ڪھاڻيون

مھراڻ جون چونڊ ڪھاڻيون

 ھن مجموعي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي برک ڪھاڻيڪارن جون لکيل 35 چونڊ ڪھاڻيون شامل آهن. ھي ڪھاڻيون زندگيءَ جي ڳوڙهن ۽ تُز مسئلن تي نھايت ويجهڙائيءَ سان نظر رکندي سرجيل آھن جيڪي خاص طور تي  ان دور ۾ لکيون ويون، جنھن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي نساهو ڪرڻ ۾ ڪجهہ مھربانن پنھنجون سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون ھيون. ھن مجموعي ۾ شامل ھر ڪھاڻيڪار جو لکڻ جو اسلوب ۽ معيار نرالو آھي، تنھنڪري ھي ڪتاب ڪھاڻين جو نرالو ڳٽڪو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 64
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book مھراڻ جون چونڊ ڪھاڻيون

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار حميد سنڌيءَ پاران سھيڙيل ڪھاڻين جو مجموعو ”مھراڻ جون چونڊ ڪھاڻيون“ اوھان اڳيان پيش آھي. 
 ھن مجموعي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي برک ڪھاڻيڪارن جون لکيل 35 چونڊ ڪھاڻيون شامل آهن. ھي ڪھاڻيون زندگيءَ جي ڳوڙهن ۽ تُز مسئلن تي نھايت ويجهڙائيءَ سان نظر رکندي سرجيل آھن جيڪي خاص طور تي  ان دور ۾ لکيون ويون، جنھن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي نساهو ڪرڻ ۾ ڪجهہ مھربانن پنھنجون سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون ھيون. ھن مجموعي ۾ شامل ھر ڪھاڻيڪار جو لکڻ جو اسلوب ۽ معيار نرالو آھي، تنھنڪري ھي ڪتاب ڪھاڻين جو نرالو ڳٽڪو آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو  1992ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2005ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ  جي ٿورن سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڇپائيندڙ پاران

”ڪھاڻي“ ادب جي هڪ پائيدار صنف آهي. هن صنف کي لکڻ ۾ جيترو سولو سمجهيو ويندو آهي، حقيقت ۾ اوتري ئي دشوار آهي. ڇو تہ ڪھاڻيءَ جا پنھنجا خاص ”لوازمات“ ٿين ٿا، جن تي ڪھاڻيءَ جي عمارت اڏي ويندي آهي. ڪھاڻي لکڻ هڪ فن آهي، جنھن ۾ اڪثر ڪري سموري روئداد، فرضي ڪردارن سان رومانوي انداز ۾ بيان ڪئي ويندي آهي.
”مھراڻ جون چونڊ ڪھاڻيون“ ۾ شامل ڪھاڻيون سنڌي ٻوليءَ جي برک ڪھاڻيڪارن جون لکيل ڪھاڻيون آهن، جيڪي زندگيءَ جي ڳوڙهن ۽ تُز مسئلن تي نھايت ويجهڙائيءَ سان نظر رکندي سرجيل هي ڪھاڻيون خاص طور تي ان دور ۾ لکيون ويون، جنھن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي نساهو ڪرڻ ۾ ڪجهہ مھربانن پنھنجون سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون هيون. جن ڏينھن ۾ ٻوليءَ جا مخالف سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب خلاف ڪات ڪھاڙا کڻي بيٺا هئا، تن ڏينھن ۾ سنڌي اديبن پنھنجو مثبت ڪردار نڀائيندي پنھنجي ٻوليءَ ۽ ادب جي خوب خدمت ڪئي. جيتوڻيڪ انھيءَ تخليقي مسافريءَ دوران مختلف نقطئہ نظر جي اديبن وچ ۾ وڏا وڏا ادبي مقابلا ۽ مجادلا ٿيندا هئا. پر اسان جا اديب اهڙن علمي بحثن مان نتيجا ڪڍي، انھن کي پنھنجين لکڻين جو موضوع بڻائيندا هئا.
ان پس منظر ۾ 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ چونڊ ڪھاڻين کي ڇپائڻ جي هڪ رٿا منظور ڪئي. ڪھاڻين سھيڙڻ جي ذميواري نامياري اديب جناب حميد سنڌيءَ کي سونپي وئي، جنھن صاحب مھراڻ ۾ ڇپيل معتبر ڪھاڻين مان 35 چونڊ ڪھاڻيون ڪڍي بورڊ جي حوالي ڪيون، جن کي گڏي ”مھراڻ جون چونڊ ڪھاڻيون“ جي عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ڪتاب ڇپجڻ وقت ئي هٿئون هٿ وڪامجي ويو. مئنيجر بڪ اسٽال جي بار بار درخواست تي هن ڀيري ڪتاب جو ٻيو ڇاپو شايع ڪندي نھايت خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون. مون کي اميد آهي تہ جھڙيءَ ريت هن مجموعي جو پھريون ڇاپو جلد وڪامجي ويو هو، اهڙيءَ ريت هن ڀيري بہ مانوارن پڙهندڙن وٽان ساڳي ئي موٽ ملندي.


انعام ﷲ شيخ
سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو، سنڌ
خميس 20 – جمادي الثاني 1428ھہ
بمطابق 28 – جولاءِ 2005ع

بدمعاش (جمال ابڙو)

هو وڏو بدمعاش هو، پھرئين نمبر جو، ڪوڙ، دغا، فريب، چوري، ڌاڙو هن جي ڏائي هٿ جو کيل هو. چپٽين ۾ ڏوھہ ڪري وٺندو. حرام جو قياس پويس. خار ۾، ڇپ ڪيو، بيٺو ڏسندو. هڪ ڀرون هيٺ، اک چُنجهيل، ٻيو ڀرون مٿي، ڏند ڏندن سان مليل، ناسون ڦوٽاريون، چيتي وانگر شڪار کي تاڙيون بيٺو هوندو. بس بس ڪري، وٺي حملو ڪندو، آنڊا ٻاهر.
ڏائڻ جھڙي ڪھاڙي ڪلھي تي کنيو، شينھن وانگر جهنگ ۾ ڦرندو وتندو هو. شل نہ ڪير کيس للڪاري، ماٺ ڪري ڳاٽ اوچو جهلي، کيس ڏسندو. پيرن کان مٿي تائين، ٻہ ٽي دفعا. وٺي گجگوڙ ڪندو. واگهہ وانگر ڇال ڏيئي، اچي شڪار تي ٽٽندو، ڪھاڙين جو شپڪو، سيڪنڊ ٿي ويندا.
چيلھہ سنھي، سينو ويڪرو، ڪلھا اڀا مڇن کي تاءُ ڏيو اکيون ڪرڙيون ڪيو، پير پير ۾، مست ٿيو وتندو. ڪنھن تي فلڪ نہ آڻيندو.
ننڍي کان ئي نئود هو. پڻس ڪُٽي، هڏ گڏ ڀڃي رکندو هوس. حرام، جو سڌو ٿئي. ٻرڙات پيا پوندس، لتون، مڪون، چنبا، گهل گهلان، هجيس ماءُ، تہ ڇڏائيس! نيٺ رڙيون ڪرڻ بند ڪندو. پيو مار کائيندو، ڪڇندو نہ، ڀائيندو تہ پيءُ جي ڏاڙهي پٽي رکي، پر ڏاڍو هوس. اوڙو پاڙو تپائي ڏنائين، پاڻ جيڏن کي سٽيو ڪٽيو، ڀڳو هليو ويندو. ٻارن جا ماءُ پيءُ، رڙيون ڪندا ايندا. هٿ ايندن، تہ ڪٽي رکندس- پنھنجو ٿورو ئي هئن! نہ تہ بہ پڻس کي دانھن ڏيندا. پڻس پاڻ مان ئي ڪَڪ. سڀ سور ساڙ هن مان ڪڍندو هو. ڏوھہ ٻين جو، مار هن تي. ”ڪو اُنھين ئي تہ ڪو نہ آيو هو“ اهڙو ساڙ ٿيندو هوس، اهڙو ساڙ ٿيندو هوس.... ڏاڍو ساڙ ٿيندو هوس. چوندو هو، ”بيھہ وڏو ٿيان!“.
ڪيئن تہ واڻئي جي چلڪڻي ڪپڙي کي هٿ لاٿو هئائين! واڻئي چماٽ وهائي ڪڍيس. پڻس بہ کڻي چنبو هنيس، پيءُ تي ڏاڍي ڪاوڙ آيس. ”ڀيڻسان، سوئر!“ ننڍو هو، سور پي ويو.
ڇورو ڇنو، ميرو چولو، ڦاٽل پٽڪو، اَن لپ ڪا نہ جو شيءِ وٺي، ٻيا ٻار جهولي جهلي ڀريو، چوس چوس ڪيو گُگهڙا وٺيو، پيا پُوريندا هئا. هي اڪيلو، مٿي تي ٻانھن رکيو، اکيون ڦاريو، بيٺو ڏسندو. ٺڪر جو چنڊ، ٺڪر جي گاڏي، ٺڪر جو اُٺ، ناڪيليءَ سان، دل چوندي هيس تہ هٿ لائي ڏسان، پر ڪير ٿو ڪنھن کي هٿ لائڻ ڏئي، نڪ جي چوٽڙي ڳاڙهي ٿي وينديس، وٺي هڪ پاسي ڀڄندو، ڪنڊ ۾ منھن ڪري، ڀت تي ليڪا پائيندي، پيو چَپَ ڪڍندو ۽ سنگهہ اگهندو.
سڪي سڪي رانديڪو چورايائين. پيو سانڍيندو هوس، لڪي لڪي راند ڪندو هوس. ننڍڙو ڪافور جو گڏڙو وڏين اکين سان ڄڻ تہ ڀاءُ هوس. ڪيئن تہ پڻس کَسي ورتس! سڏڪا ڀريندي ڀريندي، مار کائيندي کائين، ٽپا ڏيئي ڏيئي، رانديڪو ڇڏائڻ جي ڪيائين. ويچارو گڏڙو پڻس جي پيرن هيٺان چيڀاٽجي ويو. هن ڏاڍيون رڙيون ڪيون، پيءُ کي ”حرامي“ بہ چيائين. پڻس لتون بہ هنيس. ان ڏينھن ڏاڍو رنو. ٽُڪڙا ميڙي، اڳڙيءَ ۾ ويڙهي، پاري ۾ وجهي ڇڏيائين. ڏينھن اهو ٿيو وري نہ رنو.
پيءُ تہ ڏٺي نہ وڻندو هوس. ڀلا لڱن جو ڪھڙو ٽڪر هوس، جنھن تي پڻس جا پادر نہ وسيا هئا. وڏو ٿيو، تہ لٺ کڻي کنيائين. چي. ”متان آيو آهين“ پڻس سمجهي ويو، وري نہ ڪڇيو. ٻين ماڻھن سان ازلي وير هوس، ڀلا ڪير ساڻس چڱيان هليو هو!
اندر ۾ ڌڪار جون ڀريون، ساھہ ساھہ سان نفرت ڦوڪون ڏئي نڪرندي هيس. ماڻھن کي ماريندي، ڦريندي، چيچلائيندي، ڪجهہ خيال نہ ٿيو هوس، ”ساڻس ڪو گهٽايو هئائون!“ نفرت سان ٽمٽار، ڪيتري بہ ڪڍي، تہ بہ اوتري جي اوتري، نہ گهٽجي نہ وڌي.
کيس هڪ ڪتو هو، گُلر ڪري پاليو هئائين، اهو مئو، تہ روئي ويٺو. هڪ وار جهلجي پيو. گھلي آيس ٿاڻي تي. اڃان ڪچو هو. ڊڄي ويو. چي، ”ﷲ سائين هن ڀري ڇڏاءِ، تہ توبھہ ڪيم!“ پر جڏهن کيس مرچ وڌائون ۽ مُٽ پياريائون، تڏهن ڊپ لھي ويس. اهو ئي هڪ ڀِرون هيٺ، اک چنجهي، ٻيو ڀرون مٿي.
پوءِ تہ ڪئين ڀيرا جهليو. لوڏو ئي نہ اچيس. اک کڻيو نھاري تہ ساھہ سڪيو وڃي. جھڙي تھڙي پوليس آفيسر جي ڇاتي نہ ٿئي، جو ڪجهہ چويس.
چڱي مڙس جي چوريءَ ۾ جهليو، پوليس تي بار پيا. چيائونس، ”مال موٽاءِ“ وٺي آيس گهر، ڀيڻس کي اگهاڙو ڪيائون، چي وار ”پٽينس“.
ڪيس مان ڇٽي نڪتو، ڀيڻ جي منھن نہ چڙهيو. چڱي مڙس کي ماريائين. اهي پوليس جا آفيسر ماريائين. روپوش ٿي ويو. ڪھڙو روپوش؟ اتي ئي هو، پر پوليس کان ڏاڍو هو.
ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيائين. ماڻھو مئو، ڄڻ ڪتو مئو. جڏهن ماڻھن جي ڳچين مان رت ٺينديون ڪري وهندو هو، جڏهن ڪٽيل نڙگهٽ مان گرڙاٽ جا آواز نڪرندا هئا. جڏهن وڍيل رڳن مان رت ڇاٽيون ڪري نڪرندو هو ۽ رت جي گپ ۾ ڇڙهيون هڻندا، بل کائيندا هئا، تڏهن هو بيھي ڏسندو هو. هڪ ڀرون هيٺ، ٻيو مٿي ۽ اک چنجهي.
ڄڃون ڦريائين. گهوٽ ڪنوار ماريائين. نوٽن جون ڍڳيون ڪري ساڙيائين، ڄڀيءَ کي بيھي ڏٺائين. هڪڙو ڀرون هيٺ ٻيو مٿي، اک چنجهي.
هڪ دوست تي ڪاوڙيو، هڻي آنڊا ڪڍي رکيائينس، ٽڪر ٽڪر ڪري وڍيائينس پوءِ وٺي ڪوڪون ڪيائين، اٺ پھر ماني نہ کاڌائين. موٽي اچي فاتحا پڙهيائينس. مڇون هيٺ لڙڪي آيس. رت لڳل ڪھاڙي کڻي خون واريءَ جاءِ تي پوري ڇڏيائين. ڄڻ تہ پنھنجي ڏاڍ ۽ مستيءَ کي دفن ڪيائين...... ۽ پوءِ......
جهلجي پيو، هڪ ڪيس نہ بيٺس. سئو ڏهين ۾ ڏنائونس، اڙجي ويو. مٽيءَ جي ماني. موبل ۾ رڌل دال. چرس ڀنگ جو واپار، بچي بازيءَ تي جهيڙا. سڀ ٻٽ، قيدي توڙي ڪامورا. گار جي رئي. ڪُتي واري ڪار. هو گڏھہ وانگر رمندو رهيو. گُهنڊ هنيو، چپ چاپ، ڪنڌ هيٺ ڪيو پيو گهمندو هو. ڏينھن ئي ٻہ چار گذريا. جيل کان ٻاهر، پٿر ڀڃندي، هروڀرو جمعدار صاحب ڏنڊيون وهائي ڪڍيس. هن ڪنڌ ڦيري، ڀِرون ڇڪي، ڏانھس ڏٺو، جمعدار صاحب تي زهر چڙهي ويو. گارين جو ڌوڙيو لائي ڏنائين. چي، ”ڏسين ڇا ٿو؟“ هن جون ٻئي اکيون چنجهيون ٿي ويون، ڏند ڪرٽجي ويس، وٺي گجگوڙ ڪيائين. ٽپو ڏئي ڪڙڪي پيو. جمعدار جي ٻانھن ڪڍي وڌائين. هنگامو مچي ويو، قيدين جي ٻيگهي متي. سپاهين جون بندوقون ڇڏائجي ويون، هو ڀڄي ويو.
هن وڃي پنھنجي ڪھاڙي کوٽي ڪڍي. چتائي ان کي ڏٺائين. ڄڻ تہ انساني مٿن جا گيھا ٿي ڳڻائين. سندس واڇ چٻي ٿي، نڪ گهنجيو ۽ اک چنجهي ٿي، ڌڪار مان مشڪيو. ڪھاڙيءَ کي مٿي ڪري چمي ڏنائين سندس ڦر جي تک کي آڱوٺي سان جاچيائين.
نئين سر ڪوس شروع ٿي ويا. ستلن کي ماريائين. بي ڏوهن کي ڪٺائين، گهر ساڙيائين. زائفن جا پار، ٻارن جو روئڻ، باھہ جون لاٽون- ڏسندو ڏسندو هليو ويندو. وري وري مُڙي ڏسندو. نہ خوشي نہ خار. اها ئي چنجهي واڇ لڙيل، ڀِرون هيٺ مٿي. پچڪ ڪري کڻي ٿُڪ اڇليندو.
هڪ لڱا ڏينھن ڏٺي جو ڌاڙو هنيائين. سڄي ڳوٺ کي کڻي مُٺ ۾ ڪيائين. جو جتي سو تتي. هيسيل ۽ چپ. هي ڳاٽ اوچو ڪيو، ڀرون تاڻيو پئي آيو ۽ ويو.
اڱڻ ۾ هلندي، پير هيٺان ڪو رانديڪو اچي ويس. اڍائي سالن جي ٻار، ماءُ جي ڪڇ تان دانھن ڪئي: ”ڪنو حلامي!“ هن مُڙي ڏٺو. ماءُ جهٽڪو ڏيئي، ٻار جي وات تي هٿ ڏنو. کڻي ڇاتيءَ سان چنبڙايائينس. ويچاريءَ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. ٻار کي اڃا بہ ڇاتيءَ سان سوگهو ڪيائين. اکيون کڻي هن ڏانھن نھاريائين. ڇا تہ هو ماءُ جي اکين ۾! هو پنڊ پاهڻ ٿي ويو. ٻار کي ڏٺائين. ڀڳل رانديڪي کي ڏٺائين. ماءُ جي ڀاڪر کي ڏٺاين. ڪيئن تہ ٻارڙو، ماءُ جي ڳچيءَ ۾ ٻانھون ورايو، ٺنڀ هنيو پيو هو. هو ڏسندو رهيو. هن جا ڇڪيل ڀرون، هوريان هوريان، سڌ ۾ اچي ويا. هن جهڪي ڀڳل رانديڪو کنيو. ٽڪر ميڙي اڳتي وڌيو. وڃي مائيءَ جي هٿن ۾ ڏنائين.
انھيءَ ئي ڌاڙي ۾ هو جهليو. سندس ڪي ساٿي ماريا، ڪي مٿس باڪو ٿيا. مائيءَ شاهدي ڏني. ڀڳل رانديڪو پيش ٿيو. کيس جنم ٽيپ آئي.
هو ماٺ هو صفا ماٺ، سندس ڀرون سڌ ۾ هئا. اکيون هڪ ڪريون هيس. ڄڻ تہ پري پري پئي ڏٺائين. مائيءَ کي، ٻاڙي کي، سندن ڀاڪر کي.... ۽ پاري ۾ پيل گڏڙي کي. سندس ڪنن ۾ آواز اچي رهيا هئا – ”ڪنو.... حلامي....
کيس سينٽر جيل تي موڪليو ويو. لُولو جمعدار جيلر بڻجي چڪو هو، هن کيس کنڀو ٻڌايو. کيس اگهاڙو ڪرايو ۽ کيس ڏنڊي لنگهائي. هن کي اونڌو ڪري سينٽر جي وڻ ۾ لڙڪايو ويو. صبح جو هو مري ويو. کيس لاٿو ويو. سندس ڏنڊي ڪڍي وئي. رت وهي هليو. چيائون تہ سوري هيس. لولي جيلر کيس ٿڏو هنيو چيائين، ”بدمعاشي!“

(مھراڻ، 3 – 1956ع)

ڪڏهين بھار ايندو (سوڀو گيانچنداڻي)

”ٻڌ تہ......“
”چئہ ....“
”مانٿي چوان...... چوان؟“
چئہ نہ!..... ڪير ٿو جهليئي؟“
”اڄ مون کي سئنيما تي وٺي هلو.“
”ڳالھہ بہ ايتري! چڱو هلنداسون، مان ڪلاڪ کن لاءِ هڪ ميڙ ۾ ٿو وڃان، تون تيار ٿي ويھجانءِ، جيئن پھرئين کيل تي پھچي سگهون.“
”تہ چئو ڇو نٿا، تہ نہ هلندئو. مون کي اهي چالاڪيون سجهن ٿيون. اڌ رات جو موٽي ايندوئو. چوندئو تہ ”ڳالھہ ئي وسري ويئي“ – اهي سنگتي توهان کي ڇڏين ڇو ٿا؟“
۽ رُسي، منھن ڦيري، رڌڻي ڏي هلي ويئي. ايتري ۾ ڪِڪو ٻاهران ڊوڙندو. آيو مون کي ڪپڙا پائيندو ڏسي، چيائين:
”مان بہ هلندس! امان مون کي لٽا پاراءِ، مان ”ڀائوءَ“ سان گهمڻ ويندس!“
”پٽ! تون لٽا پاءِ، تہ کيل تي هلنداسين. هو ڏٺو هوءِ نہ؟ ڇوڪريون اچن پيون، ڇوڪريون وڃن پيون، ڇوڪريون نچن پيون...... هاڻي ڀلو پٽ آهين نہ! وڃ ماءُ کان لٽا وٺي پاءِ، تہ مان بگي وٺي اچان. بگيءَ تي هلندين نہ؟“ هن ماءُ ڏي مھڙ ڪئي، تہ مان گُهت ڏيئي ٻاهر نڪري ويس.
عباس جي جاءِ تي ادبي محفل ٿي. ان ۾ وڃڻ بہ ضروري هو. خبر هيم تہ ڪلاڪ ۾ جند مشڪل ڇٽندي. پر جي ڪلاڪ ۾ موٽي اچڻ جو انجام نہ ڏيان ها، تہ ڪلاڪ ويھي ڳالھيون ٻڌڻيون پون ها! خيال هو تہ محفل جي وچ مان کسڪي ايندس. گهٽ ۾ گهٽ ڪڪي کي نااميد ڪرڻ جو ويچار ڪو نہ هو.
عباس جي جاءِ تي پھتس، تہ محفل اڳي ئي متي بيٺي هئي. حليم ڏاڍي زور سان چئي رهيو هو: ”مان انڪار ٿو ڪريان تہ هن شيءَ ۾ ڪو صحتمند خيال پيش ڪيو ويو آهي. ان ڪري افسانو چوڻ بہ غلط آهي. فن جي خيال کان هن ۾ سخت ڪمزوريون آهن، هر لحاظ کان هيءَ تحرير هڪ ناڪام ڪوشش آهي...!“
ڇا پڙهيو ويو هو، ڪنھن پڙهيو هو- خبر ڪا نہ هئي. دير سان پھچڻ جي اها ئي سزا ٿيندي آهي.
شورش چوڻ شروع ڪيو، ”مون کي حيرت آهي تہ خير محمد جي هن پيشڪش کي افسانو مڃڻ کان ئي انڪار ڪيو وڃي ٿو: جيتوڻيڪ افساني جون سموريون وصفون – افسانوي طرز بيان، هڪ مرڪزي خيال، دلچسپ گفتگو ذريعي ڪردار نگاري، ۽ ترقي پسند لاڙو – سڀ ڪجهہ تہ منجهس آهي! باقي رهي ”لذتيت“، سو جيڪڏهن ڪا شيءِ ٻڌندي ”لست“ نہ اچي، تہ باقي ٻڌجي ئي ڇو؟ ”ڏسڻو اهو آهي تہ اديب يا فنڪار پنھنجي تخليق ۾ سستي تيت ٿو پيدا ڪرين. دلسوز لطف. منھنجي دعويٰ آهي تہ ”اٺن مڙسن جي جوءِ“ سنڌي ادب ۾ هڪ نئين موڙ طرف اشارو آهي. سوچيو تہ سھي ويچاري مظلوم عورت – پيار ۽ محبت لاءِ تڙپندڙ عورت. سندس پھريون مڙس ابي جي عمر جيڏو آهي، جو کيس جاڳائي تہ ٿو پر خوش نہ ٿو ڪري سگهي. ٻيو يار آهي، جو کيس ڀڄائي وري وڪرو ڪري ٿو ڇڏي. هڪ پنھنجي موت مري ٿو، تہ ٻيو کيس ان ڪري پرڻايو وڃي ٿو، جو هو مري ويل جو ڀاءُ آهي ۽ هو کيس ايترو تہ ماري ٿو، جو هوءَ سر بچائڻ لاءِ ڀڄي نڪري ٿي ۽ اهڙيءَ طرح عورت ماءُ، ڀيڻ، زال، ڌيءُ، اٻوجهہ، معصوم، ڪمزور ۽ بي دست وپا – هن مرداڻي سماج جي ٿڦڙن کائڻ لاءِ زندگيءَ جي عمر جي بحر ۾ لڙهڻ شروع ڪري ٿي! سوچيو تہ ڪيتريون نہ عورتون آهن، جن جي لاءِ زندگي مستقل جيل آهي، جھنم آهي، هڄڻ آهي ۽ بي موت مرڻ آهي! محنت مزدوري ڪرڻ، لٽا ڌوئڻ، ٻھاري پائڻ، گونھن- مٽ ميڙڻ، پيھڻ، پاڻي ڀرڻ، رڌڻ پچائڻ ۽ موچڙا کائڻ، اهو عورت جو روزانو ڪاروبار آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ ظلم آهي هن کي چوديواريءَ ۾ بند ڪرڻ، جنھن سندس سوچ، خوداراديءَ، خودداريءَ کي ختم ڪري، کيس مرد جي حڪمن خواهشن ۽ خيالن جو رانديڪو بڻائي ڇڏيو آهي. ڪڏهن توهان ان تي سوچيو آهي..... ۽ ان ڏس ۾ ڪجهہ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ هيءُ افسانو هر سوچيندڙ شريف انسان لاءِ سندس ماءُ، ڀيڻ، زال، ڌيءُ، چاچيءُ، ماميءَ مطلب تہ هر عورت طرفان للڪار آهي! مظلوم دنيا ۾ گهڻي ئي آهن، پر عورت جي نسبت سڀ ظالم آهيون!....
ڳالھہ ڪجهہ سمجهہ ۾ اچي رهي هئي. خير محمد جي افساني اهي سمورا پھلو پيش ڪيا هئا يا نہ، پر هي بحث ڏاڍو دلچسپ رخ وٺي رهيو هو.
نور چيو: صاحب صدر! شورش صاحب ڪجهہ اهڙي طرز تي ڳالھايو آهي، جو اها ڳالھہ بنيادي طرح سمجهڻ جي ضرورت آهي تہ عورت کي آزادي ڏيڻ مان فائدا گهڻا آهن يا نقصان. منھنجي ناقص عقل موجب عورت جي جاءِ گهر ۽ ڪٽنب ۾ آهي ۽ جن خرابين ڏانھن هيءَ آکاڻي اشارو ڪري ٿي، سي هڪ خراب معاشري جي پيدائش آهن. جيڪڏهن اسان جو معاشرو اسان جي مذهبي احڪام تي، نيڪ نيتيءَ سان هلايو وڃي، تہ اهي خرابيون پيدا ئي ڪين ٿين. ٻئي طرف، توهان کي خبر آهي تہ مغربي ملڪن ۾ عورتن جي آزاديءَ ڪھڙا انگور ڪڍيا آهن: سو شادين مان پنجھتر جو نتيجو طلاق جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ بداخلاقي وڌي رهي آهي. اسان جي پنھنجي ملڪ ڏانھن بہ نظر ڪريو تہ ڪا ڪاليجي ڇوڪري پاڪدامن آهي!“
شڪر آهي جو مولانا نُور ڪنسي رپورٽ ڪا نہ پڙهي هئي، نہ تہ انگ اکر ڏيئي بِرُ ڪري ڇڏي ها- هونئن بہ ڳالھہ کي وڌائي ٺاهي پيش ڪرڻ تہ مولانا صاحب جو پيشو هو.
سڀني چيو: ”ٺيڪ آهي. پھريائين اهو طئي ٿئي تہ ”عورت جي سماج اندر صحيح جاءِ ڪھڙي آهي؟“
محبوب چيو: ٻيلي ٻڌايو تہ سھي، عورت هڪ دفعو ڪنھن سان محبت ڪري تہ هوءَ ڇو جُوٺي يا باسِي سمجهي وڃي ٿي. مرد سڄي عمر عيش ڪري تہ بہ نت نئون ۽ ڪنوارو ڇو سمجهيو وڃي؟ جيتوڻيڪ محبت ڪرڻ سان نہ عورت گَسي ٿي وڃي ۽ نہ مرد – بشرطيڪه حد کان مٿي چڙهي نہ وڃن. آءٌ تہ فري لو (آزاد محبت) جو قائل آهيان....... پر ...... پر منھنجي محب ڏي ميريءَ نظر سان نہ نھارجو، ڇو تہ پرايون نظرون بہ عورت کي ناپاڪ ڪري ڇڏين ٿيون!
هارون: ”ميري سان ميري، تيري سان هون هون“ بلڪل عياشيءَ جو پروانو آهي!“
....... سو، ”ڪوڪو شاستر“ کان وٺي انسان جي دنيا ۾ پيدا ٿيڻ جي مقصد تائين داستان ڇڙي ويا. بدقسمتيءَ سان، جا ”بحث جو موضوع“ هئي سا مجلس ۾ هڪ بہ ڪا نہ هئي. اسان جي بھشت مان رڳو حوا ئي خارج آهي. آدم ۽ آدم جا پُٽ ڪڻڪ بہ پاڻ ۾ ويھي ونڊيندا آهن!
مسرور چيو: ”پاڻ آهيون قلندر شخص- اصول جي پاڻ وٽ وقعت ڪانھي. شاديءَ جو تڪلف پاڻ کان ڪونہ پڄندو. ”جتي پڪي، تتي کاڌي“ – اهو اصول پاڻ ٻيءَ ڌر لاءِ بہ تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون! ”گهر گهوڙو ٻڌي ڪُتر ڪرڻ، پاڻ کان ڪا نہ پڄندي!“
الياس چيو: ”منھنجي راءِ ۾ آزادي ٻہ – ڌاري ترار آهي. جي زالن کي آزادي کپي، تہ ڪٽنب جي پيٽ پالڻ ۽ گهر جي خرچ پکي هلائڻ لاءِ کين بہ بھرو وٺڻو پوندو. مان گهر ڌياڻين، مزور يا هاري عورتن جي ڳالھہ ڪا نہ ٿو ڪريان. اهي ويچاريون تہ پنھنجي مڙدن کان بہ وڌيڪ ڳھنديون رهنديون آهن. مان پڙهيل ڳڙهيل زالن جي ڳالھہ ٿو چوان. سندن تعليم جو فائدو ئي ڪھڙو، جي هو رڳو پنھنجي گهوٽ جي گهر جي زينت بڻجي وڃن ۽ سندن علم ۽ صلاحيتن جو فائدو نہ گهر کي ملي ۽ نہ پَرَ کي! پڙهيل ڳڙهيل زال جي حيثيت جيڪڏهن گهر جي ٻئي فرنيچر وانگر رڳو دوستن کي رشڪ ڏيارڻ يا پنھنجي برتريءَ جي احساس کي زور وٺاڻ لاءِ هجي، تہ آخر ان تعليم مان ڇا هڙ حاصل......؟
آصف چيو: ”آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ عورت کي آزاد ٿيڻ گهرجي. ان مان گاڏيءَ جي ٻن ڦيٿن جي برابريءَ کان وٺي اڄڪلھہ جي رومانٽڪ محبت، رفاقت وغيرہ جي دليلن تائين سڀ حوالا ڏيئي توهان کي ٿڪائڻ نٿو چاهيان، ڇو تہ مان پاڻ ٿڪجي پوندس. ان ڪري، قصو مختصر تہ مان پنھنجي محبوب يا زال کي- جيڪو رتبو کيس وڻي، قبول ڪري سگهي ٿي. بلڪل قسم کڻي يقين ڏياري سگهان ٿو ۽ توهان شاهد هججو، تہ سندس آزاديءَ ۾ ڪا بہ ارچڻ نہ وڌي ويندي، پر ان عيوض آءٌ بہ يقين وٺڻ گهران ٿو تہ مون کي سندس چاڪر، محافظ ۽ پوليس وارو وغيرہ بڻجي سندس پٺيان نہ وڃڻو پوندو: جي آزادي کپين تہ پنھنجي عزت ۽ عصمت جي حفاظت بہ پنھنجي مٿي پاڻ ڪن، پوليس واري جا فرائض پاڻ کان نہ پڄن!“
ڳالھہ دل وٽان هئي! جي سھيلين وٽ وڃڻو هيس، تہ نوڪر ساڻ ڪري وڃي. پر جي مان گهر هجان، تہ کڻي ”پليٽو“ پڙهندو هجان تہ بہ اهو ڇڏي هن سان ساڻ وڃڻو پوندو ۽ عزت وري اهڙي ملندي، جو پاڻ ويٺي ساهيڙين سان ڊارون ڊشا هڻندي ۽ گلا غيبت ڪندي ۽ اسان کي رڳو پريان پيا ٽھڪ ٻڌڻ ۾ ايندا! هڪ ڀيري دل سرڪي تہ ڏسان تہ ڇا تي ٿيون کلن. کڻي ڪٿان ليئو پائي ڏٺم پڪڙجي پيس. گهر موٽي اچي چيائين، ”هيڏا سارا ٿيا آهيو، اڃان پيا ٽيڏ ڪيو ٻين ڏي نھاريو! – ڪيڏي نہ مون کي لڄ آئي!“
سو هي محافظ جو ڪم سچ پچ ڏکيو آهي. هڪ ڏينھن ڪڪي کي ساڻ ڪري، وچ بازار مان لنگهي وئي اسان جي ماساتين جي گهر. شھر ننڍو، جتي عورتون رستي تي گهمن ئي ڪو نہ. جي لنگهن تہ موٽر ۾ ڦرڙات ڪري لنگهي وڃن يا گاهي گاهي برقعي ۾ لنگهي وڃن. پر هيءَ منھن اگهاڙي سري بازار مان لنگهي ويئي. رستي جي ٻنھي پاسن کان ماڻھو بيھي کيس ڏسڻ لڳا. جيئن ئي کيس احساس ٿيو تہ سڄي بازار کيس آترويلا سان ڏسي رهي آهي، تہ هن پنھنجي رئي کي سوڙهو ڇڪي تڪڙو هلڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪڪو آهستي آهستي هلي رهيو هو ۽ هوءَ شرم جي ماري اهي ٻہ منٽ ٻہ ڪلاڪ سمجهي، سڄي پگهر ۾ تر ٿي ويئي، موٽي آئي تہ چيائين، ”مئا ماڻھو آهن ڪين بگهڙ! ائين پيا ڏسن، ڄڻ سڄو ڳڙڪائي وڃن!“
چيو هومانس، آهين بہ ڳڙڪائڻ جھڙي نہ! تنھن تي هوءَ رُسي ويھي رهي. سو، جي آزادي کپين، تہ پنھنجي پيرين سيرين بيھن ۽ هلن، ٽيڪ لاءِ مرد کي لٺ نہ بڻائين.
”قلندر“ وري وارو ورتو. چيائين: ”مابدولت ان حد تائين وڃن لاءِ تيار آهي، جي اسان جي آئيندي جي محبوبڙي لاءِ ”فريڊم آف ائڪشن“ (عشق جي ميدان ۾ آزادي) چاهيندي، تہ مابدولت کي ڪو بہ اعتراض نہ رهندو. پر جيڪي ٻار پيدا ٿيندا انھن کي پالڻ پوسڻ جي ذميواري گڏيل يعني اڌواڌ ٿيندي.... پر ان لاءِ بہ کيس ثابت ڪرڻو پوندو تہ خالص منھنجا ٻار ڪھڙا آهن- باقيءَ جي ذميواري ٻين تي رهندي!“
غيور چيو: ”هي ساريون ڳالھيون اسان جي اخلاقي قدرن، مذهبي روايات ۽ قبائلي غيرت جي خلاف آهن. هي مغرب – زدہ خيال آهن، عمل ۾ نر فطرتن حاسد آهي ۽ پنھنجي کي پنھنجو ۽ پرائي کي بہ پنھنجو بڻائڻ جي جذبي هيٺ ڪم ڪري ٿو.“
رحيم چيو: ”اسان پنھنجي موضوع کان پري هٽندا پيا وڃون، ماڻھو پنھنجو عمل حقيقتن مطابق ڪندو آهي ۽ اصول صرف حقيقتن کي سمجهائڻ ۽ انھن تي روشني وجهڻ ۾ مددگار ٿيندا آهن. اسان مان ڪھڙو آهي، جيڪو دل ۾ ڪيتريون ئي تمنائون رکندي بہ انھن کي عملي جامو پھرائي سگهي ٿو؟ صرف ماڻھوءَ کي ڊڄڻو بہ نہ ٿيڻ گهرجي. جنھن ڳالھہ کي هو ٺيڪ مڃي، تہ ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش بہ ڪرڻ گهرجيس. اسان سڀ ڪنھن حد تائين عورتن جي آزاديءَ جا قائل آهيون: پر ڪيترا آهن، جي انھن خيالن تي عمل ڪندا آهن؟ توهان مان ڪيترا آهن، جي آزادي جا اعلان ڪندي، ڪڏهن پنھنجي زالن ۽ ٻارن ۽ ڌين، ڀينرن کي رڳو گهمائڻ بہ وٺي ويندا هجڻ؟ توهان مان ڪير آهي، جو پنھنجيءَ ڪنھن بہ مائٽياڻيءَ کي پنھنجي شريف کان شريف دوست جي سنگت ۾ آڻڻ لاءِ تيار هجي؟ عورت جي آزاديءَ طرف پھريون قدم آهي هن تي اعتبار- جي اهو اعتبار نہ آهي، تہ هوءَ ڪنھن حد تائين غلام رهندي، پر جي آزاد ٿي تہ هن کي اڏامي وڃڻ جو بہ بنيادي حق آهي.
چانھہ آئي. بحث گهٽجي وري تيز ٿيندو رهيو. عباس جي جاءِ مان اٿي يارن جو ٽولو هوٽل ۾ اچي ويٺو ۽ آخر اڌ رات جو هوٽل واري دروازا بند ڪرڻ شروع ڪيا، تڏهن محفل ٽٽي، گهر اچي در کڙڪايم. در تہ لاٿائين، پر ائين ڏٺائين ڄڻ چئي رهي هئي. ”تو کي گهر ٻار جي ڪھڙي پرواھہ.... توکي پنھنجا سنگتي جو آهن.“
مون ماٺ ۾ ڪپڙا لاٿا. هوءَ چپ چاپ ڳوڙها ڳاڙڻ ۽ پوءِ سڏڪا ڀرڻ لڳي. چيائين: ”توهان شادي ڇو ڪئي، جي منھنجا هي حال ڪرڻا هُيَوَ؟ منھنجو نہ، تہ ڪڪي جو تہ خيال ڪريو ها. ويچارو روئي روئي سمھي پيو.“ تڏهن مون کي ياد آيو تہ مون کين سئنيما ڏيکارڻ جو واعدو ڪيو هو!
مون چوڻ چاهيو، ”مون کان وسري ويو“.... پر مون کي ائين چوڻ جي همت نہ هئي، ڇو تہ اهو جملو سئو دفعا ڪم اچي چڪو هو. هن برسڻ ٿي چاهيو. مون ڳوڙهو ڳيھي سمھڻ ٿي چاهيو. هن چڙي چيو: ”توهان کي ٿي ڇا ويو آهي؟ ڳالھايو بہ نہ ٿا!“
چيم: ”ڇا چوان! مٺِي اهو ئي حال آهي!“
هن اکيون مٿي ڪري، مون کي شوڪي ڏٺو. مون کي ترنگ اچي ويو.
چيم: ”الائي ڪڏهن زمانو بدلبو!.... ڪڏهن بھار ايندو!“
ڳوڙهن ڀريل اکين سان هن منھنجي ڳوڙهن ڀريل اکين ۾ ڏٺو. چيائين توهان روئو ڇو ٿا؟..... ۽ پوءِ هن ائين سيني ۾ جاءِ ڏني، ڄڻ آئون بہ سندس ڪڪو هوس.

(مھراڻ، 4 – 1956ع)

مٺي (زينت عبدﷲ چنا)

ٻين عورتن سان گڏ هوءَ بہ منھنجي مالڪڻ وٽ مزوري ڪرڻ ايندي هئي. هوءَ ٻين وانگر گهڻو ڳالھائيندي نہ هئي، پر ڪم سڀني کان گهڻو ڪندي هئي، جو ڪم ٻين کان نہ ٿيندو هو، مان هن کي چوندو هوس، تہ هڪدم ڪندي هئي. ٻيون عورتون سڀني نوڪرن چاڪر سان کلنديون ڳالھائينديون هيون، پر هوءَ ڪنھن سان بہ ڪو نہ ڳالھائيندي هئي، جي ڳالھائيندي هئي تہ فقط پنھنجي پٽ دائود سان. دائود عمر ۾ چئن پنجن سالن جو هو، پر پنھنجي تندرستي ۽ بوتي جي ڪري ستن اٺن سالن جو پئي لڳو. سندس اکين ۾ شهزادن جھڙو چمڪو هو ۽ جنگجو سپاهيءَ وانگر منجهس جرئت هئي. هلندو هو تہ سينو تاڻي هلندو هو. ڄڻ ڪو وطن دوست پنھنجي سيني تي گوليون کڻي نڪتو آهي. ڏاڍو وڻڻ جھڙو ٻار هو.
هڪ دفعي مان پنھنجو پيار روڪي نہ سگهيس ۽ کيس ڳل تي هڪ ”مٺي“ کڻي ڏنم. دائود روئڻ لڳو ۽ ماءُ کي چوڻ لڳو: ”امان هن هتي ”ڇي“ لڳائي آهي. دائود جي ”ڇي“ تڏهن لٿي جڏهن ماڻس ڳل تي بار بار مٺيون ڏنيون. مان ڏاڍو شرمندو ٿيس. دل ۾ سوچڻ لڳس تہ هن ڇوڪري تي آخر ڪيئن فتح حاصل ڪجي! ٻار مون کي بہ پنھنجو هو، پر هن کي ڪنھن بہ کاڌي جي شيءِ سان هر ڪو فتح ڪري ٿي سگهيو: ان ۾ ايتري جرئت ڪٿي؟ شايد ان جي ماءُ جي پيار ۾ اهڙي اونھائي نہ هئي، يا ”هر ڪا عورت ماءُ نٿي ٿي سگهي“ وارو مقولو پورو ٿي ٿي آيو. بھرحال مون کي دائود جي ماءُ جي خصلتن ۽ دائود جي جرئت انھن ڏي ويجهو ڪيو. مون ڪوشش ڪندي نيٺ انھن ڏي ويجهو قدم وڌايو.
دائود جي ماءُ هڪ بيواھہ هئي. چڱي گهر جي عورت هئي. مڙس مرڻ بعد کيس مڙس جي رشتيدارن ملڪيت ڦري ڪڍي ڇڏيو هو. دائود جي خاطر هن شرم ۽ حيا ۽ وڏائيءَ کي ڳٺڙيءَ ۾ ٻڌي مزوري شروع ڪئي هئي، پورت ان مان بہ خير ڪي ٿيندي هيس، پر هن دائود کي ڪنھن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ جي تعليم نہ ڏني هئي. پاڻ رکي سڪي کائي، هن دائود کي چڱو کارايو ۽ پھرايو ٿي. نالي ۾ هوءَ ”سوني“ هئي پر هن پاڻ کي لوھہ کان بہ سخت بڻائي ڇڏيو هو. معلوم ائين ٿي ٿيو ڄڻ هن پنھنجي ”نسائيت“ کي پري هٽائي هڪ پاسي رکي ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ هوءَ شڪل شباهت جي سٺي هئي ۽ منجهس اهو ڪي هو جو هڪ قبول صورت عورت ۾ هئڻ کپي. پر هن پنھنجي انھي مقبوليت کي پاڻ ڄاڻي ٻجهي مٽيءَ ۾ لوئي ميرو ڪري ڇڏيو هو. هوءَ صرف دائود لاءِ هئي ۽ دائود صرف هن جو هو. اهو ئي سبب هو جو هن جي ”مٺيءَ“ ۾ اها پاڪيزگي هئي جو دائود لاءِ هر درد جو درمان ۽ ايذاءَ جو علاج اها هڪ ئي ماءُ جي مٺي ڪافي هئي. مون ڪيترا دفعا دائود جي بک بہ انھيءَ ”مٺيءَ“ سان دفع ٿيندي ڏٺي.
گهڻي ڪم، بک ۽ فاقن آخر سونيءَ کي ڪيرائي وڌو. مون ڏٺو پئي تہ هوءَ آهستي آهستي موت ڏي وڌندي وڃي؛ پر هن ڪڏهن بہ ڪنھن جي مدد وٺڻ قبول نہ ڪئي. انھيءَ قسم جي گفتگو کان هوءِ هميشہ نٽائيندي هئي. اکئين پئي ڏٺم: تہ انھي قسم جي خود داري کيس موت جي منھن ۾ اڇلائي رهي هئي. پر هن جي اها ئي روش ۽ اهو ئي ڍنگ، جو ڄڻ تہ ظاهر ظھور چئي رهي هجي: ”مون ۾ توهان جو ڇا، ڇا ۾ اوهان منھنجا آهيو!“ ڪڏهن ڪڏهن کيس ڏسڻ ويندو هوس. پر ڪيترو آخر، ڪو ڪنھن وٽ انھن حالتن ۾ ايندو ويندو رهندو؟
هڪ ڏينھن صبح جو وقت هو تہ دائود منھنجي دروازي تي مون کي سڏي چوڻ لڳو: ”امان ٿي سڏئي“. مان ترت ئي ساڻس ويس. ڏٺم تہ سوني آخري پساهن تي آهي. پنھنجي سيرانديءَ کان سڪل مانيءَ جي ٽڪر کڻي دائود کي ڏنائين ۽ دائود جي ٻانھن مون کي ڏنائين. دائود زوريءَ مون کان ٻانھن ڇڏائي ماءُ جي منھن تي منھن رکيو، پر سندس ماءُ جي ”مٺي“ اڌوري رهجي وئي ۽ دائود روئندي روئندي اتي ئي سمھي پيو. مان ستل دائود کي گهر کڻي آيس. منھنجي زال ھھڙي مھانگائيءَ جي وقت ۾ دائود کي پاڻ وٽ رهائڻ کان ڪيٻايو، مون مالڪڻ کي ستايو، دائود جي حال تي رحم ڏياريو، کيس چيو: ”دائود لاوارث ۽ يتيم آهي، اوهان جي ۽ اوهان جي ٻچن جي بچت سچت کائي وڏو ٿيندو، وڏو ٿي اوهان جي گهر جو نمڪ خوار نوڪر بڻجندو“ پر مالڪڻ هڪ يتيم ڇوڪري کي پنھنجي مٿان مصيبت سمجهي پاڻ وٽ رکڻ کان انڪار ڪيو. آخر شام جو مالڪ آيو. انکي ستايم، جنھن خدا ترسي ۽ دردمنديءَ خاطر دائود کي رهائڻ قبول ڪيو ۽ مالڪڻ کي سمجهايو ۽ دائود اتي رهڻ لڳو.
پر دائود اهو ساڳيو دائود نہ رهيو، جنھن کي هڪ ڏينھن منھنجو پيار ”ڇي، ڇي“ ٿي لڳو هو، سو هينئر منھنجو پيار هيڏانھن هوڏانھن جون نظرون بچائيندي چپ چاپ برداشت ڪندو هو، بلڪل اهڙيءَ طرح جھڙيءَ طرح هڪ بکيو برهمڻ ڪيترن ڏينھن جي بک سبب لڪي ڇپي ڪنھن اڇوت جو ڀت کائيندو هجي. هو جڏهن پنھنجي مزي ۾ ايندو هو. تڏهن خوب هيڏانھن هوڏانھن ڊوڙندو هو، راند ڪندو هو. مان سمجهندو هوس تہ اجهو ٿو ڪري، پر ڪرندو ڪو نہ هو، ڇو تہ کيس خبر هئي تہ هر ڌڪ، هر زخم جو علاج ”مِٺي“ تہ گهڻو اڳ کانئس جدا ٿي چڪي هئي. ڇوڪرا کيس ماريندا هئا، پر هو چپ رهندو هو: اکين ۾ پاڻي ايندو هوس، پر اوڇنگارون ڏئي ڪو نہ روئندو هو. هو ڏينھون ڏينھن پنھنجو پاڻ ۾ ڇپندو ٿي ويو، منجهانئس اها جرئت، اها البيلائي جيئن پوءِ تيئن گم ٿيندي ٿي وئي. مان جڏهن اهو ڏسندو هوس تہ مون کان ”آھہ“ نڪري ويندي هئي!
هڪ ڏينھن دائود کي ڪجهہ وقت گهر ۾ ڪو نہ ڏٺم، اوچتو مالڪڻ جي رڙين تي معلوم ٿيم تہ مالڪڻ جي ٻارن سان ٻاهر نڪري ويو آهي ڇو تہ مالڪڻ چوڻ لڳي تہ ”ڇورو ندورو، منھنجي ٻارن کي بہ الائي ڪٿي رلائڻ وٺي ويو آهي.“ مان ڊوڙندو ٻاهر ويس، سامھون ڏٺم تہ ميدان ۾ ٻار تہ سڀ هئا، پر پرئين پاسي کان هڪ ڏاند کي ٻارن ڏي ڊوڙندي ڏٺم، هڪ بہ ويو ٻہ بہ ويا، ڊوڙي اڳتي ويس، پر ڏاند اڳ ئي ٻارن وٽ پھچي چڪو هو. ٻار تہ ڀڄي ويا. پر مالڪڻ جو ننڍڙو ڪڪو ڀڄي نہ سگهيو. دائود جڏهن اهو ڏٺو تہ هن هڪدم ڪڪي کي ڌڪو ڏئي ڏاند جي اڳيان ٿي بيھي رهيو. ڪڪو بچي ويو ۽ دائود زخمي ٿي پيو. مان جڏهن پھتس تہ ڪڪو روئي رهيو هو ۽ دائود بيھوش پيو هو. مون بيھوش دائود کي ڪلھي تي کنيو ۽ ننڍڙي مالڪ کي چيچ کان ورتو. گهر پھتس تہ مالڪڻ ڪاوڙ مان چيو: ”منھنجو ٻچو پيادل پيو اچي ۽ بادشاھہ زادو ڪلھي تي کنيو پيو اچين؟“ مون ڪڇيو ڪو نہ ۽ دائود کي پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ کڻي ويس. گهڻن جتنن بعد بيھوش دائود هوش ۾ آيو. هوش ۾ اچڻ بعد هو روئڻ لڳو. مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي تہ هو ماٺ ڪري، پر اڄ دائود کي مٺيءَ جي ضرورت هئي، جا هن جي دک جو درمان هئي: پر اها مٺي اچي ڪٿان!
منھنجو دماغ ڦاٽي رهيو هو، سر جي درد کان زيادہ مون کي دلي درد هو: ڇو تہ دائود جي روئڻ مون کي بي قابو بڻائي ڇڏيو هو. ننڍڙي مالڪ کي تہ ڌڪو کائيندي ٿورو زخم ٿيو هو، پر دائود جو تہ هر عضوو زخمي پيو هو ۽ علاج ننڍڙي مالڪ جو ٿي رهيو هو. ڊاڪٽر موٽرن ۾ پئي آيا، آرام ۽ کاڌي جا مشورا پئي ٿيا، ننڍن ۽ وڏن پئي پڇيو. مون کي اهو حال ڏسي مفلسي ۽ بي وسيءَ تي غصو پئي آيو ۽ هر هر دائود ڏانھن وحشت ڀرين نگاهن سان پئي نھاريم. ڪڏهن ڪڏهن دل ۾ ويچار پئي آيم تہ آخر هيءَ مصيبت مون ڇو پالي جنھن دلي آرام وڃايو آهي، جنھن مون کي منھنجي نظرن ۾ ايڏو بيوس ۽ مجبور ثابت ڪيو آهي. اها حالت شايد دائود بہ سمجهي ورتي، ڇو تہ ان جون خاموش نگاهون چئي رهيون هيون تہ تنھنجو پيار ڪوڙو تڏهن تہ جلد ڪڪ ٿي پيو آهين، ان ڪري تہ تنھنجي پيار ۾ ”ڇي“ هئي. مان پاڻ کي نھايت شرمندہ سمجهڻ لڳس، مون ۾ دائود سان اکين ملائڻ جو تاب نہ رهيو.
مٿي جي سور جي هوندي بہ مان سڄي رات جاڳيس، ڇو تہ دائود کي زخمن جي سور ڪري بخار هو ۽ هو ساري رات روئندو رهيو. صبح ٿيڻ ۾ ڪجهہ دير هئي تہ دائود ننڊ ۾ روئندي چيو ”امان تون اچي وئينءَ!“ مون جلد وراڻيو ”ها“ ۽ جهٽ کڻي مٺي ڏني مانس. دائود جو چھرو ننڊ ۾ ئي ٻھڪڻ لڳو ۽ اکيون کولي مون ڏي نھاري روئڻ لڳو. مان پريشان ٿي ويس: آخر چيم، ”دائود پٽ تون جيڪي گهرين ٿو سو مان ڄاڻان ٿو پر.....!“
اتي مالڪڻ جو سخت گير آواز آيو، ”ڪمبخت ڄاڻين ٿو تہ پوءِ ان موجب ڇو نہ ٿو ڪرين؟ سڄي رات ڪتي جي پونگڙي وانگر ”پين، پين“ ڪري، منھنجي ٻچي جي ننڊ ڦٽائي اٿس. هڪ تہ ان کي ڪچلي آيو آهي، ٻيو اک لڳڻ نہ ڏني اٿس. ڪڍ هن کي ٻاهر! جي هن کي نٿو ڪڍين تہ کڻ تون بہ بسترو مون کي ڪونہ کپين، نڪرو هن گهر کان ٻاهر.“ ائين چئي هوءَ منھنجا ٽپڙ ٽاڙي ٻاهر اڇلائڻ لڳي.
سڄي دنيا صبح جو مٺي ننڊ ۾ مست هئي ۽ مان پنھنجو سامان هڪ غريب جو سامان جنھن ۾ نہ پلنگ هئا نہ فرنيچر هو- فقط هڪ چادر ۽ ڪجهہ بچيل چانور ۽ اٽو هو: ڪُنا ۽ هنڊيون تہ مالڪڻ جي غصي جو کاڄ ٿي چڪا هئا: منھنجيءَ زال ستل ٻار کنيو ۽ مون ڳنڍڙي کنئي ۽ بيھوش دائود کي ڪنڌ تي رکيو ۽ هڪ نامعلوم منزل ڏي وک وڌائي، ڪاش! دائود کي ان وقت چئي سگهان ها! ”دائود تنھنجي درد جي درمان ”مٺي“ منھنجي وس ۾ ڪانھي..... تنھنجي اها مٺي آخر آءٌ ڪٿان آڻي توکي ڏيان!“ پر ان وقت دائود اها منھنجي ايڏڙي ڳالھہ سمجهي بہ ڪين سگهي ها!

(مھراڻ سيارو – 1955ع)

اَلا جهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي.....! (غلام رباني)

ڇُٽي خان جو ڳوٺ صدين کان انھيءَ ٽڪري جي دامن ۾ آباد هو، جنھن جي ڇيڙي تي نئون ٻڌل شھر، سٺي بندرگاھہ ۽ ملڪ جي گادي ٿيڻ سبب، روز بروز وڌندو ويجهندو، چوطرف پکڙبو پئي ويو. ڳوٺ ڇا هو – بس چاليھارو کن ڪکاين جهوپڙين جو هڪ ويڙهو هو. سموريون جهوپڙيون هڪ ئي رنگ ڍنگ تي ٺھيل هيون. ٽڪنڊن، چوڪنڊن ۽ گول مول پٿرن جون آسيريون پاسيريون ۽ ٽيڏيون ڀتيون، جن جي سوراخن ۽ ڳڙکين مان. هوا جي جهوٽي سان، نہ رڳو مٽي پر ڪک پن بہ آرپار ايندا ويندا هئا. ڇتيون سڀني کي ڪکايون هيون، کجيءَ جا اڻ گهڙيا، اڻ وڍيا ڦرها، ڪامن ۽ پٽين جي جاءِ تي رکيل هئا، مٿانئن وري سُڪل پَنَ پکيڙيل هئا، سڄي ڳوٺ ۾ فقط هڪ جاءِ هئي، جنھن کي ٽين جي ڇت پيل هئي، نہ رڳو ٽين جي ڇت پر ان جي ڀتين کي پوچي پڻ ڪيل هئي. – اها هئي ڳوٺ جي مسجد.
سو انھن ڪکائن اجهن جي هيٺ ”ڇٽي خان“ جا رهاڪو پنھنجو سيارو سانوڻ ڪاٽيندا هئا. سندن ابا ڏاڏا ۽ تن جا ابا ڏاڏا بہ انھن ئي ڪکن ۾ پنھنجا ڏينھڙا گهاري ويا.
هونئن تہ قديم زماني کان وٺي، ڇُٽي خان جي رهاڪن جو گذر سفر مڇي مارڻ تي هوندو هو، پر جڏهانڪر ڀر ۾ نئون شھر اڏيو هو، تہ ڪي جوان شھر ۾وڃي محنت مزدوري ڪندا هئا. ڪن تہ بيل- گاڏيون ۽ گڏھہ – گاڏيون بہ خريد ڪيون هيون، جن تي هو بار ڍوئيندا هئا.
جوان مڙس پرھہ ڦٽيءَ سان پورهئي پٺيان ويندا هئا. باقي رهندا هئا ٻُڍا، ٻار ۽ زالون، پوڙها، صبح مرداني سان وڃي مسجد جو در وٺندا هئا. علُو ٻانگي جي عادت هئي تہ اسر ڏيئي اٿندو هو، ۽ اڃا اُڀ تان تارا مٽيائي نہ هوندا هئا تہ ٻانگ ڏيئي ڇڏيندو هو. هڪ هڪ ٿي، نمازي گڏ ٿيندا هئا ۽ نماز پڙهڻ ويل سڄو صحن ماڻھن سان ڀرجي ويندو هو. نماز پڄاڻان، دور ۽ ذڪر جي هونگار ڏيڍ پھر ڏينھن چڙهي اچڻ تائين جاري هوندي هئي - ۽ پوءِ پوڙهن جي محفل مچندي هئي، حاجيءَ جي هَٽ تي.
ٻارن لاءِ ڪا مشغولي مورڳو ئي ڪا نہ هئي – ڏيڍ پھر ڏينھن ننڊ مان اٿندا. اسڪول وغيرہ تہ ڳوٺ ۾ هو ئي ڪو نہ، ٻار سڄو ڏينھن گهٽين ۾ پيا ڦيريون پائيندا- ابتيون سبتيون، بي معنيٰ بي مطلب يا وري ڦريو گهريو اچي حاجيءَ جي هٽ تي پوڙهن جون رهاڻيون ٻڌندا. بس علو ٻانگو ڪانڀ ڪڍي حاجيءَ جي هٽ تي ويٺو، ٻارن جو مڪو متو – ڳاهٽ پيا ٿيندا. علو بہ کڻي گگ هڻندو هو، هڪڙيون لاهيندو ٻيون چاڙهيندو. چي: ”سائين، جوانيءَ ۾ اسان بہ ڪم ڪيا.... سانوڻيءَ جو درياھہ اڪيلي سر اڪريو اٿم! ميرل ماڇيءَ جي مينھن ٻڌجي وئي. خبر پيم، پگ جو ڀير ڏيئي، چورن جو پيرو کنيم. واٽ تي وڃي پُڳو مان. اڪيلي سر، ستن جوانن سان، سر جي سٽ ڏيئي مُننھن- مقابل ٿيس.... نيٺ مينھن موٽائي آڻي ڪلي سان ٻڌم!“
جوسو ڦل تہ وري علوءَ کان بہ اتر گهُرندو هو- چي: ”سائين، ڪا ڳالھہ آهي!.... هينئر پيري جهوري آهي، نہ تہ جوانيءَ ۾ گهٽ اسان بہ ڪو نہ هئاسين!“.....”سان اک اڙجي ويم. ست ڪوهيءَ تي گهر هوس. آڌي ڏيئي اٿندو هوس.... رات رات ست – ڪوهي اُڪري، وڃي ساڻس ملاقي ٿيندو هوس. روح- رهاڻ ڪري، کڻي جو کُڙي ڪندو هوس. تہ ڪڪڙن دس ئي نہ هنيا هوندا جو ڳوٺ اچي ٺھڪو ڪندو هوس!.... صبح سان اهو ئي همراهن سان گڏ، هر پاڃاري ڪلھي تي!...... چئہ تہ رات سڄيءَ ۾ اک ئي ڪين کلي هئم.....!“
ٻڍن جون اهي ٻٽاڪون ٻارن کي بہ نيٺ ٿڪائي وجهنديون هيون. ڪر موڙي اٿندا، هت هت نوس نوس ڪندا، ور وڪڙ هڻندا، وڃي وڏيءَ گهٽيءَ جو ڇيڙو ڪندا ۽ پوءِ اتان وري موٽ کائيندا، ۽ سڌو اچي حاجيءَ جي هٽ تي دم پٽيندا.
رات ٿيندي تہ گهران رکو سکو ٽڪر کائي، ٽوليون ڪري نڪرندا ۽ گهٽين ۾ واڪا ڪندا ويندا:
”اچو ٻارو! راند جو وارو......“
ڊوڙي اچي ڊڳڙ کائو! پني اچي پادر کائو....“
۽ پوءِ سندن سڏ تي ٻار، ڪُئن جيان ٻڙ مان نڪرندا، کسڪندا ايندا..... تان جو هو سڀ گڏ ٿي ويندا ۽ پوءِ ڳوٺ جي وڏي پڌر تي راند ڪندا... راند متي، تہ ڌوڙ اڏامندي، جنھن ۾ چنڊ جي چانڊوڪي ڍڪجي ويندي. ”هو ٻلھاڙو!“ جي هوڪان ۽ وانجهيءَ جي واڪن ۾ بازاري ڪتن جون ڀونڪون دٻجي وينديون هيون. چنڊ ڌيري وڌندو ايندو. رات – پَر پکيڙيندي رهندي... ۽ پوءِ جڏهن ڪَتيون ڪَر موڙينديون ۽ ٽيئي ٽيڙو اُڀا ٿي اڌ – آسمان تي ايندا، تڏهن سڀ ڪو سست ٿي پوندو ۽ ٿڪجي ٻرجي گهر ورندو، ڪن جي دل اڃا نہ ڍاپي هوندي، تہ اهي وري موڙ ٻڌي، ڪنھن گهٽيءَ جي موڙ تي ويھندا- ”سيد ديو ۽ حُسنا پري“ جا قصا ۽ ڪھاڻيون، کڻندا، پروليون ڏيندا ۽ ڳجهارتون پيا ڏيندا وٺندا. هڪڙو چوندو: ”شينھن کي نماز پڙهائي ڏي!“ .... ”نٿو اچيئي؟ چڱو ترار کي پاڻي پياري ڏي....!“ ۽ ائين واڪو ٿي ويندو.
”لَڪَڙُ ڀڄي لڪڙ کڄي: لڪڙ ۾ لارو، پي چڙهيو تارو، تاري هنيو مَنڊ، پي چڙهيو چنڊ، چنڊ ڪيئي چانڊاڻ، پي چڙهي ماڇاڻ، ماڇاڻ لاٿا آنا، پي چڙهيا ڪانا، ڪانن ڪئي هيرَ، پي چڙهيا پنج پير، پنجن پيرن ڪئي گُرڙي، پي چڙهي ڪاڻي ڪرڙي، ڪاڻيءَ ڪرڙيءَ ڏني پُٺ، پي چڙهي اُٺ، اُٺ کاڌي گوار، پي چڙهي ترار....!“
”ترار“ چوندو ۽ پڙاڏو پئجي ويندو: ”شابي! شابي گلڻ شابي! چڙهي چيلھہ ڀڳي اٿئيس!“
سو، ”ڇُٽي خان“ جي رهاڪن جي حياتي اجهو ائين موج ۽ مزي، سک ۽ سانت سان پئي گذري. بنھہ سک سانت سان اصل انھيءَ ڍنڍ جيان، جنھن ۾ ڪڏهن ڪا وير ڪا نہ چڙهي، سير ڪين اَڙهي! هميشہ وانگر، صبح سان ساڳيو سونو سج اوڀر کان اڀرندو هو ۽ لھڻ ويل چوڌاري سونن ڪرڻن جي ورکا ڪندي، هوريان هوريان جهيڻو ٿيندو، اکين اڳيان آڪاس جي نيري ساگر ۾ ٽٻي هڻندو ويندو هو.... ۽ پوءِ رات جي راڻي پنھنجا ڪارا وار ڇوڙيندي هئي.
اها ئي رات، اهو ئي ڏينھن، اهو ئي چنڊ، اهي ئي تارا، اهو ئي اڀ ۽ اها ئي ڌرتي... ۽ ائين سال لنگهي ويا.
ڀر ۾ ٻڌل نئون شھر هوريان هوريان وڌندو، ڇٽي خان جي ڳوٺ کي اوڏو پوندو آيو.... ۽ ائين ئي، ٻن – چئن سالن ۾ ڇٽي خان جو ڳوٺ نئين شھر جي گود ۾ اچي ويو.
وڏو شھر سڄي ٽڪريءَ تي پکڙجي ويو. ٽڪريءَ جي چپي چپي تي وڏا وڏا بنگلا- اصل محلات ٺھي ويا، جن جي سفيدي جڏهن اس ۾ چمڪندي هئي، تہ ائين لڳندو هو، ڄڻ ڪو ڪنگن جو ولر، پَرَ پکيڙي، ٽڪريءَ تي ٽڙي پکڙي ويٺو آهي.... ۽ ”ڇٽي خان“ جون ُاسَ ۽ مينھن ۾ ڪاراٽيل ميرانجھڙيون جهوپڙيون، انھن ڪنگن مثل بنگلن جي جهرمٽ ۾ جهرڪين جي جهڳٽي جيان لڳنديون هيون.
پر پوءِ... ڪانگن جي ڪانگيري ۾ جهرڪين جو جهرمٽ ڪيستائين؟ جهوپڙيءَ وارو، بنگلي ڌڻيءَ جو پاڙيسري ڪو سونھي!
وڏن پيٽن ۾ وڪڙ پيو.... هلنديءَ وارن حرفت هلائي... ۽ هڪ ڏينھن هڪ وڏو ميونسپل عملدار، ”ڇُٽي خان“ جي رهاڪن کي چتاءُ ڏيئي ويو تہ ”اوهان کي لڏي وڃي ڪنھن ٻئي هنڌ ويھڻ گهرجي، ۽ ڳوٺ خالي ڪرڻ گهرجي، اوهان جون جهوپڙيون ”ڪالونيءَ“ جي زيب زينت تي داغ آهن...!“
ڳوٺ ۾ ٻائيتال پئجي ويو. ٻار ٻُڍا وائڙا ٿي ويا تہ هيءَ آپدا ڪٿان ۽ ڪيئن ڪڙڪي؟
”اسين صدين کان رهندا اچون، هي ڪالھہ آيا..... اڄ اسان کي ٿا لڏائين ھھڙو ڪو انڌير!“
”نہ بابا، اباڻا ڪک اسين ڪو نہ ڇڏينداسون!“
”.... پر ڇڏيون بہ ڇو....؟“
سڄو ڳوٺ اچي حاجيءَ جي هٽ تي گڏ ٿيو. آخر ڳالھہ جو اڳ پڇ جاچي، سڀني صلاح بيھاري تہ درخواست لکائي ميونسپلٽيءَ جي وڏي صاحب کي ڏجي، کيس سموري حقيقت کان واقف ڪجي.
”ميونسپلٽيءَ جي وڏي صاحب وٽ درخواست بہ پھتي. صاحب ڳوٺاڻن کي چيو تہ، ”بابا مان ميونسپل ميمبرن جي ميٽنگ ڪوٺايان ٿو پوءِ جيڪو فيصلو ٿيو.“ ڳوٺاڻن صاحب کي ٻڌائي ويا تہ ”فيصلو ٻيصلو ڪو نہ.... ڳالھہ پڌري پٽ پئي آهي، تہ اسان کان اباڻا ڪک ائين ڇڏيا ڪو نہ ٿيندا!“
ميونسپل جي ميٽنگ گڏ ٿي. صدر صاحب ميمبرن اڳيان درخواست پيش ڪندي چيو تہ ”ڇُٽي خان“ جي رهاڪن جو رخ مٽيل آهي. اهڙو ڪو طريقو ڳولھي لھجي، جو دنگو فساد بہ نہ ٿئي ۽ ڳالھہ بہ رهجي اچي.“
ميٽنگ ۾ خوب گرما گرم بحث ٿيو. ڪنھن ڪيئن ٿي ڳالھايو، ڪنھن ڪيئن ٿي ڳالھايو، پر سڀني جو رايو اهو ئي هو تہ ڳوٺاڻن کي لڏائجي- انھيءَ ايراضيءَ ۾ چار چڱيون جايون جڙي پونديون...... ماٺ ميٺ ۾ نہ مڃين تہ ڪم ڪجي پوليس حوالي.“
هڪڙي نوجوان ميمبر- جنھن کي اڃا اهو تجربو نہ هو تہ ميونسپل جو ڪم ڪيئن هلندو آهي ۽ ڪالونين جي زيب زينت ڪيئن وڌائبي آهي ۽ وڏي ماڻھوءَ مان تھائين وڏو ماڻھو ڪيئن ٿبو آهي. اها رٿ پيش ڪئي تہ ”جيئن تہ ڳوٺاڻن کي لڏائڻ اصل مقصد نہ آهي، پر اصل مقصد اهو آهي تہ ڪالونيءَ کي صاف ۽ سھڻو رکجي: تنھن ڪري منھنجي رٿ آهي تہ ”ميونسپل طرفان، انھن سڀني جهوپڙين کي هٽائي، ساڳيءَ ئي ايراضيءَ تي، نوان ننڍڙا ۽ خوبصورت هڪ- رنگا ڪوارٽر ٺھرايا وڃن ۽ انھن ۾ ڳوٺاڻن کي آباد ڪيو وڃي.“ نوجوان ڳالھہ پوري ئي مس ڪئي تہ سڀني کلي ڏنو ”ماٺ ڪري ويھہ، ماٺ ڪري ويھہ....“
”وڏو آيو آهي جهنگلين ۽ جاهلن جو همدرد!“
”بابا، تون اڃا ٻار آهين....!“
”سکي ويندو.... سکي ويندو....“
آخر متفق فيصلو اهو ٿيو تہ ڳوٺاڻن کي لڏائجي، هونئن نہ لڏين تہ ڪم پوليس حوالي ڪجي- آخر پوليس جو ڪم بالا عملدارن جا حڪم مڃڻ ئي تہ آهي!
ڇُٽي خان جي ڳوٺ وارن کي فيصلي جي خبر پئي، تہ وسامي ويا. ”ھھڙو ڪلور!“ هنن کي خواب خيال ۾ بہ ڪو نہ هو. مڙس پِڙ هڻي بيٺا تہ اباڻا ڪک اسين بہ ڪو نہ ڇڏينداسين!“
۽ پوءِ ..... هڪ ڏينھن صبح جو سويل، جڏهن اڃا حاجيءَ پنھنجي هٽ ۾ ٻھاري بہ نہ پاتي هئي ۽ اڃا ڇڻڪار بہ نہ ڪيو هو، جڏهن اڃا علو ٻانگي کي صبح جي ٻانگ ڏني جهٽ بہ نہ گذريو هو، تہ ڳوٺ جي چوطرف غلغلو ۽ گڙگاٽ پئجي ويو... ننڍو وڏو اکيون مھٽي جهوپڙيءَ کان ٻاهر نڪتو. گهٽين جي موڙ وٽ ٻارن ٻڍن ۽ زالن جا ميڙاڪا ٿي ويا. علو مسجد مان نماز پڙهي بنا تڪڙو ٻاهر نڪري آيو. حاجي هٽ جو در ٻيڪڙي هليو آيو. جوسو بہ اکيون مھٽيندو اچي بيٺو....
ڳوٺ جي چوطرف هٿياربند پوليس بيٺي هئي. ٿورو پرڀرو ”بلڊوزر“ ٽريڪٽر بيٺي دونھان ڪڍيا – سندس گڙ گڙ جي آواز پکين ۽ پرندن جي بہ ننڊ ڦٽائي ڇڏي هئي، ويچارا ڦرڙاٽ ڪندا آکيرن مان اڏامندا، ڀڄندا پئي ويا.
پوليس ڳوٺاڻن کي ميونسپل ميٽنگ جو متفق فيصلو پڙهي ٻڌايو - ۽ بالا عملدارن جا حڪم..... ۽ تنھن بعد ”بلڊوزر“ کي اشارو ٿيو. بلڊوزر جي مشين ۾ چرپر ٿي. سندس فولادي ڦيٿا ڦرڻ لڳا. جهوپڙيون ڏڪڻ لڳيون. ٻڍا ۽ ٻار هيسجي ويا. عورتن اوڇنگارون ڏنيون. ٻارن سڏڪا ڀريا، بلڊوزر اڳتي وڌيو – اڃا بہ اڳتي وڌيو.... ۽ پوءِ هڪ ڏڪندڙ جهوپڙيءَ سان ٽڪريو.... کڙ کڙ ڪندي، جهوپڙي اچي پٽ تي پيئي! انسان جو آباد آکيرو مٽيءَ ۽ پٿرن جو ڍير ٿي پيو ۽ جهوپڙيون ڪرنديون رهيون.... ۽ آخر بلڊوزر اچي آخرين جاءِ وٽ پھتو ..... سندس فولادي پيرن ۾ ڄڻ ڏانوڻ پئجي ويا. اڳيان مسجد هئي! ڪنھن جاهل جي جهوپڙي ڪا نہ هئي.... ڪنھن جهنگليءَ جو آکيرو ڪو نہ هو، جنھن ۾ مائن جي مُرڪ ۽ معصومن جا ٽھڪ هجن – اڳيان هڪ خالي جاءِ هئي..... پر بلڊوزر جا پير اڳتي وڌي ڪو نہ سگهيا....!
۽ ڳچ ڳچ ڏينھن کان پوءِ....... ڇُٽي خان جي ڳوٺ جي جاءِ تي، ميرانجهڙين جهوپڙين بجاءِ وڏا وڏا بنگلا، املھہ محلات ڪر کنيو بيٺا هئا. حاجيءَ جي هَٽَ واري هنڌ تي هاڻي سيٺ ”عبدالسلام“ جو بنگلو هو، جنھن جي ڀر ۾ بيٺل مسجد جا منارا چمڪي رهيا هئا. سيٺ عبدالسلام مسجد کي ٻہ – ماڙ ڪري، نئين سر ٺھرايو هو.

