ناول

ميري چادر

راجندر سنگه بيدي جڳ جنم لاھور ۾ ٿيو ۽ ورھاڱي واري فسادن بعد ھو ھندستان لڏي ويو. سندس ھن ناول ۾ پنجاب جي ڳوٺن جي حقيقي پسمنظرنگاري ، ثقافتي رنگ اڀري اچن ٿا. بيدي جو ھي پھريون ۽ آخري ناول آھي جنھن ۾ پنجاب جي ھڪ ڳوٺ جي پٺتي پيل معاشري ۽ سِک گهراڻي جي معاشي حالتن جي نشاندھي ڪيل آھي. ناول  پنجاب جي ڳوٺ ڪوٽلہ جي ٽانگي واري جي زال جي چوڌاري ڦري ٿو. ناول جو ٿيم غربت سبب طبقاتي عورت جي مسئلن، غربت ۾ پسجندڙ ماڻھن جي زندگي آھي. ناول ۾ چوھدرين ۽ وڏيرن جي ڏاڍ  سان گڏ عورتن جي جدوجھد ۽ محنت کي چِٽو ڪيو ويو آھي.

Title Cover of book ميري چادر

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران راجندر سنگهہ بيديءَ جي لکيل ناول ”ایک چادر میلی سی“ جو سنڌي ترجمو ”ميري چادر“  پيش آهي، جنھن جو سنڌيڪار لڇمڻ ڪومل آھي. 
راجندر سنگه بيدي جڳ جنم لاھور ۾ ٿيو ۽ ورھاڱي واري فسادن بعد ھو ھندستان لڏي ويو. سندس ھن ناول ۾ پنجاب جي ڳوٺن جي حقيقي پسمنظرنگاري ، ثقافتي رنگ اڀري اچن ٿا. بيدي جو ھي پھريون ۽ آخري ناول آھي جنھن ۾ پنجاب جي ھڪ ڳوٺ جي پٺتي پيل معاشري ۽ سِک گهراڻي جي معاشي حالتن جي نشاندھي ڪيل آھي. ناول  پنجاب جي ڳوٺ ڪوٽلہ جي ٽانگي واري جي زال جي چوڌاري ڦري ٿو. ناول جو ٿيم غربت سبب طبقاتي عورت جي مسئلن، غربت ۾ پسجندڙ ماڻھن جي زندگي آھي. ناول ۾ چوھدرين ۽ وڏيرن جي ڏاڍ  سان گڏ عورتن جي جدوجھد ۽ محنت کي چِٽو ڪيو ويو آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو  1983ع ۾ ھند ۾ ڇپيو جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 1986ع ۾ سڳنڌ پبليڪيشن، لاڙڪاڻو  پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان  اوھان اڳيان آڻجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي