ڪھاڻيون

ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

هيءُ ڪتاب ”ڪَڻ ڪَڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون“  ٽماهي ”مھراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل حميد سنڌيءَ جي ٽيھن ڪھاڻين جو مجموعو آهي. حميد سنڌي هڪ حساس، ذهين ڪھاڻيڪار  آهي.  هن ڪتاب ۾ آيل ڪيتريون ڪھاڻيون سھانجهڙي جي خوشبوءَ وانگر آهن، ڪنھن بہ هڪ ماڻھوءَ جون نہ، پر هر ماڻھوءَ جون ڪھاڻيون آهن.  حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين ۾ اڄ جي سنڌ، سڀاڻي جي سنڌ ۽ سُڪل سنڌو درياھہ جي ۽ هن ديس واسين جي درد ڪٿا جو داستان موجود آھي.

  • 4.5/5.0
  • 90
  • 47
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو ”ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون“ اوھان اڳيان پيش آھي. 
هيءُ ڪتاب ”ڪَڻ ڪَڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون“  ٽماهي ”مھراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل حميد سنڌيءَ جي ٽيھن ڪھاڻين جو مجموعو آهي. حميد سنڌي هڪ حساس، ذهين ڪھاڻيڪار  آهي.  هن ڪتاب ۾ آيل ڪيتريون ڪھاڻيون سھانجهڙي جي خوشبوءَ وانگر آهن، ڪنھن بہ هڪ ماڻھوءَ جون نہ، پر هر ماڻھوءَ جون ڪھاڻيون آهن.  حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين ۾ اڄ جي سنڌ، سڀاڻي جي سنڌ ۽ سُڪل سنڌو درياھہ جي ۽ هن ديس واسين جي درد ڪٿا جو داستان موجود آھي.
ھي ڪتاب 2013ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ  جي ٿورن سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڇپائيندڙ پاران

ڪھاڻي انساني زندگيءَ جي عڪاس آهي. اِهوئي سبب آهي جو دنيائي ادب ۾ گهڻي کان گهڻيون ڪھاڻيون لکيون ويون آهن ۽ هر هڪ ڪھاڻي پنھنجي پنھنجي دور جي عڪاسي ڪري ٿي. اوائلي دور ۾ داستان، قصا ۽ لوڪ ڪھاڻيون مشھور هئا، جيڪي اُن قديم دور جي پس منظر ۾ لکيل آهن ۽ اُنھن مان اُن دور جي تھذيبي، ثقافتي ۽ سياسي، سماجي حالات جي ڄاڻ ملي ٿي.
اهڙيءَ طرح جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو، تيئن تيئن ادب ۾ ترقي ٿيندي رهي ۽ لوڪ داستان ۽ قصا ڪھاڻي- افساني جو روپ ڌاري هڪ نئين انداز ۾ ادب ۾ متعارف ٿي.
سنڌ ۾ بہ جڏهن ڪھاڻي لکي وئي تہ سنڌي ادب جا ڪيترائي ليکڪ هِن صنف تي طبع آزمائي ڪري سنڌي ٻوليءَ جا ناميارا ڪھاڻيڪار ليکجڻ لڳا؛ انھن مھان ڪھاڻيڪارن ۾ حميد سنڌيءَ کي هڪ اعليٰ مقام حاصل آهي، جنھن 1960ع ڌاري ڪھاڻيون لکيون، جن پڙهندڙن وٽ وڏي مقبوليت ماڻي. سندس ڪھاڻين ۾ سنڌيت جي جهلڪ نمايان نظر اچي ٿي.
حميد سنڌيءَ جون ڪھاڻيون اُن وقت جي رسالن ۾ باقائدہ شايع ٿينديون هيون، جن مان ٽماهي ”مھراڻ“ رسالي جو نالو سرفھرست آهي. شايد ئي ”مھراڻ“ رسالي جو ڪو اهڙو پرچو هجي جنھن ۾ حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻي نہ ڇپي هجي!
هيءُ ڪتاب ”ڪَڻ ڪَڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون“ ٽماهي ”مھراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل ڪھاڻين جو مجموعو آهي. جنھن کي حميدي سنڌي صاحب مرتب ڪرڻ بعد پروفن تي نظرثاني ڪري بورڊ جي حوالي ڪيو. سنڌي ادبي بورڊ جي اها ڪوشش رهي آهي تہ بورڊ جو جيڪو اصل ڪم آهي، ان مطابق سٺا ۽ معياري ڪتاب آڻجن جنھن لاءِ جناب مخدوم جميل الزمان چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ، جن جي رهنمائي حاصل آهي جو بورڊ طرفان هينئر تائين سٺا ۽ معياري ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن.
اميد آهي تہ، اسان جو هيءُ پيار ڀريو پورهيو پڙهندڙن وٽ مڃتا ماڻيندو.

04- ذوالحج 1434ھہ الھڏتو وگهيو
10- آڪٽوبر 2013ع سيڪريٽري

ارپنا

ارپيم اُنھن قرب وارن همسفرن، دوستن، دشمنن جي نالي جن ماڻھپي ۽ انسانيت جي قحط جي زماني ۾ مون کي سجاڳ ۽ زندھہ رکيو، اصل ۾ اِهي بہ مالڪ جا ڪرم باقي هر ڪنھن پنھنجا ناتا اُبتا سبتا نڀايا، ڌڻي انھن جو بہ خير ڪري ۽ مون کي ۽ کين بہ هر شر کان پناھہ ۾ رکي.

دعاگو

حميد سنڌي
2-8-2013

اسان پاڻ کي بھتر نہ ٿا سمجهون
اسان رُڳو چئون ٿا تہ اسان وٽ ڪارونجهر آهي
جنھن جي چوڌاري ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون
ڦھليل آهن، اسان وٽ ڪينجهر آهي
جنھن تي آڙين جا پر اُڏامندي ونجهہ هڻندي ويندا آهن
اسان کي تاريخ آهي.
۽ اُن ۾ دودي ۽ دريا خان جون دليون ڌڙڪي رهيون آهن
اسان اِهو نہ ٿا چئون تہ اسان ٻي ڪنھن کان بھتر آهيون
رڳو اسان مختلف آهيون.
ها اِهو سمجهي ڇڏ!
اسان جي هٿ ۾ جو مانيءَ ڳڀو آهي
اُهو توکي کسڻ نہ ڏينداسين
مان جاگرافي جي ڀل آهيان
تاريخ جو اٽل فيصلو آهيان.

(شيخ اياز جي طويل نثري نظم مان کنيل
ڪجهہ سٽون- حوالو ساهيوال جي ڊائري
تاريخ 23- ڊسمبر 1968ع)

حضرت نوح ؑ جي ٻيڙي جو مسافر

مون گهڻي وقت کان وٺي ڪھاڻيون جوڙڻ ڇڏي ڏنيون آهن، مون آبرودار نِجُ سچا پچا، مانائتا، شانائتا قربدار خالق جي خلقيل ماڻھن، اِنسانن جھڙن ڪردارن تي ڪھاڻيون جوڙڻ لکڻ ڇڏي ڏنيون آهن، هن سھڻي سيبتي سنڌو ڌرتي تي جڏهن ڪروڌ، بغض، ڪوڙ بدوڙ سان گڏ حسد ساڙ ۽ منافقي جا وارَ ٿين، روشن ڏينھن سوجهري کان محروم ٿي اونداهين راتين ۾ تبديل ٿي وڃن، جت ناحق ناانصافي جي باھہ ٻري ڌرتي ٽامڻي هجي، اُت منھنجا تخليق ڪيل ڪردار ڪٿي ٿا جيالي سگهن، اهڙين ڪھاڻين جن نہ رُڳو منھنجي اندر ۾ اُميد جا ڏيئا ٻاريا هئا، پر سڄي سنڌ اندر هن گُڻائي ڌرتي تي رهندڙ ملھاتي ماڻھن، نيڪي جي پتلن انسانن، مثالي قربانيون ڏيندڙن جي اندر ۾ بہ ڪيئي آسرن اُميدن جھڙيون مشعالون روشن ڪيون هيون، روشن صبحن جھڙيون جيءَ جياريندڙ گهڙيون ۽ پل جنميا هئا. هاڻ جڏهن اهنجائيندڙ اهڙو ڪو ڪارو طوفان لڳو آهي جو هن ڌرتيءَ جيڪا ساھہ سرتي آهي تنھن جي وجود سان اهڙا ڪلور ٿيا آهن جو ماڻھن کان ساھہ کڻڻ وسري ويو آهي. سنڌ جي سرحدن جي گُم ٿيڻ جو انديشو سنڌي ٻوليءَ جي ٻولاچاري جي گُم ٿيڻ جو امڪان ۽ سنڌي ادب جا سُڪل سرچشما پسيو ساهوارن جي چشمن جو بہ پاڻي سڪي ويو آهي، وائڙائپ ۽ منجهيل هنن مسافرن جو مقدر بڻبي اها خبر هن ڪھاڻيڪار کي نہ هئي جي هجي ها تہ مان هئڙا اُميدن ڀريا جھان نہ جوڙيان ها، جن ۾ ٺوٺ ڌرتي، جو مينھاڻي مست جيڪو ڌرتي دان گهري ٿي جي گهُر تي ٺوٺ ڌرتي کي رَت پياري ٿو وري جي سگهي ٿو، ڇا ڪاڪي موتيرام (مرين تہ آرهڙ ۾ مرجان) استاد ڇاڱي مل (مٺوءَ جي ڪھاڻي) زور آور جي مامي جھڙا ڪردار وري تخليق ٿي سگهن ٿا.
ڪيئن آهن سنجهار (سومون سڀ ڄمار) زهرہ (سندڙيان سڱڙي) ڪٿي آهي ڏاڏي سونل (اکڙيون ميگهہ ملھار) ۽ ڇوٽڪاري جو پيغام ۽ استاد شفيع محمد (هيءُ زهر ڪير پيئندو) ڪٿي آهن ايم.آر.ڊي تحريڪ جا ڪردار مولو ۽ رياض. ڇا اِهي چيا وانگر اُڏامي سرڪڻ ڦاهي جو بَکُ تي ويا. ڇا هيءَ سڀ وَرُ ڳالھائي سگهن ٿا، ڇا منھنجي سنڌ (جنھن جو ماڊل نوشھروفيروز هئو). اهڙي انتشار جو شڪار ٿيندي جو حق سچ ڳالھائڻ وارا سڀ ائين بي قدر روين ڪري آهستي آهستي مرندا ويندا، ائين جيئن انسان جا اخلاقي قدر، ماپا ماڻ گهُٽجي ختم ٿي رهيا آهن. اڄ جڏهن منھنجو وطن انھن قدرن کان اَڻ ڄاڻائي جو اظهار ڪري ٿو تہ پوءِ مان هن سماج جو هڪ اڻ ڄاتل اڻ سڃاتل فرد جيڪو پنھنجي فن ۽ هُنر سان گڏ مري سگهي ٿو. منھنجو قلم ڪيترين ناانصافين، چٿيل، انسانيت جي چيخن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان پوءِ بہ لکڻ کان عاري آهي مون جڏهن پنھنجن کي پنھنجن جو پڪو پختو ويري بڻجندي ڏٺو، علمي، ادارن کي بداخلاقي جي وَرُ چڙهندي ڏٺو، زبان بندي مقدر بڻجي وئي. مون لکڻ ڇڏي ڏنو، هيءُ ڪڻ ڪڻ ريت ڪھاڻيون مھراڻ ۾ ڇپيل اُنھي دور جون ڪھاڻيون آهن جڏهن اسان جي سنڌي سماج ۾ جيئڻ جو حوصلو هو. تنھن ڪري هاڻ هي اُهي ڏياٽي وانگر آهن جنھن ۾ باقي ڪو تيل رهيو آهي. هن ڪتاب جي ڇپجڻ سان ڪو وڏا شعلا ڀنڀٽ ڪري نہ ٻرندا، نہ اڳ ڪي سماجڪ سڌارا اچي ويا. انھن سڌارن جي بنياد تي ملڪ ۾ وڏا انقلاب اچي ويا، وڏا وڏڦڙا مينھن پوندا اڻکٽ وڏن وسڪارن سڪارن جا ڏينھن ايندا پر ٿيو ائين جو وڏيون ٻوڏون آيون، سڀ ڪجهہ سنڌ سنڌين جو لُڙهي ويو انھن ٻوڏن ۾ سڀ سنڌي ٻولي جا ڪتاب درسي هجن يا ادبي لڙهي ويا، اُنھن سان گڏ اسان جو مانُ مرتبو لڙهيو، اسان جي ٻولي جي الف ب ت ث لڙهي وئي، اسان جي ثقافت جي شڪل ئي ڦري وئي. ايڏيون ڪي ٻوڙ ٻوڙان ٻوڏيون، طوفان واچوڙا ايندا آهن ڇا؟ ڇا سنڌ جي نئين نسل لاءِ سمنڊ مان نئين سنڌ جي ڌرتي نئين سر ڦٽي ۽ ڦاٽي نڪرندي، ۽ سمنڊ جي ٻاهران حضرت نوحؑ جھڙو نسلن جو رکوالو پنھنجو ٻيڙو جهليو لنگر هنيو بيٺو آهي. انھيءَ حضرت نوحؑ ڪئين ئي نون نسلن کي ڍوئي هن ڌرتي کي آباد رکيو آهي. مان هر ڀيري اِنھي حضرت نوحؑ سان گڏ ٻيڙي جي هڪ ناکئي جي صورت ۾ گڏ آهيان، لنگر اُت هڻبو جت سمنڊ جو سينو چيري ڌرتي ٻاهر نڪري ايندي مون کي يقين آهي تہ هن ڀيري جڏهن نئين ڌرتي نوان ويس وڳا پھري پنھنجي نئين روپ ٻهروپ سان سمنڊ چيري ٻاهر نڪرندي تہ مان ۽ حضرت نوحؑ ٻيڙي ۾ سوار نسلن جي نسلن کي اُنھي تي آباد ڪنداسين ۽ پوءِ مان اُنھن سنڌ جي نون نسلن تي نئين سر نيون ڪھاڻيون لکندس جنھن جا ڪردار فرشتن جھڙا ڪردار هوندا. اُنھن سان گڏ يقيناً فرعونن، راوڻن، ظالمن جھڙا ڪردار هاڻ ڪڏهن بہ جنم نہ وٺندا. تڏهن مان وَرَ هن گڻائتي ڌرتي تي هڪ مسافر جيان ٽپ ڏئي لھي پوندس ۽ ڪئين اَڇا اُجرا نون پيغمبرن، نون ولين سان گڏ هيءَ نئين ڌرتي نئين سنڌ تي لھي پوندا ۽ نئين جنت جھڙي سنڌ اڏيندا. تيستائين مان نيون ڪھاڻيون نہ جوڙيندس. تيستائين مان هن ڌوڙ ڌڪا، طوفانن ۽ ٻوڙ ٻوڙان کان بچڻ لاءِ پنھنجي ڌرتي تي ئي اهڙي قبر ۾ داخل ٿي انتظار ڪندس جڏهن ڌرتي سڄي لس ليٽ ٿي ويندي ۽ پوءِ حضرت نوحؑ يا جهولي لال يا خواجه خضرؑ جھڙيون هستيون ٻيڙا جهلي وقت بوقت پٺيان هونديون ۽ سنڌ تي اسان جھڙا سمنڊ جو سينو چيري نڪرندا ڪو حضرت نوحؑ سان تہ ڪو جهولي لال سان گڏ تہ ڪو خواجه خضرؑ سان گڏ، نڪتل هن نئين ٽُٽل ٻوٽي جيان نئين سنڌ کي آباد ڪنداسين. تيستائين مان انتظار ڪندس ۽ ڪھاڻيون نہ کڻندس منھنجا سائين!
حميد سنڌي

نئين رُت جو ڪھاڻيڪار

جڏهن منھنجي شعور اک کولي، ان وقت ڏٺم، سنڌي ادب جي دنيا ۾ شيخ اياز، محمد ابراهيم جويي، غلام رباني آگري، جمال ابڙي، مولانا غلام محمد گرامي ۽ حميد سنڌي جي وڏي هاڪ ۽ ڌاڪ ويٺل هئي. حميد سنڌي بنيادي طور تي هڪ ڪھاڻيڪار آهي، پر اُن وقت جي علمي دنيا ۾ سندس رسالي روح رهاڻ، ٽماهي مھراڻ، ماهوار سھڻي ۽ نئين زندگي رسالن جو وڏو نالو هو. خاص طور تي ٽماهي مھراڻ جي علمي حيثيت ۽ منزلت اُن دور جي هڪ مڃيل حقيقت هئي.
هي اُهي ئي ڏينھن هئا اُهوئي وقت هو، جڏهن حميد سنڌي ۽ روح رهاڻ سنڌ جو آواز ٿي اُڀريا، روح رهاڻ جا جشن، سنڌ جي حقن جي حاصلات جو هڪ وڏو وسيلو هئا. ان وقت حميد سنڌي جي ڪھاڻين جو مجموعو ’اُداس واديون‘، اسان جي هٿن ۾ آيو، تہ خبر پئي تہ هو هڪ سٺي ايڊيٽر سان گڏ هڪ سٺو ڪھاڻيڪار بہ آهي.
هِتي مان روح رهاڻ رسالي جي جشن وارين تقريبن جو ذڪر نہ ڪندس، ان موضوع تي منھنجو هڪ تحقيقي مقالو ”روح رهاڻ رسالو ۽ شيخ اياز“ ٽماهي مھراڻ ۾ ٻہ سال اڳ چپجي چڪو آهي، هتي موضوع حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين جي هن تازي مجموعي جو آهي. اهي ڪھاڻيون، ٽماهي مھراڻ ۾ ئي ڇپيل آهن، انھن کي سنڌي ادبي بورڊ طرفان سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آندو ويو آهي. يقيناً اها هڪ سٺي روايت آهي، پر ٿيڻ ائين گهرجي ها تہ حميد سنڌي صاحب جي سمورين ڪھاڻين کي ڪتابي شڪل ۾ آندو وڃي ها، تہ جيڪر اها هڪ سٺي روايت بنجي وڃي ها. جو حال وري بہ هڪ چڱو ڪم ٿيو آهي، ان لاءِ سنڌي ادبي بورڊ کي شابس هجي.
حميد سنڌي هڪ حساس، ذهين ڪھاڻيڪار آهي. سنڌي ادب سان هن جو ساٿ 1960ع کان وٺي هلندو پيو اچي. اڌ صديءَ کان مٿي جي ان دور ۾ حميد سنڌي وڪيل هجي، سنڌ يونيورسٽي ۾ ايڊيشنل رجسٽرار هجي، يا پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال هجي، تعليم کاتي ۾ ڊئريڪٽر ڪاليجز هجي، خيرپور يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هجي، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو چيئرمن هجي يا وري سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو چيئرمن هجي، هن سنڌي ڪھاڻيءَ سان پنھنجي نينھن جو ناتو ڪڏهن بہ نہ ڇِنيو آهي، اهو ائين کڻي چئجي تہ مينھن هجي، يا کڻي جُهڙ هجي، حميد سنڌي سنڌي ادب ۽ ڪھاڻي نويسيءَ سان تعلق قائم رهندو پيو اچي.
حيدرآباد شھر، سنڌ جو هڪ آبرومند ۽ سنڌي ادب جو بيروميٽر شھر آهي، هن شھر جي ادبي سڃاڻپ حميد سنڌي بہ آهي، جيتوڻيڪ پاڻ آهي تہ ساهتي پرڳڻي جو، پر نينھن جو ناتو حيدرآباد سان جڙيل اٿس، مان شخصي طور تي اها ڳالھہ چوڻ ۾ ڪابہ هٻڪ نٿو محسوس ڪريان. شيخ اياز کي اسان جي نسل حميد سنڌي جي مخزن روح رهاڻ ذريعي پڙهيو، سندس ئي روح رهاڻ رسالي جي جشنن وسيلي کيس ٻُڌو ۽ ڏٺو. اڄ جي نسل کي تہ شايد اُن دور جي مشڪلاتن جو صحيح طريقي سان اندازو ئي ڪونھي، پر اُهو دور ڏاڍو ڏکيو ۽ ڀيانڪ هو، سنڌ ون يونٽ جي قھري ڪوٽ ۾ بند هئي. سنڌي اخبارون ان وقت جون ملڪ جي صدر فيلڊ مارشل صدر ايوب خان جي حڪم جون غلام بڻيل هيون، سنڌ جي حقن لاءِ قومي اسيمبلي ۽ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ڪوبہ ميمبر هڪ اکر ڳالھائڻ لاءِ بہ تيار نہ هوندو هو، سائين جي.ايم.سيد سن ۾ نظر بند ۽ سنڌ سموري ۾ ڄڻ ڪوئي راڪاس گهمي ويو هو. ڪنھن ديو جي اثر ۾ ماڻھو سمھيل هئا.
اهڙي دور ۾ سنڌي اديبن جو گڏ ٿيڻ شيخ اياز جو ٻاهر نڪري اچڻ، هڪ وڏو معجزو هو. اها هڪ وڏي ۽ ڊگهي تاريخ آهي، ان لاءِ هي صفحا موزون نہ آهن، ڇاڪاڻ تہ هِتي ذڪر حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين جو ڪرڻو آهي.
حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين جو جڏهن بہ ذڪر ڪجي ٿو تہ الائي ڇو مون کي لڳندو آهي تہ حميد سنڌيءَ کي ڪھاڻي لکڻ جو ڍنگ، ڏانءُ چڱيءَ ريت اچي ٿو. هن کي پنھنجي انھيءَ ڏانءُ جي ڄاڻ آهي.
حميد سنڌي بنيادي طور تي هڪ ڪھاڻيڪار آهي ۽ سنڌي ڪھاڻي، سنڌي ادب جو هڪ مکيہ جز آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ڪھاڻين جي تاريخ ۾، لالچند امرڏني مل، امر لعل هنڱوراڻي ۽ آسانند مامتوراءِ کي وڏي اهميت حاصل آهي، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جمال ابڙي، غلام رباني آگري، آغا سليم، نسيم کرل، حميد سنڌي، امر جليل، طارق اشرف ۽ غلام نبي مغل جي لکڻ جو پنھنجو منفرد انداز آهي. اصل ۾ پيا نيا انداز ۾ لکيل ڪھاڻين جي هڪ جدا ٽيڪنيڪ آهي، پر ٽيڪنيڪ جي وصف بيان ڪرڻ بہ ڏکي آهي. مواد، اسلوب ۽ هيئت سان ڪھاڻي جڙندي آهي، سٺو مواد، سٺي ٽيڪنيڪ ۽ وڏي ڳالھہ تہ ڪھاڻي بيان ڪرڻ لاءِ نزاڪت، لفظن جي چونڊ ۽ ڪلاڪاريءَ جي صلاحيت مکيہ ڪردار ادا ڪندي آهي. اها ٽيڪنيڪ فقط جديد ڪھاڻيءَ جي پيداوار آهي، ماضي، حال ۽ مستقبل هاڻ ڪھاڻيءَ لاءِ ڪائي معنيٰ ڪونہ ٿا رکن.
مثال طور، هن ڪتاب ۾ شامل حميد سنڌي جي ڪھاڻي ”ڪھڙي مومل، ڪھڙو راڻو“، سنڌي ٻوليءَ جي هڪ شاندار ڪھاڻي آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ اسان جي سماج جي انتھائي ڏکوئيندڙ... پر حقيقتن کي هن وڏي ڪلاڪاري سان ويھي بيان ڪيو آهي. ’شانان‘ هن سماج جي هڪ ڇوڪري آهي، وقت ۽ حالتن هٿان مجبور... خاص طور تي هن دور ۾ اهڙيون ڇوڪريون سدائين اهڙن شڪار ٿينديون پيون اچن، اسان جي اوسن پاسن کان اهڙا ڪيترائي ڪردار ٽڙيل پکڙيل آهن. هن بدبودار سماج ۾، مجبورين ۽ حالتن جو شڪار بہ سدائين عورت ئي ٿيندي آهي. پوءِ مومل هجي يا کڻي شانان وقت ۽ بيرحم سماج جا اهي ڪردار اڄ بہ اسان جي سامھون آهن، پر انھن ڪردارن تي لکڻ، هڪ وڏو فن آهي.
حميد سنڌي ۽ هن مجموعي ۾ آيل ڪھاڻيون ”زماني جي دستور“، ”ويريون“، ”سندڙيان سڱري، ڳالھہ ڳجهڙي“ پڙهندي مون کي محسوس ٿيو تہ اسان جي ليکڪ وٽ سنڌي سماج جو ڪيڏو نہ وشال ڪئنواس موجود آهي۔ سنڌ جا ڳوٺ، سنڌ جي تھذيب ۽ تمدن، سنڌ جون پراڻيون روايتون جيڪي هاڻ موجود نہ رهيون آهن، سنڌي ڪردار، هن جي ڪھاڻين جا موضوع آهن، ماڻھن جي پس منظر ۾ ڳوٺن جو ماحول موجود آهي. انھن کي ان ڳالھہ جو چڱي ريت اندازو هوندو، تہ اهي ڪردار ڪيڏا نہ عجيب هوندا هئا، ”زماني جو دستور“ ڪھاڻيءَ ۾ ماما شمن جو کڻي مثال وٺو، خبر نٿي پوي تہ اهي نياز ۽ نوڙت وارا اڻپڙهيل پر داناء ماڻھو ڪيڏانھن هليا ويا؟
يا وري سندس هڪ ٻي ڪھاڻيءَ ”ٿيس ڏهاڳڻ ڏيھہ ۾“ مائي نور جي ڪردارن کي پڙهندي محسوس ٿيو تہ حميد سنڌيءَ وٽ يادگيرين جو هڪ وڏو سمونڊ موجود آهي، انھي يادگيرين کي هو ڪھاڻين جي روپ ۾ آڻيندو رهي ٿو۔ يادگيرين جي حوالي سان مون کي ياد اچي ٿو، منير نيازيءَ جو هي شعر:
بدلجندڙ موسم جي رات آهي
ميدان ۾ اونداهي آهي
هو سامھون اوچي ڪرسيءَ تي گهرن جي روشنيءَ ۾
درن جي ٻاهر بيٺل
ماڻھو ڪھڙيون ڳالھيون ڪري رهيا آهن؟
سياست جي؟ محبت جي؟ جنگ جي؟
گذري ويل ڏينھن جي.
ايندڙ مھينن ۽ سالن جي،
ڪجهہ بہ خبر نٿي پوي
بس پريان کان سندن چپ هلندي ڏسجن پيا.

اصل ۾ يادگيري جي هڪ شعوري عمل وسيلي، ماضيءَ کي ڳولڻ جي هڪ ڪوشس، ناڪامي ۽ زوال، ۽ آخرڪار پاڻ تخليقي شخصيت جو خاتمو، اهو سڀ هڪ حساس ليکڪ جو داستان آهي۔ يادگيريون هڪ اونھي سمنڊ وانگر هونديون آهن، انھن مان ڪي ماڻڪ موتي لال ڳولي، انھن کي لفظن جي روپ ڏيڻ، هڪ فن آهي۔ هتي يادگيرين جي حوالي سان مون کي ياد اچي ٿو ٽريڊڪ زندگيءَ بابت هڪ ڪوٽيشن:
Memory is the basis of individual Personality, just as tradition is the basic of the collective Personality of a people. We live in memory and by memory and our spiritual life is bottom simply the effort of our memory to persist, to transform, it self into hope the effort of our past to transform it self our Future.
انسان جي سموري زندگي يادن جي گلابي گلن سان ڀريل آهي ۽ اهي يادگيريون ڏاڍيون عجيب بہ هونديون آهن۔ مشھور فرينچ ناولسٽ ماسيل يروسٽ (1922-1871) پنھنجي هڪ طويل ناول:
Ala Recherché du temps perdu (IN SEARCH OF LOST TIME). ۾ لکي ٿو: ڪنھن خاص شڪل کي ياد ڪرڻ جي معنيٰ آهي ڪنھن خاص پل جو افسوس ڪرڻ ۽ ڏک جي ڳالھہ اها آهي تہ گهر ۽ گهٽيون ۽ پاڙا، گذريل سالن جي مثال وانگر هليا وڃن ٿا!
پر هڪ بيحد حساس ليکڪ کي ڪائي ڳولا بہ ضرور آهي، هيءَ ڌرتي، هوا، ستارا، چنڊ، سمنڊ، سج، درياء، وڻ، آسمان، ۽ وايومنڊل، هن جي ڳولا بابت ڪوبہ جواب نٿو ڏي. پوءِ هو قلم جو وسيلو ٿو وٺي. انھيءَ قلم ذريعي هو پنھنجي يادگيرين، ذهن جي ڪئنواس تي اُڪريل سمجهہ ۾ ايندڙ ۽ سمجهہ ۾ نہ ايندڙ نقشن کي ٿو لفظن جو ويس ڍڪائي. ڪھاڻيڪار/شاعر ويندڙ رتن ۽ اماوس راتين ۾ سپنا اُڻندو آهي، هو ويندڙ راتين جو عڪس هوندو آهي، اهو عڪس ڪنھن خوبصورت اپسرا جي يادگيرين، ٻڏندڙ سج ۽ اُڀرندڙ چنڊ وانگر آهي، ذهن جي زرتاب ڪنڊن مان ڇڻي ايندڙ سنھرن ۽ ايندڙ وقت جي سندر سپنن، اڪيلاين، سرمئي رتن جو پيامنبر هوندو آهي. دل جا دک ۽ درد ۽ لفطن جو بار کڻي هلندو رهي ٿو. حساس ليکڪ، جيڪي سرء ۽ وڻن هيٺان، ڊگهن رستن تي آهن چپ چاپ بيٺل، پنھنجي پنھنجي ڪھاڻي چوڻ جا منظر!! ڪنھن نئين رت جا منظر! نيون رتون، وڻن مان ڇڻيل ۽ اڏامندڙ پنن ۾ ويڙهيل ۽ ستارا سندن اکين ۾ لھي ٿا اچن، زندگيءَ جي ڇڪتاڻ ۽ فطرت ۾ موجود ماحولياتي اثر، ڊپ، خوشي ۽ اُميد هن کي تخليق ڪرڻ تي ٿي مجبور ڪري، شاعرن، ڪھاڻيڪارن، پنھنجي ان تخيل جي ڪارفرمائي سان انسانن کي علم جي بادشاهت سان روشن ڪيو ماڻھن ۾ احساسن، جذباتن ۽ خيالن جي وحدت پيدا ڪئي، جنھن جي نتيجي ۾ سياسي شعور ۽ تجزيو پيدا ٿيو. تجزيو جيڪو دنيا ۾ انساني تجزيي کي سمجهڻ جي ڪوشش آهي ۽ ان کي ئي فلسفو ڪري سڏين ٿا.
هڪ فلسفي چيو آهي، ”ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ کي سمجهڻ ايترو ضروري نہ هوندو آهي، فقط زنده رهڻ ئي گهڻو ڪجهہ هوندو آهي، پر اسان جو زمانو انھن مان ڪونھي. اسان جي لاءِ ضروري آهي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.“
سمجهڻ جي ان ڪوشش ۾، هڪ ليکڪ گهڻو اڳتي ٿو نڪري وڃي. ٿي سگهي ٿو تہ ان ڪري بہ جو، انسان عدم جي اونداهي مان نڪري وجود جي روشنيءَ ۾ اچي ٿو ۽ انھيءَ روشنيءَ سان وڙهندي وڙهندي هو اوچتو عدم جي اونداهين ۾ ٿو گم ٿي وڃي.
پر هڪ ليکڪ پنھنجي لکڻين وسيلي ايندڙ ڪيترن دورن تائين زنده رهي ٿو. هن جي من ۾ انيڪ کٽڻھار کڙيل رهن ٿا، هتي مون کي حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻي ”اکڙيون ميگهہ ملھار“ ڏاڍي پئي ياد اچي. اهي ڪردار يعني ڏاڏي سونل جو ڪردار اڄوڪي نسل ڏٺوئي ڪونہ. جيتوڻيڪ سندس اها ڪھاڻي، مختصر ڪھاڻي آهي، پر اها ڪھاڻي پڙهي منھنجيون اکيون الائي ڇو آليون ٿي ويون.
منھنجي خيال ۾ هن ڪتاب ۾ آيل ڪيتريون ڪھاڻيون سھانجهڙي جي خوشبوءَ وانگر آهن، ڪنھن بہ هڪ ماڻھوءَ جون نہ، پر هر هر ماڻھوءَ جون ڪھاڻيون آهن.
ڇا حميد سنڌيءَ جي هيءُ شاندار ڪھاڻي ”مرين تہ آرهڙ ۾ مرجانءِ“ سنڌ جي هر سنڌي ماڻھوءَ جي ڪھاڻي ڪونھي؟
اڄ جي سنڌ: سڀاڻي جي سنڌ ۽ سُڪل سنڌو درياھہ جي ۽ هن ديس واسين جي درد ڪٿا جو داستان- ”مرين تہ آرهڙ ۾ مرجانءِ“ بابت فقط ايترو چوندس تہ اِها ڪھاڻي پڙهڻ سان ماڻھوءَ جو لڱ لڱ ٿو ڪانڊارجي وڃي، ان ڪھاڻيءَ کي لفظن جي ڀيٽا ڏيڻ ممڪن ڪونھي.
مون کي اميد آهي تہ حميد سنڌي پنھنجي قلم جي سگهه، پختي شعور، يادگيرين جي ڪئنواس سان سنڌي ادب کي آئيندہ بہ ڪھاڻيون ڏيندو رهندو. منھنجي تہ کيس گذارش آهي تہ هو هڪ ناول تي بہ ڪم ڪري، ساڳئي وقت يادگيرين لکڻ لاءِ بہ هوم ورڪ ڪري. هو پاڻ سنڌ جي شاندار قومي ۽ سياسي جدوجھد جو اکين ڏٺو شاهد آهي. هن شاندار گذري ويل سنڌ جي قومي اتھاس جي آسمان تي چمڪندڙ روشن ستارا اکين سان ڏٺا. ڪيڏا نہ جهونجهار ڪيترا نہ سچا انسان هئا، اهي؟ شيخ اياز، رشيد ڀٽي، مولانا غلام محمد گرامي، عبدالڪريم گدا، عبدالڪريم پلي، معصوم هالائي، حفيظ قريشي، نياز همايوني، اشفاق قاضي، نبي بخش کوسو، عبدالفتاح عبد، عنايت الله ڌمچر، استاد بخاري، بيگم زينت چنا، ڪامريڊ ابن حيات پنھور، محسن ڪڪڙائي، شوڪت سنڌي، مجرم لغاري، پروفيسر عمر ميمڻ، جمال رند، غلام رباني آگرو، سراج الحق ميمڻ، قاسم پٿر سنڌي، سرويچ سجاولي، نثار حسيني، ڪامريڊ علي احمد قريشي، ڪامريڊ عمر شورو، ڪامريڊ يعقوب گل، محمد صديق پکيئڙو، ارباب نورمحمد پليجو، محمد ابراهيم منشي، شوڪت سنڌي، مومن مليرائي، زرينا بلوچ ۽ ٻيا انيڪ قومي ڪارڪن، سنڌ جي آسمان جا تارا هئا. سنڌ جي مقدر کي بدلائڻ جا سُنھري سپنا کڻي هنن هڪ ڊگهي لڙائي لڙي، جيلن ۾ ويا، قيد جون سختيون ڪاٽيائون ۽ هڪ تاريخ ٺاهي ويا.
اهي سڀ ماڻھو مشعل هئا، ٻارڻ ڏيئي ٻاري هليا ويا، هن هجوم حيران ۾ سڀ کان اڳتي هوندي بہ پوئتي رهجي ويا، ڄڻ چنڊ جا مسافر هئا، جيڪي چانڊوڪيءَ کان ڀڄي ويا، زندگي کي ڏسندي، پرکندي، اُجڙيل شامن، رات جي پوئين پھرن جا مسافر، اونداهين راتين ۾ پرھہ ڦٽي جي آس جا پانڌيئڙا. اسان جي اکين ۾ جوت جلائي، پاڻ گم ٿي ويا.

مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي، جا واٽ آ ٺاهي،
اُن واٽ تان گذرين، تہ مون کي ياد ڪندو ڪر.
(راشد مورائي)

مدد علي سنڌي

ڪارو رت

اڃا اک ئي مس لڳي هيس، تہ در تي کڙڪو ٿيو. اُٿي ئي اُٿي، تہ ٻيو ڀيرو زور سان ڪڙو کڙڪيو.
”رُلي مُئا آهن! اچيو آڌيءَ رات جو سکُ ڦٽائين!“ پيرو بڙ بڙ ڪندو هنڌ مان اُٿيو.
ٻہ سجاڳ اکيون کيس پويان پويان ڏسڻ لڳيون.
”ابا، ڪھڙو؟“ ٻاهر اڱڻ ۾ ايندي، هن وڏي سڏ پڇيو.
”ميان، جواب تہ ڏي! ڪير آهين؟“ هو خار کائيندي ٻاهرئين در ڏانھن وڌيو.
اندر، ڪوٺيءَ ۾، ڪا نازڪ دل ايندڙ خطري جي احساس کان زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي.
پيروءَ در کولي ٻاهر ليئو پاتو. ڪنھن سڃاتل شخص جو پاڇو معلوم ٿيس. خوشيءَ وچان بي اختيار ٿي پڇيائين، ”ڪير!.... متان اَدو شير.....“ هن جي جملي پوري ڪرڻ کان اڳ اُهو شخص اندر گهڙي آيو. پيروءَ هاڻي کيس چڱيءَ طرح سڃاتو، ۽ ڀاڪر پائڻ لاءِ ٻنھي ٻانھن کي کوليندي ڪجهہ چوڻ تي هو، تہ ايتري ۾ آيل شخص جي هٿن کي تيزيءَ سان حرڪت آئي.... هلڪيءَ دانھن سان، پيروءَ جي سري وڃي پرتي پيئي، ۽ ڌڙ اُتي ئي نچندي نچندي ڊهي پيو.
اندران هڪ سنھي چيخ ٿي، ۽ ڪو ڊُڪندو ٻاهر آيو.
”تون ڇو آئي آهين؟ آءٌ پاڻيھي اچان ٿو. ڏس تہ، منحوس اڃا پيو ڇڙيون هڻي! تون اندر هل، آءٌ اڃا.... اڙي، جنو، تون تہ ڏڪين پيئي!“ هن جنوءَ کي ڀاڪر ۾ جهليندي چيو، ”ڊڄي ويئي آهين؟ ڊپ ڇا جو، آءٌ جو موجود آهيان!“
”شيرو!.... تو هي ڇا ڪيو!“ جنو شيروءَ جي ڪلھي تي اهلي پيئي.
”ٺيڪ ٿيو، هن پوڙهي کي مرڻ ئي کپندو هو. هي سڀڪجهہ تو لاءِ ئي تہ ڪيو اٿم!.... هاڻي تون شيروءَ جي زال آهين، شيروءَ وانگي بھادر ٿيءُ. تون هل اندر، آءٌ اچان ٿو. گهٻرائي بلڪل نہ....“
شيرو سٽ پائي در ڏانھن وڌيو. ٻاهر آسپاس نظر ڪيائين. رات جو اوندھہ ۾، پري تائين پکڙيل ٻنيءَ ۾ گاھہ جي ڪارن لڏندڙ لمندڙ پاڇولن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ هو. هن آهستگيءَ سان دروازو بند ڪيو، ۽ موٽي لاش وٽ آيو.
”اڙي، تون اڃا اتي بيٺي آهين! هتي گهڻو نہ بيھہ، تنھنجي دل ڪمزور آهي. جنو..... او جنو!.... جنت!.....“
جنت، لوئيءَ ۾ ويڙهي، ائين خاموش ۽ بيحرڪت بيٺي هئي، ڄڻ ڪو پٿر جو بي پساھہ بوتو هجي. شيروءَ وڌي اچي ٻانھن ۾ ورتس. جنوءَ، ڇرڪي، ڪنڌ کڻي سندس ڪلھي تي رکيو، ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
”چري آهين ڇا، روئين ڇو ٿي؟ توکي تہ پاڻ خوش ٿيڻ کپي! هل. اندر هلي آرام ڪر. آءُ بہ هلان ٿو....“
شيروءَ کيس ڀاڪر ۾ وٺي اچي اندر کٽ تي ليٽايو. پاڻ سندس سيرانديءَ کان ويھي رهيو. لالٽين جي جهڪي روشنيءَ ۾ کيس جنوءَ جو منھن بلڪل هاريل ۽ نپوڙيل نظر آيو. هوءَ اکيون بند ڪري پيئي هئي، ۽ سندس ساھہ زور زور سان کڄي رهيو هو. شيروءَ سوچيو، ’زال ذات آهي، لاش ڏسي ڊني آهي. اسان جي دل تہ اهڙي پڪي ٿي ويئي آهي جو حرام ڪو لوڏو اچيس!.... جنوءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪو رستو ئي ڪونہ هو.... خود جنوءَ بہ تہ ائين ئي ٿي چاهيو!‘
”جنو!“ هن جنوءَ کي ڌونڌاڙيو.
”هون....“
”اُٿي تہ ويھہ، اڃا گهڻي رات پيئي آهي. مس مس دل جو غبار هلڪو ٿيو آهي. هاڻي اسين هميشہ لاءِ هڪٻئي جا ٿي رهنداسين. جيڪو وچ جو ڪنڊو هو، سو بہ خيرن سان دفع ٿي ويو.“
”وچ جو ڪنڊو تہ دفع ٿي ويو، ..... پر.....“ وڌيڪ چوڻ بدران، جنو اکيون کولي شيروءَ جي منھن ۾ تڪڻ لڳي.
”.... پر؟.... چئہ، چئہ.“
”مان ڀانيان ٿي، ..... شيرو،..... اهو چڱو نہ ٿيو!“ جنوءَ وري اکيون ٻوٽي ڇڏيون.
”تون اجايا کُٽڪا نہ ڪر، جنو، جيڪي ٿيو سو ڏاڍو چڱو ٿيو. پيروءَ مان توکي سک بہ ڪھڙو هو... هو پنجاھہ ورهين جو، تون ٻاويھن ورهين جي.... ڪيڏو نہ ظلم چئبو! ننڍي هوندي کان نالي ٿيل هئاسين، پوءِ آءُ ملٽريءَ ۾ ويس هليو، پر آخر تہ موٽي اچڻو هوم! سچ پڇين، جنت، توکان سواءِ مون کي ڪٿي بہ آرام ڪونہ هو!“
”پر،.... آءٌ تہ هاڻي اها ساڳي....“
”ڏس، جنو، تنھن ڏينھن بہ تو اها ئي ڳالھہ ڪئي... چيومانءِ تہ تون مون لاءِ اُها ئي جنو آهين، اها ئي جنو آهين! ڪجهہ اڳيون ڳالھيون تہ ياد ڪر... اڄ ورهين کان پوءِ اهو زمانو وري آيو آهي، جڏهن اسين ڏينھن رات هڪٻئي کان جدا نہ ٿيندا هئاسين!...“
جنوءَ جي ذهن تي يادگيرين جا انبار تري آيا. ننڍپڻ جو زمانو، جڏهن ٻئي ڄڻا سڄو سڄو ڏينھن پيا ٻنين جي ڪشادين ساوڪن ۾ ڊوڙون پائيندا هئا، ۽ پوءِ جوانيءَ جون اهي يادگار گهڙيون، جن ۾ جنوءَ ۽ شيروءَ هڪٻئي سان قول قرار ڪيا هئا. جنو شيروءَ جي ڪنھن رشتي سان سوٽ ٿيندي هئي. شيرو گهڻو ڪري ٻنيءَ تي رهندو هو. جيتوڻيڪ گهر پري ڪونہ هئا، تہ بہ اهو اڪثر ڪري راتيون بہ منھہ ۾ گذاريندو هو. ڀلا گهر ڪنھن لاءِ وڃي؟ سڳي پيءُ جو تہ گهر ڪونہ هوس. شيروءَ جي ماءُ خيران ڀر واري ڳوٺ جي هڪ هاريءَ جي زال هئي، جا پيروءَ جي پيءُ، محمد خان ڪمدار، زميندار جي زور تي ڀڄائي هئي. شيرو ان وقت ستن ورهين جو هو، ۽ ماڻس کيس بہ ساڻ کڻي آئي هئي. شيروءَ جي سڳي پيءُ گهڻي ڊڪ ڊوڙ ڪئي، پر مائيءَ خيران جو محمد خان ڪمدار سان اهڙو نينھن لڳي ويو جو کلي ڪورٽ ۾ چئي ڏنائين تہ ’مڙس منھنجو هيءُ، ٻيو سڀ ڪوڙ‘. شيروءَ کي نہ نئون پيءُ محمد خان وڻيو، ۽ نہ وري محمد خان کي ئي شيرو پسند پيو. پيرو، جو محمد خان جي اڳينءَ زال مان هو، تنھن مڙئي شيروءَ سان سنگت رکڻ چاهي. جيتوڻيڪ پاڻ ان وقت پنجويھن ورهين جو جوان هو، پر پيروءَ کي الائي ڇو شيروءَ جي ٻالي ڀولي شڪل ڏاڍي وڻندي هئي. پر شيرو انھيءَ سان بہ نہ ٺھيو. شيرو ٺھيو، تہ ’جنت‘ سان، جا پيروءَ جي سڳي سوٽ هئي.... ۽ هاڻ شيروءَ جي بہ سوٽ ٿي. شيرو ۽ جنت اهڙا ٺھيا، جو جواني اچي ويئي تہ بہ هنن ۾ اها ئي مستي ۽ چلولائي هلندي آئي. ڪڏهن ڪڏهن مزي ۾ اچي، شيرو جنت کي چوندو هو:
”جنو، تون مون سان شادي ڪندينءَ نہ؟“
”هون، توسان“ جنو منھن ۾ ڪُوڙو ور وجهي چوندي هئي، ”شڪل ڏٺي اٿئي پنھنجي! امان مون کي چوندي آهي تہ ’تون چوڏهينءَ جو چنڊ آهين‘، پوءِ ڀلا تو ڇا آهين جو مون سان شادي ڪندين!“
شيرو ٻانھن کان جهلي وٺي مروٽڻ لڳندو هوس، تہ جنوءَ کان ڪيڪ نڪري ويندي هئي: ”اَلا، ڇڏ، منھنجي ٻانھن ٿي وڃي!“
”تون چوڏهينءَ جو چنڊ آهين نہ!“ شيرو ٻانھن کي ٿورو وڌيڪ موڙو ڏيندو هو.
”نہ نہ، تون آهين چوڏهينءَ جو چنڊ، بس!.... الا، منھنجي توبھہ!“
”ٻڌاءِ، مون سان شادي ڪندينءَ نہ؟“
جنو، شرمائجي، منھن کڻي ٻئي پاسي لڪائيندي هئي.
”ڀلا، چنگ تہ ٻڌاءِ!“ جنو چوندي هئي. شيرو چنگ وڄائيندو هو، تہ جنت جي دل جي تار تار تڙڦي اُٿندي هئي، ۽ هوءَ شيروءَ جي ڪلھي تي ليٽي پوندي هئي. ائين ئي، پيار محبت جون گهڙيون گذاريندي، هو هڪٻئي جي نالي ٿي ويا. شيروءَ جي ماءُ ڏاڍي ڪوشش ورتي: جيتوڻيڪ محمد خان ڪمدار راضي نہ هو، پر زال جي ڪري چپ رهڻو پيس. جنوءَ کي اهي سڀ ڳالھيون هڪ هڪ ٿي ياد اچي رهيون هيون.
.... محمد خان جي نفرت لڪل ڪانہ هئي. هو شيروءَ کي آهاني بھاني پيو ڇيڙيندو ۽ ڇڙٻون ڏيندو هو. شيرو اهي سڀ ڳالھيون سهي، ماٺ ۾ پيو وقت گذاريندو هو. هڪڙي ڏينھن، واٽر ڪورس جو پاڻي ٻڌي موٽيو، تہ پويان ٻُنڍو ٽُٽي پيو. پاڻي اڃا گهڻو ڪونہ نڪتو هو تہ محمد خان اچي اتي نڪتو، جنھن وٺ وٺان ڪري پاڻي تہ وري ٻڌرائي ڇڏيو، پر موٽي اچي شيروءَ سان ڏاڍي جُٺ ڪيائين، ڏاڍو ڇينڀيائينس ۽ ڏاڍو بيعزت ڪيائينس، شيروءَ اُها رات منھہ ۾ گذاري. سڄو وقت بيقرار ۽ بي آرام رهيو. انھيءَ رات هن جنوءَ کان وفاداريءَ جو ٻول ورتو هو. جنوءَ کيس گهڻو ئي روڪيو، رُني ۽ رڙي، پر شيرو ڳوٺ ڇڏڻ جو اصل فيصلو ڪري چڪو هو. هن جنوءَ سان جلد موٽڻ جو واعدو ڪيو، ۽ صبح ٿيڻ کان اڳ ئي ڳوٺ ڇڏي هليو ويو.
..... ان کان پوءِ، ساندھہ ٽي سال شيروءَ جو پتو ئي ڪونہ پيو. انھيءَ وچ ۾ شيروءَ جي سڳي پيءُ کي موقعو ملي ويو، جنھن هڻي محمد خان جا ڳپل لاهي وڌا، ۽ ان سان گڏ خيران کي بہ ڳڀا ڳڀا ڪري ڪُٺائين.... ٻنھي کي ڪارو ڪاري ڪري ماريائين.
.... شيروءَ جي فوج ۾ وڃڻ جي خبر جڏهن ڳوٺ ۾ آئي هئي، تہ جنو ڏاڍو رُني هئي. کيس خبر هئي تہ فوج وارا جنگ ڪندا آهن، ۽ جنگ ۾ ڪيترائي ماڻھو مري ويندا آهن. پوءِ جڏهن ڪنھن اچي شيروءَ جي مري وڃڻ جي خبر هُلائي هئي، تہ جنوءَ جا تمام بُرا حال ٿيا هئا. جنوءَ کي اهو وقت چٽيءَ طرح ياد هو، جڏهن مائٽن کيس زبردستيءَ پيروءَ سان پرڻائي ڇڏيو. پيروءَ جي اڳين زال بي اولاد مري ويئي هئي. جنوءَ کي جڏهن بہ شيرو ياد ايندو هو تہ هن دل دانھون ڪرڻ لڳندي هئي. ۽ وري جڏهن کيس شيروءَ جي مري وڃڻ جو خيال ايندو هو، تہ هوءَ بنھہ نيم پاڳل بنجي ويندي هئي. ڪيترائي ڏينھن هوءَ شيروءَ جا خيال پچائيندي، اندر ئي اندر ۾ لڇندي رهي.
دائمي جدائيءَ جو اونھون ناسور وقت جي مجرب مرهم سان مس مس وڃي ڀريو هو، تہ هڪ ڏينھن اوچتو شيرو موٽي آيو... ٽن سالن کان پوءِ! هو جڏهن گهر ۾ قدم رکي رهيو هو تہ کيس اها خبر ئي ڪانہ هئي تہ هو صرف پيروءَ جي ئي گهر ۾ داخل نہ ٿي رهيو آهي، پر خود جنوءَ جي چانئٺ پڻ ٽپي چڪو آهي. نماشام جي ويل هئي، جنوءَ کير پئي لاٿو، تہ پٺيان شيروءَ اچي کيڪار ڪئي.... ”ڀاڄائي، سلام......!“
جنو انھيءَ آواز تي سڄي ڇرڪي وئي. چونري هٿن مان ڇڏائجي وئيس. ٽپ ڏيئي اُٿي، ۽ بت بڻجي بيھي رهي. اهو تہ کيس وهم گمان ۾ بہ ڪونہ هو تہ ڪو شيرو وري جيئرو ٿي ايندو! شيرو بہ صفا ٺاپرجي ويو. کيس بلڪل اعتبار ئي نہ پئي آيو تہ هوءَ جنو ٿي سگهي ٿي. ڪا گهڙي، هو ٻئي هڪٻئي کي ائين چپ چاپ، اکيون ملائي، حيرت سان ڏسندا رهيا، ڄڻ ٻئي هڪٻئي لاءِ اجنبي هئا، ڄڻ ٻئي هڪٻئي کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
جنوءَ کي چڱي طرح ياد هو..... جڏهن هن شيروءَ کي پنھنجي سموري ماجرا ٻڌائي هئي، تہ شيرو بيحد جوش ۾ ڀرجي ويو هو. هو ڳوٺ ڇڏي وڃڻ تي ڏاڍو پشيمان هو. هن جون اکيون ڀرجي آيون هيون، ۽ ڪيتريءَ دير تائين هو فقط جنوءَ جي منھن کي گم سم تڪيندو رهيو.... ۽ پوءِ هو يڪايڪ جوش ۾ اچي چوڻ لڳو، ”جنو شيروءَ جي آهي، ۽ شيروءَ جي ٿي رهندي!“ ايتري ۾ پيرو آيو. پھرين هٻڪي بيھي رهيو، ۽ پوءِ وڌي شيروءَ کي ڀاڪر پاتائين. ڏاڍو خوش ٿيو، ڏاڍا ڏک ڏوراپا ڏنائينس، پر شيروءَ رڳو ’هان‘ ۽ ’هون‘ ۾ پئي جواب ڏنس.... ڄڻ تہ هو پيروءَ کي سڃاڻندو ئي ڪونہ هو. پيروءَ ڄاتو، ڀائو پري کان ٿڪجي آيو آهي، سو شيروءَ جي رُک- مُنھانئيءَ جو خيال ڪونہ ٿيس. شيرو تہ رات ئي ويو ٿي، پر پيروءَ ۽ جنوءَ جي زور ڀرڻ تي ٽِڪي پيو. ماني کائي، پيرو هليو ويو پاڻيءَ جي واري تي. شيروءَ ۽ جنوءَ.... ٻنھي سڄي رات ڳالھين ڪندي گذاري. ڳوٺ ڇڏڻ کان پوءِ جون ڳالھيون، ملٽريءَ جون ڳالھيون، ننڍپڻ ۽ جوانيءَ جون ڳالھيون، ۽ جنوءَ سان پنھنجي اٿاھہ محبت جون ڳالھيون ورجائيندي، شيروءَ آخر جنوءَ کي سندس وفاداريءَ جو انجام ياد ڏياريو. جنو، اضطراب ۽ مجبورءَ جي گڏيل احساسن ۾ کوئجي، بلڪل چپ چاپ ويٺي اهي ڳالھيون ٻڌي رهي هئي، تہ شيروءَ يڪايڪ پنھنجو خوني ارادو ظاهر ڪيو، جنھن جنوءَ کي بلڪل ڏڪائي ڇڏيو. هن شيروءَ کي ڪيتروئي سمجهايو، ٻاڏايو، آزي ۽ نيزاري ڪئي، پنھنجيون مجبوريون ٻڌايون، پر شيروءَ سندس هڪ بہ نہ ٻُڌي، ۽ آخر تائين ائين ئي چوندو رهيو تہ ”آءٌ ڪنھن بہ حالت ۾ توکي حاصل ڪندس،.... يا پاڻ کي ختم ڪري ڇڏيندس!“ جنو ٻنھي حالتن ۾ مجبور هئي. هوءَ فقط روئي سگهي ٿي، خاموش رهي سگهي ٿي. صبح جو شيرو کيس خاموش روئندو ئي ڇڏي، بنا موڪلائڻ جي هليو ويو... ۽ ٽيءَ رات، پيروءَ جي ئي گهر ۾، پيروءَ جي رت جا دُٻا ڇانئجي ويا.
رت جي دُٻن جي خيال ايندي، جنو ڇرڪ ڀري اُٿي.
”ڇو، جنو!“ شيروءَ کي بہ جنوءَ جي پاسي ۾ ويٺي ويٺي ننڊ جا جهوٽا اچڻ لڳا هئا. ”تون هاڻي آرام ڪر، جنو، دل تي ڪنھن بہ خيال کي نہ اچڻ ڏي. آءٌ بہ ٿوري دير اتي ئي ٿو پنڪي کائي وٺان، ۽ پوءِ...... ڀلا، توکي ڇا ڪرڻو آهي؟..... آءٌ نڪري وڃان، پوءِ تون ’خون خون!‘ ڪجانءِ..... زور سان! ٻيا گهر ڪافي پرڀرو آهن.... بردباريءَ کان ڪم وٺج، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو..... چڱو، هاڻي آرام ڪر.....“ شيرو سنئون ٿي ليٽي پيو. پر جنوءَ کي آرام ڪٿي هو؟ ڪئي خيال، ڪئي وسوسا هن جي ذهن ۾ ايندا ۽ ويندا رهيا. ’هيءُ ڇا ٿي ويو؟‘..... هوءَ ڪيتري دير تائين اڄوڪي واقعي بابت سوچيندي، خوف کائيندي، ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي رهي. طرح طرح جي جذبن جي طوفان ۾، هن ڪنھن وقت پيروءَ جي بيگناھہ خون تي ملامت پئي محسوس ڪئي، تہ ڪنھن وقت شيروءَ جي محبت مٿس غالب هئي. رات اڌ کان مٿي چڙهي آئي هئي. بيحد بيچينيءَ وچان، هوءَ آهستي آهستي اُٿي ٻاهر اڱڻ ۾ آئي، جتي تارن جي جهڪي روشنيءَ ۾ پيروءَ جو پٽ تي پيل لاشو بلڪل ڀوائتو منظر پيش ڪري رهيو هو. جنوءَ جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. هوءَ ڪا گهڙي بلڪل گم سم هڪ هنڌ بيٺي رهي، ۽ پوءِ هوريان هوريان اڳتي وڌڻ لڳي. لاش جي قريب اچي، هوءَ بيھي رهي. پرتي پيروءَ جي سسي پيئي. رت جا وهي هليل دُٻا، خشڪ ٿي، هڪ هنڌ ڄمي ويا هئا. چوڌاري چپ چپات لڳي پئي هئي. رات جي سناٽي ۾، گهر جي وڏي ويڪري اڱڻ ۾، اڪيلي جنو ائين خاموش ۽ بيحرڪت بيٺي هئي، ڄڻ تہ ڪو آسماني روح عبادت ۾ مصروف هو. جهُڪيل نگاهن سان، هوءَ پٽ تي پيل لاشي کي ائين هڪ ٽڪ ڏسندي رهي، ڄڻ تہ هن جي سموري سوچ سندس اکين ۾ اچي گڏ ٿي هئي. هوءَ ڏسندي رهي، سوچيندي رهي، آسپاس جي ماحول کان بلڪل بيخبر، سڀني خيالن کان بي نياز، فقط پيروءَ جي باري ۾.... پيروءَ، هن جو خاوند، هن جو سڳو سوٽ، گهر جو مالڪ، جنھن جو جنازو ڌرتيءَ تي ائين بيواهو پيو هو، ڄڻ تہ هي گهر سندس گهر نہ هو، ڄڻ تہ سندس ڪوبہ عزيز قريب، ڌڻي ڌوڻي، هوئي ڪونہ! يڪايڪ جنوءَ کي ائين محسوس ٿيو تہ پيرو ساڻس شڪايت ڪري رهيو هو... ’تون ئي تہ منھنجي سڀڪجهہ هئينءَ!..... آءٌ، تنھنجو سھاڳ، تنھنجي ئي ڪري تہ بيگناھہ مارجي ويس!...‘ انھيءَ گهڙيءَ هوءَ پنھنجو پاڻ کي مجرم سمجهڻ لڳي.... ’الا، ڌڻي منھنجا، هي مون ڇا ڪري وڌو!.... نڪاح ٻڌي هئيسانس، ائين بيواهو ٿي مُئو!‘ جنوءَ کان هڪ دٻيل اوڇنگار نڪري ويئي. اکين مان لڙڪن جي قطار وهي هلي. همدرديءَ ۽ ڪهڪاءَ جو هڪ شديد جذبو، دل جي گھراين مان اُڀري، هن جي حواسن تي ڇانئجي ويو.... ۽ هوءَ بي اختيار پيروءَ جي بيجان جسم تي ڪري پيئي. سندس سيني ۾ پيار جي هڪ انوکي لھر اُڀري، جا هن پيروءَ لاءِ پھريون ئي دفعو محسوس ڪئي هئي. انتھائي رقت جي حالت ۾، پيروءَ جي ڇاتيءَ سان چنبڙي، هوءَ لڳاتار اونھان سڏڪا ڀريندي ۽ اُسڙڪندي رهي. هڪ گهڙيءَ لاءِ هن چاهيو تہ هوءَ زور زور سان دانھون ڪري، چلائي، فرياد ڪري، پر غم جي شدت کان هن پنھنجو گلو گهٽبو محسوس ڪيو. اکين جو سمورو پاڻي خشڪ ٿي چڪو هو. بدن بيسُرت، ۽ دماغ ڀاري هو. هٿ ۽ ڪپڙا سڀ رت سان رنڱجي ويا هئا. ڳچ ڳچ دير کان پوءِ، اوچتو هن جي نظر پنھنجن رت ڀريل هٿن تي پيئي، تہ هوءَ لرزي ويئي..... ’خون!‘ بي اختيار، منھن کڻي هٿن ۾ لڪايائين. انھيءَ ئي گهڙيءَ، يڪايڪ هن کي خيال آيو... ’خوني منھنجي گهر اندر آهي‘.... خوني، قاتل..... پيروءَ جو قاتل.... منھنجي خاوند جو قاتل!..... شيرو؟... شيرو؟.... خوني، قاتل، منھنجي سھاڳ جو چور!....‘ هن جون نگاهون پيروءَ جي پري تائين پکڙيل رت ڏانھن کڄي ويون، جيڪو تارن جي جهڪي روشنيءَ ۾ ڪارن وهڪرن جو روپ ڏيکاري رهيو هو، پر جنوءَ کي ان ۾ پنھنجي ڀاڳ سھاڳ جي لالائي نظر اچي رهي هئي. اندر جي اضطراب کان، هوءَ ٽپ ڏيئي اُٿي. هن جي دل وري تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳي، جنھن ۾ جذبن جو هڪ بيپناھہ طوفان جاري هو: ’شيرو خوني آهي! هن هڪ بيگناھہ جي حياتي ورتي آهي.... منھنجي حياتي تباھہ ڪئي آهي..... منھنجو دشمن آهي.... منھنجو ڪوبہ واسطو ڪونھي، ڪوبہ واسطي ڪونھي، شيروءَ سان منھنجو ڪوبہ واسطو ڪونھي!....‘
خيالن جي بيخريءَ ۾، جنو ڪوٺيءَ جي دروازي تائين پھچي آئي. شيرو اگهور ننڊ ۾ ستو پيو هو. جنوءَ کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ڪو ڌاريو ستو پيو هو. ’خوني!.... منھنجي گهر ۾؟.....‘ اکين ۾ رت ڀرجي آيس. هڪ گهڙيءَ لاءِ هوءَ منجهي بيھي رهي، ۽ پوءِ وڌي شيروءَ جي قريب آئي. شيروءَ جو لاپرواھہ چھرو هن کي بيحد ڀيانڪ معلوم ٿيو. ڪنھن نامعلوم احساس کان، هن جو سڄو بت ڏڪڻ لڳو. سندس ٿڙڪندڙ ٽنگون خود بخود پوئتي هٽڻ لڳيون، ۽ ڀت تائين پھچي بيھي رهيون. ڀت جي ٽيڪ تي رکيل ڪنھن چيز جي ڇھاءَ سان جنوءَ جي ذهن کي اوچتو جهٽڪو آيو. سندس ڏڪندڙ هٿن کي زوردار حرڪت آئي، .... ٻيءَ گهڙيءَ سڄيءَ ڪوٺيءَ ۾ شيروءَ جي گرم رت جا ڦوهارا ڦھلجي ويا.
جنوءَ جو مغز چڪرائجي ويو. هوءَ غش ٿي هيٺ ڪري رهي هئي، تہ شيرو ڦٽُڪي رهيو هو: جنوءَ کي ائين محسوس ٿيو تہ شيروءَ جو وهندڙ رت ڪارو هو... ۽ انھيءَ ڪاري رت ۾ وهنجي، هوءَ پاڻ بہ سڄي ڪاري ٿي ويئي هئي.

(مھراڻ 2-1/1960ع)

’زندگي بڻجي نہ شل سسئي جا سور!‘

” اُف، هيءَ حياتي آهي! لعنت آهي هن جيئڻ تي. حيف اٿئي ڙي جمعا، حيف اٿئي. ٿڪون اٿئي. او الا، ڇا ڪريان، ڪاڏي وڃان، بکن وچان ڳري ڪنڊا ٿي ويو آهيان، بار بہ نٿو ڍويو پڇيم، ٻچڙا ڌار پيا بک مرنم، آخر ڇا ڪريان؟...ڪجهہ نٿو ڄاڻان، ڪجهہ نٿو ڄاڻان...“
جمعي پنھنجي ليکي ڀڻ ڀڻ ويٺي ڪئي، ۽ پوءِ دک درد جي پيڙا وچان ٻانھن ۾ کڻي منھن لڪايائين، ۽ کيس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. دل چيس تہ ڏاڍيان روئي، پر چوڌاري نظر وڌائين تہ ڪير بہ ڪو نہ هو. هو هڪ اُجاڙ هنڌ بيٺو هو. پر پوءِ چيائين تہ روئندس تہ ڇا ٿيندو؟ نڪي ڪو ٻيو ٻڌندو، ۽ نہ وري ڪو لڙي اچي آٿت ڏيندم ۽ مدد ڪندو. اهو ويچاري هو ماٺ ڪري اُتان اُٿيو. جنھن سر تي ويٺو هو، تنھن کي کڻي اهڙو تہ زور سان زمين تي سٽيائين جو اُها ڀڳي سا ڪا نہ، باقي هڪ اُڇل کائي، ٻيءَ اُڇل سان زمين ۾ پيھي ويئي؛ ۽ کيس ائين محسوس ٿيو تہ حياتيءَ ۽ سورن جو پاڻ ۾ اهڙو ڳانڍاپو آهي، جھڙو زمين ۽ سِرَ جو. هو مٿي کي ڌوڻيندو اڳتي وڌيو.
هو سوچيندو هليو تہ آخر ڇا ٿيندو:هن حياتيءَ جو ڇا ٿيندو، سندس ٻن ٻچڙن جو ڇا ٿيندو، سندس زال زينوءَ جو ڇا ٿيندو، انھيءَ بک جو ڇا ٿيندو، جيڪا ڏينھن کان سندن در اندر پيھي آئي آهي.
ڀرنڊ جو هاري جمعو اڄ شھر ۾ بک مري رهيو هو. اُهو هاري جنھن اَن اُپايو، ٻين جي بُک اُجهائي، اڄ اهو بکايل هو، سندس ٻچڙا بکايل هئا. کيس اُنھيءَ گهر کان بي گهر ڪيو ويو، جنھن ۾ سندس ابن ڏاڏن دونھين دُکائي هئي؛ کائنس اُها زمين کسي ويئي هئي، جنھن تي سندس وڏن ۽ پاڻ لوڙائو ڳائي، هر هلائي جيوَن جياريو هو. اڄ ٻين جي جيوَن کي ڇڏي کيس پنھنجي جيوَن جي ڳڻتي لڳي هئي. زمين تان هڪالجڻ کان پوءِ هن گهڻي ڪوشش ڪئي تہ ڪنھن ٻئي زميندار جو هاري ٿي وڃي؛ پر گهڻيءَ هڻ هڻان کان پوءِ بہ کيس مايوس ٿيڻو پيو، ڇاڪاڻ جو زميندار وٽ گهُرَ گهڻي ۽ مال ٿورو وارو حساب هو. کوڙ هاري بي گهر ٿيا هئا. ڪي ڪٿي لڳي ٿي ويا تہ واه، نہ تہ گهڻن شھر جو رستو ورتو هو. سوچ اها هين تہ مزوري ڪري پيٽ پالينداسين. پر شھر ۾ مزوري تہ ڇا، پر حياتي خود ڏکي ٿي پيئي هئي. سورن جا انبار، حياتي مختصر، ڪاڏي وڃي ڪاڏي وڃجي. هڏ هڻي مسين وڃي ڪو ٽڪر نصيب پوندو هون.
پر جمعي کي آئي بہ ٽي هفتا ٿي ويا هئا، پورهئي کي ڳولي ڳولي ساڻو ٿي پيو هو، پر نڪي مزوري نڪي پورهيو، نڪي حياتي؛ هر هنڌ بک ڙي بک !
ڪي ڏينھن تہ زينوءَ جا ٽپڙ وڪڻي هن ڪم ٽپايو. هڪ ڀڳل جهوپڙين مان هڪ جهوپڙي مڙئي ڏوڪڙ سوڪڙ ڏيئي ورتائين. في الحال اَجهو ڪري پوءِ لڳو روزگار پٺيان؛ پر ڏٺائين تہ هت سواءِ پِن جي ٻيو ڪو ڌنڌو ڪونھي. پنھنجي جسم کي ڏسي شرم پئي آيس تہ ڪيئن پنان. پر اڄ جڏهن هو سوچ ويچار ۾ ڦرندو گهرندو هن ويراني ۾ اچي پھتو هو ۽ پنھنجي بت ڏانھن نھاريو هئائين، تہ کيس چڱيءَ پر معلوم ٿي ويو هو تہ هو اڳيون جانٺو جوان جمعو ڪونھي- بس ائين پئي لڳو تہ هو شايد پنڻ جي لائق ٿي ويو آهي.
هو انھيءَ پنڻ ۽ بک جي مسئلي تي ويچاريندو، آهستي آهستي شھر ڏانھن وڌندو ويو. شھر ۾ گهڙندي ئي هن خيال ڪيو تہ پني ڏسجي، پر الائجي ڇو دل ئي نہ مڃيس. هو دل ڏاڍي ڪري هڪ ڀر واريءَ هوٽل جي ٻاهران بيٺو. هوٽل ۾ وڃڻ ۽ نڪرڻ وارا تہ کوڙ هئا، پر هن کي الائجي ائين ڇو محسوس ٿيو تہ هو بہ بکايل آهن. گهڻن جا بت ڏٻرا هئا، ڪپڙا ڦاٽل هئن، منھن تي ويراني، جيڪڏهن ڪن هڪٻئي سان ڳالھايو ٿي تہ سندن چپن تي هڪ ڦڪي بدنما مرڪ ڦھلجيو ٿي ويئي. هوٽل مان گهڻن نڪرندڙن جي منھن مان ائين ٿي معلوم ٿيو، ڄڻ تہ هو خالي وڃي ۽ خالي اُٿي آيا آهن. شايد اڌ بک، سڄيءَ بک کان وڌيڪ عذاب مثل هئي، جنھنڪري سندن منھن وڌيڪ بي رونق ٿيندا ٿي ويا.
جمعي جي دل چاهيو تہ هو بہ هوٽل ۾ گهڙي وڃي- جي هو ماني کائي نہ سگهي تہ کائيندڙن کي ڏسي مَنَ سندن بکايل پيٽ کي آٿت اچي- پر يڪدم اهو خيال لاهي ڇڏيائين. کيس اِهو هڪ اهڙي عذاب مثل معلوم ٿيو، جنھن لاءِ ڪو بہ ماڻھو ائين چئي ٿي سگهيو تہ هن پنھنجو پاڻ کي ڦاهو ڏنو آهي.
اچانڪ هن کي گهڻيءَ دير کان پوءِ ٻچڙن جو ۽ زال جو خيال آيو. هن يڪدم ڇرڪ ڀريو. ”الا! مون سڄي ڏينھن ۾ صرف بک جو خيال پئي ڪيو آهي، نڪي ٻچڙن جو...!“ هو تکو تکو شھر جي انھيءَ ڀڳل ڦٽل علائقي ڏانھن آيو، جتي زندگيءَ جاپاسا ڇليل هئا، حياتيءَ جو لباس تار تار هو، ساھہ اُگهاڙو هو، دم بيدم هو.
جمعي جا تکا تکا قدم الائي ڇو جهڪا ٿي ويا. هو پنھنجي جهوپڙيءَ تائين پھچندي بيھي رهيو. پنھنجي جهوپڙيءَ ڏانھن نھاريائين- تڏن ۽ مٽيءَ جي ليپ سان ٺھيل هڪ جسم، جو گهڻي قدر ڀُري چڪو هو. سندس اندر اوندھہ هئي- ازل جي اوندھہ. هن جا قدم وڌيا. هو آهستي آهستي ڳوڻين جي ٺھيل آڳر ۾ داخل ٿيو، سندس ٻہ ٻار زمين تي ستل هئا. سندس زال اندر تڏن جي ٺھيل، ڀڳل ڪوٺيءَ ۾ هئي.
هو اندر ويو. زينو ڏيئي کي ٻريل ڪاٺيءَ جي چڻنگ سان ٻارڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.
”زينو، ڏيئو ائين ڪٿي ٿو ٻري، ٻرڻ لاءِ گهڻي باھہ کپيس.“
زينو ڪاٺي هيٺ رکي ڏانھنس نھاريو.
”ڪجهہ ٿيو؟“
”نہ. ڇا ٿيندو- جڏهن نہ رڳو اسين بُکارا آهيون، پر ڪروڙين بکايل آهن. نہ اُنھن جي لاءِ ڪجهہ ٿيو آهي، نہ اسان لاءِ ڪجهہ ٿيندو.“
”سائين، پوءِ ڀلا آخرڇا ٿيندو. اسين سڀ بک مري وينداسين. اڄ ٽيون ڏينھن لنگهڻ کي هو. مسين مسين ٽڪر پاڙي وارن ڏنو، سو ٻارڙا کائي ستا. سڀاڻي ڇا کائيندا، تنھن جي لاءِ آخر ڇا ڪبو؟“
هن پريشانيءَ وچان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو.
”زينو، آخر تون ائين ٻڌاءِ تہ مان ڇا ڪريان. مزوري ڪرڻ چاهيم، مزوري نہ ملي؛ پنڻ چاهيم، پني نہ سگهيس؛ آخر ڇا ڪريان، ڪاڏي وڃان؟ توکي ٿو ڏسان تہ هنيانءُ ٿو ڇڄيم. ڇا تنھنجو اڳيون جوڀن، ڀريل جسم، ٽماٽي جھڙا ڳاڙها ڳل ۽ تن تي سُرهيي تيل سان چمڪايل ڪارن وارن جو نقاب...۽ اڄ-اڄ تنھنجو هڏن نڪتل جسم، سڪل پِيلو منھن، اڻڀا وار...اُف-ڇا وري علڻ ۽ حمل جو حال ٿيو آهي!سچي گيھہ ۽ مکڻ ۽ کير تي پليل ڳاڙها ڳٽول ٻار، اڄ بکارا سمھن تہ ڇا، جي ٽڪر اَڌ ملين تہ ڇا. ڀلا، ڪاڏي وڃان؟ الا، ڇا ڪريان؟“
هو روئڻ لڳو. زينو جي اکين ۾ خود ڳوڙها ڀرجي آيا، پر هن يڪدم ڳوڙها رئي جي پلاند ۾ جذب ڪري ڇڏيا. پوءِ ڪجهہ سوچي، جمعي ڏانھن وڌي. سندس هڪ هٿ جمعي جي ڪلھي تي هو، ٻيو هٿ سندس ڳلي جي چوڌاري. هن سندس منھن ۾ نھاريو، ۽ جمعي ڪنڌ مٿي کڻي ڏانھنس نھاريو.
”سائين، جي ائين همٿ هاربي تہ ڇا ٿيندو. مون کي تہ ڀروسو آهي انھيءَ مالڪ تي، جنھن اسان کي خلقيو آهي. هو ضرور ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪندو. آخر هيءَ دنيا بہ تہ هلي پئي، جي ڪروڙين بکايل آهن تہ ڪروڙين جيئن بہ تہ پيا. شايد اهو ڏينھن اچي جو اسين اُنھن ڪروڙين ماڻھن ۾ شامل ٿي وڃون، جن کي جيئڻ جو حق آهي. هن کي آخر ڪجهہ ڪرڻو آهي. جي هو سڀني کان جيئڻ جو حق کسي ڇڏي تہ کيس خالق ڪير سڏي، سندس نالو ڪير ڳنھي. توهان اُٿو، همٿ سنڀاريو. ڪجهہ نہ ڪجهہ الله ڪندو تہ ٿي پوندو.“
جمعي ٿورو ڪنڌ مٿي کنيو، ۽ پوءِ ڪنڌ کي ٿورو ڌوڻي، ٿڌو ساھہ ڀريو ۽ فرش تان اُٿي ٻاهر آيو.
ٻاهر اچڻ سان هڪ هوا جو جهوٽو سندس بت کي لڳو، ۽ هن محسوس ڪيو تہ هو سڄو پگهر ۾ شل هو ۽ انھيءَ جهوٽي ڪجهہ کيس فرحت ڏني آهي. هن جي دل چاهيو تہ اهڙا جهوٽا اچن- من ڪجهہ فرحت ڏين، آٿت ڏين، شايد ساھہ کي آس ٿئي.
هو اڃا هيٺ پيل ڳوڻيءَ تي ويٺو مس تہ زينو ماني کڻي آيس. ٿاليءَ ۾ خشڪ چانور، ٿورو ٻوڙ، مٺا چانور هئا، هو وائڙو ٿي ويو تہ هيءُ سڀ ڪٿان آيو.
”قدرت جو بہ شان آهي. اسين بکارا، تہ ڪن کي گهڻو ڏيئي ڇڏي. پاڙي واري ڪلو خان جي گهر اڄ تہ گهڻو ڪجهہ پڪو هو. جهوپڙي سا اسان وانگر ڀڳل اٿن، پر کائڻ لاءِ ۽ پھرڻ لاءِ سڀ ڪجهہ اٿن. ڏاڍا ٻوڙ پلاءَ پڪا اٿن. جوڻس نوان ڪپڙا کڻي پاتا هئا. ڏاڍو پائوڊر ۽ سُرخي هنئي هئائين. هر هر پئي مون ڏي آئي- شايد ڏيکارڻ- ۽ پوءِ ڏئي ويئي هيءَ ماني، ٻارڙن کاڌي، ڪجهہ توهان لاءِ بچائي رکيم.“
”ها، زينو، ڌڻيءَ جو شان نرالو آهي. جنھن کي وڻيس، تنھن کي ڏئي. ڀلي ججهوئي ڏئين، رڳو اسان کي تڳڻ لاءِ ڏئي. هونئن اسان جا سور گهڻا تہ ڪونھن ڪي- صرف آهي پيٽ جو مسئلو، نہ تہ سور آهن ئي سسئيءَ جي سورن کان بہ گهٽ. ڌڻي جي عرض آگهائي تہ پِن جو ٽڪر پيٽ نہ پويئون.“
”ها، آهن تہ سسئيءَ کان گهٽ سور، پر بک جا سور جڏهن اچي گڏجن ٿا، تہ پوءِ زندگي سڄي سسئيءَ جا سور بنجيو پوي. ماني کائو نہ، ڇا ٿو سوچيوويٺا؟“
”ڪجهہ نہ. تو بہ تہ ماني ڪا نہ کاڌي آهي.“
”توهان کائو، مون کي بک ڪانھي.“
”ڏس، زينو، مون کي وڌيڪ نہ ڏکوءِ، اڳي ئي ڏکويل آهيان. پنل سنل ٽڪر مليو آهي، تہ بہ رزق آهي. هاڻي ائين نہ ٿيندو جو مان کان ويٺو ۽ تون ڏسين ويٺين. ڄاڻ اٿم تہ تون بہ ٽن ڏينھن کان بکايل آهين، ۽ مان بہ. هلي آ تہ کائون.“
جمعي ۽ زينوءَ مڙئي ماني کائي هنياءَ جهل ڪئي. جمعي سمھڻ چاهيو، پر آئيندي جي ڳڻتيءَ کيس سمھڻ نہ ڏنو. هو آهستي ڇنل ڳوڻيءَ تان اُٿيو ۽ در تي ڏنل ٽپڙي کڻي ٻاهر وڃڻ لڳو. کڙڪي تي زينوءَ نھاريو.
”ڪاڏي ٿا وڃو؟“
”اِتي ئي، ٻاهر هوا ٿو کان.“
”پري نہ هليا وڃجو. ٻہ پھر تہ رات جا ٿيا هوندا.“
”نہ نہ، اتي ئي ٻاهر بيٺو آهيان.“
هو ٻاهر آيو تہ ڪجهہ سڪون محسوس ڪيائين. کليل هوا کيس ڪافي فرحت ڏني. هن چاهيو تہ انھيءَ سڄي حصي ۾ گهمي، سو هڪ طرف کڻي رخ رکيائين. هڪٻئي ۾ بيٺل ۽ ڳنڀيل جهوپڙيون، گنديون ناليون، سوڙهيون گهٽيون. هو گهڻو پري وڃي نہ سگهيو ۽ واپس موٽڻ لڳو. هن کي انھيءَڳالھہ حيرت ۾ وڌو تہ گهڻين جهوپڙين مان ٽھڪن ۽ خوشيءَ جا آوازٿي آيا- سنھڙن مٺڙن ٽھڪن سان گڏ ڪي بيسُرا ڪرخت ٽھڪ؛ ڪن کي تہ خاموشي ئي نصيب هئي. هن سوچيو تہ اها بہ رب جي جوڙ آهي. ڪٿي سورن جو سانگهارو، ڪٿي خوشيءَ جا انبار. هو آهستي آهستي سوڙهي گندي حصي مان نڪري ساڳئي کليل حصي ۾ آيو، جتي سندس جهوپڙي هئي. اها جمعي جي خوش قسمتي هئي جو کيس جهوپڙي صفا ٻاهرينءَ حد تي ملي هئي. جمعي جي جهوپڙي جي آڏو ميدان هو- خالي، وِيران ميدان، جنھن جي هڪ ڇيڙي تي هي ڇنل ڦاٽل جهوپڙيون هيون.
جمعي کليل هوا ۾ ٿڌو ساھہ ڀريو ۽ پوءِ هڪ سروٽو کڻي اُن تي ويھي رهيو. ويٺي ويٺي هن آسپاس نھاريو. ڏٺائين تہ ڪلو خان، سندس پاڙيسري، اڇن اُجرن ڪپڙن ۾، پان وات ۾، هر هر اندر ٿي آيو ۽ وري اندر ٿي ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ڪلو سري سندس ويجهو آيو. هن کانئس ڀڳل سنڌيءَ ۾ حال احوال پڇيو.
”ڇا حال هئي، جمعا سائين؟“
”ٺيڪ آهي. تون ٻڌاءِ.“
”بس، موج ئي موج هئي سائين. ٻيڙي پيو.“
”جمعي ڪلوءَ کان ٻيڙي ورتي ۽ تيليءَ جي روشنيءَ ۾ ڏٺائين تہ ڪلو خوش خوش هو. ڪا دير هو ماٺ ۾ رهيا. تان تہ هڪ موٽر پڪي رستي تان ميدان ۾ لٿي ۽ سڌو هن ڇيڙي ڏانھن رخ رکيائين. ڪلو ٽپ ڏيئي کڙو ٿيو. سڌو پنھنجي جهوپڙيءَ ڏانھن ڀڳو، جمعو وائڙو ٿي ويو. موٽر چيچاٽ ڪندي اچي سندس ڀرسان بيٺي. جمعو بہ ٽپ ڏيئي کڙو ٿيو. انھيءَ موٽر مان هڪ سيٺ ٿلھو متارو، ٿڙندو ٿاٻڙندو لٿو. هن ڪجهہ جمعي کان پڇڻ چاهيو، پر ڪلو تکو تکو موٽر ڏانھن ڀڄندو آيو.
”آئي. سيٺ صاحب، اِدهر تشريف لائي. آئي، سرڪار!“
سيٺ ڪنڌ ڌوڻيندو، هلڪا ٽھڪ ڏيندو، ڪلوءَ سان هليو. جمعي حيرانگيءَ وچان بيٺي تماشو ڏٺو- تان تہ خبر پئي جو سيٺ ڪلوءَ جي جهوپڙي ۾ بنا ڌڙڪ هليو ويو، اڃا جمعو انھيءَ ويچار ۾ هو تہ ڪلو تکو تکو ٻاهر آيو، ۽ يڪدم اچي موٽر جو دروازو کوليائين. جمعي ڏٺو تہ هن اندران نئڙي ڪا شي کنئي. ڪلو پوءِ دروازو بند ڪري پنھنجي جهوپڙي ڏانھن وريو، جمعي جي ڀرسان لنگهيو تہ جمعي جي نظر وڃي ٻن بوتلن تي پئي. ڪلوءَڏانھن نھاريندي پنھنجا پِيلا ڏند ڪڍيا، ۽ بيشرمائيءَ سان هِي –هِي ڪندي پنھنجي هٿ ۾ بوتل سان گڏ جهليل نوٽن جي ٿھي ڏيکاري. الائجي ڇو، جمعي کي ائين محسوس ٿيو جو سڀ ڪجهہ سمجهي چڪو آهي- هو ويرانيءَ ۾ بھار جو مطلب سمجهي چڪو آهي- ڪنھن گل جي خوشبو تي ڀونئر مست ٿي آيو آهي، ۽ سڏي اچڻ وارو هڪ مالھي آهي- انھيءَ باغ جومالھي، جنھن کي ڪنھن ڏينھن اُهو گلن جو ٻوٽو ڏاڍو پيارو هو، پر اڄ جڏهن کيس انھيءَ ٻوٽي جي آبياري ڪرڻ لاءِ ڪجهہ ڪونہ هو، تڏهن هو ٻئي ڪنھن کي وٺي آيو آهي تہ من انھيءَ جي اچڻ سان ٻوٽي جي شادابي قائم رهي- پر شايد هن کي اها خبر ڪانہ هئي تہ هيءَ مست هاٿي کيس پنھنجي پيرن هيٺان چيڀاٽي ڇڏيندو. ڪلوءَ جي زال هن ڏٺي هئي، ھھڙو حسن هن جهوپڙيءَ ۾! اڄ وري کيس اُهو ڏينھن بہ ياد پئي پيو، جڏهن هن کيس سڄو ڏينھن روئندو ڏٺو هو؛ ۽ کيس اُهو ڏينھن بہ ياد آيو. جڏهن هوءَ تمام خوش هئي، ۽ اڄ ڏينھن تائين خوش رهندي ٿي آئي- شايد هن پاڻ کي حالتن پٽاندر هلڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيو هو.
الائجي ڇو جمعي کي ڏک ٿيو ۽ چيائين تہ هو هن هڪ بيڪس لاءِ ٻہ ڳوڙها وهائي. پر هو وهائي نہ سگهيو. هن ڪلوءَ جي جهوپڙيءَ ڏانھن نھاريو. اُتي هينئر روشني گم ٿي چڪي هئي. ڪلو ٻاهر ڏانھنس اچي رهيو هو. هن کي ڪلوءَ کان نفرت محسوس ٿيڻ لڳي. هن يڪدم نظر ڦيرائي ٻين جهوپڙين ڏانھن ڏٺو. چوڌاري اوندھہ جو واسو هو. کيس ائين محسوس ٿيو تہ هو اوندھہ ۾ سڀ ڪجهہ ڏسي رهيو آهي: هو انھن ٽھڪن جو سبب ڄاڻي ٿو، هو خوشيءَ جو سبب ڄاڻي ٿو، گهٽين ۾ ڇھل پھل جو سبب ڄاڻي ٿو، هن کي سڄي ماحول کان نفرت ٿيڻ لڳي. هن جي دل چاهيو تہ ڀڄي وڃي، پري، جتي هي سڀ ڪجهہ نہ هجي... ۽ واقعي هن قدم کنيا ۽ بيخبريءَ ۾ وڃي ڪلوءَ سان ٽڪريو.
”ڪاڊي، جمعا سيٺ!“
”اِتي، سمھان ٿو وڃي، ننڊ ٿي اچي.“
”اڀي ننڊ! هل تہ عيش ڪريون. نوٽ آهي، نوٽ! ڇمون بائيءَ جو گانو ٻُڌون. هل، هلون، پاگل!“
جمعي جي دل چاهيو تہ هو کيس زال جي ڀڙوي سان پڪاري گاريون ڏئي. پر پوءِ چپ چاپ سور پي، هو پنھنجي جهوپڙيءَ ڏانھن تکو ٿيو.
”اري!اري، ناراج آهي، جمعا! ڇو؟ اوه، مان سمجهيس، مان زال جو ڀڙوو آهي! ها، مان زال کان پيشو ڪرائيس ٿو. ها، پر جمعا سيٺ، ائين نہ ڪرون تہ هي ڪنو پيٽ ڪيئن کائي. مون بہ جمعا سيٺ تو طرح فاقا ڪڍيا، مزوري ڪرڻ لاءِ دوڙيو، پر ڪجهہ نہ ٿيو، دوست، ڪجهہ نہ. نيٺ مون پنھنجي جال کي بيچيو. جال، جا منھنجي زندگي هئي، جمعا! پر هن زندگيءَ کي، زندگي جي ضرورت هئي، جمعا. دنيا ۾ تہ دوست سڀ ڪجهہ چلتا هئي. زندگي کي زندگي جي جرورت آهي، دوست!“
الائجي ڇو جمعي کي ڪلوءَ جي لٿل منھن ۽ بيچارگيءَ مان ڳالھائڻ کي ڏسي رحم اچي ويو، ۽ هن ڪجهہ وڌيڪ نہ سوچي، آهستگيءَ سان ڪلو جي پٺيءَ کي ٺپريو ۽ چپ چاپ پنھنجي جهوپڙيءَ ۾ گهڙي ويو. چنڊ جي هلڪي روشنيءَ ۾ هن سڄي وايو منڊل تي نظر وڌي. ننڍڙي آڳر ۾ ڦھليل ٽي ڪمزور جسم، ٽِئي معصوم. هو ڪي گهڙيون پنھنجي ٻارن ۽ زال ڏانھن نھاريندو رهيو. پوءِ الائجي ڇو هن کي زينوءَ جي معصوم چھري تي ڏاڍو پيار آيو. هو ڪي وکون کڻي زينوءَ جي مٿن کان بيھي هيٺ جهڪيو، ۽ پوءِ آهستگيءَ سان وارن کي سنواريندي، هن چاهيو تہ زينوءَ جي ڪومل سنھڙن چپڙن کي چمي. جيئن هو جهڪيو، تيئن هن کي ائين لڳو ڄڻ تہ زينوءَ جا چپ ڦڙڪي رهيا هئا، ڪجهہ چئي رهيا هئا. هن جو ڪنڌ جتي هو اُتي بيھي ويو. زينو ننڊ ۾ الوٽ وڦلھي رهي هئي- ”سڀاڻي ڇا ٿيندو... ٻچڙا ڇا کائيندا.. .سڀاڻي ڇا ٿيندو...؟“
جمعي جي ڪنن ۾ شيھو ٿي پگهربو ويو. هن سوچيو، ’واقعي سڀاڻي ڇا ٿيندو، ٻچڙا ڪٿان کائيندا‘، هن وٽ هاڻي وڪڻي کائڻ لاءِ بہ تہ ڪجهہ ڪونھي. پر پوءِ الائجي ڇو يڪدم کيس ڪلوءَ جا اکر ياد پيا- ”نيٺ ...مون پنھنجي جال کي بيچيو.. .سيٺ، وڪڻڻ لاءِ باقي جال باقي آهي، ٻيو تہ ڪجهہ ڪونھي.“۽ واقعي جمعي جي دل چيو تہ اِهو بہ داءُ آزمائجي.”زندگيءَ کي زندگي جي جرورت آهي، دوست!“ هو بي اختيار ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ ٻاهر نڪري آيو. هن کي ڪجهہ سُجهيو نٿي تہ هو ڇا ڪري. ٻاهر ڪير بہ ڪو نہ هو، ڪلو نوٽن جي ٿھيءَ سان شايد عيش ڪرڻ ويو هو. ميونسپالٽيءَ جي بتيءَ جي جهڪي روشني جيتوڻيڪ پري هئي، تہ بہ هو ميدان جو جائزوچڱيءَ پر ٿي وٺي سگهيو. سڄيءَ فضا تي خاموشي ڇانيل هئي. هو رڙهي سيٺ جي بيٺل موٽر جي ڀرسان آيو. موٽر کي هٿ لاتائين تہ ائين محسوس ٿيس تہ ڄڻ برف تي هٿ پيس. هن کي اُها ٿڌاڻ وڻڻ لڳي. هن چاهيو تہ ان جي ٿڌاڻ تي ليٽي پوي، شايد اندر جي اُٻ نڪرڻ بند ٿئي. هو اڃا ڪجهہ سوچي ئي رهيو هو تہ سندس منھن تي روشنيءَ جا ڪرڻا اچي پيا. هن اوڏانھن نھاريو. هڪ موٽر ساڳي راھہ وٺيو ميدان ۾ گهڙي پئي هئي. هو بي اختيار ٽپ ڏيئي اُٿي کڙو ٿيو.
”شايد ڪو سيٺ آهي-“
هن جي دل ڏڪڻ لڳي. هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو تہ سندس ساھہ قبض ٿي رهيو هو. هن دل ٻَڌڻ چاهي. پر هن ڏٺو تہ هو سڄو پگهرجي چڪو آهي. هن جي همت سڄي هارجي ويئي. هن سوچيو تہ هو اهو ڀڙوت جو ڪم نٿو ڪري سگهي. هو انھيءَ جي لائق ناهي. هو ڪنھن بہ ڌنڌي جي لائق ناهي. هو ماٺ ڪري هيٺ ويھي رهيو. هن موٽر جو خيال ڪرڻ ڇڏي ڏنو. ويٺي ويٺي هن کي خيال ٿيو تہ موٽر ڇو نہ پھتي. هن تڪڙو تڪڙو ميدان ڏانھن نھاريو. نيٺ هن جي نگاھہ موٽر جي پٺين ڳاڙهين بتين تي پئي. موٽر جي سيٺ جو شڪار ڪجهہ پرڀرو وارين جهوپڙين ۾ هو. هن شڪر جو ٿڌو ساھہ کڻڻ چاهيو، پر محسوس ڪيائين تہ ڄڻ هن جي دل چئي رهي آهي تہ اها جيڪر هيڏي اچي ها. هن ’انڪار‘ ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر دل چويس تہ ’ٻچڙن جو ڇا ٿيندو...سڀاڻي ڇا ٿيندو؟“۽ هن جي دل پنھنجو پاڻ ٻڌجڻ لڳي. هن جي همت واپس اچڻ لڳي- ’جيڪر اها موٽر هيڏي اچي...موٽر هيڏي اچي!‘
اچانڪ هن کان دٻيل هلڪي رڙ نڪري ويئي. موٽر اُتان موٽي هن طرف رُخ رکيو هو. جيئن موٽر ويجهو پوندي ٿي ويئي، تيئن هن جي دل وري ڌڙڪڻ شروع ڪيو هو، موٽر بلڪل ويجهو اچي پئي هئي. هن دل کي ڪافي حد تائين مضبوط ڪيو، پر پوءِ يڪدم ڪجهہ خيال اچي ويس. هو موٽر کي هٿ جو اشارو ڪري، جهوپڙيءَ اندر وٺي ڀڳو. اندر زينو اگهور ننڊ ۾ ستل هئي .تکو تکو ڏانھس وڌيو ۽ جهڪيو. هن کي ائين لڳو تہ سندس هٿ ڏڪڻ لڳا آهن. پر پوءِ هڪ جهٽڪي سان هٿ ڇنڊي زينوءَ کي ڌونڌاڙيائين.
”زينو...زينو...زينو!“
”ڇو؟ڇا هي؟“
”اُٿي، تکي ٿي. اندر تہ هل“
”ڇو؟......“
هوءَ وڌيڪ سوال نہ پڇي سگهي. هو ڪجهہ سمجهي ويئي ۽ شرمائجي ويئي. ڪنڌ هيٺ ڪري ڪوٺيءَ اندر هلي. جمعو تکو تکو ساڻس گڏ ويو. ڀڳل ٽرنڪ کي کولي، منجهس پيل ڦاٽل ڪپڙن کي اُٿلائي پٿلائي هڪ پراڻو پر ڌوتل رئو ڪڍيائين. زينو ڏانھنس ٽيڏيءَ اک سان ڏٺو، کيس رئو ڪڍندي ڏٺائين، تہ ويتر شرمائجي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين. جمعو تکو تکو رئو کڻي ڏانھن آيو، ۽ مٿس وجهڻ چاهيائين. هن کي الائجي ڇو ڏک ٿيڻ لڳو- الائجي ڇو- ڇو؟ هن وڌيڪ سوچڻ يا محسوس ڪرڻ بدران مٿس رئو وڌو.”زينو، تون ٺھي ويھہ، مان اچان ٿو. هن کٽ تي هوءَ ٽنگيل چادر لاهي وڇائي ڇڏ. هان، ٺيڪ آ نہ، ٺيڪ.“
هو وڦلندو تيز تيز ٻاهر هليو ويو. زينوءَ کٽ تي چادر وڌي، وهاڻو رکيو، ۽ ٺھي ٺڪي مٿس ويٺي، هن کي شاديءَ رات ياد پوڻ لڳي. هوءَ يادن کي ياد ڪندي اُداس ٿي ويئي. پوءِ اڄوڪيءَ رات کي ياد ڪندي ڪجهہ خوش ٿي. هن کي تمام گهڻي خوشي ٿي هئي. ڏکن جي دور مان لنگهندي، اڄ ئي جمعي کيس چڱيءَ طرح ياد ڪيو هو. هوءَ انھيءَ سنھري خواب کي ڏسندي ڏسندي آهلي پئي، ۽ اُنھيءَ ۾ گم ٿي ويئي. هوڏانھن جمعي دل کي ڏڍ ڏيڻ لاءِ سيٺ سان ڳالھائڻ مناسب نہ سمجهيو. ماٺ ميٺ ۾، نشي ۾ ڏُت سيٽ کي آڏو هلڻ لاءِ اشارو ڪندي، دروازي جي ڳوڻ مٿي کڻي ڇڏيائين. سيٺ هڪ گندي مشڪ چپن تي آندي ۽ کيسي ۾ هٿ وڌو، هڪ چڱي خاصي ڏهين جي نوٽن جي ٿھي ڪڍي جمعي ڏانھن وڌائي. جمعي ڪي گهڙيون تہ نوٽن تي نظرن کي کُپائي ڇڏيو، ۽ پوءِ نوٽن جي ٿھي ڏڪندڙ هٿن سان ورتائين، سيٺ هِي- هِي ڪندو اندر ٿيو. سندس کاٻي هٿ ۾ ڀريل بوتل هئي. جمعو بہ پٺيان آيس. پوءِ کانئس اڳ نڪري وڃي ڪوٺيءَ جي در تي بيٺو. هن ڳالھائڻ جي ڪئي، پر ڳالھائڻ کانئس نڪري ئي نہ پيو. ڄڀ خشڪ ٿي وڃي تارونءَ سان لڳي هيس. جمعي چپ ۾ رهندي سيٺ آڏو اچڻ جو اشارو ڪيو ۽ در ڏانھن آڱر کنئي. جڏهن سيٺ وڌي دروٽ آيو، تڏهن جمعي جي آڱر ڪجهہ ڦيرو کائي آهليل زينوءَ ڏانھن اشارو ڪرڻ لڳي. زينوءَ جو جسم ۽ چھرو وڻندڙ ٿي معلوم ٿيا. سيٺ پنھنجي هلڪي کل جاري رکي، هي – هي ڪندي اندر داخل ٿيو. پوءِ پٺي ورائي در ڏيڻ چاهيائين، پر اُن کان اڳ ۾ جمعي جا ڏڪندڙ هٿ درڏانھن وڌي چڪا هئا. هن در کي ٻاهران ڪڙو ڏنو، ۽ پوءِ هڪ ٿڌو ساھہ ڀريو. هن محسوس ڪرڻ چاهيو تہ اهو سک ۽ سڪون جو ساھہ آهي، پر ٻڏل دل ساٿ ئي نٿي ڏنس. لاچار هيٺ ويھي رهيو. سندس نگاهون ستل ٻارن تي پيون.’هي ٻہ زندگيون تہ بچي پيون، جي هڪ زندگي قربان ٿي تہ ڇا ٿيو.‘ هو پوءِ رڙهي ٻارن وٽ ليٽيو ۽ مٿي تي هٿ گهمائڻ لڳو.۽ پوءِ هن چاهيو تہ آرام ڪري، سڪون واري رات گذاري، جنھن جو صبح اطمينان بخش هوندو. سندس هٿ بي اختيار کيسي ڏانھن وڌي ويا. زور ڏيڻ سان نوٽن چرچر ڪئي. هن خوش ٿيڻ چاهيو، پر هن جي خوشي دٻجي ويئي، جڏهن اندران زينوءَ جو ڏاڍيان ڳالھائڻ، روئڻ، سڏڪا ۽ ڪشمڪش جا آواز ٻڌائين. زينونءَ جو روئڻ تي تيز تر ٿيندو ٿي ويو. هن کي اها خبر ڪا نہ هئي تہ زينو ڪھڙو خواب ڏسڻ لاءِ ستي هئي، ۽ جاڳي کيس هڪ ڀيانڪ خواب ڏسڻو پيو هو. شايد هن کي اها بہ خبر ڪا نہ هئي تہ هوءَ هڪ مشرقي عورت آهي، جيڪا مرڻ گهڙيءَ تائين انھن سنھرن خوابن کي ڇڏي نٿي سگهي؛ هوءَ بہ ڀيانڪ خوابن کي پنھنجو ڪرڻ لاءِ تيار نہ آهي.
زينوءَ جي روئڻ ۽ پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪوششن جي آوازن هن کي بي بس ڪري ڇڏيو. هو بي اختيار تڙپي اُٿيو. سندس ڪنن جا پردا ڦاٽڻ لڳا. هن همٿ کي پڪاريو، دل کي پڪاريو، ڪنھن کيس جواب نہ ڏنو. هن همٿ هاري ڇڏي، دل کي دٻائي ڇڏيو، پر اُتان تہ آواز ئي عجيب ٿي نڪتا.
”جمعا، تو هيءُ ڇا ڪيو! جمعا، تو هيءُ ڇا ڪيو! توکي ڪھڙو حق آهي جو ڪنھن کان جيئڻ جو حق کسين؟ عصمت کان سواءِ عورت جي زندگي ڪھڙي؟ هن کي بہ تہ جيئڻ جو حق آهي. ڇو تہ اوهان جون زندگيون قربان ٿيون، هن زندگيءَ مٿان؟ ڇو نہ ائين ٿئي؟ ڇو نہ ؟ڇو نہ ڀلا!“ هن ڪنن تي هٿ کڻي رکيا. هوسڄو ڏڪڻ لڳو. هو بيقرار ٿي ويو. سندس مغز ۾ ڌمڪن وانگر آواز پئي آيا. سندس سوچ موٽي آئي- سوچ، جا اڳ ۾ هيترو وقت خاموش هئي، هاڻ موٽي آئي.
”اُف مون هيءُ ڇا ڪيو؟ زينو پنھنجي زال، اُف! منھنجي مٺي، زينو! اُف، مان ...زال جو ڀڙوو!غيرت، عزت-خاندان جي عزت، قوم جي عزت، مون بک جي ڀيٽا رکي! اُف، مون هيءَ ڇا ڪيو؟ پر مان هاڻي ڇا ڪيان؟ او،او الا!“
هو سڄو پگهرجي ويو. سندس جسم ڏڪڻ لڳو هو، ٿڙڪندڙ ٽنگن سان در ڏانھن وڌيو ۽ يڪدم ڪڙو لاهي ڇڏيائين. ڏڪندڙ ٽنگ سان در کي ٿڏو هنيائين.پراڻو درکڙ- کڙ ڪندو کلي ويو.زينو همت وڃائي چڪي هئي، صرف هلڪي جدوجھد باقي ڪري رهي هئي، هو ساڻي ٿي چڪي هئي. وحشي درندو هينئر هن تي ڪافي حد تائين قابو پائي چڪو هو. زينوءَ جا ڪپڙا ڦاٽي ليڙون ٿي چڪا هئا. سڄي رتورت ٿي وئي هئي. پر هن پڇاڙيءَ تائين عصمت کي برقرار رکڻ ٿي چاهيو. جمعو اِهو منظر ڏسي ڏڪي ويو ۽ بي اختيار تکو تکو سيٺ ڏانھن وڌيو. ڇڪي کيس زينوءَ مٿان پٽيو. هو گهلجي آيو. جمعي کي غيرت جي باھہ ۾ ڪجهہ نظر نٿي آيو. هن ابتا سبتا ٽي چار ڌڪ اهڙا سيٺ کي هنيا جو سيٺ اُتي ساڻو ٿي ڪري پيو. جمعي سھڪندي سھڪندي کيس گھليو ۽ گھليندو، صفا ٻاهر موٽر تائين آيو. سيٺ انھيءَ گھلڻ ۾ ويتر اڌ مئو ٿي ويو. هن آخري ڪوشش ڪري اُٿڻ جي ڪئي، رڙيون ڪرڻ چاهيون، پر جمعي ڪڍندي ئي کيسي مان نوٽن جي ٿھي سندس ٻوٿ تي هنئي. پوءِ اهڙو وٺي ٿڏو هنيائين جو اهو اتي موٽر جي ڦيٿي وٽ پئجي رهيو.
جمعو آهستي آهستي، سھڪندو سھڪندو واپس موٽيو. ڳوڻ کڻي اندر گهڙيو. بي اختيار کانئس ٿڌو ساھہ نڪري ويو. کيس محسوس ٿيو تہ اهو هڪ سڪون جو ساھہ هو. پوءِ آهستي آهستي ڪوٺيءَ ۾ آيو. زينو اُتي ئي هيٺ ساڳئيءَ حالت ۾ ويٺي هئي. جمعي جي قدمن وڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن کان ڪنڌ ئي نٿي کڄيو. هو چپ چاپ اُتي ويھي رهيو، هيٺ ڪنڌ ڪريو. الائجي ڇو کيس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، ۽ اُتي ٻانھن ۾ منھن ڪريو روئڻ لڳو. زينو روئڻ جي آواز تي ڪنڌ کنيو ۽ ڪي گهڙيون جمعي کي تڪيندي رهي. سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، پر هن اُنھن کي ڦاٽل چولي سان اُگهيو ۽ آهستگيءَ سان اُتان اُٿي. سورن هنيل جسم کي گھليندي جمعي وٽ آئي.
جمعي کي الائجي ڇو محسوس ٿي ٿيو تہ انھيءَ روئڻ سان هن کي سڪون ملي رهيو آهي. هو روئندو رهيو. پر اچانڪ هن محسوس ڪيو تہ ڪي قدم وٽس اچي رڪجي ويا آهن. ۽ پوءِ اُهو جسم هيٺ جهڪيو، ڪي ٻانھون سندس ڳچيءَ جي چوڌاري ويڙهجي ويون، ۽ هن کي پنھنجن هٿن تي ڪنھن جو ساھہ محسوس ٿيو، ۽ پوءِ پنھنجن هٿن تي هن ڪنھن جي چپن جي گرمائش محسوس ڪئي. جمعي آهستگيءَ سان هٿ هٽائي ڇڏيا. زينو ڏانھنس نھاري رهي هئي. سندس اکين ۾ پيار هو، قرب هو، ۽ اُنھيءَ سان گڏ همٿ هئي، زندگيءَ جو پيغام هو، هو اُنھن اکين ۾ گم ٿي ويو. کيس انھن اکين مان هڪ پيغام مليو- ڄڻ زينو چئي رهي هجي،’سور آهن تہ سسئيءَ جي سورن کان بہ گهٽ-‘ ۽ پوءِ هن آهستگيءَ سان زينو کي سيني سان لاتو، ۽ پوءِ سس پس جي انداز ۾ زينوءَ کي چوڻ لڳو، ”مون کي معاف ڪر، زينو! معاف ڪر، زينو! اسين انھيءَ زندگيءَ جو مقابلو ڪنداسين-ها، مقابلو، انھن سورن جو، سسئيءَ وانگر مقابلو! انھن سورن کي نيٺ شڪست ٿيندي، زينو، ها نہ؟“
”ها، منھنجا سرتاج، ها...“زينو سڏڪندي آهستگيءَ سان وراڻيو، ۽ پوءِ پنھنجو منھن جمعي جي ڇاتيءَ ۾ لڪائي ڇڏيو.

هڪ خواب، هڪ حقيقت

تن ڏينھن مان شيلانگ (آسام) ۾ ٻيلائي کاتي جو وڏو عملدار هوس. ديس تہ ڏاڍو وڻيو هوم، پر هڪ گنديءَ جاءِ ۾ رهڻ ڪري، اصل مزو ڪونہ پئي آيو. پنھنجي نوڪر ’منگلو‘ کي ڏاڍو چيم تہ ڪا سٺي جاءِ يا ڪو بنگلو ڳول، نہ تہ هت تہ مري وينداسين.
نيٺ شھر جي ٻاهران هڪ ٽڪري تي ننڍڙو پر سھڻو بنگلو ملي ويو. مڙئي ڪجهہ آفيسري رعب ڪجهہ منگلوءَ جي اثر رسوخ ڪري، بنگلو تمام ٿوريءَ مسواڙ تي ملي ويو.
منگلو آسام جو رهاڪو هو. نھايت شريف ۽ ايماندار. غربت کيس تمام گهڻو اڳ پوڙهو ڪري ڇڏيو هو. کيس ٻہ پٽ، هڪ ڌيءَ هئي. زالس گهڻو اڳ مري ويئي هيس. سندس وڏو پٽ به، زال ۽ چار ٻچا ڇڏي گذاري ويو هو، سڄي ڪٽنب جو بار مٿس هو. ڌيءَ سامائيل، پٽس ننڍو، ٻيا پنج ساهوارا کائڻ وارا، تن جي فڪر ڪري هو هميشہ موڙهل پيو لڳندو هو. مون کيس تمام سٺي پگهار تي رکيو، جنھن ڪري مڙئي سندس مالي حالت ڪجهہ سڌري ويئي هئي. هاڻي کيس رڳي ڳڻتي هئي تہ سندس ڌيءَ جي شادي ٿئي. انھن ڳڻتين جي ڪري هو نئين جاءِ ڳولڻ کان نٽائيندو رهيو. پر هڪ ڏينھن جو صبح جو نڪتو، سو منجهند جو موٽي اچي ٽپڙ کڻائي سڌو انھيءَ بنگلي ۾ رکايائين. مان آفيس ڏانھن هوس، اتان سڌو منگلو مون کي بنگلي تي وٺي آيو. بنگلو نھايت ئي سندر هو. ننڍڙو سو هو، پر سندس جوڙجڪ اهڙي تہ سھڻي ۽ انوکي هئي جو دل چوي تہ رڳو پيو ان کي ڏسجي. تاري وانگر کڙيل، پنج ڪنڊو باغ وچ تي هوس. ان جي هڪ ڪنڊ کان بنگلو هڪ سنھيءَ ليڪ وانگر شروع ٿي ٿيو. وچ تي ڪجهہ ويڪرو ٿي، وري سنھو ٿيندو، ليڪ وانگر، ٻيءَ ڪنڊ تي ڇيڙو ٿي ڪيائين. چنڊ- تاري جو هيءُ ماڊل مون کي ايڏو وڻيو، جو منگلو کان مسواڙ بہ نہ پڇيم. ايترو سو پڇيومانس تہ هيءُ بنگلو ڪنھن جو آهي. تنھن جي جواب ۾ هن مون کي هڪ ڪھاڻي ٻڌائي، جا دلچسپ ضرور هئي، پر مون بنگلي جي ملڻ جي خوشيءَ ۾ ان تي گهڻو غور ڪونہ ڪيو.
ٻئي ڏينھن اسان بنگلي کي صفا ڪيو ۽ سٺي نموني ۾ سجايو. منگلوءَ کي مانيءَ تي دير ٿي ويئي هئي، تنھنڪري هو ڀڳو بورچيخاني ڏانھن، ۽ مان ڊرائننگ روم ۾ ويھي ٿڪ پٽڻ لڳس. اڄ مان آفيس بہ ڪونہ ويو هوس، صرف انھيءَ بنگلي کي سنوارڻ ۽ سجائڻ جي ڪري.
اوچتو گهنٽي وڳي. ڏٺم تہ منگلو پوئين پاسي هو. مان يڪدم اُٿي در تي آيس. ٽپالي بيٺو هو.
”صاحب، سلام!“
”هون. ڇا هي؟“
”پارسل.“
”مون کي ڏي.“ مون بيخيالي ۾ پارسل وٺي، رسيد تي صحيح ڪري ڇڏي. پارسل کڻي آڻي ڪوچ تي ڦٽو ڪيم، تڏهن اوچتو منھنجي نظر ايڊريس تي پئي: ”اندر!--- اندرس نواس---- شيلانگ---- آسام.“
”هيءُ پارسل منھنجو تہ نہ آهي، پوءِ موٽائي ڏيڻ گهرجي.“ يڪدم مان ٻاهر ڀڳس. اوچتو مون کي ياد آيو تہ ’اندر نواس‘ تہ هيءُ ئي آهي! مان وري واپس اچي ڪوچ تي ويھي رهيس.
”اندر نواس!“ منھنجي ذهن تي اکر اُڀريا... ”اندر!... اندر نواس!“ مون کي منگلو جي ٻڌايل ڪھاڻي ياد اچڻ لڳي.
هيءُ بنگلو سيٺ سندر داس پنھنجيءَ اندر الاءِ ٺھرايو هو. هوءَ بمبئيءَ جي چترڪار اسڪول ۾ ڊپلوما ڪري رهي هئي. هن کي بنگلو اصل نہ وڻيو هو. هت صفا ڪانہ رهي. وري موٽي بمبئي ويئي، جتان وري واپس نہ موٽي. ڪن تہ چيو ٿي تہ ڪنھن سان ڀڄي ويئي. پڻس سندس ڳولا ۾ ڏينھن رات هڪ ڪري ڏنو. نيٺ هو چريو ٿي پيو ۽ سيگهہ ئي مري ويو. ’اندر نواس‘ ويران ئي رهيو. جائيداد سڄي مائٽن ۾ ورهائجي ويس. هيءُ بنگلو بہ هڪ ڪنگال مائٽ کي هٿ اچي ويس، ۽ اهو وري اچي ويو منگلو جي آور ۾، جنھن کيس چڱي مسواڙ ٻولي، ۽ ائين اسان اچي هتي واسو ڄمايو.
اوچتو مون کي پارسل جي يادگيري آئي. پارسل ڪافي ڊگهو ۽ ويڪرو ٿي لڳو. ائين پئي لڳو، ڄڻ ڪنھن تصوير جو فريم هو. الائجي ڇو، منھنجا هٿ بي اختيار ان جي چوڌاري ويڙهيل رسين کي ٽوڙڻ ۾ لڳي ويا. تان خبر پيئي جو مون آڏو هڪ ڪاٺ جو فريم هو، جنھن تي باقي هلڪو پنو چڙهيل هو، جنھن مان ڪنھن جي چتر پئي جهلڪا ڏنا. اتي مون کي احساس ٿيو تہ مون پارسل کولي غلطي ڪئي آهي، پر پوءِ آخري پنو بہ هٽي ويو.
مان ڪي گهڙيون تہ يڪٽڪ انھيءَ فريم ۾ پيل چتر کي ڏسندو رهيس. منھنجي سامھون هڪ فنڪار جو اعليٰ پر سندر خواب هو. پينسل جون ڪي ڦھليل ريکائون هيون، جن گڏجي هڪ جسم کي جنم ڏنو هو. ڇا اهو جسم، ڇا اُن جو مک- سندرتا جي انتھا هئي. سندريءَ جي چھري تي گنڀيرتا ڇانيل هئي. اُن گنڀيرتا پھريائين تہ رعب ٿي وڌو، تنھن کان پوءِ ظاهر ٿي ٿيو سندريءَ جو هٺ ۽ غصو- ۽ اهائي فنڪار جي خوبي هئي تہ هوءَ انھيءَ هٺ ۽ غصي جي عالم ۾ ڪھڙي نہ خوبصورت ٿي معلوم ٿي! اهو سڀڪجهہ صرف چند ليڪن جو کيل هو. سندس لباس بہ ٻن ٽن لڪيرن سان ظاهر هو- ڄڻ ڪنھن فرشتي کي ڪو اڇو ڊگهو جبو پارائي ڇڏي ڏنو ويو هجي. فنڪار جو تخيل خوبصورتيءَ جو بھترين مثال هو: هڪ خوبصورت معصوم فرشتو، غصي جي عالم ۾، ان ۾ بہ وڻندو هجي! فنڪار ٻہ ضد پاڻ ۾ ملائي، ان سنگم کي سندرتا بخشي هئي. هڪ ڳالھہ جا تصوير ۾ سڀني کان مختلف هئي، سا هئي سندريءَ جون اکيون: گول گول، ڪاريون، ڊگهن ڇپرن سان ڍڪيل، جن ۾ غصي جي بجاءِ هڪ عجيب مڌر جوت هئي، جا سندس ڪردار کي وڌيڪ جِلا بخشي رهي هئي.
اوچتو منھنجي نظر تصوير جي هڪ ڪنڊ تي پيئي:
”هيءَ روپ- ڀيٽا اُهي، اُن روپ کي، جو هن کان مختلف نہ آهي. روپ؟“
مون ان جملي کي ور ور ڪري پڙهيو ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. نيٺ انھيءَ نتيجي تي پھتس تہ هيءَ تصوير اندرا جي ئي آهي، جا حسين پر مغرور، هٺيلي ۽ غصيلي هئي. سندس ڪردار جي اها ادا ڪنھن چترڪار کي وڻي بہ آهي، تہ ان سان گڏ کٽڪي بہ آهي، ڇاڪاڻ تہ لڳي ائين پيو، ڄڻ تہ سندس ڪردار جي انھي پھلوءَ چترڪار کي اندرا جي ويجهو اچڻ نہ ڏنو آهي، جنھن ڪري هو هميشہ ڏکويل رهيو آهي. پر، الائجي ڇو، اکين جي انو کائپ مسئلي کي ڪجهہ منجهائي ڇڏيو. اکين جي جوت، پيار ۽ ڪجهہ ٻين گڏيل جذبات کي ظاهر ڪري رهي آهي.
مون بہ وڌيڪ سوچڻ کي ڇڏي، تصوير کي کڻي اچي آتشدان مٿان ڪارنس تي رکيو. پوءِ ٿورو پرڀرو ٿي کيس وري جاچڻ لڳس. مون کي سندس بيھڻ جي انداز ڪافي متاثر ڪيو هو. ان ۾ بيباڪي هئي، جان هئي، جنھن کيس بلڪل زنده انسانن جي صف ۾ ٿي بيھاريو. ائين ٿي لڳو، ڄڻ تہ هوءَ زنده ڪارنس تي بيٺي آهي: سندس هڪ هٿ سفيد جبي جي ڪنڊ کي ڪجهہ مٿي کنيو بيٺو آهي، جنھن سان سندس رعب وڌيڪ نمايان ٿي ويو آهي، ۽ ٻئي هٿ سان ڪو اشارو ڪري رهي هئي. الائجي ڇو، مان ائين محسوس ڪرڻ لڳس تہ واقعي هوءَ تصوير مان نڪري آئي آهي، ۽ ڪو حڪم ڪري رهي آهي: ’هيءُ ڪم ڪر، هو ڪم ڪر، تکو ٿي!‘ مان سندس تحڪمانہ انداز تي ڪجهہ ڇرڪجي ويس. يڪدم اکيون کڻي مَليم، پر ڏٺم تہ ساڳي تصوير هئي. انوکن جذبن جو انوکو مجموعو. ۽ مون کان زبان مان نڪري ويو، ”ڪاش، اها زنده هجي ها، ۽ مان بنا ڇهڻ جي کيس ائين ڏسندو رهان ها!.... ڪاش!....“
۽ پوءِ مون کي پنھنجي انھيءَ خواهش تي کل اچي ويئي. منھنجي کلڻ جي آواز تي منگلوءَ، جو شايد ڪنھن ڪم سان مون ڏانھن ٿي آيو، هڪدم ڊڪ پاتي ۽ چيائين:
”سائين، سڀ سک!“
”ها، ڇو؟“
”الائي، بابوجي، توهان جو ائين پنھنجي ليکي کليو، سو يڪدم وهم اچي ويٺم. بابوجي، هونئن ئي هت ڀوت پريت گهڻا آهن. نہ بنگلي لاءِ بہ ماڻھو ائين چون ٿا. سو اوهان مڙئي خيال ڪجو، ڀڳوان پيو ڪرپا ڪري! شائين، جاءِ جي تنگي نہ هجي ها تہ اسين هت هن رهون ها. پر مجبوري..... اڙي هيءُ ڦُوٽو ڪٿان آيو؟“
”هڪ دوست موڪليو آهي.“
”پر، بابوجي، هيءَ تہ ڪا آسامي عورت لڳي ٿي!“
”ها، اندرا جي تصوير آهي.“
”اندرا جو ڦوٽو! توهان کي ڪٿان هٿ آيو؟ پر بيھو.... سچ، هيءَ تہ اندرا آهي.. نس پس اندرا! سندر، تيز، پر سٺي ڇوڪري.“
منگلو الائجي ڇو اداس ٿي ويو، ۽ پوءِ ماٺ ڪري، تکو تکو بورچيخاني ڏانھن هليو ويو. مون کي ائين لڳو، ڄڻ منگلو ڪا ڳالھہ مون کان لڪائي رهيو آهي، هو اندرا جي باري ۾ گهڻو ڪجهہ ڄاڻي. دل چاهيو تہ کيس سڏيان، ۽ کائنس پڇان اندرا جي جيون- ڪٿا. پر پوءِ سوچيم تہ ڪنھن جي جيون- ڪٿا ۾ گهُري وڃڻ سان ڇا ٿو ٿئي: جڏهن ان جي گهاريل جيون جو هڪ عڪس ئي سڄي جيون جي اُپٽار ڪري رهيو آهي، تہ پوءِ باقي رهيو ڇا؟ ۽ پوءِ مان وري گم ٿي ويس ان لڪيرن ۽ ريکائن جي ديس ۾. ائين پئي معلوم ٿيو، ڄڻ تہ اهو ديس ئي حقيقت آهي، باقي سڀ ڪوڙ.
مون کي چٽو پٽو ياد آهي تہ اهو سڄو ڏينھن منھنجو ڪيئن گذريو. تصوير ڪارنس تي رکي هئي. مان سامھون ڪرسي وجهيو ان کي تڪي رهيو هوس. ان ۾ ايترو تہ گم رهيس جو منگلوءَ ٻہ ٽي دفعا مانيءَ جو پڇيو، پر مون ٽاري ڇڏيومانس. مان جنھن ديس جو سير ڪري رهيو هوس، تنھن جي منگلوءَ کي ڪھڙي خبر؟
دراصل مان انھيءَ ڪوشش ۾ مصروف هوس تہ اها تصوير جاڳي، ڪَرَ موڙي اُٿي، منھنجي تصور تي ڇانئجي وڃي، بلڪل منھنجي مرضيءَ مطابق، جيئن مان کيس چوريان، تئين چري، لطيف لھرون من ۾ پيدا ڪري. پر پوءِ ڏٺم تہ شام ٿي ويئي، ۽ مان ناڪام رهيس. هوءَ ساڳئي انداز ۾ مون تي ڇانيل رهي. رُعب ۽ تمڪنت سان گڏ، هراسيندڙ ادا! نيٺ مون منگلو کي سڏ ڪيو ۽ ماني کاڌم. منگلو خاموش هو. هن ڪنھن قسم جو تبصرو منھنجيءَ محويت تي نہ ڪيو، پر مون چاهيو ٿي تہ هو ڪجهہ پاڻيھي چوي، اندرا جي ڪردار جي وڌيڪ اُپٽار ڪري، تان تہ هوءَ وڌيڪ واضح ٿي منھنجن جذبن مٿان ڇانئجي وڃي. پر جڏهن ڏٺم تہ هو ڪجهہ خاموش ڪجهہ اُداس ٿي رهيو، تڏهن کيس کولڻ لاءِ کائنس پڇيم:
”ڇا ڳالھہ آهي، ڪاڪا منگلو، ڪجهہ اُداس آهين؟“
”ڪجهہ ناهي، سائين. مڙئي آهي جِندگي گذارڻي.“
”آخر، چئہ کڻي!“
”سائين، ساڳي پراڻي ڳالھہ آهي. جمنا جي سسرال وارا گهڻو جهيز گهرن. نہ تہ چون ڇوڪري نہ کپي! مان غريب ڪٿان ايترا جيور ۽ ڪپڙا، ڏيان؟ ڇوري بہ وڏي ٿي ويئي آهي. سائين، بس، وڏو سور اٿم انھيءَ جو، ڇا ڪريان! پر سائين، اوهين ڇو ويچار ڪريو؟ ڇڏيو انھيءَ ڳالھہ کي، اوهين ماني کائو.“
منگلو ائين چئي چپ ٿي ويو، ۽ الائجي ڇو، مان بہ ڪجهہ چئي نہ سگهيس. ماٺ ڪري ماني کاڌم، ۽ پوءِ ٻاهر نڪري باغ ۾ ڦرڻ لڳس. منگلو جي ڏک جي خيال ڪجهہ دير مون کي بہ دُکي ڪيو، پر پوءِ اندرا جو ساڳيو روپ منھنجن خيالن مٿان ڇانئجي ويو. پر صرف انھيءَ ويچارسان، ڄڻ مون کي هراسي رهي هجي. بس، جي ڪجهہ ڪوملتا هئي، سا سندس اکين ۾ هئي. مون گهڻي ئي ڪوشش ڪئي تہ هوءَ چُري پُري ۽ پنھنجي هستيءَ کي جلا بخشي، پر هوءَ خاموش، هڪ ڀت مئل، ائين ئي ڇانيل رهي. مان وري ڇڪجي واپس ڪمري ۾ موٽي آيس.
منگلو کي مون رات جي مانيءَ لاءِ جهلي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ منجهند جي ماني دير سان کائڻ ڪري پيٽ تي ڪافي بار پئي محسوس ڪيم.
مان ساڳي ڪرسي تي ويھي رهيس. تصوير وري منھنجي سامھون هئي. اوچتو مون کي هڪ خيال آيو تہ فنڪار جھڙي لباس ۾، جھڙي لباس ۾، جھڙي انداز سان ان کي بيھاريو آهي، ان ۾ نزاڪت يا لطافت تہ ڪڏهن بہ پيدا ٿي نٿي سگهي، ڇاڪاڻ جو مون کي هُري آيو تہ عورت کي لطيف ۽ نازڪ بڻائڻ لاءِ لباس ۽ زيور گهڻي قدر ذميوار آهن.
منھنجون نگاهون سندس اڇي جبي کي جاچي مايوس ٿي ويون. ۽ پوءِ سندس خالي ڳچيءَ جي چوڌاري ڦري، وري ٻانھن تي اچي بيٺيون، اتان لھي، سنھڙين آڱرين تي آيون: ’نہ هار، نہ چوڙي، نہ منڊي..... بس، اها تصوير فنڪار پنھنجي لاءِ ئي ٺاهي آهي، اسان جي تصور تي ڇانئجي نٿي سگهي!“ مان اهو سوچي اُٿيس. اوچتو منھنجي نظر پنھنجيءَ آڱر ۾ پيل سونيءَ، قيمتي ٻڙي واريءَ منڊيءَ تي پيئي، جا مون کي مڱڻي جي موقعي تي ڏني ويئي هئي. منڊيءَ کي ڏسندي ئي مون کي ڪجهہ ياد پيو. مان يڪدم پنھنجي سامان واري ڪمري ڏانھن ڀڳس، پيتي کوليم، جنھن ۾ هڪ قيمتي بنارسي ساڙهي ۽ ٻہ جڙائو سونا ڪنگڻ پيا هئا، جيڪي مون پنھنجي شاديءَ لاءِ گڏ ڪيا هئا.
ٻئي شيون کڻي، مان واپس ڊرائنگ روم ۾ آيس. آهستي آهستي، تصوير ڏانھن وڌيس. منھنجون نگاهون هر ساڙهيءَ کي، هر ڪنگڻن کي، ۽ هر منڊي کي تڪي، وري اچي اندرا تي کتيون ٿي. مون سوچيو ٿي تہ ڪيتري نہ سندريءَ جي سندرتا وڌي ويندي، هن وڳي ڍڪڻ سان ۽ زيورن پائڻ سان! مان لباس ۽ زيورن کي سندس آڏو ائين جهلي بيٺو هوس، ڄڻ تہ سندس ڏاج کڻي ٿي آيس. مون سندريءَ جي آڏو لباس رکي، تصور ۾ کيس اهي زيور ۽ اهو لباس پھريل ڏسڻ ٿي چاهيو، پر ڏٺم تہ اندرا جي بت جي ساڳي حالت هئي. تصوير، تصويرئي رهي هئي، منھنجو ذهن ڪافي ٿڪجي چڪو هو، ۽ مان پنھنجي تصوراتي مقصد ۾ ناڪام ٿيو هوس. مون ڪجهہ خار سان لباس، منڊي ۽ ڪنگڻ اُتي ئي ڪارنس تي ڦٽا ڪيا، ۽ موٽيس پنھنجي سمھڻ واري ڪمري ڏانھن. سمھڻ جي ڪوشش ڪيم. پر ننڊ ئي نہ اچي، تصوير جي سندرتا جي ڇايا ڇانيل ئي رهي. مان ان جي تصور کي موڙڻ سوڙڻ جون ڪوششون ڪندو رهيس. گهڻيءَ گهڻيءَ دير کان پوءِ ياد آيم تہ ڊرائنگ روم جا در کليل ۽ بتيون ٻريل ڇڏي آيو آهيان. مان آهستگيءَ سان اُٿيس ۽ واپس ويھڻ واري ڪمري ۾ آيس. بتي وسائڻ چاهيم، پر قدم ڌڪجي آتشدان تائين ويا.
’اُف، هيءَ بيجان سونھن! ڪاش، جيڪر هيءُ روح ئي هجي، پر تصور ۾ تہ مختلف ادائن سان اچي، تشنہ آتما سڪون تہ حاصل ڪري، باقي هن هٺ، غصي، ۽ هڪ ئي سھڻيءَ پر مغرورانہ ادا سان ڇا ٿو ٿئي!‘ سوچيندي، مون ڪارنس تي پيل ساڙهيءَ، ڪنگڻ ۽ منڊيءَ تي نظر وڌي، ۽ محسوس ڪيم تہ واقعي هيءُ سندرتا جو مجسمو هن لباس ۽ زيورن کي پھري، تہ جيڪر لباس ۽ زيورن جي خود سونھن وڌي وڃي ها، هو ٻھڪي اُٿن ها.
مون ڪنگڻ آڱرين ۾ جهليا، منڊي کڻي، آڱر ۾ ورائي پائي ڇڏيم، ساڙهي کي ڪلھي تي رکي، اچي بتيون وسايم ۽ در ڏنم، ۽ پوءِ واپس آيس سمھڻ واري ڪمري ۾، ساڙهي پلنگ جي مٿن کان پيل ٽيبل تي ڦٽي ڪيم، ڪنگڻ کي حفاظتي طور وهاڻي هيٺان رکي ڇڏيم، ۽ پوءِ کڻي پاڻ کي پلنگ تي سٽيم، آهستي آهستي، ننڊ جا پنک مون مٿان ڇانوَ ڪندا ويا.
ڪا مھل ٿي تہ مون محسوس ڪيو تہ ڪير منھنجي وهاڻي کي هيٺ مٿي ڪري رهيو آهي. مون وهم سمجهي، پاسو ورائي ڇڏيو. پر پوءِ پنھنجين آڱرين تي ڇھاءُ محسوس ڪيم، ۽ هڪ آڱر کي سخت ڇڪ آئي. مان يڪدم ٽپ ڏيئي اُٿي ويھي رهيس. واقعي، هڪ پاڇو منھنجي مٿي کان بيٺو هو! هاڻي هو رڙ هي پرڀرو ٿي ويو هو. مون يڪدم اُٿي بتي ٻاري.
’هان، هيءُ ڇا!‘
مان حيران ٿي ويس..... ساڳي تصوير، ساڳيو روپ، ساڳي ادا، ساڳيو هٺ ۽ غصو! بس، فرق رڳو ايترو هو جو هن جي هٿن ۾ ساڙهي، منڊي ۽ ڪنگڻ چمڪي رهيا هئا، ۽ هوءَ جيئري جاڳندي منھنجي سامھون هئي، هُن يڪايڪ سامان ورائي ٽيبل تي ڦٽو ڪيو، ۽ سندس قدم مون ڏانھن وڌيا. منھنجي ويجهو اچي، گهُور ڪري، هوءَ خار ۽ غصي وچان مون ڏانھن نھارڻ لڳي.
”اندرا.... ديوي!“
”ها، اندرا، پر تنھن سان تنھنجو ڇا؟“ هن جا نازڪ چپ غصي وچان ڏڪي رهيا هئا. مون سندس اکين ۾ نھاريو، جت ڪجهہ نرمي هئي، پر اتي بہ مون هينئر تيزي ڏٺي. سندري تمام گهڻو ناراض ٿي ڏٺي.
”اوهين ناراض آهيو؟“
”تو گهر آئي جو اپمان جو ڪيو!“ هن جي لھجي ۾ تيزي هئي.
”اپمان؟“ مان حيران ٿي ويس.
”ڪي شيون سوکڙيءَ طور اَرپي، انھن کي موٽائي وٺڻ، ڄڻ تہ مان انھن جي لائق ئي نہ هيس.... اپمان ناهي تہ ٻيو ڇاهي....“
”مان شرمندو آهيان، اندرا ديوي! هيءُ سڀڪجهہ توهان جو ئي تہ آهي، توهين ڀلي کڻو. پر....“
”پر ڇا؟“
”پر مان چاهيان ٿو تہ توهين هڪ مھرباني مون تي ضرور ڪندا وڃو: پنھنجيءَ ڪٺورتا ۽ غصي کي ڪوملتا ۽ مڌرتا ۾ بدلي ڇڏيو تہ منھنجيءَ تشنہ آتما کي سڪون ملي!“
”هون، سڪون! سڪون واري ڪُٽيا ۾ رهندي بہ سڪون جي ڳولا؟ پر توکي جنھن سڪون جي ڳولا آهي، اُهو ڪڏهن بہ نہ ملي سگهندو. اهو سڪون ڪوملتا ۾ مڌرتا جو نچوڙ آهي: پر جيئن اهي شيون خود اڻلڀ آهن، تنھنڪري اهو سڪون بہ اڻلڀ آهي!“
”پر مان پنھنجي من کي ڇا ڪريان، جو ان تي ضد ٻڌي بيٺو آهي؟“ مون بيتاب ٿيندي چيو.
”من کي مار! هون، جي من کي انسان ماري ها تہ جيڪر ھھڙا افعال ئي نہ ٿينس ها، تنھنڪري، توکي بہ من جي مارڻ جو، تن کي تسيي ڏيڻ جو اُپديش ڏيڻ بيڪار آهي.“
هوءَ آهستي پٺتي هٽي، در وٽ وڃي بيھي رهي. هوا جا هلڪا لوڏا سندس لباس ۽ سھڻن گهاٽن ڪارن وارن کي لوڏي رهيا هئا. هن ڪنڌ ورائي مون ڏانھن ڏٺو. سندس اکين جي انوکي جوت موٽي آئي هئي.
”ڪن کولي ٻڌ تہ تون جنھن ڪوملتا ۽ مڌرتا جي تلاش ۾ آهين، سا تہ توکي ڪٿي بہ نٿي ملي سگهي. مون جيڪي ڪجهہ انھيءَ دنيا ۾ رهي محسوس ڪيو آهي، ان جا آثار تون منھنجي چھري تي پسي سگهين ٿو. فنڪار جي ليڪن بلڪل صحيح نموني ۾ منھنجي ضمير، منھنجي روح کي چٽيو آهي. مون کي غصو آهي، دنيا جي اڍنگيءَ هلت چلت تي، مون کي بانور آهي، پنھنجي پاڪ ۽ نيڪ ضمير تي، مون کي هٺ آهي، پنھنجن خيالن تي، جن جي مدد سان مون هڪ الڳ دنيا ٺاهي آهي.“
”الڳ دنيا؟“
”ها، الڳ دنيا.... ليڪن ۽ ريکائن جي دنيا، جت خيال جو واسو آهي ۽ هٿ چُرن ٿا، زندگيون جنم وٺن ٿيون: پاڪ، نيڪ نيت، دنيا جي بغض، حسد ۽ ڪيني کان اڻواقف، دکن کان پرڀرو، سک جي ڇانو ۾، پنھنجو جيون، پنھنجي دنيا! بس، ائين چئجي تہ هيءَ خيالي تخليق، حقيقي يا مادي تخليق کان بہ مٿڀري آهي. جيتوڻيڪ خيالن کي جنم ڏيڻ واري هستي خود مادي تخليق آهي.“
مان مسحور ٿيو، بت بڻيو، خاموش انھن نازڪ لبن کي ڏسي رهيو هوس، جن مان فلسفيانہ ڪرخت نظريا نڪري رهيا هئا.
”مون صفا ڪونہ سمجهيو.“ مون ڀڻڪيو.
”تون سمجهندين بہ ڇا. توهين چاهيو تہ لطيف جذبا هجن، ۽ انھيءَ خيالي دنيا ۾ رهي صرف نفس جي پوڄا ڪندا رهو. توهان جو فرض آهي تہ ڪجهہ ڏسو، سوچيو، پنھنجي اردگرد ڦھليل زندگين تي ڪجهہ سوچيو. ڪڏهن توهان سوچيو آهي تہ ماءُ خود بکايل آهي، ٻار ڇاتي ۾ کير نہ ڀانيو، اُن ڇاتيءَ تي منھن بہ هڻي رهيو آهي، ڦٿڪي بہ رهيو آهي، ۽ روئي رهيو آهي.. اُن مھل ماءُ جا جذبا ڪھڙا هوندا؟ ڳول، اُن ڇاتيءَ ۾ مڌرتا ۽ ڪوملتا تلاش ڪر! ڪڏهن انھن خيالن تي طبع آزمائي ڪئي اٿو، جڏهن ٻار بک وچان ڦٿڪي رهيا آهن، ماءُ- پيءُ ڳڻتين ۾ آهن: ان وقت ٻيو حيلو ڪونھي، سواءِ انھيءَ جي جو ماءُ پنھنجي عصمت انھن ساهوارن تان گهوري ڦٽي ڪري: انھن مسئلن تي سوچ تہ تنھنجو ذهن، زندگيءَ جي عياشيءَ جي ٻئي رخ کان واقف ٿئي. لطافت نزاڪت تہ اُتي بہ آهي، جت ڪنھن جي عصمت، ڇير پايو، ڪوٺي تي چند ٽڪن واسطي نچي رهي آهي. پر شايد اُها ڪجهہ تلخ آهي، ائين نہ؟ شايد، اُن مھل بہ تون انھن جي ڇاتين ۽ چرندڙ جسمن ۾ ڪومتا تلاش ڪندو هوندين، جڏهن اُهي ڇاتيون ڀينر، زال ۽ ماءُ ڪٽي رهيون هونديون: جسم ۾ ڏهڪاءُ هوندو، طوفان هوندو، ڇا نہ هوندو، جڏهن هڪ ڀاءُ، هڪ مڙس، هڪ پٽ، هڪ مزدور، محنت ڪندي، مل جي مشين ۾ اچي ويو هجي، ۽ ان جو چچريل لاش، بي ڪفنيو، انھن آڏو پيو هجي. چئہ، ڪجهہ تہ چئہ! ٻال وڌوا جي جليل سڙيل جوانيءَ ۾ بہ هڪ نزاڪت ۽ ڪوملتا ٿئي ٿي، ڪڏهن انھيءَ تي غور ڪيو اٿئي؟ ڪڏهن ان پيءُ جي نراڙ ۾ پيل گهنجن ۾ ان جي ڌيءَ جي ڪوملتا ڏٺي اٿئي، جنھن جي هٿن تي ميندي لڳيو ڇڻيو وڃي، ڄڃ در وٽ اچي موٽيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ اهو پيءُ ڌيءَ کي ڳھن ڳٽن ۽ لباس سان نٿو جهنجهي سگهي. ڳول نہ! انھن سڀني واقعن ۾ پنھنجي مڌرتا ۽ ڪوملتا! ڏس تہ اُها ڪھڙي رنگ ۾ آهي؟ ڳول نہ!.... هليو آ زندگيءَ کي مڌر ۽ ڪومل بڻائڻ!“ هن جا چپ غصي وچان ٿڙڪي رهيا هئا، منھن ڳاڙهو هوس. سندس لفظن منھنجن ڪنن ۾ زوزٽ ٿي ڪيا. مان سڄو پگهرجي ويو هوس. هڪ بت زندگيءَ کي بي نقاب ڪري رهيو هو، منھنجو ڪنڌ هيٺ هو.
”تون ڪنڌ ڇو ٿو هيٺ ڪرين؟ مون اهو سڀڪجهہ ڏٺو هو، مون ڪنڌ هيٺ نہ ڪيو: مون انھن لاءِ سڀڪجهہ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪي مون کان ٿي سگهيو. مان پڇاڙيءَ تائين اهو ڪجهہ ڪندي رهيس، جنھن سان ماءُ جي سڪل ڇاتيءَ ۾ کير اچي سگهي، ٻارن جي ماءُ کي عصمت وڪڻڻي نہ پوي، ڀيڻ کي ڪوٺي تي نچڻو نہ پوي، شهيد ٿيل مزدور جي ڀينرن، زال ۽ ماءُ کي آٿت ملي، وڌوائون سھاڳڻيون بڻجي وڃن، غمگين پيءُ جي نراڙ جا گهنج لھي وڃن، ۽ ان جاءِ تي سک ۽ اطمينان جون لھرون هجن. پر ڏٺم تہ هيءُ دنيا ايڏي تہ وسيع آهي جو جيڪڏهن هڪ دک جو خاتمو ٿو ڪجي تہ ٻيا دک ازخود پيدا ٿيو ٿا پون. تنھنڪري مون دنيا ئي الڳ ٺاهڻ جو ارادو ڪيو. مون زندگيون تخليق ڪيون: پينسل جي ليڪن سان انھن انسانن کي جنم ڏنم، جن جي پيشاني عزم ۽ استقلال سان چمڪندڙ هئي، جن جا جذبا سندن مضبوط ۽ سٻري جسم مان ظاهر هئا. سندن ٻارڙا، ننڍڙن پر سھڻن گهرن ۾، خوش خوش ڦيريون پائيندا نظر ايندا هئا. سندن زالون، چپن تي آجيان جي مشڪ کنيو، گهر جي ڪم ڪار ۾ مشغول هونديون هيون. مائرن جون اکيون، پٽن جي خوشحال زندگي ڏسي .....تي ٿي وينديون هيون. ڌيئر پنھنجي پيءُ جي ڏنل سھاڳ جي ڪنگڻن کي ائين کڙڪائينديون هيون، ڄڻ ڪو خوشيءَ جو نغمو الاپي رهيون آهن. اهڙين خوشين کي تخليق ڪرڻ منھنجو فرض هو، جن کان هيءَ زندگي واقف بہ نہ هئي. انھن خيالن کي پينسل جي ذريعي هٿ جي چرپر سان چٽيندي، مون پاڻ هن روپ ۾ اچڻ پسند ڪيو. مون پنھنجن چپن جي مشڪ انھن ڪاغذي ڪردارن کي ڏيئي ڇڏي. ڪوملتا، نزاڪت..... سڀ انھن مائرن، ڀينرن، زالن جي نالي ڪري ڇڏيم پڇاڙيءَ جو پوترتا جھڙي قيمتي زيور کي ڪن ساهوارن مٿان گهوري ڦٽي ڪيم. مون اها ڪوشش پڇاڙيءَ تائين نہ ڇڏي تہ ڪيترو بہ ٿي سگهي، ساهوارن جي چپن تي مشڪ آڻي ڇڏيان، ۽ اُنھيءَ سان گڏ پنھنجيءَ حسين دنيا جي تخليق ڪندي رهيس.“
هوءَ ڪجهہ وقت ماٺ ۾ رهي، ۽ مون بيتاب ٿي پڇيو:
”پر..... توهان جي پوترتا!“
”ڏٺئہ، ٿي وئين نہ پوترتا جي ڳالھہ تي بيتاب. توهين جسماني انسان سوچيو بہ جسم جي پاڪيزگيءَ جي باري ۾ ٿا. ڇو نٿا ضمير جي پاڪيزگيءَ جي باري ۾ سوچيو، ڇو نٿا روح جي پوترتا جي باري ۾ سوچي امر ٿيو؟ نہ تہ اوهان جھڙو جيون تہ ڪروڙين انسان گذاري ويا آهن، توهين جي اهڙو جيون گهاريندؤ تہ ڪھڙو تير هڻي ڇڏيندؤ! منھنجو مثال ئي وٺ. مون کي ناز آهي پنھنجي وويڪ جي پوترتا تي، جا مون جسم جي پاڪيزگي ڏيئي حاصل ڪئي آهي. هڪ دفعي جي ڳالھہ آهي جو هڪ چترڪار کي، جو غربت ڪري ڪاليج ڇڏي چڪو هو، پيءُ جي مري وڃڻ سبب نوڪريءَ جي ڳولا ڪرڻي پيئي. نوڪريءَ جو نيٺ کيس آسرو مليو. ان وقت سندس ماءُ اڌرنگ جي مرض ۾ مبتلا هئي، وڏو ڀاءُ ٽي. بي جي حوالي هو، سامائيل ڀيڻ بک جو شڪار هئي، ۽ ننڍي ڀاءُ جي حادثي ۾ ٽنگ ڪپجي پيئي هئي. مصيبتن جي هن اوڙاھہ ۾ ويھي، هن گهڻيئي تصويرون چٽيون، پر سڀني ۾ غم جون ريکائون ظاهر هيون، تنھنڪري ڪنھن نہ ورتيون، چي، ’غم وارا غم خريد ڪن، خوشيءَ وارن جو غم سان ڪھڙو واسطو؟‘ مان ان غريب جي وس آهر مدد ڪندي رهيس. پر آخر ڪيستائين؟ نيٺ هو انھيءَ نوڪريءَ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو، جنھن جي هڪ شرط پاڙڻ سان هڪ زندگي سا تباھہ ٿي وڃي ها، پر سڄو خاندان نہ رڳو بچي ها، پر خوشحال زندگي گهاري ها. هن نيٺ سيٺ سان ها ڪئي، ۽ ڀيڻ کي چيائين تہ تيار ٿيءُ تہ توکي گهمائڻ ٿو وٺي هلان. دکن ماريل ڀيڻ بہ سڀڪجهہ سمجهي ويئي... تہ اڄ سندس قرباني ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي. هوءَ خوشيءَ سان تيار ٿي. ڀاءُ، ڀيڻ کي وٺي هليو. چِتا تي چاڙهڻ.... شايد سَتي ٿي ڪيائينس. ڪيڏو نہ جيون ۾ دک آهي!“
هن جي چھري تي غصي سان گڏ دک جون ريکائون بہ ڦھلجي ويون هيون. مون صرف ائين پئي محسوس ڪيو تہ مان اڳ ڪنھن اونداهيءَ غار ۾ هوس، اڄ ڪا زندگي مون آڏو مشعل جهلي بيٺي آهي، ۽ مان سڀڪجهہ ڏسي رهيو هوس... دک جي انتھا، انسان جي بيڪسي، زندگيءَ جو اصل روپ. هوءَ بيان ڪندي رهي:
”جڏهن هو ڀيڻ کي سيٺ وٽ ڇڏڻ آيو، تنھن کان اڳ مون کي خبر ملي چڪي هئي. مان سيٺ وٽ پھچي ويس، ۽ کيس ساڳيو زيور آڇيم جو هڪ ڀاءُ پنھنجيءَ ڀيڻ کان کسائي رهيو هو. سيٺ ڇوڪريءَ جي مٿي هٿ رکيو، ۽ ڀاڻس کي ٻئي ڏينھن آفيس ۾ اچڻ جو چئي موٽائي ڇڏيو، ۽ پوءِ موٽي اچي مون کان ان جي قيمت وصول ڪيائين. ڀاءُ ڀيڻ کي موٽائي گهر وٺي آيو، ڏاڍو خوش سوچيائين تہ سيٺ ڪيڏو نہ ديالو آهي! سيٺ جي انھيءَ ڳالھہ تہ هن کائنس امتحان ٿي ورتو، کيس سڪون بخشيو. پر مون تہ اها سچي تسڪين پاتي، جا خواب ۾ بہ نہ ڏٺي هيم. مون زندگيون بچايون هيون، جسم تي گندگي ملي، جرڪندو ضمير پاتو هوم، انھي تي جيترو بہ بانور ڪريان، ناز ڪيان، ٿورو آهي.
”سيٺ وٽان ٿي، سڌو مان چترڪار وٽ آيس. کيس زبان سان ڪجهہ نہ چيم، پر ڏانھنس ڏاڍي غصي وچان نھاريم، صرف انھيءَ ڪري جو هو پنھنجين زندگين مٿان ٻي زندگي کي قربان ڪندي نہ هٽڪيو. ۽ پوءِ اتان هلي آيس، کيس اکين ۾ هڪ پيغام، هڪ جوت ڏيئي. مون پوءِ شام جوئي گندي جسم کي سمنڊ جي لھرن جي حوالي ڪيو، ۽ صاف روح کي کڻي اچي چترڪار جي خيالن تي قبضو ڪيم، جنھن مون کي هيءُ روپ ڏنو. واقعي ’روپ‘ مون کي صحيح روپ ڏنو.“
”روپ؟“ مون کان بي اختيار زبان مان نڪري ويو.
”ها، اهو ساڳيو ئي روپ آهي. هن سمجهيو تہ مان غائب ٿي ويئي آهيان. ماڻھن جي چوڻ تي تہ مان ڪنھن سان ڀڄي ويئي آهيان، تصوير هيڏانھن ڏياري موڪليائين. جيتوڻيڪ هن گهڻي ڪوشش ڪئي تہ مون کي جيترو ڪٺور ۽ هٺ وارو ڏيکاري اوترو ٿورو آهي، ڇاڪاڻ جو مان سندس پريم جي بدلي ۾ پريم ڏيئي جو نہ سگهي هيس. بي سمجهہ هو نہ، هن کي ڪھڙي خبر تہ مون پريم جي ورکا اڳي ئي پنھنجيءَ دنيا مٿان ڪري ڇڏي آهي. ها، سو ڳالھہ ٿي ڪيم تہ هو تصوير ٺاهي خود حيران ٿي ويو، جو ان ڪٺورتا ۽ هٺ ۾ بہ هڪ قسم جو شان هو. آخر ڇو نہ ٿئي؟ ڇو نہ بانور ڪريان پنھنجي آدرشي جيون تي! هاڻي تہ ڪنھن جي پرواھہ ڪانھيم... پنھنجي دنيا جو وسائي اٿم!“
هوءَ آهستگيءَ سان، در وٽان رڙهي، ٽيبل وٽ آئي. سندس نگاهون ساڙهيءَ، منڊيءَ ۽ ڪنگڻ تي هيون. هن آهستگيءَ سان انھن شين کي کنيو، ۽ هٿن ۾ جهلي مون ڏانھن نھاريو.
”هونءَ... تہ هن لباس ۽ زيورن سان منھنجي نزاڪت ۽ مڌرتا وڌي ها؟ ٺيڪ تہ آهي،.... منھنجي نہ، تہ ڪنھن ٻيءَ ڪنيا جي خوبصورتي وڌائيندي، جنھن جا هٿ شاديءَ رات جو خالي هوندا، لباس ڦاٽل هوندس، پيءُ وٽ نہ زيور، نہ ڪپڙا، بس هن جي ڪمر انھيءَ دک کان وڌيڪ جهڪي ويندي.“
الائجي ڇو، سندس انھيءَ جملي تي منھنجي آڏو منگلوءَ جي جهڪيل ڪمر ڦرڻ لڳي. ان سان گڏ منگلوءَ جا چيل دکي لفظ، جمنا جي خالي سينڌ، خالي ڳچي، خالي ٻانھون مون آڏو ڦرڻ لڳيون. ۽ پوءِ انھن سينڌن، انھن ڳچين، انھن ٻانھن جو تعداد وڌندو ويو. ائين پئي لڳو، ڄڻ لاتعداد سينڌون اُجڙيل آهن، سندن لباس، سندن اُمنگن سان گڏ، تار تار آهن. ’اُف، دکي دنيا!‘ مون زور سان ڪنڌ ڌوڻيو. ڏٺم تہ اندرا ڪمري ۾ ڪانہ هئي. يڪدم ٻاهر ڀڳس. هوءَ باغ ۾ بيٺي هئي. هن جي. هٿن ۾ ساڳيون شيون هيون.
”اچ، مان ڀانيان ٿي تہ جي مان هيءُ شيون کڻان تہ توکي اعتراض تہ ڪونہ ٿيندو.“
لھجي ۾ ساڳي تيزي هيس.
مون ڪنڌ ڌوڻيو، ۽ هن وري چيو:
”مان چاهيان ٿي تہ هي شيون صحيح حقدارن وٽ پھچن. هيءُ لباس، هي زيور ڪنھن جا بہ آهن، هاڻ اُن ڪنيا لاءِ آهن، جنھن وٽ ڪوبہ زيور ڪونھي، سواءِ عزت جي زيور جي. تنھنڪري هيءُ سامان منھنجي قبضي ۾ رهندو، جيستائين ان جو صحيح حقدار پيدا ٿئي. تنھنجو فرض ٿيندو تہ ان جي صحيح مالڪ کي ڳولي، ان تائين شيون پھچائين!“
منھنجين اکين آڏو منگلوءَ جي تصوير ڦرڻ لڳي.
”حقيقت تہ اها آهي تہ اهڙين گهڻين ساڙهين، منڊين ۽ ڪنگڻن جي ضرورت پوندي. جي ٿي سگهيئي تہ ڪوشش وٺي خالي آڱرين، خالي ٻانھن ۽ خالي سينڌن کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪجانءِ، جيئن منھنجيءَ آتما کي وڌيڪ تسڪين حاصل ٿئي. ۽ ٿي سگهيئي تہ ڪوشش ڪندو رهجانءِ جيئن ماءُ پٽ کي ٿڃ ڏيئي سگهي، ٻارن جي ماءُ کي عزت وڪڻڻي نہ پوي، ڀيڻ کي ڪوٺي تي نچڻو نہ پوي، شهيد ٿيل مزدور جي ڀينرن، زال ۽ ماءُ کي آٿت ملي. پر تون اهو سڀڪجهہ ڪٿي ٿو ڪري سگهين، مان ئي پوري نہ پئجي سگهيس! پر، چڱو ڀلا، جي ايترو نہ ڪري سگهين تہ پوءِ اها دنيا تہ ضرور ٺاهج، جا خيالي ڀلي هجي، پر ان ۾ زندگي پنھنجي نالي سان نمايان هجي. پوءِ ڀلي چترڪاري هجي يا شاعري هجي يا نثر جي دنيا هجي، پر قلم هجي ۽ خيال هجن. پوءِ انھن انسانن جي تخليق ٿي سگهندي، خوشحال هوندا، بت تي ڪپڙو هوندن. کائڻ لاءِ سڀڪجهہ هوندن، رهڻ لاءِ چڱو مضبوط اجهو هوندن، سندن ٻارن جو مستقبل روشن هوندو، سندن زالن جي چپن تي سدائين وڻندڙ مشڪ هوندي، ۽ مڌرتا ۽ ڪوملتا خود بخود جاڳي نروار ٿيندي. بيشڪ، اها دنيا دنيا هوندي، پوءِ خيالي ئي سهي پر انسان جوڙيندڙ جي آڏو ائين تہ چئي سگهندو تہ ’اي ڀڳوان، ڀيٽ ٻيئي دنيائون: ڏس، اسان توکي ڇا ڪري ڏيکاريو آهي! انھيءَ دنيا جي تخليق ڪئي آهي، جنھن جھڙي تو هن دنيا کي بنائڻ چاهيو ٿي، پر ائين ٿي نہ سگهيو. پر اسان توکي الڳ هڪڙي دنيا ٺاهي ڏني، جتِ ڪوبہ غم نہ آهي، جت زندگيءَ جون لھرون آهن، قرب آهي، مِٺ محبت آهي، سڀڪجهہ آهي: ڪوملتا، مڌرتا، پوترتا، ڇا ڪجهہ ناهي؟ سڀڪجهه، جيڪي تو وٽ موجود تہ آهي، پر ساهوارو مادي انسان حاصل ڪري نہ سگهيو، ۽ خيالي انسان ڪيئن نہ حاصل ڪيو!“
هوءَ خاموش ٿي ويئي، هن هڪ وڏو ٿڌو ساھہ کنيو.
”ڪيڏو نہ گهڻو ڳالھايو اٿم، سڀڪجهہ انھيءَ اميد تي تہ شايد ڪو ٻيو هڏ ڏوکي انسان پيدا ٿي پوي، ڪجهہ نہ ڪجهہ ضرور ڪري. مان ڪوشش ڪنديس تہ سڀني وٽ وڃان، کين اهو پيغام ڏيان تہ يا زندگي ٺاهين يا تہ خيالي زندگيون ٺاهي، ساهوارن کي رشڪ ڏيارين تہ هو انھيءَ وانگر پنھنجي جيون کي بنائين. ڏسان، ڪيترا ٿا جاڳن، ڪيترا ٿا سمھي پون!“
مان بلڪل خاموش کيس تڪي رهيو هوس. مون کان ڪجهہ بہ اُڪلي نہ رهيو هو. دل چاهيو تہ ڪجهہ چوان، پر......
”مان سڀڪجهہ توتي ڇڏيان ٿي ۽ وڃان ٿي، موٽي پنھنجي ديس ڏانھن. هن دنيا جا ڦيرا پيئي ڪنديس، پر جي هيڏانھن نہ آيس تہ ڪو ڀولو نہ آهي، ڇاڪاڻ جو ڀانيان ٿي تہ تون گهڻو ڪجهہ ڪندين. ڪريان ڪجهہ اميد!“ هن مون ڏانھن نھاريو. سندس اکين ۾ جوت هئي، پيغام هو. مون ڪنڌ ڌوڻي ها ڪئي. ۽ پوءِ مون ڏٺو تہ هن جي پيشانيءَ جا گهنج هٽي ويا، اکين جي جوت وڌنڌي ويس، چھرو وڌيڪ ٻھڪڻ لڳيس: مشڪ چپن تي پنڌڙو ڪندي آئي، ۽ هوءَ کلي ويٺي. هن هڪ ادا سان ساڙهي پنھنجن ڪلهن تي پکيڙي ڇڏي، ڪنگڻن کي پنھنجين ٻانھن ۾ پاتو، منڊيءَ کي هڪ آڱر ۾ وڌائين، ۽ هڪ وڻندڙ مشڪ سان مون ڏانھن ڏٺائين. مان صفا بت بڻجي ويس. مون آڏو منھنجي تصور جي سندري هئي. بس، ائين پئي لڳو ڄڻ ڪا نئين ڪنوار آهي، جا پنھنجي سندرتا ۽ سينگار تي ناز ڪري رهي آهي. ساڙهيءَ جي چمڪ وڌي ويئي هئي. ڪنگڻ ٻھڪي رهيا هئا. منڊيءَ جي ٽڪ تنھان ئي تيز چمڪي رهي هئي. ۽ هوءَ ديويءَ سمان هلڪي مشڪ مشڪندي رهي.
”چڱو ڀلا، مان هلان ٿي.“ هن جا نازڪ چپ چريا.
ائين چئي، هوءَ مست چال سان ڊرائنگ روم ڏانھن وري. هينئر نہ غصو هو نہ ڪٺورتا، بس چوڌاري ڪومل فضا ڇانيل هئي. هوءَ ڪمري ۾ داخل ٿي چڪي هئي. مون کيس ويندو ڏسي ڊڪ پاتي...... تان خبر پيئي جو ڊرائنگ روم جي چائنٺ تان ٿاٻڙجي وڃي ڦهڪو ڪيم. هاڻ مون کي ڪجهہ هوش اچڻ لڳو. ائين محسوس ٿيم، ڄڻ ڪو جادوءَ جو اثر هو جو هاڻ لهڻ لڳو آهي. سوچيم تہ اهو سڀڪجهہ ڇا هو؟ ويتر، حيران ٿي ويس، جڏهين ڏٺم تہ ڊرائنگ روم جا ڏنل در پٽيا پيا هئا ۽ وسايل بتيون ٻريل هيون. مان ٻڏتر ۾ پئجي ويس... تہ پوءِ اهو ڇا هو؟ خواب يا حقيقت!
سامھون ڪارنس تي ساڳي تصوير رکي هئي. مان يڪدم ڏانھنس وڌي ويس. ساڳيو روپ، غصو، هٺ، اکين ۾ جوت. اوچتو منھنجي نگاھہ ساڙهيءَ ۽ زيورن تي پيئي، جيڪي ڪارنس تي رکيا هئا. الائجي ڇو، اها سوچ منھنجي مٿان ڇانئجي ويئي.
’ڀلي خواب ئي ڇو نہ هجي، پر مون لاءِ اها حقيقت آهي. هڪ ديوي هئي، جا آئي هئي مون کي جاڳائڻ ۽ انھيءَ دنيا ڏانھن توجهہ ڏيارڻ، جا انسانن جي دنيا آهي. جي هن دنيا جا دک مايوس ڪن تہ پوءِ هڪ اهڙي دنيا ٺاهجي، جا خيالي بيشڪ هجي، پر قابل رشڪ هجي، جو يڪدم ساهوارا احساس ڪن تہ ٺاهجي تہ اهڙي دنيا ٺاهجي!‘
مون لباس ۽ زيور تي هٿ رکيو، ۽ تصوير ڏانھن مخاطب ٿي چيم، ”ديوي، ائين ئي ٿيندو، جيئن تو چاهيو آهي. اها ساڙهي اهو جسم اهو جسم پائيندو، جيڪو هميشہ ليڙن ۾ گذاريندو آيو آهي. منڊي ان آڱر ۾ پوندي، جنھن ڪڏهن سون نہ ڏٺو هوندو. ڪنگڻ انھن ٻانھن ۾ پوندا، جيڪي هميشہ ٻُٽيون رهيون آهن. ۽ پوءِ ان ڪنيا جي سينڌ ضرور سندور سان ڀربي!“
منھنجي تصور ۾ منگلوءَ ۽ سندس ڪنواري ڌيءَ، جمنا، جون تصويرون ڦري رهيون هيون.
”مان اهڙيون گهڻيئي ڪنيائون سھاڳڻيون ڪندس، ديوي! مان اها بہ ڪوشش ڪندس تہ مائرون فخر سان پنھنجن نونھالن کي ڇاتيءَ سان امرت اوتي ڏين، ڀينر سھاڳڻيون بڻجي ڀائرن جو ڪنڌ مٿي ڪن، استريون پنھنجيءَ لڄ کي وڪڻڻ بجاءِ پنھنجن ٻارڙن جي زندگيءَ کي سڦلو ڪن ۽ پيءُ جي شيوا ڪن. منھنجين ڪوششن جي اها انتھا هوندي جو مان شهيد ٿيل مزدورن جي وداوئن، مائرن ۽ ڀينرن جا ڳوڙها اُگهي سگهان. مان سڀڪجهہ ڪندس، ديوي، سڀڪجھہ!“
منھنجو ڪنڌ شرڌا وچان اُن تصوير جي آڏو جهڪي ويو. ڪنڌ کنيم تہ ڏٺم تہ ديوي مشڪي رهي هئي. چوڌاري پوتر، ڪومل ۽ مڌر مهڪ ڦھليل هئي، جيڪا هر روح ۽ ضمير جي خوراڪ هوندي آهي.

(مھراڻ 1/1962ع)

واچوڙن ۾ لاٽ

”ابا اُٿي، ٻاهر ڪمدار پيو ٿو رڙي، تيار ٿي وٺ، مان نيرن کڻي ٿي اچان_!“
ماءُ جي اُٿارڻ تي هو ٽپ ڏئي اُٿي ويھي رهيو. کيس ياد آيو تہ اڄ کيس بٽئين تي وڃڻو آهي. هن گهڻن ڏينھن کان پئي نٽايو، پر پوءِ خيال ڪيائين تہ سڀ ڪجهہ آخر کيس ئي تہ ڪرڻو آهي. رات جو ئي ڪمدار کي چئي ڇڏيو هئائين تہ فجر جو سويل ئي هلبو، جيئن ڏينھن نہ تپي وڃي. تنھنڪري هو بہ فجر جو ئي در تي گهوڙو جهلي بيھي رهيو.
هو جلدي جلدي تيار ٿيو، ماءُ کان چانھہ جو ڪوپ ورتائين، گرھہ ڀڃي وات ۾ وڌائين، مٿان جلدي جلدي چانھہ جو ڍُڪ ڀريائين. ماڻس کيس ”في امان الله“ چئي ڪم ڪار ۾ لڳي وئي. پاڻ حويلي جي ڏيڍي ٽپي ٻاهر آيو.
”ڪمدار، سويل ئي اچي وئين_!“
”ڀوتار، سويل وري ڪھڙي اهي، ڪم بہ تہ سنڀاليو. پنج ديرا آهن، پنج ديرا. وري ٻي ترائي واري زمين جي چڪاس بہ تہ هلي ڪيو، ڏسو تہ هيل ڇا ڪرايونس_!“
”چڱو، چڱو هاڻي چڙھہ تہ هلون، وڌيڪ ڳالھيون اُتي_“
اختر ۽ ڪمدار وڌي گهوڙن تائين آيا. نوڪر گهوڙا جهلي بيٺو هو. اختر ٽپ ڏئي گهوڙي تي چڙهيو. شھر ۾ گهڻو عرصو رهندي بہ هيءَ سواري ڪا سندس لاءِ نئين ڪانہ هئي. ها، ايترو سو هو جو گهڻي عرصي کان پوءِ هو گهوڙي جي سواري ڪري رهيو هو. ٻئي ڄڻا آهستي آهستي گهوڙن کي هڪليندا ڳوٺ جي ٻاهران آيا ۽ پوءِ کڻي گهوڙن کي ڪچي دڳ تي ڇڏيائون.
اختر، تر جي وڏي زميندار دين محمد جو اڪيلو پٽ هو. پڻس کيس هميشہ شھر ۾ رکيو_ وچ، وچ ۾ هو ڳوٺ ايندو هو ۽ زمينون گهمندو هو. پر الائجي ڇو، هو جڏهن بہ ڳوٺن ۾ گهمڻ يا بٽئين تي ويندو هو تہ سندس هنيانءُ منجهڻ لڳندو هو. پڻس سندس بيزاري ڏسي کيس چرچي وچان چوندو هو، ”منھنجو پٽ زنانو آهي، رڳو گهر ۾ويھي مکيون ماري ڄاڻي.... بس، چوويھہ ڪلاڪ ڪتاب هجنس، ٻيو ڪُل خير_!“
واقعي هو بہ ائين، اختر پنھنجي زندگي کي خشڪ ساٿين يعني ڪتابن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. ڏوڪڙ پيسي جي گهڻائي هئڻ ڪري، چاپلوسي ڪرڻ ۽ کارڻ ورا ماڻھو، ڪڍ تہ گهڻا هئس، پر هو ڪنھن سان ڪونہ ٺھيو. ٺھيو تہ ڪتابن سان. علم سندس طبيعت ۾ ماٺائي پيدا ڪئي. سندس طبيعت نھايت ئي ماٺي ۽ ٿڌي قسم جي هوندي هئي_ هو هرڪنھن ڳالھہ تي ويچارڻ جو اهڙو تہ عادي ٿي ويو جو جيڪا بہ شيءِ ڏسندو هو، اُن تي ويچارڻ ان سواءِ رهي نہ سگهندو هو. انھيءَ ڪري هو جڏهن بہ ڳوٺ ايندو هو ۽ ٻني تي ويندو هو تہ اُتي جون حالتون ڏسي، هارين جي ڪسمپرسي، زندگي جون اوڻايون پسي هو مايوس ٿي ويندو هو. ڪي گهڙيون تہ سندس آڏو، هاريءَ جو پٺي لڳل پيٽ، پٺا اُگهاڙا، اکين ۾ ويراني، اُگهاڙا ٻار ڦاٽل ڪپڙن ۽ مٽيءَ ۾ ڀريل وارن سان، اُداس اُداس زالون، بک جا چڪ، جهيڙا، خون ۽ صدين کان هلندڙ عداوتون، اِهي سڀ ڳالھيون ڦرڻ لڳنديون هيون ۽ پاڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انھي ۾ گم هوندو هو.
پڻس بيمار ٿيو، پاڻ يڪدم ڳوٺ هليو ايو. اچڻ سان ڏاڍي ڪوشش ورتائين. ڊاڪٽر سڀ گهرايائين، پر کيس اڳ سجهيو ٿي تہ هاڻ سندس يتيمي جا ڏينھن اچي ويا آهن. هواُداس پر خاموش رهيو. پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ڪي ڏينھن هن ماءُ جي اُداسائي کي ونڊيو، ۽ هو غم ۽ ڏک جي ونڊ ورڇ ڪندو رهيو. جڏهن ڏٺائين تہ وقت سندس ساٿ ڏنو آهي، ونڊڻ لاءِ ڪي يادون باقي آهن، تڏهن هن زمينن ڏانھن ڌيان ڏنو.
کيس ڪڏهن ڪڏهن خيال ايندو هو تہ هو اُنھن اکين جي حسرت ۽ آس ڪيئن ڏسي سگهندو، جيڪي کُتل هونديون اُنھن داڻن مٿان، جيڪي هو ميڙي چونڊي پنھنجي حصي ۾ ڪندو ويندو_ هوا ُهي فيصلا ڪيئن ڪندو، جنھن ۾ هڪ هاريءَ ٻئي هاري کي لٺ هڻي ڪڍي هوندي، ڇاڪاڻ تہ هن سندس پاڻي جو وارو ڀڳو هوندو، صرف ان ڪري تہ من هو ڪي داڻا وڌيڪ کڻي.
هو سوچيندو هو تہ ائين نٿو ٿي سگهي تہ پاڻ بٽئين تي نہ وڃي. هارين کي جيڪي وڻي سو هو کڻن، باقي منھنجي ضرورت جيترو اَنُ مون کي ڏئي وڃن. ائين نٿو ٿي سگهي تہ هو اوطاق تي ويھي فيصلا نبيري، سڀ ٺھي وڃن، پراڻيون عداوتون ۽ ويڇا سڀ ختم ٿي وڃن_ ذري پرزي جي ڳالھہ تان ٿيل جهڙا، خون، اُهي سڀ هو هڪٻئي کي معاف ڪري ڇڏين. ڪو ڪنھن کي نہ اهنجائي، بس خاموشي، شانگي ۽ امن.
اختر هميشہ ائين گهڻو ڪجهہ سوچيندو رهندو هو، زندگي جي هلڻ جا انيڪ ڍنگ، طور ۽ طريقا.
اڄ جڏهن هو گهوڙي تي تيز وڃي رهيو هو، تہ سندس خيال بہ ان کان تيز ڊوڙي رهيا هئا_ هو ماٺ ميٺ ۾ زندگي جي مختلف پھلوئن تي ويچاريندو رهيو. هن پھلوئن کي ايترو تہ پروڙيو جو شام ٿي وئي تہ بہ هو ويچارن تي ويچاريندو رهيو. اُنھن ويچارن جي نتيجي ڪمدار کي حيران ڪري ڇڏيو.
هن بٽئيون نھايت ئي انوکي طريقي سان ڪيون. زمينداري لاپو معاف، ڪمدار کي ٽويو زميندار جي حصي مان نڪري، هاري کي اَنَ جو صافي اڌ پلئہ پئي، اُن مان ڪابہ ڪاٽ نہ ٿئي، صدين جو هارين تي قرض سڀ معاف. ڪمدار نٿي چاهيو تہ صدين جي روايتن کي هو هڪڙي اُڇل سان ٽوڙي ڇڏي. هن جي ڀڻڪڻ تي اختر صرف ايترو چيو، ”چاچا، ورھيہ ٿيا، اسان بٽئيون پنھنجي مرضي تي پي ڪيون آهن، هاڻي ڇڏ تہ ڪي ورھيہ هاري بہ پنھنجي مرضي سان بٽيون ڪن، هو بہ تہ نيٺ انسان آهن.... پورهيت انسان_!“
هن آخر ۾ هڪ وڏو ٿڌو ساھہ ڀريو. ڪمدار رکي ائين لڳو تہ هن جو هاڻ ڪُڇڻ بيڪار آهي، هاڻي روايتون ئي نيون جنم وٺنديون. ڪمدار شام تائين حيرانگي جي حد تائين پھچي ويو. هن اهڙا فيصلا نہ ڏٺا نہ ٻڌا، جو ٻن ٻولن سان ٻئي ڌريون ٺھي وڃن.
”ابا، ڇاتي جهيڙو آهي_؟“ اختر پڇيو.
”سائين، خيروءَ سعيو ڪري پنھنجو مال منھنجي ٻني ۾ ڇڏيو، مون کيس چيو، جنھن تان مون کي گاريون ڏنائين، مون ورائي گار ڏني مانس، تہ مون تي ڪھاڙي کڻي آيو، جي چار چڱا وچ ۾ نہ پون تہ مون کي جيڪر ماري وجهي_“ هڪ هاري چيو.
”خيرو تون چئہ بابا_!“
”سائين، نسورو ڪوڙ_!“
”ڏس تون تہ ڪوڙ نٿو ڳالھائين_!“
”سائين، نه_ هُن مون کي گهڻيون گاريون ڏنيون_!“
”مان رڳو پڇان ٿو تہ تو ڪھاڙي کنئي يا نه_!“
”ها سائين، پر هن سائين مون کي گهڻيون گاريون.....“
”ٻئي چٽ آهيو. گارين تي ٿا ڪھاڙيون کڻون. چڱو ٻيلي خيرو، تون ڏي مون کي گار، ڏس مان ڪھاڙي کڻان ٿو_ ڏي جيڪا وڻئي_ گهڻيون گاريون ئي ڏي_ ڏي نه_!“
خيرو ماٺ ڪري ڪنڌ جهڪائي بيٺو رهيو. ٿوري دير کان پوءِ وڌي آيو_ ”بابو آهين. خطا ٿي وئي، بخش ڪر_!“
”چڱو ٻئي پرچي وڃو_ ڏسان جيئن منھنجا هاري وري نہ وڙهن!“
ڪمدار اهڙا ٻٽي فيصلا ٻڌا جن ۾ پرچاءُ، سڪ، محبت ۽ پيار کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ هو. نڪي هيون زمينداري گاريون، فريادي کي بہ تہ ڏوهاري کي بہ. نڪي هئا زمينداري مار موچڙا. هو بنھہ ويچار ۾ پئجي ويو. هاري حيران، ڄڻ کين يقين نٿي آيو. ڪمدار ويتر حيران ٿي ويو، جڏهن ڏٺائين تہ هڪ ديري تي اختر هارين سان گڏجي ويھي ماني کاڌي، ڏڌ جي هڪ وٽي مان سڀني ٿي ڍڪ ڀريا، هاري ڊڳا پي پر اختر جي قربائتي ڪچھري کين نھال ڪري ڇڏيو. شام تائين هن پنجن ئي ديرن جي بٽئي ڪري ورتي. هارين جا ٻه_ ٽي فيصلا ڪيا، باقي رهيل هئس ترائي واري زمين، سو سج لهڻ ۾ اڃان ڪلاڪ ڏيڍ هو تہ هو اُتان بہ چڪر هڻي آيو. هاڻي سندس رُخ سڌو ڳوٺ ڏي ويندڙ رستي ڏانھن هو. زمينن جي ٻنن تان، پيچرن ۽ گسن تان هو گهوڙي کي تيز ڊوڙائي رهيو هو. ڪمدار پٺيان هئس. رکي، رکي ٿي رستي جو اُهڃاڻ ڏنائينس. اڄ سڄي ڏينھن جي مصروفيت اختر کي بجاءِ ٿڪ جي فرحت ڏني هئي. هو خوش، خوش، ڀٽائي جي بيتن کي جهونگاريندي ٿي هليو.
اچانڪ ڪمدار گهوڙو ڊوڙائي آڏو آيس.
”سائين، ايڏانھن نہ، هيڏانھن_!“
”ايڏانھن وري ڪاڏي، هو رستو ڏسين نٿو تہ سامھون آهي، هيءَ زمين لتاڙي انھن سامھون وارن گهرڙن وٽان لنگهي سڌا رستي تي هلي پونداسين_“
”پر، سائين_ اهي زمينون پرايون آهن_!“
”هينئر وري ڪھڙين پنھنجين زمينن ۾ بيٺا آهيون_ پر هن زمين ۾ ڪو فصل بہ تہ ڪونھي جو زيان ٿيندو، ماٺ ڪري هلي آ_!“
”سائين، گستاخي معاف، ايڏانھن بنھہ ناهي هلڻو، انھن سان اسان جي پراڻي دشمني آهي_ اسان سان وڙهندي دير ئي نہ ڪندا. هو ڏسو، ٻہ ٽي هاري گهرن ڏي ڊُڪ پيا وڃن، شايد ٻين کي اطلاع ڏيڻ. اسين بنھہ سندن ٻني تي بيٺا آهيون، اچو، هيڏانھن ڦري......“
”ڪمدار، اسان هلنداسن تہ ايڏانھن_“
ائين چئي هن گهوڙي کي اڙي هنئي، گهوڙو ٻنو ٽپي زمين لتاڙڻ لڳو، ڪمدار رڙيون ڪندو رهيو، پر اختر ڪافي اڳتي وڌي چڪو هو. لاچار ڪمدار بہ گهوڙو وڌايو ۽ اچي اختر سان مليو. اختر بيپرواھہ ٿيو وڌي رهيو هو. پر ڪمدار جو رنگ ويو ٿي ڦرندو، تان جو هو انھن گهرن وٽ پھتا. مَنھن ۽ اوڏڪي ڀتين جا ٺھيل گهرڙا، اختر جون الائجي ڇو نگاهون انھن گهرڙن ۾ کتل هيون. هو گهرن وٽان ڦيرو ڏئي لنگهيائي مس تہ سامھون ڇھہ ست جانٺا جوان دڳ جهلي بيھي رهيا.
”اڄ نہ ويندين ڪمدار_!“
”تون بہ نہ ويندين رئيس_!“
اختر پھريائين تہ وائڙو ٿي ويو پر پوءِ پاڻ سنڀالي هيٺ لھي پيو. ڪمدار جو منھن لٿل هو، هر هر هن خشڪ چپن تي زبان پي ڦيري.
”ڇا ڳالھہ آهي_؟“ اختر آهستگيءَ سان پچيو.
”ڳالھہ کي پڇي ڇا ڪندين رئيس_ بس ايتري سو ڄاڻ هجئي تہ، خونن جا بدلا آهن، پر بيھہ پھريائين ڪمدار سان صفائي ڪجي_!“ هڪ نوجوان اڳتي وڌندي چيو.
”ها، ڪمدار، ڏي خبر، ڪيئن واٽ ڀلجي پئين. اسان جا ماڻھو تہ ڄاڻ ڏئي ٿي زمين مان لنگهيا، تہ بنھہ خون ٿي ويا. اڄ جو تون بنا ڄاڻ جي لنگهيو آهين..... هاڻ، تو سان ڇا ڪجي_؟“
”بخـ......ش...ڻ... رئيس.... ضد ڪيو..... نہ تہ.... توکي خبر آ... جڏهن کان اسان مڙساڻو واعدو ڪيو تہ نہ توهان اسان جي ٻني مان لنگهندو، نہ وري.... اسين.... تہ پوءِ تون پاڻ آمين ٿي، ورھيہ ٿي ويو آهي... اسين ڪو لنگهيا آهيون... اڄ، رئيس....!“
”اڄ رئيس ضد ڪيو، ادي غلام محمد ۽ ٻين کي اُڦٽ مارائي ڇڏيئہ، چئہ تہ اهو بہ رئيس جو ضد هو- مون کي خبر آ تہ تو ڇو ادي غلام محمد کي مارايو، صرف انھيءَ ڪري جو هن توهان جو هاري ٿيڻ پسند نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ کيس ڄاڻ هئي تہ، ڪمدار ۽ رئيس جي نيت سندس مڱ تي اڳ ئي خراب هئي_!“
”بخشا، ڪھڙا زنانا ڏوراپا ويٺو ڏين، هڻ ڌڪ، لاھہ سِري، تہ ڪو اندر ٺري....!“ ٻئي ڳڀروءَ بخشڻ کي هڪل ڏيندي چيو.
”اچيئي ٿو، ڪمدار.... سنڀالجانءِ!“
بخشڻ ڪھاڙي اُڀي ڪئي ۽ ڪمدار مٿان اُلر ڪئي، اختر يڪدم وڌي آيو،
”متان، جوان، متان_!“
”رئيس، متان، متان، ٻين کي ڪر، اسين توکي بہ ڪونہ ڇڏينداسين، متان ڪو ٻيو خيال ڀانئين، جي تنھنجي مرضي ڪمدار کان اڳ مرڻ جي آهي تہ پوءِ جيءُ بسم الله_!“ ائين چئي بخشڻ، اختر مٿان ڪھاڙي اُڀي ڪئي. ڪمدار اچي پيرن ۾ چنبڙيس.
”اڙي بخشا، هن معصوم تنھنجو ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آهي، جنھن اڃان، ونيءَ جو بہ منھن نہ ڏٺو آهي،..... تنھنجو ڏوھہ مون ڪيو آهي نہ،_ مون کي مار..... مون کي مار، بخشا.... مون کي... رئيس کي ڇڏ تہ هو وڃي_!“
ڪمدار جي ليلائڻ، روئڻ ۽ ڳالھين کي ٻڌي، بخشڻ ڪي گهڙيون تہ ڍرو ٿي ويو، اچانڪ ڀر واري لوڙهي مان هڪ ننڍي نيٽي نينگر، نھايت ئي تيزي مان نڪري، ڪمدار مٿان اچي بيھي رهي.
”ڪمدار، زالن وانگر، روئڻ هينئر ياد آيو اٿئي، انھي مھل ڳوڙها ڪٿي هُيئہ، جنھن مھل منھنجو گهوٽ، ڪونڌر، تنھنجي سامھون هو ۽ تنھنجي ڪھاڙي مٿس اُڀي هئي. انھيءَ مھل سندس ونيءَ جو خيال ئي نہ آيئہ، هن جي معصوميت ئي ڪانہ ڏٺئہ، هينئر ٿي رئيس ننڍي جي ونيءَ ۽ معصوميت ياد پويئي_ ادا، بخشڻ.... ويچار ڪھڙن ۾ آهين_ اهڙين ڳالھين تي ويچار ڪبا..... حالي تہ بدلا ٿين، پوءِ پيا ڳن ڏينداسين_!“
نينگريءَ تيز نگاهن سان بخشڻ ڏانھن نھاريو. اچانڪ اختر وڌي ڏانھنس آيو.
”مان..... مان.... سمجهي نہ سگهيو آهيان... آخر ڳالھہ ڇا آهي... ماريو تہ ٿا پر ٻڌايو تہ سهي قصور ڪھڙو، ڪو ڏوهه، ڪو گناھہ..... آخر ڳالھہ جو ڪو منڍ ڪا پڇاڙي.... ڪجهہ مان بہ تہ سمجهان......“
”رئيس، تنھنجي بابي، رئيس وڏي ئي ڪڏهن ڪنھن کي، ڪنھن جو ڏوھہ يا گناهه، ڪنھن ڳالھہ جو منڍ يا پڇاڙي نہ ڏٺي، سو تون پڇي ڇا ڪندين.... پر بيھہ، ڀلي تون راضي ٿي.... ڪمدار، رئيس کي ٻڌاءِ، تہ قصو ڇا هو.... سڄي سربستي ڳالھہ ٻڌائينس.... ٻڌاءِ.....!“
نينگري ڏاڍي تيز پي ڏٺي. سندس منھن ڳاڙهو هو، وار منھن ۾ پي پيس، جن کي هرهر هٿ سان مٿي ڪري پي ڳالھايائين. ڪمدار ماٺ ڪيو بيٺو رهيو.
”رئيس، ڏوهي ڪيئن ٻڌائيندو تہ مون هيءُ ڏوھہ ڪيو آهي_ مان ٿي هن جو ڏوھہ ٻڌايانءِ____“
”زينا، تون ڇڏ ڊيگهہ کي، هل گهر، پاڻھي ملائڪ کين ڏوھہ ثواب ٻڌائيندا.“ هڪ پوڙهي ڇوڪريءَ کي پڪاريندي چيو.
”نہ، بابا، مان گهر نہ ويندس،..... ظلم مون سان ٿيو آهي.... گهوٽ منھنجو ڪٺو آهي.... مان کين مرندو بہ نہ ڏسان..... اندر جو سور بہ نہ سليان.....“ڇوڪريءَ جي شوخي ۽ تيزي گهٽجڻ لڳي، پر وري هوءَ ڪجهہ هوش ۾ اچي ساڳئي وقار ۽ رُعب سان ڳالھائڻ لڳي.
”رئيس، اهو منھنجو بابو اٿيئي، هيءُ چار سندس ڀائر آهن، هيءُ زمين جو ٽڪر مڙني ڀائرن جي موروثي ملڪيت آهي. اسان نہ رئيس کي ڏنو، نہ ورتو، پر ڪمدار جي ڪا نظر مون تي پئجي وئي. آيو بابي وٽ. رئيس، سوچ تہ سهين ڪاڏي ڪمدار، ڪاڏي مان. بابي انڪار ڪيس، تنھن تي ويو رئيس وڏي ڏي، ان کي آڻي مون مٿان بيھاريائين. مان ٻنيءَ ۾ گاھہ پئي لڻيو. مون تي نظر وجهي تنھنجو بابو رئيس وڏو، آيو منھنجي بابي وٽ، چيائينس تہ ڪمدار کي سَڱ ڏي. بابي پھريائين انڪار ڪيس، پر پوءِ اهڙو تہ زور وڌائينس، ڪي ڌمڪيون، ڪا لالچ، نيٺ بابي مڃيو.... اڃا شاديءَ ۾ ڪي ڏينھن هئا تہ منھنجو گهوٽ: جو رئيس جو هاري هو....!“
اختر، جو ڌيان سان ڳالھہ ٻڌي رهيو هو، منجهي پيو.
”تنھنجو گهوٽ.....؟“
ڇوڪري ڪجهہ شڪجي وئي، ان سان گڏ ڪي ڏک جون ريکائون سندس وڻندڙ چھري تي ڦھلجي ويون.... بخشڻ جو ڪھاڙي جي ٽيڪ تي بيٺو هو تنھن وراڻيس.
”ادي غلام محمد جي هيءَ گهرواري آهي.“
”هون.....“ اختر آهستگيءَ سان وراڻيس.
ٿوري دير سانت کان پوءِ ڇوڪريءَ آهستي چوڻ شروع ڪيو.
”اُنھي کي جو خبر پئي تہ رئيس جي نيت بري آهي، مان ٿيان سا ڪمدار جي زال ها پر......“ هوءَ ڪجهہ هٽڪي بيھي رهي.
”رئيس، ڳالھين هڻي جوش ڍرا ڪري وڌا آهن، خير..... مان ٿو توکي سربستي ڳالھہ ٻڌايان.....“ ڇوڪريءَ جي پيءُ اڳتي وڌي چيو.
”غلامو، آيو مون وٽ، مون کي رئيس ۽ ڪمدار جي دغا کان واقف ڪيائين. مون يڪدم ڪمدار کي انڪار ڪيو.... ڪمدار کي بہ خبر پئجي وئي.... اچي لڳا غلامو جي ڪڍ. غلامو سِرُ بچائي آيو اسان وٽ، اسان کيس پناھہ ڏني_ ڳالھين کي ڪجهہ ڏينھن ٿيا، ڳالھہ لئہ مٽي ٿي وئي، غلامو اسان سان گڏ ٻنيء تي ڪم ڪرڻ لڳو. رئيس کيس هڪ ٻہ دفعا گهرايو ۽ کيس واپس اچڻ لاءِ چيو. مُنھن تي نالي خاطر ڪمدار کي بہ دٻايو.
غلامو جي سٺي هلت چلت مون کي موهيو..... مون سندس گهُر تي زينا کيس ڏيڻي ڪئي... شادي تي ڪمدار بہ آيو هو، ڏاڍي ڌام ڌوم سان شادي ٿي_ شاديءَ جي ٻئي ڏينھن جي ڳالھہ آهي، ڪجهہ سامان پيو کُٽي، سو غلامو ڀرواري ڳوٺ ڦليجن مان سامان ويو وٺڻ موٽندي رئيس وڏي جي زمينن مان ٿي لنگهيو تہ، چار جوان ڦري آيس، کڻي ٻڌائونس، چي ڦٽيون ٿي چوريائين_ سائين توهان ئي انصاف ڪيو، ڏينھن ڏٺي جو ديري ۾ پنجن ڇهن ماڻھن جي حاضريءَ ۾ ڪھڙي مائي جي لال کي همت ٿيندي جو چوري ڪري_ پر سائين، ڏاڍي جي لٺ کي ٻہ مٿا. وٺ وٺان ٿي وئي، غلامو ويچاري کي في الحال تہ اڌ مئو ڪري ڇڏيائون_ غلامون جي پٺيان ٻہ همراھہ اسان جي ڳوٺ جا جيڪي اسان جا عزيز هئا، پي آيا. جڏهن انھن وٺ وٺان ڏٺي تہ ڊُڪي اچي پَرِ جهليائون. انھن ماڻھن کي چيائون جن ورنديءَ ۾ کين ٿڦون هنيون، تنھن تي هو بہ مڇرجي پيا. هڻي ٻن ٽن کي في الحال تہ لتن مُڪن سان دسي وڌائون، پر هو تہ تمام گهڻا هئا. بس سڏ تي پنج ڇھہ ڄڻا ٻيا اچي لٿا، جن ۾ ڪمدار بہ شامل هو.
اختر ڪمدار ڏي نھاريو. هن جو ڪنڌ هيٺ هو.
”سائين پوءِ تہ لٺ جي ڌڪ ڌڪان هئي، همراھہ ڌڪجي پيا. پيو جو غلامو، اهو بہ پاڻ ڇڏائي اچي وچ ۾ پيو، تنھن تي ڪمدار تڪي وٺي جو ڪھاڙي اڇلي تہ غلامون جو ساهه، تو ڏٺو نہ مون ڏٺو... اُهي ٻہ همراھہ تہ پوءِ بچي پيا_ اڙي پيرا، جانو ۽ ولو آهن اِتي؟“
”نہ چاچا، شھر ويل آهن!“ هڪ نوجوان وراڻيو.
”سائين، اهي جوان ڪونھن نہ تہ سڄي حقيقت توسان ڪن ها. هاڻي ٻڌاءِ ڀوتار، اسين بدلو وٺڻ ۾ صحيح آهيون يا غلط_ وري ظلم تہ اِهو جو همراھہ اسان جا مارجن ۽ پوليس بہ اسان تي چڙهي آئي. چي، توهان ئي همراھہ هنن جي ديري تي موڪلي، ڦٽيون ٿي کڻايون_ ڏيو سائين منھن... بس سائين پوءِ تہ ڪيس ڀوڳياسين، مسين مسين جان ڇٽي. ڪونڌر بہ ڪسايوسين، عزت ۽ مانُ بہ وڃايوسين، باقي اسان وٽ رهيو ڇا؟ سائين، بس.... هن نينگر کي ڏسندو آهيان، غلامو جي شڪل اکين اڳيان ڦري ايندي اٿم ۽ پوءِ روئي ويھندو آهيان_ باهه، جنھن ۾ پچان پيو.....“ پوڙهي جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، هو وڌيڪ ڳالھائي نہ سگهيو. غلامو جي مرڻ جي واقعي کي دهرائڻ ڪري سڀ اُداس ٿي ويا هئا.
نينگرِ جي ڳلن تي بوندون ٿي چمڪيون. هن جون اکڙيون هيٺ هيون. اُداس چھري تي هن الائجي ڇا وڇائي ڇڏيو هو، جو اختر جي اکين ان کي اهڙو سمجهي ورتو جو هو ڏڪي اُٿيو ۽ هُن پٺي ورائي ڇڏي.
”چاچا، هاڻي ڳالھيون ٿي ويون. اسين بدلو وٺنداسين، ائين کين ڪونہ ڇڏينداسين“ هڪ نوجوان آواز کي اُڀاريندي چيو.
اتي سڀ همراھہ سجاڳ ٿي ويا، هڪ نوجوان وٺندي ئي ڪمدار کي زمين تي سٽيو، ٻيو اختر ڏانھن وڌيو.
”ترسو_!“ اختر جو آواز جهڪو هو.
”مان توهان کي بدلي وٺڻ کان ڪونہ ٿو روڪيان، توهان ڀلي بدلو وٺو، پر اهڙو بدلو وٺو جو توهان جو ڳاٽ اوچو رهي، جي توهان اسان کي ماريندؤ، اسان جا ماڻھو توهان کي ڇڏي ڪونہ ڏيندا، وري توهان هنن جا همراھہ ماريندؤ. انھيءَ نينگر جيتريون ڪئين ئي عورتون ائين روئنديون رهنديون، اُنھن جو تعداد وڌندو رهندو، يتيم ٻارن جو تعداد وڌندو رهندو. بس ٻيو تہ ڪجهہ ڪونہ ٿيندو، اُهي يتيم معصوم ٻار، اُهي بيواھہ زالون، ائين چُڙي چُڙي، روئندي روئندي هُنن سان وڃي ملندا، اهو بہ ڪو جيئڻ چئبو؟“
”رئيس، اها تقرير ٻئي جھان ۾ ڪجانءِ“ هڪ نوجوان خار مان چيو.
”مون وٽ هڪ اهڙو رستو آهي، جنھن سان توهان بدلو بہ وٺي سگهو ٿا، جي قبول ڪيو تہ مان چوان_!“
سڀني جي چھرن تي ڪنھن بہ قسم جي دلچسپي جي لھر نہ ڊوڙي، بس هو بدلي لاءِ آتا هئا.
”جيئن تہ هينئر غلام محمد موٽي نٿو سگهي، نہ وري اسان کي مارڻ مان ئي هو جيئرو ٿي سگهي ٿو، مان چاهيان ٿو تہ اسين کير کنڊ ٿي وڃون!“
”اِها اڻٿيڻي آهي!“ ڪيئي آواز آيا.
”مان اُن لاءِ قرباني ڏيان ٿو، مان غلام محمد ٿيڻ لاءِ تيار آهيان..... نئون غلام محمد، هن ونيءَ جو گهوٽ!“ چوڌاري سانت ڇانئجي ويئي، نينگر جو منھن ڳاڙهو ٿي ويو. هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري ميڙ مان نڪري ويئي.
”رئيس..... تون اها اسان کي گار تہ نٿو ڏين!“ بخشڻ جوآواز گونجيو.
”بخشڻ، مان اهڙو نيچ نہ آهيان.“
”اهو دولاب آهي، پاڻ کي رئيس بچائڻ ٿو چاهي.“
”پر بہ اسين نينگر جو هٿ، نينگر جي مڙس جي خوني جي پٽ جي هٿ ۾ ڏيون، اها اڻٿيڻي.“ هڪ پوڙهي ڪنڌ ڌوڻيندي چيو.
”مان چاچا، نينگر جي پيءَ کي چوندس تہ هو سوچي، توهان سڀ گهرن ۾ خوش ويٺا آهيو، ڌيءَ جا ڳوڙها تہ هو ٿو ڏسي، بار تہ هُن مٿان آهي، مان صرف اِنڪري انھيءَ ڳالھہ تي ٿو زور ڏيان تہ من منھنجي ابي جي ڪيل ظلمن کان پوءِ، اُنھي کان وڌيڪ خوشيون ملڻ تي توهان جا زخم ڀرجي وڃن ۽ پوءِ اُهي سڀ ويڇا ختم ٿي وڃن، جيڪي جيڪر صدين تائين هلندا رهندا. ٻيو تہ چاچا، هيءُ بدلو ئي تہ آهي، چماٽ ئي تہ آهي، اسان جي وڏن لاءِ.“ اختر ائين چوندي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو.
”رئيس_ تو اهڙي ڳالھہ ڪئي اهي_ جو بس ڏکويل رَڳ تي هٿ رکيو اٿئي.... تو ڳالھہ اهڙي نموني ڪئي آهي جو اسان کي ويچار ۾ وجهي ڇڏيو اٿئي_ نہ تہ ايمان سئون اها ڳالھہ ڪري ڪير هتان بچي وڃي نٿو سگهي.“ ڇوڪريءَ جي پيءُ جو لھجو تيز ٿي ويو ۽ سندس ڳاڙهين اکين کي ڏسي ڪمدار ڇرڪي ويو. هو وڌي اختر ڏانھن آيو ۽ آهستي چوڻ لڳس:
”رئيس، ٻاراڻي نہ ڪر_ اها ڳالھہ نڀائڻ ڏاڍي ڏکي ڳالھہ اهي_ ماٺ ميٺ ۾ معافي وٺي هل، هو توکي ڪجهه_“
”تون ماٺ ڪر ڪمدار_ تنھنجي انھن ڳالھين تہ هيءُ جهيڙا وڌايا آهن_“ اختر. ڪمدار کي ڇنڀيندي چيو.
”چاچا، سوچڻ مھل ياد رک تہ هيءُ بہ تنھنجو بدلو آهي، منھنجي بابي کان، منھنجي خاندان کان_ هن ۾ رڳو اهو فرق آهي تہ هُن بدلي ۾ رت جي ڳاڙهاڻ آهي ۽ هن بدلي ۾... مينديءَ جي ڳاڙهاڻ_“ اختر مشڪي ويٺو.
هُن مجموعي ڏانھن ڏٺو، اُت بہ هڪ قسم جي سوچ ۽ مُشڪ ڇايا ڪيو بيٺي هئي. اختر آهستگي سان وڌيو، بخشڻ جي ويجهو اچي کانئس آهستگي سان ڪھاڙي ڇڏائي، زمين تي ڦٽي ڪري، کيس هڪ وڏو ڀاڪر پاتائين.
اُن ۾ الائجي ڇا ڪجهہ نہ سمايل هو. پوءِ هن سڀني جون ڪھاڙيون ڦٽي ڪيو ۽ سڀني کي ڀاڪر پائيندو ويو. هُن سڀني جي چھرن کي ڏٺو، اُت ڳاڙهاڻ بجاءِ هڪ ٿڌي مٺي روشني ڇانيل هئي. هُن آسمان ڏانھن نھاريو، اُت لهندڙ سج جي ڳاڙهاڻ ختم ٿي چڪي هئي، اڇاڻ واري هلڪي روشني ڇانيل هئي، هُن کي ائين لڳو ڄڻ صبح سويرو آهي.
هو ونيءَ کي اُنھيءَ رات ئي نڪاح کان پوءِ وٺي ويو_ گهوڙي تي کيس ڀاڪر ۾ ڀري چاڙهڻ مھل هو هڪ قسم جي خوشبوءِ ۾ ويڙهجي ويو. هُن سڃاتي تہ اها مينديءَ جي خوشبو هئي، صدين کان انساني ميلاپ جي شاهد_ جنھن جي لالي، قرب، مِٺ ۽ محبت جو پيام ڏيندي آهي.

سمنڊ ۽ مان

سمنڊ ۽ مان، ٻئي اڪيلا. هن جون ڇوليون گجيءَ سان ڀريل، منھنجي من جون ڇوليون ڳڻتيءَ ۽ ويچار سان ڀريل. منھنجي لاءِ اهائي زندگي هئي، اهائي جيون – جوت هئي جو سمنڊ ۽ مان ٻئي اڪيلا هئاسون، پر هڪٻئي جهڙا، هڪٻئي جا ساٿي. ڇوليون تيزيءَ سان اچي منھنجي پيرن مان ڪتڪتائي ڪڍي موٽي ٿي ويون، ۽ منھنجي من ۾ ويچارن ٿي ڪتڪتايون ڪيون. ڪو وقت هو تہ مان هن سمنڊ سان رقابت ڪندو هوس، پر هاڻي اسين ٻئي دوست آهيون، گهرا دوست، هڪِٻئي جا همراز. محبت جي ميدان ۾ هن کَٽيِ بہ هارايو هو، ۽ مون هارائي بہ کَٽيو هو. پر اها جيت منھنجي لاءِ هڪ عذاب کان ڪنھن بہ صورت ۾ گهٽ ڪانہ هئي. مون سڄي زندگي عذاب سٺا، پر اهو عذاب منھنجي زندگيءَ تي ايڏو تہ ڇائنجي ويو، جو مان ائين سمجهڻ لڳس تہ مَنُ پيِڙا آهي، ۽ خود ئي اها پيڙا سهي ٿو __ جيئن سمنڊ ڪيترين پيار وارين هستين کي پاڻ وٽ پناھہ ڏيئي پاڻ اهو ئي رُکو رهي ٿو، سندس من جي پيڙا ختم ٿيڻ جي ئي نہ آهي.
ويٺي ويٺي، سوچي سوچي، پاڻ کي ڪجهہ عجيب احساسات ۾ ورتل ڏٺم. انھيءَ جذبي هيٺ، واري کڻي هڪ گهر ٺاهڻ شروع ڪيم. واريءَ کي ڏاڍي پيار ۽ پاٻوھہ مان هڪ هنڌ گڏ ڪيم. آهستي آهستي ڀتيون کڄڻ لڳيون، ڪمرا ٺھيا، ورانڊو ٺھيو، مٿانئن ڇت پيئي _ _ ۽ هڪ ننڍڙو سھڻو گهر ٺھي راس ٿيو. مان دل ئي دل ۾ گدگد ٿيڻ لڳس. مون کي پنھنجي آڳنڌ ۾ بھار ڏسڻ ۾ آئي، ۽ مان وڌي وڃي آڳنڌ ۾ وڇايل کٽ تي ويٺس.
مون کي لڳو تہ منھنجي آڏو خوشين جي انبارن جي ڳنڍ کلي پيئي آهي، ۽ مان آهستي آهستي ان مان هڪ هڪ خوشي ۽ من جي مرضي ڪڍندو ويس.
منھنجين اکين تي ڪنھن جا گورا گورا ننڍڙا هٿ هئا. انھن هٿن کي مون پنھنجين اکين سان چمندي چيو، ” زوبي!“ ۽ ڪنھن هٿ ڇڏي ڏنا. چوڌاري موسيقي ڦھلجي ويئي. هوءَ کلندي اچي منھنجي ڀرسان ويٺي!“
”زوبي، سڄو ڏينھن لڙئين بہ ڪانہ !“
”۽ تون ڪٿي هئين ڀلا!“
”مان . . . مان تو وٽ، زوبي. انھن ڪارن ڇپرن وارين وڏين وڏين اکين ۾ ئي تہ ويٺو هوس!“
”هون! مان بہ چوان تہ اڄ منھنجون اکيون بند ئي نہ پيون ٿين! هاڻي مسين مسين اکيون ٿيون ٻوٽجن. چڱو، مان ڀلا گهڙي ساعت ننڊ ڪري وٺان جميل!“
”زوبي، تنھنجا هي ڦھليل سنھري وار مون کي ائين ٿا لڳن، ڄڻ چنڊ سان گڏ رات بہ هيٺ ڌرتيءَ تي لھي آئي آهي، ۽ چوي ٿي تہ منھنجي دامن ۾ ڦھليل خوشين کي ڏس، انھن کي ڏنل وڻندڙ ۽ دل لڀائيندڙ رنگ کي ڏس. رنگن جي دنيا، رنگن جي ڪائنات! منھنجي زوبي، اسين جلد ئي هڪ ٿي وينداسين.“
زوبيءَ ماٺ ڪري ويٺي ٻڌو. اوچتو ٽپ ڏيئي پري وڃي بيٺي. زوبيءَ جي نگاهن ۾ تبديلي هئي. سندس چھري تي ڦھليل تاثرات ائين پئي ظاهر ڪيو تہ هوءُ هن واديءَ جي رهاڪو نہ آهي __ هوءَ هينئر پري نڪري ويئي آهي، تمام گهڻو پري.
”ڇو، زوبي، تون ناراض تہ نہ ٿي وئينءَ؟ مون ڊڄندي ڊڄندي کائنس پڇيو، ڇاڪاڻ تہ هوءَ عجيب طبيعت جي مالڪ هئي. سچ تہ سندس طبيعت بلڪل نرالي هوندي هئي. خوشيءَ جي ڳالھين تي رنج ٿيندي هئي، ۽ ڏک جي ڳالھين تي ٽھڪ لڳائيندي هئي.
”نہ جميل، ناراض ڇو ٿينديس... خير، مان هلان ٿي، اَمي منھنجي انتظار ۾ هوندي.“ هوءَ هميشہ وانگر شاديءَ جي ڳالھہ کي ائين نٽائي هلي ويئي. مان ويچاريندو رهيس. مان جڏهن انھيءَ لائق ٿيس جو زندگيءُ جي دامن ۾ ڦھليل رنگن کي نہ صرف پرکي سگهان، پر انھن کي وڌيڪ ڦھلائي، منجهن زياده خوشرنگي پيدا ڪري سگهان، تڏهن مون وڏا پروگرام ٺاهيا. انھن مان هڪ هو _ هڪڙو ننڍڙو گهر، خوشين سان ڀرپور.“
مون جڏهن هن ٽڪريءَ تي هيءُ پلاٽ ورتو هو، تڏهن ئي احساس ٿيم تہ مان خوش نصيب آهيان جو ھھڙو پلاٽ هٿ لڳو اٿم. گهر جوڙائيندي جوڙائيندي مان هنن ٽڪرين تي ڦھليل ننڍڙن سھڻن گهرڙن ۽ بنگلن کي ائين سڃاڻڻ لڳس، ڄڻ منھنجيءَ آفيس واري ٽيبل تي رکيل گلدان ۾ گل، جن جا مختلف رنگ، جنھن وقت مان سوچ ۾ هوندو هوس تہ منھنجي اڳيان انڊلٺ ٺاهي بيھندا هئا، جن جي آرپار مان زندگيءَ جا حسين خواب ڏسندو هوس. جيئن جيئن مان هرهڪ بنگلي وٽان لنگهندو هوس، زندگيءَ جي رنگ برنگي روپن کي پَسندو هوس.
منھنجي ٺھندڙ گهر جي ويجهو ٻہ سھڻا، وڻندڙ بنگلا هئا، جن جي وڏي خوبصورتي انھن جا رهاڪو هئا. هڪڙي بنگلي ۾ هڪ ڊاڪٽر رهندو هو. ڊاڪٽر ۽ سندس گهر واري ڏاڍا قربائتا هئا. جڏهن بہ مان اتي ويندو هوس، تہ ڊاڪٽر، سندس بيگم ۽ سندن ٻہ ڌيئون مون کي ڪافي وندرائيندا هئا. سندن دلچسپ ڳالھين ۾ ڪجهہ وقت تہ مان صفا گم ٿي ويندو هوس.
ٻيو بنگلو هو زوبيءَ وارن جو. زوبي پنھنجيءَ ماءُ سان گڏ هن گهر ۾ رهندي هئي. هوءَ گريجوئيشن ڪري رهي هئي جو منھنجي ساڻس واقفيت ٿي. گهٽ قربائتي ماڻس بہ ڪانہ هئي زوبيءَ جو پيءُ هڪ وڏو واپاري هو، ۽ اڪثر پنھنجي ڌنڌي جي واڌاري لاءِ ٻاهر گذاريندو هو. زوبيءَ جي ماءُ کلمک خاتون هئي. جڏهن بہ ايندي تہ پھريون سوال ڪندي هئي:
”ابا جميل، تنھنجي جاءِ جُڙي راس بہ ٿيندي يا . . . جڏهن ڏس، ڪم اوتري جو اوترو! مزورن کي مزوري تہ ڏيندو آهين نہ ؟“
” ها امي! بس، ڀتيون کڄي پوريون ٿيون آهن، ڄاڻ ڇت بہ پيئي؛ پوءِ صرف سنھو ٿلھو ڪم باقي رهندو.“
ڀتيون کڄيون، ڇت پيئي. مون محسوس ڪيو تہ ڀتين کڄندي کڄندي، منھنجي محبت جي محل جي اوساري بہ ٿيندي هلي. زوبيءَ جي محبت جي پيڙھہ منھنجي دل ۾ پئجي چڪي هئي. آهستي آهستي اسين ايترو تہ ويجهو اچي وياسين جو هڪٻئي کان سواءِ بيچين ۽ بيقرار رهڻ لڳاسين.
منھنجي آفيس کان موٽڻ بعد زوبي يڪدم منھنجي گهر هلي ايندي هئي. اسين ڪافي دير ويٺا ڳالھيون ڪندا هئاسين. شام ٿيندي هئي تہ هوءَ هلي ويندي هئي، ۽ مان اڪيلو رهجي ويندو هوس. صبح جو هوءَ ايندي هئي، ۽ ٽڙندي، مون سان گڏ موٽر ۾ ڪاليج هلندي هئي. مان کيس ڪاليج ڇڏيندو، آفيس هليو ويندو هوس.
هڪ ڏينھن جيئن زوبي ويئي پئي، مون کي الائجي ڇو محسوس ٿيو تہ هن کي وڃڻ نہ کپي _ هن کي هن گهر جي بھار هجڻ کپي. هن ويرانيءَ ۾ بھار ايندي، ۽ ضرور ايندي... ۽ مون کيس ٻانھن کان ڇڪي ويھاري ڇڏيو.
”زوبي، تو ڏٺو آهي تہ جڏهن تون اچين ٿي تہ هن ويران ۽ اڪيلي گهر جي رخ تي بھار جا پاڇولا ڇانئجي وڃن ٿا، ۽ جيئن تون نچندي ڪُڏندي اچين ٿي تہ اهي بھار جا پاڇولا نچندا ڪڏندا هن گهر جي ٽُڪر ٽُڪر ۾ ڦھلجي وڃن ٿا، ۽ چوڌاري بھاريءَ ۽ موسيقيءَ جو گمان ٿيڻ لڳي ٿو. مان چاهيان ٿو تہ هن گهر جي بھار، هن گهر ۾ ئي رهي. ان لاءِ مان اميءَ سان ڳالھائيندس... منھنجو خيال آهي، زوبي، تہ مان . . .“
مان پنھنجو جملو ختم ڪري نہ سگهيس. ڏٺم تہ هوءَ اٿي بيٺي هئي. سندس چھرو ڪنھن بہ قسم جي جذبات کان خالي هو.
”مان وڃان ٿي جميل، امي منھنجو انتظار ڪندي هوندي.“ هميشہ وانگر پنھنجو مخصوص جملو دهرائي، ڳالھہ کي نٽائي، هوءَ هلي ويئي. جڏهن بہ مان اهڙي ڪا ڳالھہ ڪڍندو هوس تہ سندس منھن جي رنگت بدلجي ويندي هئي، هوءَ اندروني ڪيفيت کان مجبور ٿي، خاموش هلي ويندي هئي.
پوءِ اسين سمند جي ڪناري تي وڃڻ لڳاسين. گهران خوش خوش ۽ ٽڙندا نڪرندا هئاسين، ۽ موٽڻ ويل زوبي خاموش هوندي هئي ۽ آئون اداس. ٻنھي جا چھرا لٿل ۽ ڪوماڻيل هوندا هئا. مان پيار جون ڳالھيون ڪندي ڪندي شاديءَ جو ذڪر ڇيڙي ويھندو هوس، ۽ جواب ۾ زوبيءَ جي خاموشي پلئہ پوندي هيم.
هڪ ڏينھن سمنڊ جي ڪناري سج کي پاڻيءَ ۾ غرق ٿيندو ڏسي، زوبيءَ چيو، ” الا! سمنڊ ڪيڏو نہ ظالم آهي؟ سج جي ٻھڪدڙ مکڙي کي ڪيئن نہ پاڻ ۾ غرق ڪريو ٿو ڇڏي. وري صبح جو ٿُڏي کيس ٻاهر اڇلايو ڇڏي.“
”نہ زوبي ائين نہ آهي. سمنڊ جو اٿاھہ سينو تہ هڪ گهر آهي، جنھن ۾ سج محبت جا نغما ٻڌي ٿو. سڄي ڏينھن جي ٿڪ لاهڻ خاطر هو سمنڊ جي گود ۾ پناھہ وٺي ٿو. سمنڊ سڄي رات کيس پنھنجي دامن ۾ لڪائي ٿڦڪيون ڏيئي سمھاري ٿو، ۽ صبح جو نئين دم سج ڪر موڙيندو پنھنجي سفر جا سانباها ڪري ٿو. ڪيڏو نہ گَهرِو سنٻڌ آهي ٻنھي ۾!“
”گهٽ ۾ گهٽ مان انھيءَ کي پيار جھڙو پاڪ نالو ڏيئي نٿي سگهان. سچ تہ جيڪڏهن اهو پيار آهي تہ پوءِ خودغرضي ڇا کي ٿو سڏيو وڃي؟ دراصل ڪنھن کي ڪنھن سان پيار ڪونھي. هرڪو خالي آهي، ۽ هرڪوپياسو. هرهڪ پاڻ کي ڀرڻ ٿو چاهي. سڀڪو پنھنجي پياس اُجهائڻ لاءِ سرگردان آهي. پوءِ ڪنھن جا پيمانا محبت سان پُر ٿا ٿين، تہ ڪنھن جي پيالي منجهہ يادگيريون ئي پون ٿيون. سمنڊ ۽ سج صرف رات گذّارڻ لاءِ هڪٻئي جو سھارو وٺن ٿا. صبح جو سمنڊ ڇولين سان راند رمڻ ۾ مشغول ٿي وڃي ٿو، تہ سج جا سونھري ڪرڻا ڪنوارين مکڙين جو مُک چمڻ ۾ لڳي ٿا وڃن. ٻيئي هرجائي تہ ٿيا! ڪير ڪنھن کي پيار نٿو ڪري، جميل! پيار تہ دراصل پياريون يادگيريون ئي آهن. ها نہ ؟“
مان ويچار ۾ پئجي ويس تہ هوءَ چوڻ ڇا ٿي چاهي؟ مان سمجهي نہ سگهيس _ ۽ نہ شايد سمجهي سگهان، ڇو جو زوبيءَ سان مون کي عام پيار هو _ پيار، جيڪو عام آهي.
مون شاديءَ جي مسئلي تي زوبيءَ جي ماءُ سان ڳالھايو هوءَ ڏاڍو خوش ٿي، ۽ چيائين، ” زوبي ئي تہ منھنجي زندگي آهي، پٽ! هوءَ جيئن چوندي، تيئن ٿيندو.“
واقعي ٿيو بہ ائين، جيئن زوبيءَ چيو. هن مون سان شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو! مون کانئس پڇڻ چاهيو. هن ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو، ۽ مون ڏک، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وچان ساڻس ڳالھائڻ ڇڏي ڏنو.
هوءَ پنھنجي مقرر وقت تي روز ايندي هئي، ۽ منھنجي پرپٺ منھنجي نوڪر کان مون بابت پڇي هلي ويندي هئي.
هڪ ڏينھن شام ڌاري جيئن مان بنگلي مان ٻاهر نڪري رهيو هوس، منھنجا قدم وزني ٿي ويا. جيڪي ڪجهہ مون ڏٺو هو، ان جو ڏاڍو ڏک ٿيم.زوبي هڪ ڪاليجي نوجوان سان ٽھڪ لڳائيندي ڪيڏانھن وڃي رهي هئي.! منھنجو دماغ ڪنھن بہ ڳالھہ سوچڻ کان قاصر هو. بيخيالو، ڀر واري بنگلي ۾ گهڙي ويس.
سامھون ڊاڪٽر جي وڏي ڌيءَ سلميٰ ويٺي هئي : ”او.... جميل صاحب! اچو اچو. اڄ ڪيئن ڀُلجي پيا آهيو هن طرف.“
ڪلاڪ ٻن جي گفتگو کان پوءِ مون کي الاجي ڇو محسوس ٿيڻ لڳو تہ سلميٰ ڪا معمولي ڇوڪري نہ آهي. هن جي ڳالھائڻ ۾ شائستگي ۽ گنڀيرتا ڀريل هئي. گنڀيرتا سندس چھري کي عجيب رنگ بخشي ڇڏيو هو. سندس چھري جي معصوميت ۽ وڻندڙ گفتگو مون کي روز شام جو ڇڪي سندس گهر آڻيندي هئي. ۽ مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ وٽن ويٺو دل وندرائيندو هوس. سلميٰ سان اڪثر زندگيءَ جي مسئلن تي ڪافي دلچسپ بحث ٿيندو هو. پر جيئن مان ٻاهر نڪرندو هوس، سامھون زوبيءَ جو بنگلو هوندو هو.... ۽ گهڻو ڪري زوبيءَ کي ڪنھن نہ ڪنھن ڇوڪري سان گڏ ڏسندو هوس. ڪڏهن گهمڻ پيا ويندا هئا، ۽ ڪنھن وقت گهمي واپس ورندا نظر ايندا هئا. ان هوندي به، هن منھنجي غيرحاضريءَ ۾ منھنجي گهر اچڻ ڪڏهن بہ نہ وساريو. ڪڏهن وارو نہ ڀڳائين، جيتوڻيڪ مون ساڻس ملڻ ڇڏي ڏنو هو.
اهو الائجي ڪيئن ٿيو، خبر نہ اٿم تہ منھنجي شادي سلميٰ سان ڪيئن طي ٿي ويئي. شادي طي ٿيڻ کان پوءِ، سيگهہ ئي هڪ ڏينھن زوبي منھن ۾ ملي وئيم.
”جميل صاحب، مبارڪون! ڏاڍي خوشي ٿي اوهان جي شاديءَ بابت ٻڌي.“
”مھرباني اوهان جي.“ مون وراڻيو.
” دعوت بہ ڏيندين يا رڳو مبارڪون وٺندين؟“
” ضرور، ضرور. پاڙي ۾ ٿي رهين، آخر پاڙي وارن کي نہ سڏيندس تہ ڪنھن کي سڏيندس. “
” ائين ئي سهي، سڏيندين تہ سهي نہ؟“
شاديءَ ٿي. زوبيءَ کلندڙ صورت سان شاديءَ ۾ شرڪت ڪئي. هر شرارت ۾ اڳري. پر الاجي ڇو، مون محسوس ڪيو تہ هوءَ ڪجهہ وڃائي آئي آهي _ يا تہ هوءَ خوابن جي دنيا جي رهاڪو آهي.
ان رات زوبي ايترو تہ مون مٿان ڇانيل رهي جو سلميٰ ۾ بہ مون زوبيءَ کي ڏسڻ چاهيو، ۽ هوءَ مون مان بيزار بيزار نظر اچڻ لڳي. صبح جو جيئن ئي مان ٻاهر نڪتس تہ نوڪر مون کي هڪ چٺي آڻي ڏني. لکيل هو:
”جميل، سمنڊ کان سج جدا ٿي چڪو آهي. اڄ منھنجون همدرديون سمنڊ سان آهن. مان ان جي گود ۾سڪون جي تلاش لاءِ وڃي رهي آهيان. شايد منھنجو گهر اهو آهي. مان پيار کي سڃاڻي ڪانہ سگهي هيس. اڄ جڏهن توکي وڃائي ويٺي آهيان، تڏهن خبر پيئي اٿم تہ پيار ڇا آهي.__ زوبي.“
مان انھيءَ مھل سمنڊ ڏانھن ڀڳس. ننڍڙن پيرن جا نشان ڏسندو، واريءَ جي هڪ ڊٺل گهر وٽ اچي پھتس. اتان پير اڳتي وڌيا. اڳتي، ... اڳتي، ... ۽ مون ڇوليون ڏٺيون، رانديون ڪندڙ ڇوليون. هي ڇوليون وڌي رهيون آهن . . . وڌي رهيون آهن، . . . ۽ منھنجو ٺاهيل هيءَ واريءَ جو گهر به، الا، ميسارجي ويو!
مون چڙ ۾ سمنڊ طرف نھاريو. هن جي ڪاوڙ وڌي ويل پئي ڏسڻ ۾ آئي . ڏٺم تہ سج سمنڊ جي گود ۾ پناھہ وٺي رهيو هو. مون کي ياد آيو تہ مون کي بہ ڪنھن گود ۾ پناھہ وٺڻي آهي. سلميٰ _ جنھن جي گود انھيءَ سمنڊ مثل هئي، جيڪو سج کي حاصل ڪندي بہ خالي خالي، رکو رکو ۽ اڪيلو هو. سمنڊ ۽ سج _ مان، ۽ منھنجو ويران گهر.
(ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي شڪريي سان)

ٺوٺ ڌرتي

مستن تي ڪھڙي ميار. پَرو نٽهڻ اُس ۾ ڪي ڪلاڪ جهُمر هڻندو رهيو. ڊگهي چولي جو پلوَ مٿي ڪري جهولي جهلائي دانھون ڪندو رهيو: ”ڀيڄ مولا!“؛ ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو“؛ ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو“؛ ”ڀيڄ مولا“.
رب جي ذات وڏي آهي. اَگهي تہ ڪائو ڪچ، نہ تہ ماڻڪن کي بہ موٽ. پَروءَ جي چوڌاري ماڻھن جا ميڙ هئا. پر رب جي ذات اڃا بہ وڏي آهي، پروءَ جي جهول ۾ نہ هو ڪائو ڪچ، نہ هُن آڇ ڪئي، نہ هيس لڄ. انگ اگهاڙو هڪ وڏو چولو جنھن جي هيٺان ڪجهہ بہ نہ هيس. هو ٻاڏائي رهيو هو. رڙيون ڪري رهيو هو. پر رب جي ذات اڃا بہ وڏي آهي. جڏهن ڪو ڪرم ڪري. پروءَ جھڙا مست تہ گهڻئي، پر پرو سڏبو ئي هو ”مينھاڻي مست!“ پرو ڪھڙو جي ”مينھاڻي مست.“
اڄ هن لاءِ آزمائش جي گهڙي هئي. ماڻھن جا ميڙ. اک اک منجهس. سندس هر چُر پُر تي ماڻھن ۾ چُر پُر اچيو ٿي ويئي. سندس هر نعري تي نعرو پي لڳو: ”ڀيڄ مولا“؛ ”ڀيڄ مولا“؛ ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو“؛ ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو.“
”جيڏو تنھن جو نانءُ اوڏوئي آسرو“ واري آسري تي خلق ڄميو بيٺي هئي. پگهر پي ڳڙيا، جسم پي سڙيا، پر هو سڀ آسروند هئا ۽ سندن هڪ نظر پروءَ ۾ هئي ۽ هڪ نظر آسمان ۾. اڃا تہ ڪٿي بہ آگم جو اُهاءُ نہ هو. ابر جو اُهڃاڻ نہ هو. پر آسروند اهو ئي آسرو کنيو بيٺا هئا تہ رب جي ذات گهڻي گهڻي وڏي آهي، وسي تہ وڏڦڙو، اچي تہ اڱڻ آگهاري، برسي تہ بھاري، اُٺي تہ اُڃايل پياري. اُڃايل اُڃ کنيو بيٺا هئا، ڌرتي ٺوٺ هئي، سو ڪھڙي ساوا بہ سڪائي ڇڏيا هئا.
انھيءَ ٺوٺ سڪل ڌرتيءَ تي اڄ پرو بيٺو هو، جنھن سان هن جو ازلي ناتو هو. سڄي ڳوٺ وارا سنڀرن تہ هو پروءَ مان مينھاڻي مست ڪيئن ليکيو.
پرو ڪو ڄائي ڄم کان مست ڪونہ هو. پرو ائين ئي هو جيئن عام ٻار ٿئي. هڪ غريب پيءُ ماءُ جو غريب پٽ. ڦاٽل چولو، هيٺان ڪجهہ بہ نہ، گهٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائيندڙ، مٽيءَ سان راند، ٻاراڻي وهيءَ جي مستي، کيس انھيءَ ڳالھہ جو پتو ئي نہ رهيو تہ هُن جا پيءُ ماءُ مري ويا آهن. هڪ ننڍڙي گهر ۾ پڦين جي حوالي، چاچي جي مار موچڙي هيٺ پئي پليو. پروءَ لاءِ سوٽن جو ولرُ وڏي نعمت هو. کيڏڻ، رڙيون ڪرڻ، واڪا ڪرڻ سندس وس هو. ننڍڙي ڪچائين گهر جي وڏي اڱڻ ۾ بيھي جڏهن ٻارن جي لڏي سان گڏ ڦيريون پائيندو هو تہ سندس ڪيفيت ڪنھن مست کان گهٽ ڪانہ هوندي هئي. جيتوڻيڪ سندس ڪابہ اهميت ڪانہ هئي؛ پر هو پنھنجي دلبريءَ جا داوَ ڏيکاريندو رهندو هو. سندس کلڻي، ملوڪ منھن لاءِ ڪنھن کي ڪو خاص چاھہ نہ هو. هو هڪ يتيم ٻار هو ۽ اهڙا يتيم، اهڙا ٽوھہ پٽن ۾ ڪيئن پيا هئا.
پرو انھيءَ ۾ بہ خوش هو. سندس خوشي تڏهن وڌي ويندي هئي، جڏهن پنھنجي سؤٽ مومل کي آڱر کان وٺي هلائڻ جي ڪندو هو. هوءَ جڏهن پدمڙا پيرکڻي هن سان گڏ اڱڻ ۾ هلندي هئي، تہ هو خوشيءَ وچان رڙيون ڪندو هو ۽ پڦي زينان کي سڏ ڪندو هو، ”پڦي، او پڦي، هيءَ مومل تہ ڏس ڪيئن هلي ٿي، جھڙي ڊيل!“
پڦي جنھن پروءَ کي پنھنجو ڪري رکيو هو، ورانڊي مان جواب ڏيندي هيس، ”ها، ها پريل مومل تہ ڊيلن جي بہ راڻي آهي.“ هو خوش ٿي، مومل کي مٺي ڏيندو هو ۽ زور سان چوندو هلندو هو: ”هلي منھنجي ڊيل راڻي، هلي منھنجي ڊيل راڻي!“ ۽ وٺي اچي پڦيءَ وٽ بيھندو هو. پڦي هيڏانھن هوڏانھن نھاري چوندي هيس، ”اڙي پريل، هوءَ تہ ڊيل آهي تون ڇا آهين، مٺو مور؟“ تہ پرو مومل کي ڇڏي ٻانھون کولي مور وانگر نچندو هو، ۽ نچندي ٽپندي ٻاهر هليو ويندو هو.
پروءَ جي اها نچڻ ڪڏڻ جي مستي ويتر وڌي ويندي هئي، جڏهن آرهڙ جا ڏينھن سانوڻ اچي ٺاريندو هو. مينھوڳيءَ جي موسم پروءَ لاءِ من مستي ۽ ڦوھہ ڦلارجڻ جا ڏينھن هوندا هئا. هو پھرين ڪڻيءَ تي ٻاهر نڪري ايندو هو، ۽ خوشيءَ وچان دانھن ڪندو هو، ”ڀيڄ مولا!“ ۽ پوءِ سندس سؤٽ بہ هنبوڇيون هڻندا نڪري ايندا هئا، نعرن جو ڌوڌڪاٽ هوندو هو، ”ڀيڄ مولا، چاندي جا گولا.“ ”ڀت تي نوڙي، مينھن آيو ڊوڙي.“ پر پروءَ جو وڻندڙ نعرو هوندو هو: ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو!“ نعري هڻن ۾ هو بنھہ مست ٿي ويندو هو. جڏهن تکو مينھن پوندو هو، ٻار سڀ اندر ورانڊي ۾ ڊوڙي ويندا هئا، تہ بہ پرو بيٺو هوندو هو. سندس رڳ رڳ بھاريءَ ۾ هوندي هئي. هو مينھن ڦڙا بت تي ورائيندو ويندو ۽ مينھن ڦڙن کي پيئندو ويندو هو. ڪڏهن تہ گپ کڻي بت تي لائيندو، منھن تي ملندو ۽ ڪڏهن تہ دُٻن مان پاڻي پيئندو هو. پڦيس رڙيون ڪندي هيس: ”پرو، اڙي پرو، مري پوندين، اندر اچ.“ پر هو مينھن جي گوڙ ۾ ڄڻ تہ ٻڌندو نہ هو؛ پر جڏهن چاچو نڙ کڻندو هو ۽ ورانڊي مان اُلاريندي هيس: ”اڙي اچين ٿو يا نہ، هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيندو سانءِ.“ تڏهن لاچار اندر ايندو هو. پڦيس چولو لاهي سڪڻ وجهندي هيس ۽ هو پوتڙو ٻڌي، ورانڊي جي هڪ ڪنڊائتي در وٽ بيھي، مينھن جي ڪا لار جهٽي وٺندي هو.
مينھن اڃا اڪري مس هلندا هئا تہ پروءَ لاءِ ساوا پَٽ، پَٽ پٽيھر بڻجي پوندا هئا، هو لھي وڃي رئيس جي باغ ۾ پوندو هو، خوشيءَ جون للڪارون ڪندو ليٿڙندو ويندو. يارن سان مستي ڪندو ويندو. موٽندو تہ اچڻ سان مومل کي کڻندو ۽ چوندس، ”منھنجي ڊيل راڻي هلي تہ سائي پٽ پٽيھر تي. هت نہ هلي، هلي تہ سائي پٽ تي. راڻي! باغ ۾ هلندينءَ؟“
يڪدم چاچس رڙ ڪندي هيس، ”مئا، باغ ۾ نہ کڻي وڃجانس، ڪو تو وانگر پنڌ ٿي ڪري، تنھنجي ٽنگن ۾ تہ لوھہ پيو آهي.“
”چاچي مومل وڏي ٿئي تہ پوءِ تہ هلندي؟“
”چڱو، چڱو، وڏي تہ ٿئي.“
هو مومل جي پدمڙن پيرن کي تڪيندو توريندو رهندو هو. پرو خوش هجي ۽ مومل پير نہ کڻي ۽ خوشيءَ وچان چيٽون نہ ڪري. مول جڏهن چِٽو ڳالھايو تڏهن بہ پروءَ دانھن ڪئي: ”پڦي ڊيل تہ ٻولي ٿي!“ پڦي وراڻيندي هيس: ”ٻولي سدا ٻولي، مٺو مور!“ ۽ هو ٻانھن جون کنڀڙاٽيون هڻندو، پيرڙا کڻندو نچڻ لڳندو هو ۽ مومل بہ هاڻ ساڻس گڏ پيرڙو کڻندي هئي. مومل نچي ۽ پرو خوش نہ ٿئي.
ائين نئين موسم آئي، نئون سانوڻ آيو، پروءَ ۾ ڄڻ تہ وڄ واسو ڪيو هو، ۽ کيس اسڪول جو بہ خيال نہ رهيو، نہ وري موسم جو ئي ڊپ! ڪڪرن جي اُهڃاڻ تي هو اسڪول مان ٻاهر نڪري آيو. ڇاجو پڙهڻ ڇا جو لکڻ. هو ڀلا من جي مستيءَ ۾ بھاريءَ ۾ اچڻ وارو پکي. سو خشڪ پٽن، سڪل ميدانن کي ڏسندو ڊوڙندو آيو. کيس بس نہ هئي، جيستائين گهر نہ پھتو. هُن دانھن ڪئي، ”هڻ مولا گوڏي جيڏو.“ سڀني سرتن گڏجي وراڻيو، ”هڻ مولا ڪو گوڏي جيڏو.“ مومل ٻاتائي چيو، ”هن مولا تو دوڏي ديڏو.“ ائين ابر ۾ اُهاءُ ٿيو، گوڙ ٿي، گجگوڙ جا ٺڪاءُ ٿيا، وڄُ وراڪو ڏنو، بادل مستيءَ ۾ ورندا آيا، ڦڙ ڦڙ، ڦري لارون بڻي، پرو تيئن بھاريءَ ۾ آيو: ”هڻ مولا ڪو گوڏي جيڏو.“ وسڪارو ٿيو، نيسارا وهيا، پر پرو اڃا بہ مستيءَ ۾ هجي، مور کڻي پر کنڊيريا، ڊيل پريان آواز ڪري، پرو کنڀڙاٽيون هڻندو وڃي، چوندو وڃي: ”مولا اصل گوڏي جيڏو، گوڏي جيڏو- گوڏي جيڏو مولا-!“ جيئن پروءَ صدا هڻي تيئن ڪارونڀار ۾ وڄ وراڪو ڏئي، وڄ جو وَڄُ اڃا وڄي بس ڪري تہ بادل بڙ ٿي بيھن ۽ گوڙ جا ٽڪاءُ هيان ڏڪائڻ ۾ مست هو. سندس ساٿي ورانڊي ۾ وڃي لڪا، هاڻ تہ مومل جو بہ آواز نہ هو پر پروءَ جي صدا صدين جون سڪون لاهي ڇڏيون. وسيو بہ ائين وسيو جو هاڻ پکي پکڻ لڪڻ لڳا، ماڻھوءَ جا تہ اڳيئي ڦڦڙ ڏڪڻ لڳا هئا. ڪچيون جايون، سو هڪ هڪ ٺڪاءُ تي سندن ڀتيون ٿي لُڏيون، ڇتيون تہ اڳ ئي وهي هليون هيون. گهر وارن جو بنھہ ساھہ منجهيل هو. هر هڪ اهو پي وراڻيو، ”جل تون جلال تون آئي بلا کي ٽار تون.“
پڦي زينو تہ ورانڊي ۾ بيٺي هئي، هاڻ تہ هوءَ پروءَ کي سڏ بہ نہ ٿي ڪري سگهي، متيون منجهيل هر هر ”حسبي الله...“ جو ورد پئي ڪيائين ۽ شوڪارا پئي هنيائين. چاچي، پڦي صفوران ۽ ماسي نعمت، تغاريون ۽ بالٽيون ڇِت هيٺان ڏيڻ ۽ گاري ڍوئڻ ۾ پوريون هيون ۽ چاچو، تيشي کنيو ٻرهلن کي بند ڪرڻ ۾ لڳو پيو هو. مينھن هڻي جاءِ کي ڇِني وڌو هو، ڪلاڪ کن ۾ مينھن اصل پوريون ڪري ڇڏيون.
ماسي نعمت تہ وهلور پئي ويئي، ”هئڙو مينھن نہ ڏٺوسين نہ ٻڌوسين. اصل قيامت اهي قيامت.“ چڱي ويل وهي ويئي، مينھن بس نہ ڪري، ائين سڀڪنھن کي محسوس ٿيو تہ ڪا خاموشي آهي. هاڻ مينھن گوڙ، وِڄ جي ٺڪائن سان گڏ هڪ آواز بند ٿي ويو آهي. چاچو يڪدم اُڀو ٿي ٻاهر ڊوڙيو، پَرُو اُتي ئي بيٺو هو، هاڻ هو نعرو نہ هڻي رهيو هو. هو مينھن جهٽي رهيو هو، آهستي آهستي ڀڻڪي رهيو هو، ”واھہ ڙي مولا واهه، بنھہ بھاري ڪري ڇڏيئہ مولا، اصل رنگ لڳي ويا، واھہ منھنجا مولا!“
اِئين چاچي وڃي ڳٿر کان جهليس. کنڀي اندر کڻي آيس، ”ڪتي جا ڦر، اسان جو ٿو وڃي سِرُ ۽ تون آن بھارين ۾. ”هڻ مولا گوڏي جيڏو“، هاڻي جهل دٻ. جاءِ جهڪي آ، ڇت وهي آ، اڃا بہ مولا گوڏي جيڏو!“ نڙ کڻي چلم مان ڪڍيائين ۽ اچي ورتائينس: ”اڙي چوندين هڻ مولا گوڏي جيڏو. پڻھين ٻرگهل بند ڪندو، ماڻھين گارو ڪندين. توکي اصل نہ ڇڏيندس. اڙي ٻيا ڪھڙا هئا، جن گوڏي جيڏو جو نعرو هنيو هو؟“
ٻين نينگرن جو ساھہ مٺ ۾ هو. ڪن تہ ڪنڊون پاسا ورتا هئا، گلو ۽ شيرل تہ کٽ هيٺان وڃي لڪا هئا. ”نڪرو ٻاهر نڪرو، اڙي وَروُ، شمو، يارو هيڏي اچو.“
ڇوڪرا جيئن ايندا ويا تيئن چاچي نڙ ڦيرايو، ”اڙي گهوڙا ڙي مري وياسين، اڙي بابا ڙي، الاڙي- گهوڙا ڙي“ پي پئي. اِئين وڏو ٺڪاءُ ٿيو. سڀ چپ ٿي ويا، اُن سان گڏ ”ڌٻڪ“ جو آواز ٿيو. سڀني ورانڊي مان ٻاهر ڏٺو، رنڌڻي جي ڇت ويھي ويئي هئي. اُن سان گڏ سڀني ڏٺو تہ پرو چپ چاپ ٻاهر وڌيو. وچ اڱڻ ۾ بيھي رهيو، ننڍڙا هٿ مٿي کڻي چيائين ”مولا هاڻ هالار ۾ هارينس.“ هُن وري صدا هنئي ”مولا، هاڻ هالار ۾ هارينس.“ ”مولا- مولا- منھنجا مولا!“
پروءَ جي صدا بہ ڪا صدا هئي. مينھن جهڪو ٿيڻ لڳو، ڪا گهڙي نہ گذري جو مينھن بس ٿي ويو. پرو اتي ايستائين بيٺو رهيو جيستائين، ڪڪر ٽڙي پکڙي نہ ويا، هاڻ تہ ڏينھن شينھن هو. سڀ ٻاهر نڪري آيا. پڦي زينو وڌي پروءَ وٽ اچي بيٺي ۽ سندس منھن ۾ نھارڻ لڳي. اِئين وڏي واڪي چاچس کي چيائين، ”ادا نصير، هيءُ ڇوڪرو فقير اٿئي، ملنگ مست اٿئي، آئندي سنڀالي هٿ کڻندو ڪر. سندس ڪرامت ڏٺئي!“
گهر وارا سڀئي پروءَ جي چوڌاري مڙي آيا هئا، هن کي ائين ڏسي رهيا هئا، ڄڻ ڪا نئين شيءِ ڏٺي هئائون. چاچي نصير ويجهو اچي پروءَ جي مٿي تي هٿ ڦيريو ۽ پوءِ ڪِريل رنڌڻي ڏانھن وڌي ويو. هاڻ تہ مومل بہ پدمڙا پير کڻندي ٻاهر نڪري آئي هئي.
”پلو- مولا دوڏي ديڏو نہ، ڊيل راني هلي ڪيون.“ پرو هن کي هلائيندو، ”منھنجي ڊيل راڻي هلي“ ڪندو، ٻاهر نڪري ويو. هن ڀيري سندس چاچي خاموش ڄمي بيٺي هئي، هن کي مومل جي ٻاهر وڃڻ تي شايد ڪوبہ اعتراض نہ هو. پرو سڌو اچي رئيسن جي باغ مٿان بيٺو ۽ برسيل جي بھار، اُٺي جي هڳاءُ کان مست ٿي مومل کي ڏسي رهيو هو، جيڪا کيس هن مست ڪندڙ موسم جھڙي پئي لڳي. هيءُ ڌوتل پوتل وڻ، اُجريل ڌرتي، هو گپ ۾ ويھي رهيو، مومل گپ کڻي کيڏڻ لڳي. اڄ پرو بھاري ۾ هو، مينھن وسيا هئا، بھاريون ٿيون هيون، ڊيل راڻي ساڻس هئي.
هوڏانھن ماسي نعمت کي برقعو نہ ٿي هٿ آيو، ٿوري دير ۾ گهر گهر ۾ اهائي وات وائي هئي، ”پرو ڪاني ڪرامت وارو آهي“ ۽ ائين پروءَ جي ڪرامت سڄي شھر ۾ پکڙجي وئي. الائي ڪٿان ڪٿان ماڻھو اچڻ لڳا. سڀني ننڍڙو مست ڏسڻ ٿي گهريو. اچرج مان پروءَ کي ڏسندا هئا ۽ کانئس دعا گهرائيندا هئا. پرو منڍ ۾ تہ حيران هو، تہ هيءُ آهي ڇا؟ پوءِ جڏهن نذر نياز ملڻ لڳو، اسڪول بند ٿيو، مار موچڙو بنھہ گم، پرو بالم ٿي مست بڻجي ويھي رهيو. چاچي نصير ۽ پڦي زينوءَ جي تہ چاندي هئي. آهستي آهستي گهر ۾ رونق اچڻ لڳي. پرو ڪوڙا سچا ليڪا پائيندو وڃي، ”حق الله هو“ جو نعرو هڻندو وڃي ۽ چاندي نہ وسي!
جيئن ڪرامتون ڪامياب ٿينديون ويون، پرو ڪامياب مست بڻيو ويو. هو ڪڏهن ڪڏهن پڦيءَ کان پڇندو هو، ”پر پڦي مون کي تہ ڪجهہ بہ نہ ٿو اچي، مان قرآن بہ پڙهيل نہ آهيان. الف بي بہ پوري نہ ٿي اچيم، مان ڪيئن ڪرامت وارو ٿيس؟“
پڦي، هُش ڪري آهستي چوندي هيس، ”مٺو مور، ڪرامت جي صاحبن کي ٻاهرين علم جي ضرورت نہ هوندي آهي. توکي باطني علم آهي پٽ! تون رڳو نيت سان اُبتو ليڪو ٿو پائين يا هٿڙو ٿو گهمائين يا پاڻيءَ ٿو شوڪارين يا پاڻيءَ ۾ ٿو هٿ ٻوڙين تہ سڀني جا ڪم سولا ٿيو ٿا پون ۽ اُن سان گڏ اسان جا بہ ڪم سولا!“
پرو ڪجهہ بہ نہ سمجهندي ڪنڌ ڌوڻيندو هو. پرو جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويو، سڀ ڳالھہ کيس سمجهہ ۾ ايندي وئي. هن چاچي جي مجبوري بہ سمجهي، سڄي گهر جي بي وسي جو بہ پتو پيس. هن پاڻ کي مست سمجهڻ شروع ڪيو. هاڻ هنن جي گهر ۾ غريبيءَ جو نانءُ نشان نہ هو. ڪچي گهر مان پڪو گهر ٿي ويو، اوطاق ٺھي وئي، وڏي ڳالھہ تہ پروءَ لاءِ ڌار ڪمرو ٺھيو، جنھن کي آڏو سھڻو ڇاپرو هو.سڀڪجهہ چاچي نصير جي نظرداريءَ هيٺ ٺھيو. آخر چاچو پراڻو رازو هو. هاڻ تہ سندس هٿ بہ ڏڪندا هئا، پوءِ هو ڪيئن رازپو ڪري ٿي سگهيو! هونءَ بہ کيس رازپي جي ڪھڙي ضرورت هئي؟ قدرت جا بہ عجيب رنگ آهن، ڪنھن کي هٿ ۾ شفا ڏئي، ڪنھن کي هٿ ۾ ڪرامت ۽ پروءَ جو ننڍڙو هٿ کڄيو ناهي، ۽ سواليءَ جو سوال پورو ٿيو ناهي! هاڻ تہ پروءَ جا هٿ مضبوط جوانن وارا هٿ هئا، ڪرامت ۾ بہ اوڏوئي زور هو.
پروءَ لاءِ هاڻ اِها ڳالھہ ڪا دلچسپيءَ واري ڳالھہ نہ هئي، هن لاءِ جيڪي ڪجهہ هو، سا مومل هئي. مومل هاڻ پوري ڊيل راڻي هئي. هوءَ هُن جي سامھون جوڻ مٽائيندي رهي. هاڻ هوءَ هڪ خوبصورت ۽ ڊگهن وارن، جهٽ کلڻ ۽ جهٽ بند ٿيڻ وارين وڏين اکين واري سھڻي راڻي هئي. پرو جيئن کيس راڻي سڏيندو آيو هو، تيئن سڏيندو ايندو هيس. مومل جو چاھہ بہ رنگ مٽائيندو رهيو. هاڻ جڏهن هوءَ پروءَ جي ڀر ۾ وهندي هئي ۽ پرو سندس هٿ وٺي، مَٽ ۾ وجهندو هو، تہ ٿڌو پاڻي سندس رڳ رڳ ۾ ڦھلجي ويندو هو. اُهو پاڻي بين لاءِ تہ شفا جو پاڻي هو؛ پر مومل لاءِ آب حيات هو. هوءَ روز اُن هٿ لاءِ واجهائيندي رهندي هئي، تہ ڪڏهن ٿو پرو سندس هٿ وٺي. هوءَ نہ چوندي بہ چوندي هيس: ”پرو، منھنجي هٿ ۾ ڪھڙي شفا آهي؟ تون منھنجو هٿ ڇو ٿو مٽ ۾ وجهرائين؟“ پرو سندس منھن ڏي ڏسي مرڪي ڏيندو هو.
پرو اُن ڏينھن تہ بنھہ سندس ويجهو وهندو هو. جنھن ڏينھن هوءَ وهنجي سهنجي، اُجريل ڪپڙا ڍڪي، آلا وار پکيڙي، دٻڪيءَ ۾ ماني ۽ اُن تي ٻوڙ جو ڀريل وٽو رکي، ٽلندي سندس ويجهو ايندي هئي. پرو ماني پاسي تي رکي، کيس ٻانھن کان وٺي وهاريندو هو. سندس اکين ۾ نھاريندي، هو ويجهو وڃي سندس وارن جي اڻ اُڻيل تاڃي پيٽي کي ڇڪي، نڪ جي ويجهو آڻي، وڏا ساھہ کڻندو هو، اُن مھل بي اختيار ٿي چوندو هو ”رب منھنجي جي قدرت!“ مومل وَرُ وَرُ ڪري پڇندي هيس ۽ اُن جو جواب بہ ساڳيو ملندو هيس، تہ بہ هوءَ چوندي هيس: ”پرو، ان ۾ ڪھڙي رب جي قدرت آهي؟“
”راڻي تنھنجي آلن وارن مان اُهوئي هڳاءُ اچي ٿو، جيڪو اُٺي ويل ڌرتي ڇڏيندي آهي، ۽ ملڪ واسجي ويندو آهي. ڇا اُهو هڳاءُ عطر عنبير کان گهٽ آهي!“
اُٺي جي ويل سان سندس قرب هليو آيو. اُٺي جون بھارون آيون ناهن، پرو ڇاپري ۾ نڪري ايندو، سندس صدا اُها ئي هوندي: ”هڻ مولا گوڏي جيڏو!“ اڃا هڪ ٻہ صدا مس هڻندو، تہ مومل پري کان ڊوڙندي ايندس. ”بس پريل!“ هو ماٺ ٿي ويندو؛ پر اُهو ٿي پيو نچندو، مينھن بت تي ورائيندو، پاڻيءَ جون لارون پيئندو، دُٻن مان ڍُڪ ڀريندو، مٽي کڻي بوت تي لائيندو، هڪ وڏو مٽيءَ جو چاڻو کڻي مٿي تي رکندو هو. هڪ چاڻو ڌوپجي ويندس تہ ٻيو کڻندو. چڱي ويل کان پوءِ مومل سڏ ڪندي هيس ۽ هو اندر ڇاپري ۾ هلي ايندو هو. مومل پوتڙو کڻي انگ اُگهندي هيس. هو ڌيرج سان هٿ وٺي سندس هٿ ۾ پيل ٺِڪر جي چِٽيل ڇلي کي وٺي ڦيرائيندو هو ۽ پوءِ انگوڇو وٺي، پاڻ کي پاڻ اُگهندو هو. هوءَ چپ چاپ ٻاهر وڃي ڇاپري ۾ بيھندي هئي ۽ پرو لٽا مٽائي اچي ڀر ۾ بيھندو هيس. مومل سندس اکين ۾ نھاري چوندي هيس: ”پريل تون مينھاڻي مست ڇو آهين؟ مينھن توکي مست ڇو ٿو ڪري؟“
پرو مُرڪي چوندو هيس: ”راڻي، مينھن ۽ هن ڌرتيءَ جو ازلي لاڳاپو آهي. اسين هن ڌرتيءَ جا ننڍڙا ڌڻي آهيون؛ اسين بہ مست نہ ٿينداسين تہ ٻيو ڪير ٿيندو! ڇا توکي مينھن مست نہ ڪندو آ؟ هن جهُڙ ڦُڙ جي بھاري ۾ تون ڪجهہ بہ محسوس نہ ٿي ڪرين؟“
مومل انھيءَ جملي سان ڄڻ تہ ڇڪجي سندس ڀر ۾ هلي ويندي هئي ۽ پوءِ سامھون ورانڊي ڏي نظر ڦيرائي هڪدم پوئتي هٽي ويندي هئي. رڳو ايترو چوندي هيس: ”پرو مون کي پتو ناهي!“ اهو چئي رئو کڻي چٻاڙيندي هئي يا انھيءَ ٺڪر جي ڇلي کي ڦيرائيندي هئي، جنھن ۾ سندس ساھہ هو ۽ پرو يڪدم هٿ وٺي چوندو هيس:
”انھيءَ ڇلي جا چڪر مان ڦيرائيندس، گهمي تہ ٿو پر سولو نہ. ڪاڏي ويندو، نيٺ تہ هن هٿ وس ايندو.“
مومل مرڪي چوندي هيس، ”هاڻي تنھنجي هٿ وس ناهي ڇا، هينئر بہ تہ تنھنجو آهي!“
”نہ راڻي جڏهن مان موڙ ٻڌي تنھنجن رتڙن هٿن ۾ هٿ وجهي انھيءَ ڇلي کي مقدر سمجهي ڦيرائيندس، پوءِ جيڪي نصيب!“
مومل شرمائجي ڇاپري جي ڪنڊ وڃي کڻندي هئي ۽ سندس ساھہ اُڀو کڄندو هو. پرو ويجهو ويندو هو تہ هوءَ هٿ وڌائي چوندي هيس:
”پرو انھيءَ ڇلي کي ڦيرائيندو ڪر، الائجي ڇو منھنجو شاديءَ ۾ ايمان نہ ٿو بيھي، هونئن بہ پرو شادي محبت جو معراج تہ ڪونھي.“
پرو هڪ سادي سودي نينگر کان اهي اکر ٻڌي، ڇرڪي ويندو هو ۽ ڳالھہ ٽارڻ لاءِ چوندو هيس: ”تون بہ ڪنھن کان گهٽ ناهين. بنھہ مست آهين، مون کان بہ وڌيڪ- تو ۾ هونئن بہ مڻيا آهي؛ پر راڻي جڏهن سمجهہ ڀريو ڳالھائين ٿي تہ بس، پوءِ اسان پارو مست وڏو مست ٿي وڃي ٿو.“
ائين ٻئي ڄڻا کلي ڏيندا هئا ۽ پڦي زينو، جيڪا هاڻي قبر ۾ پير لڙڪايو ويٺي هئي، سامھون ورانڊي مان اهو نظارو پئي پسندي هئي. نُور اڃا سڄو هيس، پر سندس ڀاءُ چاچي نصير کي تہ پتو بہ نہ ٿي پيو. پڦي زينو ڏسندي ڏسندي ڪنڌ لاڙي ڀاءُ کي چوندي هئي، ”ادا، هو جوڙو ڏسين ٿو؟“
”ڪھڙو جوڙو.“
”پکين جو؟“
”مينھن ۾ اڃا پکي ويٺا آهن.“
هوءَ گهڙي ماٺ ڪري، پوءِ چوندي هيس: ”ادا، پريل جي پارت اٿئي.“
”توکي بہ رکيو رکيو ٿا پُور پون. الله ڪري جُڙي هجين، مون کي پارت ڇو ٿي ڪرين.“
”ادا، مومل کي پريل کان ڌار نہ ڪجانءِ، نہ تہ سڀڪجهہ ختم ٿي ويندءِ، ٻڌايانءِ ٿي، اِهو بہ ٻڌايانءِ ٿي تہ هيءُ ٺھيا ئي هڪٻئي لاءِ...“ ۽ اچي کنگهہ ڇڙندي هيس، هوءَ ساڻي ٿي ڪرندي هئي ۽ چاچو نصير کيس اوڇڻ ڍڪي سمھاريندو هو.
”چري، ڳڻتي ڇو ٿي ڪرين؟ گهر جي گهر ۾ ڳالھہ آهي، ڪا پري آهي ڇا، ڪنھن ڏينھن مکا ميڙو ڪرائي ڇڏينداسون.“ ائين چوندي هو مرڪي بہ ڏيندو هو ۽ ڀيڻ کي دلداري بہ ڏيندو هو. پر پريان ماسي نعمت جيڪا ڪن لايو ويٺي هوندي هئي؛ ڪوڙو منھن ڪريو، موڙو ڏيندي هئي ۽ آهستي ڀڻڪندي چوندي هئي، ”رک ڌڻيءَ تي، رڳو منھنجو شيرل روزگار سان لڳي؛ ڏس تہ مان ڪيئن ٿي پنھنجا ٻيڙا ٻني لايان.“
ماسي نعمت جي ٻيڙن کي واقعي ڪو واءُ سولو لڳو، جو پڦي زينو تہ الله ڏي هلي؛ پر چاچي نصير بہ ڌڪ نہ جهليو. مِٺي ڀيڻ جي ڌڪ هڻي ڌڪي وڌس. ٻئي ڄڻا وڏي جيءَ سان ٿي جيا؛ پر جيءَ جو ڪھڙو جياپو سڀ ڪي ڌڻيءَ وَس. وڻيس تہ جياري وڻيس ڪَکُ پن ڪري ڇڏي.
پروءَ کي ڪنھن بہ اڄ تائين رئندي نہ ڏٺو هو، سو وَسيو ۽ سندس اکين جي وسڪاري، مومل کي ويتر رئاري وڌو. مومل هڄي پئي ۽ سندس هڄيل هانءُ کي ڏسي، پروءَ کڻي ماٺ ڪئي نہ تہ شايد اُڀ کي بہ رئاري ها؛ پر پروءَ جو هانءُ تڏهن بنھہ کاڄي ويو، جڏهن هڪ ڏينھن مومل ڏانھنس نہ لڙي، منجهند جو ماني بہ ماسي نعمت کڻي آيس. هُن رات تائين صبر ڪيو؛ پر جڏهن رات جو بہ ماسي نعمت اچي سندس آڏو ماني اُڇلائي، تڏهن هو بِرُ ٿي ويو. ”مومل ڪاٿي آ.“
”مومل ڪا تنھنجي ڳڌل ٻانھي آ جو هر ويلي تنھنجي ماني کڻي اچي، ٽهل ٽڪور ڪري.“
”ماسي مستن کي نہ ڇيڙ“، پروءَ رڙ ڪئي اُن سان گڏ سندس اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون.
”اِهي اکيون ٻين کي ڏيکار، اِهو مينھاڻي مست تون ٻين لاءِ هوندين، مان سڃاڻانءِ ٿي تہ تون ڪھڙو مست فقير آن! مون سان گهڻي ٽين ٽين ڪندين، تہ وجهندس هٿ برقعي ۾. جيئن مون پاڙي پاڙي وڃي توکي مست ٺاهيو هو، هاڻ تنھنجي مستي ڪڍي ڪنديس ٻاهر.“
پروءَ يڪدم ماني کڻي ٻاهر اُڇلائي، ”نڪري وڃ هتان.“
”وڃان ٿي پر اِهو ياد رک تہ مومل هاڻي شيرل جي نالي ٿي چڪي آهي، جي تون اُن جو نالو بہ کنيو آهي، تہ مون جھڙو بڇڙو نہ ٿيندءِ!“
پَرو حيران ٿي سندس منھن ۾ ڏسڻ لڳو ڪا گهڙي هو خاموش رهيو. پوءِ تہ ڄڻ جلالي اچي ويس، يڪدم ٽپڙ کڻي اڇلايائين، مَستن وانگر مست ٿي پيو، دانھن اهڙي ڪيائين جو ماسي نعمت ڇرڪي وٺي ٻاهر ڀڳي. پروءَ رڙ ڪئي ”مولا، ڪٿي آهين، مولا، ڪٿي آهين!“ ۽ هو جوجُڪيءَ ۾ ٻاهر نڪري آيو، اڱڻ ۾ ڊوڙڻ لڳو، ”مولا! هڻ ڪو گوڏي جيڏو! مولا! هڻ ڪو گوڏي جيڏو.“
ٺار جا ڏينھن هئا، سڀ ورانڊي مان نڪري آيا. ماسي نعمت وڃي ڪنڊ جهلي هئي، پروءَ جي چاچي وڌي آيس، ”ماسي ڇا ڪَيس!“
”اڙي امان مار:يئي کي ڇا ڪيم، چيومانس تہ منھنجي مومل جو نالو نہ کڻي.“
”ماسي توکي جهليو بہ هيم تہ في الحال ڳالھہ نہ ڪر؛ پر اصل پيٽ جي هلڪي آهين. هوڏانھن ڇوڪرِ کي بہ بند ڪيو اٿئي، جا پئي جهِڄي. هيڏانھن هيءُ ممڻ مچائي ڇڏيو اٿئي.“
”ممڻ ڇاجو، ڀلي پيو رنڀي؛ رنڀي رنڀي ماٺ ڪندو. هليو آ گوڏي جيڏو وسائڻ؛ مينھن جي ڪا موسم آ، جو بس هاڻ اُڀ ڏري پوندو!“
پروءَ رڙي رڙي، اڃا گهڙي ساھہ کنيو ۽ آسمان ڏانھن ڏٺو، پر اُتي ڪجهہ بہ نہ هو.
اوچتو سندس ڪنن تي پڙلاءُ پيو. آواز وچ واري ڪمري جون حدون لتاڙيندو، ورانڊو ٽپندو، سندس مستيءَ کي وَڌ مست ڪندو ويو، ”پَرو، پَرو!“
پروءَ کي ائين محسوس ٿيو تہ ننڍڙي ڊيل پئي ڪوڪاري. سندس هٿ مٿي کڄي ويا ۽ کنڀڙاٽيون هڻي ڦيريون پاتائين ۽ ڊوڙ پاتائين. سڌو وچين ڪمري ۾ پھتو، اندرين ڪوٺيءَ کي ڪلف هو. اندران اُهوئي آواز ”پَرو، پَرو!“ هُن ڪُلف کي سٽ ڏني، پر نہ کُليو. هن مستيءَ ۾ در کي هڪ ٽڪر هنيو، ٻيو ٽڪر هنيو، سندس رتو ڇاڻ منھن تي اُهائي مستي هئي. هو هاڻ رڳو اهو چئي رهيو هو ”منھنجا مولا! ڪٿي آهين. ڏسين ٿو، اڃا چئين ٿو تہ نہ. بس مولا هڻ ڪو گوڏي جيڏو، ڪر ڪا بھاري!“ هو رت ڳاڙيندو رهيو، ٽڪر هڻندو رهيو، پر ڊپ کان ڪير بہ سندس ويجهو نہ پئي آيو. ماسيءَ شيرل کي ڌڪو ڏنو؛ پر شيرل اُتي ئي ڄمي ويو. سندس ٻيا سؤٽ پري بيٺا هئا. پَرو رت ڳاڙيندي ڳاڙيندي، ڪِري پيو. کيس ائين محسوس ٿيو تہ هاڻ اندران ڪير ٽڪر پيو هڻي. هُن اُٿڻ جي ڪئي، پر اُٿي نہ سگهيو. رت ڦڙن وڃي ڌرتي کنئين، هاڻ رت جو مينھن هو، جو پئي وسيو. اِئين گوڙ جو آواز ٿيو، وِڄ جو چمڪاٽ ٿيڻ لڳو. سڀ ٻاهر ڀڳا. ڪارن ڪڪرن جي ڪارنھن سڄي آسمان کي ويڙهي ويئي هئي. هڪ گوڙ جا ٺڪاءَ، ٻيو وڄ جا چمڪاٽ، اوندھہ انڌوڪار ٿي ويو. وڄ جي روشني ويتر ٿي هنياءُ ڇِنو. ۽ ائين اچي وڏ ڦڙي ٺڪاءُ ڪيو. مينھن بہ مينھن هجي، پاڻي هجي جو ڇڇڪارا ڪيو پيو نئين، ڄڻ ڪير ڇڄ ڀري پيو هاري. پروءَ جي چاچيءَ ڪجهہ پاڻ سنڀالي ورتو ۽ هوءَ پٺين پير واپس وري، پروءَ کي اورانگهي وڃي ڪُلف کوليائين. پَروُ بي سُرت پيو هو. ڪوٺيءَ جو در کوليندي وسامي ويئي، مومل بہ ٽڪر هڻي رتو ڇاڻ ٿيو پئي هئي، يڪدم دانھن ڪيائين.
”اڙي، مري ويئي ماڻس، ماسي، شيرل، گُلو، اڙي هيڏانھن اَچو...“
سڀ ڊوڙندا آيا، مومل کي کڻي کٽ ڀيڙو ڪيائيون. ڪو سرمو کڻي آيو، ڪو پٽيون، ڪو پاڻي، مومل اک کوليندي چيو ”پريل!“ سڀني اوڏانھن نھاريو، جت پَرو پيو هو. هوءَ ڌڪ جي پرواھہ نہ ڪري پروءَ ڏانھن وڌي، نئڙي هُن کي ڏٺائين. ڳوڙها ڳڙي آيس، پوءِ يڪدم هوش سنڀالي چيائين، ”ادا گُلو! هن کي کڻوس“. هُن پاڻ بيھي پروءَ جا زخم صاف ڪيا، سرمو ڀريائينس. آهستي آهستي هن جي ڀرسان ويھي رهي. ماسي نعمت جيڪا اڃا بہ وهلور پئي ويئي، تنھن شيرل ۽ گلوءَ کي سرٻاٽ ڪيو تہ پَروءَ کي کڻي سندس ڪوٺيءَ ۾ اُڇلي اچو. مومل سُرٻاٽ ٻڌو. ڪنڌ کڻي چيائين ”خبردار جو ڪنھن پروءَ کي هٿ لاتو آهي. رڳو پنھنجو خير گهرو.“
ان ويل وڏو ٺڪاءُ ٿيو، ڪنھن ورانڊي مان دانھن ڪئي، ”رڌڻو ويو.“
اُن ويل ٻيو ٺڪاءُ ٿيو، ”وهنجڻ جاءِ وئي.“
ٻئي ڌڌڪي تي هيسيل آواز آيا، ”ورانڊي جو هڪ حصو بہ هليو.“
ائين سڀني ڊوڙي اچي ڪمري ۾ پناھہ ورتي. مومل پروءَ کي ڏسي رهي هئي، جيڪو هاڻ هوش ۾ هو ۽ مومل جي اکين ۾ اکيون هيس. هو گهڙيءَ کان پوءِ آهستي اٿيو، وڄ جو چمڪاٽ ڏٺائين، مينھن جو شپڪو ٻڌائين، اصل کٽ تان لھي بيٺو، مومل ٻانھن کان ورتس، پر هو اڳتي هلندو ويو، ائين چوندو ويو، ”واھہ منھنجا مولا اصل بھاري ڪري ڇڏيئہ، اصل رنگ لڳائي ڇڏيئہ، واھہ منھنجا سائين؟“
هو ورانڊي ۾ ئي هو تہ ڀرواري جاءِ جو ڌڌڪاٽ ٻڌائين، رڙيون واڪا، ان سان گڏ پاڙي مان بانگن جو آواز اچڻ لڳو. مومل اچي ڀرسان بيٺس: ”پريل هاڻي بس، رب جي ذات بيشڪ وڏي آهي، هاڻي سندس در کڙڪاءِ پريل!“
”مومل، منھنجي مولا آڏو سڀ بندا برابر آهن. تون بہ ٻاڏاءِ اچ مون سان.“
وچ اڱڻ ۾، مينھن جي پناھہ وٺيو ٻيئي بيٺا هئا. مومل هٿڙا اُڀا ڪيا، ”مولا هاڻي بس.“
”منھنجا مولا هاڻي هالار ۾ هارينس“ ”منھنجا مولا رحم!“ ڪا گهڙي هوءَ ٻاڏائيندي رهي، رڙيون ڪندي رهي ۽ پرو خاموش بيٺو رهيو. ائين مينھن جهڪو ٿيو، تان جو ڦڙ ڦڙ وڃي بچي. ويل ئي ڪانہ گذري جو آسمان تي تارا چٽا ڏسڻ ۾ آيا. پروءِ آهستي سندس هٿ ورتو، ٺڪر جي چٽيل ڇلي کي ڦيرايو، ”راڻي اهو سچ آهي، شادي محبت جو معراج ناهي، پر هاڻي هيءُ جهڙ ڦڙ جون بھاريون نہ ٿينديون، هاڻي مينھن نہ وسندا، هاڻي ملڻ ڪھڙا، جدايون تہ ڪينھن منھنجا سائين!“ پرو آهستي سندس هٿڙو ڇڏائي وڌيو، ۽ ڏيڍيءَ وٽ بيھي مومل کي ڏٺائين، جيڪا بت بڻيو بيٺي هئي، چوڌاري سڀ ڀاتي مڙي ويا هئا، ماسي نعمت جو آواز چٽو هو، ”ٻڙي، هن جو خيال ڪيو، هيءُ الله لوڪ نينگر اٿو، ڪرامت ڪانہ ڏٺو. وٺي هلي اندر ويھاريوس، هئڙا الله لوڪ ماڻھو ڪانيءَ ڪرامت وارا ورلي پيدا ٿيندا آهن.“ پروڪڙو کولي ٻاهر نڪري ويو. هن جي وڃڻ تي مومل ڄڻ سجاڳ ٿي پئي، دانھن ڪيائين، ”پريل- پريل!“ پرو جيئن ڏيڍي چائنٺ ٽپيو تيئن وري نہ آيو. هو هاڻي سچو پچو مينھاڻي مست هو، هڪ الفي ۽ پاڻ، ڪڏهن ڪھڙي دڪان تي، ڪٿان ريوڙيون کنيائين، ڪٿان ڀڳڙا، ڊوڙون پيو پائيندو، رکي رکي دانھن پئي پوندس، ”هاڻي جهڙڦڙ بھاريون نہ ٿينديون، هاڻي مينھن نہ وسندا.“
ڪو ڳالھائڻ جي ڪندس تہ وارن ۾ ڍڪيل چپ کُلي پوندس ۽ کلي چوندو، ”مٺا، شادي محبت جو معراج ناهي.“
ڪو دل جليو اُتي ئي پڇندس، ”مينھاڻي مست! پوءِ محبت جو معراج ڇا آهي.“
”جهڙڦڙ جي بھاري ۽ وسندڙن جو خير!“
”پر تون چئين ٿو تہ هاڻي مينھن نہ وسندا، هاڻي جهڙڦڙ جي بھاري نہ ٿيندي.“
”اکين جي جهڙڦڙ کي ڪنھن روڪيو آ!“
پرو غلاموءَ جي دڪان تي گهڻو ويھندو هو، غلاموءَ سان دل بہ هوندي هيس. رات جو سندس دڪان جي دڪيءَ تي سمھي پوندو هو. ٿڌ ۾، ولھہ ۾، سوڙ يا رلي بہ نہ ورتائين، دڪان مان ٻه- ٽي ڦاٽل ڳوڻيون کنيائين، جيڪي کيس رات جو اوڇڻ جو ڪم ڏينديون هيون. غلامو، جو پاڻ بہ ڦٽيل هو، ڪو نينھن لاتو هئائين، پر دل جو دلبر کيس ڌڪ ڏئي هليو ويو هو. هو جڏهن ٻرندو هو تہ يڪدم دانھن ڪري ڇڏيندو هو، ”پريل! دل ڪنھن سان لائجي؟ هنن ماڻھن سان جن ۾ وفا ناهي؟“
پريل رکي رکي چوندو هيس، ”پنھنجي مولا جا غلام، تون هن مولا جي ڌرتيءَ جو بہ غلام آهين، هن ڌرتيءَ سان نينھن لاءِ، ڏاڍي سوادي اٿئي.“ پوءِ مٽي کڻي مٿي ۾ وجهندو، منھن تي مکيندو، ڌڌڙ اُڏائيندو، ڊوڙندو ويندو، ”واھہ منھنجا مولا، اصل بھاريون ڪري ڇڏيئي.“
هاڻي تہ واقعي مٽيءَ جو مينھن وسڻ لڳو هو. ڪيتريون مندون ٽري ويون، ۽ هيءَ نئين مند بہ خير سان پوري ٿيڻ تي هئي، مينھن جو تہ پتوئي نہ هو، چوڌاري خشڪيءَ جو سمنڊ هو، جنھن ۾ سڀ پئي سڙيا ۽ ٻريا، ڍورا ڍوريون، ڪسيون، ڪورون، تل ترايون سڀ خشڪ هيون. وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، ڍور ڍڳو سوڪھڙي جو ساءُ نٿي ماڻي سگهيا، ڪن دم ٿي ڏنو، تہ ڪي پوين پساهن ۾ هئا، ٻنيون ٻارا تہ ٻري ٻارڻ ٿيا، هاڻ ماڻھن جو وارو هو. سڀ پروکي ڦري ايندا هئا، پر هو دانھن ڪري چوندو هو: ”هاڻ جهڙڦڙ جون بھاريون نہ ٿينديون، هاڻ مينھن نہ وسندا.“ ۽ ڊوڙ پائي شاهن جي درگاھہ واري ميدان ۾ لھي ويندو هو. پوءِ هن کي ڪير وٺي. نيٺ غلاموءَ چيس: ”پرو، ائين نہ ڪر، مينھن وساءِ!“
”مينھن منھنجي مولا جي هٿ وس آهي، پروءَ کي ڪھڙي طاقت آهي.“
”پر پرو تنھنجي دعا ۾ وڏي طاقت آ، تون کڻي دعا گهر، ڏس ڌرتي سڄي ٺوٺ ٿي ويئي آ، هاڻ تہ کوهيون بہ سڪي ويون آهن، باقي بچيو آ مارڪيٽ وارو کوهه، اهو بہ گهڻا ڏينھن؟ هيءَ ڌرتي وڌيڪ ٺوٺ رهي تہ اسين سڀ ٺوٺ ٿي وينداسين پريل!“
پرو کلندو هو ۽ پور پوڻ تي چوندو هيس: ”منھنجي مولا جا غلام، منھنجي مولا جي ڌرتيءَ جا غلام، هن ڌرتيءَ ۽ سندس ماڻھن جي ٺوٺ هجڻ ۾ شڪ اٿئي ڇا؟ پر اهو ياد رک تہ ڌرتي هميشہ دان گهرندي آهي، سمجهيئہ! ڌرتي دان گهري ٿي!“
غلاموءَ دان تي ڇرڪيو. سڀني کي سڏي چيائين، ۽ خير خيراتون شروع ٿي ويون، پر شايد اُتي نہ اگهاميون يا اڃا دير هئي.
هن ڀيري غلاموءَ کي جيئن پروءَ منھن تي چڙهيو، اصل بِرُ ٿي بيٺس: ”تون مست ٿيو آن، ڌوڙ جو مينھاڻي مست آن! تون الله لوڪ آن، رڳو عاشق جيئڙو آن. مومل جي عشق ۾ حيران، اڙي ڪو اٿئي هن ڌرتيءَ سان بہ عشق؟ ڌرتي دان گهري ٿي، ڌوڙ نہ ڇائي. هاڻي وڃي ڌوڙ پاءِ، مومل ڪارو منھن ٿي ڪرئي. سڀ مومل کي مڃائي آيا آهن، هوءَ توکان فقيري ۽ مستيءَ ۾ گهٽ ڪانھي، اڄ دعا گهرندي، ڏس تہ منھنجو رب ڇا ٿو ڪري؟“
پرو ڪا گهڙي ڄمي بيھي رهيو، پوءِ ڊوڙ پاتائين. سڌو وڃي پنھنجي گهر جي ڏيڍيءَ وٽ پھتو، پر چانئٺ نہ ٽپيو. اندران مومل جو آواز پئي آيو، ”مولا! هڻ ڪو گوڏي جيڏو!“
”ڀيڄ مولا، منھنجا مولا رحم!“ پروءَ اُت بيٺي ئي سين هنئي: ”ڀيڄ مولا! هڻ ڪو گوڏي جيڏو!“ هڪ ئي صدا تي مومل ڊوڙندي ڏيڍيءَ وٽ پھتي. پرو هن کي سڃاڻي نہ سگهيو، هڏن جو پڃرو! ڪاڏي ويا چوٽا چنبيل جا، ڪاڏي ويون پنبڻيون پناھہ واريون، ڪاڏي ويا گل گلاب جا، ڪاڏي ويا عطر عنبير جا هڳاؤ! هو هڪ ٺوٺ خشڪ سڪل ڌرتيءَ کي ڏسي رهيو هو.
مومل هن جي ملوڪ منھن کي چيڙهالي وارن جي ڪڪرن ۾ پسي ڪو خوش ڪانہ ٿي. اَڇي اُجري ماڻھوءَ کي ڌڌڙ ۽ مٽيءَ جي تهن ۾ ڏسي ڳوڙها ڳڙي پيس. هوءَ وڌي وٽس آئي، پروءَ ڌيرج سان سندس هٿ ورتو. اُتي اهوئي ٺڪر جو چٽيل ڇلو موجود هو. هن ان کي ڦيرايو ۽ چيائينس، ”راڻي! هاڻ بھاريون ٿينديون، مينھن وسندا، سڀڪجهہ اوجري پوندو، تون دل نہ لاھہ.“
۽ هن زور سان نعرو هنيو، ”مولا! هڻ ڪو گوڏي جيڏو.“
هن ڏٺو تہ ماسي نعمت اچي پيرن کان جهليو هيس، ”ابا، پٺتي نہ موٽ بس، جيڪا ٿي، سا ٿي. مومل اڄ بہ تنھنجي آهي، تنھنجي رهندي، مون کان خطا ٿي.“
هن آهستي پير ڇڏايا ۽ گهوري ماسي نعمت ڏانھن نھاريو، ”ماسي، مستن سان وڌيڪ مستي ڪندينءَ تہ تنھنجي شيري کي خاڪ ڪري ڇڏيندوسانءِ.“
”اڙي ابا، هن تہ ڪجهہ بہ نہ ڪيو آهي. هن تنھنجي ڊپ کان مومل سان شادي ئي نہ ڪئي.“
”مومل سان شادي؟“ پرو کليو، کلندي کلندي چپ ڀڪوڙجي ويس. ”هيءُ مومل ٿوروئي آهي، هيءُ تہ منھنجي ڌرتي آهي ۽ هن سان لائون لهڻ لاءِ ڳاڙهو گهوٽ کپي. ڌرتيءَ لاءِ سر ڏيڻ سُٿرو ناهي، ڌرتي دان کان سواءِ ڪنھن جي ڪانھي، سمجهيئہ ماسي!“
ماسي ڪجهہ بہ نہ سمجهندي وڃي ڀت ۾ لڳي هئي.
پروءَ مرڪي، مومل جو هٿ ورتو. وٺي ڇلي کي ڦيرو ڏنائين ۽ صدائون هڻندو ٻاهر نڪري ويو، ”هڻ مولا گوڏي جيڏو!“ جيئن گهٽي ٽپي پرئين ڀر ٿيو، تہ نظر وڃي رئيسن واري باغ تي پيس، جتي هاڻ سلا بہ سڙي خاڪ ٿي ويا هئا. وڻن جي ڄڻ ڪنھن ڇانگ ڪري ڇڏي هئي. هو آهستي لھي ان پٽ تي بيٺو، جيڪو ڪنھن وقت هن لاءِ پٽ پٽيھر هو، جنھن جي سائي گاھہ تي هو ليٿڙيون پائيندو هو. هو ان ئي پٽ تي دڙها هڻڻ لڳو، جيڪو هينئر خشڪ ميدان جي صورت اختيار ڪري چڪو هو، جنھن جو هر حصو ٺوٺ بڻجي چڪو هو. گهڙيءَ ۾ ماڻھو اچي مڙيا. سڀ آسائتا، آسروندا، اُڃايل اُڃ کنيو بيٺا هئا ۽ ڌرتي ٺوٺ هئي.
هاڻ پروءَ جي مينھاڻي مست هجڻ مان ماڻھن جو بہ ايمان لڏڻ لڳو. پروءَ جي زبان ٺوٺ ٿي وئي هئي. هو نچي ڪڏي ٽپا ڏئي کنڀڙاٽيون هڻي سھڪي پيو هو، سندس نڙي ويھجي وئي هئي، پر سندس صدائن ۾ ڪابہ ڪمي نہ آئي هئي، اُها ئي صدا، پر منھنجي رب جي ذات اڃا گهڻي وڏي آهي، جڏهن راضي ٿئي. پروءَ کي الائجي ڇا ٿيو، اوچتو هن دانھن ڪئي:
”ها منھنجا مولا، هيءَ ٺوٺ ڌرتي دان گهري ٿي، رت جو ريج گهري ٿي، تون سو منھن نہ موڙ، باقي بندو حاضر آهي.“ ائين چئي پرو نوڙيو، وڃي نراڙ ڀر فرش کنيائين ۽ زور سان ڌرتيءَ تي ٽڪر هڻڻ لڳو. ڀلا ڌرتي ورهين جي اُڃايل، صفا ٺوٺ، اصل رُڪ ٿي لڳس، ٻئي ڌڪ ۾ رت جون ٺينڍيون وهڻ لڳس: ڀلا خشڪ زمين رت ائين پيئندي وڃي جيئن ڪو اُڃايل اُڃ لاهيندو آهي، پر پرو بہ ريج ڏيندو وڃيس ۽ هو ايستائين ڌڪ هڻندو رهيو، جيستائين ابر ۾ اُهاءُ نہ ٿيو ۽ پھرين ڦُڙي مٿس وسڪارو نہ ڪيو ۽ پرو بي نور اکيون مٿي کڻي چيو، ”واھہ منھنجا مولا اصل بھاريون ڪري ڇڏيئہ، اصل رنگ ڪري ڇڏيئہ، بنھہ بھاريون.....!“ پرو وڌيڪ چئي نہ سگهيو ۽ وڃي ڌرتي جو پاسو ورتائين. هاڻ سندس رت بہ ڌو پيو پئي ويو، آهستي آهستي رت جي لالاڻ مينھن جي ڌارائن ۾ گڏجيو ڦھلبي وئي. ڪو وهڪرو ڪنھن طرف هو. رت جي لالائي پاڻي جي سونھن کي وڌيڪ سھڻو ڪري ڇڏيو هو. ڌرتيءَ جون رڳون آهستي آهستي ان ڳاڙهي پاڻيءَ کي کڻي رهيون هيون. سڀني اهو بہ ڏٺو تہ مٿاهينءَ تان، جتي مومل رهندي هئي، اتان جيڪي بہ وهڪرا آيا پئي، تن ۾ بہ اهائي لالائي، اُها ئي سرخي هئي. ٻئي وهڪرا جڏهن پاڻ ۾ ملي اڳتي وڌيا تہ سڄي ڌرتي پٽ پٽيھر جو وڳو کڻي پاتو.
چون ٿا تہ جڏهن بہ اسان جي ڌرتي ٺوٺ ٿي ويندي آهي تہ ڪونہ ڪو مست ان کي رت جو ريج ڏيندو آهي ۽ الائجي ڪيترن مستن جو هن ڌرتيءَ کي ريج ڏنل آهي، جو هاڻ ڪڏهن بہ هت سو ڪھڙ نہ ٿيندي آهي، هميشہ جهُڙڦُڙ جون بھاريون هونديون آهن ۽ اُٺي جي مند ڪڏهن بہ کوٽي نہ ٿي آهي.

