سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر مشھور ڀڳتي رس گائڪا ”ميران ٻائي“ جي سوانح، شاعري ۽ سنگيت تي آشا ايس نلسن جي لکيل ڪتاب جو سنڌي ترجمو ”ميران ٻائي“ اوھان اڳيان پيش آهي، جنھن جو سنڌيڪار لڇمڻ ڀاٽيا ڪومل آھي.
ميران ٻائي 14ھين ۽ 15ھين صدي ۾ اڪبر بادشاھ جي دور ۾ ھندستان ۾ پنھنجي مڌر ڀڳتي گيتن، مٺڙي آواز ۽ روحاني سنگيت سبب مشھوري ماڻي. ھن ڪتاب ۾ ميران ٻائيءَ جي جيون، ميران ٻائيءَ بابت مشھور ڪٿائن، ميران ٻائيءَ جي ڀڳتي گيتن، شاعراڻي صنفن، ميران ٻائيءَ جي ڪوتائن جي ڀاشا ۽ گيتن جو ترجمو شامل آھي.
ھي ڪتاب 1978ع ۾ ساھتيہ اڪيڊمي، نئين دھلي پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي