڌي چپ ٿي ويا.
بنشي ڪافي دير تائين شينھن کي ٻاهر اچڻ لاءِ ڌمڪائيندو رهيو پر شينھن ٻاهر نہ نڪتو تہ وري سمورن جي ڳالھائڻ جي ڪري گوڙ وڌي ويو ۽ نيٺ بنشي هڪڙو شاهي پٿر کڻي آيو ۽ اچي شينھن جي ڏر مٿان رکيائين ۽ ان کي بند ڪري ڇڏيائين!
”هاڻ تنھنجي اها ئي سزا آهي، جهنگ جا بادشاھہ، هاڻ تون مري اتي ئي پساھہ پورا ڪندين! هاڻ ڀلي پيو دانھون ڪر، روءُ ۽ رنڀ!“ بنشيءَ سھڪندي ڪاوڙ ۾ ڳالھايو ۽ پوءِ هاٿيءَ تي چڙهي سمورن جانورن ۽ پکين جي قافلي سان گڏ واپس آيو ۽ اچي وڏي وڻ جي هيٺان ويٺو، جتي چٻرن جا آکيرا هئا. گهڻي دير تائين سمورا ڄڻا اڄوڪي واقعي تي ڳالھائيندا رهيا. هرڻيءَ چيو: ”جڏهن طاقت ۽ مغروري گڏبا آهن تہ پوءِ ائين ئي ٿيندو آهي!“ ۽ پوءِ سمورا جانور، بنشي ۽ پکي ٽڙپکڙ ٿي ويا.
- - - - -
شام جو تڪڙو تڪڙو هڪڙو ٻيڙو سمنڊ ۾ واءُ مينھن ڪندو ترندو آيو ۽ اچي ٻيٽ ڀر سان رڪيو. جنھن مان جلدي جلدي ڪافي ماڻھو لٿا. جن ۾ ڪجهہ عورتون پڻ هيون ۽ ان شاهي وڻ جي هيٺان اچي ڊاٻو ڪيائون، جنھن ۾ چٻرن جا آکيرا هئا. انھن مان ڪجهہ ماڻھن تڏا وڇايا ۽ انھن تي ويھي آرام ڪرڻ لڳا ۽ ڪجهہ ماڻھن باھہ ٻاري کاڌو رڌڻ شروع ڪيو. ڪي پاڻيءَ جي ڳولا ۾ جهنگ اندر جهرڻن تائين ويا ۽ پاڻي ڀري آيا. هڪڙو چٻرن جو جوڙو وڻ تي ويھي انھن ماڻھن جي ڪچھري ٻڌي رهيو هئو: انھن ۾ هڪڙو شھزادن جھڙوشخص هئو، جنھن جو نالو نيڪتاريوس هئو. هُو سڀ پائلوس شھر مان ڪھي هتي آيا هئا ۽ ڪئين ڏينھن کان ٿرمائڪ گلف مان سفر ڪندا، هتي پھتا هئا ۽ ٻيٽ تي ان ڪري لٿا هئا جو سمنڊ ۾ طوفان اچي رهيو هئو. هنن جي هيءَ مھم شھزادي نيڪتاريوس جي سربراهيءَ ۾ هُئي، جيڪو پائلوس شھر جي بادشاھہ استاما جو ڀائيٽيو ۽ اتان تخت جو وارث هئو، پر استاما سندس ڀاءَ ۽ نيڪتاريوس جي پيءَ جي مرڻ تي حڪومت تي قبضو ڪري ويھي رهيو هئو ۽ هاڻ نيڪتاريوس جڏهن جوان ٿي کانئس حڪومت جي گهر ڪئي تہ سندس چاچي کيس ستن سمونڊن جو سفر ڪري ڪارٿيج شھر جي علائقي وڃي اُتان جي مندر مان پيونڪ ديوي ’تانيت‘ جي گلي ۾ پيل مقدس هار آڻڻ جو شرط لاڳو ڪيو هو، ان ڪري هُو سمورا نيڪتاريوس سان همراهيءَ ۾ اهو قيمتي ۽ مقدس هار حاصل ڪرڻ لاءِ نڪتا هئا، پر تانيت ديوي جي مندر مان اهو هار چورائڻ کان پھرين اتي پھرو ڏيندڙ خوفناڪ شينھن سان مقابلو ڪرڻو هو! جيڪو ان مندر ڏانھن ويندڙ ماڻھن کي کائي ڇڏيندو هو!
وڻ مٿان ويٺل چٻرن جي جوڙيءَ، جو اها ڳالھہ ٻڌي تہ هڪدم اڏامي بنشي کي ڳولڻ لڳي، بنشي ان وقت صوف ۽ جهنگي نارنگيون پٽي رهيو هئو. هُو ٻئي وڃي صوف جي وڻ تي ويٺا ۽ کيس ٻيٽ تي آيل مسافرن ۽ شھزادي نيڪتاريوس جي خطرناڪ مھم بابت ٻڌائڻ لڳا.
بنشي جڏهن صوف ۽ نارنگيون کائي واندو ٿيو تہ وڏي وڻ ڏانھن وڃڻ لڳو پري کان ئي اتي ويٺل ماڻھن جي جڏهن بنشي تي نظر پيئي تہ سندس مٿي تي سڱ ڏسي ڊڄي ويا ۽ سمجهيائون ڪو ديوِ ٿو اچي. بنشي قدم کڻي جيئن ئي پٽ تي ٿي رکيو تہ ڌرتي ٿي ڌُڏي، سڀ ڄڻا ڊپ ۾ وڻ تي چڙهي ويا ۽ ٽارن تي ويھي ڏڪڻ لڳا.
بنشي وڻ هيٺان اچي هنن سان پھرين سندس جهنگلي ٻولي ۽ پوءِ اشارن ۾ ڳالھائڻ لڳو، پر هنن کي ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نہ آيو ۽ هُو تمام گهڻا پريشان ٿي ويا! بنشي کي اتي ڏسي ڀولڙا، گدڙ، بگهڙ، هرڻ، رڇ، لومڙيون، چانھہ پکي، طوطا، ڪٻريون ۽ ڪانوَ مِڙي آيا.
نيٺ هڪڙي پوڙهي ۽ جھانديدہ لومڙي مسافرن سان ڳالھائيندي کين ٻڌايو تہ، ”بنشي ٻيٽ تي موجود سمورن جانورن جو ديوتا آهي ۽ توهين سڀ اسان جا مھمان آهيو. توهين مھرباني ڪري هيٺ لھو تہ توهان جي خاطر تواضع ڪئي ويندي.“ نيڪتاريوس سان گڏ ان جون ٻہ سھڻيون زالون ۽ چار ٻانھيون ۽ هڪڙي ٻلي بہ هئي.
پوءِ سڀ کان پھرين ڊڄندي ڊڄندي نيڪتاريوس، ان جون ٻہ زالون، ٻانھيون ۽ ٻلي وڻ تان لٿا ۽ ان بعد ٻيا ماڻھو بہ هيٺ لھي آيا تہ بنشي جهڪي سندن آڌرڀاءُ ڪيو، ان بعد رڇ ۽ ڀولڙا ويا ۽ جهنگ مان ماکي، نارنگيون، صوف پٽي آيا ۽ سمنڊ مان مڇيون ماري هنن لاءِ کڻي آيا. ٻليءَ بہ لومڙي ۽ ڀولڙي سان خوب ڪچھري ڪئي.
آهستي آهستي بنشي ۽ سڀ جانور اتي آيل مسافرن جا دوست ٿي ويا. مسافرن وري بنشي کي سندن رڌل کاڌا کارايا تہ هُو ڏاڍو حيران ٿيو ۽ پنھنجيون آڱريون چٽڻ لڳو. رات جو سمورن هڪٻئي کان موڪلايو ۽ سڀ وڃي سُتا.
صبح ساجهر سڀ ماڻھو ننڊ مان اٿيا تہ ڏٺائون تہ سندن هڪڙو ماڻھو گم هئو. سڀ ڪافي حيران ٿيا ۽ جهنگ ۾ ان کي ڳولڻ لڳا.
اها خبر جڏهن بنشي کي پيئي تہ هُو پاڻ بہ انھن مسافرن سان گڏجي سندن ماڻھوءَ کي ڳولڻ لاءِ نڪتو، سڀ ڄڻا ٻيٽ تي جهنگ ۾ سڄو ڏينھن ماڻھوءَ کي ڳوليندا رهيا پر شام تائين مسافر ڪونہ لڌو تہ سڀ پريشان ٿي ويا!
سڀ جانور ٽوليون ٺاهي ان واقعي تي تبصرو ڪرڻ لڳا ۽ انومان ڪڍڻ لڳا تہ همراھہ ڪٿي ۽ ڪيئن گم ٿيو؟ سڀ سوچي سوچي ٿڪجي پيا پر ڪنھن کي بہ ڪا ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي.
ٻي رات ٿي تہ سمورا پريشانيءَ ۾ وڃي سُتا ۽ صبح جو اٿڻ سان وري مھمانن ۾ ٻڙڌڪ مَتو پيو هئو. اڄ وري هنن جو ٻيو ماڻھو گم هئو.
سمورا حيران هئا تہ هنن سان هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ سڄو ڏينھن ان کي بہ ٻيٽ تي ڳوليندا رهيا پر نہ لڌو. مسافرن ۾ ڏاڍي بي چيني پکڙجي ويئي. نيڪتاريوس ۽ سندس ماڻھو سخت پريشان هُئا. ٽين رات هُو سُتا تہ هنن جو ٽيون ماڻھو گم ٿي ويو تہ سڀني کي ڏندين آڱريون اچي ويون.
(هلندڙ)
ڪھاڻيون
ايڪيھہ سؤ ستيتاليھہ (حڪيم عبدالرؤف ڪياني/يوسف سنڌي)
’عظيم مملڪت‘ جو ٻہ سؤ سالہ جشن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھائڻ لاءِ گرائونڊ کي آخري شڪل ڏني ويئي هئي.
سائرن وڄندي ئي ماڻھو احترام مان پنھنجي ڪرسين تان اُٿي بيھي رهيا. قومي تراني جا ساز فضا ۾ ٻُريا.
صدر مملڪت، آرمي چيف ۽ وزيراعظم سان وکون وکن ۾ ملائيندو اڳيان وڌيو. لڳ ڀڳ پنجاھہ فوٽ اوچي پائپ سان لڙڪيل ڏوري جي ڳنڍ کولي، هوريان هوريان ڪيترائي وال وڏو ۽ ڪيترائي وال ويڪرو سبز هلالي جهنڊو هوا ۾ لھرائڻ لڳو. پنھنجي پنھنجي ڪرسين تي ويٺل عوام آسمان ڏانھن ڏٺو ۽ جهنڊي کي سلام ڪيو. ڪجهہ ڇوڪرين ۽ ماين پنھنجي ساڄي هٿ جي آڱرين کي چميون ڏيئي، جهنڊي ڏانھن اشارو ڪيو. هوا انھن جي چميءَ جو ڇُهاءَ جهنڊي تائين پھچايو. ماڻھو وڏي جوش سان تقريب جي ٻئي مرحلي کي ڏسڻ لاءِ بيتاب نظر اچڻ لڳا.
صدر صاحب کي مختلف فوجي دستن ’گارڊ آف آنر‘ پيش ڪيو. هن پنھنجي مٿي تي پنھنجي هٿ جون آڱريون رکندي، سلاميءَ جو جواب ڏنو.
پري کان هوريان هوريان ايندڙ انجڻيون اسٽيج جي ويجهو پھچي رهيون هيون. وڏن وڏن ۽ ڪيترائي فوٽ ڊگهن ٽرالرن تي صوبن جي روايتي لباسن ۾ ويٺل ماڻھو، تاريخي هنڌن جي يادگارن جا ماڊلز ۽ گيت ڳائيندڙ ماڻھو پنھنجي ڌيمي رفتار سان اڳيان وڌي رهيا هئا.
پريڊ گرائونڊ ۾ صدر صاحب جي سامھون جديد هٿيارن، صنعتي شين، اسڪوٽرن تي ڪرتب ڏيکاريندڙ فنڪار، ڪارون، سولر سسٽم سان هلندڙ شيون ۽ مختلف قسم جي مشنري لنگهائي پئي ويئي.
گرائونڊ جي پاسن کان ’باباءِ قوم‘ ۽ ’شاعرِ مشرق‘ جون وڏيون شاهوڙ پينٽ ڪرايل تصويرون لڳل هيون. گرائونڊ جي ساڄي کان کاٻي شاعرن، اديبن ۽ ’عظيم مملڪت‘ جي لاءِ عظيم خدمتون سرانجام ڏيندڙن جون تصويرون لڳل هيون.
اسٽيج سان گڏ ’نشانِ حيدر‘ مليل همراهن جون تصويرون، اڻ ٿڪ ۽ بي ڊپي ماضيءَ جي نشاندهي ٿي رهي هئي.
فضا ۾ جديد جنگي جھاز، مختلف رنگن جي دونھين سان فضا ۾ انڊلٺي منظر پيش ڪندي، ڪلٽيون کائيندا، اڳيان وڌي رهيا هئا. مملڪتِ خدادادا پنھنجي پيداواري ۽ انتظامي صلاحيتن ۾ گهڻي حد تائين پاڻڀرو ٿي چڪو هو. ان ڏينھن صدر صاحب جي تقرير جو خاص موضوع اهو ئي هو.
صدر صاحب، مائيڪ جي سامھون بيٺو تہ سڄو پنڊال تاڙين جي گونج سان ٻُرائجي اٿيو.
مختلف رنگن جا ڦوڪڻا هوا ۾ بلند ٿيا. سلامي جي لاءِ ڪيتريون ئي توپون هڪ ئي وقت ڇوڙيون ويون.
صدر صاحب فرمايو:
”هڪ ڊگهي جدوجھد، ڏکئي ۽ ڪنڊن سان ڀريل رستي تي هلڻ کان پوءِ هي خطو دنيا ۾ پنھنجي عزت ۽ شانَ سان مٿاهون مقام ماڻي سگهيو آهي.
جيڪڏهن اسين پنھنجي تاريخ تي نظر وجهون ٿا تہ هن ملڪ ۾ لاقانونيت هئي، ڏينھن ڏٺي جو ڦرلٽ ڪئي ويندي هئي، ڌاڙا هنيا ويندا هئا، ڪوبہ ڪنھن جو اوهي واهي نہ هوندو هو. طوفان ۽ واچوڙا هن جو مقدر بڻجي چڪا هئا. طاقتور ظالم، غريب ۽ لاچار مظلومن جي انصاف تائين پھچ ناممڪن بڻائي ڇڏيندو هو. سياسي ۽ سماجي اثر رسوخ رکندڙ شخصيتون پنھنجن حامين ۽ عزيزن قريبن جي ظلم خلاف آواز کي روڪينديون هيون.
انھن شخصيتن جو دٻاءَ ڪنھن ظالم کي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ کان پري رکندو هو. جائز ڪمن لاءِ رشوت ڏيڻ عام ڳالھہ ٿي چڪي هئي ۽ ڪو بہ کاتو ان کان خالي نہ هو. اربين روپين جي جائداد جا مالڪ ڪجهہ هزار روپيا ئي ٽئڪس ادا ڪندا هئا ۽ معمولي ڪاروباري ماڻھن کان ڪيترائي ٽئڪس وصول ڪيا ويندا هئا. هڪ غريب ريڙهيءَ وارو ۽ هڪ مزدور، جيڪو مشڪل سان ڇھہ ست هزار روپيا ماهوار ڪمائيندو هو، ان جي گهر جي بجليءَ جو بل ٽي کان چار هزار روپيا ايندو هو.
پوليس شراب خانن تي ڇاپا هڻندي هئي ۽ اتي ئي ويھي سڄي رات شراب پِي نشي ۾ ٻَڏل رهندي هئي ۽ پوءِ باقي بچيل بوتلون وڪڻي پنھنجا کيسا ڀريندي هئي. جُوئا خانہ بند ڪرائيندي هئي ۽ سڄي رات عياشي ڪندي هئي. سرڪاري کاتا بدعنوانيءَ ۾ مشھور هئا. عام شھرين لاءِ علاج جي سھوليتن جي کوٽ هئي. وڏين وڏين عمارتن ۾ قائم سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽر گوسڙو هوندا هئا ۽ ڊيوٽيءَ لاءِ مقرر ڊاڪٽر، مريضن کي سرڪاري اسپتالن ۾ مقرر ٽائيم تي چيڪ ڪرڻ بدران پنھنجي ذاتي ڪلينڪ ۾ اچي تپاس ڪرائڻ جو مشورو ڏيئي ڳريون فيون وٺندا هئا.
ملٽي نيشنل ڪمپنين جي دوائن جو نقل ڪندڙ ڪمپنين جا سيلزمين، ڊاڪٽرن کي سندن دوائون مريض کي لکي ڏيڻ جي عيوض، ڪارون، موٽر سائيڪلون، موبائيلون، دبئي ۽ سينگاپور جي گهمڻ ڦرڻ ۽ اتي عياشي ڪرڻ لاءِ ويزائون ۽ هوائي جھازن جون ٽڪيٽون آڇيندا هئا.
سياستدانن، پنھنجن ڪارڪنن کي پنھنجي ذاتي مقصدن جي خاطر ملڪ ۽ قوم جي خير خواهيءَ جي بھاني هُل بکيڙو ۽ ڀڃ ڊاھہ ڪرائيندا هئا ۽ ڪاميابيءَ کان پوءِ پاڻ اڳوڻن دؤرن کان بہ بدترين ڪارڪردگي پيش ڪندا هئا.
بجليءَ جي لوڊشيڊنگ، صنعتي ۽ ڪاروباري علائقن ۾ اڻ اعلانيل ۽ غير متوقع هوندي هئي ۽ اها ڪلاڪن جا ڪلاڪ گم هوندي هئي.
هر کاتي لاءِ هڪ وزير ۽ ڪيترائي صلاحڪار مقرر ڪيا ويندا هئا، جن کي وزيرن جي برابر درجو ۽ سھوليتون حاصل هونديون هيون، جنھن سبب سرڪاري خزاني تي وڏو بار پوندو هو.
حڪمرانن جون ٻاهرين ملڪن ۾ فئڪٽريون هونديون هيون ۽ غريب عوام هتي بي روزگاريءَ جي عذاب ۾ پيو تڙپندو هو.
غريب عوام جو هر قسم جو علاج پاڪستان ۾ ٿيندو هو ۽ حڪمران مٿي جي سُور لاءِ بہ ٻاهرئين ملڪ وڃي چيڪ اپ ڪرائيندا هئا.
سرڪاري خزاني مان حج ۽ عمرا ڪيا ويندا هئا. حڪمرانن سان پرڏيھي دورن ۾ الائجي ڪيترا ماڻھو ساڻن گڏ ويندا هئا، جن جو وزن سرڪاري خزانو برداشت ڪندو هو. پرڏيھي قرض ۽ آءِ. ايم. ايف جي پابندين جي ڪري حڪمران خوشحال ۽ غريب عوام غربت ۾ پيڙهجي رهيو هو.
مذهب جي نالي تي دوڪان کوليا ويندا هئا. پيرن، فقيرن جي مريدن کي پنھنجي ايجاد ڪيل دين تي هلائڻ کي دين ۽ مذهب جو حصو تصور ڪيو ويندو هو.
اڻ سھپ ۽ ان جي خول ۾ بند ماڻھو هڪٻئي کي نظرياتي اختلافن سبب ماريندي بہ دير نہ ڪندا هئا، پوءِ بہ هُو جنت جي خوش فھميءَ ۾ رهندا هئا. پيٽن تي بم ٻڌي پاڻ سان گڏ سوين ماڻھن کي مارڻ ثواب سمجهيو ويندو هو.
منھنجا عزيز هم وطنو!
ان وقت ملڪ جي صدر جي حيثيت، ڪٺ پتلي هئي. اقتدار ۾ آيل پارٽي پنھنجي پسند جي ڪنھن اڻ ڄاتل شخص کي، جنھن جي وفاداريءَ جو کيس پڪو ويساھہ هوندو هو، صدارتي اميدوار جي حيثيت سان ڪامياب ڪري، صدر ڪري ويھاريندي هئي.
پوءِ وقت جو ڦِرڪو ڦريو تعليم عام ٿي ويئي، عورتون ۽ مرد برابريءَ جي سطح تي ڪم ڪرڻ لڳا. تعليم جي عام ٿيڻ ڪري هڪ ريڙهي واري کان وٺي هر طبقي جي ماڻھن جي تعليم سان محبت ٿي ويئي ۽ ڪيترن ئي ماڻھن گريجوئيشن ۽ ماسٽرز ڪري ملڪ جو ڀاڳ بدلائڻ ۾ پنھنجو پنھنجو حصو وڌو تہ چوڌاري هُل مچي ويو تہ ائين ڪرڻ سان تعليم جي تذليل ٿي رهي آهي. مڊل ۽ مئٽرڪ جي ميرٽ تي اعليٰ تعليم يافتہ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ڇو پيو ڀرتي ڪيو وڃي؟
عزيز هم وطنو!
اهو وقت ’عظيم مملڪت‘ لاءِ عروج وارو ثابت ٿيو. سفارش جو خاتمو ٿي ويو. ادب ۽ احترام جو راڄ قائم ٿيو، آفيسن ۾ جونيئر، سينئرن کان وڌيڪ پڙهيل لکيل هئا. سينئرن جي رٽائرڊ ٿيڻ سان ئي، ڪلارڪ ۽ نائب قاصد اعليٰ عھدي تي مقرر ٿي ويا ۽ انھن جي جاءِ نئين پڙهئي لکئي نسل اچي والاري. بظاهر تہ اها صورتحال ڳنڀير هئي، انھن پڙهيل ڳڙهيل نوجوانن پنھنجي ڊگرين ۽ تعليم کي وڏن عھدن جي خاطر انا جو مسئلو نہ بڻايو، ڪي طبقا ان ڳالھہ کي پسند نہ پيا ڪن، پر گهڻائيءَ رزق، روزگار لاءِ معمولي نوڪريون ۽ ننڍا ننڍا ڌنڌا ڌاڙي ڪرڻ کي ڪو مسئلو نہ سمجهيو. اهو وقت ملڪ مان جاهليت جي خاتمي جي پيڙھہ جو پٿر هو. ان کان اڳ سياستدان ذات برادريءَ جي بنياد تي ووٽ وٺندا هئا، ٿاڻي جي سياست ڪندا هئا ۽ دولت جي بنياد تي ووٽ خريد ڪندا هئا. هوريان هوريان جڳادري ۽ ڄٽ سياستدانن جي سياست پويان پساھہ کڻڻ لڳي ۽ موروثي سياست جو خاتمو ٿي ويو.
پڙهيل لکيل ماڻھن پنھنجن حقن جي ويڙھہ وڙهي ۽ هر ڀيري پنھنجي ووٽ جو استعمال ڪندي، ذات پرستي ۽ برادري ۽ ٿاڻي جي سياست جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون. ائين ڪجهہ ئي ڏهاڪن ۾ ’عظيم مملڪت‘ ۾ قانون جي حڪمرانيءَ جو مانُ مٿانھون ٿيڻ لڳو.
خوشحاليءَ پنھنجن پرن ۾ مايوس ۽ لاچار ماڻھن کي لڪائي ڇڏيو. ٻن ويلن جي دال مانيءَ لاءِ سڪندڙن کي پنھنجي محنت جو پورو اجورو ملڻ لڳو. خاموش انقلاب جون راهون هموار ٿيڻ لڳيون. عوام هڪ عظيم تبديليءَ لاءِ سندرا ٻڌي ورتا ۽ پنھنجا ووٽ پنھنجي ضمير جي سڏ تي ڏيڻ لڳا.
هوريان هوريان چوڌاري خاموش انقلاب سڄي ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ بدعنوانين جي خاتمي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ چوڌاري انصاف جو مانُ مٿانھون ٿيڻ لڳو.
اڄ چوڏهن آگسٽ، ايڪيھہ سؤ ستيتاليھہ آهي. ’عظيم مملڪت‘ جي ٺهڻ کي پورا ٻہ سؤ سال مڪمل ٿيڻ جو جشن آهي. اڄ ملڪ ۾ خوشحالي آهي، شرح خواندگي 92.9 سيڪڙو آهي ۽ بيروزگاري 01.0 سيڪڙو آهي، ڪاروباري هدف ۾ فائدي وارين رٿائن سبب ۽ پرڏيھين لاءِ سياحت جي بھتر ماحول سبب ملڪ جي آمدنيءَ ۾ واڌارو ٿيو آهي.
هن وقت ’عظيم مملڪت‘ ۾ لڳ ڀڳ هر رهاڪو پاڪستاني شھريت حاصل ڪري چڪو آهي. گرين پاسپورٽ دنيا ۾ پنھنجي اهميت مڃائي چڪو آهي. هتي انتھاپسندي، مذهبي ۽ سياسي هڪ هٽي ختم ٿي چڪي آهي. ڪو وقت اهڙو بہ هو جڏهن اسان جا ماڻھو آمريڪا جي گرين ڪارڊ لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳائي ڇڏيندا هئا، اڄ پاڪستان ۾ گوادر پورٽ دنيا جو سڀني کان خوبصورت شھر آهي. هِتان جي هائوسنگ اسڪيمن ۾ وڏيون وڏيون رهائشي رٿائون، دنيا جي ڪنھن بہ ملڪ جي ڀاڳ ۾ نہ آهن.
گذريل دؤر جا حڪمران پنھنجي عوام سان پرڏيھي قابض حملي آورن جھڙوسلوڪ ڪندا هئا، پر اڄ حڪمران عدالت جي سامھون جواب ڏيڻ لاءِ ٻڌل آهن، آءٌ دعا ٿو گهران تہ ’عظيم مملڪت‘ ان کان بہ وڌيڪ ترقيءَ جون منزلون طئہ ڪري.
پاڪستان زنده باد.“
ملڪ جي صدر جي تقرير پوري ٿي تہ ماڻھن کي حيرت ۾ ڏندين آڱريون اچي ويون. کين يقين ئي نہ پئي آيو تہ هتي اهڙا ماڻھو بہ آباد هئا، جيڪي سياستدانن جي بجلي، روزگار، روڊن، رستن، ڪاروبار ۽ تعليم لاءِ ڪيل ڪوڙن واعدن تي هر ڀيري نئين اميد جي ڏٽي ۾ اچي ويندا هئا ۽ اهڙا بي ضمير ماڻھو بہ هئا، جيڪي حڪمرانن جي ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي بہ سندن وڪالت ڪندي نہ ٿڪبا هئا.
تاريخ جا شاگرد، ماڻھن جي حيراني گهٽائڻ لاءِ تاريخي حقيقتن ۽ حوالن سان سمجهائي رهيا هئا ۽ صدر صاحب جي تقرير جي هر لفظ کي تاريخي حقيقت جو آئينو قرار ڏئي رهيا هئا.
توتا (انور علي / ننگر چنا)
هُنَ منھنجيون ڪي ڏهن هزارن کان وڌيڪ شڪايتون ڪيون هونديون. منھنجو جيڪڏهن وَس هلي ها تہ هُنَ کي پراڻي درياءَ جي سڀ کان پراڻي ڪُنَ ۾ ڌڪو ڏئي اچان ها. هُو اڄڪلھہ ولايت منجهہ آهي ۽ انگريزن جي ٻارن کي انگريزي پڙهائيندو آهي. هُو جڏهن بہ لاهور ايندو آهي تہ مون سان ملڻ ضرور ايندو آهي. ائين جيئن ڄڻ تہ ڪڏهن ڪجهہ ٿيو ئي نہ هيو. سليم پاڻ تہ ولايت هليو ويو پر منھنجي پويان توتا ڇڏيون هليو ويو. توتن اهو طئہ ڪري ڇڏيو آهي تہ اُهي هنَ جِيوَن ۾ مون کي سُکَ سان جيئڻ ڏيندا ئي ڪونہ ۽ مون کي لڳندو آهي تہ منھنجي مُئٖي کان پوءِ اِهي منھنجي قبر تي آکيرا ٺاهي ويھندا.
مون کان اڳ مون واري فليٽ ۾ هڪڙو پارسي رهندو هو، جڏهن اِهو فليٽ مسواڙ تي وٺڻ لاءِ ڏسڻ ويو هئس تہ هُنَن پنھنجو ٽيڪ وُڊ جو فرنيچر منھنجي مٿي ۾ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اِها اُنھن ڏينھن جي ڳالھہ آهي جڏهن پاڪستان اڃا نئون نئون ٺھيو هو ۽ مان پنھنجيون سڀ کٽون مَنجيون لُڌياڻٖي ڇڏي آيو هيس. مان هرمز صاحب جو فرنيچر ضرور وٺان ها پر هُنَ جڏهن مون کي اهو ٻڌايو تہ فرنيچر سان گڏ هڪ توتو بہ مفت ۾ ملندُوَ تہ مان توتي جي اَٽڪل سمجهي ويس. اهو توتو ڏاڍو ڪُراڙو ۽ اکين کان ويٺل هو. هُرمز جنھن مھل کيس چوندو هو، ”اچ!“ تہ هُو آواز جي سِڌَ تي اچِي پنھنجي چُنھنبَ پڃري مان ٻاهر ڪڍي وٺندو هو. هُرمز هُنَ جي چُنھنبَ سان پيار جو اظھار ڪندو هو ۽ هُو موٽِي پنھنجي جاءِ تي وڃي ويھندو هو. انڌن حافظن وانگر هُنَ کي بہ پنھنجي پڃري جي جاگرافي چڱيءَ ريت ياد هئي. هُنَ جون اِهي ڳالھيون ڏسي شايد ڪو معمولي سمجهہ وارو ماڻھو دوکو کائي وڃي ها پر مان توتن جي پِتٖي کان واقف هيس، جهٽ سمجهي ويس تہ مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. حافظ صاحب جي اٽڪل نہ هلي.