(مھراڻ ) 

ڪنچن ڪايا

هُن هڪ اک چنجهي ڪئي، سندس وچين اَڱر گهمري ڏني ۽ ڌڪ ئي هڪ. ڪَنجو سو بہ ڪَچَ جو ڀڄي ٻہ ڦاڪون ٿي پٽ پيو. گلوءَ کيسي کي کڙڪايو ۽ ڇڻڪي سان گڏ دانھن ڪيائين: ”ڇڏاءِ چار داڻا.“
شموءَ جو منھن لھي ويو. هن چپ چاپ ڪَنجا ڪڍي کيس ڏنا.
”اَهي ڪو ٻيو ميدان تي.
چوڌاري وَلرُ جيڪو گڏ ٿيو هو سو ٽِڙي پکڙي ويو.
”يار ڪڏهن تہ ڪو ڌڪ گسائيندو بہ ڪر. هڻي نوَن ڪنچن جو ڪم لاهيو ڇڏين.“ شموءَ پريان بيھي چيو.
”گلوءَ جو ڌڪ زبرو ڌڪ اَهي شما! جيڪو پچائي وڃي. اَهي ڪنھن ۾ همٿ تہ هن اَڙي ڪاپَ سان مقابلو ڪري.
”هڙئي ڪَنچا ٻُهاري وئين، يارن وٽ ڇڏيو ڇا اٿئي، مقابلو ڌوڙ تي ڪيون.“ ڳالھائيندي شمي جي نظر چاچي نورل تي وڃي پئي، يڪدم رڙ ڪيائين ”چاچو نورل! ڇورن جي وَلر ۾ ائين ٽاڪوڙو پئجي ويو جو ماڻھو نہ ملي ماڻھوءَ سان پر گلو اُتي ئي ڄمي بيھي رهيو. سندس هڪ هٿ ڪَنچن کي کڙڪائيندو رهيو. چاچي نورل وٽس پھچي بريڪ هنيو ۽ گلو کي گهورڻ لڳو. گلو بہ هڪ اک چُنجهي ڪري کيس تڪڻ لڳو. پوءِ گِدِ ڏي منھن ڪري اُن جي چوڌاري ڪَنچا اُڇلڻ لڳو.
”اڙي گلو تون سُڌرندين يا نہ.“
”مون ڇا ڪيو آهي.“ گلوءَ لا پرواهيءَ سان وراڻيو.
”ڇا ڪيو آهي! پاڙي جا هڙئي ڇورا کاري ڇڏيا اٿئي./ پاڻ تہ پڪو جُواري آهين، پر پڻھين جو ڪو حيا ڪر، اُهو تہ شريف ماڻھو آهي.“
”چاچا، شريف آهي تڏهن ماٺ ميٺ ۾ ٽپڙ کڻي تنھنجي جاءِ ڇڏي هليو ويو. سندس جاءِ تي مان هجان ها تہ مُئي ماري هيءَ جاءِ، هيءُ پاڙو، نہ ڇڏيان ها، آخر چوڏهن سال هن پاڙي ۾ گذاريا اٿم. خير، جاءِ وئي تہ مِڙئي خير آ، پاڙي مان تونتہ ڪڍي ڪونہ سگهندين.“
گلو ڪنچي کي وچين آڱر ۾ وجهي زور سان ڌڪ هنيو ۽ اُهو ٻہ ٽڪر ٿي پيو ۽ پوءِ نورل ڏانھن اُنھيءَ چُنجهِي اک سان گهورڻ لڳو، جنھن سان نشانو چِٽيو هئائين.
”تو لوفر سان تہ ڳالھائڻ ئي اجايو آهي.“
چاچو نورل خار مان پير سٽيندو گهر ڏانھن تکو ٿيو. گلو کيسي کي کڙڪايو ۽ رڙ ڪري چيائينس ”چاچا، هيءَ دولت ڏسين ٿو. ڪَنچا بہ وڏي دولت آهن. ڏسجانءِ توکان جاءِ ڪيئن نہ ٿو خريد ڪريان.“
چاچي نورل مُڙي ڏانھس نھاريو ۽ ٽوڪ واري کِل سان چوڻ لڳو: ”اڙي پڻھين وٽ کائڻ لاءِ ڪي بہ ڪينھي، هليو آهين ڪَنچن سان جاءِ خريد ڪرڻ. پھريان ڪَنچن سان پيٽ پوڄا ڪر، پوءِ جاءِ جو سوچجانءِ پٽ!“
گلو پيٽ جو ٻُڌي گهڙيءَ پل لاءِ وسامي ويو. يڪدم پيٽ تي هٿ ڦيريائين، سمجهائين ڄڻ تہ وَٽَ پيا پَونس. هو ڀِت کي ٽيڪ ڏئي ويھي رهيو، هاڻي تہ گهٽي بہ خالي هئي. هو ڪي گهڙيون تہ ماٺ ۾ رهيو ڇاڪاڻ تہ کيس خبر هئي تہ گهر ۾ بہ کائڻ لاءِ ڪي بہ ڪينھي، نہ سندس لاءِ، نہ ماءُ لاءِ ۽ نہ پڻس لاءِ.
هن کي پوڙهي پيءَ جي حال جي خبر هئي. نِٻل، بيمار حالتون بي حال، کَٽ جي حوالي. اَنھي وقت کي ساريندي جڏهن هو ڪنھن حال ۾ هو ۽ چاچي نورل وارن جي باغ جو باغائي هو. سندس سڄي ڄمار جهار هڪليندي باغ جي سار سنڀال لهندي گذري. جيستائين چاچي نورل جا وڏڙا جيئرا هئا، تيستائين تہ هو سُکيو هو، کيس رهڻ لاءِ پاڙي ۾ ننڍڙي ڪَچي جاءِ ڏنئونس، ٽِوقتي ماني، ڪپڙو لَٽو ۽ گلوءَ جي پڙهائي جو خرچ بہ سندن ذمي هو. جڏهن پيريءَ جي بيماري ورتس تہ چاچي نورل لَتون ئي ٻہ هنيس ۽ جاءِ کَسي، گهرون بي گهر ڪيائينس. اڄ هو بي گهر بڻيا شھر کان ٻاهر مناهين ٺاهيو آسروند ويٺا هئا تہ ڪو سولو واءُ ورندو. مھينو راتين جو ائين ئي گذريو هو. گلوويچارن ۾ ٻُڏل، اِهي سور پئي پاڻ سان سَليا. هو ڪڏهن تہ اسڪول بہ ويندو هو، پر هاڻ نہ اسڪول، نہ گهر، سڄو ڏينھن ڪَنچا ۽ هُو.
سندس خيال ۾ ڪَنچا بہ ڪمائي هئي ۽ هو تيستائين اِهي خواب لهندو رهيو، پر جڏهن نيڻون بقاليءَ ڪَنچن جي ڀريل دٻي جا ٽي رپيا چيس تہ هو وڏي ويچار ۾ پئجي ويو. هونئن تہ ڪو خيال هئس تہ ڪَنچا سندس سڀ دک درد دور ڪندا، هوڪي طعام، ڪي دم پخت کائيندو ۽ ويل جاءِ ورائيندو، پر هاڻ هو ساڻو بک کان بيحال ڀِت کي ٽيڪ ڏيو پيو هو. هو آهستي آهستي چُريو، ٻه- چار وکون کڻي هو بيھي رهيو. سندس سامھون اُهو در هو، جنھن مان ايندي ويندي هُن ٻارهن سال لڳايا هئا. در تي اُهائي پراڻي ٽپڙي ڏنل هئي، جنھن کي ورائيندي بہ ورھيہ لڳا هئا. هُن اُنھي ٽپڙيءَ کي هٿ لاٿو ۽ ڪا گهڙي بيٺو رهيو، ۽ پوءِ اُن کي ورائي اندر ليئو پاتائين. اندر ڪير بہ نہ هو، هو سِرندو وڏي اڱڻ ۾ آيو، چوڌاري گارو ڦھليل هو.
هن کي گاري جي خوشبو ائين لڳي ڄڻ اُٺي کان پوءِ جو سڳنڌ. هو وڏا ساھہ کڻڻ لڳو ۽ جاءِ ۾ ڦيريون پائڻ لڳو. هن کي خبر هئي تہ جاءِ جي مرمت هلي پئي ۽ رازا مزور مانيءَ تي لٿا آهن، تنھنڪري هو آرام سان ورانڊي جي ٺُل کي ٽيڪ ڏئي ويھي رهيو. هو ٻالپڻ جي زماني کي ياد ڪرڻ لڳو، هن کي ٿڌيون ڪوسيون ياد آيون، ڏکين ڏينھن جو ڏيل بہ سامھون هيس تہ اُهي سکيا ڏينھن بہ ياد آيا، جڏهن گهر ۾ تاهري پچندي هئي ۽ هو اِنھيءَ ٺُل کي ٽيڪ ڏئي کائيندو رهيو ۽ پوءِ اڱڻ ۾ ڪَنچن سان کيڏندو هو. هُنَ اڱڻ ڏانھن نگاھہ ڪئي ۽ ٽپ ڏئي اُنھيءَ هنڌ پھتو جت سندس پراڻي گِدِ نڪتل هئي. هُن هڪ ڪَنچو اُن لَٽيل گِدِ تي رکيو ۽ پير جي کُڙيءَ سان ڪَنچي کي دٻايائين ۽ پوءِ ڦيري پائي وڌيڪ زور ڏنائين. ڪَنچو ڪافي اندر هليو ويو هو. هُن ويھي ڪَنچو گِد مان ڪڍيو، آڱر سان گِدِ صاف ڪيائين ۽ نئڙي گِد کي ڦوڪون ڏيڻ لڳو. هُنَ کي اُن صاف گِدِ تي پيار اچڻ لڳو ۽ هُن وڌيڪ نئڙي گِد کي چميو. هن کي هڪ دفعو وري ڪوري مِٽيءَ جي خوشبو آَئي۽ ڪا گهڙي اُها خوشبو سُنگهندو رهيو. پوءِ اُٿي ڪَنچن کي چميائين ۽ راند کي لڳي ويو. ’هڪ ڌڪ، ٻہ ڌڪ، چار ڌڪ‘. هو نشانو چِٽيندو ڪنچن کي ڪٽيندو رهيو. کيس خبر بہ نہ رهي تہ ڪير اچي مٿان بيٺو آهي. وات جي چاٻي تي ڪنڌ کنيائين، ڏٺائين تہ اوستو رسول بخش هڪ هٿ ۾ ڪوهر، ٻئي هٿ ۾ تيشي، وات هليس پيو، پر سندس نگاھہ گلوءَ ۾ هئي. اوستي ڪوهرن واري بَند مُٺ سان گلوءَ جي مٿي تي هٿ ڦيريو ۽ پڇيائينس ”هاڻي پڻھين ڪيئن آهي گلو!“
”ڪجهہ ٺيڪ آهي.“ گلو بي ڏيانيءَ ۾ جواب ڏنس، جو سندس نظر اُنھيءَ چَڻن واري بَند مُٺ تي هئي. اوچتو چاٻا ڏيندو وڃي ورانڊي ۾ بيٺو ۽ گلو سندس چاٻن ۽ بَند مُٺ کي تڪيندو رهجي ويو. کيس هاڻ وري بک تپايو هو. هو آهستي سِريو، ٽپڙي کڻي گهٽيءَ ۾ اچي بيٺو.
سامھون ڪُنڊ تي مولو ڪُهرن واري کي ڏٺائين، جو ڪُهرن جو ٿالھہ هنج ۾ رکيو ويٺو هو. گلوءَ کي ڏٺائين تہ کيس هوڪو ياد آيو:
”هل، تازا ڪوهر، گرما گرم-“
۽ پوءِ اڌ ۾ ماٺ اچي ويس، ائين ڄڻ چاٻي کپي ويئي هجيس. گلو خشڪ چپن تي زبان ڦيرائي، رڙهندو مولوءَ جي ڀر ۾ آيو:
”مولو يار! ڏاڍي بُک لڳي آ.“
”تہ پوءِ مان ڇا ڪيان؟ تازا ڪوهر، گرما گرم ڪوهر!“ مولو هوڪي کي وڄايو. ”يار پاڙي جا آهيون، ڪجهہ تہ قياس ڪر.“
”اڙي اڳيئي رپئي جي اوڌر اٿئي، اڃا بہ اوڌر! مون وٽ اوڌر ڪانھي. ڏوڪڙ ڪڍ ڏوڪڙ.“
گلو کيسي تي هٿ هنيو.
”ڏسين نٿو، جام ڏوڪڙ آهن.“
”مون کي خبر آهي، ڪَنچا اٿئي ڪَنجا. انھن سڀني جو ڪير ٽَڪو بہ نہ ڏيئي، ڪَچَ جي ڀلا ڪھڙي قيمت-- تازا ڪوهر، گرما گرم ڪوهر--!“ مولو هوڪي کي وڄائيندو اڳتي وڌي ويو. گلو بہ ڪَنچن کي کڙڪائيندي اڳتي سُرڻ جي ڪئي، پر سندس نظر پَٽَ تي پئي، جتي مولو ويٺو هو. اُتي ڪي ڪَڻا ڪوهرن جا ڪِريل هئا. هو نِئڙيو، ڪي داڻا چونڊيائين. ٻہ داڻا وات ۾ آندائين تہ سڄو وات وات مِٽي ٿي ويس. هُن يڪدم اُهي داڻا واپس اُڇلايا ۽ انھن سان گڏ سندس هٿ مان ڪنچا نڪري هيٺ ڊوڙڻ لڳا. پر هُن ڏٺو تہ سندس اُڇلايل چَڻا پري هئا ۽ ڪنچا اورتي. هوڪي گهڙيون ڪنچن ۽ ڪوهرن کي گهوريندو رهيو. سندس آڏو ڳاڙها، نيرا ۽ پِيلا ڪنچا ڦِرڻي وانگر ڦِرڻ لڳا ۽ هر ڪَنچي سان گڏ ڪوهر بہ ڊوڙڻ لڳا. هُن ڏٺو تہ سندس ڪنچا ڍرا ٿيندا ويا، ۽ ڪوهر تڪڙو تڪڙو ڊوڙڻ لڳا. پوءِ هُن بہ ڊوڙ پاتي، ڊوڙندو سھڪندو اچي پنھنجي مَناهين گهر پھتو. هو اندر ڪا گهڙي جهلائو ڪاٺيءَ کي ٽيڪ ڏيئي بيھي رهيو. ڪجهہ سامت ۾ آيو تہ زبان ٺوٺ ڀانيائين؛ وڌي اچي مَٽَ وٽ بيٺو. چِٻو جِستي گلاس کڻي مَٽ ۾ وڌائين، پاڻيءَ سندس هٿ ٺاري وڌو، ۽ کيس ائين لڳو ڄڻ تہ سندس رڳ رڳ ٺَري پئي آهي. هُن تڪڙو تڪڙو هڪ گلاس ڀري ڏوڪيو، ٻيو گلاس چپن تي آندو تہ ماڻس رڙ ڪيس: ”اڙي گلو، خالي پيٽ پاڻي نہ پي ڇورا! بس ڪر گلو، بس ڪر!“ پڻس سُتڙ ئي کنگهيو ۽ پوءِ کليو، ”خالي پيٽ پاڻي نہ پئي تہ ٻيو ڇا ڪري. ڪھڙي گهر ۾ پَڪِي پَئِي آهي.“
ماڻس ماٺ ميٺ ۾ ديڳڙيءَ مان لپ ڪوهرن جي ڪڍي، ۽ گلوءَ کي ڇِڪي ٻانھن کان وٺي منجيءَ تي ويھاريو ۽ چيائينس: ”اچي. هنيانءُ جهل ڪر.“
گلو ڪوهرن ڏانھن نھاريو بہ ڪونہ ۽ هو ڇَپر ۾ لڳل ڏانگاڻي ڏانھن تڪيندو رهيو، پوءِ ٽپ ڏئي اُٿيو ۽ ڪنچن جو دٻو لاهڻ لڳو.
”اڙي تون کاءُ تہ سهين، وري بہ اِهي بِلور. اِنھن بِلورن تہ تُنھنجي ٻيڙي ٻوڙي آهي. نہ پڙهڻ جي نہ ڪڙهڻ جي، رڳو ڇورا ڪنچا! ماٺ ڪري ويھہ نہ تہ هڻنديسانءِ موچڙو.“
گلو ماٺ ڪري ويھي رهيو ۽ پوءِ ڪوهر تريءَ تي رکي چيائين ”امان! ڪَنچا رڌي ڏيندينءَ“
”اڙي گلو، بلور بہ رڌبا آهن؟“ ماڻس وراڻيو.
پڻس وري کنگهيو ۽ کليو: ”ها، گلو، بلور بہ رڌبا آهن. ماڻس: تون بلور لاهي رڌي ڏينس.“
ماڻس، ٻنھي کي گهورڻ لڳي ”اڙي بُکَ ڇِتو ڪيو اٿوَ يا چَريا ٿيا آهيو؟“
گلو کيسي مان لپ بلورن جي ڪڍي فرش تي اُڇلي ۽ پوءِ مُٺ ڀري ڪوهر بہ کڻي اُڇليائين: ”امان! ڏس ٻئي چمڪن ٿا نہ ۽ گڏ ڊوڙن ٿا نہ، مون ٻنھي کي ڊوڙندي اَڳ پڄائيندي ڏٺو آهي، اَمان! پر ڪوهر، ڪنچن کي اَڳ ڏئي ويا-- اَڳ ڏئي ويا.“
ائين چوندي هو ٽپ دئي اُٿيو، هڪ ٽنگ پڻس جي کٽ تي رکي سَٽ ڏئي ڏانگاڻي تان ڪنچن جو دٻو لاٿائين ۽ ٻئي پير سان واپس ڌرتيءَ تي آيو. پوءِ هڪ ڇلانگ سان مَناهين ٽپي ٻاهر نڪري ويو. ماڻس ڄڻ تہ ڇرڪ ڀريو. ”اڙي گلو-- اڙي گلڻ بيھہ تہ سهين، ڪاڏي ٿو وڃين، بيھہ تہ سهين--.“
پڻس وري کنگهيو ۽ کليو، پوءِ کنگهدو رهيو، ايستائين جيستائين گلو ٻہ پُڙا کڻي نہ موٽيو.
ماڻس جيئن ئي ڏانھنس وڌي، هُن يڪدم جِست جي ڀڳل ٿالھہ ۾ وڏو پُڙو کڻي پلٽيو ۽ ڃڻ ڃڻ ڪندا ڪچا چڻا ڦيريون پائڻ لڳا.
”امان ڏس منھنجا ڪنچا، تنھنجا بلور، ڪيئن نہ پيا ڊوڙن، ڏس آهن نہ کڙڪندڙ ڪنچا. ڪارا، پيلا ڪنچا--.“
ماڻس جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. ”تو ڪنچا ڇو وڪيا گلڻ، تو ڪنچا ڇو وڪيا؟“ گلو ڳالھائيندو هليو ”امان، هنن ۾ ساوا ۽ صاف اڇا ڪنچا بہ اٿئي.“
”گلڻ، ڪنچا وڪڻي ڀلا وري چڻا ڇو آندا اٿئي. جي توکي چڻا نٿي وڻيا تہ پنھنجي لاءِ ڪجهہ ٻيو وٺي اچين ها مِٺا!“ ماڻس روئندي سندس مٿي تي هٿ ڦيريو، کيس مٿس بي اختيار پيار آيو هو.
گلو هاڻي ڪم ۾ رُڌل هو. هُنَ ديڳڙي کي ٿالھي ۾ خالي ڪيو، پوءِ چڻا منجهس وجهي چُلھہ تي رکيائين ۽ منجهس چٻِي جِستي گلاس سان پاڻي پيٽيندو ويو. سندس هٿ ڪم ڪندا هليا؛ باھہ پاڻ ٻاريئين، بصر وڍيائين، ليمي جون ڦاڪونِ ڪيائين، لوڻ مرچ گڏي مصالحو ٺاهيائين، ۽ جِستي ٿالھہ ڌوئي سامھون رکيائين ۽ پوءِ وري ڳالھائڻ کي جنبي ويو.
”امان، چاچو نورل ٿو چوي تہ مان جواري آهيان، لوفر آهيان ۽ هو ڏانھن مولو ڪوهرن وارو خبر اٿئي ڇا پيو چوي. چي، ’ڪچ جي ڀلا ڪھڙي قيمت؛ اَمان! مون کي بُک بہ ڏاڍي لڳي ٿي، اَمان جاءِ بہ تہ مون کي ورائڻي آهي ۽ ڏٺو اٿئي بابو هاڻي ڪيڏو نہ کنگهي ٿو-- ڏس اَمان؛ تنھنجا ڪپڙا بہ ڦاٽي ويا آهن، پيرن ۾ جُتي بہ ڪانھي-- اَمان هيءُ ڪُهر بہ ڪنچا اٿئي، ڏس تہ ڪيئن نہ قيمت ٿا ڪن، هن ڪَچ جي وڏي قيمت آهي. اَمان، ڏس تہ ڪيئن نہ قيمت ٿا ڪن، ڏسجانءِ اَمان--.“
گلو وڦلندو هليو، سندس ڳالھائڻ ايستائين هلندو رهيو، جيستائين هن ٿالھہ مٿي تي رکيو ۽ مَنھہ کان ٻاهر نڪري دانھن ڪيائين ”تازا ڪوهر، هيءُ بلوري ڪوهر-- هيءُ ڪَنچا اٿئي سھڻا-- هيءُ رنگ برنگي ڪوهر-- هلُ ڪَنچا ڪوهر دلبر-- هيءُ ڪَنچا ڪوهر--!“
سندس آواز آهستي آهستي پري ٿيندو ويو ۽ سندس پيءُ هاڻي نہ کنگهيو، نہ کليو، اُٿي زال جي ڀر ۾ بيھي سندس ڳلن تان وهندڙ ڳوڙهن کي اُگهڻ لڳو.

(مھراڻ)

ويريون

[نوٽ: پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، هجري 1401 ۾ قومي ۽ صوبائي زبانن ۾ ڇپيل بھترين ادبي ڪتابن تي انعام ڏنا آهن. سنڌي ڪتابن لاءِ منظور ڪيل ”شاھہ عبداللطيف ڀٽائي انعام“ ممتاز سنڌي افسانہ نگار حميد سنڌيءَ کي ”ويريون“ نالي سندس افسانن جي مجموعي تي مليو آهي. هت انھيءَ ڪتاب جي مکيہ ڪھاڻي ”ويريون“، مھراڻ جي پڙهندرن لاءِ پيش ڪجي ٿي[.
ــ]ادارو[


نورپور ڪنھن وقت ۾ تہ ڳوٺڙو هو، پر جيئن جيئن رئيسن جي رئيسي اوج تي پھچندي ويئي، نورپور بہ اوج تي پھچندي ويئي. چڱا سکر مڙس اچي وسيا، وڻج واپار تہ هونئن ئي رئيسن جي دم سان هو. سندن ٻنيون ٻارا ايترا تہ جهجها هئا جو شھر جي چڱي ڀلي ڀلاوڻي نيڻومل جي وس جي ڳالھہ نہ هئي، جو سمورو مال سودي وڃي. نيٺ رئيسن جي ڪڙم مان جوان نڪتا جن پاڻ سيٺڪي ڪئي ۽ سيٺين وانگر تر ۾ پنھنجو مال سودڻ لڳا. ماڻھو ساکائتا هئا، سندن وک وک مان ڏاهپ پئي بکي. ترت ئي چڱا وڏا سيٺيون بنجي ويا. سندن وڻج واپار بمبئي جي ڪوٺين تائين وڃي لڳو، پر سندن خانداني لقب رئيس نہ هيٺ ٿيو نہ مٿي ٿيو. رئيسپائي مان نڪري سيٺپائي تي پھتا هئا، پر تہ بہ نہ سندن ڪڙم جا نالو مٽيو نہ وري سندن ڪي رک رکاءُ ۽ اٿي ويٺي ۾ فرق آيو. چڱو کائيندا چڱو پھريندا هئا، سندن ڪُڙم جو واڌارو ڏسي سندس وڏي رئيس گل محمد هڪ چڱي چوکي حويلي ٺھرائي. ڀرسان اوطاقون ۽ مال جون جايون ٺھرايون. سندس نگاھہ ڊگهي هئي، سندس هٿ وڏا هئا، ڀر ۾ چڱا پَٽ وٺي ڇڏيائين. رئيس گل محمد ڏاڍي تجربي وارو ۽ هوشيار ماڻھو هو. ساڻس عمر وفا ڪانہ ڪئي ۽ سيگهہ وڃي بَرُ وسايائين. سندن پونيَر چڱا سمجهو هئا پر جيئن نہ ڪو رئيس گل محمد ڀاڳ جي علامت هجي، سندس موڪلائڻ سان رئيسن جي راڄ جي بہ پڄاڻي ٿي. رئيس گل محمد جي نہ رڳو واپار تي پر زمينداري ۽ راڄ تي بہ نظر هئي. سندس پونيَرن جي وري نظر واپار تي وڌيل هئي. سڀڪجه وڪڻي بہ داءُ واپار تي لڳايائون. ڪرڻي منھنجي مالڪ جي اهڙيءَ ٿي جو ٻي وڏيءَ جنگ ۾ ڪروڙپتين ڪر ئي نہ کنيو ۽ وڃي پٽ پيا، اُتي هيءُ لکن ۾ مس هئا، سندن واپار ۾ هڙ جهڳوئي ناس ٿي ويو. اوسي پاسي جيڪي زمينون ۽ پٽ هئن سي وڪڻي وڃي جان ڇڏايائون. پر هو جو چوندا آهن تہ نڪي نڪ کي مر لائبي نڪي ابي جي پَر وڃائبي. ڪھڙي بہ حال ۾ هئا پر پنھنجي پَرِ نہ وڃايائون. اٿي ويٺي مهمان ٽاڻي کي کارائڻ پيئارڻ، اُهيئي اوطاقن جا ميڙا قائم رهيا.
پر آخر ڪيستائين. آهستي آهستي آڪهيون وڌيون، ڪن وڃي ٻاهر نوڪريون ڪيون، ڪن اُتيئي ڌنڌي کي ورتو، پر اها اوج وري نصيب نہ ٿين. هونئن بہ نيٺ ڪمال کي زوال آ. نورپور جي اوج بہ ڪا رئيسن جي دم سان هئي. آهستي آهستي، اهي ئي ڀٽون ڀاڻا، اُهي ئي ڇن ۽ وٿاڻ. جهڙيءَ طرح وقت سان گڏ ماڻھن جي طبيعتن ۾ بہ هيٺ مٿاهيون اچيو وڃن، اهڙيءَ طرح رئيسن جي حالت ۽ گهرن جون رونقون لٽجي خزان جي صورت اختيار ڪري ويون. اڄ بہ نورپور جي شھر ۾ گهڙبو تہ منھن ۾ وڏي بازار پوندي جا نالي ماتر وڏي بازار وڃي رهي آهي، جنھن ۾ سواءِ چند دڪانن جي ڪي بہ ڪينھي. اُهي ئي دڪان لتاڙي صابوگرن واري گهٽي ۾ پئبو ۽ جيئن وڏي مسيت کان هيٺين ميدان ۾ لهبو تہ چڱي مٿانھين تي هڪ ڪوٽ نظر ايندو، جنھن جا ڪنگرا جهور، سندس وڏين ڊگهين ڀتين ۾ جهيرون، سندس پاڙون کٿل ۽ کاڌل. اها آهي رئيس گل محمد جي ٺھرايل حويلي، جا اڄ بہ رئيسن جي حويليءَ جي نانءُ سان مشھور آهي.
جيئن ئي حويليءَ ڏانھن وڃبو تہ هڪ چڱي چاڙهي چڙهي حويليءَ جي لنگهہ وٽ پھچبو. چاڙهيءَ جي هيٺان رئيسن جي پونيَرن جون مَنھين واريون اوطاقون نظر چڙهنديون. انھن اوطاقن جي اوج اجڙيل آهي. سندس پونيَرن مان ڪنھن بہ اهڙي اوج ڪانہ ڪئي. جي ڪن ڪئي بہ آهي تہ اهي ٻين شھرن ۾ نوڪرين يا ڌنڌي سانگي آهن.
حويليءَ کي هڪ تمام وڏو در ۽ هڪ ڏيڍي آهي جا اندر وڃي هڪ وڏي ميدان ۾ پوي ٿي. لنگهہ شايد ان ڪري مختلف نہ آهن جو سڀني جا پاسا ورهايل ۽ طرف کنيل آهن.
ڪنھن وقت ۾ تہ طرفن ۽ پاسن کي ڪنھن کنگهيو بہ نہ ٿي جو وڏڙن جو قرب ڀريو ساھہ بہ هڪ ئي نڪئون کڄندو هو. گهرن ۾ نہ ويڇا نہ ويريون، نہ دوريون نہ جدايون، بس پنھنجائي وارو ڪارخانو هو. رئيس گل محمد ڪي ناتا اهڙا اُڻيا هئا جو ڪي ورھيہ تہ ڪارخانو ائين پئي هليو. گڏ جا گهر، وڌ ۾ وڌ ڏاڏن جي نالي تي ڪمرا وراهيل، پر نہ ڪو ڪي ڌار ڀتيون نہ ڪي ويريون.
گڏ جو کائڻ، گڏ جو اٿڻ ويھڻ، لنگهہ هڪڙو، ڪھڙي ڀاءُ کي ڪھڙي ڀاءُ کان جدا ڪري ڳڻائجي. بس سڏجي تہ بابا رئيس گل محمد جو ڪڙم. رنگيءَ جا رنگ آهن، ڪڙم جو تہ وڃي هن دؤر ۾ هن رنگ ۾ نانءُ رهيو آهي. هاڻي هر هنڌ ڪڙم جي نانءُ کان اڳ هر ڪنھن جي پنھنجي حيثيت، ڳڻپ ڌارئون ڌار آهي. اڳ رئيس گل محمد جي آڪهه، پوءِ ٿي رئيسن جي آڪھ. پوءِ ڇا، جي هي محمد ابراهيم جو ويڙهو، هي نظير احمد جو ويڙهو، هي ولي محمد جو ويڙهو، هي شمس الدين جو ويڙهو. هيءُ سڀ هئا رئيس گل محمد جا ڀائر. اڃان بہ اڳتي هلو تہ شمن جو گهر، رسول بخش جو گهر، مٺڻ جو گهر، مولا بخش جو گهر، ۽ اڄ بس گهر ۾ گهر. ڪنھن جو نانءُ وٺجي. اندر ويريون پئجي ويون، حويلي ڀاڱا ٿي ويئي، هيٺ اوطاقون ٽڪرا ٿي ويون. آڪھہ وڌندي ويئي، ڪٽنب ڇڄندا ويا. حويليءَ ۾ ٽڪرن ۽ ڀاڱن جو تعداد وڌي ويو پر جي نہ ڇڄي ها تہ ڏيڍي نہ ڇڄي، جتان حويليءَ ۾ اندر داخل ٿيو هو ۽ اها پنھنجي ننڍڙي پر ڊگهي ڇٽ سان قائم دائم لنگهندڙن کي گس ڏيندي رهي. ڏيڍيءَ کي پنھنجا ٻہ در هئا، هڪ منھن ۾، هڪ آخر ۾. ڪير جي ٻن درن کي بند ڪري تہ ڄڻ تہ صفحو ٿي ٿي پيو. رئيس گل محمد جي آڪھہ جو چڱو مڙس محمد ابراهيم پراڻي کَهي جو ماڻھو، پراڻن قدرن ۾ ايمان، پر ليکي چوکي ۾ ڏاڍو سخت ۽ ڏکئي طبيعت جو ماڻھو هو. سندس شمس الدين وارن سان اصل ڪانہ پوندي هئي، جو رئيسن جي ڏاڏنگ ۾ ڪونہ هو. هونءَ بہ ناناڻي پَرِ زالون ۽ ٻار پاڙيندا آهن، باقي مڙداڻي پَر اها آهي جو هميشہ ڏاڏنگ پيا ساراهيندا. شمس الدين جو گهر ڏيڍيءَ سان گڏ هو. شمس الدين پورهيت ماڻھو هو، پر سندس نينگر پڙهي پيا. ان مان ڪو مليريا جو صاحب هو تہ ڪو فيملي پلاننگ ۾ هو. نوڪرين سانگي ٻاهر. گهر ۾ پيرسن شمس الدين ڏيڍيءَ جي ڀت کي ٽيڪ ڏيو، آرسين لوپن ۽ جاسوس بليڪ جا جاسوسي چڪر وارا ناول پڙهي وقت گذاريندو هو. سندس گهر جو خرچ نينگر کنيو ويٺا هئا، هن رازڪو ڪم گهڻا ڏينھن ڇڏي ڏنو هو.
هڪ ڏينھن، جيئن هو اکين تي عينڪ چاڙهيو ڪتاب کنيو ويٺو هو ۽ ڏسي رهيو هو تہ ڪيئن جاسوس بليڪ، سمٿ کي دڙڪا پيو ڏي، ايميلي ڪارٽر کي سمجهاڻي پيو ڏي، سندس هٿ ڀت جي هڪ دز تي پيو. هن جو هٿ بي اختيار هٿوراڙيون ڏيندو رهيو ۽ هڪ هوشيار رازي وانگر ڀت کي توريندو رهيو ۽ ائين هن ڪتاب رکي ڇڏيو. هن کٽ ريڙهي پري هٽائي ڇڏي، هٿ لائي ڏٺو تہ ڀت چڱي کاڌ ڪري ويئي ۽ ڪافي هنڌن کان ڏري ڇڄي بہ پئي آهي. پراڻو ڪاريگر هو، قصي کي سمجهي ويو. صبح جو اٿڻ سان هڪڙو رازو جو سندس يار بہ هو، ٻہ مزور وٺي اچي ڏيڍيءَ ۾ بيٺو. ڏيڍي ۽ سندس ڪمري جي ڀت مڙيوئي هڪڙي ڀت، سو خيال پچائڻ لڳو تہ اهڙو ڪم ٿئي جو ڀت جي مرمت ٿئي نہ تہ سڄي ڏيڍي ڇت سوڌي هيٺ لاهڻي ٿي پئي. شمس الدين ۽ سندس يار رازي گلڻ جا هٿ ڀت کي توري رهيا هئا تہ ائين محمد ابراهيم اچي لانگهائو ٿيو. پراڻي ٿلهن شيشن وارين عينڪ مان نظر ڪرڙي ڪري شمس الدين کي ڏٺائين ۽ لڪڻ کي زمين تي ٽيڪي چيائين: ”اڙي ماما! ڇا کي لڳو آهين، ڀت ٿو ڊاهين ڇا!“ اڃان شمس الدين وراڻي ئي ورائي تہ مٿان ڦهڪايائينس، ”ڏسجانءِ ماما ڀاڙين مٿان ڀت ڪانون ڪيرائي وڌي، ڪاٿي گلڻ پارا مٿان نہ ڀت ڪيرائينئي.“ شمس الدين کي خبر هئي تہ محمد ابراهيم ڏکي طبيعت جو ماڻھو آهي، تنھنڪري سور پي چيائينس، ”ڀائو، ڏيڍيءَ جي ڀت ڪمزور ٿي پئي آهي، جي ڪري پئي تہ نہ رڳو ڏيڍي ويندي پر مون واري ڪوٺي کي بہ کنيو ويندي. تنھنڪري گلڻ کي وٺي آيو آهيان تہ ڪا صلاح بيھاريون تہ ڪيئن ڏيڍيءَ کي بچائجي.“ ۽ ائين محمد ابراهيم عينڪ لاهي هٿ ۾ ڪئي، تکي رڙ ڪري چيائينس ”اڙي متان ڀت کي هٿ لاتو اٿئي، هي سڄي ڏيڍيءَ وچ جي ملڪيت آهي شما! جي تو ڪابہ حرڪت ڪئي آهي تہ سڀني کي سڏائي انھيءَ ڀت ۾ لنبائي ڇڏيندوسانءِ، سمجهيئہ!“
”پر بہ ڀائو، جي ڀت ڪري پئي تہ مان ڪاڏي ويندس. چڱو ڀلا ايترو حق اٿم تہ اندران پنھنجي ڀت کڻايان، پوءِ ڀلي هيءُ ڪريَو تہ ڪريَو توهان جي مرضي.“
محمد ابراهيم جي ڪنن جون پاڙون ڳاڙهيون ٿي ويون. لڪڻ کي ڀت تي هڻندي چيائين، ”شما، مان سڀ سمجهان ٿو، انھيءَ بھاني تون هيءَ ڀت ڪيرائڻ ٿو چاهين تہ جيئن مان ڏيڍيءَ تي قبضو ڪيان. تون نہ نئين ڀت ٺھرائي سگهين نہ هن کي هٿ لائيندين. نہ ته-- بس سمجهين ٿو.“
محمد ابراهيم لڪڻ سان گڏ ڏند کڙڪائيندو هليو ويو. شمس الدين حويليءَ جي ٻاهران گلڻ ۽ مزورن سان گڏ ويھي رهيو. سندس نظرون پاتال ڏي کتل هيون، سندس نرڙ تي پگهر هو. هو سوچڻ لڳو تہ هن کي ڪيڏو نہ گهٽ ۽ ذليل سمجهيو پيو وڃي. هن انھيءَ ذلت کي انھيءَ نموني گهٽايو هو، جو نياڻيون ويھاري ڇڏيائين، پر رئيسن ۾ نہ ڏنيون هئائين. رئيسن جي آڪھ ۾ پنھنجي پيءُ جو اوج تڏهن ڏٺو هئائين جڏهن رئيس گل محمد حيات هو.
پر جيئن هو الله ڏي هليو تہ سندس ساڻ اها ڪار ڪيائون جو پھريائين حويلي اندر اڱڻ ۾ ويري وجهائڻ وارو سندس پيءُ هو. لنگهہ بہ ايڏو ڏيڍيءَ جي ويجهو رکيو هئائين، جو شمس الدين يا ٻيا گهڻو حويلي ڏانھن ويندا نہ هئا.
شمس الدين کي خبر هئي تہ حويليءَ ۾ اڄ ڪنھن بہ گهر ۾ قرب جو نانءُ نشان ڪونھي. سڀ انھن ويرين جا قيدي هئا، جيڪي هنن پنھنجي اَنا جي تسڪين ۽ ڪوڙي ڀرم خاطر ٺھرايون هيون. انھن ويرين جا بنياد بہ اونھا ڪرايا هئائون، جيئن ڪو بہ نسل انھن کي ڊهرائي نہ سگهي. هونءَ قرب ۽ پيار جا بنياد بہ اونھا ئي هوندا آهن، پر جي نفرتن ۽ جداين جا بنياد کڻائبا تہ وڌيڪ اونھا کڻائبا، ڇاڪاڻ تہ پھرين محبت ۽ پيار جي بنياد کي لَٽرائي نفرت جي ويري اونھي گهري کڻائبي آهي، صرف انھيءَ لاءِ تہ ڪٿي قرب ۽ پيار جي لَٽيل ديوار جا بنياد هن نفرتن جي بنيادن کي لوڏي نہ وجهن. شمس الدين سوچيندو ويو، هو نيٺ ڏيڍي ٽپي اندر حولييءَ ۾ آيو، اڱڻ ۾ کنيل ننڍيون پر اونھيون ويريون کيس نفرتن جي جداين جون ويريون نظر آيون. هو سوچڻ لڳو تہ آخر انھن نفرتن کيس ڏنو ڇا آهي. هو هڪ هڪ ويري ويجهو وڃي اندر نھارڻ لڳو. گهر گهر انھيءَ ڪوٽ جي ديوار اندر نڪتل ديوار اندر ديوار هيٺان ڪيئن نہ ڏکي زندگي گذاري رهيو هو. شمس الدين کي ائين لڳو تہ هيءُ سڀ ڪوڙو ڀرم رکڻ لاءِ جيون گهارين پيا. هو ويرين جي ڊگهي سلسلي ڏانھن هلندو ويو. سندس وکون هڪ هنڌ بيھي رهيون. سندس مائٽن مان ڪا مائي کنگهي رهي هئي. هن ڪنڌ مٿي ڪري ويري مٿان هيٺ اندر نھاريو. هن کي ڄاڻ هئي تہ هوءَ ٽي- بي جي مريض هئي. پاسي ۾ سندس پوٽو مَلي ۾ ورتو پيو هو. هو وڌيڪ سوچي نہ سگهيو ۽ پٺتي موٽيو. هاڻ سامھون سندس گهر هو. هو ويري جي لنگهہ وٽ وڃي بيٺو. هن پنھنجي گهر اندر ڏٺو. اَڻپوري روشني، گهر ۾ گهر، حويلي ۾ ايڏي سوڙهه، هن جو هنياءُ منجهڻ لڳو. هنن ڀتين بہ تہ جاءِ والاري آهي. هو سوچڻ لڳو، هنن ويرين سوڙھ ڇو ڪئي آهي؟ هو اندر پھچندڙ جهڪي روشني ۾، پنھنجي وچين پٽ کي گيسيون پائيندو ڏسي سگهيو ٿي، جنھن جون ٽنگون پوليي سبب ختم ٿي چڪيون هيون. سندس ٻہ نياڻيون جن جا مٿا بہ اڇا ٿيڻ لڳا هئا، هاڻي ڇڙيل ڇتن سان دوران ۾ مبتلا هيون. هن حويليءَ جون ديوارون ايڏيون تہ ڊگهيون هيون جو ڌاريا سَنڱ بہ اندر اچي نہ ٿي سگهيا. حويلي اندر هيءُ ويريون ايڏيون تہ گهڻيون ۽ مضبوط هيون، جو پنھنجا سَنڱ هڪ ٻئي جي ويرين کي ڊاهي نہ ٿي سگهيا. هن ڄاتو ٿي تہ اهي ڪچين يا پڪين ڀتين واريون ڀتيون روڪ نہ هيون، پر اهي دلين جون ويريون هيون، جن هڪ ٻئي کي ڌار رکيو هو. هن کي اها بہ خبر هئي تہ رئيسن جي کانئس انھيءَ ڪري نفرت هئي جو هو ناننگ ۾ هئن، پر جيڪي هڪ ٻئي جي ڏاڏنگ ۾ هئا، انھن ۾ وري ڪھڙي محبت هئي. هو ائين سوچ جي انبوھہ مان سٽ ڏئي نڪتو، ۽ ٻاهر ڀڳو. کٽ کان گلو رازي جي تيشي کنيائين. ڊوڙندو اندر ويو، گلو گهڻو ئي ڏيڍيءَ تائين ڀڳس، پر هو کيس وٺي نہ سگهيو، ۽ ڪجه سوچي هيٺ اوطاق ڏانھن ڀڳو. شمس الدين ڏيڍي لتاڙي سڌو اچي پنھنجي گهر واري ويريءَ وٽ بيٺو، سندس هٿ زور سان ڪم ڪرڻ لڳا. سندس ڀت پراڻي ۽ ڪچي هئي. چئن پنجن ڌڪن سان هن ڀت جا ٻرگهل لاهي وڌا. سندس هٿ تيز هلي رهيا هئا. هر هر پنھنجي منھن ڳالھائي بہ رهيو هو. ”هي ويريون اسان جون دشمن آهن. ابراهيم! هي تنھنجون بہ دشمن آهن. تو پنھنجي گهر ۾ تڪيو آهي. توکي تنھنجي زال ۽ نياڻين کي بہ هيءُ ويريون کائي ويون آهن. هيءُ ويريون دلين جون ويريون آهن. ابراهيم. هيءُ اڄ ڊهڻ کپن!“
ائين هن ڪنڌ مٿي کنيو. ابراهيم ۽ ٻيا مٽ مائٽ ڀرسان اچي بيٺا هئس، هو يڪدم وڌي محمد ابراهيم وٽ آيو.
”رئيس محمد ابراهيم! اچي هيءُ تيشي وٺ، اهي سڀ ويريون ٽوڙي ڇڏ. گهٽ ۾ گهٽ پاڻ واري ويري تہ ڊاھہ. اڙي سڀ گهٽجي مري ويندؤ. اڙي ٻوساٽجي ويندو اڙي دَٻجي مري ويندو. اڙي ويريون ڊاهيو تہ دليون صاف ٿين. دليون ڌوپنوَ. اڙي ڇو ٿا هڪ ٻئي کي گهٽي ٻوساٽي ماريو، اڙي!“
هو زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو. محمد ابراهيم سڄو ڏڪڻ لڳو هو. هو هيڊو ٿي ويو هو. وڌيڪ ٻڌڻ جو روادار نہ هو. هن ڀَرُ ڪري شمس الدين کي چماٽ وهائي ڪڍي ۽ پاڻ ٿڙڪندو جهڪي ويھي رهيو ۽ شمس الدين رئندو، ڊوڙندو پنھنجي ڪوٺي ڏانھن هليو ويو، جنھن جو در هن هڪدم بند ڪري ڇڏيو. اها رات حويليءَ جي اداس ۽ تاريڪ رات هئي. انھيءَ رات ڏيڍي جي ڀت ڪري پئي ۽ شمس الدين انھيءَ ڀت ۽ پنھنجي ڪوٺيءَ جي ڇت هيٺان دٻجي ويو. جڏهن شمس الدين کي مٽيءَ جي ڍير مان ڪڍيو ويو، تہ تيشي سندس هٿ ۾ هئي. جڏهن هن کي مٽيءَ جي ڍير مان ڪڍي ٻيءَ مٽي جي ڍير ڏانھن نيو ٿي ويو تڏهن چوڻ وارن چيو تہ سڄي رات شمس الدين ڪوٺيءَ ۾ بند انھيءَ ڀت جو بنياد تيشيءَ سان کوٽيندو رهيو هو. هنجي لاءِ شايد اها ڏيڍيءَ جي ڀت حويليءَ جي ڀت هئي، جنھن کي ڪيرائڻ سان شايد سڄي حويليءَ جو بنياد ڊهي پئي ها، پر حويلي اڄ بہ قائم آهي. سندس ڪنگرا ۽ ڪوٽ جهور ٿي چڪا آهن، اندر ويريون ۽ دوريون اڃا قائم آهن. ڏيڍي هاڻي هڪ گهٽيءَ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. وچ جو مال آهي. ڪير ٺھرائي. شمس الدين جي ڪوٺي انھيءَ ئي ڀڳل حالت ۾ آهي، ۽ انھيءَ ڀڳل حصي ۾ شمس الدين جا ٻار ٻڪريون ٻڌندا آهن، باقي ايترو سو ضرور ٿيو آهي جو نورپور يا اوسي پاسي هاڻي حويليون ڪونہ ٺھنديون آهن، جي ٺھنديون بہ آهن تہ انھن ۾ ڏيڍيون ۽ ويريون نہ هونديون آهن.

پاڙي ناهي پروڙ

باھہ ڀنڀٽ، هٿ حليمان جو، اَنُ ٽڙڪاٽ ڪندو ڦُلن جو روپ اختيار ڪري اُڏرڻ لڳو. ڦُلا ڦولايا، حليمان جو هٿ هٽيو. پرڻ سان هن واري ڇاڻي ۽ ڇٻي ۾ وڌائين.
”ماسي! اهي ڦُلا منھنجا آهن.“ هڪ نينگر دانھن ڪئي.
”اهي منھنجا آهن ڪين.“
ماسي مُرڪي ٻنھي جا جهول ڀريا ۽ وري هڪ هٿ ۾ ڏنڊي کنيائين، جنھن جي هڪ مُنھن تي ڪپڙو ويڙهيل هو. ٻئي هٿ سان، ٻئي ڇٻي مان تئيءَ تي اَنُ لپ وڌائين. ڦُلا ڦولاريا رهيا ۽ حليمان ڇٻو ڀريندي، ڦلا ورهائيندي، ڪنھن کان ان لپ تہ ڪنھن کان روڪڙ وٺندي انھيءَ پورهئي ۾ پوري رهي. ماڻھن جو ميڙ گهٽيو، تہ تئہ بہ هٽيو. هوءَ سَٽ ڏيئي اُٿي، پسانگ سان ڪرڙ ڪانڊيرا ريڙهي لنبيل تئيءَ پويان ٺھيل چلھہ ۾ وڌا ۽ ڀنڀٽ وري ڀڙڪو کاڌو. ڄڀين ۾ نھاريندي هُن پريان نظر ڪئي تہ هڪ ٻار تي نظر پيس. اُهو ڦلن جي ڇٻي وٽ نئڙيو بيٺو هو. هن اتان ئي دانھن ڪئي:
”ڇورا! ڇٻي ۾ هٿ نہ وجهہ. مان اچان پئي.“
ڇوڪري ڇرڪ ڀري ڏانھس نھاريو ۽ ڦلن جي لپ ڀري ڀڄڻ جي ڪيائين. پر بت ۾ جوپ، وڏي هڏ ڪاٺ واري حليمان جي لوھہ ۽ ٻرانگهہ اهڙي هئي جو اچي ڳچيءَ کان ورتائينس.
”اڙي ڪاڏي ٿو ڀڄين. ڪنھن جو ڇورو آهي؟“ ماسيءَ بيٺلن ڏانھن تڪيو.
ٻن چئن ٻارڙن، ٻن چئن وڏڙن، ڪنڌ ڌوڻي سڃاڻپ کان انڪار ڪيو. سامھون ئي گلو پڪوڙائيءَ جو دڪان هو. ماسيءَ رڙ ڪري گلوءَ کان پڇيو:
”اڙي ادا گلو! آهي ڪو جو هن چور ڇوري کي سڃاڻي.“
”ماسي، خبر ناهي، چور آهي تہ ڏينس ڪاٺ ۾.“ گلوءَ اُتان ئي پڪوڙن کي تئي ۾ اُٿلاڻي ڏيندي وراڻيو.
ماسيءَ هن کي ٿيلھو ڏيئي، هيٺ جهڪائي وهاريو ۽ ڏانھس تڪيائين. ڇوڪرو هيسيل ضرور هو، پر ڊپ بنھہ نہ پئي لکايائين. انگ تي وڏو چولو هئس ۽ هيٺان ڪجهہ بہ نہ. ماسي جيئن سندس ٻانھن ڇڏي تہ هن يڪدم ڦلن ڀريل مٺ کڻي وات ۾ وڌي ۽ هو تڪڙو ڦلا چٻارڻ لڳو. ماسي وائڙن وانگر کيس تڪڻ لڳي. ماسيءَ کي الائجي ڇو مٿس قياس اچي ويو. کيس ائين لڳو تہ هو بکايل آهي. ماسيءَ يڪدم کيس اٿاريو ۽ ڦلن لپ ڀري سندس جهوليءَ ۾ وڌي.
”ڀڄي وڃ ڇورا، هيڏي نہ اچجانءِ. الائي ڪٿان جا ڇورا، مائٽ ڄڻي گهٽين ۾ کڻي اڇلايا آهن. هاڻي بُک آ، جو گهٽين ۾ پئي واڪا ڪري.“ هوءَ يڪدم پورهئي کي جنبي ويئي. هاڻي چڻن جو وارو هو، سو تئيءَ ۾ چڻا وجهي ٻہ اُٿلاڻيون ڏنائين ۽ پوءِ پاٽيءَ جي تري سان انھن کي ڏڏرڻ لڳي. گهڙيءَ ۾ چڻا ڀڳڙا بڻجي ماسيءَ جي ڇٻي ۾ آيا تہ خوشبوءِ چوڌاري واسو ڪري ويئي. جيئن هوءَ گراهڪن کي لپ لپ ڏيندي ڏوڪڙ وٺندي ويئي تہ اوچتو هڪ ننڍڙو هٿ سندس سامھون آيو. هن ڪنڌ کڻي مٿي نھاريو تہ سندس سامھون اُهوئي ننڍڙو نينگر بيٺو هو ۽ پوءِ هن چولو مٿي ڪري خالي جهولي ڏانھس ڦھلائي. هيڏي سيءُ ۾ سندس انگ اگهاڙو ۽ لٻل ميرو جسم ڏسي ماسيءَ کي وري قياس آيو ۽ چڻن جي لپ ڀري سندس جهوليءَ ۾ وڌائين، پر يڪدم دانھن بہ ڪيائين:
”اڙي هيترا بيٺا آهيو، ٻڌايو نٿا تہ هيءُ اوپرو نينگر ڪير آهي؟ هيءَ بک اڄ ڪٿان هن گهٽيءَ ۾ پئي رُلي.“
ڪنھن بہ ٻڙڪ نہ ٻوليو. سندس منھن تي تہ سڃاڻڻ وارا پار پتا پڌرا هيا. هوڏانھن نينگر تڪڙو تڪڙو ڀڳڙا چٻاڙيندو اتان هٽي ويو. ماسي ڪنڌ ڌوڻي وري پورهئي سان لڳي ويئي. اتي اوندهيڙي اچي ٿي ۽ ڪوبہ گراهڪ نہ بچيو. باھہ بہ اچي وسامڻ جي ڪئي هئي ۽ ماسيءَ ٽيڙ ميڙڻ شروع ڪيا. دستور موجب گلڻ پڪوڙائي ڏانھن منھن ڪري واڪو ڪيائين:
”ادا گلڻ! ٻي آني جا سنھا ۽ ٻي آني جون ڪچوريون. ڏسجانءَ، متان سڀ مال کپائي نہ ڇڏين ۽ منھنجا ٻڄا بک مارين.“
”ها ماسي، تنھنجي حصي جا پڪوڙا قابو آهن، فڪر نہ ڪر. مال مڻين آهي، رڳو دل وڏي ڪر. تنھنجا ٻچا، سي منھنجا ٻچا.“
ماسيءَ مليل ان جون ننڍڙيون هڙون ٻڌي ڇٻن ۾ رکيون. ڇٻي ۾ گڏ ٿيل روڪڙ مان چار آنا مُٺ ۾ جهليا ۽ ڇٻا مٿي تي رکيائين. هوءَ سڌي گُلوءَ جي دڪان تي آئي. گلوءَ کيس پڪوڙن جو پُڙو ڏيئي کانئس کلي پڇيو:
”ماسي، ڪير ڇورو هو، جو تنھنجي رڙ پئي پيئي؟“
”الائي ابا ڪير ڇوڪر هو، جھڙي بک. مون تہ هن پاڙي ۾ ڪڏهن نہ ڏٺو.
”هوندو ڪو غريب جو ٻار، ماسي بک بہ تہ ملڪ ۾ ڪاهي پيئي آهي.“
ماسي ڪنڌ ڌوڻي پڙو کنيو، پر يڪدم دانھن ڪيائين:
”هيءُ ڇا گُلو! پڪوڙا ٿورا پيا لڳن.“
گلوءَ ٿڌو ساھہ ڀريو: ”مھانگائي، ماسي، مھانگائي ڏس ماسي! ٻچن جو پيٽ توکي بہ پالڻو آهي تہ مون کي بہ. مان ڀلا ڇا ڪريان؟“
ماسي ماٺ ميٺ ۾ پرو کنيو ۽ ويچارن ئي ويچارن ۾ ڇٻا مٿي تي، پڙو هٿ ۾ لوڏيندي، گهٽيون لتاڙيندي، گهيڙ ٽپندي هلندي هلي. اوچتو کيس لڳو تہ ساڻس ڪير گڏ پيو هلي. هن يڪدم بريڪ هنيو ۽ اوندھہ ۾ پٺيان نھاريو. کيس ڪجهہ نظر نہ آيو. هوءَ هلڻ تي هئي تہ اوچتو سندس هٿ کي سٽ آئي ۽ هُن ڏٺو تہ ڪير کانئس پُڙو کسي وٺي ڀڳو. هن چٽيءَ طرح سڃاتو تہ اُهو ئي نٻل اڌ اُگهاڙو نينگر هو، جنھن جو چولو هوا تي اُڏامندو نظر آيس. هو ڏسندي ڏسندي سندس اکين آڏو غائب ٿي ويو. هوءَ ڪا گهڙي تہ وائڙن وانگر انھيءَ پاسي تڪيندي رهي، پوءِ جڏهن هن کي هوش آيو تہ رڙين واڪن ۾ پئجي ويئي.
”بيھجان ڇورا! اڙي ڇورا! نڀاڳا! شل ٽنگون ڀڄندءِ. اڙي ڇورا! شل......“
هوءَ اوندھہ ۾ رڙيون ڪندي، اچي گهر ڀيڙي ٿي. ٽپڙي کڻي در کي ڌڪو ڏيئي، اندر داخل ٿي. سندس زبان جهل ئي نہ ڏئي.
”هي نماشام جو ڦُر.... هيءَ ڌاڙو.... هيءُ ڪيس..... هيءُ قھر...“
اوچتو سندس زبان کي ٻُنجو اچي ويو. سندس آڏو هڪ ننڍڙو هٿ وڌيو، ۽ پوءِ هن اڌ گهاڙي ٻار جهولي ڦھلائي. هن کي پنھنجي ننڍڙي بکايل ٻار کان مختلف نہ پئي لڳو. ائين سندس نظر پنھنجن ٻارن تي پيئي، جن مان ڪي جهولي جهليو، ڪي هٿڙا وڌايو بيٺا هئا ۽ سندس نظرون ڇٻي کي ۽ خالي هٿن کي تڪي رهيون هيون. هن کي هاڻ ائين پئي لڳو تہ گهٽيءَ ۾ رلندڙ بک سندس گهر ۾ ڪاهي پيئي آهي ۽ کيس تعجب ٿيو تہ هن ايتري دير انھيءَ نينگر کي ڇو نہ سُڃاتو.

(مھراڻ 4/1983ع)

زماني جو دستور

منھنجو اهو دستور هو تہ جڏهن بہ ڳوٺ وڃان تہ صبح جو سوير پنڌ ڪندي وڃي قبرستان نڪران. وڏڙن لاءِ ”قُل“ پڙهي وران تہ ڏينھن ٿيو وڃي. هيل ويس تہ نيم اهوئي. جيئن ئي اسٽيشن وارو چوڪ ٽپيم تہ ڏٺم تہ هڪ ڪچي پر ننڍڙي گهر مان ٽپڙي سوري هڪ ڏهن ٻارهن سالن جو نينگر ٻاهر نڪتو. ڇٻو ساڻ هجيس، کڻي مٿي تي رکيائين. نڪرندي ئي هوڪو ڏنائين: ”هَلُ! مٺا انگور اٿئي..... ماکي مکڻ انگور.....“
مون تي نظر پيس تہ سڌو مون ڏي هليو آيو. مان بہ بيھي رهيس.
”سائين انگور وٺو... سُٺا مِٺا اٿو.....“
ڇٻو لاهي کڻي اڳيان ڪيائين، گول ڳاڙها ساوا انگور هئا. مون ورائي ڏانھس نھاريو. مون کي ڄاتل سڃاتل مھانڊو لڳو. ”ڪنھن جو پٽ آهين؟“
”سائين شمس الدين جو.“
”مامي شمن جو؟“
”ها سائين.“
”پڻھين ڪيئن آهي؟“
”بابو بيمار آهي، ڪم بہ ڇڏي ڏنو اٿائين. هاڻ ميوو کپائيندو آهي، پر ڪجهہ ڏينھن کان سندس بيماري ڪري آءُ ڇٻو کڻندو آهيان.“
”اڙي... اڙي.....! تون چؤنڪ وٽ بيھہ، مان قبرستان کان موٽان تہ کانئس پُڇڻ هلبو ۽ توکان انگور بہ وٺبا. ٺيڪ....!“
”جي سائين.“
هُو هوڪو ڏيندو اڳتي وڌيو. ”هَلُ.... مٺا انگور اٿئي... ماکي مکڻ انگور اٿئي....“
مان جيئن اڳتي وڌيس تہ مامي شمن جي شبيھہ سامھون هئي. خيالن ۾ سندس ڇوڪراڻو زمانو سامھون هيو. ڪي يادگيرين جون ڇوليون هيون، ڇڪي کنيون پئي ويون.
مامو شمن امڙ جو سؤٽ هيو. امڙ غريب گهراڻي جي هئي، وڏ گهراڻي ۾ اچي ويئي. ٻارُ هيو تہ کيس گهر ۾ ڏسندا هياسين. وڏڙو ٿيو تہ ڏيڍيءَ ۾ امڙ سان ملندو هيو. جوانڙو ٿيو تہ حويليءَ جي در تي بيھندو هيو. سندس سڳي ڀيڻ بہ حويليءَ ۾ ڏنل هئي. اها بہ اتي ئي سڄي ڪٽنب سان رهندي هئي. هو ڪڏهن ڀيڻ سان تہ ڪڏهن امڙ سان ملڻ ايندو هيو تہ حويليءَ جا سخت قانون ڪڏهن کيس ڏيڍيءَ تائين اچڻ ڏيندا هيا، تہ ڪڏهن ڏيڍيءَ کان ٻاهر وڏي دروازي وٽ روڪي ڇڏيندا هيا.
مامو شمن مون کان ڪو سال ٻہ کڻي وڏو هوندو، پر راند روند ۽ گهمڻ ڦرڻ ۾ گڏ هوندو هو. جڏهن کجين جي باغن ۾ ڪم ڪندو هو تہ وٺي باغ گهمائيندو، هيٺ ڪريل ڏوڪا ڌوئي پوئي کارائيندو.
جڏهن پڙهڻ سانگي ڳوٺ ڇڏيم تہ ڦِڏن سِڏن اکرن سان ٽي پئسي وارو ڪارڊ ضرور موڪليندو هو. يتيمي ۽ غريبي ڪري هو نہ پڙهيو نہ ڪڙهيو، پر عجيب اهو تہ نئڙت نياز، اُٿي ويٺي، ڳالھہ ٻولھہ ڄڻ تہ ڪنھن پڙهيل ڳڙهيل داناءُ ماڻھوءَ سان ويٺا ڳالھايو.
گرمين ۾ موڪلن ۾ ڳوٺ اچبو تہ هيءُ پيو حويليءَ تي لامارا ڏيندو ۽ هٿ اچي ويومانس تہ سڪ سان باغ گهمائيندو، مِٺا سُٺا ٻول ٻڌائيندو. سوٽ ماسات سان گڏ ٿي اِٽي ڏڪر يا بيٽ بال کيڏندا هياسين تہ ڪنڊ تي هٽي بيھندو جو اسان جا مٽ مائٽ شايد سندس يتيمي، غربت يا باغائي هجڻ ڪري کيس گهڻو ويجهو اچڻ ڪونہ ڏيندا هيا. ڇوڪرا بہ کيس گهڻو تڻو راند ۾ شامل نہ ڪندا هيا، پر پوءِ سڀ گھرا ٿيندا ويا. چرچي گهٻي ۾ مامي شمن تي کِلن جا هوڪرا هوندا هيا. مامي کي بيٽ بال راند جو شوق هوندو هو. ڪڏهن تہ زوري فيلڊنگ ڪندو هو ۽ اسان کي بال کڻي آڻي ڏيندو هو. اسين بہ کيس ڏاڍو ڊوڙائيندا هياسين. جڏهن ٿڪبو هو تہ مون کي مٿس قياس ايندو هو.
”ماما تون هاڻي ويھي رھہ.“
هو سھڪندي چوندو هو، ”ڀلا منھنجو وارو ڪڏهن ايندو.“
هُن غريب جو وارو مڙئي گهٽ ايندو هو. ٻيو مامي شمن کي ڳائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. ان وقت جا مقبول فلمي گانا پنھنجي بي سري آواز ۾ پيو ڳائيندو هو. گهڻو تڻو هوٽلن تي ويھي ٻي آني واري ڪوپ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو گانا ٻڌندو ۽ انھن ڳائڻن سان ويٺو ڳائيندو. پيسا نہ هوندس تہ ڪٿان بہ پٽي سٽي هوٽل تي ويھندو ضرور. ائين کيس هوٽل تي ويھڻ جي چُوس پئي. ڪڏهن سُري ايندو:
”مائٽ! ڀلا ٻہ چار آنا آهن.“
خرچي ئي ٻہ آنا ملندي هئي، ڪڍي کڻي تِريءَ تي رکندو هيومانس. کڻي ڊوڙ پائيندو. ٻئي ڏينھن ملندو تہ نوان گانا ڊُڻ ڊُڻ... ڪري ڳائيندو. محمد رفيع جو تہ عاشق هوندو هو، ان جو ڳايل هيءُ گانو:
”غريب جان ڪي مجهہ ڪونہ تم بهلا دينا.“
ور ور ورجائيندو ”غريب جان ڪي..... غريب جان ڪي.....!“
مان جيڪڏهن جهونگاريندو هيس، ”غريب جان ڪي!“ تہ يڪدم کڻي وات تي هٿ ڏيندو:
”مائٽ تون تہ نہ چئہ!“
”ڇو!“
”تون غريب ٿوروئي آهين. غريب تہ مان آهيان، شمس الدين غريب!“
خبر تڏهن پئي تہ ”غريب“ سندس تخلص ٿي ويو ۽ فلمي گانن جي طرز تي ڪلام چوندو. جڏهن جو چيائين ”غريب ڄاڻي وڃجانءِ نہ هٿڙو ڇڏائي...“ تہ سڄي سنگت کڻي منھن مٿو پٽيو. سوٽ گلڻ تہ ڪڍ هوندو هيس.
”اڙي شمس الدين غريب! ڪارا بيڊولا! ڪھڙي توکي هٿڙو ڏيندي؟ چئہ تہ ’غريب ڄاڻي ڀلي وڃجانءِ هٿڙو ڇڏائي.‘ يار اسين جو ويٺا آهيون، ڀلي اچي.“
سوٽ گلڻ کيسي کي کڙڪائيندو ٻہ چار ڊينگلا رپيا کڻي ڏيکاريندس. بنھہ رُسي ويندو. يار پرچائي وٺي ايندس تہ اُهڙي جو اُهڙو.
”مون تي ٽوڪون ۽ چٿرون ڀلي ڪريو، پر سوٽ! منھنجي محبوب لاءِ ڪجهہ نہ چئو.“
سندس غريبي حال کي ڏسي اسان مان هرڪو ٻہ چار آنا ڏيندو هيس تہ خوش ٿي ويندو.
هڪ ڏينھن وَنگ تي چڪر پئي ڏناسين، تہ مون وڏا گول ڳاڙهسرا انگور ڏٺا. وڌي وڃي هٿ وڌم. رپئي جا کڻي ورتم.
”سوٽ هيءُ تو ڇا ڪيو؟ اجايا پيسا ڀريئہ. مان ٿو توکي انگور آڻي ڏيان. مان اڄڪلھہ انگورن جي باغ ۾ تہ ڪم ڪندو آهيان.“
ٻئي ڏينھن دونو انگورن جو گهر ڏئي ويو. مون کي احساس ٿيو. عيد جي تازي خرچي ملي هئي، ٻہ رپيا کڻي ڏنا مانس. ڏاڍو خوش ٿيو.
گهر پھتس تہ امڙ يڪدم چيو، ”شمن هيءُ ڪھڙا انگور ڏيئي ويو آهي، کٽا ٽڙھہ!“
وري جو ڪنھن ٻڌايس تہ مون کيس ٻہ رپيا ڏنا آهن تہ بنھہ بِرُ ٿي ويئي.
”هنن کٽن انگورن جا ٻہ رپيا! کٽا انگور باغ تان چورائي، اسان جا ٻار ٿو ڦري! بيھہ، تہ مان ٿي ڏسانس!“
مامي شمن کي ڏيڍيءَ ۾ گهرائي اهڙي دٻ ڏنائينس جو مامو بنھہ گم ٿي ويو. نيٺ هڪ ڏينھن منھن ۾ مليو.
”ماما هيءُ ڀلا ڇاهي.“
”بس سوٽ، ڳالھہ ڇڏي ڏي. غريبن جا انگور هميشہ کٽا نڪري پوندا آهن.“
ڳوڙها ڳڙي پيس. اسان بہ پڙهائي سانگي گهڻو تڻو ٻاهر، وقت ائين گذري ويو. مامو بنھہ وسري ويو. ڪڏهن عيد براد تي ملندو تہ بنھہ منجهيل ۽ مرڪون کسيل. وڌيڪ ڪارو پيو لڳندو. ڏکن ڏوجهرن هڻي کيس پورو ڪري ڇڏيو هو. ڪڏهن ڪٿي پورهيو، ڪڏهن ڪٿ نوڪري يا وري ڇٻو مٿي تي. مَڙهي ماءُ مرڻ کان اڳ هڪ يتيم مائٽياڻي کڻي پرڻايس. بنھہ وٺجي ويو. ٻار ٻچا ٿيس تہ ڪُٻو ٿي ويو. ڪاڏي ويا گانا بجانا، ڪاڏي ويون هوٽلون، ڪاڏي ويا ٽھڪ ۽ مُرڪون! جي وقت کي جهل ڪانھي تہ زماني کي بہ روڪ ڪانھي. مامو اڄ بيحال هيو. سندس پٽ بہ ڇٻو کنيون پيو هوڪا ڏئي. سوچن جي دهشتي درياھہ مان نڪري واپس چونڪ وٽ پھتس ۽ ڏٺم تہ نينگر ڪونہ هيو. پٺ ورائي مامي جي گهر ڏي ڏٺم. دم نہ جهلي سگهيس، ”ڪھڙي منھن سان وڃان، يا ڪا ٻي ويل وڃان. سندس نينگر بہ تہ ڪونھي.“ اِهي ويچار ويچاريندو گهر پھتس تہ ڏسان تہ در کان ٿورو پرڀرو مامي شمن جو پٽ ڇٻو کنيون بيٺو آهي.
”اڙي بابا! تون هت بيٺو آهين. مان توکي اُتي پيو ڳوليان. پڻھين بيمار آهي، پڇڻ هلونس ها.“
هو سُري آيو، ”ها سائين، بابا بيمار آهي، توهان انگور وٺندو..... ڏاڍا مِٺا سُٺا اٿوَ.....؟
ڇٻو کڻي آڏو ڪيائين. اهي ئي ڳاڙهسرا گول ساوا انگور. مان ڄڻ تہ ڪي زمانا پوئتي هليو ويس. يادگيريون وڻ ويڙهيءَ وانگر ويڙهي ويون. ڏاڍي ڏکيائيءَ سان جان ڇڏائي سُڪائيندڙ وڻ ويڙهيءَ وارين ولين جي ڄار مان نڪري آيس. شڪر جو ان وقت اڃان بيٺو هو. مون يڪدم کيسي مان سؤ رپين جو نوٽ ڪڍي کيس ڏنو. ”هيءُ مامي کي ڏجانءِ.“
هو ڪا گهڙي نوٽ ڏسندو رهيو، پوءِ انگورن جو سڄو ڇٻو کڻي مون ڏانھن وڌايائين.
”سائين! هيءُ توهان جا انگور.“
مان هٻڪي بيھي رهيس. اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيم. جهڪي ٻہ ڇڳا انگور جا کنيم. پني ۾ ويڙهيم. نينگر جي مٿي تي هٿ ڦيريم، ڳوڙها ڳڙي پيا. تڪڙو پٺ ورائي گهر ۾ گهڙيس. سامھون وڏي ڀيڻ بيٺي هئي. امڙ تہ هاڻ هئي ڪانہ. گهر جي وڏي بہ اهائي هئي ۽ ڳوٺ ۾ گهر ‎بہ اُها سنڀاليندي هئي.
”ڀائو، ٻاهر مامي شمن جو پٽ هو نہ، هوڪا پئي ڏنائين.“
مون اخبار ۾ ويڙهيل انگور کيس کڻي ڏنا. ڳالھائڻ جي سگهہ ڪانہ هيم. منھنجو ڀاڻيجو جيڪو اڳ ٻاهر بيٺو هو، اندر گهڙي آيو.
”امان، ماما وڏي اِهي سؤ رپين ۾ ورتا آهن.“
انھيءَ وچ ۾ ادي وڏيءَ ٻہ انگور کڻي وات ۾ وڌا، کٽا ٽڙھہ لڳس.
”سو رپيا! پر ڀائو، هيءُ تہ انگور بنھہ کٽا آهن.“
مان ڀر ۾ پيل کٽ تي ويھي رهيس. مان زمانو لتاڙي وڏو سفر ڪري آيو هيس. بنھہ ٿڪجي پيو هئس.
”امان منھنجي! پر زماني جو دستور ائين ئي آهي، غريبن جا انگور هميشہ کٽا نڪري پوندا آهن.“

بند ڪتاب جو بند باب

ڪمري ۾ هلڪي اونداهي هئي. ڪير اندر گهڙي اچي تہ جهٽ پل کانپوءِ ڏسي سگهندو تہ هيءُ هڪ مرمت گهُرندڙ پراڻو ڪمرو هو. ڀتين جا ڪيترن ئي هنڌن تان چاپُڙ لَٿل هيا. هيٺان کان مٿي ڇت تائين ڏارون ٻِرگهل ڪري ويون هيون. گرڊرن ۽ ٽيئرن واري ڇت بہ ڪيترن ئي هنڌن کان جُهڪي ويئي هئي. در دريون بند، پر سٺي ڪاٺ مان ٺھيل قديم طرز تي نقش نگارن سان سينگاريل، منجهن رنگين شيشا لڳل، جن مان دٻيل پر رنگين روشني ڪمري جي اونداهيءَ کي هلڪو پئي رکيو. ڪمري اندر ساڳوان مان ٺھيل اسپرنگن وارو ڪوچ، جنھن جا اسپرنگ پراڻا ٿي ويل ۽ ويٺل؛ مٿن چڙهيل ڪپڙو گسي، رنگ وڃائي، اصل سونھن کان وانجهيل. ڪشمور جي جنڊيءَ تي لٿل پاون واري نوار سان واڻيل وڏي، پر جهِڪيل کٽ، جنھن تي چئن خانن واري ڦٽل ميري چادر، بنا ڇَوَ جي هڪ وهاڻو، ڀرسان ئي هڪ ڪتاب ۽ ڪاڳر وکريل. آبنوسي ٻن طاقن وارو هڪ ڪٻٽ، جنھن جو هڪ طاق کليل، جنھن مان مٿئين طاق تي رکيل دوائن جو ڍير، جنھن جي خوشبو سڄي ڪمري ۾ ڦھليل. هيٺين طاقن ۾ ڪتاب ۽ فائيل ڀريل. هيٺ مٿي ٿيل ڀڳل فرش، جنھن تي سندس لڙڪيل پر گهٽ ٽڪيل پير، ۽ چوڌاري هڪ عجيب ماٺ ڇانيل. اهڙي ماٺ، جو هڪ پراڻي آرام ڪرسيءَ تي ويٺل هڪ جهونڙو شخص بہ اُن ماٺ جو حصو پئي لڳو. سٺ سالن جي هن جهوني شخص کي گرم ٽوپ پيل، گلي جي چوڌاري مفلر ويڙهيل، اکين تي نظر جي عينڪ چڙهيل. هو اُن عينڪ مان ڀت تي ٽنگيل هڪ تصوير جي فريم کي تڪي رهيو هو، جنھن مان هڪ ڳلن ڀريل ٽويڊ جو ڪوٽ ۽ سٺي ٽاءِ پھريل اڌڙوٽ کيس مشڪي نھاري رهيو هو، ڄڻ کيس چئي رهيو هو تہ ”تون ختم آهين، ڏس مان ڪيئن نہ جيئرو آهيان ۽ چمڪان پيو، جرڪان پيو!“ هُن جي چھري تي مرڪ ايندي ايندي رهجي وڃي ٿي. هو هڪدم نظر ڦيرائي ٻيءَ ڀت ڏانھن ڏسي ٿو. هڪ پراڻي آرٽسٽ گل محمد کتري جي ٺاهيل هڪ تصوير، جيڪا هُن کيس تحفي ۾ ڏني هئي. سسئي وندر پيئي ووڙي، جبل پيئي جهاڳي. رسيءَ جي سرڪڻ ڦاهي سوريءَ جي علامت طور سامھون اٿس. هيٺان شاھہ سائينءَ جي بيت جي هڪ سٽ عنوان طور ڏنل آهي. هو اُها سٽ پڙهڻ جي ڪري ٿو تہ اوچتو پاسي وارو در کُلي ٿو. روشني ور وڪڙ کائيندي آهستي آهستي اندر داخل ٿئي ٿي. هو آهستي آهستي ڪنڌ ورائي در ڏي ڏسڻ جي ڪري ٿو. هڪ عورت در وٽ بيٺي آهي. هوءَ ڪا گهڙي در وٽ بيھي اندر داخل ٿيندڙ ڏِنگن ڦڏن روشني جي ڪرڻن وسيلي ڪمري کان آگاھہ ٿئي ٿي. هوءَ پھريائين درين ۾ لڳل رنگين شيشن مان ايندڙ رنگبرنگي روشني کي ڏسي ٿي، ۽ پٺيان دروازو بند ٿي وڃي ٿو. هوءَ شيشن مان ايندڙ رنگين روشني کي ڏسندي اوڏانھن وڌي وڃي ٿي ۽ آهستگي سان هڪ دري کي کولڻ جي ڪري ٿي. دريءَ جا طاق نٿا کُلن. هوءَ دريءَ ۾ لڳل هٿيئي کي زور سان پاڻ ڏي ڇڪي ٿي، ۽ ائين دري جا ٻيئي طاقُ کلي پون ٿا. ٽپھريءَ جي روشنيءَ جا انبار اندر داخل ٿي پون ٿا ۽ هوءَ مڙي اُن جهونڙي ڏي ڏسي ٿي، جو هاڻ پنھنجي ڪرسي وٽ اُٿي بيٺو آهي، ۽ سندس چپن تي مُرڪ اچي ويئي آهي. هو ٻانھون کولي بيھي ٿو. هاڻ هن عورت جو خاڪو چٽو آهي. هيءَ سنھڙي سيپڪڙي، وارن ڪٽيل، ننڍي قد جي خوبصورت عورت آهي. ٽيھن پنجٽيھن جي هوندي بہ ننڍي نيٽي لڳي پئي. هوءَ کليل ٻانھن کي ڏسي ٽڙي پوي ٿي ۽ ٻن وکن ۾ پنجن وکن جو فاصلو لتاڙي سندس سيني سان لڳي ٿي ۽ پوءِ سندس هلڪي لپِسٽڪ سان سينگاريل سنھڙا پر خوبصورت چپ کُلي پون ٿا. ڳري لڳي هوءَ آهستي آهستي سس پس واري آواز م ڪجهہ چوڻ شروع ڪري ٿي ۽ جهونڙو هڪ هڪ اکر چٽي طرح ٻڌي رهيو آهي ۽ پوءِ هُن جا هٿ ڏڪڻ لڳا آهن. ٽنگن ۾ بہ سَتُ نٿو ڀانئي ۽ هو آهستي آهستي ڪرسيءَ تي ويھي رهي ٿو. هوءَ بہ سندس سيني لڳي رهي ٿي ۽ آهستي آهستي پاڻ جهُڪائي سندس قدمن ۾ ويھي رهي ٿي. هاڻ جهونڙي جي اکين مان پاڻي وهي رهيو آهي. هوءَ هڪ هٿ سان سندس ڳوڙها اُگهندي چوندي هلي ٿي:
”... گُل! توکي هيءُ ڇا ٿي ويو آهي؟ تنھنجي سڄي حياتي هونئن ئي خالي ۽ اڪيلي، پر هيئن بنھہ ڀڙڀانگ ٿي ويندي، مون بنھہ نہ سوچيو هو! مڃان ٿي تہ ڏوھہ منھنجو آهي، گنهگار آهيان، ڏوهاري آهيان، پر ائين ڪبو آهي جو ٽي سال اڳ تنھنجي آڏو ڪيل هڪ اعتراف ۽ هڪ انڪار کان پوءِ تو اها سزا ڏني جو تون بنھہ گم ٿي وئين! مان ڳوليندي رهيس. تنھنجي حيدرآباد واري گهر تي فون ڪيم، تنھنجي پٽ کان پڇيم. منھنجي گهڻي پڇا ۽ ڳڻتي ظاهر ڪرڻ کانپوءِ هو آواز ٻڌي فون بند ڪري ڇڏيندو هو. تنھنجي گهر جا سڀ ڀاتي ڄڻ تہ تنهجي وجود کان اِنڪاري هجن. ائين پئي لڳو تہ هو تنھنجي اندر دفن ٿيل راز کان آگاھہ ٿي ويا هجن. هُنن توکي شايد اها سزا ڏني آهي جو تنھنجي پنھنجي ڳوٺ جي هن پراڻي گهر ۾ توکي دفن ڪري وساري ڇڏيو آهي. هن گهر ۾ تہ ڪير بہ ڪونھي. ٻاهر هڪ ننڍو نينگر مليو، جنھن تنھنجو ڏس ڏنو ۽ هن ڪمري تائين پھچايو. ٽي سال مس ٿيا جو تون منھنجي شھر ۾ ٻہ دفعا تڪڙو تڪڙو آيو هئين. اُن وقت تہ تون ٺيڪ هئين، هيئن هڏائون پڃرو تہ نہ هُئين؛ تون هيئن مايوس ڀڳل ٽٽل شخص نہ هئين. تون تہ ايترو پُر اُميد هُئين جو تو منھنجي ڏنڀيل حياتي کي ڏسي ڪيئي اميد جون مشعالون ٻاري ڏنيون هيون. مون توکان پڇيو هو تہ ويھہ سال اڳ ڏنل آڇ اڃان برقرار آهي، تہ تو وراڻيو هو تہ جيستائين مان جيئرو آهيان، تيستائين نہ منھنجيءَ دل جا دروازا نہ بند ٿيندا، نہ گهر جا دروازا.
”تو اهو بہ چيو هو تہ ماڻھو مرڻ گهڙيءَ تائين اميد جي مشعال آهي. اُها تڏهن وسامي ٿي جڏهن قبر جي مٽي اُن تي پوي ٿي. مون ٻيو دفعو بہ اُهائي غلطي ڪئي، جيڪا ويھہ ورھيہ اڳ ڪئي هيم ۽ تنھنجي آڇ موٽائي ڇڏيم. تو اُميد رکندي پيار لاءِ چپ وڌايا ۽ مون جواب ۾ پنھنجا چپ تنھنجي پيشاني تي رکي اُنھي باب تي آخري مھر هڻي ڪتاب بند ڪري ڇڏيو.“
اُن عورت سُڏڪندي ڳالھائڻ بند ڪري ڇڏيو. جهونو سندس مٿي تي هٿ ڦيريندو رهيو، پيار سان وار سنواريندو رهيو.
”گُل! تون ڳالھائين ڇو نٿو؟ ڪجهہ تہ چئہ، هنيانءَ جو بار تہ گهٽ ڪر. هيءَ ڏس، مان تنھنجا خط بہ کڻي آئي آهيان.“
جهونو اڃا بہ خاموش هو. عورت پنھنجي پرس مان خطن جو بنڊل ڪڍيو. هُن خطن جا ورق ائين ورايا ڄڻ هڪ هڪ ورق ۽ اکر اکر کان واقف هجي. هُن ڇڪي هڪ خط ڪڍيو.
”هيءُ ڏس تنھنجو اُهو خط، جنھن ۾ تو نيٺ لکيو هو تہ ’مان توسان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو‘. اُهو بہ تڏهن لکيو جڏهن مون توکان لکي پڇيو تہ آخر تون چاهين ڇا ٿو. مون کي ياد آهي تہ جڏهن تون ويھہ ورھيہ اڳ منھنجي شھر ۾ آئين، مسلسل پنج سال ايندو رهين. تنھنجي هر شام اسان جي گهر گذرندي هئي. تون ڪلاڪن جا ڪلاڪ مون سان عجيب ڳالھيون ڪندو هئين. مون کي ڪيتريون ڳالھيون سمجهہ ۾ نہ اينديون هيون. منھنجي عمر بہ ننڍي هئي، سترهن سالن جي هڪ نينگر. پر هيءُ سمجهہ ۾ نہ ايندڙ ناتو بہ عجيب هو. مان تنھنجي ويجهو رهڻ چاهيندي بہ هيس پر هر هر ڀَؤ ٿيندو هيم تہ ڪٿي ڪنھن پيچ ۾ اڙجي نہ وڃان. تنھنجون مٺيون ڳالھيون ۽ مٺو سڀاءُ اندر ۾ وَرُ ڪري ويھي رهيو هو. مان حيدرآباد آيس، تنھنجي ڪٽنب سان مليس. تنھنجو ڪٽنب بہ اسان وٽ آيو. رشتا اڳ بہ هيا پر آهستي آهستي رشتا گم ٿيندا ويا، بس تون ۽ مان بچياسين. منھنجا سڀ مائٽ توکي گهرندا هيا، خاص طرح منھنجي اَمي. سڀ اسان جي خاموش پيار کي بہ پَسندا رهيا. پر هر ويلي مون کي اِهو احساس ڏياريندا رهيا، تہ اهو سڀ سولو نہ آهي. ’توکان پنجويھہ ورھيہ وڏو هيءُ ڪٽنب وارو شخص توکي ڪجهہ بہ تہ نہ ڏيئي سگهندو.‘ مون خود غرض بڻجي پنھنجي Security لاءِ سوچيو. سوين ميل پري رهندڙ شخص کي فاصلن ۽ ملڪيت جي تصور سان توريو تڪيو. تو وٽان جڏهن پڪ ٿي تہ هيءُ دوستي هاڻ شاديءَ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي، تہ مان ڇرڪي هٽي ويس. پوءِ پنھنجي هڪ همعمر کي همسفر ڄاڻي تہ هڪ عمر وارا ئي گڏجي رهي سگهن ٿا، ساڻس شادي ڪري ڇڏيم. مون سندس مستقبل بہ شاندار تصور ڪيو، پر جلد محسوس ڪيم تہ شاندار مستقبل بہ ماڻھوءَ جي من جي خوشين جو امين نہ هوندو آهي. ٿوري ئي عرصي ۾ هُن مون کي ڏنڀ ڏيئي ڇڏيا. جواني ۽ پنھنجي سونھن ۾ بدمست هڪ چريو ماڻھو! هُن منھنجي ڪنھن بہ خوشيءَ ۽ ڏک جو خيال نہ ڪيو. مون کي جيڪڏهن اُن گهاريل حياتيءَ مان ڪجهہ مليو تہ اُهو منھنجو پٽ منظور آهي. مون سندس مستقبل لاءِ پاڻ پڙهيو، امتحان ڏنا، نوڪري ڪيم ۽ ائين هيءُ ٻچو پالي وڏو ڪيم. شھزاد منھنجي زندگي عذاب ڪري ڇڏي هئي، پوءِ هو پاڻ مون کي ڇڏي ڪنھن ٻيءَ عورت سان ڀڄي ويو. تعليم مڪمل ڪري نوڪريون ڪندي مٿي چڙهندي آيس. توکي خبر آهي تہ هاڻ مان هڪ وڏي سرڪاري عهدي تي آهيان. ننڍڙي منظور لاءِ مون پنھنجو شھر ڇڏي ڏنو. هو هاڻ لاهور ۾ سٺي ڪاليج ۾ پڙهي ٿو. منھنجي حياتيءَ جو اهو بہ مقصد آهي تہ منظور پنھنجي حياتي جو مقصد ماڻي، پر توکي ڇڏي بہ پڇتاءُ جو وڻ وڏو ٿي ويو آهي. من اندر هڪ خال آهي. هن وڻ ۾ ڪوبہ ڇانورو نہ آهي، ڪنڊا ئي ڪنڊا آهن. اِهي ٽي سال چُڀندا رهيا آهن. من جو پکي ڦٿڪي ڦٿڪي زخمي ٿي هاڻ مون کي ماري رهيو آهي. مان اُن پکي جي جيئدان لاءِ تو وٽ آئي آهيان. مون شھزاد کي بہ مڪمل ڇڏي ڏنو آهي ۽ پنھنجا بند آجا ڪرائي ڇڏيا اٿم. توکي خبر آهي تہ هڪ گهر بہ ٺاهيو اٿم. اُن ۾ تنھنجو ڪمرو بہ سينگاريو اٿم، ڪتاب بہ گڏ ڪيا اٿم، لکڻ پڙهڻ لاءِ هڪ خوبصورت ٽيبل بہ سجائي اٿم. ان ڪمري جون دريون باغ ۾ کُلن ٿيون، جت من جي پکين وانگر ڪيترا ئي پکي آزاد اُڏرن ٿا. هاڻ ڪابہ بندش ڪانھي. مان توکي وٺڻ آئي آهيان. ڀل تنھنجا پنھنجا توکي ڇڏي ڏين، پر مان توکي ڪانہ ڇڏينديس. مون ان باب کي کولي پنھنجي مھر مِٽائي ڇڏي آهي. مون تہ شايد اُن سڄي ڪتاب کي وَرُ ڪري کوليو آهي. اڄ مان اُهائي آڇ کڻي تو وٽ آئي آهيان، جيڪا تو مون کي ڏني هئي. پر تون بنھہ خاموش ڇو آهين، ڪجهہ تہ ڳالھاءِ!“
هوءَ سندس چپن ڏانھن پنھنجا سنھڙا نازڪ چپ وڌائي ٿي. جهونو هاڻ مُرڪي ٿو. سندس نفيس پر هلڪي رنگ ۾ ملبوس چپن کي ڏسي، سندس ورهين جي تمنا ڪَرَ موڙي اندران جاڳي ٿي. اوچتو هو ويجهو ويندي بہ سندس چپڙا نٿو چُمي ۽ پنھنجا چپ سندس پيشانيءَ تي رکي ٿو ڇڏي. سندس اکين مان ڳوڙها لڙي هن جي پيشانيءَ کي آلو ڪن ٿا. عورت جون اکيون بند آهن. هن کي اڃا بہ انتظار آهي. انھيءَ وچ ۾ هو پنھنجي گلي مان ويڙهيل مفلر لاهي ٿو ۽ سندس اکين کي چمندي هن جي اکين کي کولڻ جي ڪري ٿو. هوءَ اکين کي کولي سندس منھن ۾ آس سان نھاري ٿي، پر اُت ڪجهہ بہ ناهي. هوءَ حيران ٿي پوئتي هٽي ٿي ۽ سندس تپرس اڃا بہ وڌي وڃي ٿو، جڏهن هن جي نظر سندس ڳچيءَ تي پوي ٿي. سندس ڳچيءَ جي چوڌاري ماس ڪوريل آهي. سُڪل زخمن جا ڪارا نشان اُماس ورتل چنڊ جيان چِٽا ٿي بيٺا آهن. هوءَ آهستي هٿ وڌائي اُنھن زخمن کي ڇھي ٿي، پوءِ اُنھن کي چُمڻ جي ڪري ٿي. هو سندس چھري کي ڇڪي پنھنجي هنج ۾ آڻڻ جي ڪري ٿو. هوءَ خشڪ چپن کي آلو ڪندي پڇيس ٿي:
”ٿروٽ ڪينسر... آپريٽيڊ؟“
هو ڪنڌ سان هاڪار ڪري ٿو ۽ اشاري سان ٻڌائيس ٿو تہ انڪري هو ڳالھائي نٿو سگهي. هوءَ آهستي ڪنڌ لاڙي پنھنجو منھن سندس هنج ۾ آڻي اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي ٿي. پوءِ آهستي آهستي سندس روئڻ جو آواز جهڪو ٿيندو وڃي ٿو. اچانڪ هوءَ ٽپ ڏيئي اُٿي ٿي ۽ کيس ڇڪي اُٿاري ٿي ۽ ٻانھن کان ڇڪي در ڏانھن وٺي وڃڻ جي ڪري ٿي. هن کان اکر نٿا اُڄهن، پر اِشاري سان کيس چئي رهي آهي تہ ڇا بہ هجي توکي مون سان هلڻو پوندو- هلڻو پوندو. هو ٻہ وکون هلي بيھي رهي ٿو ۽ آهستي هٿ ڇڏائي موٽي ٿو. وهاڻي هيٺان پيل خطن جو بنڊل ڪڍي ٿو ۽ پلنگ تي پيل هڪ کليل ڪتاب کڻي ٿو ۽ واپس وري اُن عورت جي هٿن ۾ اُهو خطن جو بنڊل ڏئي ٿو ۽ پوءِ اُهو کليل ڪتاب، جو سندس ئي لکيل آهي، زور سان بند ڪري کيس ڏئي ٿو. هوءَ ڪتاب وٺندي ئي سندس سيني سان لڳي رُئڻ لڳي ٿي. کيس ڀاڪر پائي مٺيون ڏئي ٿي. هوءَ آهستگي سان سُري وڃي کُليل دريءَ جو پاسو وٺي ٿي. ٿڌي هوا سندس آلن ڳلن کي مَسُچٽي وانگر خشڪ ڪرڻ جي ڪري ٿي. سج اُلھي چڪو آهي. اڱڻ ۾ ٻريل ٽمڪندڙ بلب جي روشني سندس وجود کي جرڪائڻ لاءِ وڌي اچي ٿي. هوءَ هن کي پٺي ڏيندي بہ ڄڻ سندس سامھون هئي. هو چٽو پٽو ٻڌي رهيو هو ۽ هوءَ چئي رهي هئي:
”مان هاڻ اُها ڪمزور ڇوڪري نہ رهي آهيان، جنھن هن جهاڳيل ۽ نپوڙيل حياتيءَ ۾ ڪوبہ مضبوط فيصلو نہ ڪيو. هاڻ مان هڪ مضبوط ارادن ۽ حوصلن واري عورت آهيان. تون مون تي ڀروسو ڪر، مون وٽان توکي تنھنجن مونجهارن جو ڇوٽڪارو ملندو. هڪ نئون جيئدان ملندو. مان سوين ميل جهاڳي ائين نہ آئي آهيان. مان توکي وٺڻ آئي آهيان، تون ائين پاڻ کي نہ مار، گُلَ!“
هن جو آواز ڳرو ٿي ويو ۽ پوءِ هن پٺي ورائي ڏٺو. جهونڙو اُن ئي ڪرسي تي ويٺو هو. هن ڳچيءَ تي مفلر ورائي ڇڏيو هو. هو سڌو اُن ڀت ڏانھن ڏسي رهيو هو جت سندس تصوير لڳل هئي. اُن عورت کي مٿس پيار بہ آيو ۽ رحم بہ. جهڪي روشني ۾ تصوير ڏانھن ڏٺائين. اُت کيس پڪي ارادي وارو بھادر ليکڪ، بھادر اُستاد ۽ مڪمل بھادر انسان نظر آيو. پوءِ هن ڏانھس ڏٺو، هڪ نٻل ڪمزور شخص، هڪ بازي هارايل انسان وانگر ويٺو هو. سندس جملن جو مٿس نہ ڪو اثر هو نہ جذبو. هو خاموش ويٺو رهيو. هوءَ آهستگيءَ سان وڌي ۽ پرس کنيائين. جُهڪي سندس پيشانيءَ تي پيار ڪيائين ۽ پوءِ ڪمزور ۽ جهڪن قدمن سان دروازو کولي ٻاهر نڪري ويئي. هن دفعي دروازي مان ڪي بہ ڏنگا ڦڏا وروڪڙ ڪرڻا اندر داخل نہ ٿيا. ڪجهہ اونداهي اندر ڪمري ۾ هئي، ڪجهہ اونداهي اندر گهڙي آئي ۽ پوءِ دروازو بند ٿي ويو!
جهونڙي کُليل دريءَ ڏانھن نھاريو، جتان ٽمڪندڙ بلب جا ڪي وقتي ڪرڻا اندر ايندي ڄڻ تہ ڊڳا پئي. هُن دريءَ مٿان سسئيءَ جي وندر وؤڙڻ واري تصوير ڏي ڏٺو. اُن ۾ چِٽيل سوريءَ جي سرڪڻ ڦاهي کي بہ ڏٺو. چٽي نہ ايندڙ تصوير بہ هن روزمرھہ وانگر چٽي ڀانئي ۽ اُن ۾ نقش ٿيل اُن تصوير جي عنوان طور ڏنل بيت جي هڪ سٽ کي ياد ڪيو. چپن ۾ ئي هن چيو پر کيس لڳو، سندس چپن ۾ چيل اُها سٽ سڄي ڪمري ۾ ٻُرڻ لڳي آهي. کيس لڳو تہ ڏريل ڀتيون بہ ڳالھائن پيون. جِهڪيل ڇت مان بہ اُها سٿ ٽپڪي پئي. هن پراڻي ڪوچ ڏي ڏٺو، اُتان بہ اُهوئي آواز هو. پراڻا اسپرنگ بہ اهوئي ڳالھائين پيا. سڄو ڀڳل فرش بہ کڙڪي پيو ۽ اُهائي سٽ چئي پيو. آبنوسي ڪٻٽ جي هر کُلندڙ ۽ بند ٿيندڙ طاقن مان بہ اُهوئي سڏ هو. جنڊي لٿل پاون واري کٽ تي پيل ڪتاب هر کُلن پيا، وري بند ٿين پيا، اُتان بہ اُهي ئي سڏڙا هيا. پنا کڙ کڙ ڪري اُڏامن پيا، ۽ سڄي ڪمري جي ڪردارن سان گڏ جهونگارين پيا، ڄڻ تہ کيس سڏين پيا. آواز وڌندا ويا، ۽ پوءِ هُن اُنھن آوازن سان هم آهنگ ٿي چيو. آواز نہ نڪتو ۽ سندس چچريل گلي ۾ گم ٿي ويو. پوءِ هن ڪوشش ڪري بند گلي مان هڪ ڏاڍي وڏي دانھن ڪئي. هن جو آواز ڄڻ تہ کُلي پيو، ۽ هن پاڻ چٽو ٻڌو تہ هاڻ هو اُها سٽ سڀني سان گڏ چئي پيو سگهي: ”سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون؟“ هو چوندو هليو: ”سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون؟“ سندس اکين مان ڳوڙها وهندا هليا ۽ پوءِ آهستي آهستي آواز گم ٿيندا ويا ۽ هو بہ ماٺ ٿيندو ويو.
ڪمري ۾ هاڻ اُهائي ماٺ هئي، پراڻي ڄاتل ماٺ. هميشہ وانگر هو ماٺ جو حصو بڻجي ائين ئي ويٺو رهيو. سندس نظرون سامھون واريءَ ڀت تي هيون، جت فريم مان سندس ماضي، سندس همزاد، کيس پيار مان مُرڪي ڏسي رهيو هو. هو خاموش کيس تڪيندو رهيو. پوءِ سندس چپن تي بہ ساڳي سندس تصوير جھڙي ئي مُرڪ ڦھلجي ويئي.

ٿيس ڏهاڳڻ ڏيھہ ۾

هيءُ شھر بہ ڪوئي شھر هُيو؛ هن شھر جي ڪھڙي ڳالھہ ڪجي…! منھنجي ڳوٺ، مھنجي شھر، ڪي زمانا ڏسي دنگ ڪيو آهي. هاڻ نہ اُهي گهٽيون رهيون. نہ اُهي ماڳ مڪان رهيا، نہ اُهي راڳ رنگ جا روپ رهيا. ڳُتيل گهٽيون، چوڌاري جاين جو جوڙاءُ، لنگهہ بہ بازاريون، نہ اُهي باغ بستان، نہ اُهي مستيءَ جا پيمانا پياريندڙ پيرن فقيرن جون درگاهون. ماڻھو هاڻ زمان و مڪان کان بي خبر ٿيو وتن هڪ ٻئي جو شيل شڪار ڪندا. انھيءَ سڄي مانڊاڻ کان بي خبر ڪي بزرگ خاموش آستانن ۾ پنھنجي چوڌاري دفن ٿيل ماڻھن جي خبر لهندا رهن ٿا. هو پاڻ ڌرتي اندر هوندي بہ ڪنھن ڏيئي ٻاريندڙ کان اهو بہ پڇندا رهندا آهن تہ ڪي ٻين قبرن تي بہ ڏيا ٻاريو ٿا يا نہ؟ انھن بازارين ۽ محل نما جوڙايل جاين جي پويان لڪل سنڌ جو عظيم شاعر شاھہ نصير بہ مدفون آهي. سندس مقبرو سڄو سارو ڪري پيو، ڪنھن نہ جوڙايو. هو نٽهڻ ۽ ولھہ کان بي خبر چئن ديوارن اندر پنھنجن سان گڏ آرامي آهي. اُن چوديواري کان ٻاهر ڪي سوين ستل هئا، پر جيئرن اصل ۾ مئلن جا مدفن ڊاهي، ڪئين ئي گز زمين جا پنھنجي لاءِ جيئرن جا قبرستان جاين جي صورت ۾ جوڙايا آهن.
مان جڏهن انھيءَ ڳوٺ، اُنھيءَ شھر ۾ ويندو آهيان تہ وستيون لتاڙي، گهٽيون ۽ ناليون ٽپي اُنھيءَ شاعر جي درگاھہ تي ويندو آهيان. هيءَ درگاھہ ڪڏهن تہ وسيل هئي. ڪيئي راڳي، مڌ ۾ مدمست ٿي سندس ڪلام بہ ڳائيندا هئا تہ لطيف، سچل ۽ ساميءَ کي بہ جهونگاريندا هئا. اڄ اُجڙيل درگاھہ اندر مڪان جون ڪي ڀَڳل ڀتيون، ڪي قبرون ۽ سائين شاھہ نصير جي قبر ۽ اُن سان گڏ سندس ڪجه عزيز قريب ساڻس قرب ونڊڻ لاءِ ستل آهن.
مان جڏهن بہ اُن درگاھہ جي وڏي دروازي وٽ پھچندو هيس تہ شاھہ نصير جي پونيرن مان گادي نشين پير ويٺل نظر ايندو هو. ڪو زمانو تہ ڪير نہ ويٺو پر جڏهن پيرن جي پونيرن ۾ ويڙهاند ٿي تہ ڪئين کجيون وڍي ليٽايون ويون ۽ اُهي باغ اُجڙجي پَٽ بڻيا، پلاٽ بڻيا تہ پيرن لاءِ در تي ويھي نذر نياز وٺڻ ضروري ٿي پيو.
مون کي ياد آهي تہ پيرن مان هڪ وارث جڏهن اچي ويٺو تہ هڪ ڪارڙي سانوري اڌڙوٽ عمر جي مائي ڀرسان بيھي پکو جهليندي هيس. ڪڏهن زور ڏيندس، ڪڏهن ايندي ويندي ڏي وڌي ويندي. نذر ۽ نياز لاءِ هٿ ٻڌي عرض ڪنديس ۽ موٽائي وٺي ايندسِ ۽ هو اچي سائينءَ کي ٻہ ٽي روپيا ڏيندو. سائين ويچارو بہ هو شريف ماڻھو، تازو نذر نياز لاءِ ٻاهر نڪتو هو. پھريائين تہ انڪار ڪندو پر پوءِ وٺي پيو ٿورا مڃيندو. هن کي خبر هئي تہ هاڻ سندس اوطاق تي لڙي وڃي نذر نياز ڏيڻ وارا ماڻھو ئي مري کپي ويا. سڳي ڌاڳي ۾ اهو ايمان نہ رهيو هو. حويليءَ ۾ بيبين سڳورين ۾ ڪي مايون ٻارن ٻچن لاءِ دعا، ڦيڻي، ڌاڳي لاءِ لڙي ويون تہ لک ٿيو. ملڪيتون بہ ويون پر هيءُ در تہ نہ وڃي. ويچارو شاھہ نصير هاڻ ساڻن لاءِ وڌيڪ ڇا ڪري؟ڦٽل ڀڳل، مقبري لٿل درگاھہ هنن پوين پساهن ۾ پيل پيرن لاءِ وڏي وَٿُ هئي. اسان جو وڃڻ ٿئي عيد براد تي ۽ اُها مائي بہ پير صاحب کي صبح ساڻ سينگاري سنواري درگاھہ ٻاهران وڏي در جي ٿورو اورتان بازار جي گهٽيءَ وٽ آڻي ويھاريندي هئي. بازار مان ڪو لنگهي ۽ نظر پئيس تہ ڪجه نذر ڏئي پر ڪي درگاھہ تي وڃي پنھنجن جي قبرن تي چار قل پڙهڻ اچن تہ سائين وٽان لنگهن ۽ ڪي تہ ڏيو بہ وڃن. پر ڪي شھر جا چڱا مڙس اُنھن کان گهرڻ بہ گناھہ. پير صاحب ۽ مائي ڏسندا رهجي ويندا هئا. مائي ويچاري انھيءَ لاءِ کيس ڇڏي اندر درگاھہ ٻهارڻ لڳندي هئي. پراين قبرن کي صاف رکندي هئي. ڪي سال ٿيا جو پھريائين مون کيس درگاھہ جو اڱڻ ٻهاريندي ڏٺو. منھن مٿي کان ڍڪيل، هٿ ۾ وڏو ٻهارو، گاھہ گند پئي ڪَٺو ڪندي ڄڻ ڪا ٽائون ڪاميٽيءَ جي ڀنگياڻي پئي صفائي ڪري. عيد ڏينھن قُل ۽ دعا پڙهي جڏهن سڀ عزيز قريب نڪرندا هياسين تہ هيءَ پاسو وٺي بيھندي هئي. مان ۽ ڀاءُ شمس کيس خرچي ڏيندا هئاسين.
هڪ لڱا چئي ڏنائين، ”سائينءَ کي بہ تہ عيد جي خرچي ڪرايو“. اسان هٻڪي بيھي رهياسين. هيڏو پير، ملڪيتن جو مالڪ، اسان کان پنج ڏھہ روپيہ خرچي ڪيئن وٺندو. پر هڪ دفعي همٿ ڪري وياسين. پير صاحب پھريائين آنا ڪاني ڪئي، پوءِ کليو ۽ هٿ وٺي ٿورا مڃيائين. چھري تي خوشي اچي ويس. ان ويلي سندس حالت جي اسان کي خبر نہ هئي. پوءِ جڏهن ڳوٺ ويندا هئاسين تہ درگاھہ وٽان لنگهندي کيس ڏسندا هئاسين تہ ڪجهہ ضرور ڏيندا ويندا هئاسين. هيءُ پير ويچارو ڪنڌ هيٺ ڪري وٺندو هو پر لڳندو هو تہ هو منگتوُ پيرن جي ڪُڙم قبيلي جو ناهي. هڪ دفعي اسان وارو چاچو حاجي اليڪشن ۾ بيٺو تہ ووٽن لاءِ ويران ۽ پَٽ ٿيل باغ لتاڙي سندن اوطاق تي وياسين.
هڪ ڀڳل اوتاري جيان اوطاق هئي. هيءَ مائي منھن ۾ ملي، وٺي ڇني ۾ وئي. پير صاحب آڏو لاھہ پي ٻريا. هو بت جو ڳرو مڙس کٽ تان اُٿي نہ پيو سگهي. اسان وڌي ملياسينس. ڏاڍو خوشي پئي ٿيو. چاچي کي کلي چيائين، ”حاجي صاحبَ هاڻ هت ڇا رکيو اهي. ڀُتو ڀاڻ آهي. لڙي ڪير بہ نٿو اچي. پنھنجا ڀائر ڀائيٽيا چئي ۾ ڪينھن. راڄ ڀاڳ ويو پورو ٿي. هن اوطاق ۽ هن ڀُريل حويلي جو حال ڏسو ٿا. هاڻ جي ڪو لڙي آيو، ڪنھن چيو ورتو تہ ووٽ کوڙ“.
ساهي کڻي مائي ڏانھن نھاري چيائين، ”نور! ڏسين نٿي؟ منھنجا سڄڻ آيا آهن، ڪو چانھہ چڪو تہ چاڙهي وٺ“.
اسان اڃا آناڪاني ڪيون ئي تہ مائي يڪدم وراڻيو، ”سائين مون چانھہ چلھہ تي چاڙهي ڇڏي آهي. ائين سڄڻن کي وڃڻ ٿورو ئي ڏبو. وڏي ڳالھہ تہ سائين مِٺل آيو آهي، اسان جا وڏا ڀاڳ!“
مون مرڪي چاچي ۽ ڀاءُ شمس ڏي نھاري چيو، ”ها بابا! تنھنجي هٿن جي چاھہ ضرور پيئبي. پر جلد ڪر“.
”اجهو ٿي آڻيان“ چئي مائي ڇني کان نڪري اڱڻ ۾ چڙهيل چلھہ تي وڃي ويٺي.
چاچي ۽ پير صاحب پاڻ ۾ پئي ڳالھايو. اوچتو ماستر علي نواز جيڪو اسان سان وَرڪ تي گڏ نڪتل هو سو سُري منھنجي پاسي ۾ آيو، ”مٺل سائين، ڇا ٿا ڪريو، هيءَ اصل ڀنگياڻي اٿو. اسان کي بہ هن جي هٿان چانھہ پيئڻي پوندي؟“
مون ڇني مان ٻاهر نھاريو. مائي نور چلھہ تي ويٺي هئي. باھہ جي روشني سندس سانوري چھري کي چمڪائي ڇڏيو هو. سندس چھري تي عجيب چمڪ هئي. منھنجي لاءِ تہ ڄڻ هڪ گهريتڙي عورت چلھہ تي ويھي چانھہ ڪاڙهي رهي هئي. ائين پير صاحب جو آواز آيو، ”نور! چانھہ جو ڇا ٿيو، منھنجي لا ءِبہ ڪوپ کنيو اچجان، پر مٺي چانھہ جو“. سائينءَ کي شايد شگر هئي، اسان سان گڏ مٺاڻ جو چسڪو ٿي ورتائين. سائين ڏاڍي پاٻوھہ ۽ پيار مان سڏ ڪيس. مون ڪنڌ ورائي استاد علي نواز کي آهستي مرڪي چيو، ”پير ۽ سيد بہ هن جي هٿ جي چانھہ پين ٿا، اسان اُمتين کي ڪھڙو اعتراض“. مائي نور جهٽ ۾ چانھہ کڻي آئي. منھنجي ويجهو آئي تہ منجهانئس ڪاٺين جي دونھي جو هڳاءُ پئي آيو. سندس چھرو دُکي ڳاڙهو باھہ ٿيو پيو هو. مون کي تہ ڪا ٻي ڌپ نہ پئي آئي. ڪاٺين تي ڪاڙهيل چانھہ جو مزو ئي پنھنجو ٿئي ٿو. چانھہ سڀني پيتي. مون نذرانو رکيومانس تہ شرمائجي ويو، ”مٺل سائين! اهو ڇا ٿا ڪريو؟ هر دفعي پيا بار چاڙهيو“. مون شرميلو پير پھريون دفعو ڏٺو. ٻاهر نڪتاسين پئي تہ مائي بہ نڪري آئي. مون کلي کيس ڪجه خرچي ڏني، ”اڄ نہ سائين! اڄ توهان منھنجا مهمان آهيو، مهمانن کان مهمان نوازي جو ملھہ وٺبو آهي ڇا؟“ مان سندس ڳالھہ ٻڌي حيران ٿيس. ڀنگياڻيون ائين ٿينديون آهن؟ پوءِ تہ سڀ سٺيون ئي هونديون.
اليڪشن واري ڏينھن مائي نور ڌوتل وڳو پائي وارن ۾ تيل وجهي ڇڪي چوٽي ڪري آئي هئي ۽ مردن واري پولنگ تي بيٺي هئي. ماستر علي نواز ڀڙڪو ڏئي آيو، ”مٺل سائين، هيءَ مائي تہ چاچي سائينءَ جي وَرڪ پئي ڪري. ڀلا ڀنگياڻي جي چوڻ تي بہ ڪنھن ووٽ ڏنا آهن؟ ڪٿي ووٽ نہ کَرن، خيال ڪيو“.
”جهڳي نہ هڻ ماستر! ڀنگي بہ انسان هوندا آهن، تون تہ هن جي هٿن سان ڪاڙهيل چانھہ بہ پي آيو آهين“. مون ڄڻ تہ کيس ڦوڙ هنيو، هو اوڪارا ڏيندو ’ٿو ٿو‘ ڪندو ڀڄي ويو. مائي نور واندي ٿي تہ ڦري آئي، ”سائين! گاڏي ڏيندئو تہ سائينءَ کي وٺي اچان“. سائين آيو تہ منڊل مچي ويا. مائي نور پوش پوش ڪندي اصل هوڪا ڏيندي پير صاحب کي اندر وٺي ويئي. پير صاحب بہ ڪو سالن کان پوءِ ڪنھن اليڪشن تي آيو هو. ماڻھو بہ ڦري ويس. هيءُ شرميلو پير سڀني سان ائين مليو ڄڻ سڀ ماڻھو پير هجن ۽ پاڻ اُمتي. ”بابا… بابلا… منھنجا سائين! منھنجي دل، منھنجا پرين“، ڪندو پيو ملين. سائين جو منھن ٻھڪي پيو. بقول ماستر علي نواز جي سائين جيئرو ٿي آيو آهي. اليڪشن تہ چاچي کٽي پر مائي نور هُلائي ڇڏيو تہ اها سائين پير صاحب جي ڪرامت هئي. سندس سڀاڳا پير هئا جن کيس اليڪشن کٽائي هئي. مون ۽ چاچي بہ ان جي تصديق ڪئي. خبر اها پئي تہ ڪجه ماڻھو دعا سڳي ڦيڻي لاءِ وري وٽس وڃڻ لڳا هئا. وقت کي تہ پر لڳل آهن، مان وٽن ٿورن مڃڻ لاءِ بہ وڃي نہ سگهيس. ڪجه وقت کان پوءِ ٻڌم تہ سائين ڏاڍو بيمار هو. مون کيس ڪجه نہ ڪجه مدد موڪلي، پوءِ ڪجه عرصو ڳوٺ وڃڻ نہ ٿيو. نيٺ هڪ عيد تي ڳوٺ ويس، درگاھہ جي دروازي وٽ ڪير بہ ڪونہ هو. سائين پير صاحب بہ ڪونہ هو. مائي نور کي بہ قبرستان ۾ ٻهاري ڏيندي نہ ڏٺم، مٽن مائٽن دوستن جي قبرن تي قل پڙهي، ڪي مايون ڪُنڊَ پاسي کان ويٺيون هيون. مان جيئين ئي دعا گهري واندو ٿيس تہ هڪ جهونگار ٻڌم.
”ليلا لُڇُ مَ ايترو، اُٿي اڱڻ سورِ!
ابو ڏاڏو گهورِ، پاڻ سوڌو پرين تان“.
مون ڪنڌ لاڙي ڏٺو: هڪ هڏائون پڃرو، اکين تي عينڪ، اُها هڪ مائي هئي جنھن هٿڙا جهلي پئي دعا گهري.
”تان ڪا وائي وار دلاسي جي داسڙا!
تون منھنجو ولھو آئون تو ۾ طمعدار،
ڍڪي ڍول! گذار لڄ منھنجي لوڪ ۾“.
مان جيئن واپس پئي وَريس تہ سندس پاسي کان لنگهيس، ”سائين مٺل آهين!“ مون کيس غور سان ڏٺو. مائي نور هئي،ڏاڍي ڏتڙيل حال ۾ هئي. مان کيس سڃاڻي نہ سگهيو هوس“. مائي نور آهين ڇا؟ هيءُ ڪھڙا حال ٿيا اٿئي؟“ مان بنھہ ويھي رهيس.
”سائين! ڪھڙا حال ٿو پڇين؟ سائين بس هاڻي موڪلائڻ تي آهي. ڏاڍيون ڏکيون بيماريون ڪاٽيون اٿئين. پورهيا ڪري پن سن ڪري سندس علاج ڪرايم پو وريو ڪي بہ ڪين. تون بہ تہ ڪي ورھيہ نہ لڙين. ڏاڍا بڇڙا حال ٿيا آهن، سڀ مٽ مائٽ منھن موڙي ويا. شھر جي تہ خبر اٿئي ڪو پُرسان حال ڪونھي. ماڻھن ڀاڻَ تہ وِڪيا پر هاڻ قبرستان تي بہ آهن قبضا. سائينءَ جي تہ خبر اٿوَ، حضور شرم ماڻھو گهرڻ بہ گناھہ سمجهي. ڪھڙي پاسي وڃون. سندس حويلي وارا بہ سورن ۾ آهن. آيو آهين تہ ڪا اهڙي امداد ڪر جو ڪي ڏينھن تہ لنگهڻ کان بچون!“
مان ماٺ ۾ اچي ويو هيس! هيءُ اُجڙيل ديار، چوڌاري، مڙھہ ئي مڙهه، شاھہ نصير بي وس، سندس خاندان رُليل ۽ ڏتڙيل! هيءَ فقيرياڻي پئي اُنھن لاءِ خير گهري. مون کيسي ۾ هٿ وجهي جيڪي بہ هو ڪڍي کيس ڏنو.
”مائي نور! سائينءَ کان طبيعت پڇجانءِ. مون کان جيڪي پڄندو اُهو موڪليندومانس. چئجانس تہ دل نہ لاهي، مان پڇڻ بہ ايندومانس“. مائي نور جي منھن تي چمڪ اچي ويئي، جيڪا گهڙي اڳ اُجڙي پيئي هئي. جهڪي کڻي منھنجي پيرن تي هٿ رکيائين. مون کيس هيٺان کڻي مٿي بيھاريو، ”ائين نہ ڪر مائي نور، تو ۾ وڏي مڻيا آهي. وڏي نورَ واري آهين. ڀلا تو جو سويل شاھہ سائينءَ کي پئي ڳاتو سو بہ سُر ليلا چنيسر مان. تون ڳائيندي بہ آهين؟“
”سائين! منھنجي ماءُ هن درگاھہ تي رتي ديري کان اچي ڳائيندي هئي. جهوني ٿي تہ هتي ئي ٻهاريدار بڻي. مون کي بہ رتي ديري مان آڻي هت ويھاريائين، تڏهن درگاھہ وسيل هئي: ڇا تہ ميلا هئا، ڇا تہ مڻيادار ماڻھو هئا. رنگ لڳا پيا هوندا هئا. ڪٿان ڪٿان جا ڳائڻا اچي سائينءَ جو سلام ڀريندا هئا. مون بہ اتان پرايو ۽ ڳائڻ لڳيس. ماءُ سان گڏ سائين شاھہ نصير جا هيءُ اڱڻ ٻهارڻ لڳيس. اسين هن درگاھہ جا ٻهاريدار آهيون. مٺل سائين! جڳ ڀلي ڀنگي چوي، ڪھڙي خبر تہ ڪير ڪھڙو ۽ ڪيترو گند ٻهاري ٿو. سائينءَ کڻي جو سيني لاتو تہ سمجهان ٿي تہ مان اندران ڪاري ٻاهران بہ ڪاري سڄي اڇي اجري ٿي پئي آهيان. ڀلي پيا مون تي گند اڇلائين بابل! ڪنھن پنھنجا گند يا عيب ثواب ڏٺا آهن؟ مان تہ پنھنجي چنيسر جي ليلا آهيان. جڳ جھان ڇا بہ چوي، هو تہ منھنجو ڍَڪُ آهي ۽ شال هميشہ رهي. دعا ڪجو، ڌڻي ڪنھن بہ ڏهاڳ کان پناھہ ۾ رکي“. ڳالھيون ٻڌي حيران ٿي ويس. مان آهستي آهستي اٿيس. وک وک ۾ ڏيئي مقبري مان نڪتس ٿي تہ چيائين، ”مٺل سائين! منھنجي سائينءَ لاءِ دعا ڪجانءِ، منھنجو هُن کان سواءِ ڪوبہ ڪونھي“. اکين مان نيرَ وهي آيس. لڙڪن جو ڪاٿو نہ هو. منھنجي اکين ۾ بہ پاڻي ڀرجي آيو، پوءِ ڏاڍي وڍيندڙ سر ۾ شاھہ ڳاتائين!
”مَ ڪر ڍول ڍلو، ناتو نماڻيءَ سين،
ڪونھي ڪميڻيءَ جو، بگر تو ڀلو،
تنھنجو نانءُ ڀلو وٺيو ويٺي آهيان“.
منھنجي آڏو ليلا وانگر پئي ليلايائين. هيءَ عجيب ليلا هئي! نہ وٽس مَڻين وارو موھہ هو نہ هن چنيسر کي وِڪيو هو. مون کي ائين لڳو تہ هيءَ هن زماني جي اُها ليلا آهي، جنھن پنھنجا سڀ مڻيا پنھنجي چنيسر تان گهوري ڦٽا ڪيا آهن ۽ جڳن جا جڳ لتاڙي پنھنجو پرين پاتو آهي. اڄ ان کي وري وڃائڻ نٿي چاهي.
مان درگاھہ جي وڏي دروازي کان نڪتس پئي تہ گلڻ باغائي سھڪندو آيو. ساڻس گڏ پير صاحب جو نينگر بہ هو. مان اڳتي وڌيس تہ مون کي اڳتي وڌڻ کان روڪيندي چيائين، ”سائين! بيھو تہ سهي، ڳالھہ تہ ٻڌو“.
”خير تہ آهي؟“
”خير ڪٿي؟ سائين پير صاحب گذاري ويو! هاڻ مائي نور کي ٻڌائڻو آهي. ڪيئن ٻڌايونس؟ توهان ڪا مدد ڪيو، هوءَ اڳي ئي بيحال آهي“.
مون نينگر ڏانھن ڏٺو. ”ها سائين، اوهان امان نور کي ٻڌايو ۽ وٺي هلوس“. مان ڇرڪي ويس. هيءَ پير جو سيد نينگر هڪ جَڳُ مشھور ڀنگيانيءَ کي امان پيو سڏي. مائي نور، واھہ تنھنجي وفا! هو سڏڪن ۾ هو. اکيون روئڻ ڪري ڳاڙهيون ٿيون پيون هيس. مون پوئتي نھاريو، مائي نور مقبري جي دروازي وٽ جهولي جهليو پٺيري بيٺي هئي. مون کي ائين لڳو تہ ليلان هڪ دفعو وري ڏهاڳڻ بڻجي وئي آهي. سندس چنيسر کيس جيئري بنھہ ڏهاڳ ڏيئي ماري هليو ويو آهي. مون ۾ همٿ نہ هئي، مون نينگر جي مٿي تي هٿ رکيو ۽ چپ چاپ اڳتي وڌي ويس. پٺتي وَرَ ڪري نھاريم تہ هو ٻئي اڃا اتي بيٺا هئا. مائي نور بہ اُتي ئي بيٺي هئي. مائي نور تہ دعا گهري هئي تہ ڌڻي کيس ڏهاڳ کان پناھہ ۾ رکي پر ڏهاڳ کيس ڏنڀيو بيٺو هو. هوءَ ائين پنڊپهڻ ٿيو بيٺي هئي، جيئن جُڳن کان جَڳَ جھان ڄڻ ڏنڀي ڇڏيو هئس. مون بي اختيار ڀڻڪيو: ”ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيھہ ۾“.

ڪھڙي مومل، ڪھڙو راڻو

ڪمري ۾ اوچتو روشني ٿي تہ هُن ڪنڌ مٿي ڪيو. سامھون ماڻس بيٺي هئي. هن جي اکين ۾ ڪي سوال هيا. ماڻس وڌي وٽس آئي ۽ کيس ڀاڪر پائي جيئن مِٺي ڏنائينس تہ ڏٺائين تہ هوءَ سڄي پگهري پيئي هئي. يڪدم وڃي دريون کوليائين، پوءِ پکي کي هلايائين.
”شانان! هن گُهٽ ٻوسٽ ۾ پاڻ کي مارينديئن ڇا؟ اُٿي، هٿ منھن ڌوءِ ۽ ڪپڙا مَٽاءِ. سانجهي ٿي ويئي.“
ماڻس گهڻن ڏينھن کان پوءِ کيس سندس اصلوڪي نالي سان سڏيو هو. شانان ڇرڪي ويئي. پوءِ دري مان ٻاهر نھاريائين. ٻاهر اونده ڦھلبي پئي ويئي.
”امان! مان اڄ شانان ٿي لڳان؟“
”تون منھنجي تہ شانان آهين،“ ماڻس پيار سان وراڻيس.
هن ڏٺو تہ ٻاهر اوندھہ وڌندي پئي ويئي، پر هن کي انھيءَ اوندھہ کان وڌيڪ اندر جي اوندھہ جي ڳڻتي هئي. ماڻس ٿرماس مان پاڻي ڪڍي کيس پياريو. هن جيئن ٻہ ڍُڪ ڀريا تہ اندر ٺري پيس. هوءَ سڄو گلاس يڪساهي پي ويئي.
”سڄو ڏينھن هُن جي انتظار ۾ ائين ئي گذاري ڇڏيئہ!“
”هون!“
”هو هِن هفتي بہ نہ آيو نہ!... هي چوٿون ڇنڇر آ نہ! انتظار ۾ پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيو اٿئي. نہ ننڊ نہ آرام، پنھنجون سھڻيون اکيون تہ ڏس!“
”هون!“
”پوءِ بہ ڳالھہ نٿي سمجهين؟“
”ڇاسمجهان،“ شانان جواب ڏنو.
”هاڻ هُو نہ ايندو.“ ماڻس آهستي چيو.
”ڇو نہ ايندو، امان! هن کي اچڻو ئي پوندو. ڪيئن نہ ايندو؟“ هن وڏي ڀروسي سان چيو.
”هو نہ ايندو، جو هن شادي ڪري ڇڏي آ.“ ماڻس هڪ ڌماڪو ڪيو، هوءَ سڄي ڏڪي ويئي.
”توکي ڪنھن ٻڌايو؟“ هن ڀڻڪيو.
”پاڻ واري هاڻوڪي مئنيجر گل محمد مون سان ڳالھہ ڪئي. هن کي مون چيو هو تہ پڇا ڪري.
۽ هُو لڳو پيو هو. هو هيٺ اڃان بہ ويٺو آ، پڇڻ چاهين تہ پڇينس کڻي. مان مٿي چڙهيس پئي تہ مون کي سڏ ڪري جاچ جوچ کان پوءِ پڪي ڳالھہ ڪري ٻڌايائين. کيس ڏاڍو ڏک هيو. هن ڪيترن ڏينھن کان پئي منھنجا ڪن کڻايا، مان توکي ڇا ٻڌايان...؟“
هوءَ وڌيڪ پگهر جي ويئي ۽ پوءِ کڙائي سان اُٿي بيھي رهي. ٿرماس مان گلاس ۾ پاڻي اوتي هڪ سَٽ ۾ سڄو گلاس پي ويئي. هن دفعي پاڻي سندس اندر نہ ٺاريو. اندر جي باھہ ڄڻ وڌيڪ ڀڙڪي پيئي. هوءَ رڙهي ڊريسنگ ٽيبل جي سامھون وڃي بيٺي. هن پاڻ کي ڏٺو. هوءَ پنجٽيھہ ٽپيل عورت لڳي پئي، پر سندس ڀريل مضبوط جسم ۽ چھري جا تِکا نقش ٻڌائي رهيا هئا تہ هوءَ جھڙي تهڙي جسم ۽ منھن مھانڊي واري عورت نہ هئي. هن ويلي بہ سونھن سندس منھن مان پئي بکي. هوءَ هينئر بہ پنھنجي عمر کان گهٽ پئي لڳي. قدرت هن کي پنھنجو رنگ روپ ڏنو هو. هوءَ آئيني ۾ پاڻ کي ڏسندي رهي. هن ماءُ جو عڪس آئيني ۾ ڏٺو. هن آهستي اچي سندس وار کولي هٿ سان وکيريا. سندس وار لھرو کائي سندس چوڌاري ڦھلجي ويا. ماڻس وارن کي سنيڌ کان وٺي هيٺ تائين ڏٺو. کيس ٻانھن کان وٺي ڪرسيءَ تي ويھاريائين. پوءِ کوپري جي تيل جي شيشي کڻي آئي. مٿي ۾ تيل وجهي مالش ڪرڻ لڳي.
”تو ڪھڙا حال کڻي ڪيا آهن؟ هاڻي اُٿي تيار ٿي. اقبال اچي يا نہ اچي، وڃي ڌوڙ پائي. تو سڄي حياتي مڙسنھين جي مرڻ کان پوءِ ڪنھن ڏي اک کڻي نہ نھاريو. اقبال کي ڏسي هرکي پئين جو ننڍو نيٽو ۽ سھڻو نوجوان هو. توکي اهڙو وڻيو جو تو نہ ڏٺو اڳ يا پوءِ. اسان توکي ڇا سمجهايون؟ پاڻ وهيڻي آهين، توکي ڪير جهلي. ڏس اڄ هيءُ حال آهن. گل محمد مون کي سندس قصا پيو ٻڌائيندو هو، پر مون ڌيان نہ ڏنو. گل محمد اسان جو هڏ ڏوکي آهي ۽ هتي جو ئي ماڻھو آهي. هاڻي ترقي ملي اٿس، هتي ئي مئنيجر ٿيو آهي. جي توکي مڙس ڪرڻو هو تہ گل محمد جي زال کي ڪي سال مئي ٿيا. پري تہ ڪونہ هو. ڪئين ٻيا بہ هئا جن پئي چورايو، پر اقبال ڏٽن ۽ آسرن تي ٻہ سال ڪڍي ويو ۽ توسان شادي بہ نہ ڪيائين. هاڻي حيدرآباد ۾ ويٺو نئين زال سان موجون ڪري. تو ڪڏهن پنھنجين ٻن نياڻين جي بہ سنڀار نہ ڪئي. جڏهن کان اقبال آيو تہ تو پٺ ڏئي نہ نھاريو. اسڪول کان گهر ايندي هئينءَ، پوءِ سڌو هن ماڙي تي. هيءَ ماڙي، هيٺين بينڪ، دوڪان، زمين، جائداد، مڙسهين جي توکي ملي، پر ڪنھن جي مھابي؟ انھن ٻن نياڻين جي ڪري نہ تہ مرهيات علي محمد جا واسطيدار مٽ مائٽ گهٽ هئا؟ انھن ڪيسن ڪڙن کان گهٽايو؟ پر هنن نياڻين جي ڪري ڪورٽن ۾ تنھنجي سرسي ٿي. اڄ يارُ مِٺو، اولاد ڪؤڙو، ڏاهي ٿي مومل!“ ماڻس هن دفعي سندس پيار جو نالو کنيو. ماڻس هٿ ڍرو ڪيو پرڳالھائيندي مومل سندس هٿ کي هٽايو ۽ ڏانھس نھاريندي پڇيائين.
”نرمل ۽ ڪومل ڪٿي آهن؟“
”ڪٿي وري ڪٿي آهن، کين ساڻ وٺيو آئي هيس. سڄو ڏينھن پئي پُڇيايون. ننڍيون تہ ڪين آهن سڀ سمجهين ٿيون. توکي اوندھہ ۾ فڪرن ۾ ٻڏل ڏسي اڱڻ ۾ هليو ويون آهن.“ سدوريون اهڙيون آهن جو ٻڙڪ بہ ٻاهر نہ ٿيون ڪڍن ڪيئن نہ چپ ويٺيون آهن. هوءَ ٽپ ڏئي اُٿي بيٺي ۽ ورانڊو ٽپي اڱڻ ۾ آئي. سندس ٻيئي نينگريون کٽ تان اُٿي ڊوڙي اچي کيس چنبڙيون. هو هيٺ جهڪي ۽ پوءِ ويھي رهي، ۽ کين ڇاتيءَ سان لائي مٺيون ڏيڻ لڳي. ”ممان! تون وهنتين بہ ناهين. وار بہ چِپ ڄِپ پيا ڪن. اَمان وڏيءَ تيل وڌو اٿئي نہ. ڏس منھنجا وار.“
هن سندس پشم جھڙن وارن تي هٿ گهمايو ۽ آخر تائين سندس هٿ هليو ويو. هن کي محسوس ٿيو تہ هيءَ ننڍڙي ڪومل ڪيڏي نہ وڏي ٿي ويئي آهي. هن وڏيءَ نرمل ڏانھن نھاريو، کيس هوءَ ڊگهي قد سان ٻارنھن سالن جي نينگري سفيدي جي وڻ جيان وڌندڙ لڳي. هن کين اڱڻ ۾ پيل کٽ تي ويھاريو.
”ممان! توهان وڃو، پھريائين تيار ٿي اَچو، پوءِ ڳالھيون ڪنداسين.“ هوءَ مشڪي پيئي.
ڪمري ۾ ويئي تہ وري ويچار وڪوڙي ويس. هنن ڏينھن تي اقبال هتي هوندو آهي، هو ۽ پاڻ نڪو فڪر نڪو غم. هوءَ پلنگ تي اُن پاسي آهلي پيئي، جنھن پاسي اقبال ليٽندو هو. هو هيترا ڏينھن نہ آيو تہ بہ اُميد تي پئي هلي، پر اڄ سندس شاديءَ جو ٻڌائين تہ جهڄي پيئي. هن ڏاڍيان روئڻ پي چاهيو پر نينگرين جو خيال ڪري هن وهاڻو کڻي منھن تي ڏنو هوءَ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي. اوچتو سندس نظر هڪ رومال تي پيئي جيڪو وهاڻي سان گڏ چهٽيو پيو هو. وهاڻو هٽائي رومال کڻي ان کي چمڻ لڳي هيءَ اقبال جو رومال هو جيڪو هن وهاڻي هيٺيان رکي ڇڏيو هو. هن رومال کڻي منھن تي رکيو تہ کيس هڪ عجيب هڳاءُ آيو. هن جو روئڻ تہ بيھي ويو، پوءِ هوءَ رومال کي چمندي رهي. کيس لڳو تہ رومال بہ کيس چمڻ لڳو آهي، ائين جيئن اقبال هر گهڙي هر پل پيار ڪندو هو ۽ هوءَ کيس پنھنجين ٻانھن ۾ لڪائڻ جي ڪندي هئي. هو سڄو سارو ويڙهجي سيڙهجي اُن ڀاڪر ۾ سمائجي ويندو هو. مومل جي مڙس کي مئي ورھيہ ٿيا. هن مڙس جي مرڻ کان پوءِ ڪنھن ڏي بہ نہ نھاريو. پھريائين هو اندر شھر ۾ رهندا هئا. مڙس وڏو واپاري، زميندار ۽ پيسي وارو هو. هن مومل کي جيئري تہ سک ڏنو پر مئي بہ محل ماڙيون ڇڏيون. مومل آهستي آهستي هن هڪ ماڙيءَ واري گهر ۾ رهڻ شروع ڪيو. مڙس بہ کيس شانان بدران مومل سڏيندو هو ۽ هن ماڙي کي مومل جي ماڙي. هيٺيان دوڪان ۽ ٻي عمارت بئنڪ کي ڪرائي تي ڏنل هئي هوءَ ٻن نياڻين ۽ ماءُ کي وٺي هتي اچي رهندي هئي. هڪ تہ هيءُ هنڌ شھر کان ٻاهر مين روڊ تي هو، ٻيو اسڪول کيس ويجهو هو جت هوءَ نوڪري بہ ڪندي هئي. شادي کان پوءِ بہ مڙسس کيس نوڪري نہ ڇڏائي. ماستري اڳ سندس گذر سفر هو هاڻ وندر ورونھہ. هاڻ تہ اسڪول بہ هاءِ اسڪول ٿي ويو هو. هوءَ منجهند جو ساهيڙين سان ۽ شام جو پنھنجي مڙس سان گهڻو تڻو هن ماڙيءَ ۾ اچي رهندي هئي. خوشي ۾ وقت پئي گذريو، جو اوچتو سندس مڙس کي دل جو دورو پيو ۽ هو گذاري ويو. مڙس کانئس عمر ۾ چڱو وڏو تہ هو پر نہ ڪڏهن عمر لکايائين ۽ نہ وري بيماريءَ جي لکا ڏنائين. مڙس جي مرڻ کان پوءِ هوءَ حيران پريشان ۽ ويڳاڻي ٿي پيئي. ڪڏهن پراڻي گهر ۾ رهي تہ ڪڏهن هتي. هن کي هميشہ ڪپڙي لٽي سينگار جو شوق هوندو هو. پنھنجي حسن تي ناز هوس، سو هوءَ هلندي ئي شان مان سان هئي. مڙس مري ويو تہ اهو شوق تہ هليو ويس پر سندس سونھن سوڀيا کي ڏسي ڪئين ڪڍ پيس، پر هن لوڻو ئي نہ هنيو. کيس خبر نہ رهي تہ اقبال جيڪو بينڪ ۾ نئون مئنيجر ٿي آيو هو، هن جي زندگيءَ ۾ داخل ٿي ويو. واٽ ويندي، بينڪ ۾ ايندي ويندي ٻولاچاري وڌندي ويئي ۽ هو نہ رڳو سندس من کي وڻيو پر اندر ۾ پيھٿي ويو. جڏهن هئو مئو ٽرندي هئي ۽ هُو ماڙيءَ جي پوئين ڏاڪڻ ٽپي مٿي ايندو هو تہ هوءَ ٽڙي پوندي هئي. عمر جو ننڍو، سدا ملوڪ، ڪپڙي لٽي ۾ ٺھيل ٺڪيل، پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪرو، سندس من پرپائي ويو. هن بہ کيس ايڏو پيار ڏنو جو هُو ڪي هفتا پنھنجي ڳوٺ بہ نہ ويندو هو. بينڪ جي پويان ٻہ ڪمرا ٺھيل هئا، جتان مٿي ماڙيءَ ڏي ڏاڪڻ ويندي هئي. هونئن تہ ورهين جا ورھيہ ڏاڪڻ بند رهي پر اقبال جي نينھن سڀ دروازا کولي ڇڏيا. در کلندو هو تہ اقبال ٽپا ڏيندو چڙهي ايندو تہ سھڪي پوندو هو. مومل کلي پڇندي هيس:
”اڃان تہ ننڍو نيٽو آهين، هاڻي ئي سھڪين ٿو.“
”مومل! هيءَ مومل جي ماڙي چڙهڻي آهي، جتي جھڙي تهڙي جي جاءِ ناهي. هن ڏاڪڻ تي چڙهڻ بہ ڏکيو تہ لهڻ بہ ڏکيو!“ پوءِ هو اڱڻ ۾ بتيون وسائي ويھندا هئا، تارن جي جهرمر، ٿڌڙي هوا جا جهوٽا کين جهومائي ڇڏيندا هئا.
اقبال جي مٺين ڳالھين سان سندس اکين تي کيپ چڙهي ويندا هئا. رات بہ ڳالھين ڪندي ڪندي وهامي ويندي هئي ۽ هيءُ ٻيئي بنا ڪنھن منزل يا مستقبل جي يا ڪنھن سوچ ويچار جي هلندا ويندا هئا. رات ٺرندي هئي تہ ٻيئي ڪمري ڀيڙا ٿيندا هئا، جت هوءَ ٽيپ کولي پھريائين پٺاڻي خان جي ڪيسٽ وجهندي هئي. ”ميڏا عشق وي تون، ميڏا پيار وي تون....“ پوءِ ويٺي کيس تڪيندي هئي. سندس اکيون آهستي آهستي ڳوڙهن سان ڀرجي اينديون هيون. پوءِ اُٿي اقبال کي ايڏو تہ پيار ڪندي هئي جو خود اقبال ڊڄي ويندو هو. هوءَ رڳو ايترو چوندي ويندي هئي: ”منھنجا راڻا، منھنجا راڻا، ڀيرو نہ ڀڃجانءِ. راڻا، مون کي نہ ڇڏجانءِ.“ اقبال صرف اهو چئي سگهندو هو: ”مومل، منھنجي مومل، ڀلا ائين ٿي سگهي ٿو؟“
هن سندس عشق جو جنون ڏسي نيٺ کيس چيو: ”مومل! آخر ڪيستائين هيئن ملندا رهنداسين؟ ماڻھن ۾ بہ چؤپچو آهي، ڇو نہ شادي ڪيون.“
مومل پھرين تہ لنوائي ڇڏيو، پر اقبال جڏهن ماڻھن ۾ چوٻول ڏٺو تہ گهڻو زور ڀريائين. مومل سندس منھن کي نھاريندي چيو:
”ڏس اقبال! منھنجا راڻا، شادي ڪو مسئلو ناهي. شادي ڪڏهن بہ ڪري سگهون ٿا، پر ڏس تنھنجي منھنجي عمر ۾ ڏهن ٻارنھن سالن کان وڌ جو فرق آهي. مان جلدئي پوڙهي ٿي وينديس، پوءِ تون هونءَ ئي مون کي ڇڏي ڏيندين، ۽ اهڙي انت کان بھتر آهي تہ هاڻ ئي انت اچي وڃي. من! جي نڀائڻي اٿئي تہ هينئن ئي نڀاءِ. ڀلي راڄ ڇا بہ چون، مان ايستائين بيھندس جيسين تون پاڻ ڀاڙي ٿي نٿو ڀڄين. وفا ڏسڻي اٿئي تہ نڀائي ڏس. مون کي بہ ڏسڻو آهي تہ هن اڻ ميي پيار جي موٽ ڇا ٿو ڏين.“
”مان نڀائيندس منھنجي مومل! تون آزمائي تہ ڏس.“
”اڄ آزمائش پوري ٿي ويئي. بنھہ ڌوڙ ڪري ڇڏيائين. هو ائين ڀاڙي ٿي ڀڳو هو، جو اطلاع بہ نہ ڏنائين. ڪرڻي هيس تہ ٻہ لفظ وات ٽڪاڻي جا تہ ڪري ها. عشق ائين جو انگ وڃائبو آهي؟ موٽ ائين ڏبي آهي؟“ هن سوچيو ئي پئي تہ ماڻس اندر آئي.
”اڃا ويٺي آهين؟ تيار بہ نہ ٿئين؟ چڱو مٿو ڍڪ ۽ ٻاهر اچ، گل محمد پاڻ آيو آهي. اقبال جي سربستي ڳالھہ ٻڌائي ٿو، تہ ٻڌ تہ سهين. اُٿي اَمان اُٿي، ڏاهي ٿي، هيءَ چادر ويڙهه، اچ ٻاهر.“
پھريائين تہ هن سوچيو تہ هاڻي ڪھڙا احوال ڪھڙا ليکا. هيترا ڏينھن تڙپي هئي، هن جو حال ساڻو هو، پر ماءُ جي زور ڀرڻ تي ٻاهر نڪتي. ڇوڪريون گل محمد سان کل مشڪري ۾ لڳيون پيون هيون. گل محمد بينڪ جو پراڻو ملازم هو. مڙس جي زماني کان وٽن ايندو ويندو هو. پوءِ ڪرايي وٺڻ ڪرڻ ۽ بينڪ ۾ اڪائونٽ سنڀالڻ ۾ بہ سندن مدد ڪندو هو. هوءَ وڌي آئي تہ گل محمد اُٿي بيٺو. هوءَ کانئس ڪو حجاب ڪانہ ڪندي هئي، هن کيس سلام ڪيو، هن جواب ڏنو. پوءِ هوءَ ڇوڪرين جي پاسي کان واڏڻ تي ويھي رهي. گل محمد پنھنجي جاءِ آڇيس: ”ڀلا هتي ويھو.“ ماڻس ٻي کٽ تي ٽپ ڏيئي ويھي رهي هئي. ”مان هت ٺيڪ آهيان. ڀلا احوال ڏيو.“ هن نياڻين کي پيار ڪندي چيو: گل محمد نياڻين ڏي ڏٺو. هن ماءُ ڏي ڏٺو. ماڻس ٽپ ڏئي بيھي رهي. ”مان نينگرين کي گهر ڇڏي ٿي موٽان. هنن کي لڳي آ بُک، ماسي جنان ماني تيار ڪيو ويٺي هوندي، مان تولاءِ بہ ماني کڻي وران ٿي.“ مومل ڪوبہ جواب نہ ڏنو، رڳو ڪنڌ ڌوڻيو.
هو ويون تہ هوءَ سامھون کٽ تي چڙهي ويٺي.
”ها، پوءِ ڪھڙي خبر آهي، گل محمد!“
”ڪھڙيون خبرون؟ توهان جو مون تي اعتبار ئي نہ آهي. ٻہ ٽي دفعا ڳالھائڻ جي ڪيم، پر توهان رُخ ئي نہ ڏنو. توهان جي اميءَ کي ڪيترا ئي دفعا ٻڌائڻ جي ڪيم هن ڪجهہ بہ نہ ڪڇيو.“
”ڀلا ڳالھہ کڻي ڪر.“
”ڳالھہ ڇا، اقبال هيڏانھن اوهان سان چڪر هلائي رهيو هو، هوڏانھن حيدرآباد ۾ مائٽن سندس چڪر پئي هلايو. هيءُ بہ راضي هيو. مان سندن ڳالھيون ٻڌندو هيس. بدلي بہ پاڻ ڪرايائين. ڪيترا دفعا مون کي فون ڪئي اٿائين. زور اهو تہ سندس شادي جي ڀُڻڪ اوهان تائين نہ پھچي. هو چوندو هو تہ هو پاڻ ئي اوهان کي پرچائي وٺندو. توهان هن کان سواءِ رهي نہ سگهندو. اڄ بہ فون ڪئي هئائين، شايد اڄ يا سڀان اچي ۽ پرچائي وٺي. مون کيس سمجهايو بہ هيو. اوهان تہ کيس سڀ ڪجهہ ڏنو. پيسا ڏوڪڙ بہ سندس حوالي. گاڏي وٺي ڏني، پر ان سان گڏ قرب جون گاڏيون ڀري ڏنيون. ايڏو پيار... ايڏو پيار........اسان پاري ماڻھو کي ڪير ڏئي تہ نئون ۽ نوبنو ٿي پوي ۽ ان جا پير ڌوئي پيئي.“ مومل اک کڻي مٿي نھاريس، سندس اک ڪرڙي هئي. هو هٻڪي بيھي رهيو، پوءِ هوءَ بي اختيار کلي پيئي.
”عمر گهڻي هوندوَ.“
”اهائي پنجيتاليھہ ورھيہ“، مومل کي خبر هئي تہ هو عمر لڪائي رهيو هو.
”پوءِ بہ نوبنا تہ لڳا پيا آهيو، اوهان کي ڪھڙي پيار محبت جي ضرورت.“
”اها ڳالھہ ناهي سانئڻ، مون امان سان ڳالھہ بہ ڪئي هئي. اسين ڪنھن کي بہ ڪٿي ٿا آئڙجون يا وڻون؟“ گل محمد رومال ۾ ويڙهي ڳالھہ ڪئي. مومل جي منھن تي گهنج پئجي ويا. هيءُ پنجاھہ ٽپيل. ڪارو بيڊولو شخص ڪيتري عرصي کان سندس خواب پيو ڏسي. کيس خبر هئي تہ سندس مڙس جي مرڻ کان پوءِ هيءُ بہ اميدوار هو. زال مُيس تہ هن سندس ماءُ کي وَٽَ وڪڙ ڏنا، پر سندس نہ هلي. پوءِ جو اقبال جي عشق جو سُڻيائين تہ هو ماٺ ٿي ويو. ماڻھو سياڻو هو. اقبال جو زيردست تہ هو پر پوءِ رازدار بڻجي ويو.
اڄ هيءُ سندس سامھون هلڪو کُليو هو. مومل کي بڇان اچڻ لڳي ۽ خار پڻ. جيسين کيس تڙو کڙو جواب ڏئي، ڏاڪڻ هيٺان ڪار جي بيھڻ جو آواز ٻڌائين.
”گل محمد! توکي اقبال اڄ اچڻ لاءِ چيو هو؟“
هن کانئس تڪڙ ۾ پڇيو.
”هن چيو هو اڄ يا سُڀان.“
هن ڊوڙ پائي ڏاڪڻ جو مٿيون در بند ڪري ڇڏيو. هوءَ پرڀرو ٿي بيھي رهي. ڏاڪڻ تي تڪڙي ٺپ ٺپ ٿي. دروازو وڄڻ لڳو. ڪيتري دير دروازو وَڳو، پوءِ اقبال جو آواز گونجيو.
”مومل دروازو کول، مان آهيان، مان...“
هوءَ دروازي کان هٽي آئي ۽ گل محمد کي اشارو ڪيائين. کيس ڪمري ۾ اچي ويھاريائين. هوءَ خاموش صوفي تي ويھي رهي. دروازي جو کڙڪڻ بند ٿي ويو. چوڌاري خاموشي ڇانئجي ويئي. هوءَ خلا ۾ گهوري رهي هئي ۽ اُڀا ساھہ کڻي رهي هئي. ائين ماڙيءَ جي ٻي ڏاڪڻ جو در کڙڪڻ لڳو. اُهو در جتان اقبال ايندو هو. اُهو در جيڪو اڳ ڪڏهن نہ کڙڪيو، هوءَ ان در کي سندس اچڻ جي ويل کان اڳ ئي کولي رکندي هئي. در پھريائين آهستي پوءِ ڏاڍيان کڙڪڻ لڳو. گل محمد کڙڪي تي کڙو ٿي ويھي رهيو ۽ ڏانھس تڪڻ لڳو. هو هراسيل پئي لڳو. مومل جهٽ رکي اُٿي ۽ پوءِ ڪمري جي ٻاهران ئي اُن در جي ويجهو ويئي. هن لوهي در جي لوهي ڪڙي کي چيڪ ڪيو ۽ پوءِ اُن کي چڱيءَ طرح بند ڪيو. قدمن جي آواز ۽ دروازي کي ڇڪي بند ڪرڻ مان اقبال محسوس ڪيو تہ مومل ئي در جي پريان بيٺي آهي.
”مومل! مومل...!“
”ڪير آ“، اوچتو مومل ڳالھايو.
”مان آهيان تنھنجو راڻو، مومل!“
”ڪھڙو راڻو؟ مان ڪنھن راڻي کي نٿي سڃاڻان. هِت ڪابہ مومل نہ رهندي آهي.“ مومل جي اندران ائين آواز نڪتو، جو هوءَ پاڻ حيران ٿي ويئي. انھن لفظن ۾ سندس پيڙا سمايل هئي.
”منھنجي ڳالھہ تہ ٻڌ. منھنجي شادي زوريءَ مائٽن ڪرائي آهي. مان ساڳيو ئي تنھنجو آهيان، تو جيئن چوندين مان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. مان تہ توسان شادي ڪرڻ لاءِ اڄ بہ تيار آهيان، تون بہ رڳو ها ڪر. دروازو کول من! مون کي ٻڌ تہ سهين.“
اقبال جو آواز رئڻھارڪو هو، پر هن جو هيترا ڏينھن لوڙيو هو، فراق جون گهڙيون گهاريون هيون. هن دفعي سندس دل لوڏو ئي نہ کاڌو. مومل ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڪمري ۾ هلي آئي. گل محمد وري اُٿي بيٺو. هن ڪمري جي در بند ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ٽنگ ٽنگ تي رکي. وڏي طمطراق سان صوفي تي ويھي رهي. هن سائيڊ ٽيبل مان سگريٽ ڪڍي دُکايو. هوءَ اقبال سان گڏ سوٽا هڻندي هئي پر هاڻي تہ آئي وئي پيئندي هئي. دروازي کڙڪڻ جو آواز جهڪو ٿيندو ويو ۽ پوءِ بند ٿي ويو. مومل گل محمد کي اشاري سان وهڻ جو چيو، پوءِ ڏاڍي کڙائي سان چيائين:
”گل محمد! تو سويل ڇا چيو هو.“
گل محمد سندس هيءُ رخ ڏسي گهٻرائجي ويو. کيس هيءَ مومل ئي نہ پئي لڳي، جنھن جي چھري تي عجيب سختي هئي. هوءَ حاڪماڻي انداز سان سگريٽ پي رهي هئي.
”جي، الائجي ڇا چيم“.
”هاڻي ئي وسارين ٿو. تو چيو هو تہ توکي ڪير ايڏو پيار ڏئي تہ تون بہ رڳو نئون نہ پر نوبنو بہ ٿي پوندين، ۽ تون ان جا پير ڌوئي پيئندين.“
گل محمد منجهيل هو، پر هن ٻہ دفعا ڪنڌ لوڏي ها ڪئي.
”توکي جي ايڏو پيار ملي ۽ جي ’مان‘ بہ ملي وڃان تہ تون...“ هو هڪو ٻڪو ٿي ويو.
”راضي آهين يا نہ.“
”مان ۽ نہ راضي ٿيان“، گل محمد ٻئي صوفي تان اُٿي اچي سندس پيرن ۾ ويھي رهيو.
”جيئن چوان تيئن ڪندين.“ مومل جو انداز حاڪماڻو هو.
”تون حڪم تہ ڪر سانئڻ! مان تنھنجو ٻانھو ٿي گذاريندس.“
هن سندس مضبوط جسم ۽ ڳاڙهي بَکندڙ چھري کي ڏٺو، پوءِ سندس ملڪيت جي باري ۾ سوچيو تہ سندس دل ٽپا ڏيڻ لڳي. بنھہ خوشي ۾ نہ پيو ماپي.
”تون رڳو حڪم ڪر سانئڻ!... حڪم سانئڻ.“ هو ڄڻ وڦلي رهيو هو.
”توکي مون سان شادي ڪرڻي پوندي.“
”قبول آ.“
”پر اڄ جو اڄ. ڪلاڪ جي اندر... نڪاح جو بندوست ڪر. امان، ماسي ۽ نينگرين کي گهرائي وٺ. ٻہ چار ماڻھو پڻ، دير نہ پوڻ کپي.“
هو يڪدم اُٿي بيھي رهيو.
”ڳالھہ چڱيءَ طرح ٻڌ. ٻاهريون سڀ کٽون وڇرائي اُن تي چادرون وجهرائي ڇڏ. مٺائي چانھہ پاڻي جو بہ بندوست ڪر. هاڻي تکو ٿي، دير نہ پوڻ کپي. سمجهيئہ.“ هو ائين ڊوڙيو جو کيس خبر نہ پئي پئي. ڪيترا دفعا تہ ٿاٻڙيو. هيءَ پويان ڏاڪڻ تائين آيس.
”گل محمد! آهستي... هن ماڙيءَ جي هر ڏاڪڻ ڏکي آ. چڙهڻ بہ ڏکي تہ لهڻ بہ ڏکي.“ پوءِ هن دروازو بند پئي ڪيو تہ اقبال گل محمد کي ٿيلھو ڏئي مٿي چڙهڻ جي ڪئي: ”پري ٿي گل محمد!“
”ڪير آن تو؟... خبردار ميان! جو پرائي گهر جي ڏاڪڻ ٽپيو آهين.“ مومل اُتان ئي رڙ ڪئي. سندس رخ ئي ڦريل هو. هيءَ مومل ئي ٻي هُئي.
”مان اقبال! تنھنجو راڻو، ڇا ٿيو آ توکي.“
”ڪھڙي مومل، ڪھڙو راڻو؟ ڇو ڇتو ٿيو آهين. مان شانان آهيان ڌي رجب علي. گل محمد سان پنھنجي رضا خوشيءَ سان هاڻي هن وقت ئي نڪاح ڪري رهي آهيان، سمجهيئہ ميان محمد اقبال.“
پوءِ هن گل محمد کي گهوري ڏٺو.
”گل محمد توکي غيرت نٿي اچي؟ هيءُ ڪير ٿيندو آ جو ائين گهر ۾ گهڙي اچي.“ هاڻ گل محمد جو وارو هو. هن ٿيلھو ڏيئي اقبال کي پٺتي ڪيو ۽ ڏاڪڻ مان ڌوڪيندو هيٺ ويس. مومل وري گل محمد کي سڏ ڪيو.
”سائين گل محمد...!“ گل محمد ’سائين‘ ٻڌي ٺري پيو.
”ٻڌو،... بينڪ واري چوڪيدار کي چئو تہ هاڻ هن در جي سنڀال ڪري، توهان جلد موٽجو... پھريائين امان جن کي موڪلجو.“ هن دفعي هن جو لھجو بہ ٻيو هو. هن مٿيون دروازو بند ڪيو. هن جي هلڻ ۾ کڙائي هئي هو. پڪا پختا قدم کڻي ڪمري ۾ آئي. آئيني آڏو بيٺي تہ هوءَ مومل نہ پر شانان هئي. هن ڪٻٽ مان زريءَ جو ڀريل ڀلو وڳو ڪڍيو. وهنجي سهنجي تيار ٿي نڪتي. وڳو پائي، سينگار سڙو ڪيائين، تہ هوءَ پاڻ کي نہ پئي سڃاڻي سگهي. کڙڪي تي دروازو کوليائين. ماڻس اچي ڀاڪر پاتس، مٺيون ڏنائينس. هن رئي سان ڪنوار وانگر مٿو ڍڪيو ۽ ٽپ ڏيئي پلنگ تي پلٿي ماري ويھي رهي. ٻاهران هاڻ ماڻھن جا آواز اچي رهيا هئا. هن وڏو ٿڌو ساھہ ڀريو، پوءِ نياڻين کي ڀر ۾ ڪري ڀاڪر ۾ قابو ڪيائين. چيائين، ”ڏسي اچو، گهوٽ آيو آهي.“ هو هن جي سرتين وانگر ٽھڪڙا ڏيڻ لڳيون، هو بہ ساڻس گڏ کلڻ لڳي. پوءِ هو کلنديون ٻاهر هلي ويون.
هوءَ خاموش ويٺي هئي. سڀ ڪجهہ خاموشي سان ٿي ويو. نڪاح ٿيو، ڇوهارا ورهايا ويا. آهستي آهستي ماڻھو بہ هليا ويا. ماڻس بہ نينگرين کي وٺي هلي ويئي. هوءَ ائين ئي پلنگ تي ويٺي هئي. ڪافي دير گذري ويئي پر گل محمد نہ آيو. هو اُٿي اڱڻ ۾ آئي، جتي ڪير ڪونہ هو.
وري ڪمري ۾ اچي پلنگ تي ويھي رهي. چڱي مھل گذري ويئي، ائين ٻاهرين در جي بند ٿيڻ جو آواز آيو. گل محمد اندر آيو تہ ٿڙيو پئي! چانپن ڪبابن جا پُڙا ٿيلھين ۾ وجهيو کنيو آيو هو. ٽيبل تي ٿيلھيون رکيائين ۽ پوءِ شانان وٽ هليو آيو. هن دفعي ڏاڍو پراعتماد پئي لڳو. سندس ڀرسان ويھي ٻانھن ۾ ٻانھون وجهي کيس پاڻ ڏانھن ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ ڇڪيائين. لڳو پئي تہ هو نشي ۾ ٽُٻ هو.
”من! دل!... هيڏي تہ اچ.“
شانان ڇھاءُ تي سجاڳ ٿي ويئي. هن کي وري اُهائي بڇان اچڻ لڳي جڏهن هُن شام جو ساڻس کُلي ڳالھايو هو. جڏهن گل محمد کيس ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ پيار ڪرڻ لڳو تہ سندس بيڊولن چپن کي محسوس ڪندي سندس هنيانءُ ڪچو ٿيڻ لڳو. هن کي اُٻٿ آئي ۽ ٽپ ڏيئي سندس هنج مان نڪري، باٿ روم ۾ ڊوڙي ويئي. دروازو ڏيئي واش بيسن آڏو بيھي اوڪارا ڏيڻ لڳي. هڪ ٻہ اُلٽيون بہ آيس، سندس دل خراب ٿي ويئي هئي. آهستي آهستي گرڙيون ڪيائين، پيسٽ هنيائين. خوشبو هنيائين تہ ڪجهہ سامت ۾ آئي. ساڻي ٿي ٻاهر نڪتي تہ گل محمد صوفي تي چڙهيو بوتل کوليو، گلاس ۾ وهسڪي پيٽي رهيو هو. هو کيس ڏسي کِليو ۽ گلاس ڀريائين.
”هيٺ ويٺي پيتم پر اڃان نشائي نہ چڙهيا آهن. اچ ويھہ، ڪجهہ کاءُ، سڄو ڏينھن بک تي رهي آهين، طبيعت خراب نہ ٿيندءِ تہ ٻيو ڇا ٿيندو.“
هوءَ آهستي آهستي اچي صوفي تي ڀرسان ويٺي. گل محمد دونا کولي کڻي اڳيان رکيس. هوءَ ڪا گهڙي خاموش رهي پوءِ اوچتو هن سَٽ ڏيئي سندس گلاس کنيو ۽ هڪ ساهي اکيون ٻوٽي ائين پي ويئي ڄڻ پياڪ هجي. گل محمد گهڻي ’هان! هان‘ ڪئي پر هن گلاس خالي ڪري ميز تي رکيو. هاڻ گل محمد پيلا ڏند ڪڍي کِلڻ لڳو. شانان گلاس ڀرڻ لاءِ اشارو ڪيس. ۽ هاڻ گل محمد کي تہ مزو اچي ويو. هن سندس گلاس بہ ڀريو ۽ پنھنجي لاءِ بہ پيگ ٺاهيو. سگريٽ دکائي ڏنائينس.
”سھڻا سائين! آهستي پيءُ... تڪڙ ڇا جي آهي.“
پر شانان اهو گلاس بہ تڪڙا ڍُڪ ڀري ختم ڪيو تہ ٽئين پيگ پيئڻ ۾ بہ دير نہ ڪيائين، ٻہ ٽي سگريٽ پي ويئي. ٿوري دير کان پوءِ سندس دماغ ڦرڻ لڳو. آهستي آهستي گل محمد جي ويجهو ايندي ويئي ۽ هن جي ٻانھن ۾ جُهلي پيئي. هن دفعي جڏهن گل محمد کيس ڀاڪر ۾ ڀري پيار ڪيس ۽ بي ڊولن چپن سان مٺيون ڏيندو رهيس، تہ نہ کيس بڇان آئي نہ اُٻٿ محسوس ڪئي. هوءَ ائين ئي سندس هنج ۾ جهولندي رهي. گل محمد آهستي سرٻاٽ ڪيس منھنجي مٺي مومل! منھنجي شانان! اکيون تہ کول، ڏس تہ سهين.“
مومل خماريل اکيون کوليون.
”ڪھڙي مومل! ڪھڙي شانان!... گل محمد، توکي تہ هيءُ سڀ ڪجهہ کپي.“ هن پنھنجي جسم ڏانھن اشارو ڪندي آهستي چيو. ”اجهو مان حاضر آهيان.“
پوءِ خماريل نيڻ پوري گل محمد جي ڀاڪر ۾ سمائجي ويئي. گل محمد ٽڙي پيو. خوش ٿي ٻانھن ڊگهي ڪري ٽيبل تان پڪل گوشت جي چانپ کڻي چٻاڙڻ لڳو.

ٽانڊاڻا ٿا ٽمڪن

عاشق اُن ڏينھن منھنجي سامھون جيتريون ڦيريون پاتيون ۽ هن ننڍڙي فليٽ جا جيترا چڪر ڏنا، شايد ايترو پنڌ روڊن تي بہ هُن نہ ڪيو هوندو. هو بي چين روح جيان کنڀڙاٽيون هڻندو هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري، ننڍڙي اڱڻ ۾ پيل بالٽين، پکڙيل ٿانون ۽ ڍير ميرن ڪپڙن کي لتاڙيندو مون تائين پھچي مون تي اڻ لکي نظر وجهي وري اَلوپ ٿيو وڃي. جڏهن ساڻو ٿيو تہ منھنجي سامھون پلنگ تي ٽپ ڏيئي چڙهي ويٺو ۽ ڊگها وڏا ساھہ کڻڻ لڳو. اوچتو مون ڏي گهوري ڏسڻ لڳو ۽ پوءِ رڙ ڪري چيائين:
”اهو سڀ تون آهين، تو ئي منھنجو ٺانٺو ڦِٽايو آهي. نہ تون اِهي روايتي Wisdom واراGolden Word پنھنجي مُنھن مبارڪ مان ڪڍين ها، نہ هيئن ورهين جو ساٿ ٽٽي ها. خبر اٿئي، اڄ ڪائون ڏينھن ٿيو آهي جو هوءَ نہ آئي آهي. ميان! اٺ ڏينھن ٿي ويا آهن. مون سندس منھن ناهي ڏٺو. مان هاڻ کيس ڪاٿي ڳوليان. هوءَ پراڻو گهر بہ ڇڏي ويئي آهي. توکي خبر آهي Wise Man.“
مان ماٺ ڪيو سندس منھن ۾ ڏسندو رهيس. اوچتو هو ٿڌو ٿي ويو: ”تون ڪو ڏس پنڌ ڏئي. اڳي بہ تو ئي ٻُڏل ٻيڙا تاريا هيا. تون ئي اسان جو Wise Man آهين.“
مان کيس ڪھڙو جواب ڏيان تہ تو پاڻ پنھنجو ٺانٺو ڦِٽايو ۽ هاڻ مون کي ٿو ڏوهاري قرار ڏين.
هو ساڻو ٿي پلنگ تي پئجي رهيو هو. مان آهستي آهستي اُتان اُٿي فليٽ جي ٻئي ڪمري ۾ پيل کٽ تي پئجي رهيم. هو هوڏانھن ڦٿڪي رهيو هو، هيڏانھن مان ماٺ ميٺ ۾ يادگيرين جي ڄار ۾ وڪوڙبو ويس.
عاشق ۽ منھنجي دوستي اڄ جي ڪانہ هئي، ننڍي هوندي جي ياري هئي. ڪو وقت گڏ پڙهيا هياسين. پوءِ هو پنھنجي والد سان نوڪي سانگي، سنڌ جا ڪئين شھر لتاڙي، نيٺ اچي هن شھر ۾ مليو هو. مان بہ پڙهڻ سانگي سنڌ جي هوائن ۾ اُڏامندو هن شھر ۾ اچي نڪتو هوس. بابي هيءُ مسواڙ تي فليٽ وٺي ڏنو هو تہ اڃان بہ پڙهان ۽ پڙهي وڏو آفيسر بڻجان. پڙهيم بہ پئي تہ نوڪريون بہ ڪيم پئي.
شھر جون دوستيون- سو جُڙي وري ڊَهن، ۽ ڊَهي وري جُڙن. هڪ پکيءَ وانگر هوائن سان گڏ پئي اُڏريس. ڪڏهن مٿي آسمانن تي تہ ڪڏهن هيٺ پَٽ تي. جواني جو ڪوڙو جوش. ڪنھن تي اک پئي ناهي. موھہ کنيو وڃي ۽ وڃي سھڻن جي در ٻاهران بيھاري. دريءَ جو ديدار ڪيو، لڙي پھر موٽان تہ عشق ۾ ٻُڏل. رات جو خواب ئي خواب. عجيب زندگي هئي. اوچتو عاشق ڳولي لڌو. هيءُ حال ڏسي کِلي پيو.
”دلبر، هميشہ جيان خوابن جا سوداگر، آخر تيرا ڪيا هوگا ڪاليا.“
کلي مون بہ اُردو ۾ ئي جواب ڏنو: ”يار اسان جو تہ هيءُ حال آهي. نہ خدا هي ملا نہ وصال صنم، نہ اِدهر کي رهي نہ اُدهر کي رهي.“
”ڏس سھڻا، زندگي زندھہ دل ماڻھن وارن لاءِ آهي. هڪ دفعو ملي آهي، وري نہ ملندي. جواني بہ هڪ دفعو ايندي آهي، موٽ کاڌائين تہ هٿ نہ ايندي. شاديءَ کان اڳ واري زندگي اسان جي پنھنجي زندگي آهي، خاص طرح جوانيءَ وارو دؤر. پيارا، رُڳو خيالي عشق ڪبو يا دردناڪ چٺيون لکبيون يا دريءَ وارن جو اشارن وارو ديدار ڪبو، اِهو سڀ بيڪار آهي، مون کي ڏس!“
مون ڏانھنس نھاريو. سھڻو مست اکين وارو مست ڪندڙ جوان. مون کي ڄاڻ هئي تہ سندس اکين جي تيک آڏو ڪيتريون ئي سھڻيون بيھي نہ سگهنديون هيون. سندس مٺن ٻولن تي بہ عاشق، تہ سندس ٺاھہ ٺُوھہ ۽ ڪپڙي لٽي جي بيھڪ بہ کين وٽس ڇڪي ايندي هئي. مان سندس گاڏيءَ ۾ ڪيترا ئي سھڻا مھانڊا ڏسندو هيس. ڪيترن ئي گهرن ۾ سندس اچڻ وڃڻ بہ هيو. سندس ڳالھين ۾ ڪيترين ئي حسينائن جو ذڪر هوندو هو. ڪڏهن ڪنھن نازنين جي ڳالھہ تہ ڪڏهن ڪيترا ئي سلميٰ ستارا ڌرتيءَ تي لاهي ايندو هو.
هڪ ٻہ دفعا هُن چيو تہ مان پنھنجي ڪنھن پرينءَ کي هِت وٺي اچان. مون کيس سختي سان جهلي ڇڏيو. گهريتڙي ٻار هجڻ سان گڏ، خاندان ۽ بابي جي ناموس جو خيال، اوڙي پاڙي جو ڊپ. مون کيس ناڪار ڪندي چيو:
”ڏس عاشق! منھنجي دنيا پنھنجي آهي ۽ تنھنجي پنھنجي. مون کي اِنھيءَ جواني جي اُبتن نشن ۾ مبتلا نہ ڪر. هتي ڪير بہ نہ ايندو. دوست، مٽ مائٽ اچي سگهن ٿا پر ڪا حسين نازنين، ماھہ جبين نہ ايندي. يھان ڪوئي نھين ڪوئي نھين آئي گا، سمجهيئہ.“
I don’t know when you will grow up.” عاشق ڀڻڪيو.
هڪ ڏينھن آيو تہ چُپ هيو. سوچ ۾ ٻڏو پيو هو. هونئن ئي پاڻ ڳالھائيندو هو ۽ پنھنجا تازا ڪارناما ٻڌائيندو هو تہ مان ماٺ ڪيو ٻُڌندو هُيس. اڄ جو هو چپ هيو تہ مون بہ کڻي ڳالھايو.
”عاشق سائين! ڇا ڳالھہ آهي؟ لڳي ٿو تہ اڄ سڀ عاشق حسينائون ماھہ جبينون شھر ڇڏي ڪنھن پڪنڪ تي هليون ويون آهن.“
هو ٻُڏو پيو هو. نيٺ آهستي ڀڻڪيو ۽ چيائين:
”يار هنن حسينائن جي رولڙن ۽ ڌِڪن ماري ڇڏيو آهي. مان سوچيان ٿو تہ هڪ Permanent بندوبست ٿيڻ کپي.“
”توکي هونئن بہ مستقبل بندوبست جي ڪھڙي ضرورت آهي. تنھنجو اصل عشق مبارڪ شل دائم قائم رهي. پنھنجي مڱيندي تو وٽ موجود آهي، پوءِ توکي اِنھن لؤڻن هڻن جي ڪھڙي ضرورت آهي. ڇو اچي خوار خراب ٿيون آن؟ تنھنجو اِهو مڱڻو بہ تنھنجي عشق ۽ محبت جو وڏو ۽ پُراڻو نشان آهي. ڀلا ڪڏهن ٿو شادي ڪرين تہ جان ڇُٽي.“
يڪدم جواب ڏنو هئائين:
”يار، حالتن جي توکي خبر آهي. ڪا سٺي نوڪري ملي تہ شادي ڪبي ضرور، پر تون اِهو سمجهي ڇڏ تہ تنھنجي سوچ ۽ منھنجي سوچ ۾ وڏو فرق آهي. تنھنڪري پنھنجاSermons پاڻ تائين رَکُ. هاڻي ڳالھہ ٻڌ.“
مون ڏانھنس ڏٺو، ڏاڍو سنجيدو پئي لڳو ۽ مون ڪن کڙا ڪيا.
”توکي ياد آ تہ مون توسان هڪ ڇوڪري گلشن جو ذڪر ڪيو هو.“
منھنجي چھري تي سوال جي نشاني اُڀري آئي. الائي ڪھڙي گلشن، ڪھڙي گلبدن يا وري ڪا گل بڪاؤلي. سندس عشق جا تہ الف ليليٰ وارا هزار داستان هيا.
”اڙي يار، …That girl جيڪا اسان جي ڳوٺ جي هئي. سندس پيءُ هتي آفيس ۾ بابي وٽ ڪلارڪ هيو ۽ سندس ماءُ ۽ هوءَ هتي اسان جي گهر ۾ اچي ڪم ڪار ڪنديون هيون. اُتي ئي پيچ لڙيو ۽ پوءِ مان سندس پيءُ جي غير حاضريءَ ۾ سندن گهر بہ ويندو هئس. سندس ماءُ کي تہ اسان جي عشق جي خبر هئي پر پوءِ پڻس کي خبر پيئي تہ ڏينھن پڄاڻان سندس شادي پنھنجي هڪ مائٽ سان ڪرائي ڇڏيائين، جيڪو هُن کان عمر ۾ بہ وڏو هو.“
”پوءِ؟ هُن جي شادي ٿي ويئي تہ شھزادي جانعالم جو عشق خير خوبيءَ سان پورو ٿيو. هاڻي وري ڇا ٿيو.“
”اڙي سڄي ڳالھہ تہ ٻڌ سڄڻ! سندس مڙس واڍڪو ڪم ڪندو هو پر گڙنگ موالي هو. شڪي طبيعت جو ماڻھو هو. ڪُٽي سَٽي هڻي سندس هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيائين. ويچاري واپس اچي مائٽن وٽ ويٺي. اُن ڏينھن ماءُ سان گڏجي اسان جي گهر آئي هئي. سندس پيءُ بہ هاڻي تازو گذاري ويو آهي. پورهيو ڪري وقت گذارين پيا. ڏاڍو رُئي پئي. پاسيرو ٿي مون سان ملي تہ چيائين تہ مون تي قرب جو هٿ رَکُ، مان گولي ٿي گذاريندس. جي پيار ۽ دوستي جو هٿ نہ رکندين تہ مان زهر کائي مري ويندس. پنھنجي پراڻي پيار جا واسطا کڻي وڌائين. پيرن ۾ ويھي رهي. يار دلبر! اهڙي نماڻي ۽ سٻاجهي نينگر منھنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن ڪانہ آئي. مان وٺي ايندوسانس، پوءِ تون پاڻ فيصلو ڪجانءِ.“
”ڇا جو فيصلو؟“
منھنجا ڪن وري کڙا ٿي ويا. مون شڪي نگاهن سان ڏانھنس نھاريو.
”يار، ڳالھہ سمجه. مون هڪ پلان سوچيو آهي تہ سندس ماءُ کي هتي رکنداسين.“
”ماڻس کي؟ چريو ٿيو آهين ڇا.“ مون سندس ڳالھہ کي اڌ مان ڪٽيو.
”يار، ماڻس کي ڪم ڪار لاءِ رکنداسين. مانيءَ، ٿانوَ، ٻهاريءَ ۽ ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ.“
”پوءِ ڇا ٿيندو؟“
”ڪم عقلَ! هوءَ ماءُ ۽ ننڍي ڀاءُ سان گڏ هتي ايندي. گهڙي پل مون سان بہ ملندي. بس ائين ٻن عاشقن کي ملائڻ جو ثواب توکي ملندو.“ هيءُ ثواب جو ڪم مون کي سولو نظر نہ آيو.
”يار عاشق! مان مارجي ويندس. مائتن کي خبر پيئي تہ ڀت ٻاٽ مان ڪڍي ڇڏيندا. فليٽ بہ کسجي ويندو. بابو چڙيو تہ پوءِ سمجهين ٿو. وڏو رِسڪ آهي. اِهو مون کان نہ پُڄندو.“
مان ٽپ ڏيئي اُٿي ٻاهر نڪري ويس.
”دلبر! ڳالھہ تہ ٻڌ- ڳالھ تہ سمجه.“
هو چوندو رهيو، پر مان هيٺ لھي روڊ تي پسار ڪرڻ لڳس. هو اُتي بہ آيو. منھنجو سوڻل منھن ڏسي ڀاڪر پاتائين.
”چڱو دلبر! تون چِڙُ نہ، باقي مان هلان ٿو. رات اِن ڳالھہ تي سوچجانءِ: We have to help these poor people.
پوءِ پٺ تي تپڪي هڻي چيائين:
You Are a Progressive Witer and Social reformar. Be brave!”
هُو هليو ويو. عاشق جڏهن بہ ڪنھن ڳالھہ تي زور ڏيندو هو تہ انگريزي گهڻي ڳالھائيندو هيو. خوش هوندو هيو تہ اُڙدو شعر چوندو هيو. مان جڏهن ڪنھن ڳالھہ تي فيصلو نہ ڪري سگهندو هئس تہ اُن تي وڌيڪ نہ سوچيندو هيس. معاملو وقت ۽ حالتن تي ڇڏي ڏيندو هئس. ٻئي ڏينھن منجهند جو ڪم ڪار لاهي موٽيس تہ فليٽ اندران بند هيو. مون سمجهيو تہ عاشق اندر آهي، ڇاڪاڻ تہ ٻي چاٻي عاشق وٽ هوندي هئي. اندر گهڙيس تہ ڏٺم تہ هڪ مائي اڱڻ ۾ ڪپڙا ڌوئي رهي هئي. مان تڪڙو ڪمري ۾ داخل ٿيس. هڪ نينگر ڪمري ۾ ڇنڊ ڦوڪ ڪري رهي هئي. مان بيھي کيس ڏسڻ لڳس. هيءَ ڪا ننڍي نينگر نہ هئي، پنجويھن کن سالن جي عورت نما ڇوڪري هئي. هوءَ سڌي ٿي سامھون آئي تہ مون کيس ڏٺو. سندس جسم ڀريل، رنگ هلڪو سانورو، وارَ گهنڊيدار، نقش وڻندڙ، منھن تي پگهر ئي پگهر، پاڻ بہ سڄي پگهر ۾ وهنتل. سندس سادا لان جا سنھا ڪپڙا، سندس جسم تي چهٽيا پيا هيا. هُن ڪا گهڙي پنھنجن هلڪن ناسي اکين سان مون ڏي تڪيو. پوءِ پراڻي پوتيءَ جي پلاند سان منھن اُگهيو ۽ مُرڪي چيائين: ”مان گلشن آهيان.“
مان کيس ڏسندو رهيس. شايد سدا آباد ۽ ٽڙيل گلشن اهڙائي هوندا آهن. هوءَ شايد منھنجي اکين جو تيک نہ سهي ٻاهر هلي ويئي. گهڙي کان پوءِ وري موٽي آئي.
”اَمان وڃي ٿي. ٻين گهرن ۾ بہ وڃڻو اٿس. ڀلا توهان ماني کائيندؤ يا سائين عاشق اچي تہ پوءِ گڏجي کائيندؤ؟“
مون ڪنڌ کڻي کيس ڏٺو. مون کان سڀ اعتراض، مٽن مائٽن ۽ ابي جي ڪاوڙ، لوڪ لڄا جو ڀَئُه، سڀ ڪجه وسري ويو. مان چپ چاپ اُٿي ٻاهر آيس. گلشن جي ماءُ مون کي کيڪاريو. مون کيڪر جو جواب ڏنو. پوءِ کيسي مان سوَ رُپيا ڪڍي کيس ڏنا پئي.
”نہ سائين! اهو بار توهان تي ناهي“، گلشن مون کي روڪيو. مون ماڻس جي مٿي تي هٿ رکي چيو: اَمان! هيءُ منھنجو گهر آهي. هتي جو اُجورو منھنجو ذمو آهي. تون تہ پورهيو ڪرين ٿي نہ.“
”ابا! تنھنجي مھرباني.“
هيءَ هڪ ڏکن ماريل، هيڻن هڏن واري عورت هئي. ڦاٽل گَندي مٿي تي سوري وڌائين تہ سندس چتين لڳل ڪپڙا ظاهر ٿي پيا.
”اَمان! هاڻي جڏهن بہ اَچين تہ وڳو سولو پائجانءِ. مون کيس کيسي مان ٻيو سؤ جو نوٽ ڪڍي ڏنو. مائيءَ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
هوءَ پراڻي جُتي گسڪائيندي ٻاهر نڪري ويئي. مون ڏٺو تہ گلشن جون اکيون حيرت کان ڦاٿل هيون. هيءُ عاشق ڇا ڪندو رهيو آهي! هئڙن غريبن کي پنھنجو تہ ڪري ٿو پر کين پالي تاتي نٿو. لٽو ڪپڙو گندي هِنن بہ لهڻي.“ مان ڪمري ۾ آيس تہ هوءَ هلي آئي.
”سائين! عاشق ڇا چوندو. عاشق سائين قرب ڪري وٺي آيو آهي. هُن چيو تہ پنھنجو گهر آهي تہ پنھنجو گهر آهي. پئسا تہ نہ وٺبا.“
”عاشق ڀلي توهان کي پئسا نہ ڏئي، پر هِتي هِن گهر ۾ جيڪو بہ ڪم ڪندو مان اُن کي سندس پورهئي جا پئسا ضرور ڏيندس. مان پاڻ بہ پورهيو ڪري ڪمائيندو آهيان. ڀلا ڇڏ اِنھيءَ ڳالھہ کي، ماني پچائي اٿو ڇا؟“
”ها، عاشق سائين ڀاڄي، اٽو، چانور، گيھہ وٺي ڏيئي ويو هو ۽ تاڪيد ڪري ويو هو. ڀلا ماني کڻي اچان.“
مون ڪنڌ لوڏي هائو ڪئي. مون ليئو پائي ڏٺو. رنڌڻي ۾ هوءَ ويھي ماني گرم ڪري رهي هئي. رئو لھي ويو هيس. باھہ تي سندس مُنھن ڳاڙهو ٿي ويو هو، هُن ڪنڌ ورائي ڏٺو. کِلي ڏنائين:
”بُک لڳي اٿوَ نہ. اِجهو ٿي آڻيان.“ منھنجي لاءِ سڄو سلسلو نئون هو. هن گهر کي عورتاڻو هٿ لڳي چڪو هو. سڄو گهر ڌوتل اڇو اُجرو پئي لڳو.
مان ٽنگون سِڌيون ڪري پلنگ تي اکيون بند ڪري ليتي پيس. مون کي خبر ئي نہ پيئي. هوءَ آئي، ننڍي ٽيبل ويجهو ڪري ماني رکي پوءِ مون کي ٻانھن کان لوڏيائين. هڪ عجيب ڇھاءُ هو. مان ٽپ ڏئي اُٿي ويٺس. هن مُرڪي اِشارو ڪيو تہ ماني کائو. مون ايڏي لذيذ ماني ورلي کاڌي هئي. هوءَ اُڀي بيٺي هئي.
”ماني ڪنھن پچائي آهي.“
”ماني امان پچائي آهي. ٻوڙ مون رَڌو آهي. ڇو مزو نہ آهيس؟“
”عاليشان!... توهان جي هٿن ۾ خُوب شيري آهي.“
هوءَ کِلي هٿن کي ڏسڻ لڳي. پوءِ اوچتو ڇرڪ ڀري چيائين، ”عاشق سائين اڃا تائين نہ آيو آهي.“ مون سندس چھري تي هلڪي پريشاني ڏٺي. پوءِ هوءَ ٿانوَ کڻي هلي ويئي. هوءَ ٿانوَ سهيڙي ٻئي ڪمري ۾ هلي ويئي هئي. مون ليئو پاتو. ڏٺم تہ هوءَ دري کان بيٺي هئي ۽ شايد عاشق جو انتظار ڪري رهي هئي. مان پنھنجي ڪمري ۾ اچي ليٽي پيس. هڪ ڪم ڪار، ٻيو پورهئي جو ٿڪ، مٿان لذيذ ماني، پيٽ ڀريو تہ اک لڳي ويئي. چڱي دير کان پوءِ ڀُڻڪي ۽ هلڪن ٽھڪڙن تي اک کُلي ويئي. آهستي اُٿي اڱڻ ۾ کُلندڙ دريءَ جي اڌ ٻيڪڙيل سير مان اندر ڪمري ۾ نھاريم. هوءَ کيس گرھہ ٺاهي کارائي رهي هُئي. ۽ هوءَ گرھہ گرھہ تي سندس آڱرين کي چڪ پائڻ جي ڪري رهيو هو. هُن تہ کلي آڱريون هٽائي پئي ڇڏيون. ائين هُن ڳالھايو. هِن دفعي گلشن جو آواز ٻيو هو. اُن ۾ ميٺاڄ جا مَٽ ڀريل هيا. اوتيائين پئي تہ ڳرو ۽ ڪنھن نشي ۾ ٻڏل آواز هو.
”سائين، ايڏو انتظار ڪرائبو آهي؟ صبح جا ويل، هيءَ مھل ٿي آهي. مان تہ ائين آهستي آهستي ڪري هڪ اڌ ڏينھن ۾ مري وينديس.“
عاشق هُن جو گرھہ روڪي ڇڏيو.
”مان توکي مرڻ نہ ڏيندس، مِٺي!“ پوءِ هُن کيس ڀاڪر ۾ کڻي ڀريو. هوءَ آهستي سندس ڀاڪر مان کسڪي اُٿي بيٺي.
”ٿانوَ رکي اچان. توهان جا هٿ ڌئاريان. ٻانھي تنھنجي آهي. تڪڙ نہ ڪر منھنجا سائين.“
منھنجي اندر ۾ الائي ڪھڙن طوفانن ڪَرُ کنيو هو جو مان اُتان چُري نہ پئي سگهيس. سڌو ٿي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي بيھي رهيس. هوءَ ٻيڪڙيل در کولي ٻاهر نڪتي. هن پاسي ڏٺائين ۽ مون تي نظر پيس. هوءَ بنھہ هٻڪي؛ مُرڪي رئو مٿي تي وجهي رنڌڻي ۾ لنگهي ويئي. گلاس ۾ پاڻي کڻي ويئي. موٽي اچي چلمچي ۽ لوٽو هٿن ڌئارڻ لاءِ کڻي ويئي. موٽي اچي پنھنجا هٿ ڌوتائين. مان اُتي ئي بيٺو رهيس. هر ڀيري مُرڪندي موٽي. اوچتو هوءَ بيھي رَهي.
”اوهان کي ڪجه کپي؟“
مون ڪنڌ ڌوڻيو. آهستي ٽنگن کي چوريو. هُن دروازو بند ڪيو. پوءِ آهستگيءَ سان ٿوري کليل دري بہ بند ڪري ڇڏيائين. مان پنھنجي ڪمري ۾ موٽي آيس. شام تائين دماغ ڳرو رهيو.
ڪپڙا مَٽي ٻاهر نڪتس. ڪوبہ آواز ڪونہ هو. شايد سُتا پيا هيا.
مان نوڪريءَ سان گڏ ڪاروبار بہ ڪندو هيس. ڪڏهن ڪاٺين جو تہ ڪڏهن موٽر پارٽس جو. ڌنڌي گؤنچ ڪڍيا هُيا. سوچيو هيم تہ ڌنڌو هلي پئي تہ اها هلڪي نوڪري بہ ڇڏي ڏيان. پيٽرول پمپ جي مامري کي لڳو پيو هوس. رات جو دير سان موٽيس تہ فليٽ تي ڪير بہ ڪونہ هو.
ائين سمجهيم تہ ڏينھن جو ڪو خواب ڏٺو هيم. اسان هونئن ئي خوابن ۾ رهڻ وارا، ساڀيان هجي تہ اعتبار گهٽ ايندو. رنڌڻي ۾ گهڙيس تہ ماني تيار پيئي هئي. چانور دمي ۽ پٽاٽا تري ڍڪي رکي ويئي هئي. ماني ڪمري ۾ کڻي اچي کاڌم. ماني کائي ليٽيس ۽ اکيون پوريم. نہ ڪو خواب نہ ساڀيان، هت تہ سڄي ڏينھن جي وارتا ۽ حقيقت ڪَرُ کنيو بيٺي هئي. سڄي ننڊ نہ آئي. سوچيم تہ مون کي ڪجه بہ نہ سوچڻ کپي. ائين ڇڏڻ کپي جيئن اڳ ڪندو آيو آهيان. ڏاهپ جو ڏانُ اِهوئي آهي تہ ڀل وقت ۽ حالتون پاڻھي فيصلو ڪن. اُهوئي سٺو هوندو ۽ صحيح هوندو. ائين فليٽ ۾ جيڪي ٿيندو رهيو، ماٺ ميٺ ۾ ڏسندو رهيس. ڪڏهن ڏسان تہ گلشن کيس زور ڏيئي ننڊ پيئي ڪرائي، ڪڏهن مٿي کي مالش پيئي ڪري. ڪڏهن اچيو منهجي ڪمري ۾ وهن. ڳالھيون سڄي جھان جون، کُٽن ئي نہ. ٽھڪڙا ئي ٽھڪڙا، پر مان ماٺ! ڪڏهن عاشق کيس شاپنگ ڪرائي وٺي اچي، گلشن ڀلن وڳن ۾ ڀلي ٿي پيئي هئي. رنگ بہ چٽو اڇو ٿي پيو هيس. هڪ ڏينھن آئي تہ ڇِمڪا ڪندي آئي. اچي پير پلنگ تي رکي پازيب ڏيکاريائين. اڇڙن پدمڙن پيرن ۾ چانديءَ جا پازيب اهڙا ٺھيس پئي جو مون بي اختيار پازيبن کي تہ ڇھيو پر نرم نازڪ پيرن کي بہ ڇھي ورتو. هُنَ تي ڪوبہ اثر ڪونہ هو. هُن کي اها بہ ڄاڻ هئي تہ مان کين لڪي ڏسندو آهيان. پر هوءَ پنھنجي پيار ۾ مست مگن هئي. عاشق کي ڏسندي هئي تہ ٺري پوندي هئي. منھنجو لحاظ بہ نہ ڪندي هئي. ڪڏهن تہ منھنجي سامھون مِٺيون پئي ڏينديس، ڀاڪر پئي پائينديس. منھنجو جسم سڄو ڏڪي ويندو هو ۽ مان پاڻ کي پنڊ پاهڻ ڪري ڇڏيندو هيس. مان اُن کي کيل تماشو سمجهي لنوائي ويندو هئس. رات جو ڪوبہ کيل تماشو منھنجي سامھون ڪونہ هوندو هو. مان ۽ منھنجيون ويڳاڻيون راتيون! مون بہ عشق ۽ فراق جا درد پرايا هيا، پر هٿ سڙيا جسم ٻريو اندر خاڪ هيو. اُن خاڪ ۾ چڻنگ باقي آهي يا نہ، مون اُن رک کي ڦولهڻ جي بہ نہ ڪئي. هيءُ نئون کيل تماشو منھنجي سامھون پئي ٿيو، اِهو منھنجو ٿوروئي هو؟ مُنھنجو ڇا وَڃي، چئي منھن ڦيري ڇڏيندو هيس.
اُن ڏينھن عاشق عاشق اڪيلو رات جو اچي نڪتو. پريشان پئي لڳو. جڏهن قصو بيان ڪيائين تہ لڳم تہ ٻيلي منھنجو بہ ڪجه اِنھيءَ ۾ آهي. ڇا آهي، اهو بس هيئن ئي هو. هُن ٻڌايو تہ مائتن سندس شاديءَ جي تاريخ رکي ڇڏي آهي. هاڻي ڇا ٿيندو.
”سو ڇا ٿي پيو؟“
”سو ڇا ٿي پيو؟ عجيب ڳالھہ پيو ڪرين! شادي کان اڳ زندگي اسان جي آهي. شادي کان پوءِ واڳ ڌڻي وس ٿي ويندي. زال ماڻھوءَ کي کائي ڳهي ويندي. مڙد جو ڏس پتو ئي نہ پوندو. اُها سُريت، يارڙي هوندي آهي جيڪا خوف ۾ مبتلا هوندي آهي. شيلٽر هن جو وڏو مسئلو هوندو آهي. لڳندي تہ پير ڌوئي پئي پيئندي. هيءُ تہ ڇوري ڇني ٿي ويندي، پوءِ ڪاڏي ويندي؟“
”زال لاءِ بہ تہ مڙس ڇپر ڇانءُ هوندو آهي.“ مون کيس وراڻيو.
”اُهو نڌڻڪين زالن لاءِ، پر جن جا اَبا اَمان، چاچا ماما، ڀائر حيات هوندا آهن، اُهي اُن ڪيري آهر پيون ڪڏنديون آهن. جيستائين هو جيئرا هوندا آهن، تيستائين مڙسن جي جسم تي چَم ئي نہ رهندو آهي. باقي رهندا آهن سندن هڏا، جيڪي زالون ۽ سندن ٻار چوپي چٻاڙي ڇڏيندا آهن. پوءِ ڀلي سندس مائٽ سڀ مري وڃن، حڪومت هنن جي هوندي آهي.“ ساهي پٽي چيائين:
”ڇڏ اِنھيءَ ڳالھہ کي، هاڻي ٻڌاءِ تہ گلشن کي ڇا چئجي.“
”تو کيس ٻڌايو آهي.“
”ها، مون اَڄ منجهند جو کيس چيو هو.“
”پوءِ؟“
”هوءَ چوي ٿي تہ ڇا بہ ٿئي، مان کيس نہ ڇڏيان. ڀلي ٻہ زالون ڪريان، پر هوءَ چوي ٿي تہ هوءَ منھنجي گولي غلام ٿي رهڻ چاهي ٿي. ڏس يار، هُن سڀ ڪجه مون کي ڏنو آهي. ايڏو پيار تہ شايد زال بہ نہ ڏيندي. هوءَ چوي ٿي تہ دلبر سائين جيڪڏهن ساٿ ڏئي تہ پوءِ بہ اَسين هِت ملي سگهون ٿا. ڇا دلبر، ائين ٿي سگهي ٿو. تون اِهو بار کڻي سگهين ٿو.“
”جي منھنجي بہ شادي ٿي وڃي. مان هتان هليو وڃان.“
”ڀلي، هوءَ هتي رهندي. هن فليٽ جو ڪرايو ۽ سندس خرچ مان ڀريندس. رُڳو شادي پُراڻي ٿئي. يار ڪا تہ مدد ڪر يا ڪو ڏس ڏي! Wise Man. “
مون آهستي آهستي چوڻ شروع ڪيو. مون کي ائين لڳو، اُهو آواز منھنجو نہ هو. ”تو پاڻ ئي چيو تہ شادي کان پوءِ زال مڙس کي ڳهي ويندي آهي. ۽ شايد سُريت لاءِ بہ هوءَ جاءِ نہ ڇڏيندي. ڇو ٿو ٻن حياتين کي برباد ڪرين. وڃ، وڃي پنھنجي معصوم زال کي بچاءِ، جيڪا ورهين کان تنھنجي انتظار ۾ ويٺي آهي. هن غريب گلشن کي ڪيستائين اُجاڙيندو رهندين. ٻہ مَن نہ ڪر. ٻِچِتو نہ ٿي. رستو هڪ وٺ. ڪجه ڏينھن ٿيا، هُن جي ماءُ مون وٽ آئي هئي. رُني پئي.“
”ڇا پئي چوي؟“
”بس رُئي پئي. پنھنجي ڌيءَ جي اُجڙيل قسمت تي رُئي پئي. ٻيو ڇا چوندي، ويچاري، تو بہ تہ قھر ڪيو آهي.“
عاشق ٽپ ڏئي اُٿيو.
”تون ڪاڏي وڃجانءِ نہ، مان اَچان ٿو.“
اڌ ڪلاڪ کان پوءِ آيو تہ گلشن ساڻس گڏ هئي. عاشق بنھہ منھنجي سامھون کڻي وهاريس.
”هاڻي سمجهيائينس. هيءُ نٿي مڃي، پڇينس تہ ڇا ٿي چئي.“
مون گلشن ڏي نھاريو. هوءَ ڪڇي ڪانہ، رُئي پئي.
”ڏس، دلبر بہ چئي ٿو تہ مون کي هڪڙو رَستو وٺڻو پوندو.“
هُنَ مون ڏانھن نھاريو. پوءِ آهستي ڀُڻڪيو.
”چئوس تہ مون کي نہ ڇڏي. شادي ڀَلُ ڪري پر مون کي نہ ڇڏي. توهان چئوس، مون کي اِنھيءَ ڪمري مان نہ ڪڍي. مون کي ٻيو ڪجه بہ نہ کپي.“
هن پير مٿي ڪري، پازيب پٽي لاٿا، ڳچيءَ ۾ پيل سوني زنجير لاهي اُڇلي. منڊي بہ لاهي هن جي تريءَ تي رکيائين.
”پوءِ چئوس تہ هاڻي مون کي نہ ڇڏي. مون کان سڀ ڪجه وٺي.“
مان سندس رُئڻ ڏسي نہ سگهيس ۽ ٻاهر نڪري ويس.
“Mad Girl” ، هن دفعي مون بہ انگريزي ۾ ڀڻڪيو.
مان اڱڻ ۾ بيھي رهيو هئس. اوچتو ڌڪن جا آواز آيا ۽ عاشق ڪمري مان نڪتو.
”يار! هوءَ چري ٿي پيئي آهي. هاڻي ڌڪ بہ هنيا اٿئين. پئي ٿي رُئي ۽ وڙهي .I cannot face her مان تڪڙو آهيان. تنھنجي ڀاڄائي زرين جا پيءُ ماءُ ۽ مائٽ ڳوٺان آيا آهن. سندن ماني آهي ۽ ڳائڻ وڄائڻ بہ آهي. ڪا رَسم بہ آهي. مان هلانٿو. تون هينئن ڪر، جو هن کي پرچائي گهر ڇڏي اچجانءِ. مون سان هلندي تہ رستي تي بہ راڄ کلائيندي. هن وقت منھنجي پوزيشن نازڪ آهي. ڪنھن ڏٺو بہ تہ ٺيڪ نہ آهي.“
هو آهستي مون سان ڳالھائي رهيو هو. اسان کي سمڪ نہ رهي. هينئن نھاريوسين تہ گلشن پاسي ۾ بيٺي هئي هن دفعي هِن ڳوڙها اُگهيا ۽ کيس گهوري ڏٺائين. عاشق اُن گهور کي شايد سمجهي نہ سگهيو.
”سڀاڻي اچجانءِ، وڌيڪ ڳالھيون ڪنداسين، فڪر نہ ڪر جاني.“ عاشق هٿ وڌائي کيس ڀاڪر لاءِ ڇڪيو. هُن کيس ٿيلھو ڏنو ۽ پوءِ پاڻ وري ڪمري ۾ گهڙي بُلٽ چاڙهي ڇڏيائين.
”پاڻھي ٺيڪ ٿي ويندي. سڀاڻي نہ آئي تہ مان وٺي ايندوسانس.“
هو تڪڙو ٻاهر نڪتو ۽ ڊوڙون پائيندو ڏاڪڻ ٽپندو هيٺ لھي ويو. مون ٻاهريون دروازو بند ڪيو ۽ هُن جي بند ڪمري کي ڏٺم. پوءِ اندر اچي مٽ جي ٿڌي پاڻيءَ جا ٻہ گلاس پيتم ۽ ٻہ گلاس پاڻ مٿان هاريم. منھنجو سڄو جسم تپي رهيو هو. پنھنجي ڪمري ۾ اچي ويٺس. سوچيم پئي تہ ڇا مون اِهو سٺو ڪيو. يا سُٺو ٿي ويو. مون اِهو سوچيو ئي پئي تہ هڪ گهگهو آواز آيو:
”تو اِهو سٺو نہ ڪيو. دلبر!“
مون سمجهيو تہ اِهو منھنجي اندران ڪو آواز آيو آهي، پر ڏٺم تہ گلشن بيٺي هئي. شايد رُئڻ ۽ رڙين ڪري سندس آواز گهگهو ٿي ويو هو.
”تون ائين ڇو ڪيو.“
”مون ڇا ڪيو؟“
”تو عاشق کي ڇو چيو تہ هو پنھنجي معصوم زال کي بچائي ۽ هُنَ جي زندگي تباھہ نہ ڪري، تنھنڪري مون کي ڇڏي ڏئي. مان تہ کيس شادي کان نہ جهليو هو. تو هُن کي مون سان واسطو رکڻ کان بہ روڪي ڇڏيو. اِهو تو ڇو ڪيو؟“
مان سمجي ويس تہ عاشق سڄي الزام مون تي مڙهيو هو. مان سجاڳ ٿي ويس.
”خير خواهي جي ڏوھہ آهي تہ مان ڏوهاري آهيان. هو هڪ پاسي توکي سُريت يا يارڙي ڪوٺي رهيو هو، ٻئي پاسي زال لاءِ پريشان هو ۽ چئي پيو تہ هوءَ هُن کي ڳهي ويندي. تڏهن چيومانس تہ تون هن غريب گلشن کي ڇو ٿو اُجاڙين؟ توکي خبر نہ آهي گلشن، وڏا ماڻھو جڏهن شادي ڪندا آهن تہ دوستيون، ڏکن سکن جا سفري ساٿي، رڳو سفري رهندا آهن؛ دوستيون ۽ ساٿ سڀ ختم ٿي ويندا آهن. هُنن لاءِ نيون سُريتون، نيون دوست بڻجي پونديون آهن ۽ پراڻيون دوست گٺل ڦٽل سُريتيون، جن جو وٽن دُڪو بہ داخل نہ هوندو آهي، سندن کاتي ۽ کنڌي جا صفحا هيءَ شاهوڪار ماڻھو، بندين مان ڦاڙي ڪڍندا آهن ۽ اُنھن صفحن تي نوان نمبر هڻي ڇڏيندا آهن.“
گلشن اکيون ڦاڙي مون کي ڏسندي رهي.
”تون ڪنھن جي بہ هجين، پر مون لاءِ پُر بھار گلشن بڻجي آئين. هيءُ گهر تنھنجي اچڻ سان مون لاءِ نيون ڳالھيون کڻي آيو. مان نون جذبن سان آشنا ٿيس. تو هو ڪمرو گهريو هو، هيءُ سڄو گهر تنھنجو آهي. اسان کي بہ آزمائي ڏس.“
هاڻ هن جو ڪنڌ هيٺ هيو.
هوءَ آهستي آهستي هلندي ٻاهر هلي ويئي. مان خاموش ويٺو رهيس، فليٽ ۾ خاموشي هئي. ٻاهر روڊ رستا بہ ويران هيا. رات لڙي هلي هئي. مون پنھنجي اندران هلڪو آواز ٻڌو، ”ڇا هيءُ سڀ ڪجه سٺو ٿيو، هاڻ سڀ ڪجه صحيح ٿي ويندو.“
صحيح ائين ٿيو جو مون رنڌڻي ۾ ٿانون جو ٺڙڪو ٻُڌو. ڪجه دير لڳي، پوءِ سندس قدمن جو آواز هو. اُن سان گڏ ڏٺم تہ هُن بيدا آمليٽ ۽ ڊبل روٽي منھنجي آڏو آڻي رکيا.
”توهان ڪجه نہ کاڌو آهي، ڪجه کائو.“
مان کيس ڏسندو رهيس. پوءِ دل جهلي ٻانھن کان ڇڪي پاڻ سان گڏ کڻي وهاريم.
”تو تہ سڄو ڏينھن ڪجه نہ کاڌو آهي.“
هوءَ ماٺ ڪري ويھي رهي.
مون ڊبل روٽي ۽ آمليٽ کي گڏي گرھہ ٺاهي، سندس وات تائين کڻي ويس. هُن عجيب نظرن سان مون کي ڏٺو. پوءِ ٿورو نئڙي گرھہ ورتائين. هُن جي اکين ۾ اڃا بہ پاڻي ڀريل هو، پر هن دفعي اُهو پاڻي ڪجهہ ٻيو هو، جو هُن هٿ وڌائي گرھہ ٺاهي مون کي کارايو. مون سندس سھڻين آڱرين کي ڏٺو. مون اُنھن کي چڪ نہ پاتو، نہ وري کيس ڇڪي ڀاڪر ۾ آندو. ماني پوري ٿي، هُن ٿانوَ کنيا، پاڻي پياريائين، منھنجا هٿ ڌوتائين ۽ پنھنجي ڪمري ۾ هلي ويئي.
مان ليٽي پيس، آهستي آهستي اکيون ٻوٽبيون پئي ويون. گهڙي پل لاءِ سمڪ نہ رهي. اوچتو مون محسوس ڪيو تہ ڪو منھنجي مٿان بيٺو آهي. ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺس. گلشن بيٺي هئي.
”سائين، هن مھل مان گهر نہ وينديس. رات هِتي ئي رهنديس.“
”ڀلي، ڀلي. جيئن تنھنجي دل چوي. سوير هلي ڇڏي ايندوسانءِ.“
”مان هُن ڪمري ۾ بہ نہ سُمھنديس. هِتي ئي توهان جي ڪنڊ پاسي کان پئي هونديس.“
هوءَ وهاڻو کڻي پلنگ جي پيرانديءَ کان ليٽي پئي. مون کيس اُٿاري سنئون ڪري پنھنجي پاسي کان سمھاريو پئي تہ هوءَ منھنجي ٻانھن ۾ جُهلي پيئي. آهستي سُرٻات ڪندي چيائين:
”دلبر سائين! مون کي پنھنجو ڪندين، مون کي پناھہ ڏيندين.“
پوءِ سُڏڪو ڀري چيائين: ”هن اُجڙيل گلشن کي سُريت ڪري رکندين؟“
منھنجي جسم ۾ سيسراٽ ڀرجي ويا. مون سندن ڳوڙها اُگهيا ۽ مِٺيون ڏنيون.
”مان جيسين جيئرو آهيان مون سان تون گڏ ئي گڏ هوندين.“ پوءِ مون کيس پنھنجي پاسي ۾ سمھاري ڇڏيو.
يادگيرين جي ڄار مان نڪرڻ سولو نہ آهي. اوچتو ٻاهرين در تي ٺڙڪو ٿيو. مان ڇرڪ ڀري اُٿيس. جيئن در کوليم، ڏٺم تہ گلشن بيٺي هئي.
”اڄ تون سوير ڪيئن اَچي وئينءَ. اندر عاشق ويٺو آهي.“
”مان سوير ڪانہ آئي آهيان، روز واري وقت تي آئي آهيان. رات ٿي وئي آهي، ڀنگ پيتي اٿوَ ڇا؟“ کلي چيائين.
مون کي يادگيرين جي درياھہ ۾ تڙڳندي ڪو وقت لڳو هو.
”تون نئين گهر هل، مان عاشق کي روانو ڪري اَچان ٿو ۽ پوءِ گڏجي موٽنداسين. تنھنجو هجڻ ٺيڪ نہ آهي، ڇتو ٿيو ويٺو آهي.“ مون ڀڻڪو ڪيو.
”ڀلي عاشق هجي، مان ڪو کانئس ڊڄان ٿي؟ اِهي ڪوڙا عاشق مون کي ڇا ڪندا؟ تون رُڳو سچو هُج، منھنجا دلبر سائين.“
مُرڪندي اڳتي وڌي، ڏٺائين تہ در پٺيان عاشق بيٺو آهي. هوءَ بنھہ نہ هٻڪي. کيس نظرانداز ڪندي سڌو مون واري ڪمري ۾ هلي ويئي. عاشق مون کي پاسي ڪري فليٽ جو دَرُ بند ڪري سڌو ٻئي ڪمري ۾ وٺي ويو.
Oh! I see” تو ئي کاٽ هنيو آهي!... ڀاڙي، بُزدل، گيدي!... …Coward cunning fellow تون دوستي جي نالي ۾ ڪاريھر نانگ آهين... تو مون کي ڏنگيو آهي... مان توکي نہ ڇڏيندس.“ هُن جو آواز وڏو ٿي ويو هو. هو ڪاوڙ ۾ مون ڏانھن وڌيو.
”خبردار، جو دلبر سائينءَ کي هٿ لاتو اٿئي.“
گلشن آواز ٻڌي، ڊوڙي هِن ڪمري ۾ آئي هئي.
”گلشن! هن توکي برغلايو آهي. دوکي سان مون کي پري ڪري، توکي پنھنجو ڪيو آهي.“ عاشق هن کي ڏسي، کيس ٿڌائيءَ سان چيو:
”دوکو هي ڇا ڪندو، دوکو تہ تو ڪيو آهي، ميان عاشق حسين! اڙي مان تنھنجي سُريت آهيان، يارڙي آهيان، رکيل آهيان. اڙي مان تہ تنھنجي همسفر ۽ دوست رهي آهيان. ڏکن سُکن جي ساٿي. مون تہ توسان اڻ ميو پيار ڪيو هو. جيڪي عورتون پيار ڪنديون آهن ۽ پنھنجي محبوب سان شادي ڪري نہ سگهنديون آهن، ڇا سي سڀ سُريتون، يارڙيون ۽ رکيل هونديون آهن؟ تو ڪيئي لينگها لتاڙيا هوندا. ڪيئي گلشن لُٽيا ۽ لتاڙيا هوندا. تو هئڙو ڪو گلشن ڏٺو جيڪو پاڻ تو وٽ لُٽجڻ لاءِ آيو ۽ وَرُ وَرُ آيو تہ ڀلي منھنجو پرين مون کي لٽي ۽ لتاڙي. تنھنجي عشق ۾ هِن هڪ چري غريب ڇوڪري ڇا ڪجه نہ ڪيو. تو نہ اَجهو ڏنو نہ چُوڙ ڏنو. زال کي ڪپڙو لٽو، اجهو، چُوڙ نہ ڏيندين؟ ميان! ڳالھہ ٻڌ. زالن ۽ يارڙين سا سُريتن ۾ بہ ڪو خاص فرق نہ هوندو آهي. اهو هر مڙد جي هلت چلت ۽ روش تي ڇڏيل آهي. هاڻي ڏسان تہ تون پنھنجي زال کي زال سمجهين ٿو يا وري يارڙي--“
عاشق جو منھن ڪاوڙ وچان ڳاڙهو ٿي ويو.
”هاڻي وڌيڪ نہ ڳالھاءِ. مون کي خبر آهي تہ اِهي ڪتاب ڪھاڻيون ناول پڙهي، فلمون ڏسي ڊائلاگ پئي هڻين. تون بنھہ کري پئي آهين.“ هُن مون ڏانھن نھاريندي چيو. گلشن بہ تپي بيٺي هئي.
”ها مان کريل آهيان. اڳ توسان کريل هيس، هاڻي هِن سان.“ هُن مون ڏي اِشارو ڪيو ۽ اچي منھنجي ڀرسان بيھي رهي ۽ ڀاڪر پائي مون کي مِٺي ڏنائين.
هاڻ عاشق تھان پوءِ ٿڌو ٿي ويو.
”مون تہ توکي سڀ ڪجه ڏنو، خوش رکيو. ٽپڙ ٽاڙي وٺي ڏنا، هيءُ توکي ڇا ڏيندو.“
”هان اَچي، باقي پنھنجا ٽپڙ وٺ. پازيب، منڊي هار اڳي توکي ڏنا هئم.“ ۽ پوءِ پرس کولي ڪجه ميڪ اپ جو سامان ۽ خوشبو جون شيشيون کڻي سندس سامھون کٽ تي اُڇلايائين.
”هيءُ ڏس ميان! نئين فليٽ جا ڪاغذ منھنجي نالي. هي بہ ڏس.“
پير مٿي ڪري منھنجا پازيب ڏيکاريائين. ريشمي رئو پري ڪري ڳچي هار ۽ پنڙا ڏيکاريائين. هٿ ۽ آڱريون نچائي چوڙيون ۽ ٻہ ٽي منڊيون ڏيکاريائين.
”سُريتون هيئن رکبيون آهن.“ هُن مون کي ٻانھن کان ورتو. ڇڪي ٻئي ڪمري ڏي هلڻ لڳي.
هن دفعي عاشق ڳري آواز ۾ ڳالھايو:
”وڌيڪ بحث اَجايو آ. Fine- O.K. دلبر! مان وڃان ٿو. پر اِهو مڃڻو پوندو تہ تون جھڙو تهڙو ماڻھو نہ آهين. تنھنجي Wisdom ۽ Plan کي سلام آ. You are really a Wise Man توکي پھرين يارڙيءَ جي مبارڪ هجي. سُريت مبارڪ، Mistress مبارڪ“، پوءِ ٽھڪ ڏيندو ٻاهر نڪري ويو.
اوچتو گلشن بہ ٽھڪ ڏيڻ شروع ڪيا. پوءِ هوءَ چرين وانگر کلڻ لڳي. مون کيس ڇڪي سيني سان لاتو.
”هوش ڪر گلشن!“ منھنجي چوڻ تي هن ٽھڪ روڪيا. پوءِ روئڻ شروع ڪيو ۽ رُئندي رُئندي چيائين: ”تون ئي فيصلو ڪر. مان سندس يارڙي رهي آهيان؟ مان سندس سريت هيس، مان سندس مسٽريس هيس؟ هن مون کي ڇڏيو، تو مون کي پناھہ ڏني. پيار ڏنو، عزت ڏني آهي. هاڻ مان تنھنجي سُريت، مسٽريس بڻي وئي آهيان؟“ پوءِ هُن رئي سان ڳوڙها اُگهندي چيو: ”دلبر! تون مون سان شادي ڪندين؟“
مان فليٽ جو ٻاهريون دَرُ بند ڪرڻ لڳس. پوءِ کيس ٻانھن کان وٺي ڀاڪر ۾ ڀري اچي پلنگ تي ويھاريومانس. ڪمري جو در بند ڪيم، بتي وسايم. اِنھيءَ وچ ۾ سوچيم تہ مان کيس ڪيئن ٻڌايان تہ اسين زميندار ۽ سرمائيدار طبقي جا نوجوان پنھنجي خاندان ۽ هڪ جھڙن مان مڱڻا ڪندا آهيون، شاديون ڪندا آهيون، اُن سان گڏ ڪيئي سُريتون، يارڙيون چئو، مسٽريس چئو اِهي نالا مَٽ ڪري، پاڻ وٽ رکندا ضرور آهيون، پر اُنھن سان شاديون نہ ڪندا آهيون.
بتي وسائڻ کان پوءِ ڪمري ۾ اوندھہ ڦھلجي ويئي هئي. آهستي آهستي رڙهندو اچي پلنگ ڀيڙو ٿيس. پوءِ گلشن کي ڀاڪر ۾ کڻي ڀريم. سندس مُک کي چمڻ لاءِ نئڙيس تہ اوندھہ جي ڪري ڪوبہ نقش نمايان نہ هو. نہ حسن جا جلوا ظاهر هيا. اُت هاڻي انيڪ ڳوڙها ٽانڊاڻن جيان ٽمڪي رهيا هئا. مون کي ڏاڍا وڻيا. مون پنھنجي چپن سان اُنھن چلڪندڙ چمڪندڙ ٽانڊاڻن کي ڇھيو. يڪدم سندس ٻانھن جو سونيون چوڙيون کڙڪيون. هٿ وڌيو تہ سونيون منڊيون بہ چمڪيون. هُن اُن هٿ سان ريشمي رئي جو پلاند کڻي ڳوڙها اُگهي ڇڏيا. ائين سڀ ٽانڊاڻا وسامي ويا. هاڻ اُت ڳچيءَ جو هار ۽ پنڙا رئي هٽڻ ڪري چمڪڻ لڳا.
مون کي ائين لڳو تہ اِنھي سوني وکر جو ڪو بہ ملھہ ڪونہ هيو. اِنھيءَ سڄي چلڪ چمڪ ۾ ڪجه نہ هيو. جيڪي هيو سو اُنھن ٽانڊاڻن جي ٽمڪڻ ۾ هيو. لڳم تہ اوندھہ ۾ جڏهن ڳوڙها ٽانڊاڻا بڻجي ٽمڪندا آهن تہ اُنھن جو ملھہ ئي ڪو ٻيو هوندو آهي. خاص طرح هنن غريب بي وس ڇوڪرين لاءِ تہ هيءُ ڳوڙها، هيءُ ٽانڊاڻا، اَملھ هوندا آهن.

هيءُ زهر ڪير تہ پيئندو؟

استاد شفيع محمد جي جيئن 1936ع جي پراڻي گهڙيال تي نظر پيئي تہ هو اهڙي ئي پراڻي ڪرسيءَ تان ٽپ ڏيئي اُٿيو. هو ٽنگڻيءَ ڏانھن وڌيو مس تہ گهڙيال بہ ٺڪاءَ هنيا. هن جيئن تڪڙ ۾ صدري ۽ ڌوتل پوتل اڇو وڳو ٽنگڻيءَ تان ڇڪي لاٿو تہ ٽنگڻي سوڌو وڳو ۽ صدري هٿ ۾ هيس. هن وڳو کٽ تي رکيو ۽ ٽنگڻي ڀت تي ڦهڪائي، ڪوڪا ساڳين سوراخن ۾ اٽڪائي هٿ سان کڻي ٺوڪيا. ٽنگڻي اُهائي ٽنگجي بيھي رهي. هن کي ان جو فڪر نہ هو، جو ائين روز ٿيندو هو. هن وڳي ۽ صدري کي ڇنڊڪو ڏنو ۽ پوءِ وڳو پائي مٿان اڇي صدري اوڍي ڪٻٽ ڏانھن وڌيو، جنھن جا طاق بہ اُلڙيا پيا ها. هٿ وڌائي ترڪي ٽوپي ڪڍي پوءِ هڪ برش ڪڍيو جنھن سان ترڪي ٽوپي کي صاف ڪيو. برش رکي ڪٻٽ جي هڪ طاق تي لڳل آئيني ۾ ڏٺو. تُرڪي ٽوپي مٿي تي بيھاري ان کي جائيتو ڪيو ۽ پوءِ وري ڪنڊ کان رکيل مُٺئي وارو لڪڻ کنيون تکو وريو. هاڻ هو آڳر ۾ هو جت سندس هڪ نياڻي ٿانو پئي ڌوتا. ٻي نياڻي اڱڻ ۾ ٺھيل ڇپر واري بورچيخاني ۾ ماني پئي پچائي. ٽين نياڻيءَ ٻهاري پئي ڏني. هو جيئن ٻاهرئين دروازي وٽ پھتو تہ ڇوڪري ڊوڙندي آيس.
”بابا بابا، اِهو ڇا، هاڻ تہ اسڪول ٽائيم تي پھچڻو بہ ڪونھيو، پوءِ اِها تڪڙ ڇا جي؟“
هو ڇرڪجي بيھي رهيو. پوءِ هوءَ کيس ٻانھن کان ڇڪي ڇپري ۾ وٺي آئي. هڪ منجي تي کيس ويھاري ٻي منجي ريڙهي پاڻ ويٺي ۽ مکيل ڊڳڙي دٻڪي ۾ وجهي آڏو رکيائينس. هن ڪاڙهيل چانهه، کومچي سان ننڍڙي ديڳڙي مان ڪڍي سندس آڏو رکيل ڪوپ ۾ وڌي. هو چپ چاپ ڊڳڙي ڀور ڀور ڪري وات ۾ وجهندو ويو ۽ مٿان مٺي چانھہ جا ڍڪ ڀريندو رهيو. هن ڪوپ کي ڏٺو، سڄو ڏريل هو. هن رنڌڻي ۾ نھاريو، ڀڳل سڳل ٿانو. اڱڻ تي نظر وڌائين، ڀور ٿيل سرون، کڏا ۽ کوٻا، ڀتيون ڀُريل ۽ ڏارون ٿيل سرون. هو نھاريندو رهيو ۽ چپ چاپ کائيندو بہ رهيو. بي خيالي ۾ دٻڪي ۾ هٿ هنيائين، دٻڪي خالي ٿي وئي هئي. هو آهستي آهستي اُٿيو. ٻاهرئين در ڏانھن وڌيو، پوءِ مُڙي ڌيءَ کان پڇيائين، ”عمران اُٿيو آ؟“
”بابا توهان بہ ڪمال ڪيو ٿا. هو هاڻ اُٿندو!“
هن ڪنڌ لوڏيو ۽ پوءِ ٻاهر لاءِ اُٿيو ئي تہ سندس نياڻي ويجهو آيس. ”بابا، سيڌو کپي ويو آ، هاڻي عثمان بقالي بہ اوڌر تي سامان نٿو ڏئي. اچو تہ ڪجهہ سامان وٺيو اچجو.“
پڻس ڪنڌ لوڏيو.
”ٻيو بابا شاهينا ۽ رضيہ جا ڪپڙا بہ ڦاٽي پيا آهن. سندن گَنديون ڏسو ٿا ـــ ڪي ٻہ وڳا تہ وٺي ڏيون.“ استاد پنھنجي وڏي نياڻي شانان ڏي ڏٺو تہ سندس گَندي بہ ڦاٽل هئي ۽ سندس وڳي ۾ بہ حال ڪونہ هو. هو وڌيڪ نہ ڪڇيو، وري بہ ڪنڌ لوڏيو ۽ سندس ٽوپي جو ڦندڻ ڦري آيو. پوءِ هو در پٽي ٽپڙي پري ڪري ٻاهر نڪتو. سامھون ئي غفور بيٺو هو. غفور رازڪو ڪم ڪندو هو ۽ استاد شفيع محمد جا پاڙيسري بہ هو تہ يار بہ. غفور وڌي اچي هٿ ڏنس.
”استاد، هيڏانھن تہ ڏس، سڄي جاءِ ڏري پئي اٿئي. ڪنھن بہ مھل هلي ويندءِ. سؤ دفعا چيو اٿمانءِ تہ ڪجهہ تہ مرمت ڪراءِ نہ تہ وڏو نقصان ٿيندءِ. اڙي يار، مان ڪو توکان پيسا وٺندس، رڳو سرون ۽ مزور کپن، گاري سان ئي بيھاري ڏيندو سانءِ.“
استاد شفيع محمد ڪا گهڙي ٻڌندو رهيو، پوءِ آهستي آهستي کُلندو ويو. ”يار، توکان حال تہ ڳجهو ڪونھي، ڇهون مھينو ٿيو آهي رٽائر ٿئي. هونئن بہ پرائمري ماستر يا هيڊ ماستر جي پگهار گهڻي. هاڻ تہ پگهار بہ بند تہ پينشن بہ بند. روز وڃان ٿو اسڪول، من پينشن جا ڪاغذ ٺھي آيا. هجن ۽ منظوري ملي هجي. ٽي نياڻيون گهر ويٺيون آهن. ڇوري عامر جي خبر اٿئي، نہ پڙهيو نہ ڳڙهيو. ڪيڏو سوچيو هيم تہ پڙهي ڳڙهي آفيسر ٿيندو پر کيس لوفرپائي کان ئي فرصت ناهي. توکي بہ چيم تہ ڀلا ڪو ڪم سيکارينس. توتہ ها ڪئي پر ڇورو بہ بيھي. گهر ڪِري، يا مان ڪِران، ڪو فرق نہ پوندو غفور سائين! دعا ڪر، اڄ وڃان ٿو من ڪو پينشن جو منھن سر نڪتو هجي.“
اُستي غفور اوچتو سندس سورن کي روڪيو، ۽ هو سُري وٽس آيو.
”ٻي ڳالھہ ٻڌ. ٻڌو اٿم تہ پٽهين هيروئن وڪڻي بہ ٿو ۽ پيئي بہ ٿو. ڪا خبر اٿئي؟“
استاد شفيع جي ترڪي ٽوپيءَ جو ڦندڻ ڦرڻ لڳو.
”نہ يار، مون تہ نہ ٻڌو آ، نہ کيس نشي جي حالت ۾ ڏٺو آ. لوفرڙو ضرور آهي، سندس ناني کيس کاري ٻُهر ڪري ڇڏيو. گهڻو تڻو وٽس رهي، ۽ ڏوڪڙ بہ اُنھيءَ کان ڦُري. اهڙي ڳالھہ نہ آهي پاڙي ۾ تہ تون بہ ڏسين ٿو.“
”نہ يار، هن پاڙي ۾ نٿو ڪري. ناناڻي ويندو آهي نہ، اُنھي پاڙي ۽ اوسي پاسي هٿڙي بہ هڻندو آهي.“
”ماري وجهانس، موٽي اچان تہ وٺ پڪڙ تہ ضرور ڪندوسانس، شام جو گڏ آهيون.“
هن ڳالھہ کي لنوايو ۽ تڪڙو ٿيو. پر سندس دماغ صفا ڦري ويو هو. هن جو ڪنڌ جيڪو اڳ ٿورو ڏڪندو هو هاڻ وڌيڪ ڏڪڻ لڳو. ٽوپيءَ جو گل لڏڻ لڳو. هو سوچ ۾ هو کيس شڪ پوڻ لڳا. ڪيترن ڏينھن کان هن ڏٺو پئي تہ پٽس جو رنگ مَٽيل هو. ڀلا وڳا، نوان بوٽ، گل ڪڍيل وار، ٻانھن ۾ نئين گهڙي. هن سمجهيو تہ نانيءَ کي ڀائرن وٽان ٻني ٻاري جا ڪي نوان ڏوڪڙ اچي ويا هوندا، پئي ڏوهٽي تي لُٽائي. هاڻ هو ڪجهہ سمجهي پيو تہ آخر ناني ڪيترو ڏيندس. کيس پٽهنس جي يتيم ٻارن کي بہ پالڻو آهي. سند زال بيمار ٿي تہ سسڻس دوا درمل ۾ مدد ڪيس. گذاري وئي تہ جماڻا، چاليھا ۽ ختما پئي ڪيائين. وٽس ڪو خزانو تہ ڪونہ هو. هئس ٻنيءَ ۾ ڀائرن سان اَباڻو حصو، ڪڏهن وڌ ڪڏهن گهٽ، پھچائي ويندا هُيس. هو اهڙن خيالن ۾ هو جو واٽ ويندي ماڻھن سلام پئي ڪيس تہ ڪنھن کي وعليڪم سلام ٿي چيائين تہ ڪنھن آڏو ڪنڌ لوڏي اشارو پئي ڪيائين تہ ڪنھن کي ٺپ جواب. اوچتو ڪنھن وڏي واڪي سڏ ڪيس.
”او استاد سائين، بادشاهي برقرار، بابل سائين.“
هن ڪنڌ ورائي ڏٺو. مولي ڏنو موالي، اوتاري کان هيٺ ٿيو بيٺو هو.
”ڇو ڀلا ڪھڙي خيال ۾ آهيو استاد. اڄ سائين آمن شاھہ جو سلام بہ نہ ڀريوَ، دعا بہ نہ گهريوَ خير تہ آهي؟“
هن يڪدم کڻي هٿ اُڀا ڪيا ۽ ڀڻ ڀڻ ڪري کڻي منھن تي هٿ گهمايا.
”موليڏنا، تڪڙو آهيان ان ڪري نہ ٿي بيٺس.“
”پر سائين ڪيترا ڏينھن ٿي ويا آهن، نذر نياز بہ بس! ان کان تہ عرمان ڀلو چئبو جو هاڻ روز اچي ۽ درگاھہ وسائي ڇڏي اٿائين.“
استاد شفيع محمد، موالي موليڏني کي جيڪو درگاھہ آمن شاھہ جو ٻهاريندار بہ هو، گهوري ڏٺو.
شڪ جا دروازا وري کُلي پيا. هو آهستي آهستي چُريو پر موليڏنو ڪڍ آيس.
”بابل سائين، عمران کي تہ موڪلجو، چئجوس تہ سندس يار انتظار ۾ ويٺا آهن.“
پوءِ پيلا ڏند ڪڍي کلڻ لڳو. استاد پٺ ورائي ڏٺو.چار پنج ڇوڪرا اوتاري جي پاسي کان بيٺل نم جي وڻ هيٺان موالين وانگر ڪنڌ لاڙيو پيا هيا..
هن هاڻ وک تکي ڪئي. موليڏني جا پيلا ڏند ۽ کلڻ وارو نمونو کيس نہ وڻيو. هاڻ سندس من ۾ شڪ جو پوکيل ٻوٽو وڌي وڻ ٿي ويو.
هو جيئن بزار مان لنگهيو تہ ڪيترن ماڻھن يا دڪاندارن اُٿي بهي کيس سلام ڪيو ۽ کيڪاريو. استاد شفيع محمد پراڻو استاد هو، سڄي شھر کي پڙهايو هئائين. سندس عزت هئي پر الائجي ڇو اڄ جنھن بہ کيڪارس پئي يا سلام ڪيس پئي، هن کي ائين پئي لڳو تہ هو هاڻ اهو سڀ ڪجهہ رسمي طور تي پيا ڪن۽ کين سندس پٽ جي افعالن جي خبر پئجي ويئي آهي. هو چُپ چاپ لڪڻ ٽيڪيندو وڌندو رهيو. ڪنھن کي مرڪي کيڪر جو جواب ٿي ڏنائين يا هٿ ٿي ٻڌائين پر سندس دماغ جاءِ تي نہ هو. هر هر کيس من اِهوئي پئي چيو تہ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو تہ هڪ استاد جو پٽ هيروئنچي ٿئي ۽ هيروئن وڪڻي. ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو. اوچتو هڪ همراھہ دوڪان مان ٽپ ڏيئي اڳيان اچي بيٺس. هن سڃاتو عثمان بقالي هو. هُو عثمان جي دوڪان تان سيڌو سامان کنڌي تي کڻندو هو. کيس ياد آيو تہ اڄ سيڌي لاءِ ڌيڻس بہ کيس چيو هو ۽ کيس اها بہ خبر هئي تہ عثمان جي اوڌر چڱي خاصي ٿي هوندي. هو هاڻ ڪڏهن ڪڏهن شاهي بزار واري گهٽي لنوائي ويندو هو، پر اڄ بيخيالي ۾ پراڻي پنڌ پيو هو. هن کي خيال آيو تہ هن کي سيڌي ڏيڻ لاءِ چوي پر عثمان هٿ ڏيندي ئي شروع ٿي ويو.
”استاد سائين، ناراض نہ ٿجو، پر هاڻ ڳالھہ چڙهي ويئي آهي. ڇهن مھينن کان کنڌي ۾ اوهان رپيو بہ جمع نہ ڪرايو آهي. اوڌر هزارن ۾ اچي پھتي آهي. مان وڏو واپاري تہ نہ آهيان. اڳ بہ چيو هيم پر هاڻ تہ دوڪان هلائڻ مشڪل ٿي پيو آهي. اوڌر وارا مھيني سوا اندر پيسا ڏئي ويندا آهن پر اوهان جو حساب ڳرو ٿي ويو آهي.“ هو اڃا ڪجهہ ڪڇي تہ ڀر واري ڪپڙي جي دوڪان مان سيٺ هريرام لھي آيو.
”استاد اسين بہ اُميدوار آهيون. اڳين ٻن عيدن جي اوڌر کاتي جي ٽنگ کنيو بيٺي آهي.“ سوڙهي بزار ۾ ٽي چار مانھو بيٺا هئا تہ ٻيا بہ بيھي رهيا. هن هيڏانھن هوڏانھن لوڻو هنيو. پاسي وارن دوڪانن جا مالڪ هن ڏانھن گهوري ڏسي رهيا هئا. استاد کي محسوس ٿيو تہ سڄي بزار کيس چٿر وارين نظرن سان گهوري رهي آهي. هن آهستي هٿ سان سندن گفتگو کي روڪيو. خشڪ ٿيل نڙي کي کنگهي آلو ڪيو. هن ڪوشش پئي ڪئي تہ کين هلڪي لھجي ۾ سمجهائي، پر سندس آواز ڏاڍيان ٿيندو ويو ۽ ان ۾ شايد صبح کان ٿيل وارتا جي ڪوڙاڻ بہ شامل هئي.
”بابا مري تہ ڪونہ ويو آهيان، اڃا جيئرو آهيان. رٽائر ٿيو آهيان پر سُڃو ڪونہ ٿيو آهيان. توهان جي اوڌر ڪڏهن رهي آهي جو وچ بازار ۾ کڻي جهليو اٿوَ. دير سوير پئي ٿيندي آهي. پر ڪو مرم پويو ٿو. ماڻھو ئي نٿا ڏسو. وڻيوَ تہ وچ بازار ۾ هڻي ڪنھن شريف ماڻھوءَ کي پٽڪي لاهي ڇڏيو. وڻيوَ تہ لفظن جا تير تفنگ هڻو، وڻيوَ تہ ماڻھوءَ کي اگهاڙو ڪري ڇڏيو، وڻيوَ تہ...“ استاد شفيع محمد جو آواز ويو بلند ٿيندو. اهڙو بگڙيو جو وٺ نہ ڏئي. ٻنھي دڪاندارن کڻي ماٺ ڪئي. هڪ ٻہ ٻيا دوڪاندار، جن جي هلڪي سلڪي اوڌر رهيل هئي، جن پريان بيٺي تماشو ڏٺو. ٽپ ڏئي واپس دوڪانن ۾ گهڙي ويا. استاد شفيع محمد بڙبڙ ڪندو لڪڻ ٽيڪندو، بازار ٽپي اچي پرائمري اسڪول جي ميدان ۾ گهڙيو. پرائمري اسڪول جي پراڻي جهريل عمارت سندس سامھون هئي. جيئن هو جوش ۾ ورانڊي ڏانھن وڌيو تہ سندس نگاھہ ٻن ٽن ماسترن تي پيئي، جيڪي اسڪول جي ورانڊي هيٺان بيھي ڪچھري ڪري رهيا هئا. سندن هٿن ۾ سگريٽ هئا ۽ دونھان ڪڍي رهيا هئا. هڪ ٻن جو کيس ايندي ڏٺو تہ سگريٽ وسائڻ ۽ لڪائڻ جي ڪئي. يڪدم هڪ همراھہ روڪين.
”اڙي سگريٽ ڪي مفت جا آهن ڇا جو زيان ٿا ڪريو. استاد ڪو هاڻي اسان جو هيڊ ماستر ٿوروئي رهيو آهي. روز اچيو اسان تي رعب ٿو رکي. ڀلي اچڻ ڏيسو، سگريٽ ڦٽو نہ ڪجو.“
استاد سھڪندو سندن ڀرسان پھتو. کيس ڪلاس ڇڏي ٻاهر سگريٽ پيئندي ڏٺائين تہ بنھہ بِرُ ٿي ويو. اڳيئي ڇتو ڪيل هاڻي تہ گڦ پئي وهيس. ”اڙي استاد ٿيا آهيو! شرم نہ ٿو اچيو؟ هڪ تہ ڪلاس نہ وٺو، ٻيو ٻاهر بيھي ٻيڙيون ٿا پيو. ڇورا ڇا سکندا. ڪاٿي آ توهان جو هيڊ ماستر غلام علي، ڇھہ مھينا ٿيا اٿس پر اسڪول جو منھن ڪارو ڪري ڇڏيو اٿائين. جي مان روز خبر نہ لھان تہ ڀينگ ٿي وڃي.“
اوچتو سندس نظر اسڪول جي عمارت جي پڇاڙي تي پيئي، جتي ڀت جي اوٽ ۾ تي چار ننڍا وڏا ڇورا ويٺا دونھان ڪڍي رهيا هئا. ڪي ليٽيا پيا هئا. الائي خالي سگريٽ يا نشي جا سگريٽ پئي پيتائون.
”اڙي هو ڏسو، منھن ڪارو پيو ٿيوَ. هاڻي تہ نشو بہ هلي ٿو. لخ جي لعنت هجيوَ.“
هو کين گاريون ڪڍندو سھڪندو هيڊ ماستر غلام علي جي آفيس ۾ در کي سٽاڪ ڪري کوليندي اندر گهڙيو. غلام علي بہ پن جي ٻيڙي وات ۾ جهليو، دونھان ڪڍندي سوچ ۾ ٻڏو پيو هو. اوچتو جو در ٽڪاءُ ڏنو تہ هن ڇرڪ ڀريو ۽ ٽپ ڏيئي اُٿي بيھي رهيو. ’ڪٿي ڪو اسڪول جو صاحب تہ نہ آيو آهي،‘ پر استاد شفيع محمد کي ڏٺائين تہ پيٽ ۾ ساھہ پيس.
’سائين اڄ تہ ساھہ ڪڍيو هُيوَ.“ هن کي ڪاوڙ ۾ بڙبڙ ڪندي ڏٺائين تہ غلام علي چوڻ لڳو، ”سائين مان ڇا ڪيان. توهان جي پينشن لاءِ ايس ڊي او جي آفيس بہ ويو هوس. توهان بہ تہ ٻہ ٽي دفعا ويا آهيو. هاڻ هو ڪاغذ نٿا ڪڍن تہ مان ڇا ڪيان. توهان بہ دنياداري ڪيو نٿا. ڪجهہ ڏوڪر اڳواٽ گهرن ٿا. اوهان بہ ٽڪو پيسو ڏيو نہ تہ ڪاڳر ڪيئن ٺھندا؟“
هو اڃا وڌيڪ ڳالھائي تہ هن ڏٺو تہ اُهي چارئي اُستاد سامھون بيٺا هئس ۽ انھن جو منھن ڦريو پيو هو. هن سمجهيو تہ ڳالھہ مڙئي ڪا ٻي آهي. استاد شفيع محمد ٺنڀ هنيو بيٺو هو. هو جيسين ڳالھائي هڪدم هڪ استاد وڏي واڪي ڳالھايو:
”سائين جي پينشن ٺھي يا نہ، اسان ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آهي، جو روز اچيو بيعزتو ڪيو وڃي. ڪڏهن ڪنھن استاد کي بڇڙو ڪيو وڃي تہ ڪڏهن ڪنھن کي. اڄ بہ اسان چئن کي بُجا ۽ گاريون ڏيئي هيڏي آيو آ. اها جي صورتحال آهي تہ اسان ڪم ڪونہ ڪنداسين. اڳ تہ پاڻ هيڊماستر هو تہ اسان سَٺو پئي. هاڻ ڪو اسان جو صاحب آهي جو پيو بڇڙو ڪري.“
غلام علي هيڊ ماستر يڪدم ڀڻڪيو.
”سائين ائين تہ نہ ڪيو.“
”ائين نہ ڪيان؟ ماستر ورانڊي آڏو بيھي شاگردن جي سامھون سگريٽ پين، ڪلاس ڇڏيو اچن. کين ڪجهہ نہ چئجي. کين وهڻ جو ڪمرو بہ ڏنم تہ اُتي وڃي ٻاڙَ پوري ڪيو پر هاڻي هو اگهاڙا ٿيو بيٺا آهن. ڇورا سندن سامھون ويٺا سگريٽ پين. الائي نشو ٿا ڪن. سندن ئي منھن ڪارو پيا ڪن، پر آهي ڪا هنن بيشرمن کي سَمَڪ؟“
استاد شفيع محمد اڃان وڌيڪ ڳالھائي تہ ساڳئي استاد، جنھن استادن جي ٽولي جي اڳواڻي پئي ڪئي، سندس تقرير کي روڪيو ۽ هيڊماستر غلام علي ڏانھن نھاريندي چيو. ”هاڻي بس، اسان وڌيڪ گاريون نہ کائينداسين. سائين اسين وڃون ٿا. هاڻ توهان ٻيئي ويھي اسڪول هلايو.“ چارئي ڄڻا ٺپ ٺپ ڪندا نڪري ويا. غلام علي ڦان ٿي ڪرسيءَ ۾ ڪري پيو. استاد شفيع محمد ڪا گهڙي بيٺو رهيو، پوءِ هڪ ڀڳل ڪرسيءَ تي ويھي رهيو. ڪمري ۾ سانت هئي. ٻيئي چپ هئا. هيڊماستر غلام علي ڪجهہ چوڻ لاءِ چپ کولي وري بند پئي ڪيا. استاد شفيع محمد ڇت کي گهوري رهيو هو. ائين سانت ٽٽي ۽ اوچتو اسڪول جو گهنڊ وڄڻ لڳو. گهنڊ جو آواز هن دفعي ايڏو تيز هو جو هو ٻيئي ڄڻا ڄڻ تہ نند مان ڇرڪ ڀري اُٿيا هجن.
هنن هڪٻئي ڏانھن نھاريو ۽ سوچيو تہ اڃا رسيس جو ٽائيم بہ نہ ٿيو آهي، پوءِ هيءُ گهنڊ؟ ائين هڪ استاد جيڪو نائب بہ هو، اندر گهڙيو.
”سائين، استاد ڏاڍا ڪاوڙيا آهن، وٺ ئي نٿا ڏين. هنن پاڻ گهنڊ وڄائي موڪل ڪري ڇڏي آهي. هو چون ٿا تہ استاد سندن بيعزتي ڪئي آهي. هاڻ جي استاد ايندو رهندو تہ هو نہ ايندا.“
هو ڏکوئجي ويو. ٻارن جي گوڙ ۽ جوش وارن آوازن استاد شفيع محمد کي ڏکويو. هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. نائب کيس رئندي ڏسي پاڻي ڀري آيو. هن پاڻي جا ٻہ ڍڪ پيتا.
پل ۾ ٻارڙن جا آواز پري ٿيندا ويا ۽ پوءِ چوڌاري چپ چپات ٿي ويئي. هو آهستي آهستي اُٿيو ۽ ڳالھائڻ کان سواءِ هيڊ ماستر جي ڪمري مان نڪري آيو. ورانڊي مان هيٺ لٿو تہ هن ڏٺو تہ سندس ٺاهيل ننڍڙو باغيچو بہ سُڪي ۽ ويران ٿي ويو هو. ڪنھن ان کي پاڻي بہ نہ ڏنو هو. گل ٻوٽا ۽ ڇٻر سڙي خاڪ ٿي ويا هئا. هو ڪا گهڙي بيٺو رهيو. ڳوڙها وري جاري ٿي ويا. هو تڪڙو تڪڙو ميدان ٽپڻ لڳو.
ميدان پورو ٿيو. هن جي سامھون هاڻ گهرن جي گهٽين جو ڄار وڇايل هو. هن گهٽين ۾ گم ٿيڻ کان اڳ پوئتي ورائي اسڪول جي عمارت کي ڏٺو. هو ڪا گهڙي ان ڀڳل سڳل عِلم جي گهر کي گهوريندو رهيو. پوءِ هن کي احساس ٿيو. هاڻ تہ اوڏانھن وڃڻ لاءِ مٿس بندش پئجي ويئي آهي. هن گهورڻ بند ڪيو.
هن جون اکيون وري ڳوڙهن سان ڀرجي ويون. هاڻ اها عمارت کيس چٽي بہ نظر نہ پئي آئي. هن يڪدم اسڪول جي عمارت کي پٺي ڏني ۽ پوءِ هڪ گهٽيءَ ۾ گهڙي پيو.
هو گهٽيون لتاڙيندو هليو پر کيس لڳو تہ سندس من اهڙو منجهيل آهي جو سُٽ جيان منجهيل گهٽيون کيس دڳ نہ پيون ڏين. ائين جيئن هو هڪ وڏي ۽ موڪري گهٽي لتاڙي رهيو هو ۽ اوچتو ڇرڪ ڀريائين. پريان هڪ نينگر تيز ڊوڙندو آيو ۽ کيس ڌڪيندو پاسي واري گهٽيءَ ۾ گهليندو ويو. پھريائين تہ کيس ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي پوءِ ڏٺائين تہ هيءُ سندس پٽ عمران آهي. عمران يڪدم ٻہ ننڍڙا پُڙا قميص جي کيسي مان ڪڍي سندس صدري جي ٻنھي کيسن ۾ دٻائي زور سان اندر وڌا، پوءِ آهستگيءَ سان چيائين:
”بابا، هيءَ امانت اٿو، ڪو ماڻھو کڻڻ ايندو.“
ائين چئي هو اڳتي ڊوڙندو ويو ۽ ننڍين گهٽين جي ڄار ۾ گم ٿي ويو. هُن کيس گُم ٿيندي ڏٺو ۽ سامھون ڏٺائين. کيس ٻہ ٽي اڇن ڪپڙن وارا ماڻھو نظر آيا، جيڪي ڊوڙندا وڏي گهٽيءَ مان الوپ ٿي ويا. هو ڪا گهڙي بيٺو رهيو پوءِ هن کيسي مان هڪ پُڙو ڪڍيو. پُڙي ۾ ڪافي پڙيون پيل هيون. هو سمجهي ويو تہ اِهي اُهي ئي پُڙيون آهن، جيڪي ’پُڙيون‘ سڏبيون آهن ۽ جن جو ذڪر اُستي غفور ساڻس ڪيو هو.
هن پٽ لاءِ ڪيڏا نہ خواب ڏٺا تہ پڙهي ڳڙهي ڪو وڏو آفسر بڻبو. لاڏ پيار کيس مئٽرڪ فيل تي بيھاريو هو. ڪا گهڙي اُن پاسيري ننڍي گهٽي ۾ بيٺو سوچيندو رهيو سندس بت وڌيڪ پگهرجي ويو پوءِ ڳرين وکن سان اڳتي وڌيو ۽ وڏي گهٽي ۾ داخل ٿي پنھنجي رُخ ۾ هلڻ شروع ڪيائين. گهٽي پوري ٿي تہ هو آمن سائينءَ جي درگاھہ وٽ هو. اوتاري آڏو موليڏنو موالي بيٺو هو.
”سائين آبڪاري وارن ڇاپو هنيو دلبر عمران ائين ڇانگ ڏيئي ڀڳو جو فرشتا بہ نہ وٺينس. انھي گهٽي ۾ اڏار ڪيائين.
توهان سان مليو؟ استا، شفيع محمد چپ بيٺو رهيو. ڏٺائين تہ موليڏنو بي اونو هو. هان اوتاري ۾ ڪوبہ ننڍو وڏو موالي ڪونہ هو. استاد جي چھري تي فڪر ۽ پريشاني جا آثار نمايان هئا. موليڏني پنھنجا پيلا ڏند ٽيڙيندي کيس آٿت ڏنو.
”اُستاد، هن ڌنڌي ۾ ائين ٿيندو آ، پيا ڇاپا لڳندا آهن. عمران بہ دلبر ماڻھو آ. نئون ڌنڌو آهي، آبڪاري وارن سان ڪو حساب ڪتاب رکيو آ. هن يار بہ آڱوٺو ڪڍي ڏنن. اڳي بہ ڪڍ پيا هيس پر هيءُ گولي ٿيو وڃي. جي هٿ اچين تہ کيسا خالي، سَڳ بہ نہ. پر اڄ مال هيس. پڪڙجي ها تہ وڏي ڏچي ۾ اچي ها. عمران هڪ دفعو انھن گهٽين ۾ گهڙي سو سهين، وٺ جو ناهي.“
اُستاد سڳ ۽ مال جو و تہ ککو وکو ٿيو. يڪدم کڙين تي زور ڏنائين. سڌو اچي گهر ساھہ پٽيائين. موليڏني کيس تڪڙو ويندي ڏٺو تہ اچرج ۾ پيو.
استاد شفيع محمد ٽپڙي کڻي جيئن در کڙڪائڻ جي ڪئي تہ ڏٺائين تہ در ٻيڪڙيل هو. هٿ جي لوڏي سان طاق کلي پيا هو اڱڻ ۾ آيو، ڪو بہ نظر نہ آيو، پر رڌڻي ڏانھن نظر ڪيائين تہ اُستي غفور جو پٽ نظر آيو.
”سائين، اديءَ جن نانيءَ جي گهر ويون آهن. مون کي سار سنڀال لاءِ وهاري ويون. اڄ تہ موڪل بہ سويل ٿي ويئي. خبر ناهي ڇو؟“
هن نينگر جي مٿي تي هٿ رکيو. هن رنڌڻي ۾ ڏٺو، اڄ تہ منجهند لاءِ باھہ بہ نہ ٻري هئي. رَکَ ۽ ڪِرُ هئي جتان هلڪو سيڪُ پئي آيو. هو سمجهي ويو تہ هي سڀ ويلو ٽارڻ لاءِ نانيءَ جي گهر ويا آهن. هو چپ چاپ وڌيو ۽ پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ گهڙي پيو. ائين نينگر ڪوٺيءَ جي در وٽ بيھي سڏ ڪيس.
”سائين، مان وڃان.“
هن ڪنڌ ورائي کيس ها ڪئي، پوءِ پاڻ واري پراڻي آرام ڪرسيءَ تي آهلي پيو. سڄو پگهريو پيو هو ۽ پوءِ صدري ڇڪي لاهي کڻي کٽ تي اُڇلي، جنھن مان هڪ ننڍي لفافي اچي ٻاهر ٺڪاءُ ڪيو. هيءُ پُڙو تہ بي جان هو پر سندس جسم ۾ جان پجئي ويئي ۽ هو سڄو ڏڪڻ لڳو. ڪي گهڙيون هن جي ڪيفيت عجيب رهي. هو سڄي ڏينھن جي ڪارگذاريءَ تي سوچيندو رهيو. هن اهو بہ سوچيو تہ استادن تہ کيس ڪڍي ڇڏيو جو هو اڃا تائين ان ڪاٺي جيان هو جيڪا ڪڏهن بہ ڪير ڀڄي نہ سگهيو هو. هو قديم قدرن جو اَمين اُستاد هو. پر اڄ هيءُ ڇا ٿيو؟ سندس ئي گهران باھہ جا شعلا اُٿيا هئا. هن عمران کي ڏوھہ ڏيڻ جي بدران پاڻ کي ڏوهاري سمجهيو. ماءُ جي دادلي سو بہ هڪ پٽ هجڻ ڪري، هن ئي کيس ڍر ڏني ۽ اڄ هيءُ زهر سندس سامھون پيو هو. هو اُٿي بيٺو. مُٺئي وارو لڪڻ هٿ ۾ جهلي هوا ۾ ڦيرائڻ لڳو. ”اڄ عمران اچي سو سهين، کل لاهي ڇڏيندو سانس.“ هو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿيندو ويو. ائين ٻاهريون در آهستي کڙڪڻ لڳو. هو ڇرڪي ويو ۽ ڪاوڙ ڍري ٿي ويس. هيءُ زهر جون ڍير پڙيون لفافن ۾ ويڙهيل وٽس پيون آهن. ڪٿي آبڪاري وارا تہ نہ آهن؟ هو بيٺو رهيو. در وري کڙڪڻ لڳو. هو نہ ويو. در وري کڙڪڻ لڳو. هن محسوس ڪيو تہ کڙڪي ۾ ايڏو زور ناهي. آبڪاري وارا هجن ها تہ ڏٺائين تہ کيس اطمينان ٿيو. موليڏنو موالي بيٺو هو. هو ٽپڙي هٽائي ٻاهر آيو. هاڻ کيس ڪاوڙ پئي ائي تہ هيءُ بدمعاش جنھن عمران کي کاريو، سو در تائين اچي پھتو هو. هن خار مان پڇيس. ”وري ڇا هي؟“
موليڏنو سُري ويجهو آيس. ڪن ۾ سس پس ڪيائين:
”سائين خير آ، عمران پڪي هنڌ تي آهي. آبڪاري يا پوليس ڀلي مٿو هڻي. پر نياپو ڪيو اٿائين. تہ جيڪا امانت ڏني اٿائين اُها ڏيو.“
استاد ويچار ۾ پئجي ويو. پھريون تہ خيال آيس تہ لڪڻ وهائي ڪڍيس، پر پوءِ وري خيال آيس، هو پوئتي ڊوڙيو ٻيئي لفافا کنيائين.
”هن مصيبت مان تہ جان ڇُٽي.“
هن دروازي وٽ بيھي ٽپڙي هٽائي، موليڏني کي ٻانھن کان اندر ڇڪيو. هو سٽ تي اندر هليو آيو.
”اچي پنھنجي امانت کڻ، هيڏي وري نہ اچجانءِ مروان! توئي عمران کي کاريو آهي. هيءُ هڪ اشراف جو گهر آهي سمجهيئي، وري ايندين تہ ٽنگون ڀڄي ڇڏيندومانءِ“ موليڏني هڪ لفافو کنيو ۽ رٻڙ۾ ويڙهيل مچو ٿيل نوٽ سندس هٿ تي رکيا ۽ اُهوئي کلندو پيلا ڪارا ڏند ڏيکاريندو اهو چئي ڀڄي ويو:
”استاد اڄ ايترو ئي مال کپي، سڀاڻ وري ايندس، عمران ٻہ ٽي ڏينھن نہ ايندو. هيءُ گهر تہ اسان کي سولو آ. استاد ڊڄ نہ، فڪر ئي نہ ڪر.“ هن کي ائين لڳو تہ عمران جي وڃڻ کان پوءِ هاڻ هو هيروئن جو دلال بڻجي ويو آهي. هن کي بُڇان اچڻ لڳي.
پوءِ هن ڪاوڙ ۾ در بند ڪيو ۽ اڱڻ ۾ هلڻ لڳو. هن ٽنگن ۾ سگهہ ئي ڪانہ پئي ڀانئين پر گهلجي پئي هليو. جڏهن رنڌڻي وٽ پھتو تہ ڏٺائين تہ چلھہ اُهائي وساميل آهي. هن وڏو ٽھڪ ڏنو ۽ ٻہ ڪاٺيون وجهي، پوءِ ويٺو چلھہ کي ڦوڪڻ. هو ايستائين ڦوڪون ڏيندو رهيو جيستائين ڪا چڻنگ نہ دُکي. هن نوٽن وارو مڙيل سُڙيل مچو بہ ان ۾ وجهي ڇڏيو. باھہ دُکي پيئي، تيئن هن اندر ۾ باھہ محسوس ڪئي. هن پلاسٽ جي پراڻي جڳ کي کنيو ۽ وڃي پراڻي مٽ مان پاڻي اوتڻ لڳو. سڄو جڳ پي ويو پر کيس لڳو تہ سندس اڃ ئي نہ لٿي آهي، هن ٻيو جڳ ڀريو ۽ منجي تي سھڪندو ويھي رهيو. اوچتو سندس نظر پُڙين واري لفافي تي پيئي.
”هيءَ زهر ڪير تہ پيئندو؟“ سٽ ڏيئي لفافي مان هن پڙيون ڪڍيون ۽ تڪڙو تڪڙو جڳ ۾ خالي ڪرڻ لڳو. سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا. پوءِ هن جڳ ۾ هٿ وجهي ان کي گهمايو، پوءِ هو تڪڙو تڪڙو هيروئن مليل پاڻي پيئڻ لڳو. هو ڀڻڪي رهيو هو:
”هيءُ زهر ڪير تہ پيئندو؟“
هو هر هر چوڻ لڳو، ”هيءُ زهر ڪير تہ پيئندو……… هيءُ زهر ڪير تہ پيئندو؟“
هن چلھہ ڏانھن ڏٺو، هاڻ اُت باھہ وسامي ويئي هئي ۽ کيس لڳو تہ زهريلي ڪمائي سڙي وڃڻ سان گڏ سندس اندر جي باھہ بہ وسامي ويئي آهي ۽ پوءِ هو ساڻو ٿي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي آهلي پيو.
سندس اکيون پورجڻ لڳيون. هو ڀڻڪڻ ۽ وڦلڻ لڳو: ”موليڏنا، هن گهر ڏي هاڻ نہ اچجانءِ، ٽنگون ڀڄي ڇڏيندومانءِ.“
پوءِ هن ڏٺو تہ عمران سوٽ بوٽ ۾ گهر ۾ داخل ٿيو. سندس نياڻيون ڀلن وڳن ۾ ملبوس، هٿن ۾ طعام، ساڻس گڏ اچي بيٺيون آهن. اوستو غفور بہ پٺيان آيو ــــ مزور ساڻ، هٿن ۾ تيشي ۽ مارو. ”استاد، جاءِ جوڙيون پيا.“
ائين استاد غلام علي هيڊ ماستر گهڙي آيو ۽ چيائين، ”استاد پينشن بہ اچي ويئي اٿو.“
استاد گدگد ٿيڻ لڳو. پوءِ هن اکيون کوليون پر اُتي تہ ڪير بہ نہ هو. دروازي ڏانھن ڏٺائين، دروازو بند هيو پوءِ هن وري اکيون بند ڪري ڇڏيون جو اُتي تہ ڪير بہ ڪونہ هو!

