شاعري

ڪاڇي مٿان ڪونج

ھن ڪتاب ۾ تاجل بيوس جا نثري نظم/ٽڪرا شامل آھن. تاجل بيوس لکي ٿو تہ ”شيخ اياز موجب نثر جا اهڙا ٽڪرا جن ۾ ڪافيو، رديف ۽ وزن ڀلي نہ هجي پر پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ تي جيڪڏهن شعر وارو تاثر ٿا ڇڏين تہ انھن کي نثري نظمون چئبو“. هن ڪتاب جا نثري نظم 1984ع ۽ 1988ع واري عرصي ۾ لکيا ويا آهن. ڏاڍ، جبر ۽ ناانصافي جي دور ۾ تاجل بيوس جا هي نثري نظم بہ گولين جي ٺڪاوَن ۽ بمن جي ڌماڪن ۽ دونھين ۾ جنم وٺندا رهيا آهن.


  • 4.5/5.0
  • 24
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڪاڇي مٿان ڪونج

سنگم پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر 35

ڪتاب: ڪاڇي مٿان ڪونج
شاعر: تاجل بيوس
ترتيب: ڪرم الاهي چنا
ڪمپوزنگ ۽ پيج ميڪنگ: ڪرم الاهي چنا
پبلشر: سنگم پبليڪيشن
ڇاپو پھريون: 1990
:
ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

ارپنا

استاد مھربان الھندي جتوئيءَ جي نالي
جيڪو ادب جي دنيا ۾ مون کي بڙ جو گهاٽو وڻ، ۽ مان سندس هيٺان پاڻ کي هڪ ننڍڙو مينديءَ جو ٻوٽو سمجهندو آهيان.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر تاجل بيوس جي نثري نظمن جو مجموعو ”ڪاڇي مٿان ڪونج“ اوهان اڳيان پيش آهي.
تاجل بيوس لکي ٿو تہ ”شيخ اياز موجب نثر جا اهڙا ٽڪرا جن ۾ ڪافيو، رديف ۽ وزن ڀلي نہ هجي پر پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ تي جيڪڏهن شعر وارو تاثر ٿا ڇڏين تہ انھن کي نثري نظمون چئبو“. هن ڪتاب جا نثري نظم 1984ع ۽ 1988ع واري عرصي ۾ لکيا ويا آهن. مون ڏٺو تہ منھنجي چوڌاري ڪُئَا ڪئا ڪر ڪڍي ساڻيھہ جي ڌرتيءَ ۾ سرنگهون جوڙي رهيا آهن، ذاتي مفاد خاطر اجتماعي ۽ قومي مفاد قربان پيا ٿين. انسان جي رت ۽ هڏن جي حفاظت ڪرڻ بدران سندس کل کي اُڊيڙيو ٿو وڃي، انگولا ۽ ڪانگو جي رهواسين جيان ماڻھن جي چپن ۾ ٽنگ ڪڍرائي مٿن تالا لڳايا پيا وڃن، سچ کي ڏوهي ڪوٺي کيس زندانن جي برجن تان اڇلايو پيو وڃي، علم کي عذاب ڏئي رت- ڪڙاين ۾ ڪاڙهيو پيو وڃي، ڏاهپ کي زهر وسيلي ماريو پيو وڃي، ماڻھن کي ارغوني دور جي نصرپورين جيان هاٿين جي ٽنگن سان ٻڌرائي لتاڙيو پيو وڃي ۽ ڏاتارن کي ڦاهين تي چاڙهائي ڌرتيءَ کي ڌوڏيو پيو وڃي، تڏهن منھنجا هي نثري نظم بہ گولين جي ٺڪاوَن ۽ بمن جي ڌماڪن ۽ دونھين ۾ جنم وٺندا رهيا آهن.“
ھي ڪتاب 1990ع ۾ سنگم پبليڪيشن، ڪراچي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون تاجل بيوس جي فرزند ۽ تاجل بيوس اڪيڊميءَ جي سرواڻ سليم تاج جا جنھن ھي ڪتاب سنگم پبليڪيشن جي سرواڻ ڪرم الاھي چنا جي مدد سان نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پڪا رڇ ڪنڀار جا : تاجل ”بيوس“

سڄي ڌرتي شاعر جو ديس هجي ٿي. پر نہ هر ڪنھن شاعر جو. هيءَ ڌرتي انھن شاعرن يا تخليقڪارن جو ديس ٿي سگهي ٿي. جن شاعرن ماڻھو، فطرت ۽ هن پوري ڪائنات جي سندرتا ۽ اهميت جو راز معلوم ڪري ورتو هجي. ان راز معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ شاعر کي پنھنجون اکيون ڪئميرا بڻائي هن ڪائنات جي ذري پرزي جي تصوير ڪڍي، ذهن جي پردن تي لڳائڻي پوي ٿي. ڪنھن بُٺَ تي بيٺل ڪنڊيءَ جي وڻ توڙي ڪنھن واهيءَ مٿان نم تي چڙهيل گلورول جو پاڙن کان وٺي چوٽيءَ تائين مشاهدو ٿو ڪرڻو پوي. درياءَ جي ڪپ تي وڻن جي قطارن توڙي ڪنھن جبل تان لھندڙ گڊَ جي ڇلانگن جي تصوير ڪڍڻي ٿي پوي. هاڻوڪين حالتن کي تاريخ جي هر باب سان ڀيٽي، ماضي ۽ حال جي وچ ۾ پُلِ جوڙڻي ٿي پوي- ڌرتيءَ تي قانون جي آڙ ۾ سماجڪ اصولن کي نظر انداز ڪري اصلوڪن رهواسين جي استحصال جا سبب معلوم ڪرڻ ۽ معاشري مان ان قسم جي سماجي بدصورتيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو نہ ڪو علاج ڳولھي لھڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻي ٿي پوي. ڪاٺوڙ کان مڊوي جي مسجد بلال تائين غير مقامي ماڻھن کي اُتان جون زمينون ڀڳڙن مٺ تي ڏيڻ ۽ ڪراچيءَ جي اصلوڪن رهاڪن کي ريڊ-انڊين بڻائڻ کان وٺي ڏکڻ آفريڪا جي ڪاري نسل وارن سان گوري سرڪار جي امتيازي سلوڪ بابت سڌ سماءُ رکڻ هڪ شاعر لاءِ ضروري ٿيو پوي. ڪامل ۽ مھان شاعر ٿيڻ لاءِ جيڪڏهن ائين نہ هجي ها تہ پوءِ هن ڌرتيءَ جو مھان ڪوي ڀٽ- ڌڻي لاکي ڦلاڻي، سپڙ سخي، جادم جکري، ابڙي سردار، راءِ کنگهار، جاڙيجن، جسودن، کاهوڙين ۽ کيڙائن جو لنڪا تائين لوچڻ، سخي مردن جي سخاوتن، معاشري مان اقتصادي اڻ- برابري ختم ڪرڻ واري جاکوڙ ۽ هن سائي ۽ سکر سنڌ تي ڌارين جي غير انساني روين تي نور نچوئي اسان لاءِ هيڏو وڏو رسالو نہ ويھي لکي ها-
وقت جي شاعرن ماڻھو ۽ سندس وجودي وٿن کي پروڙي جڏهن قلم کنيو آهي تہ سندن سٽون امر ٿي ويون آهن- ان لاءِ ضروري ٿو ٿئي تہ اُهي تخليقڪار ابن، ڏاڏن کان وٺي پنھنجن ماڳن ۽ مڪانن سان واڳيل رهيا هجن. جيڪڏهن ائين آهي تہ کين پاڻ جھڙو ماڻھو تہ ڇا پر هر وڻ، هر ٻوٽو بہ جيئرو جاڳندو نظر ايندو. ڪنھن وڻ جي گلن- پنن سان جنجهيل ٽاري پٽڻ کان اڳ ۾ هُو سوچڻ تي مجبور ٿيندا تہ اها ٽاري وڻ مان پٽجي يا نہ. اها ٽاري سندن هٿ ۾ سھڻي لڳندي يا اُن وڻ ۾. ٽاريءَ پٽڻ سان ڪھڙو مجموعي يا قومي ڪارج سرندو وغيره.
سرنھن جي پيلن کيتن جو پسار ڪندي، يا ڪنھن ڍنڍ جي ڪناري تي نيلوفر ۽ ڪنول جي اڻ کٽندڙ گلن جو رقص ڏسندي، اتان جي ڌرتيءَ ڄاين جو نيڻ، نيڻ ٺري پوندو ۽ ائين ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ مان اُڀريل سلا، ٻوٽا، وليون ۽ وڻ کين ماڻھن جھڙا ئي پيارا ۽ مٺڙا لڳندا. هن ڏس ۾ والٽ وٽمن، رچرڊ لي وئلن، ييسسنن، ڀرتري، آسڪر وائلڊ، گورڪي، حمزو رسول، جبران ۽ شيخ اياز ماڻھو ۽ ڌرتيءَ جي سندرتا جون سرحدون ڇُھي، چڱو خاصو ڇيھہ ڪيو آهي.
مون مٿي چيو آهي تہ هيءَ ساري ڌرتي شاعر جو ديس آهي. وٽس رنگ، نسل ۽ ڌرم جو ڪو بہ وڻج- واپار نٿو ٿئي. انھن ٽنھي وڙن مان جو وڙ جنم وٺي پنھنجي سونھن ۽ سندرتا سان سندس ذهن تي قابض ٿئي ٿو اُهو آهي ماڻھوءَ جو ڪردار، جيڪو علم، ادراڪ ۽ شعور کان اڏام حاصل ڪري عمل جون منزلون طئي ڪري اسان وٽ پھچي ٿو- ان لاءِ وري بہ مان ائين چوندس تہ ان قسم جو سڦلو ڪردار اُهو ئي پيش ڪري سگهي ٿو جيڪو پنھنجن ماڳن ۽ مڪانن ۾ ابن-ڏاڏن کان رهندو اچي ٿو ۽ رهڻ جو احساس رکي ٿو ۽ نہ ڪالھہ ڪالھوڻيءَ آيل غير مقامي ارغونن ۽ ترخانن جھڙا انساني بستين ۾ نقاب پوش ٽولا، جن وٽ هتان جي وستين، وٿاڻن ۽ وڻن واهيرن کي تہ ڇڏيو، پر انسان جي رت ۽ ماس لاءِ بہ عزت ۽ احترام ڪونھي. جيئري جاڳندي ۽ چرندڙ پرندڙ انسانن تي تيل هاري، تيلي ڏئي ساڙڻ کان وٺي مورڙي ۽ روپي ڪولھيءَ جي ڌرتيءَ کي گدرو سمجهي ڦارون، ڦارون ڪرڻ تائين وارو عمل هڪ طرف سندن جسم تي ڪتڪاڙيون ٿو ڪڍي تہ ٻئي طرف مقامي ماڻھن کي ٽلٽي ۽ ننگر ٺٺي جا 928 هجريءَ وارا منظر ٿو ياد ڏياري. مان ڏسان پيو تہ هن امن ۽ آتشيءَ جي ڌرتيءَ تي مريدڻ جَتُ (ا) ۽ راءِ کنگهار (2) وري جنم وٺي رهيا آهن. هڪ ٺٽي جي بازار مان هٿ ڊگهيري مرزا صالح کي درخواست پيش ڪري رهيو آهي تہ ٻيو نيرڙي ٽيپھريءَ جو جبلن جي قطارن ۾ سج جي ٽٻي وڃڻ جو انتظار پيو ڪري.
مٽي ۽ ماڻھوءَ جو رشتو ايڏو تہ عظيم ۽ احترام جوڳو ٿو ٿئي جو هند جي ڪوي نارائڻ شيام جي لاڏاڻي ڦيراٽيون ڏئي ڇڏيون آهن. مون کي گهاٽي بڙ جو ڏار ٽٽندي محسوس ٿيو آهي. ڪالھہ تائين اسان ٻنھي ساڳين ئي ولين جو واس پئي ورتو هيو. ساڳن ئي پکين جي اُڏام ٿي ڏٺي ۽ هوا جي ساڳن جهُوٽن اسان جو پگهر ٿي سُڪايو. وسڪاري کانپوءِ اولھہ کان جڏهن سورج ديوتا انڊلٺ واري ڪمان تاڻيندو آهي تہ تاڙو تنوارڻ لڳندو آهي- ڪالھہ تائين ان ساڳي تاڙي جا نغما ڪڏهن شيام ٿي ٻڌا تہ ڪڏهن ان تاڙي کي مٿان اڏامندي مون ٿي ڏٺو. منھنجو پختو ايمان آهي تہ هٿرادر قائم ڪيل پابنديون، سرحدون ۽ خاردار تارن جا لوڙها پکين جي آڏام، ولين جي واس ۽ هوا جي جهوٽن کي اسان کان
ڪڏهن بہ نٿا روڪي سگهن.
اتم، هري موٽواڻي، هيرو ٺڪر ۽ موتي پرڪاش منھنجا ڀائر آهن. اسان جو نيپاج هڪ ئي ماءُ جي ٿڃ سان ٿيو آهي. بينجامن ۽ لورڪا اسان کان ڌار نٿا ٿي سگهن. لورڪا جو رتائون لاش ڌرتيءَ سانڍي رکيو آهي- ڀڳت سنگهہ جي جسم جي رک ستلج ۽ سنڌوءَ جي ڌارُن سان گڏ وهندي وهندي سمنڊ داخل ٿي چڪو آهي، جيڪا هاڻي ڪائنات جي وسعتين ۾ پکڙجي وئي آهي. مون ڏٺو هو تہ هڪ ٽاريءَ تي ٻہ گل ٽڙي، ڇڻي مٽيءَ ۾ رلجي ملجي ويا هئا ۽ کين جڏهن ڪاريگر چَڪَ تي چاڙهيو هو تہ هن ننڍي کنڊ جا ٻہ مھان سرجڻھار ٿي پيا هئا.
مون پنھنجي ڪتاب “انبن جهليو ٻور” ۾ ڇپيل سمورن هڪ سو سٺ نثر جي ٽڪرن کي شاعراڻو نثر ڪوٺيو آهي ۽ هاڻي کين نثري نظم پيو چوان. اهو لقماني نسخو مونکي شيخ اياز وٽان هٿ آيو آهي، جنھن ٻڌايو تہ نثر جا اهڙا ٽڪرا جن ۾ ڪافيو، رديف ۽ وزن ڀلي نہ هجي پر پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ تي جيڪڏهن شعر وارو تاثر ٿا ڇڏين تہ انھن کي نثري نظمون چئبو. مون اياز جي ان حقيقت کي دل سان قبولي فقط اهو اضافو ڪيو آهي تہ اهڙي تخليق فقط شاعر ئي ڪري سگهن ٿا. هاڻي مان ”انبن جهليو ٻور“ ۾ ڇپيل ۽ منھنجي هن ڪتاب “ڪاڇي مٿان ڪونج” ۾ ڇپجندڙ تخليقن کي نثري نظم ٿو سڏيان.
مٿي ڄاڻايل ٻنھي ڪتابن جون تخليقون1977ع کان وٺي 1988ع تائين جنم وٺنديون رهيون آهن. هن ڪتاب جا نثري نظم مون 1984ع ۽ 1988ع واري عرصي ۾ لکيا آهن. مون ڏٺو تہ منھنجي چوڌاري ڪُئَا ڪئا ڪر ڪڍي ساڻيھہ جي ڌرتيءَ ۾ سرنگهون جوڙي رهيا آهن، ذاتي مفاد خاطر اجتماعي ۽ قومي مفاد قربان پيا ٿين. انسان جي رت ۽ هڏن جي حفاظت ڪرڻ بدران سندس کل کي اُڊيڙيو ٿو وڃي، انگولا ۽ ڪانگو جي رهواسين جيان ماڻھن جي چپن ۾ ٽنگ ڪڍرائي مٿن تالا لڳايا پيا وڃن، سچ کي ڏوهي ڪوٺي کيس زندانن جي برجن تان اڇلايو پيو وڃي، علم کي عذاب ڏئي رت- ڪڙاين ۾ ڪاڙهيو پيو وڃي، ڏاهپ کي زهر وسيلي ماريو پيو وڃي، ماڻھن کي ارغوني دور (3) جي نصرپورين جيان هاٿين جي ٽنگن سان ٻڌرائي لتاڙيو پيو وڃي ۽ ڏاتارن کي ڦاهين تي چاڙهائي ڌرتيءَ کي ڌوڏيو پيو وڃي، تڏهن منھنجا هي نثري نظم بہ گولين جي ٺڪاوَن ۽ بمن جي ڌماڪن ۽ دونھين ۾ جنم وٺندا رهيا آهن.
هڪ لنڱا مون شيخ اياز سان ڪتاب جي ڇپائڻ واريون تڪليفون ۽ مسئلا ڇيڙيا هئا. ٻڌايو مانس تہ ڦلاڻو ادارو ٻہ-چار اشتھار پيو گهري. اياز وراڻيو هو. خبردار! متان اشتھارن وسيلي دهل جي ڏئنڪي تي ماڻھو ڪٺا ڪري پنھنجيءَ شخصيت کي چمڪائڻ جي جنون ۾ پنھنجي فن سان ويساھہ گهاتي ڪري پاڻ کي نقصان رسائين. اڃان ان ٻڏ-تر ۾ هيس تہ مون وٽ نظام عباسي اچي سھڙيو. ايندي چيائين تہ رابيل پبلشنگ هائوس طرفان هو منھنجون ڪھاڻيون ۽ نثري نظم ڇپائڻ ٿو گهري. رابيل (ڌرتيءَ جي اُرھہ تي اُڀريل ستارا) جو نالو ٻڌي، مون ڪتاب جو مواد نظام عباسيءَ جي حوالي ڪيو. وڏيءَ جاکوڙ کانپوءِ (نظام جي گهٽ دلچسپيءَ ڪري) مس وڃي ڪتاب جي پيسٽنگ وارو مرحلو طئي ٿيو ۽ هاڻي ڪتاب ٽن-چئن ڏينھن ۾ اسان جي هٿن تائين پھچڻ
وارو هو جو خبر پئي تہ نظام صاحب ”اڳواڻ“ اخبار جي اشاعت لاءِ وڃي لاڙڪاڻي جا وڻ وسايا ها. سندس اخبار مِني پلانٽ وانگر نہ، پر شل کجيءَ جي وڻ وانگر قداور ٿئي!
مون واري خام مال کي ڪتابي شڪل ڏيڻ لاءِ اسان (مون ۽ ف-م لاشاري) جي اشتراڪي دوست نظام الدين انصاريءَ (هلال پاڪستان) جي ڀڄ ڊڪ ۽ سندس روحاني دلچسپي وسارڻ سان بہ نہ وسرندي. هن ڏس ۾ وري بہ سنگم جي سرواڻ ڪرم الاهي چنا اچي ڪلھو اٽڪايو ۽ مواد لبرا ڪمپيوٽر وارن جي حوالي ڪيو ويو.
هاڻي اسان جي مصور ۽ ٿَڪُ ڀڃي لکندڙ تخليقڪار قربان جعفري جا ٻہ جوان پٽڙا ارشد ۽ اعجاز منھنجي ڪتاب “ڪاڇي مٿان ڪونج” کي ٽائيٽل ڪور سميت پنھنجي ڪمپيوٽر تي ‎‎ڪمپوز ڪري رهيا آهن. جيئن ڪنڀار چڪ تي مٽيءَ چاڻا رکي گهڙا جوڙيندو آهي. نصيب چڱا هوندا تہ نثري نظمن جو هي ڪتاب ٻہ ”انبن جهليو ٻور“ وانگر جنم وٺي اجهو ٿو اسانجي هٿن تائين پھچي.