اصل ۾ انھيءَ کان ٿورو مُدو اڳ هڪ توتي مون کي ڏاڍو خوارُ خرابُ ڪيو هو ۽ اهو ڦَٽُ اڃا تازو هو. مان گاڏيءَ جي ڇت تي ويھي، لُڌياڻي کان پاڪستان اچي رهيو هئس. گاڏي هنڌ هنڌ بيھندي پئي آئي ۽ مون هر هنڌ لھي پنھنجي ماءُ کان پنھنجو بيمارُ پُٽُ وٺي، کيس تازي هوا ٿٖي کارائي. انھيءَ گاڏيءَ جي هڪ ٻئي دَٻي ۾ هڪ ٻُڍي مائيءَ وٽ هڪ توتو بہ هو. هڪ پڃري ۾ بند. جتي بہ گاڏي بيٺي پئي تہ مان پنھنجي بيمار پُٽَ کي سَڄَرَ هوا جهٽائڻ لاءِ لھي ٿي آيس، تڏهن اُنَ مائيءَ پنھنجو توتو مون کي ڏئي پَئي ڇڏيو ۽ چوڻ ٿي لڳي، ”پُٽَ! هِنَ بي زبان کي بہ هَوا کاراءِ.“ مان ٻُڍي مائيءَ جي عمر جو لحاظ ڪندي، هڪڙي ڪُلھي تي گهگهو ۽ هڪ هٿ ۾ توتي جو پڃرو کنيون، ريل جي پٽڙيءَ سان گڏوگڏ ڦرندو پَئٖي رهيس. توتو ائين پَرَ ڦڙڪائيندو ۽ ٽِيئُون ٽِيئُون ڪندو ٿَي رهيو، جيئن ڪو پھلوان مَلھہ ماري، ڪاميابيءَ جا نعرا هڻي رهيو هجي ۽ بلوچ سپاهي پنھنجين رائفلن جا ڪنداڪَ مون کي ڏيکاري چوڻ لڳندا هئا، ”او توتا صاحبَ! جي پنھنجي جِندُ جو خير گهرين تہ گاڏيءَ تي چڙهي پَئُہ.“ هاڻ توهان ئي ٻڌايو تہ ڪو توهان جو ۽ توهان جي سڀ کان وڏي ويٖريءَ جو نانءُ هڪ ئي ساهيءَ وٺي تہ توهان تي ڇا گذرندي!؟
اولاد ڏاڍي پياري وٿ آهي ۽ انھيءَ لاءِ ماڻھوءَ کي قسمين قسمين سمجهوتا ڪرڻا پوندا آهن. هڪ ڀيري گُهگُهو ڪٿان ٻہ توتا کڻي آيو. انھن توتن مون سان جيڪا ڪئي سا مان ئي ڄاڻان ٿو. انھن ٻنھين جي هڪ هڪ کنڀڙاٽي ڀڳل هئي. اُهي سڄو ڏينھن کليل گهمندا وتندا هئا ۽ رات جو گُهگُهو کين هڪ پڃري ۾ بند ڪري، مُندَ مطابق کين ڪمري اندر يا ٻاهر رکندو هو. اُهي ٽِيئُون ٽِيئُون ڪندا ۽ هِتِ هُتِ وِٺيون لاهيندا وتندا هئا. اُهي اندر ٻاهر ائين ڦرندا وتندا هئا ڄڻ تہ گهر جا مالڪ هجن ۽ جڏهن مان مزوريءَ تان موٽندو هئس، تڏهن اُهي منھنجي پيرن هيٺان اچڻ جا جتن ڪندا هئا. انھن ۾ شھادت جو جذبو چوٽان چوٽ ڀريل هو، سو بہ منھنجي پيرن هيٺ اچي شھيد ٿيڻ جو. منھنجو مَنُ چاهيندو هو تہ انھن کي پڪڙي آڳر منجهہ اُڇلايان پر وري مون کي پنھنجٖي گُهگُهوءَ جو خيال ايندو هو تہ اهو توتن کان سواءِ ڪيئن ڪندو؟ ٻئي توتا گهر جي ٻين ڀاتين سان ائين رَلي مِلي ويا هئا، ڄڻ تہ سَڀُ هڪ ئي ڪُٽنبَ جا ڀاتي هجن، رڳو راشن ڪارڊ ۾ انھن جا نالا وِڌل ڪونہ هئا. هاڻ ڪو ماڻھو گهر جي ڀاتين کي تہ گهران ڪڍي نہ ڇڏيندو نہ. ها، مان پاڻَ گهر جي هنن ڀاتين کان تنگ ٿي گهڻي مھل گهر کان ٻاهر گذاريندو هئس ۽ لڙِيءَ رات جو گهر موٽندو هئس.
هڪ رات مان دير سان گهر موٽيس ۽ گُهگُهو دَرُ کوليندي ئي ويچارو مُنھن ڪندي چوڻ لڳو، ”ڊيڊي! توتا گم ٿي ويا.“ منھنجيءَ دل چيو هِنَ مھل ئي وڃي دوڪان کولرايان ۽ پاڙي جي ڇوڪرن کي جاڳائي، مٺائي ورهايان، پر اولاد وري بہ اولاد آهي. مون ائين نہ ڪيو. ايترو سو آهي تہ منھنجي واتان نڪري ويو، ”پُٽَ! ٻلي کائي وئي هُوندَنِ.“ تنھن تي گُهگُوءَ ويتر کڻي ٻُوٿُ روئڻھارڪو ڪيو. ورندي ڏينھن گُهگُو اَسُرَ ويلي آيو ۽ چوڻ لڳو، ”ڊيڊي! هڪ توتو ملي ويو آهي، اُهو ڊرائنگ روم جي درَ جي پٺيان ويٺو هو.“ انھيءَ ڏينھن گُهگُهو بھانو بڻايون، گهر ئي ويٺو رهيو. هُو اسڪول نہ ويو ۽ منھنجي وڃڻ کان پوءِ ٻئي توتي کي ڳولڻ لڳو. هن ڌُڪو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ٻيو توتو سامھون واري بالڪنيءَ مان هيٺ ويندڙ پائيپ ۾ ڪرِي پيو هوندو.
هُنَ جو ڌُڪو صحيح نڪتو. هُنَ جڏهن هڪ ننڍڙو ڀتر پائيپ ۾ اڇلايو تہ اُتان توتي ٽِيئُون ٽِيئُون ڪري ورندي ڏنس. اهو لوھہ جو پائيپ ڀت سان گڏوگڏ ڪي ويھہ فُٽَ هيٺ وڃي دوڪان جي ٿڙي لڳ کلندو آهي ۽ اُتان ايل (L) جي شڪل ۾ اڳتي وڌي نالي ۾ وڃي ڪرندو آهي. توتو ان جي ايل واري ڪنڊ ۾ وڃي ڦاٿو ۽ اُتي ئي ويٺو هو. دِڪو ڀڃڻ لاءِ گُهگُوءَ مزور گهرايا هئا. مَزورن کي ڏسي دوڪاندار گڏ ٿي ويا. پوءِ وري واٽ ويندڙ بہ مڙي مُٺِ ٿيا. توتي وڏو ڪَٺُ گهرائي ورتو ۽ انھيءَ ڪَٺَ جا ماڻھو ٻن ٽولن ۾ ورهائجي ويا. اڌ ماڻھو گگُهگُوءَ جي پاسي ٿي ويا ۽ اڌ دوڪاندارن جي پاسي. دوڪاندارن جي اَڙِي هِنَ ڳالھہ تي هئي تہ اهو دِڪو اسان جو دَڳُ آهي هڪٻئي ڏي اچڻ وڃڻ جو ۽ اُهي هڪ توتي جي ڪري اِهو دِڪو ڀڃڻ نہ ڏيندا. گُهگُهوءَ جي ڀَرِ وٺڻ وارن جو چوڻ هو تہ گهڙي ٻن گهڙين جي تڪليف سان ڪھڙو فرق ٿو پوي، ننڍڙو اهو بہ تہ چوي ٿو تہ هُو اهو دِڪو وري ٺھرائي ڏيندو. هاڻ جالا پھلوان جي ڌُرِ وارا بہ ميڙ سان اچي رَليا. هُنَن سوچيو تہ هِنَ جهيڙي مان شايد ڪا اُپت بہ ٿي وڃڻ جي صورت نڪري اچي. اهو تہ سٺو ٿيو جو ٿاڻو پري هو نہ تہ پوليس وارا امن امان ۾ خلل پوڻ جو قلم کڻي پھچي وڃن ها. مزورن وچ ۾ پئي ڇَڏِ ڇَڏاءُ ڪرائي ورتو. هُنَن گُهگُوءَ کي سمجهايو تہ دِڪو ڀڃڻ سان توتو بہ مري ويندو. هاڻ گُهگُهو ٻيون اٽڪلون سوچڻ لڳو. هُنَ منھنجي مڇي پڪڙڻ واري ڪانٽي سان پٿر ٻڌي پائيپ ۾ لاٿو. پٿر جڏهن وڃي توتي کي لڳو تہ توتو ٽِيئُون ٽِيئُون ڪري ڏورِيءَ سان چنبڙي پيو. هُنَ هاڻ ڏوريءَ کي پائيپ جي سِڌَ ۾ رکي هوري هوري ڇڪڻ شروع ڪيو ۽ ڪلما پڙهندي پڙهندي نيٺ توتي کي ٻاهر ڪڍي ورتو. هُنَ جُون کنڀڙاٽيون رت ۾ ڳاڙهيون ٿي ويون هيون، هُو ٻاهر نڪرندي ئي ڪرِي پيو ۽ بيھوش ٿي ويو. هاڻ گُهگُوءَ، ماءُ کي تڪڙ ۾ چانھہ ٺاهڻ جو چيو ۽ منھنجي الماڙيءَ مان برانڊي ڳولھڻ لڳي ويو. هُنَ چرياڻ کي اها چڱيءَ ريت خبر آهي تہ مان ۽ منھنجو پاڙي وارو هڪٻئي جي الماڙين ۾ پيئڻ واري ڪابہ شئي تيسيتائين نہ ڇڏيندا آهيون، جيسيتائين ٻُوساٽِجي نہ وڃي. اُنَ رات مان وري دير سان گهر موٽيس، وري گُهگُوءَ ئي دَرُ کوليو ۽ منھنجي پُڇڻ کان سواءِ ئي چوڻ لڳو، ”ڊيڊي! ٻيو توتو بہ ملي ويو آ!“ مون کي ڪاوڙ تہ ڏاڍي آئي، پر ائين ئي هُنَ جي دل رکڻ خاطر چيومانسِ، ”ڪٿان؟“ ۽ هُنَ توتي، پائيپ ۽ دِڪي واري سموري ڳالھہ ڪري ٻڌائي. مون کي تَنھن ويلَ اها پَڪَ ٿي وئي تہ گُهگُو وڏو ٿي هڪ ناميارو لکاري بڻجندو ۽ پنھنجين ڳوڙهن ڀَريُن اکين سان سڄي دنيا جي سڀني نالي وارن لکارين کان وڏو لکاري مڃيو ويندو ۽ پنھنجي پيءُ ماءُ جو نالو ڪڍندو. مان اهو انھيءَ ڪري ٿو چوان جو منھنجي ۽ توتن جي وچ ۾ ورهن پراڻي ويرَ هُوندي بہ منھنجيون اکيون ڀرجي آيون. گُهگُهوءَ، توتي جي مٿان ڪمبل وجهي، هُنَ کي هيٽر جي ڀَرِ ۾ رکيو هو. مان ڪمبل لاهڻ لاءِ اڳتي وڌيس تہ هُنَ منھنجو هٿ پڪڙي ورتو ۽ چوڻ لڳو، ”نہ، ڊيڊي! نہ... هاڻي چانھہ پي سُتو آهي. فجر جو ڏِسجوسِ.“ منھنجيون اکيون وري سُڪي ويون. گُهگُهوءَ بابت منھنجي دُڙڪي هلندڙ سوچَ هڪدم بيھي وئي ۽ اهو اَٺَ فُٽو لکاري مون کي هڪ گراٺِ ڄامڙو ڀاسڻ لڳو. گُهگُهوءَ جھڙوڪِريل ماڻھو ڪڏهن بہ لکاري يا فنڪار نٿو بڻجي سگهي.
انھيءَ کان پوءِ توتا وري اندر ٻاهر وِٺيُون لاهيندا ۽ ٽِيئُون ٽِيئُون ڪندا رهيا ۽ وري منھنجن پيرن هيٺان اچي شھيد ٿيڻ جا جتن ڪندا رهيا. هڪ ڏينھن رَحمي جي هٿان کٽ ڪري پئي. ان جو هڪ پائو سِڌو وڃي هڪ توتي جي پُٺيءَ تي لڳو ۽ هُو اُتي ئي شھيد ٿي ويو. ٻئي ڏينھن ٻئي توتي سامھون بالڪنيءَ مان ٽپو ڏئي خودڪُشي ڪري ڇڏي يا وري اهو بہ ٿي سگهي ٿو تہ هُو پنھنجي ساٿيءَ جي ساھہ ڏيڻ کان پوءِ بَن واس وَٺڻ گهرندو هجي ۽ هُنَ بالڪنيءَ تان اُڏارَ تہ ڀَرِي پر هُو هڪ ڳالھہ صفا وساري ويٺو هو تہ سندس هڪڙي کنڀڙاٽي ڀَڳل آهي ۽ هُو وڃي سڙڪ جي وچ تي ڪِريو. هوڏانھن لاهور اومني بس وارن هڪڙي ٽئين نمبر واري بس شروع ڪئي هئي، جنھن جي ٽائمنگ هُنَن ائين رکي هئي تہ اها سڀني اسٽاپن تي بيھندي، سواريون لاهيندي، سائيڪل سوارن، ريڙهي ۽ رڪشا وارن کان بچندي، عين اِنھيءَ گهڙيءَ نڪلسن روڊ جي انھيءَ جاءِ تي پھچي، جتي اڌ سيڪنڊ اڳ توتو ڪريو هجي. اُهو توتو اَڌُ تہ بس جي اڳئين ٽائر سان گڏ هليو ويو، باقي اَڌَ جي اَڌَ کي گُهگُهو سڙڪ تان کُرڙي لاهي آيو ۽ هُنَ جي قبر آڳر ۾ اڳئين توتي جي قبر سان گڏ کوٽيائين.
ٽاڻو لنگهندو رهيو ۽ مان توتن کي وساري ويٺو هئس. ڪڏهن ڪڏهن مان اهو بہ سمجهڻ لڳس تہ توتن مون کي وساري ڇڏيو آهي، پر هڪ ڏينھن مان سنانَ جاءِ ۾ وهنجڻ کان اڳ اُوچي اُوچي آواز ۾ ڳائي، بي خبر سسئيءَ کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس جو وري اُهو ئي ٽِيئُون ٽِيئُون جو آواز ڪَنن تي پيم. مون کي ڪنبڻي وٺي وئي. وهنجڻ بنان ئي ٻاهر نڪري آيم. نُوران کي ٽُوال سان گڏ هڪ توتو پڪڙيل هئو ۽ ننڍڙي مانُو کيس چئي رهي هئي، ”ڇَڏِينسِ...ڇَڏِينسِ.“ پر نُوران وڏي ڌيان سان توتي جي چُنھنبَ ۽ ڳانيءَ ڏي ڏسندي رهي. جڏهن مون توتي کان بہ وَڌِ آواز ۾ نوران کي ”ٽِيئُون ٽِيئُون“ ڪئي، تڏهن نُوران پنھنجي نوڪري کسجڻ کان ڊڄندي توتي کي ڇڏي ڏنو، پر هُنَ کي وڃڻو وري ڪاڏي هو! هُنَ وڏي ڏکيائيءَ سان منھنجو گهر ڳولي لڌو هو. هُو اُڏامي گهوني جي ڪمري ۾ ويو ۽ وَڃي سندس کَٽَ جي سيرانديءَ ويٺو. مون سوچيو تہ هي توتو مون کي بيمار ٿو لڳي ۽ هِنَ جي مرڻ جي پِٽَ اسان کي ئي لڳندي. هِنَ کي پڪڙي ٻاهر اُڏاري ڇڏجي. گهونو پنھنجا ڪرڪيٽ وارا دستانا پائي، سيٽيون وڄائيندو، هن کي پڪڙڻ لاءِ اڳتي وڌيو، پر توتو هُنَ کان وڌ پڙهيو لکيو هو. هُنَ سِيٽين جو جواب سِيٽين سان ڏنو ۽ ٽي سيڪنڊ ترسي ٻہ ڀيرا پنھنجو نالو بہ ڏسيائين، ”ميان مٺو.“ هاڻ نُوران وٺي رينگٽ شروع ڪيو تہ هي توتو ڳالھائي بہ ٿو، هِنَ کي پاڻ وٽ رکڻ کپي. توتي کي پائڻ جي لاءِ مانُو پنھنجو مالٽو کڻي آئي ۽ مانُوءَ جي ماءُ پنھنجي ديڳڙي ماني ڇڏي، توتي کي ڏسڻ هلي آئي. مون کي ائين لڳو تہ مان ڄڻ تہ پاڻِي پَٽَ واري ميدان جي وچ ۾ ڊَٿو پيو هجان ۽ بابر جا سپاهي منھنجي اوسي پاسي بيٺا کِلي رهيا هجن. جڏهن مون کي ڪجهہ سُرت آئي تہ پِڃري بابت ٿيندڙ ڳالھيون منھنجي ڪَنَنِ ۾ پيون. گهونو غائب ٿي ويو ۽ ان سان گڏ منھنجي گِڊي بہ. ڪجهہ ويرم کان پوءِ هُو ڪٻاڙَ مان هڪ پڃرو وٺي آيو ۽ مھيني جي ڇَوِيھين تاريخ منھنجي کيسي مان پنج رُپيا ڪڍائي ورتائين. منھنجو خيال آهي تہ هُنَ پنجن رُپين مان ٻہ رُپيا ضرور ٽُڪي ورتا هوندا. هاڻ هِنَ توتي کي منھنجي نيرن کان بہ اڳ چُورِي ملندي هئي ۽ هُو ننڍڙي ۽ مانُوءَ کي گڏ ويھاري ”ميان مِٺُو...“، ”چُورِي کائڻي آ.“ جھڙي بڪواس ڪندو آهي. مان ڀَرِ مان لنگهندو آهيانسِ تہ هُو کَنگهڻ ۽ سِيٽيون وڄائڻ لڳندو آهي. ڪو سليم کان پڇي تہ ڪنھن جي اولاد کي پاڻ سان ٻَڌي، هُنَ کي ائين تنگ ڪرڻُ ڪٿان جي شرافت آهي. ڪميڻائپ جي بہ ڪا حَدَ هُوندي آهي!!
(ماهوار پنجابي رسالي ’پنچم‘ جي ڪھاڻي نمبر مان ترجمو ڪيل)
ڪتابن جي قسمت (عابد اُنڙ)
پاڙي واري کان پڇيم، جنھن ٻڌايو تہ، ”هِن بنگلي جا پراڻا مالڪ گهڻا سال اڳ هي گهر کپائي هتان هليا ويا هئا. هينئر هتي رهندو ڪير بہ ڪونھي.“
دوست، ميز جي خاني مان ڪاغذ ڪڍي مون کي ڏيندي چيو تہ، ”هي ڏس... توکي ان ڪري ٿو ڏيکاريان جو تون بہ هِن شھر جو پراڻو رولو آهين، متان هِن ادبي ڪتابن جي شوقين همراھہ کي سڃاڻندو هجين تہ هيءَ امانت اُن جي حوالي ڪري ڇڏيون.“
مون ڪاغذ هٿ ۾ جهلي ڏٺو. اُن تي نوجوان جو فوٽو لڳل هو. مون کي ڏٺل وائٺل لڳو. نالا پڙهيم تہ سمجهي ويس. هيءُ تہ نينا جو ڀاءُ هو. وڏو ڀاءُ، ادا الفت..! ايڊريس پڙهيم تہ هانءُ هٿ اچي ويو. اِن ايڊريس تي، نينا جي اسرار تي، هڪ دفعو ادا الفت سان ملڻ ويو هئس. هڪ دفعو اِن ڪري ويو هئس تہ من قسمت مھربان ٿئي ۽ بار بار اُتي وڃڻ جو موقعو ملندو رهي! پر مان پنھنجي مالي حيثيت جي ڪري ادا الفت وارن جي معيار تي پورو لھي نہ سگهيو هوس... سو اُهو درُ، مون لاءِ وري نہ کُليو هو....
مون پنھنجي دوست تي اِهو ظاهر نہ ڪيو تہ مان ڪو هنن کي سڃاڻان ٿو. بس ايترو چيم تہ، ”مون کي لڳي ٿو تہ مان هنن جي ڪنھن مائٽ کي سڃاڻان ٿو. گهڻو وقت ٿي ويو آهي، پر مان پنھنجي ڪنھن ڪامن فرينڊ کان هُن جو نمبر وٺي، اُن سان ڳالھائي، هِن مسٽر الفت جي باري ۾ پڇي ڏسندس.“
مون سوچيو تہ هي دوست اِن ايڊريس تان ٿي آيو آهي ۽ اُتي هينئر ڪير بہ نٿو رهي، سو هِن ڪاغذ جي بھاني، ادا الفت وارن کي ڳولي سگهجي ٿو ۽ نينا جي باري ۾ ڪا خبر پئجي سگهي ٿي!
نينا، يونيورسٽيءَ ۾ منھنجي ڪلاس فيلو هئي. نينا پنھنجي والدين ۽ ٻن ڀائرن جو ذڪر ڪندي رهندي هئي. هڪ کائنس ننڍو ڀاءُ هو ثاقب! شھر جو هڪ وڏو ڪاروباري ادارو، نينا وارن جو هو. وڏو بنگلو، وڏيون گاڏيون، پر نينا ۾ وڏماڻائپ جو ڪامپليڪس ڪونہ هو. نينا کي منھنجي مالي حيثيت جي خبر هئي، پر هُوءَ مون سان پيار ڪرڻ لڳي هئي. نينا کي ادبي ڪتابَ پڙهڻ سان گهڻو لڳاءُ هو. شاعري، ڪھاڻيون ۽ ناول پئي پڙهندي هئي. مان کيس گُلَ ڏيندو هئس، هُوءَ مون کي مرڪون ڏيندي هئي. ويھندا هئاسين تہ ڳالھين جا وڏا ٿانَ کُلندا ويندا هئا. هڪ ٻئي کي ادبي ڪتابَ ۽ رسالا پيا پڙهائيندا هئاسين.
مون نينا تي شاعري ڪئي ۽ نينا جي لکيل شاعريءَ جي اصلاح ڪئي ۽ ڪجهہ رسالن ۾ ڇپرائي. ڪلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ، فيڪلٽيءَ وٽان پوائنٽ بس ۾ ڪونہ چڙهندا هئاسين. اُتان پنڌ ئي پنڌ ڪڏهن سنڌالاجي تہ ڪڏهن اسٽيشن تائين اچي، اُتان بس ۾ چڙهندا هئاسين تہ جيئن ڪجهہ وقت وڌيڪ، گڏ گذاريون!
ائين ڪيئي سيارا اونھارا گڏ گذريا. جهُڙ ڦُڙ، مينھن ۾ هلندا هياسين.
فائنل ايئر جي فائنل امتحان کان اڳ، نينا چيو تہ، ”آئون توهان کان سواءِ رهي ڪانہ سگهنديس. توهان پنھنجي گهر وارن کي منھنجي گهر موڪليو، منھنجو رشتو گهرو نہ...!“
مون چيو، ”مان تو سان ايترو پيار ڪريان ٿو، جو مان بہ تو کان سواءِ رهي ڪونہ سگهندس... پر اسان کي رهڻو پوندو نينا... ها، بس... خوش رهي نہ سگهنداسين..!“
نينا چوندي هئي، ”منھنجي گهر وارا الاهي سٺا آهن. توهان هڪ دفعو هنن سان ملو تہ سھي.“
مان چوندو هئس، ”بلڪل نينا، اهي الاهي سٺا ماڻھو آهن. هوُ تنھنجي لاءِ ضرور سٺو ئي سوچيندا. هُو مون کي تنھنجي لاءِ سٺو ڪونہ سمجهندا. هُو شھري ماڻھو آهن، مان ڳوٺ جو رهڻ وارو آهيان. هُو وڏا ڪاروباري ۽ سيٺ ماڻھو آهن. مان بس ٻہ ٻارا ٻنيءَ جا ۽ مڙئي مڇي مانيءَ وارا ماڻھو. هن وقت مان شاگرد ۽ بي روزگار آهيان مون کي جيستائين سٺي نوڪري ملي، ان کان اڳ تہ توکي سٺو رشتو ملي ويندو..! تنھنجا والدين واقعي ايترا سٺا آهن، جو هُو تنھنجي لاءِ سٺو گهر ڏسندا، منھنجي نوڪريءَ جو انتظار نہ ڪندا.!“
نينا کي منھنجي اهڙين ڳالھين سان الجهن ٿيندي هئي.
هڪ ڏينھن نينا چيو تہ، ”مون پنھنجي اميءَ سان ڳالھائي ڇڏيو آهي. اميءَ منھنجي وڏي ڀاءُ سان ڳالھايو آهي. هُو چون ٿا تہ توهان ادا الفت سان اچي ملو، پوءِ ادا ۽ امي جن بابا سان ڳالھائيندا. توهان اسان جي گهر اچو، ٿوري ڪوشش تہ ڪيو نہ..!“
مون چيو، ”نينا، ڪوشش مان ڪريان ٿو پر تنھنجي گهر وارن لاءِ مون ۾ ڪا ڪشش نہ آهي...“
منھنجي هڪ ڪھاڻيڪار دوست ٻڌايو هو تہ، ”الفت صاحب وارن سان منھنجي، ڪجهہ ڪامن دوستن جي ڪري سلام دعا آهي. مان تو سان گڏجي ٿو هلان، نينا جي خواهش آهي تہ ڀلا ڪوشش ڪرڻ ۾ ڪو حرج نہ آهي.“
پوءِ ٿيو ائين هو تہ مان نينا جي گهر وڃي، ادا الفت سان ملي آيو هوس. ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ منھنجي دوست چيو هو تہ، ”جي تون نينا کان سواءِ خوش رهي نہ سگهندين تہ تون نينا سان شادي ڪري بہ خوش رهي نہ سگهندين!“
اِها راءِ هُن، منھنجي ۽ نينا جي وچ ۾ طبقاتي فرق ڏسي ڏني هئي.
ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ نينا مون کي ٻڌايو تہ هُن جو رشتو پنھنجي ڪنھن ويجهي عزيز سان طئہ ٿي ويو آهي. ڇوڪرو ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر آهي.
مون کي ڏک ڏاڍو ٿيو هو پر حيرت بلڪل نہ ٿي هئي.
مون هن کي رڳو ايترو چيو هو تہ، ”ڏس... مون چيو هو نہ، تہ تنھنجا گهر وارا تنھنجي لاءِ ائين ئي سوچيندا..!“
نينا مون کي شاديءَ جو ڪارڊ ڏئي. اچڻ لاءِ تاڪيد ڪيو هو.
مان دل وڏي ڪري. شاديءَ ۾ شرڪت ڪري آيو هوس، اِهو شھر جو هڪ وڏو ڪلب هو. مون هن جو ڊاڪٽر گهوٽ اسٽيج تي ويٺل ڏٺو هو. نينا ليڊيز پورشن ۾ هئي. مون کيس ڪنوار جي روپ ۾ ڪونہ ڏٺو. سندس ساهيڙيءَ جي معرفت مون نينا کي پنھنجي هڪ وڏي پينٽگ گفٽ ڪئي هئي.
شاديءَ کان اڳ، اسان جي آخري ملاقات علامہ آءِ آءِ قاضي ۽ امڙ ايلسا جي مزارن وٽ پارڪ ۾ ٿي هئي. اُن ملاقات ۾ ٻئي چُپُ چُپُ هئاسين. فقط هڪ ٻئي کي ڏسي رهيا هئاسين. جيئن هڪ ٻئي کي اکين سان ڪيپچر ڪري دل جي خاني ۾ هميشہ لاءِ محفوظ ڪري رهيا هجون..! اسان ڪيڏي ڪيڏي مھل مرڪي بہ رهيا هئاسين. دليون شايد رنيون هجن، پر ظاهر ڪونہ پئي ڪيوسين. مُرڪ کي بہ ڄڻ محفوظ ڪري رهيا هئاسين. مون هن جي مرڪندڙ ۽ مھڪندڙ چَپن کي ڏٺو ۽ سوچيم، ’نينا جا چَپَ ڪيڏا نہ خوبصورت آهن..!‘
منھنجي چپن کي اِنھن جو لمَس، ڪڏهن بہ نصيب نہ ٿيو.
اڄ کان پوءِ اسان ڪڏهن بہ ڪونہ ملنداسين..! ڪاش مان سندس چَپن کي پھريون ۽ آخري ڀيرو چُمي سگهان ها...! منھنجا چَپ ٿورو ڦرڪيا. هُن چپن جو ڦرڪڻ ۽ دل جو تڙپڻ، محسوس ڪري ورتو... هلڪي مُرڪَ سان چيائين، ”اڄ مان توهان کي سيڪسي ٿي لڳان ڇا...!!؟“
هُن جو سوال ڇرڪائيندڙ هو!! ڪجهہ لڄي ٿيندي چيم، ”ڪيئن...!! اهو ڪھڙو سوال آهي!؟“
چيائين، ”پھريان ڪڏهن اهڙين نظرن سان ڪونہ ڏٺو اٿوَ نہ...!“
سوچيم تہ ڇا چوان... چوي تہ سھي پئي...!
چيم، ”ها...! شايد...!!“
هُوءَ ٿورو سِرڪي وڌيڪ منھنجي ويجهو ٿي. پنھنجو چھرو، منھنجي چھري کي اڃا بہ ويجهو ڪندي چيائين، ”جَي توهان جي دل چوي ٿي تہ...!!“ هُنَ جملو اڌ ۾ روڪيو، پر مطلب پورو ٻڌائي وئي...! ڏٺم تہ هن جا چَپَ بہ ڦرڪيا... مون پنھنجا ٻئي هَٿَ هُن ڏانھن وڌائي، هُنَ جي چھري کي ٻنھي هٿن جي پيالي ۾ ائين جهليو، جيئن ڪا دعا جهلجي...!
مون پنھنجي چَپن کي هُن جي چَپن ڏانھن وڌايو..! هُن اڳواٽ ايندڙ سُرور مان اکيون بند ڪري ڇڏيون..!