رومانس جي خودڪشي

ڪجهہ عرصو ٿيو تہ ڪنھن اخبار ۾ هڪ مضمون جو عنوان پڙهيم:”خودڪشيءَ جو رومانس“
وري هڪ نوجوان ليکڪ جي ڪتاب جو عنوان پڙهيم:”خودڪشي جو رومانس.“ وري سنڌ ۾ روز عام جام خودڪشين جا واقعا خبرن ۾ پئي پڙهيم تہ وري عنوان اچڻ لڳا:”خودڪشي جو رومانس.“
هر معاشري ۾ خوڪشيءَ جو تصور ڪڏهن بہ وڻندڙ يا قابل قبول نہ رهيو آهي، توڙي جو اُن جا سَو دليل هجن. اُن سان، اُن ماڻھوءَ، نينگرن يا نينگرين جي ڏکن، جداين جو خاتمو ٿيندو هجي تہ خدا کي خبر پر اُن دوران سندن توڙي اُن کان پوءِ واسطيدار عزيزن قريبن جو ڪھڙو حشر ٿئي ٿو، اُهو وڌيڪ دکدائڪ ۽ تڙپائيندڙ آهي. پر ڳالھہ اِها آهي تہ خودڪشي ’سان‘ رومانس آهي يا خودڪشي ’جو‘ رومانس آهي، اِهو ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ ايندڙ قصو آهي. سمجهڻ لاءِ کڻي ڊڪشنري کوليم. ڌڻي ڀلو ڪري عزيزم عبدالرشيد ميمڻ جو، جنھن وڏي جاکوڙ کان پوءِ انگريزيءَ مان انگريزي ۽ وري اُن جي سنڌيءَ ۾ معنائن سان ٽن جلدن ۾ ڊڪشنري پڌري ڪئي آهي. وڏي محنت ڪئي اٿائين. ڪڻو ڪاسو دوستن ۽ اسان جو بہ هيو. ڀاءُ شمس کي جو جلد موڪليائين، تہ مون کڻي قبضو ڪيو. کڻي کوليان تہ Suicide (خودڪشي) جي معنيٰ لکيل هئي: ’پاڻ گهات، آتم هچا، آپ گهات، پاڻ مارڻ، خودڪشي وغيرہ وغيرہ.‘ وري لکيل هو Suicide pact جي معنيٰ ’ٻن ماڻھن جي وچ ۾ آپ گهات جو معاهدو‘ وري Suicidal جي لاءِ لکيل هو تہ ’آپ گهاتڪ، نقصانڪار، خودڪشي ڏانھن راغب ڪندڙ، تباهڪار، تباهيءَ طرف ويندڙ، وغيرہ.‘ سوچيم تہ،’مار! هيءَ تہ وڏي سلسليوار واردات آهي. هڪ پاسي خودڪشي معنيٰ پاڻ مارڻ يا آپ گهات ڪرڻ، تہ وري ٻئي پاسي آپ گهات جو معاهدو ڪري مرڻ.‘
پر ڄاڻايل اِهو معاهدو United Nations Pacts جا معاهدا يا NATO جھڙا معاهدا تہ نہ آهن، جن ۾ گڏ مرڻ جيئڻ جا واعدا هوندا آهن. پر وقت تي ٿيندو ائين آهي،” چڙھہ جا بيٽا سولي، پر ۽ ڀڳوان ڀلي ڪري گا.“ پر ڪي معاهدا جيڪي ايفائي عهد نہ ٿيندا آهن شايد اُهي Suicidal هوندا آهن، جنھن جي معنيٰ لکيل آهي خودڪشي ڏانھن راغب ڪندڙ يا تباهيءَ طرف وٺي ويندڙ. جيئن شايد عاشق معشوق گڏ جيئڻ مرڻ جا واعدا ڪري زهر گڏ پيئندا آهن. خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن هڪ جو زهر سچو هوندو آهي ۽ ٻئي جو ملاوٽ مليل. چون ٿا تہ روميو جوليٽ وارو رومانٽڪ قصو اصل ۾ هينئن هو تہ ٻنھي گڏ مرڻ جو معاهدو ڪيو هو. جوليٽ ٺڳي ڪري ملاوٽ يا نشي وارو زهر پيتو هو. پاڻ بچي ويئي، روميو وڃي ڌڻيءَ کي پرتو! شيڪسپيئر يا ٻين بہ کڻي جوليٽ کي اَمر ڪيو تہ هُن خنجر کڻي پاڻ کي هنيو. پر ڪي چون ٿا تہ اِئين نہ هو، جوليٽ جيئري رهي ۽ خوش ٿي اُن همراھہ سان شادي ڪيائين، جنھن کيس عجيب زهر آڻي ڏنو هو جو هوءَ ڪجهہ وقت لاءِ نہ جيئرن ۾ هئي، نہ مئلن ۾. (نوٽ: دروغ برگردن راوي) سائين! ڇا بہ هجي، پر اهڙا داستان بہ آهن، جن ۾ رومانس جي چاشني ڏاڍي وڻندڙ ۽ جيئري رهڻ وارن جذبن کي پالي تاتي وڏو ڪري ٿي.
هڪ ڏينھن هڪ همراھہ زندگيءَ مان ڏاڍو مايوس ٿيو ۽ خودڪشيءَ جو پئي سوچيائين ۽ اچي مون سان صلاح ڪيائين. مون چيو مانس،”چريو ٿيو آهين، خودڪشي ڀري ڪر پر Suicide Pact واري ڪنھن سان رومانس ڪر، اڻبرابري وارو رومانس. ان کي ڏٽا پوزيون ڏيئي، ٻئي جھان ۾ ملڻ ۽ ميلاپ وارا سبز نيرا پيلا ڳاڙها خواب ڏيکار، پوءِ هڪ معاهدي هيٺ خودڪشي ڪر، اَمر ٿي ويندين. ان طرح سڄي ڳالھہ کي رومانوي بڻاءِ“ وري جو عزيزم عبدالرشيد جي ڊڪشنري مان Suicide Pact جي معنيٰ ڏيکاري وري Romanticize ڪرڻ جون ڪيتريون معنائون ڏيکاريون مانس تہ وري پڇيائين تہ،”سائين رومانس ٿيندو ڇا آهي.“
مون وري ڊڪشنري کولي رومانس Romance جون ڪجهہ معنائون ٻڌايون.”حيرت انگيز واقعو، رومانوي داستان، معاشقو، مبالغه آميز رنگين بياني، رومانوي انداز يا تخيل، شاعري ۾ تخيلي، جذباتي، هوائي قلعا ٺاهڻ، خيالي پلاءُ پچائڻ......
”بس سائين بس، مان سمجهي ويس. جلد توهان اخبار ۾ هڪ پريمي جوڙي جي گڏيل معاهدي هيٺ خودڪشي پڙهندوء.“
ڏينھن ئي ڪونہ گذريا ، جو اخبار ۾ هڪ پريمي جوڙي جي خبر هئي. هن همراھہ جو نالو بہ برابر هو پر ساڻس گڏ مسمات جو نالو بہ هو، پر هيءَ خبر خودڪشي جي نہ پر پريمي جوڙي جي ڪورٽ ۾ ڪيل شاديءَ جي هئي. هن همراھہ اِنھن مٿي ڄاڻايل ڪيترين ئي معنائن مان ڪھڙي معنيٰ کنئي هئي. ٿي سگهي ٿو تہ هُن Suicidal واري معنيٰ بہ پڙهي هجي تہ خودڪشي ڏانھن راغب ڪندڙ يا تباهيءَ ڏانھن ويندڙ. ڪن شادين جو ويندڙ رستو يا اُنھن جي ترغيب اهڙي بہ ٿيندي آهي، جيڪا آخر ۾ خودڪشي ڪرڻ جھڙو ڪري ڇڏيندو آهي.
تھان پوءِ مان ڪنھن سوچ ۾ پئجي ويس تہ ڇا واقعي خودڪشي ۽ رومانس جو پاڻ ۾ ڪو گهاٽو رستو آهي. ڇا خودڪشي سان رومانس يا عشق ڪري سگهجي ٿو. جوڙن جو رومانس يا عشق سڀ ڪجهہ ڪونھي. مون رومانس کي هميشہ انساني جياپي، جيوت ۽ ڌرتي سان لاڳاپيل ڏٺو آهي. سڄي ڪائنات جيڪا مالڪ خلقي رومانٽڪ نظارن ۽ وارداتن سان ڀريل آهي. رومانٽڪ ماحول ۽ جذبات زندگي ۾ رومانس يا عشق کي جنم ڏيندا آهن. ڪائنات جي سونھن جڏهن ڪيترائي رنگ وکيريندي آهي. ڌرتي پٽ پٽِهرن جھڙا وڳا پائيندي آهي، وڄون وسڻ جا ويس ڪنديون آهن، جبل جاڙون ڇڏي سرسبز ٿي ويندا آهن. درياءُ پنھنجي موج مستي ۾ اچي پنھنجا خشڪ پيٽارا بہ ڀري ڇڏيندو آهي، ڪچا ٻڏڻ لڳندا آهن. پڪا مالوندن جا هوندا آهن، سکن جا سرمنڊل وڄڻ لڳندا آهن، تہ رومانس بہ پنھنجا رنگ ڏيکاريندو آهي.
مون کي ياد آهي تہ ڌرتيءَ جو رومانس مون تي تڏهن وڌيڪ ڇانيل هوندو هو، جڏهن مان ريل رستي ڪوئيٽا ويندو هئس. انگريزن جي ٺاهيل هيءُ ريل جي پٽي عجيب نظارا پسائيندي هئي. بولان ميل جي نالي سان هيءَ گاڏي، من موهڻي سنڌ جا سير ڪرائيندي، سنڌو درياھہ بادشاھہ جون ڇوليون پسائيندي، ڪئين ٻيٽ، پيٽ، پيٽارا پارڪرائيندي، کيرٿر جبل جي جُسي ۽ جان مان لنگهندي، لڪيءَ وٽ پير صدرالدين شاھہ بادشاھہ واري لَڪُ ٽپي، قلندر جي ننگري سيوهڻ تي ساھہ پٽائيندي هئي. مان سڄو رستو گاڏيءَ جي دريءَ مان ٻيون قديم ۽ قديم قدرن جي امينن جون وستيون، مانجهند، سنُ، آمري، قديم رڻي ڪوٽ ڏانھن ويندڙ رستو ڏسندو، لڪ ٽپندو، لڪي شاھہ صدر وٽ درياھہ جو آباد چهچ سائو پيٽ ۽ڇرون پسي اندر ۾ خوشي محسوس ڪندو هئس. سائين صدرالدين بادشاھہ کان اجازت پني، قلندر سائينءَ جو پري کان چمڪندڙ مقبرو ڏسي، دل مان اِها دعا نڪرندي هئي تہ،”بادشاھہ! هيءُ سرسبز ۽ آباد سنڌ جي ننگري هميشہ آباد رکجانءِ.“
سيوهڻ جي اسٽيشن ماڻھن سان سٿيل هوندي هئي. ٻھڪندڙ
چھرا، ملڪان ملڪ کان آيل آسروند، چوڌاري نعرا نينھن جا. گاڏي جيئن قلندر سائينءَ جي مقبري وٽان موڙ مَٽيندي هئي تہ ”سنڌڙيءَ جا شهباز قلندر.........حق قلندر..........دما دممست قلندر“ جا نعرا لڳندا هئا. خدا آباد، بوبڪ ڏسندا، دادوءَ جي جادونگريءَ ۾ داخل ٿبو هو. ڪي دوست ڦوٽي ۽کير واري خوشبودار چانھہ کنيو بيٺا هوندا هئا، مُرڪون ئي مرُڪون هيون. لاڙڪاڻو ساھہ سيباڻو................. ڪامريڊ سوڀي جو شھر! دوست سليم خواجه يا ديوان گوپال داس انب کنيو ٽفن جهليو بيٺا هوندا هئا. حبيب ڪوٽ جنڪشن ٽپي شڪارپور پھچبو هو تہ سڳنڌ ئي ٻي هوندي هئي. ڪي دوست شڪارپوري خوشبودار ڪلفي ۽ ديوان جي سڱر واري مٺائي کنيو ايندا هئا. هٿن ۽ ڳچيءَ ۾ گلاب ۽ موتئي جون ڪنڍيون، چوڌاري خوشبو ئي خوشبو! ماڻھن ۾ چرپر ۽ حياتيءَ جا اهڃاڻ پسي خوش ٿيندو هئس. شڪارپور نينھن وارن ۽ شوقينن جو شھر آهي. حسن سان گڏ خوشبو سندن سينگار آهي. جيڪب آباد.......جان جيڪب جي گهڙيال ۽ ٽاور وارو شھر. عبدالڪريم گدائي، غالب لطيف، فتاح عابد ۽ سڌايي جو شھر، قرب وارا چانھہ جهليو بيٺا آهن. رات بہ لڙي هلي آ. گاڏي آهستي آهستي بلوچستان جا برپٽ ميداني علائقا، جهٽ پٽ، ڊيره مراد، سبي، لتاڙيندي، جابلو علائقا ٽپندي، ٻن انجڻين سان ڌوڌاٽ ڪندي، چُرن ۽ غارن (ٽنيلز) مان ٿيندي، صبح جا نظارا پسائيندي اچي ’آب گم‘ پھچندي هئي. هن اسٽيشن تي ٺڪر جي کمرن ۾ چانهه، حلوو پوري ۽ پڪوان. جابلو سيءَ جو مزو الڳ، ٿڪ ٻڪ لھي ويندا هئا. ماڻھو ڄڻ هڪ پوري رومانٽڪ دور مان لنگهندو هڪ نئين رومانس ۾ قابو ٿي ويندو هو. اوچتو خبر پڙهيم تہ ريلوي اختياري وارن بولان ميل بند ڪري، زندگيءَ جي هڪ روان دوان سفر کي ٻنڍو ڏئي ڇڏيو آهي. ائين ڄڻ ڪنھن وهندڙ پاڻيءَ جي وهڪري يا مست سفر کي ٻنڍو ڏئي ڇڏيو هجي. مون پڙهيو ۽ منھنجي اندر ۾ هن سفري رومانس مرڻ شروع ڪيو. دوستن، خاص طرح عزيزم غلام رباني زور ڏيئي چيو ته”رومانس کي بنھہ مرڻ نہ ڏي. تون هاڻ ئي ان گاڏيءَ ۾ وري وڃي چڙهه، توڙي کڻي اُها هاڻي بولان ميل نہ رهي آهي. ڇاڪاڻ تہ مھيني اڌ ۾ اها بہ بند ٿيندي. اڃان ويل وئي ناهي. تنھنجي اندر ۾ وهندڙ رومانس ڪجهہ وقت لاءِ يادگيرين ۾ تہ زنده رهندو.“ سو هڪ ڏينھن وڃي گاڏي ۾ ورُ چڙهيس. هيءَ اُها ميل نہ هئي، ٻن چئن گاڏن واري لنڊي پئسينجر پئي لڳي. عمر ڏٺاسين خواب سھڻا سھڻا، سو خواب ساڻ ڪري دل کي دلبو ڏيئي چيم تہ ڪا ڳالھہ نہ آهي. سنڌ جي عشق کي ورُ مچائڻ لاءِ، اُن جي ماڻھن، ماڳن، مڪانن، اسٽيشنن، جبلن، سنڌو دريا جي مست پنڌ ۽ وهڪري کي پسڻ ۽ ملڻ لاءِ، اُنھن سان رومانس کي زنده رکڻ لاءِ اِهي لنڊيون بہ چڱيون. بلوچستان جو حُسن الڳ ڏسبو.
ڪوٽڙيءَ کان گاڏي هلي، ڀڳل گاڏا، ڀڳل دريون، ائين لُڏان پيو، ڄڻ ڪنھن ڇڪڙي ۾ ويٺو هجان. پر عشق عشق آهي. مان دريا شاھہ کي ڏسڻ لاءِ ڪڏهن هڪ دريءَ کان، ڪڏهن ٻيءَ دريءَ کان پئي ڦريس. دريا شاھہ پَٽا ڏيئي گم ٿي ويو هو. ڄامشورو بہ ٽپي آياسين. دريا شاهه، جيڪو سنڌ جي گجگوڙ هو، سنڌ جي مستي، موج ۽ سُڪار جو اهڃاڻ هو، بنھہ پَٽا ڏيئي ويو هو. واري ۽ مٽي پئي اُڏاڻي! ڪٿي ڪٿي سنواريل پاڻيءَ جا دُٻا هئا، جيڪي ٻڌائين پيا تہ هتان ڪڏهن ڪو درياھہ شاھہ نالي واٽهڙو لنگهيو هو. جيڪو هڪ مسافر جيان هيو. الائي سفر جي ڪھڙي موڙ تي دڳ وڃائي ويھي رهيو.
ٻيٽارا، ٻيٽ، ڍنڍون، ڍورا سب سُڪل هيا. صدرالدين بادشاھہ نٽهڻ ۾ هيو، وڻ سُڪي ڪوڪلا ٿيل هئا. لَڪ وٽان هيٺ نھاريم، سرسبز پَٽن ۽ پوکن جي جاءِ تي ٺوٺ ڌرتي هئي. چمڪندڙ ڇوليون هڻندڙ ڇرون ڄڻ زمين اندر پيھي ويون هيون. کرکنا ٿيل هن گاڏيءَ سيوهڻ تائين پھچائيندي سج لاهي ڇڏيو هو. اسٽيشن تي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻھو هئا. چڙهيا تہ ڏٺم تہ سندن منھن ڀيلا ۽ لٿل هئا. حالي احوالي ٿيا تہ چيائيون،”قلندر جي ننگريءَ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي ڪانھي. چون ٿا تہ لوڊشيڊنگ آهي. پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونھي، دريا شاھہ سڪو پيو آهي، واھہ واٽر بہ سُڪا پيا آهن، فصل سڙي ويا آهن. شايد دريا شاھہ جي بہ لوڊشيڊنگ ٿي آهي.“ ڳالھائين پيا تہ سندن اکين ۾ لڙڪ اوتجي پيا اچن. گاڏي هلي تہ ڪو نعرو ٻڌڻ ۾ نہ آيو. ايترو ضرور ٿيو جو قلندر سائينءَ جي مقبري ويجهو موڙ وٽ گاڏي پھتي تہ ڪيترن ئي دعا لاءِ هٿ کنيا. هڪ نوجوان، جيڪو پڙهيل ڳڙهيل هو، سو دل جي درد سان پُر هيو. دانھن ڪندي سُر سان شاھہ پڙهيائين:
اندر جُهڙ جهور وهي ٻهر ڪڪر نہ ڪوءِ،
وسائي سا وڄڙي جنھن کي حُب هوءِ،
لالن جهين تِنِ اوڪاڻين نہ اکيون،
ٻيو جوان هر هر اِها دعا پيو گهري:
سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار.
ڪنھن چيس تہ اڳتي بہ چئہ تہ ڳوڙهن گاڏڙ کل کليو ۽ آڱر مٿي کڻي چيائين” اڳتي سندس مرضي.“ سيوهڻ کان اڳتي بہ ويراني هئي. اوندھہ هوندي بہ پسجي پيو تہ خداآباد جا زبون پراڻا آثار وڌيڪ ويران هئا. بوبڪن واري ساوڪ جو هڳاءَ بہ نہ هو. لڳو پئي تہ سوڪھڙي جو شڪار هئي. بوبڪن جي ڀنگ ڄڻ تہ سڙي وئي هئي، پر شايد نشئي طوطا بہ اُڏامي هليا ويا هئا. دادوءَ جو جادو پورو ساروهو. هڪ يار آيو، وينڊر کان سڙيل چانھہ جو ڪوپ وٺي پياريائين. اصل نسل خوشبو واري چانھہ جو پڇيو مانس تہ چيائين،”يار ويا آهن پيئڻ جي پاڻيءَ جي ڳولا ۾. اڄ مٽ دلا ڀڃي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو اٿائون ۽ ڪي بک هڙتال تي بہ آهن. پاڻ واري مينھن کير ئي ڏيڻ ڇڏيو آهي. کيس تڙڳڻ لاءِ پاڻي تہ ٺھيو، پر پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونھي، کير ڌوڙ تي لاهيندي! باقي رهيا ڦوٽا تہ ماڻھن ۾ خوشبو ناهي رهي تہ ڦُوٽن ۾ خوشبو ڪٿان ايندي.“ لاڙڪاڻي ساھہ سيباڻي جو ساھہ سُڪو پيو هو. شري گوپال ڪڏهوڪو سُرڳواس ٿي چڪو هو، سليم خواجا ڪراچي آباد ٿيو هو. ڪن ٻين دوستن کي حيدرآباد وارن دوستن نياپو ڏنو هو، سو هڪ همراھہ بيٺو هجي، چي،”لالڻ مختيارڪار وصولي تي ويل آهي، موٽي ئي نٿو جو نوڪري خطري ۾ اٿس. ماڻھن وٽ نہ فصل نہ روڪڙ، ڍل ڪٿان ڏيندا.“ زرعي بينڪ واري نالي ڀائي دوست عبدالحميد جو نياپو ڏنائين:”سائين اُهو بہ شهدادڪوٽ ۾ غيرآباد زمينن جي آبادگارن کان قرض اُڳاڙڻ جي ناڪام ڪوششن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي. ڪاميابي لاءِ دعا ڪجوس.“ مون سندس پيرن ڏي نہ پر هٿن ڏي نھاريو. اُن هٿن ۾ نہ ٽفن هو ۽ نہ ديسي انب، هو تہ نياپا ڏيئي هليو ويو، بک بہ ڏاڍي لڳي هئي. هڪ گاڏي ڇڪڙو، اي.سي گاڏا تہ هليا ويا مين لائين جي نائيٽ ڪوچن ۽ تيزگامن ۾، تنھن ڪري گرمي، مٽي ۽ ڌوڙ اصل ڌوڙ ڪري ڇڏيو هو. منجهند واري مانيءَ جي هڙ ۾ مانيءَ ڀور هئا. لھي نل تان هٿ منھن ڌوتم ۽ ٿرماس ۾ پاڻي ڀريم. نل ۾ ڀلا ڍُڪ ڍُڪ پاڻي پي آيس تہ دير لڳي سو ڊوڙي پڪوڙا وٺڻ چاهيم پر اُهي ٿڌا ۽ پاروٿا لڳا. گاڏي واري پڪوڙائي کي ڪجهہ چيم تہ خار مان چيائين، ”صبح کان بيٺا آهيون، هڪ تہ هن لائين جون گاڏيون مردار، ماڻھو ڪين. هيءَ ڍير وڪامي تہ گرم مال آڻيون.“ ڀڳس انبن واري ڏي تہ هڪ همسفر ساٿي بيٺو هو. هٿن ۾ ٻہ وڍيل انب هيس،”سائين نہ وٺجو، هڪ ڦڪا ٻيو رڌل آهن.“ انبن وارو کليو،” انبن جي باغن کي پاڻي نہ ملندوتہ ائين ئي ٿيندو. ڪاربيٽ تي پڪل انب، وري هيءَ گرمي، ڦڪا ۽ رڌل نہ هوندا تہ ٻيو ڇا هوندا.“ گاڏي چُري، مان ۽ هو همراھہ ڊوڙي چڙهياسين. مون هڙ کولي، منجهند جا پيل سُڪل ڀور کائي پاڻي پي ڇڏيم. ڪجهہ اُنھي همراھہ کي ڏنم. هِن ڦڪن ۽ رڌل انبن سان ماني کاڌي. گاڏي هلندي هلي ۽ مان سوچيندورهيس:”هئہ ڙي سنڌ، تنھنجو دريا بادشاھہ وڃائجي ويو، ساوا پَٽ برپٽ بڻيا، نہ سلا نہ گاهه، مينھن کير ڏيڻ ڇڏيو. پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونھي. سنڌ ۾ غريبن جو کاڄ پڪوڙو بہ پاروٿو. انب رُسُ ڇڏي ويا. ماڻھو اُٻاڻڪا، ڀيلا منھن. ڳڻتين ڳاريل، باقي رهيو ڇا؟“ شڪارپور جو بورڊ ڏٺم تہ خوش ٿيس ۽ سوچيم تہ ڪي يار ضرور آيا هوندا ۽ ڪا لکي دروازي واري ڪلفي کڻي آيا هوندا. ٽپ ڏيئي لٿس. اُنھيءَ همسفر ساٿي کي شڪارپور ۾ لهڻو هو. مون لھي پنھنجن يارن کي ڳوليو پئي تہ سوري آيو. پڇيائين تہ ڪنھن کي ڳوليو ٿا. ڇا چوانس؟ چيم”يار! سُئي پيو ڳوليان.“ هو وائڙو ٿي ويو. ”يار، دوستيون ۽ قرب جو ساٿ هاڻ سُئي مثل رهيو آهي. ڀل ڪلفي يا مٺائي نہ کارائين ها پر اچن تہ ها.“ کلي چيائين،”سائين اديب آهيو، تڏهن ائين چئو ٿا. ٿي سگهي ٿو، شڪارپور کي شرم کان پرچائڻ لاءِ نہ آيا هجن. نہ کير ،نہ بجلي، نہ برف، رجيل پاڻي واري ڪلفي کارائين ها ڇا. ديوان جي اصل ڪلفي ۽ سڱرن واري مٺائي هاڻ خواب رهيو آهي.“مان چپ ڪري گاڏيءَ ۾ چڙهي ويٺس، کائنس موڪلايم بہ نہ.
گاڏي جيسين جيڪب آباد پھتي، منھنجو سڄو سارو سنڌ جو رومانس ڇڙيون هڻي رهيو هو. مون اڃان اُن کي مرڻ نہ ڏنو. ٽپ ڏيئي جيڪب آباد تي لھي پيس. هاڻي ڪھڙا وڃي حلوا، سيرا، پوريون، پڪوان کاوان يا بلوچستان جي مٽي جي سڳنڌ ڏيندڙ کُمرن ۾ وڃي چانھہ پيان يا ٿڌڙن مٺن سيئن جو مزو وٺان. گاڏي گذري تہ جيڪب آباد جي اسٽيشن بنھہ ويران ٿي ويئي. هت بہ ڪير اڳ جيان چانھہ جو ٿرماس ۽ بسڪوٽن جا پُڙا کڻي نہ آيو هو. اُهي يار دوست شايد جان جيڪب جي مَرم شرم کي پرچائڻ ڪارڻ نہ آيا هئا. نہ وري هاڻ اُت گدائي هو يا فتاح يا غالب هو. هڪ خالي بينچ تي آهلي پيس.”هيءَ سفر ڪيڏو نہ ڀيانڪ هو.“ وسوسن انديشن اندر گهر ڪري ورتو هو. مان موٽي پنھنجي پوٽڙي سلمان ارشد کي ڇا ٻڌائيندس، جنھن کي اُٿندي وهندي دريا شاهه، سنڌ جي سونھن، ماڻھن جي سُکيي ستابي هجڻ جا داستان، وفا محبت ۽ بھادريءَ جا قصا ٻڌائيندو هئس. هاڻ سلمان انھن آسُن ۽ اُميدن تي وڏو ٿي رُڃ پسي مايوس ٿي ڇا نہ ڪندو؟ مان ڏڪي ويو هئس. صبح ٿي ويو هو. آهستي وڃي نل تان منھن ڌوئي. ٿيلهڙو ۽ خالي هڙ لوڏيندو اسٽيشن کان نڪتس. دوستن جي گهرن کان لنگهيس. اُهي سڀ دربند هئا. جيڪب آباد اڄ مون کي آباد نہ پئي لڳو. پراڻي ميونسپلٽي ڀرسان اُنھي ديوان جي هوٽل تي آيس، جتي دال پوري، ڀاڄي ڦلڪا، مڇي يا پلو تريل ملندو هو. اڄ اُت ڪاريءَ وارا ڪک هئا. اڳيان هڪ ٻيو هوٽل هو. وڃي ويٺس. بيرو ڦري آيو.”ڇا کائيندوء ڇا پيئندو؟“ ”ابا ڪا مڇي، ڪو پلو، ڪا مڱن جي دال. ڪو ڦلڪو ڪا ڊڳڙي.“ بيرو کلي پيو. ”سائين ڪھڙن ڏينھن جي ڳالھہ ٿا ڪيو؟ پاڻي لڀي ڪونہ..... ڇا جي مڇي، ڇا جو پلو. فصل ٿيا ڪونہ. مڱن جي دال بہ مھانگي، ڪير چاڙهي؟ چيم ”يا ڪو ڏس پنڌ؟“ وراڻيائين ”سائين ٻڌو اٿم تہ درياھہ ۾ پاڻي آيو آهي. سکر روهڙي وڃو، شايد اُتي ملي پوي. باقي چانھہ پراٺو چئو تہ ڏيانو.“ مون چانھہ گهرائي، اُوڦراٽو هاڻ پراٺُوپرائو ٿي ويو هو، تنھنڪري اُنھيءَ کان پاسو ڪيم. ڪا ڊڳڙي يا ڦلڪو هجي ها تہ کڻي کاوان ها. بسڪوٽ چانھہ سان کاڌم. اُتان اُٿيس تہ بس اسٽينڊ لاءِ ٽانگو ڳوليم. سوچيم تہ ٽڪ ٽڪ ڪندو گهوڙي جي سنبن سان سُر ملائيندو پراڻن واقف رستن کي سڃاڻندو، منجهيل من کي پرڀائيندو ڪو مزو وٺندس. چيائون تہ سائين هاڻ ٽانگا گهٽ ، ڪيونچڪي تي وڃو.هيءَ موٽر سائيڪل سان جوڙيل رڪشا جھڙي سواري هئي. ٽپ ٺينگ ڏيندو هليس. ٽانگي وارو رومانس تہ پورو ٿي چڪو هو. بس هلي تہ اُهي ئي سوڪھڙي وارا نظارا، سارين جا ٻيجارا سڙيل هئا. ڪن تہ ٻيجارو ئي نہ ڪيو هو. ماڻھن ۾ اِها ئي ٻُولاچاري هئي. هن رستي تي ڪئين ئي پنڌ ڪيل هئا. علي نواز پنھور جي ڳوٺ، آباد، مفتون ۽ نياز همايوني جو شھر همايون، آغائن ۽ پٺاڻن جو سلطان ڪوٽ، عجيب ماٺ، مايوسي ۽ موڳائي هئي. شڪارپور ٽپي سرسبز سي، اينڊ ايس ڪاليج وٽان لنگهيس تہ اُهو بہ اُجڙيل هو. جهانو، لکي لنگهياسين. ٻهراڙيءَ جي هوٽلن تي ماڻھو چانھہ تي ائين ويٺا هئا، ڄڻ ڪي پياڪ غم غلط ڪري رهيا هجن. سکر جو شھر برابر شھر هو، پر ڪو ڪاڏي پئي ڀڳو ويو ڪو ڪاڏي، افراتفري جو عالم هو. مان نئين پل تي نئين بس اسٽينڊ تي لٿس. رڪشا ملي ويئي، چيومانس، ”يار چون ٿا سنڌوءَ ۾ پاڻي آيو آهي. پري کان ڏسڻ آيو آهيان. چون ٿا تہ ڏنڀرو بہ آهي تہ پلو بہ آهي. يار اُتي وٺي هل تہ ڪو دريا شاھہ جو ديدار ڪيون.“ رڪشا وارو پھريائين منھنجي منھن ۾ ڏسڻ لڳو، پوءِ يڪدم چڙهي ويٺو. ڦٽ ڦٽ ڪندو سڌو بند روڊ تي دريا شاھہ جي ڪناري تي رڪشا بيھاريائين. مون کي ٻانھن کان وٺي، بند ٽپائي اشارو ڪري چيائين،”هُو ڏس پنھنجو دريا شاهه“ هڪ واهڙُ هو، جو وهيو پئي. ڪي ٻيڙيون پاڻيءَ جي آسري سُڪيءَ تي بيٺيون هيون. سنڌوءَ جاڪنارا آسارا آسارا هئا. هڪ جهونو مھاڻو سُري آيو. مون کي سڃاتائين. ”سائين، توهان مرحوم رشيد ڀٽيءَ جا دوست آهيو نہ، توهان رشيد سان گڏجي ڏنڀرو وٺڻ ايندا هئا. تڏهن تہ پلا بہ جام مرندا هئا. اڄ پلي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. سير آهي ئي ڪانہ تہ پلي جي سواري ڪٿان ايندي. ڏنڀري ۾ ڏينھن لڳندا . ڪو پاڻي چڙهي، ڪو مالڪ کي رحم پوي. ڪو دريا شاھہ کي جوش اچي. ڏنڀرا ڪُرڙا کوڙ.“ مان ماٺ ميٺ ۾ موٽي اچي رڪشا ۾ ويٺس. چيومانس تہ روهڙي اسٽيشن هل، ڪا گاڏي حيدرآباد لاءِ ملي ويندي. مان نہ مَلڪن نہ سيدن ڏي ويس، جو سندن سور سُجهيا پئي. مون سڄي واٽ رشيد کي ياد پئي ڪيو، جنھن سان سکر آباد هو. اياز ۽ رشيد ڀٽي ڀونءِ ڀيڙا ٿيا. رڪشا وارو، جيڪو ڏاڍوفهميندو هو، تنھن آرام سان هلي اسٽيشن آڏو ٿلھي تي رڪشا بيھاري. پئسا ڏنامانس تہ چيائين.” سائين، اوهان نٿا سڃاڻو، آءُ بہ رشيد ڀٽيءَ جي پاڙي جاگيراڻي پاڙي جو آهيان. ننڍو هئس تہ مون اوهان کي سندس اوطاق تي ڪئين ڀيرا ڏٺو هو. بَگن سائين (رشيد ڀٽي) جھڙا ماڻھو نہ رهيا تہ سڀ ڪجهہ ختم ٿي ويو آهي. بگن سائين جھڙا سخي، قربائتا، بھادر ماڻھو هليا ويندا آهن تہ درياھہ بہ سُڪي ويندا آهن. سو سائين، آءٌ پئسا نہ وٺندس.“ مون کيس حيرت مان ڏٺو. هو پنڊپهڻ ٿيو ٺنڀ هنيو بيٺو هو. مون کيس ڀاڪر پاتو، پيار ڪيو، پر هو مون وانگر مايوس نہ هو جو هن منھنجو چھرو پڙهي ورتو هو. پوءِ چيائين ”نيٺ هيءُ لُڙ لھي ويندا. ڏسو مان بي.اي پاس آهيان پر پنھنجي محنت ۽ پورهيي سان سکيو ٽڪر کان ٿو. سنڌ جي ڪُک هميشہ سائي رهي آهي اسين نوجوان پنھنجو پاڻي ورائينداسين. هر نئون نسل سنڌڙي کي آباد رکندو ايندو، ٻيو اوهان جھڙن سڄاڻ ماڻھن سان بہ اُٿيا ويٺا آهيون، اهوئي اسان لاءِ گنج آهي، اُهو بہ تہ ڪنھن ڏينھن ڪم ايندو. مان هڪ گاڏيءَ ۾ چڙهي پيس مون کي هوش نہ هو. ڇاڪاڻ تہ منھنجي اندر ۾ گهڻو ڪجهہ ڀڄي پيوهو. ائين لڳو پئي تہ ڄڻ ڪو مري ويو آهي. شايد منھنجي رومانس خودڪشي ڪري ڇڏي هئي.
پر چوندا آهن ته”جيئڻ ڪارڻ جيڏيون وڏا وس ڪيام.“ سنڌڙيءَ سان هيءُ رومانس مرندي مرندي شايد ڪا اميد جو هڪ ڪرڻو ٻاري ويو هو. اُهو هو رڪشا واري نوجوان جو ڪردار ۽ انداز! مون سوچيو تہ خالي هٿين گهر وڃان پيو. ننڍڙو سلمان ، ڪا نہ ڪا شيءِ گهرندو تہ پوءِ مان کيس اُن رڪشا واري پورهيت جي ڪھاڻي ٻڌائيندس، جيڪو اڃان بہ ٺنڀ هنيو اسٽيشن تي اُميد جو اهڃاڻ بڻجي بيٺو آهي. سندس پيشاني منھنجي رومانس جي آخري چمي سان چمڪي رهي آهي.

(هڪ ڪالم ڪھاڻي)

سو مون سڀ ڄمار…!

لڙي سانجهيءَ جا پاڇا بہ عجب هوندا آهن. نٻل ۽ هيڻا، جهٽ پل ۾ غائب. لهندڙ سج بہ ويل وَهيءَ جيان ويندو آهي آهستي آهستي پنھنجو جوش ۽ جوڀن وڃائيندو. اُنھيءَ ويل لڙي ويندڙ سانجهي ۽ وڃايل سج جي انڌي روشني ۾ بہ مون اُن گهڙيءَ ٻن پتڪڙن جي پدم پدم پيرن وارا ٻہ پاڇا ويندي ويندي وڃايا هئا. مان ايڏو تہ جهُريل هيس ۽ ڪم طاقت ۽ هيڻو هُيس جو اُنھن کي روڪڻ جي سَڌ رکندي بہ روڪي نہ سگهيس ۽ مون اُنھن کي الائجي ڪيئن وڃڻ ڏنو. پريان سندي پار ۽ اُتي جي هوائن جي سڪ ۽ ڇڪ کي شايد ڪير روڪي نٿو سگهي، ڇو تہ هوا پڙهڻ نہ ڄاڻندي آهي، سنيھا نياپا پيئي موڪليندي آهي، پيئي سَٽون ۽ جيءَ جهوٻا ڏيندي آهي. ويندڙن کي ڪنھن نياپي ۽ سنيھي جي هوا پئي ڇڪيو يا ڪنھن ٻي طاقت. رهي ويندڙن مان هِت رڳو مان هيس، جيڪو اهڙي هنڌ بيٺو هيس جت نہ هوا هئي، نہ ڪو سنيھو، نڪو نياپو – مون لاءِ ڄڻ تہ ڪجهہ بہ نہ هو. ائين نہ هو تہ مون کين روڪيو نہ هوندو، رڙيون نہ ڪيون هونديون. پري کان بيھي هٿ لوڏي موڪلائڻ وارو انداز ڪيڏو اثرائتو ئي سهي، پر آهي تہ جُدائي نہ – سا بہ جيئرن جي جدائي. گهڻو ڀڳس، رڙيس، ڳوليم، پر سڀ رستا هِت موٽي آيا ٿي. هِن ئي وڻراھہ تي.
پر مون کي لڳو پئي تہ مان هتي رهڻ ۽ بيھڻ لاءِ مجبور هيس، جو منھنجي اُنھن هوائن ۽ اُنھيءَ هنڌ سان ڪابہ سڃاڻپ ڪانہ هئي. باقي اِها ڪار ضرور هئي تہ ڪيڏانھن ڪاهيان ڪرهو، مان سوچيندي سوچيندي پاڻ سان پاڻ ڀُڻ جهڻ ڪندي ڄڻ تہ ٿڪجي پيو هُيس. اِتي ئي ويھڻ جي ڪئي اٿم. ٽنگون ئي نستيون پيو ڀانيان. وِهڻ جي ڪيان ٿو تہ ويھي نٿو سگهان. نيٺ گوڏن ڀر هڪ وڻ جي اونداهي واري پاسي جُهُڪي ويھي رهيو آهيان. ڪي چوندا آهن تہ سانت ۾ سڪون هوندو آهي، پر ڪي مون وانگر درد ۽ وڇوڙي جا ماريل چوندا آهن تہ سانت پاڻ هورا کورا جو نالو آهي. سانت ۾ ئي تہ طوفان ڊوڙندا ايندا آهن. سڪون تہ سانت جي خوفناڪ خاموشي کان ڊڄي ڀڄي ٻئي پاسي هليو ويندو آهي. مون سان بہ اُهائي ڪار هئي. اندر جي پيڙا اُهوئي ڄاڻي جيڪو اُنھيءَ پيڙا سان گڏ رهي ٿو. مون سان تہ ورهين کان راند پئي ٿي. پيڙا، ڏک، جهوريون جي گڏ هيون، تہ ’پيار‘ ۽ ’اميد‘ جون سانتيڪيون گهڙيون بہ تہ گهاريون هيم. اڄ جڏهن سڀ هٿيار ڦٽا ڪري ٻيڙو ڄڻ هوائن جي حوالي ڪري آيو هيس ۽ ڀانيو هيم تہ شايد ائين ئي مالڪ کي منظور آهي، تہ هورا کورا وڌي ويئي هئي. ائين مون سڀ ڪجهہ وسارڻ پئي چاهيو، پر هيڏو اَجگر جيڏو بارُ ڪير کڻي! توهان جي بار کڻو تہ کڻي هيءَ ڀري لاهي توهان جي ڪُلھي تي چاڙهي ڇڏيان. پر بار کڻندو باري. جي گهڻو بار سمجهو تہ پل لاءِ ئي کڻو، پوءِ ڀلي لاهي ڦٽو ڪجو ۽ يقين رکو تہ مان وري کڻي وٺندس. جي گهڙي پل لاءِ بار کڻندو تہ هنياءَ تان تورُ تہ جهڪو ٿيندم. يارو! اهڙي سولائي ڪريو تہ جوُد ڪريو.
هاڻي ٻُڌو، مان هن وڏڙي ڳوٺ جو پراڻو رهواسي تہ نہ آهيان، پر هن ڳوٺ جي چپي چپي کان واقف آهيان جو مان ڀرپاسي جي ننڍڙي ڳوٺ جو رهواسي آهيان. پنڌ گهڻو؟ بس، ڊوڙي ايندو هوس. هوُ جو اوندھہ ۾ بہ جرڪي پيو. اُهو ماڙي وارو حاويلي وانگي ڪچو پڪو وڏو گهر، رئيس ڪريم بخش جو گهر اٿو. هو تر جو چڱڙو زميندار هيو. اسان سان ڪا مائٽاڻي لِڇ هيس. ماڻھو ڀلو ۽ راڄائتو. اَبي سان قرب جو رستو هيس. امان کي ڀيڻ ڪيو هئائين. ڪو ويڇو سَنڌو نہ هو. اِنھيءَ گهر سان منھنجو تہ عشق هو. ننڍي هوندي کان اڄ تائين جو اِنھيءَ گهر ۾ منھنجي ”سنجها“ رهندي هئي. سنجها ويل جھڙي اَڇي اُجري، مُک روشن روشن. پدمڙن پيرن سان اچڻ واري هيءَ ’سنجها‘ منھنجو سڀ ڪجهہ هئي. ٻالجتيءَ کان وٺي سندس نِسرڻ مون ڏٺو. توڙي جو مون کان عمر ۾ وڏڙي بہ هئي. وڏي ۽ ڊگهي پڌر ۾ اسان ڊوڙون گڏ پاتيون. ڳوٺان هتي جي اسڪول ۾ پڙهڻ اچان تہ بہ مامي ڪريم بخش جي گهر ضرور وڃان. سندس ڊوڙون پَسان ۽ گدگد ٿيان. اوڙي پاڙي جا ٻارڙا گڏ ڪري کيس ڌويڙي ۽ ڦر ڦر سونٽي واري راند ڪُڏايان. پر سندس ڪي شغل پنھنجا هُيا. گُڏين راند سندس چاھہ وٽان هئي. مامِي شادان کيس پُراڻن ڪپڙن جي بچيل اڳڙين مان گُڏيون ۽ گُڏا ٺاهي ڏنا هيا. مان وڏڙو ٿيس تہ اٽي ڏڪر ۽ چدن راند ڏي رخ رکيم، هوءَ ساهيڙيون سرتيون ساڻ ڪري پيئي گڏين راند ڪندي هئي. آهستي اهستي پاڻ گڏيون ۽ گڏا ٺاهڻ لڳي، انيڪ اڪيچار گڏيون ۽ گڏا. ماڙيءَ تي کڻي هُنَ اُنھن جي دنيا ٺاهي ۽ ڪئين ئي سانگ رَچايا ۽ لايا سجايا ڪيا. ڪڏهن گُڏن گُڏين جي شادي تہ ڪڏهن ڳيچ پيا ڳائجن. ڪڏهن تاهريءَ جو ڀت پيو رڌجي ۽ کائجي. مان اُنھيءَ دنيا ۾ تڏهن ويندو هيس، جڏهن ماڙيءَ ۾ هوءَ اڪيلي هوندي هئي ۽ سندس پنھنجون سرتيون گهرن ڏي هليون وينديون هيون. ويٺي پنھنجي ليکي اُنھن سان ڳالھيون ڪندي هئي. مان چڱيءَ سانڀر سان هيس، ۽ ويٺو سندس وڻندڙ مُک کي تڪيندو رهندو هيس. نيٺ هڪ ڏينھن چئي ڏنو مانس: ”سنجها!… تون ڪيڏي نہ سھڻي آهين. هِنن چٻن مُنھن وارين گُڏين ۾ تو ڇا ڏٺو آهي؟ تون آئيني ۾ پاڻ کي بہ ڏس ۽ هي اڳڙين جي ڍير مان ٺھيل ڪاري سُٽ سان اُڻيل بدشڪل بوتا بہ ڏس!“
پوءِ هوءَ خار مان مون ڏي نھاريندي هئي. خار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي هئي. وارن جون ڪي چڳون لڙي مُنھن تي مڙي اينديون هيس. ”منھنجن هنن شھزادين ۽ شھزادن لاءِ ائين نہ ڳالھايئندو ڪر. هيءُ سڀ منھنجا ساٿي آهن. هيءُ مون سان ڳالھائيندا آهن. مان کلان خوش ٿيان تہ هيءُ بہ کلن ۽ خوش ٿين، جي رُئان تہ هيءُ مون کي پرچائين. توکي ڪھڙي خبر، تون وڃي پَٽ تي چِڌا چُٽِ ۽ اِٽي ڏڪر کيڏ.“
پوءِ مون کيس چوڻ ڇڏي ڏنو. وقت کي پَرَ آهن. جبل جيڏي جواني پنھنجي سونھن ۽ رعنائي کڻي آئي، مان تہ ٿيس هڪ پورهيت جو پُٽ، پر هڪ سُکيي رئيس جي گهر جي هيءَ نينگر ڄڻ اَپسرا ٿي پيئي.
هڪ ڀُوري، مٿان وري چوٽا واسينگن جيان ڪَرُ کنيو کيس بدنظر کان بچائڻ لاءِ پيا جتن ڪندا هئا. هيءَ جواني کيس تہ راس آئي، پر مون لاءِ وڇوڙو کڻي آئي. ڪا اهڙي چؤپچو ۽ ٻولاچاري ٿي جو امان جو حڪم ٿيو تہ ”هاڻ هُنَ گهر ۾ جوان نياڻي آهي. تنھنجو سنجها سان گهڻو ملڻ بہ ٺيڪ نہ آهي. لامارا ۽ ڦيرا گهٽ ڪر ۽ ڪڏهن قضاني ويندو ڪر.“
منھنجي ماءُ برجستي ۽ زمان ۽ مڪان جا سڀ ڦير ڦند سمجهندي هئي. پر مان کيس ڪيئن ٻُڌايان تہ مان تہ لامارا ۽ ڦيرا ڪو نہ ڏيندو آهيان. مان نہ عقاب آهيان جو هوائن ۾ لامارا ڏيان ۽ اُڏامي جهڙپ ڏيئي کيس جهٽي وٺان. نہ وري مان ڀونئرو آهيان جو سندس واسُ وٺڻ لاءِ پيو مٿائنس ڦيرا ڏيان. مون تي کيس اک کوليندي ئي ڏٺو هو. اک ڇنڀ ۾ مَنَ اندر ڪن اڻڄاتل ناتن جي اُڻت اهڙي تہ ٿي ويئي، جو ڪوريئڙي جھڙي ڪئنري نازڪ ڄاري وانگر ويا مون کي وڪوڙيندا. سنجها هلي تہ سُبڪ رفتار، کِلي تہ چپ مکڙي جيان کُلي پون ۽ پوءِ پيا موتي جرڪن ۽ ڳلن ۾ کُٻَ پون؛ منھن ملوڪ ٿيو پوي. منھنجو وڃڻ ويو گهٽ ٿيندو. ڪجهہ مانُ مريادا، ڪجهہ پڙهڻ خاطر شھر ۾ رهڻ جي ڪري. پر جي ڳوٺ آيس تہ سنجها کان جيڪو منھن موڙي سو ڪافر. ڀلي چرخ آسمان ٻيو هجي. مون هاڻ هر دفعي محسوس پئي ڪيو تہ آهستي آهستي سنجها ويئي پئي وسامندي. ڪاڏي ويون سرتيون ساهيڙيون، ڪاڏي ويا اَبو اَمان، ڪاڏي ويو اوڙو پاڙو ۽ شاديون مُراديون. ماڙيءَ جي طلسم کيس اهڙو ڪو سوگهو ڪري ڇڏيو هو جو هوءَ ڏينھن جا ڏينھن اُت گذاريندي هئي. رات جو بہ ماڻس يا ماسي ڦاپان زوري هيٺ لاهي ايندس، نہ تہ ٿيو خير! منجهند جو ماسي ڦاپان ماني کڻي ويندس ۽ جي گرھہ کاڌائين تہ ٺيڪ، نہ تہ ٿيو ڀلو! پڻس جي بہ ڏاڍي دل هيس. سو پيو پڇندو، سندس لاءِ لُڇندو، پر هيءَ ڪڏهن لھي اچي پيءُ کي ڀاڪر پائي مِٺي ڏيئي هلي ويندس. ڪڏهن پڻس ڪمري مان اندران ماڙيءَ ڏي ويندڙ ڏکي ڏاڪڻ مٿي چڙهي سھڪندو وٽس پھچندو هو. ڪڏهن ڏسي تہ هوءَ گُڏن گُڏين سان ويٺي ڳالھائيندي، يا پڻس جا آندل ٻارن جي ڪھاڻين جا ڪتاب (جيڪي گهڻو تڻو شھزادن، پرين، جنن، ڀوتن جا قصا ۽ داستان هئا)، پيئي پڙهندي هئي. مامي شادان پرائمري چار درجا پڙهي فائنل پاس ڪئي هئي جو پاڻ شھر جي هئي. جي هجي ها منھنجي ڳوٺ جي يا رئيس ڪريم بخش جي ڳوٺ جي تہ بنھہ اسڪول جو منھن نہ ڏسي سگهي ها. ڪريم بخش ماڙي تي چڙهي ايندو هو تہ بہ کيس سَمڪ نہ رهندي هئي. هوءَ گڏين ۽ گُڏن جي دنيا ۾ يا پڙهڻ ۾ اهڙو تہ غرق هوندي هئي، ڄڻ هِت آهي ئي ڪانہ. هوش ايندس تہ ٽپ ڏيئي پيءُ کي چنبڙي پوندي. سنجها، رئيس ڪريم بخش کي ڏاڍي پياري هئي، جو هيس ئي هڪ اولاد! اهڙو ڀانيائينس جو سنجها چڱي وڏي ٿي ويئي پر هو کيس اُٿارڻ لاءِ ڪجهہ ٻڌڻ لاءِ تيار نہ هو.
مان نوڪري سان وڃي لڳو هوس. امان کي پاڻ چيم. اَمان رئيس ڪريم بخش جو رُخ ڏسيو ويٺي هئي. ٻيو تہ رئيس وارا رئيس هئا ۽ اسين بنھہ پَٽ پيل. بابو منھنجو پھريائين مزوري ڪندو هو، پوءِ رئيس جي ڦٽين واري ڪارخاني جو منشي ٿيو. توڙي جو ٻنھي جي دوستي هئي، پري جي مائٽي بہ هئي، پر رئيس هڪ ڌڪ ۾ سڱ ڏيڻ کان انڪاري ٿيو. پر الائجي ڇو منھنجو قضاني اچڻ وڃڻ بند نہ ڪيائين. مون بہ دل ۾ نہ ڪيو. سوچيم تہ سنجها اڄ بہ منھنجي آ، سُڀان بہ منھنجي. اِتي آ تہ بہ منھنجي آ. مامي رئيس جي رُخ جي خبر هئم تہ هو سنجها کي ٻاهر نہ ڪڍندو. هُن کي سنجها سان عشق هو. ٻيو تہ هوءَ کيس هڪ ئي هئي. هوءَ جوان ٿي وئي. پر هو کيس اڃا ٻار سمجهندو هو. اُنھيءَ دفعي جڏهن ڳوٺ ويس تہ هميشہ جيان سنجها سان ملڻ ويس. هوءَ بہ هميشہ جيان ماڙيءَ تي هئي. مامي شادان ۽ ماسي ڦاپان کٽ تي چڙهيو ويٺيون هيون، پر هيون مُنجهيل ۽ مُوڙهل. ٻانھن کان ڇڪي کڻي پنھنجي ڀرسان وهاريون ۽ آهستي آهستي ڳالھہ کي چوريون:
”ابا، اِجن! تون ئي سنجها کي سمجهاءِ، انھيءَ ماڙيءَ اسان کي ماري ڇڏيو آهي. هاڻي تہ هيٺ بہ نٿي لھي. عجيب ڳالھيون پيئي ڪري. ماسي چئي ٿي تہ مٿس جنن جو اثر ٿي ويو آهي. پڻس کيس ڏسي ٺريو پيو ٺري. تون ڪا واهر ڪر.“
مامي شادان بس ڪئي تہ ماسي ڦاپان شروع ٿي ويئي.
”مُنڍ کان وٺي پئي رڙيون ڪيم تہ ڇوڪرِ کي ماڙيءَ ۾ نہ ڇڏيو. ابا! ڪير ٿو منھنجي ٻُڌي؟ ابي ڏاڏي کان ٻُڌندا اچون تہ اِنھي ماڙيءَ ۾ هُنن جو ديرو آهي.“
”هو ڪير؟“
”هوُ بابا، هُو…! نالو نہ کڻبو، وڏيءَ طاقت وارا آهن. ڪنڌ مروڙيندي دير نہ ڪندا آهن. هاڻ تہ سنجها بہ هُنن جي ٻولي پيئي ڳالھائي. تون پاڻ وڃي ڏس. گُڏيون ۽ گُڏا بہ ڪڍي ڦٽا ڪيا اٿئين. بس هڪ گُڏو کڻي ٺاهيو اٿائين، چئي ٿي تہ اُهو جنن جو شهنشاھہ آهي. بادشاھہ تہ ٻڌوسين، پر هيءُ شهنشاھہ الائي ڪٿان آيو آهي. هاڻي تون ٻڌاءِ، ڇوڪرِ سنئين چئبي؟ پڪ اُنھن جي اثر هيٺ آهي.“
مان يڪدم اُٿي ماڙيءَ ڏي ويندڙ ٻاهرينءَ ڏاڪڻ کان مٿي ويس. کُليل وڏو پڌر لتاڙي ٻن ڪمرن واري ماڙيءَ ۾ داخل ٿيس. در تہ ڪجهہ کُليل هو پر دريون بند هيون. اندر اوندهڙي هئي. سامھون وڏي کٽ تي سنجها ويٺي هئي. سنجها ڀلو وڳو کڻي پاتو هو. مٿان وڏو رئو کڻي وڌو هئائين. ويڙهي ويٺي هئي. ڪمري ۾ اگربتين جي خوشبو هئي. هُن جون اکيون ڪنھن هنڌ کُتل هيون. مون هنڌڳوليو تہ سامھون ڏٺم تہ هڪ وڏي سائيز جو گُڏو ويٺل ڏٺم. مون اُهو گڏو ڪڏهن نہ ڏٺو هو. ويجهو وڃي ڏٺم تہ هيءُ گڏو عجيب هو. تمام گهڻي اڇي ڪپڙي جو ٺھيل هو. اُن جو منھن بہ ڏاڍو سنڀاري سنواري ٺاهيو ويو هو. عجب اِهو تہ سندس مٿي تي ڪلنگي بہ ٺاهي وئي هئي. هوءَ ساڻس چپن ۾ الائي ڇا جو ڇا ڳالھائي رهي هئي. ٻولي ئي ٻي هئي، جيڪا سمجهہ ۾ نہ ايندڙ هئي. لڳي پيو تہ هوءَ اُنھي گُڏي سان ڳالھائي رهي هئي. مون هيڏانھن هوڏانھن ڏٺو. طاقن ۽ ڏانگاڻن تان ٻيون سڀ گُڏيون غائب هيون. اُن جي جاءِ تي گلدان رکيل هئا. جن ۾ گلاب جا گل سجايل هئا، جن جو هڳاءُ الڳ هو. ڪمري ۾ هيٺ هڪ غاليچو وڇايل هو. اُنھن جي پاسن کان وڏا ٻہ وهاڻا رکيا هئا پيرن کان پٿراڻي رکيل هئي. هڪ هنڌ خوبصورت صُراحي رکيل هئي. ساڻ ٻہ نقشي پيالا بہ رکيل هئا. مون کي هيءُ ڪمرو عجيب لڳو ۽ سوچڻ لڳس تہ ڇا هِتي ڪو ٻيو بہ رهي ٿو! مون پُٺي ورائي سنجها کي ڏٺو. هاڻ هُنَ ڳالھائڻ بند ڪري ڇڏيو هو. هوءَ پوءِ رئي جي پلئہ کي جهولائيندي اُنھيءَ ۾ گڏي کي کڻي ڇاتيءَ لاتو. کٽ تان هڪ لھر سان اُٿي ۽ تيزيءَ سان گڏي کي کڻي اچي هڪ طُول وهاڻي سان ٽيڪ ڏياري وهاريائين. پوءِ پاڻ اُن جي ڀرسان ٻئي طول وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي ويٺي ۽ ڪنڌ کڻي مون ڏي نھاريائين. سندس مُک تي عجيب جوت هئي. منھن ٻھڪيس پئي. پوءِ مون کي اشارو ڪيائين تہ ويھہ. مون سندس ويجهو هيٺ ويھڻ جي ڪئي، پر يڪدم اشارو ڪيائين تہ مان پرڀرو ڪنڊائتو ٿي وهان، پوءِ اشارو ڪيائين تہ بوٽ لاهي وهان. مان سندس سامھون هُيس. پر نہ هُن ڳالھايو پئي، نہ وري مون ئي ڪجهہ ڪڇيو. رَئو هٽيس پئي تہ ڇڪي پيشانيءَ تائين پئي آندائين. اوچتو رَئي جو ٻُڪل هڻي گهُنڊ ڪڍي منھن بہ ڍڪي ڇڏيائين. پوءِ هوءَ جهولڻ لڳي. مان تہ ڄڻ پنڊپاهڻ ٿيو ويٺو هوس. اکر نہ پئي اُڄهيم. ائين گهُنڊ مان اندران ڳالھائين.
”سھڻا شهنشاھہ!… هن کي چئہ تہ هليو وڃي. وقت کوٽي نہ ڪري. هيءُ هنڌ سندس وهڻ جو ناهي.
هيءُ هنڌ اسان جو آهي. چئوس تہ هليو وڃي.“
هاڻ هُن اِنھي گُڏي کي سيري ويجهو ڪيو. پوءِ گهُنڊ اندر کڻي ويئي. اوچتو اندران گهگهي پرڳري آواز ۾ چيائين:
”ميان اِجن!… جنن جو شهنشاھہ توکي حڪم ٿو ڪري تہ هتان هليو وَڃ. هت نہ ايندو ڪر. منھنجو ۽ سنجها جو وقت کوٽي نہ ڪر. هتان هليو وَڃ. پري هليو وَڃ. پنھنجي مُلڪ هليو وڃ، جتان هاڻي آيو آهين، هليو وَڃ، چوانءِ ٿو هليو وَڃ.“
سنجها جو آواز ڳرو ٿيندو پئي ويو، ڄڻ گوڙ وانگر گجي پيو. مون کي مجال نہ ٿي تہ ڪجهہ ڪُڇان. مان اُتان ائين اُٿيس، ڄڻ ڪنھن عامل پنھنجي معمول کي حڪم ڪيو هجي ۽ هُن اُن جي تعميل ڪئي هجي. بوٽ پائي ٻاهر نڪتس. اڱڻ ۾ بيھي رهيس. سوچيم تہ هيءُ سڀ ڇا آهي. اهڙا قصا ڳوٺ ۾ ڪئين ئي پيا ٿيندا هئا. ننڍو هيس تہ ڊڄندو هيس. هاڻ تہ شينھن مڙس هيس. ورهين کان شھر ۾ هيس ۽ وري پڙهيل ڳڙهيل نوڪري وارو ماڻھو، ڪاٿي ٿو ڊپ ٿئي يا اِنھن ڳالھين ۾ اعتبار ۽ ايمان اچي. پڪ ڄاتم تہ سنجها ذهني مرض ۾ مبتلا آهي. هيٺ لٿس تہ مامي شادان ۽ ماسي ڦاپان اُتي ئي ويٺيون هيون. هنن مون ڏي ائين نھاريو ڄڻ ڪجهہ پڇنديون هجن. مان سندن ڀرسان ويھي رهيس. آهستي آهستي ڳالھہ ڪيم. ”مامي! سنجها بيمار آهي. کيس ڪا ذهني بيماري آهي، جنُ ٻنُ ڪونھي. سنجها کي توهان اڪيلو ڇڏي ڏنو هو سو سوچي سوچي بيمار ٿي پئي آهي. منھنجو هڪ سٺو دوست ڊاڪٽر آهي. اِنھن نفسياتي مرضن جو ماهر آهي. مان اڄ شھر وڃان ٿو، ڏينھن ٻن ۾ کيس وٺي اچان ٿو. ڌڻي ڪندو تہ ٺيڪ ٿي ويندي.“ مامي شادان تہ چُپ هئي پر ماسي ڦاپان پھريائين توبھون ڀريون، نڪ کي موڙا ڏنا، پوءِ ڀُڻ ڀُڻ ڪري ڳالھائڻ لڳي:
”توبھہ ڪر ڇورا، توبھہ زاري. هنن لاءِ ڪجهہ نہ چئہ، نالو ئي نہ ڳنھہ. هيءُ ڪنھن کي وٺندا آهن تہ بنھہ ڪو نہ ڇڏين.…“
سالوءَ جي ڇوڪري جنان جو حشر ڏٺو هئيہ. گلان جي ڀاڻيجي شانان مرندي مري ويئي، انھن مان جان نہ ڇٽس. ملان ڇٽي۽ ڀوپي ڪيڏو زور لاتو پر ڪجهہ نہ ٿيو. هوءَ ڇا نالو هيس.
”ماسي! انھن ڳالھين جي مونکي سڀ خبر آهي. توهان ڳوٺ وارن ۽ اُنھن جي مائٽن گڏجي کين ماريو. ڇا جا جن، ڇا جي غيبات، اِنھن مُلن ۽ ڀوپن ئي تہ ڀينگ ڪئي آهي، جنن ۽ غيبات کي ٻيو ڪم ڪونھي جو وتندا عشق ڪندا ۽ ماڻھو آزاريندا. اُٿيس پئي تہ مامي شادان ڀڻڪو ڪڍيو:
”ڊاڪٽر ڀلي وٺي آءُ، پر مامنھين مڃيندو؟ توکي تہ خبر آ تہ حاويليءَ ۾ حڪيم بہ اندر نہ آيو آ. پنھنجي ابي کي چئہ تہ اُهو ڪو مڃائينس. ٻئي جي تہ ٻُڌي ئي نٿو. جوان ڌيءُ ويھاري ڇڏيائين، ڪنھن جي بہ نہ ٻُڌائين. هاڻ ڪجهہ بہ ڪُڇ تہ اُلري ايندو. بس چي، سنجها ٻار آهي، اِها گُڏي گُڏين جي راند آهي، ڀلي پيئي کيڏي. هيءُ عمر آهي گُڏي گُڏين جي راند ڪرڻ جي……“
هوءَ ڳالھائيندي رهي پر مان نڪري آيس. وکون وِچڙيون پئي، سوچن جا ڍير هئا. سھڻي سنجها کي هنن ڄڻ ولوڙي ڦٽو ڪيو هو. هيءَ سنجها تہ نہ هئي، ڪو پاڇو پئي ڀانيم. ڪي اولڙا پئي جرڪيا، ڇا سنجها هئي ۽ هنن منھنجي سنجها کي ڇا مان ڇا ڪري ڇڏيو آهي! مان ٿڙندو ٿاٻڙندو سڌو ابي وٽ آيس. کيس گهڻي خبر هئي. سربستي ڳالھہ ڪيم تہ ماٺ ٿي ويو. ابو زماني جو ماڻھو هو، اُٿيو ويٺو هو ۽ شھر ڪاروبار سانگي ايندڙ ويندڙ هو. هاڻ تہ مون وٽ اچي رهندو هو. گهر ڪو جاهلن وارو گهر نہ هو. هو جيڏو مون سان پيار ڪندو هو اوڏو سنجها سان. هوءَ بہ سندس هٿن ۾ پَلي وڏي ٿي هئي. پوءِ ڇا جو بابو اُن وقت غريب هيو. بابو منھنجي ڳالھہ ٻڌي ٻڏي ويو هو. ويٺي ويٺي هُنَ ٽپ ڏنو ۽ اُٿي بيھي رهيو.
”اِجن! دير نہ ڪر. وَڃ جيترو جلد ٿي سگهي ڊاڪٽر کي وٺي آ… مان ڄاڻان، ادو ڪريم بخش ڄاڻي… ڪريم بخش ڪير ٿيندو آهي جو هڪ معصوم کي ائين ماري ڇڏي… ٻچا! تون وَڃ، دير نہ ڪر، اُڏامندو وَڃ اُڏامندو اَچ.“
مون نفسيات جي ماهر ڊاڪٽر عليءَ کي وڃي هٿ ڪيو. پراڻو پڳ مٽ يار ماڻھو هو سو يڪدم هليو آيو. سڌو گهر آياسين، ابو ڄڻ تہ تيار هو. هُن رئيس ڪريم بخش کي راضي ڪري ورتو هو. اسين سِڌو حاويلي وياسين. ماڙيءَ ۾ گهڙياسين تہ سنجها ائين ئي جُهنڊ هنيو ويٺي هئي. گُڏو ساڻ هجيس، اُنھي ئي گهگهي آواز ۾ چيائين:
”ميان اِجو!… وري آيو آهين… پاڻ تہ مرڻ آيو آهين، پر اِنھيءَ ٻئي شودي کي ساڻ ڪري هِت مارائڻ وٺي آيو آهين.… هليا وڃو، نہ تہ ڪنڌ مروڙي ڇڏيندو سانوَ.“
ڊاڪٽر بي ڊپو ٿيو بيٺو هو. پوءِ هوُ اڳتي وڌيو. در دريون کوليائين پوءِ هُن سنجها ڏي رُخ رکيو.
”خبردار، جو اڳتي وڌيو آهين ۽ سنجها کي هٿ لاتو اٿئي.“
”جِن سائين! سنجها بيمار آهي. مان شودو نہ ڊاڪٽر آهيان. مون کي کيس ڏسڻ ڏيو نہ تہ سنجها مري ويندي. پوءِ تون ڇا ڪندين، ٻي سنجها وٺي ايندين؟ جن بادشاھہ تہ ائين نہ ڪندا آهن، تون تہ شهنشاھہ آهين.“ ڊاڪٽر ڳالھايو.
جهٽ پل لاءِ خاموشي ٿي ويئي. ڊاڪٽر عليءَ سَٽ پائي وڃي سنجها جو گهُنڊ کوليو. چوڌاري ڄڻ تہ روشني ڦھلجي وئي. سنجها جو مُک ٻھڪي پيو. هُنَ ڇرڪ ڀريو. ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺائين. سندس اکيون ٻرن پيون. پوءِ هڪ وڏي چيٽ ڪيائين ۽ مورڇا ٿي ڪري پيئي. ڊاڪٽر سندس هنج مان اُهو شهنشاهي بوتو ڪڍيو ۽ کڻي کٽ تي ُڇلايو. ڊاڪٽر علي صراحيءَ مان پاڻي پيالي ۾ اوتي کڻي آيو. سڄو جو سڄو پيالو سنجها جي منھن ۽ جسم تي کڻي هاريائين. وري ٻيو پيالو ڀري آيو. اُهو هاريائين. ائين سنجها کي ڄڻ تہ وهنجاري ڇڏيائين.
هاڻ سنجها وڏا ساھہ کڻڻ لڳي ۽ هٿ پير هڻڻ لڳي. پوءِ اکيون کوليائين ۽ اُٿي ويٺي. هيڏي هوڏي نھارڻ لڳي. مون هٿ ڏنو مانس ۽ اُٿي بيٺي. اوپرو ماڻھو ڏسي رَئو سولو ڪري اوڍيائين.
”اِجن! ڪيڏي مھل آيو آهين، هيءُ ڪير آهي.“
”سنجها هيٺ هلون؟“ هُن ڪنڌ سان هائوڪار ڪئي.
هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري اسان سان گڏ ماڙيءَ جي اندرئين ڏاڪڻ تان هيٺ آئي. هيٺ وڏي ڪمري ۾ ماڻس پڻس، ماسي، منھنجو ابو سڀ اُڀي پيرين بيٺا هئا. سنجها سڀن سان سولي ٿي ملي. ائين ئي هئي جيئن هوندي هئي. ماڻھوءَ جھڙو ماڻھو. ڊاڪٽر عليءَ پاڻي گهرائي ڪجهہ پڙهي سنجها کي پياريو. ٻيو گلاس ڀري ڏنائينس. وري ٻُڪَ ڀري پاڻي جا ڇنڊا هنيائينس. پاڻيءَ ۾ ڪا شفا آهي! دير ئي نہ ٿي، جو هوءَ کلي ڳالھائي پيئي! مان حيران تہ ڊاڪٽر علي ڪڏهن کان مُلان مولوي ٿي ويو آهي. پوءِ ڊاڪٽر علي منھنجي هٿان ڊاڪٽري وارو ٿيلھو گهرايو. هڪ ٻئي مٿان ٻہ سُيون هنيائينس. هلو سائين، ڊاڪٽري علاج بہ ٿي ويو. پوءِ ڪجهہ دوائون لکڻ ويٺو تہ عينڪ نہ پئي لڀيس. پوءِ ياد آيس تہ هُن عينڪ لاهي مٿي ڪا کٽ تي رکي هئي. ’يار! عينڪ مٿي رهجي ويئي. ڊوڙ پاءِ ۽ مٿان عينڪ کڻي آ. پڙهي پڙهي هن عمر ۾ ئي انڌا ٿي ويا آهيون‘. مان مٿي پھتس تہ عينڪ کٽ تي نہ هئي. هيٺ ڪري پئي هئي ۽ شيشا ڏري پيا هئس. الائي ڪيئن ڪري! عينڪ کنيم پئي تہ ڏٺم تہ گُڏي وارو بوتو بہ هيٺ ڪريو پيو هو. هيءُ بہ تہ کٽ تي رکيل هو. هيٺ ڪيئن ڪَريو؟ مون بوتي کي کڻي کٽ تي رکيو ۽ پل لاءِ سوچ ۾ پئجي ويس. وهم وساري سوچيم تہ سمجهيم، ڊاڪٽر بي خيالي ۾ کٽ تي عينڪ کڻي اُڇلي هئي ۽ اُن وڃي ڦهڪو ڪيو هوندو.
اِهو بوتو بہ کڻي اُڇليو هئائين ۽ آڌر تي هوندو. دريون در جو کُليا تہ ڪو هوا جي جهوٽي ڪيرايوهوندو. ڊاڪٽر ڪڇيو ڪو نہ، بس اُها ڏريل شيشن واري عينڪ پائي نسخو لکيو ۽ مون کي ڏنائين. رئيس ڪريم بخش اُهو نسخو مون کان ورتو ۽ ابي کي چيائين: ”ادا! هيءُ دوائون شھر کان گهرائي وٺ.“ ڊاڪٽر ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ سنجها جي ويجهو وڃي کيس مٿي تي هٿ رکيائين. ”ڪاڪي هاڻ ٺيڪ ٿي ويندي. توهان ڪو بہ خيال نہ ڪيو. ٺيڪ ٿي ويندينءَ نہ؟“ سنجها ڪنڌ لوڏيو ۽ چُپ رهي. ”دوائون وقت تي کائجانءِ. ٻيو پاڻي جو جام استعمال ڪجانءِ.“
ڊاڪٽر ڪمري مان نڪري اڱڻ ۾ آيو، پوءِ هلي حويليءَ واري دروازي جي ڪنڊ تي بيھي رهيو. هُن رئيس کي ڪا گهڙي گهوري ڏٺو، پوءِ چيائينس: ”سائين! توهان پاڻ سياڻا آهيو. دُنيا الائي ڪاٿي پھتي آهي. ٻهراڙيون بہ شھر بڻجنديون پيون وڃن، ڇا جا جِنَ، ڇا جا بادشاهه، ڇا جا وري شهنشاهه؟ ڇا جي ڳالھہ ڇاجي مھاڙ. اوهان جي نياڻي هسٽيريا جي مريض آهي، ٻيو ڪجهہ نہ آهي. هنن بند حاويلين ۽ گهرن ۾ ائين ئي ٿيندو آهي. ڪاڪيءَ جي عمر بہ چڱي ٿي وئي آهي. دوائون کيس وقتي آرام ڏينديون. هن بيماري جو علاج ڪاڪيءَ جي شادي ۾ آهي. معاف ڪجو، اِهو اوهان جو گهرو مسئلو آهي. پر ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ منھنجو فرض آهي تہ اوهان کي آگاھہ ڪيان. اِهو بہ ٻڌائي ڇڏيان تہ اڳتي هلي اهڙو وقت اَچي سگهي ٿو جو دوائون بہ ڪم نہ ڪن ۽ سندس جان کي خطرو ٿي پوي. وڏي ڳالھہ تہ هي گُهٽ وارو ماحول آهي. شادي ٿيندي تہ ڪاڪي هن ماحول مان بہ نڪرندي، وڌيڪ توهان پاڻ سمجهو آهيو.“
هاڻ هُنَ مامي شادان ڏي ڏٺو. هوءَ بہ اسان سان گڏ بيٺي هئي. مامي شادان تہ ڪجهہ نہ ڪجهہ پڙهيل بہ هئي. هُن ڳالھہ کي ڪنڌ لوڏيندي هاڪار پئي ڪئي. اوچتو ماميءَ ڳالھايو:
”پر ڊاڪٽر صاحب! سڄي ڳوٺ ۾ هُليل آهي تہ ڇوڪرِ تي تہ جن آيل آهي. هاڻ ساڻس شادي ڪير ڪندو؟ اڳ مِٽيون آيون پر رئيس سائين نہ بيٺو.“
”اِهو توهان جو مسئلو آهي، ڳوليندو تہ ڪانہ ڪا مِٽي لڀي وپندي.“
ڊاڪٽر ڳالھائيندي مون ڏي ڏٺو. پوءِ موڪلائي اڳتي وڌي حاويليءَ جو در ٽپي ڏيڍي اُڪري وڃي ٻاهر نڪتو. ابو ۽ مان ماميءَ ۽ مامي رئيس کان جيسين موڪلائي ٻاهر نڪتاسين تہ ڊاڪٽر علي گهٽي هيٺان رستي تي ڪار وٽ بيٺو هو.
”يار! اِجن! جلدي ڪر، شام تائين ڪلينڪ پھچڻو آهي.“
”ائين ڪيئن ٿيندو.“ ابو کيس زوري گهر وٺي آيو. مانيءَ تي ويٺاسين تہ ڊاڪٽر عليءَ ڳالھہ چوري کيس سنجها سان منھنجي اُلفت ۽ پيار جي چڱيءَ پر خبر هئي جو اسين ٻيئي شھر ۾ گڏ پڙهيا هئاسين. گڏ رهندا هئاسين. هو وڃي ڊاڪٽر ٿيو، مون وڃي بينڪ ۾ آفيسري ڪئي. ڊاڪٽر پھريائين هٻڪيو پو اٿليو. منھنجي ماءُ کي چيائين:
ا”امان! اڳ جواب ڏنو هئائون، هاڻ هو جواب ڏيڻ جو پوزيشن ۾ نہ آهن. توهان ڳالھہ تہ چوريو.“
”پر ابا! اڳ جي ڳالھہ ٻي هئي. هاڻ اِها کنڀڙاٽين واري مَک ڪير ڳهي؟ غيبات – هاڻي لُٻيل ڇوڪري ڇا ڪنداسين؟“
اِتي مون ڀڙڪو کاڌو، مون کي ڳالھہ بنھہ نہ وڻي.
”امان! ڀلي اوهان سنجها سان شادي نہ ڪرايو، پر هُن لاءِ اهڙا اکر نہ چئو. هوءَ بيمار آهي، هوءَ ٺيڪ ٿي ويندي. ڪيئن علي؟“
”بالڪل، ذهني مرض ڳرا بہ ٿيندا آهن. هيءَ معمولي مرض هسٽيريا آهي، ڪو شيزوفرينيا يا ڪو ٻيو مرض ڪونھي جنھن ۾ شادي جي منع هجي. هن مرض جو علاج ماحول ۾ تبديلي، مصروفيت ۽ جذبات ۾ ماٺار اچڻ ضروري آهي ۽ شادي ۾ سڀ ڪجهہ آهي. ٻيو نہ تہ هن غريب عاشق جو بہ تہ خيال ڪريو.“
ائين چئي وڏو ٽھڪ ڏنائين. ابو بہ کِليو پر امان سوڻي ويٺي هئي. اِتي ابي ڳالھايو:
”هئڙا جوان پٽ چون ٿا تہ توکي بہ اعتبار ڪرڻ گهرجي. جِنن ٻِنن جون ڳالھيون اجايون آهن. سنجها بيمار آهي. ڊاڪٽر علي سندس علاج بہ ڪري پيو. شادي ٿي تہ ڇوڪرِ بہ سنئين ٿي پوندي. ڇو ٿي ڪم ڦٽائين.“
”مون کي ڇاهي، سڀ راضي آهيو تہ وڃي پاڻ ٻيڙو ٻني لايو. مان وري ادي جن ڏي سڱ گهرڻ نہ وينديس. اڳ ئي بڇڙي ٿي آهيان.“
”چڱو، پوءِ مان ويندس. ڳالھہ ڪھڙي آهي.“ ابو اڳڀرو ٿيو، پر امان ماٺ ماٺ ۾ وڏو ٺڪاءُ ڏنو.
”تون ڀلي ڪراءِ، پر هڪ ڳالھہ ياد رکجانءَ تہ منھنجي پٽ جي سڄي حياتي برباد ٿي ويندي. غيب جو علم رڳو خدا کي، پر توهان غيبات کي سڏي پنھنجي گهر ٿا وٺي اچو ميان! اِجن ۽ ڊاڪٽر ٻہ اکر پڙهي پيا سو ڇا ٿي پيو! جنن جي مخلوق کي ٿا پُٺي ڏين. ڌڻي پيو خير ڪري. ٽري پاسو ڪيو تہ بھتر. باقي مان زال ماڻھو، منھنجو عقل تہ ڏائي کڙي ۾ آهي، ائين نہ؟“
امڙ ڊنل هئي. اسان ٻيئي ماني کائي روانا ٿياسين. ڏينھن ڪو نہ گذريا تہ بابي جو نياپو پھتو تہ هفتو موڪل وٺي پھچ. پھتس تہ ڪم تيار هو. ٻن ٽن ڏينھن اندر مڱڻو، ميندي، نڪاح ۽ شادي هئي. نہ ابي ڪو کٽراڳ ڪيو هو نہ وري مامي رئيس ڪريم بخش ڪو اڊمبر ڪيو. ڏاڍو ڪم سادو ۽ تڪڙو پئي هليو. منھنجو سنجها وارن ڏي وڃڻ بند هو. مون کي سنجها جي طبيعت جي ڳڻتي هئي. مون ڊاڪٽر عليءَ جون ڏنل نيون دوائون کيس موڪلڻ بدران پاڻ وٽ رکيون هيون. سوچيم تہ ٻہ ٽي ڏينھن پيا آهن. هٿ سان کارائيندوسانس. امڙ کان سنجها جو پڇيم تہ اُٿي هلي وئي. وري ويومانس تہ چيائين، ”پاڻ ئي ڏسجانس في الحال ڪجهہ ماٺ آهي، پر ڪنھن مھل چيٽون ڪري بيھوش ٿي ٿئي پوءِ پيا پاڻي هاريوس يا پياريوس. سامت ۾ اچي ٿي تہ سنئين آ. ابا! ڪاٿي ٿو اِهو شهنشاھہ ڇڏيس. هوءَ قابو آ، پُٽ!“
امڙ اُهائي مايوس هئي. جي ابي ۽ منھنجي مرَضي نہ هجي ها، عليءَ جو آسرو نہ هجي ها تہ امڙ ڪڏهن ڪانہ بيھي ها.
شاديءَ واري ڏينھن کان هڪ ڏينھن اڳ ماسي ڦاپان گهر آئي. مون سمجهيو تہ ائين ملڻ آئي آهي. هَئو مَئو ٽريو تہ پاسو وٺي مون کي سنجها جي چٺي ڏنائين. چٺيءَ ۾ هو ته:
”اِجن! جنن جي شهنشاھہ جو حڪم آهي تہ هيءَ شادي نہ ٿيڻ کپي.
جيئن تہ مان پيءُ ماءُ آڏو بيوس آهيان، ڪڇي نٿي سگهان. ماءُ کي گهڻو سمجهايو اٿم پر ابي جي ڊپ کان هوءَ بہ ڪڇي نٿي. توهان مرد ماڻھو آهيو، همٿ سان گهڻو ڪجهہ ڪري سگهو ٿا. اسان ٻنھين لاءِ بہ بھتر آهي تہ هيءَ شادي نہ ٿئي. اوهان هن شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو نہ تہ وڏي تباهي اچي سگهي ٿي.…سنجها.“
ماسي ڦاپان تہ هلي وئي پر مان وڏي وسمي ۾ اچي ويس. اسان جھڙن پڙهيل ڳڙهيل ماڻھن تي شهنشاهن جا فرمان ڪھڙا هلندا؟، اِها تہ ڳالھہ ڪانہ ٿي، پر ڇا سنجها جي پنھنجي مرضي بہ ڪانھي. اِهو وڏو سوال هُيو، پر پوءِ خيال آيم تہ هوءَ پنھنجي وس ۾ ڪانھي. ذهني بيماري هسٽيريا جي اثر هيٺ هوءَ جيڪي وڻيس ڀل چوي. اُهو سڀ سچ ڀانئبو ڇا؟ ڀلي پيئي چوي. مون کي پاڻ تي ڀروسو هو، پنھنجي پيار تي ڀروسو هو. اُميد وڏي شئي آهي، انھي اُميد آسري تي تڳيس پئي. ائين ڪيئن هٿيار ڦٽا ڪبا. شادي ٿي ۽ عزت آبرو سان ٿي. دوستن ۽ راڄ جي چڱن مڙسن پير ڀريو. وڏي ڳالھہ تہ ڪنواريتن بہ وڏو مان ڏنو. رُتبي جي لحاظ کان هو گهڻو مٿي هئا، پر پنھنجائپ ڪري بنھہ وڇائجي ويا. شاديءَ جي رات جا پنھنجا سوڻ، پنھنجا ويس وڳا ۽ رنگ هوندا آهن. منھنجو لائنن لهڻ مھل سنجها سان مُکاميڙو ٿيو. اُن مھل مون حسن کي ماٺيڻي محور ۾ جڪڙيل ڏٺو. هيڏو حُسن، هيڏا جلوا، پر مُک تي خوشي يا ڪنھن انديشي جو اُهڃاڻ بہ نہ هو. هن سرد ۽ خاموش حُسن مون سان ڪجهہ بہ نہ ڳالھايو. مون کي جڏهن اُنھيءَ ماڙي واري ڪوٺي تي ٻاهرين ڏاڪڻ چاڙهي وٺي ويا تہ ڏٺم تہ اُهو ماڙيءَ وارو ڪمرو بند هو. اُن کي تالو ڏنل هو. ڪوٺي جو پلوڙو ڏنل ٻيو حصو هو ۽ ماڙيءَ جو ٻيو ڪمرو کُليل هو، جنھن کي اندران ڏاڪڻ نہ هئي. اڱڻ باغ بھار هو. وڏي نوار واري کٽ، جنھن جا جنڊيءَ تي پاوا هئا. اُن تي سيج وڇايل هئي. گُلن جون لَڙيون اوسي پاسي لڙڪن پيون. گلاب ۽ موتئي جي هٻڪار هئي. فرش تي گلم غاليچا وڇايل هئا. ڀرسان ٽيبل لڳل ۽ ٽي چار وڏيون آرام ڪرسيون. ٽيبل ميوات ۽ مٺائي سان ڀريل. ننڍڙي ٽپائيءَ تي کير ۽ پاڻي جا جڳ، مڻين ۽ موتين سان جڙيل ڍڪن سان ڍڪيل. وڏن بلبن ۽ جهرمر ڪندڙ ننڍڙين بلبن سان سڄو ڪوٺو روشن هو. روشني ايڏي هئي جو آسمان ۾ ستارا بہ نظر نہ پئي آيا. سنجها بہ روشني ۾ ٻڏل هئي. مون کي مامي شادان، امڙ ۽ ٻيون مايون ڇڏي ويون تہ پوءِ مون سنجها کي چڱي طرح ڏٺو. هوءَ گهونگهٽ ڪڍيو ويٺي هئي. بادلي ۽ ستارن سان ڀريل سنھي رَئي مان مُنھڙو پئي پسايائين. اوچتو هيٺان ڪنھن اِنھن وڏن ننڍن بلبن کي وسايو. عام هلڪا بلب اڱڻ، ڇاپري ۽ ڪمري ۾ پئي ٻريا. اُن جهڪي روشني ۾ تھان وڌ سندس منھن مهڪيو پئي. اُن رئي اندر ڄڻ ڪو بلب روشن هو. مان آهستي سُري ويجهو ٿيس ۽ سندس گهونگهٽ هٽائڻ جي ڪيم. هوءَ اوچتو ٽِپ ڏيئي اُٿي. پيرين اگهاڙي تکي تکي ڪمري ۾ هلي وئي. مون لاءِ تہ ڄڻ سڀ جهڪيون روشنيون بہ وسامي ويون. هُن ڪمري جو درُ ڏئي ڇڏيو. هاڻ مون لاءِ چٽو آسمان ۽ اُن ۾ چٽا تارا هئا، جن جي سونھن پل لاءِ موهيو، پوءِ موھہ وڃائي ويٺا. مان سيج پلنگ تان لھي آرام ڪُرسي تي ٿي ويٺس. ڳپل کَنَ کانپوءِ کڙڪو ٻڌم. ڏٺم تہ ڪمري جو در کُليو ۽ سنجها سامھون هئي. هوءَ آهستي آهستي پيرين اُگهاڙين، ڪاڏي ويا ويس وڳا، ڪاڏي ويو هارُ سينگار، سڄي ڌوتل پوتل، گهر جي اَڇي وڳي ۾ رڙهندي اچي پلنگ تي ويٺي. کٽ جي ايس تي ائين ويٺي هئي ڄڻ آڌر تي ويٺي آهي. پير اڌو گابرا فرش تي ٽڪيل، منھن کُليل ۽ اکيون خالي خالي، هوءَ مون ڏي تڪي رهي هئي. هيءَ ڪنوار سنجها تہ ڪانہ هئي پر مون لاءِ اُهائي سنجها هئي – منھنجو پيار ۽ منھنجي اُميد، منھنجي جهلَ ۽ منھنجو آسرو. هُن مون ڏي جو نھاريو پئي تہ مون بہ سندس اکين ۾ کڻي جهاتي پاتي. پر هُن اکڙيون ڦيرايون ۽ لڪائي ڳالھائڻ شروع ڪيو.
”نيٺ نہ مُڙين! توکي گهڻو جهليم، تو سُٺو نہ ڪيو، تو سٺو نہ ڪيو.“
هُن جو آواز ڏکارو ٿي ويو هو. مان ٽپ ڏئي سندس ڀرسان وڃي ويٺس. سيري کيس سولو ڪري وهاريم. سندس هٿ پڪڙي ڳالھائڻ جي ڪيم. سندس هٿ کهرا ۽ ڇلر لٿل لڳم. ميندي رتن هٿن تان ميندي لاهي نشان ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. ان ڪوشش ۾ سندس هٿ بہ ڦٽجي پيا هئا پر ان ناتي رتل ميندي رَتي سارتي، رنگ جهڪو ڪندي پر ويندي ڪانہ نہ خوشبو ويندي نہ سونھن، مون سندس کُهرن زخميل هٿن کي کڻي چميو پوءِ کيس ڇڪي کڻي ڇاتي لاتم، بس دير ئي ايتري هئي. الائي هن نازڪ نازنين ۾ ڪٿان طاقت آئي جو هُن هڪ سَٽ ۾ پاڻ کي ڇني ڌار ڪيو ۽ اُڇل ڏئي جو اُڇليو تہ مان پري وڃي غاليچي تي ڪريس. هوءَ ائين جو ائين اڻڄاڻ ويٺي هئي. هوءَ نہ اُٿي آئي ۽ نہ وري ڪو اِظهار ڪيائين. ڌڪ تہ ڪو نہ لڳو پر ڏک ضرور ٿيم. مان اِنھيءَ ڏک ۽ ويچار ۾ اُٿي اڱڻ ۾ پسار ڪرڻ لڳس. اڳتي وڃي پوئتي موٽيس ۽ پوءِ پلوڙي جي پريان ماڙيءَ جي بند ڪمري واري پاسي هليو ويس. اوڏانھن ڪجهہ اوندھہ هئي. اوچتو سنجها دانھن ڪئي، ”ايڏانھن نہ، ايڏانھن نہ.“ ائين منھنجي پيرن ۾ ڪا نرم ۽ ڪئنرو ننڍڙو وجود هو. اُت بہ ’چين چين‘ ڪندڙ چيچٽن جا آواز ٿيا. هاڻ سنجها هن پاسي ڊوڙندي آئي هئي. وٺي دانھون ڪيائين:
”اڙي پري ٿي، اڙي پري ٿي…… تو معصوم چِٿي ڇڏيا. ٻچا ڦٽي ڇڏيا. شهنشاھہ جا ٻچا ماري ڇڏيا…… شهنشاھہ ڪاٿي آهين…
منھنجي آسري تي تو ٻچا ڪيئن ڇڏيا؟… تون ڇو مون کي ۽ هنن ٻچن کي ڇڏي ويو آهين… مون تي اعتبار نہ هيئہ…… اِجو! ڪو الله پڄندءِ…… شهنشاھہ جا ٻچا چچريا اٿئي، جيڪر تنھنجا ٻچا بہ ائين چِٿجن ۽ چچرجن.“
هوءَ هيٺ ويھي روئڻ لڳي. پوءِ يڪدم اُتي اُڀي ڪيل کٽ کي هُن سڌو ڪيو. ڊوڙندي پلوڙي پويان وئي ۽ سيج پلنگ اُجاري سڄو سارو هنڌ گهليندي هن پاسي کڻي آئي ۽ کٽ تي وڇايائين. پوءِ هو هيٺ جهُڪي ۽ ائين ڪا شئي کنيائين، ڄڻ ڪنھن ٻارڙي جي وجود کي کڻندي هجي. پوءِ وري نِوڙي ٻئي وجود کي کنيائين. اشارن سان ٻئي وجود کي بہ کٽ تي ليٽايائين. ائين لڳو پئي ڄڻ کين زور پئي ڏئي. ڪو منھن ڪو هٿ ڪو پير پئي چمي.
پوءِ اهڙي ٻولي ڳالھائڻ لڳي، جيڪا سمجهہ ۾ نہ ايندڙ هئي. ائين لڳو ڄڻ ٻارن کي پرچائيندي هجي. ڪنھن مھل پنھنجي ٻولي پئي ڳالھايائين: ”نہ من، نہ دل، سور لھي ويندو. توهان جو بابا اِجهو آيو.“ وري ٻي ٻولي پئي ڳالھايائين. هُن سنھي ريشمي پٿراڻي ائين اوڍي، ڪجهہ پاڻ تي ڪجهہ ڄڻ هنن جي وجود تي هوءَ اُتي ئي آهلي پيئي. مان جيڪو ڀِت سان لڳو بيٺو هيس، چُرندو پلوڙي پريان، اُجڙيل سيج پلنگ تي وڃي ويٺس. ڪا فراسي ڪو وهاڻو بچيل هو، اُتي ئي آهلي پيس. ڪا مھل ٿي جو ٻُڌم تہ سنجها ڏاڍيان ڪنھن سان ڳالھائي رهي هئي، اُنھيءَ ئي ٻي ٻولي ۾. مان رڙهي ويس. هُت ڪير ڪو نہ هو، هوءَ ڄڻ هوائن سان ڳالھائي رهي هئي. پوءِ هُن اُهي نہ ڏسڻ ۾ ايندڙ وجود کنيا ۽ هوا ۾ ڇڏيا، ڄڻ ڪنھن کي ڏيندي هجي. ڪا گهڙي هوءَ آسمان کي تڪيندي رهي، پوءِ ساڻي ٿي ڪِري پيئي. مان سندس ويجهو وڃي مٿانئس بيٺس. هوءَ سڄي ڏڪي پئي. ائين هٿ پير هڻي پيئي ڄڻ ڪو بي چين روح هجي. مان يڪدم ڊوڙي پاڻي کڻي آيس. ٻُڪ پاڻي جا هنيامانس، صدري جي کيسي مان گوريون ڪڍيم ۽ ڪيئن نہ ڪيئن ڪري ڀڪوڙيل ڏند کولي کارايون مانس. جهٽ پل ۾ هوءَ هوش ۾ اچي ويئي. کيس وٺي اچي هُنَ پاسي ڪُرسيءَ تي ويھاري، هنڌ ويڙهي کڻي اچي وري سيج سجايم، ۽ هُن کي اُن تي سمھاري ڇڏيم. جهٽ پل ۾ شايد گورين جي اثر جي ڪري سمھي پيئي. مان اُن آرام ڪرسي کي ريڙهي ڀرسان ٿي ويٺو مانس، هوءَ سُتل رهي، مان سڄي رات تارا ڳڻيندو رهجي ويس. هُن صبح جو مون کي ڪرسيءَ تي گهڏندو ڏٺو تہ اُٿي مٿان اچي بيٺي. مان اکين جي وٿين مان کيس ڏٺو پئي. هوءَ ڪمري ۾ وئي، وڳا ويس کڻي هيٺ لھي ويئي. مان ٽوال کڻي ڪوٺي تي ٺھيل ننڍڙي اڌ ڇتيءَ واري غسلخاني ۾ ويس. وهنجي سهنجي آيس تہ هيءَ تيار ٿي ٻيو ڀلو وڳو پائي هلڪو سينگار ڪري، چانھہ کڻي آئي. مون کلي هٿ ملايومانس.
”تو پاڻ هيءَ تڪليف ڇو ڪئي.“
کلي چيائين: ”تون هِت منھنجو مزمان آهين. هيٺ هل، اصل وڏي مزماني تہ امان ڪئي اٿئي.“
واقعي نيرن زبردست هئي. سنجها ڏيکارڻ لاءِ گهڻو آڳو پيڇو پئي ڪيو. مون بہ ساڻس کلي پئي ڳالھايو. پر مامي شادان ۽ امان الائي ڪيئن سمجهي ويون تہ هيءُ سڀ ڏيکاءُ آهي. هنن جو مَنُ اڃا ريڌل ڪونھي. منجهند تائين اسان پنھنجي گهر آياسين. ٻين لاءِ خوشيون، رسمون، کل ڀوڳ ٽھڪ ۽ گهڻا هئا، پر سنجها وڃي موڙهبي. رات تہ ٿي پر مان پنھنجيءَ جاءِ تي مُنجهيل ۽ ڊڳل هجان. هوءَ رکي رکي ڇرڪ پيئي ڀري. هيءُ اسان جي جاءِ جو ننڍڙو پويون اڱڻ هو، ڪوٺو نہ هو، تنھن هوندي بہ هوءَ بي چين ۽ اڌ کُليل آسمان ڏي هر هر پيئي تڪي. ڪنھن ويل ڦڪي کِل کِلي تہ ڪنھن ويل اکيون ڀرجي اچنس. مان ڳلي لاتو مانس تہ اوڇنگارون ڏيئي روئي پئي.
”اِجن! مان ڦاسي پيئي آهيان، توکي ڪھڙي خبر تہ ورهين جا ساٿ
۽ قرب جون گهڙيون ڪھڙيون هونديون آهن. شڪر جو تون ڪٿي ڦاٿو ناهين.“
مان کيس ڇا ٻڌايان تہ منھنجو بہ تہ ورهين جو ساٿ آهي. هيءُ ٻيو ڇا آهي. ڦاٿل کي اَڃا ڪي سڱ ٿيندا آهن ڇا؟ مون کيس دوائون کارائي، ڳري لڳائي ننڊ ڪرائي. هوءَ مون وٽ ائين جو ائين سُتل رهي، جيئن ڪو معصوم ٻارڙو ننڊ ڪندو آهي. ڏينھن ٿيو، مون دير نہ ڪئي، ڇا جا ستاوڙا، ڇاجون رسمون، مون مامي ڪريم بخش ۽ مامي شادان کان هٿ ٻڌي معافي ورتي. سنجها ۽ مامي کي زوريءَ کنڀي کنيم ۽ شھر واري بينڪ طرف ڏنل ننڍڙي پر سھڻي گهر ۾ پھچي دنگ ڪيم. شھر کان پرڀرو، گلن ٻوٽن سان سجايل، ننڍڙو خوبصورت لان، وڏو ورانڊو، اُن ۾ وڏيون دريون، جتان هر ويلي تازي هوا اچي. مان صبح جو سنجها کي لان ۾ وٺيو ويٺو ويندو هئس. شام جو پريم پارڪ، راڻيءَ جو باغ، جت ڪا راڻي يا بادشاھہ يا اُنھن جو شهنشاھہ نہ هو. آهستي آهستي هوءَ مون ڏانھن مائل ٿيندي پئي وئي. ڪوئٽا گهمائڻ وٺي ويومانس تہ ٽڙي پيئي. اُها هلڪي سرد شام هئي جو سج جلدي لَڪن ۾ لڙي ويو. بازار گهمائي ڍير لال لبيس وٺي ڏنا مانس تہ هاڻ مت موڙهل نہ پئي لڳي. گيسٽ هائوس جي ڪمري ۾ ڀرت ڀريل لوئي ويڙهي ويٺي هئي. ڏاڍي خوش هئي. سندس ڳاڙهن ٽڙندڙ ڳلن ۽ مُرڪندڙ چپن کي ڏسندي مون کان رهيو نہ ٿيو. کڻي ڀاڪر ۾ ڀريومانس. آهستي آهستي حجاب ٽُٽندا ويا. هوءَ هنج ۾ جهُلي پيئي. پوءِ تہ جڏهن بہ کيس ڀاڪر ۾ ڀري پنھنجي پيار ۽ محبت جو اظهار ڪندو هئس تہ موٽ ۾ هُن وٽ بہ اڻ مَيو پيار هوندو هو.
مان کيس ڳوٺ گهٽ وٺي ويندو هوس. ساهري گهر وينداهئاسين تہ ڄڻ ڀِت کي هٿ لائي موٽندا هئاسين. ماڙيءَ جو منھن ئي نہ ڏيکاريندو هيومانس. پنھنجي گهر ڏينهڪ ٽڪياسين تہ ٺيڪ، نہ تہ واپس. سنجها شھر وارو گهر اهڙو تہ ٺاهيو هو، جھڙو بهشت برين، گهر پاڻ سهيڙي، ماميءَ سان گڏ رڌي پچائي، پنھنجي رَڌل شئي پنھنجي هٿ سان گرھہ گرھہ ڪري کارائي. ڪاڏي ويا شهنشاهه، ڪاڏي ويون اُن جون شهنشاهيون. ڪڏهن مون کي لڳندو هو تہ هاڻ مان ئي سندس شهنشاھہ آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ماضي موڙهيندو هيس تہ مان وَر ڪيو وَري ايندو هيومانس. اُهو ڪجهہ وسارڻ ۾ ويرم نہ ٿيندي هئي، جيڪو هُن جو پنھنجو جھان هو. پر هيءُ نئون جهان، سندس لاءِ خوشيءَ ۽ حيرت جا انبار کڻي آيو هو. ڊاڪٽر علي کيس ڏسڻ ايندو هو، چوندو هو تہ ”سنجها جي اُڀرڻ ۽ نسرڻ جي هيءَ ويل بہ تہ ڏس. مون ڇا چيو مانءِ؟ پر ڪجهہ دوائون اڃا هلنديون. ٻيو تہ ڳوٺ گهٽ وڃبو. سنجها جا مائٽ يا تنھنجا مائٽ ايندا رهن جو هيءَ وندريل رهندي. ”سڀ مائٽ ايندا رهندا هيا. پر هُن جي وندر گهر ۽ مان هئاسين. ڊاڪٽر علي جڏهن ٻارين ٻچين ايندو هو تہ هوءَ ٻارن پويان مست هوندي هئي.هنن سان گڏ ڊوڙون پائي، کيڏي، کلي خوش ٿئي. هو هليا وڃن تہ اُداس ٿي وڃي. هڪ ڏينھن ڊاڪٽر عليءَ جي ٻارڙن جي وڃڻ کانپوءِ چُپُ ويٺي هئي، تہ چيومانس: ”ڌڻي ڪندو تہ توکي بہ پنھنجا ٻارڙا ٿيندا. تون ڳڻتي نہ ڪر. توکي جو ٻارڙا وڻن ٿا تہ مون کي بہ وڻن ٿا. سَڌَ مون کي نہ هوندي؟ مان ڪو ڳڻتي ڪريان ٿو. مان تہ تنھنجي پيار جو پانڌيئڙو ۽ اُميد سان گڏ جيان ٿو. يپار ۽ اُميد وڏيون شيون آهن.“
هُن اکيون مٿي کنيون تہ اُنھن ۾ اُداسي ۽ مايوسي سان گڏ سوين وسوسا بہ هئا.
”الائجي ٻار ٿين يا نہ ٿين، پر اِجن! مان ڊڄان ٿي.“
”ڊپ ڇا جو؟ مالڪ مھر ڪندو.“
هوءَ چپن ۾ چوڻ لڳي ”ها مالڪ مھر ڪندو، ها مالڪ مھر ڪندو.“
رنگيءَ جا رنگ آهن. سنجها ڳورهاري ٿي تہ سنجها ۽ منھنجا پيءُ ماءُ، مٽ مائٽ ڀيرو نہ ڀڃن. ڀريا مھينا ٿيا تہ مامي شادان چئي تہ پھريون ٻار آهي، اسان جي گهر ٿيندو. مون کيس جواب ڏنو. ٻار بہ ڳرو ٿيندو ويو. سنجها اڳ ئي ڊنل هئي پر پوءِ چوندي هئي، ”مالڪ مھر ڪندو، مالڪ مھر ڪندو،“ ڊاڪٽرياڻي گهڻو خبردار ڪيو هو پر سندس هوشياري خبرداري ڪم نہ ڪيو. ٻارڙو ويچارو اهڙو ڦاٿو جو وڍي ٽُڪي ڪڍيائونس. سنجها تہ ڏک کان ٻيڻي ٿي وئي. مالڪ مٿس مھر نہ ڪئي. مون، ڊاڪٽر علي اُن جي گهر واري ۽ مامي شادان کيس ڏاڍي پرڀائڻ جي ڪئي. عليءَ جي ٻارن کي وهاري ويٺا هوندا هئاسين تہ ٻارن ۾ موھہ رهيس. ڏينھن ۾ هوءَ سنئين ٿي پئي. سال کن ۾ ٻيو ٻار ٿيو. هوءَ اڃا بہ ڊنل هئي. ويچارن ۾ ڳريل، رڳو آت ۽ اُلٽيون کاڌو نہ جوريس.
پيئي تسبي سوريندي هئي. مون ۽ ڊاڪٽر علي وارن وسان نہ گهٽايو. هن دفعي ٻار ڄائو پر وقت کان اڳ اندران ئي جھان ڇڏي آيو هو. ڪمزور ۽ نٻل، جھڙو جهرڪيءَ جو ٻچڙو، پورو بہ خيرڪي ٺھيو هو. هٿ پير لڙڪيل، ڄڻ ڪنھن لتاڙيا هجن. ٻچڙي کي ڏسي روئي پيس. لحد ۾ ڇالاهيانس، پاڻ لھي ويو. سنجها تہ آسرا پلي تسبي بہ ڇڏي ڏني هئي پر مان بہ لُڏيو پيو هئس. دير تائين آفيس ۾ ويھي رهندو هيس يا گاڏي کنيو اجايو پيو ڊوڙائيندو هيس. ڪڏهن پريم پارڪ ۾ پريم اپار تي اڪيلو ويھي سوچيندو هوس.
سنجها آهستي پاڻ سنڀاليو تہ منھنجي حالت ڏسي ويتر ڳري پيئي. مان ئي تہ سندس سھارو هيس، سندس مَن جون سڀ ڳڙکيون هاڻ مون واري پاسي کُلنديون هيون، پر مان اهڙو جُهري پيو هيس، جو منھنجي مَنَ اندر هر وقت واچوڙا پيا گهُلندا هئا. ڳڙکيون پيون لُڏنديون. کُلنديون ۽ بند ٿينديون هيون. ڪجهہ ڏينھن کان مون پوري ماني کائڻ ڇڏي ڏني هئي. چانھہ ۽ سگريٽ تي مارو هيو. ڪڏهن بي اختيار کنگهہ اُڀرندي هئي تہ هوءَ بي چين ٿي پوندي هئي. اُن ڏينھن جڏهن ماندو ٿيس تہ منھنجا هٿ کڻي جهليائين ۽ سگريٽ وٺي ڦٽو ڪيائين. پوءِ هٿ چُمڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي: ”منھنجا مٺا، منھنجا سائين! مون کان ڏٺو تہ نٿو ٿئي پر سَٺو بہ نٿو ٿئي. تو هيترو منھنجي لاءِ ڪيو آهي، هاڻ ڪجهہ مون کي بہ ڪرڻ ڏي. ڀلي ٻار ڪھائي ٿين، پر مان ٻار ڄڻيندي رهنديس. توکي ٻار کپن، اجهو مان حاضر آهيان، پوءِ ڀلي ٻار ڄڻيندي مري وڃان.“ هوءَ مون کي مٺيون ڏيڻ لڳي ۽ ڀاڪر پائي چنبڙي پيئي. پر جيئن چيم تہ مَنَ جون ڳڙکيون ڪڏهن بند، ڪڏهن کُليل. سو مان بہ کيس هٽائي سامھون کڻي ويھاريو. منھنجي منَ اندر واچوڙا هئا، مون اڳ ڪڏهن ٻڙڪ نہ ٻوليو هو، اڄ بند ٽٽي پيا.
”اِهو سڀ شهنشاھہ آهي، جنھن منھنجا ٻچا ماريا آهن، منھنجو تہ ڀُلَ ۾ سندس ٻچن تي پير پيو، سندس ٻچا چيڀاٽيم پر ماريم ڪو نہ. هُن تہ منھنجا ٻچا ڪپي ڪوري، چٿي چچري ماري ڇڏيا. پر تون خاموش آهين. اِنھي شهنشاھہ سان مان ڳالھائيندس، جنھن پھريائين منھنجو محبوب ڦريو، مان پنھنجو محبوب پرين اُڏاري کڻي آيس. ايڏي طاقت هيم. انسان ۾ وڏي طاقت آهي. اِهي جن ڇا ڪندا؟ ڪاٿي آ اهو شهنشاهه، ماڙيءَ تي لڪو ويٺو آ نہ، مان ماڙيءَ تي ويندس.“
هوءَ خاموش هئي. سندس منھن هيڊو پيلو ٿي ويو هو. هوءَ آهستي اُٿي ويئي ۽ وڃي گوريون کاڌائين، پاڻي پيتائين ۽ وڃي سمھي پيئي. مان اهڙو جوش ۾ هيس جو گاڏي ڊوڙائيندو وڃي ڳوٺ نڪتس. بند ماڙي کولايم تہ سڀ پريشان ٿيا، جڏهن مٿي پھتس تہ ماڙي اُجڙيل هئي. نہ گلم غاليچا، نہ هنڌپٿراڻيون، نہ هڳاءُ نہ خوشبو، نہ گُڏا نہ گُڏيون – کٽ بہ اونڌي پيئي هئي. چوڌاري ڄڻ مٽي پيئي وسي! مان اُن مٽيءَ ۾ پلٿي هڻي هيٺ ويھي ريس. پاڻي ۾ جي شفا آهي تہ مٽي ۾ بہ ڪا مڻيا آهي. وهڻ سان منُ ماٺو ٿي ويو. ور ور سوچ اِها پئي آيم تہ هيءُ سڄو مانڊاڻ ماڻھوءَ سان آهي. سنجها ڪانھي تہ ڪجهہ بہ نہ آهي. نہ شهنشاھہ آهي نہ سندس غوغاءُ آهي. سندس آواز سنجها هئي. سندس سرجيندڙ سنجها هئي، هيءُ سڀ مانڊاڻ اجايو آهي. مون کي سنجها وٽ موٽي وڃڻ کپي. سڀ ڪجهہ سنجها وٽ ئي آهي. مان تکو موٽيس. رات جو دير سان گهر پھتس. سنجها جاڳي پيئي. مون کيس پيار ڪيو. هوءَ ماٺ هئي. پوءِ پرڀرو ٿي بيٺي. اُتان مون ڏي گهوري چيائين: ”مون تہ پاڻ وٽ شهنشاھہ کي ماري ڇڏيو هو، تون وتين ٿو اُن کي جيئرو ڪندو! تون ماڙيءَ جي مٽيءَ ۾ ڀريو پيو آهين. اِها مٽي هِت نہ ڇنڊجانءِ، اِنھي مٽيءَ ۾ بہ شهنشاھہ آهي.“
مون ڇرڪي پاڻ کي ڏٺو. مون مٽي بہ نہ ڇنڊي هئي. ڪپڙا پير ۽ ٻانھون بہ مٽي ۾ ڀريل هيون. يڪدم مون کيس وراڻيو هو: ”هن مٽيءَ ۾ شهنشاھہ ڪونھي. هيءَ مٽي مون لاءِ خاڪ شفا آهي، جيئن تولاءِ پاڻي. شهنشاھہ جي تو ماري ڇڏيو آهي تہ شهنشاھہ ڪٿي بہ ڪونھي، مون لاءِ سنجها سڀ ڪجهہ آهي.“ مان وهنجڻ هليو ويس. ٻيو وڳو پھري تہ آيس، پر اُن کان اڳ انھيءَ وڳي جي مٽي ڇنڊي چپٽي کن گڏ ڪري رکيم جو سمجهيم پئي تہ اها مٽي سنجها جي پيرن ۽ سڄي ساري وجود جي مٽي آهي، مون جڏهن کيس ويجهو ڪري ڀاڪر پاتو تہ سُڏڪي پيئي.
”ائين مون کي ڇڏي نہ ويندو ڪر. مان اڳيئي مُئي پيئي آهيان، مون کي جيئري تہ دفن نہ ڪر.“
”مان توکي مرڻ نہ ڏيندس.“
مون هُن کي مرڻ کان بچائڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا. هُن پنھنجو سڄو سارو وجود ٻن جاڙن ٻارن ۾ منتقل ڪيو. ڪي ٽي چار ورھيہ ٻارڙن سان کيڏندي رهي ۽ آهستي آهستي مرندي ويئي. چيائون تہ کيس برين ٽيومر رهيو آهي. هاڻ وڌيڪ جيئڻ مشڪل آهي. ڪن ڊاڪٽرن تہ چيو تہ هيءُ سڀ جنات غيبات جو اثر ۽ ظهور اُن ڪري هو. ڊاڪٽر علي اِن ڳالھہ کي رد ڪندو رهيو. هو هسٽيريا ۽ نفسيات ۾ يقين رکندو هو. ڪھڙي ڳالھہ تي يقين ڪجي؟ ماڻھو تہ ويچارو هميشہ يقين ۽ اڻ يقين جي ٽياس تي ٽنگيل پئي رهيو آهي. مون سندن نالا ”پيار علي“ ۽ ”اُميد علي“ رکيا هئا. مون لاءِ هو پيار ۽ اُميد جو وڏو اهڃاڻ هئا. مان ازل کان پيار ۽ اُميد لاءِ ڄڻ تہ واجهائيندو رهيو آهيان، سو سنجها پيار ۽ اُميد منھنجي حوالي ڪيا ۽ ائين هلي ويئي ڄڻ هئي ئي ڪانہ! برين ٽيومر جو ڪو عذاب ٿو ٿئي. ڦٿڪندي هئي تہ بہ ڪڇندي نہ هئي. ٻارڙا مٿان بيٺا رئندا هئا. مامي شادان ۽ مان پرچايان تہ بہ نہ پرچن. مون هڪ ڏينھن کين ماءُ سان ٻي ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندي ٻڌو، اُن ئي ٻوليءَ ۾ جيڪا ڪڏهن سنجها ڳالھائيندي هئي. ڳالھائيندي هو مون کي ڪا ٻي مخلوق ۽ ٻيا لڳا. هئا بہ تہ ٻيا، ڀورا چٽا، وار بہ ڀورا، اکيون نيريون گهريون. هٿ پير ڪونئرڙا، وراءِ تہ رٻڙ وانگي ورن! جيئن جيئن وڏڙا ٿيا تہ ماڻھو کين حيرت سان ڏسندا هئا. ٻوليون ٻولن تہ سنھڙا پر وڻندڙ چيچاٽ جھڙا آواز ڪڍن. ڪڏهن پاڻ ۾ وهن تہ اُهائي اُبتي سُبتي ٻولي ڳالھائين، جيڪا مون کي تہ سمجهہ ۾ ڪانہ پئي اچي، پر مامي شادان ٽڙي پيئي ڪنڌ سان هائو ڪندن. هلندي چلندي پئي اور گهور ٿيندين. منھنجي لاءِ هو منهجو ’پيار‘ ۽ ’اميد‘ هئا. منھنجو تہ منجهن ساھہ هيو. پنجن جا ٿيا تہ مون کين اسڪول ۾ داخل ڪرايو. ذهين اهڙا جو هنن جون ماسترياڻيون حيران. ڳوٺ وڃن تہ سڀني جون دليون کٽيو اچن. آهستي آهستي ڪوٺي تي وڃڻ لڳا. اُتي پيا کيڏن. پوءِ ماڙيءَ ۾ ويھي کيڏڻ لڳا. مامي شادان رڙيون ڪري هيٺ لاهيو اچين. ماڙي بند ڪري تہ رڙيون ڪري کولائين. مون کي دانھن ڏنائين مون ڏي خير هو. مون لاءِ شهنشاھہ تہ ڄڻ سنجها سان گڏ مري ويو هو. هيءُ پاڻ ئي ست شهنشاھہ هئا. پر هڪ ڏينھن ويس تہ هيءُ مٿي هئا. مٿي ويس تہ ٻاهر ڪوٺي تي ڪو نہ هئا. هي ماڙيءَ منجهہ سادو گلم جيڪو راند لاءِ وڇارايو هئائون، اُن تي چڙهيا ويٺا هئا. ويٺي اُن ٻي ٻولي ۾ ڪنھن سان پئي ڳالھايون. مان در تي بيھي رهيس. سوچيم تہ هيءُ وري ڇا؟ مان يڪدم اندر داخل ٿيس. هو ماٺ ٿي ويا. مون گهٻرائجي تڪڙ ۾ چيو، ”توهان ڪنھن سان پئي ڳالھايو“، تہ هو چُپ رهيا. پوءِ دڙڪو ڏيندي چيومان، ”ڪڇو ڇو نٿا. سچ ٻڌايو، ڪير هيو؟“ مون کين اڳ ڪڏهن بہ دڙڪو ڪو نہ ڏنو هيو. هُنن منھنجو سخت لھجو ۽ پريشان شڪل ڏٺي تہ ٻنھي يڪ آواز چيو:
”سائين بابا شهنشاھہ سان.“
”سائين بابا، شهنشاهه؟… ڪٿان آيو، ڪير آ شهنشاھہ سائين بابا.“
”هڪ ماڻھو اسان کي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڀورو چٽو اسان جھڙو آهي، هو چوندو آهي تہ توهان جو وڏو سائين بابا مان آهيان. مون سان گڏ هلو. مان توهان کي گهمائيندس ڦيرائيندس. ڊيڊي! اسان هُن سان وڃون؟ چئي ٿو تہ مَمان سان بہ اوهان کي ملائيندس. اسان وڃون؟ وڃي چڪر ڏئي اچون. بابا شهنشاھہ چئي ٿو تہ مان اوهان کي موٽائي وٺي ايندس.“
مان سڄو سارو ڇرڪي ويس. هيءُ وري ڪھڙي پنڌ وڃن ٿا؟ اُتان الائجي موٽن يا نہ! وهم وسوسا وري موٽي آيا هئا. الائجي سنجها ڪو شهنشاھہ جو ڀُڻڪو ساڻن ڪڍيو هو. ويندي ڪو ڏس پنڌ ڏسي وئي هين. ڪا ٻولي بہ سيکاري وئي هين. مون ڇڪي کين ٻاهر ڪڍيو. ماڙيءَ کي قلف ڏيندو، کين ٻانھن کان ڇڪيندو ڊوڙندو هيٺ ٿي لٿس تہ ڪن ڏاڪن تي اچي کين هنج ۾ کڻي قابو ڪيم ۽ ڀاڪر ۾ ڀريندو حاويليءَ جي اڱڻ ۾ آيس تہ مامي شادان منھنجي منھن کي ڏٺو. پگهريل جسم، يڪدم دانھن ڪيائين، ”ابا! ڇا ٿيو؟“ مان کيس ڇا ٻڌايان تہ مون سان ڇا ٿيو آهي. ڇا چوانس تہ شهنشاھہ ڄڻ جيئرو ٿي ويو آهي. شهنشاھہ کي هيءُ موٽائي وٺي آيا آهن. مون کيس پريشان ڪرڻ نہ پئي چاهيو. ”مامي، ڪجهہ ناهي، ڏاڪڻ تان تڪڙا لٿا آهيون نہ، ڪيئن پيار، ڪيئن اُميد!“
مامي شادان ٻنھي کي هنج تان لاٿو. ڳرا تہ ڪو نہ هيا. هلڪا جھڙي هوا، پاڻ کڻي کين کنيو. پوءِ هلڪيون ٿڦڙيون هڻندي اهو چوندي وٺي ويئي، ”شيطان ٿي پيا آهيو، پيءُ کي تنگ ڪيو اٿو. هاڻي مٿي وڃڻ بند، مان ڏاڪڻ کي قُلف هڻائي ڇڏيان ٿي.“
مون سوچيو تہ اڄ ئي شھر روانو ٿجي. هت رهڻ ۾ خطرو آهي. اڻڄاتل خطرا وڌيڪ هِنيانءُ ڏڪائيندا آهن. پر مامي شادان چيو تہ ٽپھري تہ ٿي وئي آهي، تون هاڻ تہ آيو آهين. صبح جو خير سان هلنداسين. مان ورانڊي ۾ ويٺو هيس تہ پيار ۽ اُميد ڦري آيا، ”ڊيڊي! گهمڻ هلون.“
مان ڪڏهن ڪڏهن کين ڳوٺ کان ٻاهر هن وڻراھہ تائين گهمائڻ وٺي ايندو هيس. اڄ بہ مان کين هتي گهمائڻ وٺي آيو هيس. مون کي ڪھڙي خبر تہ مون سان ھھڙو ڪيس ٿي ويندو. هيئن آباد دنيا اُجڙي ويندي. ٻني ٻارو ٽپياسين ۽ هن وڻراھہ تي ايندي هنن ڪا شئي ڏٺي. منھنجيون ٻئي چيچون ڇڏائي وٺي ڊوڙيا.
”ڊيڊي! سائين بابا شهنشاھہ!“
هوُ هن وڻراھہ جي ڇيڙي تائين پھچي ڪا گهڙي بيٺا، ڄڻ تہ ڪنھن سان ڳالھايائون. پوءِ مون ڏي منھن ڪري بيٺا ۽ هٿ لوڏيائون، ڄڻ خدا حافظ چوندا هجن، پوءِ ڏاڍيان ايترو سو چيائون، ”ڊيڊي! اسين سائين بابا شهنشاھہ سان ممان ڏي وڃون ٿا. چڪر ڏيئي موٽي اچون ٿا.“
هو ائين تڪڙا تڪڙا هلندا ويا، ڄڻ ڪنھن سونھين سان هجن ۽
ائين پئي لڳو ڄڻ هو ڪنھن جون چيچون پڪڙي پيا وڌن، پيا اڳتي وڌن. منھنجو جسم ڄڻ سُنُ ٿي ويو هو. ٽنگون چوريان تہ ٽنگون نہ چُرن. مان شايد شاڪ ۾ هيس. جيسين اُن شاڪ مان نڪران تہ سامھون ڪجهہ بہ نہ هو. ڊوڙيم ڊُڪيم، رڙيون ڪيون اٿم. اِجهو ساڻو ٿيو اوهان سان حال ورايان ٿو. توهان الائجي آهيو بہ يا نہ، ٻڌو بہ ٿا يا نہ. بس هاڻي اُٿان ٿو. ڪيتري دير ٿي وئي آهي، اوندھہ وڪوڙيندي وڃي ٿي پر ڪھڙي منھن سان گهر وڃان. ”اُميد“ ۽ ”پيار“ جي سڀني عاشقن کي ڇا چوان؟
مون هڪ دفعو وري ڏاڍيان، اُميد ۽ پيار لاءِ پڪاريو آهي. ٻہ چار سڏڙا وَرُ ڪيا اٿم. اوچتو هڪ آلاپ ڪنين پيو اٿم:
”حبيبن هيڪار منجهان مھر سڏ ڪيو.“
ڪجهہ پريان باهڙي پيئي ٽمڪي، ڪو فقير هو جيڪو ڏاڍيان سُر سان وَرُ وَرُ آلاپي رهيو هو.
”حبيبن هيڪار منجهان مھر سڏ ڪيو.“
الائجي ڇو مون کي اُن ويلي سنجها وري سامھون اچي وئي. جيڪا مھر لاءِ پڪاريندي پاڻ مھر جو مجسمو بڻجي موڪلائي وئي، مون لاءِ مھر، ’پيار‘ ۽ ’اُميد‘ لاءِ مھر. مان تڪڙو اُن ٽمڪندڙ باهڙي ڏانھن وڌيو آهيان. اُت پھچان ٿو تہ ڏٺم هڪ فقير آهي، جيڪو دونھڙي دُکايو، منھن مونن ۾ هنيو ويٺو آهي. کڙڪي تي ڪنڌ کڻي، مُرڪيو ۽ وري سُر سان آلاپڻ لڳو آهي.
”حبيبن هيڪار منجهان مھر سڏ ڪيو.“
هاڻ اڳتي چيو اٿائين.
”سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اُهوئي ٿيو.“
هن وري چيو، ”سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اُهوئي ٿيو.“
هاڻ مان جهڄي پيس ۽ روئڻ لڳس. پوءِ هُن هٿ سان حويليءَ ڏانھن اِشارو ڪيو آهي تہ هاڻي مان اوڏانھن وڃان. مون ۾ اُميد جاڳي آهي. ’پيار‘ ۽ ’اُميد‘ ٻنھي چيو هو تہ هو موٽي ايندا. ٻئي رستي کان مَنَ موٽيا هجن. هُنن کي ڳولڻ جو ڪير نہ آيوآهي، سو پڪ سان ڦري گهري پھتا هوندا. اڱڻ ۾ لڪ لڪوٽي کيڏندا هوندا. شهنشاھہ جي آهي تہ ايڏو ظالم نٿو ٿي سگهي. باقي سنجها تہ اهڙي ديس وئي آهي جت هوءَ جيئرن جگرن کي ڪيئن روڪيندي. شايد شهنشاھہ ئي هنن کي اڱڻ تي يا ڪوٺي تي نہ تہ ماڙي ۾ ضرور ڇڏي ويو هوندو. مان تڪڙو حاويليءَ ڏي هلندو هلان ٿو، هلندو هلان ٿو. ’پيار‘ ۽ ’اُميد‘ لاءِ ئي تہ وڌان ٿو، پر آهيان تہ اُهوئي هڪ بيوس انسان، جيڪو هميشہ يقين ۽ اڻ يقين جي ٽياس تي ٽنگيل هوندو آهي ۽ پيو ’پيار‘ ۽ ’اُميد‘ لاءِ واجهائيندو آهي. 