تاجل ”بيوس“
اي-٣‏ پايونير هومز
ڪي-ڊي-اي اسڪيم ‎٣٣
سپر هاءِ وي، ڪراچي.

_______________
(1) مريد جت ٺٽي جي ڀريءَ بازار ۾ گهوڙي چڙهيل حڪمران مرزا صالح ترخان کي درخواست ڏيڻ جي بھاني سان پيٽ ۾ ڇري هڻي ماريو هو ڇاڪاڻ تہ مرزا جي حويليءَ ۾ نوجوان ڇوڪريءَ جي داخل ڪرڻ واري انڪار تي هُن مريد جَت جي قبيلي جا ماڻھو مارايا هئا.
(2) ڪڇ جو راجا راءِ کنگهار سج لھڻ جو انتظار ڪندو هيو جيئن هو رات جي انڌاري ۾ ارغوني لشڪر تي ڪاميابيءَ سان راتاها هڻي کين وڌ ۾ وڌ قتل ڪري مقامي ماڻھن کي آزاد ڪرائي سگهجي.
(3) ٺٽي جي ظالم حڪمران مرزا محمد باقيءَ (1566-1584ع) نصرپور جي بي قصور ماڻھن کي هاٿين جي ٽنگن سان ٻڌرائي کين چيٿاڙي مارايو هو ۽ عورتن جون ڇاتيون وڍرايون هئائين.

حصو پھريون

جڏهن پاڻيءَ جو‏ فرشتو پاڻيءَ بابت‏ ابتدائي هدايتون وٺي رهيو هو، ان وقت هڪ ٻڍڙو سنڌوءَ ۾ ٻيڙي هلائي رهيو هو.

 

صابرہ ۽ شتيلا ڪوس - گهرن جون خبرون پڙهي، موهن ڪلپنا(1) جا لفظ ياد اچي ويا: ”ڪاش! هر هڪ ملڪ جون واڳون مائرن کي ڏنيون وڃن.“

___________
(1) ننڍي کنڊ جو برک ليکڪ
 

مان توکي هن ٻيلي مان هڪ وڻ بہ وڍڻ نہ ڏيندس، تو کي خبر ناهي تہ پٽيھل(1) ۾ پاڻي آيو آهي ۽ مونکي انھن وڻن مان ٻيڙيون جوڙائي، ماڻھو پار اڪارڻا آهن.

 

اي دوست! لکڻ ڇڏي ڏيان، سا ڳالھہ منھنجي وس ۾ ناهي، غور سان ڏسندين تہ منھنجي قلم جي توکي زبان بہ ڏسڻ ۾ ايندي، نہ ٿو لکان تہ قلم شور ٿو ڪري.

_________
(1) سنڌ جو هڪ ڦٽل درياھہ
 

شام، شام ۽ صبح، صبح هوندو آهي. منھنجي زندگيءَ جي اها پھرين شام هئي، جا مونکي هر صبح کان وڌيڪ روشن ۽ حسين لڳي هئي. اها شام، جڏهن صدين جي غلاميءَ کانپوءِ چنڊ پھريون دفعو منھنجي آزاد وطن مٿان کڙيو هو.

 

جڏهن بازنطينن(1) اٿينس کي تباھہ پئي ڪيو. تڏهن تاريخدانن جي هٿن ۽ باھہ جون اماڙيون ڏٺيون ويون هيون، جڏهن پيريڪلس(2) اٿينس کي ٻيھر تعمير ٿي ڪيو تڏهن شاعرن سرن جا ڪارب ۽ سنگتراشن لاءِ ڇيڻيون ٿي جوڙيون.

______________
(1) 487 ق.م ۾ بازنطينن يونان جي شھر اٿينس کي تباھہ ڪيو هو.
(2) اڏاوتن جو ماهر ۽ هڪ عظيم انجنئير جنھن 433 ق.م ۾ اٿينس کي ٻيھر تعمير ڪيو.

 

برهما هڪ هٿ ۾ پاڻيءَ جو وٽو ۽ ٻئي هٿ ۾ ساوا پن کڻي آيو هو. تون ماڻھو آهين ۽ پوءِ بہ هڪ هٿ ۾ بندوق ۽ ٻئي هٿ ۾ هٿ- ڪڙيون کڻي آيو آهين، برهما ۽ تو ۾ ڪيڏو نہ فرق آهي!

 

باھہ ٻري، ٻري وسامي ويندي آهي. هتان اچي بيھہ تہ توکي ان باھہ جون ڄڀيون ڏيکاريان جا بئنسري وڄائيندي “نيرو” ٻاري ويو هو.

  

ڏکڻ آفريڪا جي شاعر بنجمن مولائزي جي ڦاسيءَ تي چڙهڻ کانپوءِ مون محسوس ڪيو هو تہ ڪن، ڪن مائرن جو وجود ڌرتيءَ جي گولي کان بہ وڏو ٿيندو آهي.

 

اهي سڀ وڻ ڪپي، ڀلي وڃي گهر جوڙاءِ، پر هن هڪ وڻ جي مان تو کي ٽاري بہ ڪپڻ نہ ڏيندس ڇاڪاڻ تہ هن وڻ هيٺان ويھي ڀٽائيءَ سر ڏهر لکي تيار ڪيو هو.

 

هڪ دوست چيو:
”اڄ ڪا اهڙي نظم ٻڌاءِ جنھنکي ٻڌڻ سان پيٽ ڀرجي وڃي.” مون گهر کان ٻاهر هڪ دڙي تي بيھاري پنھنجي دوست کي کيتن ۾ لڏندڙ ٻاجهريءَ جا سنگ ڏيکاريا.

 

ٿورو هتان اچي بيھہ تہ توکي ماڻھوءَ جي سونھن جون جهلڪون ڏيکاريان. هو ڪارو شيدي ڏس، جيڪو پنھنجن هٿن سان پوکيل کيت کي، پاڻ لڻي رهيو آهي.

 

دل ٿي چاهيو تہ ڪائنات جي ڪنھن وڏيءَ شيءِ تي ويھي لکان! اڃان ان ٻڏتر ۾ هيس تہ ڪڇ تي
ڪينگر لسيءَ جو ۽ مٿي تي ٿھو مانين جو کڻي منھنجي سامھون هڪ ڳوٺاڻي اچي لانگهائو ٿي.

 

مان جڏهن مومل ۽ سندس جوانيءَ تي لکي رهيو هيس. ان وقت هڪ ٻڍڙي سنڌوءَ مان پاڻي ڀري رهي.

 

تو غلطي نہ پر گناھہ ڪيو آهي. رابيل جا ٻوٽا پٽبا ناهن، پوکبا آهن. حضور جن تہ مانيءَ سان گڏ خوشبوءِ جو بہ تاڪيد ڪيو هو.

 

موت روح کي منھنجي جسماني آکيري مان تڙي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو هو، منھنجو روح، عالم ارواح ۾ ڀٽڪي رهيو هو.
هڪ روح پڇيو:
”تو روحن جي ديس ۾ اِهي گلن جا ھار ڪٿان آندا آهن؟ ۽ هان تون تہ روح آهين، هنن گلن سان تنھنجو واسطو بہ ڪھڙو”!
مون جواب ڏنو:
”اڄ خليل جبران جي ڄمڻ جو ڏينھن آهي. ٻڌو اٿم تہ سنڌ ۾ ڀٽائيءَ جو مجسمو جوڙيو ويو آهي، جنھن کي آءُ ڳولھڻ لاءِ نڪتو آهيان، جيئن داخل ٿي، خليل جبران کي هار پارائي سگهان.