(مھراڻ: 4 – 1956ع)

۽ مکڙي مرجهائجي وئي (شيخ حفيظ)

ها! فرزانا مري وئي هئي.... هن جي ڀاڻيجي مري وئي هئي. سڄو ڏينھن اسڪول ۾ ٻارن سان مٿا ڪٽ، ڪري هو منجهند جو گهر وريو هو، تہ ڪتاب کڻي ٻئي ڏينھن لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون هئائين. ٻانگي سانِجهي جي نماز لاءِ ٻانگ ڏني، تہ هن ويچاريو تہ جهٽ پلڪ وڌيڪ ڪم ڪري، هو سمھي رهندو. اڳين رات بہ، هو گهڻيءَ دير تائين جاڳيو هو ۽ ائين ڪندي ماڻھوءَ اچي کيس ٻڌايو تہ سندس ڀيڻ جي جهولي خالي ٿي پئي آهي. هو اٿيو، ۽ پنھنجي ڀيڻ جي گهر وڃي ماتم ۾ شريڪ ٿي ويو. پاڻ وهيڻي مشين جيان، هن اهو سڀ ڪجهہ ڪيو. هُن جي شُري تي نہ ڏک، نہ خوشي رنج نہ مُسرت – هڪ پٿر جي مورتيءَ جيان هو اچي ٻين سئون ويھي رهيو. ننڊ سندس اکين ۾ ڀري پئي هئي، ۽ هن کي ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ ڪنھن ازلي ننڊ مان ڪنھن ڀوت يا ڪنھن ڀٽڪيل روح کيس ور ور ڪري ڌونڌاڙي اٿاري ٿي ڇڏيو. اڌ ننڊ ۽ اڌ جاڳ جي انھيءَ ڪيفيت ۾، هن جي دماغ ۾ عجيب خيال اسرندا رهيا ۽ هو سوچيندو رهيو.
هن کي ياد آيو- فرزانا جڏهن پيدا ٿي هئي، تہ هن پنھنجي ڀيڻ کي مبارڪون ڪين ڏنيون هيون. الٽو کيس چيو هئائين، ”هي ڇا ڪيئي“ ادي!“ ۽ هن جي ڀيڻ کلندي وراڻيو هو، ”اهو تہ زندگيءَ جو مرڪ آهي“ ۽ پوءِ هن هڪ ڦڪي مرڪ مرڪي چيو هو. ”ادي! گل کنڊائڻ تہ بيشڪ باغبانن جو ڪم آهي، پر انھيءَ جو ڪھڙو علاج ڪجي، جو گلستان ۾ سرءُ جون چوماسي هوائون ويل وهايو ويٺيون آهن!“ هن جي ڀيڻ ڪجهہ بہ ڪين سمجهيو. هن کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ هن چيو ”جک ماريا اٿيئي“. پر ڀيڻس اڃا بہ مرڪندي رهي ۽ پنھنجي لاڏلي سڪيلڌي پھريتيءَ فرزانا کي لوڏيندي رهي. هن هڪ ٿڌو ساھہ ڀريو ۽ گهر کان ٻاهر نڪري ويو. انھيءَ ڳالھہ کي گهڻا ڏينھن گذري ويا هئا، ۽ اڄ فرزانا جي مرڻ تي هن کي اها ياد اچي وئي هئي.
هن جي خيالن جو سلسلو اتان ٿڙي، وڃي ان ڏينھن جي نظاري سان اٽڪيو، جنھن ڏينھن ننڍڙي فرزانا کي ڊاڪٽر ”لاعلاج“ چئي موٽائي موڪليو هو ۽ سندس ڀيڻ جي گهر ۾ سانت ديرو ڄمائي ويٺي هئي. انھيءَ ڏينھن بہ هو سڄي رات ڪم ڪندو رهيو هو ۽ صبح جو جڏهن هو اسڪول وڃڻ لاءِ سنڀري رهيو هو تہ کيس ڀيڻس سڏرايو هو ۽ اتي وڃي هن ڏٺو هو تہ ننڍڙي فرزانا پوين پساهن ۾ پئي هئي. پاسي ۾ سندس ڀيڻ ويٺي هئي. ڀيڻس هڪ دفعو اکيون کڻي هن ڏانھن نھاريو ۽ وري پنھنجي ڌيءَ ڏانھن نھارڻ لڳي وئي. انھيءَ هڪڙي نگاھہ مان هن ائين محسوس ڪيو، ڄڻ هن جي ڀيڻ دفتر داستانن جا ٻڌائي ڪڍيا هئا. هن محسوس ڪيو تہ هن جي ڀيڻ چئي رهي آهي: ”ڏس! منھنجي ننڍڙي معصوم ڌيءَ پوين پساهن ۾ پئي آهي. تنھنجي لاپرواهيءَ ڪري هن جي اها حالت ٿي آهي. ڪھڙو نہ چڱو ٿئي ها، جيڪڏهن تون انھيءَ کٽل کاتي ۾ هٿ نہ وجهي، سرڪاري نوڪريءَ ۾ ڳنڍيو اچين ها: پوءِ هوند توکي ايتري فرصت هجي ها، جو تون معصوم جي علاج لاءِ بہ ڪجهہ وقت ڪڍي سگهين ٿا – شايد هفتو موڪل وٺي، باقاعدي هن جو علاج ڪرائي وٺين ها.“!
هن سوچيو– هن جي ڀيڻ ائين ئي سوچيندي هوندي: ويچاريءَ کي سرڪاري نوڪريءَ ۽ سندس موجودہ ڪرت جي فرق جي ڄاڻ ڪو نہ آهي! کيس اها ڄاڻ آهي تہ لک پابنديون هوندي بہ، هو جنھن اسڪول ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، تنھن ۾ هو روزانو ڪوڙئين ٻارن جي ذهني تربيت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ويچاري ڀيڻس کي ڪھڙي خبر تہ جيڪڏهن هو ۽ هن جھڙا ٻيا سر ڦريا، پنھنجي رت ست جي قرباني ڏئي، اسڪولن ۾ هٿ نہ اٽڪائن تہ ڪائنات تي انڌوڪار ڇائنجي وڃي – هزار هٽلر ۽ مسوليني پيدا ٿي وڃن ۽ ڌرتيءَ کي دوزخ بڻائي ڇڏين. هن کي پنھنجي ڀيڻ جي سادگيءَ تي رحم اچي ويو، ۽ سندس خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو.
سامھون سندس ڀيڻويو ويٺو هو. هن پنھنجي ڀيڻويي جي اداس چھري ڏانھن نظر ڪئي. هن کي ياد آيو تہ هن پنھنجي ڀيڻويي سان بہ ٻارن پيدا ڪرڻ جي مسئلي تي بحث ڪيو هو. ايترو ڇو، هن تہ پنھنجي ڀيڻويي سان دنيا جي انيڪ مسئلن تي بحث ڪيو هو. ڪائنات ۽ ڪائنات کان ٻاهر وارين شين کي بہ تہ ڪين ڇڏيو هئائين، ۽ نتيجو.......! هن جي خيالن جو سلسلو ٿوريءَ دير لاءِ اڳتي وڌڻ کان رڪجي ويو، نتيجو ڪجهہ بہ تہ نہ نڪتو هو. ٻہ – چار دفعا انھيءَ اصولي بحث تي هن جو ڀيڻويو هن سان وڙهي چڪو هو، ۽ وري ڪجهہ وقت کانپوءِ ساڳيا لاٽون چگهہ - ۽ پوءِ فرزانا جي پيدا ٿيڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو هو. سندس ڀيڻ بہ خوش ٿي هئي ۽ هن کي ياد آيو تہ هن جي ڀيڻ هڪ ڏينھن چيو هو: ”هاڻي آءٌ بہ پنھنجي ساهرن وٽ ڳاٽ کڻي سگهنديس. هو روز روز، منھنجي مڙس کي ٻي شادي ڪرڻ جي صلاح پيا ڏيندا هئا.“ هن سوچيو شايد هن جي ڀيڻويي کي بہ اهڙي ئي قسم جو خيال دماغ ۾ هوندو - ۽ پوءِ فرزانا پيدا ٿي تہ يارهن مھينن جي اندر اندر، هن پنھنجي پيءُ کان سلھہ جا ڪجهہ جيوڙا اُڌارا ورتا – کيس بہ سلھہ ٿي پئي ۽ ڏينھن ٻن ۾ اهو بخار فرزانا جي دماغ تي چڙهي ويو ۽ کيس سرسام ٿي پيو. ڪراچيءَ جي بھترين اسپتال ۾ فرزانا کي داخل ڪيو ويو، پر پنجن ڏينھن ۾ ڊاڪٽر جواب ڏئي، اڌ مئل فرزانا کي گهر موٽائي موڪليو.
ها، فرزانا جو سرد جسم هن جي آڏو پيو هو ۽ تنھنجي پاسي ۾ گلن جي اها چادر پيل هئي، جيڪا ڪريا ڪرم ڪرڻ وارن، فرزانا جي قبر تي وجهڻ لاءِ آندي هئي. گل اڌو گابرا مرجهايل هئا - ۽ هن ويچاريو: فرزانا بہ هڪ گل هئي، پر مرجهائجي وئي – شايد، موسم کان اڳ سندس ماحول ۾، گل ٽڙڻ کان اڳ ئي مرجهائجي ٿا وڃن. هن جي خيالن جو سلسلو گلن تان، گلستانن تان ٿيندو، انھن جا راڳ آلاپيندڙ شاعرن جي گيتن ۾ وڃي اٽڪيو ۽ هڪڙو گيت هن جي ذهن تي تري آيو:
”گل ٽڙڻ ٿا چنڊ ٿو چھڪي،
ڇا سندءِ بات بات آ پيارا!“
هن سوچي – هي شاعر ڪھڙو نہ مورک آهي، هن گلن جي ٽڙڻ کنڊرڻ جي رخ کي ئي ڏٺو آهي، تصوير جو ٻيو رخ هن کان بلڪل ئي لڪل رهيو آهي. گل ٽڙن ٿا...... ها ها ...... گل ٽڙن ٿا، پر مرجهائجي ٿا وڃن – مفت، بيڪار، اجايو! ۽ هن شاعر کي انھيءَ جو احساس ئي ڪين آهي.
هن سوچيو – هي جھان بہ تہ هڪ گلستان آهي.... ۽ گل؟ ..... ها، هن کي ياد آيو، دوستن سان بحث ڪندي، هن هڪ لڱا چيو هو تہ ”جھان جا فنڪار، اديب ۽ شاعر هن گلستان ۾ اهڙا گل آهن، جن ۾ سڳن بہ آهي ۽ سونھن به“ هن جي نظر وري وڃي فرزانا جي سرد پيلي چھري تي پيئي ۽ هن سوچيو تہ هي سڀ شاعر بہ تہ فرزانا جيان موت جي گود ۾ پئجي رهندا. ”هي محبت جا گيت“، هن سوچيو، ”پوءِ بہ جڙندا هلندا، جڳ ڳائيندو هلندو، چريا چاھہ ڪندا رهندا – چند ڏينھن لاءِ ۽ وري موت جو سرد هٿ.....“
هو موت ۽ حيات جي انھيءَ ويچار وگيان ۾ کوئجي ويو. اڪيچار ويچار هن جي ذهن ۾ اسرندا رهيا. جيڪڏهن ڪائنات ۾ وڌيڪ گل اسرڻ ئي بند ٿي وڃن تہ سنسار جي سونھن جو ڇا ٿيندو؟، هن سوچيو. ”جڳ ۾ جوت قائم رکڻ لاءِ ڪي ڏيئا تہ جرڪندا ئي رهندا...... پر،“ هن کي خيال آيو: گهٽ ۾ گهٽ ڏيئن لاءِ ماحول تہ اهڙو هجي، جتي هو طوفانن جي لپيٽ ۾ اچي نہ سگهن- جتي انھن جي اجهامڻ کي ازلي قانون بہ سمجهي سگهجي.“ ۽ ڏيئن، شمعن، شاعرن تان ٽپندو، هن جي خيالن جو سلسلو وري وڃي گلستانن ۽ گلن تي بيٺو. هن سوچيو - ڇا اهڙو ماحول پيدا نہ ٿو ڪري سگهجي، جتي کڻي ڪيتري بہ ٿوري تعداد ۾ گل پوکجن، جو موسم جي حالتن جو مقابلو ڪري سگهن ۽ بھار ماڻڻ کان اڳ نہ ڪومائجي سگهن؟ اهو سوال هن جي دماغ ۾ ڪيتري دير وڄندو رهيو ۽ هن جي دل چيو: ”جيڪر جڳ کي جاڳ ڏئي، انھيءَ سوال جو جواب پڇي ڪڍي.“ هن کي خيال آيو – جهنگ ۽ گلستانن ۾، انيڪ گل ٽڙن ٿا، ڪنھن کي ڪل بہ ڪا نہ پوي ۽ هو مرجهائجو وڃن. ”شايد“ هن سوچيو، ”انسان اڃا تائين اوجهڙ ۾ اٽڪيو پيو آهي ۽ گلستانن لاءِ زرخيز زمين هموار نہ ٿي سگهيو آهي. ڪيستائين ائين بيراھہ زندگي هلندي رهندي؟ ڪيسين گل ٽڙڻ کان اڳ مرجهائجي ويندا؟
هن جي خيال جو سلسلو وري پنھنجي وطن جي شاعرن جي گيتن ڏانھن لڙي ويو. هن جي خشڪ چپن تي هڪ ڪڙي مُرڪ تري آئي، ۽ هن جي دل چيو تہ جيڪر سڀني شاعرن کي گڏ ڪري چوي، ”ڳايو ڳايو، ”گل ٽڙن ٿا، چنڊ ٿو چھڪي“ – ها، چنڊ ٿو چھڪي، گل ٽڙن ٿا!“ ۽ پوءِ هن جي دل چيو تہ جيڪر جهنگ مان وڃي، سڀ ڇڻيل گل پن، جيڪي پٽ تي پئي، سڙي ڀاڻ ٿي ويا آهن، ميڙي انھن شاعرن جي مٿان وسڪارا ڪري اڇلي، ۽ پوءِ وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي چوي: ڳايو! گل ٽڙن ٿا..... گل ٽڙن ٿا....“
گهر جي ٻاهران، جماعت خاني جي مردا ڍوئيندڙ بس اچي بيٺي هئي. ڊرائيور اوسيئڙو ڪري تنگ ٿي پيو هو ۽ ٻہ – چار دفعا موٽر جو هارن وڄائي ڪڍيو هئائين - ۽ هارن جي ”پون پون“ جي آواز تي هن جي ذهن ۾ پنھنجي ڳوٺ وارو موٽر اسٽان تري آيو هو، جتي ڊرائيور گهڙي گهڙيءَ، هارن وڄائي هوڪو ڏيندا آهن: ”اي هل! هڪڙو ”ڪوٽ“ جو .... آهي ڪو..... هڪڙو (ڪوٽ“ جو – پون ..... پون ..... پپئون پون ..... هڪڙو ”ڪوٽ“ جو ......“ ۽ هن سوچيو – شايد، جماعت خاني جي مردا ڍوئيندڙ بس جو ڊرائيور بہ جهٽ پلڪ کان پوءِ اهڙو هوڪو ڏيندو ۽ چوندو: ”اي هل! هڪڙو قبرستان جو ...... تڪڙو .... آهي ڪو .... هڪڙو قبرستان جو ...... پون...... پون. ......... پپئون پون ..... هڪڙو قبرستان جو!“
هن انھيءَ جماعت خاني جي تنظيم بابت ويچارڻ شروع ڪري ڏنو – جماعت خانو، جنھن وٽ هڪ بس آهي. جيڪا قبرستان ڏانھن مري ويل ماڻھن جا لاش پھچائيندي آهي، شايد انھيءَ جماعت خاني وٽ شادين مُرادين جو سامان بہ هوندو. شادي ڪيو، ٻار پيدا ڪيو، ۽ پوءِ يا پاڻ مري وڃو، يا توهان جا ٻار مري وڃن. بس، جماعت خانو هلندو رهي. شادي ڪيو، جماعت خاني کان شاميانا گهرايو، باسڻ ۽ ڪرسيون گهرايو، ٻار ڄڻيو، ۽ دعوتون ملھايو، ۽ پوءِ – ”پون، پون، پپئون پون - اي هل! هڪڙو قبرستان جو!“
”زندگي جو سمورو مقصد شايد انھي ”جماعت خاني“ کي هلائڻ ئي آهي“، هُن سوچيو ۽ هن جي ڪن تي سامھون واري گهر ۾ وڄندڙ رڪارڊن جو آواز اچي پيو. شاديءَ جون تياريون ٿي رهيون هيون. نون گُلن – کنڊائڻ جو اُدم ٿي رهيو هو ۽ پوءِ......
هن جي نظر ڀٽڪي، وري وڃي فرزانا جي پيلي ٿيل چھري تي پئي. هن سوچيو: هيءَ فرزانا آهي – انھيءَ نالي جو مقصد؟ ۽ هن کي ياد اچي ويو تہ فرزانا لفظ جي معنيٰ ”هوش وارو، عقل وارو، سياڻو“ آهي. ۽ هن سوچيو تہ معصوم ننڍڙي فرزانا جو موت، ديس جي فرزانائن جي ذهن لاءِ هڪ چرڪو هئڻ گهرجي. هُن چاهيو تہ س جيڪر وڏي واڪي پنھنجي ديس جي فرزانائن کي سڏي چوي، ”اڙي مستو، خيال ڪيو، موت اوهان جي ماحول ۾ بي واڳو، بي لغامو پيو گهمي، ۽ خزان جون تيز هوائون گلن جي تاڙ ۾ آهن. اچو تہ هن ماحول کي مَٽي رکون، نہ تہ هي چمن گلن کان خالي ٿي ويندو – حيوان جڳ تي ڇانئجي ويندو!“ ۽ پوءِ هن کي خيال آيو تہ هن کي ائين نہ چوڻ گهرجي. هن کي ائين نہ چوڻ گهرجي، ڇو تہ ائين چوڻ سان قبرستان ڏانھن مردا ڍوئيندڙ ”جماعت خاني“ جي نظام ۾ خلل پئجي ويندو. انھيءَ بس جي انجڻ تي ڪٽ چڙهي ويندو، ۽ پوءِ جماعت خاني جا باني ٻيو نہ تہ هن کي ئي گهوگهو ڏيئي، قبرستان کڻي ويندا، ۽ اهڙيءَ طرح پنھنجي هيراڪن واري هير ئي پوري ڪندا.
هن سوچيو – ڪاش! هي جماعت خاني وارا کيس تڏهن گهوگهو ڏين، جڏهن هو فرزانائن کي سجاڳ ڪري چڪو هجي! پر هن جي ذهن ۾ خيال اسري يقين ۾ بدلجي ويو،“ ۽ هن سمجهيو تہ جماعت خاني وارا ائين ڪين ٿيڻ ڏيندا، ۽ فرزانائون سجاڳ ٿين ئي ٿين، تنھن کان اڳ کيس گهوگهو ڏنو ويندو ۽ ائين محسوس ڪيو، ڄڻ سچ پچ جماعت خاني جي بانين جا هٿ، هن جي گلي جي چوڌاري پيل آهن، ۽ هوريان هوريان ڀيڪٽ سوڙو پيو ٿيندو وڃي. هن جو مٿو ڦرڻ لڳو، ۽ اکيون ٻوٽجي ويون........ شايد ننڊ اچي وئي هيس!

(مھراڻ: 2 – 1956ع)

هڪ مرد ٽي لاشا (سراج)

اصغر جڏهن باريسٽري ڪري آيو، تڏهن پڻس نہ رڳو شھر جي وڏن ماڻھن جي، پر پنھنجي تڪ جي سمورن زميندارن جي هڪ شاندار دعوت ڪئي هئي ۽ ان دعوت جو نتيجو ڪو برو نہ ٿيو هو. اصغر جي وڪالت جو ڌنڌو ڏينھون ڏينھن وڌندو ويو ۽ ڪجهہ عرصي کانپوءِ اصغر جڏهن پنھنجي هت اچڻ واري وقت کان پوءِ جي ماضيءَ ۾ گهوري نھاريو تہ هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ تہ کيس ڪنھن ڪاري ککر ڏنگي وڌو هو. اڳي جو هو ڪا سماجي برائي ڏسندو هو تہ سندس دل ڪڙهڻ لڳندي هئي، هاڻي ساڳي برائي ڏسي هن کي هڪ اڻ لکي خوشي محسوس ٿيندي هئي. اڳي ڪنھن جانور جي موٽر هيٺان اچڻ تي ٻہ ٻہ ڏينھن ماني کائي نہ سگهندو هو ۽ هاڻي اسپتال ۾ ڪھاڙين سان چچريل انسان يا اسپتال جي مڙدا – گهر ۾ ڪو انساني لاش ڏسندو هو تہ هن کي هلڪو اطمينان ٿيڻ لڳندو هو. اڳ هو جڏهن بہ خواب ڏسندو هو تہ هن کي اڪثر پيارا پيارا سٻاجهڙا ماڻھو سفيد گلابن جا تاج پھريو، حسين جسمن سان رقص ڪندا نظر ايندا هئا، ۽ هاڻي هن جي خوابن ۾ ڦاهيءَ تي لٽڪندڙ ماڻھو، ڪھاڙين ۽ لوڙهين سان چچريل لاش، ڇُرن ۽ چاقن سان چيريل پيٽ، رت ۾ ڳاڙهيون حسين جوانڙيون، تاش جي پتن جا تاج پھريل ڳڀرو جوان نظر ايندا هئا، ۽ اهڙي خواب کان پوءِ هن جو سارو ڏينھن هڪ عجيب سڪون ۽ اطمينان ۾ گذرندو هو، ۽ سندس ڪنوار اهو سڪون ۽ اطمينان ڏسي، سمجهي ويندي هئي تہ ان ڏينھن کيس ڪو خون جو ڪيس مليو هوندو، ۽ هوءَ ڪنھن نئين ساڙهيءَ، ڪنھن نئين تحفي جي اميد ۾ سارو ڏينھن اطمينان ۽ خوشيءَ ۾ ڇال ڏيندي رهندي هئي.
اصغر جو دوست فلپ، انگلينڊ کان گهمڻ لاءِ آيو، تہ هن کي وري اهي ڏينھن ياد پيا جڏهن هو ٻئي انگلينڊ ۾ ڪنھن پب يا ڪلب ۾، لئٽن – آمريڪن رقص جي ڌنن تي ٿڙڪندا، ٿاٻڙندا ساري رات گذاريندا هئا. هو منجهي پيو تہ هو فلپ کي هتي ڪھڙا ڪھڙا هنڌ گهمائي. هن کي هڪ خون جي ڪيس ۾ بدين وڃڻو هو. هن فلپ کي پاڻ سان کنيو ۽ کيس بدين گهمائي آيو. فلپ چپ چاپ بدين جي شھر، ڪورٽ ۽ ماڻھن کي ڏسندو رهيو، ۽ جڏهن هو جيپ ۾ چڙهي واپس حيدرآباد هلڻ لڳا تڏهن بہ فلپ چپ رهيو. اصغر کان رهيو نہ ٿيو، پڇي ويٺو ”ڇو، فلپ! تون ماٺ ڇو ٿي ويو آهين؟“
فلپ پھرين تہ ڪو بہ جواب نہ ڏنو، پوءِ چيائين ”مون کي ڪا ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي ان ڪري چپ آهيان!“
اصغر بہ کلي ڏنو – ”هي ويچارو ڇا سمجهندو هتان جي وڪالت!“
”تون منھنجي جواب تان کلين ڇو ٿو؟“
”دوست، تون هن وقت پنھنجي ملڪ جي معيار سان سڀ ڪجهہ ڏسي رهيو آهين، ان ڪري توکي ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ ايندو. تنھنجي ملڪ ۾ ڏوھہ جي قيمت سزا آهي ۽ هتي ڏوھہ جي قيمت ڏوڪڙن ۾ ٿي ڪٿجي!“
فلپ جي منھن تي هاڻي تہ اٻوجهائيءَ سان گڏ هڪ ڊپ گاڏڙ حيرت بہ هئي.
”سو تہ تون تڏهن سمجهي سگهندي، جڏهن-“
۽ عين ان وقت هن کي زور سان جيپ کي بريڪ ڏيڻو پيو.
جيپ اڳيان، رستي جي پوري وچ تي، هڪ پير مرد پنھنجي جُتيءَ ۾ ڪنھن پٿر سان ڪوڪو ٺوڪي رهيو هو. اصغر جي وات مان گار نڪرندي رهجي وئي: ”پريا مڙس ...... کُٽيءَ کنيو اٿئي ڇا!“
پريو مڙس رستي تان هٽي پري تہ ٿيو، پر هن جي چھري تي ڪا خاص گهٻراهٽ نہ هئي، يا سندس چھري تي چڙهيل لٽ ۾، ڊپ ۽ گهٻراهٽ جا احساس بہ لڪي ويا هئا. هن فقط ايترو چيو :” جي سائين!“
باوجود ڪاوڙ جي، اصغر کلي ڏنو. فلپ ويچارو ڪجهہ نہ سمجهندي، رڳو پرئي مڙس کي چتائي ڏسي رهيو هو. پرئي مڙس جي منھن ۾ هڪ عجيب؟ جو عالم هو. چاپئين ڏاڙهي، هونئن تہ ڪجهہ اڇي بہ هئي، ڪجهہ لٽ جي ڪري ڀوري ٿي نظر آئي. سندس نرڙ ۾ گهنج اهڙا هئا، جن کي ڏسي ائين ٿي خيال ٿيو تہ هن پرئي مڙس سڄي عمر پھڻ ڪٽيندي گذاري آهي. اڇي پر مُرٽيل کَسِي ڳلي جي قميص ۽ ڪاري سٿڻ ۽ مٿي تي ڪارو پٽڪو، جنھن جي ڪاراڻ ۾ الاجي ڪيترا فريبيءَ جا عيب لڪل هئا، ۽ هٿ ۾ ڇنل گهيتلو.
اصغر پرئي، مڙس کان پڇيو: ”پريا مڙس، ڪيڏانھن ٿو وڃي؟“
”حيدراد“ (حيدرآباد)
”پوءِ ڪڏهن پھچندي؟“
”سائين، ڏينھڪ،“
۽ اصغر کان بہ کل نڪري وئي ۽ هن جيپ کي اڳتي وڌايو.
فلپ کانئس اوچتو سوال ڪيو: ”ڪھڙي ڳالھہ تان کلئين؟“
”هتي جا ماڻھو بہ عجيب آهن. پڇيومانس تہ ”موت کنيو اٿئي ڇا؟“ تہ بنا ڪنھن هٽڪ جي جواب ڏنائين تہ ”هائو!“
هنن ماڻھن لاءِ موت ۽ حياتيءَ ۾ ڪو فرق ڪونھي!“
”ان ۾ کلڻ جي ڪھڙي ڳالھہ هئي؟“
اصغر کي هاڻي فلپ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي هئي. هي تہ ڪو فيلسوف ٿي ويو آهي. مزاح جي پھلو ۾ پيس، کل نظر نہ ٿي اچي.... هون!
”ٻيو ڇا پڇيئين؟“
”پڇيومانس تہ، ”ڪيڏانھن پيو وڃين؟“ چيائين تہ، ”حيدرآباد“ ۽ هتان پنڌ حيدرآباد، هڪ ڏينھن ۾ پھچڻ، تي مون کي کل اچي وئي!“
”پوءِ تو ڇو نہ کيس حيدرآباد تائين کڻي هلڻ جي آڇ ڪئي!،
”فلپ! هن ملڪ ۾ جيڪڏهن ماڻھن کي پنھنجي گاڏين ۾ کڻڻ جي آڇ ڪرڻ لڳون، تہ سارو سال ماڻھو ڍوئيندي گذري وڃي.“
اصغر کي پنھنجي انھيءَ ”ماڻھو ڍوئڻ“ تي بہ کلي اچي وئي ۽ فلپ هڪ عجيب نگاھہ سان هن کي تڪيندو رهجي ويو. ۽ ان نگاھہ ۾ ڪاوڙ، پشيماني ۽ بيوسيءَ جا احساس گڏجي، محض اٻوجهائي بڻجي ويئي.
ٻئي ڏينھن اصغر فلپ کي حيدرآباد جون ڪورٽون ڏيکارڻ نڪتو. ڪار کي پارڪ ڪرڻ لاءِ، جيئن موڙي رهيو هو تہ ”اڳيان ڪا شيءَ ڏسي بريڪ ڏنائين. ڪاوڙ مان هيٺ لٿو، تہ سندس منشي ڊوڙندو آيو ۽ ان شيءِ کي ٿڏو هڻي، چيائين ”او پوڙها، مرڻو اٿئي ڪيئن، جو اتي سمھي رهيو آهين؟“ ستل پوڙهو، اوٻاسي ڏيندو. ڪَرَ موڙي اٿي بيٺو. اصغر پوڙهي کي ڏسي، ڪاوڙ مان ٿڙڪڻ لڳو. هن جي ذهن ۾ اهو ئي خيال آيو تہ ڪالھہ کان وٺي پوڙها ماڻھو، سازش ڪري، کائونس ائڪسيڊنٽ ڪرائڻ جي خيال ۾ هئا. ڪالھہ رستي تي، تہ اڄ بنھہ ڪورٽ ۾! جوابدار جي حيثيت ۾ ڪورٽ جي پڃري ۾ بيھڻ جي تصور کان ئي هن کي پنھنجي پيٽ ۾ هڪ عجيب کڏ پوندي محسوس ٿي. پر منشيءَ پوڙهي کي گاريون ڏيئي، اتان ڌڪا ڏيئي ڪڍيو ۽ پوءِ سلام ڪري، چوڻ لڳو: ”سائين، ڪو اڌ چريو ٿو ڏسجي! چوي ٿو تہ سندس اباڻي زمين کسجي ويئي آهي، ۽ ان جي اپيل سيشن ٻڌڻ جوڳي ٺھرائي آهي. وڪيل اٿس ڪونہ، سو پاڻئي وڪالت لاءِ آيو آهي!“ منشي کلڻ لڳو.
اصغر کي الاجي ڪھڙو خيال آيو، سو منشيءَ کي پنجين جو نوٽ ڏيندي چيائين، ”چئينس تہ مون کي وڪيل ڪري، پئسو پائي نہ وٺندو سانس!“ ۽ اصغر کي بہ کل اچي ويئي.
اهو سارو ڏينھن هن فلپ کي ڪورٽون گهمائيندي گذاريو. شام جو پنجين بجي، فلپ سان گڏجي، اچي آفيس ۾ ويٺو، تہ ايندي شرط خون جي ڪيس جا اصيل مليس. ان مان هڪڙي ڪيس ۾ تہ فوتيءَ جو لاش اسپتال ۾ اچي پھتو هو ۽ هو فلپ کي وٺي، اسپتال ۾ مُڙدا- گهر ڏانھن هليو. مُڙدا – گهر ۾ گهڙڻ سان ئي کيس ٿاٻو آيو، اڳتي ڪرندي بچيو. مُڙدا – گهر جي نگھبان کلندي چيو: ”سائين، جيڪي ماڻھو بي موت مري ٿا وڃن، سي مورڳو جيئرن کي ٿا ٿاٻا کارائين!“ فلپ بہ هن لاش وٽ اچي بيھي رهيو، ۽ ان کي گهوري ڏسڻ لڳو. لَٽ سان ڀريل چاپئين ڏاڙهي، منھن ۾ بہ گھرا کھرا گُهنج، ڪاري سُٿڻ، ۽ اڇا ڪارا کليل وار، ڪارو پٽڪو کليل حالت ۾ پوڙهي جي ڇاتيءَ تي پيو هو، ۽ پٽڪي جي هڪ ڪنڊ ۾، ڳنڍ ٻڌل، ڪا شيءِ پوڙهي جي هٿ ۾ ايتري مضبوطيءِ سان جهليل هئي، جو موت کان پوءِ نيريون نيريون نسون جهڪيون نہ ٿيون هيون. سڄي لاش ۾، ائين ٿي ڀانيو تہ اها مٺ اڃا نہ مئي هئي. فلپ هري هري اصغر کي چيو: ”هن پوڙهي جي مُٺ ۾ ڇا آهي؟“ اصغر کي پوڙهي تان ٿاٻي اچڻ جي اڳي ئي ڪاوڙ هئي، سو خار مان چيائين: ”ٽڪي جا ڀڳڙا!“ فلپ کي هن پھريون ڀيرو سنڌيءَ ۾ جواب ڏنو هو. سو وائڙو ٿي اصغر جي منھن ۾ نھارڻ لڳو. هڪ ڌارئين جي دلچسپي ڏسي، مُڙدا – گهر جي ”نگھبان، زور ڏيئي، پوڙهي جي هٿ مان پٽڪي جي ڳنڌ ڇڏائي کولي، تہ ان مان ڪارسري چيڪيءَ مٽيءَ جي مُٺ وهي، وڙهي جي اکين تان ڍرڪندي ويئي!
اتان واپس اچڻ تي فلپ ۽ اصغر ۾ ان ڳالھہ تي بحث ڇڙيو تہ پوڙهو ساڳيو، جيپ هيٺان اچڻ وارو ۽ ڪورٽ ۾ ڪار هيٺان اچڻ وارو پوڙهو هو. انھن واقعن ۾ ٽي مختلف پوڙها هئا، ۽ ڳچ رات تائين بحث ڪرڻ کانپوءِ، ڪنھن فيصلي تي پھچڻ کان سواءِ، ٻئي ڄڻا هڪٻئي کي دوستيءَ جو يقين ڏياريندا، الوداع چئي وڃي سمھي پيا.

(مھراڻ: 2 – 3 – 1964ع

ڍونگ (رشيد آخوند)

سج جو تکو پاڇو رڙهندو رڙهندو دروازي جي اندر داخل ٿيو، ۽ هوءَ جمالي جي قميص ڌوئي سڪائڻ لاءِ اٿي. هن سھاري لاءِ حوض جي ديوار تي هٿ رکيو. ديوار جي مٽي ڀُري هيٺ ڪرڻ لڳي. هٿ ٿورو ترڪيو، ۽ اهي داغ، جيڪي سندس گهر جي ديوارن ۽ ڇت جي زينت هئا، هن جي اکين آڏو اُڀري آيا. هن اکيون پاڻيءَ جي موريءَ تي وڌيون، جنھن جي چوڌاري صابڻ جي گجي گڏ ٿي وئي هئي. آهستي آهستي موري چٽي ٿيڻ لڳي، پر وري ٿوري وقفي کانپوءِ، جيئن ظاهر ٿي هئي تيئن ميٽجي ويئي ۽ ان جي جاءِ تي هڪ پور پيدا ٿي ويو. هُن پور کي غور سان ڏٺو. پور وڏو ٿيڻ لڳو – ايتريءَ حد تائين، جو هن پنھنجي وجود کي بہ ان ۾ گم ٿيندو محسوس ڪيو. هن چاهيو تہ هوءَ هميشہ انھيءَ حالت ۾ رهي –اتي ڏک ۽ ڏاکڙا وسري ويا ٿي. جمالي کي کارائڻ لاءِ محنت ۽ مزدوري ڪرڻ بہ ياد نہ ٿي رهيو، اتي ڪو دنيا جو غم نہ هو ۽ نہ ئي وري ڪا ذهني مونجهہ ۽ پريشاني هئي، اتي ڪنھن جي سڌ نہ هئي. خود پنھنجي هيڻي ۽ بيمار جسم تي سڌ بہ نہ، پر تلخ حقيقتن کان ڪو گهڻيءَ دير تائين منھن موڙي نہ سگهندو آهي.... ۽ هوءَ بہ پاڻ کي وڌيڪ دوکو ڏيئي نہ سگهي. حوض جي هر ڪا شيءِ وري ظاهر ٿيڻ شروع ٿي - ۽ ان سان گڏ جسماني ڪمزوري ۽ مصيبتن جو احساس بہ ذهن جي ڌنڌ مان نڪري آيو.
صحن ۾ اچي هن قميص کي سڪائن لاءِ رسيءَ تي ٽنگيو، ۽ نحيف آواز سان جمالي کي سڏ ڪيو. جمالي اڃا ماني نہ کاڌي هئي، پر هو گهر ۾ ڪو نہ هو. ماڻس پڪ ڄاتو تہ گهٽيءَ ۾ راند ڪرڻ ويو هوندو. جمالي جو گهٽيءَ ۾ وڃي ٻين ڇوڪرن سان راند ڪرڻ، هن جي پريشانين جي ويتر وڌڻ جو باعث ٿي بڻيو. جمالو اڃا ڇھن سالن جو ٻار هو، جنھن کي وڏا ڇوڪرا، جڏهن بہ منھن سامھون پيا، ستائيندا رهندا هئا. ڪڏهن چھنڊڙين پائڻ ۽ ڪڏهن ڪا شيءِ ڦري وٺڻ ۾ هنن کي رونشو ٿي لڳندو هو. جڏهن هو روئي ماءُ کي اچي دانھون ڏيندو هو، تہ هوءَ ويچاري ڪجهہ ڪري نہ سگهندي هئي. هن جي پاڙي وارن کي پرواھہ نہ هئي - رن زال جا هئي، جنھن جو ٻيو ڪو والي وارث جو نہ هو. جمالي جي وهيءَ جا ٻار کيس ماريندا هئا، ۽ جيڪڏهن هن بہ ڪنھن کي ورائي ڌڪ هنيو، تہ پوءِ هنن جون مائون نہ فقط جمالي جا ڳل چماٽن سان ڳاڙها ڪنديون هيون، پر ماڻس کي بہ مھڻا ۽ ڇڙٻون ڏينديون هيون. انھن ڇڙٻن ۽ مھڻن جي جواب ۾ جمالي جي ماءُ وٽ هڪڙي خاموشي هئي..... ۽ لاچار سور سھيو مڙيو ئي وقت پئي ٽاريندي هئي.
جمالي کي گهر ۾ نہ ڏسي، هوءَ دروازي وٽ آئي. ٻاهر گهٽي سڄي گپ سان ڀري پئي هئي. گهرن جي اڳيان جيڪي گندي پاڻي جا حوض هئا، تن مان پاڻي اٿل کائي رستي تي وهڻ لڳو هو. ڇوڪرن اهڙي ڪني ماحول ۾ راند ڪئي پئي. انھن ۾ جمالو بہ هو. جڏهن ماڻس در تي اچي هن کي ڪوٺيو، تڏهن هن راند نہ ٿي ڪئي، پر هڪڙي ڇوڪري سان جنگ جوٽڻ جي تياري پئي ڪيائين. ڇوڪري چيس پئي:
”هل هل ...... آءٌ توکي راند نہ ڪرائيندس، اٽي ڏڪر تہ منھنجو آهي....!،
”پوءِ تون هن خميسي کي ڇو ٿو راند ڪرائين؟“
”منھنجي مرضي...... خميسو مون کي کٽمٺڙا کارائيندو آهي“،
”تو کان اڌ بسڪوٽ گهريو. تو ڪو مون کي ڏنو! پوءِ آءٌ تو کي راند ڇو ڪرايان؟“
”۽ ٻَچوُ، اڄ اسين هڪڙي هنڌ شربت پيئڻ وينداسين. توکي نہ وٺي هلنداسين... ڪيئن حميد؟“ خميسي خوش ٿيندي اِٽي ڏڪر جي مالڪ ڏانھن نھاريو. هن خميسي جي حامي ڀري. پوءِ ٻئي شرير نظرن سان جمالي کي ڏسڻ لڳا.
”هونھہ ...... نہ وٺي هلو تہ نہ وٺي هلو. مون کي جھڙي خبر نہ آهي. امان ٻڌايو هو تہ اڄ سيٺ هاشم امامن جو شربت ڪيو آهي!“ جمالي مُرڪيو ۽ هو ٻئي شرمائجي ويا. پر جمالي جي مرڪ گهڻيءَ دير تائين قائم رهي نہ سگهي. هڪڙي وڏي ڇوڪري جمالي کي ٻڌي چيو:
”ها ڙي ڇورا، ماڻھين ڪيئن نہ ٻڌائيندي توکي. هن کي سڄي جھان جون خبرون آهن. سڄو ڏينھن ماڻھن جي گهرن کي لوسيندي آهي.....!“ جمالي کي خار تہ گهڻي آئي، پر مخالف کانئس عمر ۾ گهڻو وڏو هو، تنھن ڪري دل ٺارڻ ڪاڻ هن چپن ئي چپن ۾ هڪڙي ڳري گار وڏي ڇوڪري کي ڏيئي ڪڍي.
”جمالا، آءٌ تو کي چوان ٿو..... اسان جي راند مان هٽي وڃ!“ حميد کي ڪاوڙ اچڻ لڳي.
”نٿو هٽان..... تون ڇا ڪندين؟“ جمالو ضد تي هو. حميد ڏڪر کنيو. جمالو بہ سنڀري بيٺو. پر ان وچ ۾ جمالي کي ماڻس اچي سڏ ڪيو ۽ معاملو اتي ئي رهجي ويو. جمالو، ٻرندڙ نگاهن سان حميد کي ڏسندو، گهر ۾ گهڙي ويو.
گهٽيءَ ۾ ميونسپالٽيءَ جي بتين ٻرڻ ۾ اڃا ڪجهہ دير هئي. هوءَ ٻنپھرن کان جيئن جمالي کي امامن جا مور کارائي ليٽي هئي، تيئن شام تائين پئي رهي. سخت تپ اچي وڪوڙيو هئس ۽ کنگهہ بہ زور وٺي وئي هيس. هن ۾ ايتري طاقت نہ هئي، جو ڪنبل پاسيرو ڪري جمالي کي اٿي ڏسي، جيڪو وري خبر نہ ڪيڏانھن گم ٿي ويو هو. تنھن کان سواءِ اڄ سندس ستا سور بہ جاڳي اٿيا هئا. هن گهڻي ڪوشش ڪئي ٿي تہ نااميدين ۽ حسرتن جي هيٺ دٻيل، خشڪ ۽ ويران زندگيءَ مان چند سڪون جا لمحا، چند خوشيءَ جا بھانا يا ڪي خود فريب ڳالھيون سوچي، پر هر نئين ڪوشش هن جي ذهن جي آڏو تصوير جو فقط هڪ رخ آندو ٿي، جنھن ۾ ساڳين ئي نااميدين، حسرت ۽ غمن جي جهلڪ هئي. خوشيءَ جو رڳو هڪ اڻ لکو احساس وڃي سندس طبعيت کي غم – پسند بڻائي ڇڏيو هو.
هن کي شاديءَ جي پھرين رات ياد آئي، جڏهن هن جي نس نس مان خوشيءَ جو رس ڦٽيو ٿي. ان خوشيءَ ۾ هڪ عجيب بيچيني هئي – هڪ دٻيل دٻيل خوف هو. پر هاڻي ان خوشيءَ جي يادگيري بہ غم ۾ ٻڏي چڪي هئي.
۽ هن کي اهو ڏينھن بہ ياد آيو، جڏهن هن جمالي جي پيءُ جو ڪفن مان نڪتل بيجان چھرو ڏٺو هو. ڪافور جي بوءِ چوطرف ڦھليل هئي. ان ڏينھن هن، ڪيترو نہ رنو هو! ڏئي جي لاٽ تہ وسامي چڪي هئي، پر ڏيئي جي منھن مان نڪرندڙ ميري دونھين کيس رئاريو پئي – جيڪو آخر خلا ۾ جذب ٿي وڃڻو هو.
پر اڄ هن کي ان دل- ڏاريندڙ منظر رئاريو نہ ٿي. هوءَ غم سان هري ويئي هئي ۽ جڏهن ماڻھو غم سان هري ويندو آهي تہ غم جي شدت بہ گهٽ ٿي ويندي آهي. هن گويا جمالي کان بہ وڌيڪ، غم کي پنھنجي حيات جو سرمايو سمجهيو هو. هن کي پڪ هئي تہ هوءَ جمالي جون خوشيون ڏسي نہ سگهندي. ان کان اڳ مري ويندي. اهو احساس سندس دل ۾ گهر ڪري چڪو هو. هوءَ هاڻي اڪثر ڪري تصوراتي داغ؟ ڏسندي هئي، ۽ هن جي زندگي خود هڪ داغ بڻجي ويئي هئي – ڏرا ڏيئي ويل اکين جو، ڏٻري جسم جو ۽ زرد چھري جو داغ: زندگيءَ جو سَت ڀري پيو هو. انھيءَ هوندي بہ هوءَ مرندي جهرندي رپئي ڏيڍ خاطر پاڙي وارن جا ڪپڙا ڌوئيندي هئي. آخر هن کي پيٽ پالڻو هو. مڙس جي مرڻ کانپوءِ ٻيو ڪو آسرو نہ هوس. کيس اڪيلي سر پاڻ لاءِ ۽ جمالي لاءِ گذران پيدا ڪرڻو هو. پھرين هوءَ پاڙي وارن جي گهرن ۾ وڃي ٻھاري ڪڍندي هئي، باسڻ مليندي هئي، بازار جو ننڍو وڏو ڪم ڪري آڻي ڏيندي هئي، پر پوءِ هوءَ بيمار ٿي پئي ۽ هن کان گهڻي محنت پڄي نہ سگهي. خيراتي اسپتال جي ڊاڪٽر هڪڙي ڏينھن ٻڌايس تہ هن کي سلھہ جي بيماري هئي ۽ هاڻي هوءَ رڳو پاڙي وارن جا ڪپڙا آڻي گهر ۾ ڌوئيندي هئي. اڄ هوءَ جمالي جي هڪڙي قميص کان سواءِ پاڙي وارن جا ڪپڙا ڌوئي نہ سگهي. سخت بخار اچي ورايو هوس. سڄو ڏينھن کٽ تي کنگهندي گذاريو هئائين ۽ آخر اٿي ان مھل، جڏهن گهٽيءَ ۾ جمالي جون رڙيون ٻڌائين. هوءَ بخار جي شدت کان سھڪندي در تائين ويئي. پوءِ هڪدم در کولي ٻاهر نڪري آئي. هن جمالي کي گندي پاڻيءَ جي حوض ۾ ڪريل ڏٺو هو. جمالو ماءُ کي ڏسي ويتر زور سان اوڇنگارون ڏيڻ لڳو. ماڻس اچي هن کي حوض مان ڪڍيو.
”امان، حميد مون کي حوض ۾ ڪيرايو آهي“، جمالي سُڏڪا ڀريندي چيو،
”مون ڪٿي ڪيرايو؟“ حميد پنھنجي ماءُ جي ڀر ۾ بيھندي چيو.
”ها ها، حميد ڪو نہ ڪيرايو، هي ويچارو تہ بنھہ منھنجي اکين سامھون هينئر گهر مان نڪتو آهي!“ حميد جي ماءُ صاف ڪوڙ ڳالھائي ويئي.
”ڏس حميد جي ماءُ! هڪڙي پاڙي ۾ رهي، توکي اهي ڳالھيون سونھن نہ ٿيون. پنھنجي پٽ کي جهلين تہ نہ ٿي، مرڳو پاسو پئي کڻين.......“
”اي لئي ٻڙي، مون کي نہ ڌمڪاءِ..... هي پنھنجيون ڦوٽن جيڏيون اکيون ٻين کي ڏيکارج. تو جھڙيون گهڻي فقيرياڻيون منھنجي در تي اچيو پن جو ٽڪر وٺيو وڃن- مُئي رن زال، هلي آهي مون کي چوڻ..... ڏيڻ ڪٿي جي ....!“
غصي کان هن جي ڪنن جون ٻويٽيون ٻرڻ لڳيون، هوءَ فقيرياڻي نہ هئي. ڪنھن جي در تي وڃي ٽڪر ڪين گهرندي هئي. اڳي هوءَ صبر سان هنن جا مھڻا ٻڌندي هئي، پر هاڻي جيئن پوءِ تيئن پاڙي وارا سر تي چڙهندا پئي ويا. هوءَ غريب هئي تہ ڇا ٿيو؟ ..... عزت هن کي بہ هئي. هوءَ ڪجهہ چوڻ تي هئي تہ هڪڙيءَ ٻيءَ مائيءَ حميد جي ماءُ جي ڳالھہ کي ٽيڪر ڏني:
”ها امان، تون سچي آهين- هيءَ ڇنال ڏيڻ آهي ڏيڻ! اچڻ سان مڙس کي ماريائين. جي ٿورا سال ان پاڙي ۾ رهي، تہ الاجي ڪھڙو قهر ڪندي – آءٌ پنھنجن ٻارن کي هن ڪامڻ – ڪٽيءَ جي منھن تي اچڻ بہ نہ ڏيندي آهيان.... مُٺي اکين ۾ کايو وڃي....!“ هوءَ وڌيڪ سھي نہ سگهي. پر اڃا ٻہ لفظ چيائين مس، تہ کنگهہ اچي ورتس. جمالي هن جي ٻانھن جهلي رُنو پئي، ۽ هن گهٽيل آواز سان کنگهيو پئي، کنگهہ زور وٺندي ويئي ۽ حميد جي ماءُ وڏي واڪي سان ٻنھي ماءُ پٽن کي پٽيندي ويئي. هن مشڪل سان، ”ڪگال“، ”ڇال“ ۽ ”ڪار ڄڀي“ جا ٻہ – ٽي لفظ ٻڌا ۽ جڏهن هن ٿورو ساھہ کنيو، تہ اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس ۽ جمالي کي رڳو ايترو چئي سگهي:
”مئا نپٽا ..... هل گهر .... تو منھنجي جان جلائي ڇڏي آهي.“
رات جو هڪ ٿيو هو، گهٽي سڄي ويران پيئي هئي. ايتري وقت گذري ويندي بہ هن جي کنگهہ بند نہ ٿي. ڪڏهن اٿندي ۽ ڪڏهن پاسا ورائيندي، هن درد ۽ ڪَرب جي حالت ۾ کنگهيو پئي. کنگهڻ جو آواز فضا جي مڪمل سڪوت کي چيريندو ويو پئي. سندس ان لاڳيتي شور پاڙي وارن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون. پھرين تہ هو صبر سان اکيون کولي ڇتين کي گهوريندا رهيا، تہ من ڪا ماٺ ٿئي، پر جمالي جي ماءُ جي کنگهہ بند نہ ٿي سگهي. تنھن کان سواءِ هن زور زور سان اوڪارا بہ ڏنا پئي. پاڙي وارن سمجهيو ٿي تہ هوءَ اجايو ڍونگ ڪري، تہ جيئن هنن جو سک ڦٽي. آخر حميد جي ماءُ کان رهيو نہ ٿيو، ۽ دريءَ مان منھن ڪڍي چيائين:
”اڙي جمالي جي ماءُ، اهو تال تيتال بند ڪر! ٻَڙي اسان کي ٻہ گهڙيون سک سان سمھڻ بہ نہ ٿي ڏين. چئو تہ پاڙو توکي ڏيئي، اسين وڃي ڪو ٻيو ماڳ هٿ ڪريون!“ هڪڙيءَ کي ڳالھائيندو ڏسي، ٻيءَ کي بہ ريس ٿي، ۽ اچي بالڪنيءَ تي بيٺي.
”ٻاڪاري ائين پئي جھڙو موت ٿو اچيس. پر مئي مري بہ تہ نہ ٿي. جو اسان جي جند آزار مان آجي ٿئي. مئو عذرائيل بہ ڪميڻيءَ وٽ اچڻ کان ڊڄي ٿو.....!“ هن بالڪنيءَ تان چيو.
”لئي امان، هيءَ ڏيڻ آهي ڏيڻ..... ڏيڻين وٽ مَلڪ ڪو نہ اچن. هن ڌوتيءَ کي ڪو جن ڀوت مارڻ ايندو!“ هيءَ شام واري مائي هئي. ايتري ۾ ٻين گهرن جون دريون کليون. ڪي بالڪنين تي اچي بيٺا، ۽ ڪن بتيون ٻاريون. سڄو پاڙو جاڳي پيو هو، ۽ هنن مان ڪنھن کان ايترو نہ پڳو، جو کڻي ان غيرمعمولي شور جو سبب دريافت ڪن. پر سبب معلوم ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت هئي. هنن کي پڪ هئي تہ هي سڀ هن جو ڍونگ آهي. پاڙي وارن کي ستائڻ لاءِ..... سندن ننڊون ڦٽائڻ لاءِ.....
هاڻي آواز آهستي آهستي گهٽبو ويو. اوچتو وري هڪ وڏي اوڪاري جو آواز آيو، پوءِ هڪدم خاموشي ڇانئجي وئي. پر هيءَ خاموشي بہ عارضي ثابت ٿي- شايد ماءُ جي ٿڪجي پوڻ کان پوءِ جمالي جو وارو هو، جيڪو هينئر ڪيڪون ڪندي رُنو پئي.
”ماءُ ڍونگ ڪري ٿڪي آهي، هاڻي پيٽ ٿو ڦاٽي.....“
حميد جي ماءُ دريءَ مان منھن ڪڍيو، ۽ جمالو هن جي ڦٽڪار جي پرواھہ نہ ڪندي روئيندي رهيو.
آخر پاڙي وارن تنگ ٿي دريون بند ڪري ڇڏيون. بتيون بہ وسامي ويون ۽ رڳو جمالي جو روڄ راڙو گهٽيءَ جي ويرانيءَ ۾ رلندو رهيو. جمالي جي آواز ۾ خوف هو. هو سمجهي نہ ٿي سگهيو تہ هن جي ماءُ سندس ”امان! امان!“ ڪري سڏڻ ۽ روئڻ جي باوجود بہ اٿي ڇو نٿي؟ ۽ پوءِ هو بہ ٿڪجي پيو، ۽ ننڊاکڙين اکين سان ماءُ کي ڏسي، هن جي ڇاتيءَ تي مٿو رکي سمھي پيو.

(مھراڻ: 4 – 1956ع)

هڪ ڪردار، سَو افسانا (مس شمس صديقي)

نئين سال جي خوشيءَ ۾ اسان جي ڪاليج جي ڇوڪرين کي اعزازي لقب القاب مليا، قوم جي سڀاڳن سپوتن وٽان..... واقعي تعليم جو مقصد صرف اهو تہ نہ آهي تہ هر وقت پنھنجي تعليم يافتہ هئڻ جو ثبوت، خوامخواھہ جي اخلاق ڏيکارڻ سان يا تميز ساڻ پيش اچڻ سان ڏنو وڃي ۽ نہ ڪتابن پڙهڻ جو اهو مطلب آهي تہ سقراط وانگر حسن ۾ بہ مادي افاديت جو پھلو ڳولجي. ليسنگ بہ تہ فيلسوف ئي هو، جنھن کي بدصورتيءَ ۾ بہ جماليت جي جهلڪ نظر ايندي هئي! آخر وجدان بہ تہ ڪا شيءِ آهي، روحاني مسرت بہ تہ سڪون بخشي ٿي – ذهني سڪون پيٽ ڀري ماني کائڻ انسان جي زندگيءَ جو واحد مقصد تہ نہ آهي – اوڳاڇيون تہ جانور بہ ڏين ٿا پر انسان اشرف المخلوقات ڇو ٿو چورائي؟ انسانيت جو معراج ذهني تربيت ۽ دماغي صحت منديءَ تي مدار رکي ٿو. ذهن کي حلا علم بخشي ٿو.
سو، پنھنجي نئين سال جي هنن تعريفي القابن کي ڏسي، اسان کي پنھنجي ڪاليج جي طالب علمن جي ذهني بلنديءَ جو واقعي قائل ٿيڻو پيو. هڪ هڪ لقب مان سندن ذهانت ظاهر هئي – سنجيدگيءَ ۽ شرارت سان مليل جليل ذهانت، سندن هر تعريف ۾ ممدوح جي شخصيت ائين ظاهر هئي، ڄڻ ان جي اڳيان آئينو رکيو ويو هجي. سچ پچ تہ هن جو لقب پڙهي، اسين چپ ٿي ويون سين. سندس نالي جي ڀرسان اردو شاعر ”فانيءَ“ جو هي شعر لکيل هو:
”وه بدگمان ڪہ مجهي تاب رنج زيست نھين،
مجهي يہ غم ڪہ غم جاودان نھين ملتا!“
پوءِ تہ سڀني ڇوڪرين جي توجھہہ جو مرڪز هن جي ذات ٿي پئي. هن جو هر وقت مغموم رهڻ، ۽ هڪ ڀيرو ڳالھائڻ ۾ پوڻ تہ لڳاتار ڳالھائيندي رهڻ. اها اسان هن جي خود- فراريت سمجهي.
هوءَ ايف – اي ۾ پڙهندي هئي. منھن مان ڪم عمر لڳندي هئي. لز بو چھرو، ڊگهو نڪ جنھن تي ڪارا ڪارا سنھڙا تر، جيڪي هن جي پيليءَ رنگت کي وڌيڪ نمايان ڪندا هئا. ميرا ميرا ڏند – ڪاش هن کي احساس هجي تہ هن جي موقعي بي موقعي گهڻي ڳالھائڻ جي عادت کان اسين ايترو عاجز نہ هيون سين، جيترو هن جي وات جي بانس کان. هن جي دوران گفتگوءَ ۾ اسان کي ساھہ روڪي روڪي کڻڻو پوندو هو. هن جو نڪ نقشو معمولي هو. جيڪڏهن ڪا جاذبيت هئي، تہ هن جي اکين ۾ - جن ۾ ذهانت جي چمڪ هئي، ۽ هن جي قد ۾، جو جدائيءَ جي رات کان بہ ٻہ چار هٿ ڊگهو هو! پنھنجو لقب پڙهي هوءَ حيران ٿي وئي، اکيون ڦاڙي ڪيتري دير بت جو بت بڻي بيٺي رهي، پوءِ هن بي اختيار چئي ڏنو: ”پر .... هنن کي ڪنھن چيو!“ هن بي خياليءَ ۾ تائيد ڪئي – انھيءَ راز جي، جو ”بالائي نوٽيس بورڊ“ تي اچي چڪو هو. مان ۽ نازنين انھيءَ وقت ٽيبل ٽينس کيڏي رهيون هيونسين. نازنين زور سان ”ريڪٽ“ بال کي هنئي – تمام خوبصورت شاٽ هو، پر اتفاق سان مس ٿي ويو ۽ بال سامھون ڀت سان لڳي واپس مون ڏي آيو. ”ريفريءَ“ پڪاريو: ”ٽونٽي آل“ (ٻنھي پاسي ويھہ مارڪون). هينئر مون کي ”سروس“ ڪرڻي هئي. منھنجي ڪلاس جون ڇوڪريون مون کي ”بڪ اپ“ ڪرڻ (همتائڻ) لڳيون . صرف ٻہ مارڪون، ۽ راند منھنجي هئي. مون رئي کي ٺيڪ ڪيو – ڪٿي الجهي نہ پوي. نازنين رومال سان منھن اگهيو ۽ ڪرائيءَ ۾ رومال ٻڌڻ لڳي. صرف ٻہ مارڪون ۽ راند هن جي هئي! اسين پنھنجي پنھنجيءَ جاءِ تي مضطرب هيونسين. ٺيڪ انھيءَ وقت هن نازنين کي مخاطب ٿي چيو، پر ..... پر هنن کي ڪنھن چيو؟“
”ڇا؟“ نازنين بيزاريءَ مان پڇيو.
انھيءَ وقت هن جو دخل در معقولات سچ پچ تہ مون کي بہ نہ وڻيو.
”اهو ئي تہ مون کي غم جاودان جي تلاش آهي، ۽ انھيءَ لاءِ منھنجون سڀني ۾ اکيون آهن.....!“
”سڀني ۾ اکيون آهن!“ مون کي عجب لڳو. شعر جي مطلب کي هزار مجازي معائن پھرائن سان بہ اهو مفھوم ڪو نہ ٿي نڪتو. مون مشڪيو. انسان جي شخصيت ڪھڙا نہ بھانا ٿي ڳولھي پنھنجي اظھار جا! ساڳئي وقت مون کي هن جي معصوميت تي پيار بہ آيو. اها هن جي معصوم سادگي ئي تہ هئي، جنھن شيرين ديوانگيءَ جي صورت اختيار ڪري، هن کي غم جاودان جو متلاشي بڻايو هو. غم جاودان جو حصول هن جي شخصيت جي تڪميل ڪندو يا تشڪيل..... ڪير ڄاڻي!
نازنين خارن مان چپ ڀيڪوڙي هن کي گهوريو..... ”ڏس تنھنجو هن طرح پريشان ٿيڻ جيڪڏهن قبل از مرگ واويلا نہ آهي، تہ بعد از مرگ تہ ضرور آهي. مون کي ڪھڙي خبر تہ ڪنھن چيو ڪمبختن کي..... ڪاليج جا ڇوڪرا تيليءَ کي ٿنڀ بڻائڻ وارا تہ هونئن ئي آهن. ٿي سگهي ٿو تہ تنھنجي روئڻي صورت ۽ اداس منھن مان اندازو لڳايو هجين“.
وري ٿورو مشڪي چيائين: ”ائين بہ ممڪن آهي تہ تنھنجي شاعريءَ توکي رسوا ڪيو هجي. ”پليز ماءِ ڊيئر پوئيٽس لارئيٽ“ (Poetess Laureate) مون کي گيم ختم ڪرڻ ڏي!“ ۽ هوءَ شتر بي مھار جي چال هلندي، بالڪنيءَ ۾ هلي ويئي. هن جي سرو قد تي اها چال هروڀرو خراب بہ ڪا نہ لڳندي هئي.
لڳاتار ڏيڍ پيريڊ لکندي لکندي، اسين ٿڪجي پيون هيون سين. سرديءَ ۾ هونءَ بہ هٿ پير ساڻا ٿي ويندا آهن، ۽ تنھن ڏينھن تہ غضب جي سرد هوا ٿي لڳي. لڱن مان سياٽ پئي نڪتا، ۽ وري موضوع بہ ”بورنگ“ هو-پاليٽڪس ايترو خشڪ مضمون بہ نہ آهي، پر ليسي فيئر (Laisses Faire) جو نظريو الاجي اسان جي سمجهہ ۾ ڇو نہ ٿي آيو. نظريو ايترو مشڪل ڪو نہ هو، جيترو انھيءَ جي تنقيدي جائزي اسان کي منجهايو هو. پروفيسر اڌ پيريڊ ٻيو بہ اسان کي سمجهائڻ ۾ ورتو – خدا خدا ڪري ڪلاس ختم ٿيو ۽ اسان اطمينان جو ساھہ کنيو. گرلز ڪامن روم خالي هئي. ڇوڪريون ڪلاسن ۾ هيون.خالي ٽيبل ڏسي، راند جي شوق ۾ سڄي بيزاريءَ جي ڪيفيت دور ٿي وئي. مون ڪاپي پينسل ٽپائيءَ تي رکي، ريڪٽ کنئي ۽ ٻي ريڪٽ نازنين کي ڏيندي مون چيو: ”اچ تہ کيڏون“! ايتري ۾ بالڪنيءَ جو در ٽپي، ٿڌيءَ هوا جي جهوٽي سان گڏ، هُن ڪمري ۾ قدم رکيو. هوا جي لڳڻ سان اسان کي وري شدت جي سرديءَ جو احساس ٿيو. مون جلدي جلدي ڪوٽ جا بٽڻ پائڻ شروع ڪيا. نازنين شال ۾ پاڻ کي لپيٽڻ لڳي، ۽ قريب قريب رڙ ڪندي هن کي چيائين ”خدا جي واسطي در تہ بند ڪر. تون هن غضب جي سرديءَ ۾ ٻاهر بالڪنيءَ ۾ ڇا ڪري رهي هئينءَ؟“
مون هن جو جائزو ورتو، جا شدت جي سرديءَ ۾ بالڪنيءَ ۾ هوائون کائي رهي هئي! غراري ۾ ململ جي ڪڙتي مٿان هڪ تھائون هلڪي سائي رنگ جو سئيٽر پاتل هوس ۽ ململ جو گلابي رئو ڪلھن تي پيو هوس.... پريشان وار جيڪي گهڙيءَ گهڙيءَ منھن تان پري ٿي ڪيائين! مون کي سئيٽر مٿان ڪوٽ پيل هو. تڏهن بہ سرديءَ کان منھنجون پاسيريون ٿي ڪنبيون، ۽ هوءَ برساتي موسم جي خوشگوار شام جو لباس پائي، منھنجي سامھون بيٺي هئي – ملول منھن ۽ سڄيل اکين سان. ڇا غم ۾ ايترو تاثير آهي، جو هر احساس کان انسان کي بي نياز ڪري ڇڏي!“ پر هن کي اهڙو ڪھڙو غم آهي؟“ مون چيو.
”سڀ در دريون بند هئا، منھنجو تہ دم ٿي گهٽيو، تنھن ڪري مان بالڪنيءَ ۾ نڪري ويس. تمام سٺي هوا پئي لڳي- ايترو لطف ٿي آيو! ٿڌي ٿڌي هوا جھڙي هير ٿي لڳي!“ هي نازنين جي سوال جو جواب هو. ”ٿڌي هوا جھڙي هير“ – مون سوچيو ”سيارو نہ ٿيو، بھار جي موسم ٿي.....!“
”بيشڪ اهڙي ٿڌي پُرلطف هوا، جا باد صبا کي بہ شَھہ ڏئي ۽ وري گلن جو مستانا وار جهومڻ ۽ ڪوئل جو ڪوڪڻ- سچ پچ اهڙيءَ موسم ۾ ڪھڙو ڪافر هوندو، جو لطف و سرور جي شوق ۾ مرڻ نہ چاهيندو!“ نازنين پنھنجون وڏيون وڏيون اکيون مٽڪائيندي، هڪ اک ٻوٽي، هن کي اشارو ڪندي چيو.
هُن جو اداس منھن ويتر اداس ٿي ويو. هوءَ چپ چاپ ڀرسان پيل ڪرسيءَ تي ويھي رهي. نازنين کي شايد پنھنجي زيادتيءَ جو احساس ٿيو- هوءَ ريڪٽ رکي، ڪرسي سوري، هن جي ڀرسان ويھي رهي. مون بي دليءَ سان ڪاپي کولي، ۽ نوٽس پڙهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳيس..... هوءَ چئي رهي هئي – ”گذريل رات تارن کي ڏسي، مون کي الائي ڇو ڏاڍو روئڻ آيو! اُماس جون راتيون بہ ڪيتريون نہ حسين ٿين ٿيون – ڪاري ڪاري آسمان تي زرد روشن ستارا ڪھڙا نہ سھڻا لڳندا آهن!“
”سياري جي اونداهين راتين ۾ آسمان تي تارن جي محفل هن کي بند ڪمري ۾ آتشدان جي نزديڪ ويھي تہ نہ نظر ايندي هوندي......“ سياري جي رات ۾ اڱڻ ۾ نڪري يا دريءَ ۾ بيھي آسمان تي ستارن جي بھار ڏسڻ جي خيال ئي منھنجي بدن ۾ سرديءَ جي لھر ڊوڙائي ڇڏي.....“ اُف خدا! هيءَ ڇوڪري – ڪٿي هن جو دماغ! هيءَ ڇو غمگين ٿي رهي؟ ڪٿي هن کي ڪنھن سان....“ اتي مون کي هن جا لفظ ياد آيا تہ ”منھنجون سڀنيءَ ۾ اکيون آهن!“ ”تہ ڇا هيءَ هر ڪنھن تي ......؟ آخر هن کي آهي ڪھڙو مرض؟“ خارن وچان مون ڪاپي بند ڪري ڇڏي.
چوٿون پيريڊ ختم ڪري، اسين گهر ٿي آيون سين، رستي ۾ مون نازنين کان هن جي باري ۾ پڇيو. ناز مشڪي مون ڏي ڏٺو ۽ چيڙائڻ طور چيائين. ”هون، ”چارپائي و ڪتابي چند“ – مون تہ توکي اڳ ۾ ئي چيو هو تہ صرف ڪتابن پڙهڻ سان علم ڪو نہ ايندو آهي. سکڻو اٿئي تہ زندگيءَ جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏس. نفسيات ٿي پڙهين، ۽ هن کي سمجهي نہ سگهي آهين!“
”نفسيات ٿي پڙهان، چرين جي ڊاڪٽر تہ نہ!“ مون تيزيءَ سان چيو.
۽ هوءَ چري ڪٿي آهي؟ اها تہ هن جي روشن طبع آهي، جا هن لاءِ بلا ٿي پئي آهي! ذهني طور هوءَ پنھنجي عمر کان ڏھہ سال وڏي آهي. اها هن جي ذهانت ئي آهي. جا هن لاءِ وبال ٿي پئي آهي. هن جي خيال جي اٿاھہ گهرائيءَ تائين پھچڻ لاءِ ڏور رس نظر کپي. هن کي سمجهڻ لاءِ فرصت کپي - ۽ زندگيءَ ۾ ڪنھن کي ايتري فرصت آهي، جو هن جي دنيا جھان کان نرالي طبعيت جي باري ۾ سوچي ۽ هن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري! زندگيءَ جي باري ۾ هن جي نقطي نظر عام سطح کان بلند آهي - هن جي تخيل جي رفعت زمين جي وسعتن تي پرواز ڪندي، ڪڏهن ڪهڪشان جي تارن کي بہ ڇُهي ٿي وٺي..... جڏهن ٻين جا خيال طبعيت کان ٿورو بہ مٿي نٿا وڃن، جڏهن ڪو هن جي ذهانت جي تعريف ٿو ڪري يا هن جي خيال جي رفعت کي اتفاق سان پھچي ٿو، هن جي احساسات ۽ جذبات کي هن جي صحبت مان تسڪين ملي ٿي، تہ هن جي اداس زندگيءَ ۾ بھار اچي وڃي ٿي، هن جي اداسي مسرت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. پوءِ هن کي دنيا بہ ويران نہ ٿي ڏسڻ ۾ اچي. هن کي ائين ٿو محسوس ٿئي تہ دنيا ۾ هن جو بہ ڪوئي آهي، جو هن کي پنھنجو سمجهي ٿو، جنھن کي هن جي حساس طبعيت جو خيال آهي، جنھن کي هن جي جذبات جو قدر آهي- ۽ پوءِ هوءَ اکيون بند ڪري، هن جي پرستش شروع ڪري ٿي. پر هر وقت جيڪڏهن ڪوئي بقرات سقرات بڻيو رهي، هر وقت ذهانت جو ثبوت ڏيندو رهي، تہ زندگي هوند جھنم نہ ٿي پوي! زندگيءَ جي تلخين کي گوارا ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن انسان کي حماقتن جو سھارو بہ وٺڻو ٿو پوي. زندگيءَ جي سخت تقاضائن کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن هن کي آسمان جي بلندين کي وساري، زمين جي پستين طرف بہ متوجھہ ٿيڻو پوي. زندگيءَ سان مصافحت ڪرڻ لاءِ ڪيترين هزارن تمنائن ۽ آرزوئن جو خون ٿو ڪرڻو پوي، تنھن جي هُن کي خبر ئي ڪا نہ آهي.
هوءَ هميشہ اخلاقي بلندي ۽ ذهني رفعت جي معراج تي پنھنجي خيالن جي پيڪر کي ڏسڻ ٿي چاهي، پوءِ ڪڏهن ڪڏهن حقيقتن سان منھن مقابل ٿيڻ ڪري هن کي مايوسي ٿي ٿئي، هن کي دنيا ويران ٿي نظر اچي، ڀريءَ دنيا ۾ پاڻ کي اڪيلو ٿي محسوس ڪري، ۽ اهو احساس تنھائيءَ هن جي زندگيءَ جي ويرانيءَ کي ويتر ويران ٿو ڪري ڇڏي. جڏهن ويرانيءَ جو احساس وڌي ٿو وڃي، تہ هن کي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ تہ اها ويراني هن کي ڳڙڪائي ويندي، ۽ هن جو دم ٿو گهٽجڻ لڳي، ۽ پوءِ هوءَ سياري جي سرد هوائن ۾ بہ بالڪنيءَ ۾ وڃي ٿي بيھي رهي.“
هن جي آخري جملي تي مون مرڪيو.
”پر هن کي تہ مردن کان نفرت آهي. جنھن جو اظھار هن پنھنجن مضمونن ۽ مباحثي جي تقريرن ۾ هميشہ پئي ڪيو آهي.“ هن جي شخصيت جي هن عجيب و غريب تجزيي تي متعجب ٿي مون چيو
”هون – گدڙ ڊاک نہ پُڄي، آکي ٿو کٽا!“ جڏهن جو هن جي بلند تخيل کي نہ ٿا پھچي سگهن ۽ نہ وري هن ۾ ئي همت آهي جو عام سطح تي اچي، زندگيءَ سان مصافحت ڪري سگهي - اهڙيءَ حالت ۾ هوءَ مردن کان نفرت ڪرڻ جي بھاني پاڻ کي تسلي نہ ڏئي تہ ڇا ڪري؟ نہ ٿي سمجهي تہ ائين ڪرڻ سان هوءَ پاڻ کي خودفريبيءَ ۾ مبتلا ڪري رهي آهي..... اوھہ! منھنجو گهر تہ پٺتي رهجي ويو آهي.....“ ڳالھين جي رو ۾ نازنين پنھنجي گهر کان ڪيترو پري هلي آئي هئي. اسان خدا حافظ چيو ۽ پنھنجي پنھنجي گهر آيون سين.
اسان جي ڪاليج جي يونين طرفان مسابقي (Symposium) ۾ تقرير ڪرڻ لاءِ لاءِ مسٽر سھرورديءَ کي مدعو ڪيو ويو هو. اسين مقرر وقت کان ٿور اڳ ۾ ليڪچر هال ۾ وڃي ويٺاسين. ٿوريءَ دير ۾ هوءَ بہ آئي – خلاف معمول خوشيءَ ۾ چھڪندي. ملول منھن اڄ بشاش هو. ويران اکين ۾ ڪجل جي ڌارا، وار سليقي سان سنوريل، هٿن ۾ ڪنگڻيون، ننھن تي ”ڪيوٽيڪس“ لڳل. اڇي شلوار، بلو دوپٽو، ريشمي قميص، ڪلھن تي اڇي ڪشميري شال پيل. واقعي اڄ هوءَ ڏسڻ لائق ٿي پئي هئي. وڏي ڳالھہ اڄ مساڳ سان ڏند بہ صاف ڪيا هئائين. هوءَ اچي منھنجي ڀرسان ويٺي. سينٽ جي هلڪي خوشبوءَ فضا ۾ پکڙجي وئي. مون دل ئي دل ۾ هن جي ذوق جي تعريف ڪئي. نازنين مون کي هن گهوريندي ڏٺو، ۽ مشڪي ويٺي. هوءَ هڪ ڇوڪريءَ سان ڳالھائڻ لڳي. ڳالھائيندي هوءَ هونءَ بہ گهڻو هئي، پر اڄ هن جي ڳالھين ۾ مذاق جو عنصر بہ شامل هو. هن منھن ورائي مون کان پڇيو، ”ڪڏهن ايندو ”لاير“ پاليٽيشن (Lawer / Liar Politican)؟“ مون هن جي ذهين مذاق تي مشڪي ڏنو. نازنين کان ٽھڪ نڪري ويو. ڀرسان ويٺل ڇوڪرا بہ مشڪڻ لڳا. ڳالھين جي دوران هن دزديدہ نگاهن سان پريان ويٺل هڪ ڇوڪري کي بہ پئي ڏٺو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هوءَ اٿي سامھون واري سيٽ تي وڃي ويٺي. نازيءَ منھنجي ڪن وٽ منھن آڻي آهستي چيو، ”اماس جون راتيون چانڊوڪين راتين ۾ بدلجي ويون آهن، پر چانڊوڪي چئن ڏينھن جي آهي.“
”چوڏهن ڏينھن جي“ مون نھايت سادگيءَ سان وراڻيو.
”هون“ نازنين طنزيہ ”هون“ ڪئي، ۽ مان چئن ڏينھن جي چانڊوڪيءَ جو مطلب سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس - پو ”ناز مون کي ٻڌايو تہ سامھون جيڪو ڪڻڪ رنگ ويڪري پيشانيءَ“ ڪارين چمڪندڙ اکين وارو ڊگهو ڊگهو سنھرو ڇوڪرو ويٺو آهي، سو اڄ ڪلھہ ”ميران“ جو ڪرشن آهي. مون خوبصورت پيشانيءَ ۽ ڪارين اکين واري ڇوڪري کي غور سان ڏٺو. اڙي! هي تہ اسان جي ڪاليج جو بھترين ڊبيٽر هو. هوءَ ڇوڪرين ۾ اول ايندي هئي، ۽ هي ڇوڪرن ۾. هن وانگر هي بہ ڏاڍو ذهين ۽ سمجهو هو، پر هن جي ذهانت هن وانگر ديوانگيءَ جي حد تائين ڪا نہ پھتي هئي. مون نازنين کي چيو ”تمام چڱو ٿيو، جو ٻنھي جي دوستي ٿي. خوب نبھندي. ٻئي ذهين آهن.“
”تڏهن تہ چوان ٿي تہ چار ڏينھن مس جٽاءُ ڪندي هنن جي دوستي!“ نازنين سوچيندي چيو.
”سو ڇو؟“ مون حيران ٿي پڇيو.
”ڇاڪاڻ تہ مرد خود ڪيترو بہ ذهين هجي، ذهين زال ڪڏهن بہ پسند ڪو نہ ڪندو آهي. مرد گهڻو ڪري ساده ذهن زالن سان ئي خوش رهي سگهندا آهن، جن کي هو آساني سان ماري ۽ جيئاري سگهن، جن جي اڳيان آسمان سان پنھنجي چوٽي گسائي، هو پنھنجي احساس برتريءَ جي تسڪين ڪري سگهن، جن تي سختي ڪري سگهن، رعب ڄمائي سگهن. جن جي محبت ۽ همدردي هو آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهن. مرد اهڙين زالن سان ڪڏهن خوش نہ رهي سگهندا آهن، جيڪي حساس هجن، ذهين هجن، هنن کي مجازي خدا سمجهڻ بجاءِ ساڻن برابريءَ جون دعويدار ٿي ويھن، جيڪي هن جي ڪوڙ سچ تي پرکيندڙ نظر رکن. اهڙي زال اڳيان مڙس هيسجي ويندو آهي، ۽ هن جي شڪست خوردہ برتريءَ جو احساس هن جي دل ۾ اهڙيءَ زال لاءِ نفرت پيدا ڪندو آهي: ۽ پوءِ ٻنھي جي زندگيءَ ۾ ناآسودگي وڌندي ويندي آهي، ۽ ٻئي پنھنجي پنھنجي جاءِ تي زهر پي پي جيئندا آهن.“
نازنين جو هي ڪُمھلو ۽ ٿڪائيندڙ ليڪچر ٻڌي، مون کي جيتري ڪوفت ٿي، اوتري ئي هن جي انساني نفسيات جي معلومات تي حيرت پڻ ٿي.
”ڪھڙي ڳالھہ ڪجي تنھنجي تجربيڪاريءَ جي!“ مون مذاق طور دٻيل لفظن ۾ چيو.
”تجربيڪاري نہ، مشاهدو چئو – جيڪو ڪتابن پڙهڻ سان نہ، پر زندگيءَ جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏسڻ سان حاصل ٿئي ٿو.“
هال ۾ بيچينيءَ جي لھر ڊوڙي وئي. اڳين قطارن ۾ ويٺل ڇوڪرن جلدي جلدي پنھنجا سگريٽ وسايا. ”شڪر، ايتري تميز تہ اٿن!“ نازنين آهستي چيو. اسان جو پرنسپال مسٽر سھرورديءَ سان ”ڊائس“ تي آيو، ۽ تعارفي تقرير ڪرڻ لڳو.
”ڏس مان مسٽر سھرورديءَ کان ”آٽو گراف“ وٺنديس!“
هن هلڪي سائي رنگ جو آٽوگراف بڪ ڏيکاري نازنين کي چيو.
مسٽر سھرورديءَ جي تقرير ختم ٿي. هوءَ آٽوگراف وٺڻ لڳي، اسين هليون آيونسين.
اڄ وري هن جو منھن اداس هو. ڀنل پلڪن سان هوءَ بالڪنيءَ ۾ بيھي، پري اُفق ڏانھن نھاري رهي هئي. اهي ئي پريشان وار..... اهي ئي ميرا ميرا ڏند...... هن تي سراپا وحشت وسي رهي هئي. مون همدرديءَ مان هن ڏانھن نھاريو. ناز ڪرسي کڻي بالڪنيءَ ۾ وڃي ويٺي. ايتري ۾ پٽيوالو هلڪي سائي رنگ جو آٽوگراف بڪ کڻي آيو ۽ هن کي ڏيندي چيائين، ”هي توهان کي ناصر صاحب ڏنو آهي“. هن جي محويت مان بيدار ٿيڻ کان اڳ نازنين پٽيوالي کان آٽوگراف بڪ ورتو ۽ کولي ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ تلخ مرڪ سان آٽوگراف بڪ ڏيندي چيائين: ”ڏس، ذهين مرد جي ترڪش جو آخري تير!“
مون پڙهيو. هلڪي نيري پني تي ڳاڙهي مس سان هي شعر لکيل هو.
”عرفي“ اگر بگريه ميسر شدي وصال،
صد سال مي توان بہ تمنا گريستن!
هن بہ ڏٺو. پڙهي مشڪي – هڪ اداس مرڪ ...... ۽ پوءِ وري پري افق ڏانھن نھارڻ لڳي....
هوءَ تعليمي مرحلا وڏي شان سان طئي ڪندي رهي..... پنھنجي ذهانت جي ڀروسي..... ڪاليج جي تعليم ختم ڪري، هوءَ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿي. نازنين ٻڌايو تہ ”اڃا تائين هن جي زندگي ۾ اماس ۽ پورن ماسيءَ جي راتين جي اک ٻوٽ جاري آهي.“

(مھراڻ: 6 – 1956ع)

مان انسان آهيان (اياز قادري)

”ڪنھن کي خبر نہ هئي تہ هو ڪير هو؟ هن جو نالو ڇا هو؟ هن جي ذات ڪھڙي هئي؟ هن جو مذهب ڪھڙو هو؟ هو ڪٿان آيو هو؟ انھيءَ هوندي بہ شھر جو ننڍو وڏو کيس سڃاڻيندو هو. هن کي ڪافي ورهين کان وٺي ڏسندا پئي آيا – سانت ئي سانت، پنھنجي خيالن ۾ گم. ڪڏهن هو مندرن مان نڪرندڙ ناقوس جي صدا: آسمانن تائين ڦھلجي ويندي هئي، ٻُڌي مندر جي دروازي وٽ وڃي ويھندو هو. مندرن ۾ وڄڻدڙ گهنٽين جو شور ۽ پڄارين جا ڀڄن ٻڌي هو انھيءَ ۾ مگن ٿي ويندو هو. هو پڄارين کي ديوتائن اڳيان، وينتي ڪندو ڏسي، خاموش ٿي ويندو هو، ڄڻ ڪنھن فيلسوف وانگر اهڙي ڳوڙهي مسئلي تي ويچار ڪري رهيو هجي، جنھن جو حل کيس نہ ملندو هجي. مندر مان نڪرندڙ مرد ۽ عورتون هن کي ڏسي چوندا هئا: ڀڳوان جو سنت آهي – سندس ڀڳوان سان لنو لڳل آهي!“
صبح جو جڏهن مسجد جي اوچن منارن مان موذن جي ﷲ اڪبر جي صدا ڪائنات ۾ چوطرف پکڙجي ويندي هئي، تہ هو خاموشيءَ سان اٿي اچي مسجد جي چانئٺ وٽ ويھندو هو. وضو ڪندڙن ڏانھن خاموش نظرن سان نھاريندو هو. جڏهن پيش امام قرآن شريف جون سورتون قرآت سان پڙهڻ شروع ڪندو هو، تہ ان جي مٺي آواز ۾ مست ٿي ويندو هو، ڄڻ کيس دلي مسرت حاصل ٿي رهي هجي. جڏهن نمازين کي سجدي ۾ ويندو ڏسندو هو تہ هو وري سوچ ۾ پئجي ويندو هو- اهڙي مسئلي تي، جو هن کان حل نہ ٿيندو هجي. مسجد مان نڪرندڙ نمازي کيس ڏسي چوندا هئا: ”ويچارو مجذوب آهي. ﷲ جو پيارو ٻانھو آهي!“
ننڍو وڏو، مرد، عورت، هندو مسلمان کيس فقير بابا ڪري سڏيندا هئا. کيس نہ گهر هو نہ گهاٽ. مالڪ جي زمين سندس بسترو هئي ۽ آسمان هن جي محل جي ڇت جنھن ۾ چنڊ تارن جا لالٽين روشن هئا. ڪڏهن هو مندر جي ڏاڪڻ وٽ سمھي پوندو هو، ڪڏهن مسجد جي دروازي وٽ کيس ننڊ وٺي ويندي هئي، ورنہ سڄي رات پيو شھر ۾ گهمندو هو – اهڙيءَ ريت جھڙيءَ ريت ڪو بي قرار روح سڪون جي تلاش ۾ سرگردان هجي. اهڙيءَ ريت جھڙيءَ ريت اکٻوٽ راند وقت هڪ ساٿي ڪنھن هنڌ وڃي لڪي ۽ ٻيو ان کي تلاش ڪندو هجي. شھر جا رولو ڪتا هن کي ڏسي ڀونڪڻ لڳندا هئا. مگر هن کي سڃاڻي وري پنھنجو ڪنڌ هيٺ ڪري. چپ ٿي ويندا هئا، ڄڻ کين ازلي ننڊ وٺي ويئي هجي. چوڪيدار ”ڪير ڪير“ جي رڙ ڪندا هن جي ويجهو ايندا هئا، مگر هن کي سڃاڻي چوندا هئا: ”فقير بابا! هينئر رات گذرڻ واري آهي، وڃي آرام ڪريو“.
هو مشڪي اڳتي هليو ويندو هو ۽ سپاهي هن کي تڪيندا رهجي ويندا هئا. سندس وار سنياسن وانگر گهاٽا ۽ ڊگها هوندا هئا، جن جون چڳون مٽيءَ پوڻ سبب ڄمي ويون هيون. سندس ڊگهي ڏاڙهي، سندس وارن وانگر هميشہ دز ۽ مٽيءَ ۾ ميري رهندي هئي. جسم تي هڪ گيڙوءَ رتي الفي ۽ ڪلھي تي هڪ رلھي: اها هئي سندس ملڪيت ۽ هو انھيءَ ملڪيت جو مالڪ هو. هو نہ ڪنھن کي ڪو سوال ڪندو هو، نہ ڪنھن کان ڪجهہ گهرندو هو. ڪڏهن ڪو دياوان هندو هن کي ڀوڄن ڪرائيندو هو- ورنہ هو پنھنجو وقت بک ۾ ئي گذاري ڇڏيندو هو. هو مانيءَ لاءِ ڪڏهن بہ انڪار نہ ڪندو هو، پر جي کيس ڪو پئسا ڏيندو هو تہ اهي ڦٽي ڪري خار وچان پئسن ۽ پئسن ڏيندڙ ڏانھن نھاريندو هو، ڄڻڪ چئي رهيو هجي. ”هيءَ دنيا ئي تہ آهي جنھن جي موھہ ۾ انسان انسان نہ رهيو آهي – انسان ڌڻيءَ جو پوڄاري نہ پر دنيا جو پوڄاري ٿي ويو آهي.“ جڏهن سندس الفي ليڙون ليڙون ٿي ويندي هئي، تڏهن ڪو سخي دل هندو يا مسلمان هن کي نئين الفي پارائي ڇڏيندو هو. ان ويل، هو انھن ڏانھن ٿورائتين نگاهن سان نھاريندو هو. جي ڪنھن کي مٿس ڪھل اچي وئي تہ هن جي سيرب ٺھرائي ڇڏيندو هو يا غسل ڪرائي ڇڏيندو هو، نہ تہ هن کي ڪڏهن بہ پنھنجي سٺائيءَ صفائيءَ جو خيال نہ ايندو هو. هو اڪثر خاموش رهندو هو. ڄڻ سندس زبان کي تالو لڳل هجي. ڪڏهن ڪڏهن موج ۾ اچي ٻہ چار لفظ ڳالھايائين تہ وڏي ڳالھہ ٿي.
اوچتو ئي اوچتو، چوطرف ڪھرام مچي ويو. آباد شھر اجڙ ٿي ويو، چوڌاري باھہ جا اُلا ئي اُلا نظر ٿي آيا. هڪڙا هڪ طرف جمع ٿي ويا، ٻيا ٻئي طرف جمع ٿي ويا. سڀئي هڪ ٻئي جي پاڙن مان نڪري، پنھنجن پنھنجن پاڙن ۾ اچي رهڻ لاءِ لڏپلاڻ ۾ لڳي ويا – سندن جان ۽ مال جي سلامتي انھيءَ ۾ هئي! ٻنھي پاسي، هڪ ٻئي کي لٽڻ مارڻ جون گرما گرم تياريون ٿي رهيون هيون. حملي ٿيڻ جو امڪان ۽ جان جو خطرو هو. ڪنھن کي اهو پتو نہ ٿي پيو تہ ڪڏهن حملو ٿيندو؟ ڪڏهن مال لٽبو؟ ڪڏهن جان ويندي؟ شھر چوطرف سنسان ٿي ويو – ڄڻ ڪو راڪاس آيو هجي ۽ ملڪ جي ماڻھن کي کائي ڇڏيو هجائين.
چوڌريءَ جي محلي ۾ آسپاس جا پھلوان اچي ڪٺا ٿيا. ”اڄ رات“، چوڌريءَ حقي جو ڪش لڳائيندي چيو، ”هنن دين جي دشمنن کي سبق سيکارڻو آهي. سڄي عمر پئي اسان کي لٽيو اٿن. قرض ۾ اسان جون جايون جڳھيون، مال متاع سڀ ڪجهہ ڦري ويا، اڄ اسان جو وارو آهي. هيءَ اسان جي حق جي لڙائي آهي، اسان جي پاڪستان جي جنگ آهي، اسان جي اسلام جو جھاد آهي. اڄ هنن ڪافرن کي ڏيکارڻو آهي تہ مسلمان شير ڇا ٿيندا آهن. ڀل هنن ڌوتي پوشن کي ڀڳوان ياد اچي وڃي. فيصلو ٿيو تہ رات جو ويھہ جوان، جن ۾ گهڻا ٻاهران آيل مضبوط ۽ بھادر منتخب ڪيا ويا، جھاد لاءِ تيار رهن، ۽ سيٺ دمڙي مل جي ڪوٺيءَ تي اول حملو ڪن.“
”ديش مترو! ڇا اوهان کي ملڪ جو ورهاڱو قبول آهي؟“ سيٺ ڌرمداس نوجوان هندن کي، جي مختلف هنڌان اچي ڪٺا ٿيا هئا، مخاطب ٿيندي چيو، ”ڇا اوهان ڀارت ماتا جي سرير کي ٽڪر ٽڪر ٿيڻ ڏيندا. اڄ رات هنن نيچ مسلمانن کي جن هميشہ اسان کي پئي تنگ ڪيو آهي، جن جي ڦرن لٽين، چورين ۽ ڌاڙن کان اسان ڪڏهن بہ شانتي ۾ نہ رهيا آهيون، هنن کي ضرور مزو چکائڻ گهرجي. ڀارت ماتا جي مٿان ٻليدان ٿيڻ جي يڌ آهي. اچو تہ هنن نيچ مسلمانن کي اهڙو سبق سيکاريون، جو کين ڇٺيءَ جو کير ياد اچي وڃي ۽ هميشہ ڌڻي کي ياد ڪندا وتن.“ آخر فيصلو ٿيو تہ ڪجهہ نوجوان منتخب ڪيا وڃن، جي رات چوڌري دين محمد جي گدام تي حملو ڪن.
سورج غائب ٿي ويو، چوطرف سانت ٿي وئي. ورلي ڪو ماڻھو ڳلين ۾ نظر نہ ٿي آيو. هر ڪو پنھنجي گهر کي اندران مضبوطيءَ سان ڪڙو ڏئي وڃي ويٺو. آهستي آهستي رات جي اونداهي وڌندي وئي. گهڙيال رات جا ٻارنھن لڳايا. رستي تي ڪنھن جي پيرن جو آهٽ ٻڌڻ ۾ آيو. ڪتي جي ڀونڪ ٿي فقير بابا کي ڪتي ڏٺو ۽ سانت ٿي ويو. سنسان رستن تي ھھڙي وقت هو پنھنجن خيالن ۾ غرق، اونداهيءَ ۾ هيڏانھن هوڏانھن اهڙيءَ ريت ڦري رهيو هو، ڄڻ ڪو خاموش تاريڪ سايو هجي. وڻن جي پٺيان سرسراهٽ ٿي. ”خاموش! ڪوئي هيڏي اچي رهيو آهي.“ وري سانت ٿي وئي. ”هڪ ڄڻو آهي“ ٻہ – ٽي نوجوان وڻن کان ٻاهر نڪتا. ”تون ڪير آهين؟“، ”تنھنجو نالو ڇا آهي؟“ مگر هنن کي ڪو بہ جواب نہ مليو. ”تنھنجو مذهب ڪھڙو آهي؟“، ”سالو ڪافر آهي“ – ائين هڪڙو ڇرو نڪتو، جو اونداهيءَ ۾ وڄ وانگر چمڪيو ۽ سندس ڇاتيءَ ۾ گهڙي ويو. ٻيا رهيل همراھہ بہ وڻن مان نڪري آيا. انھن مان ڪنھن رڙ ڪئي، ”او فقير بابا“. انھن جي سردار غصي مان چيو، ”هلو هلو، دير ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ٿوري دير ٿي تہ موقعو هٿان هلي ويندو.“ سڀ چپ چاپ پنھنجي سردار جي پٺيان هليا ويا.
فقير بابا هوريان هوريان زمين تان ڪنڌ مٿي ڪيو، سندس لبن تي اها ئي مشڪ هئي. هڪڙي نظر مٿي ڪري ڏٺائين ۽ وري پنھنجو ڪنڌ مسجد ڏانھن کڻي ڪيائين، ڄڻ وضو ڪندڙ، قرآت سان سورتون پڙهندڙ پيش امام سجدي ۾ جهڪيل نمازين ڏانھن نھاريندو هجي. هو آهستي آهستي اٿيو ويران ۽ تاريڪ ڳلين ۾ وڌڻ لڳو.
”تون ڪير آهين؟“، ”تنھنجو نالو ڇا آهي؟“ ڀتين جي پاڇي ۾ بيٺل ٽن نوجوانن هن کان پڇيو، مگر ڪنھن کي ڪو جواب نہ مليو. ”تنھنجو ڌرم ڪھڙو آهي؟“ ”مسلم آهي“ – هڪ آواز آيو – ”ماريو نيچ کي.“ هڪ ڪرپان هوا ۾ ڦريو ۽ سندس پيٽ ۾ چڀي ويو. ”آه!“ جو آواز ٿيو. ٻيا پٺتي رهيل ساٿي بہ اچي هنن سان مليا. ”فقير بابا“ – هڪ نوجوان حيرت مان چيو ”اوير نہ ڪريو، باقي ٿوريون گهڙيون بچيون آهن، جي هيءَ مھل هٿان نڪري وئي، تہ پوءِ افسوس جون تريون مھٽڻيون پونديون.“ سڀئي پنھنجي اڳواڻ جي پٺيان هليا ويا. فقير بابا گهڻي دير کان پوءِ سامت ۾ آيو. آسمان ڏانھن نھاريائين. وري سندس اکيون مندر ڏانھن کڄي ويون. جنھن ۾ ڄڻ کيس ناقوص جي صدا – پوڄارين جا ڀڄڻ – گهنٽين جو آواز – پوڄارين جو ڀڳوان اڳيان سر نوائڻ ڏسڻ ۾ ٿي آيو. هن آهستي اٿڻ جي ڪوشش ڪئي – ٿورو اڳتي هليو ۽ وري ڪري پيو.
شھر ۾ وٺ وٺان ٿي وئي. عورتن جون رڙيون، ٻارن جو روئڻ، ”بچايو بچايو“ جا آواز، بندوق جا ٺڪاءَ، گولين جا زوڪاٽ، لٺين جو ٺھڪو، ڇرن ۽ خنجرن جا چمڪاٽ ”لٽيو ماريو“ جي خوفناڪ شور کان زمين آسمان هڪ ٿي ويو. شھر ۾ باھہ لڳل جي ڇٻي آسمان سان ٿي لڳي. ”ماريو ڪافر آهي“، ماريو مسلم آهي، ”وٺو وٺو، نہ ڇڏيو،“ اوچتو اوچتو سيٽيون وڳيون – ملٽري پوليس جي مشين گنن جا آواز ڦھلجي ويا. چوطرف ملٽري پھرو بيھجي ويو. ريڊ ڪراس جي لارين ۾ مئلن ۽ زخمين کي اسپتال نيو ويو.
”تون ڪير آهين؟“، ”تنھنجو نالو ڇا آهي؟“ ڊاڪٽر جي جواب ۾ صرف زخميءَ مشڪي ڏنو. ”تنھنجو مذهب ڪھڙو آهي؟“ زخميل وڏو ٽھڪ ڏنو. بيٺل ڊاڪٽر ۽ نرس ٻئي ڏڪي ويا. ”شايد ديوانو آهي.“ نرس چيو ”ڊاڪٽر صاحب مان هندو..... نہ ..... مسلم ...... نہ نہ ڊاڪٽر صاحب مان انسان آهيان. منھنجو مذهب انسانيت آهي. ڊاڪٽر صاحب مون کي زخم ٻنھي هندو.... ۽ مسلمانن. .... کان رسيا آهن. منھنجي زخم انسانيت جا زخم آهن. ڊاڪٽر صاحب، منھنجو موت انسانيت جو موت آهي. ڊاڪٽر صاحب، منھنجو لاش هندو مسلم ٻنھي جي حوالي ڪجو، جنھن ۾ هو پنھنجي شڪل ڏسي سگهن، جن ۾ کين ڀڳوان اڳيان سر نوائڻ، ﷲ اڳيان سجدا ڪرڻ، ٻئي چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ اچن.“
زخمي چپ ٿي ويو. سندس لبن تي ابدي مشڪ ڦھلجي وئي، جا چئي رهي هئي ”مان انسان آهيان.“ پري کان ناقوس جي صدا آئي، آذان جو آواز آيو. پوڄارين ڀڄن ڳايا. نمازين ﷲ اڪبر پڪاريو. هندن ڀڳوان اڳيان سر نوايو – مسلمان سجدي ۾ جهڪي پيا.