کِڙيا کٽڻھار

ڪي وڪيل وڏا ٿين، تہ ڪي وري ننڍا، اڃا بہ ننڍا هجن تہ کين ’جونيئر پارٽنر‘ چون. پر جي ڪو اديب ’جونيئر پارٽنر‘ ٿئي تہ ڍاڪئون ئي پڪو!
مان بہ اُن زماني ۾ ’جونيئر پارٽنر‘ هئس.
منھنجو سينئر حيدرآباد جو وڏو ڪرمنل لاير هو. هميشہ اديبن کان ڇرڪيل هوندو هو. مون کي ڏسندو هو تہ چوندو هو، ”يار اديب!... قانون ۽ ادب کي الڳ رکجان“... ٻيلي، قانون کي ادبي مرچ مسالن کان پري رکجانءِ...“
اُن زماني ۾ قتل ڪيس پھريائين هيٺين ڪورٽن ۾ هلندا هئا، پوءِ سيشن ڪورٽ ۾ ايندا هئا، جتي پُڄاڻي تي سزا - جزا جو فيصلو ٿيندو هو. هيٺين ڪورٽن ۾ سينئر گهڻو تڻو پنھنجن سُٺن جونيئرس کي موڪليندا هئا تہ هُو شاهدن جا بيان وٺرائي ڪيس کي چِٽو ڪري بيھارين.
هيءَ ڳالھہ بہ اُنھيءَ زماني جي آهي. هيءُ هڪڙو قتل جو عجيب مقدمو هو، جنھن لاءِ مون کي منھنجي سينئر خاص طور تي تيار ڪري موڪليو هو. مان مقتول پاران وڪيل هئس. هيءُ هو تہ قتل ڪيس، پر جوابدار ڌُر هي ڪيس غيرت جي بنياد تي وڙهي رهي هئي. عجيب ڪيس هو. هڪ مائيءَ پنھنجي ڀاڻيجي کي قتل ڪيو هو. جوابدار ڌُر جو چوڻ هو تہ مـسمات سفوران، پنھنجي ڀاڻيجي شهمير کي اِن لاءِ قتل ڪيو جو هُن منجهس هٿ وڌا هئا ۽ زوري ڪئي هئي، تنھنڪري سفوران کيس موقعو ملندي ئي غيرت وچان ڪھاڙيءَ سان زبرا ڌڪ هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو. منھنجي سينئر مون کي چيو هو تہ ”هيءُ ڪيس سڌو سنئون قتل جو ڪيس آهي. مسمات سفوران شهمير کي اِن لاءِ قتل ڪيو هو جو هنن کيس پنھنجي نياڻي ڏيڻي ڪئي هئي. اِن آسري تي شهمير کان پئسا ڏوڪڙ ڦُريندا هئا. مال ملڪيت بہ لکائي ورتي هئائون. سفوران جو مڙس لالچي هو. هُن تَر جي چڱي وڏي زميندار کان الڳ پئسا وٺي کيس سڱ ڏيڻ قبوليو هو. شهمير هنن تي ٺيڪ ٺاڪ زوربار وڌو. چار چڱا ميڙ بہ وٺي ويو، پر هنن نہ مڃيو. زميندار کي پنھنجي ورتل سڱ مٿان چڙهت ۽ شهمير ۽ شانان جي لڪي ملڻ ۽ معاشقي تي غيرت آئي. هُن شهمير کي تہ مارايو، پر سفوران کي بليڪ ميل ڪري قبولرايو تہ شهمير کي هُنن ئي ماريو آهي.“
”اگر اِها ٿيوري آهي تہ پوءِ سائين! مائي سفوران پاڻ تي ڇو الزام کنيو؟“ مون سينئر صاحب کان پڇيو.
هـُـن کلي مون ڏي ڏٺو، ”آهي نہ ادبي سوال!“
”بابا! بس هڪ ڌمڪي رئيس طرفان ڪافي هئي تہ تنھنجي ڌيءُ شانان کي ’ڪاري‘ ۽ شهمير کي ’ڪارو‘ ڪري مارينداسين. هاڻ غيرت واري سوال تي مائي ڇُٽيو پئي ٿي وڃي يا هلڪي سزا ٿي مليس. ڦاسي يا عمرقيد کان بچي ئي بچي.“
”سَر! مون کي ڇا ڪرڻو آهي؟“
”ثابت اِهو ڪرڻو آهي تہ It is not honor Killing (غيرت جو سوال ناهي.) مائي سفوران پنھنجي مڙس ۽ وڏيري جي چـُـرچ تي، شهمير جي ملڪيت ڦٻائڻ ۽ پنھنجي ڌيءُ شانان جو سڱ وڏيري کي ڏيڻ لاءِ هيءُ ڊرامو رچايو آهي. هوءَ قاتل آهي. اُن سان 302 لاڳو ٿيڻ کپي.“
مان ٻُڏتر ۾ پئجي ويس. منھنجي سينئر مٿان اِهو بہ چيو تہ ”ميان! هڪ ڳالھہ ياد رکجانءِ تہ توکي Prosecution جي ڪيس مطابق هلڻو آهي. متان پنھنجي طبيعت مطابق هيڏانھن هوڏانھن ناسون هڻي ڪا ڪھاڻي يا ڪالم يا مضمون لکي وهين. هيءُ نازڪ مسئلو آهي. اڳ ۾ بہ هڪ ٻن ڪيسن ۾ اخبار ۾ تنھنجي راءِ جو اظهار مڙيوئي مھانگو پيو هو، اِن ڪري هن دفعي معاملو اهڙو ڏنو اٿمانءِ جو توکي رُڳو سرڪاري وڪيل سان تعاون ڪرڻو آهي ۽ فريادي ڌُر جي داخل ڪرايل ايف. آئي. آر. مطابق هلڻو آهي. سمجهيئہ. آهين تہ هوشيار ۽ سمجھدار.“
”سَر! بالڪل سمجهيم. توهان فڪر نہ ڪريو. قانون کان مٿاهون ڪير بہ ڪونھي. ادب بہ نہ.“
هن ننڍي شھر ۾ قائم ڪيل هيءَ ڪورٽ مون کي اِنڪري وڻندي آهي، جو شھر جي ڪجهہ ٻاهران هڪ روڊ تي آهي. انگريزن جي دَور جي هڪ ننڍي عمارت اٿس. چوڌاري ڪمپائونڊ وال ۽ اندر ننڍڙو باغ بہ اٿس. باغ ڦٽل آهي. باقي وڻ ڪي سـُـڪل، تہ ڪي ساوا قائم آهن. هتي اچڻ وڃڻ گهڻو ٿيندو آهي، جو منھنجي سينئر جا گهڻا ڪيس مڙيوئي هـِـت آهن. ڪورٽ ننڍي آهي، انڪري پاڻ گهٽ ايندو آهي. اسين جونيئر اِنھيءَ ننڍي ڪورٽ جي ورانڊي ۾ بينچ تي يا ڪنھن ڇڊي ڇانوَ ڏيندڙ وڻ هيٺان ويھي اصيل سان ٻولا چاري ڪري يا ڀت ٻاهران ٺھيل ٻاڪڙا هوٽل تان چانھہ گهرائي، اوٻاسيون ڏيندي وقت گذاريندا آهيون. ڪورٽ سڳوريءَ پاران سڏ ٿيو تہ اندر پھتاسون. ڪيس هليو نہ هليو، تاريخ وٺي روانا ٿيندا آهيون.
اُن ڏينھن ڪورٽ ۾ ڏاڍي رونق هئي، جنھن ڏينھن مسمات سفوران جو ڪيس هو. ٻاهر ماڻھن جا ميڙاڪا هئا. مائي ڪورٽ جي ايوان ۾ اسان واري وڻ جي ڇانوَ تي قبضو ڪيو ويٺي هئي. پوليس گيٽ بند ڪيو مائيءَ تي پھرا پئي ڏنا ۽ خرچي وٺي مائٽن سان ملڻ پئي ڏنائون. ڪن اوپرن ماڻھن لؤڻا پئي هنيا تہ ڏسون تہ اِها مائي ڪھڙي منھن مھانڊي آهي، جنھن سڳو ڀاڻيجو ماريو آهي. مائي ڪورٽ کي پـُـٺ ڏيو ڀت واري پاسي منھن ڪيو، وڏي رئي سان پاڻ کي ڍڪيو سُڪل سڙيل ڇٻر تي ويٺي هئي.
مان اِهو لقاءُ ڏسندو اک ٽيٽ سان ورانڊي مان بيھي مائيءَ جو جائزو وٺندو رهيس.
ائين جج صاحب جو نائڪ آيو، ”صاحب سڏيو اَٿو.“
جج صاحب سان اِتي ايندي ويندي منھنجي سُٺي نيازمندي ٿي وئي هئي. جنھن ڏينھن منھنجو ڪو ڪيس هوندو هو تہ ويٺو انتظار ڪندو. نوجوان هو ۽ پروگريسو خيالن جو هو. علم ادب سان بہ چاھہ هئس. ڪميشن معرفت سڌو چونڊيو ويو هو. اردو اسپيڪنگ هو، پر سنڌي سمجهندو بہ هو تہ ڪجهہ ڳالھائيندو بہ هو. پھرين پوسٽنگ انھيءَ ڪورٽ ۾ ٿي هـئس. صبح جي پھر ۾ جيسين ڪورٽ جي تياري ٿئي ۽ هلڻ وارن ڪيسن جي ڄاڻ مليس، تيسين ويٺو مون سان ٻولاچاري ڪندو هو. سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي صورتحال ۽ ريتن رسمن کان گهڻو آگاھہ نہ هو، پر ويٺو مون کي کوليندو هو. سندس چئمبر ۾ داخل ٿيس تہ وڏو ٽھڪ ڏنائين:
”سائیں! دیکھو آج ہماری کورٹ میں بھی میلا لگا ہوا ہے"۔ "بس سائیں! یہی ہماری سندھ کی بدنصیبی ہے۔ ابھی ابتدا ہے، دیکھنا انتہا کہاں پر ہوتی ہے۔ عورت بیچاری ہمیشہ مظلوم رہی ہے۔"
” یہ مظلوم ہے؟ بھانجے کو مارا ہے “۔
” پتہ نہیں سَر! بھانجا مظلوم تھا یا نہیں، یا پھر دونوں.“
جج منھنجي منھن ۾ ڏسڻ لڳو ۽ سوچ ۾ پئجي ويو ۽ سنڌيءَ ۾ ڳالھائڻ جي ڪندي چيائين. ”تہ پوءِ اصل ڳالھہ ڇا آهيس.“
”سَر! ڪيس هلي، خبر پئجي ويندي. مون ڪيس پڙهيو آهي. ڳالھہ ۾ ڪو رولو آهي.“
نائڪ چانھہ کڻي آيو هو. هُن چسڪي ڀريندي ئي چيو، ”پر مائي قبولدار ٿي آهي. 164 جو بيان پڙهو. مگر ميمن صاحب! توهان تہ فريادي ڌُر پاران آهيو، توهان تہ رولو نہ بڻايوس.“
”سر! هيءُ ڪيس منھنجي سينئر جو آهي. مان اديب آهيان، هِن معاشري جو سڄاڻ فرد آهيان. سينئر صاحب اِنھيءَ عمل کان جهليندو آهي، پر مان پنھنجي مزاج کان مجبور آهيان. ڳالھہ جو ڳاٽو جهلبو ضرور، پر پروفيشنل بي ايماني بہ نہ ڪبي.“ مون کلندي کيس چيو.
جيتوڻيڪ مائيءَ جو سيشن ڪورٽ مان عورت هئڻ ڪري ضامن تہ ٿي ويو هو، پر پروفيشن ۽ قاعدي قانون مطابق ڪيس هليو ۽ خوب هليو. مائي قابو هئي. سرڪاري وڪيل ۽ مون شاهدن ذريعي ائين وڃي ڪيس بيھاريو تہ مائي ملڪيت جي لالـچ ۾ ۽ سڱ لاءِ وڏيري کان پئسا وٺي هيءُ قتل ڪيو آهي ۽ مڙسس بہ هن ۾ شامل آهي. هيءُ سڌو سنئون مرڊر ڪيس آهي، غيرت جو ڪو مسئلو نہ آهي.
هڪ ڏينھن ڪيس آخري مرحلن ۾ هو ۽ مان واندو ٿي نڪتس تہ ڏٺم تہ مائي باغ ۾ هڪ بئنچ تي هڪ ٻن ماين سان گڏ ويٺي هئي. ڪورٽ ۾ هاڻ ماڻھو نہ رهيا هئا. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻھو هو. ڪورٽ بند ٿيڻ واري هئي. ورانڊي جي ڪنڊ تي اُنھن مان هڪ مائيءَ اچي منھنجو اڳ جهليو، ”اَبا ترس! سفوران توسان ڪجهہ ڳالھائيندي. ٿورو هيڏانھن اَچ.“
مان بيھي رهيس. پھرين سوچيم تہ کيس جواب ڏيئي ڇڏيان، جو پروفيشنل ذميوارين ڪري جوابدار ڌُر سان ڳالھائڻ مناسب نہ هو. ٻيو اِهو بہ سوچيم تہ منھنجي سينئر کي خبر پوندي تہ بنھہ جونيئري واري نوڪري مان ڪڍي ڇڏيندو. پر طبيعت کان مجبور اندر ۾ ويٺل اديب ۽ ڪھاڻيڪار کي ڪيئن روڪيان. ڳالھہ جو ڳاٽو تہ جهلبو ۽ مان اُن وڻ ڏانھن هليو ويس، جنھن هيترن مھينن ۾ بہ نوان گونچ ڪونہ ڪڍيا هئا. هاڻ تہ سرءُ بہ ويجهو هو. پن ڇڻي هيٺ ڍير پئي ٿيا. شاخن مان اُس نڪريو پئي آئي، پر اُن ۾ تاءُ نہ هو. هيءَ هڪ ڊگهي مضبوط جسم جي عورت هئي. جڏهن اُٿي تہ هـُـن رَئي جو ٻُڪل کوليو تہ ڇڻڻ کان رهجي ويل ڪرڻا سندس اَڇي اُجري منھن تي وڇائجي ويا ۽ سندس منھن رَتو ڪندا پئي ويا. هيءَ سھڻي سيبتي عورت هئي. مون ڪورٽ ۾ ڪڏهن سندس منھن نہ ڏٺو هو، جو هوءَ منھن اڌ ڍڪيو ويٺي هوندي هئي. مون رڳو سندس ڏيلُ ڏٺو هو. هاڻي هُن ڳالھايو تہ سندس اڇا ڏند بہ جـَـرڪي پيا، پر سندس منھن تي مـُـرڪ نہ هئي.
”وڪيل صاحب! هيءُ توهان مون سان ڪھڙو ظلم پيا ڪريو. ڪيس کي ڪاڏي پيا وٺي وڃو. مان تہ ڦاسي چڙهي ويندس، پر جنھن نياڻيءَ لاءِ هي سڀ ڀوڳيان پيئي، مون کان پوءِ اُن جي سنڀال ڪير ڪندو.... بگهڙن جي وَرُ چڙهي ويندي.“ مون سندس نياڻيءَ ڏانھن ڏٺو. هوءَ بہ هـُـن وانگر وڻندڙ ۽ هـُـن جھڙي ئي هئي.
مان گهڙيءَ کن لاءِ تہ چُپ رهيس، پوءِ بي اختيار چئي ڏنم، ”تو هن معصوم کي هٿ سان بگهڙن جي وَرُ چاڙهيو آهي. پنھنجي سڳي ڀاڻيجي کي هٿ سان ماري هن معصوم نياڻيءَ کي هڪ جهوني بدبودار بگهڙ جي حوالي ڪرڻ لاءِ توئي تہ سڀڪجهہ ڪيو آهي. تون سمجهين ٿي تہ تنھنجي نياڻي هندورن ۾ لُڏندي ۽ تون هتان بچي پوءِ موٽي وڃي سندس چاشني ۽ پلاءُ وارو ڪاڄ کائيندينءَ؟.... مائي سفوران! تيستائين تہ تنھنجون هڏيون بہ نہ بچنديون، تون ڪھڙي خيال ۾ آهين. الائي ڪيترا بگهڙ گڏجي هن معصوم کي رڙڪي کائي ويندا، تنھن جي خبر پوءِ پوندءِ.“
مون وڌي سندس نياڻيءَ مٿان هٿ رکيو. پوءِ سفوران جو هٿ وٺي اُن جي مٿي تي رکيو. هوءَ منھنجي منھن ۾ ڏسڻ لڳي.
”کاءُ قسم هـن نياڻيءَ جو تہ جيڪي تون چئين ٿي، سو سڀ سچ آهي. کاءُ قسم اُن معصوم نوجوان جو، جنھن جو خون بہ تنھنجي سر تي آهي. ٻيئي خون تنھنجي سر تي آهن. ياد رک، هيءَ بہ نہ بچندي.“
مائي سفوران پنھنجو هٿ يڪدم نياڻيءَ جي مٿي تان کڻي ورتو. سڄي هيڊي پيلي ٿي ويئي. سندس ٽنگون ٿڙڪڻ لڳيون. هوءَ بيھي نہ پئي سگهي. ٻي مائيءَ کيس بئنچ تي ويھاريو.
”منھنجي مدد ڪر وڪيل صاحب! ڦـِـي توکي مان ڏينديس.“ سفوران ڳوڙها ڳاڙيندي چيو.
”مان اهڙو ڪم نٿو ڪري سگهان. جيڪي ڪجهہ سچ آهي، سو سمورو ڪورٽ سڳوري کي ٻڌاءِ. پوءِ ئي ڪجهہ ٿي سگهندو.“
”ڪورٽ کي ٻڌاءِ تہ تو پنھنجي سڳي ڀاڻيجي شهمير کي ڪيئن ماريو. ها واقعي هُن پنھنجي سھڻي پياري مڱينديءَ، جنھن سان هـُـن جو ننڍي هوندي کان پيار هو، اُن کي ڇڏي توسان زوري ڪئي. ڪا سولي ڳالھہ تہ ڪر!“
سفوران رويو پئي رني. اوچتو منھنجي ويجهو اچي سُرٻاٽ ڪندي چيائين، ”سائين، شهمير منھنجو ڀاڻيجو هو، مان اُن کي ڪيئن مارينديس؟ هو تہ مون کي ماءُ وانگر ڀائيندو هو. هو ڪيئن بڇڙي نگاھہ رکي مون تي حملو ڪري زوري ڪندو. هو تہ منھنجو ٻچو هو. مان اُن کي ڪيئن مارينديس؟“
”پوءِ ڪنھن ماريو؟“
هن هيڏانھن هوڏانھن نھاريو. مڙسس شھر ويو هو، اڃا نہ موٽيو هو.
”سائين، اِهو ظلم منھنجي مڙس عدلوءَ ۽ وڏيري شمن خان گڏجي ڪيو. وڏيري جي ڪمدار خميسي ٻن ٽن همراهن سان گڏ اچي پھريائين شهمير کي ماريو. پوءِ بيٺا هن نياڻيءَ کي مارڻ تہ شهمير سان ’ڪاري‘ ٿا ڪيونس. وڏيري ۽ منھنجي مڙس مون کي کڻي ڀت ۾ رُنبيو، تہ هيئن قبولدار ٿئين ٿي تہ واهه، نہ تہ تنھنجي نياڻيءَ کي ٿا ڪاري ڪري ماريون. مون کين اهو بہ چيو تہ مون کي ڀل ڪاري ڪري ماري ڇڏيو، پر هيئن ذليل نہ ڪريو. لعنت آهي هن جيئڻ تي، پر مان رڳو هن نياڻيءَ لاءِ جيئرو رهڻ چاهيان ٿي. مان هاڻ سندن اکيون ڏسيو ويٺي آهيان. وڏيرو روز رات جو ماڻھو ٿو موڪلي تہ ڇوڪريءَ کي اوطاق تي موڪل. مان تہ جيئري ئي مري ويئي آهيان. الله انھي منھنجي مڙس عدلوءَ جو منھن ڪارو ڪندو، جنھن جو پيٽ ئي نٿو ڀرجي.“
مون سندس حالت ڏسي ويجهو وڃي ساڻس ڀـُـڻڪندي ڳالھايو: ”اٿئي همت تہ سڀاڻي پنھنجي بيان تان ڦري وڃ، ۽ ڪورٽ کي هيءَ سڄي حقيقت بيان ڪر. پوءِ ڏس تہ ڇا ٿو ٿئي. هاڻي هنن کي طاقت نہ ٿيندي، جو هو تنھنجو يا تنھنجي نياڻيءَ جو وار بہ ونگو ڪري سگهن. تون همت ڪندينءَ تہ سڀڪجهہ سڻائو ٿيندو، نہ تہ تنھنجي لاءِ سِرڪڻ ڦاهي تہ ٺھي ئي پيئي آهي.“
مون ڀڻڪڻ بند ڪري سندس منھن ڏي ڏٺو. هيءُ هڪ معصوم عورت جو چھرو هو. وهيل ڳوڙهن جون لارون هاڻ سـُـڪڻ لڳيون هيون. مان آهستي آهستي چـُـرندو ائين کسڪي آيس، ڄڻ اُن پاسي ويو ئي نہ هئس. گيٽ کان ٻاهر نڪتس تہ سفوران جو مڙس عدلو سيڌي سامان سان ٽانگو ڀرائي اچي پھتو ۽ مون ڏانھن اجائي سجائي نظر ڦٽي ڪري زوريءَ کنگهڪار ڪندو اڳتي وڌي ويو. مون اڄ کيس غور سان ڏٺو. هيءُ هڪ ڦٿل، بندرو، ٿلھو، ڪارو ۽ بيڊولو شخص هو. سفوران جو نوڪر پئي لڳو. هوڏانھن مائي سفوران اڇي، ڀوري، سھڻي، سيبتي، وڏي هڏ ڪاٺ واري قداور عورت هئي. جي هن ڪـُـڌي مامري ۾ نہ ڦاسي ها تہ سندس رعب تاب ۽ ڏيل ڏيا کي ڪوبہ لوڏو نہ هو. هاءِ ڙي قسمت!
پر مائيءَ ۾ اڃا بہ ڪي جولان باقي هئا. آخري بيان ڏيڻ لاءِ ڪورٽ ۾ بيٺي تہ هڪ سَٽ سان ئي ڪئين ڌڌڪا ڪڍندي وئي! هوءَ پنھنجي اڳئين بيان تان صفا ڦري ويئي. هـُـن واردات ٻڌائيندي مڙس، وڏيري شمن خان ۽ سندس ڪمدار ڪاراون کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو. جج سدورو هو ۽ اسان واري ادبي چڪر ۽ لڏي جو هو. مائي سفوران کي اهڙو ڳالھائڻ ڏنائين، جو ڪورٽ ۾ سانت ڇانئجي ويئي. رڳو سندس ئي آواز پئي گونجيو ۽ گونجندو رهيو ۽ آخر ۾ چيائين: ”مون اِهو ڏوھہ صرف ان لاءِ قبوليو هو، تہ مان ڀل ’ڪاري‘ ٿيان، پر منھنجي نياڻي ڪاري نہ ٿئي. اڳيون بيان عدلوءَ ۽ وڏيري شمن خان مون کي ڌمڪيون ڏيئي زوريءَ ڏياريو هو.“
جج دير ئي نہ ڪئي. حڪم جاري ڪيائين تہ ”نئين سر انويسٽيگيشن ڪئي وڃي ۽ شڪ جي بنياد تي في الحال تہ سفوران جي مڙس، وڏيري ۽ سندس ڪاراون کي ٻڌي ريمانڊ لاءِ پيش ڪريو. مسمات سفوران اڳيئي ضمانت تي آهي، تنھنڪري ڀل ضمانت تي هجي.“ اهڙي سفارش هـُـن سيشن ڪورٽ کي بہ ڪئي. پوليس کي هدايت ڪيائين تہ مائي سفوران ۽ سندس نياڻيءَ کي پوليس پروٽيڪشن ڏنو وڃي. پبلڪ پراسيڪيوٽر کي حڪم ٿيو تہ ري ٽرائيل لاءِ ڪيس تيار ڪيو وڃي. مان ٻاهر ئي بيٺو هئس تہ نائڪ آيو، ”سائين! صاحب سڏيو آهي.“
مان چئمبر ۾ داخل ٿيس تہ جج ٽھڪ ڏيئي چيو، ”يو ناٽي بواءِ!... آخر اديبن واري ڪار ڪيئہ. مون کي ڪجهہ خبر پيئي آهي.“ مون کلي کيس چيو، ”قانون جي ديويءَ کي پـَـٽي ٻڌل هوندي آهي. اسان ماڻھن جو ڪم ئي آهي تہ ڪجهہ وقت لاءِ ديويءَ جي اکين تان پٽي لاهي ڇڏيون.“
”پروفيشنل ذميواريءَ جي ڀڃڪڙيءَ جو ڇا ٿيندو؟“ جج صاحب مُرڪندي چيو.
”جيڪي ٿيندو، اُن کي ڏٺو ويندو، توهان ۽ اسان انصاف جو دامن نہ ڇڏيو آهي. هنن بي گناھہ ۽ مظلوم ماڻھن جو داد فرياد ٿيو آهي، اهو ئي مون لاءِ گنج آهي.“
چئمبر مان ٻاهر نڪتس تہ مـَـن تي بار نہ هو. مون ورانڊي ۾ بيھي نھاريو. مائي سفوران پنھنجي نياڻيءَ سان گڏ وڻ هيٺان بيٺي هئي. هوءَ مون ڏانھن ڏسي رهي هئي. سندس اکين ۾ چمڪ ۽ چپن تي مُرڪ هئي ۽ سندس نياڻيءَ جي منھن تي سَرهائي هئي.
مون وڻ ڏانھن نھاريو. مون کي ائين لڳو ڄڻ اُن ۾ نوان گؤنچ نڪري آيا هئا. هن مـُـند ۾ بہ وڻ تي بھار جي مُند ڇانيل هئي ۽ منھنجي مَن ۾ ڪئين کٽڻھار کڙي پيا هئا!

اکڙيون ميگهہ ملھار

هيءُ هڪڙو وڏو گهر هو، جنھن ۾ ڪيترا ئي ڪٽنب مِٺ محبت سان گڏ رهندا هئا. مان اُت وڏي گهر ۾ نپجي سڀني ڪٽنبن جو پيارو ۽ لاڏلو نينگر ٿي وڏو ٿيس. اِن گهر جا ٻہ اهم اُهڃاڻ هئا: هڪ تہ داخل ٿيڻ وقت ڏيڍي ٽپڻ لازم هو ۽ هن ڏيڍيءَ ۾ ڪيئي وَر وَڪڙ هئا، جيڪي عام ڏيڍين ۾ ڪونہ هوندا آهن. شروع ۾ ئي هڪ ڏيڍي اُها هئي جيڪا ورهائجي ٻن ڏيڍين ۾ تبديل ٿي ويندي هئي. اڳتي هلي اسان واري ڏيڍي ور وڪڙ کائيندي وڃي وڏي اڱڻ ۾ پھچندي هئي، جتان اُن وڏي حويلي جھڙي گهر جا عجب نظارا پسبا هئا. ڪرت واريون، قرب ونڊڻ وارا، کل خوشيءَ وارا جيڪي نہ رڳو اڱڻ جو مَرڪُ هئا پر شاهي ڊگهو ورانڊو، جنھن ۾ گهريتڙيون ۽ وڏڙيون واندڪائيءَ ۾ويٺيون ڪچھري بہ ڪنديون هيون، تہ ڪي چلم مان بُڙڪاٽ ڪڍندي مسئلن جا سڳا سورينديون هيون. وڏڙا ڪم ڪار لاهي ايندا هئا تہ روٽي پاڻي سان گڏ سندن ڳالھين ۽ چلم ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا هئا. هن گهر جو ٻيو وڏو اُهڃاڻ هن گهر جي وڏي منھنجي ڏاڏي سونل هئي. جيڪا سنئين سڌي، بنا ڪنھن وَر وڪڙن جي، ’سنئين راند سونٽي واري‘ ۾ يقين رکندڙ هئي. هن جا فيصلا سڀني ڪٽنبن ۽ هن وڏي خاندان لاءِ هڪ قانون جو درجو رکندا هئا. پاڻ ۾ سڱن پنڌن جا مامرا هجن يا ننڍن جهيڙن جهٽن جا فيصلا هجن يا ڪنھن ٻاهرين ڪٽنب سان پير کڻجي يا نہ، سندس حڪم اٽل هوندو هو. چون ائين ٿا تہ اسان جو ڏاڏو مرحوم، جيڪو هن خاندان جو وڏو هو، تنھن جو حڪم بہ ائين نہ هلندو هو، جيئن ڏاڏي سونل جو حڪم. سندس ڌاڪو بہ ڌاڪو هو، جو ڏاڏو سائين بہ سندس سامھون ماٺ ٿي ويندو هو. اُن وقت ڏاڏي سونل جي مُک تي ڏيا ۽ ارادي جي پختائي واسو ڪري ويندي هئي، خاص طرح جنھن وقت فيصلي جو وقت هوندو هو يا ڪنھن سان اختلاف ڪرڻ جو وقت هوندو هو. پر سندس حياتي ۾ ڪيترا اهڙا واقعا بہ پيش آيا، جيڪي ڪي قدر سندس مرضي جا نہ هئا ۽ کيس ڪڏهن ڪڏهن ان جو ڏک بہ ٿيندو هو. ماسي آسيت ڪاسائڻ جو صدمو کيس ڄڻ تہ جيئري ماري ويو.
هن گهر جي ڏيڍي کي ئي ور وڪڙ هئا تہ قاعدا قانون بہ پنھنجا هئا. اُنھن کي عمل ۾ آڻڻ، نبيرڻ، ڏاڏي سونل جي اختيار ۾ هو. کيس خاص اختيار هو تہ نُهرن کي پنھنجي مائٽن ڏي موڪل ڏئي يا نہ. سندس پٽن جي مرضي ڀلي هجي پر ڏاڏي سونل کين گهڻو ڪري نہ ڇڏيندي هئي. گهر جي وڏڙن جي اِنھيءَ فيصلي جي پابندي ۽ پوئواري ڪرڻ سندس ذميواري هوندي هئي تہ جيڪي نُهرون ڌاريون هيون، اُنھن جي عزيزن قريبن کي ملڻ جي اجازت صرف اُنھن وَر وَڪڙ ڏيڍين ۾ هئي، جيئن ڌارين ماڻھن جو وڏي گهر جي ٻين رهواسين تي پاڇو بہ نہ پوي. هوءَ پنھنجين نھرن ۽ نين ڪُنوارن سان سٺو هلندي بہ ٻاهر اچڻ وڃڻ جي پابندي تي سخت رويو رکندي هئي. سندس چھري تي اُن وقت سختي اچي ويندي هئي. سنھڙن چپن جون ڪنڊون سوڙهيون ۽ مُرڪ کان آجيون ٿي وينديون هيون، جڏهن نھرن جا پيئر يا ڀائر ساڻن ملڻ ايندا هئا. هوءَ ڏيڍيءَ جا ٻاهريان دَر ۽ اوريان در بند ڪرائي وچ واري حصي ۾ کين پنھنجي مائٽن سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت ڏيندي هئي. حڪم وڏڙن جو هوندو هو ۽ اُن حڪم تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڏاڏي سونل بندوبست ڪندي هئي. اُنھن نھرن يا نين ڪنوارن جون مائرون ڀينر يا مائٽياڻيون اندر اينديون بہ هيون تہ سندن آڌرڀاءُ ڪو وڻندڙ نہ هوندو هو، جو هو ڌاريا هئا ۽ هيءُ نھرون يا ٻيون ڪناورون ”ڌاريون“ سڏبيون هيون. هتي جنھن جو آڌرڀاءُ ٿيندو هيو، اُها هئي ماسي آسيت ڪاسائڻ، جيڪا هڪ ڇٻيءَ ۾جيرن بُڪين ۽ ٻوٽين جو شيخون پچائي وجهي کڻي ايندي هئي. سندس اچڻ سان سڄي گهر جا ٻار ٻچا ۽ مايون گوشت جون پڪل مرچن مصالحن سان ٻُرڪيل شيخون وٺي سوساٽ ڀري کائينديون هيون، پر وڏي خوشي ڏاڏي سونل کي ٿيندي هئي. وسيع ورانڊي ۾ هو ٻئي ڄڻيون جڏهن کٽ تي چڙهي ويھي پنھنجيون پرايون ڳالھيون ڪنديون هيون، تڏهن وقت ڄڻ تہ بيھجي ويندو هو. ماسي آسيت جي ڳالھين ۽ چوٻولن تي ڏاڏي سونل ايڏو تہ کلندي، ٽڙندي خوش ٿيندي هئي ۽ سندس ٽھڪڙا گونجندا هئا جو ائين لڳندو ئي نہ هو تہ هيءَ ڏاڏي سونل آهي. هڪ سخت گير منتظم ۽ هن گهر جي پنھنجن قاعدن قانونن جي پاسبان. ڏاڏي سونل ۽ ماسي آسيت جي هيءَ دوستي ورهين جي ساٿ جو نتيجو هئي. ماسي آسيت جو هن حويلي ۾ اَچڻ وڃڻ شايد منھنجي ڄم کان بہ اڳ جو هجي. مون جڏهن کيس ڏٺو تہ کيس ڏسندو ئي رهجي ويو هيس. ڏاڏيءَ جو مون سان گهڻو پيار هوندو هو. ماسي آسيت ايندي هئي تہ ڏاڏي ڪڏهن ٽڪو يا آنو خرچ ڪري مون کي بہ پڪل ننڍي شيخ وٺي ڏيندي هئي. مان سوسٽ ڀريندو پڪل جيرا يا ٻوٽين جا ٽڪر چٻاڙيندو هوس. ماسي آسيت جو پوٽو گلڻ وڏڙو ٿيو تہ ساڻس گڏ ايندو هو. ڏاڏي اُن کي بہ پيسو ٽڪو خرچي ڏيندي هئي ۽ مون سان گڏ کيس بہ مٺيون ڏيندي هئي. مان ڀرسان ئي ويٺو گلڻ سان کيڏندو هوس ۽ ڏاڏي سونل ۽ ماسي آسيت جي ڪچھري نہ کٽندي هئي. ماسي شام جو ڇٻو گهڻو ڪري خالي ڪري ئي نڪرندي هئي. اوڙي پاڙي جا ٻارڙا بہ هتان اچي پڪل شيخون وٺي ويندا هئا. ماسي آسيت ڪڏهن بيمار ٿيندي هئي ۽ نہ ايندي هئي تہ سڀني کي اون ٿي پوندي هئي ۽ سڀني گهرن جا ڀاتي پيا پڇا ڪندا هئا، پر وڏي ڳڻتي ڏاڏي سونل کي هوندي هئي. ماسي چاڪُ ٿي وَرُ اچڻ لڳندي هئي تہ سڀني کان وڌيڪ ڏاڏي سک جو ساھہ کڻندي هئي، ماسي آسيت کنگهندي بہ ڏاڍو هئي پر ٻيڙي پيئڻ نہ ڇڏيندي هئي. ڏاڏي کيس منع ڪندي هئي ۽ پنھنجي چلم سندس ويجهو ڪندي چوندي هيس: ”اَدي آسيت! اِها نڀاڳي پن جي ٻيڙي نہ پي، ڦوڪ ڀرڻي اٿئي تہ چلم جي ڦوڪ ڀر، هيءَ ٿڌي اٿئي.“
ماسي هڪ ٻہ ڦوڪ ڀري وري پن جي ٻيڙي ڪڍندي هئي. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن کنگهہ اُپڙندي هيس تہ ماسي ساڻي ٿي ويندي هئي. ڏاڏي کيس پاڻي پياريندي هئي، پُٺيءَ کي مهٽيندي هيس ۽ هوءَ سامت ۾ ايندي هئي تہ اُهي ئي گهر گهَرَ جا قصا، ڪنھن جي گلا تهڪي پنھنجا سور. ڏاڏي پنھنجين نھرن جون شڪايتون ڪندي هئي تہ ڀڻڪي سان، باقي پنھنجن پٽن سان ۽ نياڻين سان عشق هوندو هيس. مون کي اهو سڀ ڪجهہ ياد آهي ۽ اُهو صبح بہ ياد آهي جڏهن ڪاسائين جي پاڙي مان اوطاق تي نياپو آيو تہ رات ماسي آسيت گذاري وئي. سڄو گهر وسمي ۾ اچي ويو. نيٺ ڏاڏيءَ کي بہ ٻڌايو ويو. آسيت ۾ ساھہ هيس. هوءَ صفا ماٺ ۾ اچي وئي. چون ائين پيا تہ صدمي جي ڪري کيس ڳوڙهو بہ نہ آيو. سندس اکيون خشڪ هيون. هوءَ سنڀري تہ ڪاسائين جي پاڙي وڃان ۽ وڃي آسيت جو منھن ڏسي اچان. هن اوطاق تي نياپو موڪلي ٽانگو پئي گهرايو تہ اوطاق تان گهر جي وڏي، ننڍي ڏاڏي عثمان جو حڪم آيو تہ ڪاسائين ۽ حجمن جي پاڙي اسانجيون مايون نہ وينديون آهن، تنھنڪري زالاڻو پير نہ ڀربو ۽ ڏاڏي سونل يا ڪو ٻيو بہ نہ وڃي. ڏاڏيءَ کي اهائي ماٺ اچي وئي. ماسي آسيت آهستي آهستي هن وڏي گهر جي ڪنھن وسريل باب جيان ميساربي پئي وئي، پر ڏاڏي اُنھيءَ کٽ تي چپ چاپ ويٺي هوندي هئي. هن آهستي آهستي چلم بہ ڇڪڻ ڇڏي ڏني هئي. هوءَ منجهند جو اُن وقت تي ورانڊي کان پئي ٻاهر نھاريندي هئي ڄڻ کيس اوسيئڙو هجي تہ ماسي آسيت ضرور ايندي. آسرو پلجي ويندس تہ ململ جو آر تي ڀريل رَئو ڊگهو ڪري پاڻ مٿان وجهي منھن ڍڪي سمھي رهندي هئي. هن گلوءَ جي پڇا ڪئي، پر گلو جو پنھنجي ڏاڏيءَ لاءِ ڏينھن رات رئندو هيو، کيس پڻس مائٽن وٽ شھرکان ٻاهر موڪلي ڏنو. اَبو، چاچا ۽ ٻيا عزيز قريب ڏاڏي سونل جو ڏک سمجهندا هئا. وٽس هاڻ اچي گهڻو وهندا هئا. ماسي آسيت لاءِ ڪونہ ڪڇندا هئا پر لڳندو ائين هو تہ وٽس تعزيت لاءِ ويٺا آهن. ڏاڏي عثمان (اسان جي ڏاڏي جي ننڍي ڀاءُ) گهر کي ماسي آسيت جي ويچار ۾ جو ڏٺو تہ سڀني کي دڙڪا ڏنائين تہ ”اڙي، انھيءَ ڪاسائڻ جو تڏو وڇايو اَٿوَ ڇا؟ اِها ڪاسائڻ توهان جي ماءُ لڳندي هئي جو گهر ئي اونڌو پيو آهي. گهر کي جي ماٺ هئي تہ ڏاڏي سونل بہ چپ هئي. هوءَ جا ٺھي جُڙي ڪنن ۾ پنڙا پائي ڦڻي ڦوڪارا ڪري کٽ تي ويھي حڪم هلائيندي هئي، تنھن هاڻ نہ رڳو پنھنجو حڪم هلائڻ ڇڏي ڏنو، پر آهستي آهستي حاڪمن جا حڪم مڃرائڻ بہ تَرڪ ڪندي وئي. نھرن کي هلڪي سلڪي ڇوٽ ڏئي ڇڏيائين. هاڻ هوءَ ڪنھن کي بہ نہ روڪڻ لڳي. آهستي آهستي هن حويليءَ ۾ اڳکان وڌ ٽھڪڙا گونجڻ لڳا ۽ آزاديءَ جي هوا گُهلڻ لڳي. ننڍي ڏاڏي عثمان کان بچ بچاءُ جي ڪري هيءُ گهر وڻندڙ ماحول ۾ هلڻ لڳو. ڏاڏي سونل ويچاري اڪيلي ٿي پئي هئي ۽ پوئتي بہ پوندي وئي. ڪو چڱو وقت گذري ويو پر ڏاڏي سونل جا ٽھڪڙا ڊاڙا ٺڪاءُ ڪنھن نہ ٻڌا.
هڪ ڏينھن مان گهٽيءَ ۾ ٻين ساٿين سان گڏ اِٽي ڏڪر کيڏي رهيو هئس تہ ڏٺم تہ گلو مٿي تي اُهو ئي ماسيءَ وارو ڇٻو کنيو اچي پيو. ڇٻي تي ڪپڙو هو پر پڪل شيخون نظر اچي رهيون هيون. هو هاڻ وڏڙو بہ ٿي ويو هو. مون پري کان هٿ لوڏي کيڪر ڪئي مانس، مان راند ۾ مشغول هوس ۽ هو حويليءَ ۾ هليو ويو. اوچتو ڏيڍيءَ مان رڙيون ٻڌم. اسان ڊوڙياسين، ڏاڏو عثمان گلوءَ کي ٿڦڙن سان ڪُٽي رهيو هو. ڇٻو اُڇلائي ڏنو هئائين، پڪل شيخون زمين تي وکريون پيون هيون. گلو رنڀون ڪري روئي پيو ۽ ڏاڏي عثمان جي رڙ پئي پيئي: ”هل هتان ڪاسائي، ڪاسائيءَ جا پٽ. هيڏو سارو ٿي ڪري نياڻين سياڻين ۾ ڏيڍين ۾ اندر ٿو وڃين.... نڪر هتان.“
ڏاڏي عثمان هن کي گهلي هڪ ڏيڍيءَ مان ڪڍي ٻي ڏيڍيءَ، اُتان گهليندو اچي گهٽيءَ ۾ ٻاهر اڇليائينس. هو اڃان ٻيون رڙيون ڪري ها پر ائين پويان رڙيون ٿي ويون:
”اڙي عثمان! نہ مار منھنجي ٻچي کي.... اڙي ايڏو ظلم نہ ڪر معصومن سان.“ ڏاڏي سونل ڏيڍيءَ جا وَر وڪڙ سڀ لتاڙي گهر کان ٻاهر گهٽيءَ ۾ بنا رَئي پوتيءَ ۽ جتيءَ جي مٽيءَ ۽ ڌوڙ ۾ ليٿڙيل گلوءَ کي ڇاتيءَ لائي هيٺ ويٺي هئي. هيءَ هن خاندان جي وڏي هئي، پر هاڻ خاندان جي ريتن رسمن ۽ قاعدن قانونن جي رکوال اُنھن زنجيرن کي ٽوڙي ڇڏيو هو. هوءَ گلوءَ سان گڏ رڙيون ڪري ۽ پار ڪڍي رهي هئي. ڏاڏو عثمان ڪا گهڙي سُن ٿي ويو هو. پوءِ هو ڏاڏي سونل کي اُٿارڻ لاءِ وڌيو، پر ڏاڏي گهوري ڏٺس ۽ رڙ ڪري چيائينس: ”خبردار عثمان! مون کي يا هن نينگر کي هٿ لاتو اٿئي؟“
ڏاڏي سونل يڪدم مون ڏانھن رخ ڪيو: ”بابلا وڃ وڃي ٽانگو ڪري آ مان هاڻ هتان ئي ڪاسائين جي پاڙي ويندس، ڏسان تہ مون کي ڪير ٿو روڪي؟“ منھنجي سوٽ کي چيائين ”اڙي وَڃ منھنجو وڏي چادري ۽ چمپل کڻي آ.“
هوءَ اُتي ئي مٽي ۾ ويٺي هئي ۽ گلڻ کي پرچائي رهي هئي. ”نہ منھنجا ٻچا، بس، بس گهور وڃانءِ مان هلان ٿي نہ تنھنجي گهر، تنھنجي ڏاڏيءَ لاءِ تہ هلان ٿي نہ.“ هوءَ هن دفعي روئندي رهي روئندي رهي، سندس اکيون هاڻ ميگهہ ملھار ڪيو بيٺيون هيون، جن آڳ وسڻ کان بس ڪئي هئي تن اڄ وسڻ کان بس نہ پئي ڪئي.

اکڙيون ميگهہ ملھار کانپوءِ ڇوٽڪاري جو پيغام

ڏاڏي سونل جڏهن چادري پائي جهُنڊ هڻي هڪ اک سان دنيا جھان کي ڏسندي اچي ٽانگي ۾ چڙهي تہ هن جو ڳاٽ فخر کان اوچو هو. هن حويليءَ جي سالن کان هلندڙ روايتن کي جنھن نموني سان شڪست ڏني هئي، اهو سندس ئي مَرڪُ هو. سندس جگر ۽ همت کي شاباس جو اڄ هيءَ ڪاسائين جي پاڙي پنھنجي ساهيڙيءَ جو مرڻي جو پير ڏيڻ پئي وئي .
هوءَ ٽانگي تي پويان ويٺي هئي ۽ هن مون کي چادري جي اندران هڪ ٻانھن سان قابو جهليو هو ۽ ٻئي هٿ سان چادري کي سوگهو جهلي اک ڪڍيو ويٺي هئي. سندس هنج مون لاءِ ڪشادي هئي، پر مائي ڪاسائڻ جو پوٽو منھنجي ڀرسان ويٺو هو ۽ هوءَ ان کي بہ ڄڻ سنڀاليو ويٺي هئي. يَڪُو ٽانگي وارو هن ڪٽنب جو پراڻو خدمت گذار هو. حويلي وارن يا اوطاق وارن سيٺين کي جنھن مھل وهٽ جي ضرورت پوندي هئي تہ يَڪُو دايو ٽانگي سوڌو هڪيو تڪيو حاضر هوندو هو. پر اڄ يڪو بہ ٽيڪيو ويٺو هو ۽ کيس خبر هئي تہ سندس خاص الخاص سواري ڪير آهي. هن وڏي خاندان جي سربراهه، ڏاڏي سونل پنھنجي وَڏوَرَ پوٽي سان گڏ سوار هئي. سيٺين جي حويليءَ کان نڪرندي رستي جي پرئين پاسي سيٺين جا باغ آهن. ڏاڏي سونل جي وڏڙن جا هنيل باغ، ان جي رستي سان هيءُ وڻراهه، گهوڙي جي مستانا چال، ڏاڏي سونل کي آزادي واري فضا ۾ آڻي ڇڏيو هو. هوءَ هيڏانھن هوڏانھن نظر هڻندي اڳتي وڌي رهي هئي. هن کي اڄ اهو محسوس ٿي رهيو هو تہ ٻاهر جي دنيا کي بہ ڪئين ئي رنگ آهن. ساين کجين جا لھرائيندڙ پاڇا ڪئي گهرا ڪئي ڇڊا، ڪئين ئي سر سبز ساوا پَٽُ. ڪٿي بہ هن ساوڪ کان سواءِ، پَٽُ نہ ڏٺو. هن کي لڳو تہ اها ئي ساوڪ، اها ئي پوک اهي ڊگها سڌا هنيل کجين جا وڻ، سندس وڏڙن جي عظمتن ۽ اوچاين جا اهڃاڻ آهن. هنن پونيرن کيس ڪھڙي بند ۾ اچي هنيو آهي. هوءَ شايد اهو ڪجهہ سوچيندي ئي هلي. مون کي بہ ائين لڳو تہ هيءُ سڳنڌ واسيل جھان ڏاڏيءَ کي بي چين ۽ وياڪل ڪري رهيو آهي. هوءَ جهاڪن سان گڏ ڦٿڪي رهي هئي. سندس جسم هيڏانھن هوڏانھن ڦٿڪي رهيو هو. هن مون کي ويجهو ۽ قابو جهليو، هاڻ مان هن جي دل جي ڌڪ ڌڪ بہ ٻڌي رهيو هوس. ان گرمائش کان منھنجو وجود الڳ نہ هو. مان ان ماحول ۽ ڏاڏي جي وجود ۽ احساس کان الڳ نہ هوس. ائين مان احساسن جي خوابن مان جاڳي پيس، جڏهن يڪي ٽانگي واري ٻُچڪرن سان گهوڙي کي روڪيو: ”بس! پٽ بس... شاباس پٽ شاباس!“ گهوڙو رينن جي ڇڪڻ ۽ ٻچڪرن تي ڪاسائين جي هڪ ويڙهي جي وڏي در وٽ بيھي رهيو.
ائين گُلو ڏاڏيءَ جو هٿ ڇڏائي سڌو هيٺ ٽپو ڏنو. ڏاڏيءَ گهڻو ”هان هان“ ڪئي پر گلو هوا ٿي ويو ۽ ويڙهي جي اڌ کُليل در مان رڙيون ڪندو اندر داخل ٿيو.
”اڙي امان وڏي آئي آهي... اڙي ڏاڏي سونل آئي آهي.“
ائين ويڙهي جون مايون رڙهي اچي در وٽ بيٺيون. ڏاڏي سونل ٽانگي مان آهستي آهستي لٿي، هلي اچي در وٽ بيٺي. ماسي آسيت جي ڀيڻ وڌي اچي ڏاڏي کي کيڪاريو. جيئن ڏاڏي در اندر داخل ٿي، تہ مايون وڪوڙي ويس، ”ڏاڏي ڀلي آئينءَ“، ننڍين کيڪاريس.
”ادي ڀلي آئينءَ“، وڏڙين اچي ڀاڪر وڌس.
”ماسي کيڪاريومانءِ... ڀلي آئين... جيءُ آئين“. ميڙ مان ڪي ه_ڪاٺ جون تڪڙيون ۽ سَٻرُ مايون نڪري آيون.
ڏاڏيءَ جو هڪ هٿ چادري جي ٻُڪل مان نڪري هنن سان ملندو وڃي، ٻئي هٿ سان هُن مون کي قابو جهليو هو.
هن ويڙهي ۾ چڱا گهر هيا. ڏاڏيءَ کي هڪ پڪي گهر جي ورانڊي ۾ کٽ تي رلي وڇائي اچي وهاريائون. ڪي مرد ننڍا يا وڏا يڪدم ٻاهر نڪري ويا. ڏاڏي چادري لاهي بالم ٿي کٽ تي ائين چڙهي ويٺي ڄڻ پنھنجي گهر اندر ويٺي هجي. هيءُ چوڌاري جيڪو راڄ مڙيو هو سو سندس پنھنجو هو. وڏڙين سڀني کي هيءَ سڃاڻي پئي. شادي غمي ۾ هيءَ وَلَرَ سندس خاندان جي واهر ڪندا آيا هيا. اڳي هو وٽس ويندا هيا، اڄ سندن خبر گيري ڪرڻ واري خاص طرح ماسي آسيت جي ساٿياڻي وٽن هلي آئي هئي. ڪي سامھون کٽن تي چڙهي ويٺيون، ڪن کي هن ڇڪي پاڻ واري کٽ تي ويھاريو جو همسري ڪري ساڻس گڏ وهڻ کان هٻڪيون پئي.
سڄي ويڙهي ۾ هر هڪ جا عجب جذبا هيا. ڏک ۽ خوشي جون گڏيل ريکائون سندن چھري تي ڦھليل هيون. مون اهو سڀ ڪجهہ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو جو مان سمجهہ سان هيس. گُلو کان تہ وڏو هيس. ڪن رنو پئي تہ ڏاڏيءَ بہ ڳوڙها پئي ڳاڙيا، ڪن جا ڳوڙها ڏاڏي پئي اگهيا. غم جا پاڇا گهڙي ۾ جهڪا ٿي ويا تہ ڏاڏي هڪ هڪ جو نالو کڻي ساڻن خوش خير عافيت ڪئي.
”ادي شفاعت! تون خوش آن... ادي مومل! ڪيئن آهين، هاڻ تہ ڇوڪرا ڪمائڻ لڳا هوندءِ... ادي شانل! تنھنجون نھرون ڪيئن آهن؟... ۽ ادي آسيت تنھن جون نھرون ڪٿي آهن... اڙي ڇوڪريون ويجهو اچو تہ ڏسانوَ تہ سهي تہ ادي شانل ۽ ادي آسيت ڪھڙيون موملون آنديون آهن.“
ڪي نينگريون کجڪو ڪنديون هڪ ٻئي کي اڳ ڪرڻ جي ڪندي اچي ڏاڏيءَ سان جهڪي مليون. ڪن منھن موچارين سان چڱي طرح ملي تہ ڪن شڪل جي سادين کي ڏسي ٿورڙو منھن کي موڙو ڏنائين. ڏاڏيءَ جي ڪچھري، ملڻ جلڻ، کلڻ بحال ٿي ويو هو. آهستي آهستي محفل مچندي وئي. ڏاڏيءَ لاءِ سندس پسند جي جوئر جي ماني، بصرن، مرچن مسالن سان ڀريل مکڻ جو مَکُ ڏنل ۽ لسي کڻي آيا. مون کي ڊڳڙي تي مکڻ ۽ مٿان کنڊ ٻُرڪي ڏنائون. ڏڌ مون بہ پيٽ ڀري پيتو. يڪي ٽانگي واري جي ٻاهر لئہ لڳي پئي هئي. ائين يڪي ڀڻڪو ڪڍيو تہ ”اندر چئو تہ ڏينھن تپي باھہ ٿي ويو آهي... جيجيءَ کي چئو تہ جيترو جلد نڪري اوترو سٺو.“
اسان اچڻ ۾ منجهند تہ ڪري ڇڏي، هاڻ ڪجهہ پاڇا بہ لڙيا هيا پر ٽئين پھر جي گرمي کي پنھنجا رنگ آهن. ڏاڏيءَ جو ٻڌو تہ بِرُ ٿي وئي: ”ماريي يڪي جو مٿو بہ تپي ٽامڻي ٿي ويو آهي. روز روز تہ نڪرڻ نہ ڏيندا. اڃا حجمن جي پاڙي بہ هلڻو آهي. ٻڌو اٿم تہ ڪمون حجم جي گهر واري... مُلي ڏاڍي بيمار آهي... جيڪر وڃان ۽ کيس پل لاءِ بہ ڏسي اچان.“
ڏاڏيءَ کي پويان جا سور سُجهيا پي، هوءَ ڀڻڪندي اُٿي ۽ ٻہ ٻہ ڀاڪر ڀري هر هڪ کان موڪلايائين ويڙهي جي در تائين هيءَ سادڙيون سودڙيون، ننڍيون وڏيون پر قربائتيون مايون نڪري ٻاهر ٿي بيھي رهيون. ڏاڏي ٽپ ڏئي پويان ويٺي تہ مان بہ ڀرسان ئي ويٺس. هن مون کي اهو ئي ڀاڪر ۾ قابو ڪيو. گلو هن دفعي يڪي سان اڳيان ٿي ويٺو. يڪي ٽانگي جي ڦيٿي ۾ لڪڻ وجهي ٺڙ ٺڙ جا آواز ڪڍندو وڏي رستي تي آيو تہ ڏاڏي اتان ئي هڪل ڪيس.
”هان هان! يڪا تنھنجو ۽ تنھنجي گهوڙي جو هڪڙو ئي رستو ڏٺل آهي ڇا. ٻيو تڪڙ ڇاجي لاتي اٿئي. ابا! نڪتا آهيون اوير سوير انھيءَ عثمان جي ديري تي پھچي وينداسين،“ ڏاڏيءَ جو عثمان جو نالو وٺندي وات ڪوڙو ٿي ويو. ”في الحال تہ حجمن جي پاڙي عبدالڪريم ڪمونءَ جي گهر هل تہ سندس گهرواريءَ کان پڇي اچون.“
يڪو ٽانگي وارو هن حويليءَ جو پراڻو ٽانگي وارو هو. حويلي جي ڊيوٽي يا اوطاق وارن ڏاڏن يا چاچن جي ڊيوٽي مٿس هئي. سندس پٽ جو ٽانگو يا داين جا هڪ ٻہ ٻيا ٽانگا هن در جا ٻَڌل هئا. يڪي ڪنڌ لوڏي ها ڪئي، اڳيان هلي هڪ گهٽيءَ ۾ مڙي ويو. هيءُ گَسُ پنڌ ويجهو هو ۽ ڏاڏيءَ جي منزل جو ٻيو ڏاڪو هو.
ٽانگو هڪ ڪچي پڪي جاءِ وٽ بيٺو. ڏاڏي ٽپ ڏئي لٿي. مون کي هيٺ لاٿائين ۽ هڪ اک چادري مان ڪڍي هيڏانھن هوڏانھن ڏٺائين. هن ٽامڻي منجهند جو گهٽي خالي هئي. هوءَ جهڙاپ ڪري هڪ در اندر داخل ٿي، ڄڻ کيس خبر هئي تہ ڪمون حجم جو گهر هيءُ آهي. اندر گهڙياسين تہ ننڍڙي اڱڻ ۾ ڪير ڪونہ هو. هوءَ اسان جي اڳواڻي ڪندي ورانڊو لتاڙي هڪ گهٽي مان ٿيندي جاءِ جي پويان ٺھيل هڪ ڪمري تي هلي بيھي رهي. ”هيءَ جاءِ منھنجي ڏٺل آهي. جڏهن تنھنجو ڏاڏو حيات هو تہ هتي شادي غمي تي ايندي هيس. ڪمونءَ جي گهر واري شادي جي موقعي تي پنھنجيون ڀاڄايون وٺي اسان جي گهر ڊڳڙين جا ٿها پچائي ڏئي ويندي هئي.“
هن ساهي کڻي مون ڏي ڏٺو، پوءِ ٻيڪڙيل در تي ٺڪ ٺڪ ڪيائين. اندران مڙداڻو آواز آيو.
”ابا! ڪير آ... هليو آ.“
ڏاڏي ڪا پل بيٺي رهي. ائين جهونڙو ڪمون حجم، جيڪو هر هفتي اَسان ۽ اسان جي سوٽن جا وار لاهيندو هو، ڪڏهن اُبتي پاڪي وهائي من الپٽي ڪري ڇڏيندو هو. ”ابا هينئر ٺوڙهو ڪرائيندو تہ وڏي هوندي ڏاڍا گهاٽا وار ايندؤ... اچو اچو...“ اسان مان ڪي ڀڄي ويندا هئا، ڪي سندس جهڙپ ۾ ايندا هئا. شادي غمي ۾ اچي رڌ پچاءُ ڪندو هو، رڌ پچاءُ جو وڏو ڪاريگر هو. پلاءُ ۽ پساھہ اهڙو پچائيندو هو جو چئي کڻي بس ڪر. ڪمري جو در کليو. ڪمون جيڪو پوڙهو ٿيو هو پر کڙو تڙو سامھون بيٺو هو. هن مون کي جو ڏٺو تہ يڪدم سڃاتائين، ڏاڏي جيڪا هڪ اک ظاهر ڪريو بيٺي هئي پر ان جي بيھڪ ۽ کڙي تڙي ڳالھائڻ مان سمجهيائين تہ حويلي جي وڏڙي آئي آ.
”ابا! ادي مَمُل کي پڇڻ آيا آهيون... ڪٿي آ.“
هو اڳيئي هَڪو ٻَڪو ٿيل بيٺو هوا کر نہ اڪليس، يڪدم در کولي اشارو ڪيائين. اسان ڏٺو ماسي ممل منھن ويڙهيو پئي هئي. ڏاڏي اندر گهڙي ۽ ڪمون گولي ٿي ويو. ڏاڏيءَ جڏهن منھن تان چادر جو پلئہ هٽايو تہ ماسي ممل جيڪا بيماري وگهي ساڻي ٿيو پئي هئي ٽپ ڏئي اُٿي ويھي رهي. ڏاڏي ڀرسان ويھي دلجوئي ڪيس تہ مائي ڄڻ مُني چاڪ. گهڙيءَ ۾ ماسي ممل جون ڌيئر ٻين ڪمرن مان نڪري نروار ٿيون. ڪي شربت تہ ڪي سڱر مرملا ۽ بسڪوٽ کڻي آيون. ڏاڏيءَ سڀ سوري مون آڏو رکيو. ڏاڏي گهڻو وقت نہ ويٺي پر پُر بھار ٿي اُٿي. اڱڻ تي آئي تہ در ۾ در هو. هوءَ هڪدم ٻئي گهر هلي وئي.ا ئين ڪيئي گهر گهمي آئي. ڪنھن گهر کي پٽڙي جو اولاد ٿيو هو تہ ڪنھن گهر اگهائي هئي. ڏاڏي طوفاني دورو ڪندي اچي ٽانگي ۾ ويٺي. مون کي ڇڪي مٿي ڪيائين ۽ ڀاڪر ۾ جهليائين. گلو اهو ئي اڳيان. يڪي دير ئي نہ ڪئي. پاڇا لڙي هليا هليا. ڊگهين کجين پويان سج لڪندو پئي ويو. شام وارو هڳاءُ رستي تي جام هيو. ڏاڏي وڏا ساھہ پئي کڻي ۽ هڳاءُ کيس ڪنھن ٻئي ديس پئي نيو. مون بہ ٽي دفعا وڏا ساھہ کنيا ۽ وڻن ٻوٽن جي خوشبو مزو ڏئي ڇڏيو. هاڻ منزل پري ڪانہ هئي. گهوڙي جي سنبن جو آواز آهستي آهستي گهٽبو ويو ۽ پوءِ بيھي ويو.
حويلي اچي وئي هئي. گهوڙو حويليءَ جي ٻاهران گهيڙ وٽ بيھي رهيو. ڏاڏيءَ چادري اندران، رئي کي سٽ ڏئي ٿورو ٻاهر ڪڍيو ۽ ڪنڊ ۾ ٻڌل ڳنڍ مان ٻہ ڊينگلا رپيا ڪڍي يڪي کي ڏنا. هو وائڙو ٿي ويو. ڀاڙو کيس اوطاق تان ملندو هو، ٻيو اَنُ اناج الڳ ملندو هو. هن گهڻي نہ نہ ڪئي پر ڏاڏيءَ دڙڪو ئي هڪ ڏنس.
”اڙي بابا وٺ. مکڻ پئي مٿو ٿو رجئي. مان چوانءِ ٿي تہ وٺ... فائدي ۾ رهندين. هاڻ تون هوندين ئي منھنجي ڊيوٽيءَ ۾.“ يڪي وڌيڪ دڙڪن کان بچڻ لاءِ ڊينگلا ورتا. ڏاڏي حويليءَ ۾ داخل ٿي تہ ڏاڏي عثمان جو گوڙ لڳو پيو هو. اڄ تاريخي حڪم عدولي ٿي هئي. سڄو گهر هن جي آواز سان گونجيو پئي ۽ مَڪين ويچارا سهميا پيا هئا. ڪُڇڻ جي بات نہ هئي. ڏاڏي کي ڏسي سڀني جي پيٽ ۾ ساھہ پيو. سندن منھن تي رونقون موٽي آيون. ڏاڏي چادري لاهي کٽ تي سٽي.
”ڇائي... گوڙ لاٿو اٿئي عثمان! اسان کي جيئڻ بہ ڏيندين يا نہ.“ پوءِ هن منھنجي چاچي ۽ پنھنجي ننڍي پٽ کي سڏ ڪرايو.
”اڙي، حاجن ڪاٿي آهي، سڏ ڪيوس.“
چاچو حاجن ڪمري مان اکيون مهٽيندو ڊوڙندو نڪتو.
”جي قبلا! جي قبلا!“
”حاجن! مون جو توکي چيو هو تہ ڪا جاءِ هٿ ڪر، اسان کي هن حويليءَ ۾ ناهي رهڻو. هت گهُٽَ ٻوسٽُ آ. ڇوٽڪارو کپي، هن عذاب کان ڇوٽڪارو!“
”قبلا جاءِ وٺي ڇڏي آ... ڀرسان ادي وڏي لاءِ جاءِ بہ ورتي آهي. هيءُ وانڪيون جايون هيون، ڪليمن ۽ مھاجرن کي مليون هيون. ڪجهہ ڪاڳرن ۾ ۽ ڪجهہ مرمت ۾ وقت تہ لڳي ويندو. توهان سڀاڻي هلو.“
”سڀاڻي ڇو؟ اسين اڄ هلنداسين.“ ڏاڏيءَ جي ڳالھائڻ ۾ فَلڪَ هئي. هن ڏاڏي عثمان کي ٻڌائڻ پئي چاهيو.
”بابلا! وڃ يڪي کي چئو تہ گهڙيءَ ۾ موٽي اچي داين جي سڄي آڪھہ جا جيڪي ٽانگا اٿس وٺي اچي. اسين اڄ لڏيون ٿا. جيڪي ديوان لڏي ويا تہ اسين سندن جاءِ ڀرينداسين. اسان جا وڏڙا بہ لھاڻا هيا. اسين کانئن ڪھڙو جادو آهيون. وڃ جلدي ٽانگن جو چئي آ. هن گهر جو تہ پاڻي بہ حرام آ.“
بس وٺ وٺان ٿي وئي، سامان ٻڌجي ويو. ڪجهہ ٽانگن تي ويو ڪجهہ هٿو هٿ ويو. جڏهن ڏاڏي وَلرَ ۽ نھرن سان حويليءَ مان هلڻ لڳي تہ سج لھي چڪو هو. لالٽين جي روشني تي هن اُنھن اداس چھرن کي ڏٺو، جن کي ڏاڏي عثمان جي حاڪميت ۾ اڃا گذارڻو هو. هوءَ مرڪي پئي.
”دل نہ لاهيو، نئين سج نڪرڻ سان توهان بہ هتئون نيٺ نڪرندو، هر هڪ کي پنھنجو گهر هوندو. عثمان گهڻا ڏينھن جيئرو هوندو.“
پوءِ پٺي ورائي ڏاڏي عثمان کي گهوري ڏٺائين. هو پينگهي ۾ خاموش ويٺو هو. ”عثمان مان وڃان ٿي، ٻين کي تنگ نہ ڪجانءِ، اهي پکي بہ اُڏري ويندءِ. تون هنن جي ڳڻتي نہ ڪر، رڳو پنھنجو فڪر ڪر ڪڏهن ٿو تنھنجي پاپن جو گهڙُو چوُر ٿئي. اڙي! معصوم ماريا اٿئي، معصومن ۽ ابهمن جي مار پوندءِ. گنهگار تہ مان بہ آهيان پر ڌڻي منھنجا گناھہ بخشيندو. ڪا خير خيرات ڪندس، هنن ابهمن کي آجو ڪري پڙهائيندس. ٻي دنيا ڏيکاريندس تہ ڪجهہ چڙهي پوندس. هن جمعي تي خيرات آهي. سڄي ڳوٺ کي دعوت آهي، توکي ۽ باقي هن بچيل ڪٽنب کي بہ دعوت آهي پر اهو خيال ڪجانءِ تہ هن دعوت ۾ غريب ڪاسائي ڪاسائڻيون، حجم ۽ حجمياڻيون، دايا ۽ دايون، ڪڙمي ۽ ڪاسبي سڀ هوندا. پلئہ سوگها ڪجانءِ ۽ ڏسجانءِ متان تنھنجو پلئہ لڳي پوي ۽ مانُ هيٺ ٿئي.“ ڏاڏي ايئن، اهو ئي چادري جو ٻُڪل هڻي ڏيڍيءَ کان ٻاهر نڪري وئي. هيل کيس ڏيڍي سڌي ۽ بنا ور وڪڙڻ جي لڳي. هوءَ سڌو يڪي واري ٽانگي ۾ اچي چڙهي. يڪي مون کي مٿي چاڙهيو. ڏاڏي ڀاڪر ۾ جهليو. ائين ڪنھن آواز ڪيو.
”ڏاڏي امان!“
هيءُ گُلو هو جيڪو گهٽيءَ ۾ يڪو ويٺو رهيو هو ۽ هاڻ ڏاڏيءَ کيس ڇڪي مٿي ڪيو ۽ پنھنجي ٻئي پاسي ويھاريائين ۽ کلي چيائين، ”اڙي تون تہ منھنجي سِرَ سان آهين.“
ڏاڏي ڏاڍي ڪَرُو فڙ سان ويٺي ۽ اچي نئين جاءِ ۾ داخل ٿي.
ڳوٺ وارا چون ٿا تہ هئڙو خيرُ اسان حياتيءَ ۾ ڪڏهن ڪونہ ڏٺو. ڳوٺ جو ڪو ڪٽنب ڪو قبيلو نہ رهيو هو. ڪو غريب غربو، پورهيت ڪونہ رهيو هو، رڳو عثمان بچيو هو جيڪو خاموش حويلي ۾ ويٺو رهيو ۽ ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ واءُ ٿي ويو. کيس ڪير بہ ياد ڪونہ ٿو ڪري، پر اڄ بہ ڏاڏي سونل سڀ ڪنھن کي ياد آهي. هن جا سڀني سان پير ڀريل ياد آهن ۽ مون کي ڏاڏي سونل نہ ٿي وسري. خاص طرح هن جو ڇوٽڪاري ۽ آجپي وارو هڳاءُ وارو سفر جنھن سان چوڌاري ڇوٽڪاري جي هوا گهلي وئي. اڄ هندن ديوانن وارا گهر آباد آهن پر نوان گهر ٺھيا آهن. ور وڪڙ ڏيڍين واريون قديمي حويليون ڊهي چڪيون آهن. ان سان ڏاڏي سونل جھڙا مڻيادار ماڻھو بہ ڊهي ڀُري پنھنجن قدرن جي پرچار جي وزن سان گڏ زمين اندر دفن ٿي ويا آهن. پر سندن ڏنل پيغام اڄ بہ ”انسان جي ظلم ۽ ڏاڍ کان ڇوٽڪاري“ جي صورت ۾ چوڌاري گونجي پيو.

(هيءَ ڪھاڻي ”مھراڻ“ جي گذريل پرچي ۾ ڇپيل ڪھاڻي ”اکڙيون ميگهہ ملھار“ جي تسلسل ۾ لکي وئي آهي.)

آخري درخواست ۽ پھرين تيلي

هن منھنجي اُجڙيل جهير جهير ۽ ڀور ڀور ٿيل شھر جي اوج جا ڪيئي نشان ذهن کي ڪيترن ئي ڀاڱن ۾ ورهايو بيٺا آهن. ڪھڙي نشان کي اول کڻان؟ عظيم عمارتون ڏسيانوَ يا انھن جي آسپاس ڀٽڪندڙ روح ڏسيانوَ، يا ڪي انسان بہ ڏسيانوَ جن جو گذر سفر انھن عمارتن ۾ ٿيندڙ وهنوار تي هوندو هو. اُهي ئي تہ هيا جن هنن عمارتن کي دوام بخشيو، جو هُو هليا ويا پر عمارتون قائم آهن.
هيءَ عمارت پڪي پختي وڏن ڪمرن ۽ ڪوٺين سان گڏ بلند ۽ بالا ڪنگرن سان اڄ بہ قائم آهي. هيءَ عمارت هتي جي مختيارڪاري آهي. ڪورٽ بہ آهي تہ کاتي بدل سدل جو هنڌ بہ ۽ تپيدارن ۽ سرشتيدارن جو ڳڙھہ بہ هيءُ تہ جياپي جو هنڌ بہ هيءُ. پر ڪي پورهيت ۽ غريب مختيارڪاريءَ کان ٻاهر وڻن جي ڇانوَ ۾ ويٺا وڏي دروازي ڏانھن نھاريندا تہ ڪڏهن ڪي درخواست گذار کانئن درخواست لکائڻ لاءِ اچن ٿا. هيءُ ٻہ چار عريضي نويس سڄو ڏينھن هت گذاري ڇڏيندا هيا. گهر ويندا تہ ٻہ ٽي رپيا جُڙين تہ وڏي ڳالھہ آهي. ڀلا جت درخواست لکاڻي ريٽ اُنھيءَ زماني ۾ (پائلي) چار آنا يا (آڌيو) اٺ آنا. وڏي ڦڏي واري درخواست تي ڊينگلو رپيو. باقي ڪو دستاويز اچي ويو تہ سٺا پيسا جڙندا هين، نہ تہ ڪڏهن خير ئي خير. هيءُ ٻہ ٽي عريضي نويس، مختيارڪاريءَ جي وڏي لوهي شيخائين گيٽ جي ويجهو ئي ويھندا هُيا. گراهڪن کي پاڻ يا سندن ماڻھو وڃي چنبڙندا هيا. هنن کان پرڀرو هڪ بزرگ اڇي سلوار خميس پھريل، اڇي ڪاري گاڏڙ سنوارت ڪيل چاپئين ڏاڙهي سان، ميز ڪُرسي وجهيو ويٺو هوندو هئو. هُن سان گڏ هڪ ننڍڙو گلن جھڙو ٻارڙو ويٺو هوندو هو يا ويٺو کيڏندو هو. هو بزرگ نہ ڪنھن کي سڏ ڪندو هو، نہ ڪنھن درخواست گذار سان ريڙھہ پيڙھہ جيڪو جيڪي ڏئي وڃي اُهو روزي ۽ وٺي ٽيبل جي خاني ۾ وجهي ڇڏيندو هو. هيءُ هو هنن سڀني ۾ معزز ترين شخص سائين محمد ڇُٽل ۽ ساڻس گڏ هو سندس پيارو پوٽڙو، جيڪو هر هر چوندو هيس ته: ”ڏاڏا! گهر هلون... پيشا گهڻا ٿيا آهن.“ محمد ڇٽل خانداني طرح رئيس، پر حالتن پٽاندر اچي عريضي نويس ٿيو. پاڻ فائنل پاس پر ٽي درجا انگريزي بہ پڙهيل هو. اُن وقت فائنل ۽ ٽي درجا انگريزي بہ وڏي ڳالھہ هئي. سندس هٿ اکر پڪا، پراڻي ۽ پختي لکت هئي. انگريزي بہ اهڙي ئي ڏانوَ ۽ ماهرانہ انداز سان لکيل هوندي هئي جو ”خانصاحب“ (مختيارڪار صاحب) کيس گهرائي سرڪاري نوٽ بہ لکرائيندو هيو، جو هُو ڪجهہ وقت مختيارڪاريءَ ۾ ڪلارڪ بہ رهيو هو. هن جي هوشياري ۽ قابليت جا هواڻ پري پري تائين ٻُڌبا هيا. ماڻھو روينيو جي مُنجهيل معاملن ۾ کانئس صلاح وٺڻ ايندا هئا. رئيس محمد ڇٽل مشورو مفت پر درخواست لکاڻي اُهائي پائلي (چار آنا) يا آڌيو (اٺ آنا) يا وري ڊينگلو رُپيو. دستاويز جي رقم ڪجهہ سرس. اُن ڏينھن هو ڏاڍو خوش هوندو هو جڏهن کيس هڪ ٻہ دستاويز ملي ويندا هئا. هو پائليون، آڌيا، رُپيا، پوتڙي جي ڪنڊ ۾ سُڪ ٻڌي گهر روانو ٿيندو هو. گهر وڃڻ مھل بزار وچان ٿيندو، پرڀداس پنساريءَ کان پائلي جي ٿاڌل جي پُڙي ٺھرائي گهر ويندو هو. هُن جو پنھنجي گهرواريءَ شمل سان ايترو پيار هوندو هو جو اندر ڪوٺيءَ ۾ سڏي پوتڙو هُن جي حوالي ڪندو هو ۽ شمل ڳنڍيون کولڻ کان اڳ ۾ پوٽڙي گل کي سڏ ڪندي هئي: ”گل! ڏاڏا هن مان گهڻيون پائليون کپايون.“ گل ٺينگ ڏيندي چوندو: ”ڏاڏي! هڪ.“ پوءِ هوءَ ڪاٺ جي پيتي جو ڪلف کولي ڪاٺ جون جنڊيءَ لٿل نقشن واريون دٻليون ڪڍي ايندي هئي. هو هڪ دٻلي ۾ پائليون، ٻيءَ ۾ آڌيا ۽ وڏي داٻلي ۾ رپيا وجهڻ کان اڳ شمل کي وهاري چوندو ويندو هو: ”شمل، هيءَ پائلي تنھنجي، هيءَ پائلي منھنجي“. ائين پائلين جي ڳڻپ پوري ٿيندي هئي تہ آڌين جو وارو ايندو هو. هو خوش ٿيندو ٽھڪڙا ڏيندو پنھنجي جهونڙي شمل جي ڪڏهن ڳلن تي تہ ڪڏهن سندس آڏو رکندو ويندو هو ۽ چوندو ويندو هو: ”هيءُ آڌيو تنھنجو هيءُ آڌيو منھنجو.“ پوءِ ڊينگلين رُپين سان بہ اها راند ڪندو ويندو. اوچتو سڀئي پائليون سڀئي آڌيا ۽ سڀئي رُپيا شمل مٿان گهوري پوءِ چوندو ويندو: ”آخر گل جا ٿيا نه“، پوءِ دٻلين ۾ بند ڪندو ويندو. ”شمل، هي ڏس چاندي ئي چاندي. هن عمر ۾ بہ ڪمائي توتان گهوريان ٿو. ڏس، ير، ائين الله توهار نہ ڪجانءِ. هن جهونڙي کي ڇڏي نہ وڃجانءِ.“ شمل ويچاري کنگهندي کنگهندي مُرڪي ڏيندي هئي ۽ چوندي هئي: ”ميان، مان پوڙهي توکي هاڻ ڇڏي ڪاڏي وينديس؟ مري وڃان تہ ٻي ڳالھہ آهي. تون اڃا جوپ لڳو پيو آهين، متان تون...“ ڇٽل ڳراٽڙي پائي چوندو هيس. ”اهڙي وائي تہ نہ ڪڍ.“
هو شمل سان بي انتھا پيار ڪندو هو. پوءِ هو اُٿي کيس ماني ڏيندي هئي. هو ماني بہ شمل جي هٿان کائيندو هو. سندس پوٽو گل بہ ساڻس گڏ ماني کائيندو هو. مانيءَ کان پوءِ هو جهٽ گهڙي آرام ڪندا هئا. پوءِ هو وڏي صفحي ۾ اچي ٿاڌل گهوٽيندو هو. وڏي صفحي ۾ سندس پٽ ۽ پوٽا ننڍڙا وڏڙا ستل هوندا هُيا. گهَرڙ گهَرڙ تي جاڳي اچي چنبڙندا هيس. هيءُ پائلي واري ٿاڌل جي پُڙي کوليندو تہ سڄو صفحو ڦوٽن ۽ خس خس جي خوشبو سان واسجي ويندو هو. هن جو سڀني کان پيارو پوٽڙو گل جڏهن ٽپو ڏئي اچي پويان ڀاڪر پائيندس تہ سندس هٿ بيھجي ويندا هئا. هو هن کي ڦيرائي هنج ۾ آڻيندو هيس ۽ ڪا دير پيو مِٺيون ڏيندس. هن جو پيار تہ سڀني پوٽن ۽ پوٽين سان هيو پر گل سان قرب مڙيوئي سوالو هيس. هو گل کي ڏسندو هيو تہ ٿاڌل گهوٽڻ وسري ويندي هيس. پوءِ گل ئي چوندو هيس: ”ڏاڏا، جلدي ڪر، اُڃ لڳي آهي، گرمي بہ ڏاڍي آهي، ٿاڌل گهوٽ“. پوءِ هو تڪڙو هٿ هلائي ٻہ ڪونڊا ٿاڌل جا تيار ڪندو. هر هڪ کي هڪ هڪ گلاس ڀري ڏيندو ويندو. ٻار ٻچا، ننڍا وڏا پيئندا وڃن، پر اندر ٺري ميان محمد ڇٽل جو. هو پنھنجي گهر واريءَ شمل ڏانھن نھاري خوش ٿيندو هو: شمل، ڏس پائليءَ ۾ بھاري اِها اٿئي.“ ”پائلي ۽ ٽڪو، ٽڪي جي برف جو گهرائي ڏني مانءِ، ”شمل بہ کلندي وراڻيندي هيس. جيڏي مھل شمل بنا کنگهڻ جي ورائيندي هُيس تہ محمد ڇٽل سک جو ساھہ کڻندو هو، نہ تہ سندس کنگهڻ کيس ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيندو هو. هوءَ کنگهي پر چلم نہ ڇڏي. هڪ ڏينھن ميان محمد ڇٽل ۽ گل ڪورٽ کان موٽيا تہ شمل ڪوٺيءَ ۾ کنگهي کنگهي بي حال پئي هئي. محمد ڇٽل گهڻو ئي ڊوڙيو ڦٿڪيو. سندس ڀاءُ خود وڏو حڪيم هو، پر اُهو بہ ڪجهہ نہ ڪري سگهيو. شام تائين شيءِ وڃي ڌڻين کي پھتي. محمد ڇٽل جون اوڇنگارون ۽ رُئڻ بس نہ ٿئي. سندن پوٽو گل بہ روئي ماندو ٿيو. ڏينھن پڄاڻان ٻار جو رئڻ تہ بس ٿيو پر محمد ڇٽل کي بہ صبر اچي ويو. آهستي آهستي سج ٻہ پاڇا ڪيا. محمد ڇٽل جنھن کي غم ماريو هو ڳالھائڻ لڳو هو. گل اسڪول وڃڻ لڳو هو. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ميدان جي ڀرسان ئي ڪي ڪچاوان گهر هيا. اُنھن مالڪن گهرن کي ڪچو پڪو ڪيو تہ اڳيان بہ ٽي دُڪان نڪري آيا. ڏهين رپئي مسواڙ تي رئيس محمد ڇٽل هڪ دُڪان ورتو. هو ٽيبل ڪُرسي کڻي اتي وڃي ويٺو. ٻاهران ”ميان محمد ڇٽل عريضي نويس ۽ اسٽامپ وينڊر“ جو بورڊ هڻائي ڇڏيائين. دڪان ڪري هو مختيارڪاريءَ کان پري وڃي ويٺو، پر مامرن جا ماريل محمد ڇٽل وٽ ئي ايندا هيا. هُن انھيءَ چاندي جهڙين پائلين، آڌين ۽ ڊينگلن مان ٽائيپ رائٽر ورتو، هڪ ڪٻٽ ورتو. پر حساب ۽ مالڪي ڪرڻ واري شمل تہ وئي موڪلائي.
ميان محمد ڇٽل دڪان ٺاهيو. ٻہ چار نيون ڪرسيون بہ ورتائين، هڪ نئين ٽيبل بہ ورتائين. هاڻي ڪڏهن ڪڏهن مرادي اُتي ڪٻٽ ۾ پراڻين دٻلين ۾ رکڻ لڳو. ڪٻٽ کي مضبوط تالو هو. دڪان کي ٻاهران بہ وڏو ڪلف. هو وڃڻ مھل ڪلف کي ڇڪي ڏسندو هو. پر يارن هن جي دڪان جي ٽيپ ٽاپ کي نظر ۾ رکيو. هڪ رات پاسي واري ڀت مان کاٽ هڻي، سڀ ڪجهہ کڻي ويس. ٽائپ رائٽر، ميز، ڪرسيون، ڪٻٽ، ڏوڪڙ پيسا دٻلين سوڌا، ڪا شيءِ نہ ڇڏيائونس. هو سمجهي پيو تہ کاٽ انھن ئي گهرن مان لڳو آهي، ٻيو اهو ڪاٺ ڪٻاڙ ميلن تائين ڪير گهليندو؟ مال بہ اندر هو. هو ۽ گل خالي دڪان کي حسرت سان ڏسندا رهيا. هو وري نم جي وڻ هيٺان اچي ويٺو. اُهائي پراڻي ميز ڪرسي هٿ ڪيائين. ڪم ٿي شروع ڪيايئن پر کيس چوري جو ڏاڍو ارمان هجي. ٿاڻي تي هُن پنڌ ڪيا، مختيارڪاريءَ ۾ ڊُڪيو، پر اُن پراڻي انگريزن جي انصاف جي يادگار عمارت جو هڪ ڪنگرو بہ نہ لُڏيو. هتي ڪجهہ نہ ٿيو ۽ سندس چوري سامھون دڪانن سان لڳ لوڙهن پويان اندر ڪوٺين ۾ پيئي هئي. هن جاءِ کي چوڌاري لوڙهو هو، پر مالڪ اصلئون نسلئون چور هيا. تڏهن تہ ڪير ٻيو عريضي نويس سندن پاڙي بہ نہ پئي ويٺو. هيءُ جگر رئيس ميان محمد ڇٽل جو هو، پر پوءِ بہ سندس دڪان کي کاٽ لڳو هو. سندس ورهين کان حسرت هئي. هن ميڙي چونڊي اتي لڳائي هئي. هو سڀ هنڌ دانھي بيٺو ۽ ڪيئي درخواستون ڪيائين. هن عريضي نويسي جو هُنر پنھنجن درخواستن ۾ کڻي پيٽيو. پر ڪجهہ نہ ٿيو. پوليس کي همٿ ئي نہ پئي ٿي تہ هنن گهرن اندر رُڳو ليئو پائي ڏسن. ٽپڙ تہ سڀ هٿيڪا هيا. ننڍڙو گل ڦيرا ڏئي لوڙهي جي ڪنھن ڪنڊ کان اندر کسڪي ڏسي آيو. ڏاڏي کي ٻڌايائين. ڏاڏو سڌو اندر گهڙي ويو. ٻن ٽن عريضي نويسن کي گهلي بہ ويو. سڀ ٿاڻي تي بہ ويا. ٿاڻي وارا آيا تہ چورن مال گم بہ ڪري ڇڏيو. ميان محمد ڇٽل جون درخواستون ۽ اثر رسوخ بہ ڪم نہ آيا. عريضي نويس ساٿين گهڻو ئي ساٿ ڏنس، پر الائي ڇو ڪجهہ بہ نہ پئي ٿيو. نيٺ هڪ ڏينھن هنن عريضي نويسن پاڻ ۾ بہ صلاح ڪئي. ننڍڙي گل لوڙهي جي اُن ڪنڊ کان پھرين تيلي ڏني، جتان هو اندر ويندو هو. پوءِ لوڙهي کي سڀئي تيلي ڏيندا ويا. شام جي ٿڌڙي هوا هئي. باھہ جڏهن ڀڙڪي تڏهن هي سڀ آهستي آهستي پنھنجن گهرن طرف کسڪي هليا ويا. هيءُ گهر ۽ دڪان سڀ ڪجهہ سڙي ويو. ميان محمد ڇٽل کي اُن جي سمڪ نہ رهي جو هو گهر هليو ويو هو. پويان هي ئي شاهد هيا. شام جو ميدان ۽ مختيارڪاريءَ ۾ ٻيو ڪير هوندو؟ سڀ ڪجهہ سڙي رک ٿي ويو. مالڪن گهڻو ئي دانھيو پر ڪنھن بہ شاهدي ئي نہ ڏني. ميان محمد ڇٽل اُنھيءَ ئي وڻ جي هيٺان دنيا جھان لاءِ درخواستون لکندو رهيو، پر پنھنجي لاءِ هن وري ڪڏهن بہ درخواست نہ لکي. هن جي پنھنجي لاءِ لکيل سُٺن اکرن ۾ جوڙيل اُها آخري درخواست هئي، جيڪا هن مختيارڪار صاحب کي لکي هئي ۽ اُن قديم عمارت جي ٻاهران ويھي ورھيہ گذاريا هئا. هُن ڪيئي درخواستون لکيون هيون پر هو جڏهن نم جي وڻ جي هيٺان اَڪيلو ويٺو هوندو هو، تڏهن هُن جو پوٽڙو گل هُن عمارت جي ڪُنگرن کي ڏسي ۽ سڙيل دُڪانن ۽ جاين کي ڏسندو هيو تہ کلي ڏيندو هو ۽ کيسي ۾ پيل ماچيس کي سختيءَ سان جهليندو هو.

سندڙيان سِڱڙي، ڳالھہ ڳُجهڙي، مون ماريندي ڪڏهين!

هُن جي کَڙڪي تي اک کُلي وئي، ڪمري ۾ ڪجهہ اوندهه، ڪجهہ روشني هئي. هن وهاڻي جي پاسي کان هٿوراڻي ڏئي عينڪ ڳولي ڪڍي. سندس لُڙاٽيل اکيون چٽو ڏسي نہ پيون سگهن. هن عينڪ پاتي تہ سندس نظر هڪ ڪاري برقعي ۾ ويڙهيل خاتون تي پئي. هوءَ ڪا گهڙي بيٺي رهي، پوءِ هُن برقعي جي منھن جا پلئہ کنيا. علي ڏني حيرت وچان کيس گهڙيءَ پل ۾ ئي سڃاڻي ورتو. روشن مُک ۽ روشن پيشانيءَ واري هيءَ خاتون سندس مامي جي ڌيءُ زهرہ هئي. زهرہ ڪنھن وقت سندس نالي بہ ٿيل هئي، جا ورهين پڄاڻان اڄ وٽس هلي آئي هئي. علي ڏني جو مٿس ڪوبہ حق ڪونہ هو، پر اڄ آس نراس جي ٻواٽي تي ليٽيل جهونو هيءَ شخص وَر وَر ڪري کيس ڏسڻ لڳو.
”ڇا وقت ايڏو تيز ڊوڙي ٿو جو ماڻھوءَ جو وجود گهڻو ڪجهہ وڃائي وِهي ٿو!“ هن ورهين پڄاڻان زهرہ کي اڄ ڏٺو هو، هيءَ جيڪا ڪنھن وقت هڪ شھزاديءَ جيان ٽِلندي هئي. ڊگهو قد، سيپڪڙي، ڪم ڪار ڪندي سڄو جسم وَري ايندو هوس. ڄڻ تہ هوءَ رٻڙ جي گُڏي هئي، جيئن وَرائينس تيئن وَري! سندس چيلھہ تہ ڄڻ هئي ئي ڪانہ، هوءَ جهٽ ۾ هيٺ مٿي ٿيندي هئي. سندس منھن جا نقش موچارا ۽ وڻندڙ پر سندس اکين ۾ ڄڻ ٻرندڙ مشعالون هيون. هوءَ گهر۾ پئي ٽِلندي هئي ۽ هو کيس ڏسندو هو، پر تمام گهٽ چاھہ ۽ پاٻوھہ منجهان کيس ڏسندو هو. هو ٻئي ڳالھائيندا هئا، پر ائين جيئن ڪو چاهت ۽ محبت جو اظهار نہ ٿئي. ڀلي ڪنھن جي بہ محبت جا انبار هجن. جيتوڻيڪ هوءَ سندس مامي جي ڌيءَ هئي. گڏيل ڪٽنبن جي رهڻ ڪَهڻ ائين هوندو هو جو ڪنھن کي ڪنھن سان لنوَ لائڻ جي اجازت نہ هوندي هئي. زهرہ بہ ائين اُنھيءَ گهر جو حصو هئي، جت عشق محبت جي اجازت نہ هوندي هئي، پر جي ٿي وڃي تہ نھائينءَ جيان اندر ۾ دَمي ڇڏڻ ئي ريت هئي. علي ڏني کي عشق ۽ چاهت جو هلڪو احساس تہ ٿيو هو پر هُو جڏهن شھر ۾ پڙهڻ ويو تہ سندس عقل چرخ ۽ اکيون مٿي تي اچي ويون هيون، جو مسلسل چمڪندڙ ۽ ٻھڪندڙ چنڊ تلاش ڪرڻ لڳو، هڪ چنڊ تہ آسمان تي هوندو آهي، پر گهڻا چنڊ زميني هوندا آهن، جيڪي چمڪندڙ چنڊ جيان هوندا آهن، پر سندن هِردو سنگلاخ پهاڙن جيان نہ ڀرندڙ، سندن اندر جي زمين سخت هوندي آهي. هو اهڙن زهرہ وارن جھڙن هردن رکندڙ ڪُئنرن ماڻھن کان ڏور هو. اوچتو کيس خبر پيئي تہ سندس مائٽ کيس زهرہ سان پرڻائڻ چاهين ٿا. هن اِنھيءَ نگاھہ سان کيس ڏسڻ چاهيو. هوءَ سامھون هوندي بہ ڄڻ سامھون نہ هئي. نہ رنگ برنگي ڪپڙا نہ چپن تي نہ وري چھري تي لالي، نہ انداز نہ اِشارا. هيءَ هڪ سادي سودي گهريتڙي ڳوٺاڻي ڇوڪري هئي، جيڪا کانئس عمر ۾ بہ وڏي هئي. هن جي سامھون هيءُ کانئس ڪھاڻيون آکاڻيون ۽ ٻاراڻا گيت ٻُڌي وڏو ٿيو هو. هوءَ گهر ۾ ئي ڪجهہ نہ ڪجهہ پڙهي هئي. سندس وڏڙن جا آندل ڪتاب ۽ شاھہ جا بيت پڙهندي ۽ ڪتابي ٻول ۽ بيت پئي جهونگاريندي هئي. وڏڙن کان ٻڌل شاھہ سائينءَ جي بيتن سان تہ عشق هئس. علي ڏنو سندس اندر کي پرکي ويو. ڪُئنري مَن جا ٻول ٻُڌي خوش بہ ٿيندو هو، خاص طرح جڏهن هوءَ جهونگاريندي هئي:
الا، اي مَ هوءِ جو آءٌ مران بند ۾،
پھرين وڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پُڄنم ڏينھڙا،
ڪڏهن هوءَ اها دعا گهرندي چوندي هئي:
”سَترُ ڪر ستار آءٌ اگهاڙي آهيان،
ڍڪين ڍڪڻھار ڏئي پاند پناھہ جو.
پوءِ رُئندي چوندي ويندي هئي:
جي ليلائي نہ لھين، تان پڻ ليلائج،
آسر مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهندڙ گهڻو.
هوءَ رئندي ائين بہ چوندي هئي:
سندڙيان سِڱِڙي، ڳالھہ ڳجهڙي، مون ماريندي ڪڏهين.
”نہ هوءَ مُئي بند ۾، نہ سڄڻ ٻاجهيندڙ نڪتو“ ڳالھہ وڃي ايتري بيٺي: ”ڳالھہ ڳجهڙي، مون ماريندي ڪڏهين.“
عليءَ ڪاليج ۾ ڪيئي چنڊ پئي تڪيا. هُن جي ليکي تہ اِهي چنڊ جھڙا ڏسڻ ۾ سھڻا، رنگ برنگي رنگن سان سينگاريل هئا، اهڙا ضرور مَن جا اُجرا ۽ خيالن ۾ ڪيترن ئي رنگن وارا هوندا، پر سندس سوچ موجب هن جيون جو سفر انھن ٻولن، ڪھاڻين، گيتن ۽ شاھہ جي بيتن جي سھاري تہ نٿو گذاري سگهجي. سفر جي ساٿي کي چنڊ جيان چمڪندڙ موسم بھار جيان ٽڙندڙ نون جذبن سان آشنا هجڻ کپي. هڪ ذهني قوت سان، ذهني سگهہ واري سان ئي گهاري سگهجي ٿو. ائين هو زهرہ کان ڏور ٿيندو ويو. زهرہ جي چھري تي وقت جي دز چڙهندي پئي وئي ۽ چھري تي هر وقت بي رونقي ڇانيل هئي! چپ اُڃايل جيان خشڪ. هوءَ هر هر خشڪ زبان کي خشڪ چپن تي ڦيرائي آلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي، پر لڳندو ائين هو تہ اها اُڃ ڪا ازلي اُڃ آهي، جيڪا سندس نصيب آهي، ۽ ائين هوءَ سالن تائين اُڃايل بُکايل، اُجڙيل ۽ ويران رهي. ڪنھن بہ نہ هن جي وجود کي سنڀاريو، ۽ نہ ڌيان ڏنو. نہ ڪي واعدا پاڙيا ويا، نہ مٽيون مائٽيون سنڀاليون ويون. ٻئي طرف علي ڏنو هميشہ سيراب رهيو. سندس چَپ ڪڏهن بہ خشڪ نہ رهيا، سندس زبان آلي رهي. هن ڪيترائي ٻيا چپ چُميا، سونھن ۽ عشق جي ظاهري جذبن کان آگاھہ ٿيو. ذهني قوت ۽ سگهہ جا ڪيترائي مظاهرا پسيا، جن کيس ڪيترائي دفعا شڪست کائڻ ۽ پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو. هو هٽندي هٽندي وڃي پَٽ پيو. هيءُ اُهوئي علي ڏنو هو، جنھن جي ڪنھن ۾ بہ ڪڏهن اک نہ ٿي ٻُڏي. هيءُ پيسي ڏوڪڙ جي حساب ۾ سُکيو ستابو بہ بڻيو تہ چوڌاري اُهي چنڊ پسيا جو سندس اکيون هميشہ اُڀ ۾ هيون. هُن اُنھن چنڊن مان هڪ ماھہ جبين کي زندگيءَ جو همسفر چونڊيو، پر هوءَ کيس جلد ڇڏي وئي ۽ اولاد بہ کنيو وئي. علي ڏني کيس پنھنجي وڏپڻي ۾ مبتلا ڏٺو ۽ حسن تي نازان ڏٺو. ائين ٻي آئي، تنھن وري اُن کي ذهني مريض قرار ڏئي پاڻ ڪنھن ٻئي کي چريو ڪرڻ لاءِ هن وٽان تہ هلي وئي ۽ وڃي رهيا علي ڏني جا ڀاڳ علي ڏني سان! سھڻين محبوبائن جو بہ ميڙو رهيو، جيستائين جواني هئي. هو جڏهن رٽائر ٿي شھر ڇڏي ڳوٺ پنھنجين اباڻين زمينن تي پھتو تہ اُتي وري وڏيرڪي سياست جي وَر چڙهي ويو. آهستي آهستي ڪڏهن دل جي تڪليف، ڪڏهن موتيو پاڻي، ڪڏهن کنگهہ کُڙڪو. پيسو هئس، سو علاج پئي ڪرايائين. اُن سان گڏ آپريشن بہ ڪرايائين تہ ڪجهہ نوبنو ٿي پيو، پر پوڙهائپ جا ڏند پنھنجا ٿين ٿا. ڪڏهن تہ چٻاڙيو ڇڏين، ڪڏهن جيئدان بہ ڏيو ڇڏين. زهرہ جيئن ئي اندر داخل ٿي سندس کٽ جي پيرانديءَ کان ويٺي تہ هو اُٿي ويٺو ۽ کيس ڏيکارڻ لاءِ تہ هو چاق نوبنو آهي، ۽ پنجهٺ سال بہ کيس پوڙهو نہ ڪري سگهيا آهن، هو ٽپ ڏئي سامھون پيل ڪُرسيءَ تي ويٺو ۽ ٽيبل تان ڪجهہ ڪاغذ کڻي ڏسڻ لڳو. هُن عينڪ بہ نہ پاتي، ڪاغذن جا اَکر گم ٿيو موٽيو اچن ۽ وري گم ٿيو وڃن. ڪاغذ رکي وري زهرہ کي ڏسڻ لڳو.
هُن جو اَڇو پر روشن منھن مھانڊو ڪاري برقعي جي ڪري چمڪيو پئي. هوءَ برقعي جي منھن وارين ٻن پلوُن کي مٿي ڪيو ويٺي هئي. ٻي سڄي برقعي ۾ ڍڪيل هئي، سندس مٿو بہ ڍڪيل هو. هو سندس چمڪندڙ روشن منھن ۽ روشن پيشاني کڻي تڪيندو رهيو.
”ڪنھن سان آئين آن؟“
علي ڏنو ڀُڻڪيو ۽ ڪمري جي سانت هاڻي ڪنھن طريقي سان کانئن موڪلائڻ لڳي.
”اَدي شانان سان آئي آهيان.“ زهرہ آهستي وراڻيو.
”اَدي شانان ڪٿي آ؟“
”ٻاهر اَدي وڏي سان ويٺي آ، ادي وڏي نياپو ڪري اسان کي سڏايو آهي. اسان غريبن ۾ اَلائي ڪھڙو ڪم پيو اٿس.“ زهرہ ڳالھہ کي وڌايو.
”اَدي وڏي ڀرت ٽوپي لاءِ ڪپڙا اسان کي موڪليندي آهي. مان ۽ شانان آر ۽ ڀرت جو ڪم سٺو ڪنديون آهيون. گذر سفر لاءِ ڪجهہ تہ ڪرڻو پوي ٿو نہ.“
علي ڏني کي ماٺ هئي. ائين سندس وڏي ڀيڻ زهرہ جي ڀيڻ شانان سان گڏ ڪمري ۾ داخل ٿي. سندس ڀيڻ گوڏن جي سور سبب هلي نہ پئي سگهي. هوءَ يڪدم اچي کٽ تي ويھي رهي ۽ دَم کان سھڪي پئي. هُن آهستي آهستي ڀُڻڪو ڪڍيو:
”ادا علي ڏنا! مان تہ پوري ٿي پئي آهيان. توکي تہ خبر آهي تہ اَدي شانان جو ڪير بہ ڪونھي. مڙس ڇڏي ويس، هي ٻئي اَڪيليون مامي مرحوم جي گهر رهيون پيون آهن. گهر بہ پنھنجو اٿن، پر جيئڻ لاءِ ڇا نہ کپي. هاڻ گذر سفر ڏکيو ٿئي ٿو. زهرہ ۾ اَڃا حال آهي. شانان ويچاري بيمار رهي ٿي. توکي تہ خبر آهي تہ زهرہ جي شادي نہ ٿي سگهي. مون شانان کي چيو آهي تہ زهرہ کي هت ڇڏي تہ گهر سنڀالي، سندس گذر سفر بہ ٿيندو تہ شانان کي بہ ڪجهہ نہ ڪجهہ موڪلي ڏيندس. زهرہ جو کاڌو پيتو، ڪپڙو لٽو خرچي اسان تي. توکي الله سڀ ڪجهہ ڏنو آهي. علي ڏنا! ڪجهہ هنن جي واهر ڪر. گهٽ ۾ گهٽ زهرہ جو توتي حق ٿئي ٿو.“ علي ڏني جي اندر ۾ ٺڪاءَ ٿيا. اڃا چڱو ٿيو جو سندس ڀيڻ کيس اهو نہ چيو تہ هيءَ تنھنجي نالي ٿيل هئي. مائٽن وهاري ڇڏي اِن لاءِ تہ من موٽي اچين پر فيشن، رنگين ڪپڙن ۽ تيل ڦليل وارين جي ڪڍ تو عمر وڃائي ڇڏي. هڙ حاصل ڪجهہ نہ. اڄ تون اڪيلو آهين. توکي پنھنجون ٻہ زالون بہ ڇڏي ويون، توکي سنڀالڻ وارو اولاد بہ الائي ڪاٿي آ. اولاد بہ ڇڏي ويئہ. اڄ تون اڪيلو آهين. علي ڏنا! اڪيلو. بنھہ اڪيلو آهين، بنھہ اڪيلو. تنھنجي نہ اڳياڙي چڱي ٿي نہ وري پڇاڙي.
علي ڏني جا ڪن ٻَرڻ لڳا. سندس ڀيڻ بنا چوڻ جي بہ اکين اکين ۾ گهڻو ڪجهہ چوندي وئي. زهرہ بہ اُٿي وئي، ڪمري ۾ ڪير نہ هو. هو سوچڻ لڳو تہ زهرہ جو مٿس حق لڳي. هُن ڪجهہ پيسا ڪڍي سندس ڀيڻ شانان کي ڏنا، هوءَ کيس دعائون ڪندي هلي وئي، ۽ زهرہ کي هُت ئي ڇڏي وئي. زهرہ آهستي آهستي گهر جو ڪم ڪار سنڀاليو، سندس ڪمري کي سولو ڪيو. ماني جو سواد بدليو ۽ کيس وقت سر ماني ملڻ لڳي. کير ۽ فروٽ بہ ملڻ لڳس گهر جو سڄو خرچ هاڻ زهرہ هلائڻ لڳي. علي ڏنو ۽ سندس وڏي ڀيڻ آجا ٿيا ويٺا هئا. گهر جو خرچ ڪُمَ واري مائي اڳي ٻيڻو ڪري ڇڏيو هو، زهرہ اُنھن ئي پيسن مان هنن ڀاءُ ڀيڻ کي سُک ڏئي ڇڏيا. هُن ڪم واري مائي کي نہ ڪڍيو، پر کانئس چڱي طرح ڪم وٺڻ لڳي. زهرہ رڌ پچاءُ پاڻ ڪندي هئي. ٻُهاري، ٿانوَ ۽ ڪپڙا ڪم واري مائي جي بِلي هيا، پر زهرہ کي سندس ڪم نٿي وڻيا تہ ڪڏهن ٿانوَ پاڻ مليندي هئي، ٻهاري پاڻ ڪڍندي هئي، ڪڏهن ڪپڙا بہ پاڻ ڌوئيندي هئي.
علي ڏنو هاڻ چاق ٿي ويو هو. ڪاڏي وئي دل جي بيماري، ڪاڏي وئي نظر جي جهڪائي، ڪاڏي ويو زڪام ۽ کنگهہ کڙڪو، هلڻ چلڻ ۾ جوپ، هاڻ تہ هو ٻنيءَ تي وڃڻ لڳو هو. زمين ۽ مسواڙ تي ڏنل جاين ۽ دڪانن جي سنڀال چڱي پر اڪيلي سر ڪرڻ لڳو. سندس ڀيڻ بہ هاڻ هلڻ چلڻ لڳي هئي. سور سھڪا، سار سنڀال لهڻ ۽ کاڌي مَٽ ڪري گهٽيا. گهر جا مسئلا بہ سندس مٿي جو سور نہ رهيا. زهرہ ڏينھن رات ڪم کي جُنبي پئي هوندي هئي. زهرہ کي هميشہ رَئي جو نقاب ٻڌل هوندو هو. اُن نقاب سان سندس مٿو ڍڪيل هوندو هو، پر نقاب مان سندس روشن مک روشن پيشاني سان ٻھڪندو هو. هُن جي منھن تي ڄڻ نُور اچي ويو هو. هوءَ هيڏي وڏي گهر ۾ ٽلندي ٽلڪندي وتندي هئي. علي ڏنو سندس جهونگار لڪي ٻڌندو هو تہ کيس فرحت ايندي هئي ۽ پراڻو زمانو ياد ايندو هوس. زهرہ جو سحر آهستي آهستي علي ڏني کي وڪوڙيندو ويو. هوءَ رڌڻي ۾ وڃي تہ رڌڻو ٻھڪي، اڱڻ ۾ ٻهاري ڏئي تہ اڱڻ اُجرو. هوءَ هلي چلي، ٽلي ۽ ٽُلڪي تہ علي ڏنو خوش ٿئي. جي شاھہ جا بيت جهونگاري تہ بہ علي ڏنو ڌيان اوڏانھن ڌري ۽ اُهي بيت چپن ۾ پاڻ جهونگاري. هونئن تہ هوءَ شاھہ جا بيت:
الا ائين مَ هوءِ، جو آءٌ مران بند ۾.
يا
ستر ڪر ستار آءٌ اُگهاڙي آهيان.
يا
ليلائي نہ لھين، تان پڻ ليلائيج،
آسر مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو.
۽ ٻيا ڪيترا بيت پيو ٻڌندو هو. کيس عجب ٿيندو هو تہ هن گهريتڙي نينگر پنھنجين وڏڙين کان ٻُڌل بيت ڪيئن نہ ياد ڪيا آهن ۽ سُر سان ڪيئن نہ جهونگاري ٿي.
علي ڏنو شاھہ جي هيءَ وائي گهڻو ڪري ڏکويل آواز سان کيس چوندي ٻڌندو هو، پر هوءَ هن ڊگهي وائي کي ڪڏهن مڪمل نہ چئي سگهندي هئي.
”سندڙيان سڱِڙي، ڳالھہ ڳجهڙي، مون ماريندي ڪڏهن...“
پھرين سٽ چوندي روئي ڏيندي هئي. هُو اِهي سٽون درديلي دانھن جيان ٻُڌندو هو ۽ سندس اکين ۾ ڳوڙها ڳڙي ايندا هئا ۽ هو پاڻ بہ جهونگارڻ لڳندو هو:
”سندڙيان سِڱِڙي، ڳالھہ ڳُجهڙي، مون ماريندي ڪڏهن...“
علي ڏني جو گهر اِنھيءَ گونجار سان گونجندو رهيو. زهرہ هن گهر ۾ رهڻ لڳي ڄڻ هيءُ سندس پنھنجو گهر هو. هن گهر بہ مس مس وڃي سُک جو ساھہ کنيو هو، جو اهڙي اَڌ ڪچي اَڌ پڪي سانجهي جو، جنھن سانجهي جو هُن زهرہ کي هن گهر لاءِ سُکن ۽ خوشين جو پيامبر بڻجي ايندي پَسيو هو. اهڙي سانجهي جو هُن جي کُڙيءَ جي کَڙڪي تي اک کُلي. هُن لڙاٽيل اکين سان سڃاڻي ورتو، پوءِ بہ هن عينڪ کڻي چاڙهي. هُن جي سامھون هڪ بي ڊولي ٿلھي وَهي لتاڙيل ميڪ اَپ ۽ خوشبو ۾ ويڙهيل رنگين لباس ۾ ملبوس هيءَ عورت ٻي ڪير ڪانہ، سندس پھرين زال فريده هئي. زهرہ وانگر نہ هُن کي برقعو يا نقاب هو، نہ هُن نقاب جا پلئہ مٿي ڪيا. نہ هُن کي رَئي جو نقاب هو. جنھن سان سندس خضاب سان ڪٽيل ڪاراٽيل وار ڍڪجي سگهن. هوءَ بي حيائيءَ سان ٽپ ڏئي، کٽ تي چڙهي ويٺي ۽ سندس ويجهو ٿي کيس ڀاڪر ۾ ڀري چمي ڏيڻ جي ڪيائين. پوءِ نقلي ميخن وارن ڏندن سان کيس چڪ پائڻ لڳي. وات جي ڌپ سندس مغز ۾ گهڙي ويئي. ”ڊيئر علي! آءِ ايم بيڪ... يو شوڊ هيو ڪالڊ مي... واءِ ڊڊ يو ڪيپ مسٽريس... او ڊيئر! او ڊيئر! آءِ اسٽل لَو يُو... يُو آر ناٽ گوڊ باءِ ايني مور.“ هُن، هِن عورت کي پئتي هٽائڻ چاهيو. هو هن گوشت جي جبل جو بار آهستي آهستي ائين محسوس ڪرڻ لڳو جو سندس دَم گهُٽجڻ لڳو. هُڻ کيس زور سان ڌڪي پري ڪيو. پوءِ هو ٻاهر ڊوڙيو. اڱڻ ۾ سندس ڀيڻ وڏا اُڀا ساھہ کڻي رهي هئي ۽ روئي پئي: ”علي ڏنا! اِنھيءَ ظالم عورت ويچاري زهرہ کي بدشد ڳالھائي گاريون ڏئي ڪڍي ڇڏيو. بس! مون کي زهرہ وٽ وٺي هلُ، هتان ڪڍي هلُ.“ رُئندي، هوءَ آهستي آهستي رڙهندي هُن سان هلندي هلي. علي ڏني ٻاهران گهر جو در بند ڪيو، اندران هُن جي زال جون رڙيون ٻُڌڻ ۾ اچي رهيون هيون. هوءَ کيس گاريون ڏئي رهي هئي: ”آءِ ول ڪِل يُو علي ڏنا! اينڊ ڪِل يوئر مسٽريس... اوپن دَ ڊور“ هيءَ عورت ويھن سالن کان پوءِ اچي مٿس حق ڄمائي رهي هئي. هيءُ گوشت جو جبل، هاڻ سندس روح ۽ وجود کي ڄڻ چيڀاٽي رهيو هو. ڀيڻ ڀاءُ هلندا ويا ۽ سڌو زهرہ جي گهر پھتا. شانان گهٻرايل، در وٽ بيٺي هئي. زهرہ اندر هئي. علي ڏني واٽ تي فيصلو ڪري ڇڏيو هو. علي ڏني ڀيڻ کان اجازت ورتي، پوءِ شانان ڏي نھاريو. هوءَ روئي رهي هئي. هُن اُنھيءَ ڪمري ڏانھن نھاريو، جت زهرہ پاڻ کي بند ڪيو روئي رهي هئي. سندس روئڻ جو آواز ٻڌي هو اندران ڦٿڪڻ لڳو. هو پاڻ کي هاڻ گهڻو گنهگار سمجهڻ لڳو. هُن کي ڪوبہ حق نہ هو تہ هڪ معصوم کي پنھنجي گهر ۾ گهرائي ڪوڙهيل ماضي جي ڍير تان اُٿي آيل بدبودار جاندار کان هڪ ڌوتل پوتل نينگر کي بي عزتو ڪرائي، سُريت جا خطاب ڏياري. هُن معصوم هُن غريب جو ڪھڙو ڏوهه؟
علي ڏني در کي کڙڪايو. ڪو جواب نہ آيو. هُن کي هڪ ڊپ ويڙهي ويو. هو هاڻ در کي چرين وانگر ڌڪا ۽ ٿيلھا ڏيڻ لڳو. اندران ڪوبہ آواز نہ ٿي آيو. ائين در کُليو. سامھون هڪ عورت، جنھن نقاب لاهي ڇڏيو هو، کير جھڙي اڇي مٿي جي کنڊريل وارن سان هڪ مستاني، هڪ درگاھہ جي فقيرياڻي جيان بيٺي هئي. هُن جي ڳلن تان ڳوڙها بس نہ پيا ڪن. هُن جهڪي روشني ۾ بہ هنن ڳوڙهن کي ڏسي ورتو. هوءَ هڪ عذاب ۽ پيڙا ۾ هئي. هن کي بي اختيار هن ڇڙيل ڇَتن واري زهرہ تي بي اختيار قياس ۽ پوءِ پيار آيو. اڻ ميو پيار! هو جيئن اندر داخل ٿيو تہ زهرہ پوئتي هٽي بيٺي!
” زهرہ! مان توسان نڪاح ڪري وٺي وڃڻ لاءِ آيو آهيان. مون کي تون معاف ڪر ۽ اجازت ڏي.“
زهرہ نيٺ ڳالھايو: ”سائين علي ڏنا! منھنجي ويجهو نہ اچ. مان تنھنجي گهر جي پگهاردار نوڪرياڻي ضرور آهيان. پر سُريت نہ آهيان. توکي هاڻ تہ خبر پوڻ کپي تہ مون جوڳ ورتو آهي، هڪ فقيرياڻي آهيان. منھنجو ماضي، منھنجو جوڀن ڏسڻو هجئي تہ هي اَڇا کير جھڙا وار نہ ٿو ڏسين. مون سان هاڻ لنوءَ لائڻ مان ڇا ورندءِ؟ هاڻي ٻُڌ شاھہ سائينءَ جو هيءُ بيت ۽ پوءِ موٽي پنھنجي ماڳ ڏي وڃ. ڌڻي ڪو توکي معاف ڪري. منھنجي وس جي ڳالھہ نہ آهي.“
صبح سِڱِڙيون کڻي، ويا وڄائي وير،
ڏوريان ڏوريان نہ لھان تن بيراڳين بهير،
جن آسڻ منجهہ عنبير، آءٌ نہ جيئندي اُن ري.
پوءِ هُن ورائي چيو،
”آءٌ نہ جيئندي اُن ري.“ هن جي آڱر اُڀي.
پوءِ هوءَ آهستي ڍرڪندي زمين تي آهلي پئي. هيءَ شاھہ سائينءَ جي جوڳياڻي ورهين جا ورھيہ اندر ۾ الائي ڇا سانڍيندي رهي هئي. هُن بہ ڪو عشق ڪيو هو، چنڊ تڪيو هو، پر نہ هُن ڳوليو نہ هُن کان لڌو. اڄ هوءَ حالئون بي حال ٿي زمين تي پئي هئي. شانان ڊوڙي اچي کيس سنئون ڪيو. پر هُت هاڻ ڪجهہ بہ ڪونہ هيو. شانان، علي ڏني ڏانھن نھاري ڪنڌ سان نهڪر ڪيائين. علي ڏنو حياتي ۾ پھريون دفعو اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. هو زهرہ جي ويجهو وڃي بيٺو ۽ رئندو رهيو ۽ چوندو رهيو: ”تو ڇو تڪڙ ڪئي، مان تہ اڳيون حساب ڏيڻ آيو هيس، توکي سھاڳڻ ڪرڻ لاءِ” تنھنجو خواب پورو ڪرڻ لاءِ” تون ٿورڙي مھلت تہ ڏين ها.“ شايد علي ڏني کان کيس ڏنل مھلتون ئي مھلتون وسري ويون هيون. هو اُتي فرش تي ويھي رهيو. سامھون زهرہ اڇن وارن هوندي بہ هڪ ازلي حسن سان سنواريل سُتي پئي هئي. هُن کي لڳو تہ هن ڌرتي جا اصل چنڊ هيئن ڌرتي تي وڇايل هوندا آهن. شل ڪير کين ڳولھي لھي. آسماني چنڊ سراب ۽ دوکو هوندا آهن. علي ڏنو اڃا بہ جيئرو آهي. هو گهڻو اُت ويندو آهي، جت زهرہ سُتل آهي، توڙي جو هو هوش وڃائي ويٺو آهي. پر هو سندس ابدي آرامگاھہ تي لکيل شاھہ سائينءَ جي وائي جي هيءَ سِٽَ وَرُ وَرُ پڙهندو آهي:
سَندڙيان سِڱِڙي، ڳالھہ ڳُجهڙي، مون ماريندي ڪڏهين!