 

ڪنھن بہ امر تخليق کي جڏهن پھريون دفعو ڪو عظيم فنڪار ڳائيندو آهي تڏهن اها تخليق مائيڪل ائنجلو جي اُن مجسمي وانگر ٿي پوندي آهي جنھن ۾ پھريون دفعو انسان جو روح داخل ٿي رهيو هو.

 

جڏهن ڪو ڌاريو سنڌ جي سرحد اورانگهي، اندر ٽپي ايندو آهي ان وقت منھنجو قلم سنگين کان تيز ۽ بندوق کان ڳورو ٿي پوندو آهي.

 

تنھنجي خواهش؟
”غربت ملي وڃي تہ جيڪر گهٽا ڏئي ماري ڇڏيانس.”

 

شام ويلي هڪ ڏهر ۾ منھنجي رستي مٿان منڃر سان جنجهوريل ٽاريءَ تي‏ ٻہ پکي چھنب، چھنب‏ ۾
ملائي پيار ڪري رهيا هئا. مان رڪجي، بيھي رهيس ۽ کٻڙ جو ٿڙ اوٽ ڪري، ان پيار ۽ امن جي مظاهري کي ڏسندو رهيس ايستائين جو اهي پکي سڄي ڏينھن جو ٿڪ لاهي. اڏاڻا هليا ويا.

 

جڏهن زنجير پئي گهڙيا، تڏهن ”سچ“ سر بازار رقص ڪيو هو.

 

تون پاڻ کي جيستائين ماڻھن ۾ گم نہ ڪندين، تيستائين توکي ڪيئن خبر پوندي تہ تون ڪيترو سفر ڪري ڪٿي پھتو آهين. ڏٺو نہ ٿي تہ قطرو جڏهن ساگر ۾ ملي ويندو آھي تہ پوءِ اهو قطرو بہ ”ساگر” ٿي ويندو آهي

 

مان رستي جي ٻنھي پاسن کان رابيل ۽ مينديءَ جا
ٻوٽا پوکي رهيو هئس تہ ايتري ۾ هڪ وردي پوش اچي سھڙيو جنھن جي ڪلھي ۾ رائفل لٽڪي رهي هئي. منھنجي رابيل جي چڪيءَ کي ٿڏو هڻندي چيائين:
”مان جيلخاني جو داروغو آهيان هي رستو جيلخاني جي قيدين جو رستو آهي. جتان قيدين کي ڦاسي- گهاٽ ڏانھن نيو ويندو آهي. توکي ڪھڙي کٽيءَ کنيو آهي جو باک ڦٽيءَ ويٺو رستو خراب ڪرين؟”
مون جواب ڏنو:
“مان تڏهن تہ گل پيو پوکيان.” هن رائفل جي قنداڪ سان منھنجن چڪين کي ڊاهڻ شروع ڪيو:
کيس چيم:
“اڄ تون مونکي رستي تي گل نٿو پوکڻ ڏئين، سڀاڻي جڏهن زندان بنا دروازن جي هوندا، ان وقت رستن تي تہ ڇا، تون‏ جيلخانن ۾ بہ ڪڻڪ جا تيلا بيٺل ڏسندين.”

 

تون بزدل اَن، تون گيدي آن، تون پٺتي موٽي وڃ تہ ٻيو ڪو اچي تنھنجي جاءِ والاري. مياڻيءَ جي ميدان ۾ پٺتي نھاريندڙ کي “بزدل” يا “کيدي” سڏبو آهي.

 

پڙهيو اٿم تہ شاعر ڏاڍو نازڪ خياليءَ کان ڪم وٺندا آهن. ها، اهو سچ آهي، پر ماضي بعيد جو. محبوب جي چپڙن کي جڏهن گلن جون پنکڙيون چيو ويندو هو ان وقت شاعر برابر نازڪ خيال هوندو هو. اڄ جو شاعر لوهر جي هٿوڙي، انجڻ جي ڦيٿن، فولاد جي چئنن تي لکي رهيو آهي، جنھنکي نازڪ خيال چوڻ، جيڪڏهن ناانصافي ناهي تہ زندگيءَ سان دوکو ضرور آهي.

 

رنگ گورو ڀلو يا ڪارو؟ رنگ, رنگ ٿيندو آهي، ڪا ڍنگ جي ڳالھہ ڪر.

 

هلاڪو سڪندر، مسواني، نيپولين، مدد خان جي تاريخ پڙهي، پڙهي اکيون پچي پيون آهن. هاڻي ڪنھن ”انسان” جي تاريخ پڙهڻ ٿو گهران.

 

تنھنجو آدرش؟ “سڄڻ ۽ ساڻيھہ.” ائين تہ ڀٽائيءَ چيو هو؟” مونکي ڀٽائيءَ کان ڌار ڇو ٿو سمجهين.”

 

جڏهن اوچتو ڪا سگهاري سٽ جڙي پوندي آهي تہ مان پنھنجو منھن کلي ڏيندو آهيان.”

 

مان ڪلھوڙڪي دور جو ٻروج ناهيان جو علم کي پٺي ڏيئي، ماڻھوءَ جي جسم جا ٻہ ٽڪر ڪري کيلاريانءَ مان تلوار جي زنگ لاهڻ بدران، ذهن تان زنگ لاهڻ جو قائل آهيان.

 

جيڪي هماليا جي چوٽيءَ ۾ پير ڦٻائي، ست سمونڊ اورانگهي آيا آهن تون ڀٽائيءَ جي انھن کاهوڙين کي رولو ۽ جادوگر پيو سڏين!

 

مڃان ٿو تہ هڪ هستيءَ کانسواءِ ڪنھن ٻئي جي پوڄا ڪرڻ ڏوھہ آهي پر ڇا ڪيان! سنڌ – ماتا جو ڪو منظر سامھون ٿو اچي تہ جهڪي ٿو پوان.

 

چون ٿا: راڻو جيڪو لڪڻ مومل جي پلنگ تي ڇڏي ويو هو سو اُٿلي پٿلي ڪاريھر ٿي پيو هو.

 

قديم رومين وٽ تھذيب جا ٽي اهڃاڻ هئا. ڊاک جي ول، زيتون ۽ انجير. سنڌ جي تھذيب جا بہ ٽي اهڃاڻ آهن. ڪڻڪ(ا) جو تيلو، ڪدوءِ(2) جيٍ‏ ول ۽ انب(3) جو وڻ.

____________
(1) جياپي جو اهڃاڻ. (2) موسيقيءَ جو اهڃاڻ. (3) قدامت جو اهڃاڻ.

 

توکي تنھنجين لکڻين تي سونو ٻلو ۽ مونکي جيل مليو آ ۽ تون پوءِ بہ منھنجن تخليقن کي سنڌوءِ جي حوالي ڪري رهيو آهين.

 

تنھنجو مستقبل؟ رب پاڪ ٿو ڄاڻي. سارتر تہ پاڻ چئي ويو آهي تہ ماڻھوءَ جو مستقبل ماڻھو ئي آهي.

 

هڪ ڏينھن منھنجي خدا سان ملاقات ٿي وئي گستاخيءَ جي‏ معافي وٺندي، هٿ ادب جا ٻڌي مون عرض ڪيو:
اي ڏيھن جا ڏاتار! تخليق جو بنياد وجهندي، جنھن انسان کي فضيلت جو مالڪ سڏي، کيس ملائڪن کان سجدو ڪرايو ويو. انھي انسان هٿان هڪ ٻئي پاڻ جھڙي انسان جي گردن مروڙجڻ جو مطلب تہ مونکي سمجهہ ۾ اچي ويو آهي پر ڪچڙيءَ ڄمار ۾ ماڻھوءِ جي ٻچڙي جي روح پرواز ٿيڻ وارو راز مونکي اڃان سوڌو سمجهہ ۾ نہ اچي سگهيو آهي. گردن جهڪائي مان پنھنجي پڇيل سوال جي جواب جو انتظار ڪري رهيو هئس تہ خدا تعاليٰ حضرت ازرائيل کي مخاطب ٿيندي فرمايو:
شتيلا ۽ صابرہ ڪئمپن ۾ ڪم اچي سگهندڙ ٻارن مان هڪ اهڙو ٻار بہ آهي جيڪو اڃان سوڌو ماءُ جي ڇاتيءَ مان ٿڃ پي رهيو آهي. وڃ، ان ئي حالت ۾ ڪم پورو ڪري هن ڪائنات جي خلقيندڙ کان
پنھنجي غفلتپڻي جي اچي معافي وٺ.

 

حصو ٻيو

منھنجي ساڻيھہ جو ڪو اهڙو هڪ بہ رهواسي توکي نہ ملندو جنھن کي تون شطرنج جو مھرو بڻائي، پنھنجي مرضيءَ سان اڳتي پٺتي، ساڄي کاٻي هلائين، منھنجي ديس ڏي اک کڻي نھارڻ وارا! سڀ کان پھريان توکي منھنجي سيني ۾ ٻرندڙ کوري مان گذرڻو پوندو، جيڪڏهن تون گذري سگهين، هنن منھنجن ٻانھن جي مينارن کي ڊاهڻو پوندو، جيڪڏهن تون ڊاهي سگهين. مون لاءِ نہ تون فرنگي ٿي سگهين ٿو ۽ نہ مان ئي تولاءِ رياست جووالي، جو تنھنجي جهوليءَ ۾ پنھنجو ملڪ اڇلائي ڇڏيان.

 

ترقي پسند جدوجھد سفر جي هڪ اهڙي موڙ تي پھچي ٿي جتي ڪاري رات ختم ٿي ٿئي ۽ کير جھڙو اڇو اجرو صبح ڦٽي پوي ٿو.

 

رگ ويد جي هڪ ڀڄن (انسان جو گيت) ۾ ڄاڻايل آهي تہ هيءَ ڪائنات پرش ديوتا جي جسم مان جڙي راس ٿي. هيراقلطيس(1) هن ڪائنات کي هڪ ابدي وحدت سڏيو آهي- علم حقيقت ۽ علم غيب کي سامھون رکي ئي توکي عمل جو رستو اختيار ڪرڻو آهي. مون کان پڇين ٿو تہ پوءِ تو کي مون وانگر چوڻو پوندو تہ اول مادو آهي ۽ پوءِ روح.

 

زندگي چئن مادي حقيقتن- ڪائنات، فطرت، سماج ۽ انسان- جي وچ ۾ آزاد اڏامندڙ هڪ هنج مثل آهي.

___________
(ا) يوناني فلسفي جنھن کي جدليات جو ابو سڏيو ويندو آهي.

 

شاعري هماليا جو جهرڻو نہ پر ٿر جي گرمي آهي جنھنجي شدت آسمان ۾ بادل پيدا ڪندي آهي جيڪي وارياسي تي ڀرٽ ۽ مرٽ کي جنم ڏيندا آهن.

 

جڏهن ٻن ڀٽن جي وچ ۾ ڪا ٿريلي ٻاجهريءَ جا سنگ لڻندي آهي اُن وقت منھنجن خوابن جي تعبير جي تصديق ٿيندي آهي.

 

علم ۽ عمل ۾ ڪھڙو فرق آهي؟
بس اهو تہ عمل مان “م” ڪڍي پويان رکو تہ علم بڻجي پوندو آهي جيڪو شعور جي دنيا ۾ هقيقت جو اولڙو آهي ۽ “م” کي “ل” جي اڳيان رکو تہ عمل بڻجي پوندو آهي جيڪو علم جو بنيادي ۽ واحد نڪتو آهي. ٍ

 

تون ڀلي مون تي بندوق هلاءِ، اها منھنجي شاعري ئي آهي جيڪا تنھنجي گوليءَ کي گل ۽ تلوار کي رابيل جي ٽاري بڻائي ڇڏيندي.

 

اي پٽ! تون رئين ٿو ڇو تہ مونکي پنھنجي ئي گهر ۾ قيد ڪري مٿان پھرو بيھاريو ويو آهي. تو اهو ڪڏهن سوچيو آهي تہ تنھنجي پوري ديس کي “زندان” بڻايو ويو آهي!

 

موت کان ڊڄي زندگيءَ کي موت جو غلام نہ بڻاءِ- اي مسافر! عدم جي سفر کي سفر نہ پر تڪڙن قدمن
کڻڻ کانپوءِ ٿڪ ڀڃڻ وارو عمل ڄاڻ- “مير” جي هن شعر کي پڙهي ڏس:
موت اڪ زندگي ڪا وقفہ هي يعني اَگي چلين گي دم لي ڪر.

 

داخلي ۽ اَنا جي دنيا ۾ رهڻ بدران مان خارجي ۽ انقلابي ٻوٽن جي آبياري ڪرڻ ۾ روحاني‏ خوشي محسوس ڪندو آهيان.

 

شاعريءَ جي رستي تي هلندي تون ٿڪجي ٿو پوين، مونکي ڏس، منھنجي هر کڄندڙ قدم ۾ حرڪت ۽ تازگي آهي.

 

منھنجا گيت اوهان کي اهڙي ماڳ تي رسائيندا جتي سرديءَ کان بچڻ لاءِ اوهانجي هٿن کي دستانا پھرايا ويندا. گرميءَکان اوهانجي هٿن کي مينديءَ سان رچايو ويندو ۽ هان، ڪلفن کي پگهاري، منجهائن بندوقن جون ناليون ٺاهيون وينديون جيئن انساني چھرن کي بدنما ڪندڙ ڏوهارين کي اوهان گولين سان اڏائي سگهو.

 

“مرڻ مونسين آءٌ” (ا) پڙهڻ سان هڪ، هڪ مڪالي ۾ مونکي سنڌو وهندي نظر آئي هئي. مون ڪتاب کي ٺپي، وري کولي پنھنجو سيس نوايو هو.