مون پاڻ کي روڪي ورتو. هُن جي بند ٿيل اکين ۽ کليل چَپن کي ڏسندو رهيس. مان چميءَ جي چانئٺ تي سَر بَسجودُ ٿي ويس..! هُن جي مقدس چَپن کي پنھنجي چَپن سان گدلو ڪرڻ کان روڪي ورتم..! اُن هِڪَ سجدي سان، سموريون عبادتون سَر ڪري ورتم..!
هن جي ڳلن کي لال ٿيندي ڏٺم. هن جي چپن جي چاشنيءَ کي اکين سان چکي ورتم. هُن جي رس ڀريل چپن کي اکين ۾ ئي اوتي ڇڏيم. چند لمحن کان پوءِ هن اکيون کوليون. اسان ٻنھي جي چھرن ۾ بس ساھہ جيترو فاصلو هو. هن هڪ ڊگهو ساھہ کنيو... پنھنجي ۽ منھنجي ساهن جي گرميءَ کي گڏائي، هن ڄڻ هڪَ ڳِيتَ ڏني..! مون پاڻ کي ٿورو وٿيرڪو ڪيو ۽ هن جي چھري کي هوريان هوريان پنھنجي هٿن جي ٻُڪَ مان آزاد ڪيو. هن جي چھري تي هڪ لازوال مُرڪَ ٽڙي آئي. هن پاڻ کان پري ٿيندڙ، منھنجي ٻنھي هٿن کي پنھنجي نرم ۽ نازڪ هٿن ۾ جڪڙي ڇڏيو.
آهستي پڇيائين، ”ايئن ڇو...!؟“
چيم، ”پھرين ۽ آخري چُمي، ڪٿي زندگيءَ ڀر لاءِ تنھنجي هيانوَ ۾ چَڪُ نہ بڻجي پوي..!“
هُوءَ مرڪي.. چيائين، ”خبر ٿي! مون کي هڪ چُميءَ کان سڪايو تہ سھي پر منھنجي سِڪَ جي ٿانوَ کي، بي شمار چُمين سان ڀري ڇڏيوَ! اِهو هِڪَ پلُ ئي منھنجي زندگي هو! توهان جي ڏنل چمي، ٿي سگهي ٿو تہ مون کان ڪڏهن، وسري بہ وڃي ها، پر نہ ڏنل چمي، مون کان ڪڏهن بہ وسري نہ سگهندي..! مون اکيون بند ڪري، تنھنجي چُميءِ لاءِ پنھنجن چپن کي تيار ڪري ورتو..! مون اِنَ هڪَ پَل ۾ پنھنجي مڪمل جنسي لذت ماڻي ورتي...!“
نينا پيار جي تالاب ۾، ڪپڙن سميت پسيل پئي لڳي..!
مون کي هڪ ڀوڳ ٺھي آيو. چيومانس، ”معنيٰ تون هاڻي ڪنواري نہ رهي آهين...!“
هن ٽھڪ ڏنو، ”ها...! ۽ منھنجي خوشنصيبي جو تنھنجي هٿان...!“
هِن هڪ ننڍرو ٽھڪ ڏئي، ٿورو شرمايو...!
”مون جيڏي مھل توهان کي چُمي آفر ڪئي، مون کي سمجهہ ۾ نہ آيو تہ مان هي ڇا پئي ڪريان!؟ توهان مون ڏانھن هَٿَ وڌايا تہ منھنجيون اکيون، بي اختيار بند ٿي ويون...! مون سوچيو تہ هي مرد آهي، اگر منھنجي چَپن کي چميائين تہ ڳالھہ اِتي بس ڪا نہ ڪندي...! ڪيتريون ئي چميون ۽ الاءِ ڪٿي ڪٿي، مون کي سھڻيون پونديون..! آئون بہ پاڻ کي ڪنٽرول ڪري سگهنديس الاءِ نہ...! توهان جي ساهن جي گرميءَ کي مون محسوس ۽ پنھنجي ڪنوارپ جو قيمو ٿيندي محسوس ڪيو..! توهان پاڻ کي بريڪ هڻي، وڏو بريڪ ٿرو ڪري ورتو...!“
منھنجا هٿَ، اڃا بہ هُن جي هٿن ۾ هئا. هُن ڇڪي اڃا ٿورو پاڻ ڏي سوريا...! چيائين، ”اڄ توهان مون کي پيار جو هڪ نئون روپ ڏيکاريو آهي، اهو روپ مون کان ڪڏهن ڪو نہ وسرندو...!“
اسان جڏهن موڪلايو، هميشہ جي لاءِ...! تہ هُن ويندي ويندي چيو، ”توهان جي اڻ ڏنل چُمي، منھنجي چپن سان چُھٽي پئي آهي...! ٿينڪ يو ويري مچ...!“
هُوءَ وئي هلي...!
زرعي زمين جي ڪاغذ جي بھاني نينا جي ننڍي ڀاءُ ۽ منھنجي هڪ پراڻي گڏيل دوست کان سندس متعلق پڇيم تہ هُن بہ ڪنھن ٻئي دوست کان هِن جو نمبر وٺي ڏنو. نمبر ڊائل ڪري کيس پنھنجو مختصر تعارف ڪرائي، زرعي زمين جي ڪاغذ متعلق ٻڌايم تہ هِن چيو، ”بلڪل اهي ڪتابَ ۽ ڪاغذ اسان جا ئي آهن پر ان ڪاغذ جي اسان کي هاڻي ضرورت ناهي، توهان ڀلي ضايع ڪري ڇڏيو.“ مون هن کان ڪتابن جي کوکن جي وڪري متعلق پڇيو تہ هِن ٻڌايو، ”اسان جي ڀيڻ ڪتابن جي ۽ مطالعي جي شوقين هئي. اُها شاديءَ کان پوءِ ڪراچي هلي وئي هئي. هُوءَ ڪتاب اڃا کڻي ئي ڪونہ وئي هئي تہ اسان پنھنجو اُهو بنگلو سَيل ڪري ڇڏيو هو. اسان بہ گهر خالي ڪرڻ وقت، ڪتاب ڪونہ کنيا هئا. سو اُهي ڪتاب هاڻي شايد نوَن مالڪن ڪڍي کپايا هوندا..!“
مون پڇيو تہ، ”هيترن سالن ۾ ڪتاب پڙهڻ جي شوقينَ، پنھنجا ڪتاب ڪونہ سنڀاليا...!؟
”ادا ايڪچوئلي، اسان جي اُها ڀيڻ جلد ئي انتقال ڪري وئي هئي، نہ تہ سندس ڪتابَ ائين دربدر نہ ٿين ها...!!“
منھنجي سامھون زمين گهمي وئي... اکين آڏو اونداھہ ڇانئجي وئي... پيرن مان ساھہ ڇڏائي ويو... ڪَنن ۾ سانئيَي سانئيَي ٿيڻ لڳي.
پاتال مان ڪو آواز اڀريو... نينا، نينا وئي هلي...!!! اهو جملو منھنجي زبان مان نڪتو هو الاءِ آسمان مان لٿو هو...! سمجهہ ۾ نہ آيو.!! منھنجو آواز نہ پيو اُٿلي... هُن هيلو هيلو ڪري فون بند ڪري ڇڏيو... جڏهن سامت ۾ آيس تہ سوچيم، ”نينا جي دنيا، پنھنجي خوبصورتي وڃائي ويٺي هوندي، تڏهن نينا وئي هلي..!! نينا کي بدصورتي بلڪل پسند نہ هئي... تڏهن نينا وئي هلي....
خيال آيو تہ وڃي نينا جي ڀاءُ سان تعريف ڪري اچان...! پر ڪيئن! ۽ ڇو!!
نينا کي مرحوم سمجهي، هُن جي مغفرت لاءِ وڃي دعا ڪيان..؟
نہ نہ... هرگز نہ...
هُوءَ زنده آهي... پنھنجي بي پناھہ پيار سان.... پنھنجي معصوميت سان... پنھنجي خوبصورتيءَ سان.... هوُءَ مون سان گڏ آهي...
جيئري جاڳندي... زنده سلامت... بي شمار يادن جي خزاني سان... مون سان گڏ آهي...
پر مون کي افسوس ٿيو تہ... هُن جا ڪتابَ...!
الاءِ ڪيترا هئا...! الاءِ ڪيڏانھن ويا...!!
جيڪا قسمت ڪتابن جي...!!!
پرئين پاسي بيٺل شخص (منور سراج)
ماڻھو تہ اڪيلي ۾ هجوم ۽ هجوم ۾ اڪيلو آهي...
شاھہ سائينءَ فرمايو، ’ڪي چڙهن نہ چِت تي، ڪي وسرن نہ مُور...‘ ياد بہ ڪمال ڪري ٿي، وسارڻ ۾ بہ ياد ڏياريو ڇڏي. ’امداد حُسينيءَ‘ چيو، ’۽ اها ياد ئي آهي، جا وساري ئي نٿي، ورنہ مون کي تہ خدا ياد اچيو، وسريو وڃي.‘
حياتيءَ جي ڪٿا ۾، ڪيتريون ئي شيون، وسري وڃن ٿيون، وسارجي وڃن ٿيون، پر اهو سڀاڳو پيار، جدائيءَ جو نڀاڳ بڻجي وڃي ٿو.
ڇا آهي محبت؟ موهن ڪلپنا لکن ٿا، ”گڏ کاڌل آئسڪريم جا پيالا، ڪنھن وڻ هيٺان مينھن ۾ بيٺل وجودن جو ڪو اقرار، يا وري وڻ جي ٿُڙن تي لکيل ڪجهہ لفظَ... ڇا آهي محبت!“
اهو سڀ سوچجي، تہ مَنَ جي مُونجهہ وڌي ويندي آهي. ڪردار بلڪل اهڙا بڻجي ويندا آهن، جھڙو ’منور سراج‘ جي هن ڪھاڻيءَ ۾ آهن. منور پنھنجي دور جو يگانو ليکڪ آهي. ڪھاڻي کيتر ۾ سندس پورهيو، ڪنھن بہ تعارف جو محتاج ڪونھي. هڪ دل جي اڪيلائيءَ کي، جنھن سونھن سان منور سراج، ’امرتا‘ جي هنن صفحن ۾ پيش ڪري رهيو آهي، اها يقينن سندس تحرير جي مھارت ئي آهي.
ساھہ سيباڻن لمحن ۾، وڇوڙي جي ڀاڪر سان ڀريل، مُرڪندڙ چَپن مٿان، ڀرجندڙ اکين جي ڪٿا... محبت ڪيئن ڪبي آهي...!؟ محبت هيئن ڪبي آ...
------------------------------------------------------------------------------------------
هارڊ بورڊ جي سنھين ديوار جي پريان بيٺل شخص فون تي ڳالھائيندي هڪڙو جُملو هر هر ورجائي ٿو، ”مان چوان ٿو ڪا ڳالھہ آهي ضرور..!“
هُن جي تيز آواز تي ۽ آواز کان بہ وڌيڪ، ساڳئي جُملي کي هر هر ورجائڻ تي ڪاوڙ ٿي لڳيم، بيزاري ٿئي ٿي. ڌيان آفيس جي ڪم تان هٽي سندس آواز ۾ الجهڻ ٿو لڳي. کيس ڳالھائڻ کان روڪڻ چاهيان ٿو، پر نٿو روڪيانس. هُو منھنجي لاءِ مڪمل طور هڪ اوپرو شخص آهي. هُو مسلسل ڳالھائيندو ٿو رهي. منھنجو ذهن نہ چاهيندي بہ سندس جملي ۾ ڦاسڻ ٿو لڳي... ”ڪا ڳالھہ آهي ضرور...“ ۽ سوچان ٿو تہ اُها ڪھڙي ڳالھہ ٿي سگهي ٿي!؟ جنھن جو امڪان فون تي ڳالھائيندڙ جي آواز ۽ لھجي مان ليئا پائي رهيو آهي.
يقين اچڻ ٿو لڳيم تہ واقعي ڪا ڳالھہ آهي ضرور... پر مان ٻڌل ڳالھہ ٻڌائڻ بدران اڻ ٻُڌل ڳالھہ ٻڌائڻ ٿو چاهيان. ڳالھہ ٻڌائڻ جو بہ پنھنجو نشو آهي، مزو آهي. البت مون کي اڪثر محسوس ٿيندو آهي تہ مان ڪھاڻيڪار طور پيدا نہ ٿيو هئس پر هڪ عرضي نويس طور پيدا ٿيو هئس. جنھن کي بازار ۾، روڊ جي پاسي کان ڪاٺ جي ڪُرسي ٽيبل تي ويھي ماڻھن جون شڪايتون، ڏک، حادثا ۽ ڳالھيون لکي، پنھنجو پيٽ پالڻو هو. آڱرين جو ٿڪ لاهڻو هو... پر مان ڪھاڻيون لکڻ لڳس ۽ انتظار جو درياھہ بڻجي ويس ۽ انتظار سان اهڙو پيار ٿي ويم جھڙوننڍڙي هوندي وڻن، گلن، پکين ۽ پوپٽن سان هئو، جڏهن تہ تڏهن مون کي پنھنجي پيءَ سان بلڪل بہ پيار نہ هو... پوءِ جڏهن منھنجي شادي ٿي ۽ مان پاڻ ٻچڙيوال ٿيس تہ مون کي پوڙهي پيءُ سان ڏاڍو پيار ٿي ويو، پر ايستائين دير ٿي چڪي هئي. هن جون اکيون هميشہ لاءِ پُورجي ويون ۽ منھنجين اکين ۾ لڙڪ ٽِڪي پيا... لڙڪ وهندا آهن تہ سُڪون ملندو آهي! شايد لڙڪن ۾ ڪا ڳالھہ آهي ضرور... فون تي ڳالھائيندڙ شخص جو جُملو منھنجي ڪَنن ۾ ڦاسي پيو آهي، ’ڪا ڳالھہ آهي ضرور...‘ ها واقعي ڪا اهڙي ڳالھہ آهي ضرور جيڪا مون کي ياد اچڻ ٿي چاهي تہ جيئن مان اُها ڳالھہ اڳتي وڌايان. ماڻھن جي سماعتن تائين پھچايان تہ جيئن ڳالھہ زنده رهي سگهي. ڳالھہ زنده رهندي تہ ماڻھو زنده رهندو. شايد ڳالھہ کي بہ پنھنجي ٻڌندڙن جو انتظار هوندو آهي.
ستن اٺن سالن جي ڄمار ۾ مون کي جنھن هم ڄمار ڇوڪريءَ سان محبت ٿي وئي هئي، ان جو ڳوٺ پنجاھہ ميل پري هوندي بہ ڄڻ منھنجي دل جي ڀر سان هو. اُها ڪنھن شاديءَ جي تقريب هئي. اوسي پاسي گئس جا گولا پئي ٻريا. ڌيمي روشنيءَ ۾ پتنگ پئي جهوميا ۽ جليا. ريشمي وڳا پاتل ڇوڪريون هيج مان مُرڪي مُرڪي پئي نچيون. اسين پٽ تي وڇايل رلھين تي ويٺا الاءِ ڪھڙيون ڪھڙيون ڳالھيون ڪندي هڪٻئي ڏي ڏسي نہ ڏسي ۽ نہ ڏسي، ڏسي رهيا هئاسين. ڪنھن ڪنھن مھل رلھيءَ ۾ لِڪي هڪٻئي کي ڳولي وڃائي، وڃائي ڳولي رهيا هئاسين. رات کُٽي وئي، ڳالھيون نہ کُٽيون.
صبح جو امان سان گڏ ٽانگي ۾ واپس پئي آيس تہ اکين مان ڳوڙها پئي ڳڙيا. امان چيو، ”روءُ نہ... وري جلدي موٽي اينداسين.“ مون کي امان جي لفظن ۽ گهوڙي جي سنبن جي ٽاپ ٽاپ ۾ هم آهنگي پئي محسوس ٿي... ”روءُ نہ... روءُ نہ.... روءُ نہ.....“ پر اسين وري جلدي تہ ڇا دير سان بہ نہ موٽياسين. سال گذري ويا... گئس جا گولا ٻري ٻري وسامي ويا. پتنگ مري ٺري ويا. نچندڙ ڇوڪريون ماٺ ڪري بيھي رهيون. پوءِ ڪنھن ماڻھوءَ واتان ٻڌڻ ۾ آيو تہ اُها ڇوڪري مري وئي. اُها ڇو ۽ ڪيئن مري وئي! اُهو بہ ان شخص ٻڌايو هو، پر اهو مون کي ياد نہ رهيو آهي تہ اهو ڪير شخص هو! منھنجي يادداشت اصل کان وٺي ڪمزور آهي. ڪا پراڻي ڳالھہ ياد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مون کان اُها نئين ڳالھہ بہ وسري ويندي آهي، جيڪا گهر جي گهٽيءَ وانگر ياد هوندي اٿم.
شايد ويسارو سٺي شئي آهي.
يادگيريون، ماڻھوءَ کي ماري ٿيون وجهن.
اسين يادگيرين جا ماريل ماڻھو آهيون.
اهو بہ مُمڪن آهي تہ اسين يادگيرين جا جيئاريل ماڻھو هجون. فون تي ڳالھائيندڙ شخص بضد آهي تہ، ”ڪا ڳالھہ آهي ضرور“ يادگيريءَ جي ڳالھہ تان ياد آيم تہ اڳ جڏهن مان ڪجهہ وقت لاءِ ڪيڏانھن گهمڻ ويندو هئس تہ موٽڻ مھل مون کي سڀ کان اڳ پنھنجي ماءُ سان ملڻ ۽ کيس سفر جون ڳالھيون ٻڌائڻ جي ڏاڍي تڪڙ ۽ تانگهي ٿيندي هئي، پر پوءِ جڏهن امان مري وئي تہ منھنجي تڪڙ ۽ تانگهہ بہ مري وئي. ڪجهہ ڳالھيون شايد ڪجهہ ماڻھن جي ڪري زنده هونديون آهن، اهي ماڻھو مري ويندا آهن تہ ڳالھيون بہ مري وينديون آهن. هڪ ڳالھہ مون کي سمجهہ ۾ نہ ايندي آهي تہ جيڪي ماڻھو ٺاهڻ جو هنر نہ ڄاڻندا آهن، اهي ڊاهڻ جون ڳالھيون ڇو ڪندا آهن!؟ الاءِ ڇو ماءُ پيءُ زنده هوندا آهن تہ اولاد جي دل ۾ گهٽ زنده هوندا آهن، مري ويندا آهن تہ وڌيڪ زنده ٿي پوندا آهن. مون کي ڏهن ٻارنھن سالن جي عُمر ۾ ٻي محبت پاڻ کان وڏي اُن ڪڪرن جھڙي ڇوڪريءَ سان ٿي وئي هئي، جنھن جا خواب سندس وارن کان وڏا هئا. هُوءَ کلندي هئي تہ لڳندو هو ڪٿي ڪو ساز پيو وڄي... پر مان هن کان ۽ هُن جي خوابن کان گهڻو ننڍو هئس ان ڪري هُن مون کي مُرڪي ٽاري ڇڏيو هو ۽ پنھنجي همعُمر نوجوان سان پيار ڪرڻ لڳي هئي، جنھن هڪ چانڊوڪيءَ رات جي پوئين پھر ۾ کيس سندس ئي گلابي رت ۾ ڳاڙهو ڪري ڇڏيو هو. ان حادثي جو اطلاع صبح جي گهڙيءَ، ماڻس کي ان مھل ڏنو هو جنھن مھل هن کٽ تان هنڌ پئي ويڙهيا. هن بنان هڪ لفظ ڳالھائڻ جي هڪڙو ڀونڊو پنھنجي ۽ ٻيو ڌيءَ جي منھن ۾ گهروڙيو هو ۽ هميشہ لاءِ ماٺ ٿي وئي هئي ۽ مون کي پنھنجي ننڍڙي هجڻ تي خوشي ٿي هئي ۽ دل ۾ ڏک بہ ڏاڍو ٿيو هو. مان محبت کان ڊنل آهيان، نفرت کان ڊنل ناهيان، نفرت تہ خود ڊنل هوندي آهي، پيار تہ مان هاڻي بہ ڪندو آهيان، پر هاڻي منھنجي محبت ۾ اهو جنون ناهي، جيڪو ڏينھن کي رات، رات کي ڏينھن ڪندو آهي ۽ اکين کي مينھن ڪندو آهي. بھرحال هڪ ڳالھہ طئہ آهي تہ ڳالھہ پنھنجا ٻڌندڙ پاڻ پيدا ڪندي آهي. جيئن فون تي ڳالھائيندڙ شخص جي ڳالھہ مون کي پيدا ڪيو آهي ۽ مان سندس ڳالھہ جي ڳولا ۾ نڪري پيو آهيان. هُونءَ بہ لفظن تي ڳالھہ ڀاري هجڻ گهرجي، ڳالھہ تي لفظ ڀاري نہ هجڻ گهرجن، مان حيران ان ڳالھہ تي ناهيان، تہ مون کي ان خط جو ايڏو انتظار ڇو آهي، جيڪو خط هڪ دلڪش عورت مون ڏي لکيو هو، پر پوسٽ ڪرڻ وساري ويٺي هئي، مان حيران ان ڳالھہ تي آهيان تہ هاڻي جڏهن خط لکڻ، پوسٽ ڪرڻ ۽ وصول ڪرڻ جو زمانو لڳ ڀڳ گذري چڪو آهي تہ پوءِ بہ مون کي دلڪش عورت جي خط جو انتظار ڇو آهي؟! شايد ان ڪري جو انتظار خود بہ دلڪش هوندو آهي.
اجنبي ماڻھوءَ جو غير اجنبي جملو منھنجي حواسن تي سوار ٿي ويو آهي تہ، ”ڪا ڳالھہ آهي ضرور...“ ۽ مان ان ڳالھہ جي پٺيان لڳي ان ميلي ۾ وڃي نڪتو آهيان، جنھن ۾ موت جي کوھہ، ايراني سرڪس ۽ مانڊي ۾ نچندڙ رقاصائن جي گهنگهروئن جي ڪناري تي هڪڙو بوڪ اسٽال آهي، جنھن تان مون زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ٻاروتڻ ۾ جيڪو ڪتاب ورتو هو، ان جو نالو هو، ’اگهاڙي ترار.‘ ترار ۾ تہ خير منھنجي ڪا دلچسپي ڪانہ هئي، البت جنھن لفظ مون کان ڪتاب خريد ڪرايو هئو، اهو لفظ هو ’اگهاڙي‘... واقعي لفظن ۾ جادو هوندو آهي، ان شام اهو لفظ منھنجي لاءِ دنيا جو وڌ ۾ وڌ وڻندڙ، خوبصرت، پُراسرار ۽ زندگيءَ جئان گرم ثابت ٿيو هو، پر جڏهن مان اڪيلي ڪنڊ ۾ ويھي بي ترتيب ساهن ۽ ڏڪندڙ هٿن سان ڪتاب پڙهڻ لڳو هئس، تہ ڏاڍي مايوسي ٿي هئم، جو ان ڪتاب ۾ نہ ڪنھن ترار جي تجلي هئي نہ ئي ڪا ’اگهاڙي‘ ڳالھہ هئي. اهو تہ محض ڪو ’علمِ تعويذات‘ جو ڪتاب هو، جنھن ۾ دشمن کي ماري مڃائڻ ۽ محبوب کي پيرن ۾ ڪيرائڻ جا نقش هئا. ان ڏينھن مون کي زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو دوکي جي اُگري ۽ اڻ وڻندڙ بُوءِ محسوس ٿي هئي ۽ ليکڪ کان نفرت ٿي وئي هئم. گهٽ ۾ گهٽ ڪتاب کي ٻھروپيو نہ هئڻ گهرجي.
اجنبي شخص جو جملو منھنجي پُٺ نٿو ڇڏي. ”مان چوان ٿو ڪا ڳالھہ آهي ضرور...“ ڪجهہ لفظ، ڳالھيون، خواب ۽ ڪجهہ جملا گائيڊڊ ميزائل وانگر پنھنجي حدف جو پري پري تائين پيڇو ڪندا آهن. شايد مون سان ڪجهہ سبتو ابتو، ابتو سبتو ٿي پيو آهي. مان سيل فون جي اسڪرين تي پنھنجي تصوير رکندو آهيان تہ لڳندو اٿم اُها مئل ماڻھوءَ جي تصوير آهي. ڪنھن دعوت ۾ ماني کائيندي مسلسل ان ڊپ ۾ مبتلا هوندو آهيان تہ ماني کائيندي ڀاڄي يا چٽڻي، رائتو يا آئس ڪريم هٿ مان ڪرِي پوندي ۽ ڪپڙن تي هارجي پوندي. مون کي ڀريل محفل ۾ شرمندو ٿيئڻو پوندو. ڪنھن مھل لڳندو اٿم تہ ٽيبل تي رکيل جڳ مان پاڻيءَ جو گلاس ڀري سامھون ويٺل معزز مھمان جي منھن ۾ وهائي ڪڍندس، پر اهڙي حرڪت ڇو ڪندس؟ ان سوال جو مون وٽ ڪو جواب ڪونھي. شايد منھنجي اندر ۾ پري ڪٿي ڪو مسئلو آهي. ڪا ڪَمِي رهجي وئي آهي، اڪثر ڪنھن آفيشل ميٽنگ جي پُرتڪلف ماحول ۾ ويٺي لڳندو اٿم تہ جنھن پل مڪمل خاموشي ڇانيل هوندي تہ هڪ وڏي رڙ اوچتو منھنجي وات مان نڪرندي ۽ سمورا آفيشلز حيرت، ڪاوڙ ۽ نفرت مان مون ڏي ڏسندا ۽ مون کي ذلت جي ڀيانڪ احساس سان ميٽنگ هال مان ٻاهر نڪرڻو پوندو. مان رڙ ڇو ڪندس؟ خبر ناهي! شايد خاموشيءَ سان ڀريل ڪمري جي پُرتڪلف ماحول ۾ اهڙو ڪجهہ هوندو آهي، جيڪو مون کي پريشان ڪندو آهي... ۽ مان هڪ وڏي رڙ جي تيز تکي ڪاتيءَ ۾ چهنب سان ات ماحول جي ديوار ۾ سوراخ ڪرڻ گهرندو آهيان. شايد ورهين کان ڪا رڙ اندر ۾ ڀٽڪي رهي آهي. ٻاهر نڪرڻ جو رستو ڳولي رهي آهي. پر رستو نٿو مليس، شايد ڪنھن ڏينھن اها رڙ مون کي ماري وجهندي! ڪا ديوانگي آهي، جيڪا ورهين کان آس پاس ڪٿي موجود آهي، پر نظر نٿي اچي. اصل ۾ منھنجي نظر ڪافي ڪمزور آهي. اڳ مان بنان چشمي لکي پڙهي سگهندو هئس، هاڻي چشمي کان سواءِ پڙهي لکي نٿو سگهان. اهو منھنجو نئون ڏک آهي، جيڪو ڪجهہ وقت کان پوءِ پراڻو بڻجي ويندو. پراڻا ڏک پيارا ٿي ويندا آهن، اها ڳالھہ سمجهہ ۾ نٿي اچي تہ ماڻھو کلندو آهي تہ ڏکارو ڇو ٿي پوندو آهي ۽ ماڻھو روئڻ مھل اکين تي ٻانھن ڇو ڏيندو آهي.
شايد سھپ جي حد کان وڌيڪ ٿڪجي پيو آهيان. ٿڪل ذهن سان پاڻ کان پڇان ٿو تہ آخر اهو منھنجو مسئلو آهي ڇا تہ ڪھڙي ڳالھہ آهي!؟ ڳالھہ تہ ڪابہ ٿي سگهي ٿي ۽ نہ بہ ٿي سگهي ٿي. مان ٿڪاوٽ ۽ اداسيءَ کان بچڻ لاءِ ڪمري ڏي واپس موٽي ٿو اچان، جنھن ۾ هارڊ بورڊ جي سنھينءَ ديوار جي پرئين پاسي موجود شخص ساڳيو جملو ورجائي رهيو آهي، ”مان چوان ٿو ڪا ڳالھہ آهي ضرور...“ هاڻي اوپرو شخص کيس اوپرو نہ لڳو!
ڌيان طلب
بنا ڪنھن نفعو ڏيندڙ ڪاروبار جي، پينن تي ترسُ کائي اها مدد ڪرڻ سان اسان جي کِيسن مان ساليانو 42 ارب ڊالر نڪري وڃن ٿا ۽ ان جو نتيجو %21 مھانگائيءَ ۾ واڌ ۽ 3 ڪروڙ 80 لک ماڻھن جو ’ڪجهہ نہ ڪرڻ‘ آهي.
هيءَ سوچ ڌيان طلبي ٿي.
نہ سھڻ جھڙو سُور (شوڪت علي ’شوق‘)
حيدر سان منھنجي پراڻي سڃاڻپ هئي، جڏهن مان يونيورسٽيءَ مان موٽندو هئس تہ ڄامشوري جي پل ٽپي ڪي مڇي وڪڻڻ وارا ويٺا هوندا هئا. انھن ۾ پھريون ٺيھو حيدر جي پيءُ جو هو جتان مان مڇي يا پلو وٺندو هئس. ان وقت حيدر جي عمر تقريبن تيرنھن سال هئي ۽ پيءُ سان گڏ ڪم ڪندو هو. پيءُ جي وفات کان پوءِ حيدر شھر جي وڏي مڇي مارڪيٽ ۾ هڪ دوڪان هٿ ڪيو ۽ اتي مڇي پلو وڪڻ لڳو. پوءِ مان ان جو مستقل گراهڪ بڻجي ويس.
هڪ ڏينھن جيئن مان مڇي مارڪيٽ ۾ گهڙيس تہ حيدر جو دوڪان بند ڏسي، هيڏانھن هوڏانھن نھاريم تہ ڪنھن وٽ سٺي مڇي هجي جا وٺان. حيدر جي دوڪان کان ٻہ دوڪان اڳتي هڪ نوجوان مون کي اشارو ڪري پاڻ وٽ سڏيو.
”سائين! مڇي وٺو، تازي مڇي آهي.“ مڇيءَ واري همراھہ مون کي سڏيندي چيو.
”ڪھڙي پڪ آهي تہ مڇي تازي هوندي!“ مون پڪو ٿيندي چيو.