(مھراڻ 1-2/2008ع)

جڏهن آسمان ۾ تارا نہ هوندا

هيءَ هڪ سياري جي رات هئي ۽ اَڌ پنڌ ٽپي هلي هئي. هِن بس جو رُخ اُتر ڏي هو ۽ سامھون اُتر جي هوا بہ سَرڙاٽ پئي ڪيا. هن شھر جي باءِ پاس تي، شھر جي ويجهو، ٻہ مسافر اُٿي بيٺا ۽ هڪ مسافر کُهري آواز ۾ چيو، ”اُستاد روڪي!“ اُستاد سيءَ جي ڪري لوئي ۾ ويڙهيو ويٺو هو، ڪجهہ آفيم جي پنڪي بہ هيس. سُتل بس ڪجهہ سجاڳ ٿي ويئي. هيءُ ڪارين لوين ۾ ويڙهيل ٻہ همراهه، پھلوانن جيان، بس جي وچ تي بيٺا هئا. ڊرائيور ائين ئي هلندو پئي هليو.
”اڙي، موالي! ٻُڌين نٿو؟ بس جَهل!“ همراھہ وڌيڪ کُهرو ٿيندي چيو.
هن کُهري آواز تي سڄي بس سجاڳ ٿي ويئي. مسافرن کي اچي سِر سان لڳي تہ ڪٿي هيءُ ڌاڙيل تہ نہ آهن! ڦُر ٻُر تہ ڪرڻي ڪانھين! هاڻ سُتل ڪنڊڪٽر بہ ڇرڪ ڀري جاڳي پيو.
”اُستاد، باءِ پاس جا هيءَ مسافر آهن. هنن کي هِت لاهه، نہ تہ وري شھر اسٽاپ تي هلڻو پوندو.“
ڊرائيور آهستي آهستي سائيڊ ڪري گاڏي بيھاري. ڪنڊڪٽر اُٿي در کوليو. سڄي بس ۾ وِلھہ پکڙجي ويئي، اُتر پئي لڳو. هيءُ مسافر ٽپ ڏيئي لھي پيا. هنن جي لهڻ سان ڪنڊيڪٽر يڪدم دروازو بند ڪيو. ايتري دير ۾ مسافرن ۾ ڏڪڻي پئجي ويئي هئي. ڪجهہ وِلھہ جي ڪري، ڪجهہ هِنن مسافرن جي مشڪوڪ انداز ۾ بس بيھارڻ جي ڪري، ۽ ڪجهہ ڦُرجڻ جي خوف کان. هيءُ ٻن ڪارين لوين ۾ ويڙهيل ٻہ همراھہ هئا: هڪ ٿُلھو ٿنڀرو، ٻيو سَنھو لِيڙ. ٿڌ تي لِيڙ کي تہ ڪجهہ نہ پئي ٿيو، پر ٿُلھو ٿَنڀرو ڏَڪڻ لڳو هو. هُن لوئيءَ کي سولو ڪري بُت تي ويڙهيو ۽ مفلر کي ڪنن ۽ مٿي کي ڇڪي ٻَڌو. هاڻ هُو ٻيئي تڪڙو پنڌ پيا. هيءُ شھر ڏي وڃڻ واري چودڳي هئي، پر هن ويل ڪابہ سواري ڪانہ هئي.
هيءُ پھريان چؤطرف نھاريندي آهستي هلندا پئي هليا، پر پوءِ وِلھہ جڏهن کين وٺي ويئي تہ هنن جي وِکن ۾ تيزي آئي. هو ائين تکا ٿيندا ويا ڄڻ ڊوڙون پئي پاتائون. هن چودڳي کان شھر چڱو پنڌ پري هو. هيءُ پھريائين تہ سھڪي پيا، خاص طرح ٿُلھو ٿَنڀرو همراھہ تہ هَڦي پيو. سندس وکون ڍريون ٿيون تہ سَنھڙي ٻہ وکون گهٽايون. هيءُ هُيا تہ اڌڙوٽ عمر جا، پر ڦُڙت لڳا پيا هئا. هلڻ ۾ تکا ۽ تڪڙا هئا.
”يار پھلوان! همت ڪر، هُو ڏس، بَتيون سامھون آهن. ائين سُست تہ نہ ٿي، اَڃا توکي وڏي جُڌ پَٽڻي آهي“، ائين چئي هُو هڪ کجين جي اُجڙيل باغ ۾ لھي پيو ۽ پھلوان بہ سندس ڪڍ ڊوڙندو ويو.
”يار ممتاز! بيھہ تہ سهين، هيءُ ڪاڏي پيو وڃين.“
”هيءُ ڪنھن زماني ۾ باغ هوندو هو، پارومل جو کجين جو باغ هاڻ هيءُ ڏس، ڪيئن کجيون وڍي پَٽ پلاٽ ڪيا اٿن! وچان اِنڪري ٿا هلون، جو شھر ۽ بازار وچان هلڻ ۾ خطرو آهي، ٻيو نالو نہ کڻ.“
”ها، هيءُ ڏس، آسمان ۾ تارا ۽ ڪتيون سڀ بيٺل آهن. جي وڇڙي يا اڳي پوءِ ٿي وڃون تہ هن باغ ۾ اوستائين انتظار ڪجانءِ، جيستائين آسمان ۾ تارا آهن. جيئن هيءُ سڀ آسمان مان غائب ٿي وڃن تہ ڪير بہ ڪنھن جو انتظار نہ ڪري، سمجهيئہ پھلوان؟ جيستائين آسمان ۾ تارا آهن، بس اوستائين.“ ممتاز پھلوان کي سمجهايو ۽ پھلوان ڪنڌ سان ها ڪندو هليو.
”يار، هيءُ تارا ٻاجهہ ۽ اُميد جا تارا آهن. هيءُ آهن تہ دُنيا ۾ ٻاجهہ ۽ اُميد قائم آهي،“ ممتاز ڳالھائيندو هليو.
ممتاز هن جو سونھون هو. ڦٽل سٽل باغن کان ٿيندو شھر جي ڳُتيل علائقي کي پاسيرو لتاڙيندو، شھر جي پراڻين ۽ ڀَڳل ڀُريل جاين جي وچ ۾ اچي بيھاريائينس. هڪ چاڙهي چڙهي هو گهٽي ٽپيو ۽ هُن پھلوان کي زبون ٿيل ۽ سِرن جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويل هڪ پراڻي پر شاندار جاءِ ڏيکاريائينس، جنھن جي ڊَٺل ڀُريل حالت کي ڏسي بہ ماڻھو چئي سگهيو ٿي تہ ڪنھن وقت هيءَ جاءِ ضرور شاندار ۽ عظيم هوندي، جو کنڊر ئي ٻڌائين پيا. هن جاءِ جي ٻاهرئين ڀت اڃا بيٺل هئي، پر ڪٿان ڪٿان ڊٺل بہ هئي. ممتاز پھلوان کي اِشارو ڪيو ۽ اُنھي پاسي مُڙي ويو، جتان ڀت گهڻو ڊٺل هئي. هو ٽپ ڏيئي ڀڳل ڀت اورانگهي جاءِ ۾ وڃي بيٺو. سندس ڳچي ظاهر هئي. هُن اُتان پھلوان کي اِشارو ڪيو. هُن اوندھہ ۾ شايد نہ ڏٺو، پوءِ ٽارچ ڪڍي هلڪو چمڪاٽ ڏيکاريائينس. پھلوان ٿلھو ۽ ڳرو مڙس، ڀت تي هٿ رکيائين تہ سِرن جون ٻہ ٽي قطارون ممتاز واري پاسي وڃي ڪِريون. ممتاز ٽِپ ڏيئي وڃي پرڀرو ٿيو. سِرن جي ٺڙ ٺڙ ڪري ڪِرڻ سان چڱو آواز ٿيو . ڪا گهڙي هيءُ ٻيئي ڄڻا دم جهلي بيھي رهيا، پوءِ پھلوان لانگ ورائي اندر داخل ٿيو. سياري جي رات، اوجهڙ پاسو ۽ سيءَ جي ڪري ڪُتا بہ وڃي لڪا هئا ۽ ڪڏهن آواز تہ ڪڏهن وري اوناڙون بہ پئي ڪيائون. ممتاز جاءِ. اندر وڌندو ويو ۽ اڱڻ ۾ پيل ڀڳل سِرن ۽ ٺڪرن ڀِترن کي لتاڙيندو وڃي زبون ڀڳل ورانڊي تائين پھتو. سندس سامھون ٻہ ڪمرا هئا. ٻنھي کي قلف ڏنل ها. پھلوان هڪ کان پوءِ ٻئي قلف کي سَٽون ڏنيون، پوءِ لوئي اندر لڪل ٿيلھيءَ کي ٻاهر ڪڍيو ۽ اُن مان هڪ انگڙي هنيل شيخ ڪڍيائين. اُن کي قلفن ۾ وجهي ٻہ ٽي ٻيون سَٽون ڏنائين تہ قلف اچي پَٽ پيا.
هڪ ڪمري ۾ گهڙيا تہ سڄو ڪمرو ڀڳو پيو هو. ممتاز ”هون هون“ ڪري کيس ٻئي ڪمري ڏانھن اِشارو ڪيو. هيءُ ڪمرو بھتر صورت ۾ هو. هڪ کٽ، ٻہ وڏيون آرام ڪرسيون ۽ هڪ منجي ائين لڳو ٿي تہ هت ڪو جهونو اوطاق ڪري ويھندو آهي. پَريان ڪنڊ ۾ ٻہ ٽي ڀڳل تختا پيل هئا. ممتاز رڙهندو، اُنھن تختن وٽ ويو ۽ آهستي آهستي هڪ هڪ ڪري تختا هٽائيندو ويو. سامھون تختن پويان لڪل هڪ وڏي ٽجوڙ هئي. ممتاز وڏو ٿڌو ساھہ ڀريو، پوءِ هُن پھلوان کي اشارو ڪيو. پھلوان وڌي اچي اڃا بہ تختا پرڀرو هٽائي ٽجوڙ کي نروار ڪيو. هُو ڪا گهڙي ٽجوڙ کي تڪيندو رهيو، پوءِ ڪُرسي تي سامھون ويھي ٽجوڙ کي ڏسڻ لڳو. هيءَ ڳري ٽجوڙ گودريج ڪمپني جي هئي. مٿان ئي مٿان “Godrej” انگريزي ۾ نالو ڪٽ آئوٽ ۾ چنبڙيل هو. پھلوان کي ٽجوڙ کي کولڻ جي سوچ ۾ ڇڏي ممتاز ٻاهر نڪري آيو. هُو ورانڊي ۾ پيل هڪ صندل تي ويھي رهيو. هُن اڱڻ ۾ نھاريو، ورانڊي کي ڏسي ٻئي کُليل ڪمري ڏانھن اُٿي وڌيو. چوڌاري اوندھہ جو راڄ هو، پر هُو سڀ ڪجهہ چٽو پٽو ڏسي پئي سگهيو. ائين پئي هليو، ڄڻ هو چپي چپي کان واقف هو. کيس ڀڳل سرون ۽ ٺڪر ٺوٻر بہ نظر آيا. هُو ڪمري مان نڪري ورانڊو ٽپي وري اڱڻ ۾ آيو. آسمان ۾ اڃان تارا ڀريا پيا هئا. تارن جي روشني اڱڻ کي چمڪائي بيٺي هئي. هُن لاءِ هاڻ وقت پوئتي هلڻ لڳو. هيءُ اُهو ممتاز هو، جيڪو ويھہ ورھيہ اڳ ڇوڪراڻي وَهيءَ ۾ هيءُ ڀريو گهر ڇڏي ڀڳو هو. کيس لڪ ڇپ ۾ روپوش ٿي وقت گذارڻ ڪو سٺو يا سولو نہ لڳو هو. هو ڪڏهن ڪراچيءَ ڄي شھر ۾، تہ ڪڏهن بلوچستان، ڪيئي جبل جهاڳيا هئائين. زمانا ڏسي هُو اڄ پنھنجي ماڳ تي واپس وريو هو. هُن کي هِن ٽجوڙ جي تہ خبر هئي. پر هن ٽجوڙ جو عاشق هو. هُن کي اِها خبر نہ هئي تہ اِها ٽجوڙ ڪڏهن کُلندي هئي، ڪڏهن بند ٿيندي هئي. ڪھڙي ويل ۽ ڪيئن کُلندي هئي. سندس وڏا پئسي ۽ سون مين ۾ شاهوڪار هئا. ٽجوڙ ڪيئي، دُهريون، پنڙا، پازيب ۽ اَمانتون سنڀاريون هيون. سندس چاچو ۽ ٻيا مٽ مائٽ سونارڪو ڪم ڪندا هئا. کيس اِها خبر پيئي هئي تہ هيءُ پراڻا گهر ڪِري پيا آهن، پر ٽجوڙ صحيح سلامت آهي. سندس چاچو هن ٽجوڙ کي ائين سنڀاليندو آهي، جيئن وڏن جي ڪا يادگار شيءِ سنڀالبي آهي. هو ننڍي هوندي کان هن ٽجوڙ کي حسرت سان ڏسندو هو. سندس خواهش هوندي هئي تہ هُو ٽجوڙ اندر ڏسي تہ اندر ڪيترا زيور، پيسا، سون مين ڪھڙيون اَمانتون رکيل آهن. ممتاز ڄائو تہ سندس پيءُ گذاري ويو. هيءُ سندس چاچو محمد پريل سونارو هو، جنھن هن کي سنڀاريو. محمد پريل جي گهر واري، جنھن کي پُٽيلو اولاد ڪونہ هو، تنھن هن کي لاڏ ڪوڏ سان نپايو تاتيو. توڙي جو ممتاز جي ماءُ جيئري هئي، پر هُو کيس ليکيندو ئي نہ هو. سڀ لاڏ محمد پريل جي گهر واري کڻندي هئي. محمد پريل کي نياڻي هئي، سونان جھڙو نالو هوس تهڙي ئي هئي سون وَرني! سندس جسم بہ سون جهڙو، پر وار بہ سونھري! سونان کانئس ڏھہ پندرنھن ورھيہ کن وڏي هئي، هنج کڻي کيس ڄڻ تہ پاليو هئائين. ٻچو ڪري ڀائيندي هئس تہ هيءُ بہ کيس دليئون ڀائيندو هو. پر ٻاهران تنگ ڪرڻ لاءِ ستائيندو هو ۽ وڙهندو بہ هوس. لاڏ ڪوڏ ڪري ممتاز ننڍي لا ڪرون ارڏو ۽ ضدي ٿي پيو هو. ٿوري ٿوري ڳالھہ تي جهيڙو فساد ڄڻ سندس سرشت ۾ پيل هو. سونان ماءُ جيان کيس سنڀاليندي هئس، جنھن سان انگل آرا هوندا هئس. هو کيس سڏيندو ئي ”اَنا“ هيس. ”انا سونان“ جي چوڻ تي ئي پرچبو هو يا محمد پريل جي گهر واري، جنھن کي هو ”جيجي“ چوندو هو. اُها بہ کيس هَٺ تان لاهيندي هئي. هُن جو جهيڙو محمد پريل جي سخت هلت چلت سببان هو. ممتاز اسڪول جو گوسڙو هوندو هو. نيٺ دوڪان تي وهاريائينس تہ آهستي آهستي هٿڙي هڻڻ لڳو. ڪڏهن اڌ مرادي گم تہ ڪڏهن زيورن جو سون گم، تہ مَٺُ موجود! پوءِ جوا تي هِريو. نيٺ هو ويھين ورهين جو ٿيو تہ محمد پريل، سندس گهر واري ۽ ممتاز جي ماءُ هن شادي جو فيصلو ڪيو سونان کانئس وڏي هوندي بہ سندس نالي ٿيل هئي. پر سونان تيل ترين لائڻ نہ ڏئي. چي، ”ممتاز منھنجي پٽن مثل آهي، مون ئي تہ کيس نپائي وڏو ڪيو آهي. هنج تي کنيو آهي.“ ممتاز جي اکين آڏو فلم وانگر واقعا گذرندا رهيا. هُن زور جي شادي جا نظارا پسيا. هيڏانھن سونان جو انڪار ۽ پڇاڙون هيون، هوڏانھن شھر ۾ وڏا منگل ٿيا. هو شاديءَ رات جي نظارن ۾ گُم ٿي ويو. سونان سچي سون ۾ جنجهجي سوني ٿي آئي. هُو هن جي حسن تي حيران ۽ شادي مان خوش هو پر اُن سان گڏ پريشان.
ائين هو خيالن ۾ ٻُڏو پيو هو تہ ڪو پٺيان اچي بيٺس. هو ٽپ ڏئي اُٿي بيٺو. پھلوان اِشاري سان کيس سڏي رهيو هو ۽ اِشارو ڪري رهيو هو تہ ٽجوڙ جهڙوڪر کلي وئي آهي ۽ هُو هلي پنھنجن هٿن سان هينڊل گهمائي ۽ ٽجوڙ جي اندر نظارو ڪري تہ منجهس ڇا آهي. ممتاز، پھلوان کي اڳ ئي ٻڌايو هو تہ هُو ننڍي هوندي کان هن ٽجوڙ جي عشق ۾ مبتلا رهيو آهي تہ اِنھيءَ ٽجوڙ ۾ ڇا آهي. ڀلي هينئر مال گهٽ هجي، پر چاچس جو ڪجهہ تہ مال هوندو. محمد پريل اڃا جيئرو پر بيمار گذاريندو هو. سونارڪو دوڪان اڃان قائم هو، جنھن جو اوج ختم ٿي چڪو هو، پر پوءِ بہ محمد پريل جو دوڪان هو. پراڻو سونارو هو، ڪي اڙيا ٿڙيا گراهڪ يا امانتون وٽس ضرور اينديون هونديون، ٽجوڙ ۾ ڪو تہ مال هوندو. ممتاز پھلوان جي پويان ڪمري ۾ گهڙيو هو ٻيئي ٽجوڙ جي ويجهو ويا. پھلوان ممتاز جو هٿ وِٺي اشارو ڪيو تہ هينڊل گهمائي. ممتاز هينڊل گهمائي پوءِ ڇڪيو، پر ٽجوڙ جو دروازو نہ کُليو. پھلوان سندس هٿ پري ڪري ٻہ ٽي سَٽون پاڻ ڏنيون تہ دروازو آهستي آهستي کُلندو ويو. پھلوان اندر هٿوراڙيون ڏيئي مال کي ڳوليو، پر سندس هٿ خالي موٽي آيا. هُن ممتاز ڏي نھاريندي کيس آڱوٺو ڏيکاريو. ممتاز يڪدم اندر هٿ وڌو. ٽجوڙ ۾ ڏنل هيٺيان ۽ مٿيان خانا کوليا، پر اُت ڪجهہ ڪونہ هو. ائين ممتاز کي ڀون ڀون ٻُڌڻ ۾ آئي. ممتاز پوئتي هٽيو.
”کَکر! اندر کَکر آهي. ڀون ڀون جو آواز ٻڌين ٿو!“ پھلوان پھريائين هٽڪيو، پوءِ کِلڻ لڳو.
”هن زنگيل ۽ بند ٽجوڙ ۾ کَکر ڪٿان داخل ٿيندي. ڪُنجين وارن سوراخن تي بہ ڍَڪ ڏنل آهن. ڪابہ کَکر ڪانھي. ٽجوڙ ائين خالي ڪئي ويئي آهي، جو ڄڻ تہ مالڪن کي خبر هجي تہ اَسين اَچڻان هجون. هاڻ هل تہ هلون، هت ٻيو ڇا رکيو آهي.“
پھلوان اُٿيو، پر ممتاز سامھون پيل ڪُرسيءَ تي جيئن ويٺل هو تيئن ويٺو رهيو.
”پھلوان! بيھہ، هيءَ ککر ناهي تہ هيءُ ٽجوڙ اندران ايندڙ آوز آهن. ٻُڌ، آواز ٻُڌ پھلوان ٻُڌ!“ پھلوان کي ڪجهہ بہ نہ پئي ٻُڌڻ ۾ آيو.
هُن اشاري سان پڇيس: ”ڪٿي آهن آواز؟
ممتاز چيس: ”هو ٻُڌ ٻُڌ! گهُٽيل آواز هو منھنجي ڪنوار سونان جا آواز آهن. هو روئي رهي آهي. چئي رهي آهي تہ کيس ماري ڇڏيان، پر کيس هٿ نہ لايان. هوءَ ڏس چئي رهي آهي. ممتاز! مون توکي پاليو آهي. مان تہ تنھنجي ماءُ آهيان، تون منھنجو سھڻو پُٽڙو ناهين؟... شال جواني ماڻين.“
ممتاز اوچتو رڙيون ڪرڻ لڳو: ”يا خدا، هن ٽجوڙ ۾ هيترا آواز محفوظ آهن.“
پھلوان حيران پريشان هو. هُن ممتاز کي هن جذباتي ۽ هيجاني ڪيفيت ۾ ڪڏهن ڪونہ ڏٺو هو. هو ڏک سک ۾ گهڻن ڏينھن کان گڏ هئا، پر هُن ڪڏهن ڪو سور نہ سليو هو. هُن رڳو کيس اَباڻي ٽجوڙ جو ٻڌايو هو ۽ بس.
”پھلوان هيءَ منھنجي شادي پئي ٿئي. هيءَ عجب شادي آهيان. مان خوش آهيان، پر سونان خوش ناهي. اڌ رات ٿي رهي آهي. ڪوٺي تي سونان ڪنوار ٿيو، مومل جيان ويٺي آهي. مان ويجهو وڃانس ٿو تہ هوءَ روئي ٿي ۽ پيرن تي ڪِري پوي ٿي. هوءَ ٻُڌ، ڇا ٿي چوي؟ منھنجا پٽڙا، منھنجا ٻچڙ،ا صدقو وڃانءِ. مان تہ تنھنجي ماءُ جيان آهيان. مان تنھنجي ماءُ ٿي رهڻ چاهيان ٿي. ڇڏ تہ مان تنھن جي ماءُ جيان خدمت ڪريان. ماءُ جيان توکي مٿڙي کي زور ڏيان، مانڙي کارايان، منھنجا ٻچڙا ممتاز! مون سان انگل آرا ڪر، رُسي وڃ، پر پنھنجي امڙيءَ کي ائين نہ مار! ماءُ کي اِئين بي عزتو نہ ڪر ممتاز!“
”پھلوان! مون هُن تي شڪ ظاهر ڪيو تہ هوءَ ٻئي ڪنھن سان کَريل آهي، اِنڪري مون سان زال واريون قرب جون گهڙيون نہ ٿي گهارڻ چاهي. مون هُن کي زوريءَ ڇاتيءَ لاتو، چميون ڏنيون ۽ کيس پان ساڻ گڏ سمھڻ لاءِ زور ڪيو. پر هوءَ سڏڪندي رهي، ڦٿڪندي رهي ۽ روئندي رهي. هوءَ پوءِ رُئندي هيٺ هلي ويئي. گهڙيءَ ۾ هوءَ منھنجي ماءُ ۽ پنھنجي ماءُ کي وٺي آئي. هو ٻُڌ اَمان جا اکر: ”اڙي بي حيا! سونان تنھنجا زال آهي. ڪھڙي ڀاڄ پئي اَٿئي. قرب محبت سان راضي ڪرينس. پيار ۽ قرب ۾ زور زبردستي نہ ٿيندي آهي ممتاز!“ هو ڏس جيجي بہ آئي آهي. هو ٻئي کلن پيون ۽ سونان کي سمجهائن پيون. ”سونان، سونان، لالي رو نہ، ڏاهي ٿي. ممتاز اُهو تنھنجو ٻچڙو نہ رهيو آهي، هاڻ هو تنھنجو مڙس آهي. ڏاهي ٿي ، پيار ڪرينس!“
پر سونان بي جان آهي، پٿر جھڙي سونان! هُن جي بي جان رَويي، سڄي رات ستائڻ تي، نيٺ مون کي ڪاوڙ اچي ٿي. مان کيس ماريان ٿو. هوءَ ڪُڇي نہ ٿي، نہ دانھون ڪري ٿي. هو ٻُڌ گهٽڪا کائي ٿي. نيٺ اڌ مئي ٿي. ٻُڌ ڇا ٿي چئي، ”ماءُ کي مارين ٿو تہ ڀلي مار، پَر ٻڌ جڏهن آسمان ۾ هيءُ ٻاجهہ جا تارا نہ هوندا، مان بہ تو وٽ نہ هوندس، ممتاز ٻچا! ڀلي مار. اڇو فجر مان بہ نہ ڏسندس.“
مون کيس مارڻ ۽ گهُٽا ڏيڻ بند ڪيا. هيءَ اُها سونان نہ هئي. هيءُ ”اَنا، سونان“ هئي. شل نہ انسان جي اندر شيطان جاڳي. مون کي ائين لڳو، ڄڻ سونان مون سان بھانا پيئي ڪري. ڪڏهن خيال اَچيم تہ دوڪان تان هڪ سيکڙاٽ ڇوڪرو رانجهو اچي ٻوڙ ٻاڙي وٺي ڏيئي ويندو هو. مون کيس ساڻس کِلندي ڳالھائيندي ڏٺو هو. ڪڏهن سؤٽاڻي سوٽ بشير کي بہ وٽس ويٺل ڏٺو هيم. ذهن ۾ جيڪي شڪي ماڻھو آيا، اُهي سونان سان جوڙيم، باقي رات ڦٿڪندي گذاريم. هوءَ منھن کي ٻانھن ڏيو پيئي هئي. مون آهستي ويجهو وڃي سندس ٻانھون پري ڪيون ۽ پوءِ کيس پيار ڪرڻ لڳس. ڳلن تي، چپن تي، اُنھن هنڌن تي جتي ڌڪ هنيا هيامانس. هُن ڪا گهڙي اکيون کولي مون کي ڏٺو، پوءِ آسمان ڏي ڏٺو. هاڻ آسمان مان تارا گم ٿيندي پئي ويا. پوءِ هُوءَ اُٿي منھنجي ويجهو آئي ۽ مون کي اکين تي پيشانيءَ تي چمي ڏنائين. پوءِ رَئو ڳچيءَ ۾ وجهي سھڪندي ليٽي پيئي. ائين ڄڻ ڪو وڏو پنڌ ڪري آئي هجي. هاڻ منھنجي اندر اِيرکا ۽ شڪ جي چڻنگ دُکي ڀڙ ٿي ويئي هئي. مون سندس ڳچيءَ ۾ ويڙهيل رئي کي ڇڪيو، جو ڳچيءَ ۾ سُڪ ڦاٿل هو. مون وڌي پاسن کان ڇڪيو تہ هڪ ئي سَٽ ۾ هڪ گهٽڪو، هڪ ڳيت ڏنائين. ڏس هوءَ مري وئي آهي. ٺيڪ اُن وقت جڏهن آسمان ۾ تارا نہ هئا، فجر جو وقت ٿيو هو. هو ٻُڌ، آذان ٻُڌ، ڀر واري مسجد مان اچي رهي آهي: ”حَي علي الصلاة... حيء علي الفلاح.“
مون اُن وقت کان نماز تہ نہ ڇڏي آهي. پر فلاح لاءِ رُلندو رهيو آهيان، توبنھن جي لاءِ واجهائيندو رهيو آهيان. پر ڇا هيءُ فلاح جو رستو آهي جنھن تي اَسان هلندا رهيا آهيون پھلوان!“
پوءِ ممتاز رُئڻ لڳو. پوءِ هُن پاڻ کي روڪيو ۽ لوئي وات ۾ ڏني. اِنھيءَ وچ ۾ پھلوان اچي ٽجوڙ جو دَر آهستي آهستي ورائي بند ڪيو ۽ هُو ٻاهر نڪتا. ممتاز آسمان ڏي ڏٺو، تارا آهستي آهستي اُجهامندا پئي ويا. ٻئي گهٽيون ٽپندا لهندا ويا. هن دفعي هُنن باغ وارو رستو نہ ورتو شھر اڃا اوندهڙي ۾ ٻڏل هو. هاڻ ڪٿي ڪٿي باهڙيون دُکيل هيون. چوڪيدار پنھنجي ننڊ پوري ڪري، ڪنھن ڪنھن دوڪان آڏو ويٺا هئا. پھلوان پراڻو چُور هو، هو پَريان ماڻھو ڏسي موٽيو. ممتاز ڏک ۽ غم ۾ ورتل وڌندو پئي ويو. هُن کيس ويجهو وڃي موٽايو. پوءِ هُو پوئتي جيئن وَريا تہ چوڪيدارن کيس ڏسي ورتو.
”اڙي ڪھڙا آهيو!“
”ڀلا نہ ويندي!“
پھلوان تہ ڦِٽل باغن ۾ لھي پيو، ممتاز وري بہ پنھنجي گهر وارين گهٽين ڏي وريو. هُن کي يقين هو تہ هُو سنھڙو سيپڪڙو آهي، هيءُ چوڪيدار کيس ڇا وٺندا. هُو اُنھن ڀڳل جاين ۾ لڪي ويندو. پوءِ جڏهن ڪير نہ هوندو تہ هُو ڀرسان ٺھيل ٻين نَين جاين ۾ ويندو، جتي سندس ماءُ، سندس جيجي سونان جي ماءُ ۽ چاچي پريل کان معافي وٺندو تہ هو گُنهگار ۽ ڏوهي آهي. سويل رُئندي رُئندي کيس خيال آيو تہ سندس ڇوٽڪارو اِنھيءَ ۾ آهي تہ هُو هاڻ ڌڻين کان بہ معافي وٺي، جن جو هو ڏوهاري آهي. هو اِهو سوچيندي ڊوڙندو رهيو. ”چور چور... وٺجانس، نہ ويندين!“ جا آوز هر گهٽيءَ مان گونجڻ لڳا. ممتاز پنھنجي گهر واري گهٽي ۾ داخل ٿيڻ تي هو. هو حفاظت ۽ اَمانَ واري جاءِ ۾ اچي محفوظ ٿيڻ وارو هو، جو الائي ڪٿان هڪ بندوق جو فائر ٿيو. ممتاز جي ڪُک وڃي ورتائين. هو ٿڙيو ٿاٻڙيو، پوءِ الائجي ڪيئن وڃي پنھنجي گهر جي جاءِ وٽ پھتو ۽ ڪڙو کڙڪائڻ لڳو. ممتاز جي سڳي ماءُ جي کٽ ٻاهرين دَر جي ويجهو هئي، ۽ هُن ان ويلي فجر نماز لاءِ پاسا پئي ورايا. اڃا ڪجهہ دير هئي. ائين بندوق جا ٺڪاءُ ٻُڌائين، ”چور... چور“ جا آواز ٻُڌائين، پوءِ در تي کڙڪو ٻُڌائين. بي اختيار وات مان نڪتس: ”ابا! ڪير“، جواب نہ آيو.
”اَبا ڪير؟“
ڏاڍي درد ۽ پيڙا مان جهيڻو آواز ڪنين پيس: ”امان! اَمان! مان ممتاز!“
هوءَ ڊوڙندي وئي، ممتاز جي آواز کيس ڇڪي دروازي تي آندو، پر دروازي تي اندران قُلف ڏنل هو. هُوءَ ڊوڙندي پٺتي وري. نورَ کان جهڪي، جيئن تيئن ڪنجيون کنيائين. دروازو نہ پئي کليس. نيٺ کُليو، سامھون ڪير بہ نہ هو. هُن هيٺ ڏٺو، پيرن ۾ لوئيءَ ۾ ويڙهيل هڪ ماڻھو پيو هو. هوءَ ڪا گهڙي بيٺي رهي، پوءِ اَندران جهٻي آيس. هُن کي پڪ ٿي تہ هُو ممتاز آهي. هُن ورهين کان پوءِ پٽ کي ڇاتيءَ لاتو. هوءَ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. محمد پريل ۽ سندس گهر واري پيرسنيءَ ڪري رڙهندا آيا. هنن ممتاز جي ماءُ کي رُئندي ڏٺو تہ هو سمجهي ويا ۽ هنن جي هنيان کي اهڙي سَٽ آئي جو هُو اُتي ئي هيٺ ويھي رهيا هُنن آسمان ڏي رحم لاءِ واجهايو. اُت هاڻ ٻاجهہ جا تارا بہ نہ رهيا هئا. پھلوان اِنھن ٻاجهہ جي تارن لاءِ واجهائيندو شھر کان ٻاهر سپر هاءِ وي ڏي ڊوڙندو ويو. سندس اکين ۾ هاڻ ڳوڙها ها، ممتاز ۽ سونان جي ڪھاڻي ٻڌي. پر کيس اڃا خبر نہ هئي تہ ممتاز ٻاجهہ جي تارن لاءِ واجهائيندي آوازن جي ٽجوڙ ۾ دفن ٿي ويو آهي، نہ تہ هُو اوڇنگارون ڏيئي ايڏو روئي ها جو آسمان لُڏي وڃي ها ۽ تارا ڪڏهن نہ اُجهامن ها.

(مھراڻ 3/2008ع

مان غريب الوطن ناهيان

شھر، ڳوٺ، واهڻ ۽ وستيون ڇڊيون ٿينديون وينديون آهن جڏهن اُنھن جي توڙ تائين پھچبو آهي تہ ايڪڙ ٻيڪڙ ڪچيون پڪيون جايون ۽ ڪي ڪکاوان گهر آخر ۾ وڃي رهندا آهن ۽ ائين جڏهن شھرن، ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين کي ڇڏيندي الوداع چئبو آهي تہ يا تہ ’خدا حافظ‘ جو بورڊ نظر ايندو آهي يا ’فلاڻي ٿاڻي جي حد شروع‘ ۽ ’فلاڻي ٿاڻي جي حد ختم‘ جا بورڊ نظر ايندا آهن ۽ ڪڏهن اُنھن بورڊن تي ٿاڻي جي صوبيدارن جا نالا بہ لکيل هوندا آهن.
هيءُ ڪو وڏو شھر نہ آهي، پر اُن جي پڇاڙي چڱي آهي جو شھر ڇڏيندي چڱي پنڌ تائين ڪي جايون، ڪي ڪکاوان گهر يا چند گهرن تي مشتمل ڪي ننڍڙا بي نام ڳوٺڙا بہ آهن. بي نام ڳوٺڙي وٽ اها ڇڊي، ننڍي، هڪ ڪمري واري ڪچي پڪي ننڍڙي جاءِ هئي. ضميرحسين پنھنجا وڻ ٽڻ ڇڏي ڪٿان اچي ڪٿي وارد ٿيو هو. هُن جڏهن هيءَ جاءِ سودي هئي تہ هيءَ جاءِ هئي، هاڻ اُتي اُنھيءَ جاءِ ۾ هڪ دُڪان آهي، جيڪو ضمير رهڻ واري ڪمري کي تياڳ ڪري پنھنجي گذر سفر لاءِ اَڌ ۾ دُڪان ۽ اڌ ۾ رهندو هو. اُنھيءَ جاءِ کي هڪ ماڙي بہ هئي، ڪوٺي تي هڪ ننڍڙو ڪمرو. ضمير ڪڏهن ٿڪبو هو تہ مٿي چڙهي هڪ کٽ تي اچي آهلندو هو. جاءِ کي هڪ اَڱڻ بہ هو. ٿوري دير ۾ وري هيٺ لھي اڱڻ ۾ لڳل نلڪي مان باڙدي ڀري دُڪان جي ٻاهران رکيل مَٽ آگهاري ڀريندو ويندو هو. پوءِ هو دُڪان جي سارسنڀال لهندو هو. جيتوڻيڪ سندس دڪان چوويھہ ڪلاڪ کُليل رهندو هو. رات جو هو. دير سان دڪان جو در اندران بند ڪري، اندر وڃي دُڪان پويان هٿرادو ٺھيل ڪمري ۾ سمھندو هو. هو ڪير هو ۽ ڪٿان کان آيو هو، ڪنھن کي خبر نہ هئي، پر اُٿڻ ويھڻ ۽ ڳالھائڻ مان لڳندو هو تہ سنڌ جي سرحدي شھرن جهڙوڪ جيڪب آباد، جهٽ پٽ يا جعفرآباد جو هو. هو خاموش طبيعت جو اَمن پسند ماڻھو ٿي لڳو. ورهين کان شھر ٻاهران اوجهڙ علائقي ۾ رهيو پيو هو. اوسي پاسي جا ماڻھو کانئس سيڌي پاڌي جون شيون اچيو وٺندا هئا. گراهڪي گهٽ هوندي بہ سندس گذر سفر ٿي ويندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن ڀرپاسي جي ڳوٺن ڏي ٽانگي تي ويندڙ سواريون ڪي سيڌي پاڌي جو رهيل کُهيل سامان ضمير کان وٺندا ويندا هئا. ضمير حسين جو منگوليائي چھرو ۽ اَڌ سُنھري وار اُن ڏينھن وڌيڪ چمڪندا هئا، جنھن ڏينھن ٻهراڙي جا ٽانگا گهڻي تعداد ۾ سندس دڪان آڏو بيھندا هئا ۽ هُن جي دڪان جو وهنوار وڌي ويندو هو ۽ سندس دَخل تي رکيل ڪاٺ جي پيتي ۾ روڪڙ ججهي ٿي ويندي هئي. اُنھيءَ صبح جو هو دڪان جي ٻُهاري ڪڍي ٽپڙ ٽاڙي ٿائنيڪا ڪري دڪان جي ٻاهران ڪٻاڙي کان ورتل هڪ لوهي ڪرسيءَ تي بالم ٿي ويٺو هو. هُن جي منھن مان ائين لڳندو هو تہ کيس ڪو فڪر ئي ڪونھي. هن جو چھرو سخت ۽ پٿرائون لڳندو هو. هو کلندو بہ گهٽ هو تہ ڳالھائيندو بہ گهٽ هو. پر گراهڪن سان ٿورا ڊاڙ ٺڪاءَ هڻڻ سندس فرضن ۾ شامل هو. گراهڪ وڃڻ کان پوءِ کيس ائين ماٺ اچي ويندي هئي ڄڻ چاٻي جو رانديڪو چاٻي کُٽڻ کان پوءِ ماٺ ۾ اچي ويندو آهي ۽ هڪدم بيھي رهندو آهي.
سياري جا ڏينھن هئا. دڪان آڏو باهڙي ٻاري پاڻ کي تہ گرم ڪرڻ جا جتن بہ پئي ڪيائين پر اوسي پاسي رهندڙ هارين نارين کي ڄڻ سَڏ پئي ڪيائين تہ ”دڪان کُلي ويو اٿو، اَچو دوستو، ٻارڙو! اچو، اچي هٿ سيڪيو.“ پر هونئن بہ صبح جو سندس دڪان جو وڪرو گهٽ ٿيندو هو. لڙيءَ ٻپھريءَ مھل، ڪي ڪڙمي ڪاسبي شھر کان ٽانگن يا گاڏن تي موٽندا هئا تہ سندس دُڪان تي گهڻو ڪري کُٽل سامان يا سگريٽ ٻيڙين لاءِ بيھندا هئا ۽ شھر جو احوال، روزگار مزوري جو احوال ڏيندا ويندا هئا. هو دڪان جي ٻاهران پيل هڪ بورڊ کي تڪي رهيو هو، جيڪو هن ڀت سان ٽيڪ ڏياري رکي ڇڏيو هو. هُن اڃا تائين بورڊ ٽنگيو نہ هو. هيءُ ڪنھن چانھہ جي ڪمپنيءَ جو اشتھار هو، جنھن جي هيٺان لکيل هو: ”اسٽاڪسٽ: ضمير خان بلوچ غريب الوطن اسٽور.“ ڪافي ڏينھن کان پيل اُنھي بورڊ کي تڪيندو رهيو، پر جڏهن هُن جي نظر ضمير خان بلوچ تي پوندي هئي، تہ ويتر وسامي ويندو هو. شايد اِهوئي سبب هو جو هُن انھيءَ بورڊ کي مٿي ڪين هڻايو هو. هو جڏهن اُنھي نالي کي ڏسندو هو تہ کيس ائين لڳندو هو تہ هُو ڪيترن ويچارن ۾ پئجي پنڌن ۽ پيچرن تي وڃي رهيو آهي، جت ڪنڊن ۽ پٿرن جي واٽن کان سواءِ ڪي بہ ڪينھي. سندس پير پٿون ٿيندا وڃن ۽ چَپ خشڪ. پوءِ هو اُٿي ٻاهر ئي پيل مَٽَ مان جستي گلاس ۾ پاڻي ڀري ٻہ ٽي گلاس پي ويندو هو. مٿان وري ”غريب الوطن اسٽور“ سندس لاءِ ڏکوئيندڙ گهڙي هوندي هئي. هو اُنھيءَ خشڪي کان پاڻي پي رهيو هو تہ پريان سندس نظر سڌي رستي تي ڏانھس ايندڙ ٽانگي تي پيئي. هُن دلچسپي سان ٽانگي کي جانچيو. هُن سوچيو، ڪي ٻهراڙيءَ جون سواريون، يا ڪو زميندار پنھنجي ٻني ڏانھن وڃي رهيو آهي. هو بي اونو ٿي وري ڪرسي تي وڃي ويٺو. هو اُنھن ڏکين پنڌن پيچرن تي هلڻ لڳو. ائين ٽانگو اَچي سندس ڀرسان بيھي رهيو.
”بس، پُٽ! بس،... شاباس...،“ ٽانگي واري جي آوازن تي هُن ڪنڌ مٿي کنيو. هيءُ تارو ٽانگي وارو هو. هو سندس ڀرسان اچي بيھي رهيو. هُن تاري جي منھن ۾ نھاريو. تارو ٽانگي وارو سندس دوست ٿي ويو هو پر هن ويل تارو وٽس اچي هٻڪي بيھي رهيو. هو کيس ٽانگي ڏي اشارو ڪري رهيو هو. هُن بيدليءَ سان ٽانگي ڏي نھاريو. هي زنانيون سواريون هيون.
”چئہ، ڇا گُهرجينِ... پڇي ڏي.“ هُن تاري کي اهڙي رُکائيءَ سان چيو جو تارو ڇرڪي ويو. تارو جڏهن بہ سواريون کڻي ويندو هو يا ايندو هو تہ ٻه-ٽي اهڙا غؤنزل اُڇلي ويندو هو، جو ضمير پوءِ بہ اُنھن جو ويٺو مزو وٺندو هو. هونءَ سڀني ٽانگي وارن سان لڳندي هئس، پر تاري سان گهڻي هئس. اَڄ هو اهڙي سوچ ۾ هو، جو کيس ڪا ڳالھہ نہ پئي وڻي. هيءُ جو تارو اچي مٿان بيٺس تہ ڪؤڙو جيءُ ڪري دڪان ۾ وڃڻ لاءِ اُٿيو، تہ تاري ٻانھن کان ورتس.
”خان! سودو نہ کپي. هي زنانيون سواريون خان بلوچ جو پڇنديون مون تائين پھتيون آهن. سڄي رات ٽيشڻ تي ولھہ ۾ گذاري اٿن. ساڻن هڪ ٻارڙي بہ گڏ آهي. ٿڌ سندن ۽ ننڍڙيءَ جا حال بُرا ڪري ڇڏيا آهن. ٻن ڏينھن کان بخار ۾ آهي. ڪي ڏينھن شھر ۾ گذاريا اٿن. ڪنھن خان بلوچ کي ڳوليندي ھھڙا حال ٿيا اٿن. جهٽ پٽ جون آهن. تنھنجو جڏهن گهمائي ڦيرائي پڇيائون، تہ مان کين سڌو هِت وٺي آيو آهيان. خان بلوچ... سواريون ڏس، سُڃاڻ. ڪٿي مون غلطي تہ نہ ڪئي آهي.“
ضمير خان بلوچ، غريب الوطن، ڪا گهڙي وسامي ويو. هوُ ٽانگي کي تڪيندو رهيو. ٽانگي اندر ڇٽيءَ اندر ڪي مايون ويٺل هيون، جيڪي کيس پُڇنديون هِت پھتيون هيون. هُو تہ پويان لُڙَ لڙاڪا لاهي ڳوٺان ڀڳو هو. ٻہ ٽي سال روپوش رهي ’غريب الوطن‘ بڻجي هت پھتو هو، پر سندس ماضي سامھون ڪَر کڻي بيھي رهيو.
هُو آهستي آهستي سُرندو ٽانگي جي هودي واري پاسي وڃي بيٺو. هُن ڪنڌ کڻي سوارين ڏانھن ڏٺو. هيءَ ٻہ مايون اُجڙيل حالت ۾ سوٽي چادرن ۾ پاڻ کي ويڙهيو ويٺيون هيون، پر سيءَ سندن ڌاڻان ڪڍي ڇڏيا هئا. هو ڏڪن بہ پيون ۽ چادرن جي پلون سان منھن ڍڪيو ويٺيون هيون. هڪ ٽن چئن سالن جي نينگري سندن هنج ۾ ليٽي پيئي هئي. هنن چادرن جا منھن کي ويڙهيل نقاب هٽايا تہ ضمير شوڪارو ڀريو. هُن سوچيو تہ ڪاري ڏاند جا مالڪ هُن جا گهر وارا اچي نڪتا آهن. هنن ۾ هڪ جوانڙي، هڪ جهونڙي پر هڏ ڪاٺ جي مضبوط مائي هئي. هيءُ هئا تہ بلوچ پر سندن گگها ۽ ڀريل چادرون ٻڌائين پيون تہ هيءُ ننڍڙو قافلو سندس وطن جو آهي. هُن صحيح سڃاتا هئا، پر پوءِ بہ هُن کانئن پڇيو: ”اَبا! ڪنھن کي ڳوليو ٿا. مون کي تہ نہ ٿا ڳوليو!“
”اَبا! اسين ڪنھن کي نہ ٿا ڳوليون. اسين وطن ڇڏي، ظالمن جي ظلم کان ڀڳا آهيون. اسان کي ڪجهہ وقت لاءِ اَجهو کپي. هيءُ ننڍڙي چاق ٿئي تہ پوءِ اسين اڳتي وڃون. اسين ڪافي ڏينھن کان سفر ۾ آهيون، دربدر ڦِرون ٿا. تون سٺو ماڻھو ۽ وطني ڏسجين پيو. اسان جي مدد ڪر، اَبو ناهين؟“
هُن تاري ڏانھن ڏٺو، پوءِ وڌي ننڍڙيءَ کي هنج ۾ کنيو ۽ ماين کي چيو تہ ”اَمان! فڪر نہ ڪر. تون پنھنجن ۾ آهين. تون وطني آهين. تون بلوچ، مان بہ بلوچ. اندر تہ هلو.“ هو کين دڪان جي پويان ڪمري کان ڪڍي اڱڻ ۾ وٺي آيو. هُن ماين کي اشارو ڪيو تہ مٿي ڪوٺي تي ماڙي ۾ هلن. تارو سندن ٿيلھو ۽ ٻيو ٿورو گهڻو سامان کنيو پئي آيو. ماڙيءَ جي آڏو ڇاپرو ٺھيل هو. اُتي بہ کٽون پيون هيون. هُن ننڍڙيءَ کي ليٽايو ۽ ماڙي واري ڪمري جو دروازو کولي ڏنو.
”اَمان! توهان آرامي ٿيو. هتي جاءِ گهڻي آهي،“ هُن دل تي هٿ رکي چيو.
”اَمان! نينگريءَ کي تپ ڏاڍو آهي. مان هن کي ڊاڪٽر کي ڏيکاري اَچان.
”مان بہ هلنديس. مان بہ ڊاڪٽر کي ڏيکاري اچان، اَمان! مان بہ تپجي پئي آهيان.“ نوجوانڙي يڪدم چيس.
هُن بي خياليءَ ۾ ضمير جي هٿ تي هٿ رکي چيو: ”ڏس، تَپ آهي نہ؟“ سندس هٿ تہ گرم هو، نرم ڇھاءُ تي ضمير ڇرڪ ڀريو. هُن ڪنڌ سان هائو ڪئي.
”تارا! مان تو وارو ٽانگو ڪاهي ٿو وڃان. تون گاسليٽ وارو چُلھو ٻاري امان لاءِ چانھہ ٺاھہ. دُڪان تان کير بہ کڻي آءُ ۽ ٻہ چار پاپا بہ. دڪان تي چڪر بہ پيو لڳائجانءِ“، ضمير ننڍڙيءَ کي ڪلھي تي کنيو ۽ هيٺ لٿو. پويان نوجوانڙي جيڪا هن ننڍڙيءَ جي ماءُ ٿي لڳي، اُها بہ ائين ڏاڪڻ ٽپي هيٺ لٿي ۽ اندرئين ڪمري ۽ دڪان مان ٿيندي وڃي ٽانگي وٽ بيٺي، ڄڻ هيءُ هنڌ چڱيءَ طرح ڪو سندس اڳي ئي ڏٺل هجي. ضمير کي بہ هٿ ڏنائين تہ کيس چڙهڻ ۾ مدد ڪري. ضمير کيس هٿ ڏنو ۽ جڏهن هڪ ڪُئنرو هٿ سندس هٿ ۾ آيو تہ سندس جسم کي هيءُ ٻيو دفعو جهٽڪو آيو. هُن هن کي مٿي چاڙهي ننڍڙي کيس هنج ۾ ڏني. پوءِ پنھنجي لوئي لاهي کيس ويڙهي. اُن جوانڙي بہ اُنھيءَ لوئيءَ ۾ ننڍڙيءَ کي ويڙهيو. ضمير ٽپ ڏيئي اڳيان ويھي رينان سنڀاليون. ٽانگي کي اهڙي مھارت سان ڦيرايو ۽ دُڙڪيءَ ڇڏيو جو پويان ويٺل جوانڙي بہ حيران ٿي وئي. هو ڪڏهن ڪڏهن تاري جو ٽانگو يا ڪنھن ٻئي يار جو ٽانگو کڻي شھر ويندو هو ۽ حاجي رَمل جي دڪان تان پنھنجي دڪان لاءِ سودو ۽ ايجنسي واري وٽان سگريٽ جا ڏنڊا کنيو ايندو هو. ٻيو روزمره جو سامان، سائيڪلن تي گهورڙيا يا هاڪر بہ ڏئي ويندا هئا. اوچتو ضمير وري ڇُهاءُ محسوس ڪيو. جوانڙي جو هٿ سندس ڪلھي تي هو ۽ هو اُن جي دٻاءُ تي ائين سمجهي رهيو هو تہ ٽانگو آهستي هلائي، پر هٿ جو دٻاءُ ايترو تہ وڌي ويو جو هُن پوئتي نھاريو. جوانڙي کيس عجب ۽ پيار ڀرين نظرن سان ڏسي رهي هئي.
”ضمير خان!... پناھہ ڏيڻ جي مھرباني. ڪجهہ ڏينھن اوهان وٽ رهنداسين.“
”پر تون اِهو تہ ٻڌاءِ، تہ توهان مون تائين پھتا ڪيئن.“
”سھڻا سائين! سڀ تنھنجي مِلڪ آهي. بس ڏس، ٽن سالن کان بہ مٿي ٿيو. عشق سچو هجي تہ نيٺ تہ ملبو نہ. مان تہ تنھنجي گولي آهيان تنھنجي نڪاح ٻڌي زال آهيان، ڏس، ضمير خان، مون ئي توکي اُتان ڀڄايو هو، نہ تہ مون وارو سوٽ شهباز خان توکي ڪارو ڪري ماري ها. ڀلي اسان جو نڪاح ٿيل هجي ها پر هُن لاءِ تہ تون ڌاريو هئين. هُن کي نڪاح جي سُڻڪ پئجي وئي هئي. تنھنجي گم ٿيڻ کان پوءِ هُن ڏاڍا جتن ڪيا تہ منھنجي شادي ٻئي ڪنھن سان نہ پر ساڻس ئي ٿئي، توڙي جو کيس ٻہ ٽي گهر ٻيا بہ آهن. توکي تہ خبر آهي، نڪاح مٿان نڪاح سردارن لاءِ ڪا معنيٰ نہ ٿو رکي، پر مان اِنڪار ڪندي آيس. هاڻ جڏهن سِرَ تي اچي پيئي، شاديءَ جون تياريون ٿيون تہ اسين اُتان نڪتاسين ۽ توکي ڳوليندي ڳوليندي اچي تو وٽ پھتاسين.“
ضمير کانئس ننڍڙيءَ لاءِ پڇيو تہ هيءَ ڪير آهي. زرين ٿورو چُپ رهي، پوءِ چيائين: ”هيءَ ننڍڙي شھزادي، يتيم ڇوڪري آهي، اَمان پالي آهي.“ ضمير ٽانگو وڻن جي جهڳٽي ۾ بيھاري ڇڏيو هو ۽ هن جوانڙيءَ جو داستان ٻُڌي رهيو هو. هُن ڪنڌ ورائي کيس پاڻ ڏي ڇڪيو ۽ پيار ڪيائينس.
”زرين!... مان هِت اڪيلو مري ويو هئس. غريب الوطني هنيانءُ ڪڍي ڇڏيو هو. ڇا اسين وطن واپس نہ وينداسين!“
”نہ رڳو واپس نہ وينداسين، پر هتان نڪري هلڻو آهي. توڙي جو تون شھر کان ٻاهر ٻهراڙيءَ ۾ رهين ٿو. هنن ظالمن کان پري ناهيون.“
ضمير سوچ ۾ پئجي ويو. هُن ننڍڙيءَ کي ۽ زرين کي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو. ڊاڪٽر سُيون هنيون، شربت گوريون ڏنيون. ضمير شھر مان ڀاڄي ڀُتي، سيڌو پاڌو ورتو. هو جڏهن موٽيا پئي تہ زرين ضمير سان وَرُ ڳالھايو:
”تون مون کي شھر بہ وٺي هلئين. ڪنھن ڏسي ورتو تہ مارجي وينداسين. سردار شهباز خان تَر جو ڪو ننڍو سردار يا زميندار ڪونھي. سندس واسطا سنڌ سان بہ آهن. هاڻ تڪڙو هل، باقي گهر هلي ڳالھائينداسين.“ زرين جي آواز ۾ ڏڪڻي هئي.
هُو دڪان تي پھتا. اُت ڪوبہ گراهڪ ڪونہ هو. هو اندر گهڙيا. اَڱڻ ۾ تارو ٽانگي وارو بيٺو هو. زرين ٽپ ٽپ ڪري مٿي چڙهي وئي، سيڌي سامان ۽ ڀاڄين وارا ٿيلھا بہ مٿي کنيو وئي.
”اَبا! دير ڪيوَ. چڱو مان هلان ٿو، ضمير! هاڻ هيءُ اڱڻ وارو در اَچڻ وڃڻ لاءِ هوندو، جيستائين مهمان اِتي آهن. پر ڳالھہ ٻڌ، چڪر ڇاهي. مون کي تنھنجو نالو کڻي چيائون تہ ضمير خان بلوچ کي سڃاڻين ٿو. مون تڏهن کين هتي پھچايو. هِت نہ تون کين سڃاڻين ٿو، نہ هو توکي سڃاڻن ٿيون. چَڪر ڇاهي؟“
ضمير ٿورو مُشڪيو، پوءِ ٽپ ٽپ ڪندو نينگريءَ کي کنيو مٿي هليو ويو.
”اُستاد! خيال ڪجانءِ. شام جو سواري لڳي تہ ايندومانءِ. ڪا گڙٻڙ آهي... ڌڻي خير ڪندو.“
تارو تہ هليو ويو، ضمير ننڍڙيءَ کي کڻي سِڌو ماڙي ۾ اندر سمھاريو. هينئر ٻيئي کٽون اندر پيون هيون. هُن دَر ٻيڪڙيو ۽ جهونيءَ کي نئڙي پيرين پيو ۽ پوءِ زرين کي ڀاڪر پائي رُئڻ لڳو. ڪي گهڙيون مائي کين ڏسي رئندي رهي. ائين ٻاهران سڏ ٿيڻ لڳا. ضمير هڪ وار وري زرين کي پيار ڪندو رهيو، پوءِ ڳوڙها اُگهندو هيٺ لھي ويو. دڪان تي گراهڪ اچي ويا هئا. هو سڄو ڏينھن دڪان تي ڪم ڪندو رهيو. زرين وارا آيا هئا تہ ڀاڳ بہ کنيو آيا هئا. گراهڪي وڌي وئي هيس. لڙيءَ منجهند جو ڪجهہ ساهي مليس تہ هو مٿي ويو. زرين، سندس ماءُ ۽ ننڍڙي ماني رکيو ويٺا هئا. جڏهن هو ويو تڏهن هنن گَڏ ماني کاڌي، زرين ماني ٺاهي هئي.
ضمير سالن کان پوءِ زالاڻي هٿ جي ماني کاڌي هئي، اڄ ماني ۾ سواد ئي ٻيوهو. هو ماني کائي اُتي ئي آهلي پيو. زرين ويھي زور ڏنس، هُن کي ننڊ اچي وئي. کڙڪي تي هو سجاڳ ٿيو. هُن ڏٺو تہ زرين سندس پيرن ۾ بي خبر پيئي هئي. هو يڪدم هيٺ لٿو. شام ٿي ويئي هئي. کير وارا شھر ۾ کير کپائي موٽيا پئي. ڪي گهوڙي گاڏين تي هئا، ڪي ٽانگن تي، ڪي سائيڪلن تي. اچي دڪان تي بيھي رهيا. سودو سلف وٺي هڪ وڏي چؤنري کير جي ڀري ضمير کي ڏئي ويا.
”خان! ٻُڌو آ تہ تو وٽ مهمان آيا آهن. هو اسان جا بہ مهمان آهن. هيءَ سندن مهماني آهي.“
هو واندو ٿي کير کڻي مٿي ڏئي آيو. زرين غسلخاني ۾ هئي. ماڻس کيس ڏاڍيون دعائون ڏنيون. هُن ننڍڙيءَ کي ڏٺو، بخار جهڪو ٿي ويو هئس. هوءَ اُٿي ويٺي هئي. هُن کيس پيار ڪيو. هُن کي هن نينگريءَ مان پنھنجائپ جي خوشبو پئي آئي. سندس نقش سڃاتل پئي لڳس.
”تنھنجو نالو ڇا آهي؟“
ننڍڙي ٻاتڙي لھجي ۾ چيو: ”منھنجو نالو شھزادي آهي.“
هُن کيس وري پيار ڪيو. ائين هُن ڏٺو تہ تارو مٿي چڙهي آيو. هو ڪجهہ گهٻرايل پئي لڳو. ”استاد، ڪي گراهڪ آيا اٿئي.“ زرين جي ماءُ تاري کي کيڪاريو.
”هن ابي اسان جي وڏي مدد ڪئي آ. ڌڻي خوش رکندس. اَبا، ماني کائيندين؟..... مون منجهند ئي تنھنجي ماني الڳ رکي آهي.“
تارو ماني تي ويٺو ڄڻ گهر جو ڀاتي هجي. ضمير هيٺ لھي آيو. هُن گراهڪن کي منھن پئي ڏنو. ڪجهہ دير کان پوءِ تارو بہ لھي آيو ۽ ضمير سان ڳالھہ ڪيائين، جنھن مان سندس ڳڻتي جو اظهار هو.
”استاد، تنھنجي مهمانن جي ڳالھہ سڄي شھر ۾ هُلي ويئي آهي. هيءُ جو تون زرين ۽ ننڍڙيءَ کي کڻي گهمندو پئي وتين. جيترا وات اوتريون ڳالھيون. هيءُ ٻهراڙيءَ ۽ کير وارن بہ ڍويو ڍويو ڪيو آهي. هنن کي جيترو جلدي روانو ڪرين اوترو سٺو آهي.“ ائين چئي تارو تہ هليو ويو، هُن کي ڳڻتي ڏئي ويو. هو اِنھيءَ ڳڻتي ۾ جو ويٺو رهيو تہ کيس وقت جي سمڪ ئي نہ رهي. هُن پنھنجي ڪمري مان روشني ايندي پَسي. هُن هڪ اَپسرا کي دڪان اندر داخل ٿيندي ڏٺو. هُن جي هٿ ۾ لالٽين هو. هيءَ زرين هئي. هوءَ سڌو دڪان جي دروازي ڏي وئي ۽ دڪان جو در اَندران بند ڪيائين. ضمير کي اُٿاري سندس ڪمري ۾ وٺي آئي. ضمير هڪ سحر ۾ هو. هيءَ زرين ٺھي جُڙي، هارَ سينگار ڪري سُرهاڻ ڦھلائيندي مٿان جو هيٺ لٿي تہ هو اُنھي ئي سحر ۾ هليو ويو، جڏهن زرين کي هُن نڪاح کان پوءِ پھرينءَ رات پَسيو هو. اُها سھاڳ رات ڄڻ اَڄ وري وٽس موٽي آئي هئي. هو جڏهن ٻئي وڏي ڇپرکٽ تي ويٺا تہ زرين وٽان ايندڙ خوشبو کيس مست ڪري ڇڏيو. سندس ڳڻتيون غم فڪر سڀ دور ٿي ويا. هيءَ ٻئي ورهين جا وڇڙيل جو مليا تہ دوريون دور ٿي ويون. زرين جي بي ساختگيءَ ضمير کي چريو ڪري ڇڏيو. زرين بيھوشيءَ ۾ مست ٿيندي چيو: ”شال هن ميلاپ جو بہ ڪو ائين ڦل ملي جيئن اُن رات جو ڦل مون کي مليو.“
ضمير وائڙو ٿي کيس ڏسڻ لڳو. زرين وڌيڪ ويجهو ٿيندي ڪَن ۾ سُرٻاٽ ڪيس تہ ”چريا خان! شھزادي تنھنجي ئي تہ ڌيءَ آهي. هاڻ دعا ڪر فقير، تہ هن دفعي پُٽ ڄڻيان.“ هوءَ کلي ويٺي. لالٽين جي جهڪي روشنيءَ ۾ سندس اَڇڙا ڏند چمڪي پيا. هونئن بہ سندس منھن ۽ سڄو بُت سارو چمڪي ۽ ٻھڪي پيو. ضمير سوچيو تہ هاڻ هو هت پنھنجو وطن ٺاهيندو، هو ’غريب الوطن‘ نہ رهندو.
هاڻ هو اڱڻ ۾ نڪري آيا ۽ ڏاڪڻ جي هيٺين ڏاڪن تي ويھي رهيا. اڱڻ ۾ چانڊوڪي بھار آڻي ڇڏي هئي. هو ٻئي هلڪي ٿڌ جي ڪري هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي ويٺا هئا ۽ روح رُچنديون بہ پئي ڪيائون. سندن هڪ ٻئي جي قرب مان جيءُ ئي نہ ڀرجي. ائين ننڍڙيءَ مٿان سڏ ڪيو: ”اَمان، منھنجو بابا ڪٿي آهي.“ ننڍڙيءَ ڏاڪڻ جي مٿاهين ڏاڪي تي بيھي پئي سڏ ڪيا. ناني گڏ بيٺي هئس. ضمير اولاد جي ڇڪ کان اُٿيو ۽ تڪڙو مٿي وڃي ننڍڙيءَ کي کنيائين ۽ مِٺيون ڏيندو رهيس ۽ ڳوڙها ڳڙندا رهيس.
”امڙي! شھزادي ڌي! مون کي معاف ڪجانءِ، مون توکي نہ سڃاتو. تون تہ منھنجو جيئرو جگر آهين، رَتُ آهين.“
زرين ۽ سندس ماءُ جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. هو ضمير کي چنبڙي رئنديون رهيون. پوءِ هيٺ لھي ضمير جي ڪمري ۾ سڀ ڇپرکٽ تي مِڙي ويٺا. هنن جون ڳالھيون نہ کٽن. هڪ ٻئي جي سِڪَ جا ماريل هجن. ضمير دڪان تان ڪڏهن ڳُڙ جي لائي کنيو اچي، ڪڏهن بوڙينڊا تہ ڪڏهن کٽمٺڙا ۽ بسڪوٽ. ننڍڙي شھزادي آڏو هُن ٽولن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. زرين خوش ٿئي، گَد گَد ٿئي، سندس حُسن ۽ مُرڪون جَرڪي اُٿيون.
”اَمان، شھزادي! بابا جو سڄو دڪان کپائيندينءَ ڇا؟“، ناني کلندي ۽ کيس پيار ڪندي چيس.
”هيءَ مِلڪِ سندس ئي آ، جيستائين تون کيس ڪو ڀاءُ نہ ڄڻي ڏين.“
زرين شرمائجي وئي. ماڻس کِلي ڏنو.
”شل اڄوڪي رات سڀاڳي ٿئي. جوڙي سلامت هجي، تہ ڀائڙا گهڻا.“ زرين تيئن ٽڙي پيئي.
زرين جي ماءُ ائين اوچتو ٽپ ڏئي اُٿي بيٺي.
”اڙي مُٺيس! کير ۾ مصري ڦوٽا وجهي ڪاڙهي مٿي ڇڏي آئي آهيان. هَلُ ڇوري! مڙس لاءِ کير کڻي آ.... اُٿي اَمان شھزادي! پاڻ مٿي پنھنجي ڪمري ۾ هلون.“ شھزادي پيءُ کي چنبڙي پيئي.
”ڀلا اِهو تہ ٻڌايو تہ توهان شھزاديءَ لاءِ ڇو نہ پئي سچي ڪئي. مون کي مُنجهائي ماريو! چي: هيءَ يتيم ڇوڪري آهي، اَمان پالي آهي. ڇو يتيم آهي، سندس وارث جيئرا جاڳندا ويٺا آهن.“
”مون امان کي جهليو هو تہ ڏسان، تہ تون کيس سڃاڻين ٿو يا توکي ڇِڪ ٿئي ٿي!“
”ڪيئن نہ ٿيندي؟... مون سوير جڏهن کيس پيار ڪيو، اُن ويلي مون کي عجيب ڇِڪ پئي ٿي، جيڪا مان سمجهي نہ پيو سگهان. تو سوير سچي ڪئي تہ دل گهريو تہ هينئر مٿي وڃي جيڪر کيس ڀاڪر پايان ۽ مِٺيون ڏيان، پر اُن وقت سرڪار جي اجازت نہ هئي“، هُن حرڪتي نظرن سان زرين ڏي نھاريو. زرين رَئي جو پلئہ منھن تي آڻي کلي پئي.
پوءِ هي سڀ مٿي هليا ويا تہ هُن سوچيو تہ پنھنجي گهر ۽ خاندان جي هُن حفاظت نہ ڪئي تہ ڪير ڪندو. هو ظالم تہ زرين ۽ شھزادي جا تہ ٽُڪرا اُڏائي ڇڏيندا. هنن کي وٺي ڪاڏي لڪايان. هنن جي حفاظت ڪرڻي آهي تہ هت ئي ڪرڻي آهي. هي سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻھو منھنجي سارَسنڀال لهندا. سنڌ ئي منھنجو وطن آهي. مان ”غريب الوطن ناهيان“. هو وَر وَر چئي رهيو هو تہ ”مان غريب الوطن ناهيان... مان غريب الوطن ناهيان.“
ائين زرين کير کڻي اندر گهڙي.
”ڪير ٿو چوي تہ تون غريب الوطن آهين. سنڌ بہ اسان جو وطن آهي. جيئن چوندين تيئن ٿيندو. توتان سِرُ بہ قربان. توکي هت خوش ڏسي، هتان جي ماڻھن جي مهماني ۽ تنھنجي دُڪان تي ڊَنب ماڻھن جا ڏسي مون مان ڊپ نڪري ويو آهي. هِت هيترن پنھنجن ۾ شهباز خان ڇا ڪندو. تون جت خوش هوندين، مان اُت خوش هوندس.“
زرين جوئر جي ماني ۽ لوٽو کير جو ٽيبل تي رکي اچي کيس ڀاڪر پاتو. ضمير جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
”هيءَ جوئر جي ماني ۽ کير ٻاهرئين در کان سوير هڪ ڇوڪرو ڏئي ويو. هي پَريان جيڪي گهر آهن، اُنھن مان ڪو کڻي آيو هو. صبح جو نيرن بہ موڪلائي اٿن.“
ضمير خوش ٿي کير بہ پيتو ۽ جوئر جي ماني بہ کاڌي.
سڀاڻي کان نئون صبح ٿيندو. اسين سڀ ۽ ڳوٺ وارا گڏجي انھن ظالمن سان مقابلو ڪنداسين، جن اسان جھڙن غريبن جو جيئڻ جنجال ڪيو، گِرھہ نِرھہ ڪيو، گهر کان بي گهر ڪيو!“
ائين دڪان واري در تي کڙڪو ٿيو، ضمير اُٿي لالٽين کڻي دروازي تي آيو. زرين گڏوگڏ چهُٽي پئي هئس.
”اَبا ڪير؟“
”اُستاد! مان تارو.... توڏي خير“، تاري نشاني وارا اکر ڏنس.
ضمير يڪدم وراڻيس، ”هيڏي سڀ خير“. هُن وڃي دڪان جو اڌ در کوليو.
”استاد! هيءُ ٻہ ماڻھو بندوقن سان شاھہ محمد کير واري جا ۽ ٻہ ماڻھو ڳوٺ وارن طرفان قبول فرمايو.“
”اَبا، ايترا ماڻھو.... مون کي جنگ وڙهڻي آهي ڇا؟.... تون ماڻھو موٽاءِ. هيءَ منھنجي بہ سنڌ آهي.... هيءُ منھنجو بہ وطن آهي... مون کي ڇا جو ڊپ! رڳو چئجانءِ تہ هتان بہ ڪنھن مھل وڻين تہ چڪر ڏين. سامھون باهڙيءَ تي وِهن تہ ڪَنُ هيڏانھن هُجين.“ هُن وڌي تاري کي ٻانھن کان وٺي اندر ڇِڪيو.
”تارا! هيءَ زرين آهي منھنجي گهرواري. ڪِڪڙي منھنجي ڌيئڙي آهي ۽ امان منھنجي سَسُ. هيءُ منھنجوئي ڪٽنب آهي. تو منھنجو ڪٽنب مون سان ملائي مون تي وڏو احسان ڪيو آهي. ٻيو احسان اَڌ رات جو اُٿي آيو آهين خبرگيري ڪرڻ ۽ ماڻھن جو بندوبست ڪرڻ. تنھنجا ٿورا مان ڪيئن لاهيندس.... هاڻي هي ڪيڏانھن نہ ويندا. اسين هاڻ هِت رهنداسين.“ ضمير ڳالھائي دنگ ڪيو ۽ تاري ڏي ڏٺائين. هُن جو وات ڦاٽل هو، هو حيران ۽ پريشان هو. هو بت بڻيو زرين کي ڏسي رهيو هو. صبح واري زرين بيمار ۽ اُجڙيل، هينئر واري زرين جَرڪي پيئي! سندس منھن ڪُندن وانگر چمڪيو پئي. هوءَ جيئن کِلي تہ سندس سھڻا اَڇا ڏند جرڪيا.
ضمير تاري کي ٻانھن کان وٺي دروازو کولي ٻاهر ڪڍيو. تاري کي اعتبار نہ پئي آيو، تہ حُسن ائين بہ حيران پريشان ڪندڙ هوندو. زرين کِلندي کِلندي تاري وارو نظارو ڏسي اهڙي ساڻي ٿي جو بيھي نہ پئي سگهي. ضمير ڪنڊ ۾ پيل هڪ رنگ جو دٻو کنيو ۽ برش بہ ۽ دَر کولي ٻاهر نڪري ويو. هاڻ ٻاهر ڪير بہ نہ هو. زرين مٿي تي پلئہ وجهي، يڪدم در وٽ بيھي ڳچي ڪڍي ٻاهر ڏسڻ لڳي. ضمير چانھہ جي اشتھار واري بورڊ وٽ وڃي بيھي رهيو ۽ پوءِ ”ضمير خان بلوچ غريب الوطن“ مان ”غريب الوطن“ لفظ تي ڪارو رنگ ڦيري يڪدم اندر اچي ويو. زرين کانئس رنگ جو دٻو ورتو، در ڏنو ۽ پوءِ هُن ضمير کي پنھنجي ٻانھن ۾ سوگهو ڪيو ۽ ضمير سندس سيني سان لڳي سڀ غم وساري ڇڏيا. هيءُ ٻئي ورهين جي وڇوڙي جا ماريل هئا. هنن کي هر بيخودي مباح هئي.

(مھراڻ 4/2008ع)

اُف! هيءُ جيون.بم ڌماڪا

نانو موسو اسان جي ڏاڏي قبلہ سونل جو هڪڙو ئي ڀاءُ هو، جنھن کي ڏاڏي صاحبہ پيار مان ’موسن‘ سڏيندي هئي. اسان جڏهن کيس ڏٺو تہ هُو جهُونو ٿي چڪو هو ۽ اسين ڇوڪراڻي وَهيءَ تي مس پھتا هئاسين، پر هُو هلڻ ڪرڻ ۽ ڪم ڪار ۾ جوپ بيٺو هو. نانو موسن اسان سان گڏ وڏي گهر ۾ ڪونہ رهندو هو، هُو شاهي بازار جي پُٺ ۾ هڪ ماڙي نما جاءِ ۾ رهندو هو، جنھن کي اسين ”گُلي ماڙي محل“ بہ چوندا هئاسين. هيٺ پاڻ رهندو هو، مٿي سندس ڏوهٽو گُلي جيڪو پڙهڻ سانگي اُتي آيل هو، اُهو رهندو هو. نانو موسن پنھنجي ڏوهٽي کي پيار مان ”گُلي“ سڏيندو هو. هن ماڙيءَ تي بہ ”گُلي ماڙي محل“ لکرائي ڇڏيو هو. گُليءَ جو اصل نالو غلام مرتضيٰ هو. کيس اِنڪري پيارو هوندو هو جو هُو سندس سڪليڌي ۽ اَڪيلي ڌيءَ جو پُٽ هو. سندس اُها ڌيءَ قبلہ ڏاڏي سونل کي بہ ڏاڍي پياري هئي. قبلہ ڏاڏي سونل کيس پيار مان بَگن ماءُ سڏيندي هئي. بَگو هن جو وڏو پُٽ ۽ گُليءَ جو وڏو ڀاءُ هو.
ماسي بگن ماءُ جڏهن سڄي خاندان سان عيد براد تي بَگي ڀرائي ڳوٺان اسان جي شھر پھچندي هئي تہ ڏاڏي قبلہ سونل تہ ڏاڍي خوش ٿيندي هئي، پر اُن کان وڌ نانو موسن خوش ٿيندو هو. گُليءَ جي تہ اصل عيد ٿي ويندي هئي، خاص طرح شب برات جي موقعي تي، جنھن کي ڦٽاڪن واري عيد بہ چوندا آهن. ڦٽاڪن واري عيد هجي يا پاڙي ۾ هولي ۽ ڏياري جو موقعو، ڦٽاڪن کي ٻرندي، سُوسرين مان نڪتل رنگ برنگي چڻنگون اُڏامندڙ چڌين جا آسمان ۾ ڦھلجندڙ رنگ، بم نما ڦوڙجندڙ ڪنن تي تاڙيون چاڙهيندڙ ڌماڪا، گُليءَ کي خوش ڪري ڇڏيندا هئا، ۽ هُو فقط پري کان بيھي اِهو رنگ برنگي تماشو ڏسندو رهندو هو، ڇو تہ ناني موسن جو کيس حڪم هوندو هو تہ هُو نہ ڦٽاڪا ٻاريندو ۽ نہ وري اُنھيءَ جي ويجهو ويندو.
گُلي ناني موسن سان ايڏو پيار ڪندو هو، جو هُو سندس حڪم جي پوئواري ۾ هن تماشي ۾ هڪ پري بيٺل تماشائين جيان بيٺو هوندو هو. اسان وڏي گهر جي اڱڻ ۾ ڦٽاڪا ٻاريون يا گهٽيءَ ۾، هُو پري بيھي تاڙيون وڄائيندو هو يا وري گندرف جي بوءِ تي وڏا ساھہ کڻي چوندو: ”يار! مزو اچي ويو.“ رات جو اسين گُليءَ کي ڇڏڻ ويندا هئاسين تہ نانو موسن در ڏيو اندر ويٺو هوندو هو. هنن ڦٽاڪن جي ڏينھن ۾ نانو شام کان گُم ٿي ويندو هو. هو پنھنجي ماڙي محل ۾ هنڌن رکڻ واري اندرئين ڪوٺي ۾ فراسي وڇايو هيٺ ليٽيو پيو هوندو هو. گُلي ۽ اسين ڦٽاڪا ساڙي قبلہ ڏاڏي سونل جا ڏنل پلاءُ ۽ چاشني سان ڀريل طباخ کڻي گُلي ماڙي محل پھچي در کڙڪائيندا هئاسين تہ نانو موسن هنڌن ۽ بسترن واري اندرئين ڪوٺيءَ ۾ پاڻ کي بند ڪيو جو ويٺو هوندو هو، سو ڪٿان ٿو در کولي. نيٺ گُلي ڀِت ٽپي ڪڙو کولي اسان کي اندر ڪندو هو. مان، سؤٽ گُلڻ ۽ گُلي طباخ کڻي اندر ڪوٺيءَ ۾ ويندا هئاسين تہ نانو هيٺ فراسي وڇايو گرميءَ ۾ مٿان سَوڙ وجهيو، ڪنن کي مفلر ويڙهي، ائين اندر پيو هوندو هو جو ڄڻ تہ کيس ڪنھن غنيم کان ڀَئہ هجي. نانو اُٿي ٻاهرئين ڪمري تائين مس ايندو هو تہ ٻاهر گهٽيءَ ۾ ڪو ڌماڪو ٿيندو هو تہ نانو ڦيرو ڏيئي ڊوڙ پائي ڪوٺيءَ ۾ لِڪي ويندو هو. ائين گُليءَ کي اِشارو ڪندو هو ۽ اسين مٿي ماڙيءَ ۾ ٽِپ ٽِپ ڪندا گُليءَ وٽ وڃي ويھندا هئاسين ۽ گُلي پنھنجو خزانو ڏيکاريندو هو. هُو ماڙيءَ ۾ پھچي اسان کي کٽ تي ويھاري ۽ پاڻ کٽ هيٺان نئڙي پنھنجي لوهي پيتي ڇِڪي ڪڍندو هو. پوءِ جادوگر وانگر پيتي مٿان هٿ گهمائي وات مان جادو منتر جا نہ سمجهہ ۾ ايندڙ آواز ڪڍي ”شُو…شڙام… اُف غلام…“ چئي آخر ۾ پيتي کوليندو هو ۽ پيتي مان ڪاٺ جي هڪ ننڍڙي صندوقچڙي ڪڍندو هو، جنھن تي عجيب نقش اُڪريل هوندا هئا. پوءِ وات مان فلمن واري ميوزڪ وانگر ”ڊڙينگ... ڊڙينگ... ڊڙام... ڊڙام...“ چئي صندوقچڙي کوليندو هو. صندوقچڙي ۾ لغڙائي پَنن ۽ چمڪندڙ رنگين پَنين ۾ ويڙهيل مختلف قسمن جا ڦٽاڪا پيل هوندا هئا. هُو هر ڀيري ٻُڌائيندو هو تہ نانو موسن ٻي مھاڀاري لڙائي ويل فوج ۾ هو. هُو ڪو سپاهي ڪونہ هو. پر بيرڪن کي ٺيڪ ٺاڪ رکڻ لاءِ رازو هو. هو جڏهن وڏي گهر ايندو هو تہ ڏاڏي قبلہ سونل گهرائيندي هيس ۽ کيس ڪلر کاڌل پُراڻين ڀتين جي پاڙن وٽ وهاري کانئس صلاح پڇندي هيس. هُو پوءِ کيسي مان انگريزن جي دؤر واري پُراڻي ڪانين بنا عينڪ ڪڍي، نڪ تي رکي، ڪانين بدران پيل ڌاڳن کي ڪنن جي چوڌاري ويڙهي، ڪنڌ کي ڪڏهن ’ها‘ ۾ ڪڏهن ‘نہ‘ ۾ لوڏيندو هو ۽ چوندو هو:
”نو... نو... ييس.... ييس... اَدي سونان! دِس ڀِت کاڄي فاءِ... پاڙ وٽان ڇِڄي فاءِ... هول حويلي ڊينجر، ڊينجر... پر نوڳڻتي... آءِ ايم، آفٽر آل ميسن... رپورٽنگ آرمي سَر... ڀِت آر نو ڀِتِ پاڙ... آرنو پاڙ...، آءِ مرمتي فاءِ... ائنڊ ڇِنل ڀِت بہ فَٽافٽ تيار...فاءِ“
گُلي هر عيد تي اسان کي سِڪڻن وانگر ڦٽاڪا ڏيکاري ۽ سوسريون کڻي زوُن زوُن ڪري مُنھن ۾ هڻي ڇڏي، ڄڻ ٻرن ٿيون. اسان جي مٿي تي چڌيون رکي ڪُوڙ پچاڙ ۾ ٻاري ۽ اسان کي چڌين وانگر گهوماٽيون کائي ڪِرڻو هوندو هو سو اسان وري ڦِري ڦِري پَٽ تي ڌڙام سان ڦهڪو ڪري گُليءَ تي ڪِري پوندا هئاسين. ماڙي ڪچي هوندي هئي، دَٻڪي جي آواز تي نانو ڪڏهن سَوڙ مان ئي رڙ ڪندو هو: ”اڙي گُلي! ڪير ڪِريو؟“ ڪڏهن هڪ ٻئي کي ڊوڙي پڪڙيندا هئاسين، تڏهن بہ هُو دانھون ڪندو هو: ”اڙي بابا، ڇِت ڪيرائيندؤ ڇا؟“ گُلي سڀ ڦٽاڪا رُڳو ڏيکاريندو هو، باقي ٺڪاءُ ڪندڙ بَم بہ هئا، جن کي هٿ لائڻ سان رڙ ڪندو هو ”اڙي آهستي! اڙي! بَم اَٿو... ڪٿي ڦاٽي نہ پون! هي انگلش آرمي بَم اٿو. ناني هنن ۾ انگريزي بارود پاڻ هٿ سان ڀريو آهي.“ پوءِ هُو ٺڪر ٺوٻر جو ڪوُڙو بَم ٺاهي فرش تي هڻندو هو ۽ پاڻ ’ آ ‘ ڪري ڦهڪو کائي ڪِري پوندو هو. پوءِ تہ اها سندس هيرَ ٿي ويئي هئي. اِسڪول ويندي، هلندي چلندي، ’آ‘ ڪري هيٺ ويھي رهندو هو يا کٽ تي ليٽي پوندو هو. قبلہ ڏاڏي سونل هر وقت کيس مرندي بہ ڏسندي هئي ۽ يڪدم جيئرو ٿيندي بہ ڏسندي هئي تہ کِلندي هئي، تنھنڪري کيس چوندي ئي ”مرحيات گُلي!“ هئي، پر مزي سان ”مَر....“ آهستي ۽ حيات...“ ڏاڍيان. هاڻ تہ سندس نالو ئي ”مرحيات گُلي“ پئجي ويو. وڏڙا ٿي وياسين. نانو موسن اُهوئي رهيو. گُلي ۽ ڦٽاڪا بہ اُهي ئي رهيا، عيد براد تي اسان جا رؤنشا اُهي ئي رهيا. هڪ ڏينھن ناني موسن واري گهٽيءَ ۾ چور گهڙيا. نانو پُراڻي فوجي بندوق کڻي وٺي جو چورن کي للڪاريو تہ چورن بہ ڏنو کُڙيءَ تي زور. نانو موسن: ”کلا اَٿو ڙي... نہ ويندؤ! اچيوَ ٿي گولي...“ چور تہ ڀَڄي ويا، پر پوءِ خبر پيئي تہ ناني موسن ڪڏهن بہ ڀريل بندوق نہ هلائي آهي. باقي خالي بندوق اُلاري ضرور آهي.
اَسان هاڻي ڪجهہ سمجهہ سان ٿيا هئاسين. هڪ ڏينھن پُڇي ويٺومانس:
”نانا، توهان ٺَڪائن کان ڇو ڊڄندا آهيو.“
”بابلا! انگريزي فوج ۾ جڏهن هئس تہ ٻي مھاڀاري لڙائي لڳي هئي. بندوقن، بَمن ۽ توپن جا ايڏا ٺڪاءَ ٻُڌا جو سارو جيون ڌماڪا ئي ڌماڪا ٿي ويو آهي. هاڻ ئي ٻُڌ تہ هر طرف ڌماڪا ئي ڌماڪا آهن. شھر شھر گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ بہ ڌماڪا آهن. هاڻ مان نہ ڌماڪن جي ويجهو وڃان ۽ نہ گُليءَ کي ويجهو وڃڻ ڏيان. توهان ٻنھي (مان ۽ سؤٽ گُلڻ) کي بہ صلاح آهي تہ ٻيلي ڦٽاڪا ٻارڻ ڇڏيو، بَم ڦوڙڻ ڇڏيو. باھہ سان کيڏڻ ڪو چڱو ڪم آهي؟... اَمن ڳوليو، اَمن سان ئي سُک شانتي آهي. اَمن وارو جيون ئي جيون آهي. اَچو تہ سڄي جَڳ ۾ اَمن قائم ڪريون تڏهن ھھڙا گُلڙا سدا ٽِڙندا رهندا.“
نانا موسن اِهو چئي چُپ ٿي ويو. هُو هاڻ ڪافي جهُونو ٿي ويو هو، تنھن هوندي بہ وڏي گهر جو ڀيرو نہ ڀَڃندو هو. ڪڏهن ڏاڏي قبلہ سونل سان رهاڻيون ڪري پاڙان کاڌل ۽ ڇَنَ پيل ڀِتين جي جاچ پڙتال ڪري ٻاهران رازو ۽ مَزور گهرائي گارو ڪِنو ڪرائي منجهس چمڪندڙ سونو بُھہ وجهرائي چڱي لِنب ڪرائي پوءِ اُتان نِڪرندو هو سڌو ’گُلي ماڙي محل‘ تي. هُو هاڻ چال ۾ ڍرو، مٿي تي پوتڙو، هڪ وَرُ سڄي ٻيو وَرُ کٻي لاڙي، وڏي گهٽي لتاڙي، بزار مان نڪري پاڻ واري گهٽيءَ ۾ داخل ٿي سِڌو پنھنجي گهر. هُو الائي ڪھڙين سوچن ۾ گُم هو، جو کيس هڪ عجيب خيال آيو. اسين مئٽرڪ پاس ڪري چڪا هئاسين. هرهڪ جو سعيو پڙهڻ سانگي مختلف ڪاليجن ڏانھن وڃڻ جو هو. گُلي بہ اسان جو هم خيال هو، پر نانو موسن پِڙُ ڪڍي بيٺو. چي: پھريائين گُليءَ جي شادي ڪرايو. گُليءَ جي وري فرمائش هجي تہ نوڪري پھريائين وٺي ڏيو. ناني موسن چَئہ چواءِ ڪرائي نوڪري وٺرائي ڏنس. ڀاڻس بَگو جي تپيدار هو تہ گُلي بہ ڪلارڪ وڃي ٿيو. گُليءَ جي شاديءَ جون تياريون شروع ٿيون. اندر ئي اندر پروگرام اِهو ٺھيو تہ گُليءَ جي شاديءَ تي آتشبازي بہ ٿيندي، خاص طرح گُليءَ وارا صندوقچڙيءَ وارا ڦٽاڪا ٻاربا ۽ بم ٺِڪر جي ٻن کُمرن ۾، جيڪي بقول گليءَ جي، بارود سان ڀريا ويا هئا، اُنھن جي فَتيلن کي باھہ ڏيئي ڌماڪا ڪڍبا. ڪي رنگبرنگي چڻنگون اُڏامنديون. چڌيون ڦرڙاٽ ڪنديون فلائنگ ساسرين وانگر آسمان ۾ اُڏامنديون. سُوسريون سَرڙاٽ ڪري ٻَرنديون. وڏا جشن ٿيندا. اسان ڇوڪرن کي گُليءَ جي شادي سان مطلب ايترو هو تہ ورهين جون سانڍيل تمنائون ۽ حسرتون پوريون ٿينديون، جو گُلي جنھن خزاني تي نازان ٿيندو هو اُهو هڪ گندرف جو ڍير هو، جنھن کي ٻاري هڪ دفعو ناس ڪنداسين، جو گُلي اسان کي سِڪائي پاڻ پَڏائي پنھنجو قد وڏو ٿو ڪري. اسان ناني موسن کي خبر ئي پوڻ نہ ڏني تہ اَڄ رات آتشبازي جو تماشو بہ ٿيندو.
اَسين سڀ مٽ مائٽ گُليءَ جي ڳوٺ ويا هئاسين، ڏاڍا ٺينگ ٽپا ڏناسين. قبلہ ڏاڏي سونل کِلي خوش ٿئي. ماسي بگي ماءُ بہ نچندي هلي. نانو ٺھي جُڙي ويٺو هجي، پر ريچڪ اَچيس تہ ڦيري پائي نچي. رات ٿي. نڪاح جون رسمون اَسر جو ٿيڻيون هيون. اَڃان ڇَني ۾ مهمان بہ گڏ ڪونہ ٿيا هئا، جو اسين ٽيئي گُليءَ جي ڏَسيل ميدان تي سامان سوڌو پھتاسين. آهستي آهستي ڦٽاڪا ٻارڻ جي ڪئيسين، پر سڀ ڦٽاڪا شُون ڪري ڪنڌ لاڙي پَئجي پئي رهيا ۽ ڪنھن بہ ڦٽاڪي ٻوُٽو ڪونہ ٻاريو. مان ۽ سؤٽ گُلڻ ڇَني ۾ موٽي آياسين. نانو موسن سامھون ويٺو هو ۽ کِليو پئي.
”بابلا، ڇا پئي ڪيوَ؟“
”بس نانا! چيوسين تہ خوشيءَ جو موقعو آهي، آتشبازي ٿي وڃي.“
”پر اِنھن ڦٽاڪن ۾ گندرف هجي تہ ٻَرندا نہ... مون اِنھن مان گندرف ئي ڪڍي ڇڏيو هو.“
”نانا، ٺِڪر جي کُمرن ۾ تہ گندرف ڀريل آهي. گُليءَ وٽ کُمرن وارا ٻہ بَم ڦٽاڪا بہ هيا.“
نانو وائڙو ٿي ويو.
”ٺِڪر جي کمرن وارا بَم ڦٽاڪا؟... مون تہ کيس اُهي کُمرن وارا بَم ڦٽاڪا ڏنا ئي ڪونہ هئا.“
”گُلي ڪاٿي آ؟“
”گُلي ٻاهر ميدان ۾ آهي.“
ناني جي ڇھين حِس ڪم ڪيو. ”متان هُو اُنھن کي ڦوڙي... اُنھن ۾ بارود نہ ڀريل هجي.... ڀَڄو، گُليءَ کي جهليوس.“
اَسين ڇَني کان ٻاهر نڪتاسين. پرڀرو ميدان ۾ گُلي جهُڪيو ڪو ڦٽاڪو ٻارڻ جي ڪري رهيو هو.
”گُلي، اِهي بَم نہ ڦوڙجانءِ....، گُلي! پري ڀَڄ....“
نانو رڙيون ڪرڻ لڳو. اَسان بہ رڙيون ڪرڻ لڳاسين. گُلي مُرڪي ڪنڌ ورائي اسان ڏي نھاريو ۽ چمڪاٽ سان هڪ ڌماڪو ٿيو. اُن کان پوءِ گُلي اُت نہ هو، باھہ ئي باھہ هئي!
اسان اڃا حيران پريشان بيٺا هئاسين تہ ڏسون تہ نانو موسن ميدان واري هنڌ ڏانھن ڊوڙندو ويو تہ ٻيو وڏو ڌماڪو ٿيو. ٻيو کُمرو بہ شايد ڦاٽي پيو هو. هاڻ نانو بہ باھہ ئي باھہ هو. ٻہ اِنسان سڙي رهيا هئا. مون کي اِئين لڳو تہ سڄي اِنسانيت سڙي خاڪ ٿي رهي آهي. اَمن بہ سڄو سارو سڙي خاڪ ٿي ويو آهي. ڪا شيءِ بہ ڪانہ بچي آهي. بچي آهي آخري مشڪ گليءَ جي ۽ ناني جا جملا: ”فاءِ- فاءِ“، جيڪي منھنجي ڪَنن ۾ ٻُري رهيا آهن. اَڄ ڏينھن تائين اسان کي خبر نہ پئجي سگهي تہ اِهي اصلي بَم گُليءَ کي ڪنھن ڏنا هئا.

(مَنوتولارام گدواڻيءَ جي ”روح رهاڻ“ ۾ ڇپيل مشھور ڪھاڻيءَ تان صرف عنوان کنيل)

(مھراڻ 1/2009ع

  سُھانجڙي جي خوشبو

قد جي ننڍي، منھن موڪرو، رنگ جي سانوري، چپ ٿلھا ۽ بيڊولا بُت سنھو گهنڊيدار ڇڙيل وار پر ڪٽيل، هي هو ان سھڻي جو جائزو جنھن کي مان ۽ منٺار اسپتال ۾ ڏسڻ ويا هئاسين، هيءَ نينگر نالو سھڻي هوندي بہ سھڻي نہ هئيپر بدصورت بہ نہ هئي، هن ۾ هڪ عجيب ڪشش ۽ ڪا وڻندڙ ڳالھہ هئي. مثال طور هوءَ جڏهن کلندي هئي تہ سندس ٿلھا چپ ڦھلجي ڪنھن کي سڏڻ لاءِ جڻ تہ آٽا هوندا هئا، سندس کير جھڙا اڇا ڏندڙا ٻاهر نڪري ايندا هئا پر اُهي هن کي اڇاڻ بخشي کيس خوبصورتي جو هڪ انگ بخشيندا هئا.
سھڻي جو جائزو ايترو تہ وڻندڙ نہ بہ هجي پر مونکي وڻي وئي ۽ وڻندي وئي. هن جي خوبصورت نہ هجڻ ڪري بہ کيس ڪير بدصورت نہ ٿي چئي سگهيو، هن ۾ هڪ عجيب ڇڪ هئي، اُها ڇڪ، شايد ڇڪي وئي، ڳالھہ هيئن ٿي جو منٺار منھنجو دوست جيڪو منھنجي آفيس ۾ آنجهي مانجهي ويٺو هوندو هو، تنھن چيو تہ يار منھنجي هڪ سؤٽ ڄامشوري واري ايل ايم سي اسپتال ۾ ڏاڍي بيمار ٿي آئي آهي، کيس مائٽ کڻائي آيا آهن، هلو تہ کيس هلي ڏسي اچون ۽ پڇي بہ اچون.
منٺار وارا نسلئن خانداني زميندار ۽ ڳوٺ جا چڱا مڙس ليکبا آهن، پيسي پنجڙ ۽ ملڪيت ۾ بہ اڏيل آهن، تڏهن تہ منٺار نوڪري بنا ٽيڪيل هو.
ايل ايم سي جي پرائيويٽ وارڊ کي پٺيان هڪ دروازو هوندو هو، اسين اندر داخل ٿي پڇاڙي واري وارڊ ۾ وياسين. هي آخري نمبر وارو وارڊ هو، اُن پرائيويٽ ڪمري ۾ ان جي پاسي وارن ڪمرن لاءِ ان آڏو خوبصورت لان، بوگن ولا جا گل، ٻوٽا، ڪيترائي وڻ تہ گل جهليو بيٺا هئا، مان گهڙي کن لاءِ هن خوبصورت نظاري کي ڏسڻ لڳس. موت جو انتظار ڪرڻ وارن لاءِ مسيحائن جو هي تحفو وڻندڙ پر عجيب هو. هن باغيچي ڏانھن ڪيترن ڪمرن جا مهڙ وارا دروازا هئا تہ ڪن جا پٺيان دروازا پي کليا، درد جي ماريلن کي اهو هوش نہ هو تہ هو ٻاهر نڪري گلن جي هٻڪار واري ڄامشوري جي هوائن ۾ ڪي گهڙيون ويھي وڏا ساھہ کڻن. باغيچي ۾ ڪوبہ نہ هو، اسان جنھن پرائيويٽ ڪمري جي ٻاهران بيٺا هئاسين، ان آڏو ننڍو ورانڊو هو، مان اُت بيھي رهيس. منٺار ٺڪ ٺڪ ڪري اندر گهڙيو، ورانڊي کي هيٺ باغيچي لاءِ وڃڻ ڏانھن ڪي ڏاڪا هئا اُنھن ڏاڪن وٽ پاسن کان هڪ پاسي بوگن وِلا جهڪيو بيٺي هئي ٻئي پاسي سھانجڙي جا گل بھار ڪيو بيٺا هئا، مون کي اوچتو خيال آيو ۽ مون سٽ ڏئي ڪجهہ بوگن ولا جا رنگ برنگي گل ۽ سُھانجڙي جا اڇڙا گل ڇني ورتا. ائين منٺار سڏ ڪيو ۽ دروازو کولي بيھي رهيو. ٻاهر شام ٿيڻ واري هئي اندر بہ هلڪي اوندهڙي هئي. هڪ خاتون وڌي روشني ڪئي، سامھون منھنجي هڪ نينگر آرام ڪرسي تي ويٺي هئي. مون وڌي کيس گل آڇيا، هن رڳو سھانجڙي جا اڇڙا گل کنيا ۽ انھن کي سنگهي وڏا ساھہ کنيا، هن بوگن ولا جي رنگ برنگي گلن ڏانھن نھاريو بہ نہ، مون وَرُ ڪري ڳاڙها، گلابي، پيلا گل کيس آڇيا هو کِلي پئي.
”سائين هي گل بيجان آهن نہ خوشبو نہ وري هي رنگ مون لاءِ آهن.“
هوءَ اُداس ٿي وئي، پر چھري تي رنگ ئي رنگ هئا.
درد ۽ پيڙا جا رنگ، ويچار ۽ فڪرمندي جون ليڪون جيڪي هن جي معصوم چھري کي وڪوڙي کيس پنھنجي ننڍڙي عمر کان وڏو ڪري ڏيکاري رهيون هيون.
هي هئي اُها سھڻي جنھن جو ذڪر پيو هلي. جيئن چيم تہ هي سھڻي هوندي بہ سھڻي نہ هئي، سندس ڳل ۽ بت بيماري کائي وئي هئي. سندس رنگ لُوساٽجي جهڪو ٿي ويو، انھي ڳريل حالت ۾ هن جي اکين ۾ جيئڻ جي تمنا نہ هئي پر ڳالھائڻ مان ائين لڳو تہ هوءَ زندگي جي بازي هارائي ويٺي آهي ۽ هوءَ آهستي آهستي مري رهي آهي. هوءَ اسان کي ڏسي ڪرسي تي کڙي تڙي ٿي ويٺي.
”منٺار، توهان جو ذڪر ڪندو آهي ۽ توهان جون ڏاڍيون چڱايون بيان ڪندو آهي، مون کي هاڻي لڳي ٿو تہ توهان سٺا ماڻھو آهيو جو نہ ڄاڻ نہ سڃاڻ پر مونکي پڇڻ آيا آهيو. مان ڏاڍي بيمار آهيان نہ؟“ هو ڳالھائيندي ماٺ ٿي وئي، هوءَ پيڙا ۽ سور کان ٻيڻي ٿي ويئي، هن اُن خاتون کي سڏ ڪيو جيڪا پاسي واري ڪمري ۾ هلي وئي هئي، هي ٻن ڪمرن وارڊ گڏيل سئويٽ Suit هو.
”امان، امان! سور ٿو ٿئي، مران ٿي اچي دوا جو ڍڪ تہ ڏينم.“
هي خاتون دوا کڻي آئي، سھڻيءَ بوتل مان سڌا وڏا ٻہ ڍڪ ڀريا ۽ ساڻي ٿي پئجي رهي. مون هن خاتون کي چڱي طرح هاڻ ڏٺو، هوءَ سھڻي جي ماءُ هوندي بہ عمر ۾ ننڍي، شڪل شباهت وڻندڙ“ ڪپڙي لٽي جي سيبتي پر غمگين چھري واري هڪ ماءُ هئي. جنھن کي اها خبر هئي تہ سندس اڪيلي ڌي موت جي منھن ۾ آهي، هاڻ هوءَ خاتون پاڻ روڪي نہ سگهي روئيندي چيائين.
”ابا! پھريائين چيائون تہ آنڊي ۾ اَلسر اٿس کاڌو نٿو جيورجي، آنڊي ۾ سوراخ ٿي پيا اٿس. کاڌو پيٽ چيري ٻاهر نڪريو اچي، هاڻ چيائون تہ آندو رَجهي ڳري ويو آهي، آپريشن ڪنداسين. ڊاڪٽرن جي تہ خبر اٿو. منڍ ۾ آپريشن ڪن ها تہ هي آخري اسٽيج نہ اچي ها، وري بہ شابس آهي سھڻي جي پيءُ کي جيڪو ٻن سالن کان هنن ڊاڪٽرن اسپتالن جي چڪرن کي منھن ڏيو ويٺو آهي، الله وڌائي منٺارکي جو آنجهي مانجهي ڏکي ويل اچيو نڪري، نہ تہ عزيز قريب تہ هن منھنجي نياڻي کي ابتر حالت ۾ ڏسي ويجهو نہ ايندا آهن.“ هوءَ پاسي واري ڪرسي تي ويھي رهي هئي ۽ روئي پئي. ائين سھڻي اُلٽي جي خيال کان تڪڙي اُٿي ۽ باٿ روم ڏي ڊوڙي. هن اُلٽيون تہ ڪيون پر اُلٽين ۾ ڀرجي ساڻي ٿي نڪتي. الائي ڪھڙي خيال کان وڌي مون کيس سھارو ڏنو ۽ اُلٽين ڀريل معصومڙي روح کي ٻانھن کان وٺي بيڊ تائين آندو. ماڻس وڏي ٽوال سان کيس اُگهيو ۽ بيڊ تي ليٽائي ڇڏيو ۽ مٿائنس چادر ورائي ڇڏي، هو سھڪي پئي پر مرڪي پئي.
”سائين هن ڦٽيل جهريل مڙهي کي ڪير ڪيترو سھارو ڏيندو.“ ائين چئي هو ٽپ ڏئي اُٿي بيھي رهي. چادر پري ڪري پيٽ تان پلئہ پري ڪري چيائين. ”منھنجا سائين، هي ڏس اسان جو تہ هيءَ نصيب آهي. ان ويلي مون کي هوءَ هڪ معصوم ٻارڙي جيان لڳي جيڪا زخم سھڻ کان پوءِ پنھنجي ”اُفا“ يا سور جي جاءِ ڏيکاريندي هجي ۽ چوندي هجي تہ ”هتي شوُر آهي.“
”هي ڏشو هتي شُورُ آ“ هوءَ هن ويلي ڏکن ۾ ورتل پيڙائن جي پيڙيل اهڙي نينگر هئي جو حجاب هن لاءِ بي معنيٰ هو. پر مون ڏٺو ڪيترن هنڌن تان چمڙي ڦاٽي پئي هئي، سنھڙين جهيرن مان ڪي چانور ڪڻا، ڪي کاڌي جا ذرا، ٻاهر نڪري آيا هئ، مون يڪدم ٽوال کڻي کيس اُگهيو ۽ سندس چولي جو پلئہ هيٺ ڪيو، هوءَ پنھنجون اکيون گڏي وانگر پٽ، پٽ کولي بند ڪري وري کولي مون کي گهوري رهي هئي، پوءِ هو وري ڪرسي تي آهلي پئي، مون ڏٺو سندس چھري تي ٿڪاوٽ جا آثار هئا. پر هو کلي پئي، ”توهان الائي ڇا آهيو، مان پھرين ملاقات ۾ اوهان سان ايڏي فري ٿي وئي آهيان جو پنھنجا لڪل زخم بہ اوهان کي ڏيکاريان پَئي.“ منٺار جيڪو گهڻو وقت ماٺ هو تنھن هاڻ ڳالھايو، ”هي اسان جو دوست ايترو تہ محبت وارو آهي جو ماڻھو پنھنجا ڏک کنيو اچيو هن آڏو وڇائين ۽ هيءَ کين آٿت ۽ مُرڪون ورهائيندو آهي.“
”تہ پوءِ سائين تون مون کان وڌيڪ سخي آهين.“ سھڻي مسين ٽھڪ ڏئي ڳالھہ ڪئي، ائين ڳالھيون ٿيون تہ خبر پئي تہ سھڻي ۽ سندس ماءُ چڱو ڪي پڙهيل ڳڙهيل نفيس ذوق واريون هيون. سھڻيءَ جي ماءُ ٽيچر بہ آهي، باقي سھڻي انٽر تائين پڙهي هئي. سھڻي جو پيءُ ٽفن ماني جو ڀرائي کڻي آيو، ۽ سھڻي لاءِ کير جو ٿرماس. چڱي پڪي عمر جو، منھن ۾ مڻيا وارو رئيس هو. هو ڏاڍي قرب سان مليو. منٺار سان ٻہ ٽي چرچا ڪيائين.
”منٺار ڀلا ڏي خبر هوءَ تو واري مَڱ ڪاڏي وئي.“
”ڀڄ بہ ڳئي.“
”بابا! ادا منٺار پاڻ ڀڄي ويو.“
سھڻي ٽھڪ ڏنا تہ سڀ کلڻ لڳا، مان ڄڻ تہ فيملي جو فرد هئس، اسان جڏهن کانئن موڪلايو تہ سھڻي ٿڌو کير پي پيتو. هن بي اختيار هٿ لوڏي مون کي ڏاڍيان خدا حافظ ڪيو. کير جي اڇاڻ جا گلاس مان نڪرندڙ اُجرا پاڇولا سندس چھري کي اُجرو ڪري رهيا هئا، هن اشاور ڪيو ۽ پوءِ سُھانجڙي جا گل ميز تان کڻي سنگهڻ لڳي مون ماڻس ۽ پڻس کان موڪلايو.
ٻاهر چانڊوڪي ۽ سُھانجڙي جا گل وڌيڪ اڇا اُجرا لڳا، مون سٽ ڏئي هڪ ٻيو گلن جو جهڳٽو پٽيو ۽ موٽي اندر ويس. سھڻي خوش ٿي تازا گل مون کان ورتا ۽ وري ٻيھر خدا حافظ چيو پر هن دفعي سندس آواز جهَڪو ۽ نہ ٻڌڻ ۾ ايندڙ هو.
رستي ۾ منٺار مون کي ٻڌايو تہ سھڻي جو صبح جو سوير آپريشن آهي، کيس آنڊي جو ڪينسر آهي هوءَ مشڪل بچي.
سھڻي، موهڻي نہ هوندي بہ مون لاءِ تہ هڪ عجيب پر معصوم حسن جو قدرت جو تخليق ڪيل شاهڪار هئي، تنھن تي مون منٺار کي چيو منٺار تو مون سان هيڏو ظلم ڪيو جو تون مون کي سھڻي سان تڏهن ملايو جڏهن وقت کيس چچري فنا ڪري موت جي انتظار لاءِ هڪ ڪال ڪوٺڙي ۾ ڦٽو ڪيو آهي.
منھنجي اکين ۾ ڳوڙها اڀري آيا، مان سڄي رات سمھي نہ سگهيس، صبح جو ڪجهہ دير ڀرو منٺار اسپتال مان گهر فون ڪئي، مان اڄ آفيس نہ ويو هئس. ”يار سھڻي جو آپريشن ڪامياب نہ ٿيو بس منٽن جا کيل ٿي ويا، هاڻي چاچو ۽ چاچي کيس ايمبولنس ۾ کڻائي ڳوٺ وڃڻ ٿا مان بہ ساڻن وڃان ٿو، جي اڄ سڀان اچي سگهين تہ اچجان ۽ بيو ٻڌ سھڻي جي ڪپڙن جي هڙ ۽ ٻيو سامان اسپتال ۾ پيو اٿئي کڻي ڇڏجان.“ هاڻ تہ ڳوڙها ڳڙي آيا. مان رُئندو اسپتال پھتس، ڪمري جي آڏو اُها بي جان بوگن ولا ۽ خوشبو دار سُھانجڙو بيٺل هو پر هاڻ مون لاءِ سھانجڙو بي جان آهي ڪمري ۾ ڪير بہ ڪونھي.
مون سامان سهيڙيو. وهاڻي هيٺان سھڻي جو اڇو رئو رکيو هو. مون رئو کنيو تہ منجهانئس منھنجا کيس ڏنل سھانجڙي جا گل تہ بيڊ تي ڦھلجي ويا ان سان گڏ بوگن ولا جا بي جان گل، ٻين گلن سان رلجي ملجي ائين ڏيکاري ڏئي رهيا هئا ڄڻ سامھون سھڻي بي جان پئي آهي پر هوءَ هاڻ اَبدي آرام ۾ آهي ۽ هي رنگ برنگ ۽ اڇا گل کيس دائمي حسن بخشي رهيا آهن ۽ پاڻ گلن جي سونھن ۽ خوشبو وڌي رهي آهي. مون اُهو رئو ۽ گل سانڊي رکيا آهن، گل چور چور ٿي دز بڻجي ويا آهن پر رئي ۾ عجيب خوشبو رچي وئي آهي، مان سھڻي کي جڏهن بہ ياد ڪندو آهيان تہ رئي جي خوشبو عطر عنبير بڻجي مون کي ويڙهي ويندي آهي.

(مھراڻ)

مرين تہ آرهڙ ۾ مرجانءِ

مان ان ويلي اباڻي شھر ۾ پنھنجي گهر ۾ اڪيلو ويٺو هوس، ويٺي پراڻا ڪتاب سهيڙيم تہ اوچتو دَر وڳو. پھريائين تہ لنوايم پوءِ جڏهن درُ ڏاڍيان کڙڪڻ لڳو تہ اڱڻ لتاڙي دَر کوليم. سامھون هڪ سوٽيڊ بوٽيڊ سھڻو نوجوان بيٺو هو. ساڻس پاڙي جو هڪ نينگر گڏ هو.
”سائين، بس اسٽينڊ تي هيءُ همراھہ بيٺو هو. اوهان جي پي پڇا ڪيائين.ا چي پھچايو اٿمانس. هاڻي امانت سنڀاليو.“
ائين چئي هو نينگر هليو ويو. مون هن نوجوان کي بنھہ نہ سڃاتو. بنھہ اوپرو لڳو. هٿ ڏنومانس. پوءِ وري بہ گهوري کيس ڏٺم. منھنجي منھن تي سوال ڪو ائين تڪڙو اُڀري آيو جو يڪدم نوجوان هڪ هلڪي مُرڪ چھري تي آڻيندي چيو.
”سائين، توهان مون کي ائين نہ سڃاڻيندو، مان ديوان موتيرام جو ڏوهٽو آهيان.“
”ديوان موتيرام؟“
”سائين مان سيتا جو پُٽ، هريش چندواڻي آهيان. مان وڏو پنڌ ڪري آيو آهيان. توهان جي حيدرآباد واري گهر بہ ويو هئس، ڏس مليم تہ سڌو هت هليو آيو آهيان. اوهان سان ڳالھائڻو اٿم.“
هاڻ منھنجي سامھون ڪئين پنا اُٿلي ويا. نوجوان کي ور ڪري ڏٺم تہ ڄڻ ديوان موتيرام آڏو بيٺو هو. سندس نياڻي سيتا جا نقش چٽا بيٺا هئا. ائين کيس ڏسندي ڏسندي ڪي پَلَ لنگهي ويا. هو گهڙيءَ کان پوءِ ح:ران پريشان ٿيڻ لڳو. هُن هڪ خاموش بت کي ڏسي نيٺ وَرُ ڪري چيو.
”سائين مان هريش چندواڻي سيتا جو پٽ ۽...“
مون يڪدم کيس ٻانھن کان وٺي ڇڪيو ۽ ڇاتيءَ لاتو. منھنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ ڳري آواز ۾ چيم ۽ ديوان موتيرام جو ڏوهٽو آهين.
”اندر هلي آ بابا!“ وڌيڪ نہ پئي ڳالھائي سگهيس جيئن کيس اندر گهر ۾ وٺي آيس ۽ اڱڻ ۾ ئي هياسين تہ چيائين:
”هن ئي اڱڻ ۾. اوهان ڪڏندا هُيا؟ ڀلا اسان واري جاءِ ڪاٿي آ، اها هن گهر سان هئي نہ؟“ هو ائين ڳالھائي پيو ڄڻ گهڻو ڪجهہ ڄاڻندو هجي.
”مَنَ، هن جاءِ جي پوئتان هڪ جاءِ آهي. اُن پوئتان ٻي جاءِ آهي. ٻنھي جي وچ ۾ لنگهہ هيا. سيتا وارا ٽپي، سوٽ علڻ جي گهر ۽ وري جي ٽپي آيا تہ هن گهر ۾. هيءَ جايون يا پاسي اوسي واريون جايون سڀ سنڌي هندن جي ملڪ هيون. هنن گهرن اندر ڪيئين گهر هُيا. آباد هُيا تہ آباد هُيا. هينئر آباد هوندي بہ غير آباد آهن، جي آباد آهن تہ ڪُڻو ڪَڻي کان ڌار آهي.“
هو حيران ٿي منھنجي منھن ۾ تڪڻ لڳو. مون چوڌاري ڦھليل لنگهہ ۽ گهَٽ ڏيکاريس جيڪي بند هُيا.
”هو در ڏس، اهو بند آهي جنھن کي پريان ٻہ وڏا لوهي ڪلف ڏنل آهن، اهو در سوٽ علڻ جي گهر ڏي کلي اوهان جي گهر جي دري بہ ٽپائيندو هو. اسان اتان ويندا هياسين. سيتا دادي شيلا، سيتا جي ڀيڻ نرملا، سڀ هن اڱڻ ۾ ايندا هيا، هن گهر کي ئي اڱڻ هو. کٽن تي اسان جي مائرن ڀينرن ۽ ڪاڪي موتيرام جي گهر وارن لاءِ ڪچھري جو هنڌ هو. تون پڪ پنھنجو گهر ڏسڻ آيو هوندين؟ پر معاف ڪجانءِ مٺا. توهان جو گهر پٽ ڪري سوٽ علڻ وارن پنھنجون نئون گهر ٺھرايو آهي. تون ڇا ڏسندين. هتان سنڌ مان ڪئين ئي لڏي ويل. سانگي سان جڏهن بہ سنڌ ايندا آهن ۽ جڏهن پنھنجا ماڳ مڪان ڳوليندا آهن تہ کين يا تہ ڳوليندي نہ لڀندا آهن يا اُنھن جي شڪل اهڙي هوندي آهي جو هو رت جا ڳوڙها ڳاڙيندي واپس موٽي ويندا آهن.“
مان يڪو ڳالھائيندي پيو هليس. هو ماٺ ڪيو بيٺو هو ۽ مون ڏي تڪي رهيو هو. هن جي چھري تي ڪي بہ جذباتي اهڃاڻ نہ هئا. پوءِ خيال آيم تہ پرانھين پنڌ کان آيل هن مهمان کان نہ سندس حال احوال ورتو اٿم نہ وري چانھہ پاڻيءَ جو پڇيو اٿم. پوءِ مون کيس وٺي وڏي ڪمري ۾ وهاريو. ڪمري ۾ ٻہ چار کٽون، پلنگ ۽ ڪرسيون پيون هيون، هيءُ گهر ٻن ٽن هندڪين جاين تي جُڙيل هو. ڪي ڪمرا پراڻا، تہ ڪي نوان ڪمرا بہ جوڙايل هئا. هنن جاين تي مقامي ماڻھن جو حق نہ هو، هي جايون ۽ ٻيون سڀ جايون ڪليمن ۽ ٻاهران آيلن کي مليون جن پوءِ وڪيون.
هريش هر پاسي هر هنڌ لوڻا هڻي ڏسندو رهيو. مون منجهس ڪا بيچيني ڏٺي. مون کي هڪ ڳالھہ سمجهہ ۾ آئي.ئ اُٿي کيس ٻانھن کان ورتم ۽ سڌو ڪوٺي تي وٺي ويس. سوٽ علڻ واري جاءِ پاسي پلئڙي کان بيھاريو مانس. اڱڻ ۾ ڪير ڪونہ هو. سوٽ علڻ جي وفات کان پوءِ گهر ۾ سندس اولاد ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو. سندس گهر واري پيڪن ۾ رهندي هئي ۽ قذافي ايندي هئي. سوٽ علڻ جي ڀاءُ جو گهر ويري وجهڻ ڪري پاسي تي هليو يوو.
هيءُ اهو پاسو آهي جتي ڪاڪو موتيرام ۽ اُن جو خاندان رندو هو. اهي جايون سڀ ڊهرائي سوٽ علڻ جي پيءُ سيٺ عبدالڪريم هي نيون جايون جوڙايون. ڪاڪو موتيرام ۽ سيٺ عبدالڪريم گهاٽا دوست هئا ۽ ڌنڌي ۾ ڀائيوار بہ هئا. توڙي ڪاڪو موتيرام ڪورٽ ۾ وڏو سرشتيدار هو پر پئسي پنجڙ وارو هيو. هن ئي سيٺ عبدالڪريم کي وڏي ڌنڌي تي لاتو. هن ئي کيس وڏي حاويليءَ جي سوڙھہ مان ڪڍي هن گهر ۾ آندو. هيءُ پريون حصو جيڪو ٻئي ڀاءُ کي مليو اهو ڪنھن ٻئي ديوان جو هيو. جنھن ۾ پھريائين سيٺ عبدالڪريم اچي گهر ڪيو. پوءِ هي ٻئي گهر ڄڻ هڪ ٿي ويا. وچ ۾ هڪ دري هئي، جتان سڀ هڪ ٻئي ڏي ايندا ويندا هئا. ٻاهر لنگهہ لاءِ هڪ گهٽي هئي. هنن ٻنھي جي دوستي ايتري تہ پائدار هئي جو ورهاڱي کان پوءِ ڪاڪو موتيرام ڪو ٻارنھن تيرهن سالن پنھنجي جاءِ ۾ رهيو پيو هو. هن جو وڇوڙو بہ وڇوڙو هيو. وويو تہ جاءِ، دوڪان، ڌنڌو ڌاڙي سڀ ڪجهہ کيس لکي ڏئي ويو. ڪاڪو موتيرام شايد نہ وڃي ها پر ڪي بيوسيون اهڙيون هونديون آهن جو ماڻھن کي مجبور ڪيو وجهن ۽ وطن کان بي وطن ڪيو ڇڏين. هاءِ ڙي زمانا!!“
مون اڃا ڳالھايو پي تہ ڏٺم هريش پوئتي موٽي وڃي ڏاڪڻ وٽ بيھي رهيو. هُڻ اباڻين جاين ۽ ماڳن جي نئين سر جوڙ جڪ تي ڪجهہ نہ ڳالھايو. مان بہ تڪڙو موٽي اچي کيس رَسيس. ڪمري ۾ آياسين تہ اسان جي جهوني ڪم ڪار واري ماسي چانھن کڻي پيئڻ لاءِ اشارو ڪيو. هو خاموش ويٺو رهيو. اوچتو ڳالھايو. ائين لڳو ڄڻ ڪنھن ڦٽل کوھہ مان سندس آواز ايندو هجي.
”سائين، نہ مان چانھہ پيئڻ آيو آهيان نہ مان پنھنجا اباڻا ڪک ڏسڻ آيو آهيان. مان ٻي پيڙهيءَ جو شخص آهيان. نہ مون هيءَ ڀومي ڏٺي نہ هتان جو پاڻي پيتو. هتي جو ماضي منھنجو ماضي نہ آهي. منھنجو پيءُ بہ سنڌي نہ هو. هو هڪ هندستاني مرهٽو هيو، جيڪو امان سيتا سان شادي کان پوءِ سِگهو ئي گذاري ويو. امان سيتا پاڻ نوڪري ڪري، پورهيا ڪري مون کي پالي وڏو ڪيو. پالنا ۾ دادا موتيءَ جو بہ وڏو هٿ هيو. مان هاڻي اتي هڪ وڏي ڪمپنيءَ ۾ اليڪٽريڪل انجنيئر آهيان. هيءَ ٻولي. هيءَ هن ڌرتيءَ سان ٿورڙي ڪي گهڻي وابستگي منھنجي ماءُ ۽ دادا جي بخشيل آهي. منھنجي گهر واري پڻ سنڌڻ آهي پر هن کي ايتري سنڌي نہ ايندي آهي. ٻہ ٻارڙا اٿم، اهي سنڌي سمجهندا آهن پر گهٽ ڳالھائيندا آهن. هو ممبئي جي وڏي ڪانوينٽ اسڪول ۾ پڙهندا آهن. گهڻو تڻو انگريزي يا اردو گاڏڙ هندي ڳالھائيندا آهن.“
هن جيئن ساهي کنئي تہ مون ڳالھايو. ”تو سويل چيو پي تہ تون هت ڪنھن خاص ڪم سانگي آيو آهين. اهو خاص ڪم ڪھڙو آهي؟“
هو اٿي ٻاهر ويو ۽ ورانڊي ۾ ڇڏيل ٿيلھو کڻي آيو. هُن هيٺ ويھي ان جي زپ کولي ۽ ڪنجهي جو وڏو گول لوٽو ڪڍيو. ان لوٽي جو منھن ڳاڙهي ڪپڙي سان سوتلي ويڙهي بند ڪيو ويو هو. هن اُهو لوٽُ ڪڍي ٽيبل تي رکيو پوءِ ٿيلھي مان هڪ ننڍڙو لفافو ڪڍيو. هن ۾ ڪا چٺي هئي. هن اهو لفافو مون کي ڏنو ۽ سامھون ڪرسيءَ تي ويھي رهيو. مون ڏٺو انھيءَ ٿورڙي ڪرت ۾ هو سھڪي پيو ۽ اکين ۾ آلاڻ هيس. ان آلاڻ کي لڪائڻ لاءِ هو ڇت ۾ اکيون وجهي ويھي رهيو. مون لفافو آهستي آهستي ڪري کوليو، هي هڪ پني واري چٺي هئي.
”پيارا ڀاءُ.
ورھيہ لنگهي ويا آهن. وڇوڙي پينھي ڇڏيو آهي. مان پنھنجي پٽڙي هريش کي اوهان ڏي هڪ امانت سان گڏ موڪليان ٿي. هيءَ امانت دادا موتيءَ جون هاٺيون آهن ۽ انھيءَ لوٽي ۾ بند آهن. سندس وصيعت هئي تہ هي سنڌ جي پاڻيءَ ۾ لوڙهجن، خاص طرح ان واھہ ۾ جت دادا ۽ اوهان سڀ گڏ وهنجڻ ويندا هئا. هن جي اوهان سان گهڻي دل هوندي هئي. هو اوهان کي هميشہ لِڇڻو يا لکڻو ٻار ڪري ياد ڪندو هو. دادا عبدالڪريم جي گذرڻ جو ڏک هيس. علڻ جي بيوفائيءَ جا ڏنل سور چاڪ ڪري چڪندا هيس. ان ڪري هن جو حڪم هيو تہ سندس هاٺيون، اوهان ڏانھن موڪليون وڃن تہ جيئن ان واھہ يا بريچ واري وڏي واھہ ۾ لوڙهجن. هو، اهي آرهڙ جا ڏينھن، انبن جي مند، مڇي ۽ پلي کي نہ وساري سگهيو هو. آرهڙ جي ڏينھن ۾ پت نڪرندي آهي، هت جڏهن پت يا آرايون نہ نڪرنديون هيون تہ سنڌ جي گرميءَ کي ياد ڪري آڙهڙ جي مند کي ياد ڪندو هيو. گنگا يا جمنا تي ويندو هيو پر چوندو هيو، هاءِ سنڌو درياھہ جو پاڻي!! واھہ واهڙ ڀريو ڇڏي. اُن لڙاٽيل مٽيءَ واري هڳاءَ وارو پاڻي گنگا ۽ جمنا ۾ ڪٿي؟ توهان جو قرب، آٿٿ ۽ سڪ ياد اٿم. توهان منھنجا محسن رهيا آهيو. هيءُ هڪ ٻيو احسان ڪندا. مان بہ هاڻ بيمار رهان ٿي. عمر اچي کُٽي آهي. شال مونکي بہ سنڌوءَ جو پاڻي نصيب ٿئي. هريس کي چيو اٿم تہ منھنجون هاٺيون بہ اوهان تائين پھچائي. اوهان ٻيئي گڏجي سنڌوءَ ۾ لوڙهجو. اوهان ٻيئي منھنجا وارث آهيو. ڌڻي توکي ڏينھن ڏئي، جڏهن رکڙي ڏينھن ايندو آهي تہ توکي ياد ڪندي آهيان. ڪي پراڻيون، ڪي تازيون رکڙيون موڪليانءِ ٿي. هريش جي ٿيلھي جي پاسي واري خاني ۾ وڌيون اٿم، تون پاڻ هٿ سان ڪڍي گهڙي پل لاءِ پائجانءِ، ضرور. آهين. سٺو پر صفا ڳيٿرو، اڳيون پارايل رکڙيون تہ وڃائي ڇڏيون هوندءِ. مان بہ تہ ڳيٿري آهيان جو ورهيو پنھنجي سجڻ کي ياد نہ ڪيو اٿم. هريش جو خيال ڪجانءِ. ٻي امانت اها اٿئي. اها بہ توکي پرتي. شال جڙيو هجين، ٻچڙن سان خوش هجي.
”تنھنجي ڀيڻ سيتا.“
مان خط تہ پڙهان پيو،ا وڻ سان گڏ هنجون پيو هاريان. سامھون منھنجي هڪ وڏڙي مٺي ۽ سدوري شخص جون هاٺيون پيون هيون، ڄڻ سندس ميت پئي هئي. سيتا جي خط وري مونک يماري ڇڏيو. سامھون هريش بہ روئي رهيو هو، ائين پئي لڳو تہ ٻہ ميتون پيون آهن ۽ ماتم ڪرڻ وارو هڪ آهي.
مون اُٿي ٿيلھو کنيو. ٽيبل تي رکي، پاسي واري خاني جي زپ کولي هڪ ننڍڙو پئڪيٽ ڪڍيو.
”هريش پٽ، تون ڪجهہ آرام ڪر. مان بہ پنھنجي ڪمري ۾ وڃان ٿو. روٽي پاڻي جي ڪري پوءِ هاٺيون کڻي هلنداسين. شيءَ شڪل کپئي تہ ماسيءَ کي سڏي وٺجانءِ.“
مان ڪڌن جهڪائي هاٺين آڏو بيٺس پوءِ مون اهو گول ڪَنجهي جو لوٽو کنيو ۽ پنھنجي ڪمري ۾ هليو آيس.
ڪمري ۾ اچي هڪ پلنگ تي لوٽو رکيم ۽ ٻئي پلنگ تي آهلي پيس.
راکين وارو لفافو مٿي کان رکي ڇڏيم. مون لوٽو سوري وهاڻي تي رکيو. ائين ڪاڪو موتيرام منھنجي ڀر ۾ ٻئي پلنگ تي ائين ستو پيو آهي جيئن هو حيدرآباد واري ابي کي مليل سرڪاري گهر ۾ منھنجي ڪمري ۾ پيل ٻي کٽ تي سمھندو هو. حيدرآباد ايندو هو تہ رهندو بہ اسان وٽ هو. مان ڪاڪي موتيرام کي ننڍي هوندي کان ڏسندو آيو هيس. سھڻو سيپڪڙو قدارو جوان. پھران ۽ پاجامي ۾ هجي يا شرٽ پينٽ ۾. لوڏ ڏئي هلندو هو تہ ڪنھن فلم جو هيرو پيو لڳندو هيو. هر وقت پيو مرڪندو ۽ کلندو. سندس اڇا کير جھڙا ڏند اونداھہ ۾ بہ پي اجرڪندا. جھڙو پاڻ سھڻو تهڙي دادي شيلا. اُن کان وڌ سندس ٻہ نياڻيون سيتا ۽ نرملا پيون ٻھڪنديون، ڪاڪو موتيرام ڪچھريءَ ڄو ڪوڏيو، شام ٿي ناهي اسان جي اوطاق تي اچي نڪرندو. بابي جي سوٽن سان گهڻي هيس. خاص طرح سيٺ عبدالڪريم سان، ساڻس گڏ چمن لال، پمن داس ۽ ٻيا ديوان گڏ هوندا هيا تہ اسان سڀ نينگر نينگريون هن اڱڻ ۾ پيا ڪڏندا هياسين. چاچو سيٺ عبدالڪريم لَڏي آيو تہ ڪاڪي موتي اسان کي ۽ ٻئي چاچي کي بہ جايون وٺي ڏنيون ۽ حويليءَ جي ڪُن مان ڪڍي هتي سوکو ڪيو. بابي جي نوڪري سانگي اسان کي ٻين شھرن ۾ وڃڻو پيو. وئڪيشن ۾ ايندا هياسين تہ منگل ٿي ويندا هيا.
ڪاڪي موتيءَ جون نياڻِيون ملوڪ هيون. وڏڙيون ٿيون تہ هر هڪ جي منجهن اک هوندي هئي. چاچي سيٺ عبدالڪريم جي وڏي نينگر سوٽ علڻ وڃي سيتا تي اَڪن ڇَڪن ٿيو. گڏ جو رهندا هُيا تہ هن سيتا کي آهستي آهستي دام ۾ آڻڻ جي ڪئي. سيتا پڙهيل ڳڙهيل هئي ان ڪري هوءَ تيز ۽ هوشيار هئي. هوءَ ساڻس اهڙي قرب ۽ محبت سان پيش ايندي هئي جو اسان کي بہ شڪ پوندا هئا، مٿان سوٽ علڻ جي لاڦ تہ مٿس هڪ ڇوڪري اُڪن ڇَڪن ٿي پئي آهي. هو جنھن نموني هن کي بدنام ڪندو هيو مونکي ڏک ٿيندو هو.
سيتا هڪ دفعو سڪ سان مون کي رکڙي جو ٻڌي تہ مان کيس ڀيڻ وانگر ڀائيندو هيس. سوٽ علڻ ڏاڍو مڙس هيو ۽ مون کان بہ وڏو هيو. مون کيس چوڻ جي سگهہ بہ نہ هئي. مون هڪ ڏينھن پاسو وٺي سيتا کان پڇيو. ”هي سوٽ علڻ ڇا پيو وڦلندو وتي!“
”ها، مان کيس چاهيندي آهيان. سدنس پريم پوڄارڻ آهيان پر مَنَ ۾ پوڄا ڪندي آهيان. هن وانگر پڙها ڪونہ ڏيندي آهيان. مون کيس چيو، اٿئي همٿ تہ مونکي پنھنجو ڪر. مذهب بدلائي بہ مون سان شادي ڪر.“ سوٽ اندران نٻل هو. هو سيتا کي چاهيندو هو پر هو پريم ۽ پيار جي نازڪ ۽ ڪئنرن جذبن کان آگاھہ نہ هو. هاڻ اسان سڀ وڏڙا ٿي ويا هياسين. ڌوپڙا، ڦر ڦر سونٽا سڀ پورا ٿي ويا هيا. ڪوٺن تي چڙحي، هڪ ٻئي ڏانھن چڙهي ويندا هياسين، گڏجي سڏجي ڪچھريون ڪندا هئاسين. هڪ ڏينھن سوٽ علڻ سيت سان پرڀرو بيٺو ڳالھائي رهيو هو. اسين ٻيا سوٽ، ڀينر ڀائر غلم وڇايو ڪچھري ڪري رهيا هئاسين. ڪنھن پڪوڙا آندا هيا، ڪنھن گيھر، ڪنھن مرملا تہ ڪنھن پيڙا، کل ڀوڳ جاري هيا تہ ائين سيتا جو آواز تيز ٿيندو ويو.
”علڻ ٻڌي ڇڏ مان سيتا آهيان. اٿئي همت تہ جهر جهنگ جهاڳي گهر ٻاٽ ڇڏي مون لاءِ بنواس بہ ڪاٽي مون تائين پھچ تہ رام ڪري پوڄيانءِ. منھنجو تنھنجو پريم جو ناتو آهي چريا. ڪجهہ سمجهہ مون کي ڏکوءِ نہ. مان توسان سچي آهيان. شڪ نہ ڪندو ڪر.“ پوءِ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. مون وڌي کيس پرچايو ۽ علڻ کي ٿڪ لعنت ڪئي.
عشق ۽ مشڪ ڪو لڪڻ جا آهن. ڳالھہ کي گهڻو ڍڪيوسين. پر ٻاڦ ڪاڪي موتيءَ تائين پھتي. هُو حيدرآباد هليو آيو. رات جو ائين کٽن تي ليٽيا پيا هياسين تہ ڪاڪي موتيءَ ڏک مان ڀڻڪو ڪڍيو.
”مونکي ڏک رُڳو اهو آهي تہ مون کان تو هيترو عرصو ڳالھہ ڇو لڪائي. قصو شاديءَ تائين پھتو آهي ۽ مونکي خبر ئي نہ آهي. تون گهٽ ۾ گهٽ اهو تہ نہ لڪائين ها تہ هنن ٻنھي ۾ پريم جو ڪو چڪر انھيءَ حد تائين پھتو آهي؟“
مون وٽ ڪو جواب ڪونہ هو. ڪاڪو موتي ڪو اندران اهڙو راڄائتو، اڇو اجرو ۽ ننگن وارو هيو جو آهستي ڀڻڪو ڪيائين.
”جي ادو عبدالڪريم راضي ٿئي تہ مان سيتا کي هت ڇڏي هليو وڃان پوءِ ڀل مسلمان ڪري سندس شادي علڻ سان ڪرائي. مان پريت جي پت وڃائڻ نٿو چاهيان. ورهين جا ناتا ڪو ائين وڃائبا يا اولاد مِٺو ڪبو؟“
مان ٽپ ڏئي کٽ تان اُٿي ويھي رهيس. دل مان بي اختيار نڪتو، ”واھہ لاکيڻا، ڪاڪا موتي.“
پھريائين مون سوٽ علڻ سان ڳالھہ ڪئي. گهڻي همٿ ٻڌائي مانس پر پيءُ کان ڇرڪي پيو. مان ئي سندرو ٻڌي چاچي عبدالڪريم وٽ ويس. ڳالھہ ڪرڻ جي دير هئي هو بنھہ پڙ ڪڍي بيٺو.
”ميان توهان ٻار آهيو. اها ڪا سولي ڳالھہ آهي. هندو مسلم فساد ڪرائيندو ڇا؟ موتي بہ جذباتي آهي. ٻارن جي ڳالھہ آهي پاڻ ئي ختم ٿي ويندي.“
پوءِ هُن ڪاڪي موتيرام کي گهُرائي کيس سمجهايو ۽ ڇوڪراڻي وهيءَ جي جذبات کي ٻاراڻي ڳالھہ سمجهي وسارڻ جو چيو. پوءِ الاءِ ڇا ٿيو جو ڪاڪي ٻن چئن ڏينھن ۾ ٻارن ۽ گهر واريءَ کي انڊيا موڪلي ڏنو. هو پاڻ بہ ڪجهہ مھينن پڄاڻان ويو پر رُئندو ويو. هنن مون کان نہ موڪلايو نہ وري ڪو خط پٽ هيڏي آيو. هو سڀ ڪُجهہ سيٺ عبدالڪريم کي ڏئي ويو. اڄ رَکَ ٿي موٽيو آهي. سيتا رکڙين جي ٻنڌڻن ۾ جڪڙي پئي آهي. مون پيڪيٽ کولي رکڙيون کڻي اکين تي رکيون. سيتا وئي هئي تہ روئندي وئي هئي. مونکي لڳو تہ سندس ڳوڙهڻ جي آلاڻ هنن رکڙين تي اڃا آهي. ائين در کڙڪيو. مان ٻاهر نڪتس، ماسي بيٺي هئي.
”مهمان اوهان کي سڏي ٿو، ڀلا ماني پايان؟“
”ها ڀل پاءِ.“
هريش اتي ئي ويٺو هيو. هن ڪنڌ مٿي کڻي نھاريو. ”دادا. ڀلا هلون.“
”بس پنجن منٽن ۾ ٻہ گرھہ کائي وٺون. پنڌ پري ناهي.“
ماني هريش تہ ڄڻ کاڌي ئي ڪونہ. مون ٻہ گرھہ مس کاڌا. سچ تہ ماني وڻي ئي ڪانہ پئي. پٿر جنھن گهر ۾ هجي اوتي ماني ڪھڙي؟
اوطاق تي اچي، گيريج مان گاڏي ڪڍايم. ڊرائيور کي واھہ تي هلڻ جو چيم. اُت پھتاسين تہ واھہ ۾ ڦڙي ڪانہ هئي. سڄو سڪو پيو هو. هريش حيران ٿي ويو. ڪجهہ پرڀرو وڏو ريگيوليٽر وارو ڪئنال هيو جنھن کي بريچ بہ پوندا هيا. اُت ڊرائيور کي هلڻ لاءِ چيم. اُتي پھتاسين تہ هتي بہ ڪاريءَ وارا ڪک هيا. واهن ۽ ڪئنالن ۾ پاڻي بنھہ نہ هو. مان منجهي پيس. هريس چپ هيو. مون سوچي ڊرائيور کي چيو. ”هل درياھہ تي هل.“
ڊرائيور منھنجي منھن ۾ ڏسڻ لڳو. پوءِ چڱو پنڌ سٽي، درياھہ جو بند ٽپي ڪچو بہ ٽڦي وڃي درياھہ وچ پياسين. پاڻي هت بہ ڪونہ هو. بيٺل پاڻي جا ڪٿ ڪٿ دُٻيا هيا. ڪي سينوارجي ويا هيا. ڪي ڪلر سان ڪاراٽجي ويا هئا. مان ۽ هريش انھن دُٻن جي چوڌاري پئي ڦرياسين. لوٽو هريش کي ساڻ هو. هو دُٻن کي ڏسيو ڪنڌ ڌوڻي وري ٻئي دُٻي تي هليو وڃي. وري نهڪر ڪيو ڪنڌ ڌوڻي وري ٻئي دُٻي تي هليو وڃي. وري نهڪر ڪيو ڪنڌ ڌوڻي پري ڪنھن وڏي دٻي تي وڃي. هو ائين ڊوڙي رهيو هو ڄڻ ڪو هرڻ دشت صحرا ۾ پاڻيءَ جي ڳولا ۾ جهلڪ پسيو ويجهو وڃي وريو موٽيو اچي. هريش هاڻ سھڪي پيو هو. مون کيس وڃي ٻانھن کان ورتو.
”بابلا. هيءُ درياءَ بادشاھہ ڪونھي. هت پوتر پاڻي بہ ڪونھي، جنھن ۾ ڪاڪي موتيءَ جي رَکَ وهايون.“
”پر دادا. هيءُ ٿيو ڇاهي. امان ۽ دادا موتي، جنھن سنڌوءَ جون ڳالھيون ڪندا هيا، اهو ڪاڏي ويو. هت تہ اُهي ٻيڙيون اُهي ملاح بہ ڪونھن جن تي چڙهي هو سير ڪندا هيا. مڇيون پلا ماري گهر کڻي موٽندا هيا. اهو جَلُ پوتر سمجهي گهر کڻي اچي پيئندا هيا. هيءُ سڀ ڇا ٿي ويو آهي؟“ مون کيس ڪو جواب نہ ڏنو. جو مون وٽ ڪو جواب نہ هو. پنھنجي وڍيءَ جو نہ ويڄ نہ طببي، بس ايترو چيم، ”اپڻي گهتي هي بابا اپڻي گهتي!“
هو انھيءَ گهتيءَ کي سمجهي نہ سگهيو ۽ پڇيائين، ”دادا، اها اپڻي گهتي ڇا ٿيندي آهي؟“ مون وک کي تيز ڪيو ۽ ڊوڙندو اچي ڪار وٽ پھتس. هريش منھنجي پويان آهستي آهستي واريءَ جا دڙا ۽ ٻيلاٽيون لتاڙيندو، ڪاڪي جي هاٺين کي سيني سان لايو اچي پھتو.
”دادا، پوءِ هن جو ڇا ڪيون؟“ هن جو ائين چيو تہ ڳوڙها تري آيم. ”هئہ ڙي وقت، بي وطن جي مٽي پنھنجي وطن جي پاڻيءَ جي پياسي آهي ۽ پاڻي بہ ڪنھن ٻي ڀَر هليو ويو آهي.“
مون هريش کي ڏٺو هو بہ روئي رهيو هو. مون کيس ڪار ۾ وهاريو ۽ واپس گهر کنيو آيس.
گهر پھچي مون کيس ٻانھن کان ورتو ۽ سڌو ڪوٺي تي هليو ويس ۽ اُتي وڃي بيھاريومانس، جتان سڄو شھر پئي نظر آيو. سانجهيءَ جا پاڇا پئجي چڪا هيا ۽ ڪجهہ بتيون بہ ٻري چڪيون هيون. ڪي انتظار ۾ هيون، بھار جي بھاري ڏيندڙ هوا چوڌاري گهُلي پئي هئي.
”هريش، هيءُ شھر، ڪاڪي موتيءَ جو شھر آهي. هن پاسي سندس جاءِ هئي جت هو رهندو هو. هيءُ اڱڻ آهي، جتي هن پير گهمايا. هو سامھون اُحي گس پنڌ آهن، جتان ڪاڪو موتي لنگهندو هو. هوءَ اها اوطاق آهي جتي هو وهندو هو. ڇڏ انھيءَ رک کي تہ انھيءَ مٽي ۾ ملي وڃي، جنھن مٽيءَ تي سندس وکن جا نشان آهن. ڇڏ انھيءَ جُسي جي رک کي تہ انھيءَ مٽيءَ ۾ ملي وڃي جنھن مٽي جو هوُ ڳوهيل هو ۽ جنھن مٽيءَ سان سندس عشق هو.“
هريش ڪا گهڙي خاموش رهيو پوءِ هن انھيءَ لوٽي جو منھن کوليو. ڪپڙو لاهي پري ڪيائين. هن هٿ وجهي پھرين لپ رک جي کنئي، ان کي چميائين پوءِ هُن گهر واري پاسي هوا جي تيز جهوٽي سان اُن کي اڏائي ڇڏيو. هن ٻي لپ لاءِ لوٽو منھنجي ويجهو ڪيو ۽ مون بہ لپ ڀري ان کي پنھنجي اڱڻ تي ڇٽيو. ائين هوا جي جهوٽن ۾ ڪاڪي موتيءَ جي جُسي جي رک کي سندس شھر جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۽ گام تي وڇائي ڇڏيوسين، جيئن حياتي بہ هڪ جهوٽو هوندي آهي. ڪڏهن پُر بھار ڪڏهن جهڪ تہ ڪڏهن جهولو. ڪاڪي موتيءَ جي رک کي سنڌ جي باهر جا جهوٽا نصيب يٿا. سندس شھر جي ماڻھن جي ساھہ ۾ بہ هاڻ اُن رک جي خوشبو رچي وئي هوندي!!
هيٺ لٿاسين تہ هريش بنھہ ساڻو ٿي پئجي رهيو. پاڻي پيارومانس تہ سامت ۾ آيو. چانھہ پياري مانس تہ ڪجهہ تڪڙو ٿيو. يڪدم وڃڻ جي واريائين. مون ان رات ئي کيس ڪار ۾ ساڻ ڪري، ڪراچي ايئر پورٽ تي آڻي ڇڏيو. موڪلائڻ مھل هو ڏکارو هو. ڀاڪر پاتومانس تہ روئي پيو. مون کيس پرچائي مِٺيون ڏئي روانو پئي ڪيو تہ هڪ ڳاله ياد آيم.
”هريش بابلا، منھنجي ڀيڻ سيتا کي چئجان تہ پراڻ تياڳڻا هجنس تہ آرهڙ ۾ تياڳي. سنڌو ۾ ٿورو گهڻو پاڻي آرهڙ ۾ ئي ايندو آهي. چئجانس جڏهن بہ مري تہ آرهڙ ۾ مري جو سندس هاٺيون وهندڙ سنڌوءَ ۾ لوڙهي سگهون!!“
مان وڌيڪ ڳالھائي نہ سگهيس. منھنجو آواز ائين ئي ڳرو ٿي ويو جيئن هريش جو ٿيو هو ڄڻ ڪنھن ويران ۽ ڦٽل کوھہ مان ايندو هجي. هاڻ هريش جي آواز ۽ منھنجي آواز ۾ ڪوبہ فرق نہ هو.