 

اي دوست! موت کان پوءِ مون سان ملڻو هجئي تہ مون کي عمر خيام سان ڪنھن مئخاني ۾ اچي ڳولھجانء، مان تو کي ٿر جي پسين ۽ پيرن ۾ بہ نظر اچي سگهندس.

______________
(1) سراج ميمڻ جو ناول

 

اي ناصح! مون کي تيستائين پيئڻ ڏي جيستائين منھنجي جيون جو پيالو هن سڄي هٿ ۾ جهليل مڌ جي پيالي وانگر ڇلڪي پوي.

 

موت نہ هجي ها تہ سقراط کي نئين زندگي ڪٿان ملي ها. جسم جو فنا ٿيڻ بقا جو پروانو وٺي ايندو آهي. ڏسين نہ ٿو تہ ڪيلاش جي برف کي پنھنجو وجود وڃائڻ کان پوءِ ئي پاڻيءَ جو روپ ملندو آهي.

 

منھنجي محبوبا! ڇا اهو ممڪن ناهي تہ اسين بادام جي ٻن گورن وانگر هڪ ئي کل ۾ رهون؟

 

تنھنجي شاعري تنھنجي مٺ ۾ ڀڪوڙيل وظيفي مان جنم وٺندي آهي ۽ منھنجي شاعري عوامي جدوجھد جي سيلاب مان.

 

لالبيگ (Cockroach) ۽ شھبيگ (ارغون) ۾ ڪھڙو فرق آهي! منھنجي لاءِ ٻنھي “بيگن” ۾ ڪو بہ فرق ڪونھي. ٻئي گٽر جي پيداوار آهن.

 

آزاديءَ کان اڳ منھنجي ڌرتي منھنجن پيرن کي ساڙيندي هئي. اڄ پھريون ڏينھن آهي جڏهن مان محسوس پيو ڪيان تہ ڌرتي منھنجن پيرن کي ٿڌاڻ بخشي رھي آهي.

 

انگولا ۾ آزادي گهرندڙ انسانن جي چپن ۾ سوراخ ڪڍي. منھن تالن سان بند ڪيا ويا هئا ۽ ڪانگو ۾ ڪاري رنگ جي انسانن جا هٿ ڪاٽيا ويا هئا. اچو، منھنجن گيتن کي ڳايو منھنجا گيت اوهان کي اهڙي ماڳ تي رسائيندا جتي سرديءَ کان بچڻ لاءِ اوهانجي هٿن کي دستانا پھرايا ويندا. گرميءَ کان اوهان جي هٿن کي مينديءَ سان رچايو ويندو ۽ هان، ڪلفن کي پگهاري، منجهائن بندوقن جون ناليون ٺاهيون وينديون جيئن انساني چھرن کي بدنما ڪندڙ ڏوهارين کي اوهان گولين سان اڏائي سگهو.

  

رات مون خواب لڌو آهي_ ڏسان ٿو تہ جنگي اڏن جاسوسگاهن ۽ ڦاسي- گهاٽن کي ڊاهي مٿانئن انساني رهائش گاهون جوڙيون پيون وڃن. بندوقن ۽ توپن کي سمنڊ حوالي ڪيو پيو وڃي ۽ فضا ۾ ڳيرا ۽ ڪبوتر اڏامي رهيا آهن. جڏهن جاڳيس تہ ماڻھن جون قطارون هٿن ۾ مشعلون جلائي بنجامن(1)، لورڪا(2) چي گويرا(3)‏ ۽ مخدوم بلال (4) کي سلامي ڏيئي رهيا هئا.

___________________________
(1) ڏکڻ آفريڪا جو آزادي پسند شاعر جنھنکي گوري سرڪار ڦاهي ڏئي ماري ڇڏيو.
(2) اسپين جو شاعر جنھنکي مارڻ کانپوءِ فوجن سندس لاش گم ڪري ڇڏيو هو.
(3) بوليويا جي آزادي لاءِ مارجي ويل گوريلا فوج جو اڳواڻ.
(4) ارغوني سرڪار طرفان گهاڻي ۾ پيڙهائي شھيد ڪرايل سنڌ واسي.

 

ارتقا جي سفر کي توکي مڃڻو ئي پوندو. اڳ جن ماڻھن فردوسيءَ لاءِ سونين اشرفين جون خرزينون آنديون هيون، اڄ سندن هٿن ۾ منھنجي شاعريءَ جا ڪتاب آهن.

 

مان مران تہ منھنجو لاش بندوقن جي موسيقيءَ تي شيخ اياز (1) جو نظم “ڳاءِ انقلاب ڳاءِ” ڳائي، پوءِ کڻجو.

_____________
(1) تخليقڪار جي پراڻين نظمن منجهان هڪ لافاني نظم

 

هي منھنجو گيت آزاديءَ جي هر محاذ تي هوا ۾ ڦڙڪندڙ ڳاڙهو جهنڊو آهي. تون چاهين تہ هن گيت کان تون بارود جو بہ ڪم وٺي سگهين ٿو.

 

تون ڀلي پنھنجو آب حيات ڳولھي اچ- منھنجو آب حيات زيتونن جي هيٺان وهندڙ اِجهو هن واهيءَ جو پاڻي آهي جيڪو مونکي هر وقت ملي سگهندو آهي ۽ هان، اهو ئي تہ پاڻي آهي جنھنکي گوريلا پنھنجن جامن ۾ وجهي گولين جا سرگرم ڇيڙيندا آهن.

 

اي دوست! اچ تہ غلام ملڪن جي غلام قومن کي ٻڌايون تہ چي گويرا گوريلا جنگين جون بادشاھہ نہ پر وطن عزيز کي سامراجي شڪرن جي چنبن مان آزاد ڪرائڻ لاءِ وڙهندڙ هر گوريلي جو “استاد” هو.

 

تون تہ پھاڙ جي چوٽيءَ تي‏ ويھي “انقلاب زنده باد” واري نظم لکي رهيو هئين، قلم کي پٿر تي رکي ڇا پيو سوچين؟ نظم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مان اُن نعري کي ٻڌي رهيو آهيان جيڪو سڀ کان پھريائين ڀڳت سنگهہ(1) بلند ڪيو هو (انقلاب زنده باد، انقلاب زنده باد)- جيڪو اڃان بہ فضا ۾ گونجي رهيو آهي.

__________
(1) انگريز سرڪار جي خلاف وڙهڻ جي ڏوھہ ۾ ڀڳت سنگهہ کي 1931ع ۾ ڦاسي ڏئي قتل ڪيو ويو هو.

 

تنھنجو ديس؟
هڪ خوبصورت حقيقت.

 

تنھنجو ڪو خاص ڪردار؟
قسمت کان نفرت ۽ عمل سان دوستي.

 

هڪ انقلابي پنھنجن آدرشن سان قلمي محاذ کان وٺي جنگي محاذن تائين ٻڌل رهندو آهي.

 

منھنجو ڏوھہ اِهو آهي جو مان جنھن بہ پاڻيءَ ۾ خاموشي ۽ جمود ٿو ڏسان اُن پاڻيءَ ۾ پٿر اُڇلائي، لھرون ٿو پيدا ڪيان.

 

تنھنجو اِهو چوڻ غلط آهي تہ ڀٽائي شاعر هو ان ڪري مان بہ شاعر ٿي پيو آهيان. ٻڌي ڇڏ تہ مون کي شاعر بڻائڻ وارو هڪ وقت آهي ۽ ٻيون حالتن ٻين لفظن ۾ زمان ۽ مڪان، ڪکن ۽ ڪاٺين کي تيلي ڏيڻ کان پوءِ ئي تہ باھہ ڀڙڪو کائي ٻرندي آهي.

 

ڪاش! انگريز ننڍي کنڊ ۾ نہ اچن ها. پر جي آيا تہ پاڻ سان وليم ورڊ سورٿ کي وٺيو اچن ها.

 

20‏ جولاءِ 1988 ع جي سرمائي شام جو اسين ڪلفٽن کان سمنڊ جو نظارو ڪري رهيا هئاسين. ٻہ چار ڏينھن اڳ پنج ڳڀرو جوان سمنڊ ڳڙڪائي ويو هو. سمنڊ جي تڏا- ويڙھہ تي عقابي اک ڦيرائيندي مون چيو “سمنڊ ڇتو ٿي پيو آهي ۽ ڇتي جيان گگ پيو ڳاڙي” ور ي چيم
“محمد تغلق جي فوجن ٺٽي واري محاذ تان ڄام بابينو کان شڪست کائي گجرات طرف ڀاڄ کاڌي آهي ۽ ڇتڪتائي جي عالم ۾ هيسيل گهوڙيسوار شام ويلي ڪڇ مان اُڪري رهيا آهن”.
عطيه دائود چيو: “سمنڊ هن وقت سورنھن سالن جي مستاني الھڙ ڇوڪري پيو لڳي”. شيخ اياز چيو “اتڻ “سلڪ جا ٿان پيا کلن”.

 

ڀڳت سنگهہ(1) جي ڦاسي واري ماجرا پڙهندي، مون کي سندس چوويھن سالن واريءَ ڄمار هڪ صديءَ جي ڏک ڏني هئي. ان وقت انگريزن جي بادشاهيءَ تان سج لھڻ وارا عڪس ۽ اولڙا ڌنڌلا ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا هئا ۽ مون ڏٺو تہ انگلينڊ تي بہ چوويھن ڪلاڪن کانپوءِ ئي سج لھي رهيو هو.

___________
(1) ننڍي کنڊ جي آزاديءَ لاءِ فرنگي سرڪار خلاف وڙهڻ جي الزام ۾ 23‏ مارچ 1931ع جي شام جو ڀڳت سنگهہ کي ڦاسي ڏئي قتل ڪيو ويو هو. ان وقت سندس عمر 24 سال هئي.

 

23 مارچ‏(1) تي منھنجا ڪجهہ ساٿي ڀنگڙا رقص پيش ڪري رهيا هئا ۽ مان ستلج ڪناري ڀڳت سنگهہ جي لاش کي سلامي ڏيڻ لاءِ ماڌو لال حسين واري جٿي سان گڏ مارچ ڪري رهيو هيس.

____________
(1) ڀڳت سنگهہ ۽ سندس ٻن ساٿين کي ڦاسي ڏيڻ کانپوءِ راتو رات سندس لاش ستلج نديءَ حوالي ڪيو ويو هو جيڪا ڪاروائي ڦاسيءَ جي سڀني عالمي قاعدن خلاف سمجهي وئي هئي.

 

مان سامراجي قوت جون پاڙون اکيڙي رهيو آهيان ۽ تون ارغونن سان وفادار هئڻ لاءِ قاضي قاضن جي روايت کي ورجائي رهيو آهين. چون ٿا تہ پھرين مھاڀاري لڙائيءَ ۾ انگريزن کي شڪست کان بچائڻ لاءِ ننڍي کنڊ جي ست لک رنگروٽن مان ساڍا ٽي لک رنگروٽ- تڏهوڪي پنجاب مان ڀرتي ٿيا ها.

 

اي جلادو! هيءُ منھنجو ئي حڪم آهي تہ ڦاهيءَ جي هن ڦندي کي گردن مان ڪڍي، منھنجي گردن کي آزاد ڪيو وڃي جيئن منھنجا ديس واسي مون واري ڏيکاريل واٽ تي بنا خوف خطري جي هلندا رهن. ائين نہ ٿئي جو ايندڙ نسل اٿينس جي رهاڪن وانگر اوهان کي بہ قاتل نہ سڏي. اٿينس جا ماڻھو، جن يونان جي نوجوانن کي گمراھہ ڪرڻ واري ڏوھہ ۾ دنيا جي عظيم ڏاهي سقراط کي زهر پياري قتل ڪيو هو.

 

حصو ٽيون

اُربانو(1) ڪاوڙ ۾ اچي رائفل جو قنداڪ لولوءِ(2) جي مٿي تي وهائي ڪڍيو ۽ لولو اڦٽ مري ويو. ڪيوبا جي آزاديءَ کان پوءِ بوليويا جي آزاديءَ لاءِ چي گويرا جي اڳواڻيءَ ۾ گوريلا جنگ جو مون لاءِ هيءُ هڪ افسوسناڪ واقعو آهي جنھن کي نڪي مان وساري سگهان ٿو ۽ نہ وري اُربانوءِ کي معاف ئي ڪري ٿو سگهان- ۽ هان، چي(3) بہ تہ پنھنجي ننڍي قد واري گهوڙي جي ڪنڌ تي ڇري وهائي ڪڍي هئي!

___________________
(1) ۽ (2) چي گويارا جا ساٿي گوريلا، (3) چي گويرا کي سندس دوست پيار وچان چي سڏيندا هئا.

 

هي منھنجو ماڳ اٿئي- هتي زنجيرن ۽ پير- ڪڙين کي پگهاري ملين جا گيٽ ۽ هٿوڙا ٺاهيا ويندا آهن ۽ نہ ماڻھوءَ جي جسم ۽ پيرن کي پھرايا ويندا آهن. هيءُ منھنجو ماڳ اٿئي- هتي ماڻھوءَ جي اکين کي گلاب جي پاڻيءَ سان ڌوئي کين هالار جو سرمو پاتو ويندو آهي.