(مھراڻ: سيارو – 1955ع)

ململ جو چولو (عثمان علي انصاري)

”مون اها شادي پنھنجي پسنديءَ تي تہ ڪا نہ ڪئي هئي!، انور پنھنجي شرمساري لڪائيندي منھن هيٺ ڪري چيو، جنھن تي سندس ٻين دوستن جي ترجمان ڪندي قاضيءَ چيو، ”بھتر ٿئي ها جو هن پوئينءِ بي مروتيءَ کان شروعات ۾ شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏين ها. آخر قبوليت تہ توکان ورتي هوندائون: انھيءَ وقت ڇو ڪين ٿي چيئہ تہ هيءَ ڇوڪري منھنجي پسنديءَ جي نہ آهي، تنھنڪري آءٌ قبول نہ ٿو ڪريان؟ ڪين انھيءَ زماني ۾ ڇاڪاڻ تہ پاڻ فقط پندرهن رپين ڪمائڻ وارو هڪ ناڪارہ نوٽ! هي سڌ کٽل معلوم ٿئي ٿي شخص هئين، تنھن ڪري زبيدہ سان شادي ڪندي تو پاڻ کي ڪس نہ ٿي سمجهي، ۽ هينئر جڏهن وڏا امتحان ڏيئي آفيسري هٿ ڪئي اٿيئي تہ زبيدہ تنھنجي شان وٽان نہ آهي!“
”اوهين کڻي ڇا بہ سمجهو،“ انور بيزاري ڏيکاريندي چيو ”پر سچ پچ تہ زبيدہ مون کي پھرين ڏينھن کان پسند ڪين آئي هئي. قاضي صاحب کي تہ ياد هوندو تہ شاديءَ جي رات گذاري صبح جو آءٌ سندس جاءِ تي اچي ڪيترو وقت ويٺي رنس. رهيو سوال انڪار ڪرڻ، جو سو آءٌ قبولدار آهيان تہ والد صاحب کي انڪار ڪرڻ جي همت – مون کي ڪا نہ هئي ۽ جي هجي بہ ها تہ بہ جيڪر اهڙو ناخلف ڪين ٿيان ها جو والدين جي ڏنل لفظ کي هيٺ ڪري پنھنجي منايان ها.“
اتي قاضي صاحب جوش ۾ اچي اٿي بيٺو ۽ چيائين، ”قربانيءَ جا سڌڙيا تہ سڀ آهن، پر ڪري نباهڻ بہ ڪن جو ڪم آهي! انور دوست، انھيءَ وقت تہ پيءُ – ماءُ جو ڪنڌ هيٺ ڪرڻ تو نہ ٿي گهريو، پر هينئر پنھنجي زال کي گهر مان نيڪالي ڏئي، سندس پيءُ جي گهر ويھاري تہ شايد ستن پيڙهين کي بہ داغ ڏيڻ کان نہ ٿو گسين!“
”منھنجين ستن پيڙهين تي داغ اچڻ جي ڪري ڪنھن ٻئي جي پڳ تہ ڪا نہ لھي پوندي؟ هر ڪو پاڻ کي ڏسي، ”انور ائين چوندو، محفل مان اٿيو هليو ويو.
زبيدہ کي نو ورهيہ پنھنجي پيءُ جي گهر ويٺي ٿيا آهن. انھيءَ وچ ۾ جيتر سندس سھرو جيئرو هو، تيتر ڏھہ رپيا درماھہ کيس خرچ لاءِ موڪليندو رهيو. سندس مرڻ کان پوءِ اهو وظيفو هميشہ لاءِ بند ٿي ويو. جيڏيون سرتيون هن کي نفرت جي نگاھہ سان ڏسنديون هيون. شادي مراديءَ ۾ سندس وڃڻ بند هو. پڻس جي مري وڃڻ تہ ويتر سندس حالت خراب ڪري ڇڏي. هڪ پرڻيل زال ڀائرن جي در تي آخر ڪيستائين رهي سگهندي؟ ڌارين جا طعنا مھڻا سھي وڃڻ تہ شايد زبيدہ جھڙي شريف صابرہ لاءِ ڪا مشڪل ڳالھہ ڪا نہ هئي، البتہ ڀاڄاين جا تنڪا ۽ سهما سھي نہ سگهي. لاچاري انسان کان ڇا ڪين ڪرائيندي آهي؟ تنگ ٿي، زبيدہ بہ پنھنجي پورهئي ڪرڻ جو ارادو ڪيو. انھيءَ وچ ۾ پنھنجي مڙس ڏانھن بہ بي حساب نياپا موڪليائين تہ ڌڻيءَ لڳ مون کي پاڻ وٽ رکو، آءٌ اوهان جي گهر پورهيت ٿي رهنديس. پر هيڏانھن انور ٻي شادي ڪئي هئي، ٻہ ٻار ڄايا هئس، تنھن سندس نياپن جو جواب فقط خاموشيءَ جي نفرت سان ڏنو. جيڪڏهن ڪنھن چڱي مڙس روبرو بہ اچي ٿي چيس تہ انھيءَ کي بہ ڇڙو هيءُ جواب ٿي مليو تہ ”هينئر کيس گهرائي آءٌ پنھنجي لاءِ جيئري دوزخ پيدا ڪرڻ نہ ٿو چاهيان“، پئسن موڪلڻ جي سوال تي چوندو هو تہ ”مون کي پنھنجن ٻچن لاءِ بہ ڪجهہ ڪرڻو آهي يا نہ!“ مطلب تہ انور هڪ يا ٻيو بھانو ڏيئي سڀني کي ٽاريندو هو.
زبيدہ سبڻ پوئڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو، جنھن مان سندس گذر تمام مسڪيني نموني ۾ ٿيندو ٿي آيو. پر آخر سندس صبر بہ ڏيوالو ڪڍيو ۽ هن جي تندرستي خراب ٿيڻ لڳي. پھرين تہ معمولي بخار سمجهي خيال نہ ڪيائين، پر جڏهن ڏٺاين تہ هر روز بخار ٿو ٿئي تہ تشويش پيدا ٿيس. تنھن هوندي بہ پنھنجي ناداريءَ جي حالت ڪري علاج ڪين ڪرائي سگهي. مھيني کن جي اندر اهڙو حال ٿي ويس جو بستري تان اٿي بہ مشڪل ٿي سگهي. هڪ ڏينھن پنھنجي پورهئي جي بچايل پئسن مان ٽي وال تمام عمديءَ ململ جا گهرائي هڪ چولو تيار ڪيائين. گهڻي دير ويھي بہ ڪين ٿي سگهي، تنھن ڪري بستري تي سمھي، سيني تي ڪپڙو رکي، انھيءَ جي ڳچيءَ تي ريشم جا گل ۽ وليون ڀريائين. جڏهن چولو بلڪل تيار ٿي ويو، تڏهن هڪ پارسل ۾ انھيءَ کي بند ڪري پنھنجي مڙس ڏانھن موڪليائين. ساڳئي ڏينھن کيس هيٺيون خط بہ موڪليائين:
”منھنجا سرتاج! خدمت ۾ پويون دفعو حاضر ٿيڻ جي معافيءَ بعد، عرض آهي تہ اڄ هڪ چولو پنھنجن بيمار هٿن سان سبي تيار ڪري اوهان ڏانھن موڪليو اٿم. مون کي سلھہ جو عارضو لڳو آهي، جنھن مان ڇٽڻ جي اميد بالڪل ڪا نہ آهي. منھنجي ڪمائيءَ مان ڪفن– دفن جي خرچن کان پوءِ جيڪي ڪجهہ بچيو ٿي، تنھن جا وارث ڇاڪاڻ تہ اوهين آهيو، تنھن ڪري اهي پئسا هن چولي تي خرچ ڪري اوهان ڏانھن موڪليان ٿي. منھنجي آخري التجا هي آهي تہ مھرباني ڪري اهو چولو اوهين پاڻ پائجو، ڇو تہ جي اوهين پائيندا تہ منھنجي روح کي راحت ايندي. مان سمجهان ٿي تہ هن خط پھچڻ کان اول منھنجو خاتمو ٿي ويو هوندو. مون اوهان کي سڀ ڪجهہ بخشيو. اميد تہ اوهين بہ مون کي چيو آکيو بخشيندا. – اوهان جي ڪنيز، زبيدہ.“
خط ملڻ جي ڏينھن انور کي چولي وارو پارسل بہ مليو. پر هيڏانھن خط ۽ پارسل آيا، هوڏانھن سندس زال اچي فساد مچايو. ٻارن تي بيگناھہ پادر وسي ويا. روڄ شروع ٿي ويو. ڪنھن جي ماني، ڪنھن جي ٽڪي – واويلا مچي وئي. انور کي ڪھڙا خيال دل ۾ ٿي آيا، تنھن بابت ڪجهہ بہ چئي نہ ٿو سگهجي، ڇو تہ پاڻ خاموش ويٺو هو، البتہ ٻارن جي مار کائڻ تي ايترو چيائين ٿي تہ ”هنن معصومن جو ڪھڙو ڏوھہ؟“ سندس زال ڏٺو تہ منھنجي ڪروڌ جو خاطريءَ جھڙو نتيجو نہ نڪتو تہ زور زور سان روئي چوڻ لڳي تہ ”پاڻ تہ سلھہ جو شڪار آهي، هاڻي منھنجي مڙس ۽ ٻارن کي بہ سلھہ ڏيڻ ٿي گهري. تنھن ڪري تہ هي چولو سبي موڪليو اٿس! هاڻي يا تہ گهر ۾ آءٌ رهنديس يا هي چولو.“ اتي انور چيو، ”آءٌ باھہ ڏيندو آهيان اهڙي چولي کي، جو منھنجي گهر ۾ ڦيٽو وجهائي!“ ائين چئي، اهو چولو، جو ڏاڍيءَ سڪ ۽ محبت سان هن ڏانھن موڪليو ويو هو، سو وڃي چلھہ ۾ وڌائين. چولو هو سنھي ڪپڙي جو، سو هوا جي ڪري باھہ ۾ ڪين ڪريو ۽ چلھہ جي ڀرسان وڃي پيو، انور پنھنجي پيرن سان انھيءَ کي سوري باھہ ۾ ساڙي ڇڏيو. جڏهن چولو باھہ ۾ سڙي ڀسم ٿي ويو، تڏهن وڃي سندس گهر ۾ ٺاپر ٿيو. انھيءَ ڏينھن شام جو کيس تار پھتي تہ زبيدہ مري وئي.
زبيدہ کي مئي پنج ورهيہ گذري ويا آهن. اپر سنڌ ۾ اونھاري جي شروعات ڏاڍي زور سان ٿيندي آهي، ۽ جون جو مھينو چڱو گرم ٿيندو آهي. هڪ ڏينھن انور شام جو پنھنجيءَ آفيس کان موٽيو، تہ پيرن سڙڻ جي شڪايت ڪيائين. سندس زال چيو تہ: ”شايد گرميءَ جي ڪري اوهان کي ائين ٿو محسوس ٿئي، ٿڌي پاڻيءَ سان وهنجندئو تہ بس.“ حمام ۾ وڃي تَڙ بہ ڪيائين، پر پيرن جي جلن وڌي وئي. اڌ رات ڌاري کيس اهڙي تہ تڪليف ٿيڻ لڳي، جو هڪ پل بہ آرام نہ ٿي آيس. انھيءَ وقت ماڻھو موڪلي ڊاڪٽر کي گهرايو ويو. ڊاڪٽر صاحب آيو، چڱيءَ طرح پيرن کي چڪاسيائين. حيران ٿي چوڻ لڳو تہ: ”مون کي تہ تنھنجن پيرن ۾ ڪا بہ خرابي نہ ٿي ڏيکارجي. کل بہ اهڙي آهي، جھڙي هڪ تندرست انسان جي پيرن جي ٿيڻ کپي. اندر خون جو دورو بہ پورو آهي، رڳون ۽ نسون بہ برابر پيون ڪم ڪن. ايتريءَ تڪليف جي ڪري ڪم از ڪم ٻاهران ٿوري گهڻي سوڄ يا ڳاڙهاڻ تہ ضرور هئڻ کپي، سا بہ ڪا نہ آهي. آءٌ دوا ڪريان تہ ڇا جي ڪريان؟“ انور جي حالت انھيءَ وقت اهڙي هئي، جو ڏسڻ وارا سندس بيچيني ڏسي نہ ٿي سگهيا. سندس زال زار زار روئي رهي هئي، ۽ ڊاڪٽر کي ليلائي ٿي چيائين تہ ڪجهہ ڪريو. آخر ڊاڪٽر انور کان پڇيو تہ ”ڪنھن خاص جاءِ تي جلن ٿئي ٿي يا سارن پيرن ۾؟“ جنھن تي انور سور جي شدت کان شوڪارا ڀريندي چيو تہ ”پيرن جون تريون ٿيون سڙن، ائين ٿو سمجهان تہ باھہ ۾ پير پيا آهن! ڊاڪٽر صاحب، مھرباني ڪري منھنجا پير ڪپي ڪڍو! مون کي پيرن ڪپڻ جو ايذاءَ قبول آهي، هي ساڙو نہ ٿو سھي سگهان.“ لاچار ٿي ڊاڪٽر کيس ٻہ سيون هنيون، جن جي درد جي سبب يا اثر جي ڪري انور چيو تہ ”جلن گهٽ آهي.“ ڊاڪٽر تہ پنھنجي في وٺي ويندو رهيو، پر مريض ڪجهہ وقت کان پوءِ ڪراهڻ شروع ڪيو. صبح جو جڏهن ڊاڪٽر صاحب کي وري گهرايو ويو تہ چيائين تہ ”مون کي مرض جي خبر نہ ٿي پوي، اوهين ڪنھن ٻئي ڊاڪٽر کي گهرايو.“ ڊاڪٽر جي اهڙي نااميديءَ جي جواب ملڻ کانپوءِ، انور جي زال پنھنجن ڏيرن سان صلاح ڪئي، جن چيس تہ انور کي ڪوئيٽا وٺي وڃو، ڇاڪاڻ تہ اتي وڏا وڏا فوجي ڊاڪٽر آهن، شايد انھن کي مرض سمجهہ ۾ اچي وڃي.
ڪوئيٽا جي بابو محلي ۾ هڪ جاءِ جي باغ ۾ ڊاڪٽر ڪپتان نصير احمد، چروٽ وات ۾ وجهيو، پسار ڪري رهيو هو. ائين ٿي معلوم ٿيو، ڄڻ ڪنھن تمام مشڪل مسئلي تي غور ڪري رهيو آهي. ڪنھن ڪنھن وقت منھن ڦيري باغ جي دروازي ڏانھن ٿي نھاريائين، ڄڻ تہ ڪنھن جو انتظار هجيس. اٽڪل ڏهن منٽن کان پوءِ هڪ وڏي موٽر اچي باغ جي دروازي وٽ بيٺي، جنھن مان ڊاڪٽر وليمس لٿو. ڊاڪٽر نصير احمد اڳتي وڌي وڃي ساڻس مليو، ۽ وٺي اچي کيس هڪ ڪمري ۾ ويھاريائين. ميجر پڇيس تہ ”هاڻي مريض جي ڪھڙي حالت آهي؟“ سندس حالت ۾ ڪو بہ فرق نہ آيو آهي.“ ڊاڪٽر نصير احمد چروٽ جي رک ڇنڊي چيو، ”ڏينھون ڏينھن سندس قوت وڃي ٿي هاربي. پھرين منھنجو خيال هو تہ کيس فقط دماغ جي خرابيءَ ڪري اهو خيال دل ۾ اچي ويٺو آهي تہ منھنجا پير ٿا جلن، پر ڪالھہ کان وٺي ڏسان ٿو تہ ٻنھي پيرن ۾ سوڄ شروع ٿي وئي آهي.“ اڃا ڊاڪٽر نصير احمد پنھنجو جملو پورو ڪيو تہ هڪ نوڪرياڻي اندر آئي، جنھن اچي چيو تہ ”ڊاڪٽر صاحب، اوهين هاڻي اندر اچي سگهو ٿا.“
ٻئي ڊاڪٽر اندر زنانہ خاني ۾ آيا. ورانڊي ۾ انور هڪ پلنگ تي ڪنبل ڍڪيو سمھيو پيو هو، پر حالت اهڙي ٿي ويئي هيس جو سڃاڻپ کان نڪري ويو هو. ٻنھي ڊاڪٽرن اچڻ شرط سندس پيرن جو معائنو ڪيو. نبض ڏٺائون، کاڌي وغيرہ جو احوال پڇيائون. جو انور جي زال، جا سندس پلنگ جي ڀرسان چادر ويڙهيو مغموم حالت ۾ ويٺي هئي، تنھن ٻڌايو تہ ڊاڪٽرن جي اٿڻ مھل انور آهستي آهستي چيو تہ : ”ڊاڪٽر صاحب، منھنجي زال کي تہ مھرباني ڪري چئو تہ مونکي ڳوٺ وٺي هلي، منھنجي بچڻ جي هينئر آسرو ڪو نہ رهيو آهي، ڪم از ڪم مٽي تہ پنھنجن سان وڃي گڏجي!“
چوڏهين آگسٽ تي انور کي ڳوٺ کڻائي آيا، جتي اوڻيھين تاريخ مري ويو. چيو وڃي ٿو تہ پنج ورهيہ اڳ، اوڻيھين آگسٽ تي، انور زبيدہ وارو موڪليل چولو پيرن سان باھہ ۾ وڌو ويو.

(مھراڻ: 2 – 1961ع

ٽِڪري (بشير مورياڻي)

ڏتي ڪپڙي جو سينھو ٺاهي مٿي رکيو، ۽ ان تي ڇَٻو رکي، تاجوءَ جي جئا واريءَ ٽِڪريءَ ڏانھن هلڻ لڳو.
ٽِڪريءَ جو اڌ حصو کليل ميدان هو. ڪٿي ڪٿي پڪين سرن جا گُندڙا ٺھيل هئا، جن ۾ نم جون چڪيون لڳايون پيون هيون – هڪ ڪنڊيءَ جو وڻ هو ۽ ٻيو گدامڙي جو، جن هيٺان کٽون پيون ئي رهنديون هيون.
ٻئي اڌ حصي ۾ هڪ تہ وڏي در واري ڪوٺي هئي، جتي سياري جي راتين ۾ جوئا ٿيندي هئي. انھيءَ ڪوٺيءَ سان لڳ ٻي ننڍڙي ڪوٺي بہ هئي، جتي پاڻيءَ جو نل لڳل هو. هڪ ننڍو باغ بہ هو. هڪ – ٻہ کجيءَ جا ننڍا وڻ، هڪڙي نئين ٻير، ڪجهہ وليون ۽ ٿوري ڇبر – ڏينھن جو اتي جي ڇانوري ۾ جوئا لڳندي هئي. چوڌاري گنب جو لوڙهو ڏنل هو، جنھن جي مٿان ڪنڊا ۽ ٻوڙا ڄمائي رکيا ويا هئا. لوڙهي جي دڳ وارين ٻن ڪنڊن تي سدائين ٻہ پھريدار بيٺا هوندا هئا.
ڏتو ڇٻو کڻي ٽڪريءَ ۾ پھتو. ان وقت سج لھڻ جا سانباها ڪري رهيو هو، ۽ زرد نٻل اس شھر جي اوڀر واري حصي جي گهرن تي پويان پساھہ کڻي رهي هئي. ڏتي ڇٻو موڙي تي رکيو ۽ پنھنجي ويھڻ لاءِ سروٽا ڳولڻ لڳو.
”پر، هي سراٽا روز الائي ڪھڙو....... ٿو کڻي وڃي. روز ٿو ٻاهريون کڻي اچان، ٻئي ڏينھن ڏس تہ ٺهن ئي نہ!“ هو ڀڻ ڀڻ ڪندو رهيو. نيٺ ٻاهران هڪ پڪي سر کڻي آيو ۽ ان تي ويھي ”آ گل ڇڪا“ ۽ ”تري“ جا آواز ٻڌڻ لڳو. هو ڪن خيالن ۾ محو ويٺو رهيو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن جوئاريءَ وڏو داءُ پئي کٽيو، تہ واڪو پئي ڪيائين. ڏتي جو ڇرڪ نڪري ٿي ويو. هر داءُ کٽندڙ هن کي وڏي واڪي پئي سڏيو:
”چاچا ڏتا! آني جا ڇولا تہ کڻي آءٌ“
”چاچا ڏتا، ٻين آني کن جا ڇولا ۽ ٻہ ڍٻلان، رس مڙئي سرس آڻجانءِ!“
سج لھندي لھندي ڏتي جو مال کپي ويو. هن خالي ڇٻو اندرئين ڪوٺيءَ رکيو، ۽ سانجهيءَ جي نماز پڙهڻ لاءِ ڀرواريءَ مسجد ڏانھن هليو ويو. ڏتو روزانو نيراني بازار مان ڍٻلون، چڻا ۽ مند آهر پٽاٽا ۽ ڪچالو وٺي ايندو هو. اڌ ڏينھن تائين مال تيار ڪري، منجهند ٿيندي ئي ڇٻو کڻي نڪرندو هو. پھريائين هو ڪن گهٽين ۾ ويندو هو. يا غريب پاڙن ڏانھن. ٻارن ۽ زالن کي چھريون چيزون گهڻو ڪري وڻنديون آهن، تنھن ڪري هو گهر گهر اڳيان هوڪو ڏيندو ويندو هو:
”ڇولا ڍٻل...... گرم ڇولا ڍٻل!“
ٻار ”ڀائي! ڀائي!“ پڪاريندا، پئسا هٿڙن ۾ جهلي، گهرن مان نڪرندا ايندا هئا. ڪن گهرن جي درن کي ڏنل ٽپڙيون لڏڻ لڳنديون هيون ۽ انھن پٺيان چرپر پيدا ٿيندي هئي. ڪانچ جي ڪنگڻين سان جهنجهيل ڪرايون ۽ اڇا هٿ ٻاهر نڪرندا هئا ۽ ڇولا – ڍٻل وٺي جهت اندر ٿي ويندا هئا.
پوياڙيءَ مھل ڏتو تاجوءَ جي ٽِڪريءَ ڏانھن رخ رکندو هو. رهيل کهيل مال اتي نيڪال ڪري، سانجهيءَ جي نماز ڀرواريءَ مسجد ۾ پڙهي گهر ورندو هو. اهو ڏتي جي روزاني زندگيءَ جو معمول هو.
سرءُ جي مند هئي. شام اداس هئي. ڏتو مايوس پئي ڏٺو. ڇٻو ٿورو پريان رکيو هوس ۽ سندس ساڄي پاسي جوئاگرن جو ٽولو خاموش ويٺو هو. جوئا بند هئي. ٻڌڻ ۾ آيس تہ اهو سٽي پوليس انسپيڪٽر جنھن کي ٽڪريءَ طرفان مھيني سر ٻڌي رقم روڪڙ ملندي هئي، بدلي ٿي ويو هو، ۽ جيڪو نئون ماڻھو ان جي جاءِ تي آيو هو. سو سخت هو.
تاجو، ٽڪريءَ جو مالڪ رکي رکي هٿ مھٽي رهيو هو. اڄ نال جو نہ مليو هوس!
هڪڙو جوئاري چوڻ لڳس، ”چاچا تاجل! ڀلا ڇو نہ انھيءَ نئين آفيسر سان ملي ڏسجي.“
”سڀ اڦيسر هڪجھڙا ٿورو ئي هوندا آهن! ڏاڍو سخت ٿو ٻڌجي.“
”جهڪي ويھہ! پئسي اڳيان هر ڪو پاڻي ٿيو پوي. اڄ رات ئي دستي کڻي. الاهي توهار ڪر. ڏس تہ منٽن ۾ ڪم ٿو راس ٿئي نہ!“
ٻئي جوئاريءَ، ٻيانيءَ سان زمين ۾ سوراخ ڪندي، ڪنڌ لوڏ ڪري هن جي تائيد ڪئي.
”هيئن ڪاروبار بند رهي بہ ڪيستائين رهندو؟“
”اها ئي تہ ڳالھہ آهي،“ تاجوءَ چيو ”چڱو رکو مولا تي، رات وٽس وڃبو.“
ان بعد سڀني تيار ٿيل ”ڦل“ مان سوٽا هڻڻ شروع ڪيا.
ڏتو تہ ڪنھن دنيا ئي ٻيءَ ۾ هو. سوچي رهيو هو، ”ورندي سرءُ اچي سھڙي، پر ڀاڻم جو ناسور نہ لٿو!“
هن جو نوجوان ڀاءُ رمضو استگيري جو ڪم ڪندو هو. گذريل سال هڪ ماڙي ٺاهيندي گوءِ اچي هيٺ پئي. هڪ مزور اڦٽ مري ويو. ڪن استن کي ڌڪ لڳا. رمضو بہ انھن مان هڪڙو هو. هن کي سڄي پير ۾ پڪيءَ سر جي هڪ چٿري چڀي وئي. زخم ٿيو، جنھن پوءِ ناسور جي صورت ورتي. علاج ٿيا، شاديءَ لاءِ جيڪي پئسا ڪٺا ڪيا هئائين، خرچ ٿي ويا. ڏتي جي گهر واريءَ جا زيور ۽ نقدي ڊاڪٽرن، حڪيمن ۽ جراحن جي کيسن ۾ هلي وئي، پر رمضو کٽ داخل ئي رهيو. ڏتو پنھنجي مٿي تي ڇٻيءَ سان گڏ ڀاءُ جي بيماريءَ جو غم بہ کڻي، گهٽيءَ گهٽيءَ گهمندو رهيو.
ڏتو ائين ويچارن جي وهڪري ۾ وهي رهيو هو، تہ هن کي ڪجهہ بيزاريءَ جو احساس ٿيو. آخر هو لاچار، ڀاءُ لاءِ ڪري بہ تہ ڪري ڇا! دوائون دعائون سڀ بيڪار ثابت ٿيون هيون. هر هر نماز کان پوءِ ڀاءُ جي صحت لاءِ ٻاڏائي دعائون پنندو هو، پر انھن ڪو اثر نہ ڏيکاريو. ڀاءُ کي پڻ تلقين ڪندو هو تہ ڌڻيءَ در ٻاڏائي. ڀاڻس پھرين تہ هن جو چوڻ ورتو هو، پر جڏهن سچيءَ دل سان گهريل دعائن جو ڪو اثر نہ نڪتو، تہ هو مايوس ٿي پيو ۽ ائين ڪرڻ ڇڏي ڏنائين. هي ان تي ٽوڪيندو هوس، تہ تنگ ٿي چوندو هو: ”انھن دعائن مان نہ ڪجهہ وريو آهي، نہ ورندو. بس هن ايذائن ۽ عذابن ڀريءَ حياتيءَ کان هاڻي جند ڇٽي تہ چڱو!“
”ائين تہ نہ چئہ ......“ ڏتو هن جي ڪاراٽجي ويل چپن تي هٿ رکندو هو. اکين ۾ بي اختيار ڳوڙها اچي ويندا هئس. ڏتو رڳو انھيءَ ڪري غمگين ٿيو نہ ويٺو هو، جو ڀاءُ جي درد جو احساس ٿي رهيو هوس، بلڪہ ان کان بہ وڌيڪ هڪ اهم ڳالھہ هن کي جهوري رهي هئي.
صبح پاڙي مان ڏس مليو هوس تہ هڪڙو نئون ڊاڪٽر شھر ۾ آيو هو. ٻڌڻ ۾ آيس تہ ڦٽن ڦرڙين جي علاج ۾ ماهر هو. سندس هٿ – شفا جو هل بہ هو. ويچارو نيراني ئي وٽس ويو هو ۽ بگي ڀاڙي ڪرائي، ڊاڪٽر کي گهر وٺي ايو. ڊاڪٽر کي تپاسيندو ڏسي، ڏتي جي گهرواريءَ مڙس جي ڪن ۾ ڀڻڪو ڪيو:
”ڏاهو ٿو ڏسجي، منھنجي تہ دل ٿي ٻولي تہ ڀاڻھين کي اهو ڇٽائيندو!“
ڏتي هوريان ڪنڌ – لوڏ ڪئي. ڊاڪٽر، رمضوءَ جو ڦٽ چڪاسيو ۽ ان تان لاٿل شيھي جو ٽڪر پري ڦٽو ڪيائين ۽ پنھنجي بيگ مان ڪپھہ ۽ پٽيون ڪڍي ڦٽ تي ٻڌي ڇڏيائين، ۽ هدايت ڪيائين:
”ڦٽ سان هٿ – چراند نہ ڪئي وڃي.“
ڊاڪٽر اٿيو، تہ ڏتو بگيءَ تائين ساڻ ويس.
”سائين منھنجا .....“
”بابا، ڳالھہ ٻڌ.“ ڊاڪٽر وچ ۾ ڳالھہ ڪٽي چيس، ”ڦٽ ٺيڪ ٿي سگهي ٿو.“
”شل ٻچا جيئنو!“
”ڏوڪڙ خرچ ڪري سگهندين؟“
”سائين، غريب آهيان. پئسو پنجڙ گهر ۾ رکيل ناهي. ڇٻو کڻندو آهيان. مشڪل سان گذر پيو ٿئي.“
چڱو، تو کان ايترا پئسا ڪو نہ وٺبا: پر گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو رپين جو بندوبست ڪندين، تڏهن ئي اطمينان سان علاج ٿي سگهندو. ڦٽ ڏاڍو خراب ٿي چڪو آهي. ڄنگهہ جي مٿئين حصي تائين پونءِ آهي. پئسن جو انتظام ڪري، ڏينھن – ٻن اندر جواب ڏجانءِ.“
بگي هلي وئي، ۽ ڏتو جتي جو تتي بيٺو رهيو ۽ غم ۾ غوطا کائيندو رهيو – هڪ سئو رپيا تہ هن کي ٻارهين مھيني بہ نہ بچڻا هئا، سي ڏينھن – ٻن ۾ ڪٿان ٿي آڻي سگهيو! هوڏانھن نوجوان ڀاءُ هئس، جيڪو ڏينھون پوءِ ويو ٿي کاڄندو. ذري گهٽ قبر ڪنڌيءَ تي هو. پيءُ جي مئي پڄاڻا هن کيس پُٽڙو ڪري پاليو هو. اولاد بہ ڪو نہ هئس، تنھن ڪري هيڪاري سڄو پيار ڀاءُ تي پٽجي پيو هوس. هن جي جوانيءَ جي موت جي خيال کيس ڪنبائي ٿي ڇڏيو. هو ڀاءُ لاءِ سڀ ڪجهہ ڪرڻ لاءِ تيار هو.
هو انھن ئي ويچارن ۾ تاجوءَ واري ٽڪريءَ ۾ ويٺو هو، تہ سانجهيءَ جي نماز جي ٻانگ جو آواز ڪن تي پيس. اڄ پھريون ڀيرو هن محسوس ڪيو تہ ڄڻ اهو آواز هن کي سڏي ئي نہ رهيو هو. پر عادت کان مجبور، زبردستيءَ اٿي مسجد ڏانھن ويو. نماز ۾ بہ هو بيمار ڀاءُ بابت سوچيندو رهيو. زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو هن نماز پڙهڻ کان پوءِ دعا نہ گهري، ٽڪريءَ مان ڇٻو کڻي گهر جو رخ ڪيائين. در ۾ پير پائيندو ويو، تہ رمضوءَ جي چيچلائڻ جو آواز ڪن پيس. جوڻس ڏير کي ويٺي پکو لوڏيو.
”ڇو......؟“ سوال هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو، ڇٻو هڪ ڪنڊ ۾ رکيائين ۽ زال ڏانھن وڌيو.
”ڇو........؟“
انھيءَ مختصر سوال ۾ هن جي دل جو سمورو درد ۽ اضطراب سميٽجي آيو هو. جوڻس پوتيءَ جي پلوءَ سان اکيون اگهيون، تہ ڏتي پنھنجي سيني مان دل ٻاهر نڪرندي محسوس ڪئي. ڪجهہ ڪڇڻ پڇڻ بنا هو رمضوءَ ڏانھن وڌيو. هن جون اکيون بند هيون، پر سڄي بدن ۾ڏڪڻي هيس. لڱ لڱ ڦڙڪي رهيو هوس.
هن سندس پيشانيءَ تي هٿ رکيو، تہ رمضوءَ پنھنجي ڏڪندڙ هٿ سان ان کي سوگهو جهلڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
”ائين وهلور ڇو ٿو وڃين؟“
ڪو جواب نہ آيو.
”اڳيئي تڪليف اٿس، تون ڳالھرائينس تہ نہ!“
زال جي اها صلاح هن کي آئڙي. پوءِ چوڻ لڳو:
”سڀاڻي کان ڊاڪٽر تنھنجو علاج شروع ڪندو، اد!“
جوڻس ڏتي جي اکين ۾ ارادي جي چمڪ ڏٺي. سڄي رات هو سوچيندو رهيو.
اهو صبح هن جي زندگيءَ جو نئون موڙ هو. هو هڪ اهڙو فيصلو ڪري بستري تان اٿيو، جنھن جو ڪڏهن خواب بہ نہ لڌو هئائين.
”زندگيءَ جي ٽِڪريءَ ۾ منھنجو ڀاءُ جان جي بازي لڳائي چڪو آهي، مان بہ وڃي جوئا جي ٽِڪريءَ ۾ ٿو بخت آزمائي ڪريان!“
هن نھن صاف ڪيو، هڙ ۾ گذريل ڏينھن جي ڪمائي ٻڌي، ۽ هلڻ لڳو.
”اڄ بازار نہ ٿو وڃين ڇا؟“ جوڻس پڇيس.
هن تيز نظرن سان کيس ڏٺو. هوءَ اڳيئي حيران هئي، جو صبح جو نماز پڙهڻ لاءِ پئي اٿاريائينس تہ پاسو ورائي سمھي رهيو هو. هن جي روزاني زندگيءَ جي معمول ۾ ايڏو فرق ڏسي، مائيءَ کڻي ڏندين آڱريون ڏنيون، ماٺ کڻي ڪيائين.
ڏتي پھريائين تہ هاٿيدر جي هڪ سستي هوٽل تان چانھہ جو ڪوپ پيتو، ۽ پوءِ ٽِڪريءَ طرف هليو – جوئارين هن کي ڇٻي کان سواءِ ۽ ڪمھلو ڏسي، جهٽ لاءِ تہ حيراني ظاهر ڪئي، پر پوءِ پنھنجي ڪرت کي لڳي ويا.
تاجو کٽ تي ويٺو هڪڙي سنگيءَ کي ٻڌائي رهيو هو تہ ڪيئن ”اڳينءَ رات نئين صاحب کي خوش ڪري آيو هو. اهو بہ پئي ٻڌايائينس تہ انھيءَ کان ”نال“ رپئي تي آني بدران ڇھہ پئسا ڪيو ويو هو، ڇو تہ نئين صاحب کي ڳچ پئسا ڏيڻا پيا اٿس.
ڏتو هٻڪندي هٻڪندي وڃي جوئاگرن سان ويٺو راند ۾ڏاڍي دلچسپي وٺڻ لڳو. هن ڏڪندي ڏڪندي راند ۾ شريڪ ٿيڻ جي اجازت گهري. نازوءَ کلي هڪڙي حريف کي چيو:
”اڙي ڇڏينس تہ ڀل هڪ اڌ داءُ لڳائي ڏسي. اڄ يا تہ هڙ ڪوسي اٿس يا کُٽيءَ کنيو اٿس، تڏهن ڇولن ڍٻلن وڪڻڻ بدران جوئاڪرن آيو آهي!“
ٻئي چيو: ”اسان جو ڇا ٿو وڃي – ڀل داءُ رکي.“
ڏتي پھريان ڪجهہ داوَ هارايا، پر پوءِ تہ سانده کٽندو رهيو. چوندا ڪين آهن تہ ”شل نہ ڪنھن اناڙيءَ کي ڀاڳ لڳي!“ ڏتي جو بخت بہ اچي کليو تاجوءَ وڏي نال ملڻ جي اميد تي هن جي پٺي اچي ٺپري. ڏتو جيتي رهيو هو. پنھنجي آسپاس جي سڌ بہ نہ هئس. هو پنھنجي نوجوانءَ ڀاءُ کي موت جي منھن مان بچائڻ لاءِ جيتي رهيو هو..... ۽ هڪڙو پاڙي وارو هن لاءِ اها خبر کڻي ٽِڪريءَ ڏانھن وڌي رهيو هو تہ رمضو زندگيءَ جي بازي هارائي چڪو هو!

(مھراڻ: 3 – 1956ع)

اَلا، ڪنھن پَر ....! (خواجہ سليم)

اڄ وري منھنجي دل تي اداسيءَ جا تھہ چڙهي ويا آهن. واھہ جو ماٺ ميٺ ۽ سانت ۾ وهندڙ پاڻي منھنجن رڳن ۾ ڪو سُر نٿو جهونگاري. ڪپر تي بيٺل وڻ ٻوٽا، پنھنجين ٻانھن تي پيلن سرءُ ماريل پنن جو بار کنيو، مبھوت مبھوت، آسمان کي تڪي رهيا آهن. سندن ٽارين مان لنگهندي، ٿڌي هوا منجهن ڪا ترنگ ڪا نہ ٿي تنواري. ڌرتيءَ جي روشني بہ ٿڪل ٿڪل ٿي نظر اچي. سندس ڪرڻا پاڻيءَ جي سيني تي ڪو امنگ ڀريو ناچ ڪين ٿا نچن. مان ڇا اداس آهيان، سڄي ڪائنات اداس آهي – اٻاڻڪي ۽ ويڳاڻي – ڄڻ سندس ڪو ڪو نہ هجي، هوءَ اڪيلي هجي – صفا اڪيلي!
مان جڏهن بہ اداس ٿيندو آهيان تہ منھنجي دل مون کي شھر جي هنگامن کان پري واھہ جي ڀڪ تي وٺي ايندي آهي، جتي مان ڪنھن سانتيڪي ڪنڊ ۾ ويھي پنھنجن گذريل ڏهاڙن جي پچار ڪندو آهيان. ماضيءَ جي پچار الائي جي ڇو هڪ قسم جو سڪون، هڪ عجيب تسڪين بخشيندي آهي. حالانڪہ منھنجو ماضي منھنجي حال کان وڌيڪ بدتر ۽ ڏکوئيندڙ هو – بي رنگ، پر درد ۽ سونھن ۽ سندرتا کان خالي!
اڄ وري مان اداس آهيان. منھنجي وجود جي اٿاھہ اونھارين ۾ عجيب، مبھم ۽ اڻڄاتل سور جاڳي اٿيو آهي، ۽ دل شھر جي هل – هلاءَ کان پري واھہ جي ڀڪ تي وٺي آئي اٿم. مان واھہ جي ٿڌي پاڻيءَ ۾ پير وجهيو، ننڊ پيل ڇولڙين کي نھاري رهيو آهيان، ۽ منھنجو ذهن ويڳاڻي وهڪري ۾ سرن ڳولھڻ جي اجائي ڪوشش ڪري رهيو آهي. مان پاڻيءَ تان اکيون کڻي افق تي نھار ٿو کڻي اڇلايان. افق مون کي پنھنجن خيالن جي پھچ کان بہ پري ٿو لڳي – ايترو، جيترو خوشي ۽ سڪون پري آهن، جيترو سج جي جنم جي جاءِ پري آهي. مون افق تان نظر کڻي، ڀرسان بيٺل سرءُ ماريل وڻن تي اڇلائي آهي. اهي وڻ، جن پنھنجون ٻانھون لڏي منھنجي آجيان ڪين ڪئي هئي، پنھنجن ڍرڪيل ٻانھن ۾ پيلن پنن جا تحفا کڻي، بھاري هيرن جو انتظار ڪري رهيا آهن. اهو اوسيئڙو، اهو انتظار بہ هر وجود جي روح ۾ آهي – روح جو ڏاج، آس، اميد وانگي.
مان واھہ جي ڪپر تان ننڍيون ننڍيون پٿريون کڻي پاڻيءَ ۾ پيو اڇلايان. پٿريءَ جي ڪرڻ سان ”ٽٻڪ“ جو هلڪو آواز ٿو اسري. پاڻيءَ ۾ گول ٿو ٺھي، ۽ وڌي ويجهي، وري تحليل ٿيو وڃي. پاڻيءَ جا اهي گول، چڪر ڏيئي، ماضي جي لتاڙيل پيچرن تي وٺي هليا اٿم، ۽ اکيون ڪي قدر ٻوٽجي انھن گولن ۾ کُپي ويون اٿم.
***
”ٽٻڪ!“ ..... پاڻيءَ مان هڪ ماڻھو اسريو آهي. منھن تي انيڪ گهنج اٿس، گوڏ مان سڪل ڪاٺيءَ جھڙيون پنيون ٻاهر نڪتيون پيون اٿس. ان ماڻھوءَ کي مان ”بابا بابا“ ڪري سڏيندو هوس. پاڻيءَ مان هڪ ٻيو جسم اڀريو آهي. اها زائفان آهي. سندس ٻانھن ۾ ڳچ جيتريون سونيون چوڙيون پيون آهن، ۽ سندس آلين اکين ۾ ڳاڙهيون ڏوريون پيون ترن. هنج ۾ ليٽي ۽ سندس اتر – واءَ جھڙيون ماٺيڻيون لوليون ٻڌي، مان ننڊ پئجي ويندو هوس – اگهور ۽ سٻاجهڙي ننڊ. هيءَ زائفان منھنجي ”امان“ هئي – منھنجي جيجل امان!
هڪ ڏينھن جڏهن سڄي گهر ۾ روڄ متل هو، جڏهن منھنجي امڙ پنھنجين ٻانھن مان چوڙيون لاهي ڇڏيون هيون، ۽ جڏهن منھنجا ”ابا“ کي ماڻھو هڪ اڇي چادر ۾ويڙهي الائي ڪيڏانھن کڻي ويا هئا، تہ مون پنھنجي رڙندڙ امان کان پڇيو هو، ”امان، تون لوئين ڇو ٿي؟ هي ماڻھو ابا تي تاڏي تڻي ويا هن؟“ امان مون کي ڪنھن جواب ڏيڻ بدران ڇڪي کڻي ڇاتيءَ سان لاتو هو، ۽ منھنجي اکين مان بہ ڳوڙها ڳڙڻ لڳا هئا. گهڻا گهڻا ڏينھن پوءِ مون کي خبر پئي هئي تہ منھنجي ”ابا“ کي ماڻھو اهڙي پاسي کڻي ويا هئا، جتان اڄ تائين ڪو بہ ڪو نہ موٽيو آهي – منھنجو پيءُ مري ويو هو.
پوءِ، هڪڙي ڏينھن صبح جو سويل منھنجون ڀينرون رنيون پئي. ماڻھو منھنجيءَ ”امان“ کي بہ چادر ۾ ويڙهي کڻي ويا هئا. تنھن ڏينھن منھنجي ”امان“ مري وئي هئي. مان ڇورو ٿي ويو هوس. ان ڏينھن مون ائين محسوس ڪيو هو، ڄڻ سڄي جڳ جون مائرون مري ويون آهن، دنيا جا سڀئي ماڻھو يتيم ٿي ويا آهن، ۽ حياتيءَ جو سمورو ڪاروهنوار هڪ هنڌ ڄمي ويو آهي – ائين ڄڻ ڪڏهن هلڻو ئي نہ هجيس.
اهي ٻئي مورتون افق جي اوٽ ۾ گم ٿي ويون آهن، ۽ مون کان هڪ ٿڌي اونھي آھہ نڪري وئي آهي.
***
مون کي ياد آيو آهي تہ پوءِ مون کي اها جاءِ ڇڏڻي پئي هئي، جت مون جنم ورتو هو. جت منھنجي معصوم محبت جنم ورتو هو، جت منھنجي ٻال – اوستا جهومندي ڳائيندي گذري هئي، ۽ جتان جي ٽڪريءَ اوڏو مون اهي اٻوجهہ ۽ اڄاڻ حرڪتون ڪيون هيون، جيڪي ٻارن جو مرڪ هونديون آهن. مون کان ۽ منھنجين ڀينرن کان اسان جي جنم – ڀومي ڇڏرائي، اسان جي چاچي جي گهر ڪوٽڙيءَ ۾آندو ويو. اسان جو هيءُ چاچو هڪ وڏو سيٺ هو – لکن جو مالڪ!
منھنجو هيءُ نئون گهر، منھنجي پھرئين گهر کان وڌيڪ وڏو ۽ سھڻو هو. ڪمرا غاليچن ۽ ڪٻٽن سان سينگاريل هئا. آءٌ اهڙو سٺو ۽ڪشادو گهر ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو هوس. هڪ ڪمري ۾ گهڙيس ٿي تہ چاچيءَ چيو : ”جتي لاهي اندر وڃ، غاليچا نہ خراب ٿي وڃن!“
منھنجي خوشي دٻجي ويئي. ڪنڌ ورائي، چاچيءَ جو نڪ طوطي وانگر، چھنب وٽان هيٺ تي نويل هو. اڇن کير جھڙن ڍرڪيل ڳلن تي عجيب کھري کھري ڪنرائپ هيس، ۽ سندس اکين ۾ هڪ اهڙي قسم جي مامتا جو اظھار هو، جيڪا همه گير نہ هئي، ۽ جنھن جو دائرو صفا تنگ هجي – بنھہ پاڻ تائين محدود!
مون پنھنجي سوٽ ”غنيءَ“ ڏانھن اشارو ڪري چيو: ”هو جو بوٽ پايو ويٺو آهي!“
”اهو ڪمرو آهي ئي هن جو. بوٽ پائي ويھي يا لاهي ويھي، سندس مرضي، تنھنجو ڇا!“ مون کي ڇڙٻ ڀريو اتر مليو هو.
مون وري پنھنجي سئوٽ کي ڏٺو. هو آئيني ۾ اکيون کپايو پنھنجي شڪل جو جائزو وٺي رهيو هو. ٿلھو متارو ۽ ڳاڙهو ڳٽول هو. منھن تي لاپرواهيءَ ۽ الغرضائيءَ جو تاثر ڇانيل هوس. سندس ڳاڙهيون اکيون هن جي خود غرض، مصاحب پسند، پر غور ۽ ضدي طبعيت جي شاهدي ڏئي رهيون هيون. منھنجون نظرون واپس وري آيون. مون کي ائين لڳو، ڄڻ منھنجو سئوٽ هڪ اهڙو رقيب آهي، جنھن کي زير ڪرڻ مون لاءِ ناممڪن هو. دل احساس جي شدت سان ڀرجي ويم، ۽ ڪمري ۾ گهڙڻ بدران ٻاهر نڪري هليو ويس. پويان چاچي مون بابت بدتميزيءَ جو رمارڪ پاس ڪري رهي هئي.
سانجهيءَ جو گهمي ڦري موٽيس، تہ چاچو ويٺو هو. وچولي قد جوچرٻيءَ چڙهيل بت، ننڍيون، ميريون، ڳاڙهيون ۽ ڪنڊن وٽان گهنجيل اکيون، پيٽ ٻاهر نڪتل، وڏين ناسن سان ٿلھو نڪ، وات جي کاٻي واڇ ڇڪيل ۽ نراڙ تي ٻارهوئي رهندڙ گهنج! چاچي کي ڏسي مون ائين محسوس ڪيو. ڄڻ هن شخص ۽ مرڪن جي ميٺاج جي وچ ۾ وڏي دشمني هئي. منھنجي دل دهلجي وئي. سلام بہ ڪو نہ ڪري سگهيو سانس. چاچي بہ سڏي، ڀر ۾ ويھاري، مٿي تي هٿ بہ ڪين رکيم.
مان چُپڙي ڪري هڪ مري ۾ لنگهي ويس. اتي منھنجون ڀينرون ويٺيون هيون. اداس ۽ اٻاڻڪيون. کين ائين ويٺل ڏسي، الائي ڇو منھنجا ڏند ڀڪوڙجي ويا ۽ ساڻس ڪجهہ ڳالھائڻ کان سواءِ ئي ٻاهر نڪري هليو ويس.
ڏينھن ائين ئي گذرندا رهيا – بي ڪيف، الوڻا ۽ بي چسا!
***
”چاچي، چار آنا تہ ڏيو، اسڪول جي ڪم لاءِ بڪ وٺڻو اٿم“ هڪ ڏينھن مون پنھنجيءَ چاچي کي چيو
”پنج رپيا جو ڏنا هئا مانءِ، سي ڪيڏانھن ڪيئہ؟ هفتي ۾ سڄي ساري مھيني جا پنج رپيا کپائي ڇڏيا اٿئي! ڇورا، تون تہ ڪو وڏو هٿ ڦاڙ آهين؟“ چاچيءَ ”مھيني“ ۽ پنجن رپين“ تي زور ڏيندي چيو.
”انھن مان تہ مون مس – قلم ۽ ڪتاب ورتا هئا، کپي ويا.“ مون جواب ڏنو.
چاچيءَ وراڻيو: ”مان انھن پنجن رپين کان مٿي ڪاري پائي بہ ڪو نہ ڏينديسانءِ. اسان وٽ تنھنجين فضول خرچين لاءِ پئسا ڪينھن!“
مون ويچاريو، ”منھنجي گهرج جون شيون وٺڻ بہ هن لاءِ فضول خرچي آهي! ..... پٽهنس جو سئو سئو رپيا وٺي وڃي اڏائي ايندو آهي. ڇا اها فضول خرچي ناهي؟“
گهڻيءَ ويل تائين آءٌ ماستر جي مار کان بچڻ لاءِ بڪ هٿ ڪرڻ جي طريقن تي ويچار ڪندو رهيس. مسين مسين طريقو سمجهيم ..... ڌڙڪندڙ دل سان مون اهي چار آنا وڃي چاچيءَ جي هنڌ جي وهاڻي هيٺان چورايا، ۽ بڪ ورتم.
هڪ ڏهاڙي منجهند ڌاري گهر ۾ گهڙيس تہ چاچيءَ کي پڦيءَ سان ڳالھائيندي ٻڌم. پڦي تنھن صبح ويل آئي هئي، ۽ اڪيلائپ ۾ مون کان پڇيو هئائين تہ ”خرچي گهڻي ملندي اٿئي؟ ڪپڙن جا ڪيترا جوڙا اٿئي؟ چاچهين ڳالھائيندو اٿئي؟“ سندس اهڙن سوالن پڇڻ جو مقصد شايد مون کي پنھنجي يتيميءَ جو احساس ڏيارڻ هو! چاچيءَ پڦيءَ کي چيو پئي: ”..... جيڪو منھنجو پٽ ٿو پائي، سو هي ٿا پائين، جيڪو منھنجو پٽ ٿو کائي، سو هي ٿا کائين، مان تہ ٻچا ڪري ٿي پاليان!......“ اهو ٻڌي منھنجين اکين آڏو غنيءَ جو ”پڪ اينڊ پڪ“ جو فسٽ ڪلاس استري ٿيل سوٽ تري آيو، جيڪو هن صبح ئي پاتو هو. پوءِ منھنجي نظر وڃي پنھنجي بت تي پيل بافتي جي لئاڙيل سٿڻ – قميص تي پيئي، تہ مون کي اهو واقعو ياد اچي ويو، جڏهن چاچيءَ بورچياڻيءَ کي منھنجي مانيءَ ۾ سڻڀ ذري وڌيڪ وجهڻ تي ڏاڍي ڇنڊ ڪڍي هئي. ۽ مان اهو سوچيندو ٻاهر نڪري آيس تہ هيءَ سڀني کي ائين ڇو پئي چوندي وتي. ”ٻچا ڪري ٿي پالي...... هون! وڏي آئي آهي ٻچا ڪري پالڻ واري!“
چاچو مون سان هفتي ۾ ٻہ ٽي دفعا مس ڳالھائيندو هو. اسان جي ان گفتگوءَ ۾ بہ سدائين ”اندر چانھہ چئہ“، ”پاڻي ڀري ڏي“ وغيرہ جھڙا جملا هوندا هئا، ۽ بس. هڪ ڏينھن کيس پنھنجي پٽ کان – ”هي مجيد ڪھڙو درجو پڙهندو آهي؟“ پڇندو ٻڌي، مون چيو: ”هي مون کان ڇو نہ ٿي پڇي؟ شايد مون سان ڳالھائڻ ۾ پنھنجي گهٽتائي ٿو سمجهي، يا وري مون کي پنھنجو نہ ٿو ڀانئي – نہ تہ مون کان پڇي ها، مون سان چڱيءَ طرح ڳالھائي ٻولھائي تہ ها؟ ..... هائو، هي مون کي غير ٿو سمجهي!“
منھنجي سوٽ کي مون کان وڌيڪ پنھنجا دوست پيارا هئا. گهڻو ڪري هر روز ڪار ڪاهي حيدرآباد ويند هو. ڪڏهن ڪڏهن مان بہ کيس پاڻ سان وٺي وڃڻ لاءِ چوندو هوس تہ وراڻيندو هو، ”تنھنجي هلڻ جو ڪو ضرور ڪونھي“، ۽ پوءِ سنگتين کي ڪار ۾ ويھاري هليو ويندو هو. هن جو اهڙو رکو جواب ٻڌي منھنجي دل بي اختيار روئڻ چاهيندي هئي، پر مان روئندو ڪو نہ هوس – الائي ڇو؟
هڪ لڱا منھنجي مٿي ۾ڏاڍو سخت سور ٿي پيو، ائين ٿي سمجهيم ڄڻ ڦاٽوڪي ڦاٽو. نوڪر کي ”اسپرو“ آڻي ڏيڻ لاءِ چيم. جواب ڏنائين، ”سائين، مون کي سيٺ غنيءَ جي ڪمري جي صفائي ڪرڻي آهي، مان ڪيئن وڃان!“ مون وڃي چاچيءَ سان شڪايت ڪئي. چاچيءَ چيو، ”پاڻ وڃي وٺي اچ. نوڪر ويچارا بہ ڇا ڪن، ڪنھن جو ڪم ڪري ڪنھن جو ڪن!“ منھنجي دل ۾ خيال آيو، ”ڳالھہ تہ سچي آهي، ٻچا، هي نوڪر تنھنجا ٿورو ئي آهن! گهر جي ترتيب ۾ تنھنجو ۽ تنھنجين ڀينرن جو نمبر آخري آهي – سمجهہ! هي نوڪر هن گهر ۾ توکان مٿانھين حيثيت ٿا رکن، ۽ سيٺ غنيءَ جي ڪمري جي صفائي ٿوري دير لاءِ بہ ملتوي ٿي نہ ٿي سگهي!....
ڊرائيور جي بہ مون تي اک ئي ڪا نہ ٻڌندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن اسڪول کي دير ٿي وڃڻ جي ڪري ڪار تي ڇڏي اچڻ لاءِ چوندو هومانس تہ سدائين سيٺ غنيءَ لاءِ سيڙهيل هجڻ جو عذر ڪري نٽائي ڇڏيندو هو. يار چوندا هئم: ”سوٽھين تہ ”شيورليٽ“ کان سواءِ هيل ڪو نہ ٿو سگهي، ۽ توکي ڦٽي سائيڪل بہ ڪانھي ..... حيف اٿئي!“ مان سوچيند هوس. ”آخر اهو سڀ ڪجهہ ائين ڇو آهي؟ ڇا لاءِ آهي؟“ ۽ پوءِ منجهيل دماغ ۽ سڏڪندڙ دل سان وڃي ڪنھن ڪنڊڙيءَ ۾ ويھي، خالي خالي اکين سان چوڌاري نھارڻ لڳندو هوس.
جڏهن دل ڏاڍي اداس هوندي هيم، تہ ڪٿان نہ ڪٿان ڇھہ آنا هٿ ڪري وڃي کيل ڏسندو هوس. هال ۾ سڀني پاسن ماڻھن کي ڳالھائيندي، کلندي ۽ ٽھڪ ڏيندي ڏسي، منھنجي اداسي دور ٿي ويندي هئي. کيل ختم ٿيڻ تي خوش خوش ٻاهر نڪرندو هوس، جي اتفاق سان ڪو واقفڪار مون کي ڇهين آني واري ڪلاس مان ٻاهر نڪرندي ڏسي وٺندو هو، تہ چئي ڏيندو هو: ”اڙي! تون هيڏي ڊنگ سيٺ جو ڀائٽيو ٿي ڪري ڇهين آني واري ڪلاس ۾ کيل ڏسندو آهين! چاچهين ڏيڍ رپيو بہ ڪو نہ ٿو ڏيئي ڇا؟“ اهو ٻڌي منھنجي خوشيءَ سان ڀريل دل وري اداس ٿي ويندي هئي، ۽ ڏاڍي خلوص سان ائين چاهڻ لڳندي هئي تہ جيڪر مان ڪنھن غريب جي گهر رهندو هجان ها، ڪو مون کي ائين تہ نہ چوي ها..... اي ڪاش!
***
ائين ئي، آءٌ پنھنجي حياتيءُ ۾ هڪ وڏو خال محسوس ڪرڻ لڳس. هڪ اهڙو خال، جنھن کان مون کي پنھنجين ڀينرن جي موجودگي بہ بچائي نہ سگهي. منھنجيون ڀينرون، جيڪي سڄو سڄو ڏينھن گهر ۾ نوڪرن سان گڏ ڳھنديون هيون – ٻنھي مان ننڍي ڀيڻ تمام چيڙاڪ، هٺيلي، هوڏي ۽ ذري ذري تي روئي ڏيڻ واري بڻجي وئي هئي – مون کان ايتريون تہ پري ٿي ويون هيون، ڄڻ اسان جي وچ ۾ ڪو بہ رشتو ڪو نہ هو، ڄڻ اسين رڳو هڪ ٻئي جا رسمي واقفڪار جي هئاسين. ڀينرن کي در ٻيڪڙي روئيندو ڏسي، مون کي الائجي ڇو خار اچي ويندا هئا - ۽ کين دلداري ڏيڻ بجاءِ ڇڙٻون ڏئي ڪڍندو هوس. ٻيو تہ ٺھيو، مون ساڻن پنھنجي اندر جو سور بہ ڪڏهن ڪين سليو – شايد اسان کي هڪٻئي تي ويساھہ ڪو نہ رهيو هو – شايد اسان جي دلين ۾ ڪنھن عجيب قسم جي رقابت ۽ رياڪاريءَ جا جذبا جاڳي اٿيا هئا. آخر هي ڪھڙي قسم جو ماحول هو، جنھن اسان جي خون جي رشتي کي فريبڪاريءَ ۽ ريب خوردگيءَ ۾ بدلائي ڇڏيو هو، جنھن محبت جي جاءِ تي حقارت ۽ بڇان جو ٻج کڻي ڇٽيو هو، ۽ جنھن منھنجي ننڍڙيءَ حياتيءَ ۾ ايڏو وڏو خال پيدا ڪري ڇڏيو هو! هيءُ هڪ اهڙو خال هو، جيڪو ڏينھون ڏينھن وڌندو ٿي ويو، ۽ هري هري ايڏو تہ وڏي ٿي ويو جو مون کي پنھنجي سڄي هستي ان ۾ سمائبي معلوم ٿيڻ لڳي، ۽ آءٌ ائين محسوس ڪرڻ لڳس ڄڻ تہ منھنجو ڪو وجود ئي ڪونھي – ڄڻ تہ مان آهيان ئي ڪو نہ – رڳو اهو خال آهي، ۽ بس! هڪ تنھائي هئي، جيڪا روح کي اُڏوهيءَ جيان کائيندي ٿي ويو. بنا ڪنھن منزل جي. بعضي بعضي منھنجي من ۾ هڪ عجيب قسم جو امنگ اٿندو هو، هڪ چاهنا جاڳندي هئي. منھنجو روح ڪجهہ گهرندو هو. ڇا؟ الائجي ڇا! ۽ پوءِ آءٌ ائين محسوس ڪندو هوس، ڄڻ مون کي گهر جون ڀتيون ۽ ڪٻٽ بہ حيران حيران نگاهن سان تڪي رهيا آهن: ”تون الائي ڪير آهين، الائي ڪٿان آيو آهين، ڇا لاءِ آيو آهين؟ اسين تہ توکي سڃاڻون بہ ڪو نہ!“ انھيءَ احساس تي منھنجن نيڻن مان لڙڪ لڙي ايندا هئا، ۽ آءٌ ويچاريندو هوس تہ هي گهر ڇڏي ڪنھن ٻئي پاسي هليو وڃان....... هي گهر جتان جا رهواسي مون کي پنھنجو نہ ٿا ڪن، جتي جي ڪنڊ ڪنڊ مون کي غير ٿي سمجهي، جتي جا نوڪر بہ مون کان اتانھون درجو ٿا رکن!
هڪ ڏينھن، آءٌ گهر جو سودو وٺي پئي موٽيس تہ گهٽيءَ ۾ پنھنجن ٻن چئن سنگتين کي ”تر“ راند ڪندي ڏٺم. منھنجي دل بہ سرڪي ويئي – (تن ڏينھن ڪڏهن ڪڏهن آءٌ قسمت آزمائي بہ ڪندو هوس). اکر – ڀوري ڪندي، مون گهر جي سودي مان بچيل ساڍا ست آنا هارائي ڇڏيا. گهر موٽيس تہ انھن ساڍن ستن آنن جي پُڇا ٿي. مون ڪو جواب ڪو نہ ڏنو تہ چاچيءَ چيو، ”ضرور جوا ۾ هارائي آيو هوندو!“ ۽ پوءِ، جڏهن منھنجو چاچو مون کي ٿڦن ۽ مڪن سان مار ڏيئي ڏئي ٿڪجي پيو، تہ مون ويچاريو، ”هي سڀ ڪجهہ شايد ساڍن ستن آنن جي ڪري آهي..... نوڪرن جي منھن تي منھنجي بي عزتي ٿا ڪن! هون........ ”جوا ۾ هارائي آيو هوندو“! پٽهنس تہ ڄڻ وڏو ساڌ ۽ نيڪ آهي!“ ائين ويچاريندي ويچاريندي، منھنجي من ۾ حقارت ۽ ڪاوڙ پيھي پيا، ۽ دل چوڻ لڳم تہ هن گهر ۽ گهر جي هر چيز کي تيلي ڏيئي ڇڏيان ۽ پاڻ ڪنھن پاسي هليو وڃان! گهر کي تيلي ڪو نہ ڏيئي سگهيس، پر ائين گهران ڀڄي ضرور نڪتس. پاڙي جي هڪ گهر مان چاچيءَ جي نالي پنجاھہ رپيا ورتم، ۽ حيدرآباد مان پنجاب ويندڙ گاڏيءَ ۾ چڙهي پيس. ٻئي ڏينھن تي آءٌ لاهور ۾ هوس – وڏي ۽ تاريخي شھر لاهور ۾، جيڪو منھنجي گهر کان پري، گهڻو پري هو، ۽ جتي جي هر شيءِ مون لاءِ اوپري ۽ اجنبي هئي. اڻ ڏٺل چھرا، جايون جڳھيون، گس ۽ رستا سڀ اڻڄاتل، نہ دوست نہ واقفڪار، - ذرو ذرو اجنبي هو!
***
....... مون پٿريون اڇلائڻ بند ڪري ڇڏيون آهن. ذهن وري ماٺيڻي وهڪري سان گڏ ٿڙي هليو اٿم، هي واھہ، جنھنجي ڀڪ تي آءٌ ويٺو آهيان، انھيءَ لاهور شھر جي پاسي ۾ ئي تہ وهي ٿو. مون کي هتي آئي چار سال ٿي ويا آهن. هاڻي منھنجي عمر پندرهن ورهين جي لڳ ڀڳ ٿيندي. انھن چئن سالن ۾ مون جيڪي ڪجهہ ڪيو آهي، تنھن جون مورتون، ماضيءَ جي جهڻين جهڪن رنگن ۾ ٻڏي، اکين آڏو ائين پيون ٽلن، ڄڻ وقت موٽ کاڌي آهي، ۽ آءٌ انھن واقعن سان وچڙيو پيو هلان!
........ اجهو آءٌ فٽ پاٿ تي اخبارون پٿاري اچي ستو آهيان. ڄاڻ پوليس وارو آيو. کيس چانھہ جي لاءِ انھن پئسن مان ڇھہ پئسا ڪڍي ڏيندس، جيڪي مون صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين ٽيشن جي ڀر واري گدام جا ڪوئلا ڍوئي ڪمايا آهن جيڪڏهن کيس خرچي نہ ڏيان تہ هوند فٽ پاٿ تي سمھڻ ئي ڪيم ڏئيم! جيڪڏهن هو مون کان ڇھہ پئسا نہ وٺي تہ چانھہ ڪيئن پيئي؟ جي چانھہ نہ پيئي تہ ڊيوٽي ڪيئن ڏئي؟ ۽ ڊيوٽي تہ کيس ڏيڻي آهي، تنھن ڪري خير، ڇڏيو انھيءَ ڳالھہ کي!
....... هي منھنجو فٽ پاٿي ساٿي ڏسو، سندس اکيون ڏسو ٿا ...... منجهن جڳ رت اوتي ڇڏيو آهي – ڳاڙهو ڳاڙهو رت ! منھنجي هن ساٿيءَ جو نالو ”استاد منگو“ آهي. سندس ڪم سوٽ ڪوٽ پھريندڙن جا کيسا صاف ڪرڻ آهي. ڪڏهن ڪڏهن مون کي بہ هٿ جي صفائي ڏيکارڻ جي صلاح ڏيندو آهي، ۽ چوندو آهي: ”تون تہ ڪو وڏو ڀوڪ آهين! قد بت ڏسو پٽ جو...... ڪوئلا ٿو ڍوئيس! اڙي گڏھہ، ڪو جيئڻ جو ڍنگ سک: اسان وانگي کڻ ڪئنچي، ۽ ڏيکار ڪا هٿ جي صفائي! اڙي، نہ تہ ائين ڪوئلا ڍوئيندي ڍوئيندي ڪڏهن پاڻ بہ ڪوئلو ٿي ويندين!...... ڀيڻان ڪو ميڄالو ڌار .....“ ۽ جڏهن مان کيس اتر ۾ چوندو آهيان تہ ”هي ڪم تہ گناھہ جو آهي، خدا ناراض ٿيندو، مان نہ ڪندس“، تہ امالڪ رڙ ڪري چوندو آهي: ”هاڻي، ڇا چيئہ؟ - هي ڪم گناھہ جو آهي! پورهيو ڪرڻ پاپ آهي؟ ..... خدا انھيءَ ۾ ناراض ٿيندو!. ........ جي ائين آهي تہ خدا سائين کي چئہ تہ هن سامھين بنگلي ۾ رهندڙ سيٺ کي بنگلي مان ڪڍي آڻي مون سان گڏ فٽ پاٿ تي سمھاري ڇڏي: کيس چئہ تہ مون کي بہ هڪ ڪار ڏي، هڪ بنگلو ۽ ڪجهہ بئنڪ – بئلنس ڏي، پوءِ مان هي ڌنڌو ڇڏي ڏيندس: انھيءَ ذات جو قسم، مان پوءِ ماڻھن جا کيسا ڪو نہ ڪتريندس!....... توکي خبر ناهي، هي سيٺ بہ ماڻھن جا کيسا ڪتريندو اٿئي! مان ڪئنچيءَ سان ڪتريندو آهيان، پر هي ڪئنچي بنا! جيڪڏهن هي سيٺ ائين نہ ڪري ها، تہ مان هن فٽ پاٿ جي بجاءِ ڪنھن گهر جي دالان ۾ کٽ تي ستو پيو هجان، ۽ تون ڪوئلن ڍوئڻ بدران ڪنھن اسڪول ۾ پڙهندو هجين هان..... ڇا، خدا کي اها ڳالھہ پسند ناهي؟ ...... جيڪڏهن هو اهو سڀ ڪجهہ نہ ٿو ڪري سگهي، تہ مان بہ ڪئنچي وهائڻ بند نہ ٿو ڪري سگهان! گناھہ هجي يا ثواب، مون کي پرواھہ ڪانھي. جيئڻ لاءِ ماني کپي، ۽ ماني ڪمائڻ لاءِ هنر ..... اسان جو هنر اجهو اهو اٿئي! ..... چڱو، هاڻي بڪواس بند ڪر، ۽ سمھي رھہ. ائين چئي، هو پاسو ورائي سمھي رهندو آهي. ۽ مان کيس اکيون ڦاڙي تپرس وچان تڪڻ لڳندو آهيان. ائين محسوس ٿيندو اٿم، ڄڻ اهو سڀ ڪجهہ منگوءَ نہ پر ڪنھن ٻي جي واتان نڪتو هجي.
***
اجهو، مان رڌڻي ۾ ويٺو ٿانو مليان. هي رڌڻو جج صاحب جو آهي، منھنجي هڪ فٽ پاٿي ساٿيءَ مون کي هن جج وٽ نوڪري وٺرائي ڏني هئي. اجها، هيءَ پليٽ ڏسو. هن ۾ انھيءَ ڪڪڙ جون چوسيل هڏيون پيون آهن، جيڪا ڪالھہ سج لٿي جو هڪ خونخوار اکين وارو ماڻھو ڏيئي ويو هو. هيءَ ڪچ جو پيالو آهي. ان ۾ منھنجيءَ مالڪڻ ”اسڪاچ“ جا جام پيتا هئا. منھنجي مالڪڻ روزانو شام جو هار سينگار، ڦڻي ڦوڪار ڪري، ڏاڍي ٺٺ ٺانگر سان پنھنجي هڪ نہ ٻئي دوست سان ڪلب ويندي آهي، ۽ اتان اڌ رات جو بڪندي ۽ ٿڙڪندي ٿاٻڙندي موٽندي آهي. اهي ٿانو مليندي، ڪڏهن ڪڏهن منھنجي ذهن ۾ اهو سوال جاڳي اٿندو آهي، جيڪو منھنجي امڙ منھنجن وان ۾ آڱرين سان ڦڻي ڪندي، اڪثر پڇندي هئي – ”پٽ، تون وڏو ٿي ڇا ٿيندين؟“ مون کي ياد آهي، مان کيس چوندو هوس، ”سيشن جج، امان!“ ...... ۽ هاڻي مان سوچيندو آهيان تہ اهي هٿ جن کي ڪڏهن قسمتن جا فيصلا ڪرڻا هئا، سي هاڻي رڌڻي جي اڌ اونداهيءَ ڪنڊ ۾ ٿانو پيا صفا ڪن!
...... ڪو سڏ پيو ڪريم! جج صاحب آهي. وڪيل صاحب آيو هوندو. منھنجو صاحب ساڻس ڪي ڳالھيون ڀڻڪندو، ۽ پوءِ کيس ڪاغذن جو مچو کڻي ڏيندو، جيڪو اڄ ڪورٽ مان موٽندي ساڻ کڻي آيو هو. اهو پوڙهو وڪيل گهڻو ڪري ڏهاڙي ايندو آهي. روز کيس ڪاغذن جو مچو ملندو آهي، ٻئي ئي ڏينھن تي هو اهي ڪاغذ موٽائي موڪليندو آهي، ۽ صاحب اهي ڪاغذ کڻي آفيس هليو ويندو آهي. تنھن ڏينھن وڪيل صاحب جو نوڪر چئي رهيو هو: ”تنھنجي صاحب کي اچي ڇا ٿو؟ بس، پي ڄاڻي، عشق ڪري، ۽ رشوت وٺي ڄاڻي! ڪيسن جا فيصلا بہ روز منھنجو صاحب لکي ڏيندو اٿس!“ ان مھل منھنجيءَ دل چيو هو تہ وڪيل صاحب جي هن نوڪر کي نڙيءَ کان جهلي، رڌڻي جي دريءَ مان ٻاهر اڇلائي ڇڏيان...... ۽ گهڻيءَ دير کان پوءِ مون کي خيال آيو تہ جج صاحب جي ڪورٽ ۾ وڃي، کيس ڪرسيءَ تان کڻي، ڪورٽ کان ٻاهر اڇلائي ڇڏيان!
....... مان جتين کي پالش ويٺو ڪريان. هي ننڍڙا ننڍڙا بوٽ، صاحب جي پٽ جا آهن. منھنجو هي ننڍڙو صاحب ڪڏهن ڪڏهن مون کي چوندو هو، ”هيءَ ممي اسان کي تہ جلدي سمھڻ ۽ جلدي اٿڻ لاءِ چوندي آهي، پر پاڻ ڇو منجهند تائين ابتي سبتي پئي هوندي آهي؟“ آءٌ سوچيندو هوس، منھنجي صاحب پنھنجي پٽ کي الائي ڇو ايترو پيار نہ ٿي ڪيو، جيترو پيار منھنجو بابا مون کي ڪندو هو؟
***
هت بہ منھنجي اها خواهش پوري نہ ٿي آهي. جيڪا الائي جي ڪڏهن کان منھنجي من ۾ ڪر موڙيندي رهي آهي. دل ٿي چيم تہ پاڙي واريءَ مسيت ۾ وڃي اجهو ڳوليان – شايد ﷲ جي گهر ۾ منھنجي بيقرار روح کي ڪو سڪون نصيب ٿئي!
اجها، هيءَ اها پاڙي واري مسيت آهي، جج صاحب وٽان نوڪري ڇڏي، مان هاڻي هتي اچي رهيو آهيان. هتي منھنجو ڪم مسجد جي امام ۽ امام صاحب جي يتيم شاگردن لاءِ چندو گڏ ڪرڻ آهي. اهي يتيم، مون وانگر ٽولين ۾ چندو پنڻ نڪرندا آهن. اسين هڪ نہ ٻئي ڏينھن امام صاحب کي ويھارو ٽيھارو رپيا گڏ ڪري آڻي ڏيندا آهيون. امام صاحب مون کي، ٻين کان لڪائي، آڌوي – رپيو خرچي ڏيئي ڇڏيندو آهي. پنھنجي ڪيس ڏنل سڻڀيءَ ڏاڙهيءَ تي هٿ گهمائيندي چوندو اٿم: ”شاباس! شاباس!“ ۽ مان ان ”شابش“ جي مطلب تي ڪنڌ ڌوڻي، انھن پئسن مان وڃي ڪا فلم ڏسي ايندو آهيان. امام صاحب بعضي بعضي چوندو اٿم: ”پٽ، تون جلدي ڪلام ﷲ شريف پورو ڪري وٺين تہ توکي هن مسجد جو نائب امام بڻائي ڇڏيان – پوءِ تون پنھنجي دين جي خدمت ڪر، ﷲ تبارڪ و تعاليٰ ۽ حضور جن (صدقي وڃان سندن مبارڪ نالي تان) کي خوش ڪري سگهندين.“ الائي ڇو، منھنجي دل امام صاحب جي ڳالھہ کي نہ ٿي مڃي. الائي ڇو، مون کي هتي بہ مزو ڪين ٿو اچي. روح کي اها راحت نصيب ڪا نہ آهي، جنھن لاءِ ورهين کان واجهائيندو رهيو آهيان. هي خدا جو گهر آهي، روحاني سڪون جو مرڪز، پر منھنجي روح کي هتي حقيقي سک ڪونھي. مون کي تہ ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ هر هنڌ دولاب جو مھاڄار وڇايو پيو آهي، دغا ۽ فريب جي بازار گرم آهي: يتيمن جي نالي تي چندو گڏ ٿئي ٿو، انھيءَ چندي مان مسجد جو امام سريتون ٿو پالي، ۽ مان کيل ٿو ڏسان – دل ٿي چويم تہ هتان ڀڄي وڃي، استاد منگوءَ وٽ رهان. ڪيڏو نہ پيارو ماڻھو آهي! سندس ڳالھين ۾ ڪيترو ڪوڙ ۽ گستاخيءَ هوندي بہ ڪيڏي نہ سچائي هوندي آهي!
***
اجهو، مان هن اڇن لٽن پھريل ٻڍي کي پيو چوان: ”سائين منھنجا! هوءَ ڇيڙيءَ واري سڏيئي ٿي. ڀوتار، واھہ جو مال اٿئي – ليئو تہ پائي ڏس!“ تاريخي شھر لاهور جو هيءَ حصو ”هيرامنڊي“ سڏبو آهي – يعني لال بازار!
هڪ ڏينھن استاد منگوءَ کي اچي مستي چڙهي. هن فيصلو ڪيو تہ سڀاڻي آزاديءَ جي ڏينھن هجڻ ڪري پنھنجي ڌنڌي کي بند رکبو، ۽ مڪمل موڪل ملھائبي. سچ پچ، انھيءَ ڏينھن هن موڪل ڪري ڇڏي. سڄو ڏهاڙو مون کي ساڻ ڪري، جلوسن ۾ ”پاڪستان زنده آباد“ ۽ ”آزادي پائندہ باد“ جا نعرا هڻندو رهيو. شام جو جڏهن پوليس انسپيڪٽر جو ماڻھو منگوءَ وٽ آيو تہ منگوءَ پنھنجو کيسو ابتو ڪري، پوليس واري کي ڏيکاريندي چيو: ”اڄ موڪل ملھائي هئيسين! پاڪستان زندھہ......“منگوءَ اڃا ”پاڪستان زنده آباد“ چئي پورو ئي ڪو نہ ڪيو هو – تہ پوليس واري جو هٿ هن جي ڪنڌ ۾ هو - ۽ استاد منگو، ”آرررررر.. رر“ ڪندو ڌڪبو، وڃي ٿاڻي تي نڪتو.
مان انھيءَ ڏينھن ڏاڍو مونجهو ٿي پيس. منگوءَ کان سواءِ مزو ئي ڪين ٿي آيم. منھن ڪري، گهٽين ۾ گهڙي پيس. سوچيندو پئي ويس : ”امام صاحب وٽ وڃان، کائنس قرآن پاڪ پڙهي، نائب امام ڇو نہ وڃي ٿيان!“...... ايتري ۾ ڪنھن سڏ ڪيو: ”هيڏانھن اچ پٽ!“ سڏ ندڙ، دڪان ۾ ويٺل هڪ ڪرڙوڍ عورت هئي. ويجهو ويس، چيائين : ”مون وٽ ڪم ڪندين؟“ ڏاڍو عجب لڳم. هي لال بازار جون عورتون ماڻھن جي چھرن مان سندن دل جي حال پڙهي وٺڻ ۾ ڏاڍيون ڀڙ هونديون آهن. مون کي خبر هئي تہ وٽس ڪھڙو ڪم ڪرڻو پوندو. خيال وري نائب امام بڻجڻ ڏانھن هليو ويو. نھڪر ڪرڻ تي هوس، تہ هن وري چيو : ”هل تہ نوان لٽا وٺي ڏيانءِ ..... ڪھڙو لٽو وڻندو اٿئي؟“ مون پنھنجي ڦاٽل سوٽ کي ڏٺو، سندس پويان هلڻ لڳس.
***
ان ڏينھن کان وٺي آءٌ هت هيرامنڊيءَ ۾ ڪم ڪندو آهيان. مون کي هتي ڪم ڪندي ٻہ سال کن ٿي ويا آهن. ان ڪرڙوڍ عورت کان سواءِ ٻيون بہ ڪيتريون ئي عورتون مون کان ڪم وٺنديون آهن. هاڻي مان رات جي اونداهين ۾ هيرامنڊيءَ ۾ ڀڙ دلالن جيان چوندو آهيان، ”سائين، دل وندرائڻ لاءِ ڪو ساٿي کپيو؟ - فس ڪلاس ساٿي! نئون، بلڪل نئون صاب! هر قسم جو مال !...... اچو ..... مون سان گڏ هلو.“ ۽ پوءِ جڏهن هو مون سان گڏ هلندا آهن، تہ مان کين هتي جي عورتن ڏانھن وٺي ايندو آهيان، جتي اهي انسان چڀندڙ نظرن سان سندن انگ انگ ائين توريندا تڪيندا آهن، ڄڻ هو هٽ تان گيھہ جو دٻو يا ان وٺڻ آيا هجن. انھن عورتن کي ڏسي، مون کي ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي ماءُ ۽ ڀينرون ياد اچي وينديون آهن.
ماڻھو چون ٿا تہ هتان جون عورتون مڪار آهن، پاکنڊي آهن، ڇَلُ ڪري ڄاڻن. هونديون...... مڪار ۽ پاکنڊ! بک ڇا نہ ٿي ڪرائي؟ پيٽ ڀرڻ لاءِ، جيئڻ لاءِ، ڇا ڇا نہ ٿو ڪرڻو پوي! ڇل ڪنديون، ڇنڊ هڻنديون، تال ڪنديون، نخرا ڪنديون، هر طرح ۽ هر طريقي سان چار ڏوڪڙ وڌيڪ ڪمائڻ لاءِ جتن ڪنديون – ٻيو ڪري بہ ڇا ٿيون سگهن؟
....... هيءَ اختري آهي. تازو پنھنجي پنجينءَ ڀاڄ تان موٽي آهي. سندس پھريون يار، جيڪو کيس هتان ڀڄائي ويو هو، تنھن ٽي مھينا کڻ پاڻ وٽ رکي، پوءِ لتون هڻي کيس گهر مان ڪڍي ڇڏيو هو. ويچارو ڪري بہ ڇا ها؟ راڄ – برادريءَ وارن حقو – پاڻي ئي بند ڪري ڇڏيو هوس. ڌنڌو ڌاڙي بند ٿيس تہ بکون اچي ڳٽ پيس، ۽ عشق هوا ٿي ويو. اختريءَ جو ٻيو يار کيس انھيءَ اقرار تي وٺي ويو هو تہ سندس شادي ڪندو. پر هن پنھنجو انجام ڪڏهن ڪين پاڙيو، ۽ اختري نراس ٿي موٽي آئي. هن جو ٽيون ۽ چوٿون يار تہ کانئس خانگي طرح ڪسب ڪرائي، ڏوڪڙ ڪمائڻ ۾ لڳي ويا هئا. پنجون يار وري کيس هتان ملتان وٺي ويو هو، ۽ اتي ساڻس هڪ جاءِ ۾ هفتو کن رهي، ائين گم ٿي ويو، جيئن گڏھہ جي سر تان سڱ! اختري پڇي ٿي تہ هاڻي هوءَ ڇا ڪري؟ ڪنھن سان وڃي؟ ڪيئن وڃي؟ ڪيڏانھن وڃي؟ هيرامنڊيءَ ۾ اها هڪڙي اختري نہ آهي – اهڙيون ڪيئن اختريون انھي مھاڄار مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ تڙپي رهيون آهن. اهي ڇا ڪن؟ ڪيڏانھن وڃن؟......
...... واھہ جو پاڻي اڳي جيان نرم خرام آهي. پاڇولا ڊگها پئجي ويا آهن. سج افق جي ڇيڙي کي ويجهو ٿي ويو آهي. ڏکڻ جي ٿڌيري هوا، گهلي، سانجهيءَ جي آمد آمد جو نياپو کڻي آئي آهي، ۽ مان اختريءَ بابت پيو ويچاريان. هيءَ اختري بہ نھايت عجيب عورت آهي. ڪڏهن ڪڏهن تہ هوءَ مون کي پنھنجي گاڏي تي مٿو رکرائي سمھاري ڇڏيندي آهي. منھنجي وارن ۾ آڱرين سان ڦڻي ڏيڻ ويھي رهندي آهي، ۽ چوندي آهي: ”تو هت اچي اجايو ننڍي ٽھيءَ ۾ پنھنجي حياتي خراب ڪئي آهي. تنھنجي عمر تہ اڃا پڙهڻ جي آهي. تون ڊاڪٽر ٿيءُ، جج ٿيءُ، منھنجي صلاح مڃ، هتان هاڻي بہ هليو وڃ!، اهڙي سمي آءٌ محسوس ڪندو آهيان، ڄڻ هيءَ اختري هيرامنڊيءَ جي وئشيا نہ بلڪہ منھنجي ماءُ آهي..... ۽ قبر مان اٿي منھنجن وارن ۾ آڱرين سان ڦڻي ڪندي چئي رهي آهي – ”پٽ، تون وڏو ٿا ڇا ٿيندين؟“
تنھن ڏينھن اختريءَ ۽ مون ويٺي ڳالھيون ڪيون – ماڻھن جون ڳالھيون، موسمن جون ڳالھيون، ڪپڙن جون ڳالھيون ۽ الائي ڇا ڇا جون ڳالھيون. رکي رکي ٽھڪ بہ پئي ڏناسين – اهڙا جھڙا ٻار ڏيندا آهن – معصوم ۽ اڻ گهڙيا ٽھڪ. جهٽ پل کان پوءِ ”گلاب“ هٿن ۾ ڪپڙا ۽ ٻيون شيون کڻي آئي. هوءَ بازار مان موٽي هئي. گلاب، اختريءَ جي وڏي ڀيڻ آهي. اختريءَ اٿي وڃي کيس در وٽ ئي پڪڙيو کانئس هڙئي شيون کسي ڏسڻ لڳي. ڇٻر جھڙي سائي رنگ جو هڪ ڪپڙو هٿ ۾ کڻي چوڻ لڳي: ”ادي، هن نائيلان جو رنگ تہ ڏس، ڪھڙو نہ شوخ ۽ ڀٿڪيدار آهي، مون کي ڏاڍو ٿو وڻي. اهو تہ مان کڻنديس.“
”اهو مان پنھنجي لاءِ وٺي آئي آهيان، توکي ڇو ڏيان!“ گلاب ائين چئي، اختريءَ کان اهو ڪپڙو کسي وٺي ڀڳي. گلاب پھرين مون کي ڪو نہ ڏٺو هو. ڀڄڻ مھل سندس نظر مون تي بہ پئي. امالڪ بيھي رهي. سندس نرڙ تي ڪاوڙ وچان گهنج اسري آيا، ۽ ڀيڻ کي ڇوھہ مان چيائين: ”هون، هيءُ وري تو وٽ ويٺو آهي! مون جو توکي چيو هو تہ هن مئي ڇوري کي هت نہ اچڻ ڏيندي ڪر! جڏهن ڏس..... تنھنجو مغز تہ خراب ڪونھي؟“ اختريءَ کي بہ ڪاوڙ اچي ويئي: ”مان هن سان ويھان يا نہ ويھان تنھن ۾ تنھنجو ڇا؟“
”منھنجو ڇا؟ مان تنھنجي وڏي ڀيڻ آهيان، تنھنجي ڀلي خاطر ٿي چوان. ڇوري، تون اڳي بہ چار – پنج ڀيرا ڀڳي آهين، تڏهن بہ ڪو نہ سڌرينءَ. پنھنجو سمورو وقت ويٺي هن مئي لوٺي سان خراب ڪرين. جيڪو ٿي ڪمائين، سو هن کي ٿي ڏيئي ڇڏين. ماڻھو اويل سويل لاءِ ٻہ – چار ڏوڪڙ گڏ ڪري، ڪي بس ! کري ٻھر ٿي آهين!“ گلاب اکين جون ڪنڊون گهنجائيندي چيو.
”تو تہ اصل لک گڏ ڪيا آهن. هلي آهي ويچاري ٻين کي صلاحون ڏيڻ! منھن ڏٺو اٿئي پنھنجو؟“
”نہ تہ وري! مان تو وانگر ڪا پاڳل آهيان، جو سڄو سڄو وقت ھھڙن ڇورن واهياتن سان وڃايان، جن مان نہ هڙ حاصل!“
”زبان سنڀالي ڳالھاءِ! هن کي ڪجهہ چيئي تہ چوٽي پٽي وٺنديسانءِ، ها.“
”تون بہ زبان سنڀالي ڳالھاءِ! جي مون کي ڪو اولو سولو اکر ڳالھائي تہ اهي ٻئي تارا ڪڍي وٺنديسانءِ! تو مون کي سمجهيو ڇاهي، ڙي!“
اختريءَ جو منھن ٽامڻي هڻي ويو. سرير ۾ ڏڪڻي پئجي ويس. اوچتو اوڇانگ ڏيئي، گلاب کي وڃي وارن کان جهليائين. وٺي جو سٽ ڇنائين، تہ گلاب اچي پٽ تي پيئي. گلاب جي اکين مان ڳوڙها ڳڙڻ لڳا. گهگي آواز ۾ چيائين: ”تو هن ڪين جھڙي ڇوري جي ڪري، مون تي هٿ کنيو آهي – مون تي ...... پنھنجي وڏي ڀيڻ تي!“ اختري اچي ورئڻ ۾ ڇٽڪي. پوءِ ٻئي هڪٻئي جي ڀاڪرن ۾، ڪنڌ ۾ ڪنڌ ڏئي، ائين روئڻ لڳيون، ڄڻ اڀ ۾ ڇانيل ڪارا ڪڪر پاڻ ۾ وڇڙي وڃي پيا هجن.
هي سمورو وقت مون پريان ويٺي تماشو ڏٺو. کين هيئن روئندو ڏسي، مون ائين محسوس ڪيو، ڄڻ هي اختري ۽ گلاب ٻہ ننڍڙيون نينگريون آهن – اٻوجهہ ۽ اڄاڻ. وڙهن ٿيون، روئن ٿيون، رسن ٿيون، پرچن ٿيون – نہ دولاب نہ دوکو، نہ دغا نہ فريب – دل جي اڌمن کان مجبور، ساھہ جي سٽن سان ڇڪجي. مون سوچيو: ”اهو فريب، اهو مڪر، اهو دولاب ڪٿي آهي؟ گلاب ۽ اختري هيرامنڊيءَ جون ٻہ رنڊيون آهن، وٽن اهو سڀ ڪجهہ هجڻ گهرجي. پر هو ٻئي پاڻ ۾ ائين وڙهيون ۽ پرچيون آهن، جيئن اسان واري گهر ۾ سندم ڀينرون وڙهنديون ۽ پرچنديون هيون. هي ڳوڙها، هي هنجون، هي موتين جا داڻا: ڇا هي سڀ فريب آهي، مڪر آهي، دولاب آهي؟“
اهڙن موقعن تي مون هميشہ اهو پئي محسوس ڪيو آهي، ڄڻ مان هيرامنڊيءَ ۾ نہ، بلڪہ روحن جي ديس ۾ اچي ويو آهيان. جت معصوميت جا مانڊاڻ منڊيل آهن، جت خلوص ۽ سچائيءَ جا گل پيا مُرڪن“ ۽ جيڪو منھنجي سپنن جي ٻيٽارين مان ڪَر موڙي اٿيو آهي: ۽ پوءِ مان ائين پيو ڀائيندو آهيان، ڄڻ اهو سڪون ملي ويو اٿم، جنھن لاءِ ورهين کان بيقرار هوس. اهو خال ڀرجي ويو اٿم، جنھن کي ڏکوئيندڙ ناسور جيان پئي محسوس ڪيو هوم! پر اهو احساس تہ اهڙين گهڙين سان ئي مخصوص آهي - ۽ اهي املھہ گهڙيون هيرامنڊي جهڙين جاين تي ڪي اهڙيون گهڻيون هيرامنڊيءَ جهڙين جاين تي ڪي اهڙيون گهڻيون تہ ڪو نہ هونديون آهن. اهو محسوس ڪندي، دل چوندي اٿم تہ ”جيڪر اهي خوشيءَ ۽ آنند جا ڪرڻا سدائين ڦٽندا ڦاٽندا رهن! ڪو اهڙو جتن ڪجي، جيئن هيرامنڊي هيرامنڊي نہ رهي: منجهس ست ۽ پوترتا جا نہ اجهامندڙ ديپ جلي اٿن، رات هت جيڪا اونداھہ ڦھلائيندي آهي، سا بہ پاڻ سان پيار، سچائيءَ ۽ انسانيت جا اجالا آڻي!“ ..... ائين ڪڏهن ٿي سگهندو؟ منھنجي اها آس ڪڏهن پوري بہ ٿيندي؟ مان ڪيئن چوان، ڪيئن ڪريان؟ الا، ڪنھن پر .....! ها! ڪنھن پر!
........ اهو سڀ ڪجهہ ويچاريندي ويچاريندي، منھنجي وجود جي اونھائين مان ٿڌو ساھہ نڪري ويو آهي، ۽ روح تي ڇانيل اداسيءَ جا تھہ تحليل ٿي ويا آهن. پاڻيءَ جي مٿاڇري جون ڇوليون هڪٻئي سان مٺيون سرگوشيون ڪري رهيون آهن. وڻن جون ٽاريون، واءُ جي جهوٻن تي لڏي، ڏاڍي ماٺيڻي نوع ۾ ڪنھن اڻڄاتل خوشيءَ جو اظھار ڪري رهيون آهن. چوڌاري شام جو ڌنڌ ڇانئجي ويو آهي. سج افق ۾ ٻڏي ويو آهي. اهو افق، جيڪو اڳي مون کي پنھنجن خيالن ۾ پھچ کان بہ پري پئي لڳو، هاڻي ايترو تہ ويجهو ٿو لڳي، جو مان کيس هٿ لائي پيار ڪري سگهان ٿو! منھنجي وجود ۾ خوشيءَ ۽ اطمينان جي لھر ڊوڙي وئي آهي. سنجها لڙندي پئي هلي، ۽ جوت ٻرڻ تي آهي. پنھنجي پورهئي کي جنبڻو اٿم، سو ڪپڙا ڇنڊي اٿي شھر ڏانھن هلڻ لڳو آهيان – اها آس کڻي تہ منھنجي خواهش ڪڏهن ضرور پوري ٿيندي:
”جيڪڏهن سياري جا سيءَ لھي سگهن ٿا، تہ بھار جون هيرون بہ ڪي اهڙيون پري تہ ڪو نہ ٿيون ٿي سگهن!“