”نہ وڻيوَ يا ڪَسِي هجي تہ رڌل واپس ڪجو.“ هن مُرڪندي چيو.
”ائين تہ اسان جي محنت ۽ مصالحو بہ ضايع ٿي ويندو.“ کلندي وراڻيومانس.
”سائين! فائدي لاءِ ٿورڙو نقصان بہ کڻبو آهي.“ هن جواب ڏنو.
مان هن کان مڇي وٺي گهر آيس. مڇي واقعي تازي ۽ سٺي هئي. اهو نوجوان جنھن جو نالو نادر هو، مرداڻي سونھن جو مجسمو هو. ويڪري ڇاتي، چيتي جھڙي چيلھہ، هلڪيون مڇون، قد پورو پنو، ڪڻڪاڻو رنگ، وٽيل ٻانھون، سخت ڏورا ۽ عمر ۾ تقريبن چوويھن سالن جو ٿَي لڳو. مڇيءَ جو ڌنڌو ڪندي بہ ڪاٽن جو هلڪو بِلُو سوٽ پايو صاف سٿرو ٿيو ويٺو هو. ڳچيءَ ۾ سوني چين ۽ ٻاچ ۾ سوني منڊي هن جي شخصيت ۾ ويتر واڌارو پئي ڪيو.
هفتي کان پوءِ ٻيو دفعو ويس. حيدر نہ مليو تہ نادر جي دوڪان تي هليو ويس. پاسي تي سندس پيءُ جو ٺيھو هو جو بہ مڇي وڪڻي رهيو هو. ان ڏينھن رسمي گفتگو کان ڪجهہ وڌيڪ گفتگو ٿي. پاڻ ٻڌايائين تہ يعقوب ڪاسائيءَ جي پڙ مٿان ساٽين جي پاڙي ۾ رهندو آهي. ٽن سالن کان مڇيءَ جو ڌنڌو پيو ڪري، وڌيڪ ٻڌايائين تہ شام جو جهوپڙا هوٽل واري چوراهي تي هڪ هوٽل ۾ اچي ويھندو آهي. اها هوٽل منھنجي گهر کي بلڪل ويجهو آهي.
شام جو هاسيڪار ان چوراهي تي ويس. هُو هوٽل تي ويٺل ملي ويو. ڪافي دير ڪچھري ڪئيسين. خوش طبيعت وارو بلند اخلاق ٿَي لڳو. ڳالھائڻ ۾ ڳهير، جو ڳالھائي سوچي سمجهي ڪجهہ چوي، عام ساٽين وانگر گٿا لفظ وات مان نہ ڪڍي. مان جڏهن بہ واندو هوندو هئس، نادر سان ملڻ هليو ويندو هئس. پوءِ ڪافي وقت هوٽل تي ڪچھري ڪندا هئاسين.
پاڻ ٻڌايائين، ”پڙهڻ جو شوق بلڪل نہ هو، ان ڪري گهڻو پڙهي نہ سگهيس. ڪسرت سان چاھہ گهڻو آهي. جسم ٺاهڻ جو جنون جي حد تائين شوق اٿم. باڊي بلڊنگ خوب ڪندو آهيان. شروعات ۾ بابا سان گڏ ڪم نہ ڪيو، جو ان ڪم ۾ جسماني پورهيو گهٽ آهي. هڪ ٺيڪيدار وٽ مزدوري ڪيم. صبح جو مزدوري ڪندو هئس تہ شام جو محرم عليءَ جي آکاڙي ۾ ورزش ڪندو هئس. مزدوريءَ ۾ اهو ڪم دل سان ڪندو هئس، جنھن ۾ جسم جي طاقت جو استعمال ٿئي. سيمنٽ جون ٻوريون کڻي مٿين منزلن تائين پھچائيندو هئس. هيٺان سرون اڇلي مٿي بيٺل مزدور کي ڏيندو هئس. سرن اڇلائڻ ۾ منھنجو رڪارڊ ڪير بہ ٽوڙي نہ سگهيو. گن (مترڪي) جي هڪ ڌڪ سان انچ جي شيخ ٻہ ٽڪرا ڪندو هئس. عام طرح رازا شرطون هڻي مزدورن کي ٿڪائي وجهندا هئا، پر مان رازن کي سھڪائي ڇڏيندو هئس. مال سان ڀريل تغاري هڪ اڇل سان ڏھہ فٽ مٿي پھچائيندو هئس.“ موڊ ۾ هوندو هو تہ پراڻا قصا ڪڍي ويھندو هو ۽ ماضيءَ کي حال ۾ تبديل ڪرڻ لڳندو هو.
هڪ دفعي گهر جو قصو کڻي ويٺو. چئي، ”بابو ضعيف ٿي ويو، گهر جو خرچ نہ پيو هلائي سگهي. وڏي پٽ هئڻ جي ناتي اها منھنجي ذميواري هئي تہ گهر جي مسئلن کي منھن ڏيان. نيٺ مزدوري ڇڏي اباڻي ڪرت اختيار ڪيم. بابي جي پاسي ۾ ٺيھو ٺاهي ويٺس مڇي وڪڻڻ. اهڙي ريت گهر جي ڪرندڙ حالتن کي سهارو ڏنم. ڪسرت ڪرڻ ڪري منھنجي خوراڪ بہ عام ماڻھو کان وڌيڪ آهي. مڇي پلي جي گهر ۾ کوٽ ناهي. ٻاڪري گوشت جي ڪلو جي ڪڙهائي هفتي ۾ ٻہ دفعا ٺھرائي اڪيلو کائيندو آهيان. روز رات جو هڪ ليٽر کير امان ڪاڙهي رکندي آهي، جو پي پوءِ سمھندو آهيان. صبح جو ٻہ ڪچا ديسي بيضا کير ۾ وجهي پيئندو آهيان. گيھہ مکڻ جو بہ هڪ حد تائين استعمال ڪندو آهيان. اڳ مزدوريءَ مان جو ڪمائيندو هئس سو پاڻ کائي ويندو هئس ۽ گهر ۾ ڪجهہ بہ نہ ڏيندو هئس. هاڻي سڄي گهر کي سنڀاليان پيو. ماني مان هميشہ اڪيلو ويھي کائيندو آهيان، جيئن ڪنھن جي نظر نہ پوي. منھنجي خوراڪ جي خبر صرف امان کي آهي. دعوتن ۾ ڪوشش ڪري گهٽ کائيندو آهيان، جو يار دوست گڏ هوندا آهن. پوءِ دعوت مان موٽي اچي گهر ماني کائيندو آهيان.“
جيڏو جسماني طاقت جو زور هيس اوترو دل جو دلير هو، پر ڪنھن سان زيادتي ڪرڻ کان نٽائيندو هو. کليل دل سان هر ڪنھن جي مدد ڪندو هو، چئي، ”مون کي نٿو سُجهي جو پاڙي ۾ ڪو اهڙو هجي جو منھنجي هٿ مان ويڻي ڇڏائي سگهي.“ غريب هوندي بہ مسڪينن سان همدردي هئس ۽ وت آهر انھن جي مدد ڪندو هو.
هڪ دفعو منھنجو پاڙي ۾ ڪنھن سان جهيڙو ٿي پيو. مدِمقابل مون کان سگهو هو، ان ڪري مان وڙهڻ جي نہ پئي ڪئي، پر هُو پچر ڇڏڻ لاءِ تيار نہ هو. اوڙو پاڙو اچي ڪٺو ٿيو. سڀ ڪو پيو سمجهائيس، پر هُو مون تي الرون ڪندو رهيو. اوچتو اتان نادر موٽر سائڪل تي اچي لنگهيو ۽ جهيڙو ڏسي بيھي رهيو. موٽر سائيڪل پاسي تي بيھاري ويجهو آيو. منھنجي مخالف کي ٻہ ٻہ هٿ اڏامندو ڏسي کيس ڀاڪر ۾ ڀري ٻہ چار ڦيرا ڏئي کڻي هٿ ڪڍيائين ۽ همراھہ هوا ۾ اڏامندو اٺ فوٽ پريان ائين وڃي ڪريو، جيئن ڪڻڪ جي ڳوڻ ديري تي سَٽبي آهي ۽ ڏندڻجي ويو. نادر ماٺ ڪري موٽر سائيڪل تي چڙهي کسڪي ويو، ڪنھن ڏٺو، ڪنھن نہ ڏٺو پر سڃاتو ڪنھن ڪونہ. هر ڪو پيو چوي تہ، ”ڪير هو؟؟“.... ”ڪير هو!!؟۾ همراھہ کي تريون هڻي پاڻي وجهي هوش ۾ آندو ويو. سامھون جراح جي دوڪان تان جراح لھي آيو. همراھہ کي ڏسي چيائين تہ هڏي وغيره ناهي ڀڳي باقي ڌڪ زبرُو لڳو آهي، پوءِ پاڙي وارا کيس سهارو ڏيئي گهر ڇڏي آيا.
هڪ دفعي منھنجو هڪ مھمان ڳوٺان آيو. رات جو واپسيءَ تي ريلوي اسٽيشن تي هڪ بوٽ پالش ڪندڙ پٺاڻ سان اٽڪي پيو، جنھن ٽڪر هڻي نڪ جي هڏي ڀڃي وڌس. مھمان رت ڳاڙيندو گهر آيو. مان کيس سول اسپتال وٺي ويس. ملم پٽي ڪرائي رات پاڻ وٽ رهايم ۽ ٻئي ڏينھن کيس بس ۾ ڳوٺ موڪليم. نادر سان ڳالھہ ڪيم. چيائين تہ اسٽيشن تي هلي ڏسون تہ ڪير هو. گهڻ ئي نٽايم پر هن نہ مڃيو. نيٺ اسٽيشن تي وياسين. ڏس ڏنل پٺاڻ ڏاڪڻ جي پاسي ۾ ويٺو بوٽ پالش ڪري رهيو هو. نادر مون کي پريان چانھہ واري وٽ بيھاري ان پٺاڻ ڏانھن ويو. کيس اٿاري ٻہ زوردار ٺونشا هڻي ڪڍيائينس. پٺاڻ منھن تي هٿ رکي وڃي ڪريو. نادر ڏاڪڻ چڙهي هليو ويو. ذات پٺاڻ اچي گڏ ٿيا ۽ کيس اٿاريو ويو. پٺاڻ جو منھن ۽ ڪپڙا رت سان ڀرجي ويا. مان بہ آرام سان اسٽيشن کان ٻاهر نڪري آيس. نادر موٽر سائيڪل تي ويٺو منھنجو انتظار ڪري رهيو هو.
ڪڏهن نادر دل جا داستان بہ بيان ڪندو هو. زال سان حد کان وڌيڪ پيار هئس، جا سندس سڳي سؤٽ بہ هئي. ٻہ ٻار هئس، ڌيءَ ۽ پٽ. زال جو سڀاءُ نادر سان سٺو نہ هو، پر نڀائڻ جي نيت سان نادر ڪچين پڪين کي نہ ڏسي نڀائيندو رهيو. پاڻ ٻڌائيندو هو... تہ اها شادي هن وڏين ڏکيائين سان ڪئي هئي.
پاڻ ٻڌايائين، ”خاندان جون ڪافي ڇوڪريون چاهينديون هيون تہ مان انھن سان شادي ڪريان، پر منھنجي اک ڪنھن تي بہ نہ ٻڏندي هئي. ڪيترائي خوبصورت چھرا اڳيان پويان ڦرندا هئا، پر ’ادي جي دل ۾ مڙئي خير‘ واري حالت هئي. ائين بہ نہ هو جو مان کير جو ڌوتل پاڪ صاف هئس، پر پنھنجي خاندان جي نياڻين ۾ منھنجي اک هميشہ هيٺ هوندي هئي.“
”وڏو چاچو بابا کان ڏهن سالن کان ڪاوڙيل هو، ان ڪري اسان جو هڪ ٻئي جي گهر ۾ اچڻ وڃڻ نہ هو. چاچَي جي ڌيءَ مارل ٻڌي هئم تہ سونھن ۾ سرس آهي. ايئن ڪٿي سرسري طور ڏٺي هوندم پر گهڻو ڌيان سان نہ ڏٺي هئم. ڪڏهن ڪنھن فيصلي فنڪشن ۾ ملاقات ٿي بہ هجي جا مون کي ياد نہ هئي. چاچو اسان کان معاشي طور آسودو هو. چار مڇيءَ جا ٺيھا شھر جي مختلف مارڪيٽ ۾ هئس. پنھنجي گاڏي هئس جنھن تي مڇي کڻي ٺيھن تي پھچائيندو هو. ان کان سواءِ پاڙي ۾ ٻہ ٽي جايون هئس جي مسواڙ تي ڏنل هيون. هڪ موالي پٽ ۽ هڪ نياڻي مارل جو اولاد هئس.“
”اسان کي بہ رهڻ جي پنھنجي جاءِ آهي. چار ڀيڻون ۽ ٻہ ڀائر آهيون. مان سڀ کان وڏو آهيان. ٻن ڀيڻن جي شادي ٿيل آهي. منھنجي هن مڇيءَ جي ڌنڌي ۾ اچڻ کان پوءِ اسان پنھنجن پيرن تي بيھڻ شروع ڪيو. ٻہ ٺيھا آهن جن تي اسان پيءُ پٽ ويھندا آهيون، ٽيون ٺيھو فقير جي پڙ واري مارڪيٽ ۾ ورتو اٿم. صبح سوير اٿي اتي مڇي پھچائي ايندو آهيان ۽ شام جو پئسا کڻي ايندو آهيان. رب پاڪ جي مھرباني سان وقت سٺو پيو گذري.“
”ڏهن سالن کان پوءِ چئن چڱن وچ ۾ پئي بابا جو ۽ چاچا جو ٺاھہ ڪرايو. ان کان پوءِ اسان هڪ ٻئي جي گهر اچڻ وڃڻ لڳاسين، سؤٽ مارل جي سونھن پَسِي منھنجا هوش اڏامي ويا. کيس خدا شايد فرصت ۾ ويھي ٺاهيو هو. فيصلو ڪيم تہ منھنجي ڪنوار ٿيندي تہ اها مارل، نہ تہ شادي نہ ڪبي. امان سان پنھنجي خواهش جو ذڪر ڪيم جنھن بابا سان ڳالھہ ڪئي.“
”مَسين مَسين وڃي ڀائر پاڻ ۾ پرتا آهيون. وري ٿا وچ ۾ ويري وجهو.“ بابا جواب ڏنو.
”انھي ۾ ڇا آهي، پنھنجا پاڻ ۾ آهيون. کير وهي وڃي ڀت ۾ پوندو.“ امان جواب ڏنو جو شايد هن کي بہ مارل پسند هئي.
”ڀاڄائي ڏٺي اٿئي. ڀاءُ کان ٻہ هٿ مٿي آهي. ڀاءُ کي منھن ڏيئي ويندس پر ڀاڄائيءَ سان ڪير پڄندو. ڇوري جا ڇلر لاهي ڇڏيندي منھنجي ڀاڄائي.“ بابا ٺپ جواب ڏيندي چيو.
”واقعي چاچي تيز طبيعت جي آفت مائي آهي. مايون تہ تيز طوفان هونديون آهن، پر هيءَ تہ ٻہ ڌاري ترار آهي. جتي وهي اتي وڍي. اهي سڀ ڳالھيون مون سمجهيون ٿي پر مارل بغير مان محتاج هئس. امان کي صاف ٻڌايم تہ سڀ ڪجهہ سهندس پر مارل کي ضرور ماڻيندس.“
”مون چاچي جي گهر ۾ اچڻ وڃڻ وڌائي ڇڏيو. گهر ۾ رڌل هر شئي جو ذرو کڻي وڃي مارل جي گهر ڏيئي ايندو هئس. مارل مون کي ڏسي منھن سُڄائي اندر هلي ويندي هئي. باقي مان چاچي سان ملي، مارل جي موالي ڀاءُ سان ڪچھري ڪري هليو ايندو هئس. آس هئي تہ مارل سان ڪا گهڙي رهاڻ ڪيان، کيس دل جا درد ٻڌايان، روح جون رڙيون بيان ڪيان جي مارل جي هجر ۾ منھنجو اندر مان آھہ بڻجي نڪرنديون آهن. کيس پنھنجي چاهت جو يقين ڏياريان، پر اهي سڀ خيالي پلاءُ هئا، جو مارل هڪ اهڙو پاڇو هئي جو پنھنجو هوندي بہ پنھنجو نہ هوندو آهي.“
”مون گهر ۾ بہ رڻ ٻاري ڏنو. رات ڏينھن مارل مارل ڪندو هئس. بابي کي تہ ڪجهہ نٿي چئي سگهيس، باقي امان جو ويھڻ وِھہ ڪري ڇڏيم. آخر ڪَڪِ ٿي بابا چاچا سان ڳالھايو، جنھن ٺُپ جواب ڏنو. ماڳهئين ٿَي ڀائر وري رٺا. بھرحال منھنجون ڪوششون جاري رهيون. صبح جو مڇيءَ جو ڪاروبار، شام جو وقت محرم عليءَ جي آکاڙي ۾ گذرندو هو. باقي رات مارل جي تات ۾ تڙپندو هئس.“
”مارل اسان جي گهر گهٽ ايندي هئي. ڪڏهين ايندي بہ هئي تہ امان سان ٻہ منٽ ويھي هلي ويندي هئي. مون کي اک کڻي بہ نہ ڏسندي هئي. منھنجي ننڍي ڀيڻ انٽر جو امتحان ڏيئي ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئي. اسان جي خاندان ۾ الائجي ڪيئن هن جو لاڙو پڙهڻ طرف هو. ڀيڻ کي هر وقت ڪتابن ۾ غرق ڏسي مان عجب ۾ پئجي ويندو هئس. ڀيڻ جي هر خواهش جو احترام ڪندو هئس، ڀيڻ ڪڏهن بہ ڪا ڳري فرمائش نہ ڪئي. باقي ڪڏهن ڪتابن لاءِ ڍڳ پئسا وٺندي هئي. منھنجي ڀيڻ سادگيءَ جو مڪمل نمونو هئي.“
”ڪجهہ وقت کان پوءِ چاچا سڱ ڏيڻ تي راضي ٿيو، پر شرط اهڙو رکيائين، جو منھنجا هوش حواس گم ٿي ويا. چاچو مون کي مارل ان شرط تي ڏيڻ لاءِ راضي ٿيو تہ ان جي بدلي منھنجي ننڍي ڀيڻ هن جي موالي پٽ کي ڏني وڃي، جيڪو سڄو ڏينھن نشو ڪيو سُتو پيو هوندو هو.
”شرط ڇا هو زهر جو ڍُڪ هو، جو اسان سڄي خاندان کي پيئڻ لاءِ چيو ويو. امان تہ ٺپ جواب ڏنو. چيائين، ”منھنجي موتين جھڙي ڌيءُ ان مواليءَ کي ڏيان، اهڙو قھر مون کان نہ ٿيندو.“ بابا فيصلو منھنجي مٿان ڇڏيو. ڀيڻ ڪنڊون وٺي روئندي رهي، چئي، ”منھنجو ڪھڙو ڏوھہ، جو مون کي ٿو قربانيءَ جو ٻڪرو بڻايو وڃي، ان کان بھتر آهي تہ مون کي ٻيرا ٻيرا ڪري درياھہ ۾ اڇليو وڃي.“ مون پاڻ کي ان پلصراط تي بيٺل محسوس ڪيو، جنھن جي ٻنھي پاسي دوزخ جي باھہ هئي.
”مارل جي نہ ملڻ جو درد کڻي وڃي کٽ ورتم. سڀ ڪم رهجي ويا. ڀاءُ اڃان ننڍو هو، ذميواري کڻڻ جي قابل نہ هو. باقي بابا کان جيترو ڪم پڄندو هو سو ڪندو هو. ائين سڄو ڪاروبار رُلي ويو. مان بيوس بڻجي ڊهي پيس. امان جو ڏٺو تہ ڇورو هٿن مان ٿو وڃي سا پنھنجي ضد تان لھي ننڍي ڌيءَ کي منٿون ڪرڻ لڳي تہ هُوءَ شاديءَ لاءِ ها ڪري ۽ ڀاءُ جي زندگي بچائي، نہ تہ ڇورو ويو پيو آهي. ننڍي ڀيڻ پاڻ کي پِٽڻ لڳي تہ هن جو ڏوھہ ڪھڙو آهي. هڪ ڏينھن امان منھنجو درد سھي نہ سگهي ۽ وڃي ننڍي ڌيءَ جي پيرن تي هٿ رکيائين. ٻئي ماءُ ڌيئر ڀاڪر پائي سڏڪا ڀري رئنديون رهيون، جو ٻنھي هڪ ٻئي جو درد ڄاتو ٿي.“
”ٻيءَ رات ڀيڻ روئندي مون وٽ آئي. پنھنجي شڪست جو اعتراف ۽ منھنجي فتح جو اعلان ڪيائين. ائين منھنجي محبت ميدان ماريو ۽ سڏڪا ڀريندڙ ڀيڻ کي مواليءَ جي حوالي ڪري مارل کي لال ڪنوار بڻائي گهر وٺي آيس.“
”هاڻي منھنجو ڏينھن رات مارل جي ساٿ ۾ سرهو گذرڻ لڳو. پنھنجي خوشيءَ ۾ ايترو مگن هئس جو ڀيڻ کي بہ وساري ويٺس. ڀيڻ پنھنجي عقل ۽ فھم سان موالي مڙس کي رستي تي آندو. هاڻي هن نشو گهٽائي ڇڏيو هو ۽ ڪجهہ ڪم ڪرڻ لڳو هو. مارل جي هٽلر ٽائپ ماءُ جو ورتاءُ بہ ڀيڻ سان بھتر ٿيڻ لڳو. ڀيڻ پنھنجي علم ۽ ذهانت سان ساهرن ۾ پنھنجو بھترين مقام ٺاهي ورتو.“
”مارل جو مون سان وهنوار سٺو نہ هو. سدائين چڙ ۾ منھن سُڄايو پئي هلندي هئي، پر مان محبتن جو ماريل مارل جي هر جفا کي ادا سمجهندو رهيس. آخر منھنجي محبت جو اثر ظاهر ٿيو، مارل جي روَيي ۾ تبديلي اچڻ لڳي ۽ گهر جو ماحول ڪجهہ پرسڪون ٿيڻ لڳو. اهڙي ريت ٻن ٻارن جو پيءُ بڻجي ويس. هاڻي گهر جنت جو ڏيک ڏيڻ لڳو هو. مارل جي ضدي طبيعت ڪڏهن ڪي ننڍا وڏا مسئلا پيدا ڪري وجهندي آهي ۽ هُو ’آدم بُو، آدم بُو...‘ ڪندي وتندي آهي. بابا کي گهر ۾ ويھاري ڇڏيو اٿم، جو هُو هاڻي ضعيف ٿي ويو آهي. سڄو ڪاروبار منھنجي هٿ ۾ آهي. سٺو ڪمايون ٿا، سٺو کائون ٿا، ڪسرت بہ گهٽ ڪندو آهيان جو وڌيڪ وقت ڌنڌي کي ٿو ڏيڻو پوي.“
اهي هئا قصا يار نادر جا. اسان جي ملاقات هوٽل تائين محدود هئي. نہ هن منھنجو گهر ڏٺو هو ۽ نہ ڪڏهن مان هن جي در تي ويو هئس. ڪجهہ ڏينھن کان نادر سان هوٽل تي ملاقات ٿي نہ سگهي. سوچيم تہ شايد مصروف آهي، ان ڪري نظر نٿو اچي. هڪ ڏينھن مڇي وٺڻ ويس. حيدر جو دوڪان بند هو. نادر جي ٺيھي ڏانھن نظر کنيم. هڪڙو سنھڙو سڪل شخص اتي ويٺل نظر آيو. مان نادر جو پڇڻ لاءِ ويجهو ويس. ڏٺم تہ اهو نادر پاڻ هو. اکيون ڏرا ڏنل، چمڙي گُهنجيل، هڙٻاٽون نڪتل ۽ جسم هڏين جو ڍير. اهو سڀ ڪجهہ ڏسي مان وائڙو ٿي ويس. مڻ مڇي جو ڇٻو هڪ هٿ ۾ کڻي مارڪيٽ جي ڏاڪڻ چڙهندڙ اڄ ٽي ڪلو مڇي کڻندي سھڪي رهيو هو. مان حيران ئي کيس ڏسندو رهيس، جو ڪجهہ چوڻ جي طاقت مان وڃائي ويٺو هئس.
”ڇا ٿو ڏسين ادا! وقت ملھہ ماري ويو آهي.“ نادر مون کي عجب ۾ ڏسي چيو.
”پر توکي ڇا ٿيو آهي، پاڻ مھينو پھرين مليا هئاسين، هن هڪ مھيني ۾ تون چوٿون حصو بہ نہ رهيو آهين.“ مون حال پڇندي چيو.
”بيماريءَ هي حال ڪيو آهي ڀاءُ.“ غمگين منھن سان جواب ڏنائين.
”آخر اها ڪھڙي بيماري آهي، جنھن جو علاج ناهي.“ مون صرف ايترو چيو.
”ادا! ڪي چون ٿا ڪارو ڪامڻ آهي، ڪن جو رايو آهي تہ مدي جو تپ بگڙيو آهي. ڪن جو خيال آهي تہ ڳرَي وڻ هيٺان لنگهيو آهيان، هر طرح جو علاج ڪرايو اٿم، ايتري قدر جو ڌاڳن ڦيڻن وارن کان بہ پاڻ ڦُرايو اٿم، پر ڪٿان بہ ڪنھن ڦڪيءَ فرق نہ ڪيو آهي.“ جواب ڏنائين.
”شام جو هوٽل تي اچ تہ وڌيڪ حال احوال ڪيون.“ ايترو چئي مان مڇي وٺي موٽي آيس. شام جو هوٽل تي ملياسين. حال احوال ڪيائين.
چيائين، ”ڪنھن معمولي ڳالھہ تان مارل سان اٽڪي پيس. هن بہ پنھنجو زور ڏيکارڻ شروع ڪيو. ڪاوڙ ۾ اچي ٺيلھو ڏنومانس وڃي کٽ تي ڪرِي ۽ مان گهر کان ٻاهر هليو ويس. شام جو گهر آيس تہ خبر پئي تہ مارُل ٻار وٺي مائٽن ۾ هلي وئي آهي. مان کيس وٺڻ ساهرن ۾ ويس، مارل سان ملاقات نہ ٿي، ٻار بہ مارل لڪائي ڇڏيا. منھنجي سس مون کي ويھاريو. رات جو چاچيءَ ماني کارائي. ٻوڙ ۾ ڳائو ڀڳل قيمو هو. چاچي صلاح ڏني تہ مان ڪجهہ ڏينھن ڇڏي پوءِ مارل کي وٺي وڃان. ڀيڻ سان ملي مان موٽي آيس. ان رات پيٽ ۾ سخت سُور پيو، سڄي رات سُور کان ڦٿڪندو رهيس. گهر ۾ پيل ٽِڪِي ڦوٽو کاڌم پر ڪو فرق نہ پيو. ٻئي ڏينھن ڊاڪٽر کي ڏيکاريم، جنھن دوا ڏني ۽ سُور ڪجهہ جهڪو ٿيو. پوءِ سُور تہ ڇڏي ويو باقي ان ڏينھن کان جسم ميڻ وانگر ڳرڻ لڳو. جسماني طاقت ايئن ويندي رهي، جيئن وٿين مان وارِي وهي ويندي آهي. ڪيترو ئي علاج ڪرايم، ڪيترن حاذڪن جا در پٽيم، پر نہ بيماريءَ جي خبر پئي تہ ڪھڙي آهي ۽ نہ ڪو علاج لڳو. بک بلڪل ختم ٿي ويئي آهي. اها همت نہ رهي آهي تہ وڃي ٻار وٺي اچان. الائجي ڪھڙي حال ۾ هوندا منھنجا ٻار. چاچي جي گهران ڪوبہ پڇڻ نہ آيو. ڀيڻ ويچاري ايندي آهي ۽ گونگا ڳوڙها ڳاڙي هلي ويندي آهي. ڀيڻ صرف ايترو ٻڌايو تہ اهو قيمي جو ٻوڙ منھنجي چاچي پاڻ رڌو هو، جو صرف مون کي کارايو ويو ۽ باقي بچيل ٻوڙ ڪَسِيءَ ۾ هاري ڇڏيائون ۽ ڪنھن بہ گهر ڀاتيءَ کي اهو کائڻ لاءِ نہ ڏنائون.“
”ڪجهہ ڏينھن بستري تي رهيس پر پوءِ همت ڪري اٿيس جو گهر ۾ ذري گهٽ فاقن جي نوبت اچي وئي هئي. ڪمزور بابو ايترو ئي ڪمائيندو هو جو ٻہ ويلا مشڪل سان کائي سگهندا هئاسين. منھنجي دوائن جو خرچ هڪ الڳ بار هو. ننڍي ڀاءُ کي فقير جي پڙ واري ٺيھي تي وهاريم جو اتي جو نوڪر ٽن ڏينھن جا پئسا کڻي ڀڄي ويو. مان ايترو ڪم نٿو ڪري سگهان. پورت بلڪل ڪانھي جو مھانگائيءَ چيلھہ ڀڃي وڌي آهي.“
اهي هئا حال منھنجي دلبر دوست جا. بھرحال قسمت جو لکيو هو، جو هر ڪنھن کي ڀوڳڻو آهي. نصيبن جا فيصلا اڻمٽ هوندا آهن، ڪوبہ ويل وقت ورائي نہ سگهيو آهي ۽ نہ ڪو قسمت جي لکئي کي ڊاهي سگهيو آهي. مان پوءِ ڪافي ڏينھن نادر سان ملي نہ سگهيس.
هڪ ڏينھن نادر جي ياد مون کي ڏاڍو بي چين ڪيو. مارڪيٽ ۾ ساڻس ملڻ ويس. نادر وارو ٺيھو خالي پيو هو، ڀر واري دوڪان تي نادر جو پيءُ ڪجهہ داڻا ڪرڙين جا اڳيان رکيو ويٺو هو. ويجهو وڃي سلام ڪيم ۽ نادر جو پڇيم.