 

سچ پچ، اڄ مان ڏاڍو خوش آهيان- ايڏوئي خوش آهيان جيڏو ڪنھن تخليقڪار کي سندس تخليقن جي پھرئين ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ ٿيڻو پوندو آهي. سچ پچ، اڄ مان ڏاڍو خوش آهيان، ايڏو ئي خوش آهيان جيڏو رائيٽ برادران کي پکين سان گڏ پھريون ڀيرو هوا ۾ اڏامندي ٿيڻو پيو هو. سچ پچ اڄ مان ڏاڍو خوش آهيان، ڇاڪاڻ تہ پاڻ وڙهندي آزادي حاصل ڪرڻ کانپوءِ مان جنھن بہ ديسواسيءَ سان ڳالھايان ٿو اُهو مون وانگر مون واري ٻوليءَ ۾ ئي جواب ٿو ڏئي.

 

هٻڇي آهين ڇا؟ ڊڳڙيءَ مان چار گرهہ! مٽون تہ ڏس ڦاٽني ٿيون پيون!! ماني ٿو کائين يا مرلي ٿو وڄائين!!! بس ڪر، بلغاريا جي رهواسي جارجي ديمتروف جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب پيو پڙهان- ننڍن گرھن کائڻ سان اکيون ڪتاب تان هر، هر ٿيون هٽائڻيون پون. وڏا، وڏا گرھہ هڻي اکين کي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڪجهہ وڌيڪ وقت لاءِ پابند ٿو ڪرڻ گهران- ڇا ڪجي، ڪو ڪتاب ڪڏهن، ڪڏهن هٻڇي بڻايو ڇڏي!

 

پاڻيءَ کي فقط ٿاريلي ۽ صحرائي زمين تائين محدود نہ رک- پاڻي هر زمين، هر وجود کي ثبات ٿو بخشي.

 

هن صحرا ۾ هي ڪڻڪ جا تيلا! تون پوءِ بہ ڌرتي- ماتا کي ان- ماتا نٿو سڏين!!

 

مون هڪ تخليقڪار کان پڇيو: “تون ڪنھنجي لاءِ پيو لکين؟” چيائين: “انھن لاءِ جي اڃان هڪ صدي کانپوءِ ڄمڻا آهن.” مون کين ٻڌايو: مان اُنھن لاءِ پيو لکان جن کي مان هر وقت پنھنجين اکين سان ڏسي بہ سگهندو آهيان ۽ ڪنن سان ٻڌي بہ سگهندو آهيان- ۽ هان، مان پنھنجن لکڻين ۾ هر وقت موجود بہ تہ هوندو آهيان! ان ڪري مان ماضيءَ سان ڳنڍيل مستقبل جو مسافر آهيان.

 

جڏهن اوچتو ڪا سگهاري سٽ جڙي پوندي آهي تہ مان پنھنجي منھن کلي ڏيندو آهيان.

 

اي مغني! مون کان قلم کسي، مونکي جڏهن گونگي بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وڃي تہ پوءِ تون منھنجا گيت ديوارين ۽ رستن تي پڙهجانءِ.

 

منھنجي محبوبا! تنهجي گوري يا ڪاري هئڻ سان منھنجو ڪو بہ واسطو ڪونھي- اُها ڪا ٻي ڪشش آهي جنھن مونکي تنھنجو متوالو بڻايو آهي. جا آهي تنھنجي “نسوانيت”.

 

رات ٿيڻ ۾ اڃان ڏيڍ پھر کن هو- مونکي منھنجيءَ محبوبا چيو: اڄ تہ توکي رات ۾ پھچائي ڇڏيان.”
ائين چئي، هن مونکي زلفن جي خيمي ۾ بند ڪري ڇڏيو. مون کيس چيو تہ “هيءَ رات ڏينھن کان وڌيڪ روشن آهي! هتي تہ ڌرتيءَ جي گولي کان بہ وڏو سورج اُڀريل آهي!!”

 

مان ۽ منھنجي محبويا حسن واهڻ کان سنڌوءَ جي ڪناري پسار ڪري رهيا هئاسين. مونکي منھنجي محبوبا چيو:
“ائين پيو لڳي ڄڻ اسان اڳ بہ ڪيترن جنمن ۾ ملي چڪا آهيون.” مون وراڻيو: “ھائو، پنھنجو جنم اٿينس (يونان) ۾ بہ ٿيو هو، اٿينس- جتي سقراط جي پيالي مان سچ جو سورج اڀريو هو- جتي ڏات، ڏاهپ جو ڇٽ پھريو هو.

 

بکر وٽان بابر بادشاھہ جڏهن چار ٻيڙيون ٻوڙائي رهيو هو اُن وقت سنڌ جا ملاح سنڌوءَ ۾ اٺ ٻيڙيون لاهي رهيا هئا.

 

قديم وقت جا ماڻھو سج ۽ ساگر کي ان ڪري کين پوڄيندا هئا تہ سج ۽ ساگر سندن خلقڻھار هئا- هي تہ سندن پيار ۽ عقيدت جو هڪ طريقو هو. هنن پرکي ورتو هو تہ انساني زندگيءَ جي بقا جا سرچشما مٽي ۽ هوا سان گڏ سج ۽ پاڻي بہ ٿيندا آهن.

 

جوانيءَ جي لذتن ۽ مسرتن جو توکي ڪھڙو مثال ڏيان! ڇا اهو ڪافي ناهي تہ عورت جڏهن پوڙهي ٿيندي آهي، تڏهن هر جوان عورت کي نصيحتون ڪرڻ شروع ڪندي آهي!

 

اِن ڪتاب جي ورق، ورق تي دڙڪا ۽ دهمان تحرير ٿيل اٿئي، جيڪي تنھنجي ذهن ۽ شعور کي ڀنجر بڻاڻي ڇڏيندا- هن منھنجي ڪتاب جي ورق ورق تي محبت ۽ مسيحائيءَ جا نسخا لکيل آهن جيڪي تنھنجي ذهن ۽ شعور کي زرخيز ڪري ڇڏيندا.

 

اچ تہ توکي بہ هڪ حقيقت کان واقف ڪيان- رات مون خواب لڌو آهي- ڏسان ٿو تہ سقراط جي مجسمي سان ملندڙ جلندڙ هڪ قداور شخص منھنجي سامھون اچي بيٺو آهي. سندس هٿ ۾ هڪ وڏو ڪتاب هو ۽ ڪلھي ۾ لٽڪندڙ گودڙيءَ ۾ پيل شيون بہ مون کي ڪتاب ٿي لڳا ڇاڪاڻ تہ سندن ڪنڊون ٻاهر نڪتل هيون- چيائين: تون شاعر آهين- تون بہ اُٿ ۽ پنھنجي پاڙي وارن کي بہ اُٿار- اُٿو، مون اوهان لاءِ لازوال، سگهارا ۽ بي بھا تحفا آندا آهن جن کي پڙهي، پرجهي تازا توانا ٿيو. هي تحفا اوهان جي دلين تي جهل ۽ گمراهيءَ جون نہ پر علم ۽ عقل جون مھرون سبط ڪندا.

 

شعور کي جڏهن ڏات ملندي آهي تڏهن هر تخليق انھن سرمائي پٿرن جھڙي لڳندي آهي جن کي جهرڻن جي پاڻيءَ گسائي اچي مانسرور جي ڪنارن تي اڇليو هجي.

 

شيخ اياز چيو آهي تہ ڪو وقت هو جڏهن سنڌي مشاعرن مان ڪفن ۽ ڪافور جي بوءِ ايندي هئي- مان تڏهن تہ چوان ٿو ت اڄوڪي شاعريءَ مان ٻاجهريءَ جي ڍوڍي ۽ ڄانڀي جي پنن جي خوشبوءِ ٿي اچي.

 

اچ تہ ڌرتيءَ جي سونھن ڏسي وٺون- هن ڪڪوريل ڪرڙ ڀرسان ڏاڙهونءَ جا گل، هن ٻوڪيل انب کان نازبوءِ جي ٻوٽن تائين ڦلھيل رابيل جا ٻوٽا ۽ هن املتاس جي وڻ هيٺان دوشيزہ جنھنکي مالھڻ ٻانھن ۾ گجرا پارائي رهي آهي.

 

اورنگزيب ۽ سرمد ۾ فرق؟ اهو جيڪو ڍڳي ۽ ماڻھوءَ ۾ هئڻ کپي.

 

سچو شاعر ڪائنات جي سندرتا جا پروانا جاري ڪندو آهي.

 

تون شاعري ڀلي ڪر، پر شاعريءَ جي اُن موناليزا کي تخليق ڪرڻ جي ڪوشش ڪر جيڪا پنھنجي جوڀن ۽ جمال جي دنيا ۾ تو کي هر دفعي منفرد ۽ نرالي لڳي.

 

هي تو چيو آهي نہ؟ “اي دوست! سڀ نظريا ناسي رنگ جا هوندا آهن. رڳو زندگيءَ جو سونھري وڻ ئي سدائين سائو هوندو آهي.” دل ۾ نہ ڪجان جيڪڏهن مان سونھري لفظ تي منڌيئڙو پائي ڇڏيان.

 

توکي مادي کي روح تي ترجيح ڏيڻي ئي پوندي ڇو تہ مون وارو سچ قطعي ۽ معروضي آهي- جيڪڏهن ائين نہ هجي ها تہ پوءِ هو مزدور تضاد جي طوفاني سفر مان اُڪري، هن وقت پنھنجو پيٽ پنھنجن هٿن سان قائم ڪيل مل جي اٽي سان نہ ڀري ها.

 

منھنجي ڏات هڪ ٻاريل ڏيئي مثل آهي، جنھنکي جا بہ روشني آهي اُها سماج ئي عطا ڪئي آهي.

 

رجعت پرست ڪنھن بہ شيءَ کي هڪ رنگ ۾ ڏسڻ جو عادي آهي. ترقي پسند جي دنيا رنگن جي دنيا ٿيندي آهي. هڪ شين جو قد گهٽائيندو آهي ۽ ٻيو قداور کي وڌيڪ قداور ڏسڻ چاهيندو آهي.

 

مونکي زندان جي اونداهي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري منھنجي شاعريءَ جي سمونڊ کي بيٺل تلاءِ ۾ تبديل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش نہ ڪر- جيڪڏهن تو وٽ مون واري اک آهي تہ تون ڏسندين تہ منھنجو تخليقي ساگر هن وقت بہ اڳ وانگر بي ڪنار آهي، جنھن ۾ توکي ساڳيون لھرون ۽ ساڳيا لوڏا نظر ايندا.

 

تون ڦاهيءَ چاڙهي مونکي ماري سگهين تہ ڀلي مار-موت واري رستي تان مونکي اڳي پوءِ گذرڻو ئي تہ آهي جتان منھنجي نئين زندگيءَ جو آغاز ٿيڻو آھي. تو جنھن سقراط کي مئل سمجهيو آهي اُهو اڃان زنده آهي.

 

مان شاعر آهيان- تون منھنجا شعر پڙهي مونکي غدار ٿو سڏين. تو کي خبر آھي تہ جڏهن ديس جي ڌرتيءَ کي سج شفاف ۽ کير جھڙن اُجرن ڪرڻن جي چادر پھرائيندو آهي، جڏهن سانوڻيءَ ۾ سھانجڙا منھنجي نظر کي تازگي بخشيندا آهن، جڏهن شام ويلي ڳوٺاڻيون کوهن ۾ گهڙا لاهينديون آهن، جڏهن اٽي جي مل مان دونھون نڪرندو نظر ايندو آهي، ان وقت مان ديس جي ڌرتيءَ تي سيس نوائيندو آهيان- تون پوءِ بہ چوين پيو تہ مان غدار آهيان. هائو مان غدار آهيان ڇاڪاڻ تہ اک، اک سان ملائي تنھنجي ٽيڙي جهليل بندوق تي ۽ توتي مان هر دفعي نئون وار ڪندو آهيان.

 

منھنجا ڀاءُ ڪير ٿو چوي تہ آزادي بحث ۽ دليلن سان ماڻي سگهبي آهي- اُٿي، جبر ۽ تشدد کي منظم ڪر ۽ مٿڀري رکيل هن وچين ڪرسيءَ تي ويٺل غير فلسطينيءَ جي رت سان پنھنجي خنجر کي وضو ڪراءِ.

 

اي منھنجا ايشيائي ڀاءُ! اڄ پھريون ڏينھن آهي جو آءُ پنھنجي آزاد وطن ۾ ساھہ کڻي رهيو آهيان. هاڻي، هيءَ بندوق آفريڪا ۾ سامراجي راڪاس تي گوليون وسائيندي جتي منڊيلا، منھنجو ڀاءُ، مونکي سڏي رهيو آهي- تو کي خبر آهي تہ منڊيلا جو زندان گوريلن جي ڪئمپ بڻجي چڪو آهي!

 

تون چوين پيو تہ آمريت وسيلي عوام تي گهڻي کان گهڻي وقت تائين قابض رهي سگهبو آهي. مير رستم بہ بلوچ سردارن جي مدد سان آمريت قائم ڪري ورتي هئي- پوءِ تہ هر دور جي آمريت جو انجام هو صورت ۾ 1843ع واري قائم ڪيل آمريت جھڙو هئڻ لازمي آهي.

 

منھنجا پٽ! تون ٻڌائڻ آيو آهين تہ آريسرن(1) جي
محاذ تي پنجاھہ ۽ ڄامن جي پِڙ(2) ۾ ٻہ سؤ ڪونڌرن ڌرتي- ماتا کي رت جو ريج ڏنو آهي- اُٿ، کڻ اِها ڦٽي ڪيل بندوق- هاڻي جو هاڻي پھچ ننگر ٺٽي واريءَ ڪور(3)‏ تي جتي چالبازيءَ سان دشمن ٽيون محاذ کوليو آهي. آزادي ملڻ کانپوءِ منھنجا پٽ! توکي خبر پوندي تہ آزاديءَ لاءِ وڏي ۾ وڏي قرباني بہ تڇ جي برابر ٿيندي آهي.