لکي ڏي! (سندري اتمچنداڻي)

چنڊڙا، تون اڃا بيٺو کلين! شايد تو اها ڳالھہ ٻڌي ئي ناهي. ڀلا، ٻڌي بہ ڇا ڪندين؟ گهر جي ڀتين تہ ٻڌي، پوءِ اهي ڇو ڪين لڏيون؟ جنھن وقت ٻنھي ماءُ – پٽن گڏجي چئي هئي اها ڳالھہ، تنھن وقت هوا بہ تہ زور شور سان پئي ڦري گهري، پوءِ بہ چڪ کي منھن ۾ ڦھڪائي هلي وئي!
مگر نہ، چنڊ، تون اهڙو ناهين، تون ٻڌي هان تہ ضرور روئي وجهين هان. هيڏا سال تو سان رهاڻيون ڪيون اٿم، سو ڪو تہ ناتو ٻڌجي ويو هوندو! مگر، ڪيئن چئجي، شايد گڏ رهڻ سان بہ ناتو نہ ٻڌبو آهي.
هاءِ ائين بہ شايد ٿي سگهندو آهي، نہ تہ ڀلا هاڻي ڪيئن چونم ها تہ ”لکي ڏي!“ هڪ – ٻن ڏينھن جو ناتو تہ ناهي هن سان! هوءَ راھہ شاهد آهي.... چوڏهن سال اڳ، ڪھار ڏولي کڻي پئي آيا، تڏهن هن راھہ منھنجون سڀ ٻڌيون هيون. ڪيڏي پئي کل آئي ان مھل، انگ انگ ٿي ٺريو! پيرن جي آڱرين تي زيور، هٿن جي آڱرين تي منڊين جا وڪڙ، ٻانھون، ڳچي ..... پر مان تہ نڪ جي هيري جي چمڪ تي ئي موهت ٿي پئي هيس! تازي ٽوپيل نڪ سور بہ ڪيڏو پئي ڪرايو، پر نئين ناتي جي خوشي ڪا هئي! ڪھڙي سکي هئي، جنھن منھنجي سڄڻ جي ساراھہ نہ ڪئي هئي: ويندي ائين بہ چئي ويٺيون تہ ”ھھڙو جو گهوٽو سھڻو اٿس، سو ٻار بہ جھڙا پرين جا ٻچا ٿيندس!“ هئي تہ عجيب ڳالھہ: شام تائين جا ڪنيا هئي، سا ويڏيءَ تي ويھڻ سان ئي امڙ بڻجڻ جي لائق ٿي پيئي!
مگر عورت ٿيندي ڪيڏو فخر هو! ايڏو ئي وڏو، جيتري اڄ موٽي ڪنيا ٿيڻ جي بي وسي آهي. ڪھارن جو هلڻ ڪيڏو ڌيمو ٿي لڳو. اهو ڳورو ڳورو هٿ، جو ويڏيءَ تي ڏٺو هوم، ان جي چانديءَ جھڙي چھري واري مالڪ کي ڏسڻ لاءِ ڪيتري نہ بيتاب هيس! سوچيم، ”سوني هوندي اها مھل! مگر اها مھل آئي ئي ڪا نہ، ۽ جڏهن آئي، تڏهن بہ سوني بڻجي نہ آئي. پتيءَ امتحان ڏنو، پوءِ آئي اها مھل. شاديءَ کي پورا چاليھہ ڏينھن گذري چڪا هئا. ايتريون راتيون ڪنھن جي قدمن جي آهٽ ٻڌڻ لاءِ ڪَنَ پريشان رهي رهي، نااميد ٿي چڪا هئا.
ليڪن هاءِ ڙي ناريءَ جي بيوسي! پوءِ بہ جڏهن قدمن جي آهٽ آئي، تڏهن ڪن سرلا ڪري، منھن ڍڪي، سڌي ٿي ويٺيس. هن منھنجو گهونگهٽ مٿي کنيو. اها مھل اها گهڙي اچي پھتي. لڄ ڀرين اکين پورو ديدار ڪرڻ بہ نہ ڏنو! الائي ڇا ٿي ويو ان گهڙيءَ کي!
”ننڊ ڪا نہ ٿي اچئي:“
اهو بہ ڪو ڀلا سوال هو! مان کڻي اڻپڙهيل هيس، تہ بہ ڪيترين ساهيڙين کان اهڙيءَ گهڙيءَ لاءِ سوال جواب پڇي رکيا هيم، ۽ هن ڀلا ڪنھن ڪتاب ۾ بہ ان کان سھڻي ڍنگ جي ڳاھہ نہ پڙهي هئي! مان ڀلا ڇو چوان تہ ”ننڊ ڪا نہ ٿي اچيم؟“ چاليھہ راتيون ڪھڙي ننڊ آئي هئي، جو اڄ ايندي هوندي. پر مان ڇو کيس ٻڌايان؟ کڻي ڪنڌ ڌوڻيم. بس، هو پوئين پير هليو ويو! ويندي ويندي چوندو ويو، ”سمھي پئہ.“
ڪاش، ان گهڙيءَ انھيءَ سمھي پوڻ جو مطلب سمجهي سگهان هان! تن بدن ۾ آڳ لڳي ويئي. گهر جي چپاٽ وٽ بيھي، چير مان جيڪي ٻڌم، تنھن تہ ساري سگهہ ستيا ئي ڪڍي ڇڏي: ”هر ڳالھہ ۾ ضد ڪندين آهين، امات! پھرين چئہ ننھن کپي، هاڻي ..... بس بس، مون کي هاڻي مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ ڏي.“
”هاءِ رام! اڃا بہ اوسيئڙو ڪڍڻو پوندو!“ سوچيندي سوچيندي دماغ پاڳل ٿي رهيو هو. ڪيترا ڏينھن اکين مان ڳوڙها ئي نہ ٿي سڪا، عزيز خويش رحم کائڻ لڳا. ان رحم جي پلئہ کي پيار جو پلئہ سمجهي، ڇڪي، ان ۾ پاڻ ويڙهي ڇڏيم. وري بہ کلڻ ڪڏڻ لڳيس، ۽ اميد جي ڏيئي جي وٽ کي بہ ڏينھون ڏينھن سوريندي رهيس. سکيون سرتيون بہ ان وٽ کي سورڻ ۾ مدد ڪنديون هيون. سندن مٺا ٻول – ”لاجوءَ جي تہ لوڏ ئي لک ٿي لھي! ڀائي! سندس گهوٽ ٿيندو وڪيل، پوءِ تہ لاجو اسان سان ڳالھائيندي بہ ڪا نہ!“ ..... هاءِ! ڪيڏا سيسراٽ اڀرندا هئا انھن ٻولن سان! ڪيڏيءَ وڏيءَ پونجيءَ جو انتار هو!
۽ مليو ڇا؟ اڙي چنڊ!
....... ڏاڍي ٿوري پنجي اٿيئي منھنجي. ان لاءِ بہ سندس امتحان پاس ڪرڻ تائين ترسندي رهيس. شايد ان ڪري ئي ايڏي پياري اٿم اها پونجي، نہ تہ ٻالڪ جيڪي اڳڙيون ٿڳڙيون ميڙيندا رهندا آهن، تن کان ڇا وڌيڪ منھنجي پونجي! فقط ڪن راتين ۾ سندس وسواسن جو ڇهاءُ ۽ چپ چاپ ۾ ڪنھن وقت هڪ ٻار لاءِ اٻلاکا! جيءُ جان سان پوري ڪيم سندس گهر، مگر نہ رهي سگهيو اهو ٻالڪ بہ هن جھان ۾. ٻالڪ جي مرتبي تي ئي بس هن کي پتيءَ جي روپ ۾ ڏسي سگهي هيس – هڪ همدرد انسان جي روپ ۾. ليڪن، ٻئي ڏينھن تي ئي سڀ ڪجهہ بدلجي ويو. هڪ ڏينھن لاءِ، کوهڻ ۾ پائڻ جو عجيب درشيه ڏٺم، ۽ بس. ڪيڏي نہ وڏي پونجي آهي، چنڊڙا!
مون کان وڌيڪ ڪروپ نارين کي پنھنجن گهوٽن سان گهر جي هر ڪاريه ۾ ويھي، صلاح مصلحت ڪندي ڏٺو اٿم، پر هائو، سندن گهوٽ ڀل منھنجي پتيءَ کان سندر آهن، تہ بہ منھنجي پتيءَ کان گهٽ پڙهيل آهي. تڏهن ڇا، علم ئي اهو ويڇو پيدا ڪيو آهي، اسان ٻنھي جي جيون ۾؟ سچي هئي منھنجي هڪ سکي، جنھن چيو هو، ”جڏهن پتي پڙهي تيار ٿيندو، تڏهن تنھنجا اوسيئڙا اوجاڳا سمجهندو بہ ڪو نہ!“ پر مان جو چري هيس..... هيترو سندر، هيترو پڙهيل انسان، ڪڏهن منھنجين قربانين کي سمجهي نہ سگهندو، اهڙي ڳالھہ تہ دماغ ۾ويھي ئي نہ پئي سگهي!
کل نہ، چنڊ! ڏاڍو وڏو ڏک آهي هيءُ، خبر ناهي ڪھڙن ڪنن سان سس جا اکر ٻڌم: ”لکي ڏي“ ۽ اکيون کڻي جو پتيءَ ڏانھن نھارين...... هاءِ، هن بہ ائين ئي چيو، ”لکي ڏيندينءَ، تڏهن ئي ٻي شادي ٿي سگهندي!“
مري ڇو نہ ويس ان مھل! ساري پرٿوي اچي لڏي: اکين جي درياءَ ۾ هر چيز کي لڏندو ٻڏندو ڏٺم، پر نہ سمجهي سگهيو ڪوئي هيءَ پيڙا! هڪ سکيءَ ليلا – چنيسر جي ڪھاڻي ٻڌائي هئي. ليلا کي تہ سڀڪي مليل هو پتيءَ وٽان. هن پتيءَ جي آزمائش ٿي لڌي. هڪ وڏو ڀرپور وشواس پتيءَ جي راھہ ۾ اڇلي، کلڻ ويھي رهي. هاءِ، لٽڪي ويئي! روئي موٽي، مون جيان!
مگر هيءَ هئي سس! ناري جي ويدنا، ناري بہ نہ سمجهي! جڏهن پتي پڙهڻ ۾ مشغول هو، تڏهن سس کان اسڪول وڃڻ جي موڪل گهري هيم. هن ڀرون تاڻي چيو هو، ”وڏن گهرن جو ننھر بہ ڀلا اسڪول وينديون آهن!“
تہ وڏن گهرن جون نھر فقط ٻل چاڙهيون وينديون آهن؟
اڙي چنڊ، ڇا لکي ڏيان هن سس کي؟ اهو، تہ منھنجي موھہ جو ٽڪرو ٻيءَ ڪنھن جو ٿي وڃي! ڪاش! کيس هڪ ڌيءُ هجي ها ۽ ان کي پتي چوي ها: ”لکي ڏي پنھنجي ننڍڙيءَ پونجيءَ جي وصيت!“ ان مھل ماتري هردو ڏري پوي ها، ڀڙڪي چوي ها، ”نہ لکي ڏج! جنھن انسان تنھنجي زندگي برباد ڪري ڇڏي، ٿيڻ ڏي ان جي جيون کي بہ برباد!“ مگر مون لاءِ ڪيئن ٿو ڪوئي ائين چئي سگهي؟ ماءُ جا ڪانھيم! هيءَ تہ ٿي پنھنجي اولاد جي ماءُ...... روز گروءَ جي اڳيان مٿو ٽيڪي جا سڀ پاپ ڌوئي ايندي آهي، سا مون لاءِ ماءُ ڇو، پوتن ڇو نہ ٿئي!
چنڊ، مان ڏاڍي ڪڙي ٿي پيئي آهيان نہ، نہ تہ هن سس لاءِ ايترا ڪڙا اکر ڇو ڳالھايان. جنھن ڳالھہ ٿي ڪئي تہ سندس شاديءَ جي پورن ڇھن مھينن کان پوءِ جڏهن چوٽ تي بيٺي پنھنجا واسينگ سڪائي رهي هئي، تڏهن اچي ٻڌايائونس تہ سندس پتي ٿي ويو جهنگل جي هڪ چيتي جو شڪار! بس، هڪ ٻالڪ جي سھاري ڪاٽي چڪي آهي زندگي هيءَ عورت، جا هئي ساري ڳوٺ جي سونھن. وهم ويڙهي ويس تہ سھڻي عورت ڀاڳ هيڻ ٿيندي آهي، ۽ سڪ پائي ورتائين سانوري ننھن. سانوري ننھن. مگر سانوريون بہ ڀاڳ هيڻيون ٿي سگهنديون آهن: سھڻي سس پتيءَ کان پوءِ ڏهاڳ ڏٺو، ۽ مون ....... پتيءَ جي جيئري!
هاءِ، چنڊ، توکي ڏک ٿو ٿئي هي سڀ ٻڌي! تڏهن پيو ويڙهين هيءُ بادل جو آنچل؟ نہ لڪاءِ پنھنجو مکڙو. اڄ رات پاڻ سان ڏک ونڊڻ ڏينم، پنھنجن سيتل ڪرڻن جي بارش وساءِ. هن آڳ لڳل جيءَ کي ٿڌو ٿڻ ڏي، نہ تہ ڪيئن گذرندي هيءَ رات! اڪيلي سر ڏک جو پھاڙ کڻي نہ ٿي سگهان. تون بہ مون کان پري گگن ۾ آهين، ۽ پتي بہ آڪاس کان گهٽ پري ناهي. ليڪن، هڪ ڳالھہ ٻڌايان؟. ....... ڪڏهن ڪڏهن هو لوڪ ستي منھنجي بلڪ ئي ويجهو هليو ايندو آهي – اصل ايترو ويجهو، جيترو ڌرتي ۽ آڪاس جبلن ۽ ٽڪرين وٽ مليل نظر ايندا آهن. ان مھل ڏاڍي رعب سان ائين چئي سگهندو آهي، ”ائين نہ سمجهج تہ مان پنھنجي غرض لاءِ تو وٽ اچان!“ ان مھل پاڻ کي سمجهندي آهيان ڌرتي، جيڪا ٻين جي لتڙ سھندي بہ ماٺ رهندي آهي، پاڻ کي خوشحال سمجهندي آهي.
ڇا ٿئي ها، چنڊڙا، جي هو مون اڻ پڙهيل نينگريءَ سان سک جي زندگي گهاري ها. ڪڏهن مون کي منھنجي اوسيئڙ جو اجورو ڏئي ها: پوءِ اسان جا ٻالڪ پيدا ٿين ها، اسين کين پڙهايون ها! مان جيڪر ننھن پائڻ جو لوڀ نہ رکان ها: مان پوءِ اهو ئي لوڀ رکان ها تہ منھنجن پٽن جون ونيون اچن، سندن جيان پڙهيل، سندن جيان سندر، ڇا ٿو چوين، چنڊ، مان ڏک نہ ڏسان ها تہ پنھنجن پٽن کي بہ اڻ پڙهيل نھر وٺي ڏيان ها؟ پيڙائن مان ئي سڌارو ايندو آهي؟ نہ نہ، اها بي سمجهي آهي. ڏک سھي انسان ڪڙو ٿيندو آهي. ڏس، ڪھڙا پيئي سڀن کي حرف پٽيان. ائين ٿو لڳيم، جيڪر ساري عالم کي باھہ ڏيئي ڇڏيان. اها سيج جا ڪڏهن منھنجي نہ ٿي سگهي، ان کي ساڙي رک ڪري ڇڏيان ۽ مٿان هاري ڇڏيان ان تي ڪومل ناريءَ جو خون، جا اڄ منھنجي اندر گهٽو کائي مرندي. اڄ هڪ وڏو خون ٿيندو، ڪوملتا جو، مڌرتا جو خون. ڀلي لڪي وڃ بادلن ۾، نہ ڏسج اهو خون! ڏس تارا تہ اڃا بہ الڙ ٻالڪن جيان پيا کلن، پڇن پيا، ”تون هڪ، هن برهمانڊ ۾ آهين ئي ڇا؟“
هائو، مان آهيان ئي ڇا، نہ تہ ڪيئن هڪ اڻپڙهيل کان ”لکائڻ“ جي ڪو همت ڪري سگهي ها؟ لکي تہ ڪي ڪين ڄاڻان. هائو، آڱوٺي جو نشان وٺندا مون کان. سڌيءَ طرح نہ ڏينديس تہ اڻ سڌيءَ طرح مجبور ڪندا. پوءِ ٻن روٽين کان محروم ڪري، شايد گهر کان هڪالي بہ ڇڏين. ڪجهہ عزت بچائڻ لاءِ، ڪجهہ بک مري، شايد آڱوٺي جو نشان ڏيئي بہ وجهنديس. پر انصاف کي ڇا ائين ڪوڙو آڱوٺو ڏيکاري ئي شيطان هميشہ دوکو ڏيندو رهندو، ۽، چنڊ، تون ائين ئي چمڪندو رهندين؟
نہ چنڊ، نہ، مان مري مٽجي وينديس! ٽيھن سالن جي تہ اچي ٿي آهيان. ڪيڏن ارمانن کي گهٽا ڏئي جيئندي رهي آهيان. بک کي بہ گهٽو ڏيڻ جي ڪوشش ڪنديس، پر آڱوٺي جو نشان ڪين ڏينديس: ڪوڙ کي سچ مٿان سوڀ پائڻ ڪين ڏينديس! هو دروازي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا نہ؟ ها، ٻاهر نہ نڪرنديس. شايد چري ٿي پوان، رستن تي ڦرندي رهان...... ڪئين چريون ائين ڦرنديون ڏٺيون اٿم، جن جي احساس کي نہ سمجهي، دنيا کين ان ڪڙيءَ تي پھچائي ڇڏيو آهي.
چنڊ، پوءِ بہ تون ماڻھن جي دلين ۾ روشني ڪين ڦھلائيندين؟ چئہ، مان ڇا ڪريان، سچ جو گلو گهٽجڻ ڏيان؟ سچ کي تہ مون هميشہ تنھنجي ئي روپ ۾ ڏٺو آهي. پيارو پيارو، چمڪندڙ ۽ روشن. تو سان ڪيڏيون ڳالھيون ڪندي آهيان. جڏهن هو مسافريءَ تي هليو ويندو آهي، يا هيٺ ٻدريءَ ۾ ڪوئي حساب ڪتاب پيو سنڀاليندو آهي، تڏهن مان توسان ئي تہ اچي ڳالھيون ڪندي آهيان. ٻيو ڪير آهي منھنجو هن سڃ منجهہ. نہ، چنڊ، مان تنھنجو گلو گهٽجڻ نہ ڏينديس: نہ ڏينديس آڱوٺي جو نشان!، پر، چنڊ، هاڻي هيءَ دنيا منھنجي رهڻ لاءِ ناهي...... ليڪن ائين ڇو؟ بيڏوهي ائين مري وڃن، مون وانگر ارمان گهٽجي گهٽجي جيئن، ۽ هڪ ڏينھن پاڻ کي بہ گهٽي ڇڏين؟ ڪڏهن نہ انصاف جي تارازي بہ کڻي بيھہ! بس، وس وارا ائين بيوسن کي ڏوهي ٺھرائيندا ڦرن؟ نہ، چنڊ، اهو عالم بدلائي ڇڏ، کڻي اچ پنھنجي سھائي، آر پار انھن ڏاڍن جي هردن اندر ڪراچي چاندنيءَ جو ڪومل، سيتل پرڪاش!

(مھراڻ: 2 – 1961ع)

لوئي (تنوير عباسي)

مون هن کي سڃاتو ئي ڪين. ان ۾ منھنجو ڏوھہ نہ هو، واقعي هو ڪافي بدلجي ويو هو. مليو بہ سالن کان پوءِ هو. هن جي مٽن ۾ کڏون پئجي ويون هيون. وار ڦٽل هئس، جن ۾ شايد ڪن ڏينھن کان تيل نہ وڌو هئائين. سندس رنگ ڪنھن اس ۾ پيل پن جيان لهسجي ويو هو. ڪپڙا ميرا ٿي ويا هئس، اندران پگهر ۾ ميري ٿيل گنجي ظاهر ٿي رهي هئي.
مون کي يقين ئي نہ آيو تہ هي ڪو ساڳيو رفيق آهي، جو مون سان پورو سال گڏ پڙهيو هو – جنھن جو منھن ڀريل ۽ رنگ نکريل هوندو ه. جنھن جا وار سدائين سليقي سان سنواريل هوندا هئا، ۽ جنھن جي نرڙ تي سدائين هڪڙي چڳ لھرائيندي نظر ايندي هئي. ۽ سدائين صاف پئنٽ ۽ رنگين بش – شرٽ ۾ ملبوس نظر ايندو هو.
مان ۽ رفيق ڇهين درجي ۾ گڏ پڙهيا هئاسين. ان زماني ۾ جڏهن ماستر اسان کي پڙهائيندو هو، تہ هي نوٽ بڪ تي ماستر جي ڪارٽون ۽ ڇوڪرين جي اسڪيچن ٺاهڻ ۾ مشغول نظر ايندو هو. ۽ جڏهن ڪلاس پوري ٿيڻ بعد هو مون کي اهي ڪارٽون ڏيکاريندو هو، تہ اسين ٻئي گڏجي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندا هئاسين. ۽ ٿوريءَ دير بعد هن جي چپن تي هڪ مرڪ کيڏندي نظر ايندي هئي، ڄڻ تہ انھن ٽھڪن ڏيڻ سان هن کي سندس محنت جي قيمت ملي وئي هجي.
سڄو سال هن ماسترن جي ڪارٽونن ۽ ڇوڪرين جي اسڪيچن ڪڍڻ ۾ گذاري ڇڏيو، ۽ جڏهن نتيجو نڪتو تہ ظاهر هو تہ هو ناپاس ئي ٿيو.
ان کان پوءِ، هن سان گڏجڻ جو موقعو گهٽ ملندو هو. ڇو تہ مان پاس ٿي ويو هئس، ۽ هي ساڳي ئي درجي ۾ ماسترن جا ڪارٽون ۽ ڇوڪرين جا اسڪيچ پيو ڪڍندو هو.
ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ، مون کي خبر پئي تہ هن کي اسڪول مان ڪڍيو ويو آهي. هن بورڊ تي هيڊ ماستر جو ڪارٽون ٺاهيو هو – ان ڏوھہ ۾، اسڪول کان نڪرڻ بعد، وري مون کي هو نظر نہ آيو، ۽ مون بہ ڪراچي ڇڏي، حيدآباد ۾ پنھنجي تعليم جاري رکي.
اڄ ٽن سالن بعد جيئن ئي مان چانھہ پيئڻ جي خيال کان هوٽل ۾ گهڙي رهيو هئس، تہ هن مون کي ٻانھن کان جهلي پاڻ ڏي ڇڪيو. واقعي پھرين مون هن کي سڃاتو ئي ڪو نہ، پر پوءِ غور سان ڏسڻ بعد، معلوم ٿيم تہ هو ساڳيو رفيق آهي – اسڪيچن ۽ ڪارٽونن وارو رفيق، جنھن جو منھن ڀريل هوندو هو، ۽ مون سان گڏجي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندو هو.
مان هن کي پنھنجي گهر وٺي آيس. هن مون کي ٻڌايو تہ هن کي گهر مان ڪڍيو ويو آهي – انھيءَ ئي فن جو شوق سببان. سندس والد جو چوڻ هو تہ هو رنگن ۽ برشن تي اجايو خرچ ٿو ڪري ۽ سدائين سندس ڪپڙن تي رنگن جا داغ نظر اچن ٿا – بيڪار ٿو پيو وقت وڃائي – ان ڪري اهو شوق ڇڏي ڏي. پر هو بدستور تصويرون چٽيندو رهيو. ڪڏهن درياءَ جي مست لھرن جون، تہ ڪڏهن اوڀر تي اٿندڙ شفق جي وڻندڙ لالائيءَ جون.
ان کان پوءِ گفتگو جو موضوع ڦري، ان وقت جي حالتن تي آيو. هي اهو وقت هو، جو ماڻھن ۾ پنھنجي قوميت جو احساس اچي چڪو هو، ۽ هر طرف کان پنھنجي تھذيب کي بچائڻ جا آواز اٿي رهيا هئا. نوجوان طبقو ڪافي سجاڳ ٿي چڪو هو، پر رفيق نھايت جذباتي ٿي ويو هو. هن چيو، ”هاڻي ٻيو سڀ ڪجهہ ڇڏي، مون پنھنجي وطن کي تصويرن ۾ چٽڻ شروع ڪيو آهي.“ هن مون کي ڪجهہ تصويرون بہ ڏيکاريون – سکر بئراج“، ”لئنسڊائون پل“، ”سنڌي نينگرين جو کوھہ تي جهرمٽ“، ”سنڌي ٻڪرار پنھنجي ٻڪرين سان“، ”ڪوٽڙي بئراج جي ڪنڌيءَ سان خانہ بدوشن جا لڏا“ – انھن سڀني نظارن کي هن رنگن جي قيد ۾ آڻي ڇڏيو هو. هن شاھہ جي بيتن کي تصويرن ۾ پيش ڪرڻ شروع ڪيو هو. ”نوري“، ”سسئي“، ”مارئي“ – اهي سڀ هن چٽيون. انھن ۾ مون کي ”مارئي“ جي تصوير ڏاڍي وڻي. هن ۾ ڏيکاريو ويو هو تہ هڪ عاليشان محل ۾ مارئي پٽ تي ليٽيل آهي، هن جا وار پريشان آهن ، ۽ سندس سدا ۽ ميرا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا آهن، ۽ هوءَ انھن ڦاٽل ڪپڙن مان ظاهر ٿيندڙ اوگهڙ کي لوئيءَ سان لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
”هن تصوير جي قيمت گهڻي ٿيندي؟“ مون هروڀرو کانئس پڇيو. ”هن تصوير جي قيمت؟“ هن جي چپن تي طنزيہ مرڪ ڊوڙي وئي. ماڻھن وٽ پئسو ڪٿي آهي اهڙين تصويرن تي خرچ ڪرڻ لاءِ؟ هنن کي فلم ايڪسٽريسن جون اڌ اگهاڙيون تصويرون کپن-“ ائين چوڻ سان هن جي دل ڀرجي آئي، ۽ چيائين ”ڀاءُ! اسان جو عوام بکيو آهي. هن کي جنس جي بک، روح جي بک ..... آهي. هن جو بہ تہ ڏوھہ نہ آهي. هن کي تہ ڪنھن نہ ڪنھن طرح پنھنجي بک مارڻي آهي - ۽ آرٽسٽ؟ اهي بہ بکيا آهن. پيٽ جا بکيا. گويا هي بہ هڪڙو بک جو سودو آهي. آرٽسٽ عوام جي بک مٽائين ٿا ۽ عوام آرٽسٽن جي .....“
ٻہ ٽي ڏينھن مون وٽ رهڻ بعد، هو روزگار جي تلاش ۾ نڪري ويو...... ۽ سندس خط مون ڏانھن ايندا رهيا. ڪڏهن لاڙڪاڻي مان تہ ڪڏهن سکر مان. ڪڏهن ڪٿان تہ ڪڏهن ڪٿان. پھريائين تڪڙا تڪڙا خط لکندو هو ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪري خط لکڻ بند ڪري ڇڏيائين. سندس خط ۾ سدائين سندس فن جي قدر نہ ٿيڻ جو ذڪر هوندو هو.
هڪ سال بعد، اوچتو هن جو خط آيو، جنھن ۾ هن پنھنجي اچڻ متعلق لکيو هو.
جنھن ڏينھن هو اچڻ وارو هو. تنھن ڏينھن مان اسٽيشن تي ويس. گاڏي اچڻ تي مون ٿرڊ ۽ انٽر گاڏا ڳولھڻ شروع ڪيا. خلاف توقع هو هڪ سيڪنڊ ڪلاس گاڏي مان سوٽ ڪيس کڻي هيٺ لٿو.
مون ڏٺو تہ هو ساڳيو رفيق هو. اسڪول وارو رفيق، جنھن جا ڳل ڀريل هئا ۽ وار سليقي سان سنواريل هئا، ۽ هڪڙي چڳ سندس پيشانيءَ تي لڙڪي رهي هئي، ۽ هو هڪ اچي سوٽ ۾ ملبوس هو.
هن گاڏيءَ مان لھڻ شرط سوٽ ڪيس قُليءَ جي حوالي ڪيو ۽ مون سان چنبڙي ويو.
گهر وٺي اچڻ بعد، مون هن کي چيو، ”تنھنجي حالت هاڻي سڌري وئي آهي – شايد هاڻي دنيا تنھنجي فن جو قدر ڪرڻ لڳي آهي......!“
”ها......!“ هن هڪ ڦڪيءَ مرڪ سان چيو. ”ڇو تہ مون پاڻ دنيا جي ”جذبات“ جو قدر ڪرڻ شروع ڪيو آهي.“ ائين چئي، هن سوٽ ڪيس کوليو، ۽ هڪ تصوير ڪڍي، ٿڌو ساھہ ڀري، ان تي حسرت واري نظر وڌائين. مون کي ڏسڻ لاءِ ڏنائين.
مون هن کان تصوير وٺي ڏٺي..... اها ساڳئي ”مارئيءَ“ جي تصوير هئي – اها ساڳي، جيڪا هن مون کي اڳئين سال ڏيکاري هئي. فرق فقط اهو هو تہ هن جي ليڙون ليڙون ٿيل ڪپڙن مان بدن جي اوگهڙ ظاهر ٿي رهي هئي.“ هن جي ”لوئي“ لھي وئي هئي.

(مھراڻ: 1 – 1956ع)

زن طلاق (ابن حيات پنھور)

”شاھہ مراد دي مار پوويس!“ هن کي ڏسندي ئي مون کي کل ايندي هئي. جيڪو بہ پڇندو هوس تہ اهو ئي جواب، ”شاھہ مراد دي مار پوويس!“ هڪ ڏينھن زوريءَ ٻانھن کان جهلي، شاھہ مراد جو قسم وڌو مانس. چوڻ لڳو، ”ميڪون جهل چوڙئيس، خبر پووس تہ مريسين.“ ائين چئي، ٻانھن ڇڏائي، اٿي ڀڳو. ان ڏينھن کانپوءِ جڏهن بہ ڏسندو هو، تہ پاسو ڪيو هليو ويندو هو.
هڪ ڏينھن زماني جي ڪم سان رئيس گلڻ خان جي ڳوٺ ڏانھن وڃي رهيو هوس. سيءُ بہ چوي تہ اڄ نہ پوان تہ ڪڏهن چوان. ويڙهجي سيڙهجي گهر کان نڪري اڃا ٿورو اڳڀرو ٿيس، تہ نورو ويھہ پنجويھہ قدم پرڀرو منھنجي سامھون اچي رهيو هو. مون خيال ڪيو تہ سڃاتو ڪينھيس، نہ تہ جيڪر ضرور پاسو ڪري ها. جڏهن چئن – پنجن قدمن تي آيو، تہ مون کي کلندو ڏسي چوڻ لڳو، ”ڏٺئي! شاھہ مراد دي مار پووس.......“ مون ڇڪي کڻي ٻانھن کان.
”ڇوڙ! ڪو نہ پڇانس!“ ڏٺم تہ سندس شڪل مان ڊپ پئي معلوم ٿيو ۽ ائين پئي لڳو، ڄڻ هينئر موت جي منھن مان پاڻ ڇڏائي نڪتو آهي. ”ڳالھہ ڪر! ٻڌائين ڇو نہ ٿو؟“
”او ڏيک! ماڻھو کڙين نہ، خدا دي نالي ميڪون ڇوڙ، آپ هين ٻڌسين......“ ڏٺم تہ هي چريو ٻڌائيندو اهئين ڪو نہ، ڇو نہ رڙهي وڃي روبرو ڏسان.
اڳڀرو هليس، تہ رستي جي اولھہ طرف وڻن جي سائي جهڳٽي ۾ ماڻھن جو ميڙ پئي ڏسڻ ۾ آيو. اڃا ويجهو ويس، تہ ڏٺم ٽي – چار پوليس آفيسر هئا، جن مان ٻن کوٽيل لاهن کي پئي ڏٺو ۽ هڪڙو لکڻ ۾ مشغول هو. ”اسلام عليڪم!“ چئي بيھي رهيس. مجموعي مان هڪڙي ڄڻي وڃڻ جواشارو ڏنو، ۽ آءٌ هلڻ لڳس. فرلانگ کن پنڌ جو ڪري اچي واھہ تي چڙهيس. ڳوٺ جا ماڻھو واھہ جي موريءَ تي ويٺا هئا. سلام ورايم: ڄڻ ڪنھن ٻڌو ئي ڪو نہ! سڀني جي زبانن تي تالا لڳل هئا، ڄڻ مٿن ڪا وحشت ڇانيل هئي ۽ ڪنھن نتيجي جي انتظار ۾ هئا! اڃا ٻہ – چار منٽ ئي نہ گذريا، تہ پوليس ماڻھن سميت ڳوٺ ڏانھن اچڻ لڳي. جڏهن ويجهو آئي، سڀيئي اٿڻ لڳا، هو اٿڻ جا نہ هئا، پر اٿاريا ويا – پوليس جي ڪري. هو پوليس کان ڊنا ٿي. اهڙو جهڳڙو انگريزن جي زماني ۾ - پاڻ تنھان ئي وڌيڪ. منجهائن هڪڙي تہ دل جهلي، ائين چئي ڏنو: ”اچن پيا انصاف وارا، ڏسو تہ ڪيئن ٿا انصاف ڪري ڏيکارين....!“ ماڻھو انھن ئي پيرن تي هيڏانھن هوڏانھن پکڙجي ويا. خيال ڪيم تہ ڪٿي وڃي ويھان. پريان ڏٺم تہ نار پئي اڙهيو، وڌي وڇي اتي ويٺس. اڃان انھيءَ ويچار ۾ ئي هوس، تہ منھنجي پٺيان ڪنھن جي پيرن جي آهٽ محسوس ٿي. ڪنڌ ورائي ئي ورايان، تنھن کان اڳ ايندڙ جي واتان ”اسلام عليڪم“ جو لفظ بندوق جي گوليءَ وانگر ڪنن وٽان نڪري ويو. ”وعليڪم اسلام“ چئي، اٿي کيس هٿ ڏنم.
”ڏٺئي!“ هو مون ڏانھن نھاري چوڻ لڳو، ”احمد! ڇا ٿو سمجهين؟ خدا جي ديڳ اڃا نہ تپندي! موڪل ڏئي مڙس ماريو ٿن...... سو بہ لاهن تان ..... شل خدا جو قهر پئين......“
ماڻھو ٽڙي پکڙي، وري اچي نار تي گڏ ٿيا. ڪو ڪنھن سان ڳالھائي رهيو هو، تہ ڪو ڪنھن سان. هڪڙي چيو، ”غريب جو گهر ئي رلي ويو. ڪاڏي ويئي زال، ڪاڏي ويو الھو تلھو، پَرُ هي ڏينھن هئا، جو لائون لڌيون هئائين- اڃان ميندي بہ ڪا نہ لٿي هيس. ڇا ٿيندو، ڪير آ ويچاري جو، جيڪو ڪيس لکائيندو ۽ حاضري ڀريندو. اجهو هڪ – اڌ شنوائيءَ کان پوءِ وڏيرو وري اچي هڪڙي نہ ٻئي جو سر کڻندو. اڳيون ڳالھيون ياد نہ اٿو – چي، ”گهوڙي سان ڀڄ، نہ تہ دنبوق ٿو هڻانءِ!“ نوروءَ جي بت ۾ اڃا پيا ڇرا کڙڪن. ڏسو ٿا، ان ڏينھن کان وٺي، ڪو هوش ٺڪاڻي اٿس! رڳو وڦلندو وتي – ”شاھہ مراد دي مار پووس!“ آهي ڪو ڌڻي سائين؟ انصاف هجي تہ ڪيترا ڏينھن نہ ٽنگيو پيو هجي؟ لاھہ هن ڪي ٿوروئي چوريءَ ڪڍيا هئا – رئيس ئي تہ چيو هوس: ”ڏيڍ رپيو وٺندو سانءِ، ڀلي ڪڍي وڃي کوري تي وڪڻ“ آءٌ ڪين بيٺو هوس!“
ٻيو ڄڻو، جو پريان ڪنڌ هيٺ ڪيو، سر تي چڙهيو ويٺو هو، تنھن چيو ”آءُ ٻن پھرن جو ڀڏي واري نمبر ۾ هَرَ پئي اڙهيس، وڏيرو شھر کان پئي آيو، جعفر کي پريان لاھہ ڪڍندو ڏسي، مون کي چيائين، ”گلو.!. اهو ڪھڙو ڪڃر لاھہ پيو ڪڍي؟“ ٻڌايومانس ”سائين جعفر آهي، رئيس گلڻ خان موڪل ڏني اٿس.“ اهو جو ٻڌايومانس، ڄڻ ڄڀي لڳي ويس – ”آءٌ مري ويو آهيان، جو هي حرامزادو رئيس کان ٿو موڪل وٺي“ پوءِ تہ گهوڙي کي هڪليائين. ڏٺم متان جهيڙو نہ ٿي پوي. سو گهوڙي جي پٺيان تکو هلڻ لڳس. واٽ تي وڏيري کي گهڻو ئي ٺاريم، پر هڪ بہ نہ سڻائين.“
”رڻ پٽ....... جڏهن بہ بيگر جو چوينس، ڪنڌ ڪڍايو وڃي....... ڀرسان ايندي ئي وڏيري بجو ڏئي، گار ڪڍي، چيس: ”رن ...... گولاڙيءَ جا پٽ، هيءَ ڪا پڻھين جي ملڪيت آهي، جو لاھہ ڪڍين بيٺو!“
”جعفر کي تہ سڀئي سڃاڻو، گهڻئي اشارا ڏنامانس – مڙيو ئي ڪين. ٺھہ پھہ چئي ڏنائين: ”وڏيرا، اشراف ٿيءُ، آءٌ گولاڙيءَ جو ٻار آهيان، تہ تون وري ڪنھن جو آهين؟“ بس ڳالھہ ئي اها ٿي، ٺا وڃي پستول ٿيو. مڙس ڪري پيو. مون کي چيائين ”ڀڄ تنھنجي تہ وٺي ڪري ....... تو کي بہ نہ پورو ڪريان!“ آءٌ تہ وٺي ڀڳس، پوءِ تہ هن لوڻو ئي ڪو نہ هنيو، گهوڙو هڪليو هليو ويو.
ٽيون ڄڻو، جو سڀني جون ڳالھيون ڏاڍي ڌيان سان ٻڌي رهيو هو، تنھن چيو، ”اهو ڪو بي واجبي چيئين، پاڻ بہ تہ مھاڻيءَ جو ٻار آهي. پڻس کان موڪلايو هئائين، پوءِ بہ ڄَر وٺي ويس. يَرَ، هي سڀ اسان جو ڏوھہ آهي، نہ تہ ....... ٻيا بہ تہ وڏيرا راڄن سان اٿن ويھن. ھھڙو ڪلور ڪٿي ڪينھي. جيڪو ڏس، گهر ڪنڊ ۾ ڇپ ماريو ماٺ ڪيو ويٺو آهي..... سڀئي پيا ڇرڪن. مڙس مڙسن جا مٽ آهن، هونءَ بہ تہ پيامرون نہ! اڃا بہ نہ ٿا ويچاريو. هر ڪا بازي ڦٻندي وڃين. رڳو هن سانوڻيءَ ۾ ئي تہ ڏسو، ڪھڙا نہ ويل وهايا اٿن! جانوءَ جا ڍڳا ڪنھن ٻڌرايا؟ ايمڻا جي ڀريءَ ڪچھريءَ ۾، چوٽي ڪنھن ڪترائي؟ ولوءَ جي نياڻيءَ سان عقوبتون ڪنھن ڪرايون؟ آچر کي جيل اماڻي، سندس لڄ ۾ ڪنھن هٿ وڌا، نوروءَ کي بندوق هڻي چريو ڪنھن ڪيو؟ ٻڌايو! ماٺ ڇو ڪيئي اٿو! اڃا بہ ڪٽر نہ ٿو پئيو! ٻڌي نہ ڪندئو تہ هڪڙي ڏينھن پنھنجي بہ اها ئي حالت ٿيندي. هينئر سڀئي ويٺا آهيون – خدا جو قسم اٿو، آهي ڪو اهڙو، جنھن جي وڏيري دل نہ ڏکائي هجي؟ ميان، مڙس ٿيو، راڄ ٿا کلن.....“
سڀئي جلي کامي ويا، جنھن کي بہ ڏس ڪنڌ هيٺ، اکيون رت پيون ڇڏين. اوچتو سڏ ٿيو: ”گلو اتي آهين؟“ ٻڌندي ئي سڀني بکايل شينھن وانگر ڳاٽ کڻي اڀا ڪيا. گلو ٽپ ڏئي اٿيو، تہ هڪڙي چيس ڪير آ اهو؟“
”ڀانيان پيو تہ ڪمدار آهي.“
ڪمدار جي ٻڌندي ئي هڪڙي رڙ ڪئي: ”وٺو ڪُٽڻ کي، آيو آهي......“ اهو ماڻھو جنھن سڀني کي همٿايو پئي، تنھن هڪل ڪئي: ”مڙس ٿيو...... ڇوڪرا آهيو ڇا؟ دشمن سان ائين وڙهبو آهي؟ وڃ گلو! ڏس تہ ڇا ٿو چوي“.
انھن ئي پيرن تي گلو موٽي آيو، نھار کڻي تہ سڄو پيو ٿڙڪي. اچڻ سان ئي چيائين، وڏيري چيو آهي ”شاهدي ڏيندين، تہ بڻ بنياد وڃائي ڇڏيندو سانءِ.“
ٻڌندي ئي، ٽپ ڏئي کڙا ٿيا، جهلجن ئي نہ: ”نہ ڇڏيو! وٺو انھيءَ کولوءَ کي......“ هن وري بہ هڪل ڪئي: ”خبردار متان وڌيا آهيو! اٻھرا نہ ٿيو. واعدو ڪريو – جنھن سان وڙهڻو آهي، انھيءَ سان وڙهنداسين.“
هن اڃا ڳالھايو ئي پئي، تہ سڀني گڏجي وڏي آواز چيو: ”زن طلاق“ آهي، جي هاڻي ڇڏيون وڏيري کي!“

(مھراڻ: 6 – 1956ع)

وڏيري (ثميرہ زرين)

جڏهن رحموءَ پھريون دفعو هن کي مار ڏني، تڏهن هن جي شاديءَ کي هفتو کن مس ٿيو هو. هن جي جسم تي نيرا نشان پئجي ويا هئا. اهي سندس ڪاري رنگ ڪري ڏسڻ ۾ تہ گهٽ ٿي آيا، پر منجهن سور تہ هو!
پھرين هوءَ ماءُ جي مارن تي هري ويئي هئي. ننڍي هوندي، بک ۾ پاھہ ٿي جڏهن هوءَ اڪيلي گهر ۾ روئڻ لڳندي هئي، ۽ بيشمارمکيون اچي هن کي وڪوڙي وينديون هيون، تڏهن ڪم تان موٽي، کيس روئندي ڏسي، پرچائڻ بجاءِ، ماڻس ٻہ – چار ٻھارا ڦھڪائي ڪڍندي هيس – ”نڀاڳي رن، مغز کائي چٽ ڪيو اٿئي، ڪم تي نہ وڃان تہ پيٽ ڪيئن پالينديس!“ ٻن هٿن کائڻ کان پوءِ هوءَ ائين هڪدم چپ ٿي ويندي هئي، ڄڻ ماڻس کيس ڪو چاڪليٽ ڏيئي ڇڏيو هجي!
سندس ننڍپڻ ائين گذريو. جڏهن ڪجهہ وڏي ٿي، تہ پاڻ بہ ماءُ سان گڏ ٻھارو کڻي گهر گهر صفائي ڪرڻ لڳي. هن جي عمر جون ڇوڪريون ڪم ڪرڻ کان پوءِ نچنديون ٽپنديون هيون، پر هيءَ چپ چاپ الائي ڪھڙا ڪنا گهڙيندي هئي. پھرين تاريخ تي ٻيون سڀ ڇوڪريون مائرن کان روئي زور ڪري، چوڙين لاءِ ڪجهہ پئسا وٺنديون هيون، پر هن جو پاروٿن کاڌن ڪو ايڏو تہ من ڀريو هو، جو کيس ڪا بہ طلب ڪا نہ ٿيندي هئي. ماڻس ان تي ڏاڍي خوش ٿيندي هئي: چي، ”منھنجي ڌيءُ جھڙي سدوري ڇوڪري ڪا دنيا ۾ مشڪل هوندي!“
ڀنگين جي برادريءَ ۾ جڏهن بہ ڪا شادي ٿيندي هئي، تہ هن جي ماءُ کي پنھنجي ڌيءَ جي بدصورتي ڏسي، ذري گهٽ روئڻ اچي ويندو هو. هوءَ پاڻ بہ ٽين جي دٻي مان ڀڳل آئيني ٽڪر ڪڍي، گهڙيءَ گهڙيءَ پنھنجو منھن پئي ڏسندي هئي، پر هن جو زردي مائل ڪارو رنگ، لاغر جسم، ننڍو قد ۽ ننڍڙيون ڪارن مرچن جھڙيون اکيون کيس ڪا بہ اميد نہ ڏيکاري سگهنديون هيون. نيٺ، مس مس جڏهن رحموءَ جي مائٽن هن لاءِ چورايو، تہ هن جي ماءُ مٿان ڄڻ موت جو پاڇو هٽي ويو.
نشو تہ هونئن ذري گهٽ سڀئي ڀنگي ڪندا هئا، پر رحمو ان ڳالھہ ۾ سڀني جو سردار هو. هو پنھنجو سڄو پگهار چرس تي وڃائي در در ڀٽڪندو هو، پر انھيءَ ڳالھہ بہ هن جي ماءُ جي دل نہ لوڏي هئي. برادريءَ جا سڀ ڇوڪرا شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌبا ڏسي، هن کي رحمو ٻڏل ٻيڙيءَ جي ڪک مثل سانڌڻ لائق نظر آيو. ڪھڙو بہ هو، پر نازيءَ جو مڙس تہ سڏبو! نشئي هو تہ ڇا؟ ۽ نازي وري ڪھڙي هئي جو هوءَ کيس اڃان ڪنھن اميد تي ويھاري!
رحمو سول اسپتال ۾ نوڪري ڪندو هو. پنھنجو ننڍو ڪوارٽر هوس. جڏهن ناري رحموءَ جي گهر آئي، تہ هن پنھنجون ٻئي ٻانھون ڪانچ جي چوڙين سان ڀري ڇڏيون هوين، ۽ ڳاڙهي رنگ جا ڪپڙا پاتا هئا. ماڻس خوشبوءَ وارو تيل وارن ۾ ايڏو تہ وڌو هوس، جو سندس پيشاني بلڪل ڏامر جيان چلڪڻ لڳي هئي.
هوءَ پنھنجين ننڍڙين اکين سان رحموءَ جي هر هلت امنگن ڀريءَ دل سان جاچيندي هئي، پر چار ڏينھن چاھہ جا، رحمو وري پنھنجي نشي پتي کي لڳي ويو. هڪ ڏينھن، ڪنھن ڳالھہ تان بگڙي، کيس ايڏي تہ سخت مار ڏنائين جو هن جي جسم تي نيرا نشان پئجي ويا - ۽ نازي جا سمورا امنگ انھن نيرن نشانن هيٺان دٻجي مري ويا.
پھرين هوءَ ماءُ جي مارن تي هري وئي، ۽ پوءِ رحموءَ جي روز روز جي مارن کيس هيري ڇڏيو. هاڻي تہ مار بہ کاڌي ۽ هوا وانگر سندس زندگيءَ جي ضرورتن ۾ شامل ٿي وئي هئي. جي ڪڏهن کيس ڏينھن لنگهي مار نہ ملندي هئي، تہ کيس ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻ سندس زندگيءَ مان ڪا اهم چيز خارج ٿي وئي هجي.
هن ڏٺو تہ ڪڏهن رحمو نشي ۾ ڀينرن کي گاريون ڏيئي کانئن پئسا گهرندو هو. وڏيءَ جيڪا شڪل جي ڪجهہ چڱي هئي، اها وڌيڪ پئسا آڻيندي هئي. پوءِ رحمو ديسي شراب جي بوتل وٺي، سڄي رات پيئندو بہ هو ۽ بڪندو بہ هو. انھن سڀني ڳالھين هن جي دل ۾ نہ نفرت پيدا ڪئي، نہ ڏک ۽ نہ وري کيس ڪا حيرت ئي ٿي.
نازيءَ کي بہ ڪوشش سان سول اسپتال ۾ نوڪري ملي وئي – اوڻيتاليھہ رپيا پگهار، اسپتال ۾ گهمندي ڦرندي، هن کي اتان جون چڱيون خبرون پئجي ويون. کيس خبر پئي تہ خيرو ڊريسر وڏيءَ هلنديءَ وارو آهي، جنھن کي وڻيس، ان جي بدلي ڪرائي ڇڏي. جڏهن رحموءَ جون ڀينر شادي ڪري ويون، ۽ کيس ٻہ ٻار بہ ٿيا، تڏهن کيس نشي لاءِ پئسا پورا نہ پوندا هئا. هو نازيءَ کي مار تہ اڪثر ڏيندو ئي رهندو هو، پر هڪ ڏينھن پئسن گهرندي هن کيس ايتري تہ مار ڏني، جو هوءَ رتورت ٿي پئي. ٻئي ڏينھن هوءَ خيري وٽ ويئي ۽ کانئس ڪجهہ قرض گهريائين. خيري جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي. هن کيسي ۾ هٿ وجهندي، آهستي کيس ڪجهہ چيو. پھرين هوءَ گهڙي کن خاموش رهي، ۽ پوءِ خيري جي هٿن مان پنج رپيا وٺي هلي وئي.
* * *
چانڊوڪيون راتيون هيون. هوءَ پنھنجي ڪوارٽر ٻاهران کٽ تي ستي پئي هئي! رحمو نشو پيئڻ ويو هو. رات اڌ کي سڻائي ٿي هئي، پر هن کي ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ پئي آيو. پيشگي رقم رحمو ڳارڻ ويو هو، هينئر جڏهن پئسا بہ ڪتب اچي ويا، تہ کيس ان جو عيوض تہ ڏيڻو هو. پري، هر ڪو پنھنجي پنھنجي ڪوارٽر ٻاهران ننڊ ۾ بيخبر ستو پيو هو. ماٺ ميٺ لڳي پئي هئي، رکي رکي چوڪيدار جو آواز – هوشيار، خبردار – پئي گونجيو، ۽ چوڪيدار جي آواز تي آئي ننڊ بہ هن جي اکين مان اڏامي پئي وئي. اوچتو هن جي ذهن ۾ هڪ ڳالھہ تري آئي. هوءَ ٽپ ڏئي اٿي ويٺي. جڏهن چوڪيدار گهمندو ڦرندو هن جي ويجهو آيو، تہ هن آهستي کيس سڏيو: ”او چاچا، هيڏي تہ اچ!“ جيئن ئي هو کيس ويجهو آيو، تہ تيزيءَ سان اٿي کيس پنھنجين ٻانھن ۾ جهلي ورتو ۽ زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳي – ”چور! چور! ...... بدمعاش!..... پڪڙيو!، پوڙهو چوڪيدار هڪو ٻڪو ٿي ويو، سمجهہ ۾ نہ ٿي آيس تہ هيءُ ڇا ٿي رهيو هو. هن جي اکين مان ننڊ جا گهيرٽ ائين اڏامي ويا، جيئن آئيني جي شعاعن تي ڪانو ڀڄي ويندا آهن. رڙين تي ماڻھو مڙي ويا، جيئن آئيني جي شعاعن تي ڪانو ڀڄي ويندا آهن. رڙين تي ماڻھو مري آيا. سڀ هن کي لعنت ملامت ڪرڻ لڳا. هن جو ڪنڌ شرمساريءَ سان جهڪي ويو. نازيءَ جي آواز هن جي ڪنن ۾ انجڻ جي گڙگڙاهٽ جيان گونجي رهيو هو. هن گهڻو ئي چيو، پر ڪنھن کي بہ سندس ڳالھہ تي يقين نہ آيو. جڏهن هن جو پٽ نوازو گوڙ تي اٿي آيو، تہ کيس پنھنجي جوان پٽ سان اکين ملائڻ جي همت نہ ٿي سگهي. نوازو حيران هو تہ ڪھڙيءَ طرح پنھنجي پيءُ کان ڪو سوال پڇي. ”ابا، خدا واحد شاهد آهي.“ پوڙهي ستون اٺون دفعو وري ساڳي ڳالھہ ڪري ٻڌائي. سنھن قسم کنيا، پر نازيءَ جي گوڙ تي ڪنھن بہ مٿس يقين نہ آندو. ڀلا، زال ذات اهڙو ڪوڙ ڪيئن ڳالھائيندي؟
ٻئي ڏينھن وڏي صاحب وٽ قصو بيان ٿيو، ۽ هن اهڙي بدچال چوڪيدار کي نوڪريءَ کان برطرف ڪري ڇڏيو. جون جي گرم ٻن پھرن ۾، روئندو ڪوارٽر خالي ڪري، هو ٻئي ڪٿ قسم آزمائي ڪرڻ هليو ويو. ان وقت خيري مڇن تي هٿ ڦريندي گلوءَ کي چيو: ”ڪني آڱر وڍي ڀلي! هر ڪنھن وٽ نياڻيون آهن
* * *
نئين صاحب جي اچڻ کان پوءِ، پھرين تہ نازيءَ کي بنگلي تي ڪم ڪندي ڪجهہ تڪليف ٿي، پر پوءِ نيٺ هري وئي. هوءَ بنگلي جو سارو ڪم خاموشيءَ سان ڪري هلي ويندي هئي، ۽ ڪيترو بہ وڌيڪ ڪم کيس ملندو هو تہ هن جي پيشانيءَ تي شڪن بہ ڪا نہ ايندي هئي. ٻين ڪمن وارين زالن وانگر، هوءَ ڪڏهن بہ هتان جون ڳالھيون ڪڍي نہ ويھندي هئي، کيس پنھنجي ڪم سان ڪم هوندو هو، ان ڪري هوءُ مالڪياڻيءَ کي ڏاڍو پسند اچي وئي. سال کن ٿي ويو پر مالڪياڻيءَ هن جي جاءِ تي ٻئي ڪنھن کي نہ آندو هو.
ڪم ڪري جڏهن هوءَ ٿڪجي پوندي هئي، تڏهن خميسي سان ويھي اوڀاريون لھواريون ڳالھيون ڪندي هئي. سندس سارو ٿڪ اڏامي ويندو هو. خميسو بنگلي تي ائين ڪندي بہ بورچيءَ اڳيان ڪم ڪندو هو. شڪل جو اهڙو هو، جنھن کي رات جو ڪو ٻار بہ ڏسي تہ هوند ڊڄي وڃي. نازي آهستي آهستي سندس زندگيءَ ۾ ائين سمائجي ويئي، جيئن ننڊ ٿڪل انسان جي پلڪن ۾ اچي ان جي آرام جو باعث بڻبي آهي. هو روز هن لاءِ ٻيڙيون وغيرہ بچائي رکندو هو. جڏهن منجهند جو هڪ ڏيڍ– وڄي ويندو هو ۽ نازي اڃا بنگلي اندر ڏسبي هئي، تڏهن خميسي کي خيال ايندو هو تہ هيءَ ڪھڙي نہ ايماندار ۽ محنتي عورت آهي! ڀٽڪندي ڀٽڪندي، ٻہ قبيح پيڪرن ۾ ڦاٿل روح، هڪ ٻئي جي ويجهو آيا هئا. جن کي ٻيا سڀ حقارت سان ڏسندا هئا، جن ننڍپڻ کان وٺي ماڻھن جون ڇڙٻون سٺيون هيون. اهي جڏهن گڏ ويھي پاڻ ۾ رهاڻيون ڪندا هئا، تڏهن کين ائين محسوس ٿيندو تہ جيڪو ڏکن ڀريو ماضي هو گذاري آيا آهن، نہ اهو ئي ڪا اهميت جھڙي چيز هئي، ۽ نہ مستقبل، جيڪو هنن لاءِ پنھنجي جهول ۾ الائي ڇا کڻي اچي رهيو هو. هنن لاءِ حال اهڙو تہ مسرت ڀريو، اهڙو تہ حسين هو جو هنن انھيءَ کان پري ڪجهہ ڏسڻ ئي نہ پئي چاهيو.
خميسو، جيڪو نازيءَ کان وڌ بدصورت هو، تنھن ڪڏهن بہ هن جي حسين هجڻ جي تمنا نہ ڪئي هئي: انھيءَ ڳالھہ نازيءَ جي دل ۾ بي انت خوداعتمادي پري ڇڏي. صاف سادن ڪپڙن ۾، ڦڻيءَ ڏنل وارن سان، جڏهن هوءَ عجيب بيفڪريءَ سان ٻھارو ڪلھي تي کڻي هلندي هئي، تڏهن ائين لڳندو هو، ڄڻ ڪو سپاهي جنگ جي محاذ تي ويندو هجي. سندس انھيءَ لوڏ تي کيس اسپتال جي ملازمن وٽان لقب مليو هو ”وڏيري“. جڏهن پٽيوالا کيس ائين ويندي ڏسندا هئا، تہ هڪٻئي کي مرڪي چوندا هئا: وڏيريءَ جي چال تہ ڏس!“
* * *
هوءَ بنگلي جي ويجهو پھچي وئي، پر سندس خيالن جو سلسلو اڃا بہ هلندو پئي آيو. گذريل هفتي کان جڏهن صاحب خميسي جي اڍنگائين کان تنگ ٿي، کيس ڪڍي، ان جي جاءِ تي فضلوءَ کي رکيو هو. تڏهن کان هن جي ڪم مان دلچسپي ئي نڪري وئي هئي. انھيءَ بنگلي ۾، جتي هوءَ پھرن جا پھر لڳائي ڇڏيندي هئي، هينئر ڪم ڪندي سندس دل ئي ڪا نہ ٿيندي هئي. کيس ائين ويڳاڻو ڏسي، مالڪياڻي چوندي هئي: ”ڇو، نازي، خوش تہ آهين؟ طبعيت ٺيڪ نہ هجيئي تہ هلي وڃ، باقي ڪم پاڻيھي فضلو ڪندو.“
”نہ، بيگم صاحب“، ائين چئي، هوءَ وري ڪم کي لڳي ويندي هئي- پر سڄو وقت سندس روح ڪٿ ٻئي هنڌ پيو وسندو هو. هن خميسي جي ڪمي فضلوءَ مان مٽائڻ پئي چاهي، پر فضلوءَ جي هلت هن جي تن بدن ۾ چوچڙي لڳائي ڇڏيندي هئي. هن جي ننڍڙين ڪارين اکين ۾ سوچ سمايل هئي تہ هوءَ کانئس ڪيئن وير وٺي.
وارڊ بواءِ ۽ پٽيوالن کان وٺي ڪمپائونڊرن تائين – سڀني لاءِ هوءَ چانھہ جي گرم ڪوپ جيان هئي، جنھن کي حاصل ڪري سندن دماغي ڪلفتون دور ٿي وينديون هيون، پر خميسو انھن سڀني کان اڳتي هو. خميسو، جيڪو سڀني کان وڌيڪ بدصورت هو، جيڪو سڀني کان وڌيڪ بيوقوف هو، اهو نازيءَ لاءِ دنيا جي پھرين ۽ آخري مسرت هو.
ان ڏينھن، صبح سوير، هوءَ بنگلي جي ويجهو پھتي تہ هن ڏٺو، فضلو باغ مان گلدستا کڻي بنگلي اندر پئي آيو. هن هيڏانھن هوڏانھن ڏٺو. مالھي واھہ تان پاڻي ڀرڻ ويو هو. ڀنگي پري اسپتال جي صفائي ڪري رهيا هئا. هوءَ نخري سان ٻھارو لوڏيندي هن جي ويجهو هلي آئي، ۽ پنھنجين ننڍڙين اکين ۾ مستي ڀري فضلوءَ کي چيائي:
”فضلو ٻيڙي تہ پيئار!“
فضلوءَ منھن ورائي، ڪرڙيءَ اک سان کيس ڏٺو، ۽ چڙ مان چيائينس، ”مغز خراب ٿيو اٿئي ڇا! هل هل، ڪانھي ٻيڙي!“ پوءِ هو تڪڙو تڪڙو بنگلي اندر هليو ويو. نازيءَ کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ڪا بندوق جي گولي هن جي وارن کي ڇھندي اڳتي هلي هجي وئي. فضلوءَ جي انھيءَ بيرخيءَ، اها خوداعتمادي، جيڪا خميسي جي پيار هن جي دل ۾ پيدا ڪئي هئي، برف جيان ڳاري ڇڏي.
هوءَ چڙ ڀريءَ سوچ ۾ بنگلي جو ڪم ختم ڪري نڪتي، تہ کيس مالڪياڻيءَ کان ماني وٺڻ بہ وسري وئي. زناني وارڊ وٽان لنگهندي، هن ڏٺو تہ خيرو دوا جي شيشي کڻي ڊاڪٽر سان گڏ وڃي رهيو هو. هوءَ هن جي ڀرسان لنگهي وئي، پر خيري ڊاڪٽر جي خوف کان ڏانھس نھاريو بہ ڪو نہ. هونئن تہ هوءَ سندس انھن چالاڪين تي خوش ٿيندي هئي، پر اڄ هن کي ڄڻ باھہ وٺي وئي. هن دل ئي دل ۾ کيس گار ڏيئي ڪڍي – ”سڀ سوئر جا ڦر آهن!“
سانجهيءَ جو هوءَ گاسليٽ وٺي ڦاٽڪ لنگهي رهي هئي، تہ گلو کيس گڏجي ويو. هميشہ موجب، پنھنجا پيلا ڏند ڪڍي گلوءَ کيس چيو: ”اچ، وڏيري ڪا خبر چار ڪر-“ نازيءَ زخمي شينھڻ جيان کيس ڏسندي، سگريٽ مروڙي کڻي هيٺ ڦٽو ڪيو ۽ تڪڙي تڪڙي هلي ويئي. گلو اهڙو تہ وائڙو ٿي ويو، ڄڻ رات جو چنڊ بجاءِ سج اڀرندي ڏٺو هئائين.
* * *
هن خميسي کي پنھنجي نور جو قسم کڻي يقين ڏياريو هو تہ ”جي هن اسپتال ۾ نوڪري نہ وٺي ڏيانءِ، تہ مئي پڄاڻا بہ شڪل نہ ڏسجانءِ!“ جوش ۾ اچي هن خميسي کي ٻول تہ ڏنو هو، پر هينئر هوءَ ڪري تہ ڇا ڪري؟ ٻہ هفتا لنگهي ويا، پر ڪو کڙتيل نہ نڪتو. هڪ ڏينھن هوءَ ڪم ختم ڪري گهر پئي وئي، تہ رستي ۾ خميسو ملي ويس. کيس مايوسيءَ مان ڏک ڏوراپا ڏنائين، ۽ چيائين: ”تون مون کي اجايا دلاسا ٿي ڏين. هاڻي آءٌ شھر ڇڏي هليو ويندس، من ڪٿي نصيب لڳي وڃي!“ خميسو پوءِ ڪاوڙ ۾ گهڻو ئي ڳالھائيندو رهيو، ۽ نازيءَ گم سم کيس ڏسندي رهي. جڏهن خميسو اٿي هليو ويو، تہ هن کيس روڪيو بہ ڪو نہ. گهر وڃي، هوءَ پنھنجي ڇنل کٽ تي ليٽي پيئي. منجهند جو رحمو گهر آيو. تہ چلھہ ۾ باھہ نہ ڏسي ۽ نازيءَ کي بالم جيان کٽ تي ستل ڏسي، جوش ۾ ڀرجي ويو. کڻندي ئي ڪاٺي، کيس مارڻ شروع ڪيائين. ڏاڍي ڀڃ ڪڍيائينس. ڪٽي ڪٽي ٿڪجي پيو، تڏهن اطمينان سان ويھي ٻيڙي پيئڻ لڳو. خلاف معمول، هن دفعي مار کائيندي، نازيءَ هٿ بہ آڏو ڪو نہ ڏنو، نڪي واتان ٻڙڪ ئي ٻوليائين. ٿوريءَ دير کانپوءِ، خاموشيءَ سان اٿي ماني تيار ڪرڻ لڳي وئي. جڏهن رحمو کائي ڍوءَ ڪري ٻاهر هليو ويو، تڏهن کنپل سوچي، ”ڊي ڊي ٽي“ پائوڊر جي چپٽي ڀري، پاڻيءَ ۾ ملائي، پي وئي.
سندس حالت ابتر ٿي وئي، پر جلد ئي پتو پئجي ويو، ۽ وقت سر سندس علاج ڪيو ويو. جڏهن خميسي کي خبر پئي، تہ هو سندس جانباز محبت جو اهڙو تہ قائل ٿي ويو. جو نازيءَ کي چيائين، ”منھنجو توسان سر لڳي! ايڏي ڪاوڙ ڪبي آهي ڇا! جي مري ويندين تہ بہ تنھنجو مجاور ٿي گذاريندس، پر پيءُ ڏانھن اک کڻي نہ نھاريندس!“
نازيءَ زهر ڇو کاڌو، ان جي تہ خود هن جي ملائڪن کي بہ خبر ڪا نہ هئي، پر ان جو اثر اهو ٿيو جو خميسي الڳ پنھنجو پرديس وڃڻ ملتوي ڪيو، تہ رحموءَ الڳ سندس خوشامد ڪئي. اسپتال جي لوهي پلنگ تي ليٽي، پنھنجي هن بي ساختہ لغزش جو سٺو نتيجو ڏسي، هوءَ دل ئي دل ۾ مرڪندي رهي – ليڪن مرڪندي مرڪندي، جڏهن بہ فضلوءَ جي شڪل هن جي ذهن آڏو آئي ٿي، تہ کيس هڪ عجيب اذيت جو احساس ٿيڻ لڳو ٿي.
رحمو اڪثر ساڻس وڙهندو هو، ان ڪري سڄيءَ اسپتال ۾ ائين مشھور ٿي ويو تہ هن مڙس جي جهڳڙي کان تنگ ٿي، زهر کاڌو هو. هڪ خسيس ڀنگياڻيءَ لاءِ ايتري سوچ ويچار جي ڪنھن کي ضرورت هئي؟ ٻہ ڏينھن نوڪرن ۾ سندس ذڪر هلي وسري بہ ويو.
هفتو کن بستري تي رهي، نازي وري پنھنجي اڳينءَ ڪرت کي لڳي وئي. انھن ڏينھن ۾ خميسي ۽ ٻين ملازمن جي خوشامد هن جي دل ۾ بيحد خوشي آڻي ڇڏي هئي. هوءَ پنھنجي اهميت محسوس ڪرڻ لڳي، ۽ سوچڻ لڳي تہ هاڻي هوءَ ڪڏهن بہ مرڻ جي خواهش ڪا نہ ڪندي.
* * *
آچر جو ڏينھن هو. صبح جو نازي بنگلي تي آئي، تہ صاحب جن کي ٻاهر وڃڻ جي تيارين ۾ ڏٺائين. ٿوريءَ دير کان پوءِ سڀ ٻاهر هليا ويا. هوءَ بہ جلد صفائي ڪري، گهر هلي وئي. شام جو هوءَ وري بنگلي تي آئي. کانئس وسري ويو تہ بنگلو بند آهي. فضلو بورچيخاني جي در وٽ بيٺو هو. نازيءَ کي ايندو ڏسي چيائين:
”ڇو آئي آهين؟“
”صفائي ڪرڻ،“ نازيءَ تُنديءَ مان جواب ڏنو.
”بنگلو بند آهي. سڀاڻي اچجانءِ“
نازيءَ وڃڻ لاءِ وک وڌائي تہ فضلوءَ کي ڪجهہ ياد اچي ويو. اڳتي وڌي، کيس ٻانھن کان پڪڙي چيائين: ٻڌ تہ نازي تو زهر ڇو کاڌو هو؟“
نازيءَ جي رڳ رڳ ۾ خوشيءَ جي لھر ڊوڙي وئي. هن جون ننڍيون اکيون چمڪڻ لڳيون. هوءَ ماٺ بيٺي رهي، ڪو جواب نہ ڏنائين. اوچتو ئي سندس ذهن ۾ هڪ خيال آيو. بجليءَ جھڙي تيزي سان، ٻئي هٿ ٻھاري ۾ وجهي، هڪٻئي پويان فضلوءَ جي مٿي تي ڦھڪائي ڪڍيائين. سر جون تيليون هن جي هٿن ۽ ٻانھن ۾ چڀي ويون، ۽ گوڙ تي آسپاس جا ماڻھو مڙي آيا.