اکين ۾ آيل آب اگهندي چيائين، ”نادر رب جي رضا تي راضي ٿي راھہ رباني وٺي هليو ويو، اسان کي هن رڻ ۾ هيڪلو ڇڏي.“ مون محسوس ڪيو تہ ڪنھن منھنجي هانوَ ۾ هٿ وڌو آهي.
”اهو قھر ڪيئن ٿيو؟“ ايندڙ سڏڪو روڪي صرف ايترو ئي پڇي سگهيس.
”ابا! ڇا ٿو چئي سگهجي، جيئن کٽ تي ڪريو تہ وري سنئين لنڱين نہ اٿيو. ڪيتري ڪوشش ڪيائين پاڻ کي سنڀالڻ جي پر ڌڪ دشمن جو وهي ويو هو. ان ڪاپاري ضرب نيٺ نادر کي پنھنجي آخري منزل تي رسايو.“ پيءُ روئندي درد جو داستان بيان ڪيو.
”ٻارن جو ڇا ٿيو؟“ مون نہ چاهيندي بہ پڇيو.
”سندس گهرواري جيئن گهر ڇڏي وئي تيئن وري نہ آئي، ٻار بہ ان وٽ آهن. اسان کي ڏسڻ لاءِ بہ نہ ڏنائون. نادر جي ٽيجهي تي منھنجي ڌيءَ کي بہ واپس مون وٽ موڪليائون جا هينئر اسان وٽ آهي. ائين مون کي هيڻو ڪري بي موت ماري ڇڏيائون.“ پوڙهي پيءُ سڏڪندي چيو.
مان ملول منھن کڻي بغير ڪجهہ وٺڻ جي واپس ٿيس. اهو ڏينھن اڄوڪو ڏينھن، مون وري مڇي نہ کاڌي.
چئني پاسي موت (ذوالفقار ڪانڌڙو)
موت هڪ خوفناڪ ٽھڪ ڏيئي چيو هو، ”مون کي تنھنجي پاڇي سان محبت ٿي ويئي آهي، آئون تنھنجي پاڇي کي تو کان ڌار ڪرڻ لاءِ، تنھنجي پويان ڊوڙندو ٿو رهان.“
ڊپ مان ڪنبڻ لڳو، اکيون نڪري آيس، ”اڙي جڏهن تون منھنجو پاڇو مون کان کسي ويندين تہ آئون تہ مري ويندس.“
”مرڻ کان ڊڄين ٿو تہ پوءِ تو اهڙو ڪم ڪيو ئي ڇو هو؟“ موت پنھنجي ڳچيءَ مان هن جو هٿ ڪڍائي ورتو.
”تڏهن تہ مون مرڻ لاءِ سوچيو ئي نہ هو، مون تہ هُن کي ڏسي جيئڻ ٿي چاهيو، هُن کي ڏسي مون کي زندگيءَ سان پيار ٿي ويو هو، آئون تہ هُن جي ناسي نيڻن جي سمنڊ ۾ پنھنجي زندگيءَ جي وڃايل ٻيڙيءَ کي ڳولڻ لڳو هوس پر پوءِ آئون خود بہ وڃائي ويٺو هوس. مون پاڻ کي ڏاڍو ڳوليو پر ڪٿي بہ لڀجي نہ سگهيس، نيٺ مون ڏٺو پاڻ کي هُن جي ناسي نيڻن ۾، اُهي اکيون بہ پاڻ کي منھنجي اکين ۾ ڳولي رهيون هيون. اسان پوءِ ڳولي لڌو هو پاڻ کي هڪ ٻئي جي اکين ۾.
۽ پوءِ رهجي ويئي هئي رستي جي ڌوڙ منھنجي اکين ۾، اُها گاڏي جنھن ۾ هُوءَ ويٺي هئي، منھنجي نظرن کان اوجهل ٿي وئي. هن کي وري ڏسڻ لاءِ آئون ڪيترائي ڏينھن رستي جي مٽي ٿي ويو هوس، پر هُوءَ وري هن رستي تان مون کي نظرن سان لتارڻ لاءِ وري نہ لنگهي. مون کي خبر پئي تہ هُو آهي اسان جي ئي علائقي جي، پر وڏي شھر ۾ هڪ محل ۾ رهندي آهي ۽ اُتي پڙهندي بہ آهي. مون پاڻ کي رستي جي مٽيءَ مان الڳ ڪيو ۽ اُن وڏي شھر ۾، هُن جي بنگلي واري رستي جو پٿر ٿي ويس. هُوءَ جڏهن اُن رستي تان لنگهي، جتي آئون پٿر ٿي ويو هوس تہ هُن مون کي سُڃاڻي ورتو تہ آئون اُهو ئي آهيان، رستي جي مٽي..! هُن مون کي ڇُھيو، آئون پٿر مان ماڻھو ٿي پيس. هُوءَ جبلن جي اوچائيءَ کان بہ وڏي اوچائيءَ تان لھي آئي ۽ اسان دنيا جي گهري سمنڊ ۾ گم ٿي وياسين پر هُو جيڪي مٿي اوچائيءَ تي ويٺا هئا، انھن اسان کي ڏسي ورتو ۽ هُنن توکي اسان جي پٺيان ڇڏيو. تو تہ هُن کي سندس پاڇي سميت گم ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي منھنجي پويان پيو آهين.
هن سمجهيو تہ موت هن جي ههڙي حالت ڏسي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيئي، هن کي ڊيڄاريندو پر موت تہ هن لاءِ روئڻ لڳو، ”اڙي تون راڄ روئاڙيندڙ آهين، تون ڇو پيو روئين؟“ موت ڪوبہ جواب نہ ڏنو، روئندو هليو ويو، اُهو چوندي تہ ”ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ تو وٽ ايندس دوست.“
هاڻي هي ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳو هو، هن کي پنھنجي حالت تي ڪوبہ رحم نٿَي آيو. هيترا ڏينھن موت کان ڀڄڻ مان ڪجهہ بہ نہ وريو هو، هي جتي بہ ويو ٿي موت سندس ڪڍ لڳو آيو. هن ملڪ ۾ رهي، هي اُن وڏي ماڻھوءَ کان ڪٿي بہ لڪي نٿي سگهيو، هُن وڏي ماڻھو جا مُلڪ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ مُريد هئا. هُو هڪ سياسي پارٽيءَ جو اڳواڻ هو، هُو هر حڪومت ۾ شامل هوندو هو، چاهي آمريت هجي يا جمھوريت، هن جي وزارت پڪي هوندي هُئي.
عشق باھہ ۽ پاڻيءَ جو ميلاپ ئي تہ آهي ۽ عشق هڪ ڏوھہ بہ تہ آهي، عشق ۾ سوچ ۽ سمجهہ بہ نہ رهندي آهي ۽ هن بہ بنا سوچ ۽ سمجهہ جي عشق جو ڏوھہ ڪري وڌو. هي اُن وڏي ماڻھوءَ جي ننڍي ڌيءَ سان عشق ڪري ويٺو هو. هن جي ليکي عشق ڪرڻ ڏوھہ نہ آهي، پر ان وڏي ماڻھوءَ ۽ سندس ماڻھن جي نظر ۾ اهو ڏوھہ معافي جوڳو نہ هو.
اُها ڇوڪري هن سان ٻن ڪپڙن ۾ نڪتي هُئي، پر کين ڪٿي بہ پناهگاھہ نہ ملي سگهي، نيٺ هي پڪڙجي پيا، هي تہ گيدي ٿي هُنن جي چنبي مان پاڻ ڇڏائي ڀڳو هو، پر هُوءَ هنن جي چنبي ۾ اچي ويئي. هاڻي هُن جو وجود ڌرتيءَ اندر هو، هي ٻہ لڙڪ بہ لاڙي نہ سگهيو هو، هن کي تہ پنھنجي موت کان اڳ پنھنجي ئي موت تي روئڻو هو. هن کي پاڻ کي تيستائين بچائڻو هو، جيستائين موت کيس گلي مان جهلي دسي نہ وجهي. موت جي خوف کان هي لڪندو ٿي رهيو، مُلڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾، وڏي ماڻھوءَ جو فرمان هو تہ هن کي ماريو وڃي. ڪيترو ئي وقت هي لڪندو رهيو، هي جنھن بہ پاسي ويو ٿي، اُتي هن محسوس ڪيو وڏي ماڻھوءَ جي ڪنھن ماڻھوءَ کي موت جي روپ ۾.
هن کي يقين ٿي ويو تہ هي مارجي ويندو، هي ڪڏهن بہ بچي نہ سگهندو. هن جي اکين اڳيان ڦري آئي وڏي ماڻھوءَ جي تصوير. غضبناڪ چھرو، ڳاڙهيون اکيون، خضاب لڳل ڪاري ڏاڙهي هي شھرن ڏانھن ڀڳو، هن کي محسوس ٿيو تہ اُتي بہ هر ٻيو ماڻھو وڏي ماڻھوءَ جو مخبر آهي.
ڳوٺن ڏانھن ڀڳو، بيابانن ڏانھن ڀڳو، هن هر هنڌ موت کي ڏٺو. گاديءَ واري شھر ڏانھن ڀڳو، چاهيائين پارليامينٽ اڳيان پمفليٽ ٺاهي بُک هڙتال تي ويھي رهي تہ مون کي موت کان بچايو وڃي، پر هن ڏٺو اُتي بہ هن وڏي ماڻھوءَ جا ماڻھو هُئا.
هُوءَ ساڻس ملي هئي، جنھن جي ڪري موت کيس ڳولي رهيو هو، ”ڀاڙيا، گيدي تون محبت ڪرڻ جي لائق نہ هُئين...“ گهڻن ڏينھن کان پوءِ جڏهن آئينو ڏٺائين تہ محسوس ڪيائين، آئيني ۾ سندس چھرو نہ آهي. هاڻي پڪ سان وڏي ماڻھوءَ جو موڪليل موت کيس سُڃاڻي نہ سگهندو، اُن مھل هُن جي تصوير آئيني ۾ اُڀري آئي هئي، هي چڪرائجي ويو هو، اکيون مھٽڻ لڳو ”تون... تون ڪيئن آهين، تون تون اڃان زنده آهين ڇا؟“ آئيني مان تصوير ڪاوڙ وچان هن کي ڏسڻ لڳي، ”آئون مري وئي آهيان ڀاڙيا، هنن مون کي ماري ڇڏيو ماڻھن کي ٻڌايو ويو تہ آئون بيماريءَ وگهي مري ويس، پر مون کي خبر آهي تہ آئون ڪيئن مُيَس.... تنھنجي لاءِ محبت ڇا فقط دل لڳي، فقط پائڻ، نڀائڻ نہ هو... تو تہ فقط ڀؤنر وانگر گُل تي ويھڻ چاهيو هو بس، تو مون سان ڇو نہ نڀايو.“
”آئون تو سان نڀائي رهيو هوس، نڀايان بہ ها پر هُو مون کي ماري ڇڏين ها..!“
”مري تہ هاڻي بہ ويندين، ڪيترو ڀڄندين، لڪندين... هُو توکي دُنيا جي ڪنھن بہ ڪُنڊ مان ڳولي هٿ ڪندا.“
هي ڏڪڻ لڳو ۽ پوءِ هن ڏٺو آئيني ۾ تہ هُوءَ ڪونہ هُئي، آئيني ۾ تہ سندس شُڪل هئي، ڏڪندڙ، رڦندڙ... هن کي لڳو موت کي هن سان عشق ٿي ويو آهي. موت ڪڏهن بہ ڪٿي بہ کيس ڀاڪر ۾ ڀري سگهي ٿو. ٻئي هنڌ ائين ٻي موت کان مرڻ کان تہ بھتر آهي تہ آئون پنھنجي شھر ۾ ئي موت جي ڀاڪرن ۾ اچان. مري تہ ڪٿي بہ سگهجي ٿو، پوءِ پنھنجي شھر ۾ ڇو نہ. هي واپس موٽي آيو هو، پنھنجي ننڍڙي شھر ۾ ڪنھن بہ ماڻھوءَ عجب نہ کاڌو، ”هن کي تہ واپس موٽي اچڻو هو، زنده يا لاش جي صورت ۾، ڪيڏانھن ڀڄي ها موت کان.“
ماءُ کيس ڀاڪرن ۾ سوگهو جهليو هو، ڄڻ ڪوئي کانئس ڇني جدا ڪندو هجي. پيءُ ڪاوڙ مان کيس گاريون ۽ ڀونڊا ڏيڻ لڳو تہ تو اهو ڪم ڇو ڪيو ۽ نيٺ ڀاڪر ۾ ڀري روئڻ لڳو هو. ڀائرن ڪاوڙ مان هن کي ٻہ ٽي ٿڦڙ هنيا ۽ پوءِ هُو بہ روئڻ لڳا.
هن کي لڳو هونئن تہ هي ڪڏهن بہ اوچتو مري سگهي ٿو، پر گهر ۾ ماتم مان لڳي ٿو تہ هي هن پل ئي مري ويو آهي. سندس موت تي اڳواٽ ماتم ڪندڙ گهر وارن کي روئندو ڇڏي، هي ٻاهر نڪري آيو... گهٽيءَ جي موڙ وٽ بيٺل سندس ننڍپڻ جي دوست، هن کي ڏسي چيو، ”اڙي تون ڇو موٽي آيو آهين... ڀڄي وڃ، ڀڄي وڃ... نہ تہ مري ويندين.“ ايئن چئي هُو هن کان پري ڀڄڻ لڳو.
هن ڏٺو سندس ڪپڙا ڦاٽل ۽ ميرا، گهر ۾ بہ فقط هڪڙو ڪپڙن جو وڳو پيل، بازار مان ڪپڙو ورتائين... درزيءَ کي ماپ ڏيڻ لڳو، درزيءَ پُڇيس، ”ڇا تون هي ڪپڙا خيرات ۾ ڏيڻ چاهين ٿو موت کان اڳ ۾؟“ هن ناڪار ڪئي تہ آئون هي ڪپڙا پائيندس... ”اڙي تون ڇا ٿو سمجهين! تون موت کان بچي ويندين، هُو توکي ماري ڇڏيندا.“
مٺائيءَ جي دوڪان تي چڙهي آيو، مٺائي کيس گهڻي وڻندي آهي. هن اڌ ڪلو مڪس مٺائيءَ جو آرڊر ڏنو ۽ کائڻ لڳو. مٺائيءَ واري چيس، ”ها بابا کائي وٺ دل سان، ٻہ ٽي ڏينھن آهن، تو وٽ کائڻ جا.“ بازار ۾ جنھن بہ هن ڏانھن ڏٺو ٿي تہ رحم جوڳين نظرن سان. هاڻي کيس ڪاوڙ لڳي رهي هئي تہ هي ٻہ ٽي ڏينھن، تڪڙا گذري وڃن، وڏي ماڻھوءَ جا موڪليل ماڻھو کيس اچي ماري وڃن.
هن جي اڳيان پوليس موبائل اچي بيٺي، صوبيدار گاڏيءَ مان لھي، هن کي ڏٺو ۽ جمعدار کي چيائين تہ، ”ٻن ٽن ڏينھن اندر پاڻ کي هڪ ايف آئي آر لکڻي آهي، تہ هن ماڻھوءَ کي ڪي نامعلوم ماڻھو ماري ويا.“
هاڻي هن کي پڪ ٿي وئي تہ هاڻي سندس موت اڻٽر آهي. هيءَ پوليس جيڪا اسان جي حفاظت لاءِ آهي، انھن کي جڏهن سڀ خبر آهي تہ آئون ماريو ويندس، پوءِ بہ هي ڪجهہ نٿا ڪري سگهن.
هر لمحي جي هزارين حصي ۾ هي ڏسي رهيو هو پنھنجو موت، هي ڪڏهن بہ، اوچتو مري سگهي ٿو، اچانڪ ڪا گولي يا ڪھاڙي يا سندس مٿان ڪا گاڏي بہ چڙهي سگهي ٿي. هاڻي هي موت جو صبر ڪري ٿڪجي پيو هو، ايندڙ موت روز کيس اذيتون ڏئي رهيو هو. هي روز موت کان اڳ مري رهيو هو. هاڻي کيس موت جو اڳ جهلي بيھڻو پوندو. هاڻي کيس موت کان ڀڄڻو ناهي نہ ئي موت جو ڪو انتظار ڪرڻو آهي.
هي اڳيان وڌندو وڃي پيو، موت ڏانھن، اڳيان ئي ڪٿي کيس موت سان ملڻو آهي. هي پھتو وڏي ماڻھوءَ جي ڳوٺ ۾، ڏسي ٿو تہ ڳوٺ جو هر ماڻھو روئي رهيو آهي، پر سندن چھرن تي خوشي بہ آهي. وڏي ماڻھوءَ جي محل نما اوطاق ۾ هر ماڻھو سوڳوار آهي. اوطاق ۾ انبوھہ وڌندو وڃي ۽ هي هڪ خوش ڏسڻ ۾ ايندڙ پر روئندڙ ماڻھوءَ کان پڇي ٿو تہ، ”ادا ڇا ٿيو آهي؟ اوهين سڀ ڇو پيا روئو؟!“ هُو ماڻھو کلڻ واري نموني روئندي چوي ٿو تہ ٿوري دير اڳ ۾ وڏي ماڻھوءَ جو اڪيلو پُٽ، هن تڪ جو ايم اين اي صاحب روڊ حادثي ۾ مري ويو آهي ۽ اها خبر ٻڌندي ئي وڏو ماڻھو دل جي دوري سبب مري ويو آهي.“
۽ هي اُن ماڻھوءَ سان گڏ چھري تي خوشي آڻي، روئڻ ٿو لڳي، روئندي روئندي کلڻ ٿو لڳي، ڏسي ٿو موت هن کان پري ڀڄندو پيو وڃي.
اڄ پڻ چڪيم چاڪ (مصور حُسين)
عبدالغفور ولد جانب علي چانڊيو، سنڌي علم و ادب ۾ ’مصور حُسين‘ جي نالي سان سُڃاتو وڃي ٿو. ڏهين ڊسمبر 1985ع تي ’ڳوٺ ايوب خان چانڊيو‘ لڳ ڊکڻ ضلعو شڪارپور ۾ جنم وٺندڙ عبدالغفور، پنجن ڀائرن ۽ ستن ڀينرن جي ڪهول ۾ وڌِي وڏو ٿيو. نذير احمد، بشير احمد، عبدالغفور، محمد عثمان ۽ محمد عمر جو والد سائين جانب علي چانڊيو، هارپي جي ڪرت سان لاڳاپيل هو.
عبدالغفور جي شروعاتي تعليم ’گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ ايوب خان چانڊيو‘ ۾ ٿي، جنھن کان پوءِ هُن ’گورنمينٽ مڊل اسڪول علي خان‘ ۾ ڇهون درجو تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ’گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڊکڻ‘ ۾ داخلا ورتي، جتان سال 2000ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين. ’گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتوديرو‘ مان 2003ع ۾ انٽرميڊيٽ، ’شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور‘ مان ڪاليج سائيڊ کان سال 2007ع ۾ گريجوئيشن، سال 2010ع ۾ فرسٽ ڪلاس سان ايم اَي سنڌي ۽ سال 2019ع ۾ ايم فِل جي ڊگري حاصل ڪيائين. ان وچ ۾ هُن سال 2013ع ۾ ايل ايل بِي جو امتحان بہ پاس ڪري ورتو. هلندڙ دور ۾ هُو، ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پِي ايڇ ڊِي ڪري رهيو آهي.
پنھنجي پيشه ور زندگيءَ جي شروعات هن سال 2008ع کان ڪئي، جڏهن ’سوڀ‘ اخبار ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽوريل پيج مقرر ٿيو. سال 2012ع ۾ لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ اخبار ’ڊيلي فاسٽ ٽائم‘ ۾ سب ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏيڻ کان پوءِ سال 15-2014ع ۾ ڪجهہ عرصو وڪالت بہ ڪيائين. سال 2015ع کان هيل تائين هُو ’ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو‘ ۾ سنڌيءَ جي شعبي جو ليڪچرار آهي.
مصور حُسين، پنھنجي ادبي شروعات شاعريءَ کان ڪئي ۽ سال 2001ع ۾ مشھور ليکڪ محترم ’گل ڪونڌر‘ پاران لڳاتار شايع ٿيندڙ ’ادب‘ رسالي ۾ سندس ’وائي‘ پھرين تخليق طور شامل ٿي. جنھن کان پوءِ مضمون، ڪھاڻيون ۽ ناوليٽ سندس سڃاڻپ بڻجندا ويا. سندس ڪھاڻين ۽ ناوليٽ تي مشتمل پھريون ڪتاب ’زندگي مُرجهي ويل گُل جھڙي ‘ سال 2012ع ۾ شايع ٿيو. ’اَي اکين جا انتظار‘ شاعريءَ جو ڳُٽڪو 2016ع، ’ماڻڪ جي ڪھاڻين جو تحقيقي اڀياس‘ ]ايم فِل ٿيسز[ سال 2021ع ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپايل ’سنڌي اصطلاحي لغت‘ 2023ع، سندس هيل تائين جو ادبي پورهيو آهن. هُن پنھنجي ايم فِل ٿيسز تي سال 2021ع ۾ ’انجمن ترقي پسند مصنفين‘ پاران ’بھترين تحقيق جو ايوارڊ‘ بہ ماڻيو آهي.
__________________________________________________________________
حياتي، سُڏڪو آهي... ٽھڪ آهي... اک جو ڳوڙهو آهي... يا وري چَپن جي ويڪر ۽ مُرڪ جي ڪوشش.... سمجهہ ۾ نٿو اچي ۽ سمجهہ ۾ اچي بہ وڃي ٿو. وقت پنھنجي ڀاڪُر ۾ ڀري سڀ ڪجهہ سمجهائي ڇڏي ٿو.
جوانيءَ جي هجوم ۾، ٻہ وجود جڏهن گڏجي ساھہ کڻندا آهن تہ اکيون، بليڪ ائنڊ وائيٽ ڏسڻ کان نابري وارينديون آهن. هر خواب سُرهو، سَرهو هوندو آهي. هر منظر، پيش منظر لڳندو آهي، پس منظر جي واقفيت تہ ڄڻ ڪٿي غائب ٿي ويندي آهي... پوءِ عھد و پيمان جو هڪ جھان جُڙندو آهي، ڪوشش اِها ئي هوندي آهي تہ حياتيءَ جا ساھہ گڏ کنيا وڃن ۽ خاص طور اهو فيصلو ٻن مخالف جنسن جي وچ ۾ ٿيندو آهي. جنس الڳ هوندي آهي، روح ذري گهٽ هڪ جھڙوهوندو آهي. هاڻي ان سڄي ڪٿا ۾ جي دنياداري پويان پئجي وڃي، تہ رفاقتون، رقابتن جي ور چڙهنديون نظر اينديون آهن. دل دهمانن ۾ وڪوڙجي ويندي آهي ۽ پوءِ اها بہ گهڙي اچي ويندي آهي، جو اهو فيصلو ڪجي تہ سڄي دنيا هڪ پاسي.... پنھنجو محبوب ٻئي پاسي....
هڪ عالمي چوڻي آهي، ’محبت ڪندڙ انسان لاءِ، دنيا جي آبادي هڪڙو ماڻھو هوندو آهي.‘ اهو ماڻھو، سامھون اچي تہ پوري ڪائنات سامھون اچي ويندي آهي. عھد و پيمان ٿيندا آهن، نڪرڻ جو وقت طئہ ٿيندو آهي، جاءِ جو تعيُن ٿيندو آهي ۽ ٻئي وجود، پنھنجي پنھنجي جُوءِ ڇڏي، ڪنھن هڪ جاءِ تي پھچي، ڪنھن ٻئي جھان وسائڻ جو عزم طئہ ڪندا آهن.
ڳالھہ کي ٿورو کوليون ٿا. واعدو عورت بہ ڪندي آهي، مرد بہ ڪندو آهي. عورت، جوکم جا هزار حصا ساڻ کڻندي آهي ۽ ناڪاميءَ جي صورت ۾ هزارين ٺوڪرن جي نصيبن جي ور چڙهي ويندي آهي. مرد، جوکم کڻندو تہ آهي، پر ناڪاميءَ جي صورت ۾ کيس خوف جي چادر، هلڪي اوڙهيل هوندي آهي. اهو سڀ هوندي بہ الاءِ ڇو! ان جاءِ تي عورت تہ اچي ويندي آهي، مرد ڪنڌ ڪڍائي ويندو آهي... هر هنڌ، ائين ناهي ٿيندو پر گهڻن هنڌن تي ائين ئي ٿيندو آهي. عورت، محبت ۾ بھادر هوندي آهي، مرد سڄي عمر بہ اها بھادري الاءِ ڇو نہ ماڻي سگهيو آهي.
مصور حُسين پاران هڪ اهڙو ئي قصو... ناڪاميءَ جي صورت ۾ عورت کي هزارين ٺوڪرون نصيب ٿيون، جنھن جو ضامن، پنھنجو پاڻ کي ڏوهي تہ سمجهي ٿو، پر حسبِ روايت صرف ڳوڙها ئي ڳاڙي سگهي ٿو.
محبتن جي ڪھاڻي، چيو ويندو آهي تہ محبت کي دوکي جا الاءِ ڪيترا غلاف ويڙهيل هوندا آهن.
ڏهن سالن جو زيد ڪمري جو در کولي اندر داخل ٿئي ٿو، کيس ڪاري رنگ جي ٽِي شرٽ ۽ اسڪاءِ بليو جينز پاتل آهي. سندس هڪ هٿ ۾ ننڍڙي بئٽ ۽ ٻئي هٿ ۾ بال آهي، منھن تي معصوم فرشتن جھڙي مرڪ اٿس.
”دادا...دادا! اچو تہ ٻاهر هلي لان ۾ راند ڪيون.“ هُو ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي پنھنجي پوڙهي ڏاڏي ڏانھن وڌي وڃي ٿو، جنھن جي عمر پنجھٺ سالن جي لڳ ڀڳ آهي.
زيد پنھنجي ڏاڏي عرفان مصطفيٰ سان صوفا سيٽ تي ويھي رهي ٿو، جيڪو ڪلام ٻڌڻ ۾ گم آهي. صوفا سيٽ اڳيان شيشي جي خوبصورت ٽيبل پيل آهي، جنھن تي گلدان ۾ ڪجهہ گل پيل آهن. ڀر سان ئي سنگل بيڊ پيل آهي، جنھن تي اڇي رنگ جي چادر وڇايل آهي ۽ ٻہ ويھاڻا بہ رکيل آهن. بيڊ سان لڳو لڳ سائيڊ ٽيبل تي ننڍو لائوڊ رکيل آهي، جنھن مان استاد بڙي غلام علي خان جو من موهيندڙ آواز نڪري رهيو آهي.
ياد پيا ڪِي آئَي....
يہ دُک سَھا نہ جائَي...هائَي....
عرفان مصطفيٰ، سُرن ۽ تانن ۾ ايترو تہ گم آهي، جو کيس پنھنجي پوٽي جي اچڻ جي بہ ڪا سُڌ نہ آهي. ڪمري جي ديوار تي دروازي جي سامھون هڪ وڏي پينٽ ٿيل تصوير لڳل آهي، جنھن ۾ سھڻي، دلو هٿ ۾ کڻي درياھہ جي ڪنڌيءَ تي بيٺل آهي ۽ تصوير هيٺان شاھہ لطيف جي سٽ لکيل آهي:
ساهڙ سا سھڻي، سائر پڻ سو ئي
سھڻيءَ جي تصوير هيٺان ٻہ ننڍيون تصويرون لڳل آهن، هڪ عرفان مصطفيٰ ۽ سندس مرحيات گهرواريءَ جي شاديءَ واري تصوير، جنھن ۾ ٻئي مرڪي رهيا آهن. ٻي تصوير ۾ سندس گهرواري اڪيلي ڪرسيءَ تي ويٺل آهي ۽ پوڙهائپ سندس چھري مان صاف بَکِي رهي آهي.
ڪمري ۾ استاد بڙي غلام علي جو آواز پراڏو ڪري رهيو آهي ۽ ننڍڙو زيد خاموشيءَ سان پنھنجي ڏاڏي کي ڏسي رهيو آهي.
”دادا... او دادا! اٿو نہ. ڪرڪيٽ راند کيڏون، ٻاهر موسم بہ ڏاڍي سٺي ٿي وئي آهي، آسمان تي بادل بہ اچي ويا آهن.“ زيد جي آواز ۾ ماڻو ۽ حُجت آهي. ”دادا! اٿو پليز...“ هُو پنھنجي ڏاڏي کي ٻانھن کان پڪڙي خيالن ۽ تصور واري دنيا مان ٻاهر ڪڍي اچي ٿو.
”توهان هوم ورڪ ڪيو آهي يا نہ؟“ عرفان مصطفيٰ، زيد ڏانھن شفقت ڀرين نظرن سان نھاريندي پڇيو.
”هوم ورڪ پوءِ ڪري وٺندس دادا! اول ڪرڪيٽ“ زيد جي آواز ۾ ايلاز سمايل آهي.
”نہ نہ، اول پڙهائي، پوءِ ڪرڪيٽ. نہ تہ مان توهان جي ابو سان شڪايت ڪندس.“ پوڙهو، زيد جي ڳلن تي ٿڦڪي هڻي پيار سان گڏ هلڪي ڌمڪي بہ ڏئي وٺي ٿو.
”چڱو...“ زيد جي منھن تي مايوسيءَ جا تاثر اڀري اچن ٿا ۽ صوفا تان اٿي سوال ڪري ٿو، ”هوم ورڪ ڪري وٺان، پوءِ تہ راند کيڏندا نہ؟“
”ها... ها... جلدي ڪم ڇڏائي موٽي اچ.“ ڏاڏو پنھنجي پوٽي کي ٻاهر ويندي ڏسي ٿو. زيد ڪمري مان ٻاهر نڪري دروازو بند ڪري ڇڏي ٿو. عرفان مصطفيٰ ڪمري ۾ اڪيلو رهجي وڃي ٿو ۽ سامھون لڳل پنھنجي گهرواريءَ جي تصوير ۾ نھاري ٿو، پر ٻئي پل ئي منھن ڦيرائي يادن جي ميلي ۾ ڪنھن ننڍڙي ٻار جيان وڃائجي وڃي ٿو. سڄو ڪمرو هڪ دفعو ٻيھر راڳ جي آواز سان گونجي اُٿي ٿو.
