(نوٽ: خادم ٽالپر 1966ع کان شاعري ڪرڻ شروع ڪئي اول سنڌ ساهتا سنگت بدين جو بنياد رکيو. جنھن ادبي تنظيم پنج سال کن مشاعرا ڪرايا، شاعرن سان شامون ملھايون، خادم تڏهن تاريخ شعرا لاڙ ڪتاب ترتيب ڏئي 1970ع ۾ ڇپايو ۽ پوءِ مسلسل شاعري ڪندو رهيو آهي هن وقت تائين سندس اڻ ڇپيل شاعري جو وڏو مجموعو موجود آهي جنھن نثر جا بہ ڪتاب لکيا ۽ ڇپرايا آهن.)
قطب تارا
او ٻارڙا او پيارڙا!
او سنڌڙي جا تارڙا
پڙهندا هلو چڙهندا هلو
رڙهندا هلو وڌندا هلو
ڪاليج اسڪولون کلن
سڀ ٻارڙا پڙهڻ وڃن
نئون نسل ڪو تيار ٿئي
جو وڄ جيئن چمڪار ٿئي
دنيا مٿي پکڙي وڃي
انسانيت مرڪي پوي
هرڪو چوي هلندا اچو
وڌندا اچو، هلندا اچو
ٻارڙا او پيارڙا
ڏاڍ جا ڏونگر ڏرن
ڪوڙ جا ٻيلا ٻرن
وسنديون وسن ميلا مچن
رانديون رچن، ٻچڙا بچن
سوڍا اچن، خوشيون نچن
سڀ بدن مرڪي پون
واھہ واھہ وسي سارو وطن
هر طرف هٻڪار هِيءَ
هر طرف هاڪار هِيءَ
پڙهندا هلو رڙندا هلو
ٻارڙا او پيارڙا
دنيا سڄي سُڌري وئي
هي ڳالھہ ٿي پڌري وئي
اڄ غلامي گار آه
قوم هرڪا تيار آه
ماءُ سنڌ سڏڙا ڪري
واڪا ڪري هٿڙا کڻي
رات ڏينھن هر هر چوي
پڙهندا هلو چڙهندا هلو
آسمانن کان مٿي
ستارن خلائن کان مٿي
وڌندا هلو وڌندا هلو
ٻارڙا او پيارڙا
او سنڌڙي جا تارڙا
باھہ جو طوفان
اڃان قھر ڪڙڪي، ڪکائن گهرن تي،
اڃان باھہ ڀڙڪي، ڀوري بدن تي.
جڏهين مور ماڻھو، بي وس بڻيا هن،
تڏهين بادشاهي، ڳجهون ڪن وطن تي.
اجهو ڄاڻ طوفان، آيو ڪي آيو،
اجهو ڄاڻ ڪڙڪيو، ڪو قهر قاتلن تي.
ڪڏهين ڪونہ بچندين، ڪٿي ڪونہ بچندين،
او اونداھہ جا رکوالا، زمين تي اُڀن تي.
شينھن ٿي اٿو
او پورهيتو او هاريو، او مزدور يار ساٿيو،
ڪو انقلاب آڻيو، ڪو انقلاب آڻيو.
لُو لُو رئيس لڄ لُٽي، هن ڪلھہ لُٽي ۽ اڄ لَٽي،
روز روز چهڪ چير، گرھہ گرھہ تِير تِير،
زهر ڍڪ پيون پيون، پوءِ بہ هٿ جيئون جيئون،
ڪئين صديون مٽي ويون، پئي سٽي لٽي ويون،
هن دور کي ڌڪاريو، ڪو نئون سج اڀاريو،
او پورهيتو او هاريو، او مزدور يار ساٿيو،
ڪو انقلاب آڻيو، انقلاب آڻيو.
هي رئيس مير ڪوڙ سڀ، هي سيد پير ڌوڙ سڀ،
سڀ ٺڳي جي ٺاٺ ۾، ٿا قوم رکن ڪاٺ ۾،
ڪپار سڀ ڪٽار سان، بم توب ترار سان،
ٿي وڃن ڀُڪا ڀُڪا، ٿي وڃن ذرا ذرا،
ڪوڙ ڏاڍ ڏاريو، ڪو نئون وقت واريو،
او پورهيتو او هاريو، او مزدور يار ساٿيو،
ڪو انقلاب آڻيو، انقلاب آڻيو.
هي خودڪشيون ۽ دهشتون، ڇا رهزنيون ۽ وحشتون،
روز ڪئين قيامتون، آفتن تي آفتون،
روز ڪئين ڳڀرو ڪسن، روز ڪئين مانجهي مرن،
ڇا ڪُڇون ۽ ڇا پُڇون، پيا پَچون ۽ پيا لُڇون،
هن باهي جي درياءَ منجهان، قوم کي اُڪاريو،
او پورهيتو او هاريو، او مزدور يار ساٿيو،
ڪو انقلاب آڻيو، انقلاب آڻيو.
سنڌ پئي سڏي سڏي، قوم کي گڏي گڏي،
شينھن ٿي اٿو اٿو، نينھن ٿي چڙهو چڙهو،
ڏينھن ٿي بکو بکو، مينھن ٿي وسو وسو،
ڪو نئون نينھن اجاريو، ڪو نئون سُر تنواريو،
جوڌن کي پڪاريو، قوم کي اٿاريو،
او پورهيتو او هاريو، او مزدور يار ساٿيو،
ڪو انقلاب آڻيو، انقلاب آڻيو.
سچ سان محبت
سچ سڃاڻو، سچ کي پايو،
سوچي سوچي، سچ ڳالھائيو.
سچ ۾ هوندو مچ لڪل آ،
مچ مچايو، سچ بچايو.
برھہ جي بستي، من من مستي،
محبت جو ڪو، مچ مچايو.
سونھن ۽ سچ سان محبت جن جي،
ڌرتي کي تن، باغ بنايو.
ڳايو ڳايو، گڏجي ڳايو،
ستل سارا، شھر جاڳايو.
او منھنجا محبوب
تون جي کلين، کنوڻين کِلن،
ٿرن ۽ برن ۾، بادل وسن.
سڪل ٺوٺ ڌرتي سائي ٿئي،
گل گونچ گاھہ سڀ ڦلھارجن.
تنھنجي هي اچڻ سان تقدير بدلي،
مئل ماڳ من جا ملھارجن.
تنھنجو ويس انڊلٺ، وينگس گهٽائون،
تنھنجي سونھن ڏسڻ سان حياتيون ملن.
اچڻ جو اسان تي ڪرين جي ڪرم،
ڪرم جا ڀرم سڀ رهجي اچن.
تون آزاد آزاد آزاد ٿي،
جي سنڌڙي اٿين تہ ميلا مچن.
سڄو جڳ جاڳي انڌيرا کٽن،
باکون ڦٽن ۽ اميدون اٿن.
وري راڳ ملھار ڳائي ڀٽائي،
ڪارونجهر ۽ ڪينجهر ٻهڪن ۽ مهڪن.
اٿو ديس واسيو، پره پئي ڦٽي،
ساوڻ پيو گجي ۽ سڏي پيو وطن.
سڏي پيو چوي پيو، چوي پيو وطن،
اٿو ديس واسيو، جيئن ويڙها وسن.
دوها
رات اونڌاهي جهنگ اڻانگو، وک وک تي آ پوريل بم،
وڻ وڻ ۾ آ لاش ٽنگيل، پن پن تي آ ماڻھو چم.
*
باھہ ٻري ٿي جاءِ جلي ٿي، گهر ڊهن ٿا ٻار مرن ٿا،
جيءَ جهرن ٿا ڏيل ڏرن ٿا، نيٺ تہ ماڻھو پوءِ وڙهن ٿا.
*
هڏ هماليه هوڏ هٺيلو، مور نہ مڃي هو ڪائي مات،
بم بندوقون بڻجون ڀالا، توڙي آڻيو قهري ڪات.
*
تن تنھا هو هٿين خالي، سامھون دشمن سوين سٿ،
موت کي ماري من اڻانگو، ڪين ڪري جو ڪائي ڪٿ.
*
جهول ڀري ڪو ڪرڻن جا اڄ، ست سنڌ جاڳائي پيو،
شايد سنڌ جو آھہ لطيف، جو ڳلي ڳلي ۾ ڳائي پيو.
*
ڪا وک انوکي هوندي آهي، ڦوڪي ڦوڪي رکجي پير،
ڪڏهين ڪڏهين باھہ جو دريا، پار ڪرڻ ۾ ڪجي نہ دير.
*
تنھنجي ڪارڻ جيڪي نڪتا، هڏ انھن جا ٿي ويا چُور،
پريت تنھنجي پنڌ پري آ، تون اسان کان ڪيڏو ڏور.
*
هرڪو ڏاهو چريو ٿي پيو، چنڊ پکيڙيو ڪھڙو مند،
باک ڏني آ ساک اها، ڳل اوهان جا يورپ کنڊ.