ڪاري (گوورڌن محبوباڻي)

خدا ڄاڻي، ڇوريءَ ايڏو حسن الائي ڪٿان آندو هو! سندس هر حرڪت ۾ مستي هئي، هر ادا ۾ جادو. خبر ناهي انساني اولاد هئي يا پريءَ پيٽان ڄائي هئي!
شام جو مٿي تي کير جي چوئنري ۽ سنھڙيءَ چيلھہ تي ڏائو هٿ رکي، ٽلندي ٽمڪندي، کلندي مرڪندي، ڳوٺ مان لنگهندي هئي تہ ويچارن ڳوٺاڻن جي بيوس دلين مان ڄڻ بجليءَ جي لھر ڊوڙي ويندي هئي. پيرن کان چوٽيءَ تائين سندس انگ انگ ۾ عجيب ڪسش ڪهئي. شايد مالڪ واندڪائيءَ ۾ ويھي سندس جسم گهڙيو هو.
ڪمال هو، سندس ڪارا ڪارا وار واسينگ جيان سندس ويڪرن ڪلھن تي پيا جهولندا هئا. سندس مرڪريون آبدار اکيون اشارن ئي اشارن ۾ ڪا مٺڙي ٻولي پيون ٻولينديون هيون ۽ سندس تنگ چولي مان اڀريل تازو ڦٽل جواني پئي ڇلڪندي هئي، تہ ويچارا ڳوٺاڻا آهون ڀريندي ئي رهجي ويندا هئا. نڀاڳي الائي ڪٿان چورائي آئي هئي اها مست جواني!
سندس نالو هو پٺاڻي. شادي ڪئي ٻہ مھينا مس ٿيا هئس. ٻروچڻ هئي. سندس خاوند پير بخش کيس ساڍن ٽن سون ۾ ڳنھي آيو هو. ساڍا ٽي سئو ڪا معمولي رقم ڪا نہ هئي. هن غريب ڌنار ست سال رت ست ڏيئي ساڍا ٽي سئو ميڙيا هئا. پر ايڏي مالي هن پٺاڻيءَ لاءِ هڪ ئي ڏينھن ۾ ڏيئي ڇڏي. ان هوندي بہ هو نفعي ۾ هو. ڇو ڪين؟ جڏهن دوستن جي وچ ۾ ويھي پنھنجي شاديءَ جو ذڪر ڪندو هو، تڏهن سندس يار مٿس رشڪ کائيندا هئا. ”خبر ناهي، بلبل ڪيئن ڪاري ڪانوَ جي وَر چڙهي ويئي!“ هو حسد وچان چوندا هئا. ان وقت پيرو فخر وچان مشڪي پنھنجي لنبي مُڇ وٽڻ شروع ڪندو هو.
سچ پچ پٺاڻيءَ جي اچڻ کان پوءِ پيروءَ جو بخت کليو هو. سندس ڪمائي بہ چئوڻي ٿي چڪي هئي. ٿيندي بہ ڇو نہ؟ اڳ جڏهن پيرو پاڻ کير وڪڻندو هو، تڏهن روز ڪنھن نہ ڪنھن سان آڪڙبو ضرور هو. سڀاءُ ئي اهڙو هوس. خسيس ڳالھہ تي جوش وٺي ويندو هوس ۽ پنھنجا پڪا پڪا گراهڪ بہ ڦٽائي ڇڏيندو هو. پر پٺاڻيءَ ۾ تندي ڪا نہ هئي. هن ۾ ميٺاج هو. عجيب ميٺاج! هر گراهڪ سان هوءَ مشڪي ڳالھائيندي هئي، ڏاڍو نئڙت ڀريو وهنوار ڪندي هئي. ڳوٺاڻا هن جي مُرڪ تي مشتاق هئا.
ويچارو ڇٽل ڪوري تہ سويلي ئي ڪم ڪار لاهي، در جي چائنٺ تي ويھي، ان رسيليءَ پٺاڻيءَ جو ٻہ – ٽي ڪلاڪ انتظار ڪندو هو. اهي ٻہ – ٽي ڪلاڪ هو الائي ڪيئن گذاريندو هو، ۽ پٺاڻي جڏهن ڊيل جيان ٽلندي ڏانھس ايندي هي، تڏهن سندس پيل سڪل منھن گلاب جي گل وانگر ٽڙي پوندو هو. پر پٺاڻي تہ کيس کير چڪو ڏيئي، مرڪي، کن پل ۾ هلي ويندي هئي ۽ ويچارو ڇٽل دل تي هٿ رکي، وات ڦاڙي، اتي ويٺو ئي رهجي ويندو هو.
گهٽ تعدي خميسي درزيءَ سان بہ ڪا نہ هئي، جڏهن پٺاڻي لڏندي ڪڏندي سندس دڪان ڀرسان لنگهندي هئي، تڏهن ٻروچڪي گهاگهري جي لوڏ ڏسي، ويچاري خميسي جي ڪئنچي هٿن ۾ کليل ئي رهجي ويندي هئي. درد جو ماريو اکيون ڇنڀيندو هو، هلڪي کنگهڪار ڏيندو هو – پر پٺاڻي ڏانھس نھاريندي بہ ڪين هئي. هار کائي خميسو خارن وچان لنبين مڇن کي وات ۾ دٻائي، چپ کي چڪ پائي ڀُڻ ڀُڻ ڪندو هو. ”ظالم ڪٿي جي! نڀاڳي اک کڻي نھاري بہ نہ ٿي.“
پر وئل هو ويچاري عثمان سا. بيڪار انسان هو. آفيم کائي، سڄو ڏينھن ڳوٺ جي ننڍڙيءَ بازار ۾ ڪٿي نہ ڪٿي، روڳي ڪتي وانگر پيو هوندو هو. پر شام جو جڏهن پٺاڻيءَ جي پيرن جي آهٽ ٻڌندو هو، تڏهن هڪدم اٿي کڙو ٿيندو هو. ليڪن اڃا پنھنجي وڏي پڳ سنڀالي مٿي تي رکندو بہ ڪين هو، تہ پٺاڻي نانگڻ وانگر وراڪو ڏيئي الائي ڪيڏانھن گم ٿي ويندي هئي، ۽ هو زهر کاڌل انسان جيان لڇندو ڦٿڪندو، وري آفيم ذري کائي ليٽي پوندو هو.
ڪرمپور جو ننڍڙو ڳوٺ، جتي سڄو ڏينھن ماٺائي ۽ موڳائي لڳي پيئي هوندي هئي، اتي پٺاڻيءَ جي مرڪ ماڻھن جون دليون بھار بھار ڪري ڇڏيندي هئي. ان ننڍڙي ڳوٺ ۾، جتي ساٺيڪو گهر مس هئا، مان اسڪول ماستر هوس. شام جو ڳوٺ جي ٻاهران چڪر هڻي، ڏيئن ٻرئي اچي اسڪول جي ڀرسان پنھنجيءَ ڪوٺڙيءَ ۾ ويھندو هوس. اوڏيءَ مھل پٺاڻي بہ ٻين کي کير پھچائي، مون وٽ ايندي هئي. اها ئي مرڪندڙ پٺاڻي، اهائي چنچل ۽ چلولي پٺاڻي. مان کانئس اڌ سير کير وٺندو هوس. پر ان لاءِ هوءَ اڌ ڪلاڪ لڳائيندي هئي. پھرين اوڀاريون لھواريون ڳالھيون ڪندي هئي. ڪڏهن مڙس جي شڪايت تہ ڪڏهن ڌڻ جي پچار. پوءِ مس مس ڪري ٻہ لوٽيون کير جون ڀري ڏيندي هئي ۽ آخر ۾ چپن تي مٺڙي مرڪ آڻي، معصومن وانگر اکڙيون ٽمڪائي، مذاق ڪندي موٽي ويندي هئي پنھنجي بستيءَ ۾. سندس بستي منھنجي اسڪول جي پٺئين پاسي هئي. اتي ويھارو کن گهر هئا ٻروچن جا.
پٺاڻي شايد جادوگرڻي هئي، جو ماڻھن کي هڪ ئي مرڪ سان موهي کين پنھنجي وس ڪري ڇڏيندي هئي. هوءَ هميشہ مرڪندي هئي. انھن ٻن مھينن جي عرصي ۾ مون ڪڏهن بہ سندس چھري تي ذرا بہ غمگيني نہ ڏٺي. البتہ هڪ ڏينھن هوءَ مون وٽ ڪجهہ دير سان آئي. ڏٺم تہ سندس چپن تي اها موهيندڙ مرڪ ڪا نہ هئي. نھايت گنڀير پئي لڳي. ايندي ئي مون کي اڌ سير کيرڏنائين ۽ چپ ڪري بيھي رهي. مون حيرت مان پڇيو تہ ”پٺاڻي! منھن ڇو سڄايو اٿئي؟“
هن نڪو جواب ڏنو، نہ وري اتان چُري.
مان پٺاڻيءَ جي غمگينيءَ جو سبب ٺيڪ طرح سمجهي نہ سگهيس. تڏهن بہ شڪ پيم. پڇيومانس، ”پٺاڻي! ڳالھائين ڇو نہ ٿي؟ پيروءَ مار ڪڍي اٿئي ڇا؟“
”مار ڇو ڪڍندو؟“ مس مس پٺاڻي چپ چوريا.
”تہ پوءِ ڏيڏريءَ وانگر ڦوڪي ڇو بيٺي آهين؟“ مون مذاقي نوع ۾ پڇيو. پٺاڻي پھرين ٿورو منجهي پر پوءِ چيائين، ”سائين! وڏيري کي سمجهائي ڇڏيو.“
”ڇا سمجهايانس؟“ مون عجب مان پڇيو.
پٺاڻي وري بہ ٿورو هٻڪي. پر پوءِ جوش مان چيائين، ”مالدار آهي تہ پنھنجي لاءِ آهي. اسين برابر غريب آهيون، پر عزت اسان کي بہ پياري آهي.“
هاڻي ڳالھہ ڪجهہ ڪجهہ منھنجي سمجهہ آئي. پر تڏهن بہ اڻڄاڻن جيان پڇيم، ”ڇو ڇو؟ ڇا ٿيو آهي پٺاڻي؟“
پٺاڻي ڪنڌ جهڪائي غصي ۾ چيو، ”خبر ناهي، سائين! هيءَ وڏا ماڻھو اسان غريبن کي سمجهڻ لاءِ الائي ڇا ٿا؟ مون کي پنھنجو خاوند آهي، خدا قسم! مان اهڙن وڏيرن کي ٿڪ هڻي بہ نہ پڇان.“
پٺاڻيءَ جو جوش بہ مزيدار هو. مون کان کل نڪري ويئي. مون ذرا طعني سان چيو، ”پر پٺاڻي، ان ۾ هن غريب جو ڪھڙو ڏوھہ؟“
”ڇو“؟ پٺاڻيءَ پڇيو.
مون وراڻيو، ”پٺاڻي! تون بہ تہ مڏيءَ ڪاتيءَ سان ڪھي رهي آهين. ڪڏهن آئيني ۾ پنھنجي صورت ڏٺي اٿئي؟“
”هون! مان کڏ م وجهان آئيني کي، باھہ ڏيان صورت کي.“
پٺاڻيءَ شوخ ٿي، نھايت وڻندڙ ادا سان بدن کي لوڏي چيو.
پر ان شوخيءَ ۾ مرڪ لڪل هئي. هن آهستي آهستي پنھنجي نرم چپن کي چڪ پائي مرڪ کي روڪي وڌو ۽ پنھنجي چمڪندڙ نيڻن کي ڏاڍي ناز سان کڻي جهڪايائين. هوءَ حسين هئي. سارو ڳوٺ مٿس مفتون هو، ان جي کيس بہ ڄاڻ هئي. هن کي بہ پنھنجي حسن تي ناز هو. پوءِ پنھنجي ساراھہ ٻڌي هوءَ ڪيئن نہ مرڪي؟
ٻئي ڏينھن پٺاڻيءَ کي ڏٺم تہ اها ئي پٺاڻي هئي – هرڻيءَ جيان چلولي ۽ چنچل. گلاب جي گل کان وڌيڪ موهيندڙ پر اڃا هفتو بہ ڪين گذريو، جو هڪ ڏينھن مون هن جي جادوءَ ڀري مرڪ وري اداسيءَ جي چادر ۾ لپيٽيل ڏٺي. ان ڏينھن هوءَ نھايت غمگين هئي. مون وٽ آئي. ڪجهہ ڪڇڻ بنا اڌ سير کير ڏيئي، پنھنجي بستيءَ ڏي وڃڻ لڳي. مان حيران ٿي ويس. سمجهي نہ سگهيس تہ ڪھڙي ٻري آئي هئي هن غريب تي! آخر سڏ ڪيومانس، ”پٺاڻي! پٺاڻي! ڳالھہ تہ ٻڌ!“
هوءَ ڪين بيٺي.
لاچار قسم ڏنومانس، ”ترس پٺاڻي! پيروءَ جو سنھن اٿيئي، بيھہ اتي!“
هوءَ بيھي رهي، پر مون ڏي منھن نہ ورايائين. نزديڪ وڃي ڏٺم تہ نيڻن مان لڙڪ لڙي رهيا هئس. ڳنڀير ٿي پڇيومانس، ”ڇو پٺاڻي! وري وڏيري ڪجهہ چيئہ ڇا؟“
پٺاڻيءَ جي ڳوڙهن جو گويا بند ٽٽو. سڏڪا ڀري چيائين، ”سائين! مون کي ڪل ڪا نہ هئي تہ ڳوٺ جو ابو بہ ڪو اهڙو ڪميڻو هوندو.“
مون اتاوليءَ مان پڇيو تہ ”ڇو، ڇا ٿيو آهي؟“
پٺاڻيءَ ڳوڙها اگهي، جوش مان چيو، ”کير وڪڻڻ ٿي وڃان، پنھنجي عزت وڪڻڻ ڪين ٿي وڃان. بدمعاش ڪٿي جو! سمجهي الائي ڇا ٿو؟ کير ڪين ٿو خريد ڪري، پر مون کي ٿو ملھہ ڳنھي. بي حيا! ايترو بہ نہ ٿو ڄاڻي تہ چرچي جي بہ آخر حد ٿيندي آهي. کليو کلايو، سڀني جي منھن تي جيڪي ٿو اچيس سو ٿو وڦلي!“ ائين چئي، پٺاڻي وري اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي.
مون هن جي ڀنل نيڻن ۾ نھاريو. ان ڏينھن مون کي معلوم ٿيو تہ پٺاڻي جيتري حسين ۽ دلڪش هئي، اوتير ئي غيرتمند پڻ. مون چيو، ”پٺاڻي ٻار آهين ڇا؟ روئين ڇو ٿي؟ بس ڪر! اڄ مان پاڻيھي وڏيري کي منع ڪندس.“
”منع ڪريوس يا نہ،“ پٺاڻي. ڏکاري آواز ۾ چيو، ”مان هاڻي کير وڪڻڻ لاءِ ڳوٺ ۾ هرگز نہ اينديس.“
مون مذاقي نوع ۾ چيو، ”ائين نہ ڪر پٺاڻي! تون نہ اينديءَ، تہ ڳوٺ جي نزاڪت ئي اڏامي ويندي.“
پنھنجي ساراھہ ٻڌي، هوءَ اڳي جيان مشڪي ڪين. ويتر ناراض ٿي چيائين، ”توهين بہ ٿا ائين چئو؟“
ان هڪ سٽ ۾ اها تنبيھہ هئي، جو مان چپ ٿي ويس. پٺاڻي هلي وئي پر مان اتي ئي بيٺو رهيس. سوچڻ لڳس: پٺاڻي غريب ڪيڏي نہ شريف آهي، ۽ وڏيرو......؟ هو تہ وڏو ماڻھو ٿيو. الائي ڇو وڏن ماڻھن کي غريبن جي خوشين سان کيڏڻ ۾ مزو ايندو آهي!
منھنجا پير ازخود وڏيري جي اوطاق ڏي وڌڻ لڳا. مان ماستر هوس. ڳوٺ جي سڀني ماڻھن تائين منھنجي هلندي هئي. سڀ منھنجي عزت ڪندا هئا. سوچيم، وڏيري کي سمجهائيندس تہ سمجهي ويندو. پر وڏيرو تہ وڏيرو ئي نڪتو. منھنجي ڳالھہ ٻڌي، ڏند ڪڍي لڳو ٽھہ ٽھہ ڪرڻ، جھڙو حيوان، پوءِ مون ڏي نھاري چوڻ لڳو، ”واھہ ماستر صاحب واھہ، زوراور! مون تہ کڻي ڇوريءَ سان چرچو ڪيو. هن الائي ڇا سمجهيو؟ پر هونئن بہ اڄ ڪلھہ ڇوريءَ جو دماغ چوٽ چڙهندو ٿو وڃي. پاڻ کي سمجهي الائي ڇا ٿي. اسان جي راڄ ۾ رهي اسان جون گلائون ٿي ڪري. ڪمذات ڪٿي جي. پر ماستر صاحب، مون تہ ساڻس چرچو ڪيو، خسيس چرچو.اعتبار نہ اچيو تہ جمن کان پڇجو. هو بہ اوڏيءَ مھل هتي بيٺو هو.“
مان چپ چاپ موٽي آيس، پر وڏيري جا لفظ منھنجي ڪنن ۾ گونجندا رهيا. ”واھہ خسيس چرچو.“
مان سوچڻ لڳيس: هي وڏا ماڻھو بہ ڪھڙا نہ عجيب آهن. غريبن جي عزت وٺڻ بہ هنن لاءِ وندر آهي. خسيس چرچو آهي. سوچيندي سوچيندي مان اچي اسڪول جي پٺيان وهندڙ واھہ جي ننڍڙيءَ پل تي ويٺس، ۽ خبر ناهي ڪيتريءَ دير ويچارن جي وهڪري ۾ وهندو رهيس.
اوچتو سامھون ٻروچن جي بستيءَ مان گوڙ شور جي آواز منھنجي خيالن جو سسلو ٽوڙي وڌو. دل ڌڙڪڻ لڳي. ڪنھن اپسوڻ جا آثار نظر اچڻ لڳا. تڪڙي تڪڙي وک کڻندو. اچي پيروءَ جي جهوپڙيءَ ڀرسان پھتس اتي ڇا ڏٺم....؟
ٿورڙو پري ٻروچن جو ميڙاڪو مڙيل هو ۽ پيرو پٺاڻيءَ کي وارن کان گھلي کيس ڪھاڙيءَ جي ڳن سان ڪُٽي رهيو هو. مون ڊوڙي سندس ٻانھن جهلي جنھن تي ”چريو ٿيو آهين ڇا پيرو! هن مسڪين کي ڇو ٿو مارين؟“
مون وچ ۾ نہ پئو، ماستر!“ پيروءَ ڀرون تاڻي ورجايو. ”اڄ مان هن حرامزاديءَ کي سڌو جھنم اماڻيندس. ڪُتي ڪنھن جاءِ جي! کليءَ بزار مان چيلھہ لچڪائيندي، اکيون مچڪائيندي ٿي لنگهي. گري گنجي سان چرچا مسخريون ڪندي وتي. اڄ تہ وڏيري سان.....؟“
مون اتاوليءَ مان چيو، ”پيرو! گمراھہ نہ ٿيءُ، پٺاڻيءَ جو ڪو قصور ڪونھي.“ منھنجي سمجهاڻيءَ اٽلو باھہ تي تيل جو ڪم ڪيو. ٻروچڪي رت ۾ ٽھڪو آيو. ٽانڊن جھڙيون لال لال اکيون ڦوٽاڙي پيروءَ رڙ ڪئي، ”هٽي پري ٿيءُ! مون کي سڀ خبر آهي. جمن مون سان سربستي ڳالھہ ڪئي. “ائين چئي، ٻانھن ڇڏائڻ لاءِ هن زوردار جهٽڪو ڏنو. مان ٿيڙ کائي وڃي پري ڪريس. ان وچ ۾ پٺاڻي اٿي، ڀڄي پاڻ ڇٽڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پيروءَ هٿ وڌائي کيس وارن کان پڪڙي ورتو ۽ لاپرواهيءَ سان پنھنجي تيز ڪھاڙي ڦيرائي هن جي ڳچيءَ تي وهائي ڪڍيائين. ”هيٺ رن جي ڌيءُ! مَرُ اتي!“
دانھن ڪري پٺاڻي پٽ تي ڪري پيئي. هن جي ڪنڌ وٽان خون جو ڦھارو وهي ڇٽو ۽ زخمي ڪبوتر وانگر ڦٿڪي ڦٿڪي هوءَ اتي ئي پئجي رهي.
اهي مٺڙا نيڻ هميشہ لاءِ سمھي پيا. اهي واسينگ وار خون سان آليءَ مٽيءَ ۾ تر ٿي ويا. اها چست ۽ مست جواني منٽن ۾ مرجهائجي وئي. ويچاريءَ پٺاڻيءَ پنھنجو چمڪندڙ چھرو خاڪ ۾ ائين لڪائي ڇڏيو، ڄڻ کيس اسان لاءِ نفرت هئي.

(مھراڻ: 2 – 1956ع)

ڇوڏو (نجم عباسي)

ڳوٺ جي ويجهو پھچي چڪو هوس. سج پھاڙن پٺيان غائب ٿي ويو هو. مان ٿڪل ٽٽل، مٿي تي ڪتابن جي بُجڪي، ڪانچ جا ور مٿي کنيل، جُتي ۽ گوڏن تائين ڄنگهون ڌڌڙ سان ڀريل، گهر جلدي پھچڻ لاءِ تڪڙا تڪڙا قدم ڀريندو ٿي آيس. اوچتو ياد اچي ويم تہ پوڙهيءَ عارب – ماءُ جي شيءَ اڄ بہ وسري ويئي آهي. ڏاڍو ارمان ٿيم. ارمان ان ڪري ٿيم، جو هن وٽان چوکي خرچي ملڻي هئي.
پوڙهيءَ عارب – ماءُ کي ٻن – اڍائي هفتن کان ٽيڙ تپ ٿي آيو. ڳوٺ جي حڪيم کان ٻہ – چار دفعا ڦڪيون ورتيو هئائين، پر فرق ڪو نہ پيو هو. ڪالھہ جنھن وقت مان اسڪول ڏانھن وڃڻ لاءِ سنبري رهيو هوس، ان وقت هوءَ آئي ۽ مون کي چيائين تہ ”پُٽڙا، منھنجي واسطي پير سائين سٻاجهي جن جي ڪَنڊيءَ جو ڇوڏو آڻجان، هونءَ تہ تپ ڇڏيندم ئي ڪو نہ!“
پوڙهي تپ جي ڪري ڳري ڪنڊا ٿي ويئي هئي. رنگ پيلو پئجي ويو هوس، ۽ اکيون ڏرا ڏيئي ويون هيس. ڳالھائيندي ڳالھائيندي بہ سھڪي پئي. مون هن سان انجام ڪيو تہ ضرور آڻيندس، پر اسڪول کان موٽڻ وقت اها ڳالھہ ئي وسري ويم. تنھن ڪري اڄ صبح جو وري اچي ڏاڍايون آزايون نيازيون ڪيائين، ۽ لالچ بہ ڏنائين تہ جي ڇوڏو آڻيندين تہ تمام گهڻي خرچي ڏينديسانءِ. هڪ آنو تہ اڳواٽ ئي ڏيئي ڇڏيائين. هيتريءَ تاڪيد جو سبب اهو بہ هو جو ٻئي ڏينھن پوڙهيءَ جي تپ جو وارو هو، ۽ هن چاهيو ٿي تہ ڇوڏو اڄ ئي ٻانھن ۾ ٻڌي، جيئن سڀاڻي ان بخار جي بلا کان بچي وڃي.
اسان جي ڳوٺ جا رهاڪو پير سٻاجهي جي ڪَنڊيءَ جو ڇوڏو اڪثر ڪري استعمال ڪندا رهندا هئا. هر بيماريءَ جو ان کي هڪ ٽڪ علاج سمجهيو ويندو هو. جڏهن ڪا دوا اثر نہ ڪندي هئي، تڏهن ماڻھو ان ڪَنڊيءَ جو ڇوڏو ڳاڙهيءَ اڳڙيءَ ۾ ويڙهي، تعويذ وانگر ٻانھن ۾ ٻڌندا هئا. ڪي تہ دوا اصل ڪندا هئي ڪو نہ هئا، ۽ بيمار ٿيڻ شرط اهو ڇوڏو ٻڌندا هئا.
اُن ڇوڏو جي شفا ملڪان ملڪ مشھور هئي. چوندا هئا تہ ڪيترائي لاعلاج مريض بہ ڇوڏي جي ڪرامت سان صحتمند ٿي ويا. ماڻھن جو ان م ڏاڍو ويساھہ هو. قصو تہ مشھور ائين آهي تہ هڪ لڱا پير سٻاجهي ان ڪَنڊيءَ جي وڻ هيٺان اچي منزل ڪئي هئي، ۽ اتي ئي هڪ انڌيءَ کي ڪرامت سان سڄو ڪيو هئائين. ان کان پوءِ ئي ان وڻ کي اهو شرف حاصل ٿيو هو. جنھن وقت جي مان ڳالھہ ڪري رهيو آهيان، ان وقت ڪَنڊيءَ جي وڻ جي چوڌاري لوڙهو ڏنل هو. ڪي عقيدتمند اچي وڻ هيٺان ٻھاري ڏيئي پٽ صفا ڪري ويندا هئا. وڻ جي ٽارين ۽ ڏارن ۾ ڪيتريون ئي ڳاڙهي رنگ جون اڳڙيون ٻڌل هيون.
پير سٻاجهي واري ڪَنڊي اسڪول واري ڳوٺ ڏانھن ويندڙ پيچري تي هئي. جيئن تہ مان روزانو ان رستي تان ايندو ويندو هوس، ان ڪري اوڙي پاڙي جا ضرورتمند مون کي ڇوڏو آڻڻ لاءِ چوندا هئا. جڏهن مان سندن اهو ڪم ڪري ايندو هوس. تڏهن هو مون کي ٽڪو – آنو خرچي ڏيندا هئا. ٻئي ڏينھن بہ مائيءَ عارب – ماءُ لاءِ ڇوڏو آڻڻ وسري ويو هوم. هاڻي هن کي ڪھڙو منھن ڏيکاريندس! هوءَ منھنجي لاءِ اکيون وجهيو ويٺي هوندي، ڪيترو نہ نااميد ٿيندي، ۽ مان پاڻ بہ انعان کان محروم رهجي ويندس! هينئر ڪوھہ پنڌ ڪري، پوئتي وڃڻ بہ مون لاءِ مشڪل هو.
مان هڪ هنڌ بيھي رهيو هوس، ۽ دماغ ۾ اهي ئي ڳالھيون پئي آيون ويون، اتي ئي منھنجي ذهن ۾ هڪ نئون خيال اڀريو. ان خيال اچڻ ڪري مون اطمينان جو ساھہ کنيو، ۽ خود بخود مرڪڻ لڳس. پر وري خيال آيم تہ ائين ڪرڻ ٺيڪ نہ آهي. اهو گناھہ آهي. اها آنڌ مانڌ ٻہ – چار گهڙيون منھنجي اندر ۾ چالو رهي. سامھون، وک پنڌ تي هڪڙو ڪنڊيءَ جو وڻ موجود هو. مان فيصلو ڪري ان ڏانھن وڌيس. چوطرف نظر ڊوڙايم، مون کي ڪو بہ ڏسڻ وارو ڪو نہ هو. منھنجي دل ڌڙڪي رهي هئي، ڇوڏو پٽيندي منھنجا هٿ ڏڪڻ لڳا.
پوڙهي عارب – ماءُ اسان جي گهر ۾ ويٺي منھنجي واٽ نھاري رهي هئي. مون کي ڏسندي ئي رڙ ڪيائين، ”پٽ، منھنجو ڪم ڪري آئين نہ؟“ مون بہ ڪجهہ ڪڇڻ کان سواءِ ڇوڏو هن جي طرف وڌايو. هن وٺي ان کي چميو. پائلي ڪڍي منھنجي تريءَ تي رکيائين، ۽ دعائون ڪندي پنھنجي گهر ڏانھن رواني ٿي. پر مون کي هن جون دعائون پٽ جا تير بڻجي پئي چڀيون. مان تہ سڄو حراس ۽ ڊپ ۾ ڀرجي ويو هوس. خيالي خوف مون کي گهيرو ڪندا ٿي ويا.
پير سٻاجهي جي ان ڪَنڊيءَ جي باري ۾ ڪيتريون ئي روايتون مشھور هيون. چوندا هئا تہ جن بہ ماڻھن ان وڻ جي بيحرمتي ڪئي هئي، يا کائڻ لاءِ سڱريون پٽڻ يا ٻڪرين لاءِ ٽاريون ڪپڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، سي يا تہ انڌا ٿي پيا هئا، يا ڳاٽو ڀڄي پيو هئڻ، يا عضوا سُڪي پيا هئا، يا ٻين مصيبتن ۾ مبتلا ٿيا هئا! ان کان سواءِ سندس ٻيون بہ ڪيتريون ئي ڪرامتون ننڍي وڏي جي وات هيون.
مان رواجي ڪَنڊيءَ جي وڻ جي ڇوڏي کي پير سٻاجهي واري ڪنڊيءَ جو ڇوڏو ڪوٺي، پڇتائي رهيو هوس، ان ڊپ کان ڪنبي رهيو هوس تہ مون تي ضرور ڪا مصيبت نازل ٿيندي. ان رات مون کي مشڪل سان ٿوري ننڊ آئي. ننڊ ۾ بہ ڊيڄاريندي خواب ڏسندو رهيس. صبح جو اسڪول ويندي، جڏهن ان ڪنڊيءَ جي قرب پھتس، تڏهن اهو پيچرو مٽائي، وڪڙ ڪري، ٻئي پاسي کان ويس تہ متان ان جي ويجهو لنگهڻ وقت آفت نہ اچي ڪڙڪي! چار ڏينھن ان ڳڻتي ۾ گذري ويا. مون کي پڪ هئي تہ مصيبت ضرور ايندي. ڪيترائي انديشا پئي اندر ۾ پيدا ٿيا. هڪڙو انديشو تہ اهو بہ هو تہ مان امتحان ۾ ناپاس ٿيندس! ڪلاس جا سبق تہ هونئن بہ پوريءَ طرح ياد ڪو نہ بيھندا هئم.
هڪ ڏينھن، هلندي هلندي ٿاٻو اچي ويم. هڪدم خيال پيدا ٿيو تہ اچي ويئي پير سٻاجهي جي موڪليل آفت، ۽ اجهو ٿو ڪو عضوو پڇيم! پر پاڻ جهلي ويس ۽ ڏٺم تہ بي خياليءَ ڪري رستي ۾ پيل پٿر اٽڪڻ ڪري ٿاٻڙجي پيو هوس.
ان وچ ۾ عارب – ماءُ بہ نظر نہ آئي خيال اٿم تہ شايد منھنجي بي ايمانيءَ ڪري ويچاري وڌيڪ بيمار ٿي پئي آهي، ۽ سزا پيئي ڀوڳي. آخر پنجين ڏينھن پھہ پچايم تہ اڄ پير سٻاجهي واريءَ ڪَنڊيءَ مان ڇوڏو پٽي ايندس، ۽ اهو اچي عارب – ماءُ کي ڏيندس ۽ حقيقت ٻڌائي معافي وٺندس.
ان ڏينھن صبح جو وڃڻ کان اڳ، جڏهن امان مکڻ ۽ ماني کارائيندي چئي رهي هئي تہ ٻن – چئن ڏينھن کان توکي ڇا ٿي ويو آهي جو پوري ماني بہ ڪا نہ ٿو کائين، تہ ان وقت مائي عارب – ماءُ بہ اچي اسان جي گهر نڪتي. بلڪل تازي تواني ۽ تندرست! مون کي ڏسندي ئي چيائين، ”پُٽ، شابس هجي توکي! مون ان وقت ئي ڇوڏو اڳڙيءَ ۾ وجهي، ٻانھن ۾ ٻڌي ڇڏيو. تَپ وري نالو بہ نہ ورتو. صدقي وڃان پير سائين سٻاجهي جي نانءَ تان!،
مان وائڙو ٿي هن ڏانھن نھارڻ لڳس.

(مھراڻ 2/ 3 – 1964ع)

آسرو (ع – ق – شيخ)

ڊسمبر مھيني جون پويون تاريخون هيون، سيءُ بہ چوي اڄ نہ پوان تہ ڪڏهن پوان! صبح کان ئي جهڙالو هو ۽ ٿڌيءَ هوا جا سوساٽ پئي پيا. ٻپھري لڙي تہ سيءُ ويتر وڌي ويو. شام جو علي اڪبر اچي گهر تي سڏ ڪيو. ٻاهر نڪتس تہ چيائين، تيار ٿي اچ تہ هوٽل تي هلي چانھہ پيئنداسين. آءٌ تيار ٿي آيس ۽ ٻيئي ڄڻا ٻاهر نڪتاسين.
ٻاهر رستي تي، ماڻھو ڇڊا پاڊا هئا، باقي ٽانگا البت هليا پئي. اڃا اڌ رستي تي پھتاسين تہ ڀرسان هڪ ماڻھو، ديوانن وانگر رڙيون ڪندو، اڳتي ڊوڙيندو ويو. هن جي شلوار بنھہ ليڙون ليڙون هئي.
هو اڳڀرو ٿيو ئي ڪو نہ، تہ علي اڪبر چيو: ”اهو اٿئي مَڪُو مست“، جو هر روز شام جو هن مھل، هن رستي تي ائين ڊوڙيندو رهندو آهي!
اسان جي ڀرسان ٻہ – ٽانگا ٺڪ – ٺڪ ڪندا نڪري ويا، ۽ هو مڪو مست، دانھون ڪندو، ڊوڙندو، واپس وري رهيو هو. هو بلڪل اسان جي ڀرسان ڊوڙندو لنگهي ويو. هن جون ٽنگون گوڏن تائين اگهاڙيون، ڏاڙهي کنڊريل، ۽ مٿي جا وار بيڊولا، ۽ لڙاٽيل هئا. هن جون اکيون ٽانڊن وانگي پئي چمڪيون، هن جي بي معنيٰ رڙين جا ڪي اکر – ”کڻي آئي! کڻي آئي!“ ۽ پوءِ ڪجهہ ٽھڪ مون ٻڌا. هو ائين ڊوڙيندو ٿي ويو. ڄڻ ڪو بکايل شينھن اچي پٺيان پيو هجيس. سندس پير بہ تہ اگهاڙا هئا. مون ڪنڌ ورائي کيس جاچيو، تہ هو موٽي رهيو هو.
اسين اڳتي وڌياسين. ”ڇا تون هن کي سڃاڻين ٿو؟“ مون پنھنجي دوست کان سوال ڪيو، جنھن وراڻيون : ”نہ، مون کي هن جي ڪا خبر ڪانھي، باقي شام جو هو هتي هميشہ ڊوڙيندو نظر ايندو آهي. ماڻھو کيس مڪو مست ڪري سڏيندا آهن.“ ايتري ۾ اسين هوٽل وٽ اچي پھتاسين، ۽ ڪنڊ واري پان ٻيڙيءَ واري دڪان تي سگريٽن وٺڻ لاءِ ترسياسين. سرد هوا جي لُري پئي لڳي. مڪو مست بہ اتي اچي پرڀرو بيٺو. هو سھڪي رهيو هو. هن کي ڪو تمام پراڻو ۽ ٻانھن کان ڦاٽل ڪوٽ پيل هو، هن جي قميص بلڪل ميري ۽ ٻيڙن کان سواءِ هئي، جنھن مان هن جو وارن ڀريو سينو پئي ڏٺو. شايد هو ٿڪجي پيو هو. پان ٻيڙيءَ واري اسان کي سگريٽ ڏنا، ۽ هن کي سڏ ڪري چيو. ”مڪو مست، هان، هيءُ سگريٽ وٺ.“ هن فقط زور سان ڪنڌ لوڏي انڪار ڪيو. هن جو منھن وارن سان ويڙهجي ويو. ٻيڙين واري وري هڪ پان مٿي کڻي چيو، ”ڀلا پان تہ کاءُ!“ هن ڀيري مڪو مست جوش سان ويجهو ٿيندي، ٻئي ٻانھون کڻي هيٺ اڇلائيندي، رڙ ڪئي، ”نہ کپي! نہ کپي!“ هن پنھنجي منھن تان وار پري ڪيا. هن جو سڄو منھن پگهريل هو. هو يڪ ٽڪ پان واري ڏانھن گهورڻ لڳو. هن جون اکيون ڄڻ چڻنگن وانگر دکي رهيون هيون. هو اڃا ٿورو اڳتي، پان واري ڏانھن وڌيو، ۽ مون سمجهيو تہ بس، هاڻي خير ڪونھي. پان واري ٻيئي هٿ ٻڌندي چيو، ”مڪو بابا، معاف ڪريو!ٰ مڪو بابا معاف ڪريو!“ اهي لفظ ٻڌي، مڪو مست هڪ وڏو ۽ ڀيانڪ ٽھڪ ڏنو. خبر نہ آهي تہ هن جي جسم مان يا هن جي وات مان، هڪ بدبوءِ جو اٻارو آيو. هو زمين تي دڙها هڻي، خوفناڪ نموني، تڪڙو تڪڙو، ”ٻلي ٻچا کڻي آئي! ٻلي ٻچا کڻي آئي!“ چوندو، ڪوڪرا ڪندو، رستي تي ڊوڙندو هليو ويو.
علي اڪبر پان واري کان پڇيو. ”ڀائو، هن مست کي سڃاڻين؟“
”هائو سائين، هتي جو هر ڪو ماڻھو هن کي سڃاڻي. مون کي هن دڪان تي پورا پنج سال گذري ويا آهن، هو هر روز هن رستي تي ۽ هن ئي وقت ڪلاڪ ڏيڍ تائين پيو ڊوڙندو ۽ ڪوڪاريندو آهي. بس سائين، مست آهي، چريو، پر آزاري ڪنھن کي ڪو نہ. هونئن تہ هن کي جيڪي ملندو آهي وٺندو آهي، پر هن مھل ڪنھن کان ڪجهہ ڪو نہ وٺي. اڄ آزمايومانس. خدا الائي جي ڪھڙين ڳالھين ۾ راضي آهي. درويش آهي، درويش!“
”ادا، هي ڪٿي رهندو آهي، ۽ ڪيئن چريو ٿيو؟“ پان واري کان وري مون ٻيو سوال ڪيو. پان واري ٿڌو ساھہ ڀريندي چيو، ”سائين، اها خبر مون کي بہ ڪانھي تہ ڪيئن چريو ٿيو. شل انسان جي ڪل نہ ٿڙڪي. سامھون بلڊنگ ڏسو ٿا نہ، هيءُ بہ انھيءَ ۾ رهندو آهي.
مست وري موٽي رهيو هو، ۽ اسين هوٽل ۾ وڃي هڪڙي پاسي واريءَ ڪئبن ۾ ويھي رهاسين. هوٽل ۾ اندر فرحت لڳي پيئي هئي، پر آءٌ سوچڻ لڳيس، مڪو مست! خبر نہ آهي تہ هو ڪير آهي؟ هن جا بہ ڪي مٽ مائٽ هوندا. هو ڇو چريو ٿيو؟ ڇا هن جو علاج نہ ٿو ٿي سگهي؟ هيءُ بہ انسان آهي..... ڇا هيءَ بہ ڪا زندگي آهي!“
بيري ميز تي چانھہ اچي رکي. منھنجي دوست ڪٽليءَ ۾ کنڊ جو چمچو وجهي، ڍڪ ڏنو. اسان کان ٿورو پرڀرو هڪ ڪرڙوڍ شخص ڏسڻ ۾ آيو. هن جي اڳيان چانھہ جو ڪوپ رکيو هو. هن بار بار علي اڪبر ڏانھن پئي ڏٺو. ”هو همراھہ تو ڏانھن هر هر پيو ڏسي،“ مون آهستي آهستي پنھنجي دوست کي ٻڌايو. علي اڪبر هن ڏي ڏسندي ئي خوشيءَ مان چيو، ”چاچا حامد علي، هيڏانھن اچو نہ!“ ۽ هو ڪوپ کڻي اچي اسان سان گڏ ويٺو.
علي اڪبر تعارف ڪرائيندي چيو، ”هي آءٌ آهي چاچو حامد علي، هن ئي پاڙي جو ۽ هتي جو رهاڪو آهي.“ مون مشڪندي ساڻس هٿ ملايو. چاچو حامد علي، علي اڪبر کان خبرون چارون وٺڻ لڳو. مون پاسي واريءَ دريءَ کان ٻاهر نھاريو. مڪو مست اڃا تائين ڊوڙي رهيو هو. ايتري ۾ چاچي حامد عليءَ مون ڏانھن نھاريندي چيو، ”ڪوئيٽا جي لھر آئي آهي. پر اوهين ڪھڙيءَ ٺپي ۾ پئجي ويا آهيو؟ ماڳھين کڻي ماٺ ڪئي اٿو!“ مون چيو، ”چاچا، اوهان ٻنھي پئي پنھنجون ڳالھيون ڪيون، تنھن ڪري گستاخي نہ ڪيم.“ منھنجو جواب ٻڌي. چاچي حامد عليءَ هڪ هلڪڙو ٽھڪ ڏنو. ايتري ۾ ٻاهران رڙيون ٿيون، ۽ هو مڪو مست رستي تان ڊوڙندو پئي ويو. علي اڪبر افسوس سان چيو: ”ويچارو مڪو مست!“ مون چيو ”شل نہ انسان ويچارو ٿئي!“ جيڪي هن مست تي ٿي گذريو آهي، سو جيڪڏهن ڪنھن سياڻي سان ٿئي ها تہ ان جو هال هن کان بہ بدتر هجي هان ”ائين چئي، هو خاموش ٿي ويو. ”چاچا“ علي اڪبر چيو، ”پر هن مست جي اوهان کي تہ سڄي خبر هوندي؟ اوهين تہ هن محلي ۾ ئي رهو ٿا. هي ڪيئن چريو ٿيو؟“ مون بہ بيتاب ٿي پڇيو.
چاچو حامد علي سگريٽ دکائي، هڪ ڊگهو سوٽو هڻي چوڻ لڳو: ”آءٌ هن مست کي سڃاڻان. هن جو نالو ”مڪو“ نہ، پر ”مقبول مستري“ آهي. هونئن تہ هر ڪنھن انسان جي زندگيءَ ۾ لاهيون چاڙهيون آيون آهن، پر مقبول رڳو ڏک ڏٺا آهن. هو چئن سالن جو هو تہ سندس ماءُ مري وئي. ڏهن سالن جو ٿيو تہ پڻس بہ مري ويو. پڻس جو هتي بازار ۾ لوھہ جو دڪان هو. هو هڪ سيٺ هو پر ان جي مرڻ کان پوءِ مقبول جا چاچا ۽ ماما ملڪيت مٿان اکيون پوري، ڳجهن وانگر ڪري پيا. ويچارو مائٽن هوندي بہ ڇورو ڇنو ٿي پيو. کيس ڪنھن بہ نہ سنڀاليو. نيٺ پاڙي جي دين محمد مستريءَ کي خيال ٿيو، تنھن کيس پنھنجي گهر ۾ رهايو ۽ پنھنجي ڪارخاني تي ملازم ڪري رکيو.....“
”پوءِ ڇا ٿيو؟“ علي اڪبر چيو.
چاچي پنھنجي ڳالھہ جاري رکندي ٻڌايو: ”ماڻھو چون ٿا تہ مقبول مستريءَ رستي تي پنھنجي ملڪيت پوري هئي، اها ڪير چورائي ويو. ڪي چون ٿا تہ هن کي ڪچي قلعي مان لڳت جو حساب ٿيو آهي. وري ڪن جو چوڻ آهي تہ هن کي ڪنھن پھتل شخص امانت ڏني آهي. پر مون کي ذاتي خبر آهي تہ هن رستي ۾ پنھنجي دولت ڪا نہ پوري هئي، نڪو وري هن کي ڪنھن جو واسو آهي، ۽ نہ وري ڪنھن هن کي امانت ئي ڏني آهي. هائو، ڪي وري اهي ڳالھيون بہ ڪندا آهن تہ هن وٽ ڪيميا جو نسخو آهي، ۽ هيءُ رڳو ٻاهريون بيک ڪريو پيو ماڻھن کي ڀنڀلائي. پر اهي سڀ ڪوڙيون ۽ علط ڳالھيون آهن......“
”تہ پوءِ اصل ڳالھہ ڪھڙي آهي؟. مون پڇيو.
چاچي حامد علي ٻيڙي دکائيندي چيو: ”دين محمد مستري شاھہ ڪاريگر هو. هن مقبول کي هر طرح جي مشينريءَ جو ڪم سيکاريو. مقبول اهڙو تہ ايماندار ۽ سعادت مند ثابت ٿيو جو دين محمد پنھنجي ڌيءُ کڻي پرڻايس. پوءِ تہ هيءُ جوان نالو ڪڍي آسمان تي چڙهي ويو. هن اسان جي گهر جي سامھون بلڊنگ ۾ هڪ جاءِ مسواڙ تي ورتي ۽ زال سان اتي جدا رهڻ لڳو – ”اسان ٽنھي سگريٽ دکايا ۽ وري چانھہ جو آرڊر ڏنوسين، تہ چاچا حامد عليءَ وري ڳالھہ کنئي: ”مقبول جي شاديءَ کي ٻہ – ٽي سال گذري ويا، پر کيس اولاد ڪو نہ ٿيو. هن جي زال هڪ ننڍي اڇي ٻلي پالي هئي. ٻلي وڏي ٿي ۽ ٻچا ڪيا تہ مقبول کي بہ هڪ سھڻو پٽ ڄائو. ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ، هڪ شام جو انھيءَ بلڊنگ کي اچي باھہ لڳي. باھہ لڳي، جو بجليءَ جون تارون هيون پراڻيون ۽ خراب. مالڪ خرچ جي بچاءَ کان مڙيئي ٽيڪر سيڪڙ ڪريو پيو ڪم هلائيندو هو. پر نيٺ انھيءَ ڏينھن اوچتو باھہ لڳي پئي. خبر تڏهن پئي، جڏهن باھہ سڄي بلڊنگ کي وڪوڙي وئي. فائربرگيڊ جون سڀئي لاريون باھہ وسائڻ لاءِ آيون، پر انھن پھريائين مالڪ جي رهڻ واري پاسي کان باھہ وسائڻ شروع ڪئي.“
ايتري ۾ بيرو چانھہ کڻي آيو، ۽ اسين گرم گرم چانھہ اهي پيئڻ لڳاسين. علي اڪبر چيو، ”هائو چاچا باھہ لڳي، پو؟“ چاچي حامد عليءَ چيو: ”اها باھہ تہ نہ هئي! ان جا شعلا آسمان تائين ٿي ويا. هزارن جو سامان رک ۽ ڇار ٿي ويو. انھيءَ رات، قيامت زمين تي هي لھي آئي هئي. رڳو مالڪ جي رهڻ واري جاءِ بچي، باقي واويلا پئجي ويئي هر ڪنھن کي پنھنجي سر سان لڳل هئي. بلڊنگ جو هر ڪو رهاڪو حيران ۽ پريشان هو. مقبول مستريءَ پنھنجي زال ۽ پٽ کي بچائڻ لاءِ هزارين حيلا هلايا. هن جي زال ۽ پٽ جڏهن ٻاهر ڪڍي آندا ويا، تہ اهي ٻيئي ڄڻا هن جي سامھون ئي لڇي لڇي مري ويا. عين انھيءَ وقت، مقبول جي ڀرسان اها سندس زال واري پاليل ٻلي، خبر نہ آهي تہ ڪيئن ۽ ڪٿان، پنھنجن پلونگڙن سميت، اچي ”ميائو ميائو“ ڪري هن جي پيرن ۾ پيئي، مقبول مستريءَ، ٻليءَ کي ڏسي وٺي چرين وانگر رڙيون ڪيون، ۽ ڊوڙندي ڊوڙندي چوڻ لڳو: ”ٻلي ٻچا کڻي آئي! ٻلي ٻچا کڻي آئي!“ ۽ پوءِ، چرين وانگر ڊوڙي ڊوڙي، مورڇا ٿي ڪري پيو. انھيءَ حادثي کي پورا پندرهن سال ٿي چڪا آهن، پر مقبول مستري، اهو مڪو مست، اڃا بہ هر روز شام جو باھہ لڳڻ وقت ڦٿڪندو، رڙيون ڪندو ۽ پيو ڊوڙندو آهي.

(مھراڻ: 1 – 1964ع)

ڪونج (مقبول صديقي)

ايئرپورٽ تي پھتس تہ پورا نو ٿيا هئا. خبر پئي تہ هوائي جھاز ڏهين بجي پھچندو. مون کي پورو هڪ ڪلاڪ انتظار ۾ گذارڻو هو. وقت ڪاٽڻ لاءِ وڃي ريسٽورنٽ ۾ ويٺس. ان هوائي جھاز ۾ منھنجو جگري دوست، اصغر، لنڊن کان واپس اچي رچي هو. هو ٻن سالن جي عرصي کان پوءِ اتان قانون جي اعليٰ ڊگري حاصل ڪري واپس اچي رهيو هو، ۽ مان اڪيلو شخص هوس جو سندس استقبال لاءِ اچي ايئرپورٽ تي پھتو هوس. ٻيو هو بہ ڪير، جو سندس استقبال لاءِ اچي، اڃان هن دنيا ۾ قدم ئي مس رکيائين تہ سندس پيءُ جي زندگيءَ جو ڏيئو گل ٿي ويو. مرحوم خدا جو ڏنو گهڻو ئي ڇڏي ويو هو. تنھن ڪري اصغر ۽ سندس والدہ کي ڏکيا ڏينھن ڪو نہ ڏسڻا پيا. اصغر جي اها بہ خوش نصيبي چئبي جو اهڙيءَ ماءُ جي گود ۾ اکيون کوليون هئائين، جنھن پنھنجي سرتاج وڃائڻ کانپوءِ اولاد کي ئي سڀ ڪجهہ سمجهيو. هوءَ پنھنجي جواني وساري، پنھنجي اڪيلي ۽ لاڏلي پٽ جي جوانيءَ جا خواب ڏسندي رهي. اهي خواب ئي سندس ڪائنات هئا، جنھن ۾ هوءَ هر ساعت، هر گهڙيءَ محو رهي. پر انھن خوابن بہ بقا نہ ڏيکاري، ۽ هوءَ پنھنجو ٻارهن سالن جو اصغر هن دنيا ۾ تنھا ۽ اڪيلو ڇڏي، ان دنيا ڏانھن رواني ٿي وئي، جتي ڪو بہ نہ ٿو ڏسي، جتي حقيقت کان سواءِ ڪجهہ بہ نہ آهي.
ماءُ جي اتنقال کانپوءِ اصغر جا لاتعداد مٽ مائٽ پيدا ٿي ويا. هڪ مٿان ٻيو وارد ٿيڻ لڳو. هر هڪ جي هيءَ دعوا تہ هو ئي اصغر جو وارث ۽ سنڀاليندڙ بڻجي سگهي ٿو. اهي مائٽ ننڍڙي اصغر کي ائين چنبڙي ويا، جيئن مصريءَ کي ماڪوڙا. اصغر ٻار هو، منجهي پيو تہ ڇا ڪري ۽ ڇا نہ ڪري ڀلو ٿئي سندس استاد عبدﷲ جو، جنھن دورانديشيءَ کان ڪم وٺي سندس رهنمائي ڪئي، ۽ کيس سڌيءَ راھہ تي هلڻ سيکاريو.
اصغر کي پڙهڻ سان ڏاڍو شوق هو. ائين کڻي چئجي تہ پڙهڻ کانسواءِ کيس ٻي ڪنھن ڳالھہ جو شوق نہ هو. هر وقت پڙهندو رهندو هو. اهو ئي سبب هو جو جڏهن هر سال امتحان ۾ هو اول نمبر ايندو هو، تہ اسان کي ان تي ڪو بہ تعجب نہ ٿيندو هو.
اسڪول ۽ ان کانپوءِ ڪاليج جي زندگيءَ ۾ شروع کان اسين هڪ ٻئي جا ساٿي رهاسين. مون کي اصغر جي دوستيءَ تي ناز هو، ڇو تہ هو سڀني کان وڌيڪ هوشيار ۽ ذهين شاگرد هو. جڏهن مان اصغر سان ساڻس پنھنجي دوستيءَ تي فخر جو اظھار ڪندو هوس، تہ هو بہ ورنديءَ ۾ اهڙو اظھار ڪندو هو.
اوچتو ايئرپورٽ جي عمارت ۾ جابجا لڳل لائوڊ اسپيڪرن ڳالھائڻ شروع ڪيو. منھنجو هٿ چانھہ جو ڪوپ کڻندي رڪجي ويو. ڪن لائي ٻڌم. لائوڊ اسپيڪرن اعلان ڪيو تہ اهو هوائي جھاز ڏهين بجي پھچندو. مون واچ ڏٺي، اڃا سوا نوَ ٿيا هئا. ڪوپ کڻي هڪ سرڪي ڀريم، پوءِ سگريٽ دکائي، وري اصغر جي ياد ۾ گم ٿي ويس. اهو اصغر، جو هر وقت مسڪرائيندو رهندو هو. معمولي لطيفو بہ ٻڌندو هو تہ کلي کلي کيرو ٿي پوندو هو. هو مون کان ايتري ئي کلڻ جي توقع رکندو هو، ۽ جيڪڏهن ڪنھن وقت مان سندس اها توقع پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهندو هوس تہ هڪ گهڙي سوچڻ کان پوءِ نئين سر ٽھڪ ڏيڻ شروع ڪندو هو. وڏا وڏا ٽھڪ، شايد اها کل منھنجي پاران هوندي هئي! سندس کلڻ بہ ڪھڙو نہ وڻندڙ هوندو هو. جڏهن ٽھڪ ڏيندو هو تہ مون کي اهو محسوس ٿيندو هو، ڄڻ دماغ ۾ جلترنگ وڄي رهيا هجن.
مون کي اها ويل بہ ياد آئي، جڏهن اصغر قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ ”بارائٽ لا“ ڪرڻ لاءِ انگليند جو سانباهو ڪيو. ان وقت بہ مان اڪيلو ئي کيس ايئرپورٽ تي رخصت ڪرڻ آيو هوس. مون کي ياد آهي تہ اسان ٻنھي هن ساڳئي ريسٽورانٽ ۾ ويھي ڪافي پيتي هئي. ان وقت اصغر ڏکويل پئي ڏٺو. سندس منھن مان مايوسي بکي رهي هئي. سندس جدائي منھنجيءَ دل کي بہ ڏکوئي رهي هئي. پر مون پنھنجو اهو ڏک ظاهر نہ ڪيو هو. مان اصغر سان کل چرچا ڪري، وقت ٽاري رهيو هوس. مون کي ياد آيو تہ ان وقت مون اصغر کي کلندي چيو هو: ”يار، تون ڇا بہ چئين، پر مون کي پڪ آهي تہ تون پاڻ سان ضرور ڪا ولايتي گڏي وٺي ايندين- ڀوري رنگ ۽ سونھري وارن واري گڏي!“
”بيوقوفيءَ جون ڳالھيون ڇڏ“ اصغر ٿورو چڙندي وراڻيو هو.
”مون کي پڪ آهي. پر ائين نہ سمجهہ تہ ڪو مان ولايتي گُڏيءَ آڻڻ تي ناراض ٿي ويندس. بس، فقط اها خوبصورت هئڻ گهرجي، جھڙو تون پاڻ آهين. مون کي ڪونج جھڙي ڀاڄائي کپي، ٻڌي ڇڏي!“ - ۽ جواب ۾ اصغر وڏا وڏا ٽھڪ ڏيڻ لڳو هو.
اصغر ولايت روانو ٿي ويو. واعدي مطابق، مون کي هن وٽان هر هفتي خط پھچندو رهيو. ڪڏهن ڪڏهن تہ هفتي ۾ ٻہ – ٻہ ٽي – ٽي خط بہ ملندا رهيا. ولايت پھچڻ کان اٽڪل ڇھہ مھينا پوءِ اصغر پنھنجي هڪ خط ۾ لکيو: ”توکي ڪونج وڻندي آهي،مون کي بہ وڻندي آهي. اهڙي ئي هڪ ڪونج مون کي هتي ملي ويئي آهي! ملي تہ آهي، پر سوچيان ٿو تہ ان کي تنھنجي ڀاڄائي بہ بڻائي سگهندس يا نہ...... دعا ڪر تہ منھنجي خواهش پوري ٿئي!“
مون جڏهن اصغر کي ان ڪونج جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌائڻ جو چيو، تہ لکيائين: ”هيءَ ولايتي گُڏي نہ آهي – اسان جي ئي وطن جي آهي. نالو اٿس.... نالو ڪو خاص سٺو نہ اٿس. بھتر آهي تہ اسين ان کي ”ڪونج“ ئي سڏيون. تمام وڏي گهراڻي جي ڇوڪري آهي، هتي ڊاڪٽري پيئي پڙهي.“ ٿوري عرصي بعد اصغر لکيو:
”اسان جا تعلقات تمام گھرا ٿي ويا آهن. کليل نموني ۾ بہ نہ، پر اشارن ئي اشارن ۾ عهد- پيمان بہ ٿي ويا آهن. ”ڪونج“ هاڻي منھنجي زندگي بڻجي چڪي آهي. توکي هن جو فوٽو ضرور موڪليان ها. پر کانئس گهرڻ نہ ٿو پڄي. ملي ويو تہ ضرور موڪلي ڏيندوسانءِ.“
ڇھہ مھينا ٻيا بہ گذري ويا. اصغر وٽان خط بدستور پھچي رهيا هئا. هر خط ۾ ”ڪونج“ جو ئي ذڪر هوندو هو. هڪ خط ۾ اصغر لکيو: ”ڪونج“ امتحان ۾ ڪامياب ٿي آهي، ۽ هوءَ جلد ئي اتان واپس وطن رواني ٿيندي. هفتي کان پوءِ ٻئي خط ذريعي معلوم ٿيو تہ هوءَ اتان واپس وطن رواني ٿي وئي آهي. مون کي ”ڪونج“ سان ملڻ جو بيحد اشتياق هو. اصغر ان جو فوٽو بہ ڪو نہ موڪليو هو. سو، مون اصغر کي ”ڪونج“ جي پتي لکي موڪلڻ لاءِ چيو تہ جيئن ان کي ڏسي سگهان. پر اصغر لکيو تہ هو خود اچي مون کي ڏيکاريندو. شايد، کيس ڊپ هو تہ مان ڪٿي ”ڪونج“ کي نظري نہ وجهان! مان بہ هانءَ تي پٿر رکي خاموش ٿي ويس.
هاڻي اصغر کي واپس ٿيڻ ۾ 3 مھينا وڃي رهيا هئا. هن ٻڌايو تہ ”ڪونج“ سان سندس خط – ڪتابت ڪجهہ عرصو تہ باقاعدہ جاري رهي. پر پوءِ خبر نہ آهي تہ ڇو هن سندس خطن جا جواب ڏيڻ بند ڪري ڇڏيا. ”ڪونج“ جي ان لاپرواهيءَ اصغر کي سخت صدمو رسايو. ان صدمي جي سڪ کي منھنجي دل بہ محسوس ڪيو. پر مان ڪري بہ ڇا ٿي سگهيس؟ اهو سڀ ڪجهہ هوندي بہ، اصغر مايوس نہ هو، کيس يقين هو تہ ”ڪونج“ پنھنجي واعدي تي پوري رهندي. هوءَ سندس منتظر رهندي.
ايئرپورٽ جا لائوڊ اسپيڪر وري گونجڻ لڳا. هوائي جھاز پھچڻ ۾ باقي 5 منٽ هئا. مان بل ادا ڪري اٿيس، ۽ ايئرپورٽ جي کليل ميدان اڳيان پويلين ۾ وڃي بيٺس.
جھاز مان مسافرن لھڻ شروع ڪيو، ۽ منھنجيون اکيون هر مسافر جي چھري ۾ اصغر کي تلاش ڪرڻ لڳيون. ڪجهہ ساعتن کان پوءِ، اصغر منھنجي ڀاڪر ۾ هو. گلي ملڻ کان پوءِ مون اصغر کي ڏٺو، پر اصغر جون اکيون ڪنھن ٻيءَ شيءَ کي ڳولي رهيون هيون. ائين محسوس ٿيو، ڄڻ سندس وساڻل اکيون ڪنھن روشنيءَ جي ڳولا ۾ هيون. مون کي تعجب ٿيو، پر کانئس ڪو نہ پڇيم تہ کيس ڪنھن جي تلاش آهي. اوچتو سندس اکين ۾ روشني پيدا ٿي وئي. ڳلن جي مٿاڇري تي خون سيمو ڪري آيس. هو سامھون ڏسي رهيو هو. مون ڏٺو، سامھون ڪجهہ مفاصلي تي هڪ خوبصورت ڇوڪري ساڙهيءَ ۾ ملبوس نظر آئي. قد ڊگهو، رنگ ڳورو، سندس وار هوا ۾ اڏامي رهيا هئا. ساڻس هڪ گڏ نوجوان بہ بيٺل هو، جنھن سان گڏ هوءَ ڳالھائڻ ۾ مصروف هئي. اصغر ڇوڪريءَ کي اڃا تائين گهوري رهيو هو.
”ڪير آهي؟“ مون پڇيو.
”ڪونج!“ اصغر پنھنجيءَ مسڪراهٽ کي وڌيڪ جواني بخشيندي چيو.
”اڇا!“
”هون! مون کيس پنھنجي واپسيءَ جو اطلاع ڏنو هو. منھنجو استقبال ڪرڻ آئي آهي!
”پوءِ تو مون کي تہ ٻڌايو ئي ڪو نہ هو!“
”ضرورت ڪھڙي هئي“ هاڻي چڱيءَ طرح ڏسينس. نظر نہ هڻجانس!“
”پر هن تہ توکي اڃا تائين ڪو نہ ڏٺو آهي. خبر نہ آهي، ڪنھن سان بيٺي ڳالھائي.“
”خبر ناهي، شايد ڀاءُ هجيس. هن ٻڌايو هو تہ سندس هڪ وڏو ڀاءُ بہ آهي. اهو بہ ڊاڪٽر آهي. هل تہ هلون. هل.“
ڪونج اصغر کي ڏٺو تہ هڪي ٻڪي ٿي وئي. منھن جو پنو لھي ويس. سندس اها حالت ڏسي، اصغر ساڻس منھنجو تعارف ڪرايو. ”ڪونج“ مسڪراهٽ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، مون سان هٿ ملايو – ڦڪي ۽ بي رنگ مسڪراهٽ. ساعت لاءِ خاموش رهي. آخر ”ڪونج“ زبان کولي. هن پاڻ سان گڏ بيٺل نوجوان ڏانھن اشارو ڪندي چيو: ”هن سان ملو...... منھنجو شوهر، ڊاڪٽر ياسين! اسان جي تازو شادي ٿي آهي. اسين ”هني مون“ لاءِ سئيٽزرلينڊ وڃي رهيا آهيون. هڪ مھيني کان پوءِ واپس ٿينداسين.... چڱو، اصغر، توسان وري ملي بيحد خوشي ٿي...... ۽ توهان سان بہ. چڱو، اسان جو هوائي جھاز پھچي ويو آهي، زندگي رهي تہ وري ملنداسين.“
ڪونج ۽ سندس مڙس، اسان سان هٿ ملائي، روانا ٿي ويا، پر اسان جي قدمن جي اڳتي وڌڻ جي قوت بہ ڄڻ کسي کڻي ويا. گهڙيءَ کن لاءِ اسين بيئي اتي ئي ساڪت ٿيا بيٺا رهياسين. منھنجو ڪنڌ هيٺ هو. اها همت نہ ٿي ٿئي تہ اصغر کي ڏسان. نيٺ، دل جهلي، اصغر جو هٿ پنھنجي هٿ ۾ ورتم، ۽ ان کي ڇڪي اڳتي وڌڻ لڳس. بلڪل خاموشيءَ سان، ايئرپورٽ جي عمارت مان ٻاهر نڪري، اصغر، ڪار – پارڪ ۾ بيٺل سڀني کان پھرينءَ ڪار جو دروازو کولي ان ۾ اندر گهڙڻ لڳو. هو بي خياليءَ جي عالم ۾ هو. مون زور سان چيو، ”هي ڇا پيو ڪرين؟ هيءَ ڪار پنھنجي نہ آهي!“
”هون! تہ تنھنجي ڪار ڪھڙي آهي؟“ هو ڄڻ ننڊ مان سجاڳ ٿيو هو.
”مون پنھنجي ڪار نہ آندي آهي. ٽيڪسيءَ ۾ٿا هلون.“
مون هڪ ٽيڪسيءَ کي اشارو ڪندي چيو.
”ڇو؟ ڇو ڪو نہ آندءِ؟“
”بيڪار ٿي وئي آهي، صفا کٽارو، هر وقت خطرو هوندو آهي تہ ڪٿي دوکو نہ ڏئي.“
”اها ساڳئي ڪار اٿئي نہ؟ اها.....“
”ها ها، اها ساڳئي آهي – ”ڪونج“!“
اصغر هڪ گهڙيءَ لاءِ مون کي گهوريو، ۽ پوءِ وڏا وڏا ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳو. بي پايان ۽ مسلسل ٽھڪ. هو ايترو تہ کليو، جو سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. مون کيس کلڻ کان نہ روڪيو ۽ سامان ٽيڪسيءَ ۾ رکائڻ لڳس.

(مھراڻ، 2/ 3 – 1964ع)

حسرت (ٻلرام وڪل)

سئنيما جي تصويرن جيان منھن جي بدلجندڙ رنگن مان اهو ثابت هو تہ سندس من ويچارن جي وچ سير ۾ غوطا کائي رهيو آهي. اکين جي شوخي ۽ ساڄي ڳل جي وچين حصي واري ڳاڙهاڻ اهو صاف صاف ٿي ٻڌايو تہ سندس من ۾ ڀيانڪ طوفان اٿي رهيو آهي ۽ هو ان ئي حالت ۾ ماءُ ڏانھن ويو. شوخ پر روئڻھارڪي آواز ۾ چيائينس، ”خرچي ڏين ٿي يا نہ؟“
”وڃ، مئا! مر وڃين! اڃا ڪلاڪ بہ نہ ٿيو اهي جو آنڪ وٺي ويو آهين، وري خرچيءَ جي لوڇ لڳي اٿيئي!“ ماڻس ڪاوڙ وچان چيو.
”نہ، نہ، مون کي ڏي....... مان بہ ڳاڙهين تيلين وارو ماچيس وٺندس.“ ماڻس کي تھائين خار اچي وئي. زوردار چماٽ جڙي، ٻيو ڳل بہ ڳاڙهو ڪري ڇڏيائينس..... رڙ ڪري چيائين، ”مئو، ننائو! ڳاڙهين تيلين وارو ماچيس وٺندو! ٽر هتان.“
راجن اکين ۾ ڳوڙها ڀري، روئندو ٻاهر نڪري آيو. اکين کي پنھنجن ننڍڙن هٿن جي ننڍڙين مٺين سان مھٽيندو، گهر واري دڪي تي اچي ويھي رهيو. ايتري ۾، پري کان، سندس ننڍي ڀيڻ ڪمو زور زور سان سندس نالو کڻي، سڏيندي آئي. قريب اچڻ تي ڏٺائين تہ سندس ڀاءُ روئي رهيو هو. ڀاءُ کي روئندو ڏسي، ويچاري ڪمو بہ مايوس ٿي وئي. پڇيائين، ”ڇو ڀائو، روئين ڇو پيو؟“
راجن خاموش رهيو.
”ٻڌاءِ نہ ڀائو!“ پيار ۽ التجا ڀرئي آواز ۾ ڪمو چيو.
راجن وري بہ خاموش رهيو.
سندس من جي ڳالھہ تاڙيندي، ڪمو چيو، ”امان خرچي نہ ڏني اٿيئي!“
راجن اڃا بہ خاموش رهيو.
ڪموءَ هڪ ننڍڙو ٽپو ڏيندي چيو تہ ”پوءِ ڇا ٿي پيو! روئبو آهي؟ روئڻ ڪنن جو ڪم آهي، ڀائو! ان ڏينھن بابا بہ چيو هو.“ ٿورو ترسي، چيائين، ”چڱو، هاڻي اکيون ٻوٽ، تہ هڪڙي شيءَ ڏيکاريانءِ.“
”اکيون ٻوٽ، پوءِ ڏسندين!“
راجن ڀيڻ جوچوڻ مڃي، اکيون کڻي ٻوٽيون، ڪمو بہ پنھنجن اڻڀن ۽ سڪل وارن جي کليل چڳن کي منھن تان هٽائيندي، ميري گهگهريءَ جي ننڍڙي کيسي مان ڪجهہ ڪڍيو، ۽ هٿ جي تريءَ تي کليل رکي، چيائي، ”هاڻي کول“. راجن اکيون کوليون..... ڏٺائين...... ۽ جيڪي ڪجهہ ڏٺائين، ان سندس ڳلن تي لڳل چماٽن جي ايذاءَ کي، ٿيل ڳاڙهاڻ کي ميٽائي ڇڏيو. من جي بغاوت ۽ اکين جي شوخيءَ کي کن ۾ کلائي ڇڏيو. هن تريءَ تي رکيل شيءَ تي يڪدم جهپٽو هنيو. ليڪن هوڏانھن ڪمو بہ ڪا نہ بيٺي هئي. هڪدم مٺي بند ڪري ڇڏيائين. راجن ويچاري جي اهڙي حالت ٿي، جيئن ڪنھن اڃايل کي پاڻي ڏيئي کسي وٺجي. پر اهو تہ پاپين جو ڪم آهي. ڪمو تہ راجن جي ڀيڻ هئي. سو وري بہ خشڪ چپن تي مرڪ آڻيندي، چيائين، ”ايترو لوڀ! توبھہ!...... اڌ، اڌ.“ راجن لڄي ٿيندي وراڻيو، ”چڱو، اڌ، اڌ.“
”هل تہ خرچي اچون!“
ائين چئي ڪمو راجن کي اٿاري، ٻانھن کي ڇڪيندي، دڪان طرفان هلڻ لڳي. رستي ۾ ڪمو پڇيو، ”ڇا وٺون، ڀائو؟“
”مان تہ ڳاڙهين تيلين وارو ماچيس وٺندس..... پر تو هيءَ آندي ڪٿان!“
پريون سوال ڀانءِ ڪنھن جي ياد اچڻ سان ياد پيو هجين.
”ان ۾ تنھنجو ڇا؟“
”نہ تہ مان نہ هلندس.“
”چوري ڪا نہ ڪئي اٿم، جو ڊڄين ٿو!“
”پوءِ ٻڌائين ڇو نہ ٿي؟“
”ٻڌندين؟“ ڪمو مشڪندي سوال ڪيو.
راجن بہ ٻئي چپ زور سان ملائي چُي، ”ها! ٻڌندس“
هينئر مان رمو ماءُ جو مربو وٺڻ ويئي هيس نہ، سو جڏهن ان مربي واري جي دڪان تي ويس، ڏٺم تہ اهو دڪان ئي بند پيو هو.مان موٽي آيس. بازار ۾ هڪ منھاري جي دڪان تي سڳيون ٽنگيون پيون هوين. هڪ سڳي مون کي ڏاڍي وڻي، ڀائو! سڙڪ جي پاسي کان هلندي هلندي، منھن ورائي ان سڳيءَ کي تڪي رهي هيس. مون کي خبر ڪا نہ پيئي، هڪڙو سائيڪل وارو اچي مٿان ڪريو. مان روئڻ لڳيس، ڀائو! سچ پچ مون کي ڏاڍو ڌڪ لڳو. هن ڄنگهہ تي بہ هڪ رهنڊ اچي وئي آهي، هي ڏس. سائيڪل واري مون کي روئندو ڏسي، جهٽ پٽ چار آنا ڏيئي، سائيڪل تي چڙهي هليو ويو. ٻڌاءِ ان ۾ منھنجو ڪھڙو ڏوھہ! مون ان کان گهريا ٿوروئي! ڌڪ لڳو هو. ٿورو وقت روئي چپ ڪري ڇڏيان ها!“
راجن بلڪل ڌيمي آواز ۾ وراڻيو، ”چڱو هل.“
راجن ۽ ڪمو چار آنا خرچي، موٽي آيا، ۽ ورتل شيون بہ ختم ڪري ڇڏيائون.
ان بعد نہ ڄاڻ ڇا سوچي راجن ڊوڙندو بزار طرف ويو. سڙڪ جي هڪ پاسي کان ائين وڃي بيٺو. ڄڻڪ ڪنھن جي اچڻ جو انتظار هجيس. بيٺو رهيو، بيٺو رهيو..... ڪجهہ ويرم بعد، ڪنھن کي ايندو ڏسي خوش ٿيو. منھن تي مسڪراهٽ رقص ڪرڻ لڳيس. ايندڙ کي ويجهو ايندو ڏسي، پاڻ بہ ان جي ساهون اڳتي وڌيو. هوڏانھن اچڻ وارو ايندو رهيو. راجن بہ ان طرف ڌيمي چال سان وڌندو رهيو.
ايتري ۾ ڪنھن جي ٽڪرجڻ ۽ ڪرڻ جي آواز سان گڏ دٻيل چيخ ۽ ”امان! امان!“ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.
راجن موٽرسائيڪل سان ٽڪرايو هو. ”ڪموءَ کي سنھيءَ ۽ سنھن ڦيٿن واري سائيڪل سان ٽڪرجڻ ۽ سنھي رهنڊ اچڻ سبب چار آنا مليا، مان هن ٿلھيءَ ۽ ٿلھن ڦيٿن واريءَ سائيڪل سان ٽڪرجي، وڏو ڌڪ کائي، اٺ آنا وٺندس. ڇو نہ ملندا....... ضرور ملندا......... ڪموءَ کي جو مليا!“ اهو سندس ننڍڙي ۽ اٻوجهہ دماغ جو تصور هو.
راجن کي سچ پچ سخت ڌڪ لڳو هو – ائين نہ هو. راجن صرف هئنڊل جي هڪ پاسي لڳڻ سبب ڪري پيو هو، ۽ جيئن ئي ڪريو، تيئن ئي تڙ تڪڙ ۾ اٿي بيٺو. پڪو منھن ڪري، موٽرسائيڪل واري کي چيائين، ”مون کي اٺ آناڏي.“
موٽرسائيڪل وارو هڪ اپ – ٽو ڊيٽ شخص هو. هن رعبدار آواز ۾ چيو. ”انڌن وانگي پيو گهمين، بيوقوف ڪٿان جو. وڃ هتان، آيو آهي اٺ آنا وٺڻ.“ راجن همٿ ٻڌي، وري بہ اڳين ڦيٿي جي پاسي ۾ بيھندي، ٿلھي هئنڊل ۾ پنھنجا ٻئي ننڍڙا هٿ وجهي، چيو: ”مان نہ ويندس، ڪمو کي جو چار آنا مليا. مون کي بہ ڏي!..... چڱو چار آنا ئي ڏي!“
جئنٽلمين هن ڏانھن ڪو ڌيان نہ ڏئي، پنھنجي کاٻي هٿ سان راجن جي ساڄي ڳل تي چڱيري چماٽ جڙيندي چيو، ”مر وڃي، فضول ٽائيم ٿو زيان ڪرين!“ ائين چئي، موٽرسائيڪل جي مشين چالو ڪري هو هليو ويو. ڪٺو ٿيل ماڻھن جو ميڙ بہ ٽڙي پکڙجي ويو. باقي راجن بيٺو..... اتي ئي بيٺو. رهيو.... نہ معلوم ڪيستائين!.