ڏهن منٽن کان پوءِ وري ڪمري جو در کُلي ٿو.
”دادا! مان هوم ورڪ جلديءَ ۾ ڪري ورتو.“ زيد ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي پنھنجي ڏاڏي سان ڳالھائي ٿو. سندس منھن تي اهڙا تاثر آيل آهن، ڄڻ اسڪول جو ڪم ڪرڻ بدران ڪو وڏو ميدان ماري آيو هجي.
”اڙي دادا! هي ڇا اوهان روئي رهيا آهيو؟“ هُو ڏاڏي جي مٿان وڃي بيھي ٿو تہ کيس اکين جا لڙڪ اُگهندي ڏسي وٺي ٿو، جيڪي پوٽي کان لڪائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪيائين، پر پوءِ بہ ناڪام رهيو.
”دادا! پليز ٻڌايو ڇا ٿيو؟ اوهان ڇو ٿا روئو؟ پليز دادا...“ زيد پنھنجي ڏاڏي سان گڏ صوفا تي ويھي رهي ٿو ۽ کيس ڀاڪر ۾ ڀري وٺي ٿو. معصوم ٻار جي چھري جا سڀ رنگ پل ۾ ئي اڏري وڃن ٿا... ”دادا! ٻڌايو پليز، چڱو ڀلي توهان مون سان ڪرڪيٽ نہ کيڏو، پر روئو ڇو ٿا؟“ زيد ڏاڏي جي بي سبب روئڻ تي گهڻو پريشان ۽ ڏکارو ٿي ويو آهي. عرفان مصطفيٰ چُپ ويٺو آهي ۽ ڪو بہ جواب نٿو ڏئي.
”ٻڌايو ڀلا داديءَ جي ياد آئي اٿوَ؟“ زيد سواليہ نظرون کڻي ڏاڏي ڏانھن نھاري ٿو، موٽ ۾ عرفان مصطفيٰ فقط انڪار ۾ ڪنڌ لوڏي ٿو. ”تہ پوءِ ابو يا اميءَ ڪجهہ چيو اٿوَ؟“ پوٽو پنھنجي ڏاڏي جي روئڻ جو سبب ڄاڻڻ لاءِ بيتاب آهي، پر پوڙهو اڃان بہ خاموش آهي. سندس اهڙي روش تي زيد بہ جهٽ پلڪ لاءِ ماٺيڻو ٿي وڃي ٿو.
ڪمرو هڪ دفعو ٻيھر استاد بڙي غلام علي خان جي ٻولن سان مھڪي پوي ٿو.
بيري ڪويليا ڪُوڪ سناوَي... مجهہ بِرهَن ڪا جيئڙا جلاوَي...
پِيا بِن رها نہ جائَي... هائَي... ياد پيا ڪِي آئَي....
”ٺيڪ آ، توهان نٿا ٻڌايو تہ پوءِ مان بہ روئان ٿو، آئنده توهان سان دوستي بہ ختم آهي.“ زيد روئڻ جي اداڪاري ڪري پنھنجا ٻئي هٿ منھن تي رکي ڇڏي ٿو. سندس ڏاڏو ٽيبل تي پيل گلاس کڻي ٻہ ڍڪ پاڻيءَ جا پيئي، ماضيءَ جي سحر مان موٽي اچي ٿو ۽ زيد جي مٿي تي پيار جو هٿ ڦيرائي ڳالھائي ٿو، ”زيد! توهان منھنجا سٺا دوست آهيو. اصل ۾ ڪجهہ ڏينھن کان دل تي بار ٿي پيو آهي ۽ اکيون ڀرجي ڀرجي ٿيون اچن.“ پوٽو پنھنجو ظاهري رنج ختم ڪري ڏاڏَي جي ڀرسان سُري اچي ٿو.
”هيءَ ڳالھہ اڄ تائين مون ڪنھن سان بہ نہ ڪئي آهي، تنھنجي داديءَ کي بہ ان جي سُڌ نہ هئي. هڪ عمر کان هيءَ ڳالھہ سيني ۾ سانڍي رکي اٿم پر هاڻي ڏاڍو بار ٿو محسوس ڪيان، اهو دک هاڻي برداشت کان گهڻو ٿي چڪو آهي. جيئن واهيري جي وير پکي پنھنجي آکيرن ڏي موٽندا آهن، بلڪل ائين ئي جڏهن زندگيءَ جي شام ٿيندي آهي تہ ڏک پکين وانگر پرڙا هڻي اچي ان مرندڙ ماڻھوءَ ۾ واهيرو ڪندا آهن.“ عرفان جي اکين ۾ وري ڳوڙها اچي وڃن ٿا ۽ هُو عينڪ لاهي ڳوڙها اُگهڻ لڳي ٿو.
”زيد بيٽا!“ هُو صوفي تي آهلجي پوي ٿو ۽ بي سبب ڪمري جي ڇِت ڏانھن گهوُري ڳالھائڻ لڳي ٿو تہ سندس تصور آڏو هڪ خوبصورت عورت اُڀري اچي ٿي.
”ان وقت مان پنجويھن سالن جو ڳڀرو جوان هوس، هڪ دفعي هيرآباد مان لنگهي رهيو هوس تہ هڪ بنگلي ٻاهران خوبصورت عورت بيٺل نظر آئي. سندس منھن موتئي جي گل جيان مھڪي رهيو هو. قد جي ڊگهي، مُرڪڻ مھل ڳلن ۾ چُگهہ پئي پيس. سندس نالو شبانہ هئو، مشڪل سان ويھن ايڪويھہ سالن جي هوندي، بس اسان پھرئين ئي نظر ۾ هڪ ٻئي کي دل ڏئي ويٺاسي.“
عرفان مصطفيٰ ماضيءَ جا ڏينھن ياد ڪري ٿڌو ساھہ ڀريو. پنھنجي پيار جي ڪٿا ٻڌائيندي، سندس نڙي خشڪ ٿي وئي ۽ ٽيبل تي پيل جڳ مان پاڻي گلاس ۾ اوتي ڍُڪ پيتائين. زيد ڏاڍي دلچسپيءَ سان سندس قصو ٻڌي رهيو هو، هُو يڪ ٽڪ ڏاڏي ڏانھن ڏسي رهيو هو، جنھن جي چھري تي ڏک جا تاثر ائين لڙي آيا هئا، جيئن سانوڻ جي مند ۾ ٿر جي مٿان ڪڪر ڪاھہ ڪري ايندا آهن.
”اڳتي ڇا ٿيو دادا!“ عرفان مصطفيٰ خاموش ٿيو تہ زيد جي حيراني وڌڻ لڳي.
”پوءِ“ ڏاڏي صوفي کي ٽيڪ لڳائيندي ڳالھايو، ”اسان هر روز هڪ ٻئي کي خط لکندا هئاسين. بنگلي ٻاهران ٺھيل ننڍڙي باغيچي وٽ اسان هڪ ٻئي لاءِ خط رکي، پري پري کان هڪٻئي کي ڏسي بہ وٺندا هئاسين ۽ پوءِ هڪ ڏينھن هن خط لکيو تہ ماءُ پيءُ سندس رشتو ٻئي هنڌ ڪرائي ڇڏيو آهي، مٿئين مھيني شادي آهي.“ هُو ڳالھہ ڪندي رڪجي وڃي ٿو. ماضيءَ جي پيچرن تي نڪري، هُو هٿ مان نڪتل شيشي جي گلاس وانگر ڀڄي ڀور ڀور ٿي پوي ٿو ۽ سندس اکيون آليون ٿي پون ٿيون.
استاد بڙي غلام علي خان جو راڳ ۽ پوڙهي جي سڏڪن جو آواز پاڻ ۾ ملي ماحول کي وڌيڪ سوڳوار بڻائي ڇڏي ٿو.
”پوءِ اسان ٻنھي گڏجي صلاح ٺاهي ڀڄي هلڻ جي.“ عرفان مصطفيٰ جهٽ رکي اڌ ۾ ڇڏيل ڳالھہ وري جاري ڪري ٿو. زيد پنھنجي کاڏيءَ تي هٿ رکي ڏاڏي کي عجيب سوڳوار نظرن سان ڏسندو رهي ٿو.
”پوءِ اسان هڪ رات گڏجي نڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو، اسان رات جو ڏهين بجي حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي ملڻ جو واعدو ڪيو. ان رات کان اڳ منھنجا ارادا مضبوط هئا پر ان رات مان ڀاڙي ٿي پيس، ڊڄي ويس ۽ ريلوي اسٽيشن بدران بستر تي ئي سمھي رهيس.“
عرفان مصطفيٰ ڳالھہ ڪندي وسامي وڃي ٿو، سندس منھن تي پڇتاوَ ۽ ڏک جا اڻ چٽا پاڇا لڙي اچن ٿا. استاد بڙي غلام علي خان جو راڳ آخري آلاپ سان ختم ٿي ويو. ڪمري ۾ سانت ڇائنجي وڃي ٿي ۽ ڏاڏو بنا ڪنھن مقصد جي شيلف ۾ پيل ڪتابن ڏانھن ڏسڻ لڳي ٿو.
”دادا! پوءِ ڇا ٿيو؟“ زيد جو تجسس وڌندو وڃي ٿو.
”ڪي ڏهاڙا مان هيرآباد ڪونہ ويس ۽ نہ ئي خبر چار ورتم تہ ڇا ٿيو پر جڏهن اتان گذريم تہ در کي تالو لڳل نظر آيو، اوڙي پاڙي مان پڇا ڪيم پر ڪا خاص خبر نہ ملي.“ پوڙهي جي نڙي صحرا جي واريءَ جيئن خشڪ ٿي وڃي ٿي ۽ هن پاڻيءَ جا ٻہ ڍُڪ پيتا. شبانہ جو مرڪندڙ چھرو سندس اکين ۾ سمائجي وڃي ٿو ۽ هُو شوڪارو ڀري پنھنجي ڪھاڻي جاري رکي ٿو. ”ڏهن سالن کان پوءِ مان لاهور گهمڻ ويس. انارڪلي بازار مان خريداري ڪري رهيو هوس تہ شبانہ بہ اچي ساڳئي دوڪان تي بيٺي. مون کي پڪ نہ پئي ٿَي تہ ڪو هُوءَ ساڳي شبانہ ئي آهي. وقت هن مٿان ڏکن جا پھاڙ ڪيرائي وڌا هئا، ذري گهٽ هڏن جي مُٺ وڃي بچي هئي. هاڻي سندس اکين ۾ محبت بدران وحشت جو واهيرو هئو، سندس چھري جي رنگت اجڙيل شھر جي کنڊرن جھڙي پئي لڳي. اسان هڪٻئي کي سڃاتوسين، چُپ چاپ دوڪان کان ٻاهر نڪتاسين ۽ هڪ هوٽل ۾ اچي ويٺاسين. چانھہ ۽ پيٽيز گهرايم پر گهڻي دير تائين چُپ چاپ ويٺا رهياسين. مان حيران هوس تہ هُوءَ لاهور ۾ ڪيئن آيل هئي، پوءِ مون همٿ ڪري کائنس لاهور اچڻ جو سبب پڇيو تہ شبانہ اها رات ياد ڏياري، جنھن رات اسان ڀڄي هلڻ جي رٿ رٿي هئيسين. هن ٻڌايو تہ ان رات هُوءَ گهر مان زيور ۽ ڪجهہ پئسا کڻي ريلوي اسٽيشن تي پھتي هئي ۽ اتي مون کي نہ ڏسي هُوءَ پريشان ٿي وئي هئي. رات جو ٻارهين وڳي تائين هُوءَ انتظار ڪندي رهي، پر جڏهن مان نہ آيس تہ مجبور ٿي هن ريلوي اسٽيشن تي گهمندڙ هڪ نوجوان کي چيو تہ، مان گهر کان ڀڄي نڪتي آهيان، منھنجا مائٽ منھنجي زوري شادي ڪرائڻ ٿا چاهين، مون کي پاڻ سان وٺي هلندين.“ عرفان مصطفيٰ ڳالھہ روڪي صوفي تان اُٿي پاڻيءَ ڍڪ پيئي ٿو ۽ ميوزڪ پليئر کي ٻيھر وڄائي ويھي رهي ٿو. ڪمري ۾ استاد بڙي غلام علي خان جو آواز وري گونجڻ لڳي ٿو.
”شبانہ ٻڌايو تہ ان نوجوان کيس نوابشاھہ ۾ اچي هڪ اجاڙ گهر ۾ ترسايو ۽ هُو ڪيترائي ڏينھن ساڻس بيواجبي ڪندو رهيو. هُوءَ بيوس هئي، پاڻ مارڻ جي ڪوشش ڪيائين پر زهر کائيندي پڪڙجي پئي. ٻئي ڏينھن ان نوجوان کيس پئسن تي وڪرو ڪري ڇڏيو، جتان کيس لاهور جي بازار ۾ آندو ويو.“
عرفان مصطفيٰ وڌيڪ ڳالھائي نہ سگهيو، هن جو دم گهُٽجڻ لڳي ٿو ۽ هُو ڪمري جو پکو هلائي ٿو ڇڏي. ننڍڙو زيد ڏاڏي جي حالت ڏسي پريشان ٿي وڃي ٿو، هُو ڏاڏي کي هٿ کان وٺي صوفا تي ويھاري ڇڏي ٿو. ڪمري جي سانت ۾ ميوزڪ پليئر تي هلندڙ آواز سمنڊ وانگر ڇوليون هڻڻ لڳي ٿو.
ياد پيا ڪِي آئي... هائَي
يه دک سها نہ جائَي....
”زيد پٽ!“ ڪي پل سانت ۾ رهڻ کان پوءِ عرفان مطفيٰ وري ڳالھائي ٿو، ”مون کي اهو ڏک ناهي تہ اسان جي عشق جي ڪٿا اڻ پوري رهجي وئي ۽ اسين محبت جي معراج کي نہ ماڻي سگهياسين. بس ڏک اهو اٿم تہ منھنجي غلطي هن کي جنت مان ڪڍي دوزخ جھڙي دنيا ۾ اڇلي ڇڏيو.“
هُو ٻارن وانگر روئڻ لڳي ٿو، ”الاءِ هُوءَ هاڻي جيئري بہ هوندي يا ان بازار ۾ چُڙي چُڙي مري ويئي...“
عرفان مصطفيٰ روئندي روئندي آخري جملو چئي صوفا تان اُٿي ٿو ۽ ٽيبل تان ٻہ ٽڪيون کڻي، ڦَڪَي، بيڊ تي سمھي پوي ٿو تہ زيد بہ ڏکارو چھرو کڻي ڪمري مان ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
پٺتي ڪمري ۾ عرفان مصطفيٰ جي اڪيلائي ۽ استاد بڙي غلام علي خان جو اداس آواز سڏڪندو رهجي وڃي ٿو...
هڪ ڪردار جو اثر (يار محمد چانڊيو)
نئون انُ، نيون اميدون:
”زندگي! “نئين شادي شدہ جوڙي سارين جي ڇل کي اٿل ڏيندي سس پس ڪئي.
” جِيءُ ڪيانءِ.“
”پاڻي پيار، ٿورو دم بہ کڻان...“
”خالي ھيانوَ تي ھر ھر پاڻي نہ پِيءُ!... ٻہ گراھه مانيءَ جا بہ ھڻ..!“
”نہ وڻندي...“
”ھڪ اڌ گراھہ، جيڪو وڻي!“
” صفا نہ وڻندي! کائيندس تہ اصلئون اوڪارا اچي ويندا.“
” لڳي ٿو بخار ٿو نڪرئي.“
”نڪري نٿو، بلڪ آھي بخار.“
” چڱو ٻانھن وڌاءِ... ڏسان واقعي بخار آھي يا ٿڪاوٽ جي ڪري.“
ھن ٻانھن وڌائَي پنھنجي زندگيءَ جي اکين ۾ جهاتي پاتي.
”اڙي توکي تہ تيز بخار آھي؟“ زندگي، پنھنجي گهوٽ شھزاد جي طبيعت جي اچانڪ ڦيري تي فڪرمند ٿي پئي، ”رات اتر جي ھوا سيءُ ڪيو نہ... ان ڪري توکي ٿڌ لڳي ھوندي.“
”زڪام بہ ٿيو آ!“ شھزاد اچانڪ نِڇ ڏني تہ سندس زندگي، پاڻيءَ جو وٽو ڀري واپس موٽي آئي، ”ھان وٺ... ڍُڪ پاڻيءَ جو بہ ڀر ۽ ھٿ منھن ڌوئي دم بہ کڻ... مان ڇَلِ لاھي ٿي وٺان.“
”اڪيلي ڇا ڪري سگهندينءَ؟ ڏاند ھڪليندينءَ يا پلال ڇل کي ھلڪو ڪندينءَ؟!“
”سڀ ڪم ٿيندا... تون رڳو لڪڻ پڪڙي ڏاند ھڪل.“
جوانيءَ جي چائنٺ تي اچي بيٺل زندگيءَ، انگوڙو پڪڙي اچي ڇل کي پاسو ڏنو.
ڏسندي ئي واڙا نڪتا. ٽوپان آيون، ڍورن جا ٻوٿ ٻڌا ۽ ڌڙي جي صفائي ٿي.
”ٻڌ تہ...“ زندگي، اَنَ جي ڌڙي کي ڏانداريءَ سان صفايو ڪندي، شھزاد ڏي سُري آئي، ”ول ۾ ان گنج آھي!“
”شڪر آ!“ بخار ڪري، شھزاد نماڻائيءَ مان وراڻيس، ”قرضَ بہ تہ آھن ني...!“
”منھنجي دل ٿي چوي قرض بہ لھندا... اڃان اَنُ بچندو ڀي.“
”داڻا بچندا تہ ٻارنھن مھينن لاءِ گذران بہ ڪرڻو آ.“
”ان گنج ٿيندو شھزادا.“
”تنھنجي وات ۾ مصري زندگي!“ شھزاد وراڻيو، ”اڃا داڻا وڌيڪ آيا تہ توکي واليون ٺھرائي ڏيندس.“
زندگيءَ جي اکين ۾ مرڪ سان گڏ چمڪ تري آئي. ھن ھٿ جي چئن آڱرين سان پنھنجي مٿي تان لھي آيل پوتيءَ کي ٺاھي شھزاد جي اکين ۾ اکيون ملائي گهوري ڏٺو.
”ڇا پيو ڏسين؟“
”ڏسان پ...يو...“
”ڇا؟“
”تون مرڪندي ڪيئن آن؟... ٽھڪ ڪيئن ڏيندين آن؟؟... ڳالھائيندين ڪيئن آن؟؟“
سارين جو ڳاھ ڳاھيندي ھنن ۾ پيار جا پيچ پختا ٿيندا رھيا...
ڳاھُ ڳاهيندي زندگي اک ٽيٽ ڪري شھزاد ڏي نھاريو، چيائينس، ”تون رڳو ڪم ٿو ڏسين ... اهو پيو هلندو... ڪجهہ مون ڏي بہ ڏس!!...“
”توکي ڇو ڏسان؟؟“
”مَنَ ڏسڻ ۾ ڪس لڳندئي ڇا؟“
”نہ تہ...“
”باقي؟“
”توکي ڏسندس تہ سيارو وسري ويندو... گرميءَ جي آڙاھ ۾ جلندس!!“
”سو وري ڪيئن؟؟“
ھن جي زندگي مُرڪندي ھن کان موڪلائي اچي ڳاھ سان نبري ۽ ھي سندس ڀريل جسم کي ڏسندو ٺرندو رھيو... ننڍڙين جادوئي اکين، سنھڙن چپن، ويڪري چھري ۽ ٻوھُ ڪارن وارن واري ڪنوار ھن جي جوانيءَ ۾ محبت جا چنڊَ اڀاريا ھيا!!
جواني جي چانئُٺ تي بيٺل زندگي اَنگُوڙو پڪڙي جڏھن اچي ڇَلِ کي پاسو ڏنو تہ دير ئي نہ ڪيائين.....
ڏسندي ئي: ول جا واڙا نڪتا، ٽوپان آيون، ڍورن جا ٻوٿ ٻڌا ويا، ڌڙي جي صفائي ٿي ۽ پوءِ وري ڦيڙھي مان وَلِ ڪڍي نئين سر ڇَلِ پئي...
”ٻڌ ته!...“ ٻپھريءَ جي آذان وقت گهر ڏي واپسي ڪندي زندگي، شھزاد ڏي سري آئي“ ول ۾ ان گنج آھي!“
”شڪر آ!“ بخار ڪري نماڻائي مان وراڻيائين، ”قرض بہ تہ آھن ني!!“
”منھنجي دل ٿي چوي قرض بہ لھندا ...اڃان ان بچندو ڀي...“
”داڻا بچندا تہ ٻارنھن مھينن لاءِ گذران بہ ڪرڻو آ!!“
”اَنُ گنج ٿيندو شھزادا!“
”اڃا داڻا وڌيڪ آيا تہ توکي سونيون واليون ٺھرائي ڏيندس!!“
زندگيءَ جي اکين ۾ مرڪ سان گڏ چمڪ تري آئي. ھن ھٿ جي چئن آڱرين سان پنھنجي مٿي تان لھي آيل پوتيءَ کي ٺاھي شھزاد جي اکين ۾ اکيون ملائي گهوري پڇيوـ
”ڇا پيو ڏسين؟“
”ڏسان پ...يو...!!“
”ڇا؟“
”تون مرڪندين ڪيئن آن؟... ٽھڪ ڪيئن ڏيندين آن؟؟... ڳالھائيندين ڪيئن آن؟؟!...“
شھزاد جي پيار ڀرين ادائن، زندگيءَ جي اکين ۾ خوشيءَ جون ريکائون اڀاريون، چيائينس، ”مان ايتري پياري آھيانءِ؟“
”ھا!“
”ڇو آھيانءِ؟“
”سونھن دلين ۾ گهر ٺاھيندي آ... اکين ۾ رقص ڪندي آ!!“
”مان سونھن تہ نہ آھيان، مان تہ زندگي آھيان!!..“
گهر ايندي زندگي گهر جي ڪم کي لڳي وئي. چانور چاڙھي ھن شھزاد سان گڏجي ٻہ چار گراھہ ھنيا ۽ پوءِ ٿانوَ آگهارڻ مان جيئن ئي واندي ٿي تہ ھن صابڻ کڻي پنھنجي ويڪري اجري چھري کي وڌيڪ اجرو ڪري ڪپڙا مٽايا تہ شھزاد بہ نلڪو ھلائي گيڙو کائي ڪپڙا مٽايا، وارن کي ڦڻي ڏني ۽ پوءِ ھُو پاڻ کي ٿورو ھلڪو محسوس ڪري الماڙيءَ ۾ رکيل پين پنا کڻي واپس ديري تي اچي اَنَ جي واھُتَ ڪرڻ لڳو.
ديري تي ويٺي شھزاد پنھنجي پراڻي لکيل ڪھاڻيءَ تي نظر ڦيري ۽ پوءِ لکڻ لڳو:
”معصوم مارئيءَ، ساھيڙيءَ جي محبت خاطر ڇا ڇا نہ ڪيو!... پنھنجي ساھيڙي وينگس جي دل رکڻ لاءِ شوڪت کان جدائي قبولي... پر شوڪت دل جي ھٿان مجبور ھو. شوڪت ڪيتريون راتيون مارئيءَ جي سمجهہ ۾ نہ ايندڙ جدائيءَ جي راز کان بي خبر ٿي تنھايون قبوليون، پر پوئتي ھڪ نگاھ سان واجهايو بہ نہ!! رستي ويندي منتظر بيٺل وينگس کي ڪيئي ڀيرا چيو ھيائين، ”وينگس! مون کي تنھنجي محبت جو قدر آھي... ليڪن مان مجبور آھيان. مـنھنجي دل تو سان نٿي ڀيچي... مون کي معاف ڪجانءِ. مان مارئيءَ لاءِ ماندو آھيان.“ وينگس، مارئي وٽ ميڙ بہ ڪري وئي، پر شوڪت نہ جهڪڻو ھو نہ جهڪيو. ضد تي بيھي رھيو تہ مارئي کان بہ رسي ويو... ۽ مارئي...
شھزاد قلم سنڀالي ڪردارن جي عڪاسي ڪري مسلسل لکي پنھنجي اڻ پوري ڪھاڻيءَ کي جيئين ئي مڪمل ڪيو تہ سج لٿي جي اونداھڙي ٿيندي دير ئي نہ ٿي ۽ پوءِ ھُو پين پنا سنڀالي گهر موٽي آيو.
”زندگي!“ گهر پھچندي ھن سڏ ڪيو.
”جي... جي... اچي وئين!“
”ھا!“
”دير ڇو ڪيَئي؟“
”ڪھاڻي اڌوري رھيل ھئي، لکيم!...“
”ڪھاڻيون اڃا بہ لکندو آن ڇا؟“
”ھا!“
”پوءِ ٽي ويءَ جي ڪنھن ڊرامي ۾ آيو تہ ناھين ڪڏھين؟“
”ڪھاڻيڪار صرف ڪھاڻيون لکندا آھن... انھن کي ڊرامن جو روپ ڏيڻ ۽ اداڪاري ڪرڻ وري ٻين جو ڪم ھوندو آھي.“
”پوءِ اھڙي سکڻي ڪھاڻي لکڻ مان ڪھڙو فائدو! ماڻھو ڪھاڻي لکي تہ غزل صديق، فضيلا قاضي ۽ قيصر نظاماڻيءَ جي ڊرامن جھڙي ... ھُو ڪراڙا تہ ڏس..!“
”ڪھڙا ڪراڙا؟“ شھزادَ، ڪھاڻي لکڻ جي ڳالھ ڪري ڄڻ ڦاسي پيو.
”سڪينہ سمون ۽ نورمحمد لاشاري ڏس...“
شھزاد کان ٽھڪ نڪري ويو، پڇيائينس، ”رات جي ماني پچائي اٿئي ڀلا؟“
”ھا!“
”ھاڻي ڇا ڪندينءَ“
”سومھڻيءَ جي نماز پڙھنديس!“
”ڇڏ نماز کي حالي!“
”ڇو؟“
”سومھڻيءَ جي اذان ۾ اڃا ڪجهہ وقت پيو آ... تيسيتائين اچ تہ توکي پنھنجي ڪھاڻي ٻڌايان.“
شھزاد، زندگيءَ کي ھٿ کان پڪڙي اندر ڪمري ۾ وٺي آيو.
”تون بتي ٻاري وٺ تہ مان ڪھاڻيءَ جا وکريل پنا گڏايان!“
ڪمري جي انڌيري ۾ بتي روشن ٿي تہ ٻئي ڄڻا گڏجي وڇايل بستري تي سوڙھا ٿي اچي ويٺا.
”ڪھاڻيءَ جو نالو آھي قرباني!“ شھزادُ پنا کولي شروع ٿي ويو.
”ڪھاڻي نہ چئو!“
”باقي ڇا چوان؟“
”ڊرامو چئو!“
”ھا ڊرامو سمجهه!“
”چڱو ھاڻي ٻڌاءِ؟“
”مارئي، شوڪت جي دل جو آئينو ھئي. آئينو! جھڙي مھل دل ڪڍندي ھيس. تھڙي مھل آئيني ۾ ليئو پائي مُرڪي وٺندو ھو. پنھنجي خوبصورت ماسات مارئيءَ جي پيار ۾ ھن ڪيترائي جتن ڪٽيا. ٻَگه پکي ماري ان جي خون سان سيد صالح شاھ کان تعويذ ڪرايائين. تعويذن اثر نہ ڪيو تہ ھن ماسيءَ سان قرب جي بھاني سندن خدمت چاڪري شروع ڪئي. مليريا جو تيز بخار نڪرندي، شوڪت ھڪ ڏينھن مارئيءَ کي شھر ڊاڪٽر ڏي وٺي ويو. رت جي ٽيسٽ ٿيندي. جڏھن شوڪت اکيون ٻوٽي ڇڏيون ھيون تہ تڏھن مارئيءَ ڏسي ورتو ھيس. شھر کان واپسيءَ تي ھن پنھنجي مارئيءَ کي کوڙ ساريون شيون وٺي ڏنيون. شيشي جون چوڙيون، سرخي، پائوڊر، ڪانٽا، بڪلَ ۽ کائڻ لاءِ گرم پڪوڙا ۽ سموسا بہ ورتا ھيائين!
”ماسات!“
”جي!“ شھر کان واپسيءَ تي ھنن جي گفتگو شروع ٿي ھئي.
”جڏھن ڪمپائوڊر رت جي ٽيسٽ لاءِ سُئيءَ سان منھنجو رت ٿَي ڪڍيو، تڏھن تو اکيون ڇو بند ڪيون ھيون!؟“
”مون کي ايذاءُ ٿَي آيو!“
”ڇو؟“
”ڇو تہ تون مون کي ھر شئي کان وڌيڪ آھين. پنھنجي جان کان بہ وڌيڪ.“
”پوءِ مان تو کان ڪجهہ گهران تہ نھڪر نہ ڪندين!“
”ڪڏھن بہ نہ!“
”سوچي وٺ... متان ڦري وڃين!!“
”آزمائي ڏسجانءِ ڪڏھن؟“
”ڪڏھن ڇو؟ مان اڄ ئي توکي آزمائي ڏسنديس تہ تون منھنجي حڪم کي مڃين ٿو يا نہ؟“
”مڃان تہ؟“
”تنھنجي محبت سچي!!“
”۽ نہ مڃان تہ پوءِ...؟!“
”تون ڪوڙو... تنھنجي محبت ڪوڙي...“
ان پل ڪيترين اداس نگاھن سان شوڪتَ، مارئيءَ جي اکين ۾ تَڪيو ھو، ڄڻ کيس پنھنجي محبت جو يقين ڏياريندو ھجي.