________________
(1)، (2) ۽ (3) خيالي ورتل، ڪور= ننڍڙو واهہ.

 

مون پنھنجيءَ محبوبا کي چيو: “اڄ ڏاڍو اداس آهيان- مونکي اکين ۾ ويھاري ڇپر واري ڇڏ تہ ڪا گهڙي غم غلط ڪيان.” چيائين: “منھنجي هڪ اک اُٿي پئي آهي، جنھن ۾ ڏاڍو سور آهي- اُن ڪري توکي وهارڻ جي ڪا بہ گنجائش ڪانھي- منھنجي ٻي اک هن ڪائنات جي کليل ڪتاب جو مطالعو ڪري رهي آهي.”
مون کيس چيو: “مان ڪھڙو تنھنجي ڪائنات واري ڪتاب کان گهٽ آهيان؟” منھنجي محبوبا ٻانھونن ڊگهيري، ڀاڪر ۾ آڻي مٿان وار وڇائي مونکي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيو. مون سوچيو: هن کان وڌيڪ غم غلط ڪرڻ جو ڀلا ٻيو ڪھڙو طريقو ٿي سگهي ٿو! ڀٽائيءَ بہ ائين ئي سوچيو هوندو.

 

صبح ٿي چڪو هو- سج جي ابرڪي ڪرڻن فطرت کي اڇو لباس پھرايو هو- آءُ دستور موجب برساتي نالو اُڪري رهيو هئس- هوا جي هلڪڙن جهوٽن تي شبنمي قطرا ساون ٻوٽن ۾ پينگهون ٻڌي، لڏي رهيا هئا، ڄڻ جوهريءَ جي شوڪيسن ۾ موتين جا ھار لٽڪي رهيا هجن. ٿورو اڳڀرو انساني قد جيڏن پيلن ۽ ڳاڙهن گلن جون قطارون نظر اچي رهيون هيون جن جي ڦھلايل ٽارين کان ماڪ جا ڦڙا مِٺيون وٺي رهيا هئا ائين ڄڻ ڪي ساٿي ٻانھن ۾ هار لٽڪايو ڏيساور کان ايندڙ ساٿين جو انتظار ڪري رهيا هجن.

 

هومر، سقراط، بقراط ۽ سوفڪلز کي ياد ڪندي، منھنجي هڪ فلسفي دوست ٿڌو ساھہ کڻندي چيو: “يونان بہ اسان جي سنڌ وانگر بس رڳو ماضي آهي.” مون کيس اشارن ئي اشارن ۾ جواب ڏنو تہ مان گونگو ٿي چڪو آهيان ۽ اهڙيءَ حالت ۾ فقط اکيون ئي اهڙن سوالن جا جواب ڏيئي سگهنديون آهن. مون اشارن ۾ پنھنجي فلسفي دوست کي اڃان ڪجهہ وڌيڪ ٻڌائڻ ٿي چاهيو تہ منھنجين اکين ڇپرن جا بند ڀڃي لڙڪن وسيلي ڳالھائڻ شروع ڪيو.

 

سطحي ادب جي ايڏي تعريف! ان ڪري ئي تہ تون ادبي دنيا ۾ ڊيٽڙي لڳندي آهين!! تون مشاهدي کي ريشم جي ٿانَ وانگر ڦھلاءِ. سورج کي ڏس، جيڪو صبح کان شام تائين اوڀر کان اولھہ تائين پنھنجو مشاهداتي سفر جاري رکيو اچي.

 

حصو چوٿون

ياد رک تہ منھنجون اکيون آسانيءَ سان ڌوڪو نہ ٿيون کائي سگهن. هان، منھنجو شعور بہ تہ ڪڙيءَ چڙهيو جوان آهي ۽ منھنجو تجربو بہ منھنجي مشاهدي ۽ مطالعي جو سڳو ڀاءُ آهي. اڃان هاڻي، هاڻي ڏسي آيو آهيان تہ مون جھڙا ماڻھو کاڀاڻيون هٿن ۾ ڪيو، پيھن تان جهار اڏاري رهيا هئا- جوار ۽ ٻاجهر جا سنگ سجدن ۾ وڃي ڌرتيءَ جي حسن ۽ ڪارج جو اقرار ڪري رهيا هئا- بس، جوار، ٻاجهر، سنگ ۽ ماڻھو- اهو ئي تہ سڀ ڪجهہ آهي جيڪو ڌرتيءَ جي گولي کي ان- داتا چورائيندو آهي! ۽ مان اُن، ان- داتا کي مخاطب ٿي ڀٽائي جي هي سٽ دهرائيندو آهيان. “منڱ تنھين کان مڱڻا! جو ڏهاڙي ڏئي.”

 

ذاتي ۽ اجتماعي حقيقتن کي سڃاڻي وٺڻ ايڏو مسئلو! رجعت پرستي ۽ ترقي پسند لاڙن ۾ اوندھہ ۽ روشنيءَ وارو فرق آهي، ڏٺو ٿئي تہ اوندھہ ۾ پاڻيءَ تي ڪنول جا گل ڪھڙا نہ سھڻا لڳندا آهن، جن تي ستارا نور جي ورکا ڪندا آهن.

 

هيترن جيئرن جاڳندڙ انسانن جي وچ ۾ مُردن ۾ نالي لکائڻ جو ڇا مطلب؟ تو کان تہ هو ٻير جو وڻ وڌيڪ سرت ڀريو آهي جيڪو ڪنڊن جا دام وجهي، هر ايندڙ ويندڙ کي پيو ٿو ڳاڙها ٻير اَڇي.

 

ڪنھن چيو: “مجسمن ۽ ڇيڻين جي ڳالھہ نہ ڪندو ڪر- ڪفر بڪڻ نہ تنھنجو شيوو آهي ۽ نہ مون ٻڌڻ واري جو.” مون چيو: “ڇا ڪنھن بہ پٿر کي ڪا شڪل ڏيڻ ان پٿر کان وڌيڪ ڪارائتو عمل ناهي جيڪو صدين کان پاڻ بہ ساڳيو پٿر رهي ۽ اکيون بہ زخمي ڪندو رهي؟”

 

مون کي پڃري جو پنڇي نہ سمجهہ جنھنجي اُڏام پڃري جي هڪ تيليءَ کان ٻيءَ تيليءَ تائين محدود هوندي آهي- هٿ نرڙ تي رکي، کڙيون کڻي جاڏي بہ نھاريان ٿو تہ هن پوري ڪائنات کي اکين ۾ سمايو ڇڏيان مان ئي تہ دنيا کي ٻڌايو آهي تہ جتي نظر کٽي ٿي ان کي آسمان چئبو آهي، مصور پنھنجن تصويرن کي چيري، ڦاڙي ڦٽي ڪرڻ بدران فريمن ۾ محفوظ رکڻ پسند ڪندو آهي ڇاڪاڻ تہ انھن شھڪارن جي رنگن کي ڪا بہ قيامت نٿي ڊاهي سگهي- هوا، پاڻي، روشني ۽ مٽيءَ جي ميلاپ سان ماڻھوءَ ۾ هڪ اُها سگهہ جڙي راس ٿي ٿئي جنھن تي فنا جي ليبل لڳائڻ سان ڪو بہ فرق نہ ٿو پوي.

 

مسئلو لاڳيتو قدمن کڻڻ جو آهي ۽ نہ تيز ۽ اُٻھري ڊوڙڻ جو. تون ڀلي پير، پير ۾ ملائي هل، پر هلندو هل توکان ڪڇون ۽ خرگوش واري گوءِ وسري وئي آهي ڇا جنھن ۾ خرگوش وڻ هيٺان آرام فرمائي رهيو هو ۽ گلن جا هار ڪڇونءَ کي پارايا ويا هئا؟

 

هر شيءِ، جا وجود رکي ٿي حسين هوندي آهي مگر اک، اک جو فرق هوندو آهي- اک جي اڳ يا پوءِ بند ٿيڻ يا گهٽ وڌ کلڻ وارو مسئلو ناهي. هي سڀ ڪجهہ ماڻھو ۽ فطرت کي سمجهڻ واري سگهہ تي مدار رکي ٿو.

 

ڇا معاملو آ؟ اڄ تنھنجي پتڻ تي وڙ، وڙ جا ماڻھو نظر اچي رهيا آهن جن کي تون پار بہ اُڪاري رهيو آهين ۽ سينڍ ۾ مارئي بہ ڳائي رهيو آهين! ڇا تون سنڌ جي نئين تاريخ لکڻ ٿو ڇاهين؟

 

منھنجا پٽ! مون کان پوءِ بہ تون قلم ۽ بندوق کي پاڻ لاءِ نہ پر وطن وارن لاءِ پيو استعمال ڪجان، جن ۾ تون پاڻ بہ اچي وڃين ٿو.

 

پٽڙا! تون رڳو ايترو ڪجان جو منھنجي مئي پڄاڻا تون جيڪو وقت روڄ راڙي ۾ گذارڻ چاهين اُهو وقت منھنجن ڇڏي ويل قلمي نسخن کي ڇپرائي پڌرو ڪرڻ ۾ گذارجانءِ.

 

“اُلفت جي اسيرن کي ماري وئي تنھائي تون ياد وري آئين، تون ياد وري آئين.” مون کي ڪا بہ خبر ڪانھي تہ هي سٽون ڪھڙي شاعر جون آهن- مان رڳو ايترو چئي ٿو سگهان تہ اهي سٽون انھن تخليقڪارن منجهان ڪنھن بہ هڪ جون ٿي سگهن ٿيون جن لاءِ هڪ قديم يوناني فلاسافر چيو هو تہ تخليق جو ڪم فقط ٻن هستين کان ٿي سگهندو آهي. هڪ ديوتائون ۽ ٻيو شاعر.

 

“محبت” ڪٿي جنم وٺندي آهي؟ اُتي، جتي آزادي، جمھوريت کي مسند تي وهاري سچ ۽ سونھن جا گيت ڳائيندي آهي. “نفرت” ڪٿي جنم وٺندي آهي؟ جتي اَمر عقل ۽ زبان کي تالن ۾ بند ڪرائي اٺ کڻي اچي مسند تي وهندو آهي.

 

منھنجي مري وڃڻ کان پوءِ مون کي پڪ آهي تہ منھنجا گيت بہ مون وانگر مري ويندا نہ، نہ ائين ڪڏهن بہ نہ ٿيندو- نہ تون مرندين نہ تھنجا گيت. ڇو تہ تنھنجا گيت فنا جا مرحلا طئي ڪري هن وقت بقا جو پروانو وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا آهن.

 

ڪا بہ ڪم واري شيءِ جنھنجو ڪارج زندگيءَ جي بقا لاءِ تيل ۽ ڪاٺين جو ڪم ٿو ڏئي، اُها شيءِ احترام جوڳي آهي- مان اُن شيءِ سان عقيدت جو اظھار “پيار” سان ٿو ڪيان ۽ تون ان کي “پوڄا” ٿو سمجهين! ان ۾ منھنجو ڪھڙو قصور آهي؟

 

تنھن جي ڪُنيءَ ۾، تريءَ تي کائڻ لاءِ ڏيڍ چانور چاڙهي، هٿ ۾ انا جو جهنڊو کڻي تون پاڻ سان ظلم ٿو ڪرين! انا جي خول مان نڪرڻ کان پوءِ تو کي پنھنجو وجود انيڪ وجودن جو مرڪب نظر ايندو ۽ هر وجود ۾ تو کي پنھنجي وجود جا سوين عڪس ۽ اولڙا نظر ايندا- اي پٽ! تون جڏهن بہ پنھنجي “مان” واري دڪان کي ڊاٺو تہ پوءِ تو کي هنن اڪيچار سکن جو هڪ جاءِ تي ڦٽي پوڻ جو راز خودبخود معلوم ٿي ويندو.

 

مان گونگو ناهيان- مان ڳالھائيندو آهيان، پر تنھنجي سوال جو جواب ڪو نہ ڏيندس- منھنجي قومي سڃاڻپ منھنجي ماڳ، منھنجي ٻولي ۽ منھنجي ثقافت سان آهي، جنھن لاءِ تو کي منھنجي شاعري پڙهڻي پوندي- منھنجي شاعري- جنھن ۾ مون وٽ ڏٿ ۽ ڏئرن پُسين ۽ پيرن جي ويھي خوشبوءِ ڀري آهي.

 

سنڌوءَ کي جنم ڏيندڙ سڀ قطرا مانسرور جي پيالي کان چميون وٺندا آهن. مون لاءِ سنڌوءَ جو هر قطرو معنيٰ ٿو رکي جيڪڏهن ڪو فرق آهي تہ اهو ان زمين جو آهي، جن جي اُهي قطرا آبياري ٿا ڪن.

 

جي گويرا، ڪاسترو کي لکيو: “دنيا جون قومون منھنجي نا چيز ڪاوش کي سڏي رهيون آهن- مان اهو ڪجهہ ڪري سگهان ٿو جيڪو تون ڪيوبا جي سربراھہ هئڻ جي حيثيت سان نہ ٿو ڪري سگهين.” مون کي انتظار آهي ڪاسترو جي اُن “موٽ” جو جيڪا چيءِ کي ملڻي آهي.

 

منھنجي ساڻيھہ جو ڪو اهڙو هڪ بہ رهواسي تو کي نہ ملندو جنھن کي تون شطرنج جو مھرو بڻائي پنھنجي مرضيءَ سان اڳتي پٺتي يا ساڄي کاٻي هلائين. منھنجي ديس ڏي اک کڻي نھارڻ وارا! سڀ کان پھريائين توکي منھنجي سيني ۾ ٻرندڙ کُوري مان گذرڻو پوندو، جيڪڏهن تون گذري سگهين تہ- هنن منھنجن ٻانھن جي بُرجن کي ڊاهڻو پوندو جيڪو تون ڊاهي سگهين تہ- مون لاءِ نہ تون فرنگي ٿي، منھنجي ڌرتيءَ کي ڦٻائي سگهين ٿو ۽ نہ مان ئي تو لاءِ مير سھراب، بڻجي تنھنجي جهوليءَ ۾ پنھنجو ملڪ اُڇلائي سگهان ٿو.

 

تنھنجو مذهب؟
“ماڻھپو”
ڀلا تون ڪير آهين؟
صوفي،
صوفي مذهب يا تحريڪ؟
بحث کي ڇڏ، ٻڌاءِ تہ تو واري ماڻھپي جون خوبيون ڪھڙيون آهن؟
ماڻھپي جي خوبين ۾ بہ ماڻھپو ئي هوندو آهي. يعني حسن ۽ عالمگير محبت- اهي خوبيون تو منھنجن تخليقن مان تہ نہ هٿ ڪيون آهن؟ منھنجون تخليقون- جن جي ڪئنواس تي “حسن ۽ عالمگير محبت” جون تصويرون چٽيل آهن.

 

جيڪڏهن زندگي کي حسين بڻائڻ چاهين تہ هن جام کي پيار ۽ پاٻوھہ سان آهستي، آهستي اندر ۾ اوتي ڇڏ- ظاهر آ تہ تنھنجيءَ طبيعت ۾ تحرڪ ۽ هلچل پيدا ٿيڻ ڪري تون پاڻ کي ٻين کان مٿڀرو محسوس ڪندين ۽ هان، ٻيا بہ توکي ذهني طور پاڻ کان ڪٽيل ۽ نرالو سمجهندا ۽ پوءِ اُها ڪارائتي ڳالھہ جا هوند حجاب ۽ ذهني هڪجھڙائي کان تون نہ چئي سگهيو هوندين اها تون آسانيءَ سان چئي سگهندين.

 

حال ۽ ماضيءَ ۾ وڏو فرق آهي- ماضيءَ جو شاعر مسئلن کان اَگاهي ڪري، ڪو نہ ڪو علاج تجويز ڪري مٿي کان ٻانھن ڏئي سمھي پوندو هو مان اڄ جو شاعر آهيان ۽ قلم سان گڏ تلوار واري محاذ تي بہ وڃي سگهندو آهيان-

 

چڱيون خاصيون صديون اڳ جيڪڏهن سنڌ تي مڪراني ساحل کان حملو نہ ٿئي ها تہ سنڌ جون حدون هن وقت اتر ۾ ڪشمور، اوڀر ۾ گجرات ۽ ڪاٺياواڙ، ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ۽ اولھہ ۾ ايران ۽ ايراني بلوچستان هجن ها-

 

جڏهن شاعرن جي روحن کي خلقيو ٿي ويو تڏهن موت جي فرشتن احتجاج ڪيو هو- روحن جي خالق زندانن جا دروازا، ڦاسي گهاٽ تي ٽنگيل سرڪڻ ڦاهيون ۽ نيرين- ڳاڙهين ٽوپين وارا ڏيکاري، فرشتن کي ٿڌو ڪيو هو.

 

شاعر جو ذهن هڪ اهڙي ريڊار مثل آهي جنھن ۾ ماضي ۽ حال سان گڏ هو مستقل جا عڪس ۽ اولڙا، وقت جي حڪمران کان اڳ ڏسي وٺندو آهي.

 

سنڌ جي ماڻھن جو امن پسندي ۽ عالم دوستيءَ جو اهو مثال ڪافي ناهي تہ تاريخ جي ڪنھن بہ باب ۾ ان قسم جي ڪا هڪ بہ شھادت نٿي ملي تہ ڪو سنڌين، سنڌ کان ٻاهر نڪري ڪنھن انساني بستيءَ تي لشڪرڪشي ڪري سنڌ جي سرحدن کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.

 

تون پنھنجي ئي ديس ۾ پنھنجي ئي هٿن سان انھن ڪارخانن ۽ کيتن کي چوچي ڏيئي ايڏو وڏو نقصان ڪري رهيو آهين! هائو، ڏسين نٿو تہ هنن کيتن ۽ هُنن ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ اهڙو ڪو بہ پيٽ- پوڄارو ڪونھي جيڪو منھنجي ڪنھن سوال جو جواب مون واري ٻوليءَ ۾ ڏئي سگهي.

 
ٍ
مونکي منھنجيءَ محبويا چيو:
“مان ڪاري ۽ ڪوجهي آهيان، ان ڪري تو واري پيار ۾ نفرت بہ شامل آهي- ڇا اهو ڪافي ناهي تہ مان عورت جو روپ وٺي تو وٽ حاضر ٿي آهيان؟ مون پاڻ کي پنھنجي محبوبا جي وجود ۾ گم ٿيندي محسوس ڪيو هو-

 

اها پوڙهي تنھنجي ڇا ٿئي؟ منھنجي ماءُآهي مان کيس امان سانئڻ چوندو آهيان. ڀل ڌرتيءَ سان تنھنجو ڪھڙو رشتو آهي؟ بس، امان ۽ ڌرتيءَ واري رشتي وارو فرق- امان منھنجي ماءُ ۽ ڌرتي جڳ جي ماءُ آهي.

 

انسان ۽ شيطان ۾ ڪھڙو فرق آهي؟ انسان ۽ ڍور ۾ فرق پڇين تہ ٻڌايانءِ باقي اڻ ڏٺلن جا مونکان فرق نہ پڇندو ڪر.

 

تون مونکان پڇي رهيو آهين تہ مان ڪھڙي وقت لکندو آهيان- پرھہ ڦٽيءَ يا‏ منھن انڌاري؟ مان توکي عمر ڀر جي تجربن ۽ مشاهدن جو عمل ۽ ردعمل واقع ٻڌائڻ تي مجبور ٿيو آهيان. هان، پر هي ڪو يوناني نسخو بہ تہ ناهي جو ڳنڍڙي ٻڌي پاڻ سان گڏ قبر ۾ کڻي وڃجي. هي تہ زندگي کي معنا بخشيدڙ اُها عرق ريزي آهي جا جيئن کُلي تيئن خوشبو ڪري. هتان اچي ويھہ تہ ٻڌايانءِ- ماحول ۽ وقت جون گرم- سرد هوائون پاڻ ۾ طوفان واري طاقت ۽ هلچل پيدا ڪري جڏهن منھنجي دل ۽ ذهن جا سڀ در ۽ دريون مڪمل طور کولي ڏينديون آهن اُن وقت مان هوائن جي شدت ۽ تيزيءَ سان قدم قدم ۾ ملائي هلڻ خاطر لکندو ويندوآهيان-

 

اوندھہ برابر هڪ سنھڙو پردو آهي جنھن کي چاڪ ڪرڻ ٻاراڻو کيل ناهي- ٿي سگهي ٿو تہ توکي اِن پردي هٽائڻ ۾ سالن جا سال لڳن- پر اهو بہ ممڪن آهي تہ تنھنجي ٻيءَ وک کڄڻ کان اڳ ۾ ئي اهو پردو چاڪ ٿي وڃي-

 

ٻٻرن جي وڻن هيٺان جڏهن دمڙا ڦٽڻ ڇڏي ڏيندا- مينھون جڏهن کير ڏيڻ ڇڏي ڏينديون- ڳِجهون اَنن ڏيڻ بدران جڏهن ٻچا ڄڻڻ شروع ڪنديون- عورتون جڏهن انا لاهڻ شروع ڪنديون- تڏهن قيامت ايندي.

 

امان! تون اڄ پئي ٻڌائين تہ تنھنجي زندگيءَ جو نالو “تاجل” آهي مان تہ هر هڪ موڙ تي چوندو رهيو آهيان تہ منھنجي زندگيءَ جو نالو “پناھہ خاتون” آهي- ۽ الائي تہ ڇو پوءِ بہ تنھنجي تارازيءَ جو پڙ ڳورو ٿو لڳي!

 

آسمان ۾ ڪڪر ڏسندي، جبل تان کاهوڙي لھندي. ڪنھن ڏهر ۾ ڏئو ٻرندي، پکين جو واهيرن ڏانھن ورندي. لوهار کي لوھہ ڪٽيندي، سڙهن جا ساڪا ٽٽندي، مونکي ڀٽائي ياد اچي ويندوآهي-

 

حصو پنجون

پيراميٿس جو نالو سامھون ايندي مونکان اُن جي تخليڪار اَسڪائيلس جو نالو وسري ويندو آهي- پراميٿس، جنھن انسان کي باھہ ٻارڻ، واهولو ۽ ڪارائي استعمال ڪرڻ، طب جي نسخن ۽ سامونڊي سفرکان واقف ڪيو هو جنھنجي بدلي ۾ کيس چوءِ کنڀو رسين ۾ جڪڙي سندس دل تي باز بڇائي کيس عذاب ڏيئي ماريو ويو هو.

 

تون چاهين ٿو تہ مان ڪنھن طرح پنھنجا هٿيار ڦٿا ڪري تنھنجي پيش پوان. جيئن تون منھنجا ئي ڦٽي ڪيل هٿيار مون تي سڌا ڪري سگهين-اي مسلمان! اڃان ڪالھہ پئي ڪنھن چيو هو تہ مومن بي تيغ بہ وڙهي سگهندو آهي.

 

اهو ڊراما نويس ۽ شاعر سونوڪلس هو جنھن کي فوج ۾ جنرل جو عھدو ڏنو ويو هو- مان بہ شاعر آهيان پر هن ماحول ۾ مان جنرل ڪو نہ ٿيندو سانءِ. ائين نہ سمجهہ تہ مان ڪو گيدي ۽ غدار آهيان- مان رڳو ماڻھوءَ جي ڪردار جي ڳالھہ پيو ڪيان- مونکي ڇڏ تہ مان تخليقار ئي رهان متان مور جا پَرَ لڳائيندي، مونکان منھنجي اصلي چال ۽ اڏام نہ وسري وڃي- اُها ٻي ڳالھہ آهي تہ منھنجي ڌرتيءَ کي ڌارين جي يلغار کان بچائڻ واريءَ مھم ۾ مان هڪ معمولي “سپاهي” بہ ٿيڻ قبول ڪيان-

 

توکي سلام آ- تون بيشڪ راڄ- راڻو آهين مون پڪاريو، تنھنجي هٿ مان گرھہ ڪري پيو- مان عقابن جي ور چڙهيس، تو ڪمان تي زھہ چاڙهيو- مان بک ٿي مئس، تو موڏانھن مترڪو اڇلايو- مون آزاديءَ جو نانءُ ورتو، تو زنجيرن کي ٽوڙڻ سيکاريو- مون پٺتي نھاريو، تو اڳتي ڌڪو ڏنو- تون بيشڪ راڄ- راڻو آهين.

 

هڪ دوست همدرديءَ خاطر پڇڀو “تون سڄو سال پنھنجن ماڳن ۽ مڪانن کان هڪ هزار ميل ڏور گذاريوآهي- اخبار ۾ ڇپجڻ جھڙو ڪو تنھنجو مسئلو؟” جواب ڏنم: هائو فقط هڪ مسئلو- عالمي نوعيت وارو مسئلو- مون واري دوست حيرت ۾ پوندي پنھنجي پڇيل سوال جي وضاحت ڪندي چيو: مان دنيا جي گڏيل رياستن واري اداري جي نمائندگي ڪين پيو ڪيان مان فقط تنھنجن ڪن ذاتي مسئلي بابت سوال ڪري رهيو آهيان. مون جواب ڏنو: منھنجا خوبصورت ‫دوست! ڪي انفرادي مسئلا بين الاقوامي بہ ٿي پوندا آهن مون کي منھنجو دوست سوالي اکين سان گهورڻ لڳو. وراڻيم: آءُ صبوح جو سويرو اکيون مهٽي پيرين اگهاڙو گنجيءَ گوڏ ۾ پنھنجن هٿن سان پوکيل ڀينڊين ۽ ٽماٽرن کي پاڻي ڏيئي رهيو هيس تہ در تي بيل وڳو سوچيم: ٻھاريدار هوندو، آيو آهي عيد وٺڻ- پاڻيءَ وارو پائيپ ڦٽو ڪري پنج روپيا مٺ ۾ وجهي بي ترتيب وارن کي ابتيون سبتيون آڱريون ڦيري در ڏانھن ويس- ڏٺم تہ اسان واري سيڪٽر جي بنگلن ۾ رهندڙ اڌ درجن آفيسر نوان نڪور ڪپڙا پھري مون سان عيد ملڻ آيا هئا.

 

هڪ پاڙيسري زرق برق ڪپڙن ۾ ملبوس ٿي. مٿي ۾ ٽوپي وجهي مون وٽ آيو- مان اُن وقت ننڊ مان اٿي پاڻيءَ جون ٻہ لپان مُنھن تي هڻي انگور جي ولين ۽ جَون جي ٿُٻن کي پاڻي ڏيئي رهيو هيس اچڻ سان چيائين: اڄ عيد آهي نماز تي ڪو نہ هلندين ڇا؟ مون کيس جواب ڏنو: معاف ڪر، عبادت جو وقت آهي، عبادت پيو ڪيان.”