(مھراڻ، 2 – 1956ع)

ذليل انسان (نبي بخش دائود پوٽو)

هوٽل تي وڃڻ اڄڪلھہ هڪ رواجي ڳالھہ ٿي پئي آهي. سوين وچولي درجي جا ڪلارڪ ۽ منشي، ڪيترا پورهيت ۽ مزور، هوٽل تي نظر ايندا. امير بہ هوٽل تي وڃن، پر البت ٺاٺ باٺ واريءَ تي.
اسان جي بہ اها هير ٿي وئي آهي. منجهند جو آفيس ۾ رسيس ٿئي ئي مس، تہ ٺڪ سڌو هوٽل تي. وري پيئون بہ رڳو چانھہ. ٻنپھرن تائين آفيس ۾ ڪم ڪندي ڪندي اکيون ٻاهر نڪري اينديون اٿئون، سو ڪجهہ بک ۽ ڪجهہ ٿڪاوٽ جي ڪري هوٽل تي وڃڻو ئي پوي ٿو. هوٽل تي هونئن تہ گهڻيون شيون ملنديون آهن، پر پنھنجي صرف چانھہ سان لڳي – سستي جو آ، ۽ وري گرم ۽ مٺي! بک کي تہ ڄڻ اڏايو ڇڏي. تنھن ڏينھن هوٽل تي وڃي رهيا هئاسين – مان، انور ۽ رشيد. غني آفيس ڪو نہ آيو هو، چي ”ڪجهہ ناچاڪائي اٿم.“ هوٽل تي پھتاسين، ۽ نيم موجب وڃي ڪُنڊ وسائي سين. ڪنڊ ۾ نڪو ڏي نڪو وائسي، تنھنڪري بي الڪي چانھہ پي سگهندا آهيون. انور ٻيءَ ٽيبل تان اخبار کڻي آيو. بيئرو اڃا اسان تي نازل ڪونہ ٿيو هو، تنھن ڪري اخبار جاچڻ لڳاسين. اخبار ۾ بہ ڏاڍيون ڪي خبرون هيون.
”اڄ وڏو وزير ٽن مھينن جي دوري تي وڃي رهيو آهي. اتان اناج جي حالت جاچي، اچي ملڪ ۾ پيل ڏڪار لاءِ ڪجهہ قدم کڻندو.“
”فلاڻي سيٺ جي، ڪو شاهينگ ڳنڍ ڪپي ويو.“
”گورنر اڄ ٻيڙين جي ڪارخاني جو بنياد وڌو.“
”فلاڻي مزور خودڪشي ڪئي، ۽ خودڪشيءَ جي سبب جاچڻ لاءِ پوليس سندس مائٽن کي لاڪپ ڪيو آهي.“
وغيرہ وغيرہ.
سڄيءَ اخبار تي مٿاڇري نظر ڊورائيسين، پر ملڪ ۾ پيل ڏڪار جي ڪا خبر نہ آيل هئي! نہ وري اهو پئي معلوم ٿيو تہ گهڻا مئا، گهڻا بچيا...... ۽ اگر مئا تہ ڪير؟ مون کي عجب لڳو تہ الاجي ملڪ ۾ ڏڪار هو يا نہ، يا سڀ ماڻھو ڪوڙا هئا جو ڏڪر ڏڪر ٿي پڪاريائون يا تہ بک وگهي مرڻ هڪ رواجي ڳالھہ هئي ۽ ڪافي پراڻي ٿي چڪي هئي، تنھن ڪري اخبار ۾ اچڻ جھڙي نہ هئي! پتو ئي نہ ٿي پيو. ماڻھن جي واتان پئي ٻڌوسين تہ اميد تي جيئڻ وارا نااميد ٿي رهيا آهن. اسان جھڙن جو وچولو طبقو تہ اڳي ئي ڪجهہ ان ۽ ڪجهہ چانھہ تي گذر ڪري رهيو هو. اميرن جي سا خبر نہ آهي.
اوچتو رشيد هڪ خبر ٻڌائي، چي، ”هڪ مائي پنھنجو ننڍو ٻار ماري، پاڻ الائي ڪيڏانھن گم ٿي وئي آهي. پوليس سندس ڳولا زناني مارڪيٽ ۾ شروع ڪئي آهي. اميد تہ جلد پتو پئجي ويندو.“
ٻار جي موت جو ٻڌي، انور ڄڻ ڇرڪ ڀريو. چي، ”ٻار کي ماريو اٿس؟ - ابھم کي! ڪھڙي نہ عجب جي ڳالھہ – عورت ۽ وحشي! پالي نہ ٿي سگهيس شايد. ڪھڙي خبر، اهو ٻار وڏي هوندي وڏو ماڻھو ٿئي ها!“ مون کان رهيو نہ ٿيو. چيم، ”جهڙو تون ٿيو آهين! ڪلارڪ آهين، شايد فائيلن جي قبر مليئي!“ انور چپ ٿي ويو ۽ رشيد وچ ۾ ٽپي ويو. چي، ”ڇڏ يار، ڇا تاريخ ڦري وئي ڪيئن؟ هٽلر ڪير هو، مسوليني ڪير ۽ رضا شاھہ پھلوي ڪير؟ اهي بہ تہ غريب هئا – پوءِ ڪيئن وڌيا؟ اسين پوءِ ڇو نہ ٿا وڌي سگهون؟ پر ڪنھن جي ڀاڳ سان ريس ڪھڙي!“ رشيد ٻہ منٽ خاموش رهيو. وري چيائين: ”خير، ڇڏيو ان ڳالھہ کي، اچو تہ مان توهان کي ڪجهہ گشت جو احوال ٻڌايان.“ رشيد شروع ڪيو:
”گشت جي موسم هجي، آءٌ، وڏو صاحب ۽ ننڍو صاحب – سڀ وياسين گشت تي. گشت هو خرچ جي حساب ڪتاب جي چڪاس بابت. گشت آهي مست، جنھن کي لڳي سو ڦري. گشت جو جيڪو فائدو نہ وٺي، سو تہ ڪلارڪ، ڪلارڪ جو پٽ ئي نہ چئبو. وڃي لٿاسين. وڏو صاحب ۽ ننڍو صاحب تہ وڃي رهيا بنگلن ۾، ۽ مون کي رهايائون اتي جي هيڊ ڪلارڪ صاحب وٽ.
”هيڊ ڪلارڪ مون کي پنھنجي گهر مان هڪ ڪوٺي رهڻ لاءِ ڏني. اها ڪوٺي هيڊ ڪلارڪ اڪثر ڪري اوطاق طور ڪم آڻيندو هو. آيو، ويو – مڙيو ئي ڪوٺيءَ ۾ پيئي ڪچھري لڳندي هئي. ڪوٺيءَ کي ٻہ در هئا – هڪ گهر طرف اندر، ۽ ٻيو ٻاهر رستي طرف. گهر وارو دروازو ٻاهران بند هو، تنھن ڪري ڪو بہ ماڻھو هر وقت ڪوٺيءَ ۾ اچي ٿي سگهيو.
هيڊ ڪلارڪ پاڻ هو پنجاھہ کن جو، پر ڏسڻ ۾ ڪافي پوڙهو ٿي آيو. اکين تي ٿلھا کوپا چڙهيل هئس. ڏسڻ جو سادو، پر اندر جو جھڙو ڪارو. قسم ۽ قرآن کڻي تہ ”آءٌ رشوت نہ وٺان“. رشوت نہ وٺي تہ سئو ٽيھن رپين مان ھھڙي وقت ۾ هوند پورت ڪيئن ڪري!.
هن منھنجي چڱي خدمت ڪئي. ٽي ويلا ماني، شام جو چانھہ، ۽ رات جو کير بہ نصيب ٿيڻ لڳم. تنھن کان سواءِ ٻي هر پرهيز جو خيال رکيو ٿي ويو، پنج منٽ گذريا نہ آهن تہ ٺڪ پان، سگريٽ، يا ٻيو ڪجهہ. صبح ۽ شام جو وڏي صاحب ۽ ننڍي صاحب ڏي وڃڻ لاءِ سائيڪل بہ هٿ ڪري ڏنائينم. پنھنجي وڏي پٽ کي چئي ڇڏيو هئائين تہ هر وقت منھنجي حاضريءَ ۾ رهي. هونئن تہ اسين ڪلارڪ مولائي ماڻھو ٿيون – مٿي تي ٽوپي رکون ئي ڪين، عزت لھي تہ ڄڻ نہ لٿي – پر هتي آءٌ هيڊ ڪلارڪ تي رعب ڄمائڻ لڳو هوس، ۽ خاص خاص چيزن جي فرمائش ڪندو هوس، ۽ منھنجون فرمائشون لاچار پوريون ڪيون وينديون هيون.
”هيءُ پوڙهو هيڊ ڪلارڪ اهڙو، جو وٺ ئي نہ ڏي! ڏاڍو ڇيڇاڙيومانس. چي، ”رشوت وٺڻ حرام آهي. آءٌ بلڪل نہ وٺان – رتيءَ برابر بہ سوئر!“ رشوت نہ وٺي تہ پنھنجا ٻار ٻچا ڪيئن پاليندو هوندو؟ پگهار مورڳو هڪ سئو ٽيھہ، ۽ مٿان وري اسان جھڙن مولاين جون مھربانيون. پڪ اندر ئي اندر ڳجهو چور هوندو. اگر مھماني نہ جهلي هان تہ ڏنڊا ڪو نہ هڻونس ها – وڌ ۾ وڌ بدلي. بدليءَ تي البتہ سامان جي ڀڄ – ڀور ٿئيس ها يا خار اچيس ها، پر جاگيرون ڪو نہ لٽجنس ها. ماڻھن جو هلايو هئائين تہ ”پوڙهو آهيان، ڳوٺ آهي اباڻو وطن، مرجي اتي تہ چڱو.“ واھہ جا چڱائي – مري ها، ٽڪا وٺي ها! ٻاهر نمازي، اندر جو پليت، چي، ”اشراف آهيان“. واھہ جا اشرافت! آخر تائين ڪو نہ سليائين تہ ڪو رشوت وٺي! وڏو ندر جوچور، لچو ۽ بدمعاش هوندو، ڳجها کاٽ هڻندو هوندو، پر استاد بيھہ، پاڻ بہ اهڙيءَ طرح پڳاسون جو واھہ واھہ – ياد ڪندو!
”گهڻا ڏينھن سير سواد وٺڻ ڪري، ڪم اينگهجي پيو. جيتوڻيڪ ڪم نالي ماتر ڪندا هئاسين، پر هيل تہ اها بہ پٽي، سو هفتو کن رهي پياسين. آءٌ تہ ڦنڊي پيو هوس، نہ ڪم نہ ڪار، مزي سان پئي ماني ملي. ٻاهر ڏڪر تہ ڏڪر ئي سھي. ڪڻڪ ڪيتري بہ سير هجي، پاڻ کي تہ ملي ٿي، ۽ اسان جو ڪم هو کائڻ – بس.
”ڳچ وقت رهڻ ڪري مون کي سندس گهر جي ڪجهہ حالت معلوم ٿي. گهر جي جاءِ خاص نہ هئس. اندر وري گند: ڪٿي ڇيڻا پيا هوندا تہ ڪٿي ٻوهاري – مڙيو ئي گذر پئي ڪيائون. گهر ۾ ڪل اٺ ڀاتي هئس: ٽي ننڍا پٽ، چئن، اٺن ۽ ڏهن سالن جا، ٻہ ڌيئر، هڪ ٻارهن جي ٻي پندرهن جي، هڪ پاڻ، هڪ جوڻس ۽ هڪ نھڻس. ٻڌم تہ جوان پٽس تازو وبا جي مرض ۾ مري ويو هو. هڪ دفعو گهر وارو اندريون دروازو صرف ٻيڪريو پيو هو، مون سعيو ڪري کولي ڇڏيو، ۽ گهر جي حالت جاچيمانس. زالس هميشہ بستري داخل هوندي هئي – سڄي سائي – الائي سلھہ جو مرض هوس يا ڇا. نھڻس ننڍي نيٽي هئي. پر البتہ ناچاق لڳندي هئي. باقي ڌيئرس جھڙا گل! نئين جواني..... ڏسڻ سان اکيون پئي ٺريون – جيڪر ويٺو ڏسجين!
”مون کي جيڪو عجب لڳو سو هن ڳالھہ جو: ڪيڏي نہ رشوت وٺندو هوندو – مھيني ۾ پنج سئو تہ واھہ جو ٿيندا هوس- پر گهر جي توڙي پنھنجي حالت سائي ٻري! گهر ۾ توڙي پاڻ کي خاص ڪو ڪپڙو بہ ڪو نہ هوس، ڌيئر تہ اڌ – اگهاڙيون ويٺيون هونديون هئس. پھرين تہ مون سمجهيو تہ فاحش هونديون، پر اهڙي ثابتي نہ ملين. ڪيئن بہ هجي، ڇا اڌ – اگهاڙيون فاحش نہ هونديون؟ ٻڌو هوم تہ گهر ۾ ٿورو ڪي گهڻو پورهيو بہ ڪنديون هيون، زالھنس اڳي ئي سائي، ويتر پوڙهو دوا درمل تي پئسا خرچيس ڪونہ، سو مردو ٿيندي ٿي وئي. ٻار ڏسينس تہ ڳريا پيا هئس. ھھڙو چڱو چوکو مون هچ کي پئي کارايائون، سو گهر ۾ تہ پاڻ چڱو کائيندا هوندا. پر منحوس جا ٻار – ڪيترو بہ چڱو کارائين، ظاهر ڪٿي ٿو ٿئي! پاڻ ڏسينس تہ نہ ڦڙتي نہ چالاڪي. آفيس ۾ ڇا ڪم ڪندو هوندو؟ اهڙن ماڻھن تي مون کي ڏاڍي خار لڳندي آهي.
”هڪ ڏينھن سندس اٺن سالن وارو پٽ ٻاهر رڙهندو آيو، وڏيءَ ڀيڻس ماريو هوس، وڏو ڀاڻس ڳليءَ ۾ بيٺو هو، راند بہ نہ پئي ڪيائين. ننڍي ڀاءُ کي روئيندو ڏسي، پرچائڻ لڳس. ”ڇاهي ڪمو، ڪھڙي ڇوري ماريئہ؟“ ڪمو وراڻيس تہ ”اديءَ ماريو اٿم، ڏاڍي بک لڳي هئم، ماني گهري مانس تہ ماريائين.“ چئي پيئي، ”ڪيڏڙو ٿيوآهين، رڳو مڪڙ وانگر پيو کائين.... ڪڻڪ ڏس تہ وڃي زر لڳي آهي! مرين بہ نٿو؟“ ڪھڙي نہ ڏائڻ هيس ڀيڻس! مانيءَ ڳڀو ڏئيس ها تہ سڀ بک ڪو نہ مرن ها. ڪڻڪ تہ ملڪ ۾ جام هئي، البتہ پئسو ٿورو هو، سو پڻس ڪري وڌيڪ رشوت وٺي ها!
”وڏو ڇوڪر بہ منھنجي حاضريءَ ۾ لڳو پيو هوندو هو. هڪ ڏينھن پڇيومانس تہ ”اسڪول نہ وڃين ڇا؟“ چي، ويندو هوس، هاڻي نہ ٿو وڃان. في نہ ڀري هيم، ابا کان گهريم، ماريائين، چيائين تہ ”وڃي جھنم ۾ پئو، نہ پڙھہ“. ننڍو ڇوڪر اڃا ننڍو ٿيندن، پر اهو بہ منحوس – سڄو ڏينھن پيو ”رين رين“ ڪندو!
”ڪھڙي بہ گهر جي حالت هين، پر سڀ منحوس پوڙهي جي ڪري. مري ها تہ معصوم ڳڻتيءَ کان ڇٽي پون ها. دل جو ڏاڍو ڪنجوس، ڪڏهن پٽن کي گهمائڻ بہ نہ وٺي ويو. ڪيڏي نہ رشوت وٺندو هوندو، پر اها سڀ وڃي الائي ڪيڏي ٿي1
”پر استاد، پاڻ بہ اهڙن منحوسن سان چڱيءَ طرح پڄون! اچڻ کان هڪ ڏينھن اڳ ٽي سئو رپيا گهريامانس- هڪ سئو پنھنجي لاءِ، ۽ ٻہ سئو صاحبن لاءِ، نہ تہ بدلي! ذري گهٽ روئي ويٺو- جھڙي هچا! چي، ”پئسو هجيم ها تہ ھھڙي حال ۾ ڏسوم ها“، وغيرہ وغيرہ. اگر پئسو نہ هوس تہ ڀلا مون کي کارايائين ڪٿان ٿي – سو بہ چڱو چوکو؟ ڪوڙو هو، ذليل! مون چيس، ٽي سئو رپيا ضرور وٺندس – شيئر، ڪٿان بہ آڻ: وڃي چوري ڪر، يا وڃي وڌيڪ رشوت وٺ. روئي ويٺو! پر آءٌ ڪٿي ڇڏڻ وارو هوس! نيٺ ٻئي ڏينھن سئو رپيا آڻي ڏنائين. سي بہ چيائين تہ ڳھہ گروي رکي آيو آهيان، باقي چيائين ٻئي دفعي. پر ڪيئن بهڪيائين، وڃي پوي جھنم ۾، اسان کي پئسن سان ڪم، سي مليا. ڪراچيءَ اچي خوب پيتوسين کاڌوسين. ٻئي دفعي پنج سئو جو چيڪ هڻندوسانس!“
رشيد بس ڪئي، اسين اٿياسين. رشيد بل ڏنو، ۽ اسين آفيس ڏانھن روانا ٿياسين. رستي تي چرچا گهٻا ٿيا، پر الاجي ڇو سڀ ڦڪا ٿي لڳا. آءٌ پنھنجي آفيس پھتس، دل ڪم تي نہ لڳيم، موڪلائي آيس.
دل ڳري ڳري پئي معلوم ٿي..... دماغ پريشان. ٻيو دفعو چانھہ پيتم، پر بيسود. خيالن ۾ هڪ برباد ٿيندڙ خاندان، ۽ هڪ ويران ٿيندڙ گهر. ”نياڻيون،انگ – اگهاڙيون، ۽ معصوم ڪمسن – ڇا اهي ائين ئي رهندا؟ هيڊ ڪلارڪ رشوت ڇو نہ ٿو کائي؟ پنھنجي خاندان کي بچائي ڇو نٿو؟...... ڇو؟“
خيال ڦري رهيا هئا. ”انسان“ ياد آيم، ”انسان بہ تہ اهڙيءَ حالت ۾ آهن! آخر اهي لچايون ڏاڍايون ڪيستائين؟...... وقت اچي رهيو آهي، جڏهن اسين سڀ انسان – هاري ناري، مزور ۽ ڪاسبي، پورهيت ۽ مظلوم – گڏجي اٿنداسين. پاڻ کي بدلائينداسين، ۽ سڀني ”رشيد“ جھڙن کي بہ بدلائينداسين.“

(مھراڻ، 1- 2/ 1958ع)

جنڙي (عبدالحق ”عظيم“)

”ڪٿي ويندئو؟“
”سدا آباد.“ مون چيو.
سدا آباد!“ ڪنڊيڪٽر وائڙو ٿي ويو. پھرين تہ هو هڪ ئي نظر ۾ مون کي ننھن کان چوٽيءَ تائين ڏسندو ويو، ۽ پوءِ ٽڪيٽ ڏيڻ بنا ئي اڳتي وڌي ويو، آءٌ کيس چانديءَ جو رپيو سڃيندي رهجي ويس.
”ابا، اهو ڪھڙو آهي سدا آباد وڃڻ وارو؟“ پويان ڪنھن ٽوڪ سان وڏي سڏ پڇيو.
”هيڏانھن آهي هڪڙو!“ پاسي ۾ ويٺل ٻئي ماڻھوءَ چنگ ڏني.
هاڻي آءٌ پاڻ وائڙو ٿي ويس. چوڌاري ڏٺم، سڀني جون اکيون مون ڏانھن هيون. سڀئي اچرج سان مون کي ڏسي رهيا هئا – ڄڻ تہ مون ”سدا آباد“ جو نالو وٺي ڪو گناھہ ڪيو هو، ڄڻ مون ”سدا آباد“ جو نالو وٺي سڀني کي چيڙايو هو. چئني پاسن جي تيز نگاهن ۾، مون ٿوريءَ دير لاءِ پنھنجو پاڻ کي ائين محسوس ڪيو، ڄڻ آءٌ هڪ پاڳل هوس، جنھن کي اتفاق سان لاريءَ ۾ چڙهي پوڻ جو وجهہ ملي ويو هو. ”آخر ڪنڊيڪٽر مون کي ٽڪيٽ ڇو نہ ڏني؟..... هي سڀ ماڻھو مون کي ڇا ٿا سمجهن؟“ آءٌ سوچڻ لڳس، ”سدا آباد، منھنجو ڳوٺ، وطن..... مون کي سدا آباد ئي تہ وڃڻو آهي..... پوءِ هي سڀ مون تي عجب ڇو پيا کائين؟......“
”ابا، تون سدا آباد وڃين ڇو ٿو؟“ هڪڙي پير مرد ڪي قدر تحيل سان مون کان پڇيو.
”ائين منھنجو ڳوٺ آهي.“
”ڪڏهن ويو آهين ويجهڙائيءَ ۾؟.... هونئن تون هينئر ڪٿي رهين؟“
هينئر تہ آءٌ شھر ۾ رهندو آهيان پھرين پڙهندو هوس، هاڻي نوڪريءَ ۾ آهيان. اسين ٻارهن سال ٿيا تہ لڏي اچي شھر ويٺا آهيون، تڏهن کان وري سدا آباد وڃڻ ڪو نہ ٿيو آهي – اڄ پيو وڃان.“
”تڏهن ٺھيو. ابا، هاڻي تون سدا آباد ڇو ٿو وڃين، وڻئي تيڏانھن وڃ، پر اتي اٿئي رڳو ڪاريءَ وارا ڪک! ڪي بہ ڪين اٿئي. او ....... اصل ڀڙڀانگ بيران لڳو پيوآهي، ڳوٺ سڄو اٿي ويو، ماڻھو ئي ڪونھي!.....“
”اڙي، هوءَ جنڙي جا آهي. وچ ۾ ئي، منھنجي پاسي ۾ ويٺل همراھہ انڪشاف جي انداز ۾ رڙ ڪئي.
”هائو هائو!..... جنڙي تہ هينئر بہ دڳ جهليو بيٺي هوندي!“ ٻئي چيو.
”اها سدائين دڳ جهليو بيٺي آهي. لاري ٿي ڏسي..... تہ اصل ڇتي ٿيو پوي!“ ٽئي چيو.
”لاريءَ تي اچي ٿي!....... پر هاڻي تہ ڊرائيور بہ سڃاڻي ويا اٿس، بيھارين ئي ڪو نہ!“
”وس گهڻيئي ٿي ڪري – هٿ لوڏي، واڪا ڪري، مٿو منھن پٽي، پوءِ پڇاڙيءَ جو لاريءَ پٺيان ڪاهيو پوي...... ڳچ پنڌ تي ڊوڙي!“
”ٿيا بہ ڪي ورهيہ اٿس – اها ئي کيتي اٿس. شروع شروع ۾ ٻہ ٽي دفعا ڪو لاريءَ وارن کي رحم اچي ويو، تہ چڙهي آئي مٿي. هڪڙي هڪڙي پاسينجر کي منھن ۾ غور سان چتائي چتائي، نھاريو، وريو ڪنڌ لوڏي! اکيون جي ڦاڙي ٿي، ماڻھوءَ کي ڊپ وٺيو وڃي! پوءِ تہ پاڻمرادو آهستي آهستي لھيو وڃي. ڪيھون ٿي ڪري ڇا! لاريءَ مان لھيو، وٺيو جو اوڇنگار ڏئي تہ ماڻھوءَ کي رحم اچيو وڃي!..... پوءِ، ڌڻي ڄاڻي، مطلب تہ الائي ڇا اٿس. هاڻي تہ لاري بيھي ڪا نہ، پر جنڙي انھيءَ دڳ تي ڀيرو ڪڏهن ڪو نہ گسايو!“
سڄي لاريءَ ۾ چڱو خاصو بحث شروع ٿي ويو. جنھن کي جيڪا معلومات هئي، سا پيش ڪرڻ لڳو. منھنجي پاسي واري همراھہ وري انڪشاف ڪيو:
”چون ٿا تہ اها جنڙي ماڻھوءَ کي ماريو کايو ڇڏي!“
”ٻہ سال کن ٿيا تہ اسان بہ ٻڌو هو تہ هڪڙي ڇوڪري کي ماري، ان جي چمڙي لاهي وڻ ۾ ٽنگي ڇڏيائين پوءِ ڏهن ڏينھن تائين پئي ان جو گوشت کاڌائين!.....“ اڇي ڏاڙهيءَ واري اها ڳالھہ اهڙي اعتماد سان ڪئي، ڄڻ تہ اهي ڏھہ ڏينھن هو پاڻ جنڙيءَ سان گڏ گوشت کائڻ ۾ شرڪي هو.
ٻيو چوڻ لڳو: ”اها تہ ٻن سالن جي ڳالھہ ٿي، پر اڃا تازو هڪڙو ٻن مھينن جو قصو ٿو ٻڌايان.... هن ڏائڻ رن جو تہ پاڇو بہ بڇڙو آهي! اسان جي ڳوٺ جي هڪڙي همراھہ کي اڦٽ ماري وڌائين- هي بُت هوس، ڪنڌار جوان..... لاري ڇُٽي ويس، رات وڳڙو هو، پنڌ ئي پنڌ اچي ڪو انھيءَ بڇڙيءَ سدا آباد کان لنگهيو..... رات ئي اها، چيلھہ صفا وٺجي رهيس..... صبح جو همراھہ ڄڻ هو ئي ڪو نہ!“
ماڻھو سڀ مٿ ٿي ويا. آءٌ بہ ذري گهٽ دهلجي ويس. لاريءَ جي سڀني ماڻھن کي جنڙيءَ جي خبر هئي، ۽ سڀني ماڻھن کي جنڙيءَ جون عجيب غريب ڳالھيون معلوم هيون. هو سڀ هڪٻئي کي پنھنجون پنھنجون ٻڌل ڳالھيون ٻڌائي رهيا هئا، تہ ڪي هن جي آدمخوريءَ ۽ نحوست جي عجيب واقعن کي ورجائي رهيا هئا. منھنجي دل بہ اهي خوف جون ڳالھيون ٻڌي گهٻرائي رهي هئي. ڪنھن وقت جيڪڏهن منھنجي طرف ڪنھن اڇاتري نظر ٿي ڪئي، تہ آءٌ عجيب ٻڏ- تر جي حالت ۾ مبتلا ٿي ويس ٿي – ڄڻ تہ هو اکين ئي اکين ۾ ائين چوندو هجي، ”ٻڌين پيو سدا آباد جون ڳالھيون؟ اتي جنڙي ٿي رهي، جيڪا ماڻھن کي کايو کپايو ڇڏي!“ جنڙيءَ جو ڀيانڪ تصور، منھنجي ذهن ۾ طرح طرح جا انداز اختيار ڪري رهيو هو. ڪنھن وقت آءٌ جنڙيءَ جو ڪارو ڪارو پاڇو منھنجي مٿي تي لھرائي رهيو هو، ۽ آءٌ بيماريءَ جي بستري تي پويان پساھہ کڻي رهيو هوس ۽ ڪنھن وقت وري پنھنجو پاڻ کي بلڪل مري ويل ڏسي رهيو هوس- منھنجي چمڙي مٿي وڻ ۾ ٽنگيل هئي، ۽ جنڙي منھنجو ماس ۽ هڏا کائي رهي هئي!
لاري پنھنجي پوري رفتار سان هلي رهي هئي. سدا آباد جيئن پوءِ تيئن ويجهي ٿي پوندي ٿي وئي، ۽ آءٌ اڃا اهو فيصلو نہ ڪري سگهيو هوس تہ مون کي ڇا ڪرڻو هو – سدا آباد لھي پوندس، اڳتي هليو ويندس، يا ڪٿي وچ تي ئي ترسي پوندس؟ سدا آباد کان سواءِ، ٻيو مون کي وڃڻو بہ ڪيڏانھن هو؟ ورهين کان پوءِ پنھنجي لاءِ ڏاڍو مشڪل هو. دريءَ کان ٻاهر، پري پري تائين خلائن ۾ نھاريندي. آءٌ پنھنجي سوچ ۾ بلڪل محو ٿي رهيو هوس، تہ جنھن پير مرد مون سان پھرين سوال – جواب ڪيو هو، ۽ جيڪو هيترو وقت خاموشيءَ سان فڪرمند بڻيو ويٺو هو، تنھن مون کي مخاطب ٿي چيو:
”ابا هاڻي سدا آباد جون خبرون تہ تو سڀ ٻڌيون، منھنجو ڳوٺ ويجهو آهي، رات جا چار پھر هلي اتي گذار، پوءِ صبح جو خيرن سان موٽي اچج.......... هروڀرو ڇو ٿو جزا ۾ هٿ وجهين؟ ٻئي ڪندي بہ اتي آهي ڪجهہ ئي ڪو نہ. هروڀرو وڃي هلاڪ ٿيندين. تو کي سدا آباد ڏسڻي آهي، سا اتي لاريءَ مان ڏسي ڇڏج....“
”چاچا ڀلي سدا آباد بہ اچي.“ مون ائين ئي، اڻ فيصلي واري انداز ۾ جواب ڏنو.
”تنھنجي مرضي، بابا، مون تہ توکي چڱي چئي آهي.“ پير مرد ائين چئي ماٺ ٿي ويو.
”همراھہ جي مرضي مڙئي اڃا بہ سدا آباد تي آهي.“ اڇي ڏاڙهيءَ واري ٽوڪ هنئي.
”هيتريون ڳالھيون، هيتريون مھاڙيون، تڏهن بہ ڀائوءَ کي سدا آباد ضرور وڃڻو آهي! ميان، ڪي ڏاهو ٿي، ڇو ٿو پنھنجو سر وڃائين!“ هاڻي ڪنڊيڪٽر بہ مون کي سمجهائڻ لڳو هو.
”ڀلي تہ سدا آباد جي سڪ بہ لھيس. هي اڄڪلھہ جا جوان انھن ڳالھين کي مڃيندا ئي ڪو نہ!“ اڇي ڏاڙهيءَ واري ٻي چوٽ ڪئي: ”ابا، تون وڃ، ....... سدا آباد تنھنجو ڳوٺ آهي نہ، اتي ڏاڍا باغ بنگلا لڳا پيا آهن..... ويچاري جنڙي تو لاءِ طعام تيار ڪري ويٺي هوندي!“
”اڙي پر چاچا، اوهان ڇو اچي ويچاري کي اجايو تنگ ڪيو آهي؟ هر ڪو پنھنجي مرضيءَ جو مالڪ آهي.“ اڳين سيٽ تان هڪڙي سنھڙي جوان چاچي کي وچ ۾ روڪيو:
”آخر هي بہ انسان آهي، حياتي سڀ ڪنھن کي مٺي آهي، جيڪڏهن ڄاڻي ٻجهي وڃي پاڻ کي هائيءَ ۾ هڻندو تہ سندس مرضي!..... جنڙيءَ جون ڳالھيون تہ اوهان بہ سڀ ڪري ڪري دنگ ڪيون– ڪنن سان ويٺي ٻڌائين- هاڻي مڃي نہ مڃي، ڌڻي وس وارو آهي. جنڙيءَ کان اڳ ۾ هن جو ساھہ تہ اوهين پيا ڪڍو!“
”ڀائي، نيت مراد سندس، ڪنھن جي قبر ۾ ٿورو ئي پئبو، ڇڏي ڏيوس!“ ڪنڊيڪٽر چيو.
ڪنديڪٽر پويان لفظ اهڙي انداز ۾ چيا جو مون ائين محسوس ڪيو تہ هاڻي مون کي روڪڻ لاءِ شايد ڪو بہ زور ڪو نہ ڀريندو. ۽ سچ پچ تہ ان کان پوءِ سڀ خاموش ٿي ويا. ”هاڻي تہ مون کي سدا آباد تي ضرور لھڻو پوندو!“ ائين سوچيندي ئي گهڙيءَ لاءِ تہ منھنجو بت ڄڻ ساھہ ڇڏي ويو. هونئن تہ جنن ڀرتن تي منھنجو ويساھہ بلڪل ڪونھي، پر ڳالھيون سڀني اهڙيون پئي ڪيون جو آءٌ سچ پچ تہ ضرورت کان زيادہ ڊڄي رهيو هوس.
هاڻي سدا آباد کي ڪو ميل – ڏيڍ پنڌ وڃي رهيو هو. دل ۾ ڪئين دليل پيدا ٿيڻ لڳا. ذهن بلڪل تيزيءَ سان ايندڙ گهڙين لاءِ سوچڻ لڳي ويو: ”آخر هي ماڻھو جنڙيءَ جا ورهين کان واقف آهن، آخر ڪا تہ ڳالھہ هوندي!..... ڀلا، جڏهن سدا آباد جو ڳوٺ ئي ڦٽي ويوآهي تہ پوءِ اتي وڃڻ جو ضرور ئي ڪھڙو؟...... پر هاڻي واپس بہ ڪيڏانھن وڃبو؟...... آخر هن لاريءَ مان تہ لھڻو ئي آهي!...... ۽ جيڪڏهن جنڙيءَ مون کي ڏسي ورتو تہ پوءِ.....؟ پوءِ....؟ مون کي ماري ڇڏيندي!..... ڇو ماريندي؟ ڪيئن ماريندي؟...... جيڪڏهن ان ۾ ايڏي طاقت آهي تہ پوءِ لاريءَ کي ڇو نہ ٿي ڪيرائي ڇڏي؟ تڏهن هن جي پاڇي پوڻ سان ماڻھو ڪيئن ٿا مريو وڃن؟ تڏهن ڀلا هي سڀ ماڻھو ڪوڙ ٿا ڳالھائين ڇا؟..... پر اهي سڀ ماڻھو ڪو جنڙيءَ سان روبرو ڳالھائي بہ آيا آهن ڇا؟ يا وري جنڙي پاڻ هنن کي اچي اهي سڀ ڳالھيون ٻڌائي ويئي آهي؟...... ماڻھن کي هونئن بہ تيليءَ مان ٿنڀ بڻائڻ جي عادت ٿيندي آهي.... هي تہ سادا سودا ڳوٺاڻا ماڻھو آهن، جيڪي ٻڌن تنھن تي ويساھہ ڪن..... تڏهن تہ هي دوا بدران تعويذ ڪرائين، تڏهن تہ هنن کان هر ڪو ڦريو کايو وڃي، تڏهن تہ هي بکيا ۽ بيحال آهن!...... ڪجهہ ڪونھي، ڪجهہ ڪونھي، جنڙيءَ ٻنڙيءَ جو خيال سڀ فضول آهي!.....
هوندي، مون کي ڇا ڪندي؟ آءٌ تہ پنھنجي ڳوٺ وڃي رهيو آهيان، سدا آباد!“ يڪايڪ پنھنجي وطن جي پياس جو جذبو ڦاٽ کائي اڀري آيو – ڪيئن بہ هجي، آءٌ اوڏانھن ضرور ويندس!“ بنا ڪنھن وڌيڪ ويچار جي ، مون سدا آباد تي لھي پوڻ جو پڪو فيصلو ڪري ڇڏيو، ۽ دل کي طرح طرح جا ڏڍ ڏيئي، ان لاءِ تيار ڪري رهيو هوس تہ جيئن ئي سدا آباد جي سرزمين ايندي آءٌ هڪدم لاريءَ مان لھي پوندس.
* * *
لاري هاڻي سدا آباد کان صرف سڏ پنڌ تي هئي. پري کان سدا آباد جا ويران نظارا نظر اچي رهيا هئا. وڏا وڏا سريل جا وڻ، جن جون ڦريون اسين ننڍي هوندي پيرن سان ٻڌي ڇم – ڇم ڪري نچندا هئاسين، سڪي سڙي ويا هئا. جتي اڳ ٻنين ۽ باغن جي ساوڪ ۽ هٻڪار هئي، اهي غير آباد زمينون ڄڻ صدين کان پاڻيءَ جون پياسيون معلوم ٿي رهيون هيون. ڪا بہ اڏاوت ثابت ڪا نہ هئي، سر سر کان الڳ هئي – سواءِ ڪنھن ايڪڙ ٻيڪڙ ڊهندڙ ڀتين جي، جيڪي لھندڙ سج جي جهڪيءَ روشنيءَ ۾ پري کان فقط پاڇولن جي ڏيکاري ڏيئي رهيون هيون. البتہ هڪڙي چار ديواري سا قائم هئي، جيڪا پنھنجي ويرانيءَ ۽ زبونيءَ جي زبان سان هن ڳوٺ جي اڳئين اوج تي نوحه خواني ڪري رهي هئي. چوڌاري ننڍن دڙن جو هڪ وڏو سلسلو ڦھليل هو، ۽ ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي موجودگيءَ جا آثار ئي نظر نہ ٿي آيا.
”اوجها، ويٺي آهي رن ڏائڻ!“ ڊرائيور جي اوچتي رڙ سان منھنجا وار اڀا ٿي ويا. خوف جي هڪ مبھم احساس، دل کي ٿوريءَ دير لاءِ وسوسي ۾ وجهي ڇڏيو. دريءَ کان ٻاهر ليئو پاتم. هڪ ابتر حالت عورت، ٻانھون لوڏيندي جهومندي، لاريءَ جو رخ رکيو پئي آئي. لاري شرڙاٽ ڪندي سندس اڳيان نڪري وئي، ۽ هوءَ پويانڊوڙندي، واڪا ڪندي، چڱي پنڌ تائين هلي آئي.
”ڀائو، ڇا خيال آهي...... لھندئو يا.....؟“ ڪنڊيڪٽر پڇيو.
”ها“
منھنجي انھيءَ جواب تي سڀ حيران ٿي رهيا هئا. سڀئي مون کي عجيب عجيب نظرن سان ڏسي رهيا هئا. ڪن جي اکين ۾ بي انتھا همدردي هئي، تہ ڪي مون کي انتھائي قسم جو احمق سمجهي رهيا هئا، ليڪن منھنجي همت انھن سڀني کي ڪجهہ ڳالھائڻ جو موقعو ئي نہ ڏنو. لاري ڳچ پنڌ اڳتي هلي بيھي رهي. آءٌ هيٺ لھي رهيو هوس تہ اندران ڪو چئي رهيو هو: ”ٻيلي، مڃين نہ ٿو، باقي ڏسجئين ويٺو، ڏاڍو هلاک ٿيندين!“ پر هاڻي لاري هلڻ لڳي هئي، ۽ مون کي ڌوڙ جي بادلن ۾ لٽيندي، جلد ئي گهڻو پري نڪري وئي.
جڏهن رستو لاريءَ جي لٽ کان صاف ٿي ويو، تہ مون پوئتي هلڻ شروع ڪيو. سدا آباد جي سرزمين تي پھچي، ٿوري دير لاءِ دل کي هڪ خاص قسم جي خوشي محسوس ٿيڻ لڳي. ليڪن جيئن ئي مون کي پنھنجي مڪمل تنھائي جو احساس ٿيو، تہ قدم خود بخود رڪجڻ لڳا. آسپاس جي ماحول تي نظر ڦيرايم، پھر بہ ڪا نہ هئي. نما شام جو وقت هو، ۽ هوا تمام ڇوٽ پئي هلي، پر منھنجي پيشاني پگهر سان تر ٿي رهي هئي. اوچتو ئي، هوا ۾ رڙين ۽ دانھن جا تيز پڙلاءَ گونجي ويا، ۽ رستي جي موڙ کان جنڙي ايندي نظر آئي. منھنجو ساھہ مٺ ۾ اچي ويو. جيڪو قدم جتي، سو تتي سڪ ٿي ويو. ”ها ها ها ......!“ جنڙيءَ مون کي ڏسي ورتو هو. هوءَ اتان ئي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندي، مون ڏانھن ڪاهيندي آئي. ٿورو پرتي پھچي هوءَ بيھي رهي، ۽ عجيب عجيب نظرن سان مون ڏانھن نھارڻ لڳي – ڄڻ تہ کيس منھنجي موجودگيءَ جو يقين ئي نہ پئي آيو. پوءِ هوءَ تيزيءَ سان مون ڏانھن وڌڻ لڳي ۽ تھان ئي وڏا ۽ هيبتناڪ ٽھڪ ڏيڻ شروع ڪيائين. هن جي خطرناڪ قسم جي ٽھڪن ۽ انتھائي ڀوائتيءَ شڪل منھنجا حوصلا توائي ڪري ڇڏيا. آءٌ جتي هوس، اتي ئي ڄمي رهيس. هوءَ بنھہ ويجهي پھچي آئي، ۽ منھنجي اڳيان اچي، بلڪل عجب طرح سان ٺينگ ٽپا ڏيڻ ۽ جهمريون هڻڻ ڳي. اڌيڙ عمر جي ضعيف عورت، منھن ۽ بت ڀڀوت، اکيون ڦوٽاريل، وار کنڊريل جن ۾ چيڙھہ ۽ مٽيءَ جا ٻڪ، ڪپڙا ليڙون ليڙون جن مان سندس عرياني پئي ظاهر ٿي، پيرن تي گري جا تھہ – بلڪل جنڙيءَ جھڙي ڏيکاري ڏئي رهي هئي! نچندي ۽ جهمريون هڻندي، هن منھنجي چوڌاري ڦرڻ شروع ڪري ڏنو. جهيڻي جهيڻي آواز ۾ ڪجهہ جهونگاريندي رهي، ڦرندي رهي.... شام جا پاڇولا، ڦھلجندي ڦھلجندي، رات جي اونداهيءَ ۾ تبديل ٿي رهيا هئا، پر هوءَ اڃا تائين پنھنجو رقص ڪندي رهي هئي ۽ آءٌ اڃا تائين هڪ محدود دائري ۾ قيدي بڻيو بيٺو هوس. سمجهہ ۾ ئي نہ پئي آئيم تہ ڇا ڪريان. ٽنگون بنھہ ڪاٺ، هوش حواس گم، همت ڪم ڏئي نہ، عقل – جنڙيءَ جي گهيريءَ ۾، پنڊ پھڻ بڻيو، بيوس بيٺو رهيس. ڳچ دير کان پوءِ هن وري ٽھڪ ڏيڻ شروع ڪيا – ”ها ها ها ها ها ها “......... ها ها ها ها ها ها! ....... ها ها ها ها ها .....!“ ۽ منھنجي منھن ۾ غور سان ڏسندي، ڪڙڪيدار آواز ۾ چوڻ لڳي. ”منھنجي پٺيان اچ!“ هوءَ اڳيان آءٌ پويان – ڄڻ جلاد ڦاهيءَ چاڙهڻ وٺيو پئي ويم.
سنھن سوڙهن پيچرن مان، ڪنڊا ۽ ڪرڙ لتاڙيندي، هوءَ اچي انھيءَ چار ديواريءَ وٽ بيٺي، جنھن کي مون لاريءَ مان پري کان ڏٺو هو، ۽ جنھن کي کٻڙن ۽ ڪانڊيرن جا جهڳٽا گهيريو بيٺا هئا. هن هڪ پاسي کان ڍنگهر هٽايو، ۽ اندر هلڻ لڳي. اندر پھچي، پٽ تي پيل هڪ تڏي ٽڪر تي ويھڻ جو اشارو ڪيائين، جنھن جون تندون ڪي باقي وڃي بچيون هيون. مون چپڙي ڪري حڪم جي تعميل ڪئي، ۽ پوءِ هوءَ ساڳيءَ طرح جهومندي ۽ ٽھڪ ڏيندي پاسي واريءَ ڪوٺيءَ ۾ هلي وئي.
منھن – اونداهي اچي ٿي هئي. اندر ڪافي اوندھہ هئي، پر ڀتين جي ڀڳل پاسن مان ڪي قدر ٻاهر جو سوجهرو اچي رهيو هو. اڪيلو ئي اڪيلو، ھھڙي مصيبت جي حالت ۾ پنھنجي موت جون گهڙيون شمار ڪندي،مون کي پنھنجا ڀائر ۽ ڀينرون، ماءُ ۽ پيءُ ياد اچي ويا. گذريل زندگيءَ جا واقعا فلمي پردي جي سينرين جيان اکين آڏو اڀري آيا. عزيزن ۽ دوستن سان گذريل گهڙيون، پيار ۽ خوشيءَ جون انيڪ يادگيريون، سڀ مون کي ان وقت بيحد بيقرار بڻائي رهيون هيون. لاريءَ جي سموري سرگذشت کي ياد ڪري، آءٌ پنھنجي نصيب تي ڄڻ روئڻ لڳس. مون کي اهي آخري لفظ بہ ياد اچي رهيا هئا: ”ٻيلي، مڃين نہ ٿو، باقي ڏسجئين ويٺو، ڏاڍو هلاڪ ٿيندئين!“ .... مون کي پنھنجي موت جو ايترو يقين ٿي ويو هو، جو آءٌ هتان ڀڄي نڪرڻ جي همت بہ نہ ٿي ساري سگهيس، چپ چاپ، اهو انتٺظار ڪري رهيو هوس تہ جنڙي ڪھڙيءَ طرح ٿي اچي منھنجا پساھہ پورا ڪري، ۽ منھنجي چمڙيءَ کي ماس کان الڳ ڪري!
ائين ئي، اوچتو هن منھن ڪڍيو. هڪڙي هٿ ۾ پتل جو ڪسيل لوٽو ۽ ٻئي هٿ ۾ مانيءَ جو ٽڪر کڻي اچي اڳيان بيٺي، ۽ خلاف توقع، پيار ڀرئي لھجي ۾ چيائين: ”توکي بک لڳي هوندي!“ وري چيائين: ”تون ٿڪجي پيو هوندين!“ پاڻي ۽ ماني منھنجي اڳيان ڇڏيندي، هوءَ وري بہ ڪوٺي ۾ هلي وئي. بک ڪھڙي ڪمبخت کي هئي – اها تہ ڪڏهوڪو مري چڪي هئي. نڙي البتہ سڪي وئي هئي، هٻڪندي هٻڪندي، پاڻيءَ جو لوٽو پي ڇڏيم. هوءَ وري هڪ ڦاٽل رلھي کڻي آئي، جنھن جو ڪو بہ پلئہ سڄو ڪو نہ هو، ان کي ٻيڻو ڪري پٽ تي وڇايائين. ”هتان سولو ٿي ويھہ“ – ائين چئي، هوءَ پاڻ بہ منھنجي سامھون ويھي رهي. پر هاڻي مون ڏٺو تہ هوءَ ڪپڙن کي ڇنڊي ٺاهي، هٿ منھن تي پاڻي وجهي، وار سنوان ڪري، چڱي موچاري، ڏسڻ جھڙي ٿي آئي هئي، ۽ سندس چھري تي ڳنڀيرتا ۽ نمرتا جا آثار نمايان هئا.
چنڊ مٿي چڙهي آيو هو، ۽ ان جا ڪرڻا، ڀت جي پاسيري ڏار مان گذرندا، اسان ٻنھي جي وچ ۾ اچي ٿي پٽ تي پيا. هوءَ منھنجي سامھون ويٺي، مون کي تکين تکين نظرن سان گهوري رهي هئي. مون کي سمجهہ ۾ ئي نہ ٿي آيو تہ منھنجي ڪھڙي حالت ٿيڻ واري هئي. اوچتو ئي اوچتو، هن کي الائي ڇا ٿي ويو – ”ها ها ها هاها ! ...... ها ها ها ها ! ....... ها ها ها ها ها ها!“ هوءَ وري زور زور سان ٽھڪ ڏيڻ لڳي.
”آءٌ سمجهان ٿي، تون ڊنو آهين!...... ها ها ها!...... ها ها ها ! ...... ها ها ها ها !...... تون ڊنو آهين؟ ........ ها ها ها ها ها.... اڙي چريا، ماءُ کان ٿو ڊڄين!....... ها ها ها!........ تون ڊڄين ٿو...... موهن! توکي ڇا ٿي ويو آهي؟ لڪشمي هجي ها تہ ڪڏهن نہ ڊڄي ها! ...... ها ها ها ها ! ..... توهين سڀ مون کي اڪيلي ڇڏي هليا ويا....... پر مون اوهان کي ڪڏهن ڪو نہ وساريو! ڪڏهن ڪو نہ وساريو...... ها ها ها ها ها ....... ها ها ها ها ها....... ها ها ها ها ها !“ هوءَ الائي ڇا چئي رهي هئي. سندس زوردار ٽھڪن سان سڄي سدا آباد گونجي رهي هئي. مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو تہ سڄي ڪائنات، چنڊ ۽ ستارا، ڌرتي ۽ آسمان سڀ لرزي رهيا هئا، ۽ هن جي ٽھڪن جي گونج سڄيءَ دنيا ۾ پھچي رهي هئي.
هان هوءَ وري ڳنڀير ٿي وئي، ۽ ڪجهہ سوچيندي سوچيندي ڪوٺيءَ ۾ هلي وئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ ٻاهر آئي، تہ هٿن ۾ ڪرشن ڀڳوان جي مورتي، هڪ ڪٽوري، لوبان ۽ ڪجهہ اگربتيون کڻي آئي. مورتيءَ کي ڀت سان بيھاري، واس کوائي، بيحد قرب ڀرئي لھجي ۾ مون کي چوڻ لڳي: ”موهن، اچ پرارٿنا ڪريون!“ آءٌ پرارٿنا لاءِ اٿي، سندس پاسي ۾ ٿي ويٺس. هوءَ هوريان هوريان جهومي رهي هئي، ۽ ڪجهہ آلاپي رهي هئي. ڪجهہ دير کان پوءِ مون ڏانھنس نھاريو. مون کي هينئر هن جي اکين ۾ هڪ عجيب قسم جي چمڪ نظر آئي – ائين پئي ڀانيو، ڄڻ تہ کيس اها من جي شانتي ملي وئي هئي، جنھن لاءِ هوءَ ورهين کان وٺي تلاش ۾ هئي. آهستي آهستي، هن پنھنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون. گهڻيءَ گهڻي دير تائين، بلڪل خاموش ۽ بي حرڪت بڻي، هوءَ اندر جو آنند ماڻيندي رهي..... ۽ پوءِ، اوچتو ئي، يڪ بہ يڪ هوءَ مورتيءَ جي اڳيان ڪري پئي. هوءَ تمام جهيڻي آواز ۾ چئي رهي هئي: ”موهن!............... تون هاڻي موٽي وڃ..... مون کي آرام ڪرڻ ڏي..... لڪشميءَ کي ڀاڪر پائج...... ۽ ......“ هوءَ وڌيڪ ڪجهہ چئي نہ سگهي. سندس ساھہ گهٽجي رهيو هو. هن آخري مرتبو پنھنجين ٻڏندڙ نگاهن سان مون ڏانھن نھايرو ۽ پوءِ وري اکيون پوري ڇڏيون....... نگاهون نہ هيون، مامتا جي محبتن ۽ حسرتن جو اٿاھہ ساگر هو، جنھن جي هڪ ڇوليءَ ۾ آرزوئن جا هزارين افسانا سمايل هئا. مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو. ڄڻ هيءَ منھنجي ماءُ هئي، جيڪا سدا آباد جي هن سڃ ۾ فقط منھنجي انتظار جي سھاري جي رهي هئي! منھنجي اکين ۾ عقيدت جا ڳوڙها تري آيا، ۽ هن جي ڪنڌ کي آهستي آهستي کڻي، پنھنجي گوڏي تي رکيم، پوءِ، گهڻي ادب ۽ احترام سان، مون هن جي چتا جوڙي، ۽ تمام حب ۽ اخلاص سان هن جي پاڪ روح لاءِ رعائون گهرندو رهيس.
چنڊ لھي رهيو هو، ۽ صبح جو سھائي آهستي آهستي اسري رهي هئي، تہ آءٌ ڪريا ڪرم جي ڪم سان فارغ ٿي چڪو هوس. ان وقت مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو تہ سدا آباد منھنجي ”ماتر ڀومي“ آهي، جنھن ۾ منھنجي مقدس ماءُ جو روح سدائين لاءِ آرامي آهي.

(مھراڻ، 1 ، 2 – 1960ع)

سيمينٽ جي پُتلي(رشيدہ حجاب)

صبح جو وسل وڄي رهي هئي. هوءَ ٻار کي ڦٽو ڪري وڃي دريءَ ۾ بيٺي. هن جو اهو معمول هو. صبح، شام، رات، جنھن وقت بہ وسل ٿيندي هئي. هوءَ وڃي دريءَ ۾ بيھندي هئي. ان ڳالھہ تي رات بہ هن سيٺ صاحب جون ڪيتريون چماٽون کاڌيون هيون، پر هوءَ اڄ وري دريءَ ۾ بيٺي هئي. هوءَ ائين ڪرڻ تي مجبور هئي.
صبح جي وسل ڪم تي چڙهڻ جي وسل هئي، ۽ مزور جلدي جلدي، وڏا وڏا پير کڻندا، فيڪٽريءَ جي ديو – قامت عمارت ۾ داخل ٿي رهيا هئا، پر مزور عورتون اطمينان سان پٺيان آهستي آهستي کلنديون ٽھلون ڪنديون پئي آيون. فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي سيٺ صاحب ڪافي سھولتون ڏئي ڇڏيون هيون. هو ٻاهرين ملڪ ۾ ڪافي عرصو رهي آيو هو، ۽ عورتن جي حقن کي چڱيءَ پر سڃاڻندو هو. جيڏي نفرت ۽ حقارت هن کي مزور مردن سان هوندي هئي، اوتري عورتن سان محبت ۽ شفقت.
چنچنل، شوخ مزدور رڙين جي ٽلي پٺيان آخر ۾ زيبو هئي، گنڀير ۽ خاموش، هوءَ هميشہ وانگر اڄ بہ چپ چاپ، سڀني کان جدا، ڪنڌ جهڪائي اچي رهي هئي.
هوءَ، جيڪا پنھنجي موت تي ڪڏهو ڪو صبر ڪري ويٺي هئي، زيبوءَ جو اداس چھرو ڏسي چپ ڪري نہ سگهي، هن جون اکيون ڀرجي آيون.
”زيبو ڪيڏي نہ اداس ۽ خاموش نظر اچي، هن جي چيلھہ بہ جهڪي وئي آهي، ”هوءَ سوچڻ لڳي. ڪڏهن هوءَ زيبو بہ ٽپا ڏيندي فيڪٽريءَ ۾ داخل ٿينديون هيون!
***
موڪل جي وسل وڄي رهي هئي. هوءَ فيڪٽري جي وڏي گيٽ وٽ بيھي زيبوءَ جو انتظار ڪري رهي هئي. زيبوءَ کي پويان ايندو ڏسي، هوءَ ڪاوڙجي چوڻ لڳي، ”الا، زيبي، ڪيڏو رستو ڏيکاريو اٿئي! ڪيتري دير کان بيٺي آهيان، ٻيا تہ سڀ هليا بہ ويا.
”اڙي شمي، ڇا ٻڌايانءِ، ان چنڊي ڪاڻي ڏي ويئي هيس!“
”اين اين! مئنيجر صاحب جي شان ۾ ايتري گستاخي، هان! چوان مئنيجر کي؟“
”اڙي ڇڏ، هل تہ هاڻي نڪرون، پاڇا لڙي ويا آهن، ٻار روئيندا هوندا.“
سج لھي ويو هو، ۽ آهستي آهستي اونداھہ ٿي رهي هئي. هو ٻئي تڪڙيون تڪڙيون ڳوٺ جي طرف وڃي رهيون هيون!
”زيبو، تون مئنيجر وٽ ڇو ويئي هئينءَ“ هن اوچتو سوال ڪيو.
زيبو هن جي منھن ۾ چتائي ڏٺو، پر اونداھہ جي سبب ڪجهہ سمجهي نہ سگهي.
”اسين مئنيجر وٽ ڇو ويندا آهيون؟“ زيبوءَ لاپرواهيءَ سان چيو. هوءَ ڪجهہ نہ ڪڇي.
ٿوري دير رکي زيبوءَ وري چيو: ”شفوءَ کي ڪيڏا ڏينھن ٿيا آهن تہ بخار لھيس ئي ڪو نہ ٿو. ڪالھہ ڊاڪٽر چيو تہ مدو اٿس، مدي جي بخار جون دوائون بہ تہ ڏاڍيون مھانگيون آهن!“
”هي مئا بخار بہ مئنيجر ۽ سيٺ وانگر انڌا آهن. ڀلا ڪکائين جهوپڙين ۾ هنن لاءِ ڇا رکيو آهي؟ عيش ئي ڪرڻو اٿن تہ انھن بنگلن ۾ وڃن، جتي قيمتي دوائن ۽ اعليٰ ميون جا ڍير هجن. هتي تہ اها جوئر جي ماني ۽ لسيءَ جو وڏو اٿن. پاڻيھي منھن ڦڪو ڪري ڀڄي ويندا.“
”تون چري آهين، شمي، تڏهن ٿي ائين چوين. مون کي تہ نہ ڏينھن جو آرام آهي ۽ نہ رات جو قرار، الائي ڪيئن ٿيندو منھنجو يتيم شفو!“ زيبوءَ ميري رئي جي پلاند سان اکيون اگهي چيو.
”ﷲ خوش ڪندس. ها، ٻڌاءِ مئنيجر پئسا ڏنا توکي؟“
”اجهي، ٻہ رپيا هٿ تي رکيائين. ڪيترو ستايومانس، پر ﷲ تہ هنن جي دل سيمينٽ جي پٿر جي ٺاهي آهي، جنھن تي ڇنڊو پوي، تہ بہ اثر نہ ٿئي!“ زيبوءَ اداسيءَ سان جواب ڏنو.
”زيبي، هي مون وٽ ڏھہ رپيا آهن، تون کڻ.“ رئي جي پلاند مان ميرو نوٽ ڪڍي هن زيبوءَ کي ڏنو.
زيبو ڪجهہ چوڻ چاهيو تہ هن چيو، خبردار، زيبي، ڪجهہ نہ چئجانءِ شفو! تنھنجو پٽ آهي تہ منھنجو بہ ڀاڻيجو آهي. شفوءَ کي چئجانءِ تہ مان رات جو اچي کيس ”لال بادشاھہ“ واري ڳالھہ ٻڌائيندس. هاڻي وڃان ٿي، بابا رستو ڏسندو هوندو!“
هو ٻئي اونداھہ ۾ مختلف رستن تي مڙي ويون.
***
سيمينٽ جي فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندي هن کي پنجون سال پورو ٿي رهيو هو. هوءَ جڏهن پھرين فيڪٽريءَ ۾ آئي هئي تہ تيرهن – چوڏهن سالن جي سنھڙي سڪل ٻارڙي هئي، پر انھن پنجن سالن ۾ هوءَ وڌي وڻ ٿي ويئي هئي پنج سال اڳ واري سڪل شميءَ ۽ اڄ جي شميءَ ۾ زمين آسمان جو فرق هو. ڏاڍي سھڻي تہ ڪانہ هئي، پر تڏهن بہ هڪ دفعي کيس ڏسڻ کانپوءِ ٻئي دفعي ڏسڻ جي خواهش کي ڪير بہ دٻائي نہ سگهندو هو. شيطان بہ ڏاڍي هوندي هئي. ڪم وارين جي ٽوليءَ ۾ هڪ اها هوندي هئي، جنھن جون اکيون چمڪنديون هيون ۽ چپ مرڪندا هئا. ان ڏک ڀرئي انسانن جي ٽليءَ ۾ هوءَ ئي زندگيءَ جي لھر هوندي هئي.
فيڪٽري هن کي پنھنجو گهر لڳندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن واندي هوندي هئي تہ هيڏانھن هوڏانھن پيئي ڦيرا ڏيندي هئي. پٿر کان وٺي سيمينٽ ٺهڻ تائين، هن کي هر ڪا خبر هئي. هڪ ڏينھن جڏهن هوءَ معمول جي مطابق، سيمينٽ جون ننڍڙيون ڳوڻيون کڻي رکي رهي هئي تہ هڪ بس ۾ لشڪر ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جو اچي لٿو. ٻہ عينڪن وارا مرد انھن کي هڪ هڪ شيءَ ڏيکاري رهيا هئا ۽ انگريزيءَ ۾ گٽ مٽ ڪري رهيا هئا.
هوءَ، جيڪا انھن پرين جي لشڪر کي ڏسي حيرت ۾ ٻڏي وئي هئي، تڏهن هوشيار ٿي، جڏهن هڪ ڇوڪري، بنھہ هن جي ڀرسان، ٻئي کي چيو:
”اڙي يار، هي سيمينٽ جي فيڪٽريءَ ۾ ڪنول جا گل ڪٿان آيا؟“
”ڪنول جا نہ، سيمينٽ جا گل چئہ! مٿو هڻندين، تہ مٿو ڦاٽي پوندءِ، پر هنن گلن کي اثر ڪو نہ ٿيندو!“ ٻئي ٽيڏيءَ اک سان هن کي ڏسندي چيو.
هوءَ حيران هئي. شھر ۾ ڪم ڪندي هن کي پنج سال ٿيا هئا، ان عرصي ۾ هوءَ ڪافي چالاڪ ٿي وئي هئي. ٻين ڳوٺاڻن وانگر ”ٽيشڻ“، ”ٽڪس“، ”ڏاڪدار“ وغيرہ قسم جا اکر نہ ڳالھائيندي هئي، پر تڏهن بہ اهڙي هوشيار نہ ٿي هئي جو اهڙي قسم جا جملا سمجهي سگهي.
ڇوڪرا اڳتي وڌي ويا. هن جي ڀرسان گلان ڳوڻيون رکي رهي هئي. هن ويندڙ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن کي ڏسندي چيو، ”چاچي گلان، هي ڪير هئا؟“
”اڙي، تو کي خبر نہ آهي؟ سچي، جڏهن کان تون هتي آئي آهين، هي صرف هڪ دفعو آيا آهن، اهو بہ تڏهن، جڏهن ان ڏينھن تون فيڪٽري نہ آئي هئينءَ“
”ٺھيو، پر آهن ڪير؟“ هن گلان جي ڳالھين کان تنگ اچي چيو.
ها، ٻڌايانءِ ٿي، تہ اهي ڪاليج جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون آهن، ۽ ٻہ ڄڻا جيڪي اڳيان هئا، سي انھن جا ماستر هئا. هتي اهو ڏسڻ آيا آهن تہ سيمينٽ ڪيئن ٿو ٺھي!“
”اهو ڏسي ڇا ڪندا؟ ڪتابن ۾ سيمينٽ جو ڪھڙو ڪم؟ واھہ چاچي، مون کي ٿي چريو ڪرين! ٽي سنڌي ڪتاب تہ مون بہ ماستر يعقوب کان پڙهيا آهن!“
”نہ امڙ، سچ ٿي چوان. مون کي اڳي انھن ڇوڪرين ئي ٻڌايو هو. اجهو، موٽن پيا تون پاڻ پڇين!“
”اونھہ، مون کي ڪھڙي گتي پيئي آهي!“ هن کي انھن ڇوڪرن جي ڳالھين جو خيال اچي ويو.
هو سڀ وري اچي هن جي ڀرسان بيٺا هئا. هڪ ماستر هڪ ڇوڪريءَ کان پڇي رهيو هو تہ پٿر مان سيينٽ ٺاهڻ لاءِ ڇا ڇا ٿو ڪجي؟ ڇوڪري منجهي بيھي رهي، هوءَ دل ئي دل ۾ کلي پئي.، هيڏي ساري فيشن ايبل ڇوڪريءَ کي اها بہ خبر نہ آهي! کيس تہ هر ڪا خبر هئي – ڪٿان پٿر پورو ٿي وڏن وڏن نلن ذريعي مٿي چڙهندو هو، ڪيئن ڳارو ٿي، مختلف کورن مان لنگهي، سيمينٽ جا گولڙا ٺهندا هئا، ۽ انھن کي ڪيئن وري ٻورو ڪري سيمينٽ جي شڪل ڏبي هئي. هوءَ دل ئي دل ۾ پاڻ کي انھن ڇوڪرين کان بلند سمجهڻ لڳي.
بس ۾ چڙهڻ وقت هڪ – ٻن ڇوڪرين، ڪپڙن ۽ وارن کي رومال سان صاف ڪندي چيو:
”توبھہ، کڏ ۾ پوي اهڙي ڪيمسٽري، اسان جي تہ ڪپڙن ۽ وارن جي ستياناس ٿي ويئي!“
هن ٻڌو، ڪا ٻئي ڇوڪري انھن کي چئي رهي هئي، ”توهان ذرڙي سيمينٽ لڳڻ تي رڙيون ٿيون ڪريو، هوڏانھن ڏسو!“ هن مٿي ڏٺو، سڀ ڇوڪريون هنن کي ڏسي رهيون هيون.
”ڪمال آهي، هنن جا تہ منھن بہ نظر نہ ٿا اچن، رڳو سيمينٽ ئي سيمينٽ!“
”جھڙيون سيمينٽ جون پُتليون!“ ڪنھن ڇوڪريءَ جو آواز هو.
بس هڪ تيز آواز سان گيٽ کان ٻاهر نڪري وئي. هن جي ڪنن ۾ اڃا ان نامعلوم ڇوڪريءَ جا اکر گونجي رهيا هئا – ”جھڙيون سيمينٽ جون پتليون!“
هن هيڏانھن هوڏانھن ڪم ڪندڙ عورتن کي ڏٺو، ۽ آخر ۾ هن جون نظرون پنھنجو پاڻ تي ڄمي ويون.
هٿ، ٻانھون، ڪپڙا – سڀ سيمينٽ سان ڀريل هئا. هن آهستي آهستي پنھنجا هٿ منھن ۽ ڪنڌ تي ڦيريا تہ اتي بہ سيمينٽ جي ڪڇ ڪڇ محسوس ٿي. هن سوچيو، ”واقعي ئي اسان سيمينٽ جون پتيلون آهيون. ڪٿي من تي بہ نہ چڙهي وڃي.“ هن ننھن سان ٻانھن جو سيمينٽ کرڙي ڏٺو تہ سرمائي رنگ جي هيٺان چڱي صاف چمڙي نڪري آئي. پنھنجي حصي جون ٻہ سئو ڳوڻيون رکي، هوءَ ٻاهر نڪري آئي. هن جو ڪم ختم ٿي ويو هو. اڄ هوءَ نل تي بيھي، دير تائين پنھنجو منھن ڌوئڻ لڳي. هر دفعي هوءَ ٻانھون ڌوئي ڏسي رهي هئي. زيبو ڪيتريءَ دير کان هن جون اهي حرڪتون ڏسي رهي هئي. جڏهن ڇهون دفعو هن پنھنجيون ٻانھون ملي ملي ڌوتيون، تہ هوءَ اڳتي وڌي آئي. هٿ سان هن جي کاڏيءَ کي جهلي، هوءَ هن جي اکين ۾ گهورڻ لڳي.
”ڇا ڪري رهي آهين، شمي؟“
”ڪجهہ نہ، سيمينٽ ٿي صفا ڪريان.“
”ڇو؟“
”ڇو؟ اڙي، سڄو ليپ اچي ويو آهي سيمينٽ جو، صاف نہ ڪريان ڇا؟“
”ڀلي صاف ڪر، مان تو کي جهليان نہ ٿي، پر ايترو ضرور چونديسانءِ تہ اهو سيمينٽ جو ليپ سڀني تي ٿيل آهي. ڪنھن جي تَنَ تي تہ ڪنھن جي مَنَ تي!“
زيبو خاموشيءَ سان اسٽور روم جي طرف هلي وئي. هوءَ ڪجهہ وقت ائين ئي گم سم بيٺي ويندڙ زيبوءَ کي ڏسندي رهي. پوءِ هن کي الائي ڇا سُجهيو، هن سيمينٽ جي ڍير مان ٻڪ ڀري پنھنجن صاف ڌوتل هٿن ۽ منھن تي ملي ڇڏيو. کن ۾ هن جي سفيد چمڙي وري سرمائي ٿي وئي. سيمينٽ جا ذرڙا هن جي اکين ۾ چڀڻ لڳا هئا، ۽ اکين مان پاڻي وهي رهيو هوس.
ٻئي ڏينھن جڏهن هو ڳوڻين جي ڪم ۾ مصروف هيون، زيبوءَ، هن جي سيمينٽ ڀريل منھن کي ڏسي، کلي چيو، ”اڙي سچي، شمي، اهو تہ ٻڌاءِ، ڪالھہ توکي ڪھڙو ڀوت چڙهيو هو؟،
”ڪالھہ؟ ائين ئي، مڙيئي.“
”وري بہ؟“
ٽرن!........ ٽرن!..... مانوس سائيڪل جي گهنٽي ٻڌي، هوءَ ٻاهر ڀڳي. سائيڪل تي اهو ئي سفيد ڪپڙن وارو نوجوان وڃي رهيو هو. سائيڪل ٻہ – ٽي گهنٽيون وڄايون، ۽ سر سر ڪندي، هن جي ڀر مان نڪري وئي. سائيڪل سوار هن کي هڪ دفعو بہ ڪو نہ ڏٺو، پر هوءَ خود ايستائين اتي بيٺي رهي، جيستائين سائيڪل هن جي اکين کان اوجهل نہ ٿي وئي.
”چہ چہ!..... ڏاڍو خراب آهي، هڪ دفعو بہ نہ ڏٺائين!“ زيبي هن جي منھن ۾ ڏي کلڻ لڳي.
هوءَ ڪجهہ نہ ڪڇي. زيبيءَ کان ڪجهہ لڪائڻ فضول هو. اهو سچ هو تہ هوءَ مقرر وقت تي مانوس سائيڪل جي گهنٽِي ٻڌي، ڪنھن سحرزدہ معمول وانگر، ٻاهر ڇڪجي هلي ايندي هئي، ۽ ايستائين بيٺي هوندي هئي، جيستائين سائيڪل ۽ ان جو ساحر سوار ٻئي غائب ٿي ويندا هئا. هن خاموش پڄارڻ کي اک کڻي ڏٺو بہ ڪو نہ هو، پنھنجن ئي خيالن ۾ گم سم هليو ويندو هو. ڪيتري تمنا هئي هن کي تہ ڪاش، صرف هڪ دفعو ئي سھي، هو هن کي اک کڻي ڏسي! روز هوءَ ان آس ۾ ٻاهر ايندي هئي، ۽ ناڪامي هميشہ هن جو استقبال ڪندي هئي.
***
”شمي!“ زيبيءَ، رسيءَ تي ڪپڙا وجهندي، شميءَ کي سڏ ڪيو. فيڪٽري بند هئي. شمي، زيبوءَ جي بيمار پٽ کي هنج ۾ جهليو ويٺي هئي ۽ زيبو ڪپڙا ڌوئي رهي هئي.
”هون!“ هن ٻار کي پيار ڪندي چيو، ”ڇا آهي؟“
”مان پيئي چوان تہ سعيد آهي تہ ڏاڍو سٺو ماڻھو، پر“
”سعيد ڪير؟“ هن تعجب مان پڇيو.
”اڙي، اهو تنھنجو سائيڪل وارو، ٻيو ڪير!“
”ها، هن جو نالو سعيد آهي! ڪھڙو نہ سٺو نالو آهي!“
”هوءَ آهستي آهستي چپن ۾ ڀڻڪڻ لڳي – ”س ....... ع....... ي .......د ! سعيد .......س –“
”چڱو، اهو ورد پوءِ ڪجانءِ، پھرين منھنجي ڳالھہ ٻڌ.“
”ها، ٻڌاءِ“ هن مسرت ڀرئي لھجي ۾ پڇيو.
”فيڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ کان اڳ، مان ۽ شفوءَ جو پيءُ انجنيئر صاحب جي بنگلي تي ڪم ڪندا هئاسين، اتي اهو سعيد بہ رهندو هو.“
ڇو ڀلا؟“
”سعيد انجنيئر صاحب جي آفيس ۾ ڪم ڪندو هو. ويچارو غريب ماڻھو هو. گهر بہ ڪو نہ هوس، تنھنڪري انجنيئر صاحب پاڻ وٽ هڪ ڪوٺي ڏني هيس. پر ٻڌ، شمي، سعيد ڪيترو بہ غريب ڇو نہ هجي. هڪ سيمينٽ ڍوئيندڙ پڄارڻ جا هار قبول ڪڏهن نہ ڪندو!“
هوءَ چپ ٿي ويئي. پھريون دفعو هن کي احساس ٿيو تہ هن جي حيثيت ڇا هئي. ان ڏينھن کان هن سائيڪل جي گهنٽي ٻڌي بہ ٻاهر نڪرڻ ڇڏي ڏنو.
پر ..... هن جا پير هن جي وس ۾ نہ هئا، دل تي اختيار ڪنھن کي هو؟ هن جي دل اڄ بہ چاهيندي هئي تہ ڊوڙي وڃي پنھنجي بيخبر محبوب جي راھہ ۾ بيھي رستي جا ڪک ۽ پٿر ميڙي، تان تہ هن جي سائيڪل سوار کي هلڻ ۾ ڪا بہ تڪليف نہ ٿئي. پر هميشہ هن کي زيبوءَ جا اکر ياد ايندا هئا: سعيد ڪيترو بہ غريب ڇو نہ هجي، هڪ سيمينٽ ڍوئيندڙ پڄارڻ جا هار قبول نہ ڪندو.“
***
مان چوانءِ ٿي، ”مان ڪو نہ ڏينديس..... ڪڏهن بہ نہ ڏينديس!“
”واھہ، اها بہ ڪا ڳالھہ آهي. اسين غريب ماڻھو، ڪٿان آڻيون ايڏا ٻڪ رپين جا جو پاڻ بہ کائون، توهان کي بہ ڏيون. ڪو نہ ڏينديس مان!“
”جي نہ ڏيندينءَ تہ اڄ کان پنھنجي نوڪريءَ تان هٿ کڻ. وڃ وڃي عزيز کان رهيل پئسا وٺ ۽ ڳوٺ جي راھہ لڳ!“
”پر، مئنيجر صاحب، توهان سمجهو ڇو نہ ٿا! زيبوءَ چپن کي ڏندن سان ڪُتريندي چيو، ”مان بيواھہ آهيان منھنجو پٽ بيمار آهي، ۽ مون وٽ صرف ٻہ رپيا آهن: جيڪڏهن اهي بہ مان توهان کي ڏيان تہ منھنجي پٽ جي دوا ڪٿان ايندي؟ ڇا، سيٺ صاحب جي پٽ جي پارٽي منھنجي پٽ جي جان کان بہ قيمتي آهي؟“
”اهو سڀ مان نہ ٿو ڄاڻان. توکي پئسا ڏيڻا آهن، ٻيءَ حالت ۾ هو رستو پيو اٿيئي!“
زيبو ڪجهہ وقت مئنيجر کي خاموش اکين سان گهوريندي رهي. پوءِ هن ٻہ رپيا رئي جي پلاند مان ڇوڙي مئنيجر جي وڌايل هٿ تي رکيا. ان هٿ تي، جنھن جو حرص ڪڏهن ختم نہ ٿيندو هو، جنھن کي هر وقت چر مر ڪندڙ نوٽن ۽ ٺن – ٺن ڪندڙ سڪن جي ڇُهاءُ جي ضرورت رهندي هئي.
”زيبي“ هن زيبوءَ جي ٻانھن جهليندي چيو.
”هون-“
”پئسا ڏنئہ؟“
”ها.“
”ڪير آهي اهو جمال؟“
”سيٺ صاحب جو وڏو پٽ!“
”پوءِ اسان غريبن جي پيٽ ڪٽي-“
”چپ چپ! شمي، هيءَ دعوت تہ فيڪٽريءَ جي مزدورن طرفان ڏاڍيءَ سڪ مان ڏني پئي وڃي، ۽ جمال سيٺ ڏاڍي مھرباني فرمائي ان دعوت کي قبول ڪيو آهي!“
آهستي آهستي قدم کڻندي، زيبو هلي وئي، ۽ هن جي اکين ۾ نفرت ۽ حقارت اڀرڻ لڳي.
***
سڀني جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، جڏهن جمال سيٺ جي طرفان اعلان ڪيو ويو تہ مزدورن جي مزوري ٽيھہ سيڪڙو گهٽائي وئي آهي!
ان خبر جو ٻڌائيندڙ مئنيجر هو، جنھن جي پگهار ۾ سئو رپيا مھيني جو اضافو ڪيو ويو هو! مئنيجر جو چھرو روز کان ڪجهہ وڌيڪ روشن ۽ خوش نظر اچي رهيو هو. جيتوڻيڪ ان خبر جو اعلان باقاعدہ جمال سيٺ جي طرفان خود ڪيو ويو هو، مگر هو خود، بنفس نفيس، هڪ هڪ کي اها خوشخبري ٻڌائي رهيو هو. ٻڌندڙ جي اکين اڳيان اونداه ۽ ڪنن ۾ سون – سون ٿيڻ لڳندي هئي، ۽ هوءَ انھن تاريڪ چھرين کي فتحمنديءَ جي احساس سان گهوريندي، ڪنھن ٻئي کي اها خوشخبري ٻڌائڻ لڳندو هو. پر ويندي ويندي نفرت سان چئي ويندو هو، ”ها پٽ، وڏي سيٺ سان ڏاڍائي ڪري ڏني هُيَوَ، جمال سيٺ سان پُڄو تہ ڄاڻانو!“
عورتن جي حالت سڀ کان ابتر هئي. ڪيتريون سيمينٽ جون ڳوٿريون اچي ڪريون، ڪنھن کي رکڻ جي سڌ ڪا نہ هئي. اهو تہ شڪر ٿيو، جو مٿي وارن جا پنھنجا هوش گم ٿي ويا هئا ۽ وڌيڪ ڳوڻيون اچڻ بند ٿي ويون، ورنہ شايد هو سڀ سيمينٽ جي ڳوڻين هيٺان دٻجي وڃن ها!
زيبوءَ کي تصور ئي تصور ۾ پنھنجو ننڍڙو پٽ کير لاءِ روئندو نظر آيو. ساڍي ٽين آني پاءُ هوءَ ڪيئن کير وٺندي، جڏهن هن کي صرف هڪ رپيو ملندو! ستين آني سير اٽو، ڀاڄي، ۽ ان کانسواءِ ..... هن جو شفو، هن جو بيمار پٽ! هن کي تصور ئي تصور ۾ شفوءَ جو لاش اگهاڙو نظر آيو، ڄڻ هو پنھنجون اڌ کليل اکيون ڦاڙي هن کي چوندو هجي: ”اما، مون کي ڪفن بہ نہ ڏيندينءَ؟ امان، امان، مان بيمار آهيان.... مون کي دوا آڻي ڏي، مون کي بُک لڳي آهي..... مون کي..... ڪفن ڏي، مان اگهاڙو آهيان.... اما!“ ۽ هوءَ جيڪا هيتري وقت کان خاموش ويٺي هئي، شفوءَ جون خاموش صدائون ٻڌي، رڙهي آئي، هن پنھنجو مٿو زور سان پٿريليءَ ڀت تي هنيو، ۽ پوءِ هن کي هوش نہ رهيو.
***
فيڪٽريءَ ۾ 2 ڏينھن اسٽرائيڪ رهي، مگر جمال سيٺ کي تر جيتري بہ پرواھہ ڪا نہ هئي. هن وٽ هڪ فيڪٽري ڪا نہ هئي، ٻيون بہ ٻہ – چار ملون هيون. هن جون لاريون ۽ موٽرون سڄي ملڪ ۾ هلنديون هيون. هن کي چاليھہ – پنجاھہ هزارن جي نقصان جي ڪھڙي پرواھہ هئي؟
پر انھن جي لاءِ، جن جو گذران روز جي ڪمائيءَ تي هو، هڪ هڪ پل ورهيہ مثل گذري رهيو هو. پھرين ڏينھن تہ اڳي جي بچيل سچيل تي گذران ڪيو ويو، مگر صبح کان سڀني جو نظرون شھر واري رستي تي ڄميل هيون، جيتوڻيڪ هر ڪو ٻئي کي اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هو تہ هن کي ڪا پرواھہ نہ ڪانھي، ڪير اچي نہ اچي، پر پاڇا لڙي ويا، مئنيجر تہ ڇا، سيٺ جو پٽيوالو بہ اها خوشخبري کڻي نہ آيو تہ هنن جون نوڪريون بحال ڪيون ويون آهن ۽ هن صبح کان وٺي اچي ڪم تي لڳن. گهر ۾ رکيل بچيل سچيل داڻا بہ ختم ٿي ويا هئا. هنن کي پنھنجو جوش ۽ غيرت ٻارن جي بکايل اکين ۾ دفن ڪرڻي پيئي.
۽ ٻئي ڏينھن جڏهن هن جو پيءُ سيٺ سان مصالحت جي باري ۾ ڳالھائڻ ويو تہ سيٺ جي ڳالھہ ٻڌي هو حيرت ۾ پئجي ويو. سيٺ هن کي چيو تہ هو نہ صرف هنن جون ساڳيون مزوريون قائم رکندو، پر مناسب اضافو بہ ڪندو. پر ...... ان جي لاءِ هن کي شمي هن جي حوالي ڪرڻي پوندي!، سيمينٽ ڍوئيندڙ خسيس مزورياڻي، جنھن جي نس نس، رڳ رڳ ۾ هن جي فيڪٽريءَ جو سيمينٽ ڀريل هو!
هن جو پيءُ سيٺ جي ڳالھہ ٻڌي کلي پيو. هي سيٺ بہ ڪھڙو نہ بيوقوف هو، ڀلا ايتريءَ معمولي ڳالھہ لاءِ ايتري گوڙ ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت هئي؟ جيڪڏهن هو ائين بہ کانئس ڌيءُ گهري ها تہ هو انڪار ڪري ها؟ آخر سيٺ ۾ ڪھڙي برائي هئي؟ شڪل صورت ۾ مردن جي ڏسبي ڪا نہ آهي. هونئن بہ جمال سيٺ تہ گهڻن سيٺن کان چڱو هو. هن جو پيٽ عام سيٺن وانگر نڪتل ڪو نہ هو، ۽ کوپڙيءَ تي هڪ ٻہ ڊزن وار بہ هئس، جن کي هو نھايت اهتمام سان اعليٰ قسم جو تيل وجهي ڄمائيندو هو– ورنہ اڪثر اهي نادان اڀا ٿي بيھندا هئا، رهي عمر، تہ اها ڪھڙي شيءِ آهي: عمر درحقيقت هاٺيءَ جو نالو آهي ۽ هاٺيءَ جي لحاظ کان جمال سيٺ بلڪل جوان هو. هن جو پيءُ کلندو سيٺ جي ڪمري مان نڪتو. جڏهن هن اها خبر ٻڌي، تہ سندس ذهن ۾ لاتعداد سائيڪل جون گهنٽيون وڳيون، ۽ پوءِ گهڙي خاموشي ڇائنئجي وئي.
***
سيٺ جي هوءَ زال هئي. پر ان جي خبر سواءِ سيٺ جي وڏيءُ بيگم ۽ چند عزيزن ۽ نوڪرن کانسواءِ ڪنھن کي ڪا نہ هئي!
هن جي حيثيت هن گهر ۾ ڪنھن اهڙي پراڻي رانديڪي جھڙي هئي. جيڪو لاتعداد پراڻين سراڻين شين هيٺان دٻجي ويو هجي – ڪنھن جي دل چوي تہ کڻي کيڏي، ۽ وري ڪنڊ پاسي ڦٽو ڪري ڇڏي.
ڪجهہ عرصو هوءَ پنھنجي اڪيلي خاموش ڪمري ۾ سائيڪل جي گهنٽيءَ جا آواز ٻڌندي رهي، پر پوءِ هر طرف گهور اداسي ۽ خاموشي ڇانئجي وئي. سيٺ جي ظالماڻي ۽لاپرواھہ برتاءَ هن کي ذري گهٽ کٽ داخل ڪري ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ هوءَ نرم پلنگن تي دراز هوندي هئي، پر هن جو سنڌ سنڌ ڏکندو هو. هوءَ سوچيندي هئي، ”ڪاش، سيٺ هن کي پنھنجي زال سمجهي ها!“ اها زال، جيڪا مرد جي هر طرح جي رفيق هوندي آهي، جنھن سان روح جو ڳانڍاپو هوندو آهي. پر سيٺ کي ڪھڙي ضرورت هئي، جو پنھنجي چينيءَ جي گڏي جھڙيءَ پڙهيل – لکيل زال جي موجودگيءَ ۾ هن سيمينٽ جي پتليءَ کي پنھنجي ”رفيق حيات“ بڻائي؟ هوءَ تہ صرف زال هئي، ۽ بس!
***
وڏي سيٺ پنھنجي ڪل ملڪيت سيٺ جمال ۽ ان جي ننڍي ڀاءُ کي ورهائي ڏني. سيمينٽ فيڪٽري جمال جي ننڍي ڀاءُ کي ملي هئي، ۽ هو رات ڀاءُ کان پنھنجا ”اختيارات“ وٺڻ آيو.
رات جڏهن هوءَ وڏي بيگم کي مٿي تي مالش ڪري موٽي رهي هئي، تہ جمال سيٺ جي ڪمري مان ڳالھين جو آواز ٻڌي هوءَ بيھي رهي. ڪمال چئي رهيو هو، ”ادا، اها فيڪٽري توهان کڻو. مون کي شھر واري ڪپڙي جي مل ڏيو. مان هن ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهي ڪو نہ سگهندس. هتي تہ ڪو بہ مزو ڪو نہ آهي. تعجب آهي، توهين الائي ڪيئن ٿا رهو!“
”اڙي، تون هتي ڪجهہ وقت رهي تہ ڏس، پوءِ نڪرڻ تي دل ڪا نہ چوندءِ!“ هي جمال سيٺ جو آواز هو.
”ڪيئن ڀلا؟“
”بس، ڏسجانءِ ويٺو، هتي چينيءَ جون گڏيون نہ آهن، تہ سيمينٽ جون پتليون کوڙ اٿئي.“
هونھہ!“
”سڀاڻي تنھنجي لاءِ بہ ڪا ڳولبي!“
هوءَ وڌيڪ ٻڌي نہ سگهي. کيس چڪر آيو، ۽ پوءِ زمين تي ڪري پيئي
جڏهن هن کي هوش آيو تہ هوءَ پنھنجي ڪمري ۾ هئي. ڪم واري ڇوڪري کير جو گلاس هن کي ڏيندي چيو ”صاحب ٿو چوي تہ اسين صبح جو شھر وڃي رهيا آهيون، تون چاهين تہ پنھنجي پيءُ وٽ هلي وڃ!“
هن نفرت سان ڇوڪريءَ کي ڏسندي چيو، ”سيٺ کي چئہ تہ هلي وينديس!“ پر پوءِ بيگم صاحب، الائي ڇا سوچي هن ڏانھن چورائي موڪليو تہ هوءَ پنھنجو سامان درست ڪري، هن کي بہ شھر هلڻو آهي! هن نہ وڃڻ جو عهد ڪيو هو، پر اوچتو هن جي نظر پنھنجيءَ ڌيءَ تي پيئي. سيٺ مارن موچڙن کان سواءِ هيءَ ظالم ڇوڪري بہ کيس عطا ڪئي هئي. ظالم ان ڪري تہ هوءَ پنھنجي سونھن جي صورت ۾ هن تي ظلم ڪري رهي هئي. ”جيڪڏهن هوءَ اتي رهي، تہ سندس ڌيءَ بہ سيمينٽ جي پتلي بڻجي ويندي! ۽ هن کي اهو ڪنھن بہ صورت ۾ گوارا نہ هو.
***
اڄ فيڪٽريءَ ۾ هن جو آخري ڏينھن هو. ستن سالن جو ساٿ اڄ ڇٽجي رهيو هو. شاديءَ کانپوءِ هن جي ڪنھن سان بہ دلچسپي نہ رهي هئي – نہ پيءُ سان، نہ ڳوٺ سان. ڪڏهن ڪڏهن زيبو هن کي ياد ايندي هئي. پر هن زيبوءَ سان بہ ڪڏهن ملڻ جي ڪوشش نہ ڪئي هئي.
شام جي وقت جڏهن صبح فيڪٽريءَ جي چمنين مان نڪتل دونھين جي ڇلن ۾ گم ٿيڻ لڳندو هو. تہ هوءَ هڪ اڻڄاڻ طرف کان ايندڙ سائيڪل جي ٽون – ٽون تي جاڳي پوندي هئي، ۽ هن جي زرد چھري ۾ ٿورو ٿورو گلابي رنگ اچي ويندو هو.
”گهو........ او....“
منجهند ٿي ويئي هئي، ۽ مزورن کي ماني کائڻ جي موڪل ملي هئي، هن دٻيل ساھہ کنيو. کلندا، خوش ٿيندا، خاموش، مضمحل، سڀئي مزور فيڪٽريءَ مان نڪري رهيا هئا. ۽ انھن جي پٺيان شوخ، تيز ۽ طرار مزورڻين جو ٽولو نڪري رهيو هو. جڏهن اهي بنھہ هن جي ڪمري جي دريءَ وٽان لنگهڻ لڳيون تہ هوءَ جهڪي، غور سان هڪ هڪ جو منھن ڏسڻ لڳي. شايد ڪمال لاءِ ڪا نئين سيمينٽ جي پتلي ڏسڻ لاءِ!