..... ۽ چيا اُڏامي وئي

(حميد سنڌي هڪ اديب جي حيثيت ۾ قومي خيالن جو ماڻھو ۽ سنڌ جي روشن مستقبل جو آرزومند آهي. مٽيءَ جي خوشبو ۽ ڌرتيءَ جي ڪشش تہ پيرن پيغمبرن کي متاثر ڪيو آهي، سو حميدَ جو ’سنڌي‘ ڪوٺائڻ سمجهہ ۾ اچي ٿو)

(غلام رباني آگرو)

جهرڪين جي چِين چِين ۽ ڀڙڪي تي نگهت جي روز جيان اک کُلي. هن جهرڪين جي جهيڙي ۽ ورانڊي مان ڀڙڪو ڏئي اُڏامي وڃڻ، وري موٽي اچڻ تي، مرڪي ڏنو، ۽ پنھنجي ڌيءُ چيا جي پريان رکيل کٽ ڏي ڏٺو. آهستي آهستي سندس اک کلندي وئي ۽ هوءَ ٽپ ڏئي اُٿي ويھي رهي. هن کي محسوس ٿيو تہ چيا کٽ تي ڪانھي. ڇاڪاڻ تہ هوءَ ايڏو سويل اُٿي، هن لاءِ ممڪن نہ هو. هوءَ جهرڪين جي گوڙ تي پاسا ورائيندي هئي. صبح جي ننڊ کيس اُٿڻ نہ ڏيندي هئي، ڪڏهن وهاڻو ڪنن تي، ڪڏهن ماءُ کي اُتان چوندي هئي: ”امان هنن چيائين کي بس ڪراءِ، ننڊ ڦٽائي اٿن.“ نگهت هش هش ڪري جهرڪين کي ڀڄائيندي هئي. هو ڪڏهن ولر ڪيو اچي ”چيا“ جي پاسي ۾ يا پيرانديءَ کان وهنديون هيون.
اڄ شور وڌي ويو هو. هي ولر ڪيو، چيا جي هنڌ تي ويٺيون هُيون ۽ نگهت جو گمان صحيح پي ثابت ٿيو. هوءَ آهستي آهستي وڌي چيا جي کٽ تائين وئي. ڪي جهرڪيون ڀڙڪو ڏئي اُڏامي ويون، ڪي ويٺيون رهيون. هوءَ اڱڻ ۾ وئي، رڌڻو ڳولي آئي. اندر ڪمري ۾ نھاريائين، چيا ڪٿي بہ نہ هئي. هن جي هيانءَ ۾ ڌڪ لڳو، جڏهن هن ڏٺو تہ ٻاهرين در جو ڪلف هيٺ اُڇليو پيو هو ۽ ڪڙو لٿل هو، در رڳو ٻيڪڙيل هو. هوءَ ڪا گهڙي پنھنجي کٽ تي ويھي رهي. هن ڀرسان واريءَ کٽ تي نھاريو. سندس مڙس ظهير گهري ننڊ ۾ هو. جهرڪين جي ميڙ ۽ گوڙ مٿس ڪو اثر نہ ڪيو هو. هو بي خبر ستو پيو هجي ها جيڪڏهن نگهت کيس نہ اُٿاري ها.
”چيا جا پيءُ! چيا جا پيءُ!“ هن کيس آهستي آهستي سجاڳ ڪيو. هن آهستي آهستي اک پٽي. سندس ڪن ۾ آواز آيو: ”چيا جا پيءُ! چيا گهر ۾ ڪانھي.“ هو ٽپ ڏئي اُٿيو، هن سڄو گهر ڳوليو. هيءُ هڪ ڪمري ۾ ورانڊي وارو ريلوائي ڪوارٽر. اُن جي ايراضي گهڻي؟ هو در ڏانھن ڀڳو، ڪلف هيٺ ڀڳو پيو هو. در ٻيڪڙيل هو ۽ هو پريشان هو تہ آخر چيا ڪاڏي وئي. هن ورانڊي ۾ مٿي اُگهاڙي اُجڙيل گهرواريءَ ڏي ڏٺو. هن جي پوتي پٽ تي پئي هئي. جهرڪيون جن سان ڪُڏندي چيا کي سال ٿيا، اڄ هو چيا کي نہ ڏسي آهستي آهستي اُڏري ويون. چيا ننڍڙي هئي ۽ هيج مان انھن کي جهرڪي نہ چئي سگهندي هئي، تہ ماڻس کيس چڙيا چوڻ سيکاريو. جنھن کي بہ هوءَ چيا چوندي هئي. ننڍڙي ايڏي چاھہ مان ”آ چيا، آ چيا“ پنھنجي ماءُ سان گڏ چوندي هئي جو، مٿس اوڙي پاڙي جي ٻارن نالو ئي ”چيا“ رکي ڇڏيو. ڪيترا ٻار هن ننڍڙيءَ سان کيڏڻ ايندا هئا ۽ هن کي جڏهن، ’ننڍڙي چيا! مٺڙي چيا!‘ چوندا هئا تہ هيءَ ننڍڙي، خوش ٿي جهرڪين وانگر ٻانھن سان کنڀڙاٽيون هڻندي هئي. هوءَ ايئن اُڇلون ڏيندي هئي ۽ ٻانھون هڻندي هئي ڄڻ اُهي هنن جهرڪين جا پَرَ هجن ۽ اجهو ٿي هوءَ اُڏامي!
هاڻ جهرڪيون اُڏامي ويون هيون، ورانڊي ۾ سانت هئي. ٻنھي اندر جي گمان کي، گمان رهڻ ڏنو ۽ دَرَ کولي ٻاهر نڪتا. هنن ڏٺو تہ ڀروارن ڪوارٽرن جا در اڃا ڀيڙيل هئا، ڪي کُليل بہ هئا. هو سڀني درن تي پھريائين ڀڻڪي سان، پوءِ آهستي ۽ ان کان پوءِ ڏاڍيان، ”چيا! چيا!“ پڪاريندا رهيا. هو پري تائين ويا پوءِ پڇاڙون کائيندا وريا.
گهڙي پل ۾ پري پري تائين هُلي ويو تہ چيا گهر ڪانھي. چيا، هنن ڪوارٽرن جي قطارن ۾ ائين ايندڙ ويندڙ ۽ مڪينن جي لاڏلي ٿي پلي هئي، جو ڪنھن اولو سولو اکر نہ ٿي ڪڍڻ چاهيو، هنن آهستي ڀڻڪيو: ”اسان جي چيا اُڏامي وئي، اسان جي چيا اُڏامي وئي.“
چيا جو اصل نالو ڪنھن کي خبر نہ هئي. هن ريلوي جي رهائش ڪمپائونڊ ۾ ڪيترائي ڪوارٽر هئا، ان جا رهواسي چيا سان ڄائي ڄم کان وٺي ايڏو پيار ڪندا هئا، جو هنن کي هن جو اصل نالو وسري ويو هو. هوءَ پتڪڙي، اوڙي پاڙي جي لاءِ رانديڪو هئي. وڏڙي ٿي تہ ٻين ٻارن سان گهٽين ۾ ڌوپڙي يا چيلي جي راند ڪندي هئي. ڊيوٽي تان مختلف وقتن تي موٽندڙ ماڻھو، سندس موهيندڙ شڪل، انداز ۽ انگل تي فدا هوندا هئا. هن جي مٿي تي هٿ ڦيري، پوءِ گهر ۾ گهڙندا هئا. جي هو گهٽيءَ ۾ چيا کي نہ ڏسندا هئا، تہ ٻين ٻارڙن کان پڇندا هئا. هو ڪنھن نہ ڪنھن ڪوارٽر ڏي اشارو ڪندا هئا. هو ان دروازي وٽ ويندا هئا تہ، چيا جون مِٺيون ٻوليون ٻڌي خوش ٿيندا هئا، ۽ کيس سڏي پيار ڪري پنھنجي گهر هليا ويندا هئا. هنن جو پيار رڳو چيا سان نہ هو، پر، سندس ماءُ پيءُ ظهير ۽ نگهت لاءِ پڻ اٿاھہ مانَ محبت جو اظهار پڻ هو.
ظهير گڊس ٽرينن لاءِ مال بوڪ ڪرڻ جو ماهر ڪلارڪ هو، پوءِ هو وڏي مال گودام جو انچارج بہ ٿيو پر، سندس هلت چلت ۾ ڪا وڏائي ڪانہ هئي. ظهير، رحيم يارخان جو رهواسي هو، اتي سندس پيءُ اسٽيشن تي قلي هو. هن پٽ کي پڙهائي گڊس جو ڪلارڪ ڪرايو. ظهير اتي ئي پاڙي ۾ نگهت کي ڏٺو عشق جا پيچ اڙيا پر، نگهت جي مائٽن پنھنجي ڌيءُ ڪنھن وڏي هنڌ ڏيڻ پي چاهي، پر لکئي جا ليک آهن، ظهير جا ڀاڳ زور هئا. هن نگهت کي اُڏائي پھريون شهدادپور ۾ پوسٽنگ ڪرائي ۽ پوءِ نگهت سان نڪاح وجهي، نگهت جي مائٽن جي ڀڄ ڊُڪ ۽ قانوني ڪاروائي جو انتظار ڪرڻ لڳو. پر نگهت جا مائٽ وڏي ڏِک وارا هئا. نياڻي جي ائين نڪري وڃي، سو هنن بہ ائين ئي سھائي. ڪني آڱر وڍي ڀلي وانگر نگهت ڏانھن ور ڪري نہ نھاريؤن.
آهستي آهستي ظهير اسٽيشنون ٽپندو، حيدرآباد اسٽيشن پھتو ۽ ريلوي جي ڪوارٽرن جي ڪمپائونڊ ۾ رهڻ لڳو. اتي کين چيا ڄائي، جيڪا سندن لاڏلي، اوڙي پاڙي جي اکين جو تارو بڻي. ڇو تہ هئي بہ من موهڻي ۽ ڳالھيون ائين ڪندي جو دل ۾ پيھجي وڃي. اڄ چيا اُڏامي وئي هئي. اوڙو پاڙو حيران هو تہ هيءَ معصومڙي ڪيئن پاڻ هلي ويندي. هيءَ تہ سڌوسنئون اغوا جو ڪيس هو. ڪن ڪوارٽر جي ڀت ٽپي، اندريون ڪلف ڀڃي اُڇليو هو ۽ چيا کي کنڀيو هو، هاڻ ماڻھن جون هيون ڳالھيون. ڪن آهستي ڀڻڪو ڪڍيو تہ چيا پاڻ رضا خوشيءَ سان نڪتي آهي. ڪلف تہ ڀڃڻو هو، نہ تہ چيا ۽ سندس چاهيندڙ ڪيئن نڪرن ها. انھن جو ڀڻڪو ۽ اشارو ڪمپائونڊ جي ڀت ٻاهران هڪ نئين جوڙيل جاءِ ڏي هو، جت چيا، ماءُ جو پورهيي سان جَڙيل ڀرت ڀريل وڳا پھچائيندي هئي. نگهت اوڙي پاڙي جي لاءِ ڀرت ۽ سيبي ٽوپي جو ڪم ڪندي هئي. ائين سندس گهر جو خرچ جو پورائو ٿيندو هو. چيا سياڻي ۽ سمجهہ سان ٿي تہ گهر گهر وڃي، ويس وڳا پھچائيندي هئي ۽ ٻيو ڪم بہ کنيو ايندي هئي. هي ڏهن ٻارهن سالن جي ٻالڪڙي، ڪنھن جي موھہ ۾ ايندي ۽ ٽوڙي ڪلف ڪڙو ڀڄي نڪرندي، نہ سمجهہ ۾ ايندڙ ڳالھہ هئي. هوڏانھن نگهت بہ ان هنڌ ۽ پٿراڻي کي کنيو چمي جنھن تي چيا سمھندي هئي ۽ ور ور چوي، ”ظهير تون مون کي ڀڄائي نہ اچين ها، نہ هوءَ ابي امان جي نقش قدمن تي هلي آ. ظهير تون مان گهنگار آهيون. جيئن تون مان اُتان اُڏامي نڪتاسون، تيئن چيا بہ اُڏامي وئي. تيئن چيا بہ ڦُررر ڪري اُڏامي وئي.“
ظهير جو اندر اڳي ئي وڍيو پيو هو. وري نگهت جا جهير وجهندڙ اهي جملا ته: ’اسين ٻئي گنهگار آهيون. جيئن تون مان اتان اُڏامي نڪتاسين تيئن چيا بہ ائين ڦَرِ ڪري اُڏامي وئي.‘ سندس دماغ ڦرڻ لڳو هو. هو هڪ هنڌان اٿي وري ٻئي هنڌ ويھي. وري اتان اٿي اڱڻ ۽ ورانڊي ۾ اچي وڃي. هن کي چين نہ هو. هو نيٺ ان ڪمپائونڊ کان ٻاهر نئين جوڙايل جاءِ ڏانھن وڃي نڪتو. هو چوڌاري جاءِ گهمي آيو، ات کيس ڪنھن بہ ماڻھو جا آثار نظر نہ آيا. هن ڊنو ڊپ ڪري وڏي لوهي گيٽ کي کڙڪايو. ڪافي دير کان پوءِ هڪ چوڪيدار نما ماڻھو نڪتو جنھن چيس ته: ”هتان جا ڪرايي دار هليا ويا آهن ۽ هاڻ هتي ڪير بہ نہ رهندو آهي. هو هيءَ جاءِ رات ئي ڇڏي پنھنجي ملڪ هليا ويا آهن.“ ظهير کي لڳو تہ سندس ڌيءُ هتان ئي وئي آهي ڪن وڏن هٿن ۾ اچي وئي آهي.
ظهير سڄو ڏڪي ويو. هن کي چوڪيدار کان ئي پڪ ٿي تہ هي برده فروشن جو ٽولو، سندس ڌيئڙي کي ٻڌي ڪنھن وڏي بازار يا ڪنھن وڏي ماڻھوءَ کي ڏيڻ لاءِ کنڀي ويا آهن. هو اتان سڌو پوليس ٿاڻي تي آيو. فرياد داخل ڪيائين، شاهد پيش ڪيائين. جاءِ جي مالڪن کان پڇا ٿي انھن کان مسواڙِن جو ڏس پتو مليو. پڪ ٿي تہ چيا کنڀجي ٻئي صوبي ۾ پھچائي وئي آهي. پوليس کانئس پيسا گهريا تہ، پيسا ڏي تہ گاني بجاني ۽ جسم فروشي جي ڏورانھن اڏن تان ڳولي اچون. هن نگهت جا ٻہ چار ڳھہ وڪيا. معصومڙي چيا جو فوٽو ڏنائين. پوليس کيس هتي ڇڏي، فوٽو کڻي ملڪان ملڪ نڪري پئي. ننڍا شھر ٽپندي وڃي ملڪ جي وڏي بازار تائين پھتي. اُتي انھيءَ شھر ۾ الائي جي ڪھڙو جن ڀوت ڏٺائون جو پوليس، صوبيدار سوڌو تڪڙو موٽي، ۽ اچڻ سان ظهير کي گهرائي دٻ ڪڍيائون: ”تو اسان کي رلايو آهي، شريفن جا ڏس پتا ڏئي خوار ڪيو آهي. تنھنجي ڌيءُ ڪشمير بہ ٽپي وئي آهي، ٻيا پيسا ڏي تہ ڪشمير مان ڳولي اچون، ڪشمير وڃڻ سولو نہ آهي.“
ظهير روئي پيو، هيءُ تہ پيرا وڃائڻ واري ڳالھہ ٿي. هن وڏن آفيسرن وٽ دانھيو، شھر جي چڱن مڙسن وٽ دانھيو، پر ڪجهہ نہ ٿيو.
آهستي وقت جي دز، هن واقعي کي لَٽيندي وئي. ماڻھو، چيا کي وسارڻ لڳا. ماءُ چرين وانگر جهرڪين کي داڻا وجهندي سڏيندي، ڳالھائيندي هئي: ”توهان مان ڪنھن منھنجي چيا کي ڏٺو.“
”ڪھڙي ديس مان اچو پيون، ڪا منھنجي چيا جي خبر! چيا جھڙي ڪا من موهڻي ڏٺوَ؟“
”اڙي مايون جهرڪيون توهان تان تہ گهور ويندي هئي. ياد اٿوَ پاڙي جي ڇوڪرن، توهان مان ڪن کي سرڪڻ ڦاهي سان پڪڙي، سوتلي ۾ ٽنگي پئي ڳلي ڳلي ڦيرايو، ۽ ڪيئن چيا اوهان جهرڪين کي ڇڏايو هو. اڃا ٿورڙو ساھہ هيؤ، جو چيا اوهان جي چهنبن کي وات سان ملائي ڦوڪون ڏئي، اوهان اڌ مئلن کي جيئرو ڪيو هو. اڙي! ڏسجو ڪٿي چيا سرڪڻ ڦاهيءَ جو نشانو بڻجي، اڌمئي نہ ٿيو پئي هجي. ڏسجو کيس بچائجو.“
هڪ ماءُ پنھنجي جيئري جگر کان جدا ٿي هئي. هوءَ پئي جهرڪين سان ڳالھيون ڪندي هئي. ڪڏهن آيلن ويلن کان چيا جو احوال پڇندي هئي: ”ڪا چيا اُڏامندي ڏٺوَ.“
ظهير، نگهت جو هيءُ حال ڏسيو پيو رت رئندو هو. هُو جڏهن بہ ڊيوٽيءَ تي ويندو هو ته: اَپ کان ايندڙ ڪا گاڏي مِس نہ ڪندو هو. اُهي گاڏيون حيدرآباد تي ضرور بيھنديون هيون. هو سڄيون گاڏيون لتاڙي پھچندو هو، پوءِ ئي اسٽيشن ماستر انھن کي سگنل ڏيندو هو، ۽ گاڏيون ڪراچي روانيون ٿي وينديون هيون. ڪي ورھيہ اهو سلسلو هليو. آهستي آهستي اَپ کان ايندڙ، ڊائون ويندڙ گاڏيون بنا روڪ هلڻ لڳيون. پر ظهير تنھن هوندي بہ گاڏيءَ تي نظر ڦيرائيندو هو. خاص طرح زناني گاڏي تي، تہ من کيس چيا نظر اچي وڃي. چيا جھڙيون نينگريون گهڻيون، پر چيا ڪوڻ سڏاوي، چيا هڪ ئي هئي.
ائين ورھيہ لنگهي ويا، نگهت جي مٿي ۾ چاندي جون ڪيئي تارون ڦھلجي ويون، ظهير غم ۽ فڪر ۾ اڌ مٿو اڇو ڪيو، اسٽيشن تي ڦيريون پائيندو رهيو پر، چيا جي گاڏي نہ آئي.
ائين هڪ ڏينھن ڊائون ايڪسپريس کي اُڪارڻ لاءِ گيٽ وٽ مايوس بيٺو هو. هن مايوسي دور ڪرڻ لاءِ سگريٽ دکايو ۽، آهستي آهستي رڙهندو گيٽ ٽپي اندر داخل ٿيو. ڊائون گاڏي بہ چيڪاٽ ڪندي اچي بيٺي. هو آهستي آهستي گاڏا لتاڙيندو، هڪ نظر وجهندو اڳتي وڌيو پي، تہ سندس نگاھہ هڪ سھڻي مُکَ تي وڃي بيٺي. هيءَ اهڙي سھڻي من موهڻي هئي، جيئن چيا هئي. پر هيءَ تہ هڪ عورت هئي ڀلي وڳي ۽ شال ۾ ويڙهيل، ڳچيءَ سونا روپا هارَ، ڪنن ۾ وڏا جهومڪ ۽ ٻانھون لاتعداد سونين چوڙين سان جهنجهيل. هو وڌندو ان دريءَ آڏو بيھي رهيو جت هوءَ ويٺل هئي. ظهير کي وڌيڪ تعجب ٿيو، جڏهن هڪ ننڍڙي نينگري اچي هن جي هنج ۾ ويٺي، ۽ پوءِ دري مان ٻانھون ڪڍي هوا ۾ ائين هلائڻ لڳي، جيئن چيا صبح ويل ڪندي هئي ۽ چوندي هئي: ”آ چيا آ چيا“
ظهير جا ڪن ٻرڻ لڳا هيا يا ائين هو بہ صحيح. هيءَ ننڍڙيءَ نينگري بہ ائين ئي چئي رهي هئي. ”آ چيا، آ چيا...“
هو اڃا حيران بيٺو هو جو ان عورت هن ٻارڙي کي ڇڪي اندر ڪيو ۽ پڪاري چيو: ”چيا! چيا! نا، نا!“
هو تيئن دري ويجهو وڃي بيٺو ۽، ڏک ڀريل آواز ۾ پڪاريائين: ”چيا! چيا! منھنجي چيا!“ هيءَ هڪ خوبصورت عورت هئي، سندس مک تي هڪ رنگ آيو ۽ اکيون ٿورو پاڻيءَ سان ڀرجي آيون. ٻيءَ مھل اتي ڪجهہ بہ ڪونہ هو. پوءِ هن ننڍڙي نينگريءَ کي دريءَ کان پري ڪري، پاڻ ڳچي ڪڍي ٿورو هيٺ ڀرو ٿي جهڪي، ۽ سُرٻاٽ جھڙو ڀڻڪو ڪڍيائين.
”بابا، سائين، چيائون ويچاريون ڄمنديون ئي اُڏامڻ لاءِ آهن، تہ ڪي ويچاريون سرڪڻ ڦاهي جي ور چڙهي اڌميون ٿيون پيون هونديون آهن. امان کي چئجانءِ تہ چيا پاڻ ڪانہ اُڏامي، سرڪڻ ڦاهيءَ جي وَرِ چڙهي وئي . هاڻ ڪٿي بہ چيائون نہ اڏامنديون آهن، سڀ سرڪڻ ڦاهيءَ جي وَرِ چڙهي وينديون آهن“.
ائين پويان ڪو آواز ٿيو، هڪ ٿلھو ٿنبرو پھلوان جھڙو مڙس اچي مٿانئس بيٺو. هن عورت پٺي ورائي چيس: ”ڪوئي منگتا هي، خير منگدا پيا هي“، پوءِ عورت مٿڀرو ٿي پرس مان ڪي رپيا ڪڍي سندس تريءَ تي رکيا ۽ ڪنڌ موڙي ڇڏيائين، ڄڻ کيس سڃاڻندي نہ هئي. گاڏي آهستي آهستي رڙهي ۽ اسپيڊ ورتائين. هاڻ ظهير کي لڳو تہ، سندس چيا هڪ دفعو وري اُڏامي وئي آهي

(مھراڻ 3-4/2009ع)

لڳي لڳي واءُ

ڪيترن يارن جي، انھن خيالن کان چڱي پر آگاھہ آهيان تہ منھنجي ڪھاڻين ۾ هاڻ ’موت جو موهه‘ ۽ قبرستان جا قصا مڙيوئي ڪجهہ وڌي ويا آهن. هڪ يار تہ لکيو ئي ائين تہ، منھنجا گهڻا تڻا ڪردار ’موت جي موهه‘ جا ماريل آهن. مان کيس ڇا چوان ۽ ڪيئن ٻڌايان تہ ماڻھوءَ جي اصل حياتي موت کان پوءِ شروع ٿي ٿئي ڇو تہ ڳالھہ آهي ’هونداسي حيات جيئڻا اڳي جي جيا‘ واري جنھن کان ڪير بہ انڪاري نہ ٿو ٿي سگهي.هيءُ جيڪي جيءُ جيارا ڏٺل وائٺل. سولا سڌا ماڻھو، ڏاهپ ۽ بزرگي جي رنگ ۾ رڱيل شخص، بھادري ۽ دل وارا جوڌا جوان سھڻيون نسبتون، پکين جيان ٻوليون ڪندڙ مان شان واريون مايون ۽ ڪيترا ٻيا جانب جن مون سان ڪي پل ڪي گهڙيون مس گهاريون. ڪي ڏٺم ڪي چڱي پر بہ نہ ڏٺم ڪي تہ مور نہ ڏٺم. واريءَ جيان هٿ وٿين مان سڀ وهي ويا. سي حيات نہ ڀانيان ۽ اُنھن کي جيءَ ۾ سانڍي نہ رکان تہ مان ڪيئن جيان، هو موت کان پوءِ ڪيئن جيئن. مون لاءِ سڀ جيئرا آهن ۽ جيئرن سان ڪيئن جدائي ڪبي.
هميشہ جيان ڳوٺ وڃان تہ ٻن قبرستانن جو ڀيرو نہ ڀڃبو. هڪ ميان آدُر وارو قبرستان جتي نہ رڳو منھنجا جيئرا جگر پر سنڌ جي سالن جي تاريخ رکندڙ ڪئين ئي جوڌا جوان، ننڍا وڏا ستل آهن. جن ۾ گهنا تڻا بادشاهن ۽ حاڪمن جي جوٽيل جنگين جو بَکُ ٿيا، ڪيرُ تہ کين ياد ڪندو. ٻيو قبرستان آهي شاھہ نصير وارو جتي سنڌ جو عظيم شاعر ڪجهہ عرصو اڳ بنا ڇت نٽهڻ اُس ۾ ستل رَهيو، مينھن ۽ طوفان ۾ ڀڄندو رَهيو. وَري بہ پنھنجي زمين مان ٽڪر دُڪانن لاءِ ڏئي، مقبرو ٺھرايائين، اُهو جنھن بہ جيئن بہ جوڙايو اُنھيءَ کي شاباس ۽ پونيئر جن اُها ڪمائي ڇڏي مقبري جوڙائڻ ۾ لڳرائي اُنھن کي بہ جَسُ هجي. مان اُنھي شاعر ۽ اوسي پاسي سُتل ڪيترن سخين، ڏاتارن ۽ بھادرن کي ڪيئن ماري ڇڏيان، جيڪي سنڌ جي ماڻھن لاءِ جيئري مري ويا پر مون لاءِ هميشہ هوندا سي حيات.
هيل عيد تي ڳوٺ ويس تہ شاھہ نصير جي نئين ٺھيل رنگ ۽ روغن وارو مقبرو ڏٺم پر ٻاهران احاطي ۾ سندن خاندان وارن جون اجڙيل قبرون ڪي ڀُري ويون هيون. ڪن جا تہ شايد رُڳو آثار نشانيہ رهيا. وقت اچي تہ شاھہ نصير جا پونيئر ٻيا ٽڪر وڪڻي اُنھن کي ٺھرائي وجهن. ڪي موزيڪ جي چٽسالي واريون، ڪي لوهي جنگلن ۾ قابو قبرون بہ هُيون پر ڪي پاسيريون قبرون، انھيءَ انتظار ۾ هُيون تہ سندن وارث ڪا سار لهن. اُنھيءَ غريبن جي قبرن ۾ هيل وڏي سيمينٽ ۽ لوهي جنگلي ۾ ٻہ پختيون قبرون پسيم. ويجهو ويس تہ هڪ قبر شهيد رياض جي هئي. ڀرسان سندس پيءُ مرحوم مولا بخش جي هئي. رياض جي قبر اڳ بہ ڪجهہ ڏسڻ جھڙي هئي پر مولا بخش جي قبر ڪا خاص نہ هئي. هيل ڏٺم تہ بيھي رهيس. ڏاڍا رنگ روغن ڏنل هُيا، ٻہ وڏيون سنگ مرمر جون تختيون لڳل هيون. شهيد رياض هڪ پاسي لکيل هو ٻي پاسي شهيد رياض جو والد مولا بخش لکيل هو. هونئن تہ کجين جا ٻہ چار ساوا کنڀ اُڇلائي هليو ويندو هُيس. اَڄ بيھي رَهيس تہ هن گورِ غريب کي ڪنھن نوازيو. شهيد رياض کي تہ سندس پيءُ مولا بخش نوازيو هُيو. پر اُهو ڪير هُيو جنھن کيس شاهوڪارن وارين قبرن سان مقابلي ۾ بيھاريو هو. مٿن وڻن جا ڇانورا ۽ پاسي ۾ گل ٻوٽن جي بھار. مالڪ ڪا مھر ڪئي، يا مولا بخش جا پورهيا ۽ نيڪيون ثاب پيون. توڙي جو پڇاڙي جو سندس رُخ ٻيو ٿي ويو هو. شايد شهيد رياض ئي کيس مئي بہ جياري ويو هو.
مولا بخش کي تہ اوهان سڃاڻندا هوندا، اُهوئي ’ٽڪي ۾ ٻاٽي‘، ”ڌوپار“ ۽ ’ڪنچن ڪايا‘ وارو مولو ڪوهرن وارو. شهيد رياض جو پيءُ مولا بخش مشھور بيلف نہ ٿا سڃاڻو تہ ٺيڪ آهي، ڇاڪاڻ تہ اهڙا غريب يتيم ڪوهر وڪڻڻ وارا يا سنڌ جي شهيدن جا پيئر يا در در جتيون گسائيندڙ بيلف مري کپي ويا، ڪير ٿو کين ياد ڪري ڪير ٿو کين مانُ ڏي. پر قبرون ٺھرائي مانُ ڏيڻ بہ ڪو مانُ ٿيو. ڪير ٿو قبرستان ۾ وَڃي قبرون پسي يا ڪتبا پڙهي. پر دوستو! مون وٽ انھن بي نام بندن لاءِ وڏو مانُ آهي. مون انھن يتيمن غريبن سان گڏ گهاريو آهي.
مولا بخش عرف مولُو هڪ يتيم ٻار هو ۽ مون کيس پاڻ واري گهٽي ۾ هوڪا ڏيندي ڪُوهر (اوٻاريل چڻا) وڪڻندي ڏٺو. هڪ جست جي ٻاٽيءَ (هنڊي) جي ڍڪ تي اخباري پنا، مرچ مصالحه رکيل، پيو گهٽي گهٽي ڦرندو. سندس ماءُ اسان جي حويلي جي گهرن ۾ پورهيو ڪندي هئي. صبح جو هو اسڪول بہ ويندو هو. منجهند جو پنھنجي ڪرت ڪندو هو. گذر سفر ڏکيو ٿيس تہ پڙهڻ ڇڏي وَڃي ڪن دوڪانن تي ڪم ڪيائين، مزدوري ڪيائين، رَب راضي ٿيس يا ماءُ جي دعا لڳس، هڪ غريب پرور جج کڻي ڪورٽ ۾ پٽيوالي جي نوڪري ڏنس اُتان ترقي ڪري وَڃي بيلف ٿيو. مولا بخش لاءِ تہ اها وڏي ترقي هئي. اسان جي تَر ۾ ڪورٽ جو بيلف وڏي ڳالھہ آهي. هوڏانھن هڪ هو وَلي محمد جيڪو ڊرائيور مان بيلف ٿيو هو، اُنھيءَ تہ بيلفي مان جايون جوڙايون. سندس اولاد هاڻي لک پتي آهي. جھڙي تهڙي کي هٿ بہ نہ ڏين. اسان جو هيءُ غريب ڪردار اُهو ئي غريب رَهيو. سول ڪورٽ جا سمن يا نوٽيس کڻي وَڃي تہ کيس اُهو يتيم پورهيت سمجهي ماڻھو خرچي تہ ٺھيو پر دڙڪا ۽ گاريون ڏئي ڪڍي ڇڏيندا هُيا. ڪن جي بہ چار ڏوڪڙ ڏنس تہ هٿ پير چمندن ۽ پيو سندن ستن پيڙهين کي دعائون ڪندو پر اسان جي اها ئي ڪوهرن ۽ چڻن واري دوستي هئي، سو هُنَ مون وٽان ڪڏهن ڀيرو نہ ڀڳو. اوطاق تي ايندو هو تہ ويٺا پراڻا ڏينھن ياد ڪندا هُياسين. جڏهن مان ننڍي هوندي کيس سڄي ڏينھن جي خرچي ٽڪو ڏئي ڪجهہ چڻا کائي، گهٽيءَ ۾ ڀت سان ٽيڪ ڏيو وٽس ويٺو هوندو هُيس. ڪو وڏڙو سيٺ صاحب لنگهيو تہ دڙڪو ملندو هُيو، ”اڙي گهورڙيو ٿيندين ڇا هل گهر؟“ گهر ويندو هوس تہ ڏاڏي سانئڻ پڇندي هئي ”ابا مٺل! ڪوهر وٺي آئين؟“ مان ماٺ. وري چوندي، ”مولوءُ کي سڄو سارو ٽڪو ڏئي آئين؟“ مان گهڻي آڏي پڇا تي روئڻھارڪو ٿي ويندو هُيس تہ يڪدم ڇاتيءَ لائي چوندي هُئي ”نہ منھنجا مٺا، تنھنجي لاءِ ٽڪا کوڙ“. اهڙيون وڏڙيون، اهڙيون ڏاڏيون اَڄ ڪٿي؟
مولو مون کان ڪي سال وڏو هو پر هُئو تہ ننڍو نينگر، اَچي حويلي جي ڏيڍي ۾ بہ ويھندو هو حويلي جا ٻارڙا، نينگريون، وڏڙيون ڏيڍيءَ جو ٻاهريون در ٻيڪڙائي اچي کانئس ڪوهر وٺنديون هُين. سندس ڌنڌو وڌيو تہ هڪ وڏي ڇٻي ۾ وَکر وجهڻ لڳو، هاڻ گدامڙي جي چٽڻي بہ ساڻ کڻڻ لڳو. سندس ماءُ جو اندر گهر ۾ ڪم ڪندي هُئي تہ مولوءَ کي ڏيڍي تائين اجازت هئي، گهڻو تڻو وڏڙا بہ کيس نہ روڪيندا هُيا. وڏڙو ٿيو تہ ڏيڍي جا دروازا بہ بند ٿيا ۽ هو ڌڪجي وري وَڃي گهٽيءَ ڀيڙو ٿيو. آهستي آهستي ترقي ڪندي جڏهن مولوءَ مان مولا بخش بڻيو تہ گهٽي لاءِ بہ اوپرو ٿي ويو. مولا بخش جي ماٺ ميٺ ۾ شادي ٿي، ٻارڙا بہ ڄائس ڪو خاص خوشيون ڪونہ ڪيائين. اهو سو ڪيائين تہ بچت سَچت ڪري ٻارڙا پڙهائي وڌائين. ٻارڙا ننڍڙا ئي هُيا تہ عيد تي جڏهن اوطاق تي ملڻ اَچي تہ ٻن پٽن کي وٺيو اَچي. مان کين خرچي ڏيان تہ خوش ٿئي ۽ چوي ”اها خرچي، سونُ آهي“. مان چوانس تہ. ”مولا بخش اها سمنن واري خرچي نہ آهي، اها ٻچڙن جي خرچي آهي“. وراڻيائين ”مٺل سائين الله اهڙو ڏينھن نہ ڏيکاريندو جو مان اوهان تي سمن يا نوٽيس کڻي اَچان ۽ اهڙي خرچي پلئہ پويم. زهر نہ کائي ڇڏيان“.
اسان جي ڪن مائٽن کي ڪورٽن ۾ ڪيس ڪرڻ جو شوق هُيو. ابن، ڏاڏن، ڏاڏين، پڙ ڏاڏن، پڙ ڏاڏين، نانن ۽ نانين جي ملڪيتن جون وتيندا هُيا دعوائون ڪندا. پھريائين وڏڙن جي فيصلن وسيلي ڌٻڙ ڌونس يا ايلاز منٿن سان حصا وٺندا هُيا پوءِ ڪرائيندا هُيا ڪيس ۽ سول دعوائون. منھنجي اَبي ڏاڏي تي بہ نوٽيس ۽ سمن، پر اُهي ويا جھان ڇڏي تہ مون تي ۽ سڀني خاندان وارن تي نوٽيس ۽ سمن جاري ڪرايائون. مولا بخش کي حڪم ٿيو تہ گهرجي وڏي يعني مون تي تعميل ڪرائي، هُن اشراف جواب ڏنو، حڪم ٿيو ولي محمد عرف وَلوءَ کي. هو اسان وٽ ڊرائيور رَهيو هو. هاڻ جو بيلف ٿيو بجاءِ اوطاق تي اَچي، گهر اَچي، هُل هنگامو ڪيائين ۽ دعوا ڪندڙن جي ڏاڍي نينگر کي وٺي آيو ۽ ٻنھي گڏجي، درَ تي لتون هنيون ۽ بدشد ڳالھايائون. منھنجي نڪرڻ ۽ گوڙ ڪرڻ تي ٻئي ڀڄي ويا. وَلي محمد عرف وَلو ڊرائيور پوياڙي جو لڪي نوٽيس اچي در تي چنبڙايو، مون پڙهيو پوءِ رات پيٽ ۾ ڪنھن ڦاڙي لاهي ڇڏيو. مون کي پوءِ خبر پئي تہ اهو مولا بخش هُيو. اها سندس شناس ئي هئي. مان ائين سمجهان ٿو: مولا بخش جو وڏڙو پٽڙو رياض مئٽرڪ پڙهي نڪتو تہ کيس وٺي آيو. ”هن کي پڙهاءِ مون ۾ طاقت نہ آهي، پولي ٽيڪنيڪ ۾ داخلا وٺي ڏينس، بس هيءُ تنھنجو حوالي آهي“.
رياض، سھڻو وڻندڙ، ڏاهو نينگر هو. ننڍي هوندي کان مون وٽ جو ايندو هو تہ ساڻس نہ رڳو ويجهڙائي ٿي بنھہ اولاد وانگر پنھنجائپ محسوس ڪرڻ لڳس. رياض حيدرآباد ۾ پولي ٽيڪنيڪ ڪاليج ۾ پڙهيو. سندس رهائش ۽ ٻيو سڀ خرچ مون تي هُيو. شھر جي لائيف هئي سو رياض بہ رنگ ڪڍيو. هڪ ڏينھن ڳوٺ هجان تہ مولا بخش اوطاق تي آيو.
”مٺل سائين، رياض ڏٺو اٿو“.
”ها، ڇا ٿيو اٿس“.
”وارن جا گل ٿو ٺاهي، پينٽڙي ۽ شرٽ کڻي پاتي اٿائين. هاڻ مون کان ۽ ماءُ کان بہ فيشن لاءِ پئسا ٿو وٺي. هاڻي چئي ٿو تہ جينز ۽ چنهبيارو بوٽ وٺي ڏي“.
”ڏس مولا بخش ڇوڪرو وڏو ٿيو آهي. ڪاليج ۾ پڙهي ٿو هڪ جيڏن سان ضرور هڪ جيڏو ٿيندو. ڀلا فيشن ٿو ڪري، ڪا بدمعاشي يا لچائي تہ نہ ٿو ڪري“.
”سائين ڏسجوس پيا، مون کي رياض اوهان جھڙو کپي. هوشيار، سياڻو، زماني ساز ۽ ترقي ڪري اوهان جهرو آفيسر يا اُستاد ٿئي“.
”مولا بخش، اسان بہ فيشن ڪيا، رڇ بہ سوٽڙا بوٽڙا پائي پيا هلون. دعا ڪرينس تہ رُڳو کَرجي نہ. باقي ڀاڳ ڀلا ٿيس تہ انجنيئر ٿيندو مان کيس ڊپلوما کان پوءِ انجنيرنگ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي ڏيندس. ڏسجانءِ تہ ڇا ٿو بڻجي!!“.
مولا بخش ڪنڌ ڌوڻيندو رَهيو، ويو تہ مطمئن هيو. هڪ ڏينھن پبلڪ اسڪول پنھنجي آفيس ۾ ويٺو هجان تہ رياض ڊوڙندو اندر داخل ٿيو، سڄو پگهريل هجي ۽ سھڪي پيو. مون وٺي کيس وهاريو پاڻي پياريومانس، ٿڌو ٿائنيڪو ٿيو تہ پڇيومانس تہ خير تہ آهي؟ ”سائين مرندي مرندي بچيو آهيان. سنڌي شاگردن کي دل تي ڪٽيو اٿن. هيءُ ڏسو“. هُن بشرٽ مٿي ڪري، پٺي ڏيکاري، سڄي پٺي ڏنا ٿي پئي هيس. مون چيومانس: ”مڙس تہ ڪيڏو آهين، پاڻ ڪُٽائي هت پھتو آهين. سو بہ ڌڪَ پٺي وارا. واھہ رياض واھہ لڄي ڪري ڇڏيئہ. شاھہ صاحب جو هيءُ بيت ٻڌو اٿئي:
”ڀڳو آءٌ نہ چوان ماريو تان وسھان
ڪانڌ منھن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سُھان،
تہ پڻ لڄ مَران جي هئنس پٺ ۾“.
رياض ڪجهہ دير خاموش رَهيو. پوءِ اُڀو ٿي بيٺو، سائين، آئيندي ائين نہ ٿيندو“. هو هليو ويو ۽ ڪم مان واندو ٿيس تہ سندس چيل سٽ تي غور ڪيم تہ وسامي ويس. هيءُ جوان رَت شاھہ سائين جي بيت تي عمل ڪيائين بنا سوچ ۽ سمجهہ جي تہ ويل وَهي ويندو. ڪجه ڏينھن ۾ خبر آئي تہ رياض، ڪاليج ۾ شاگرد ليڊر ٿي ويو آهي. ويڙه ۽ جهيڙي ۾ بہ اڳرو آهي. ڪاليج جو پرنسپل تہ بنھہ چڙيو ويٺو هيو. شايد ڪاليج مان ڪڍيس ها پر منھنجي چوڻ آکڻ تي ٿڌو ٿيو. مولا بخش جي بہ چٺي آئي تہ رياض ڳوٺ اَچي ٿو تہ رڻ ٻاري ڏئي ٿو. انقلابي ڪامريڊ ٿي پيو آهي. نعرا، تقريرون ۽ جهيڙا فساد عام ڳالھہ آهي. ايڏانھن پڙهڻ ويو هو، هت تہ ڳالھہ ٻي ڪري ٿو. مون کيس ڳوليو نيٺ هڻي هنڌ ڪيو ۽ منھنجي گهڻن نياپن بعد آيو. مون ڇوٽ ۾ چيومانس ”رياض، هيءَ تو ڪھڙو ويل ٻاريو آهي. پڙهڻ آيو آهين يا جهيڙا ۽ فساد ڪرڻ. ڪامريڊ ۽ انقلابي ماڻھو تہ نہ ماريندا آهن. اُهي تہ اُنھن کي جياريندا آهن“.
چپ چاپ ويٺو ٻڌندو رهيو. مون ڳالھائي بس ڪيو تہ هڪدم ڳالھايائين، هن دفعي هيءَ اُهو رياض نہ هو. ”ڏاڍ ڏمر ۽ آمريت جي خلاف جنگ جوٽڻ ڪو ڏوھہ نہ آهي. جبر جو جواب جبر سان جيستائين نہ ڏبو، جَبر ختم نہ ٿيندو. مون دنيا جي عظيم انقلابين کي بہ پڙهيو آهي مون مائو. لينن، جي ايم سيد ۽ ٻين کي بہ پڙهيو آهي. مون شاھہ سچل بہ پڙهيو آهي. مون اوهان جي دور وارو مزاحمتي ادب بہ پڙهيو آهي. مون اياز، تنوير، نياز، امداد، شمشير، پليجي، رشيد ڀٽي ۽ جمال ابڙي کي پڙهيو آهي. مون اوهان کي بہ پڙهيو آهي. مون ’روح رهاڻ‘ جا جُلد بہ پڙهيا آهن. مون اسڪول جي لائبرري ۽ ٻيون لائبرريون بہ ڀيٽيون آهن. اوهان بہ وڏا تحريڪي، انقلابي رهيا آهيو ۽ سنڌ جي سورن جي ڳالھہ ڪئي اٿوَ.
”پر اسان ڪڏهن بہ جهيڙي فساد ۽ تشدد جي ڳالھہ نہ ڪئي هئي. مٿيان جيڪي بہ مفڪر تو ڳڻايا آهن، اُهي بہ تہ عدم تشدد جا حامي رهيا آهن. اسان تہ علم ادب جون ڏياٽيون ٻاري، گهر گهر وَڃي محبت جا گيت ڳاتا آهن. اسان جلسا جلوس ڪڍيا هوندا جشن ڪرايا هوندا. اُنھن ۾ اسان جا وڏڙا، امڙيون، ڀينرون اسان سان گڏ هيون. اسان هڙتالون ڪونہ ڪرايون. اسان چندا ڀتا ڪونہ ورتا“. رياض اٿي بيھي رهيو. ”سائين اسان ڀتا چند اڪونہ وَرتا آهن. اسان بہ علم ادب پڙهون ٿا. اسان بہ محبت ۽ انقلاب جا گيت ڳايون ٿا اسان صرف تشدد ۽ زيادتي جو جواب ڏيون ٿا. سروٽي جو جواب سروٽي سان..........
”ها. هاڻي توهان پُراَمن تعليمي ادارن ۾ سروٽا هلائيندؤ. ڇُريون ۽ چاڪون پسٽل هلائي پوءِ محبت جا گيت ڳائيندؤ. هاڻي بس! وڌيڪ بحث نہ ڪبو. ٻيا تنھنجا ساٿي ڇا ٿا ڪن منھنجو انھي سان نہ وَڃي. تون منھنجي ذميواري آهين. اَڄ کان وَٺي اُرھہ زورائي بند. اَڄ کان انقلاب اهو ايندو تہ تون پڙهندين رُڳو پڙهندين. پڙهي پورو ڪَر. پنھنجي پيرن تي بيھہ پوءِ سڄو ملڪ پيو اٿئي ڀيل ۽ جيترا انقلاب وَڻئي سي سڀ آڻ. سنڌ جي ماڻھن جو انھيءَ انقلاب جي انتظار ۾ مٿو اَڇو ٿي ويو آهي، ڊڀ ڄمي ويا آهن. بس جي وڏو سمجهين ٿو تہ وَڃي پڙهائي جو پورهيو ڪَر. آخري امتحان بہ مٿان اٿئي نہ.....!!“
هُن ڪنڌ ڌوڻيو. سندس چپ ڀڪوڙيل هيا. رَت منھن تي بہ مڙي آيو هوس. هو هليو ويو ۽ پوءِ سندس انقلابي نمونو بند ٿي ويو. امتحان ڏئي پاس ڪري پوءِ مون وٽ آيو. انھيءَ وچ ۾ پئسي پنجڙ لاءِ نياپو نڙو ڪندو هو. هن ڀيري آيو تہ پريشان ۽ جهڪو هُيو. مون کيس امتحان جي مبارڪ ڏني ۽ چيو تہ بي ٽيڪ لاءِ فارم ڀري. پھريائين ٻہ ٽي ڳيتون ڏنائين پوءِ آهستي آهستي ڳالھائيندو ويو. ”سائين، هاڻي بس، مان وڌيڪ پڙهڻ نہ ٿو چاهيان. مون کي ڪا نوڪري وٺي ڏيو تہ مھرباني ٿيندي. مان جي ڪنھن ڪاليج يا يونيورسٽي ويس تہ پوءِ مان ٻئي پاسي هليو ويندس.........!!“
”ڪھڙي پاسي؟“
”اُنھي پاسي جنھن جي اوهان کي ڳالھہ نہ ٿي وڻي“.
”تون پڙهي بيھہ پوءِ جھڙي پاسي وڻئي تنھن پاسي وڃجان. هاڻي تون ڳوٺ وَڃ. مولا بخش ۽ تنھنجي امڙ پريشان آهن. هفتي ڏيڍ ۾ مان اتي ايندس پوءِ فيصلو ڪنداسين“. هو تہ هليو ويو. مون کي اُن ويلي خيال نہ آيو. اخبار پي پڙهيم تہ ايم آر ڊي تحريڪ جون زوردار خبرون پي ڇپيون. ايم آر ڊي جو زور ٻهراڙين ۾ ڏاڍو هو. ننڍو وڏو ماڻھو، سنڌ سان ٿيل ڏاڍ ڏمر ڪري، سَرُس ڪاوڙيل هو. وڏا زميندار ۽ اُنھن جا نينگر بہ پڙ ۾ لٿل هُيا. اسان وارو تُر ٻريو پيو هو. مون محسوس ڪيو تہ رياض کي اوڏانھن موڪلي مون غلطي ڪئي آهي. پر هت ڪھڙي برف پي وَسي. اهو سوچي ڪجه آٿت آيم. کيس دوستن ۽ ڪامريڊن کان ڇني ڌار ڪرڻ تي مان ڪو خوش ڪونہ هيس. مون کي اُلڪو هو تہ پرائو ٻار ڪنھن آويءَ ۾ نہ اَچي وڃي. پوءِ مولا بخش کي ڪھڙو جواب ڏيان ها. هاڻ مولا بخش پاڻ سنڀاليندس. تنھن هوندي بہ وسوسي جان نہ ڇڏي. اُهو وَسوسو اُن ڏينھن پورو ٿي ويو. جنھن ڏينھن اخبار ۾ پڙهيم تہ نوشھري شھر ۾ وَنگ تي شاگردن ۾ پوليس جي چڪري ٿي جنھن ۾ پوليس خالي هٿين شاگردن تي گوليون هلايون. ڪي ڌڪيا ڪي بچيا پر رياض هڪ ئي گولي جو بَکُ ٿي ويو. مون سوچيو پي تہ پوليس وارن جو گولي سان ڪھڙو ڪم. هنن عمر هلايون لٺيون، ڌڪا ۽ گئس. شاگردن جا خاص طرح مٿا چٿڻ ۾ تہ ايڪسپرٽ هُيا. چوٿين مارچ واري واقعي جا چٿيل مٿي وارا شاگرد اَڄ تائين سنوان نہ ٿيا. هيءُ تہ ڌاڙيلن وٽ گوليون بارود ڇڏيو اَچن. هيءُ شاگرد ڪھڙا ڌاڙيل يا رهزن هُيا جو سڌيون گوليون پي هلايائون، ٻين ماڻھن جيان پڪڙي ٿاڻي تي ’سچ پتر‘ هڻن ها تہ بہ ڪا ڳالھہ هئي. گوليون هنيائون بہ رائيفل جون!! ماريون بہ رياض، جنھن جو مون ۽ مولا بخش پاڻ ئي مٿو چٿي سانچي ۾ وجهي دولا شاھہ جي ڪوئي وانگر ڪري ڇڏيو هو. هيءُ ڪھڙو قھر ٿي ويو هو. مولا بخش ۽ سندس گهر واريءَ جو ڪھڙو حال ٿيو هوندو. مان وٺي ڀڳس ۽ پنھنجي ڳوٺ پنھنجي شھر نوشھري وڃي پھتس. جنھن جي گهٽي گهٽي ويران هئي، رستا ۽ چوڪ سنسان هُيا، دوڪان بند، ماڻھو الائي جي ڪاڏي هليا ويا هُيا. پوليس جو هن خاموش شھر کي ڪڙو ڏنل هو. مون کي اُهي ماڻھو نہ پي لڳا جو هنن جا منھن ڦريل، مٿي تي لوهي ٽوپ، بندوقون اُڀيون، منجهن سنگينون لڳل، نہ دُشمنن، نہ ويرين جو نشان، هيءُ ڪھڙو جنگ جو ميدان هُيو، هيءَ ڪھڙي جنگ هئي، جو فضا ۾ اَڃا تائين دونھين ۽ بارود جي بوءِ هئي. مان سڌو مولا بخش جي گهر وڃي پھتس. گهٽي ۾ تڏو وڇايل هو. ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻھو ويٺا هُيا. مولا بخش مليو، نہ اوڇنگار ڏنائين نہ پار ڪڍيائين. ’رب جي رضا‘ جي جواب ۾ ’سائين قبول آ‘ چئي خاموش ويٺو رَهيو. مون اطلاع نہ ڪرڻ ۽ جلدي جلدي ۾ رياض کي دفنائڻ جو ڏوراپو ڏنو. هُنَ ڪو جواب نہ ڏنو. ڀرسان سندس عزيز ماستر صفر ويٺو هو. تنھن وراڻيو، ”سائين پوليس، فرياد بہ نہ وَرتو، پوسٽ مارٽم بہ نہ ڪرايو، ڏنڊو کڻي بيٺي تہ جلدي دفنايوس بنھہ پيرا ڊاهيو، اسان تہ رات ئي کيس دفنائي ڇڏيو. ڪلھہ منجهند ڌڪيونس. ڪي ڪلاڪ ونگ واري روڊ تي پيو رَهيو. گولي بہ ران کي چيري ڦاڙي نڪري وئي. هو رَت وَهائي گذاري ويو“. ”پر ٿيو ڇا، اهو ڪيئن ٿيو“. مون کيس ڪٽيو. هو اڃان ڪجهہ ٻڌائي ها تہ مولا بخش اُٿي بيٺو ۽ مون کي ٻانھہ کان ڇڪيائين ۽ اُٿاري پاڻ سان ساڻ کنيائين. گهٽيءَ جي ڇيڙي تي سندس گهر هيو. اوڏانھن وٺي هليو. ”بابا پاسي – بابا پاسي“ ڪندو اڱڻ ٽپي، هڪ ڪمري ۾ هلي وهاريائين پوءِ هو گهڙيءَ کان پوءِ هڪ ڪمزور ۽ نٻل مائيءَ کي سھارو ڏئي اندر وٺي آيو. مون کيس بنھہ نہ سڃاتو. هڪ جهريل، جهولن ۽ جهڪن ماري ڇڙيل ڇتن سان ڪا عورت هئي. هن جڏهن ويجهو اَچي دانھن ڪئي. ”او ادا، او ادا، منھنجي رياض کي ڪاڏي ڪيئہ. پاڻ سان ڪونہ وٺي آئين. مون تہ رياض توکي ڏنو هو. ڪاڏي ڪيئہ رياض. مون کي پنھنجو رياض موٽائي ڏي. منھنجو رياض، منھنجو رياض.............“ چوندي هوءَ مورڇا ٿي ڪري پئي. يڪدم مولا بخش ۽ ٻين ماين کيس کڻي کٽ تي ليٽايو. پاڻي جا ڇنڊا هنيا. هوءَ سامت ۾ آئي. پر سندس دماغ جاءِ تي نہ هو. مان گهر مان ٻاهر نڪري آيس. مولا بخش بہ مون سان گڏ ٻاهر نڪتو. ٻاهر در تي کڻي بيھاريومانس. ”مولا بخش! اهو ٿيو ڪيئن؟“ مولابخش جا ڳوڙها ڄڻ سڪي ويا هُيا. هُن ڳالھہ ائين ٻڌائي ڄڻ ڪو راوي، ٻئي ڪنھن جو قصو بيان ڪندو هجي. ”مان ئي سائين، کيس قابو ڪيو هو. دوست ساٿي ايندا هيس. مان کيس وڃڻ ڪونہ ڏيندو هُيس. هن ايم آر ڊي جو زور بہ زور هُيو. پيو ڦٿڪندو هُيو. مان ڪلھہ ڪورٽ ويو هيس ماڻس کي جهلي ويو هُيس تہ کيس ٻاهر نہ ڪڍي جو ڇوڪرن جو روز جلوس نڪرندو هو. ڪلھہ بہ زوردار جلوس نڪرڻو هو. ماڻس پي ٻڌايو تہ نعرن جا آواز ٻڌي پيو تہ ڇوڪرو لُڇي پيو.
”اَمان مون کي وڃڻ ڏي.
اَمان مون کي وڃڻ ڏي“.
ماڻس بہ اندران ڪُلف ڏئي ڇڏيو هو. هو بہ پڃري ۾ ڦاٿو هو سو شينھن وانگر اڱڻ ۾ پيو اَچي وڃي. نيٺ گڙڻ لڳو. رڙيون، واڪا، دَر کي ڪلھا پيو هڻيس. ڪُلفُ پيو ڇڪي ۽ پٽي. ٿڪي ۽ ساڻو ٿي ماڻس جي پيرن تي ڪري پيو.
”امان مون کي وَڃڻ ڏي. مان پري کان بيھي ڏسندس. واعدو آ جلوس ۽ جلسي ۾ شريڪ نہ ٿيندس. منھنجي اَمان ناهين، مٺي ناهين“. ماءُ آخر ماءُ آهي سائين. ماڻس ڪلف کولي کيس ڇڏيو پر گهٽي تائين، مٿس دعائون پڙهندي شوڪاريندي آئي. ڇو تہ ڪيترن ڏينھن کان جو جلوس هُيا، پوليس جو لٺ ڌُڪو، کين گهٽين ۾ ڊوڙائڻ جو سڀ خبرون هيس. ويو تہ اجهو ائين لاش ٿي وَريو. چون ٿا تہ هيءُ پريان بيٺو هو. ڇوڪرن ۽ نوجوانن جون چڪريون هليون پي اوچتو گولين جي ٽڙ ٽڙ ٿي وئي. هيءُ تہ جلوس ۾ ڪونہ هو. الائي ڪٿان اها نڀاڳي گولي آئي، سا بہ رائيفل جي سَٿُر چيري وَيس. هو گولين جي ٺڪائن، ماڻھن جي ڀڄ ڀڄان ۾ اُتي بي دريافتو پيو هو. مان گهر تي پھتل هيس پي گهر واريءَ سان جهيڙيم. ائين گولين جا ڌوڌاٽ جو ٻڌم تہ وٺي ڀڳس. ويجهو پھتس تہ پوليس وڃڻ نہ ڏنو ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ ڇڏيون، هيءُ روڊ تي هڪ مانڊڻي وٽ ڪنڊائتو پيو هو. رَت ريلا ڪيو پي وَهيو. سائين بس ميدان جنگ هيو. ڪي ڪٿي ڌڪيا پيا هُيا ڪي ڪٿي. هر ڪنھن پنھنجن پيارن کي پي ڳوليو. مون کي بہ رياض ڏکيو لڌو. مون کيس هن حال ۾ ڏٺو تہ وٺي دانھون ڪيون ڪي جوان ڪي نينگر ڊوڙندا آيا. ڪنھن سٿر کي پوتڙي سان ٻڌو. اڃان هوش هيس. اسپتال وَڃون تہ وَڃڻ نہ ڏين پوليس ڌِڪي گهر اُماڻبو. گهر ۾ ڇا نہ ٿيو هوندو، ماتم هو ماتم. مون کي سڏي ويجهو ڪيائين ۽ چيائين تہ سائين کي چئجان تہ ’ڀڳو آءٌ نہ چوان‘ ٻيو شاھہ سائين جو سڄو بيت پڙهيائين. الائي جي ڪيئن آهي ڌڪڙا سيڪيندي سھان....... مون کيس هٿ سان روڪيو. مان هاڻ روئڻ لڳو هيس. پوءِ چيم: ”مولا بخش اهو هيئن آهي، جي سمجهين: ”ڀڳو آءٌ نہ چوان، ماريو تان وسھان ڪانڌ منھن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سھان تہ پڻ لڄ مران جي هئنس پٺ ۾“. اها ڳالھہ ٻڌائي ٿي تہ هو ميدان جنگ ۾ هو ۽ ڊوڙي وَڃي شريڪ ٿيو هو. رياض، شهيد ٿيو آهي. هُن کي پٺ ۾ ڌڪ نہ هُيا. ڀڄندي ڪونہ مئو هو“.
هو خاموش بيٺو رَهيو. مان آهستي چُرندو گهر آيس شھر ۾ چوڌاري اوندھہ هئي. منھنجي اندر ۾ بہ اوندھہ انڌڪار هُيو. مان تڏي تي ويندو رهيس نيٺ تڏو کڄيو. مون کائنس موڪلايو پي تہ هو منھنجي ويجهو آيو ۽ چيائين، ”مون هڪ فيصلو ڪيو آهي. سائين! شهيد جو خون رائيگان نہ ويندو آهي. مان کين نہ ڇڏيندس. ڏسو تہ مان ڇا ٿو ڪيان. شهيد رياض جتي ايم.آر.ڊي تحريڪ کي ڇڏيو آهي اُتان مان کڻندس. سنڌ جي ماڻھن کي حق وٺي ڏيندس. مان تڪڙي رٽائرمنٽ وٺي تحريڪ هلائيندس“. هن تحريڪ جي شروعات اُنھي ڏينھن ڪري ڇڏي. مان اوطاق وٽ بيٺو ئي هيس ۽ حيدرآباد نڪرڻ جي تياري پي ڪيم تہ اوچتو نعرا ٻڌم ڏسان تہ بازر واري گهٽي مان هڪ جلوس آيو پي. نوجوان ڇوڪرڙا، ڪي وڏڙا، ڪي ٻارڙا ڌوڪيندا آيا پي. مولا بخش اڳيان هُيو. کيس گلن جا هار پيا هُيا. نعرا پي لڳا ”قاتلو حساب ڏيو— خون جو حساب ڏيو. انقلاب زنده آباد. شهيد رياض زنده آباد – مولا بخش زنده آباد“. جلوس اڳيان ڪي نينگر سُر سان گيت ڳائيندا پي هليا. ”تون ڪنھن ڪنھن کي خاموش ڪندين اعلان هزارين مان نہ رُڳو“. پوءِ ڪن وري ڳائڻ شروع ڪيو“. اڄ اٿڻو آهي شينھن جيان، ڪنھن آنڌي آندل مينھن جيان. ۽ ٻوڙان ٻوڙ اسھڻو آ، ها تا بڙ توڙ اسھڻو آ“. هيءُ جلوس سڌو اَچي مون آڏو اوطاق تي بيٺو. ڪنھن نعرو هنيو، ”مٺل سائين زنده آباد!“
مون هٿ سان اشارو ڪري کين خاموش ڪيو ۽ چيو، ”دوستو چئو، شهيد رياض زنده آباد.“ نعرن جي گونج ۾ مولا بخش کي وڏي ڀاڪر پاتم. هن دفعي هن جي اکين ۾ پاڻي هو، ڳوڙها ڳڙي پيس. مان بہ هئس ڏکويل بنھہ روئي پيس. اوچتو هڪ جوان چيو تہ ”سائين چئو! انقلاب زنده آباد“ مون ڪجهہ نہ ڪڇيو. ڳوڙها اُگهندو اوطاق ۾ اندر هليو آيس. مون چوڻ ٿي چاهيو تہ ويچاري سنڌ ۽ سنڌ جا اٻوجهہ ماڻھو صدين کان، انقلاب جو انتظار ڪندا رَهيا آهن پر ويچارو انقلاب ٻين هنڌ پھچيو وڃي، پر هتڙي نہ ايندو آهي. مون کي مولا بخش جون خبرون ملنديون هُيون، هُن رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي هئي. ايم.آر.ڊي جي اڳواڻن کيس سڏي چڱي مالي امداد ڪئي. شھر جي چڱن مڙسن بہ سندس مدد ڪئي. آهستي آهستي هُن کي هير پئي ۽ هو گهر گهر، هر هنڌ شهيد رياض نالي ۾ چندا چيڙا ڪرڻ لڳو. پھريائين تہ ماڻھن دل کولي ڏنو پوءِ آهستي آهستي ٿڌا ٿيندا ويا. هاڻي مولا بخش کي ڏسندا هُيا تہ گهٽي مَٽي ويندا هُئا. جلسا ۽ جلوس پورا ٿي ويا هُئا. گهڻن ڏينھن کان پوءِ ڳوٺ وڃڻ ٿيو. مولا بخش آيو. گهڙي ويٺو ۽ پوءِ چيائين: ”مٺل سائين اوهان سان الڳ ڳالھائڻو آهي.“ جيئن ئي ٻئي ڪمري ۾ ويٺاسين تہ هو شروع ٿي ويو، ”سائين، شهيد جي زبردست قبر ٺھرائي اٿم. اُن جي نالي ۾ ٻارهي جي موقعي تي هڪ وڏو جلسو ڪرڻو بہ اٿم. اوهان جي امداد جي ضرورت آهي.“ مون کيسي مان ڪجهہ نوٽ ڪڍي کيس ڏنا. يڪدم چيائين: ”سائين هنن مان ڇا ٿيندو.“ ڏس مولا بخش هيءُ پئسا اُنھن سمنن ۽ نوٽيسن جي حساب ۾ خرچي آهي. جيڪي تو در در وڃي هاڻوڪي چندي چيڙي جي نالي ۾ ڄڻ تہ چنبڙايا آهن ۽ اهڙا چنبڙايا آهن، جو ڇڪي ڦاڙي لاهڻ سان بہ نہ ٿا لهن، تنھنجي منھنجي ۽ رياض جي چڱي ناماچاري ٿي آهي جو اڄ بہ تون شهيد رياض جي شهادت کي ڄڻ ڪيش ڪرائيندو ٿو وتين. رياض ڪڏهن ڪنھن کان چندو يا ڀتو نہ ورتو. تون آهين جو وتين ٿو ماڻھن کان سندس قيمت وصول ڪندو. اهو تنھن جي منھن تي پئي ٿو. مولا بخش ماڳ موٽي آ. امدادون گهڻيون پر رُڳو رياض کي بدنام نہ ڪر؛ رياض رُڳو تنھنجو نہ پر اسان سڀني جو هو. سڄي قوم جو هيرو هو“ چپ چاپ منھنجي منھن ۾ تڪيندو رهيو. مون اُهي نوٽ ڪجهہ ٻين نوٽن سان گڏي سندس کيسي ۾ وڌا. هُو هليو ويو تہ ڄڻ گم ٿي ويو.
مولا بخش جو هانُ غوغاءُ گهٽجي ويو. نہ ٻارها ٿيا نہ تحريڪ هلي. چيائون تہ مولا بخش بيمار آهي. مھيني اڌ کان پوءِ مان کيس پڇڻ ويس هو گهر ۾ نہ هو، سندس گهر هاڻي اُهو ڪچو گهر نہ رهيو هو. اهڙو پڪو هو جو هُن ماڙي بہ ٺھرائي هئي هاڻ تہ گهٽي بہ پڪي گهٽي ٿي ويئي هئي. سندن پڪي گهٽي کان نڪري پنھنجي پراڻي حويلي واري ڪچي گهٽي ۾ آيس تہ ڏسان مولا بخش اُنھيءَ ئي ڀت کي ٽيڪ ڏيو منھن مونن ۾ هنيو ويٺو آهي، ڪوهرن (چڻن) جو ڇٻو آڏو اٿس. هو ڪوهر وڪڻي رهيو هو پر اُنھي سنسان گهٽي ۾، اُنھي پراڻي ڀور ڀور ٿيل حويلي جي سامھون جتي هاڻي شايد ڪير بہ نہ رهندو هُيو. مون هيٺ ويھي کائنس ڪوهر گهريا، هُن پئسا ورتا ڪوهر ڏنا پوءِ منھن مونن ۾ هڻي ويھي رهيو. ”مولا بخش يار هو پاڻ وارو هوڪو تہ ڏي. ”مون ڪوهر چٻاڙيندي چيو. هُن آهستي ڪنڌ مٿي کنيو. اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس. پوءِ گهگهي آواز ۾ هوڪو ڏنائين، ”هَلُ تازه ڪوهر هُل ٽڪي ۾ ٻاٽي“ پوءِ آواز وڌيڪ گهگهو ٿي ويس. هو وري منھن مونن ۾ هڻي ويھي رَهيو. جهونو جهاز، جنھن جا سڙھہ وڌيڪ سٽ جهلي نہ سگهندا، ڇاڪاڻ تہ مولا بخش آهستي آهستي مَري رهيو هو ۽ هڪ ڏينھن مَري ويو.
اوچتو ڪُلھي تي هٿ جو هلڪو دٻاءُ محسوس ڪيم، مون کي انھن ٻن قبرن تي بيٺي ڪو وقت لڳو هو. هيءُ منھنجي ڀاءُ شمسَ جو هٿ هُيو، هو ڪافي دير درگاھہ جي وڏي دَر تي انتظار ڪندو رَهيو هو. اتي منھنجو ڀائيٽيو بابر وڌي آيو ۽ اکين ۾ ڳوڙها ڏسي چيائين، ”بابا! ڇا ٿيو.“ ”بابا تکو واءُ وريو. ريتي ۽ مٽي مٿان وَري ويئي هئي.“ هن واءُ ۽ مٽيءَ ۾ اکيون بہ ڀرجي ويو اٿم. اهي ڳوڙها ان ڪري آهن.
”بابا پر ڪاٿي آ مٽي، ڪاٿي آ ريتي؟“ مون کيس سڄي قبرستان ڏي اشارو ڪندي چيو“، انھيءَ ريتي ۽ مٽي ۾ جيڪي ستل آهن هيءُ اُنھن جي مٽي آهي.“ هُن سمجهيو الائجي يا نہ. ڀاءُ مون کي ٻانھن کان وٺي هلڻ لڳو تہ شاھہ سائين جي هيءُ سٽ هيئين تي تري آئي:
لڳي لڳي واءُ ويا انگڙا لٽجي.
ٻي سٽ ياد هُئي پر مون ۾ پڙهڻ جي سگهہ هئي نہ حُجت ۽ نہ وري حقداري .

طوفان ۽ رات (ريڊيائي ناٽڪ)

ڪردار

1. زرينہ -(هيروئين)
2. اصغر -زرينہ جو سؤٽ
3. حامد -زرينہ جو پيءُ
4. امينہ -زرينہ جي ماءُ
5. سلطان -ڊاڪٽر (هيرو).

(1)
(ابتدائي موسيقي ۽ رات جو تاثر)
(طوفان ۽ مينھن جو وسڪارو)
زرينہ: (کنگهڻ جو آواز) توبھہ! هيءُ طوفان ۽ مينھن شايد ختم نہ ٿيندو. ايڏو مينھن ۽ ھھڙو طوفان! خبر نہ آهي تہ ڇا ٿيندو؟ بتي وسائي سمھان، من آرام اچي ۽ هيءَ پاسي واري دري بہ بند ڪريان. (بٽڻ بند ڪرڻ جو آواز) (دري بند ڪرڻ جو آواز) زندگي ڪيڏي نہ عجيب آهي! دل جي دنيا ٻي، حقيقت جي دنيا ٻي. بتي وسايم تہ اوندھہ ٿي ويئي ۽ دري بند ڪيم تہ مينھن ۽ طوفان کان بچاءُ ٿي پيو. پر دل جون دريون ڪيترو بہ بند ڪريان تہ بہ ماضيءَ جي ياد الائجي ڪٿان ٿي هليو اچي. شايد اهو سڀڪجهہ هن طوفان ۽ انڌاري رات جو سبب آهي.
(در جي کڙڪڻ جو آواز) هون! در ڪنھن کڙڪايو. هن وقت ڪير هوندو؟ شايد منھنجو وهم آهي. (در آهستي پوءِ زور سان ٿو کڙڪي) شايد طوفان جي زور ڪري پيو دروازو کڙڪي. خير! ڀلا مون وٽ رهيو ڇاهي، جو ڪير اچي منھنجو در کڙڪائيندو. سڄي زندگي انھيءَ کڙڪي جي سھاري تہ گذري ويئي ۽ اڃا بہ خبر نہ آهي تہ انتظار جو ڪيترو عذاب سھڻو پوندو.
(در کڙڪڻ سان ڪنھن جو آواز اچي ٿو.)
مسافر: دروازو کوليو، دروازو کوليو.
زرينہ: واقعي ٻاهر ڪو آهي. پر مان در ڪيئن کوليان؟ کڻي اسلم کي ٿي جاڳايان، پر نہ، اجايو هن جي ننڊ ڇو ڦٽايان، مان ئي ٿي پڇان. (دروازو کوليندي)
زرينہ: ڪير آهي؟
مسافر: مان آهيان، هڪ مسافر!
زرينہ: هن مھل ڪھڙو ڪم اٿئي؟
مسافر: مسافر جو ڪھڙو ڪم ٿي سگهي ٿو؟ مون کي اَجهو کپي.
(زرينہ خاموش رهي ٿي.)
مسافر: محترمه! اوهان اطمينان ڪريو. هن مينھن ۽ طوفان جي ڪري منھنجي موٽر خراب ٿي پيئي آهي ۽ آءٌ پنھنجي منزل تي نہ پھچي سگهيس. آءٌ دراصل پرئين ڳوٺ ۾ هڪ مريض کي ڏسڻ ويو هوس.
زرينہ: (تعجب مان) ڇا اوهان ڊاڪٽر آهيو؟
مسافر: هائو، مريض جي حالت تمام خراب هئي ۽ منھنجو اتي وڃڻ ضروري هو. اوهان پاڻ ڏسو پيون تہ ڪيترو نہ سخت طوفان ۽ مينھن آهي! بس اوهان جي گهر وٽ ئي گاڏي خراب ٿي پيئي مجبوراً اوهان کي تڪليف ڏني اٿم. (تعجب مان) ليڪن، هن هيڏي ساري گهر ۾ ٻيو ڪير بہ نٿو ڏسجي.
زرينہ: اوهو! اوهان اندر تہ اچو. (در بند ٿيڻ جو آواز) آءٌ اڪيلي ڪانہ آهيان، منھنجو هڪ ساٿي بہ هت موجود آهي. (ٿڌو ساھہ ڀريندي) اوهو! اوهان جا تہ سڀئي ڪپڙا ڀِڄي پيا آهن!
مسافر: اها ڪا وڏي ڳالھہ ڪانھي. بارش ۾ تہ ائين ٿيندو آهي. منھنجي خيال ۾ مون کي ٿورو انتظار ڪرڻ گهرجي. ممڪن آهي تہ بارش جلد بند ٿي وڃي.
زرينہ: اهو تہ چئي نٿو سگهجي. بهرحال، اوهان هُن ڪمري ۾ وڃي ڪپڙا مٽائي سگهو ٿا، اُتي ڪي ڪپڙا پيا آهن.
مسافر: مھرباني، اوهان کي سچ پچ تڪليف ڏني اٿم.
زرينہ: نہ نہ، اوهان اطمينان رکو. ڏسو ڪجهہ سردي بہ آهي، جلد ڪپڙا مٽائي اچو، آءٌ اوهان جي لاءِ چانھہ تيار ٿي ڪريان.

(2)
زرينہ: (ٻئي ڪمري ۾ پنھنجي ليکي) هن اجنبي جو آواز، لھجو، ڄاتل سڃاتل پيو لڳي. الائجي ڇو دل پيئي چوي تہ ان سان ڳالھاءِ ۽ ڳالھائيندي رهه، ايستائين جو صبح ٿي وڃي، پر آءٌ هي ڪھڙيون ڳالھيون پيئي سوچيان! هو تہ هڪ اجنبي آهي. ان هوندي بہ هن مان اجنبيت جي بوءِ ڇو نٿي اچي! هن مان ڇو هڪ قسم جي پنھنجائپ ۽ پيار- اوھہ نہ، اوھہ نه- مان وري اڄ پيار ۽ پنھنجائپ جا ويچار ويچارڻ ويھي رهيس. ڪنھن جي ڳالھين تي مست ٿي مون انھن کي زندگيءَ جي منزل بڻايو، وري ڪنھن ٻيو ڪجهہ ٻڌايو تہ وڌي وڃي انھيءَ خيابان کي وَسايم، اڄ وري مان- مان، ڪجهہ نہ سوچينديس، مان ڪجهہ نہ سوچينديس.
مسافر: جِيءُ.
زرينہ: معاف ڪجو هن وقت ٻيو ڪجهہ بہ انتظام نہ ٿي سگهيو، هي ڪجهہ بسڪيٽ ۽ ٿوري مٺائي حاضر آهي.
مسافر: اوهان سچ پچ ڏاڍي تڪليف ڪئي آهي. هنن شين جي ڪا ضرورت بہ نہ هئي. پر هائو، اوهان چيو هو تہ اوهان سان گڏ ڪو ٻيو بہ هت رهي ٿو. شايد اوهان جو خاوند هوندو؟
زرينہ: (خاموش).
مسافر: (کِلندي) اوهان مون کي جواب ڏيڻ پسند نٿيون ڪريو. اوه! معاف ڪجو، شايد مون اوهان کي ڏکويو آهي!
زرينہ: نہ، زندگيءَ ۾ ڪير ڪنھن کي ڏکوئي نٿو سگهي، جيسين پاڻ اُٿي، ڏک کي ڪير سڏي پنھنجو نہ ڪري. منھنجو خاوند مون کي ڇڏي هليو ويو آهي، ان باري ۾ آءٌ وڌيڪ ڪجهہ بہ ٻڌائي نٿي سگهان.
مسافر: محترمه! مون کي سخت افسوس آهي، پر الائجي ڇو منھنجي دل چاهي ٿي تہ آءٌ ان بابت اوهان کان پڇان تہ اهو سڀڪجهہ ڪيئن ٿيو؟ حق تہ ڪونہ اٿم، پر ڪڏهن هڪ گهڙيءَ جي ملاقات ورهين جو رشتو قائم ڪري ڇڏيندي آهي، تنھنڪري...
زرينہ: اهو ذڪر ڪري اوهان منهجي ماضيءَ تان ڄڻ تہ پردو کنيو آهي. مون فيصلو ڪيو هو تہ آءٌ پنھنجو ماضي ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائيندس، حال ۾ ڪنھن کي بہ حالڀائي نہ ڪنديس، اوهان جيڪي ڪجهہ چئو ٿا، ان ۾ ڪنھن ڪھاڻيءَ جي ٻڌڻ جي اشتياق کان سواءِ ڪي بہ ڪينھي. پر اوهان کي معلوم نہ آهي تہ اُن ڪھاڻيءَ کي ڪَڙين کي مِلائڻ ۾ مون کي خود بہ ڪنھن بَٺيءَ ۾ جلڻو ٿو پوي. مان ڪھاڻيءَ جي هڪ ڪَڙي نہ آهيان، هڪ زنجير آهيان، جنھن کي ڌڪ هڻي ڌار ڪيو ويو آهي.
مسافر: توهان شايد ناراض ٿي ويون!
زرينہ: مان ناراض ڪانہ ٿي آهيان، پر ڪنھن جي مٿان ڪابہ ذميداري وجهندؤ تہ هو خوش ڪين ٿيندو. هن جهڪي روشنيءَ مان اوهان کي ڏسي تہ نٿي سگهان، ۽ نہ توهان جي چھري جو ڪو تاثر مون تي ڪو اثر ڇڏي ٿو. پر ايترو ضرور آهي جو اوهان جي آواز جي گونج الائجي ڇو مون کي ڪيترائي ورھيہ پوئتي کڻي ٿي وڃي، جتي اهڙي گونجدڙ آواز مون کي سھارو ڏنو هو.
مسافر: ڪير هو اُهو؟
زرينہ: اُهو منھنجو مڙس هو.
مسافر: ها ها، توهان خاموش ٿي ويا.
زرينہ: الائجي ڇو منھنجو سڄو ماضي مجسمي جي صورت ۾ مون وٽ موٽي آيو آهي، ماضي، ماضي! (موسيقي ۽ هلڪن مردانہ ٽھڪن جا آواز.)
زرينہ: منھنجي زندگي خوشين ۽ مسرتن ۾ گذري، پر انھن مسرتن ۽ خوشين جو وڏو عيوضو ادا ڪرڻو پيو. شايد انھن لاءِ منھنجو وجود بيڪار هو. پر اها تہ بعد جي ڳالھہ آهي. هو ٻڌو پيا نہ، هلڪا سُريلا ٽھڪ؟ ڪيڏا نہ وڻندڙ ۽ زندگيءَ سان ڀرپور ٽھڪ آهن اُهي. اوهو! اوهان حيران ڇو ٿا ٿيو؟ اهي آواز اوهان کي شايد نٿا ٻڌڻ ۾ اچن. اهي آواز منھنجا ۽ اصغر جا آهن. سال اڳ... اصغر، جنھن کي مان ڪجهہ بہ ڏيئي نہ سگهيس!
(ٽھڪن جي گونج تيز ٿي وڃي ٿي)
(ماضيءَ جي ياد تازي ڪندڙ موسيقي)

(3)
زرينہ: اصغر! اصغر! توکي ٿيو ڇا آهي، جو ايترو کِلين ٿو؟ توبھہ! تو تہ کِلڻ سان حد ڪري ڇڏي.
اصغر: کِلان نہ تہ رُئان؟ هيڏڙي مان هيڏو قصو ٿي ويو آهي ۽ تون چوين ٿي تہ آءٌ چُپ رهان.
زرينہ: آخر ڳالھہ ڇا آهي؟ ڪجهہ مون کي بہ تہ ٻڌاءِ.
اصغر: زرينہ! هو آهي نہ اسان وارو ماسات... گل.
زرينہ: ها، ها، هُن کي وري ڇا ٿيو؟
اصغر: ڇا وري ڇا ٿيو؟ هن جي زبيده سان شادي ٿيڻ واري آهي.
زرينہ: واھہ واھہ! اهو تہ ڏاڍو سٺو ٿيو.
اصغر: سٺو وري ڌوڙ ٿيو. ڪيڏانھن گل، ڪيڏانھن زبيده! گل کي هجي شابس جو اهڙي عجيب صورت واريءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو آهي.
زرينہ: شاديءَ جو مطلب ڇوڪريءَ جي سونھن کي پوڄڻ آهي ڇا؟
اصغر: پر ٻڌ نہ، وري مون سان مليو تہ زبيده جون ايڏيون تعريفون پيو ڪري جو چئي کڻي بس ڪر. سچي، کل اچي ويئي. مان تہ کلندي کلندي بيحال ٿي ويس.
(وري کلي ٿو)
زرينہ: (ڪجهہ تيزيءَ مان) اصغر!
اصغر: ڇا ٿيو زرينہ!
زرينہ: اصغر! تون انھيءَ زماني سازيءَ جي ڄار مان هٽندين بہ يا نہ؟ ائين نہ ٿئي جو ڪنھن وقت ڪو ٻيو، زماني جو روپ ڌاري توتي چٿرون ڪري!
اصغر: انھيءَ ۾ ڪابہ زماني سازي نہ آهي، بلڪ هڪ قسم جو حقيقتن تان پردو کڻڻ آهي.
زرينہ: پردو کڻڻ! اهو بہ ڪھڙيءَ طرح؟ واه واه، توکي شايد اها خبر نہ آهي تہ زبيده جيتري تعليم پرائي آهي، ان کان وڌيڪ ذهين آهي. گل هن جي ذهني صلاحيتن ۽ خوبين کي چڱيءَ طرح جاچيو آهي، چڱيءَ طرح پرکيو آهي، ۽ تنھن کان پوءِ ئي هن کلم کلا اعلان ڪيو آهي. توکي اها بہ خبر هوندي تہ زبيده سان ڪير بہ شادي ڪرڻ لاءِ تيار نہ هو، نہ پنھنجن مان نہ ڌارين منجهان ئي. گل لاءِ ڇوڪريون ڪونہ هيون ڇا؟ اصغر! انھن ڳالھين کي مٿاڇرو نہ جاچ تون مٿاڇري کي جاچيندي گَهرائيءَ کي وساري ٿو ويھين.
اصغر! هون! اڄ تہ ليڪچر جو موڊ آهي!
زرينہ: ڇا بہ هجي، مان رڳو اهو ڄاڻان ٿي تہ هن زدگيءَ ۾ منھنجي لاءِ جيڪڏهن ڪا ٻي شيءِ وڻندڙ آهي تہ اها ضرور خوبصورت هوندي. خوبصورتي ۽ سونھن سان منھنجو پيار آهي ۽ سيرت بہ سونھن جي هڪ علامت آهي. آءٌ چوان ٿي تہ زندگيءَ ۾ ذهني هم آهنگي انسانن کي ويجهو ڪري ٿي ۽ پوءِ...
اصغر: ۽ پوءِ پيار شروع ٿو ٿئي، يعني رومانس (ٽھڪ ڏئي ٿو).
زرينہ: (کلندي) حرڪتي!
اصغر: زرينہ! سچي ڳالھہ ٿو ڪريان. اسان ٻنھي ۾ ڪيڏو نہ ذهني اختلاف آهي. هر ڪنھن ڳالھہ تي جهيڙو ۽ بحث، پر، پر، تون ائين نٿي چئي سگهين تہ اسان ۾ پيار نہ آهي. اسين هڪٻئي سان ايترو تہ پيار ڪريون ٿا، ايترو تہ...
زرينہ: بس اصغر!
اصغر ڇو: زرينہ! توکي منھنجي ڳالھہ نہ وڻي؟
زرينہ: نہ، بلڪل نہ.
اصغر: تہ پوءِ توکي منھنجي انھيءَ ڳالھہ تي اعتبار ڪونھي؟
زرينہ: اعتبار؟ اعتبار تہ آهي!
اصغر: تہ پوءِ هن انڪار جو ڇا مطلب؟
زرينہ: (جذباتي ٿي) اصغر! اصغر! مون کي پاڻ تي اعتبار ڪونھي، اصغر!
اصغر: زرينہ! هيءُ تون ڇا پيئي چوين؟ ٻڌ تہ سهي، اڙي وئي هلي، عجيب ڇوڪري آهي!

(4)
امينہ: زرينہ! زرينہ! اڃا تو نيرن بہ نہ ڪئي آهي، ڪاليج جو ٽائيم اچي ٿيو آهي.
زرينہ! امان! ڇا ڪريان، اک لڳي ويئي.
امينہ: ايترو بيخيالي نہ ٿيءُ. تنھنجون اکيون ٿيون ٻڌايئن تہ رات جو گهڻيءَ دير تائين پڙهيو اٿئي.
زرينہ: نہ امان! بس، اونھين ننڊ نہ آئي.
امينہ: هون! ڇو ڀاڻين گُل سان ڪو جهيڙو ٿيو آهي ڇا؟
زرينہ: نہ امان! اهڙي ڳالھہ ڪانھي. بس ائين ئي ننڊ نہ آئي.
امينہ: نہ نہ، آءٌ سڀ سمجهان ٿي. اوهان جو جهيڙو تہ ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندو. اِجهو هو ايندو تہ سندس منھن بہ سُڄيو پيو هوندو.
زرينہ: نہ امان! سچ ٿي چوان تہ اهڙي ڳالھہ ڪانہ هئي.
امينہ: تڏهن ڪھڙي ڳالھہ هئي؟ مون کي ٻُڌائين ڇو نٿي؟
زرينہ: ڪجهہ نہ آهي امي! مون کي دير ٿي ٿئي، مان وڃان ٿي.
امينہ: چانھہ تہ پيءُ. زرينہ! زرينہ! ٻُڌ تہ سَهي. (زرينہ جي وڃڻ جو آواز).
حامد: ڇو، ڇا ٿيو؟
امينہ: ڇا وري ڇا ٿيو؟ مون کي تہ هن ڇوڪريءَ جي خبر ئي نٿي پوي. الائي ڪنھن تي ويئي آهي، گهڙيءَ ۾ تولو، گهڙيءَ ۾ ماسو! اُتي جو اُتي پئي پنھنجي سؤٽ اصغر سان کِلندي ڳالھائيندي، اُتي جوا ُتي مِٽ مِٽَ تي چڙهي ويندس! رات ڪو وري وڙهيا آهن. بس نيرن بہ نہ ڪيائين، وري پڇجيس ٿو تہ ڪوبہ جواب ڪونہ ڏيندي!
حامد: ٻار آهن، پيا وڙهندا ۽ پرچندا تون تہ اجايو پئي پاڻ پتوڙين.
امينہ: توهان بہ ڪمال ٿا ڪريو. هيڏي عمر اچي ٿي اٿن ۽ اوهان اڃا تائين کين ٻار ٿا سمجهو. منھنجو تہ خيال آهي تہ جيئن توهان کي ادي اڳ ۾ چيو آهي تيئن توهين وڌيڪ ڳالھيون ٻولھيون ڪري، امتحان پوري ٿيڻ کان پوءِ ٻنھي جي شادي ڪري ڇڏيو.
حامد: پر زرينہ جي ماءُ! مون کي هڪ ڳالھہ کٽڪي ٿي: ڪيڏو بہ ٻنھي ۾ پيار آهي پر ساڳئي وقت ٻنھي جي خيالن ۽ عادتن ۾ بہ وڏو اختلاف آهي. ذهني طور ٻيئي هڪٻئي کان پري آهن. ظاهري طرح تہ کلندا ڳالھائيندا ٿا رهن، پر جيڏيءَ مھل ڪابہ اهڙي ڳالھہ ٿئي ٿي تہ هڪٻئي کان ڇڄي ڌار ٿيو بيھن. انھن سڀني ڳالھين کي بہ ڌيان ۾ رکڻو آهي.
امينہ: اوهان کي تہ سدائين انھن ڳالھين جي اڻتڻ هوندي آهي: هوڏانھن چئو ٻار آهن، هوڏانھن سندن طبيعتن جو پيا ذڪر ڪندا. توهان جي ڌيءُ بہ توهان تي ويئي آهي. ڏوھہ رڳو توهان جي ڌيءَ جي هٺيلي طبعيت جو آهي.
حامد: (کلي ٿو) توسان تہ ڪا ڳالھہ ڪري آءٌ اڙجيو وڃان. ٻار جي ڳالهه، ڪرڻ کي کڻي ڪيم، پوءِ تہ اڙجي ويس. زرينہ جي ماءُ! حقيقت اها آهي تہ منھنجي ڌيءَ ويچاريءَ جو ڪوبہ ڏوھہ ڪونھي. هن پنھنجي ذهن جي پرورش اهڙي نموني ڪئي آهي جو ائين پيو لڳي، سندس منزل ئي ڪا ٻي آهي.
امينہ! اوهان جون اهي تقريرون منھنجي ذهن ۾ ڪين ويھنديون. مون تہ هڪ ڳالھہ ڪئي، هاڻي اوهان جيئن مناسب سمجهو، تيئن ڪريو. آءٌ هلان ٿي.
حامد: ٻڌ تہ سهي! مان تہ ادي سان ڳالھہ ڪريان ٿو، پر هاڻي تون رڳو هڪڙي مھرباني ڪر جو زرينہ کان پُڇ.
امينہ: پڇڻ جو ڪوبہ ضرور ڪونھي، ٻيئي راضي آهن.
حامد: زرينہ جي ماءُ تون نٿي ڄاڻين، اڄڪلھہ جو اولاد مائٽن کي پنھنجي ٿورڙي غلطيءَ جي ڳري سزا ڏئي ٿو، ۽ پاڻ بہ هڪ نہ ختم ٿيندڙ عذاب ۾ مبتلا ٿيو وڃي، تنھنڪري مناسب آهي تہ سڀ کان پھرين تون هن کان پُڇي خاطري ڪر. باقي سمورو معاملو آءٌ پاڻ طئہ ڪندس.
امينہ: چڱو، جيئن اوهان جي مرضي.

(5)
اصغر: زرينہ! مون کي سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ آخر توکي ڇا ٿيندو ٿو وڃي. اءٌ ڪيڏو نہ خوش خوش آيس توکي خوشخبري ٻڌائڻ، پر هت ڏس تہ سائيجن جو موڊ آف لڳو پيو آهي.
زرينہ: اصغر! مون کي پريشان نہ ڪر. مون کي مٿي ۾ ڏاڍو سور آهي.
اصغر: پر مان پُڇان ٿو تہ اهو سور ڇو ٿيو آهي؟
زرينہ: مون کي سڀ خبر پئجي ويئي آهي، اسان ٻنھي جي شادي... اوه! ڪيڏو نہ خوش ڪندڙ خيال آهي، پر اصغر! مون کي الائجي ڇو ڊپ ٿو ٿئي تہ اهو صرف خيال ئي آهي، ان جو حقيقت سان ڪوبہ واسطو ڪونھي.
اصغر: زرينہ! هيءُ تون ڇا ٿي چئين، زرينہ!
زرينہ: آءٌ سچ ٿي چوان. حقيقت آخر ڪيستائين لِڪل رهندي! هاڻي تہ فيصلو ٿيڻ وارو آهي، پوءِ ڇو نہ مصيبت کان پھرين ان جي بچاءَ جو تدارڪ سوچجي.
اصغر: هون! تہ اها ڳالھہ آهي. پر اهو سڀڪجهہ آخر ڇو... صاف صاف ٻڌاءِ زرينہ!
زرينہ: ڇا چوان، اصغر! مھنجي ذهني ڪيفيت عجيب ٿي پيئي آهي. دل چوي ٿي تہ تون هميشہ منھنجي قريب رهه، پر جڏهن تون منھنجو ويجهو هوندو آهين تہ لڳندو اٿم تہ اصغر... مون کي... نہ اصغر، آءٌ ڪجهہ بہ نٿي چئي سگهان. مون کي اهي لفظ ئي نٿا ملن.
اصغر: ڇا مون کان توکي خوف ٿئي ٿو؟
زرينہ: نہ اصغر نہ، توهان کان نہ، مون کي تہ پاڻ کان خوف ٿو ٿئي. منھنجو ذهني ٻيٽ ڇولين جي لپيٽ ۾ آهي. اڀرندڙ لھرون... جيڪر اهي ڇوليون مون کي ٻئي هنڌ گهلي وڃي ڦِٽو ڪن تہ بہ چڱو اهي تہ وري ويران واري جي ڍِڳن تي اُڇلين ٿيون، جتي الائجي ڇو مون کي اُڃ جو احساس ٿو ٿئي.
اصغر: مون کي ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نٿو اچي زرينہ! مان ڪيترن ڏينھن کان تو ۾ اها تبديلي پيو ڏسان. جيئن ئي اسان جي شاديءَ جون ڳالھيون هليون آهن. تيئن تون وڌيڪ انھن اجابن ۽ بيڪار خيالن جي ڄار ۾ ڦاسندي پئي وڃين. خدا جي واسطي تون انھن خيالن کي ڇڏي ڏي. نہ تہ انھن خيالن جو وهڪرو اسان جي پيار جي گهرڙي جو نالو نشان بہ مٽائي ڇڏيندو زرينہ!
زرينہ: اصغر! مون کي سڀني ڳالھين جو اعتراف آهي. آءٌ توسان وڙهان ٿي، تنھنجي خيالن سان ٽڪرجان ٿي، پر منھنجو من جيڪا بغاوت ڪري ٿو، ان سان ٽڪرجڻ منھنجي وس جي ڳالھہ نہ آهي. مون ۾ اها همت نہ آهي، اصغر!
اصغر: زرينہ! خدا جي واسطي بس ڪر، آءٌ ڪجهہ ٻُڌي نٿو سگهان. اهي خيال الائجي ڇا آهن، ڇو پيدا ٿيا آهن؟
زرينہ: تون بہ تہ سوچ تہ اهي ڇو پيدا ٿيا آهن؟ مون ۾ اختلاف جي خواهش پيدا ٿيندي وڃي ٿي ڇو، تون بہ تہ سوچ.
اصغر: مان سوچيان؟ تون اهو نٿي سوچين، جهن کي تو پيار ڏنو. اڄ ان کي ٿي چوين تہ پيار تي نہ سوچ. من جي مِٺين ڳالھين تي نہ سوچ.
زرينہ: تون ناراض ٿيو آهين؟
اصغر: ناراض ڇو ٿيندس. تون رڳو خوش رهه، اهائي منھنجي لاءِ خوشي آهي.
زرينہ: اصغر! مون کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. توکي شايد اها خبر نہ آهي تہ جيسين تون اچين اچين، تيسين منھنجي الائجي ڪھڙي حالت ٿي ويندي، تون سمجهين بہ ڪٿي ٿو سگهين.
اصغر: اها تنھنجي ڀُل آهي زرينہ! تون مون کي اڃا تائين نہ سمجهي سگهي آهين. جيئن ئي مون شاديءَ جي ڳالھہ ٻُڌي، مون کي پنھنجي من جي دنيا روشن ٿيندي نظر آئي. آءٌ خوشيءَ ۾ ٽِڙندو توڏي هليو آيس. هيڏانھن ٻاهر تہ نھار! فضا ۾ مسرت جون لھرون پکڙيل آهن چوڌاري چراغان آهي. آءٌ خوش آهيان، زرينہ! اسين خوش آهيون، دنيا خوش آهي زرينہ! ڏس تہ سهي، اڙي تون تہ روئي رهي آهين، تون روئي رهي آهين، زرينہ! ڇو زرينہ؟ زرينہ!
زرينہ: (روئندي) ڪجهہ بہ نہ آهي، اصغر آءٌ تہ خوش آهيان، پر مون کان خوشي برداشت ٿي نٿي سگهي. توکي خبر آهي تہ اصغر، مان ڪڏهن بہ خوشين جي حقيقي محلن ۾ نہ رهي آهيان. مون هميشہ خوشيءَ جي تصوراتي خيابانن تي گذارو ڪيو آهي. منھنجي لاءِ اها خوشيءَ جي ڳالھہ آهي اصغر! پر اها خوشي، اها خوشي مون کي ماري ڇڏيندي!
اصغر: زرينہ! هيءُ توکي ڇا ٿي ويو اهي؟
زرينہ: اصغر! مون کي ڪجهہ بہ نہ ٿيو آهي. مان خوش آهيان، اسين بہ چراغان ڪنداسين. بيھہ تہ مان بتيون ٻاري ڇڏيان.
اصغر: زرينہ، زرينہ! تون چري تہ نہ ٿي آهين زرينہ!
زرينہ: (سختيءَ مان) مون کي ڇڏ، اصغر! آءٌ اڄ سڄي گهر جون بتيون ٻارينديس، چراغان ڪنديس، روشني ڪنديس. ذهني انڌيري ۾ رهندي رهندي آءٌ بينور ٿي پيئي آهيان. مون کي روشني گهرجي. مون کي ڇڏ، مون کي ڇڏ، روشني... چراغان... بتيون...
اصغر: زرينہ! زرينہ! (چماٽ ٿو هڻيس) تنھنجو پاڳلپڻو اِئين ختم ٿيندو! (وقفو) اُف... مون هي ڇا ڪيو؟ مون کي ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نٿو اچي. تون پاڻ سان گڏ مون کي بہ پاڳل بڻائي ڇڏيندينءَ زرينہ! آءٌ وڃان ٿو.
زرينہ: (جهيڻي آوز ۾) هڪ ڳالھہ تہ ٻڌ!
اصغر: چؤ؟
زرينہ: مون کي معاف ڪر، اصغر! مون توکي ڏکويو آهي... آءٌ... آءٌ شرمسار آهيان...
اصغر: ائين نہ چؤ، زرينہ! معافي تہ مون کي گهُرڻ کپي. مون توکي اهنج رسايو آهي، تون تہ منھنجي زندگي آهين! زرينہ!
زرينہ: اصغر! منھنجو اهو پاڳلپڻو ختم نہ ٿيندو. تون مون کي پنھنجن هٿن سان ماري ڇڏ، نہ تہ منھنجي ذهني اٿل پٿل مون کي ماري ڇڏيندي.
اصغر: زرينہ! خدا جي واسطي اهڙيون ڳالھيون نہ ڪر.
زرينہ: نہ اصغر! هاڻي سڀئي ڳالھيون منھنجي وس کان ٻاهر نڪري ويون آهن، منھنجي هڪڙي التجا آهي.
اصغر: پھريائين مون کي رڳو اهو ٻڌاءِ تہ تون ايترو گهڻو سوچين ڇو ٿي؟ سوچبو تڏهن آهي جڏهين ڪا تڪليف پھچندي آهي يا ذهن ڪنھن ڳالھہ کان متاثر ٿيندو آهي. تنھنجي سوچ جو آخر ڪھڙو سبب آهي؟
زرينہ: اصغر! اهي ڳالھيون ڇيڙي تون مون کي انھيءَ ذهني دنيا ۾ واپس وٺي ٿو هلين، جتي خيال ۽ سوچ جون شمعون ٻرنديون رهن ٿيون. ڏس، ائين نہ ٿئي تہ هوا جو جهُوٽو انھن کي وسائي ڇڏي ۽ اتي تاريڪي ۽ اوندھہ جو راڄ ٿي پوي. اصغر! منھنجي انھيءَ دنيا ۾ انڌارو نہ آڻ. انھن شمعن کي ٻرڻ ڏي، ٻرڻ ڏي، ايتريقدر جو اهي پاڻ ئي جلي ٻري ختم ٿي وڃن!
اصغر: منھنجي زرينہ! آءٌ تنھنجي حڪم کان انڪار نٿو ڪري سگهان. تنھنجي پيار منھنجي پير ۾ زنجير وجهي ڇڏيا آهن.
زرينہ: تہ پوءِ ٻڌ، اصغر! جيڪڏهن تون چاهين ٿو تہ اسان جي آئنده زندگي خوشگوار گذري تہ...
اصغر: چؤ نہ، تہ پوءِ...؟
زرينہ: تہ... تہ تون ڪيڏانھن ٻاهر هليو وڃ. اصغر! ٿورن ئي ڏينھن لاءِ
اصغر: هون!
زرينہ: اصغر! آءٌ چاهيان ٿي تہ اها ذهني ڪيفيت پاڻھي ختم ٿي وڃي.

(6)
زرينہ: ٻاهر طوفان جي اڃا اهائي حالت آهي (طوفان جو آواز) پر هيءُ طوفان نيٺ ختم ٿيندو ۽ پٺيان تباهيءَ جا ڪي نشان رهجي ويندا. پر هو ڪھڙو طوفان هو اصغر... اصغر... تون ڪيڏانھن هليو وئين؟ اصغر!
(موسيقي، پس منظر ۾ طوفان ۽ مينھن جو تاثر)
زرينہ: ۽ اصغر واقعي هليو ويو، ناراض ٿي. مون ڪيترو ئي منع ڪيو، پر هو نہ رهيو ۽ مون کي اڪيلو ۽ تنھا ڇڏي هليو ويو، هميشہ هميشہ لاءِ.
مسافر: محترمه! اوهان ڪجهہ همت ۽ صبر کان ڪم وٺو.
زرينہ: ها، اهوئي باقي هڪڙو سھارو آهي. اصغر جي وڃڻ کان پوءِ آءٌ بيمار ٿي پيس. سخت بيمار ٿي پيس، ۽ وري مسرت ۽ خوشيءَ جي ٽھڪن منھنجي ذهن دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڏنو.
(ماضيءَ جي ياد ڏياريندڙ موسيقي)

(7)
سلطان: کِلو، مس زرينہ! هي ڇا آهي، سڄو ڏينھن ائين ليٽيا پيا آهيو، خاموش ۽ اُداس. اٿو، ٻاهر تہ ڏسو ڪيڏي نہ شاندار موسم آهي. باغ ۾ ٽڙيل گل، ٿڌڙي هوا ۽ موسيقي پکڙيندڙ ماحول! اُٿو تہ سَهي، هلو تہ ٻاهر لان ۾ ويھون. هاڻي توهان بلڪل ٺيڪ آهيو، مس زرينہ! (کلي ٿي) کِلو نہ مس زرينہ!
زرينہ: (آهستي کِلي ٿي).
سلطان: ها ها، ائين بلڪل ٺيڪ، ڪنھن ٿي چيو تہ توهان بيمار آهيو؟ توهان ٺيڪ آهيو، ائين نہ، مس زرينہ!
زرينہ: ڊاڪٽر صاحب، هُو...
سلطان، ها، ماحول ۽ فضا ۾ ڪيتري نہ سونھن ۽ حسن آهي. قدرت جي هن فياضيءَ جا شڪرانا بجا آڻيو.
زرينہ: ڊاڪٽر صاحب! توهان کي خوشيءَ سان ڏاڍو چاھہ ٿو ڏسجي.
سلطان: خوشيءَ جي چاهت ڪنھن کي نہ هوندي؟
زرينہ: چاهت تہ ڪڏهن بہ حقيقت نٿي سڏي سگهجي. چاهت تہ چاهت ئي رهندي، ڇاڪاڻ تہ اها هڪ اهڙي ڪيفيت جي باري ۾ آهي، جنھنجو ڪوبہ وجود ڪونھي.
سلطان: مس زرينہ! اوهان وري اهي ڳالھيون شروع ڪيون. ڏک سک، خوشي ۽ غم تي نہ ويچاريو تہ بھتر. توهين رڳو اهو ويچاريو تہ توهان ٺيڪ آهيو.
زرينہ: ڊاڪٽر صاحب! اهي ئي خيال تہ مون کي سڪون بخشي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ جو ذهن ٻيو وڌيڪ ويچاري ئي نہ سگهندو.
سلطان: چڱو، ائين سهي، پر معاف ڪجو توهان هر هر ”ڊاڪٽر صاحب، ڊاڪٽر صاحب“ جو گردان شروع ڪري ڇڏيو آهي. منھنجو پيشو بيشڪ ڊاڪٽر جو آهي، پر منھنجو نالو ”سلطان“ آهي. (کِلي ٿو.)
زرينہ: هون، تہ توهان کي ”سلطان“ سڏائڻ ۾ خوشي محسوس ٿي ٿئي؟
سلطان: توهان خود چيو تہ خوشيءَ کي ڪو وجود ڪونھي، پوءِ منھنجي خوشي اوهان کي ڇو ٿي نظر اچي؟
زرينہ: ڇاڪاڻ تہ ڊاڪٽر! اسين سڀ خوشيءَ جي بيابان ۾ رهون ٿا، جتي رڃ ئي رڃ آهي. هر ڪنھن کي ٻئي لاءِ خوشي نظر اچي ٿي، پر جڏهن هو ان جي ويجهو وڃي ٿو تہ اُتي تہ ويران وير وڌ لڳي پيئي آهي. ڊاڪٽر صاحب! معاف ڪجو، مسٽر سلطان، ڇا ائين ٿي نٿو سگهي تہ اسين انھيءَ احساس کان ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون؟
سلطان: ڪھڙي احساس کان؟
زرينہ: خوشي ۽ غم جي احساس کان! اسين ذهن کي ان ڳالھہ تي آماده ڪريون تہ غم غم نہ آهي، خوشي خوشي نہ آهي ۽ اهو ئي سڪون جو ذريعو آهي.
سلطان: مس زرينہ! بس اهو سوچڻ ڪافي آهي تہ جيڪي ڪجهہ ٿئي پيو سو ٺيڪ آهي، جي ٺيڪ نہ آهي تہ ٺيڪ ٿي ويندو. مون کي ڏسو، توهان سمجهو ٿا تہ ڪوبہ غم منھنجي ويجهو نہ آيو هوندو، مس زرينہ! منھنجي زندگيءَ ۾ اهڙيون ويرانيون آيون آهن، جتي ڪيترو ئي وقت ڀٽڪندو رهيس. پر پوءِ، احساس ٿيو تہ زندگي جيئڻ لاءِ آهي، جيڪي ٿئي پيو سو ٺيڪ آهي. بهرحال، هينئر اسان کي ڪجهہ بہ سوچڻ نہ کپي. منھنجا ڏک مون تائين رهن تہ چڱو. ڪيئن ٺيڪ آهي نہ؟ (کلي ٿو) هو ڏسو اوهان جو والد هيڏي پيو اچي. توهان اتي ويھو، قدرت جي فياضيءَ جي فراخدليءَ سان تعريف ڪريو ۽ پاڻ کي خوش رکو. مان اجازت وٺان ٿو. مون کي ٻين مريضن کي بہ ڏسڻو آهي.
زرينہ: مھرباني، ڊاڪٽر او مسٽر سلطان! خدا حافظ.
سلطان: خدا حافظ. (کلڻ جو آواز)
حامد: هلو ڊاڪٽر!
سلطان: (کلندي) هلو سَر!
حامد: زرينہ جي طبيعت ڪيئن آهي ڊاڪٽر صاحب؟
سلطان: بلڪل ٺيڪ آهي. بهرحال، منھنجي تشخيص صحيح ثابت ٿي. هو جسماني مرض کان وڌيڪ ذهني مرض ۾ مبتلا هئي. هن کي دوا کان وڌيڪ همدرديءَ جي ضرورت آهي.
حامد: ڊاڪٽر! اوهان جي وڏي مھرباني. انھيءَ مرض تہ هن جي ذري گهٽ جان ورتي هئي. بهرحال، شڪرانا ڌڻيءَ جا جو هوءَ هينئر ٺيڪ آهي.
سلطان: مان سڀاڻي کان وٺي ڪونہ ايندس. ڇاڪاڻ تہ مس زرينہ ٺيڪ ٿي چڪي آهي. ڪڏهن ڪڏهن حال احوال پيا ٻڌائجو.
حامد: ضرور ضرور، اوهان سچ پچ تہ ڇوڪريءَ جي زندگي بچائي آهي.
سلطان: چڱو ڀلا آءٌ اجازت وٺان ٿو. خدا حافظ. (کِلڻ جو آواز)

(8)
سلطان: مس زرينہ! اوهان هتي؟ طبعيت ڪيئن آهي؟
زرينہ: طبيعت ٺيڪ هجي ها تہ ڊاڪٽرن جا در ڇو ڏسڻا پون ها. پر خبر تڏهن پيئي جو خود ڊاڪٽر صاحب جي طبيعت خراب آهي!
سلطان: (کلندي) نہ نہ، آءٌ تہ ٺيڪ آهيان. پر اوهان کي ڪنھن ٻڌايو؟
زرينہ: ٻہ ڏينھن ٿي ويا، توهان نہ آيا، ماڻھو دوا خاني موڪليم ۽ خبر پيم تہ توهان جي طبيعت خراب آهي ۽ آءٌ هلي آيس. توهان ٻڌايو بہ نہ...
سلطان: مس زرينہ! توهان جي طبيعت اڃا ٺيڪ نہ آهي ۽ توهان وتو ٿا ٻين جي مزاج پرسي ڪندا؟
زرينہ: توهان کي شايد منھنجو هتي اچڻ نہ وڻيو. چڱو ڀلا، مان هلان ٿي.
سلطان: پر ترسو، توهان تہ پنھنجي طبيعت ڏيکارڻ آيا آهيو نہ... ها... (کلي ٿو).
زرينہ: منھنجي طبيعت کي ڇڏي ڏيو، مان ٺيڪ آهيان. توهان رڳو پنھنجي صحت جو خيال رکو. ٻن ڏينھن ۾ اڌ ٿي ويا آهيو. چڱو ڀلا مان...
سلطان: ٻڌو، توهان پنھنجي مرضيءَ سان آيا آهيو، پر ويندو منھنجي مرضيءَ سان. ڪيئن ها نہ... (کلي ٿو)
زرينہ: چڱو، جيئن اوهان جي مرضي.
سلطان: ترسو، مان توهان جي لاءِ چاءِ گهرايان.
زرينہ: ۽ اوهان ترسو تہ مان اوهان جي لاءِ چاءِ ٺاهيان.
سلطان: توهان چاءِ ٺاهيندؤ؟ (کلي ٿو)
زرينہ: ڇو، توهان سمجهو ٿا تہ مون کي چاءِ ٺاهڻ ڪانہ ايندي آهي؟
سلطان: نہ نہ، منھنجو اهو مطلب نہ آهي. توهان تڪليف نہ ڪريو، نوڪر آهي، اُهو ٺاهي کڻي ٿو اچي.
زرينہ: نوڪر جيڪا چاءِ ٺاهي کڻي ايندو سا بہ ڏسبي.
سلطان: ڇو؟
زرينہ: توهان جي گهر جي حالت ڏسان ويٺي ڪيڏو نہ ننڍڙو سھڻو ۽ سٺو بنگلو آهي، پر حالت ڏسي ڏک پيو ٿئي. ڇا تہ ڪمرن جي حالت آهي، ڇا هن ڊرائنگ روم جي حالت آهي، توهان جو ريڊنگ روم بہ سامھون پيو ڏسجي. مان ڀانيان ٿي تہ ڪو پوري ٻهاري بہ نٿو ڪڍي، ۽ توهان بہ تہ ڪو خيال نٿا ڪيو.
سلطان: مِس زرينہ! جي ايئن گهر جي بي ترتيبيءَ جو خيال ڪندؤ تہ پوءِ توهان کي منھنجي سڄي زندگي بي ترتيب نظر ايندي، بي ترتيب! اوِجر... اڇائي... ڪٿي آهي. مس زرينہ! نہ ذهني طور اسين با ترتيب اهيون ۽ نہ وري ظاهري طرح اڇا اُجرا... بس جيڪي ڪجهہ آهي، ٺيڪ آهي. ڏسو جمن پاڻ ئي چاءِ کڻي آيو آهي. اسان جي لاءِ ايتري سمجهہ ۽ سوچ ڪافي آهي. بس وڌيڪ شايد ڪجهہ بہ نہ... جُمن! چاءِ رک. اوه! بسڪيٽ بہ آهن. ٺيڪ آهي. توهين وري ڪھڙي سوچ ۾ پئجي ويؤ؟ ڇڏيو اهي خيال ۽ چاءِ ٺاهيو.
(چانھہ جي ڪوپن جي کڙ کڙ جو آواز)
زرينہ: ڊاڪٽر! اوهان کان هڪڙي ڳالھہ پڇان؟ اوهان کلندا آهيو تہ محسوس ٿيندو آهي تہ زوري ٿا کلو!
سلطان: جي!
زرينہ: اوهان منھنجي ڳالھہ نہ سمجهي؟
سلطان: مان اوهان کي سمجهي نہ سگهيس.
زرينہ: توهان ڇو سمجهي نہ سگهيا؟ آءٌ انھي ئي سطح تي ڳالھائي رهي آهيان، جنھن سطح تي توهان پاڻ کي ٽھڪن ۾ گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو.
سلطان: مس زرينہ! توهان اهڙن ڳالھين تي نہ سوچيو تہ بھتر.
زرينہ: مسٽر سلطان! اهو ناممڪن آهي. سوچ تہ منھنجي زندگي آهي. مان پنھنجيءَ سوچ سان پيار ڪندي آهيان، ۽ سوچ ۽ ويچار مون کي زندگيءَ جي اڀوڳن رازن کان واقف ڪندا آهن. اهي ڪنھن جي ڳالھہ ڪونہ لڪائين.
توهان جي زندگيءَ جي بي ترتيبي ۽ ٽھڪن ۾ ٻہ متضاد ڳالھيون آهن. اهي توهان جو راز فاش ڪري ٿيون وجهن.
ڊاڪٽر! توهان منھنجو نفسياتي علاج ڪيو آهي، پر توهان خود نفسياتي مريض آهيو. توهان جو من مريض آهي، ڊاڪٽر! توهان جي من کي علاج جي ضرورت آهي.
سلطان: مس زرينہ! مس زرينہ! خدا جي واسطي... مان وڌيڪ ٻڌي نٿو سگهان.
زرينہ: ڊاڪٽر! توهان کي ياد آهي، جڏهن اوهان منھنجي ذهن کي ڦولهڻ جي ڪوشس ڪئي هئي، مٺين ۽ شيرين ڳالھين سان. پر مٺين ڳالھين سان بہ ڪڏهن ذهني زخم دور ٿيا آهن؟ نشتر کڻو ڊاڪٽر. مان ٿي توهان جو علاج ڪريان. توهان تہ ڊاڪٽر آهيو. توهان ڇرڪو ڇو ٿا؟ اڄ توهان مريض آهيو ۽ مان ٿي ڊاڪٽر بڻجان. اڙي هيءَ ڇا؟ کلو نہ ڊاڪٽر صاحب!
(سلطان کلي ٿو.)
زرينہ: هيءُ کلڻ سچ پچ ائين پيو لڳي، ڄڻ اوهان جو سچو پچو کلڻ آهي.
سلطان: ها، مس زرينہ! اڄ محسوس ٿيو تہ مان مصنوعيت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري رهيو آهيان. زندگي حقيقت بڻجي منھنجي آڏو اچي بيٺي آهي. توهان ڀلي منھنجو علاج ڪريو. نشتر کڻو. پر مون جيڪي هن گهڙيءَ ۾ محسوس ڪيو آهي. ان لاءِ نشتر کڻڻ جو ضرور ناهي.
زرينہ: توهان سمجهيو تہ آءٌ وڍڪٽ جو سامان کڻي ٿي آيس، ائين نہ! (کلي ٿي)
سلطان: مس زرينہ! مذاق نہ ڪريو، مون کي ڏک ٿيندو.
زرينہ: نہ مسٽر سلطان! مان اوهان سان مذاق نٿي ڪريان. اسان جي جھڙي نموني ملاقات ٿي ۽ جھڙي قسم جو سٻنڌ ٿي ويو آهي، مان ائين ٿي چوان تہ اسين ٻہ ڀٽڪيل راهي هئاسون. اسان جڏهن ملون ٿا، الائجي ڇو مون کي منزل جو احساس ٿو ٿئي.
سلطان: مس زرينہ! اسين رڻ جا راهي آهيون، رڃ جا رولاڪ! آءٌ تہ رڃ کي منزل سمجهي زندگيءَ جي بيابان ۾ ڀٽڪندو رهيو آهيان. پر سچ پچ تہ جنھن ڏينھن مان اوهان سان مليس ۽ اوهان جون ڳالھيون ٻڌم تہ محسوس ٿيم تہ منھنجي منزل ويجهو اچي ويئي آهي. پر اهو سوچي تہ شايد اوهان جي ڪا ٻي منزل هجي، مون اچڻ ڇڏي ڏنو.
زرينہ: ڊاڪٽر!
سلطان: نہ زرينہ، ”سلطان“!
زرينہ: سلطان! سلطان! آءٌ ڪيئن ٻڌايان تہ اڄ تو مون کي ڇا ڏنو آهي. اڄ مايوسين جي تاريڪيءَ ۾ اميد جي شمع روشن ٿي آهي. مسرت ۽ خوشيءَ جي روشني، ازلي آرزو، ازلي خواهش (ويندي) آءٌ... آءٌ... (ڊڪندي ڊڪندي ٻاهر هلي وڃي ٿي).
سلطان: زرينہ! زرينہ! ٻُڌ تہ سهين.
زرينہ: آءٌ وڃان ٿي سلطان! آءٌ وري اينديس، وري اينديس.
سلطان: تون ضرور ايندينءَ زرينہ! هن گهر جي راڻي بڻجي. هن گهر جي سونھن، هن گهر جي خوشي!
(شرناين جي گونج)
سلطان: زرينہ، زرينہ،
زرينہ: جي!
سلطان: زرينہ، اڄ منھنجي خوشين جو ڪاٿو ئي نہ آهي. سوچ تہ سهي. جيڪو ورهين جا ورهين راتين جو ڀٽڪندو رهيو. هُن شھر کان هن شھر تائين، صرف منزل جي تلاش ۾، سڪون جي تلاش ۾، اُن جي آڏو جي ان جي منزل هلي اچي تہ ان کي ڪيڏي نہ خوشي هوندي؟ مون کي تہ سڀڪجهہ ملي ويو آهي. سڀئي خوشيون، سڀئي منزلون.

(9)
(طوفان ۽ مينھن جو آواز،
درين کڙڪڻ جو آواز)
زرينہ: توبھہ! ڪيڏو نہ سخت طوفان آهي. سلطان کي جهليم بہ تہ نہ وڃ، پر هو ڪٿي ٿو مُڙي. الله خير ڪري. منھنجي تہ دل جي کٽ کٽ وڃي ئي نٿي. بيقراري ٿي پئي آهي. ننڍڙو اسلم بہ مس مس ستو آهي. طوفان جي شور تي جاڳي پيو تہ آزار ٻاري ڏيندو.
(در کڙڪي ٿو، آهستي پوءِ ڏاڍيان)
زرينہ: ڊاڪٽر اچي ويو! آيس ڊاڪٽر، تو بہ انصاف ڪيو آهي. (در کولڻ جو آواز) اوه! تون ڪير آهين؟ تون صغر! اچ اصغر. اصغر، تون سڄو مينھن ۾ ڀِڄي ويو آهين. اندر اچ، سخت طوفان آهي، تون اندر تہ اچ.
اصغر: طوفان کان ڊپ ٿي ڪرين.
زرينہ: اصغر! توکي ڇا ٿي ويو آهي. مون کي طوفان کان نہ پر توکان خوف آهي. تون... تون... ائين مون ڏي نہ وڌ، اصغر!
اصغر: زرينہ! مون کان نہ ڊڄ. مون تنھنجي حڪم جي تعميل ڪئي. رڳو اهو سمجهي تہ اهڙيءَ طرح من ڪو دل کي قرار ۽ سڪون اچي، پر، مون کي ڪجهہ بہ نہ مليو. ڪجهہ بہ نہ زرينہ! منھنجي اميدن ۽ آسن جو دامن ائين جو ائين خالي رهيو.
زرينہ: اصغر! مون کي بيحد افسوس آهي. مون... مون تہ هميشہ توکي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ... تہ...
اصغر: تہ تنھنجو مون سان پيار نہ هو، ائين نہ...
زرينہ: ائين تہ آءٌ نٿي چئي سگهان، پر ايترو ضرور آهي تہ مون ڪڏهن بہ توکي پنھنجي منزل نہ سمجهيو. ان ڪري ئي آءٌ هميشہ ذهني عذاب ۾ مبتلا رهيس. مون ذهني طور ڪڏهن بہ توکي قبول نہ ڪيو. آءٌ تنھنجي ڪري هميشہ پنھنجي ذهن سان بغاوت ڪندي هيس ۽ اُها بغاوت ڪيڏي نہ بيقرار ڪندڙ هئي.
اصغر: ليڪن تو مون کي تہ ائين محسوس ڪرايو تہ تنھنجو مون سان پيار آهي. تون منھنجي آهين. تنھنجو اهي مٺيون وڻندڙ ڳالھيون، پيار جو احساس. تون چوين ٿي تہ تنھنجو مون سان ڪنھن بہ قسم جو پيار نہ هو! تون ائين چئي پنھنجو پاڻ کي بيوفائيءَ جي الزام کان ڇڏائي نٿي سگهين.
اصغر! خدا جي واسطي مون کي ڇڏ. مون گهڻي مشڪل ۽ تڪليف کان پوءِ اها خوشي حاصل ڪئي آهي. منھنجي خوشي مون کان نہ ڦر، اصغر!
اصغر: آءٌ تنھنجي خوشين تي ڌاڙو هڻڻ ڪونہ آيو آهيان. توکي صرف ايترو چوندس تہ هن دل جي ويراني ۾ هاڻي ڪڏهن بہ بھار نہ ايندو، هن گلشن ۾ ڪڏهن بہ گل نہ ٽڙندا. هتي تباهيءَ ۽ برباديءَ جا واچوڙا اٿندا ۽ منھنجي ساري ڪائنات ان ۾ لڙاٽجي ويندي!
(چرين وانگر کلي ٿو)
زرينہ: اصغر! اصغر! هوش ۾ آءُ...
(اصغر کلندو رهي ٿو)
اصغر! اصغر! پنھنجو پاڻ سنڀال، هي توکي ڇا ٿيندو وڃي؟
(۽ ڪنھن جي تيز قدمن سان ڀڄڻ جو آواز)
زرينہ: اوه! هيءُ ڪير هو؟ ڊاڪٽر سلطان!
(درن جي ٽڪرجڻ جو آواز)
(زور سان) سلطان! سلطان! منھنجو سلطان! هو پاڇو جيڪو هتي بيٺو هو، هو هليو ويو. تاريڪن ۽ اونداهين هميشہ ڪوڙ ڳالھايو آهي. هو انھيءَ ڪوڙ کي سچ سمجهي ويو. هوا ئين مون کي ڇڏي وڃي نٿو سگهي، هو منھنجي زندگي آهي، منھنجو جياپو آهي، هو تہ منھنجي منزل. اُف الا مان ڇا ڪريان!
(ماضيءَ جي ياد ڏياريندڙ موسيقي)
زرينہ:... ۽ هو جيئن ويو، تيئن نہ موٽيو. پندرهن ورھيہ ٿي ويا آهن، ۽ هاڻ تہ اميد جا آخري ڪرڻا بہ غروب ٿيندا پيا وڃن. مايوسيءَ جي تاريڪي آهستي آهستي وڪوڙيندي وڃي.
(روئي ٿي)
منھنجي باقي حياتي ائين ڪاري رات وانگر اڪيلي ۽ تاريڪ رهندي.
(اجنبي جي سڏڪن جو آواز)
اوه، اوهان بہ رؤ پيا! شايد اوهان بہ دکي آهيو. ڏک سک تہ اسان جي منزل جا رکوال آهن. صبح ٿي چڪو آهي، آءٌ توهان جي نيرن جو بندوبست ڪريان. اوهان کي شايد پري وڃڻو هوندو.
مسافر: نہ، منھنجي منزل منھنجي سامھون آهي. زندگيءَ جي فريبن ۽ ڌوڪن منھنجي سڪون ۽ آرام تي ڌاڙو هڻي منھنجي مسرتن کي قتل ڪيو هو. زرينہ! آءٌ ئي تنھنجو ”سلطان“ آهيان!
زرينہ: سلطان! منھنجا سلطان! هيءُ آءٌ ڇا پيئي ڏسان!
مسافر: ها زرينہ، مون توکي سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي ۽ ان جي سزا ۾ آءٌ ڀٽڪندو رهيس هڪ راھہ وڃايل مسافر جيان منزل ۽ سُڪون جي تلاش ۾ ڀٽڪندو رهيس. مون اصلي منزل کي منزل نہ سمجهيو، پر نظر جو فريب سمجهي فريب ۾ مبتلا رهيس. آءٌ ڇا ٻڌايان زرينہ! مان هينئر ڇا محسوس ڪري رهيو آهيان. پشيماني ۽ خوشيءَ جا احساس مون کي بيھوش ڪري رهيا آهن.
(زرينہ سڏڪا ڀريندي رهي)

(ريڊيي پاڪستان حيدرآباد جي شڪريہ سان)