”تون اگر مون سان محبت ڪندو آھين تہ منھنجو چوڻ مڃجانءِ!“
”تون چئي تہ ڏس!“
”تون وينگس سان شادي ڪر... ھُوءَ تو سان پيار ڪندي آ. تو سواءِ ھُوءَ مري ويـندي.“
”۽ مان جو تو سان پيار ڪندو آھيان؟!“
”مان تہ ناھيان ڪندي نہ!“
”ڪوڙ!“
”سچ!“
”پوءِ مون ڏي ڏسي ٺرندي ڇو آن؟... گهر اچان تہ فرج مان ٿڌو پاڻي ڀري ڇو بيھي رهندي آن؟ جلديءَ ۾ بوتل ڇو گهرائي وٺندي آن؟ بوتل کان پوءِ چانھہ ڇو پياريندي آن؟ ۽ پوءِ موڪلائڻ مھل منھنجو بوٽ ڇو صاف ڪندي آن؟“
”ماساتُ آن، ان جي ڪري. رت جا رشتا آھن آخر!“
”تون مون سان پيار ناھين ڪندي؟“
”ڪڏھن بہ نہ!“
”باقي ڪنھن سان پيار ڪندي آن؟“
”ڪنھن سان بہ نہ!“
”ڇو؟“
”پيار آھي ڇا؟ مون ان بابت ڪڏھن سوچيو بہ ناھي...“
”مان انتظار ڪيان! جڏھين تون سوچين؟“
”نہ!“
”ڇو؟“
”مان شادي نہ ڪنديَس!“
”مان بہ نہ ڪندس!!“
”شادي توکي ھر صورت ۾ ڪرڻي آ!“
”نہ ڪندس!“
”اگر تون مون سان محبت ڪندو آھين تہ منھنجو چوڻ وٺ! نہ تہ سمجهنديس تنھنجي محبت ڪوڙي.“
”وڌيڪ نہ چئہ! مان شادي ڪندس. تنھنجو حڪم اکين تي...توکان ڏور ھليو ويندس. پنھنجي ويجهو وري نہ ڏسندينءَ مارئي! ليڪن شادي وينگس سان ڪيان، اھو ضروري تہ ناھي نہ.“
”ضروري آھي!“ مارئيءَ جو ضد برقرار ھو، ”ڇو تہ مان وينگس کي تو سان شادي ڪرائڻ جي پڪ ڪرائي چڪي آھيان.“
ٻيو ڏينھن ٿيندي، شوڪت پنھنجي ماءُ کي وينگس جي گهر وارن ڏانھن وٺي پنھنجو رشتو پڪو ڪري آيو. وينگس خوشيون ملھايون.
شوڪت، مارئيءَ کان دور ھليو ويو ۽ پوءِ سندن شاديءَ جي رات بہ اچي پھتي. شاديءَ رات مارئيءَ جيئن ئي وينگس جي گهران موٽي تہ ھن جو اکيون ڇُلڪي پيون. ڪي پل وِھاڻي ۾ منھن لڪائي سُڏڪندي رھي ۽ پوءِ دير سان ھڪ چٺي لکيائين، ”مون ڇا ڪيو؟ پنھنجي محبت جو ڳلو پاڻ گهٽيو. مون وينگس جا ڳوڙھا اگهندي، پنھنجي دل جي درد کي ڇو لڪايو؟“
...۽ پوءِ شاديءَ جي ان ئي رات مارئيءَ زھر پي خودڪشي ڪري ڇڏي. ھن جي ارمانن ۽ حياتيءَ جو ڏيئو ھميشه لاءِ وسامي ويو..!
”بس ڪر!... ھاڻي بس... ڪر.“ زندگي ڪھاڻي ٻڌندي سڏڪي پئي. احتجاچ وارَي چيائين، ”ٽي وي ڊرامن وارن ڏي ڪھڙو ڏوھ؟ تون بہ تہ ظلم ڪيو. مارئيءَ آپگهات ڇو ڪيو؟ ھن جي سچي محبت ڪامياب ڇو نہ ٿي؟؟ تنھنجو ڊرامو ڪوڙو آھي! تون بہ ڪوڙو آن! ھَٽ پري مون کان... نہ لاءِ ھٿ مون کي ۽ نہ ئي ويجهو اچ!!“
”ڇو؟“
”مَٽائي ٻيھر لک!“
”ڇا لکان!؟“
”لک تہ مارئيءَ جي محبت سچي ھئي!“
”اھو ئي تہ لکيو اٿم!“
”ڪٿي لکيو ٿِي؟“ تون لکيو آ تہ مارئي خودڪشي ڪري ڇڏي!“
”ھا!“
”نہ... مارئي نہ مرندي!“
”مري بہ وئي!“
”نہ! مارئيءَ کي جيئار!“
”مُئا ڪڏھن بہ جيئرا ناھن ٿيندا... ھن خودڪشي ڪئي... ھاڻي ھن کي ڪير بہ موٽائي نہ سگهندو... نہ تون... نہ مان.... ۽ نہ ئي منھنجو قلم..!“
زندگيءَ جا ڳوڙھا سڄي رات نہ سُڪا!
ٻيو ڏينھن ٿيو تہ سويري ڳاھ تي ويندي زندگي بيمار ٿي پئي. سموري ڇَلِ جو ڪم شھزاد کي ڪرڻو پيو!!
اوک ڊوک
ٽُٽندڙ خوابن جي پِيڙا (بخشل باغي )
روسي ادب ۾ ناول جي دنيا ڏاڍي وسيع، گَهڻ رُخي ۽ آرٽسٽڪ نموني سان جُڙيل آهي. ڪردار توڙي اُنھن جا منظر ۽ پَس منظر، ڪھاڻين جي زاويي ۾ ڏاڍي ڀرپور، دلچسپ ۽ فنائتي انداز سان اُڻيل هجن ٿا. طَويل ناول هُجن يا ننڍا ناول اُنھن ۾ آرٽ جا اهڙا تہ نِرالا ۽ نفيس رنگَ سَمايل هوندا آهن، جو پڙهندڙ اُنھن ڪردارن جي رُوپ ۾، پاڻ کي اُنھن جي دنيا جو حصو محسوس ڪرڻ لڳندو آهي. منھنجو ذاتي خيال آهي تہ ايڏا وڏا ضخيم يا ننڍا ناول، ٻين ٻولين ۾ گهٽ هوندا يا وري ايترا تخليقي طور سگهارا نہ هوندا، جيترا روسي ٻوليءَ جي ادب ۾ شاهڪار ۽ ڇِرڪائي ڇڏيندڙ ناول آهن. هُونءَ بہ روس سدائين عظيم اديبن جي ڌرتي رهي آهي.
روسي ادب جي اهڙن شاهڪار ۽ مشھور ناولن ۾ ’نڪولائي آستراوسڪيءَ‘ جو ’دار و رَسن ڪي آزمائش‘، ’ميخايئل شولوخوف‘ جو ’اور ڊان بھتا رها‘، ’بورس پيسترڪ‘ جو ’ڊاڪٽر زواگو’، ’ميڪسم گورڪيءَ‘ جو ’ماءُ‘، ’دوستووسڪيءَ‘ جو ’ايڊيٽ‘، ’ٽالسٽاءِ جو ’وار اينڊ پِيس‘، ’چنگيز اعتماتوف‘ جو ’ڌرتي ماءُ‘، ’ايوان ترگنيف‘ جو ’پھريون پھريون پيار‘، ’لرمنتوف‘ جو ’اسان جي دؤر جو سورمو‘ يا روسي ادب جي اهم ناول نگار ’اليگزينڊر سولنسٽين‘ جو ’ڪينسر وارڊ‘ هجي. اُهي اهڙا تہ دل ۾ پيھي ويندڙ ناول آهن، جو پڙهندڙ ڄڻ تہ ڪو اُنھن کي پڙهندي مَنڊجي ويندو آهي. اليگزينڊر سولنسٽين جو ناول ’ڪينسر وارڊ‘ بہ اهڙي ئي تخليقي سَحر انگيزيءَ سان سِرجيل هڪڙو شاندار ناول آهي، جنھن ۾ ليکڪ وڏي هُنرائتي نموني ’ڪينسر وارڊ‘ جو هڪ شاندار خاڪو جوڙي پڙهندڙن کي حيران ڪري ڇڏي ٿو. اليگزينڊر سولنسٽين هن ناول ۾ لکي ٿو:
’دنيا ۾ ظاهر ٿيندڙ تبديلين جي ڄاڻ مُمڪن ناهي. اُن ڪري ماڻھو بيوقوف ئي مري ٿو.‘
اهڙن ڪيترن ئي ڏَڪائي ڇڏيندڙ جُملن سان هي ناول پنھنجي پڙهندڙن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿو. حقيقت ۾ ’ڪينسر وارڊ‘ جو منظرنامو 1950ع ۾ ازبڪستان جي هڪ اسپتال جو اُهو وارڊ آهي، جنھن ۾ داخل مريض ڪينسر ۾ مُبتلا آهن. ’ڪينسر وارڊ‘ استعارن اُن وقت جي ڪميونسٽ سوويت يونين آهي، جنھن ۾ ڇُڙواڳ اڳواڻ اسٽالن جي حڪومت جي پُڄاڻي، سندس موت 5 مارچ 1953ع تائين ٿئي ٿي، پر حڪومتي ڏاڍ جو سلسلو اُنھي نموني ڪيترن ئي سالن تائين هلندو رهيو. ايسيتائين جو 1990ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ ڪميونسٽ سوويت يونين جي پُڄاڻي نہ ٿي. ناول ۾ اُن دور جا سياسي نظريا، اخلاقيات ۽ اُميد کي مرڪز جو دائرو بڻايو ويو آهي. ناول تمثيلي زمري ۾ آڻي سگهجي ٿو. تحرير جو اهڙو نمونو، بي رحم زميني حقيقتن ۽ صداقتن کي مختلف ڪردارن جي واتان بيان ڪري ويو آهي.
’ڪينسر وارڊ‘ ناول اليگزينڊر سولنسٽين جو اِهو ادبي ڪارنامو آهي، جنھن کي ادبي دنيا جي هڪڙي عظيم تخليق سمجهيو وڃي ٿو.
شيخ اياز جي لفظن ۾ تہ، ”ٽالسٽاءِ کان پوءِ روس جو عظيم ترين ناول نويس ۽ مُنفرد مؤرخ سولزي نٽسن 1918ع ۾ ڄائو هو. هُن جي شھرت پھريون ڀيرو هڪ ناول سان ٿي، جنھن جو نالو هو ’سائبيريا ۾ اوان ڊينزوچ جي زندگيءَ ۾ هڪ ڏينھن‘. اُهو ناول 1962ع ۾ ڇپيو هو. اُهو ناول پھريان روسي رسالي ’نُووي مير‘ (Novy Mir) ۾ ڇَپيو هو، جنھن سان مغربي دنيا ۾ سولزي نٽسن جي شھرت پکڙجي وئي ۽ جنھن سولزي نٽسن کي رياضيات جي ماستر جي گُمنام زندگيءَ مان ڪڍي عالمي شھرت ڏني. اُن ناول ۾ روسي ناول نويس دوستووسڪيءَ واري عظمت هئي. اُن جي تحرير ۾ هڪ عظيم الشان قوت هئي. ناول ۾ روسي قيديءَ جو جلاوطنيءَ ۾ هڪ ڏينھن ڏيکاريل هو ۽ اُن ۾ هُن جيڪي اَذيتون سَٺيون هُيون، اُهي قلمبند ڪيون ويون هيون. ايڏي بين الاقوامي شھرت جي باوجود هُن جا ٻہ اَهم ناول ’پھريون دائرو‘ (First Circle) ۽ ’ڪئنسر وارڊ‘ (Cancer Ward) پوءِ بندش هيٺ آندا ويا، ڇو تہ اُنھن ۾ سوويت سماج تي ڪڙي تنقيد هئي.
سولزي نٽسن طبيعات ۽ رياضيات ۾ ڊگري ورتي هئي. 1942ع ۾ هُن کي فوج ۾ شامل ڪيو ويو. 1945ع ۾ هُن کي اَٺ سال ٽيپ ڏئي سائبيريا جي هڪ بيگار ڪئمپ ۾ موڪليو ويو، ڇو تہ هُن پنھنجي دوست کي خط لکيو هو، جنھن ۾ اسٽالن تي ڪڙي تنقيد ٿيل هئي. هُن کي وڌيڪ ٽي سال سائبيريا ۾ جلاوطن ۽ 1957ع ۾ سرڪاري طرح آزاد ۽ ٻيھر آباد ڪيو ويو. ڇو تہ اُن وچ ۾ اسٽالن مري چُڪو هو ۽ ڪُرسچوف، اسٽالن جي نالي تهس نهس ڪرڻ (De Stalinization) جي مھم شروع ڪري ڇڏي هئي. مٿي ذڪر ڪيل ناول ’پھريون دائرو‘ ۾ هڪ قيدي سائنسدان جي، اسٽالن جي هڪ تحقيقي مرڪز ۾ ڀَوائتي زندگي ڏيکاريل هئي ۽ ٻئي ناول ’ڪئنسر وارڊ‘ ۾ هڪ روسي اسپتال ۾ لرزائيندڙ واقعن کي نھايت پيچيدہ موڙ ڏنو ويو آهي ۽ ڪردار نگاري اهڙيءَ طرح ڪئي وئي آهي، جو پڙهندڙ جي دل سوويت سماج جي باري ۾ سوچي ڏَڪي وڃي ٿي.“
اهڙي طرح سولزي نٽسن جو ’ڪئنسر وارڊ‘ ناول جي دنيا ۾ زندگيءَ جي حساس مامرن، احساسن ۽ ڪيفيتن کي پاڻ ۾ سَمائي اهڙي نموني پڙهندڙ جي دل ۾ گهرو لھي وڃي ٿو، جو ماڻھوءَ جي پيڙائن جون لھرون لفظن مان اُڀري روح ۾ محسوس ٿيڻ لڳن ٿيون.
هن ناول ۾ سوويت معاشري جي سُٺي منظرڪشي ڪئي وئي آهي. ائين سمجهو تہ ’ڪينسر وارڊ‘ سوويت معاشري جو چِٽو آئينو آهي. اُن ۾ اهم طبقي جي سماج جا مريض بہ موجود آهن. هڪڙي پاسي ’روسانو‘ آهي جيڪو سوويت يونين جي بيوروڪريسيءَ جي نمائندگي ڪري ٿو، سندس ڪم اِهو آهي تہ هُو معاشري جي اهڙن ماڻھن مُتعلق رپورٽ ڪري، جيڪي سوويت يونين جي لاءِ خطري جو ڪارڻ بڻجي ٿي سگهيا. ايئن گهڻن ماڻھن جي قرباني ڏئي، هُو ترقيءَ جا ڏاڪا چڙهي ٿو. هُن کي ’ڪينسر وارڊ‘ ۾ پنھنجي حيثيت مُطابق ڌيان گُهرجي ٿو، پر وارڊ ۾ ساڻس ٻيا بہ ماڻھو داخل آهن، جن جي لاءِ هُو صرف هڪڙو مريض ئي آهي.
’ڪينسر وارڊ‘ جو دلير مريض وري ’ڪوسٽو گلوٽو‘ آهي، جيڪو شروع ۾ هڪ غُنڊو نظر اچي ٿو. روس پاران جنگ ۾ وڙهي چڪو آهي، پر پوءِ ڪنھن ڪارڻ کيس ڪنھن پَرانھين علائقي ۾ جلاوطن ڪيو وڃي ٿو. شايد روسانو جھڙي ڪنھن بيورو ڪريٽ پاران... بداخلاق، بدتميز ۽ حيران رهندڙ ڪوسٽو گلوٽو کي لڳي ٿو تہ، ڊاڪٽر سندس علاج سھي نموني نٿا ڪن... پوءِ کيس اسپتال جي عَملي جي ٻن عورتن سان مُحبت ٿي وڃي ٿي. ڪوسٽو گلوٽو کي علاج مُتعلق هڪ اهڙي ڳالھ جي خبر پوي ٿي، جيڪا کيس پريشان ڪرڻ لڳي ٿي.
’ڪينسر وارڊ‘ ۾ هڪ ٻيو مريض، هڪ اَهم ڪردار ’شلوبن‘ بہ آهي، جنھن جو ڪم هوندو هو تہ جڏهن بہ عدالتن ۾ ڪنھن جو ڏوھ ثابت ٿيندو هو تہ هُو ۽ سندس ساٿي وڏي آواز سان اُنھيءَ کي وحشتناڪ سزا ڏيڻ يا ماري ڇڏڻ جو اعلان ڪندا هئا، ڇو تہ اهي وڏي آواز سان اُها سَزا ٻُڌائڻ تي رکيل هئا.
تنھن کان سواءِ ڊاڪٽر ۽ نرسون، جيڪي ٿَڪاوٽ کان چُور، پنھنجي ڪم ۽ اُن ڪم جي ضابطن سان سچا... پنھنجين ذاتي زندگين ۾ تنھا... ’ڪينسر وارڊ‘ جي مريضن جي صحتيابي ئي سندن زندگيءَ جو مقصد آهي. اُنھن کي پرائيويٽ پرئڪٽس جي بہ موڪل ڏنل نہ آهي ۽ اُنھن کي غير ضروري مصروفيتن ۾ بہ مُنجهائي رکيو ويندو آهي. اُن کان سواءِ واڊم، احمد جان سان گڏ ٻيا بہ ڪردار آهن.
اهي سڀ ڪردار، پنھنجي مُختلف پس منظر سان گڏ هڪ ئي ڪينسر اسپتال ۾ داخل آهن. سڀ پنھنجي ماضيءَ کي سارين ٿا. مُستقبل سندن بي يقينيءَ جي ڌُنڌ ۾ ڌُنڌلائجي وڃي ٿو. سندن يادگيرين ۾ سوويت يونين ۾ رهندڙ مُختلف طبقن جي سوچ ۽ زندگيءَ جي نموني جي ڄاڻ اسان کي پڙھڻ لاءِ ملي ٿي. اُنھن جي پاڻ سان ڪيل ڳالھ ٻولھ ۾ اسان کي مُختلف نظرين کي جانچڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو.
جيئن، ڪوسٽو گلوٽو جيڪو هڪ سزايافتہ مجرم آهي، روسانو جنھن جو ڪم سزا ڏيڻ آهي يا ڏوھ جي رپورٽ پيش ڪرڻ آهي ۽ شلوبن جنھن جو ڪم آهي تہ هُو سزايافتہ ماڻھن لاءِ ڏُکيءَ سزا جي حق ۾ نعريبازي ڪري، هي سڀ هڪ ئي وارڊ ۾ ۽ هڪ ئي بيماريءَ جو شڪار آهن. اهو ڪيڏو نہ دلچسپ منظر ۽ سندن ڳالھ ٻولھ جو وڻندڙ نمونو آهي.
خاص طور شلوبن ۽ ڪوسٽو گلوٽو جي ڳالھ ٻولھ جنھن ۾ شلوبن پنھنجي زندگيءَ تي شرمسار تہ ٿئي ٿو، پر چوي ٿو تہ منھنجو سڀ کان پھريون فرض پنھنجو جياپو هو. مون تي پھرين ذميواري منھنجي پنھنجي هئي. تنھن ڪري مون جيڪو ڪجهہ بہ ڪيو اُهو غلط هُجي يا نہ هُجي، اُنھن جا ڪارڻ تہ هئا. ٻئي حيرت جو شڪار ٿين ٿا تہ لينن جي وڃڻ کان پوءِ گهڻو ڪجهہ تمام تيزيءَ سان مَٽيو آهي، هڪ قلم جي جهٽڪي سان هزارن جي قسمت جا فيصلا ٿين ٿا.
روسانو جيڪو بيورو ڪريسيءَ جو حصو آهي، تنھن کي اسپتال ۾ ئي خبر پئي ٿي تہ هاڻ نظام مَٽجي رهيو آهي ۽ پُراڻا ماڻھو، جن کي روسانو جھڙي بيورو ڪريٽس جي ڪري سزائون مليون هُيون، اُهي هاڻ موٽيو پيا اچن ۽ اُنھن کي عھدا بہ ڏنا پيا وڃن. اسٽالن جي دؤر جي مشھور چيف ايجنٽ بيريا، جنھن جي نالي تي روسانو پنھنجي پُٽ جو نالو رکيو هو، هاڻ عتاب ۾ آهي ۽ اُن جو نالو وٺڻ بہ ڏوھ آهي ۽ روسانو پريشان آهي تہ سندس پُٽ لاءِ ڪو مسئلو نہ ٿئي. اسٽالن جي موت کي ٻيو سال آهي ۽ اخبار ۾ هُن جي ورسيءَ جي خبر بہ بلڪل ئي گُم آهي.
سولزي نٽسن جو هيءُ نوبل انعام يافتہ ناول ’ڪئنسر وارڊ‘ جو اردوءَ ۾ ترجمو ’گوپال مِتل‘ ڏاڍي سھڻي نموني ڪيو آهي. هِن ناول جي پيش لفظ ۾ مُترجم لکيو آهي تہ:
”ڪئنسر وارڊ، سولنسٽين جي جلاوطنيءَ کان گهڻو اڳ ۾ پر سوويت روس کان ٻاهر شايع ٿيو هو. هيءُ ناول، سوويت روس جي هڪ صوبائي اسپتال جي ’ڪئنسر وارڊ‘ جي مريضن ۽ ڪم ڪندڙ مُلازمن جي گڏيل واسطن جي بيانن تي ٻَڌل آهي. اُنھن تعلقاتن جي بيانن جي بُنياد تي ليکڪ هلندڙ وقت جي روسي ڪردارن ۽ رَوين جي تَضادن جي هڪڙي مُڪمل تصوير اکين اڳيان آڻي ڇڏي ٿو. ڪنھن ٻاهرئين ماڻھوءَ لاءِ موجودہ روسي معاشري ۽ روسي حڪومت جي گڏيل ڪوششن جي اهڙي چِٽي ۽ مُتحرڪ تصوير ڪَشِي ڪرڻ مُمڪن نہ هئي، جن جو مقصد سوشلزم جي نالي تي هڪڙي پوري قوم کي سندن انساني اعزاز کان محروم ڪرڻ ۽ اُن کي جانورن جي سطح تائين وٺي وڃڻ آهي. ناول جو مرڪزي ڪردار ڪوسٽو گلوٽوو پاڻ ليکڪ جي ڪردار کي پيش ڪري ٿو. سولنسٽين 1956ع ۾ ڏاڍ ذريعي پورهيي ڪرائڻ واري ڪيمپ مان آزاديءَ کان پوءِ ڪينسر جي مريض جي حيثيت سان اسپتال ۾ داخل ٿيو هو ۽ پوءِ هُو صحتياب ٿي ويو هو.“
هِن ناول جي شروعات ئي اسپتال جي منظر کان ٿئي ٿي. اهڙي ريت هِن ناول ’ڪينسر وارڊ‘ جي منظر نگاري، ڪردار نگاري، ڪردارن سان مُختلف ڪينسر جي تڪليفن، اُنھن جي اَذيتن، مريضن جي نفسيات، اُنھن جي ڳالھين، سندن اُميدن، نا اُميدين، دوائن، ايڪسرن ۽ ڪينسر جي مريضن کي لڳندڙ شعائن جي منظرن، ڪميونزم تي بحثن، نرسن، ڊاڪٽرن، پيار و محبت جي رنگن، بيوسين، موت ۽ زندگيءَ جي احساسن، ڪيفيتن، توڙي خيالن، هِن ناول جي ڪئنواس تي پنھنجا ڀرپور رنگ نکيري ڪھاڻين جي سلسلي کي وڏي فنائتي انداز سان پيش ڪرڻ جي ڏانءُ سان پنھنجو ڀرپور ڳانڍاپو رکندي، ڪنھن فلم جھڙوبڻائي ڇڏيو آهي. سڀئي ڪردار وڏي سليقي سان نڀائيندا منظر تان هٽندا وڃن ٿا. مريضن مان ڪجهہ زندگيءَ جو هٿ ڇڏائي هليا وڃن ٿا ۽ باقي موت کي هٿ لوڏي الوداع ڪندا، پنھنجن پنھنجن اَجهن ڏانھن اُسھي وڃن ٿا.
’ڪينسر وارڊ‘ ۾ يارنھن مريض آهن، جيڪي مُختلف قسم جي ڪينسر ۾ مُبتلا آهن. مريضن ۾ هڪ نوجوان شاگرد کان سواءِ مُختلف شعبن جا ماڻھو آهن، جيڪي وڏا وڏا خواب رکن ٿا.
ناول ۾ اشارن ۾ ٻُڌايو ويو آهي، تہ ڪيئن نہ ڪينسر جي ڳوڙهي جي واڌ سان هڪ انسان مري وڃي ٿو.
ناول جو مرڪزي ڪردار ڪوسٽو گلوٽو کي بيگار ڪئمپن جي سختيءَ سان گڏوگڏ ’ڪينسر وارڊ‘ کان ٻاهر جي مادي دنيا جي حيران ڪندڙ رَوين سان وڙهڻو پوي ٿو. چئي سگهجي ٿو تہ بدنصيبيءَ جي اوٻر ۾ سندس سمورا خواب، اُونداهين راهن ۾ اڻ پورا رهجي وڃن ٿا. ناول ۾ اُن دؤر جي ڏاڍائيءَ تي جوڙيل حڪومت جي ٻِٽي معيار کي بہ چِٽي نموني پيش ڪيو ويو آهي. ناول نگار حڪومتي وهنوار هلائيندڙ جي ڏاڍائيءَ واري قانونن تي عمل ڪندي گڏوگڏ رشوت وٺڻ ۽ مالي بدعنوانيءَ کي بہ نمايان ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا اسٽالن جي حڪومت جي بدعنوان چھري جي عڪاسي آهي.
ڏاڍ جي ماحول جي پاڇي هيٺ ناول جو مرڪزي ڪردار ڪوسٽو گلوٽو مُحبت جي پاڇي جي عالمگير جذبي هيٺ ڪجهہ دير ئي سُڪون ماڻي ٿو. اسپتال ۾ رهڻ جي وچ ۾ کيس هڪ تربيتي ڊاڪٽر زويا سان مُحبت ضرور ٿئي ٿي، پر اُن جنسي جذبي تي پُراڻي مُحبت حاوي ٿي وڃي ٿي... پر قسمت جي ستم ظريفي هيءَ ٿئي ٿي، جو ڪوسٽو گلوٽو کي ٻئي مُحبتون پنھنجي دل ۾ دفن ڪرڻيون پَون ٿيون. هُو اُنھن ٻنھي مان ڪنھن هڪ سان بہ شادي نٿو ڪري سگهي، ڇو تہ هُو علاج لاءِ لڳندڙ انجيڪشنز جي ڪري جنسي طور ويهجي وڃي ٿو.
ناول جي پَڇاڙيءَ وارو ڪردار نڀائيندڙ ڪوسٽو گلوٽو، جيڪو فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان پوءِ خندقن ۽ جنگ جي ماحول ۾ زندگي گُذاري ڇڏي ٿو سو ڪينسر ٿيڻ ڪري وري اسپتال ۾ هڪ عذاب جي زندگي گُذارڻ کان پوءِ اُتي ڪيل ڪچھرين ۾ نئين زندگيءَ جي آس کڻي اُتان نڪري ٿو ۽ آزاد زندگيءَ کي محسوس ڪري پاڻ کي ڏاڍو خوش ٿو محسوس ڪري. ائين ٻاهر جي دنيا کي ڏسندي گُهمندي ڦِرندي، سندس مُحبت جي ڏنل نينڍ تي بہ مونجهاري جو شڪار بڻجي، اُنھن کان پاسيرو ٿي اُداس اُداس پنھنجي شھر ڏانھن روانو ٿي وڃي ٿو.
سولزي نٽسن جو هيءُ شاهڪار ناول ’ڪينسر وارڊ‘ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هر باب کي هڪ نئون عنوان ڏنل آهي. گوپال مِتل جو هيءُ اردو ترجمو وڏي روانيءَ وارو آهي ۽ خاص طور حاشين جي مدد سان هِن ناول جي ڪجهہ پاسن کي سُٺي نموني سان سمجهي سگهجي ٿو.
هيءُ ناول 744 صفحن تي مُشتمل آهي، جنھن کي ’فڪشن هائوس لاهور‘ 2016ع ۾ ڇپيو هو.
’درد ميڙي مون رکيا‘ تي هڪ نظر (آزاد زنگيجو)
(صوفي امتياز ٻلال جي مجموعي ’درد ميڙي مون رکيا‘ جو جائزو)
تخليقي ادب جا پنھنجا پنھنجا ماڻ ماپا هوندا آهن، پوءِ اُهو ادب نثر جي صورت ۾ هجي يا نظم جي صورت... پر اُن جي لِکڻ جو انداز هر ليکڪ وٽ پنھنجو هوندو آهي، جنھن بہ ليکڪ جي شعوري سگهہ جيترو ڪم ڪندي، اُهو ليکڪ اوتري سگهاري تخليق سَرجي سگهي ٿو.
عربن جي دؤر ۾ سنڌ جي شاعرن سنڌيءَ سان گڏ عربي ٻوليءَ ۾ پڻ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. جيتوڻيڪ اُها شاعري اڃا تائين محققن کي لِکت ۾ هٿ اچي نہ سگهي آهي. جنھن جي هٿ اچڻ سان يقيناً سنڌي ادب جي تاريخ جا نوان دروازا کلندا. انھيءَ دؤر ۾ شاعرن ۾ پنھنجي نالن سان گڏ تخلص جوڙڻ جو پڻ رواج پيو. شاعرن پھريون ڀيرو سنڌ سان محبت جي اظھار طور سنڌيءَ کي تخلص طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. محققن، عربن جي دؤر ۾ سنڌ جي مشھور شاعرن، اديبن ۽ عالمن جا نالا، ابو معشر سنڌي، ابو عطا سنڌي، ماڻڪ بن صالح، ابو عبدالمالڪ، حافظ ابو محمد، ابو نصر سنڌي، ابو عبدالله، ابو اسحاق، منصور سنڌي، هارون داٻيلي، ابو جعفر سنڌي ۽ ٻيا ڄاڻايا آهن. جيتوڻيڪ هن وقت تائين انھن جون لکڻيون لکت ۾ نہ ملي سگهيون آهن، جيڪي هٿ اچڻ سان سنڌي ادب جي تاريخ نئين سِر لکڻ ۾ محققن کي ڪافي مدد ملي سگهندي.