(مھراڻ، 1 – 1062ع)

انڌير نگري (سرائڪي) : ٻلرام وڪل

مولو حجم دي چوري ٿي ڳئيي. چور آپي آئي آپي ڳئي، پر حجم دي گهر ڪک نہ ڇوڙيونين.
حجم ها غريب، سو وچارا رو چپ ڪري ٻيٺا. اهندي مرضي نہ هائي تہ ڪو پوليس وچ فرياد ڪريجي، پر ڳوٺ واليان آکيس، ”فرياد ڪر، شئت ڪوئي بلا ٿي پوئي!“
مولو وچاري مردئين جيدئين صلاح مني، ڪيوين ڪري ”اڳون ڪنڌي پڇون باھہ“ والا مالا ها، پوليس دي سور تہ سجهدي هنس، پر راڄ دا حڪم ڀي جيھي تيھي ڳالھہ نہ هائي. روزي دا سوال ها، ٿيوي حجم، تي رئيسان دا آکڻ نہ مني!
مولو، ٽانگي والي ڪون پنج رپئي ڏيوڻي ڪيتي. رئيس گامڻ خان ڪون نال ڳڌس – سڌي آئي ٿاڻي تي.
مولو وڃڻ نال صوبيدار دا نوڙ سلام ڪيتا. پر صوبيدار ڪوئي جواب نہ ڏتس، نہ ول اهن غريب ڏي اک چا ڪر ڏتس.
ڪيون ڏيکيئي؟ صوبدار جو ٿيا پوليس دا – سنڌ علائقي دي پوليس دا صوبيدار! ٿولي دير ڪنون پڇي، صوبيدار سر چاتا، مولو ڪون ڏٺس. رڙ ڪري آکيس، ”اڙي، تون ٻھہ رهيون؟ اٿي، وڃ اهن مينھن ڪون ڏنوا آ.“
مولو ڏڪدي ڏڪدي اٿيا، صوبيدار دي مينھن ڪون ڏواوڻ چليا ڳيا. پڇون رئيس گامڻ خان اپڻي جاھہ تون اٿيا. صوبيدار دي ڪن نال منھن رلا وڃ آکيس: ”سائين، حجم ڪون ايوين نہ ڏيک! سکيا سھنجا هيئي، ڀيڻسان ڪالھہ فڪر ڪنون پڇي سر کا ڳيا ها، آکي ”تون صوبيدار صاحب ڪني رليج ڄل“ ميڏا ڪجهہ نہ وڃي، سائين – تون ڄاڻ تيڏي مرضي!“
”آءٌ گهوڙي تيڏي پئو پلاوڻي اي؟ ڪم چور حرامي اکيندا ڪيوين-
”شائين تشان تہ مينھن دا آکيا ها!“
بي شرم ڪنھن جاھہ دا. مولو غريب گهوڙي ڪو ن ڀي پاڻي پلا آيا.
”مولو!“ صوبيدار اپڻيا شھپران ڪو ن مروڙا ڏي، ڪنڌ دي اشاري نال مولو ڪون سڏ ڪيتا، ”ڪيون..... اڙي حرامي، ڪر خبر، تيڏي چوري ٿي ڳئي اي؟“
”هائو، سائين!“
هائو سائين“ دا ڦل! ڀيڻسان ساري رات زال نال ٻَک گهت ستا هوسي، هڻ ول ڀڄ آيا هي ٿاني تي. ڄڻ اتان اهندي پئو دي ٻيلي بيٺي هن. حرامي ڪنھن جاھہ دا! اڙي تڪيندا ڪيا اَين؟ مَر پري، ..... ٽل وڄ اکين تُون تہ لاهيئين نہ ڦوري.“
صوبيدار آپڻي منشي ڪون سڏ ڪر آکيا، ”عمرالدين سوار ڪونہ اوري مُنج.“
”عمرالدين!“
”جي سرڪار!“
”اِهن حرامي ڪون“ ساري رات سمھڻ“ دي ڏوھہ وچ چالان ڪَر!“
چالان دا سڻدئين، مولو دي تاڪ مل ڳئي.
صوبيدار دي اڳوُن هٿ ٻڌ، رووڻ هارڪا ٿي آکڻ لڳا ”سرڪار، ميڏا قصور؟“
”بس ڪر، قصور دا ڦل!..... ڀيڻسان سئور!..... ساريان ساريان راتين بي اولڪا ٿي سمھہ پئندا اي، - ول پڇدا اي : ”شڙڪاڙ، ميڏا قشور!“ پوليس والي مولو ڪون ٻانھن ڪنون جهل، هڪ پاسي وڃ، هولين هولين آکيا: ”پنجاھہ رپئي ڪڍ تہ جند ڇڙاوئين، نہ تہ اها ڪالي ڪوٺي پرون ڏيک ڇوڙ.“
”سج لٿي ڪنون پڇي آپي خبران پوئسن، جڏان تون سمهسين، تي مڇر جاڳسن!“
”سائين، مئين غريب ٻچڙيوال، ڪسبي ماڻھو، مئين ڪنين پنجاھہ رپئي ڪٿون آئي!“
عمرالدين سوار، غصي نال ڪورڙيان اکين ڪر آکيا، ”ڀيڻسان ڪنڃر! ڪريندا ڪيا اي؟ اوري ڪر هان اي خميس (قميس) دا گودا.“ – اتلا آک، مولو دي گودي وچون هٿ گهت، ڏهين دا نوٽ (نوٽ) ڪڍ ڳڌس.
”اهو پاسي والي گودي وچ ڪيا اي؟“
”سائين، خدا دي قسم اي، اي ڏيک ڦڻي اي، ٻيا حرام....“
آکيا، ”صوبيدار صاحب تہ ڪُڙيسي، پَر هُڻ ايوين ڪر، اها پڳ آئون جتي لاھہ رک اٿان – تون ڀڄ وڃ اٿون، جهٽ ڪر، متان ڪو ڏيک نہ گهنئي، ڪيا ياد ڪريسين حرامي، هووئي ٿورا!“
مولو هڪ پير جتي ڪنون آ ٻاهر ڪڍيا، آپڻي پڳ آپ لاهڻ ڪاڻ هٿ وڌا پڳ وچ گهتيس، پر لاهڻ روح نہ ٿيس. اُهنديان اکين وچون ڏوڙي ڏوڙي لڙڪ نڪل پئي. پوليس والي ٻي طرف منھن ڦير آکيا، ”جهٽ ڪريدين حرامي، ڪين ڪرئين قاعدي دي ڪارروائي؟“
پوليس والي ڪنون ٽھڪ نڪل ڳيا، جڏان مولو حجم پيرون سرون ننگا، ايوين اک گهر روانہ ٿيا:
”هوسي نڪ نھر ڪون، تہ ول نہ ويسي واڙ“

(مھراڻ، 2 – 1956ع)

بتي اُجهامي ويئي (هريڪانت)

”هل، جوان!“
ٽانگي واري، پنھنجي ٿڪل گهوڙي جي پٺي ٺپيندي، لغام ڇڪيو، اشارو پائيندي ئي سمجهو جانور منزل ڏانھن رخ رکيو. رات جي آخرين گاڏيءَ جو انتظار ڪندي، ڏھہ اچي وڳا هئا. جيوڻ کي ڪا سواري ڪين ملي هئي، ۽ هو نراش دل کڻي گهر موٽي رهيو هو. سڄي ڏينھن جي هڻ – هڻ بعد ويچارو سوا رپيو مس ڪمائي سگهيو هو. ان سوا رپئي مان ئي هن کي پنھنجي ڪٽنب جي ڇھن ڀاتين ۽ گگدام جانور جو پيٽ ڀرڻو هو.
صبح کان سانجهيءَ تائين، جيوڻ شھر جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڀٽڪي سواريءَ لاءِ ٻاڏائيندو هو، ليڪن مشڪل سان ئي کيس ڪا سواري نصيب ٿيندي هئي. آخر ڇو؟ ڪارڻ سوچيندي ئي، جيوڻ حسرت ڀريل نگاهن سان پنھنجي پراڻي ٽانگي ڏانھن نھاريندو هو. ڦاٽل ميرا، گديلا، ڏٻرو ڪمزور گهوڙو ۽ ڍلي بي ڍنگي رفتار ئي شايد ڪم نصيبيءَ جو ڪارڻ هئا. هن ڪيترائي دفعا پنھنجي ٽانگي جي مرمت ڪرائڻ جو ويچار ڪيو هو، ليڪن اهو ويچار، صرف ويچار ئي پئي رهيو.
شھر جون اوچيون اوچيون عمارتون، ڳتيل بازارون ۽ ٻھڪندڙ سڙڪون پار ڪري، جيوڻ بستيءَ ڏانھن ويندڙ ڪچي رستي ڏي لغام ڦيرايو. ٿڪ گگدام ڪيترو نہ سمجهو هو، شايد هن ڀليءَ ريت ڄاتو ٿي تہ سندس غريب مالڪ کي گذريل رات کان روٽي نصيب ڪين ٿي هئي. پنھنجي رحمدل مالڪ جي پيٽ ۾ جلندڙ بک جي آگ اجهائڻ لاءِ نھايت تيز رفتار سان ڊوڙي، هو کيس منزل تي پھچائڻ جو پتن ڪري رهيو هو.
اوچتو، ٽانگي ۾ لڳل ننڍڙي بتي ڦڙڦڙائڻ لڳي. جيوڻ ڇرڪ ڀري وسامندڙ بتيءَ ڏانھن نھاريو. الائي ڇو، سندس دل ڌڙڪي اٿي. جوت جي ٽمٽائڻ ۾ کيس ڪنھن مصيبت جا آثار نظر آيا ڏسندي ڏسندي، هوا جي هڪ تيز جهونڪي سان بتي اجهامي ويئي، ۽ ..... ۽ پوليس جي ڊيڄاريندڙ سيٽيءَ جو هڪ سڃاتل آواز ٻڌي، جيوڻ جار وار کڙا ٿي ويا، سندس ڏڪندڙ هٿ الائي ڇو وَر ۾ ٻڌل سَوا روپئي ڏانھن کڄي ويا. هن جون سنھڙيون ۽ ڪمزور آڱريون پتل ۽ ٽامي جي انھن ٿڇ سڪن کي ائين چھٽي پيئون، گويا اهي سڪا هميشہ هميشہ لاءِ کانئس کسجي رهيا هئا. ڊپ ڀريل نگاهن سان هن پٺيان نھاريو. فانوس جي جهڪيءَ روشنيءَ ۾ چمڪندڙ بٽڻن واري رعبدار وردي پھريل هڪ سپاهي، لنبا قدم کڻندو، ڏانھس وڌي رهيو هو. سندس پير ۾پيل لنبي مضبوط بوٽ جي ٺڪ – ٺڪ جيوڻ جي ڪمزور دل ۾ خوف جو پڙاڏو ٿي گونجايو. هن جي هٿن مان لغام ازخود ڍرو ٿي ويو، ۽ سڙڪ جي هڪ ڪناري ٽانگو بيھي رهيو.
”سلام، سرڪار!“ سپاهيءَ جي ويجهو ايندي ئي، جيوڻ نماڻائيءَ سان خوشامد ڪئي: ”ڪيڏانھن هلندا، سرڪار؟“
”ڪيڏانھن هلندس؟ بي ايمان پڇين ٿو ڪيڏانھن هلندس!..... ٿاڻي تي هلڻو آهي، ٿاڻي تي! بتي ڇو نہ ٻاري اٿيئي؟“ سپاهيءَ رعب ڄمائيندي چيو.
”بتي......“ جيوڻ نراش نگاهن سان بتيءَ ڏانھن ڏٺو. ”اجهامي ويئي، سرڪار..... بتي اجهامي ويئي.....“
”ڇو......؟“ سپاهي زمين جي لت هڻندي، زور سان ڪڙڪو ڪيو.
”ڇو؟“ جيوڻ جي خالي دماغ ۾ زور زور سان گونجي اٿيو: ”ڇو...... ڇو. ........ ڇو......؟“ کن پڪ جي خاموشيءَ بعد، هن ڳنڀير آواز ۾ جواب ڏنو: ”تيل کپي ويو، حضور .... بتيءَ جو تيل کپي ويو .....!“
”تيل کپي ويو؟“ جمعدار گرم ٿيندي چيو: ”اهو بہ ڪو جواب آهي، بيوقوف! بتيءَ جو خيال ڇو نٿا رکو؟“
جيوڻ جي هرديہ – آڪاش ۾ جذبات جو هڪ طوفان مچلجي اٿيو. من جي ڀاونائن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندي بہ ڏڪندي چئي ويٺو:
”- زندگيءَ جي جوت قائم رکڻ ڪاڻ...... اسان کي پنھنجو خون – پسينو جلائڻو ٿو پوي، سرڪار! اسان جي قسمت جي ديپ ئي ڦڙ ڦڙائي رهيو آهي. ٽانگي جي بتيءَ جو ڪيترو خيال رکون، سرڪار!“
سپاهي خاموش رهيو.
جيوڻ، آلين اکين سان ڏانھس نھاريندي، التجا ڀري نوع ۾ چيو: ”منھنجا معصوم ٻچا بک کان ٻاڏائي رهيا هوندا، سرڪار! ڪالھہ رات کان کين روٽي ڪين ملي آهي. منھنجو ننڍڙو رامو.... کير چڪيءَ لاءِ ٻاڏائي رهيو هوندو، سرڪار.... مون تي رحم ڪريو!“
ٻڌڙي جيوڻ جي ڀريل گلي مان غربت ۽ غريبيءَ جو دل – ڀڄايندڙ داستان سُڻي، سپاهيءَ جي دل ويچار ساگر ۾ غوطا کائڻ لڳي. جيوڻ جي مجبوريءَ ۾ کيس پنھنجي غريبيءَ جي ڌنڌلي تصوير نر آئي. سندس ڪٺو ر دل بہ هڪوار ڀڄي پيئي. آخر هو بہ تہ غريب هو! ستر رپين ماهوار منجهان کيس بہ ڇھن ڀاتين جو پيٽ پالڻو پوندو هو. پنھنجن معصوم ڪمزور ٻارن کي اڻپورو کاڌو ملندو ڏسي، سندس دل سسڪيون ڀريندي هئي. پنھنجي ننڍڙي ڌيءُ اما جي گل جھڙي مکڙي کي خزان جي ڦول جيان ڏينھون ڏينھن زرد ٿيندو ڏسي، هن جي دل کي هڪ گهري چوٽ رسندي هئي. اڄ صح کان اما کي سخت بخار هو، ليڪن غريبيءَ ۽ مجبوريءَ جي ڪٺور زنجيرن ۾ جڪڙيل بھاري سندس علاج ڪرائڻ کان عاجز هو. ”اف، زندگي ڪيتري نہ ڀاري آهي – هڪ غريبجي زندگي!“ اهي ئي ڳڻتيون ڪندو، بھاري، سڄي ڏينھن جي ٿڪيندڙ ڊيوٽيءَ بعد، هٿين خالي ۽ غم – ڀريل دل کڻي، گهر موٽي رهيو هو. اوچتو رستي ۾ هن ڏٺو، جيوڻ جي ٽانگي جي بتي اجهامي ويئي. جيوڻ جي بتي وسامي وڃڻ تي هن جي دماغ ۾ آشا جي هڪ ڌنڌلي تصوير چمڪي اٿي. بنا بتيءَ ٽانگي هلائڻ جي ڏوھہ جو هن پورو پورو فائدو وٺڻ ٿي چاهيو. هن کي پنھنجي ڌيءُ جي علاج لاءِ پئسا گهربا هئا – ڪھڙيءَ بہ ريت، ڪھڙي بہ طريقي، پئسن جو ڌيان ايندي ئي، هو گويا گهريءَ ننڊ مان سجاڳ ٿيو. پاڻ سنڀاليندي ۽ پيشانيءَ جو پگهر اگهندي، هو چلائي اٿيو:
”اوهان ماڻھن جو دماغ اصل ٺڪاڻي ڪين آهي: بنا بتيءَ ٽانگو هلائي، قانون جو النگهن ڪرڻ جا اصل عادتي ٿي پيا آهيو!....“
”حضور“ ..... جيوڻ ٻاڏايو
”آءُ تو کي اصل ڪين ڇڏيندس. اجهو ٿو ٿاڻي تي رجوع ڪري، ڏھہ رپيا ڏنڊ ڀرايانءِ، بي ايمان!ٰ هل هل ٿاڻي تي......!“
ڏنڊ جو نالو ٻڌندي ئي، جيوڻ جي جان ڏڪي اٿي. پنھنجي ڦاٽل ٽوپي لاهي کڻي بھاريءَ جي پيرن تي رکيائين، ۽ ڏڪندي چيائين: ”سرڪار، آءٌ بيحد مسڪين آهيان، سرڪار! مون کي معاف ڪريو.....“
بھاريءَ جي دل ٻڏڻ لڳي. ٻڍڙي تي سچ تہ کيس رحم ڪھل اچي رهي هئي، ليڪن هن کي بہ تہ پنھنجيءَ ڌيءُ جي علاج لاءِ پئسا کپندا هئا، ۽ اهي پئسا هو سختي ۽ رعب ڄمائي جيوڻ مان ئي حاصل ڪري سگهيو ٿي. جيوڻ جي ڳالھين مان خفي ٿيندي، بيزاريءَ مان چيائين: ”آءٌ اها بڪواس ٻڌڻ تي هريل ڪين آهيان. چيم مون کي صرف تنھنجي ڏوھہ سان مطلب آهي. اوهان ماڻھو بلڪل بي پرواھہ آهيو. قاعدي قانون جي پرواھہ ئي نہ ٿا ڪريو! اڄ تہ تو کي ضرور چالان ڪرائيندس.“
جيوڻ کيس ليلايو، ٻاڏايو..... ليڪن بھاريءَ جي دل ڌيءُ جي موھہ ۾ جڪڙجي ڪٺور بڻجي چڪي هئي. لاچار، ڏڪندڙ هٿن سان جيوڻ ور ۾ ٻڌل پئسا ڪڍيا. آنسن ڀريل نگاهن سان هڪوار انھن پئسن ڏانھن ڏسندي، هن پنھنجو ڏڪندڙ هٿ سپاهيءَ ڏانھن وڌايو، ۽ ڀريل گلي سان چيو : ”سڄي ڏينھن جي ڪمائي.....“!
سپاهي ٿورو هٻڪيو. هڪوار جيوڻ جي آنسن ڀريل اکڙين ڏانھن ڏٺائين، ۽ پوءِ هڪدم دل ڏاڍي ڪري، آسپاس نظر ورائي، پئسن کڻي ورتائين، ۽ آخرين دفعو رعب ڏيکاريندي چيائين: ”هي دفعو معاف ٿو ڪريانءِ، ليڪن آئندي خبردار رهج..... وڃ!“
جيوڻ، هڪ لٽيل مسافر جيان، نراس ۽ پريشان، پنھنجي ٽانگي ڏانھن وڌيو، ۽ سندس گهوڙي آهستي آهستي هلڻ شروع ڪيو.
سامھون، دور دور، سڙڪ تي ڦھليل انڌڪار سان گڏ، جيوڻ کي پنھنجو جيون بہ انڌيارو نظر اچي رهيو هو. گهر پھچي هو پنھنجن معصوم بکايل ٻارن کي ڪھڙو جواب ڏيندو؟ دروازي تي اکيون پائي ويٺل زال جي آشا ڀريل نگاهن کي ڪھڙو آٿت ڏيندو. اهي ئي ڳالھيون سوچيندي، پنھنجي غريبي، مجبوري ۽ بيڪسيءَ تي آنسو وهائيندي، هو پنھنجي گهر کي آڏو پوندو ٿي ويو.
هٿ ۾ جهليل سوا روپئي جي چمڪندڙ سڪن ڏانھن ڏسندي، سپاهيءَ کي پنھنجي جيت تي خوشيءَ جو احساس ٿيو. ليڪن ٻئي کن ۾ سامھون انڌياري ۾ ويندڙ ٽانگي جي کٽ– کٽ جي گهري آواز سندس جان ۾ سياٽو آڻي ڇڏيو. ٽانگي جي ڦيٿن مان نڪرندڙ گنڀير چيڪاٽ، گويا، سپاهيءَ جي ظلم جي شڪايت ڪندي، جيوڻ جي مجبوريءَ ۽ بيڪسيءَ جو ڏک ڀريو گيت ٿي ڳايو. بھاريءَ جي دل کيس ڦٽڪارڻ لڳي. لاشڪ اڄ هن بيرحميءَ جو ڪم ڪيو هو. ليڪن..... هو بہ تہ مجبور هو: سندس مٺڙي ڌيءُ جو بيمار هئي! بيمار ڌيءَ جي مرجهايل چھري جو تصور ٿيندي ئي هن جا قدم تڪڙو تڪڙو گهر طرف کڄي ويا.
گهر جي نزديڪ پھچندي ئي بھاريءَ جون ٽنگون ڌڏڻ لڳيون، هٿ ڏڪڻ لڳا ۽ دل ڌڙڪي اٿي. سندس من ۾ سهسين شنڪائن جو هڪ طوفان اڏامڻ لڳو. آهستي آهستي هن چائنٺ اندر پير ڌريو. تڪڙا ۽ اٻھرا قدم کڻندو، هو سامھون صندل تي سمھيل ڌيءَ ڏانھن وڌيو. سندس پگهريل پيشانيءَ تي هٿ رکندي ئي هن جي من ۾ اٿندڙ شنڪائن جو طوفان شانت ٿي ويو. سندس پتنيءَ کيس ٻڌايو تہ اما جو بخار لھي چڪو هو، پاڙي ۾ رهندڙ راڌيءَ ڏانھن رهيل سلائيءَ جي پئسن مان هن اما جي دوا پڻ ورتي هئي.
بھاريءَ سامت جو هڪ لنبو ساھہ کنيو، ۽ خاڪي بش شرٽ جي کيسي مان سوا رپيو ڪڍي ڀرسان رکي ڇڏيو. لالٽين جي جهڪي پرڪاش ۾ اهي سڪا چمڪڻ لڳا. بھاري يڪ - ٽڪ انھن ڏانھن گهورڻ لڳو. آهستي آهستي هن ائين محسوس ڪيو، گويا اهي سڪا تمام زور سان چمڪڻ لڳا هئا. انھن جو تجلو ايترو تہ وڌي ويو جو بھاري انھن ڏانھن نھاري سگهڻ جي همت بہ ساري نہ ٿي سگهيو. سندس اکيون ازخود بند ٿي ويون ۽ وويڪ ڀڙڪي اٿيو. ”پنھنجي مطلب سڌ ڪرڻ لاءِ هن اڄ معصوم ٻالڪن جي وات مان روٽي کسي هئي، غريبن جي پيٽ تي لت هنئي هئي..... ڪيتري نہ گراوٽ!“
بھاريءَ جي اکين اڳيان جيوڻ جو اوداس چھرو کڙو ٿي ويو، جو آنسن ٻڏل اکڙين ۽ ڀريل گلي سان چئي رهيو هو: ”بتي اجهامي ويئي...... تيل کپي وي....“، ”زندگيءَ جي جوت“...... ”خون – پسينو“ ..... ”ديپ ڦڙ ڦرائي رهيو آهي“..... ”مونکي معاف ڪريو، سرڪار! ..... مون تي رحم ڪريو....!“
بھاريءَ جون رڳون سيٽجي ويون ۽ ساھہ جو دورو تيز ٿي ويو. جيوڻ جي بتي اجهامڻ تي هن پنھنجي جيوڻ ۾ روشنيءَ جي جهلڪ ڏٺي هئي: جيوڻ جي جيون کي انڌيري ۾ ڌڪيلي، هن پاڻ کي روشنيءَ جو درشن ڪرائڻ ٿي چاهيو!“ ....... ”نہ، نہ!“ هن ڀيڪوڙيل ڏندن ۾ ڪجهہ زور سان ڀڻڪيو، ۽ پوءِ اٻھرائيءَ مان اٿي، پئسا کڻي، تڪڙو ٽڪڙو ٻاهر نڪري ويو.
مزور- بستيءَ ۾ پھچڻ بعد هن کي جيوڻ جو گهر ڳولڻ ۾ ڪا خاص دير ڪين لڳي.
هڪ ڪچي مڪان جي دراوزي وٽ، منھن گوڏن ۾ ڇپائي، ڪو غريب پنھنجي مجبوريءَ تي ڳوڙها ڳاڙي رهيو هو. اندران ڪنھن ٻالڪ جي روئڻ جي آواز پئي آيو. بھاريءَ جهٽ سھي ڪيو – اهو ئي جيوڻ جو گهر هو.
بھاري، هڪ ڏوهاريءَ جيان، هلڪا قدم کڻندو، سندس ويجهو پھتو. کيسي مان پئسا ڪڍي، هن جيوڻ جي پيرن وٽ رکي ڇڏيا. کڙڪو ٻڌندي ئي جيوڻ جيئن ڪنڌ مٿي کنيو، سندس وار کڙا ٿي ويا. ڏڪندي ڏڪندي هو اُٿي کڙو ٿيو، ۽ ڀريل دل سان چيائين:
”سلام سرڪار!“
بھاري ڪجهہ ڪڇي ڪين سگهيو. صرف سندس اکين مان همدرديءَ جي گهري راز ڀريا ٻہ گرم آنسو نڪري جيوڻ جي پيرن لڳ ڪري پيا، جن ۾ سمايل هو – ”هڪ غريب جو، غريب لاءِ پيار“.

(مھراڻ، 1 -2/ 1958ع)

مائٽ بچو (جمال رند)

اسان جي ڳوٺ جا ننڍا وڏا هن کي ”مائٽ“ ڪري سڏيندا هئا، ڄڻ تہ هن جو نالو بچُو ڪو نہ هو پر ”مائٽ“ هو. هي اڃا ننڍڙو ئي هو تہ سندس پيءُ مري ويو، پوءِ وتندو هو چاچن جي درن تي ڌڪا کائيندو. هن جي پيءُ کي ست – اٺ ايڪڙ زمين بہ هئي، پر هن کي پائي بہ نصيب ڪا نہ ٿي. جيستائين وڃي جوان ٿيو. جوان ٿيو تہ هن بہ اها زمين چاچي کان ڇڪي ورتي. پراون درن تي نپنو ۽ در در جا ڌڪا کاڌا هئائين، تنھن ڪري ڪمچور ننڍي هوندي کان ئي ڪو نہ هو. ڪم جو ڏاڍو مڙس هو. ڪڻڪ جي ڳرڻ پٺن تي هونديس، ۽ چئبس تہ ”مائٽ، ڪارو اٺ ڪيئن ٿو ڪڏي؟“، تہ هڪ ٻانھن پٺي هڻي بيھي ڪڏندو، ڄڻ تہ اڍائي مڻن جي تہ پرواھہ ئي ڪا نہ اٿس. کانٽيءَ توڙي گڏ جو بہ ڪوڏيو هو. مطلب تہ ڪم جو ڏاڍو مڙس هو. قد جو ننڍو، پر جسم ڏاڍو مضبوط هوند هوس. هڪڙي ڳالھہ هئي جو ٿورو پر متڙيو هوندو هو. ڪموءَ ڳالھہ ڪيس تہ ڌنو چاهي ٿو تہ سندس ڌيءُ جي توسان شادي ڪرائي. پوءِ تہ همراھہ جا اتي ڦيرا هجن. ڪپڙا ڌويو، اڇا ٻڙا ڪريو، تيل وغيرہ مکيو، وتي ڳوٺ ۾ چڪر ڏيندو. سڀ وائڙا تہ مائٽ ۾ ايترو ڦيرو، ۽ سو بہ ايترو جلدي، آيو ڪيئن! سچ چيو اٿن تہ پيار جي جنھن کي بہ چھنڊي لڳي، تنھن جا ويس ئي بدلجي ويا – يا نپٽ چريو، يا وري ڇنڊيل ڦوڪيل.
ڌنو هو لوڀي ماڻھو، ۽ هن کي خبر بہ هئي تہ بچوءَ کي ست – اٺ ايڪڙ زمين بہ هئي. هن چاهيو ٿي تہ بچوءَ جي مٿي تي هٿ ڦيري، اهي ست– اٺ ايڪڙ ڇڏائي وٺان. سو، هن بچوءَ کي ٻچو- ٻچو ڪري پنھنجي گهر آڻڻ شروع ڪيو. ڌني جي گهر ۾ رهڻ سان، پوءِ تہ همراھہ جي لانگ پئي لڳي. پنھنجي پاڇولي مان بہ وڏون ڪڍڻ لڳو. جڏهن ڌني ڏٺو تہ بچو هاڻي منھنجي چنبي ۾ آهي، تہ چاچس کان زمين وٺڻ لاءِ چيائينس. نيٺ برادريءَ ۾ فيصلو ٿيو تہ بچوءَ کي پنھنجو حق ملڻ گهرجي. زمين بچوءَ جي، ۽ حوالي ڌنوءَ جي هئي. بچوءَ جي زمين مان ڌنو چڱو مڇي– مانيءَ وارو ٿي ويو هو، ۽ پنھنجا چار ڏوڪڙ بہ ٺاهي ورتائين. هڪ ڏينھن ڌني جي ڇوڪريءَ مٺل چيس: ”بچل ڪمدار جي پٽ بہ ريڊيو آندو آهي، تون ڪو انھيءَ کان گهٽ ٿورو ئي آهين، ريڊيو وٺي آ تہ وڄايون:“ همراھہ انھيءَ ڏينھن تہ ڪپڙن ۾ نہ پيو ماپي. پر سوچڻ لڳو تہ پئسا ڪٿان ايندا. حڪم بہ ضرور پورو ڪرڻو هوس. نيٺ ڌني کي چيائين تہ ”مون کي پئسا کپن، منھنجو شوق ريڊي تي ٿيو آهي.“ ڌني چيس تہ ”بابا، مون ۽ تو ورهايو ڪو نہ، هيءَ چونڪڙي کڻي مون کي ڏي تہ اٺ سئو رپيا ٿو ڏيانءِ. ٻين کي بہ ڏيندين، ڇو نہ گهر جي شي گهر ۾ ئي رهي.“ مائٽ کي شوق کنيو وتي، سو کڻي هاڪار ڪيائين. همراھہ پئسا وٺندي ئي ڪيو شھر جو رخ. ٻہ – چار ڏينھن ڏاڍا گهمي ڦري، ريڊئي سميت اچي ڌني جي گهر نڪتو. همراھہ جو ڄڻ زمين تي پير ئي ڪو نہ پيو کپي. دل ئي دل ۾ ڄاتائين تہ مون مٺل کي خريد ڪري ڇڏيو. نيٺ هڪ ڏينھن ٻنيءَ تي وجهہ وٺي، مٺل کي چيائين: ”ڏس، مون تنھنجو حڪم پورو ڪيو نہ! هاڻي ڀلا منھنجو مڱڻو بہ ٿيندو يا سدائين پري رهنداسين؟“ مٺل ٿورو مرڪي، ٿورو شرمائجي چيس: ”تون بابي سان ڳالھاءِ، مون کي ڪھڙو انڪار ٿي سگهي ٿو.“ انھيءَ جواب ٻڌڻ تي بچو خوش ٿيو. پر بچوءَ پان ڌني کي مڱڻيءَ جو ڪير چوي؟ هيءُ پنھنجي غريب دل ۾ مٺل لاءِ الائجي ڇا سوچڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن تہ سوچ ۾ اهڙو غرق ٿي ويندو هو جو ڪنھن ماڻھوءَ وغيرہ جي اچڻ جي بہ ڪل ڪا نہ پوندي هيس.
هڪ ڏينھن ائين اندر لانڍيءَ ۾ اڪيلو ويٺو هو، ۽ سوچيندي سوچيندي الاجي ڪٿي وڃي پھتو تہ مٺل اچي ڌونڌاڙيس: ”بچو تو کي ڇا ٿي ويو آهي! آءٌ توکي ڏاڍو ڳڻتين ۾ ٿي ڏسان. آخر ڳالھہ ڇاهي؟“ بچوءَ جون ڄڻ تہ سڀ سوچون سندس ذهن مان ائين کسڪي ڪرڻ لڳيون، جيئن ڀريل مٺ مان واريءَ ذرا وهي نڪري ويندا آهن. ۽ پوءِ مٺل سان مرڪي ويٺو. هڪ ڏينھن، دل ٻڌي، بچوءَ نيٺ ڌني سان مڱڻي جي ڳالھہ ڪئي. ڌنو تہ هن کي اڳي کي تاڙيو ويٺو هو، تنھن ٺھہ پھہ چيس تہ ”مڱڻيءَ جو خرچ ڪٿان آڻيندين؟ ضرور ڳھہ ڳٺي تي بہ خرچ ايندو!“ بچوءَ دل ئي دل ۾ فيصلو ڪري ورتو: ”چاچا، ٻني وري ڪھڙي ڪم ايندي؟ مٺل کان ٿورو ئي ڪا مٿي ٿي سگهي ٿي!“ ڌني جي تہ دل وٽان ڳالھہ ڪيائين. اها بہ باقي بچيل ٻہ – ايڪڙ زمين خريد ڪري ورتائينس. ٻن– چئن ڏينھن کان پوءِ بچو شھر ويو، ۽ پنھنجي دل وٽان ڪپڙا لٽا ۽ ڳھہ ڳٺا وٺي آڻي چاچيس ڌني جي اڳيان رکيائين. مٺل – ماءُ بہ اهي ڳھہ ڳٺا سوگها ڪري رکي ڇڏيا. پوءِ تہ ڌنو بہ ڪن مان ڪاٺي ڪڍي ويھي رهيو. بچوءَ ٻہ – چار دفعا چيس، پر اڄ – نہ سڀاڻ ڪري، ويو هن کي ٽاريندو. نيٺ هڪ ڏينھن بچو ڪيڏانھن ٻاهر ويو تہ ڌني وڏيري جي پٽ سان مٺل جو مڱڻو ڪري ڇڏيو. بچو موٽي اچي ڏسي تہ ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آهن. ڌني بہ گهر مان ڪڍي ڇڏيس. بچوءَ برادريءَ ۾ ڳالھہ آندي، پر چڱي مڙس تي ڪو پويئي ڪو نہ. نيٺ ويچارو چپ ڪري ويھي رهيو.
ﷲ جي ڪرڻي اهڙي ٿي جو همراھہ سخت بيمار ٿي پيو. بيماريءَ مان چُڙي چُڙي اٿيو تہ ڳالھائڻ ئي ڦري ويس. هن جي ڳالھاءُ ۾ ٻاتاڻ پيدا ٿي پيئي. هاڻي تھو اهو ڌني وارو ڳوٺ ڇڏي، اسان وٽ اچي رهيو هو. سدائين موڳاٽيل رهندو هو، ۽ ٿورو دماغي توازن بہ وڃائي ويٺو هو. ايتري قدر جو هڪ ڏينھن ڀوڳ ڪرايائونس تہ ”مائٽ، فلاڻي ڳوٺ ۾ نہ وڃجانءِ، ڇو تہ تو ڏاڙهي رکائي آهي، ۽ جيڪو بہ ڏاڙهي رکائيندو، تنھن کي ليسن وٺڻو پوندو. تو وٽ ليسن آهي ڪو نہ، ۽ اتي ويندين تہ ٻڌجي ويندين!“ مون ڏٺو تہ مامي کي پيرين پيو پوي تہ ”ان ڳوٺ ۾ اوهان جا دوست آهن، چٺي لکي ڏيو تہ مون کي ٻڌن نه“ ڪچھري کل ۾ ويڙهي پيئي هجي، پر مائٽ جي منٿ تي منٿ پيئي پوي، نيٺ مامي ٻہ – چار ڪوڙا سچا اکر لکي ڏنس، تڏهن ان جي بہ جند ڇٽي، مطلب تہ مائٽ جون عجيب عجيب ڳالھيون آهن. هڪ ڏينھن آءٌ ڪاليج کان موڪل تي ڳوٺ ويس تہ ڪچھريءَ ۾ ڌم لڳي پيئي هجي، ۽ مائٽ بہ وڏو ديڳڙو چانھہ جو مچ تي رکيو ويٺو هجي. مائٽ کي، جيڪو بہ ڪچھريءَ ۾ اچي، سو پيو مبارڪون ڏئي. نيٺ مون پڇيو تہ مائٽ کي ڇا جون پيا مبارڪون ڏيو، تہ ڪمدار رڙ ڪري چيو: ”سائين، مائٽ جي شادي ٿيڻي آهي!“ مون ڏٺو تہ گهڻن کي کل پئي آئي، پر چانھہ جي لالچ ۾ سڀ ڪو چپ ٿي ويو، ڇو تہ مائٽ چيڙاڪ بہ هڪ ئي هو، تنھن ڪري جيڪڏهن چڙي پوي ها تہ ديڳڙو اونڌو ڪندي دير نہ ڪري ها. مون ڏٺو تہ درياءَ دلي ۽ ازلي مرڪ سان، ويٺل ماڻھن کي مائٽ چانھہ پيارڻ شروع ڪئي. سڀ ڪنھن کي چانھہ بہ پيو پياري ۽ چوي پيو: ”چڙا (چريا)، چانھہ پي ڍءُ ڪر، منھنجي شادي تہ ضرور ٿيندي!“ مائٽ جون تمام گهڻيون ڳالھيون آهن. هڪ ڏينھن مامي سنجيدہ ٿي چيس: ”مائٽ، شادي ڪرايانءِ؟“ مون ڏٺو تہ هن جون ننڍڙيون ننڍڙيون اکيون، ننڍڙي ٻار جيان پاڻيءَ سان ڀرجي آيون، ۽ چيائين: ”تون منھنجو بابو آهين تون مون کي نہ ستاءِ نہ. منھنجي تہ شادي ٿيل آهي!“ مامي وري پڇيس: ”ڇا مٺ سان شادي ڪئي هيئہ ڇا؟“ مون ڏٺو تہ هاڻي هو سڄو ڳاڙهي ٿي ويو هو، ۽ مامي کي ٻانھن ٻڌي چيائين: ”ڀوتار، هن جو نالو نہ وٺو،متان ان جي بدنامي ٿي پوي!“ آءٌ وائڙو ٿي ويس. هن کي پنھنجي پيار جو ايڏو احساس ۽ وفاداري! جنھن انسان کي پيار ۽ محبت جو احساس هجي، جو انسان محبت جو پڄاري هجي ۽ ان ۾ حد درجي جي وفاداري بہ هجي، ان کي ڪير چريو چئي سگهي ٿو؟ مون خيالن ئي خيالن ۾ بچوءَ کي ڀاڪرپاتو، ۽ سندس اکين تان ڳوڙها اگهيم. مون ڏٺو تہ ڌنو وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي رهيو هو – خوفناڪ، پر کوکلا ٽھڪ.

(مھراڻ، 3 – 1963ع)

بيوس (بھاءُ الدين سرهندي)

زندگيءَ جي لھر هن کي زندگيءَ کان ايترو پري کڻي ويندي، اهو هن جي خواب خيال ۾ بہ نہ هو. وطن جا وڻ ڇڏي هن کي ٻن سالن کان بہ ڳپل وقت ٿي چڪو هو. انھيءَ وچ ۾ هو ملڪ جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ ڏانھن ڊوڙيو، سنڌ ۽ پنجاب جي وادين ۽ ريگزارن کي چيريندو، هو قداور جبلن جي ديس ۾ پھتو. جبل جهاڳي جڏهن بس ڪيائين، تڏهن وٺي فضا ۾ اڏاڻو ۽ اچي دريائن جي ديس ۾ ساھہ پٽيائين. اهي ويڪرا درياءَ، جن جي ڪنارن تي سانورين دوشيزائن ڪارن ڪڪن وارن جا ڄار پکيڙي ڇڏيا آهن تہ ڀل ڪو سڪايل اچي دل لٽائي. جتي جا مانجهي، چپن جي لَي تي دلين جا دونھان ٿا ڪڍن. وڏن ويڪرن دريائن کي پار ڪندو، هو ننڍڙين ندين وٽ پھتو، جن جي ٻنھي ڪپن تي بيٺل ڊگها ڊگها گرجن جا وڻ آڪاش جو سينو چيريندا ڏسبا آهن. انھن وڻن جي وچ ۾ هن ”چڪما“ قبائلين جا جهوپڙا ڏٺا، جتي زندگي اڃا ”تھذيب“ جي گندي لفظ کان واقف نہ ٿي آهي، جتي جي زندگي ڪچي گوشت وانگر آهي – دل گهري تہ کائو، نہ گهري تہ نہ کائو.
هو زندگيءَ جي تلاش ۾ هو. هن چاهيو ٿي تہ زندگيءَ جي جام کي ايترو ڀري، ايترو ڀري، جو اهو ريلا ڪري وهي، ۽ پوءِ هو ان کي هڪ ئي ڳت ۾ پي وڃي. هن جا خواب ڏاڍا سنھري هئا، ۽ زندگيءَ جي جام هٿ ڪرڻ لاءِ هن وطن جا وڻ ڇڏيا.
هن زندگيءَ کي مرڪيندي بہ ڏٺو، ۽ روئندي بہ، ”ڪشمير پوائنٽ“ کان ٿيندي، هو مال روڊ جي ”سام“ ۾ ”زندگي ڪيتري نہ حسين آهي!“ سارن جي ڌن تي هن جا قدم خودبخود کڄي رهيا هئا. هن ڏٺو تہ رزق برق لباسن ۾ هنسن جا جوڙا اڄ وڌيڪ چمڪي رهيا هئا. گلاس ٽڪرائجي رهيا هئا. لپ اسٽڪ جو رنگ آهستي آهستي گهٽجي رهيو هو. ۽ زندگيءَ سان ڀرپور ٽھڪ هن جي دل کي چيڙڻ لڳا. هن ائين محسوس ڪيو، ڄڻ ڪو سندس دل کي نپوڙي رهيو هو. هن ڪنڌ کڻي ٻئي طرف، رستي ڏانھن ڪيو، پر...... زندگي اتي بہ پنھنجي جوڀن تي هئي، ۽ هو..... هو اڪيلو هو، هن سوچيو، هن بہ تہ ڪنھن سان پيار ڪيو هو – اهو پيار، جيڪو اڃا صرف نظرن تائين محدود هو. ۽ هن کي بہ ڪاريون ڪاريون، وڏيون وڏيون اکڙيون ياد آيون،جيڪي هينئر بہ کيس گهوري رهيون هيون. اهي نيڻ، جن ۾ پيار سان گڏوگڏ شرارت بہ هر وقت جهلڪندي هئي، پر هن پيار جو قدر نہ ڪيو. هن زندگيءَ جي جام کي اڃا ڀرڻ ٿي چاهيو. پر اوچتو جام سندس هٿن مان ڇڏائجي ويو، ۽ هو ڀڳل ٽڪرن کي ڏسندو ئي رهجي ويو.
باقي بچيل سگريٽ کي ائش – ٽري ۾ دٻائيندي، آهستي آهستي وکون کڻندو، هو ڪافي هائوس مان نڪري ويو.
***
زندگيءَ جي ابتدائي دور ۾ هو هميشہ هڪ حسين دنيا بابت سوچيندو هو. اها خيالي دنيا، جنھن ۾ حسن هو، جتي وهندڙ آبشارن جي موسيقي هئي، جتي محبت ۽ خلوص جا گيت هئا، ۽ اڄ هو واقعي هڪ حسين دنيا ۾ هو. ڪاغان جي وادين مان مٿي چڙهندي، ديال ۽ ڪائل جي ڊگهن وڻن سان ڍڪيل پيچرن تان لنگهندي، هن آبشارن جي موسيقي ٻڌي، پري، اتانھن جبلن جي چوٽين تي پيل برف جي سفيدي ڏٺي. هن سوچيو، قدرت هڪ عظيم مصور آهي، جيڪو پنھنجي ڪينوس تي چٽيل تصوير ۾ نون نون، شوخ شوخ رنگن ڀرڻ ۾ فياض آهي.
پر هن جا ڪن پيار ۽ خوشيءَ جي گيتن ٻڌڻ لاءِ سڪندا رهيا. هن ڏٺو تہ قدرت حسن تہ ڏنو، پر خوشي نہ ڏني. هر طرف بک، هر طرف غربت! مکڙيون ٽڙڻ کان اڳ ئي ڪومائجي رهيون هيون. زندگيءَ جو سج، باکون ڪڍڻ کان اڳ ئي غروب ٿي رهيو هو. هن سوچيو، قدرت ڪيڏي نہ سنگدل آهي. انسان ڪيترو نہ بيوس آهي. هڪ گڏيءَ وانگر – وڻي تہ ٻہ اکيون رکجنس، وڻي تہ هڪڙي بہ نہ.
هو بہ تہ بيوس هو! زندگي جي لھر کيس ٻئي ڪپ تي اچي سٽيو هو. واپس ڪيئن وري، سو هو سوچي بہ نہ ٿي سگهيو. پڃري ۾ پيل پکيءَ جيان پرڙا هڻي، واھہ نہ ڏسي، کڻي ماٺ ڪيائين.
***
اڄ چوڏهينءَ جو چنڊ هو، ۽ هو دريائن جي ديس ۾ هو. ٻنھي طرفن سندر بن جا گهاٽا جهنگ هئا. بيوس انسان کي جڏهن وڏن شھرن پناھہ نہ ڏني، تڏهن هڪ دفعو وري هن جهنگلن ۾ سھارو ڳوليو. ننڍيون ننڍيون ”شمپان“ ٻيڙيون، هلڪا هلڪا لوڏا کائينديون، اڳتي وڌي رهيون هيون. مانجهي رکي رکي ڪو گيت ڳائي رهيا هئا. چپن جو آواز، چانڊوڪي ۽ گيت – ٽيئي ملي، هڪ عجيب سوز پيدا ڪري رهيا هئا. حسرت ۽ ياد هن جي روح جي گهرائين ۾ پيھي ويئي. هن سوچيو، هو اڪيلو آهي، بيوس آهي: ”پر هي مانجهي، هي سڀ انسان بہ تہ بيوس آهن! هي چانڊوڪي، هي گيت، هي درياءَ جون ننڍيون ننڍيون لھرون بہ تہ بيوس آهن...... ۽ شايد هيءَ عظيم قدرت بہ تہ بيوس آهي! هن هي گڏو تہ ٺاهيو، پر ان کي ٻئي اکيون ڏئي يا هڪڙي بہ نہ – شايد اهو سوچڻ کان قدرت بہ معذور آهي.“
آهستي آهستي بوندون پوڻ لڳيون – چانڊوڪيءَ جي جاءِ اونداهيءَ والاري – شايد قدرت بہ روئي رهي هئي.
هن سوچڻ ٿي چاهيو، پر هو سوچي نہ سگهيو، هو سمجهي نہ سگهيو.

(مھراڻ، 1- 1963ع)

سڪايل روح (غياث جوڻيجو)

”آيو اَٿوَ لاڏلو خير سان رلي پني! چئين بجي شام جو نڪتو آهي، ۽ مٿان اچي رات جا ست لڳا آهن!....“
ويچاري اڃا گهر اندر پير پاتو ئي مس، تہ ماڻس جا تيز لفظ تير جيان سندس دل ۾ چڀي ويا، جن کيس ايندڙ آپدا جو اڳواٽ اشارو ڏيئي ڇڏيو. هن جي دل ڌڙڪڻ لڳي، ۽ بدن مان ست ڇڏائجي ويس.
”آهي ڪٿي؟..... اڙي ڪيڏانھن ويو هئين؟ ڪيترا ڀيرا سمجهايو اٿمانءِ تہ رات جو دير تائين ٻاهر ڌڪا نہ کائيندو ڪر، پر تون مڙين ئي ڪو نہ ٿو!..... لوفر...... بدمعاش!“
”ٽڙھہ!“ ...... ڪنڌ ساڄي ڪلھي ڏانھن مڙي ويس. هيسيل هرڻيءَ جيان، سمھيل نگاهن سان هو پيءُ ڏانھن ڏسڻ لڳو. پڻس، اوڏيءَ ئي مھل، وڏيون ٻرانگهون ڀريندو، ڪيڏانھن نڪري هليو ويو. هو اتي ئي بيٺو سڏڪا ڀريندو رهيو. پھريائين تہ هٿن جي پٺين سان اکيون مھٽڻ شروع ڪيائين، ۽ پوءِ قميص جي پلاند سان پنھنجا آلا نيڻ اگهڻ لڳو. ڀنل پنبڻيون کڻي، ”ماءُ“ ڏي نھاريائين. هوءَ کانئس بي پرواھہ، ننڍڙي طارق کي ننڊ ڪرائڻ ۾ مشغول هئي. ڪجهہ ويرم کان پوءِ جڏهن ڪڪو ننڊ پئجي ويو، تہ هوءَ کٽ تان آهستي آهستي اٿي، ۽ ڪڪي مٿان رَئو وجهندي چوڻ لڳي:
”ڪير ٿو چويئي تہ رات جو دير تائين پنندو وت! ماڻھو سويل گهر موٽي آيو.....! ٻيا ٻار ڏس. ڪير ٿو هن وقت گهمي؟ اسان کان آڌيءَ رات تائين ٺڪر سنڀاليا نہ ٿا ٿين. پڻھين کي چئہ تہ ڪا نوڪرياڻي رکي ڏئيئي، پوءِ پيو رانگا ٽينگا ڪر!“
هو سڀ ڪجهہ ٻڌندو رهيو – خاموش، بلڪل چپ، ڳالھائي بہ ڪين؟.... شڪايت ڪري بہ تہ ڪنھن سان؟ دانھن ڏي بہ تہ ڪنھن کي ؟ گهر ۾ سندس غمگسار هو بہ ڪير، جنھن سان پنھنجو ڏک سک اوري؟ ماٺ ميٺ ۾ چار ڳوڙها ڳاڙي، خاموش ٿي ويندو هو.
انور، ڇھن ستن سالن جو معصوم، ڏاڍو وڻندڙ ۽ پيارو ٻار هو. اڃا ڄائي چار سال ئي مس گذريا هئس تہ ماءُ کيس پيءُ جي حوالي ڇڏي، هميشہ لاءِ کائنس جدا ٿي وئي - ۽ هو هميشہ لاءِ مادري محبت کان سڪايل رهجي ويو. پڻس جو ان وقت مٿس ايترو تہ چاھہ هو جو اصل ٻيءَ شاديءَ جو خيال ئي کڻي ڇڏيو هئائين. تمام مشڪل سان، مٽن ۽ مائٽن ۽ يارن دوستن جي اصرار تي، نيٺ هن ٻي شادي ڪئي. گهڻي وقت تائين انور پنھنجي نئين ماءُ لاءِ وندر بڻيو رهيو. پڻس بہ سندس پرورش تي جوڳو ڌيان ڏيندو هو. پر جڏهن کان طارق جو گهر جي ڀاتين ۾ اضافو ٿيو هو، انور جي ماٽيجي ماءُ آهستي آهستي منجهائنس چاھہ گهٽائيندي رهي– هن کي دل وندرائڻ لاءِ هاڻي پنھنجو ٻار هو. ننڍڙي ٻار کي هونئن بہ گهر جا ڀاتي وڌيڪ ڀائيندا آهن. انور جي چنچلتا ۾ هاڻي ماءُ توڙي پيءُ لاءِ اها ڪشش نہ رهي هئي. طارق ٻنھي جي توجھہہ جو مرڪز بڻيل هو. انور جون رواجي شرارتون بہ هاڻي هنن کي بيزار ڪرڻ لڳيون هيون. خسيس خسيس ڳالھين تي جڏهن پڻس کيس ڇڙٻون ڏئي ڪڍندو هو، تہ انور جي اکين مان لڙڪن جي قطار وهي هلندي هئي، ۽ سندس نازڪ دل تي مايوسيءَ جو احساس وڌيڪ گهرو ٿي ويندو هو. اڄ بہ معمولي غلطيءَ تي کيس ڇڙٻيو ويو هو، جنھن ڪري سندس دل ڀرجي آئي هئي.
”اُٿي،..... اندر ماني پيئي اٿئي، ڪڍي وڃي کاءُ!“ ”ماڻس“ جا اکر سندس ڪن تي پيا. هن جا قدم خودبخود بورچيخاني طرف وڌڻ لڳا. ٿالھہ هيٺان ڍڪي ماني ڪڍي، کائڻ ويٺو،. هيترن دڙڪن کائڻ کانپوءِ مانيءَ لاءِ ڪا اشتھا ڪانہ رهي هيس. زور ڪري هڪ – ٻہ گرھہ ڀريائين، پر ائين پئي ڀاسيس تہ گرھہ نڙيءَ کان هيٺ لٿو ئي نہ ٿي. ماني وري بہ ٿالھہ هيٺ ڍڪي، چپ چاپ ٻاهر نڪري آيو، ۽ اڱڻ جي ڪنڊ ۾ پيل کٽولي تي اچي ليٽي پيو. ننڊ سندس نيڻن مان نڪري چڪي هئي. ڪمزور دماغ ۾ طرح طرح جا خيال جنم وٺي رهيا هئا. ”آخر اما ۽ بابا مون کي دڙڪا ڇو ٿا ڏين؟... مون کي مارين ڇو ٿا؟ .... پاڻ ماني کائي، مون لاءِ کڻي رکي ڇڏين- وڻي تڏهن اچان!.... اما کي تہ منھنجي ڪا ڳالھہ ڪا نہ ٿي وڻي.... پر بابا ڇو ٿو ائين ڪري؟.... اهو بہ طارق کي تہ گهڻو ٿو ڀانئي!......“ اها تہ خبر هيس تہ هيءَ سندس سڳي ماءُ ڪا نہ هئي. کيس چٽيءَ طرح ياد هو تہ هڪ دفعي پڻس کيس ٻڌايو هو تہ سندس وڏي ماءُ ويئي آهي ﷲ سائين وٽ. هن جي معصوم ذهن سوچيو: ”اما مون کي بہ ڇو ڪين ﷲ سائين وٽ وٺي ويئي؟ مون کي ڇڏي ڇو ويئي؟ مائون تہ پنھنجن پٽن کي ڪيڏانھن بہ گڏ وٺي وينديون آهن!......“ اهڙو خيال ايندي سندس اکيون آليون ٿي ويون. وري خيال آيس ”شايد اما سوچيو هوندو تہ آءٌ اتي ڪا شرارت نہ ڪريان.... پر آءٌ تہ ڪا بہ کيچل ڪانہ ڪندو آهيان. اسڪول ۾ بہ ماٺ ڪري ويھندو آهيان. مون کان زيادہ مستي تہ اڪبر ڪندو آهي. اسڪول ۾ ڇوڪرن سان وڙهندو آهي. سائين جا چاڪ چورائيندو آهي، سڀني کي گاريون ڏيندو آهي.... تڏهن بہ اڪبر جي مَمي ان کي تہ ڪيترو نہ ڀانئيندي آهي! اسان جي گهر ايندي آهي، تہ بہ اڪبر کي گڏ وٺي ايندي آهي....“
اهي پور پچائيندي، الائي ڪيڏي مھل هن جي اک لڳي وئي.-
***
ٻئي ڏينھن اهو واقعو خوب سمان هو، جنھن جا ڪجهہ مٽيل نشان انور جي دماغ ۾ اڃا موجود هئا. جلدي جلدي تيار ٿي، هو اسڪول روانو ٿيو. اسڪول ۾ ڪو دل گهريو دوست هوس تہ اهو ئي اڪبر. پاڻ ۾ پڪي سنگت هوندي هين. ساڳئي ڪلاس ۾ پڙهندا هئا. ويھندا بہ هڪڙيءَ ئي بينچ تي هئا. رسيس ۾ تہ جيستائين گڏجي شيءَ نہ کائيندا هئا، تيستائين ڄڻ مزو ئي ڪين ايندو هون. اڄ انور اسڪول آيو، تہ خلاف دستور اڪبر نظر نہ چڙهيس. ڳوليائين، پڇا ڪيائين، پر اڪبر اڃا اسڪول آيو ئي ڪو نہ هو. سمجهيائين تہ متان دير سان اچي، پر گهنڊيءَ لڳڻ بعد بہ انور بينچ تي اڪيلو هو. اڪبر اڄ غيرحاضر رهيو. اڪبر بنا انور کي ڪلاس ۾ سک ئي نہ پئي آيو. پڙهائيءَ ڏانھن سندس ڌيان ئي نہ ٿي ويو. هن جي دل اداس هئي، ملول ۽ موڳو ٿيو ويٺو هو – ڄڻ تہ ڪنھن بہ ڳالھہ سان سندس واسطو ڪو نہ هو.
”انور، تون ڇا پيو ڪرين!“ استاد دڙڪي سان پڇيو.
سڀئي ڇوڪرا انور ڏانھن نھارڻ لڳا.
”جي، سائين......“ انور سڌو ٿي ويٺو.
”سبق ياد اٿئي؟ بيت ٻڌاءِ!“
انور بيت پڙهڻ شروع ڪيو. هٻڪندي هٻڪندي بيت تہ پورو ڪيائين، پر استاد لڪڻ کڻي اچي مٿان بيٺس.
”تون ڏينھون ڏينھن وڃين ٿو شيطان ٿيندو. سبق بہ ياد نہ اٿئي. گهر محنت ڇو نہ ٿو ڪرين؟..... هت ٻاهر ڪڍ!“
انور جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ترسي ترسي، هن هٿ اڳتي وڌايو – ننڍڙو، نازڪ هٿ. ٻہ دفعا بيد جو شپڪو ٿيو. هن دانھن بہ ڪانہ ڪئي. پنبڻين ۾ اٽڪيل ڳوڙها ٻاهر نڪتا، ۽ ڳلن تان ترڪندا اچي پيل ڊيسڪ تي ڪريا. هو پنھنجي ڳاڙهي ٿيل هٿ کي ڏسندو رهيو. ڪلاس سڄو خاموش ٿي ويو. ڇوڪرن پنھنجا ڪتاب کولي سبق ياد ڪرڻ شروع ڪيا.
”سائينءَ“ جو غصو اڃا پورو نہ لٿو هو: ”تون هاڻي بلڪل سست ٿي پيو آهين. آءٌ اڄ پڻھين سان ملندس، ۽ کيس ٻڌائيندس تہ تون ڪلاس ۾ چڱيءَ طرح ڪم نہ ٿو ڪرين!“ پيءُ سان شڪايت جو ٻڌي، انور جي اکين اڳيان انڌاري اچي وئي.
لڱ ڪانڊارجي ويس – ڄڻ تہ ملڪ الموت کي سندس روح قبض ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو هو. چپ چاپ، ڪنڌ هيٺ ڪري، بينچ تي ويھي رهيو.
اڄ هو تمام گهڻو غمگين هو. دل ڪلاس کان کٽي ٿي پئي هيس. رڳو انھيءَ انتظار ۾ هو تہ موڪل ملي تہ هن مصيبت مان جند ڇٽي. رکي رکي ماستر تي ڏاڍا خار اچڻ لڳس – ”سائين تمام خراب ماڻھو آهي! بيت تہ مون کي پڪو هو. چوي تہ وري يڪساهيءَ ياد ٻڌايانس! رڳو هڪڙي سٽ ڀلجي ويس.... پر هڪڙو تہ ماريائين، ٻيو وري هاڻي بابا کي دانھن ٿو ڏئي!......ڀلي دانھن ڏي، بابا مون کي ڇا ڪندو..... بابا؟ ...... هو تمام ڪاوڙبو!...... ڏاڍي مار ڏيندو!.... هو طارق کي ڀانئي ٿو.....“ اوچتو گهنڊ جي آواز سندس خيالن جي سلسلي کي ٽوڙي ڇڏيو. هو ٽپ ڏيئي، ٿيلھو ڳچيءَ ۾ وجهي، ٻاهر نڪتو.
اسڪول جي عمارت اُڪري جڏهن رستي تي پھتو، تہ ويچار آيس تہ ”ڇونہ اڪبر وٽان ٿيندو وڃان!“ – ”خودبخود سندس رخ اڪبر جي گهر ڏانھن ٿي ويو.
***
اڪبر جي گهر پھچي، اڱڻ لنگهي، اندر داخل ٿيو. گهر جا سڀ ڀاتي وچئين ڪمري ۾ ويٺا هئا. هڪ پاسي پلنگ تي اڪبر ليٽيل هو. سيرانديءَ کان ماڻس ويٺي هوا ڪئي. انور هوريان هوريان هلندو اچي پلنگ وٽ بيٺو. کيس ڏسي، اڪبر پنھنجون ٻوٽيل اکيون بند ڪري ڇڏيون.
”ماسي، ڇا ٿيو آهي اڪبر کي؟“ هن اڪبر جي ماءُ کان پڇيو،
”ابا، جهولو لڳو اٿس. ڪالھہ منجهند جو ڪو ويو هو بازار مان برف وٺڻ. ويجهڙائيءَ ۾ مليس ڪا نہ. رلي رلي برف تہ هٿ ڪيائين، پر اچڻ سان ڪري پيو. ڏاڍو بخار آهي ٻچڙي کي!“ ماڻس پيار وچان اڪبر جي وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ لڳي. ڏاڏيس سندس پيرن کي زور ڏيڻ لڳي.
”امي، پاڻي-“ ڀيڻس يڪدم هڪ موسميءَ جو رس ڪڍي آڻي ڏنس. پيار محبت جي اها روئداد ڏسي، هڪ دفعو وري انور جي اندر کي جهٻي آئي. دل ڀرجي آيس. اکين ۾ پاڻي تري آيس. ان گهڙيءَ هن پاڻ کي سڄيءَ دنيا ۾ اڪيلو تصور ڪيو، جنھن جو ڪو بہ عزيز قريب، ڪو بہ همدرد ۽ غمگسار نہ هجي. هو قرب ۽ محبت جو بکيو هو – پيار جي ساگر جي هڪ قطري جو پياسي. معصوم دل ۾ اها تمنا ڀڙڪي اٿي تہ ڪير هن کي بہ پنھنجو سمجهي، هن جو بہ ڪو همدرد هجي، ڪو هن کي بہ پنھنجو پٽ سمجهي پيار ڪري!
اڪبر ڏاڏي چئي رهي هئي: ”ڏاڍا خراب ڏينھن آهن. ٻاهر جهولو پيو لڳي. اڪبر کي بہ بک لڳي آهي. ﷲ پاڪ پنھنجو رحم ڪري، باقي هن هوا ۾ تہ گهڻو هلجي بہ نہ....!“ اهو ٻڌي، اڪبر کان موڪلائڻ بڻائي، انور هڪدم ڊڪ پائي ٻاهر نڪري آيو.
***
جولاءِ جو مھينو، آرهڙ جا سخت ڏينھن، ٽاڪ منجهند، نٽھڻ اس ڪانوَ جي اک پئي نڪتي...... انور ائين ئي گهٽين ۾ فضول هلندو رهيو. مٿو اگهاڙو، هلندي هلندي ڪلاڪ – سوا گذري ويس. چپ سڪي ٺوٺ ٿي ويس. اس جي تيز تپت ۾، ڏاڍي اڃ محسوس ٿيس. هوٽل ۾ لنگهي ويو. يڪا ٻہ گلاس پاڻيءَ جا پي ويو. وري اٿي پنڌ ويو.....
هوريان هوريان مٿو گرم ٿيڻ لڳس. اکيون ڳاڙهيون ٿي ويس. بدن وسامندو معلوم ٿيس. ٿڪ سبب بت سڄو ساڻو ٿي پيس ٽنگن ۾ ٽوٽ ۽ ڳوراڻ محسوس ڪرڻ لڳو. گهر جي در وٽ پھچي، مٿي ۾ چڪر اچي ويس. دل تي بار معلوم ٿيس، ۽ اتي ئي در کي ٽيڪ ڏيئي الٽي ڪرڻ ويھي رهيو. ڪتابن جو ٿيلھو ڪلھي مان لڙڪي اچي پَٽَ تي ڪريو. ڪا ساعت هو اتي ئي مٿي کي هٿ ڏئي ويٺو رهيو. نوڪرياڻي ٻاهرنڪتي، تہ انور جي حالت تي بي اختيار سندس واتان رڙ نڪر ويئي. پڻس ڊوڙي آيو. هڪدم اچي ڀاڪر ۾ کنيائينس. تکو تکو اندر اچي پلنگ تي ليٽايائينس، ”ڇا ٿيو؟.... ڇا ٿيو؟“ – ماڻس بہ ڀڄندي آئي. سيراندي کان ويھي، مٿي تي هٿ لاٿائينس- ڪوسو جھڙو باھہ. اکيون لال، جھڙا ٽانڊا بت سڄو ٿڙڪي رهيو هوس. پڻس تمام پريشان ٿي رهيو هو. هٿ وڌائي ڀت ۾ لڳل پنکي کي وڌيڪ تيز ڪيائين. انور آهستي آهستي ڪجهہ وڦلي رهيو هو: ”..... اما مون کي ڇو نہ وٺي وئي..... هتي مون کي سڀ مارين ٿا.... مون کي سڄو بيت ياد آهي...... منھنجا هٿ ڏکن ٿا .... بابا مون کي ماري ڇڏيندو..... اما! اما! ..... اڪبر جي ممي ڏاڍي سٺي آهي.... منھنجي ممي ڏاڍي خراب آهي... مون کي پيار بہ نہ ٿي ڪري!....“
پڻس پنھنجي زال ڏانھن نھاريو. عورت جي دل هئي. ڇا ٿيو جي انور سندس پيٽ – ڄائو نہ هو، پاليو تہ پاڻ هئائين. سندس خاوند جي تہ اکين جو نور هو. پاڻ بہ هڪ ٻار جي ماءُ هئي. مامتا جو پرخلوص جذبو سندس سيني ۾ ڪَرَ موڙي اٿيو. چپن تي پيار ڀري مرڪ آڻي، انور جو مٿو کڻي پنھنجن گوڏن تي رکيائين: ”صدقي وڃان پنھنجي ٻچڙي تان!“ – ائين چئي، سندس پيشانيءَ تي چمي ڏيئي، آهستي آهستي پنھنجون آڱريون هن جي وارن ۾ ڦيرائڻ لڳي.

(مھراڻ: 1 ، 2- 1960ع)

واچوڙن ۾ لاٽ (حميد سنڌي)