 

آءُ جئين آفريڪا جي جهنگل مان گذري رهيو هئس تہ اوچتو نظر وڃي هڪ ماريءَ تي پئي جيڪو پکين جا آکيرا ڊاهي منجهن ڪجهہ ڳولھي رهيو هو- اڳڀرو وڌي کيس چوڻ لڳس- اي نوجوان! تون ڪيڏو نہ ڀلل آهين جو پنھنجي ديس جي پکين جا گهرڙا تون پاڻ پنھنجي هٿن سان پيو ڊاهين! هُن وراڻيو: اي مسافر! ڀلي ڪري آئين. اچ تون بہ اچي هن ڪم ۾ مون کي مدد ڪراءِ- تون مان گڏجي گهڻي کان گهڻا آکيرا ڊاهي سگهنداسون مون وراڻيو: اي دوست، سنڌ- ولائت جي وڻن ۾ جيڪڏهن پکين جا جوڙيل آکيرا ڏٺل نہ هجن ها تہ ان ڪم ۾ بيشڪ مان تنھنجي مدد ڪيان ها-

 

سنڌي ٻولي دائم قائم رهندي ايستائين، جيستائين مائرون ٻچڙن کي لولي ڏينديون رهنديون. اها زبان ڪڏهن بہ نٿي مري، جنھن جا ڳالھائيندڙ اُن ئي مٽي مان، اُن ئي ڌرتيءَ تي‏ پيدا ٿيا آهن، جنھن ڌرتيءَ جا ماڻھو ڪنھن ٻي ڌرتيءَ جي ٻولي ناهن ڳالھائيندا.

 

منھنجي جهول ۾ گل ۽ تنھنجي جهول ۾ پٿر- بس، اهو ئي فرق آهي ڌڻيءَ ۽ ڌاڙيل ۾.

 

اي قيدڻ! مان هن ئي زندان جو مالھي آهيان- هي هار ۽ گلدستا مون تولاءِ نہ، پر هن بنديخاني جي جيلر لاءِ ٺاهيا آهن. ها، پر هيءَ دري بہ تہ مون تولاءِ ئي کولي ڇڏي آهي، جيئن خوشبوءِ تو تائين پھچندي رهي.

 

سنڌ منھنجي ماءُ آهي، جنھن جي ڇاتيءَ مان “ٿڃ” جا چشما ٿا ڦٽن ۽ مان کير جا ڀريل ڪٽورا پئندو رهان ٿو. اي سنڌ! مان تو تي لکندو رهندس. ڪاش! مان مران، تہ اُن وقت بہ منھنجي هڪ هٿ ۾ قلم ۽ ٻئي هٿ ۾ ڪاغذ هجي، جنھن تي مان لکندو رهان: - سنڌ منھنجي امان!”

 

وطن، وطن ٿيندو آهي. تون ڇو ٿو چوين تہ مان هڪ ڏتڙيل قوم جو فرد ۽ غريباڻي ديس جو رهواسي آهيان. جتي نہ وائيٽ هائوس آهي ۽ نہ هائيڊ پارڪ. تو اُن ڳيريءَ‏ کي نہ ڏٺو آهي جنھنجو آکيرو سڪل سڙيل وڻ ۾ هوندو آهي؟ جا لُڙئي پاڻي جي تلاءُ مان پاڻي پِي، سرگم جا سُر ڇيڙي وري بہ وڃي اُن سڙيل سڪل وڻ تي وهندي آهي.

 

هڪ ڏينھن هڪ ڪانو جهرڪي کان پڇيو: “سونھن ڪٿي هوندي آهي؟” جهرڪيءَ جواب ڏنو: “اچ تہ توکي ڏيکاريان تہ سونھن ڪٿي رهندي آهي. ائين چئي جهرڪي هڪ ننگي پھاڙيءَ جي ڀرسان هڪ سڪل وڻ تي وڃي ويٺي. جنھن وڻ ۾ سنديس آکيرو هو.

 

هڪ دوست پڇيو:
“اتي ڇا پيو ڳولھين؟”
جواب ڏنم.
“اُن ڀڳل ڏيئي کي پيو ڳولھيان جنھن کي جلائي، اڄ کان چاليھارو سال اڳ مان هن اجاڙ بستيءَ ۾ ڪاٺ جي پٽيءَ تي‏ الف- ب لکندو هئس:

 

تنھنجي ماءُ توکي هن روشنين جي شھر ۾ بہ سٺي نٿي لڳي. مونکي تہ منھنجي ماءُ اُن ڪکائين گهر ۾ بہ سٺي لڳندي هئي جنھن گهر ۾ سياري جي لُري اسانجا عضوا وڍيندي هئي ۽ سانوڻ جي لُڪ کوري ۾ ساڙيندي هئي.

 

بس، تو ۾ ۽ مون ۾ فقط اهو فرق آهي جو تون ڏيساور مان اَڻايل انناس پيو کائين ۽ مان هن واهيءَ مٿان بيٺل هن وڻ جا توت. تون ڊنمارڪ جي ڊبل روٽي ۽ مان ٻاجهريءَ جو ڊوڍو.

 

مان جڏهن لکندو آهيان تہ ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ماکيءَ جو ڦرُ پٽڪي جي پلاند ۾ وجهي، هٿ جي پنجن ئي آڱرين جي زور سان نپوڙيان پيو ۽ هيٺان ماکي لارون ڪري پئي ڳڙي.

 

هڪ دوست پڇيو:
“ٽہ - سٽن لکڻ مان توکي ڪھڙو ٿو مزو اچي؟”
کيس جواب ڏنم:
“تو انگوڇي ۾ سٽيل جوئر جا اَڀُون کاڌا آهن؟ تو سڪل ڪانڊيرن ۾ چڻن جي ڦوٽن جي ڪيل ڏڌڙي کاڌي آهي؟ تو ٻاجهريءَ جي مانيءَ تي مکڻ جو چاڻو رکي نيرن ڪئي آهي؟”

 

جڏهن شھيد ذوالفقار کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو هو اُن وقت هن باغ جا سڀ پڪل ڏاڙهون ڦاٽي پيا هئا ۽ سندن ڳاڙها داڻا سڄي باغ ۾ پکڙ جي ويا هئا.

 

جڏهن شھيد ذوالفقار کي ڦاهيءَ تي پئي نيائون تڏهن زندان جا گهنڊ وڄڻ لڳا هئا ۽ برجن تي بيٺل پھريدار ڪنن ۾ آڱريون وجهي دروازن ڏانھن ڊوڙيا هئا.

 

هڪ فلسطيني، پکيءَ سان مخاطب ٿي کيس چيو:
“مان ماڻھو آهيان. مونکي سرحد ٽپائي، پنھنجن ماڳن ۽ مڪانن کان ڌڪي ڌار ڪيو ويو آهي. تون پکي آهين ۽ پنھنجي آکيري مٿان چھچ سائي لام تي صبوح جو گيت ڳائي رهيو آهين، ماڻھو ٿيڻ، ماڻھو سڏائڻ ڪيڏو نہ مشڪل آهي!”

 

“شل! تنھنجن ٻچن کان اُها زبان وسري وڃي جيڪا زبان سندن ماءُ ڳالھائنيدي آهي.”
آوار زبان جي ڪوي حمزي رسول جي ڪتاب “منھنجو داغستان” ۾ مون جڏهن مٿي ذڪر ڪيل جملو پڙهيو هو، اُن وقت مون پنھنجيءَ ماءُ اڳيان سر جهڪائي ڌرتيءَ کي چميو هو.

 

ڏسين نٿو تہ هوءَ ماءُ پنھنجي ٻالڪ کي ببي چڳڙ ڏئي رهي آهي. تون تيستائين ان بندوق کي خاموش رک جيستائين هو ٻار ماءُ جي ڇاتيءَ مان منھن ڪڍي، تو ڏي نھاري.

 

تو مونکي سرحد کان هُن پار فئر ڪرڻ لاءِ بندوق تہ ڏني آهي پر، تون اهو ٻڌائي سگهندين تہ تيستائين مان ڇا ڪيان جستائين ٻالڪ ننڊ پيا آهن ۽ ڪي ٻارڙا ماءُ جي ڇاتيءَ مان کير پي رهيا آهن.

 

ڪجهہ وقت کان مان پاڻ کي اڪيلو، اڪيلو پيو محسوس ڪيان. ائين پيو لڳي ڄڻ ڪا چِٻَ ڪنھن سج ۾ پنھنجي موجودگيءَ جي احساس ڏيارڻ لاءِ مٽون ڦوڪي، ککراٽ پئي ڪري.

 

سرحد کان گذرندي، هڪ ڪرڙوڍ جي پنھنجي ننڍپڻ جي دوست سان ملاقات ٿي وئي. اک- ڇنڀ ۾ گولين جي بارش ٿيڻ لڳي. ڪي انقلابي گولين جي سر- تال تي پھاڙن ۾ شگاف وجهندڙ گيت ڳائي رهيا هئا. پرڏيھيءَ پنھنجي دوست کي چيو: “ڇا تون مونکي پنھنجي گهر نہ وٺي هلندين؟”
ڏيھيءَ جواب ڏنو:
“جنگ جو ميدان ئي تہ منھنجو گهر آهي.”

 

تون ڪيئن ٿو چوين تہ تون اُن ڌرتيءَ جو رهواسي آهين جا ڌرتي آزاد ٿي چڪي آهي؟ جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ تون پنھنجن ڌرتي- ڄاين کي غلاميءَ جا طوق ڇو پھرائي رهيو آهين؟

 

تون سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. مون ماڻھوءَ جي ڪردار جي ڳالھہ ٿي ڪئي منھنجو مطلب آهي تہ هڪ عاقل ۽ داناءُ هزارين بڇڙن ماڻھن جي زندگيءَ ۾ انقلاب آڻي، کين سنواري سگهي ٿو. گورڪيءَ چيو آهي تہ هڪ بڇڙو ماڻھو بہ ڪنھن سٺي ڪتاب کان بھتر آهي. خبر ناهي تہ گورڪي اُن وقت الائي ڪھڙي اپگرھہ تي براجمان هو!

 

ڪاش! منھنجي ڌرتيءَ تي بہ اهڙو ئي انقلاب اچي جيڪو فرانس ۾ آيو هو. جتي انقلابي جڏهن گيت ڳائيندا هئا تہ سڄي ڌرتي ڌڏي ويندي هئي.

 

ڇوڪرا ڪلاس ۾ ويھن تائين انگ ياد ڪري رهيا هئا. هڪ ڇوڪري کيسي مان بندوق جا ويھہ ڇِرا ڪڍي، خالي ڪارتوس ۾ ڀري، استاد وٽ آيو ۽ استاد کي چيائين. “سائين هن ڪارتوس ۾ پورا ويھہ ڇِرا اَٿو”.

 

تون ڪيئن ٿو چوين تہ ڀٽائي جو تاڙو انگريزي شاعر شيلي جي چونڊيل (SKYLARK) کان گهٽ آهي! تاڙو تہ چنڊول کان بہ مٿاهون آهي. جيڪو ڀٽائي جو سارنگ ڳائي، ٿر تي مينھن وسائي خود ڀٽائي کان داد پيو وٺي.

 

اجهو هاڻي ڀٽائيءَ کي تين، هٽيءَ کان لالو کيت ۾ گهرندو ڏسيون پيو اچان ڪنن ۾ ڪُنڍا، گيڙوءَ. رتو ويس، ڪلھن تي لٽڪايل اڇا ڪارا وار، ڳچيءَ ۾ ڪنٺو، گهوڙي تي چڙهيل، هٿ ۾ ڳاڙهہ- سُرو جهنڊو ۽ سندس پويان هزارين ماڻھو.

 

تون منھنجن گلن جي ڪونڊين کي ٿڏا هڻي ڪيرائين ٿو. مان انھن کي سڌو ٿو ڪيان. تون منھنجن گيتن کي لانگ بوٽن سان لتاڙين ٿو مان لتاڙيل تيلن کي سڌو ڪري. واهيءَ جو آواندو ٿو کوليان. تون منھنجن تحريرن کي ڦاڙي ڦٽو ٿو ڪرين. جن کي هوا مون کان پري اُڏائي کڻي وئي آهي. مان ڊوڙون ڀري، ٿڙندو ٿا ٻڙندو ڦاٽل پنن جون مٺيون ڀري جهول ۾ پيو وجهان. بس. تو ۾ ۽ مون ۾ اجهو اهو فرق آهي.

 

اي سنڌ! جڏهن کان تنھنجيءَ سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي کيتن ۾ وهندو ڏٺو اٿم، جڏهن کان ٿر ۾ وسڪاري کانپوءِ ڪنھن ٿرياڻيءَ جي هٿن ۾ جوئر ۽ ٻاجهريءَ جا سنگ ڏٺا اٿم، جڏهن کان تنبوري تي ڀٽائيءَ جا بيت ٻڌا اٿم، اُن ڏينھن کان مان توسان “امڙ” چئي مخاطب ٿيندوآهيان.

 

اي ڪنڀر! اها مٽي تو ڪٿان آندي آهي. جنھن ۾ ساڳ ۽ ڍوڍي جي خوشبوءِ آهي؟

 

اي ماري! تون اُن مٽيءَ مان گليلا پيو ٺاهين جنھن مٽيءَ مان شاھہ عنايت جي رت جي خوشبوءِ پئي اچي ! اُٿي اِن مٽيءَ کي اکئين لائي، جتان کڻي آيو آهين اُتي رکي اچ. سڀاڻي ان مٽي، مان‏ ڳاڙها گل ڦٽندا، جن مان هار جوڙي، انقلاب کي پارايا ويندا.

 

تون ماضي ۽ حال جي وچ ۾ پل پيو ٺاهين. مان ماضيءَ جي مناري تي بيھي، هٿ ۾ حال جو لڪڙو کڻي، مستقبل جي بلندين کي پيو ڇُهان.

 