سنڌي ادب جو شروعاتي دور:
عربن جي حڪمرانيءَ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ سن 1050ع کان سنڌي سومرن جي حڪمرانيءَ جو دؤر شروع ٿيو. هن دؤر کي سنڌي ادب جو بنيادي دؤر چيو ويندو آهي. عمر مارئي، سسئي، پنھون، مومل، راڻو ۽ ٻين مشھور رومانوي داستانن جو تعلق پڻ سومرن جي دؤر سان ئي آهي. هن دؤر جي شاعرن جي آڌار محققن پاران سنڌ جي ادبي تاريخ لکي وئي آهي. هن ئي دؤر جي هٿ آيل شاعريءَ کي سنڌ جي بنيادي يا اوائلي شاعري قرار ڏنو ويو آهي. سومرن جي دؤر ۾ شاعري ڳاھہ، گِنان ۽ بيت جي صورت ۾ چئي ويندي هئي.
اڪثر ڳاهون رومانوي يا جنگي داستانن تي چيل آهن. سومرن جي دؤر ۾ ئي سنڌ ۾ پير شھاب الدين، اسماعيلي فرقي جي دعوت لاءِ سنڌ ۾ آيو، سندس فرزند پير صدرالدين، گنان جي صورت ۾ شاعري ڪئي. اُنھيءَ ئي دؤر ۾ خواجڪي سنڌيءَ جو بنياد پيو. سومرن جي دؤر کي ڀَٽن ۽ ڀاتن جو دؤر پڻ چيو ويندو آهي. هن دؤر ۾ اصلاحي ۽ مذهبي شاعريءَ سان گڏ رومانوي ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جو بنياد پيو. هِن دؤر جي مشھور شاعرن ۾ پير صدرالدين شاھہ، پير نورالدين، سَمنگ چارڻ، ڀاڳو ڀان، هانُ فقير، بابا فريدالدين گنج شڪر ۽ ٻيا شامل آهن.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو دؤر:
ترخانن کان پوءِ سن 1700ع کان سنڌ تي ڪلھوڙن جي حڪمراني جو دؤر شروع ٿيو. ڪلھوڙن جي حڪمرانيءَ واري دؤر کي سنڌي ادب جو سونھري دؤر چيو ويندو آهي. اِهو انھيءَ ڪري جو ڪلھوڙن جي دؤر ۾ شاعرن جو سرتاج ’شاھہ عبداللطيف ڀٽائي‘ سنڌي ادب جو وڏو نالو هيو، جنھن پنھنجي شاعريءَ سان سنڌي ادب کي سدائين لاءِ مالا مال ڪري ڇڏيو. شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ سنڌي ادب توڙي شاعري بلڪل اَڻھوند برابر آهي.
عروضي سنڌي شاعري:
عروضي شعر اُهو آهي، جيڪو علم عروض جي قانون پٽاندر جوڙيل هجي يعني شعر ۾ مصرعون، وزن ۽ قافيي واريون هجن، پر اُن سان گڏ اُهي مقرر بحر جي وزنن ۽ ارڪانن موجب هُئڻ کپن، اهڙي شعر ۾ قافيي سان گڏ رديف بہ ڪم آندو ويندو آهي. هِن قسم جي شعر ۾ حمد، نعت، قصيده، غزل، نظم، مثنوي، قافيو، پنجڪڙو، ڇھہ سٽا، ٽيڙو، ڏيڍ سٽا، ترائيل، سانيٽ وغيره اچي وڃن ٿا.
سنڌي شاعري برزبان يا اهڃاڻن طور اوائلي دؤر کان وٺي موجود رهي آهي. شاعري هڪ احساس آهي، اندر جي اڌمن کي دنيا وارن جي اڳيان ظاهر ڪرڻ جو... جنھن وٽ انسان ۽ انسانيت لاءِ پيار محبت جو جذبو سنڌو جي وَهَڪَ جيان اُڇلون هڻندڙ هوندو، اُهو زماني ۽ زماني وارن جي دردن اُڌمن، صدمن جي عڪاسي پنھنجي شاعريءَ وسيلي ظاهر ڪري سگهي ٿو.
سنڌ ۾ عروضي شاعريءَ جا ابتدائي اُهڃاڻ ڪلھوڙن جي دور کان مِلن ٿا، شاعرن جي سرتاج شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ۽ ميون شاھہ عنايت رضوي جون وايون توڙي جو هندي ڇند تي لکيل آهن، پر اُنھيءَ باوجود سندن چيل وايون علم عروض جي اصولن ۽ قاعدن تي مڪمل ٺھڪن ٿيون، محققن جو خيال آهي تہ، شاھہ عنايت رضويءَ کان اڳ ۾ وائيءَ جو ڪو نمونو نٿو ملي. سو چئي سگهجي ٿو تہ شاھہ عنايت، وائيءَ جو قالب گهڙيو ۽ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ ان ۾ روح ڦوڪيو.
شيخ اياز لکي ٿو تہ، ”وائيءَ جو گهاڙيٽو بُلا شاھہ جي پنجابي شاعريءَ تان ڀٽائيءَ ورتو هو ۽ ڀٽائيءَ تان مون وٺي، اُن ۾ نئين جان پيدا ڪئي.“
شاھہ عنايت رضويءَ جي وائيءَ جو نمونو هيءُ آهي:
چانگي چڙهيو چکيو،
ڪِي جو ڪاڪ تڙاءُ
ڪرهو سرهو ڏيھہ ۾
تنھين ڊپ نہ ڊاءُ
ڪِي جو ڪاڪ تڙاءُ
شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سُر سريراگ جي هڪ وائيءَ جو نمونو پيش آهي:
سھسين شڪرانا
ڪَوڙيين ڀالَ ڪُرِيمَ جا
حمد چِئج حڪيم کي
جورِ هڻِي جانا؛
سھسين شڪرانا.
سنڌي شاعريءَ ۾ وائي هڪ ڪلاسيڪي صنف آهي، جنھن سان نڀاءُ ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. موجودہ وقت ۾ چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر، اديب آهن، جيڪي وائيءَ جي صنف کي بچائيندا اچن پيا.
موجودہ نوجوان شاعرن ۽ انھن جي شاعريءَ تي نظر وجهنداسين تہ اُهي نوجوان شاعر ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ غزل تمام گهڻو لکي رهيا آهن.
سنڌي غزل، 1723ع نور محمد خستہ کان 1923ع پوڻين ٻن صدين جو سفر طئہ ڪري جڏهن ’شيخ اياز‘ وٽ پھچي ٿو تہ، شيخ اياز بہ غزل کي ٺيٺ سنڌي لباس پھرائڻ ۾ جُنبي وڃي ٿو... پر! غزل کي جيڪو ٺيٺ سنڌي لباس ’وفا ناٿن شاهيءَ‘ اهو ڪمال آهي:
سنڌڙيءَ سُور الاهِي ڙي،
ڏيندو ڏيھہ گواهِي ڙي.
ڪونہ ڇڏيندو سنڌ ’وفا‘
ڪاڙهيو ڀلي ڪڙاهي ڙي.
سنڌي شاعريءَ جي فن ۾ جتي ٻين صنفن کي جوڳي جاءِ ملي آهي، اُتي سنڌي غزل جو فن ۽ اسلوب بہ ڏاڍو شاندار ۽ نرالو رهيو آهي. هر شاعر جي سوچ طبقاتي شعور رکندڙ شاعر واري هجڻ گهرجي، تڏهن ئي شاعر پنھنجي سمورين محرومين، پيڙائن ۽ اُٻاڻڪاين کي رڳو پنھنجي ذات ۽ پنھنجي انفرادي وجود جي حوالي سان ڏسي ڪنھن خارجي سوچن جو شڪار نٿو ٿي سگهي.
ڇو ته!؟ انساني سماج جي ترقيءَ جي پنھنجي جدليات آهي، اُن جي ڌرتيءَ جا بنيادي قانون معروضي آهن، يعني اُهي انسان جي شعور کان ٻاهر وَجود رکن ٿا.
موجودہ وقت ۾ اسان وٽ ڳنڀير مسئلو ’ڪارو ڪاري‘ جو آهي، جيڪو سماج ۽ سماج وارن جي وجود کي اڏوهيءَ جيان اندران ئي اندران کائيندو رهي ٿو. اُن جي حقيقت ’عارف شفيق‘ پنھنجن لفظن ۾ هيئن بيان ڪئي آهي:
چاندی سجا کے بالوں میں بیٹھی ہیں لڑکیاں
مفلس کو پھربھی آس ہے بارات آئیگی
نو امیر شہر کی بیٹی پر اس کا کیا
لیکر طلاق باپ کے گهر بیٹھ جائیگی
موجودہ وقت ۾ جيڪا شاعري لکجي پئي ۽ خاص طور مشاعرن ۾ جيڪا پڙهجي پئي، اُها بہ توهان ۽ اسان جي اڳيان آهي. شاعري ڏات آهي، ڪٿي اَڏ جيتري اوت، ڪٿي واهُڙ وارا وهڪرا، تہ ڪٿي بنھہ مھراڻ جون موجون.
ساهتي پرڳڻي جو هڪ خوبصورت ۽ سنڌ جي دل طور مشھور شھر آهي مورو. جنھن جي زرخيز مِٽيءَ مان ماضيءَ کان موجودہ دؤر تائين تمام سگهارن تخليقڪارن جنم ورتو آهي، ’صوفي امتياز ٻلال‘ جو تعلق بہ اُنھيءَ ئي موري شھر سان آهي.
صوفي امتياز ٻَلال جي ڪتاب ’درد ميڙي مون رکيا‘ تي هڪ نظر وجهڻ لاءِ سندس شاعريءَ ڏي نگاھہ کڻون ٿا:
ڪيئن سنگهرون وجهي، سج کي روڪجي؟
ڪو رُلي پيو مسافر، ڪنھن فڪرات ۾.
-
يار مون کي وڇوڙن ونگي آ ڇڏيو،
زرد هر شام ٿي، ساھہ سڪرات ۾.
صوفي امتياز ٻلال جو هيءُ غزل علم عروض جي وزن، چار ڀيرا فاعلن جي بحر متدارڪ مثمن سالم تي لکيل آهي:
سنڌ سان ساھہ جي تند آهي جڙيل،
پر ڇو مورو اکين ۾ رهي ٿو سدا.
صوفي امتياز ٻلال جي غزل جو هيءُ بند بہ ساڳئي وزن فاعلن ۽ بحر متدارڪ مثمن سالم تي لکيل آهي، هن بند جي مٿين سِٽ پنھنجي وزن، فاعلن تي پوري آهي، پر هيٺين سِٽ اڻپوري آهي. انھيءَ ڪري صوفي امتياز ٻلال کي غزل جو بند هيئن لکڻ گهرجي ها:
سنڌ سان ساھہ جي تند آهي جڙيل،
پو بہ مورو اکين ۾ رهي ٿو سدا.
شاعريءَ جو ٻيو نالو ڀڃ گهڙ آهي. انھيءَ ڪري شاعري لکڻ وقت شاعر کي شاعريءَ جي وزن، بحر جو خاص خيال رکڻ گهرجي. شاعريءَ ۾ هڪ لفظ جي واڌاري سان يا هڪ لفظ جي کٽائڻ سان شاعريءَ جو رِڌم ٽُٽي پوي ٿو ۽ اها پنھنجي رڌم سان گڏ پنھنجو حُسن بہ وڃائي ويھي ٿي.
نہ کولي گُهم چري واسينگ وارن کي
ڏنگي هِن ڏيھہ کي وِجهندا کپرَ ڪارا
-
دريءَ مان شام جو جهاتي نہ ڏيندي ڪر
گهمن ٿا جو هتي ماڻھو نظر ڪارا
صوفي امتياز ٻَلال جو هيءُ غزل علم عروض جي وزن ٽي ڀيرا مفاعيلن جي بحر هزج مسدس سالم تي آڌاريل آهي. انھيءَ ئي غزل جي ٻئي بند ۾ صوفي امتياز ٻلال جي تخيل جو اظھار اجهو هيئن آهي:
هوائن جو شھر آ حادثو مون لئہ،
ٻھر اُجرا اندر جا سڀ بشر ڪارا.
صوفي امتياز ٻَلال پنھنجي غزل جي هن بند جي هيٺين سِٽ ۾ لفظ ’سڀ‘ جو استعمال ڪيو آهي، چوي ٿو تہ ’سڀ بشر ڪارا‘ توڙي جو شاعر پاڻ بہ ’بشر‘ آهي تہ انھيءَ لفظ ’سڀ‘ جيڪو جمع جي صيغي ۾ اچي ٿو، تہ انھيءَ مان ڇا مراد ورتي وڃي، اهو پڙهندڙ پاڻ فيصلو ڪن... صوفي امتياز ٻَلال کي غزل جو بند هيئن لکڻ گهرجي ها:
هوائن جو شھر آ حادثو مون لئہ،
ٻھر اُجرا اندر جا ڪجهہ بشر ڪارا.
صوفي امتياز ٻَلال کي غزل جي انھيءَ بند جي هيٺين سِٽ ۾ لفظ ’سڀ‘ جي جاءِ تي لفظ ’ڪجهہ‘ استعمال ڪرڻ گهرجي ها.
رهي رات هڪڙي وڃين ها تہ ڇا هو،
اچي حال هيڪر پڇين ها تہ ڇا هو؟
صوفي امتياز ٻَلال جو هيءُ غزل علم عروض جي وزن چار ڀيرا فعولن ۽ بحر تقارب مثمن سالم تي لکيل آهي، انھيءَ ئي غزل جو هڪڙو ٻيو بند آهي:
وسِي خوب برسات نيڻن مان آهي،
اچي لڙڪ لالڻ اگهين ها تہ ڇا هو؟
صوفي امتياز ٻَلال جي غزل جي هن بند جي هيٺين سِٽ تہ پنھنجي وزن ۾ پوري آهي، پر مٿين سِٽ ۾ جهول آهي، انھيءَ لاءِ صوفي امتياز ٻَلال کي اهو بند هيئن لکڻ گهرجي ها:
وسي خوب برسات نيڻن منجهان آ،
اچي لڙڪ لالڻ اُگهين ها تہ ڇا هو؟
شاعريءَ ۾ جتي وزن بحر جي خاص ضرورت هوندي آهي، تہ اتي شاعريءَ ۾ خيال جي قوت اُها قوت آهي، جيڪا جيتري بہ شاعري منجهہ اوتيل هوندي، اُن شاعر جي شاعري اوتري اُوچي پَدَ تي اُڏام ڪندي. جيڪڏهن شاعر جي ذات ۾ اُها ڏات موجود آهي ۽ باقي شرطن ۾ شاعريءَ جي ڪمال لاءِ ضروري شيون علم عروض جي ڄاڻ هجڻ بہ لازمي آهي.
علم عروض، انھيءَ علم کي چوندا آهن، جنھن ۾ نظم جي درستگي ۽ جوڙجڪ جي قاعدن جو بيان تفصيلوار ڏنل هجي. انھي علم وسيلي شعر جا وزن ۽ اُن جا بحر چڱيءَ طرح سمجهہ ۾ اچي سگهن. انھيءَ علم جي تاريخ هيءَ آهي تہ، سڀني کان پھرين عربي لغت جي امام خليل بن احمد بصري انھي علم کي ايجاد ڪيو.
صوفي امتياز ٻَلال جي شاعري سادي ٻوليءَ جي پيرائي ۾ سادن لفظن جي آڌار لکيل شاعري آهي، صوفي امتياز ٻلال ۾ شاعراڻو انداز آهي، وڌيڪ مطالعي سان سندس شاعري اڃا وڌيڪ نکري ويندي.
نئين خوشبو
هن شماري جو ڪتاب (فتح فقير جو ڪلام) رِوِيُو: حُميرہ گُل
ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، پھرئين ڀاڱي جو ’مقدمو‘ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لکيل آهي، جنھن ۾ بيتَ، مولود، ڪافيون ۽ مداحون شامل آهن. جڏهن تہ ٻئي ڀاڱي ۾ مختلف ماخذن تان ’فتح فقير‘ جو ڪلام کنيل آهي، جنھن ۾ سُر ڪلياڻ: ڪافي يَڪي، سُر مارئي: ڪافي ڏيڍي، سُر سسئي: ڪافي ڏيڍي، سُر سسئي: ڪافي يڪي، سُر سسئي: ڪافي يڪي ۽ سُر سسئي: ڪافي ڏيڍي شامل آهي. ان ئي ڀاڱي ۾ ’شاھہ لطيف جي وائي ۽ اوسر‘ عبدالستار پيرزادو ۽ ’سُر ڪيڏارو ۽ شاھہ عبداللطيف‘ ڊاڪٽر الطاف حُسين جوکيو جا لکيل آهن. فقير سائينءَ جو ڪلام پنھنجي منفرد جوڙجڪ رکي ٿو ۽ سلوڪ جي جھان ۾ سندس رنگ نرالو نظر اچي ٿو.
هن شماري جي فلم (اسڪاءِ فال) رِوِيُو: حُميرہ گُل
فلم ۾ ڊينئل ڪريگ، جيويئر بارڊيم، رالف فينيس، نومي هارس، بيرينيس لم مارلو ۽ جوڊي ڊينچ اداڪاري ڪئي. 143 منٽن جي دورانيي واري هن فلم 2 آسڪر ايوارڊ حاصل ڪيا. جڏهن تہ ٻيا بہ ڪيترائي ايوارڊ کيس پلئہ پيا. 20 ڪروڙ ڊالرن جي خرچ سان ٺھندڙ هن فلم 10 ارب ڊالرن کان مٿي رقم ڪمائي.
جڳ مشھور ڪردار، جيمز بانڊ جي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ هڪ ڊگهو سفر طئہ ٿيل آهي، جنھن ۾ سئن ڪونري، راجر مُور، پيئرس براسنن، ڊينيئل ڪريگ، ٽموٿي ڊالٽن ۽ جارج ليزن باءِ جي نصيب ۾ اهو ڪردار ادا ڪرڻ آيو. شروعات سئن ڪونري ڪئي هئي ۽ سڀ کان وڌ راجر مُور، جيمز بانڊ سيريز جون فلمون ڪيون، پر پنھنجي بلوري اکين ۽ سخت ڏيکاءَ سبب ڊينئل ڪريگ، جيمز بانڊ جي ڪردار ادا ڪرڻ ۾ الڳ جاءِ ماڻي، جنھن جي ڪري چيو وڃي ٿو تہ هن فلم جي ڪاميابيءَ ۾ سندس بہ وڏو هٿُ آهي.
امرتا ڪٿا
امرتا آنلائين
لھجي ۾ ضد آهي، انا آهي... اصرار آهي، پر جيڪڏهن غور ڪجي تہ لھجي ۾ ڪجهہ بہ ناهي، صرف سِڪَ آهي. اسين ’امرتا‘ سان عشق ڪريون ٿا ۽ اهو اسان لاءِ ’ڇڙو رسالو‘ ڪونھي. سندس هڪ هڪ نوڪ پلڪ درست ڪرڻ ۾ الاءِ ڪيترو وقت ڀاڪر ڀري ٿو، الاءِ ڪيترو ڪشالو ڪٽڻو پوي ٿو پر جنھن مھل بہ اها ڪاپي هٿن ۾ اچي ٿي تہ جِيجيءَ جون چيل سِٽُون ياد اينديون آهن، ”ويندا لُڙ لھي، ٿينديون اکيون اکين جھڙيون....“
اسان لاءِ، اسان جو هٿ ۾ پھچندڙ شمارو ئي، اصل ۾ آنلائين آهي. اها ڪوشش ڪندا رهنداسين تہ وقت سِر پھچون، بس اوهان وٽان رڳو اها مھر و عنايت کپي، تہ ميمبر ٿيندا رهو ۽ ميمبرشپ ۾ مدد ڪندا رهو. جنوري 2024ع کان ميمبرشپ ٽي هزار روپيا ساليانو هوندي ۽ شماري جي قيمت، هن شماري جيان 250 روپيا درمھينو هوندي.
ڪو عُذر، ڪا تاويل، ڪو بھانو پيش ڪونھي. خرچ وڏا آهن ۽ مھانگائيءَ جي اوهان سڀني کي خبر آهي. ساٿُ ملندو رهندو تہ انشاءَالله سفر سوکو رهندو، پر جي خدانخواستہ ڪٿي ڪا کوٽ ٽوٽ آهي تہ بہ ڌڻي حوصلو ڏيندو، هٿن ۾ آنلائين ٿيندا رهنداسين.
ڪريم ربُّ اوهان کي دامَي، درمَي، ڪرمَي، سُخنَي صرف پنھنجي در جو محتاج رکي - آمين... رابطو قائم ڪرڻ گهرو تہ سڀ حيلا وسيلا هيٺ عرض ڪجن ٿا:
ائڊريس: امرتا پبليڪيشنس، I-باسم چيمبرس، حيدر چوڪ گاڏي کاتو حيدرآباد
امرتا پبليڪيشنس جا ڇپيل ڪتابَ
1. امرتا غزل رنگ [شاعري] فقير محمد ڍول/ فقير محمد انڙ ختم ٿيل
2. امرتا فوزيہ سومرو [شخصيت] فقير محمد ڍول ختم ٿيل
3. امرتا شاھہ لطيف نمبر [خراجِ عقيدت] مرتب: فقير محمد ڍول 1500.00
4. ڪارون وس ڪيام [استاد جمن: فن ۽ شخصيت]
سوز هالائي ختم ٿيل
5. نيڻ سجدي ۾ [شاعري] ساحر راهو ختم ٿيل
6. سوني باگو [شاعري] علي دوست عاجز ختم ٿيل
7. عشق عبادت [شاعري] سليم بچاڻي ختم ٿيل
8. پاڻي [شاعري] وسيم سومرو ختم ٿيل
9. عشق جي ٽياس تي [شاعري] شاهد عباسي ختم ٿيل
10. ناز پرائو ڪچ [شاعري] مھتاب علي شاھہ جھانيان ختم ٿيل
11. لھر لھر اُچار [ڪھاڻيون] عدنان هاليپوٽو ختم ٿيل
12. نيڻ نيرا ڪنول [شاعري] وفا جانوري ختم ٿيل
13. اکڙين ۾ مھراڻ [شاعري] همدرد جانوري ختم ٿيل
14. سونَ سريکيون ساروڻيون [آتم ڪٿا] ڊاڪٽر پرڌان ختم ٿيل
15. فنا ٿئين فراق [شاعري] فقير بخت علي ڀنڀرو ختم ٿيل
16. جيڪِي مون سِکيو ۽ لکيو [ڪھاڻيون، شاعري، مضمون]
ڊاڪٽر پرڌان 400.00
17. مان ذرو تون ماهتاب [شاعري] سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي 500.00
18. فقير برڪت علي بلوچ [شخصيت] مرتب: محمود مغل 400.00
19. سوچن جو سنسار [شاعري] عبدالخالق عبد ختم ٿيل
20. طارق توکان پوءِ... [شخصيت] مرتب: فقير محمد ڍول ختم ٿيل
21. الاءِ تون ڪٿي آهين
[حسن درس جي شاعري] مرتب: فقير محمد ڍول 200.00
22. برھہ جو باب [شاعري] سيد امام علي شاهہ 200.00
23. هوا جي ديوار [سفرنامو] منظور جوکيو 400.00
24. غلام سندم نالو [غلام هالائيءَ جي شخصيت]
مرتب: سھيل ابڙو ختم ٿيل
25. چنڊ رهين ٿو دور [ٽيلي ناٽڪ] طارق عالم ابڙو 500.00
26. بلبلِ سنڌ [شخصيت] شيخ محمد ابراهيم خليل ختم ٿيل
27. ٿورا نہ ٿورا [سيد مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جي شخصيت]
مرتب: جاويد مرتضيٰ ڏاڏاهي 250.00
28. زندگي محسوس ڪيو [نفسيات] مترجم: محمود مغل 100.00
29. سنڌ ٽاڪيز [سنڌي فلمن ۽ سئنيما جي تاريخ]
تحرير، ترتيب ۽ تحقيق: محمود مغل 3500.00
30. مان زنده رهندس [ڪھاڻيون] نُور گهلو 400.00
31. جڏهن هُو زلف ڇوڙي ٿو [شاعري] احساس ميرل ختم ٿيل
32. نہ هِن پاسي نہ هُن پاسي
[طنز و مزاح ۽ ڪالم] سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي 400.00
33. ڏاڏاهيءَ جا ڏوھہ هزار [شاعري] سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي 250.00
34. حقيقت جا هوڪا [شاعري] فقير خدا بخش اُنڙ 350.00
35. سُخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا ]ڀاڱو ٻيو: مختلف شاعرن جي شاعري ۽ تعارف[
مرتب: احساس ميرل 500.00
36. منھنجي مَنَ جا مامرا [يادگيريون، مضمون ۽ ڪالم]
منظور ڪالرُو 200.00
37. مان شھر اُڏيري ٽيشڻ جو [سفرنامو] احساس ميرل 300.00
38. چڱو ٿيو اوهان کي بہ وسري وياسين [شاعري]
سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي 350.00
39. دل ڌمالُن جي گُونجَ ۾ ورتل [شاعري] شاھہ زمان ڀنگر 300.00
40. ڳالھہ مان ڳالھہ... [جِيوَن ساروڻيون] نسرين طاهر وفائي 300.00
41. خالد چوي...[مذهب، حب الوطني، زراعت، سماج، نفسيات فلم جي دنيا،
ڪھاڻيون ۽ ٽيلي ناٽڪ] محمد خالد ميمڻ 350.00
42. پيارَ ڪھاڻيون سھيڙ: محمود مغل 100.00
43. ڊاڪٽر سنجيدہ مغل جي آتم ڪھاڻي مرتب: تنوير جوڻيجو 350.00
44. مسافر وفائون [شاعري] مسافر هاليپوٽو 300.00
45. آخوند جا افسانا [فليش فڪشن] آخوند محمد عباس 150.00
46. مديني جو مُسافر [سفرنامو] عبدالله ناريجو 500.00
47. برسات ۽ ٻوڏ [ڪھاڻيون - نظم ڪھاڻيون]
مٺل جسڪاڻي 150.00
48. سِتارا سُونھن جا [شاعري] حبيب رسول ڏاهري 300.00
49. سپاهيءَ جون صدائون [شاعري] ’سپاهي‘ اسماعيل خاصخيلي 300.00
50. عشق اهڙي اُڏار ڏي [شاعري] گلبدن جاويد 300.00
51. هڪڙي ملندي آهي زندگي [حياتي ۽ نفسيات] محمود مغل 300.00
52. دَ بِرڊِلڊِ ٿاٽِس [The Bridled Thoughts] نفسيات: انگريزيءَ ۾
سونھري زيد انصاري 300.00
53. شوڪت علي ’شوق جو تحريرون [ڪالم، ڪھاڻيون، انٽرويو، ناوليٽ]
شوڪت علي ’شوق‘ 320.00
54. شاھہ لطيف جون سَتَ سُورميون [قصا ۽ شاھہ جي رسالي مان بيتَ] تحقيق: ٻُڍو لغاري 250.00
55. زنجبار جهنگٻار [آفريڪا جو سفرنامو، تحقيق ۽ تاريخ]
الطاف شيخ 350.00
56. چنڊ منھنجو پرين [شاعري] پير سجاد گهايل ختم ٿيل
57. ڪَوَتا تار تي ويٺل پنڇي [مختلف نامور شاعرن جا چونڊ نثري نظم]
رحيمداد جوڳي 240.00
58. سائين، محبت، حياتي:رمزون [خواب نگر] محمود مغل 300.00
59. سادات جا سنڌي ناناڻا [تحقيق] ٻُڍو لغاري 200.00
60. نِڪرِي ويا ناکُئا [سفرنامو] الطاف شيخ 300.00
61. واڌُو ادب عرف حدِ ادب ]نثر ۽ شاعري[ عبدالقيوم ’زخمي‘ هالائي 250.00
62. ڪوريا جيئن مون ڏٺو [سفرنامو] ڊاڪٽر مجيب اقبال سومرو 500.00
63. هڪڙو ئي وڻ چنڊ تي هو [ڪھاڻيون] آصف جمالي 300.00
64. احساس ميرل جي شاعريءَ جو اڀياس عبدالقدير سھتو 300.00
65. چوٿين اک [شاعري] مٺل جسڪاڻي 300.00
66. چِين ڪيو بي چَين [سفرنامو] الطاف شيخ 400.00
67. منھنجي ڳالھہ اڌ ۾ رهجي وئي [ڪھاڻيون]
ڊاڪٽر رضا چانڊيو 300.00
68. ٻُڌ سُڌ - مون کي ياد آهي [يادگيريون] پروفيسر انورالدين اُڄڻ 300.00
69. آمريڪا ڙي آمريڪا [سفرنامو] الطاف شيخ 500.00
70. جان ڪَتين تان ڪِتُ [تحقيق] مٺل جسڪاڻي 300.00
71. ٿرٽِي فائيوِ ايم ايم [آتم ڪٿا] سيد حيات علي شاھہ بخاري 500.00
72. قاضي اعظم قريشيءَ جا ڪالم مرتب: حافظ احمدالدين انڍڙ/
طارق سنائي/ امان الله صدر 500.00
73. پرديس ٿيو ديس پنھنجو [سفرنامو] پير تاج محمد قريشي 500.00
74. خواب نگر - تعزيت ناما [ڪالم] محمود مغل 600.00
75. ڳاڙهي لوئي [ٻارن لاءِ عالمي ڪھاڻيون] مترجم: محمود مغل 300.00
76. قبلہ اول کان قبلہ آخر تائين [سفرنامو] ڊاڪٽر غلام حسين شيخ 600.00
77. تنھنجي ڪاوڙ ۾ آ قرب گهڻو [شاعري] عبدالخالق ’عبد‘ 600.00
78. دي وگنس آف تعلقه وارھہ [The Waggans of Taluka Warah]
]تحقيق: انگريزيءَ ۾[ ڊاڪٽر محمد روشن وڳڻ 1000.00
79. وقت جو يُوسف ]فلمسٽار دليپ ڪمار جي آتم ڪٿا[
مترجم: عبدالستار لغاري 600.00
80. Sakhi Mehboob Khan Waggan ڊاڪٽر محمد روشن وڳڻ
81. ڪا شڪايت رهي نہ آ تو کان وسيم حيدر کوسو 500.00
82. نديءَ جي پياس رحيمداد جوڳي 600.00