”ابا اٿي، ٻاهر ڪمدار پيو ٿو رڙي، تيار ٿي وٺ، مان نيرن کڻي ٿي اچان-!“
ماءُ جي اٿارڻ تي هو ٽپ ڏئي اٿي ويھي رهيو. کيس ياد آيو تہ اڄ کيس بٽئين تي وڃڻو آهي. هن گهڻن ڏينھن کان پئي نٽايو پر پوءِ خيال ڪيائين تہ سڀ ڪجهہ آخر کيس تي نہ ڪرڻو آهي. رات جو ئي ڪمدار کي چئي ڇڏيو هئائين تہ فجر جو سويل ئي هلبو، جيئن ڏينھن نہ تپي وڃي. تنھن ڪري هو بہ فجر جو ئي در تي گهڙو جهلي بيھي رهيو.
هو جلدي جلدي تيار ٿيو، ماءُ کان چانھہ جو ڪوپ ورتائين، گرھہ ڀڃي وات ۾ وڌائين، مٿان جلدي جلدي چانھہ جو ڪوپ ورتائين. ماڻس کيس ”في امان ﷲ“ چئي ڪم ڪار لڳي وئي. پاڻ حويليءَ جي ڏيڍي ٽپي ٻاهر آيو.
”ڪمدار، سويل ئي اچي وئين-!“
”ڀوتار، سوير وري ڪھڙي آهي، ڪم بہ تہ سنڀاليو، پنج ديرا آهن، پنج ديرا. وري ٻي ترائي واري زمين جي چڪاس بہ تہ هلي ڪيو، ڏسو تہ هيل ڇا ڪرايونس-!“
”چڱو، چڱو هاڻي چڙھہ تہ هلون، وڌيڪ ڳالھيون اتي-“
اختر ۽ ڪمدار وڌي گهوڙي تائين آيا. نوڪر گهوڙا جهلي بيٺو هو. اختر ٽپ ڏئي گهوڙي تي چڙهيو. شھر ۾ گهڻو عرصو رهندي بہ هيءَ سواري ڪا سندس لاءِ نئين ڪا نہ هئي. ها، ايترو سو هو جو گهڻي عرصي کان پوءِ هو گهوڙي جي سواري ڪري رهيو هو. ٻئي ڄڻا آهستي آهستي گهوڙن کي ڇڪيندا ڳوٺ جي ٻاهران آيا ۽ پوءِ کڻي گهوڙن کي ڪچي دڳ تي ڇڏيائون.
اختر، تر جي وڏي زميندار دين محمد جو اڪيلو پٽ هو. پڻس کيس هميشہ شھر ۾ رکيو – وچ، وچ ۾ هو ڳوٺ ايندو هو ۽ زمينون گهمندو هو. پر الاجي ڇو، هو جڏهن بہ ڳوٺن ۾ گهمڻ يا بٽئي تي ويندو هو تہ سندس هانءُ منجهڻ لڳندو هو. پڻس سندس بيزاري ڏسي کيس چرچي وچان چوندو هو، ”منھنجو پٽ زنانو آهي، رڳو گهر ۾ ويھي مکيون ماري ڄاڻي..... بس چووويھہ ڪلاڪ ڪتاب هجنس، ٻيو ڪُل خير-!“
واقعي هو بہ ائين، اختر پنھنجي زندگيءَ کي خشڪ ساٿين يعني ڪتابن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. ڏوڪڙ پئسي جي گهڻائي هئڻ ڪري، چاپلوسي ڪرڻ ۽ کارائڻ وارا ماڻھو، ڪڍ تہ گهڻا هئس پر هو ڪنھن سان ڪو نہ ٺھيو، ٺھيو تہ ڪتابن سان. علم سندس طبيعت ۾ ماٺائي پيدا ڪئي سندس طبيعت نھايت ئي ماٺي ۽ ٿڌي قسم جي هوندي هئي – هو هر ڪنھن ڳالھہ تي ويچارڻ جو اهڙو تہ عادي ٿي ويو جو جيڪا بہ شيءَ ڏسندو هو، ان تي ويچارڻ کان سواءِ رهي نہ سگهندو هو. انھيءَ ڪري هو جڏهن بہ ڳوٺ ايندو هو ۽ ٻنيءَ تي ويندو هو تہ اتي جون حالتون ڏسي، هارين جي ڪسمپرسي، زندگيءَ جون اوڻايون پسي هو مايوس ٿي ويندو هو. ڪي گهڙيون تہ سندس آڏو، هاريءَ جو پٺي لڳل پيٽ، پٺا اگهاڙا، اکين ۾ ويراني، اگهاڙا ٻار ڦاٽل ڪپڙن ۽ مٽي ۾ ڀريل وارن سان، اداس اداس زالون، بک جا جڪ، جهيڙا خون ۽ صدين کان هلندڙ عدالتون، اهي سڀ ڳالھيون ڦرڻ لڳنديون هيون ۽ پاڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انھيءَ ۾ گم هوندو هو.
پڻس بيمار ٿيو، پاڻ يڪدم ڳوٺ هليو آيو. اچڻ سان ڏاڍي ڪوشش ورتائين. ڊاڪٽر سڀ گهرايائين. پر کيس اچ سجهيو ٿي تہ هاڻي سندس يتيمي جا ڏينھن اچي ويا آهن. هو اداس پر خاموش رهيو. پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ڪي ڏينھن هن جي ماءُ جي اداسائي کي ونديو ۽ هو غم ۽ ڏک جي ونڊ ورڇ ڪندو رهيو. جڏهن ڏٺائين تہ وقت سندس ساٿ ڏنو آهي، ونڊڻ لاءِ ڪي يادون باقي آهن، تڏهن هن زمينن ڏانھن ڌيان ڏنو.
کيس ڪڏهن خيال ايندو هو تہ هو انھن اکين جي حسرت ۽ آس ڏسي ڪيئن سگهندو جيڪي کتل هونديون انھن داڻن مٿان، جيڪي هو ميڙي چونڊي پنھنجي حصي ۾ ڪندو ويندو – هو اهي فيصلا ڪيئن ڪندو، جنھن ۾ هڪ هاري ٻئي هاري کي لٺ هڻي ڪڍي هوندي ڇاڪاڻ تہ هن سندس پاڻي جو وارو ڀڳو هوندو، صرف ان ڪري تہ من هو ڪي داڻا وڌيڪ کڻي.
هو سوچيندو هو تہ ائين نہ ٿو ٿي سگهي تہ پاڻ بٽئين تي نہ وڃي. هارين کي جيڪي وڻي سو هو کڻن. باقي منھنجي ضرورت جيترو اَنُ مون کي ڏئي وڃن. ائين نہ ٿو ٿي سگهي تہ هو اوطاق تي ويھي فيصلا نبيري، سڀ ٺھي وڃن، پراڻيون عداوتون ۽ ويڇا سڀ ختم ٿي وڃن- ذري پرزي جي ڳالھہ تان ٿيل جهيڙا، خون اهي سڀ هو هڪٻئي کي معاف ڪري ڇڏين، ڪو ڪنھن کي نہ اهنجائي، بس خاموشي، سانتگي ۽ امن.
اختر هميشہ ائين گهڻو ڪجهہ سوچيندو رهندو هو، زندگي جي هلڻ جا انيڪ ڍنگ، طور ۽ طريقا.
اڄ جڏهن هو گهوڙي تي تيز وڃي رهيو هو، تہ سندس خيال بہ ان کان تيز ڊوڙي رهيا هئا– هو ماٺ ميٺ ۾ زندگي جي مختلف پھلوئن تي ويچاريندو رهيو. هن پھلوئن کي ايترو تہ پروڙيو جو شام ٿي وئي تہ بہ هو ويچارن تي ويچاريندو رهيو. انھن ويچارن جي نتيجي ڪمدار کي حيران ڪري ڇڏيو.
هن بٽئيون نھايت ئي انوکي طريقي سان ڪيون. زمينداري لاپو معاف، ڪمدار کي ٽويو زميندار جي حصي مان نڪري، هاري کي ان جو اڌ پلئہ پئي، ان مان ڪا بہ ڪاٽ نہ ٿئي. صدين جو هارين تي قرض سڀ معاف. ڪمدار نہ ٿي چاهيو تہ صدين جي روايتن کي هو هڪڙي اڇل سان ٽوڙي ڇڏي. هن جي ڀڻڪڻ تي اختر صرف ايترو چيو، ”چاچا، ورهيہ ٿيا، اسان بٽئيون پنھنجي مرضي تي پئي ڪيون آهن، هاڻي ڇڏ تہ ڪي ورهيہ هاري بہ پنھنجي مرضي مان بٽيون ڪن، هو بہ تہ نيٺ انسان آهن...... پورهيت انسان-!“
هن آخر ۾ هڪ وڏو ٿڌو ساھہ ڀريو. ڪمدار کي ائين لڳو تہ هن جو هاڻي ڪڇڻ بيڪار آهي. هاڻي روايتون ئي نيون جنم وٺنديون. ڪمدار شام تائين حيرانگي جي حد تائين پھچي ويو. هن اهڙا فيصلا نہ ڏٺا نہ ٻڌا. جو ٻن ٻولن سان ٻئي ڌريون ٺھي وڃن.
”ابا، ڇا تي جهيڙو آهي-؟“ اختر پڇيو.
”سائين، خيروءَ سعيو ڪري پنھنجو مال منھنجي ٻنيءَ ۾ ڇڏيو. مون کيس چيو، جنھن تان مون کي گاريون ڏنائين. مون ورائي گار ڏني مانس، تہ مون تي ڪھاڙي کڻي آيو، جي چار چڱا وچ ۾ نہ پون ها تہ مون کي جيڪر ماري وجهي“ هڪ هاريءَ چيو.
”خيرو تون چئہ بابا-!“
”سائين، نسورو ڪوڙ-!“
”ڏس، تون تہ ڪوڙ نہ ٿو ڳالھائين-!“
”سائين، نہ – هن مون کي گهڻيون گاريون ڏنيون -!“
”مان رڳو پڇان ٿو تہ تو ڪھاڙي کنئي يا نہ -!“
”ها سائين، پر هن سائين مون کي گهڻيون گاريون.....“
”ٻئي چٽ آهيو. گارين تي ٿا ڪھاڙيون کڻو. چڱو ٻيلي خيرو، تون ڏي مون کي گار، ڏس مان ڪھاڙي کڻان ٿو – ڏي جيڪا وڻئي – گهڻيون گاريون ئي ڏي – ڏي نہ -!“
خيرو ماٺ ڪري ڪنڌ جهڪائي بيٺو رهيو. ٿوري دير کان پوءِ وڌي آيو – ”بابو آهين خطا ٿي وئي، بخش ڪر-“
”چڱو ٻئي پرچي وڃو – ڏسان جيئن منھنجا هاري وري نہ وڙهن-!“
ڪمدار اهڙا ٻہ ٽي فيصلا ٻڌا، جن ۾ پرچاءُ سڪ، محبت ۽ پيار کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ هو. نڪي هيون زمينداري گاريون، فرياديءَ کي بہ تہ ڏوهاريءَ کي بہ. نڪي هئا زمينداري مار موچڙا، هو بنھہ ويچار ۾ پئجي ويو. هاري حيران، ڄڻ کين يقين نہ ٿي آيو. ڪمدار ويتر حيران ٿي ويو، جڏهن ڏٺائين تہ هڪ ڍيري تي اختر هارين سان گڏجي ويھي مان کاڌي، ڏڌ جي هڪ وٽي مان سڀني ٿي ڍڪ ڀريا. هاري ڍڳا پئي، پر اختر جي قربائتي ڪچھري کين نھال ڪري ڇڏيو. شام تائين هن پنجن ئي ديرن جي بٽئي ڪري ورتي. هارين جا ٻہ – ٽي فيصلا ڪيا. باقي رهيل هئس ترائيءَ واري زمين، سو سج لھڻ ۾ اڃا ڪلاڪ ڏيڍ هو تہ هو اتان بہ چڪر هڻي آيو. هاڻي سندس رخ سڌو ڳوٺ ڏي ويندڙ رستي ڏانھن هو. زمين جي ٻنن تان، پيچر ۽ گسن تان هو گهوڙي کي تيز ڊوڙائي رهيو هو. ڪمدار پٺيان هئس. رکي رکي ٿي رستي جو اهڃاڻ ڏنائينس. اڄ سڄي ڏينھن جي مصروفيت اختر کي بجاءِ ٿڪ جي فرحت ڏني هئي. هو خوش خوش، ڀٽائيءَ جي بيتن کي جهونگاريندي ٿي هليو.
ڄانڪ ڪمدار گهوڙو ڊوڙائي آڏو آيس.
”سائين، ايڏانھن نہ هيڏانھن-!“
”ايڏانھن وري ڪاڏي، هو رستو ڏسين نہ ٿو تہ سامھون آهي، هيءَ زمين لتاڙي انھن سامھون وارن گهرڙن وٽان لنگهي سڌا رستي تي هلي پونداسين-“
”پر، سائين – اهي زمينون پرايون آهن-!“
هينئر وري ڪھڙين پنھنجين زمينن ۾ بيٺا آهيون – پر هن زمين ڪو فصل بہ تہ ڪونھي جو زيان ٿيندو، ماٺ ڪري هلي آ –“
”سائين، گستاخي معاف، ايڏانھن بنھہ ناهي هلڻو، انھن سان اسان جي پراڻي دشمني آهي – اسان سان وڙهندي دير ئي نہ ڪندا. هو ڏسو، ٻہ ٽي هاري گهرن ڏي ڊڪ پيا وڃن، شايد ٻين کي اطلاع ڏين. اسين بنھہ سندن ٻنيءَ تي بيٺا آهيون، اچو، هيڏانھن ڦري......“
ڪمدار اسان هلنداسون تہ هيڏانھن-“
ائين چئي هن گهوڙي کي اڙي هنئي، گهوڙو ٻنو ٽپي زمين لتاڙڻ لڳو. ڪمدار رڙيون ڪندو رهيو. پر اختر ڪافي اڳتي وڌي چڪو هو. لاچار ڪمدار بہ گهوڙو وڌايو ۽ اچي اختر سان مليو. اختر بي پرواھہ ٿي وڌي رهيو هو، پر ڪمدار جورنگ ويو ٿي ڦرندو، تان جو هو انھن گهرن وٽا پھتا. مَنھن ۽ اوڏڪي ڀتين جا ٺھيل گهرڙا، اختر جون الاجي ڇو نگاهون گهرڙن ۾ کتل هيون. هو گهرن وٽان ڦيرو ڏئي لنگهيائي مس تہ سامھون ڇھہ – ست جانٺا جوان دڳ جهلي بيھي رهيا.
”اڄ نہ ويندين ڪمدار-!“
تون بہ نہ ويندين رئيس -!“
اختر پھريائين تہ وائڙو ٿي ويو، پر پوءِ پاڻ سنڀالي هيٺ لھي پيو. ڪمدار جو منھن لٿل هو، هر هر هن خشڪ چپن تي زبان پئي ڦيري.
”ڇا ڳالھہ آهي-؟“ اختر آهستگي سان پڇيو.
”ڳالھہ کي پڇي ڇا ڪندين رئيس- بس ايتري سو ڄاڻ هجئي تہ، خونن جا بدلا آهن- پر پھريائين ڪمدار سان صفائي ڪجي-!“ هڪ نوجوان اڳتي وڌندي چيو.
”ها، ڪمدار، ڏي خبر، ڪيئن واٽ ڀلجي پئين. اسان جا ماڻھو تہ ڄاڻ ڏئي ٿي زمين مان لنگهيا، تہ بنھہ خون ٿي ويا. اڄ جو تون بنا ڄاڻ جي لنگهيو آهين.... هاڻي، تو سان ڇا ڪجي-؟“
”بخ ....... ش ........ ڻ ..... رئيس...... ضد ڪيو....... نہ تہ ............ توکي خبر آ ...... جڏهن کان اسان مڙساڻو وعدو ڪيو تہ، نہ توهان اسان جي ٻنيءَ مان لنگهدئو، نہ وري....... اسين....... تہ پوءِ تون پاڻ امين ٿي. ورهيہ ٿي ويو آهي...... اسين ڪو لنگهيا آهيون........ اڄ، رئيس......!“
”اڄ رئيس ضد ڪيو. ادي غلام محمد ۽ ٻين کي اڦٽ، مارائي ڇڏيئہ، چئہ تہ اهو بہ رئيس جو ضد هو – ما کي خبر آ تہ، تو ڇو ادي غلام محمد کي مارايو، صرف انھيءَ ڪري جو هن توهان جو هاري ٿيڻ پسند نہ ڪيو. ڇاڪاڻ تہ سندس ڄاڻ هئي تہ ڪمدار ۽ رئيس جي نيت سندس مڱ اڳ ئي خراب هئي-!“
”بخشا، ڪھڙا زنانا ڏوراپا ويٺو ڏين، هڻ ڌڪ، لاھہ سري، تہ ڪو اندر ٺري .....!“ ٻئي ڳڀروءَ بخشڻ کي هڪل ڏيندي چيو.
”اچيئي ٿو، ڪمدار...... سنڀالجانءِ!“
بخشڻ ڪھاڙي اڀي ڪئي ۽ ڪمدار مٿان اولر ڪئي، اختر يڪدم وڌي آيو، ”متان، جوان، متان -!“
”رئيس، متان متان، ٻين کي ڪر، اسين توکي بہ ڪونہ ڇڏينداسين. متان ڪو ٻيو خيال ڀانئين. جي تنھنجي مرضي ڪمدار کان اڳ مرڻ جي آهي تہ پوءِ جيءُ بسم ﷲ -!“ ائين چئي بخشڻ، اختر مٿان ڪھاڙي اڀي ڪئي. ڪمدار اچي پيرن ۾ چنبڙيس.
”اڙي بخشا، هن معصوم تنھنجو ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آهي، جنھن اڃا ونيءَ جو بہ منھن نہ ڏٺو آهي.... تنھنجو ڏوھہ مون ڪيو آهي، - مون کي مار. ...... مون کي مار، بخشا ..... مون کي .......رئيس کي ڇڏ تہ هو وڃي -!“
ڪمدار جي ليلائڻ، روئڻ ۽ ڳالھين کي ٻڌي بخشڻ ڪي گهڙيون تہ ڍرو ٿي ويو. اچانڪ ڀر واري لوڙهي مان هڪ ننڍي نيٽي نينگر، نھايت ئي تيزيءَ مان نڪري، ڪمدار مٿان اچي بيھي رهي.
”ڪمدار، زالن، وانگر روئڻ هينئر ياد آيو اٿئي. انھيءَ مھل ڳوڙها ڪٿي هيئيه، جنھن مھل منھنجو گهوٽ، ڪونڌر، تنھنجي سامھون هو ۽ تنھنجي ڪھاڙي مٿس اڀي هئي. انھيءَ ونيءَ جو خيال ئي نہ آيئہ، هن جي معصوميت ئي ڪا نہ ڏٺئہ، هينئر ٿي رئيس ننڍي جي ونيءَ ۽ معصوميت ياد پويئي- ادا، بخشڻ .... ويچار ڪھڙي ۾ آهين. – اهڙين ڳالھين تي ويچار ڪبا..... حالي تہ بدلا ٿين، پوءِ پيا ڳن ڏينداسين.!“
نينگري تيز نگاهن سان بخشڻ ڏانھن نھاريو. اچانڪ اختر وڌي ڏانھنس آيو ”مان ..... مان .... سمجهي نہ سگهيو آهيان.... آخر ڳالھہ ڇا آهي.... ماريو تہ ٿا پر ٻڌايو تہ سھي قصور ڪھڙو، ڪو ڏوھہ، ڪو گناھہ..... آخر ڳالھہ جو ڪو منڍ ڪا پڇاڙي. ..... ڪجهہ مان بہ تہ سمجهان.....“
”رئيس، تنھنجي بابي، رئيس وڏي ئي ڪڏهن ڪنھن کي، ڪنھن جو ڏوھہ يا گناھہ، ڪنھن ڳالھہ جو منڍ يا پڇاڙي نہ ڏسي، سو تون پڇي ڇا ڪندين..... پر بيھہ، ڀلي تون راضي ٿي.... ڪمدار، رئيس کي ٻڌاءِ تہ قصو ڇا هو..... سڄي سربستي ڳالھہ ٻڌائينس..... ٻڌاءِ.....!“
نينگري ڏاڍي تيز پئي ڏٺي. سندس منھن ڳاڙهو هو. وار منھن ۾ پي پيس، جن کي هر هر هٿ سان مٿي ڪري پئي ڳالھايائين. ڪمدار ماٺ بيٺو رهيو.
”رئيس، ڏوهي ڪيئن ٻڌايندو تہ مون ڏوھہ ڪيو آهي – مان ٿي هن جو ڏوھہ ٻڌايانءِ“
”زينا، تون ڇڏ ڊيگهہ کي، هل گهر، پاڻھي ملائڪ کين ڏوھہ ثواب ٻڌائيندا.“ هڪ پوڙهي ڇوڪريءَ کي پڪاريندي چيو.
”نہ بابا، مان گهر نہ وينديس...... ظلم مون سان ٿيو آهي..... گهوٽ منھنجو ڪٺو آهي..... مان کين مرندو بہ نہ ڏسان..... اندر جو سور بہ نہ سليان.....“ ڇوڪريءَ جي شوخي ۽ تيزي گهٽجڻ لڳي. پر وري هوءَ ڪجهہ هوش ۾ اچي ساڳئي وقار ۽ رعب سان ڳالھائڻ لڳي.
”رئيس اهو منھنجو بابو اٿيئي، هيءُ چار سندس ڀائر آهن. هيءَ زمين جو ٽڪر مڙني ڀائرن جي موروثي ملڪيت آهي. اسان نہ رئيس کي ڏٺو، نہ ورتو پر ڪمدار جي ڪا نظر مون تي پئجي وئي. آيو بابي وٽ، رئيس، سوچ تہ سھين ڪاڏي ڪمدار، ڪاڏي مان، بابي انڪار ڪيس. تنھن تي ويو رئيس وڏي ڏي، ان کي آڻي مون مٿان بيھاريائين. مان ٻنيءَ ۾ گاھہ پئي لڻيو. مون تي نظر وجهي تنھنجو بابو رئيس وڏو، آيو منھنجي بابي وٽ، چيائينس ڪمدار کي سڱ ڏي. بابي پھريائين انڪار ڪيس پر پوءِ اهڙو تہ زور وڌائينس، ڪي ڌمڪيون ڪا لالچ، نيٺ بابي مڃيو.... اڃا شاديءَ ۾ ڪي ڏينھن هئا تہ منھنجو گهوٽ جو رئيس جو هاري هو......!“
اختر، جو ڌيان سان ڳالھہ ٻڌي رهيو هو، منجهي پيو.
”تنھنجو گهوٽ......؟“
ڇوڪري ڪجهہ ڇڪجي وئي. ان سان گڏ ڪي ڏک جون ريکائون سندس وڻندڙ چھري تي ڦھلجي ويون..... بخشڻ جو ڪھاڙي جي ٽيڪ تي بيٺو هو، تنھن وراڻيس:
”ادي غلام محمد جي هيءَ گهرواري آهي.“
”هون.......“ اختر ساڻ وراڻيس.
ٿوري دير سانت کانپوءِ ڇوڪريءَ آهستي چوڻ شروع ڪيو.
”انھي کي جو خبر پئي تہ رئيس جي نيت بري آهي. مان ٿيان سان ڪمدار جي زال ها پر......“ هوءَ ڪجهہ هٽڪي بيھي رهي.
”رئيس، ڳالھين هڻي جوش ڍرا ڪري وڌا آهن، خير ..... مان ٿو توکي سربستي ڳالھہ ٻڌايان......“ ڇوڪريءَ جي پيءُ اڳتي وڌي چيو.
”غلامون آيو مون وٽ مون کي رئيس ۽ ڪمدار جي دغا کان واقف ڪيائين. مون يڪدم ڪمدار کي انڪار ڪيو.... ڪمدار کي بہ خبر پئجي وئي.... اچي لڳا غلامو جي ڪڍ. غلامو سر بچائي آيو اسان وٽ، اسان کيس پناھہ ڏني – ڳالھين کي ڪجهہ ڏينھن ٿيا، ڳالھہ لئہ مٽي ٿي وئي. غلامو اسان سان گڏ ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ لڳو. رئيس کيس هڪ ٻہ دفعا گهرايو ۽ کيس واپس اچڻ لاءِ چيو. منھن تي نالي خاطر ڪمدار کي بہ دٻايو.
غلامو جي سٺي هلت چلت مون کي موهيو..... سندس گهر تي زينا کيس ڏيڻي ڪئي....... شادي تي ڪمدار بہ آيو هو، ڏاڍي ڌام ڌوم سان شادي ٿي. شاديءَ جي ٻئي ڏينھن جي ڳالھہ آهي: ڪجهہ سامان پيو کٽي، سو غلامو ڀرواري ڳوٺ ڦليجن مان سامان ويو وٺڻ. موٽندي رئيس وڏي جي زمينن مان ئي لنگهيو تہ چار جوان ڦري آيس، کڻي ٻڌايائونس. چي ڦٽيون ٿي چورايائين.- سائين توهان ئي انصاف ڪيو، ڏينھن ڏٺي جي ديري ۾ پنجن ڇھن ماڻھن جي حاضريءَ ۾ ڪھڙي مائي جي لال کي همت ٿيندي جو چوري ڪري – پر سائين، ڏاڍي جي لٺ کي ٻہ مٿا. وٺ ٿي وئي. غلامو ويچاري کي في الحال تہ اڌ مئو ڪري ڇڏيائون – غلامو جي پٺيان بہ همراھہ اسان جي ڳوٺ جا جيڪي اسان جا عزيز هئا، پئي آيا. جڏهن انھن وٺ وٺان ڏٺي تہ ڊڪي اچي ڀر جهليائون. انھن ماڻھن کي چيائون جن ورنديءَ ۾ کين ٿڦون هنيون، تنھن تي هو بہ مڇرجي پيا. هڻي ٻن ٽن کي في الحال تہ لٺين مڪن سان دسي وڌائون، پر هو تہ تمام گهڻا هئا. بس سڏ تي پنج ڇھہ ڄڻا ٻيا اچي لٿا، جن ۾ ڪمدار بہ شامل هو.
اختر ڪمدار ڏي نھاريو. هن جو ڪنڌ هيٺ هو.
”سائين پوءِ تہ لٺ جي ڌڪ ڌڪان هئي، همراھہ ڌڪجي پيا. پيو جو غلامو، اهو بہ پاڻ ڇڏائي اچي وچ ۾ پيو، تنھن تي ڪمدار تڪي وٺي جو ڪھاڙي اڇلي تہ غلامو جو ساھہ، تو ڏٺو نہ مون ڏٺو..... اهي ٻہ همراھہ تہ پوءِ بچي پيا – اڙي پيرا، جانو ۽ ولو آهن اتي؟“
”نہ چاچا، شھر ويل آهن!“ هڪ نوجوان وراڻيو.
”سائين، اهي جوان ڪونھن، نہ تہ سڄي حقيقت تو سان ڪن ها. هاڻي ٻڌاءِ ڀوتار، اسين بدلو وٺڻ ۾ صحيح آهيون يا غلط – وري ظلم تہ اهو جو همراھہ اسان جا مارجن ۽ پوليس بہ اسان تي چڙهي آئي. چي، توهان ئي همراھہ هنن جي ديري تي موڪلي، ڦٽيون ٿي کڻايون- ڏيو سائين منھن...... بس سائين پوءِ تہ ڪيس ڀوڳياسين، مسين مسين جان ڇٽي. ڪونڌر بہ ڪسايوسين، عزت ۽ مان بہ وڃايوسين، باقي اسان وٽ رهيو ڇا؟ سائين، بس ..... هن نينگر کي ڏسندو آهيان، غلاموءَ جي شڪل اکين اڳيان ڦري ايندي اٿم ۽ پوءِ روئي ويھندو آهيان – باھہ آ، جنھن ۾ پچان پيو.....“ پوڙهي جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، هو وڌيڪ ڳالھائي نہ سگهيو. غلامو جي مرڻ جي واقعي دهرائڻ ڪري سڀ اداس ٿي ويا هئا.
نينگر جي ڳلن تي بوندون ٿي چمڪيون. هن جون اکڙيون هيٺ هيون. اداس چھري تي هن الاجي ڇا وڇائي ڇڏيو هو، جو اختر جي اکين ان کي اهڙو سمجهي ورتو، جو هو ڏڪي اٿيو ۽ هن پٺي ورائي ڇڏي.
”چاچا، هاڻي ڳالھيون ٿي ويون، اسين بدلو وٺنداسين، ائين کيس ڪو نہ ڇڏينداسين!“ هڪ نوجوان آواز کي اڀاريندي چيو.
اتي سڀ همراھہ سجاڳ ٿي ويا، هڪ نوجوان وٺندي ئي ڪمدار کي زمين تي سٽيو، ٻيو اختر ڏانھن وڌيو.
”ترسو -!“ اختر جو آواز جهڪو هو.
”مان توهان کي بدلي وٺڻ کان ڪو نہ ٿو روڪيان، توهان ڀلي بدلو وٺو، پر اهڙو بدلو وٺو، جو توهان جو ڳاٽ اوچو رهي، توهان اسان کي ماريندئو، اسان جا ماڻھو اوهان کي ڇڏي ڪونہ ڏيندا، - وري توهان انھن جا همراھہ ماريندئو. انھن جو تعداد وڌندو رهندو، يتيم ٻارن جو تعداد وڌندو رهندو. بس ٻيو تہ ڪجهہ ڪو نہ ٿيندو، اهي يتيم معصوم ٻار، اهي بيواھہ زالون، ائين چڙي چڙي روئندي روئندي هنن سان وڃي ملندا، اهو بہ ڪو جيئڻ چئبو؟“
”رئيس اها تقرير ٻئي جھان ۾ ڪجانءِ.“ هڪ نوجوان خار مان چيو.
”مون وٽ هڪ اهڙو رستو آهي، جنھن سان توهان بدلو وٺي سگهو ٿا، جي قبول ڪيو تہ مان چوان -!“
سڀني جي چھرن تي ڪنھن بہ قسم جي دلچسپي جي لھر نہ ڊوڙي، بس هو بدلي لاءِ آتا هئا.
جيئن تہ هينئر غلام محمد موٽي نہ ٿو سگهي، نہ وري اسان کي مارڻ مان ئي هو جيئرو ٿي سگهي ٿو، مان چاهيان ٿو تہ اسين کير کنڊ ٿي وڃون!“
”اها اڻٿيڻي آهي!“ ڪيئي آواز آيا.
”مان ان لاءِ قرباني ڪريان ٿو، مان غلام محمد ٿيڻ لاءِ تيار آهيان..... نئون غلام محمد، هن ونيءَ جو گهوٽ!“ چوڌاري سانت ڇانئجي وئي. نينگر جو منھن ڳاڙهو ٿي ويو. هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري ميڙ مان نڪري وئي.
”رئيس...... تون اها اسان کي گار تہ نہ ٿو ڏين!“ بخشڻ جو آواز گونجيو.
”بخشڻ، مان اهڙو نيچ نہ آهيان“
”اهو دولاب آهي، پاڻ کي رئيس بچائڻ ٿو چاهي.“
”پر بہ اسين نينگر جو هٿ، نينگر جي مڙس جي خوني جي پٽ جي هٿ ڏيون، اها اڻٿيڻي.“ هڪ پوڙهي ڪنڌ ڌوڻيندي چيو.
”مان چاچا، نينگر جي پيءُ کي چوندس تہ هو سوچي. توهان سڀ گهرن ۾ خوش ويٺا آهيو، ڌيءَ جا ڳوڙها تہ هو ٿو ڏسي، بار تہ هن مٿان آهي. مان صرف ان ڪري انھيءَ ڳالھہ تي ٿو زور ڏيان تہ من منھنجي ابي جي ڪيل ظلمن کان پوءِ، وڌيڪ خوشيون ملڻ تي توهان جا زخم ڀرجي وڃن ۽ پوءِ اهي سڀ ويڇا ختم ٿي وڃن، جيڪي جيڪر صدين تائين هلندا رهندا. ٻيو تہ چاچا، هيءُ بدلو ئي تہ آهي، چماٽ ئي تہ آهي اسان جي وڏن لاءِ.“ اختر ائين چوندي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو.
”رئيس- تو اهڙي ڳالھہ ڪئي آهي- جو بس دکيل رڳ تي هٿ رکيو اٿئي.... تو ڳالھہ اهڙي نموني ڪئي آهي جو اسان کي ويچار ۾ وجهي ڇڏيو اٿئي– نہ تہ ايمان سئون اها ڳالھہ ڪري ڪير هتان بچي وڃي نہ ٿو سگهي.“ ڇوڪريءَ جي پيءُ جو لھجو تيز ٿي ويو ۽ سندس ڳاڙهين اکين کي ڏسي ڪمدار ڇرڪي ويو. هو وڌي اختر ڏانھن آيو ۽ آهستي چوڻ لڳس:
”رئيس، ٻاراڻي نہ ڪر – اها ڳالھہ نڀائڻ ڏاڍي ڏکي ڳالھہ آهي – ماٺ ميٺ ۾ معافي وٺي هل، هو تو کي ڪجهہ –“
تون ماٺ ڪر ڪمدار – تنھنجي انھن ڳالھين تہ هيءُ جهيڙا وڌايا آهن-“ اختر ڪمدار کي چنڀيندي چيو.
”چاچا، سوچڻ مھل ياد رک تہ هيءُ بہ تنھنجو بدلو آهي منھنجي بابي کان، منھنجي خاندان کان – هن ۾ رڳو اهو فرق آهي تہ هن بدلي ۾ رت جي ڳاڙهاڻ آهي ۽ هن بدلي ۾ ..... مينديءَ جي ڳاڙهاڻ“ اختر مشڪي ويٺو.
هن مجموعي ڏانھن ڏٺو، ات بہ هڪ قسم جي سوچ ۽ مشڪ ڇايا ڪيو بيٺي هئي. اختر آهستي سان وڌيو، بخشڻ جي ويجهو اچي کانئس آهستي سان ڪھاڙي ڇڏائي، زمين تي ڦٽي ڪري، کيس وڏو ڀاڪر پاتائين.
ان ۾ الائجي ڇا ڪجهہ نہ سمايل هو. پوءِ هن سڀني جون ڪھاڙيون ڦٽي ڪيون ۽ سڀني کان ڀاڪر پائيندو ويو. هن سڀني جي چھرن کي ڏٺو، ات ڳاڙهاڻ بجاءِ هڪ ٿڌي مٺي روشني ڇانيل هئي. هن آسمان ڏانھن نھاريو، ات لھندڙ سج جي ڳاڙهاڻ ختم ٿي چڪي هئي. اڇاڻ واري هلڪي روشني ڇانيل هئي، هن کي ائين لڳو ڄڻ صبح ڪاذب آهي.
هو ونيءَ کي انھيءَ رات ئي نڪاح کان پوءِ وٺي ويو- گهوڙي تي کيس ڀاڪر ۾ ڀري چاڙهڻ مھل هو هڪ قسم جي خوشبوءَ ۾ ويڙهجي ويو. هن سڃاتي تہ اها مينديءَ جي خوشبوءِ هئي، صدين کان انساني ميلاپ جي شاهد – جنھن جي لالي، قرب، مٺ ۽ محبت جو پيام ڏيندي آهي.

(مھراڻ، 3 – 1962ع)

نيٺ بھار آيو: آغا سليم

اڄ شفق جو رنگ تيز، رکو ۽ ڳوڙهو ڳاڙهو هو. ڄڻ سج کي بہ سلھہ ٿي پيئي هئي، ۽ سچ اونداهيءَ ۾ غرق ٿيڻ کان ٿوري دير اڳ، رت جي الٽي ڪري، ساري افق کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو هو. آسمان مان ٽمندڙ ڳاڙهي ڳاڙهي رت ۾ ڀر وارن وڻڻ جي ساون ساون پنن بہ ڳاڙهاڻ جي جهلڪ ٿي ڏني. سانجهيءَ جو پنھنجن پنھنجن آکيرن ڏانھن موٽندڙ پکين چرچر لائي ڏني هئي. هوا جي هلڪي، غيرمحسوس جهوٽي سان فضا ۾ عجيب پراسرار چرپر پيدا ٿيو ٿي وئي. ڄڻ موت جو فرشتو پنھنجا پَرَ ڦڙڪائي رهيو هجي. ڀر وارن وڻن جي پرينءَ ڀڪ ڪڇي مزدورن جون جهوپڙيون هيون. هڪڙي ڪڇي مزدور پنھنجيءَ سارو ڏينھن محنت مزدوري ڪندڙ، ساري ڪٽنب لاءِ ماني تيار ڪندڙ، ۽ رات جو مڙس جي ميري، ڦاٽل ۽ بدبودار بستري تي چادر وانگر وڇائجي ويندڙ زال کي مار ڏني هئي، ۽ هوءَ رڙيون ڪري روئي رهي هئي – ”هاءِ ڙي، ماءُ! تو مون کي ڇو ڄڻيو ڙي! تو مون کي هن راڪاس جي ٻائڙي ڇو بڻايو ڙي!“
اهي سڀئي مزدور سامھون واريءَ نئين تعمير ٿيندڙ سڙڪ تي مزدوري ڪندا هئا. اها سڙڪ ويھہ ميل ڊگهي هئي، ۽ هڪ ننڍڙي شھر کي وڏي شھر سان ڳنڍڻ لاءِ تعمير ڪرائي ٿي وئي. انھن ڏينھن ۾ منھنجو ننڍو ڀاءُ، ”جلال“، پي ڊبليو، ڊي کاتي ۾ ننڍو انجنيئر هو، ۽ اها سڙڪ جلال جي نگرانيءَ هيٺ ئي تعمير ٿي رهي هئي. جلال مون کان رڳو هڪ سال ننڍو هو. عمر جي ان معمولي تفاوت جي ڪري، اسين ٻئي هڪٻئي جا ڏک سک جا ساٿي ۽ هڪٻئي جا رازدار هئاسين. جلال کي قدرت سونھن بہ ڏني هئي، تہ صحت بہ. هن جي ڳالھين ۾ الاجي ڪھڙو جادو هوندو هو، جو هن کان سواءِ دوست پنھنجين محفلن کي ويران سمجهندا هئا، ۽ وڏيون وڏيون امير ڇوڪريون هن جا ٻہ ٻول ٻڌي، ساري رات پنھنجن ريشمي بسترن تي پاسا ورائينديون رهنديون هيون. هن کي دنيا جي هر ڳالھہ جي ڄاڻ هئي، ۽ هر موضوع تي ڏاڍي ڪاميابيءَ سان ڳالھائي سگهندو هو. هن کي رڳو اها ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ ايندي هئي تہ شاعر ۽ افسانا نويس بک ٿا مرن، تہ بہ شاعري ۽ افسانا نويسي ڇو ٿا ڪن. پي . ڊبليو .ڊي کاتي ۾ ٺيڪيداري ڇو نہ ٿا ڪن؟ هن مون کي بہ صلاح ڏني هئي تہ مان ايم اي ڪرڻ ۽ ڪھاڻين لکڻ جي بجاءِ وٽس ٺيڪيداري ڪريان. پر مون اڃا ايم اي پاس مس ڪئي تہ مون کي سلھہ ٿي پيئي ۽ مان هت ٺيڪيدار بڻجي اچڻ جي بجاءِ آرام ڪرڻ آيو هوس. ڊاڪٽر مون کي صلاح ڏني هئي تہ مان ڪنھن سينيٽوريم ۾ داخل ٿي، سلھہ جو باقاعدي علاج ڪرايان، پر مون علاج ڪرائڻ نہ ٿي چاهيو، ان لاءِ جو مون جيئڻ نہ ٿي چاهيو. جي بہ ڇا ڪريان ها؟ ساري عمر بيمارين ۾ گهاري هيم. هن هيڏي ساريءَ دنيا ۾ نہ ڪو دوست هو، ۽ نہ ڪو ساٿي. جيئڻ جو نہ تہ ڪو سبب هو، ۽ نہ ئي ڪو بھانو. ڪاليج ۾ پاڻ جيڏن بہ ويڳاڻو ويڳاڻو گهمندو هوس. پنھنجي چوڌاي اڪيلائيءَ ۽ ويرانيءَ جا پرپٽ ڦھليل نظر ايندا هئم، جتي خوشيون رڃ جيان پئيون منھنجا چٻرا ڪڍنديون هيون. ان اڪيلائيءَ جي ڪري منھنجي شخصيت، منھنجي انا ۽ منھنجو روح، منھنجي وجود ۾ ئي قيد ٿي ويا هئا، ۽ گهٽتائيءَ جو احساس منھنجي اعصاب تي سوار ٿي ويو هو. زندگيءَ کان لاشعوري طور نفرت ٿي پيئي هيم. ايم اي پاس ڪيم تہ سلھہ ٿي پيئي. ان بيماريءَ کان پوءِ مائٽن بہ منھن موڙي ڇڏيو. زندگيءَ کان نفرت واري جذبو، ڦري، پنھنجو پاڻ کان عذاب ڏيئي انتقام وٺڻ وارو جذبو ٿي پيو، ۽ مان ڪنھن سينيٽوريم ۾ داخل ٿي علاج ڪرائڻ جي بجاءِ هت پنھنجي ننڍي ڀاءُ وٽ هليو آيو هوس. هن مون کي پنھنجي تنبوءَ کان گهڻو پري (ڄڻ مان اڇوت هجان!) تنبو هڻائي ڏنو هو، ۽ مان ان تنبوءَ ۾ اڪيلو رهندو هوس.
جنھن زندگيءَ جي مون کي تمنا هئي (جا تمنا ٻين هزار تمنائن جيان منھنجي سيني جي قبرستان دفن ٿي وئي هئي)، ان زندگيءَ کي جلال جي جهولي ۾ ڏسي، مون کي پراڻا داستان ۽ ڪھاڻيون ياد اچي وينديون هيون تہ ڪيئن ڪوه قاف ۾ رهندڙ نيل پريءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏو شهزادو گهران نڪتو هو، ڪيئن هو ڪارن ديون جي چنبي ۾ ڦاسي پنڊ پھڻ ٿي ويو هو، ۽ ڪيئن وري ننڍي شهزادي ڪارن ديون کي ماريو هو ۽ نيلم پريءَ کي حاصل ڪيو هو. زندگي بہ تہ ڪوه قاف ۾ رهندڙ نيلم پري ئي آهي! جلال ان کي ماڻيو هو، مان سلھہ جي ڪاري ديو جي چنبي ۾ ڦاسي ويو هوس.
منھنجي تنبوءَ کان گهڻو پري جلال جو تنبو هو. هن جي تنبوءَ سان لڳ اوورسيئرن جا تنبو هئا. کاٻي طرف گهاٽا وڻ هئا، وڻن جي پرئين ڀر، ڪڇي مزدورن جون جهوپڙيون هيون. انھن جهوپڙن ۾ ”هري“ بہ رهندي هئي.
هريءَ کي پھريون دفعو مون ان سڙڪ تي ڪم ڪندي ڏٺو هو. هوءَ پنھنجي ننڍيءَ ڀيڻ گجريءَ سان گڏ، سڙڪ کان ٿورو پرڀرو، وڻن جي اوٽ ۾ ويٺي پٿر ڪٽي رهي هئي. ٻئي ڀينر اڪيليون هيون، ۽ سندس آسپاس ڪير بہ ڪو نہ هو. ايتري ۾ هڪڙي داروغي، هريءَ جي ويجهو اچي چيو هو: ”هري جاني! اسان ڏي بہ تہ نھار!“
هري ٽپ ڏيئي اٿي بيٺي هئي- ڄڻ هن جي وڏي گهيردار پڙي ۾ ڪو ڦلڦلو، غليظ ۽ زهريلو نانگ گهڙي ويو هجي. اکيون ڦوٽاري، ڏند ڀڪوڙي ۽ مترڪو اڀو ڪندي، هن چيو هو:
”حرامي جا ڦر! ماڻھين جانيءَ کي چئہ تہ تو ڏي نھاري!“
”بيو دفعو وري مان هرءَ کي واھہ تي پاڻي ڀريندي ڏٺو هو. مان صبح جو سوير، پرھہ ڦٽيءَ مھل، تازي هوا کائڻ لاءِ جهنگ ڏانھن هليو ويندو هوس. اسان جي ڪئمپ کان ٻہ فرلانگ کان پري هڪڙو واھہ هو. واھہ جي پرئين پر ”واپڊا“ وارن جي ڪئمپ هئي. ان ڪئمپ سان لڳ هڪ باغ هو، جنھن ۾ صرف انبن جا وڻ بيٺل هوندا هئا، ۽ زمين تي گاھہ جي چادر وڇايل هوندي هئي. مان صبح جو سوير ان ماڪ مان ڌوتل گاھہ جي سائي چادر تي ويھي، نئين سج ڏانھن نھاريندو هوس، ۽ انبن جي ٻور جي کٽڙي کٽڙي خوشبو ڀاڪر ۾ کڻي ايندڙ هوا مان زندگيءَ جا ساھہ کڻندو هوس. هتي اچي مان وساري ويھندو هوس تہ منھنجن ڦڦڙن ۾ ٽنگ آهي. هتي، هنن وڻن جي هيٺان ليٽي، سج جي انتظار ۾ افق ڏانھن نھاريندي، مون کي ائين محسوس ٿيندو هو. ڄڻ مان ساري زندگي روئندو رڙندو، ڀٽڪي ڀٽڪي، ٿڪجي ٽٽجي، ماءُ جي گود ۾ اچي ڪريو آهيان، ۽ ٿڌيري هير منھنجي پيشانيءَ ۽ وارن ۾ آڱريون ڦيري مون کي آٿت ڏيئي رهي آهي.
هڪڙي ڏينھن مان گاھہ تي ليٽيو پيو هوس تہ مون کي زنانو آواز ٻڌڻ ۾ آيو: ”او ٻاپو! هي مَٽُ تہ کڻاءِ-“
مون ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺو، واھہ جي ڪپر تي هري بيٺي هئي. هن پاڻيءَ جو مٽ ڀريو هو، ۽ مٽ کڻائڻ لاءِ مون کي سڏي رهي هئي. مون اٿي هن مٽ ۾ هٿ وجهرايو. هوءَ مٽ ۾ هٿ وجهڻ لاءِ نوڙي، نوڙڻ وقت هن جي سوڙهيءَ گهگهريءَ مان هن جو جوڀن اٿل کائي ٻاهر اچڻ لڳو. زندگي ۾ پھريون دفعو ڪا جوان ڇوڪري منھنجي ايترو ويجهو آئي هئي. ان ويجهڙائيءَ کان مون ڏٺو تہ هريءَ جي محنت ۽ مزدوريءَ ۾ پيٺل جسم جو رنگ کوري ۾ تتل ٽامي جيان هو، ۽ هن جي جسم مان هلڪي هلڪي بوءِ اچي رهي هئي – اهڙي پوءِ، جنھن کان منھنجا حواس اڻ سونھان هئا – جنھن کي مان نہ تہ بدبوءِ چئي ٿي سگهيس ۽ نہ ئي خوشبوءِ. الائي، اها هن جي جوڀن جي بوءِ هئي، الائي بھار جي اها بوءِ جيڪا ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجهان ايندي آهي! مون کي پنھنجي سانوڻيءَ جي درياءَ جيان اٿلون کائيندڙ جوڀن ڏانھن ڏسندو ڏسي، هن چيو:
”اکيون ڦاڙي ڇا ٿو ڏسين، ڙي؟ اکيون ڪڍي ڇڏينديسانءِ! مٽ کڻائڻو اٿيئي تہ کڻاءِ، نہ تہ هل، وٺ پنھنجو رستو!“
”مان .... مان تہ ڪجهہ نہ ٿو ڏسان.“ مون هٻڪندي چيو.
”----“ مان تہ ڪجهہ نہ ٿو ڏسان.“!“ هن وات چٻو ڪري، منھنجي اهل ڪئي. رئي جو پلاند ورائي، هن پنھنجو سينو ڍڪيو، ۽ نوڙي مٽ ۾ هٿ وڌئين. مٽ مٿي تي رکي، چيلھہ کي موڙو ڏيئي، وڏي گهيردار پڙي کي لھرائيندي، نچائيندي، هوءَ هلي وئي.
ٻئي ڏينھن تي مان ويس تہ هري اڃا ڪا نہ آئي هئي. مان واھہ جي ڪپر تي ويھي هن جو انتظار ڪرڻ لڳس. ٿوريءَ دير کان پوءِ هوءَ آئي. اڄ هوءَ دلو کڻي آئي هئي. مون کي ڏسي هن جي نراڙ تي گهنج پئجي ويا. منھن ۾ سونڊ وجهي، مون کان پرڀرو ويھي، هوءَ دلو ڀرڻ لڳي. مون هن جي ويجهو وڃي چيو:
ڇو، اڄ دلو نہ کڻائيندينءَ ڇا؟“
”روز روز هِري پئين ڇا، ڙي؟“ هن مون ڏانھن شوڪي نھاريندي چيو.
مان لڄي ٿي ويس، ۽ وڌيڪ ڪڇي نہ سگهيس. هوءَ دلو مٿي تي رکي، چيلھہ مٽڪائيندي، هلي وئي.
مان هر روز هن جو انتظار ڪندو هوس. هوءَ هر روز پاڻي ڀرڻ ايندي هئي. مان هن سان ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪندو هوس. هوءَ بہ ڳالھائيندي هئي، پر ڏيڍيون ڇڙٻيون ڏيئي – ڄڻ وڙهڻ ايندي هئي.
هڪڙي ڏينھن هوءَ پاڻي ڀري رهي هئي تہ مون هن کي چيو: ”هيڏي! ڳالھہ تہ ٻڌ-“
هن ڪاوڙ مان اکيون ڦوٽاري مون ڏانھن نھاريو ۽ چيائين: ”اڙي، ”هيڏي هيڏي“ ڪري ڇو ٿو ڳالھائين؟ مان ڪا تنھنجي..... سڌيءَ طرح نالو ڇو نہ ٿو وٺين“
”مون کي تنھنجي نالي جي خبر ڪانھي.“
”تو کي منھنجي نالي جي خبر ڪانھي؟“ هن حيرت وچان پڇيو. ”اڙي، منھنجو نالو تہ هري آهي!“
هري! مون پھرين بہ تہ توکي ڏٺو هو. تون سڙڪ تي ڪم ڪندي آهين نہ؟ مان بہ اتي رهندو آهيان. اتي جيڪي تنبو لڳل آهن، مان انھن ۾ رهندو آهيان.“
هن مون ڏانھن نھاريو. هن دفعي هن جي نھارڻ ۾ ڪاوڙ ڪا نہ هئي.
”سرويل آهين ڇا؟“ هن پڇيو.
”نہ.“ مون وراڻيو.
”داروغو آهين؟“
”نہ، مان تہ هڪ عام ماڻھو آهيان.“
منھنجي ڳالھہ ٻڌي هن کان ٽھڪ نڪري ويو، ۽ کلندي چيائين: ”سرويل ۽ داروغا ماڻھو نہ ٿيندا آهن ڇا؟“
”ماڻھو تہ ٿيندا آهن.“ مون چيو، ”اصل ۾ منھنجو مطلب هو تہ مان غريب ماڻھو آهيان“
”غريب ماڻھو تہ آهين، پر ڪو ڪم ڪار تہ ڪندو هوندين؟“
”ڪم ڪار تہ ڪو نہ ڪندو آهيان.“
”پوءِ وري غريب ماڻھو ڪيئن آهين؟ ڪم ڪار بہ ڪو نہ ڪرين، ھھڙا وڳا بہ ڍڪين، پوءِ بہ چوين ٿو تہ غريب ماڻھو آهيان!“
”مان شھر ۾ پڙهائيءَ جو ڪم ڪندو هوس. ڪم ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان. سو ڪجهہ ڏينھن لاءِ هت آرام ڪرڻ آيو آهيان. سارو ڏينھن تنبوءَ ۾ اڪيلو پيو هوندو آهيان، هري، توکي ڪنھن بہ شيءَ جي ضرورت پوندي ڪري تہ مون کان وٺي ويندي ڪر. مان تنبوءَ ۾ اڪيلو رهندو آهيان. منھنجو تنبو ڏٺو اٿئي؟ سڀني تنبن کان ڌار، وڻن جي ڀرسان جيڪو تنبو لڳل آهي نہ، مان ان ۾ رهندو آهيان.“
”اڙي، جيڪا ڳالھہ من ۾ اٿئي اها کولي ڇو نٿو چوين؟ مان سڀ سمجهان ٿي. هر روز هتي ويٺو منھنجو انتظار ڪندو آهين، اڄ وري تنبوءَ ۾ پيو سڏائين! مان سڀ سمجهان ٿي. مان ڪا ٻار ڪا نہ آهيان. مڙد کي هڪ دفعي ڏسڻ سان پرکي وٺندي آهيان. تون مڙيئي چڱو ماڻھو پيو لڳين.“
”هي هي هي ......“ مان ڦڪي کل کلڻ لڳس: مان تو کي کولي ڪيئن ٻڌايان، هري، تہ تون مون کي ڏاڍي وڻندي آهين! تنھنجون ڳالھيون ڏاڍيون مٺيون لڳنديون اٿم. دل چوندي آهي، سارو ڏينھن تون مون سان ويٺي ڳالھيون ڪندي رهين، ۽ مان ٻڌندو رهان“.
”واه ڙي واه! چڱي ڳالھہ ٻڌايئہ. سارو ڏينھن جي توسان ويھي ڳالھيون ڪندي رهان، تہ پوءِ منھنجي بدران ڪم ڪير ڪندو؟“
”هري، مان هن دنيا ۾ صفا اڪيلو آهيان. منھنجو ڪير ڪونھي. ڪير ڪونھي، جنھن سان ويھي اندر جو حال اوريان. تون جهٽ پلڪ لاءِ ايندي ڪر تہ توسان ويھي ريھاڻ ڪندو ڪريان.“
”مون کي تہ واندڪائي ڪا نہ ملندي آهي. سارو ڏينھن پٿر ڪٽيندي آهيان، يا مٽي ڍوئيندي آهيان. شام جو ساري ڪٽنب لاءِ ماني تيار ڪندي آهيان. رات جو واندي ٿيندي آهيان. چڱو، ڪڏهن واندي ٿيس تہ اينديسانءِ.“
ان ڏينھن ئي رات جو، جڏهن هر طرف سانت ڇانئجي وئي، تڏهن هري آئي، تہ تنبوءَ جي در وٽ بيھي، نيڻ کڻي مون ڏانھن نھارڻ لڳي. هن جي نيڻن ۾ خود سپردگي ڇوليون هڻي رهي هئي، ۽ هن جي چپڙن تي حيا ۾ ٻڏل هلڪي هلڪي مرڪ هئي. مون اٿي هن کي ٻانھن کان جهليو. هن جو جسم کوري ۾ تتل ٽامي جيان ٻري رهيو هو. منھنجي هٿ جي ڇهاءُ سان هوءَ شرمائجي ويئي، ۽ شرم وچان، رئي جي پلاند سان کڻي منھن ڍڪيائين. اڄ هن جو هٺ ۽ هن جي بيحجابي الائي ڪيڏانھن هليا ويا هئا، ۽ هن جو عورتپڻو اڀري آيو هو. عورت ڪيتري بہ هٺيلي، ڪيتري بہ بيحجاب ڇو نہ هجي، پر جڏهن هوءَ مڙد جي گهر جي چائنٺ ٽپندي آهي، تڏهن هن جو سارو هٺ، ساري بيحجابي الائي ڪيڏانھن غائب ٿي ويندي آهي، ۽ هن جو عورتپڻو پنھنجين سڀني رعنائين سان اڀري ايندو آهي. مڙد جي پاڇي پوڻ سان ئي هوءَ، شرم ٻوٽيءَ وانگر پاڻ کي ويڙهي سيڙهي، پنھنجو پاڻ ۾، پنھنجي وجود ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. ائين، هڪ وار مڪمل طرح سان بند ٿيڻ کان پوءِ هوءَ ٽڙندي آهي. ائين، هزار پڙدن ۾ پاڻ لڪائي، پاڻ ڇپائي، هوءَ پنھنجي ازلي اسرارن ۽ ڳجهن سميت ظاهر ٿيندي آهي، مون هن کي ٻانھن کان جهلي کٽ تي ويھاريو، ۽ هن سان رهاڻ ڪندو رهيس.
* * *
ڪنھن کي خبر ڪا نہ هئي تہ انھن ڪڇي مزدورن جو وطن ڪھڙو هو، ۽ ديس ڪھڙو. جتي هنن کي ڪم لڳندو هو، اتي اچي پنھنجا پکا اڏيندا هئا، ۽ اها جاءِ ئي هنن جو ديس ٿي ويندي هئي. پوءِ جڏهن ڪم ختم ٿي ويندو هو، تڏهن گڏھہ تي سامان لڏي، مزدوريءَ جي تلاش ۾، ڳڀي جي ڳولا ۾ نڪري پوندا هئا. ڪنھن گڏھہ تي ڪڪڙيون ويٺيون ڪُڙ ڪُڙ ڪنديون هيون، تہ ڪنھن تي ڪڇي عورتون ويٺيون پنھنجن ڪارن، ڪوجهن ۽ گر چڙهيل ٻارن کي گهگهري مان ڇاتي ڪڍي کير پيارينديون هيون، ۽ مرد مزدور پنڌ ئي پنڌ گڏھہ هڪليندا هلندا رهندا هئا – هڪ نئين ماڳ ڏانھن جتي سنڌ سنڌ ڏکوئيندڙ مزدوري، ٺيڪيدار جا وڏا وڏا ۽ ڪڏهن نہ ڀرجڻ وارا پيٽ ۽ اڻپوري خوراڪ، ازدہا وانگر وات ڦاڙي، هنن جي انتظار ۾ هوندا هئا.
ڪڇي عورتون ڏاڍيون محنتي ۽ مضبوط هونديون هيون. هنن جي جسمن ۾ نہ تہ شاخ گل واري لچڪ هوندي هئي، ۽ نہ رابيل جي گلن واري هٻڪار، هنن جا جسم ڪٽ چڙهيل ٿانون جيان ڪارا هوندا هئا، ۽ منجهانئن پگهر جي بدبوءِ پئي ايندي هئي. ڪڇي مڙد، عورتن جي ڀيٽ ۾ ڏاڍا سست هوندا هئا. هو پاڻ سولو ڪم ڪندا هئا، ۽ پنھنجين عورتن کان ڏکيو ڪم وٺندا هئا. سارو ڏينھن چرس پيئندا هئا، داروغين ۽ ٺيڪيدارن جي منشين جون گاريون کائيندا هئا. جمعي رات جو ڪچو شراب پي، بدمست ٿي هڪٻئي سان وڙهندا هئا، يا ساري رات پنھنجين زالن جون ٻوٽيون پٽيندا هئا.
جنھن ننڍي شھر کي وڏي شھر سان ملائڻ لاءِ اها سڙڪ تعمير ٿي رهي هئي، ان شھر ۾ جلال جي آفيس هئي. هو هفتي مان ٽي ڏينھن اتي رهندو هو، ۽ باقي چار ڏينھن هتي اچي گذاريندو هو. هڪڙي ڏينھن جلال آيو تہ هن سان گڏ هڪ وڏيءَ عمر جو شخص ۽ هڪ نوجوان ڇوڪري بہ هئي. جلال جڏهن اسان جي واقفيت ڪرائي، تڏهن مون کي خبر پئي تہ اهو پوڙهو شخص رٽائرڊ انجنيئر هو ۽ رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ”واپڊا“ کاتي ۾ ساڳي نوڪري ڪئي هئائين. هن جي عمر پنجاھہ يا سٺ ورهيہ هئي، پر مون کان ۽ جلال کان بہ وڌيڪ جوان ڏسڻ ۾ ٿي آيو. هن جو قد ڊگهو هو. جسم مضبوط ۽ اکين ۾ زندگيءَ جي چمڪ هيس. هن جا وار صفا اڇا هئا، ڄڻ چانديءَ جي تارن جو ڇٽ مٿي تي رکيل هوس. هن جو آواز هن جي شخصيت وانگر رعبدار ۽ گجندڙ هو. هر سنجيدہ ڳالھہ کي شستہ ۽ وڻندڙ مزاج جو رنگ ڏيئي، ڪو ٽوٽڪو ٻڌائي، وٺي ٿي ٽھڪ ڏنائين. هو اصل ۾ ڪشمير جو رهاڪو هو، پر گهڻي وقت کان لاهور ۾ اچي رهيو هو. اها نوجوان ڇوڪريءَ هن جي ڌيءُ هئي. هن جو نالو نسرين هو، ۽ هوءَ ڪراچيءَ جي ڪنھن ڪاليج ۾ ڊاڪٽريءَ جي آخري سال ۾ پڙهي رهي هئي. هينئر ڪاليج ۾ موڪلون هيون، ۽ هوءَ موڪلن گذارڻ لاءِ پيءُ وٽ آيل هئي. هن ۾ بہ پيءُ واريون سڀ خوبيون هيون. فرق رڳو ايترو هو جو هن جي آواز ۾ رعب بدران عجيب ميٺاج هو. هن بہ ٿوريءَ گهڻي ڳالھہ تي ٽھڪ ٿي ڏنو. هن جي ٽھڪ جي آواز ٻڌڻ مان ائين ٿي احساس ٿيو، ڄڻ تھہ سيءَ ۽ جهڙ ۾ يڪدم گرم ۽ روشن اس نڪري آئي هجي، يا ملھار جي موسم ۾ اوهين ماٺ ڪري چانھہ پي رهيا هجو ۽ ڪنھن ”سارنگ“ ڇڙي ڇڏيو هجي. اڄ جڏهن جلال هيڏانھن اچي رهيو هو، تہ هن نسرين ۽ سندس پيءُ کي رستي تي وڻ هيٺ بيٺل ڏٺو. ٻيئي ٻاهر گهمڻ لاءِ نڪتا هئا، پر هنن جي گاڏي خراب ٿي پئي هئي، ۽ هو ٻيئي وڻ هيٺان پريشان بيٺا هئا. جلال هنن کي پنھنجيءَ جيپ تي هتي وٺي آيو هو، ۽ هنن کي چانھہ وغيرہ پياري هئائين- (نسرين سان ملڻ لاءِ قدرت جلال کي ڪھڙو نہ سھڻو موقعو ڏنو هو!).
نسرين جو پيءُ، چانہ پيئندي، پنھنجي مخصوص رعبدار لھجي ۾ مون کان پڇيو: ”اوهين ڇا ڪندو آهو؟“
”مان-“ مون اڃا جواب ڏنو ئي ڪو نہ، تہ جلال منھنجيءَ ڳالھہ کي اڌ ۾ ڪٽيندي چيو، ”هن ايم اي پاس ڪئي آهي. في الحال تہ ڪنھن نوڪريءَ وغيرہ جو خيال ڪونھيس، سارو ڏينھن ويٺو ڪتاب پڙهندو رهندو آهي.“
”الائي اوهين واندا ڪيئن ٿا ويھي سگهو. مان جڏهن رٽائرڊ ٿيس، تڏهن سوچيم تہ آرام ڪندس، پر ٻن ٽن ڏينھن جي بيڪاريءَ ۽ واندڪائيءَ ۾ ساھہ منجهڻ لڳم. يڪدم هٿ پير هڻي، ”واپڊا“ ۾ نوڪري ورتم.“
”اصل ۾ ادبي ذوق وارا ماڻھو ٿيندا ئي ائبنارمل آهن.“ جلال چيو.
”مان اوهان سان ان ڳالھہ ۾ تفق ڪو نہ آهيان.“ هن گجندڙ آواز ۾ چيو. ”منھنجي ڌيءَ، نسرين، جو ئي مثال وٺو. ”غالب“ ۽ ”مير“ پڙهي پڙهي، ڊاڪٽر ٿيڻ واري آهي. منھنجي خيال ۾ تہ منھنجي ڌيءَ جھڙيون نارمل ڇوڪريون اوهان کي ورلي ملنديون.“
پنھنجي پيءُ جي ڳالھہ ٻڌي، نسرين مشڪي ڏنو. عجيب مشڪ، جنھن ۾ خوبصورتي بہ هئي تہ اڻ لکي لڄ بہ.
هن ڳالھہ بدلائيندي مون کان پڇيو: ”اوهين سارو ڏينھن اڪيلا ويٺا ڇا ڪندا رهندا آهيو؟ اسان وٽ ايندا ڪريو. مان بہ سارو ڏينھن اڪيلي ويٺي هوندي آهيان. ايندا ڪريو تہ ڳالھيون ڪري پيا وقت گذارينداسين.“
”مان تہ هر روز اوهان جي ڪئمپ جي اورئين طرف واري باغ ۾ گهمڻ لاءِ ايندو آهيان. هڪ تہ مون کي اوهان جي خبر ڪا نہ هئي، ۽ ٻيو تہ واقفيت بہ ڪا نہ هئي، نہ تہ جيڪر مان هر روز اچان ها.“ مون چيو.
”هاڻي تہ واقفيت ٿي وئي، هاڻي تہ ايندا ڪريو.“ نسرين چيو.
نسرين جي پيءُ اسان کي ٻئي ڏينھن لاءِ چانھہ جي دعوت ڏني، ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ جلال هنن کي جيپ تي سندن ڪئمپ ۾ ڇڏي آيو.
* * *
ٻئي ڏينھن شام جو مان ۽ جلال هن جي ڪئمپ ۾ وياسين. هنن ڏاڍيءَ حب سان اسان جو آڌارڀاءُ ڪيو. ۽ اسان کي ساري ڪئمپ گهمايائون. اصل ۾ اها ڪئمپ آمريڪي انجنيئرن لاءِ بڻائي وئي هئي. ان ڪري ئي جهنگ ۾، جتي دور تائين ٽمٽائيندڙ ڏيئو بہ نظر نہ ٿي آيو، اتي بجليءَ جو بندوبست ٿيل هو. رهائش لاءِ ريل جي گاڏن جيان ٽين جا ٽي گاڏا بيٺل هئا، جن ۾ وري ايئرڪنڊيشن جو بندوبست رکيل هو. پر پوءِ آمريڪي انجنيئر واپس هليا ويا هئا، ۽ اهي گاڏي نسرين جي پيءُ کي رهائش لاءِ مليا هئا. هنن اسان کي هڪ گاڏي ۾ آڻي ويھاريو. اسان کي چانھہ پياريائون، ۽ پيار ڀريل ڳالھين سان اسان جي دل وندرايائون. نسرين جي پيءُ ۽ جلال تہ پنھنجي انجنيئرنگ جي ٻوليءَ ۾ ڳالھيون شروع ڪري ڏنيون. مان ۽ نسرين پاڻ ۾ ڳالھائيندا رهياسين. جڏهن اسين موٽڻ لڳاسين، تڏهن جلال چيو، ”يار، هيءَ مڇي تہ تنھنجي ڄار ۾ اچي ڦاٿي آهي، هتي اسان جو ڪم نہ آهي.“ مون مشڪي ڳالھہ کي نٽائي ڇڏيو. جلال وري چيو، ”يار، عورت کي سمجهڻ خدا کي سمجهڻ کان بہ وڌيڪ ڏکيو آهي. مڙد جي الائي ڪھڙي ادا عورت کي وڻي وندي آهي. خير، ڪجهہ بہ هجي، هي شڪار تنھنجو آهي.“
ٻئي ڏينھن تي، صبح جو سوير، باغ ۾ وڃڻ ۽ واھہ جي ڪپر تي هريءَ سان ملڻ جي بجاءِ، مان نسرين سان ملڻ هليو ويس.
نسرين ۽ مان واھہ جي ڪپر تي نڪتاسين. جهونجهڙڪي جو وقت هو. افق وٽ ڇانيل هلڪن سفيد بادلن ۾ شفق جا رنگ رلجي ويا هئا – ڄڻ آسمان ۾ ديوين ۽ ديوتائن ڪو ڏڻ ملھايو هو، ۽ رنگن جي پچڪارين سان هڪ ٻئي جي لباس کي رنگارنگ ڪري ڇڏيو هئائون. هوا جي هلڪي جهوٽي سان، نسرين جي وارن جي چڳ هن جي ويڪريءَ ۽ روشن پيشانيءَ تي لھرائڻ لڳي. هن شفق ڏانھن نھاريندي چيو:
”هتي زندگي ڪيتري نہ حسين ۽ ڪيتري نہ پرسڪون آهي! مون تہ ڪراچيءَ ۾ ڪڏهن بہ شفق کي ھھڙو حسين ڪو نہ ڏٺو هو. هتي اچڻ کان پوءِ ائين ٿو احساس ٿئي ڄڻ اسين وڇڙيل ماءُ جي گود ۾ پھچي ويا آهيون، ۽ اسان جي ماءُ اسان کي پکين جي لاتين جون لوليون ڏيئي سمھاري رهي آهي.“
اسين جڏهن واپس ورياسين تہ پريان پل وٽ، ”هري“ نر آئي. هوءَ دلو ڀري واپس وڃي رهي هئي. اسان کي ڏسي، هوءَ ٿوري دير بيٺي، ۽ پوءِ تکا تکا قدم کڻندي. پڙو لھرائيندي، هلي وئي.
رات جو مان کٽ تي ليٽيس، تہ منھنجين اکين آڏو نسرين جا کلي بند ٿيندڙ ۽ بند ٿي کلندڙ چپ، ۽ هوا جي هلڪي جهوٽي سان هن جي چنڊ جيان ٻرندڙ پيشانيءَ تي لھرائيندڙ وارن جي چڳ ڦرڻ لڳي. هن جي هلڪڙن هلڪڙن ٽھڪن جو سنگيت منھنجي روح ۾ اوتجڻ لڳو. مون کي جلال جا لفظ ياد اچڻ لڳا. ”مڙد جي الائي ڪھڙي ادا عورت کي وڻي ويندي آهي.“ منھنجي دل ٽڙي پيئي ۽ مان مشڪي ويٺس. وري منھنجين اکين آڏو هريءَ جو جوان ۽ مضبوط جسم ڦھلجي ويو. هن جي جوڀن جي بوءِ منھنجن حواسن تي ڇانئجڻ لڳي. هري ڪنھن سگهڙ جو سادو، سلوڻو ۽ جذبن سان ٽمٽار بت هئي، تہ نسرين ڪنھن مھا ڪويءَ جي ڪوتا: هري ڪنھن تلاءَ جو بيٺل ميرانجهڙو پاڻي هئي، تہ نسرين آب زم زم! مون پنھنجي ازلي اڃ جي شدت کان مجبور ٿي، ان ميرانجهڙي پاڻيءَ مان ٻڪ ڀري پيتو هو، نہ تہ جي آب زم زم ملي وڃي، تہ پوءِ ڪير ميرانجهڙو پاڻي پيئندو؟
مان اهي ڳالھيون سوچي رهيو هوس تہ تنبوءَ ۾ هري داخل ٿي. هن جو منھن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو هو، ۽ هن جو سارو جسم ڏڪي رهيو هو. هوءَ سڌي اچي منھنجي مٿان بيٺي ۽ ڪاوڙ مان پڇيائين:
”اڙي، اها ڀُري ڀولڙي ڪير هئي؟“
”ڪھڙي؟“ مون کٽ تي اٿي ويھندي چيم.
”ڪھڙي؟“ هن منھنجا ويچارا ڪڍيا. ”ڄڻ توکي خبر ئي ڪانھي! اها رن، جيڪا صبح توسان ساڻ هئي!“
”ڪير؟ نسرين؟ اها تہ انجنيئر جي ڌيءُ آهي.“
”انجنيئر جي ڌيءُ هجي کڻي لاٽ جي ڌيءُ هجي، جي وري توسان ڏٺومانس تہ مترڪي سان ميڄالو ڪڍي ڇڏينديسانس!“
مون هن کي ٻانھن کان جهلي کٽ تي ويھاريو، ۽ هن جي منھن کي ٻنھي هٿن ۾ جهليندي چيو: ”توکي پنھنجي ٻاپوءَ تي اعتبار ڪونھي؟ چري، مان ڪو توکان منھن موڙي سگهان ٿو!“
هن جي اکين مان لڙڪ وهي آيا، ۽ منھن منھنجي گود ۾ رکي، هوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
مان هر روز پرھہ ڦٽيءَ وقت نسرين وٽ ويندو هوس. نسرين ۽ مان گڏجي واھہ جي ڪناري تي سير ڪرڻ ويندا هئاسين. جهنگلي پکين جن مٺيون مٺيون لاتيون ٻڌندا هئاسين، شفق جو نظارو ڪندا هئاسين، ۽ سورج کي اڀرندو ڏسندا هئاسين. اهڙيءَ طرح، اسين ٻئي هڪٻئي جي ويجهو ايندا ٿيندا وياسين، ايترو ويجهو جو هن جو صحتمند ساھہ ۽ منھنجو بيمار ۽ سلھہ جي جيوڙن سان ڀريل ساھہ هڪ ٿي ويا. پر ڪير ٿو چوي تہ منھنجي ساھہ ۾ سلھہ جا جيوڙا هئا؟ مان تہ بنا علاج جي ئي چڱو ڀلو ٿي ويو هوس. ڀلا، پيار ۽ سندرتا کان وڌيڪ بہ ڪو علاج ٿي سگهي ٿو! مان زندگيءَ ۾ هن مھل تائين ان ڪري ئي دک سھندو آيو هوس، جو قدرت مون کي خوشين جو ھھڙو خزانو سونپڻ ٿي چاهيو. مان هن مھل تائين اڪيلائيءَ جي برپٽ ۾ ان لاءِ ڀٽڪندو ٿي رهيس، جو قدرت مون کي ھھڙو ساٿي سونپڻ ٿي چاهيو. مبارڪ آهي اهو غم، جنھن جو عروج ھھڙي خوشي آهي، ۽ مبارڪ آهي اها اڪيلائي، جنھن جي انتھا ھھڙو ساٿ آهي!
رات جو جڏهن کنگهہ ٿيندي هيم، تڏهن احساس ٿيندو هوم تہ مون کي سلھہ آهي، ۽ هي گذرندڙ هڪ هڪ گهڙيءَ، هڪ هڪ پل، مون کي موت ڏانھن ڌڪي وٺي ويندا آهن، نہ نہ .... مان مرڻ نہ ٿو چاهيان! مان جيئڻ ٿو چاهيان! مان اها زندگي ماڻڻ ٿو چاهيان، جنھن ۾ شفق جا رنگ آهن، پکين جون مٺڙيون لاتيون آهن، نسرين آهي، سونھن آهي، سچائي آهي، پيار آهي..... پر، جيڪڏهن نسرين کي خبر پئجي وئي تہ مون کي سلھہ آهي، تہ ڇا پوءِ بہ هن جي پيار ۾ اها سچائي رهندي؟.... مان هن کي ٻڌائيندس ئي ڪو نہ! جڏهن هوءَ موڪلون گذاري ڪراچيءَ هلي ويندي، تڏهن مان ڪنھن سينيٽوريم ۾ داخل ٿي علاج ڪرائيندس – نئين صحت ماڻيندس، نئين زندگي پرائيندس!
مون هريءَ سان ملڻ صفا ڇڏي ڏنو. ويچاري هريءَ نہ تہ مترڪي سان نسرين جو ميڄالو ڪڍيو، ۽ نہ ئي مون کي ڪجهہ چيائين. هن رڳو مون سان ملڻ ڇڏي ڏنو. سارو ڏينھن ماٺ ڪريو پيئي ڪم ڪندي هئي. هريءَ کي ڏسي، مان پنھنجي اندر ۾ ليئو پائي ان جذبي کي ڳوليندو هوس، جنھن هريءَ جي جسم مان بھار جي بوءِ سنگهي هئي. پر مون کي پنھنجي اندر ۾ ان جذبي جو ڪو نشان نظر نہ ايندو هو – شايد اهو جذبو بدبودار پگهر جيان منھنجي جسم جي پورن مان نڪري ويو هو. هينئر منھنجي اندر ۾ صرف هڪڙو جذبو هو – نسرين کي پنھنجي بڻائڻ جو جذبو – نئين زندگي ماڻڻ جو جذبو!
* * *
هڪڙي ڏينھن مان نسرين سان ملڻ ويس. نسرين اتي ڪا نہ هئي. هن جو پيءُ ويٺو هو. ٽيبل تي ٽنگو ڊگهيري، پائيپ پي رهيو هو. مون کي ڏسي هن جي نراڙ تي گهنج پئجي ويا، ڄڻ منھنجو اچڻ هن کي ڏاڍو ناگوار گذريو هجي. مون هن کان نسرين جي باري ۾ پڇيو. هن ڏاڍي اڻوڻندڙ ۽ رکي انداز ۾ جواب ڏنو: ”نسرين ٻاهر گهمڻ ويئي آهي.“ مان هن جي سلوڪ تي حيران ٿي ويس. مون هن کان وڌيڪ ڪي پڇيو ئي ڪين تہ هن چيو، ”معاف ڪجو، مان ڏاڍو ٿڪل آهيان ۽ ڪجهہ آرام ڪرڻ ٿو گهران-“
منھنجي دل کي زور جو ڌڪو لڳو. مان سمجهي نہ سگهيس تہ مون سان اهو برتاءُ ڇو ٿي ڪيو ويو. مان گاڏي کان ٻاهر هليو آيس، ۽ گذريل واقعن کي ياد ڪري، ڪنھن اهڙي واقعي کي ڳولڻ لڳس، جيڪو ان برتاءُ جو سبب ٿي سگهيو ٿي، پر مون کي ڪو بہ اهڙو واقعو سمجهہ ۾ نہ ٿي آيو. ٻاهر مون سان ڊرائيور مليو. مون ڊرائيور کان نسرين جي باري ۾ پڇيو. هن ٻڌايو تہ ”اوهان سان گڏ جيڪو صاحب ايندو آهي، بيگم صاحب ان سان گڏ گهمڻ ويئي آهي.“
مون کي ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ ٿي آيو. دماغ ۾ خيال برپٽ ۾ چڪر کائيندڙ واچوڙن جيان چڪر کائڻ لڳا. مان اندر جي اڻتڻ سان تکا قدم کڻندو ان طرف وڃڻ لڳس، جنھن طرف جلال ۽ نسرين ويا هئا. مون کي پريان جلال ۽ نسرين ايندا نظر آيا. مان يڪدم رستي جي ڪناري تي بيٺل وڻن جي اوٽ ۾ لڪي ويس. نسرين ۽ جلال جي ڳالھائڻ جو آواز منھنجي ويجهو ايندو ٿي ويو، ۽ منھنجي دل جي ڌڙڪڻ جو شور بلند ٿيندو ٿي ويو. مون ساھہ منجهائي، هنن جون ڳالھيون ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي.مون کي نسرين جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. نسرين چئي رهي هئي:
”هاءِ هاءِ! اوهين مون کي پھرين تہ ٻڌايو هو! مون هيترا ڏينھن هن سان گڏ گذاريا آهن، مون کي تہ اهو ڊپ آهي تہ متان منھنجن ڦڦڙن تي بہ اثر نہ پئجي ويو هجي! مان سڀاڻي ئي ڪراچيءَ وينديس، ۽ وڃي ”ايڪس ري“ ڪرائينديس ۽ سُيون هڻائينديس.“
منھنجو سارو وجود لڏي ويو – ڄڻ ڪنھن بيخبريءَ ۾ منھنجي دل ۾ زهر ۾ ٻڏل ڀالو ٽنبي ڇڏيو هجي. ڄنگهون ٿڙڪڻ لڳيون، بت ڏڪڻ لڳو ۽ دل اجهامڻ لڳي. مان ٻئي هٿ مٿي کي ڏيئي، اتي ئي زمين تي ويھي رهيس. ويٺي ويٺي، مون کي رت جي الٽي آئي. زمين جو سارو ٽڪرو ڳاڙهو ٿي ويو. اڇيءَ قميص تي ڳاڙهي ڳاڙهي رت جا داغ چمڪڻ لڳا. مان آهستي آهستي، ڏاڍيءَ ڏکيائيءَ سان اٿيس ۽ ٿڙندو ٿاٻڙندو تنبوءَ ڏانھن هلن لڳس. تنبوءَ کان ٿوري مفاصلي تي هريءَ جي ڀيڻ گَجري لنگهي رهي هئي. هوءَ حيران ٿي مون ڏانھن نھارڻ لڳي. تنبوءَ وٽ پھچي مون کي رت جي ٻي الٽي آئي ۽ مان اتي ئي تنبوءَ کان ٻاهر زمين تي ويھي رهيس. گجريءَ اکيون ڦاڙي مون انھن نھاريو، ۽ پوءِ وٺي ڀڳي. مون ڪنڌ کڻي آسمان ڏانھن نھاريو. سج لھي چڪو هو ۽ افق تي شفق جي ڳاڙهاڻ ڇانيل هئي.
اڄ شفق جو رنگ تيز تکو ۽ ڳوڙهو ڳاڙهو هو – ڄڻ سج کي بہ سلھہ ٿي پيئي هئي ۽ اونداهيءَ ۾ غرق ٿيڻ کان ٿوري دير اڳ، رت جي الٽي ڪري، ساري افق کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو هئائين. آسمان مان ٽمندڙ ڳاڙهي ڳاڙهي رت ۾، ڀر وارا وڻ خاموش هئا، ۽ سانجهيءَ جو پنھنجن پنھنجن آکين ڏانھن موٽندڙ پکين چرپر لائي ڏني هئي. هوا جي هلڪي جهوٽي سان فضا ۾ عجيب، پراسرار چرپر پيدا ٿي وئي هئي – ڄڻ موت جو فرشتو پر ڦرڪائي رهيو هجي. انھن وڻن جي پرينءَ ڀڪ، ڪڇي مزدورن جي جهوپڙن مان عورت جي روئن جو آواز اچي رهيو هو. مان آهستگيءَ سان زمين تان اٿيس، ۽ تنبوءَ ۾ اچي کٽ تي ڪري پيس. منھنجو سنڌ سنڌ وسامڻ لڳو، سنڌ سنڌ ۾ ڪئليون چڪ پائڻ لڳيون. اکين اڳيان ڪارا ڪارا پاڇا نچڻ لڳا، ۽ پوءِ هر طرف اونداھہ ڇانئجي وئي – ٻاٽ اوندھہ، پوءِ چنڊ ۾ وات ڦاڙي ويٺل اسرافيل ڦوڪ ڏني. آسمان ڦاٽي پيو. زمين ڏري پيئي، ستارا ٽٽي پيا. سج جو ٻرندڙ ٿال زمين تي ڪري پيو. هر طرف موت، هر طرف ڳاڙهو ڳاڙهو رت، هر طرف روڄ راڙو، دانھون، ڪيڪون ۽ رڙيون – بچايو! ...... بچايو! ..... بچايو!
مان دانھن ڪري اٿي ويٺس، اکيون ڦاڙي پنھنجي چوڌاري نھارڻ لڳس. ايتري ۾ هري تنبوءَ جو پڙدو هٽائي، رڙ ڪري، اچي منھنجي مٿان ڪري – ”توکي ڇا ٿي ويو آهي، ٻاپو!“ مون هن کي زور سان سيني سان چنبڙائي ڇڏيو ۽ روئڻ لڳس. هوءَ بہ منھن منھنجي سيني ۾ لڪائي روئڻ لڳي. ٻئي ڏکايل، ٻئي ڦٽيل، اوڇنگارون ڏيئي روئيندا رهياسين. پوءِ جڏهن لڙڪن جي کاري پاڻيءَ ۾ هر دک، هر درد ڌوپجي ويو ۽ دل هلڪي ٿي پيئي، تڏهن مون هريءَ کي چيو:
”هري، تون مون کان پري ٿي، مون کي سلھہ آهي! مون رت جون ٻہ الٽيون ڪيون آهن. تون منھنجي ويجهو رهندينءَ تہ توکي بہ سلھہ جا جيوڙا چنبڙي پوندا!“
هن منھنجي گود ۾ منھن لڪائيندي چيو، ”مون کي تنھنجون ڳالھيون سمجهہ ۾ نہ ٿيون اچن. ٻاپو! مان تہ چاهيان ٿي تہ ڀڳوان منھنجو جيون بہ توکي ڏئي، تون سکي رهين!“
ڪيتري نہ سچائي هئي هن جي پيار ۾! ڪيتري نہ سندرتا هئي هن جي اڻڄاڻائيءَ ۾! نسرين ڏاهيءَ مون کي ڏک ڏنا هئا ۽ هيءَ اڻڄاڻ مون کي اننت پيار ڏيئي رهي هئي! ڇا، سچائيءَ کان وڌيڪ بہ ڪا سندرتا آهي؟ ڇا، هن دنيا ۾ اڃا ھھڙي سندرتا ۽ ھھڙو عظيم ۽ اننت پيار آهي، پوءِ زندگي حسين ۽ رهڻ جي قابل آهي. يڪدم منھنجي بيمار ۽ ڦٽيل روح مان زندگيءَ جا امنگ ڦاٽ کائي نڪري آيا. مون ٻئي ٻانھون ڊگهيري، هريءَ کي سيني سان لائي ڇڏيو – ڄڻ مان هڪ نئين زندگيءَ کي سيني سان لائي رهيو هوس.
مون صبح سان، سوير، جلال کي پنھنجي تنبوءَ ۾ سڏرايو ۽ کيس ٻڌايم تہ مان هريءَ سان شادي ڪري رهيو آهيان. منھنجي ڳالھہ ٻڌي، هن کان ڇرڪ نڪري ويو، پر پوءِ منھنجي منھن تي بکندڙ عزم کي ڏسي (يا پنھنجي ڪنھن فائدي کي ڏسي) هو راضي ٿي ويو ۽ مون کي هر قسم جي مدد ڏيڻ جو واعدو ڪيائين. ان ڏينھن ئي مان سينيٽوريم ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪوھہ مريءَ ڏانھن روانو ٿي ويس.
* * *
چار سال گذري ويا آهن. مان سينيٽوريم مان چڱو ڀلو ٿي واپس موٽي آيو آهيان ۽ هڪڙي ڪاليج ۾ پروفيسر آهيان. نسرين ۽ جلال جي شادي ٿي وئي. آهي ۽ ٻئي ڄڻا ڪراچيءَ ۾ رهندا آهن. نسرين اتي ڊاڪٽر آهي ۽ جلال ڪنھن فرم ۾ انجنيئر آهي. منھنجي ۽ هريءَ جي بہ شادي ٿي وئي آهي. اسان جي شادي ڪيئن ٿي، اها هڪ جدا ڪھاڻي آهي – ٻن جدا جدا مذهبن، ٻن جدا جدا قومن جو پاڻ ۾ ٽڪرائجي، ٽٽي، ٽڪرا ٽڪرا ٿي، هڪ ٿي وڃڻ جي ڪھاڻي!
هاڻي جڏهن مان ويٺو هيءَ ڪھاڻي لکي رهيو آهيان، تڏهن هري ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ منھنجي ٽيبل تي نوڙي (جيئن هوءَ مٽ کڻائڻ لاءِ نوڙي هئي) منھن منھنجي منھن ۾ وجهي پڇي ٿي: ”ڇا ٿو لکين؟“ مان هن جي جسم مان اٿندڙ بھرا جي بوءِ کي ساھہ سان سيني ۾ سانڍيندي چوان ٿو: ”لکان ٿو تہ نيٺ بھار آيو!“ هوءَ ڪجهہ نہ سمجهي، مرڪي ٿي ڏئي – عجيب ۽ اڻڄاڻ مرڪ. ان عجيب ۽ اڻڄاڻ مرڪ سان هن جي چپڙن مان ڄڻ گل ڇڻي ٿا پون. مان دريءَ جو پڙدو هٽائي، ٻاهر نھاريان ٿو. سج لھي ويو آهي، ۽ شفق ٽڙي بيٺي آهي. اڄ شفق جو رنگ هلڪو گلابي آهي – ڄڻ افق وٽ گلاب جا هزارين گل ٽڙي پيا آهن.

(مھراڻ، 4 – 1961ع)

سج اڀرڻ کان اڳ (امر جليل)

مون کي ڏسي، سدائين ڀڄي ويندو هو. ان ڏينھن بہ مون تي نظر پيس تہ وٺي ڀڳو. وک تہ اڳ وانگر تکي وڌايائين، پر مون بہ وڃي سوگهو ڪيومانس.
چيومانس، ”ڪيئن، سڃاڻين ٿو؟“ چيائين، ”نہ.“
”واھہ، مون کي ڪو نہ سڃاڻين؟ مون کيس گهوريندي چيو.
”نہ،“ بلڪل سادو جواب ڏنائين.
”ٻالو ڀولو نہ ٿيءُ!“ مون پنھنجي آواز ۾ سختي پيدا ڪندي چيو.
”يقين ڪر تہ مان توکي سڃاڻان ئي نہ ٿو.“ هن سرد لھجي ۾ وراڻيو.
”اڳ بہ مڪار هئين ۽ اڄ بہ آهين.“ مون نفرت وچان چيو.
هن جواب نہ ڏنو، فقط پنھنجين جادوگر نگاهن سان مون ڏانھن ڏٺائين. اکين ۾ اهڙي تہ ڪشش هوندي اٿس جو هڪ ئي نگاھہ سان اڳلي کي خاموش ڪري ڇڏيندو آهي. پر ان ڏينھن مان بيحد ڪاوڙ ۾ هوس. مون ڀڻڪيو:
”تون دوکيباز ۽ فريبي آهين.“
آهستي جواب ڏنائين، ”ان ڪري تہ پنھنجي دوستي ختم ٿي ويئي!“
”ڏس تہ اچي وئين نہ راھہ تي!“ مون طنز ڀري مرڪ سان چيو، ”ڏاڍو ڀورڙو پئي ٿئين، ”مان توکي سڃاڻان ئي نہ ٿو“!“
”جيڪي هئين، تنھن کي سڃاڻندو هوس،“ پنھنجين نگاهن ۾ ساگر جي گھِرائي ڀريندي ڳالھائين، ”۽ هينئر جيڪي ڪجهہ آهين، تنھن کي ڪو نہ سڃاڻان.“
”ڏاڍو چالاڪ آهين!“ سندس نگاهن کان پنھنجون نظرون بچائيندي، مون چيو، ساڳئي مطلب جا ٻہ مختلف موضوع پيدا ڪيا اٿئي.“
”موضوع ساڳيو آهي، پر تنھنجيءَ سمجهہ ۾ فرق اچي ويو آهي.“ هن اعتماد سان چيو.
”واه – ”سڃاڻان“، ”۽ ”نہ سڃاڻان“!“ مون ٽھڪ ڏنو. ”سمجهہ تہ تنھنجي ڦري وئي آهي.“
هڪدم وراڻيائين، ”جڏهن رتن تلاءَ اسڪول جي پٺيان هڪ جهڳيءَ ۾ رهندو هئين، تڏهن مان تنھنجو دوست هوس ”۽ اڄ نہ؟“
”اڄ تون اهو رهيو ئي ناهين، اسان جي دوستي ڀلا ڪيئن رهندي.“ هن جواب ڏنو.
”مون تہ توکي اڳ ئي ٻڌايو هو تہ مان فقط انھن جو دوست آهيان جن وٽ –“.
”بند ڪر بڪواس!“ مون کيس گريبان کان ورتو. ”سڄيءَ دنيا کي بيوقوف بڻايو اٿئي!“ هو خاموش رهيو.
”انھن منجهيل ڳالھين ۾ دنيا کي الجهايو اٿئي!“ مون کيس جهنجهوڙيو. جواب ڏنائين: ”جڏهن بغاوت ۽ ظلم جا پڙدا انسان جي عقل تي پئجي ويندا آهن، تڏهن هو انسانيت کي وساري ويھندو آهي، بلڪل تو وانگر.“
”فريبي، انسانيت جو ڪوڙو ڍونگ رچايو اٿئي!“ مون کيس ڀت جي پاڇي ۾ڌڪي ڇڏيو. ”انھن ڳالھين سان دنيا کي ٺڳيو اٿئي!“
بنا چرپر جي جواب ڏنائين: ”منھنجي ڳالھين کان بيزار آهين، ان ڪري تو وٽ اچڻ ڇڏي ڏنو اٿم.“
”مون کي بہ تنھنجي دوستيءَ جي ضرورت ناهي.“ مون سندس گريبان تي گرفت مضبوط ڪندي چيو.
”تہ پوءِ روڪيو ڇو اٿئي؟“ هن آهستي چيو.
”اهو ٻڌائڻ لاءِ تہ مون تنھنجي تلقين ٺھرائي ڇڏي آهي.“ مون جواب ڏنو.
”ڄاڻان ٿو.“ جهيڻي آواز ۾ چيائين.
”۽ وڌيڪ ٻڌ: اڳ تنھنجي دوستي ۾ مان گريجوئيٽ، بيروزگار هوس.“ مون ساڳئي انداز ۾ ڳالھايو. ”هينئر مون ڊگري ڦاڙي ڦٽي ڪري ڇڏي آهي: اڄڪلھہ اسان وٽ بک ناهي، سکيا ۽ آسودا آهيون.“
”ان ڪري مون اوهان وٽ اچڻ ڇڏي ڏنوآهي.“ هن وراڻيو.
”ائين چئہ تہ فقط بکين ۽ بيروزگارن جي در تي ڌڪا کائيندو آهين.“
منھنجو جملو کيس بڙڇي ٿي لڳو. اکيون چمڪڻ لڳيس، چيائين، ”جيئن سمجهين، پر چور سان پلئہ نہ اٽڪائيندس.“
پنھنجين تکين نگاهن سان منھنجو اندر ڦٽي وڌائين، ۽ سندس جملو ڀالي وانگر منھنجي من ۾ ڇپي ويو. مون کيس ڇڏي ڏنو. هو پنھنجي جبي جي ڪالر کي درست ڪري، پاسي واري گهٽيءَ ۾ هليو ويو.
مان حيران هوس تہ کيس ڪيئن خبر پيئي تہ مار چور هوس! جنھن راز کان پوليس بيخبر هئي. تنھن راز کي هن ڪيئن پروڙيو؟ دنيا فقط هو ئي منھنجي جرم کان واقف هو، يا مان خود هوس. مون کيس ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. شاهد جو زندھہ رهڻ منھنجي لاءِ موت برابر هو. مان کيس ڪنھن بہ صورت ۾ جيئرو جاڳندو ڇڏي نہ ٿي سگهيس. کيس ختم ڪرڻ ئي بھتر هو.
مون رومال ڪڍي هٿ تي ويڙهيو، ۽ پوءِ چاقو کولي، هٿ اوور ڪوٽ جي اونھي کيسي ۾ وجهي ڇڏيم. رات جو اڃا پويون پھر هو. مون سندس پيڇو ڪيو. وڻن جي اوٽ ۾ ۽ ڀتين جي پاڇن ۾ لڪندو ڇپندو، مان هن جي پٺيان هلندو رهيس. مون کيس سج اڀرڻ کان اڳ قتل ڪرڻ ٿي چاهيو.
چاقوءَ تي منھنجي گرفت مضبوط ٿيندي ويئي، ۽ مان ڪنھن اهڙي هنڌ لاءِ واجهائڻ لڳس، جتي هن جي آخري هڏڪي ويرانين ۾ ئي دفن ٿي سگهي. هو بيخبر هلندو رهيو، ۽ مان پاڇي وانگر سندس پيڇو ڪندو رهيس. افسوس بہ پئي ٿيم تہ اجايو سندس موت منھنجي هٿيان ٿيندو. بس، ٻہ – ٽي وکون وڌائي، سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪرڻي هيم. افسوس ان ڪري پئي ٿيم جو هڪ دفعي مون کي خودڪشيءَ کان روڪي، منھنجي جان بچائي هئائين. انھن ڏينھن ۾ مان بيحد مشڪلاتن ۾ مبتلا هوس. ڊگري کڻي ڌڪا کائيندو رهيس، رلندو رهيس، ڀٽڪندو رهيس، نيٺ بيروزگاريءَ ۽ بک اسان کان سڀ ڪجهہ ڦري ورتو.
ڏونگر جھڙا اهي ڏينھن مون کي سدائين ياد رهندا، ۽ مان اهو منحوس ڏينھن بہ ڪڏهن وساري نہ سگهندس، جڏهن ٻن ڏينھن جي بک اسان کي نيم پاڳل ڪري ڇڏيو هو. بک جي عذاب سڀ ڪجهہ وساري ويٺس – سڀ ڪجهہ.
جڏهن اما هيڻي آواز ۾ پڇيو هو، ”ابا، هاڻي ڇا ٿيندو؟“ انتھائي مايوسيءَ ۽ بيزاريءَ وچان، کيس تڙي ڏيندي چيم، ”ڇا وري ڇا ..... تون زرينا کي هار سينگار ڪري ويھار، مان گراهڪ وٺي ٿو اچان!“
”بيحيا!“ امڙ ڪمزور آواز ۾ رڙ ڪئي هئي.
”ها، اما!“ مون زهر اوتيو، ”جوان عورت ڌنڌو ڪري پيٽ پالي سگهي ٿي، مرد ڪيڏانھن وڃي؟ ٻڌاءِ مرد ڪيڏانھن وڃي؟،
زرينا ۽ اما، حيرت مان مون ڏانھن تڪي رهيون هيون. سندس خالي دماغ ۽ پريشان ذهن لاءِ منھنجو جملو ناقابل برداشت هو. زرينا تہ منھنجين اکين مان پنھنجون اکيون ئي نہ ٿي ڪڍيون- ڄڻ تہ نگاهن سان منھنجي روح جو دامن چاڪ ڪري رهي هئي. مون کي اچي ٻانھن کان ورتائين.
مون کيس گهائل ڪندي چيو هو، ”توکي طوائف ٿيڻو پوندو. زرينا!“
”شرم نہ ٿو اچيئي بيغيرت!“ اهو درد ۾ ٻڏل دڙڪو اما جو هو.
”بک جي ڀوت اڳيان غيرت بہ مري ويئي. اما!“ مون وراڻيو.
”تنھنجو دماغ خراب ٿي ويو آهي!“ اما اجائيءَ همت سان چيو.
”ٻڌو نہ اٿئي، اما،“ مون روئندي چيو هو، ”- بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري!“
اما ۽ منھنجي اکين مان بہ نير وهي نڪتا. الائي ڪيئن، اسان جي اکين ۾ ايترو آب اچي گڏ ٿيو هو. زرينا خالي نگاهن سان مون کي تڪيندي رهي. اوچتو، ڪراهت مان منھنجي منھن تي ٿڪ اڇلايائين، ۽ پوءِ منھنجي سڄي قميص ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيائين، پنھنجي ڪمزور آڱرين سان منھنجي منھن تي رهنڊون هنيائين، ۽ پوءِ منھنجن وارن ۾ مُٺيون وجهي، سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. هيءَ ساڳي زرينا هئي، منھنجي ڀيڻ، جنھن کي مان ڪلھي تي ويھاري گهمائيندو هوس، جنھن کي پنھنجي خرچيءَ مان بہ ڀورينڊا وٺي ڏيندو هوس، جنھن جي هڪ هڪ لڙڪ تي پاڻ بہ بيچين ٿيندو هوس. ان ڏينھن ساڳيءَ زرينا جا هٿ منھنجن وارن ۾ هئا ۽ هوءَ هنجون هاري رهي هئي. مون کيس پاڻ کان جدا ڪيو، هوءَ اما جي هنج ۾ وڃي ڪري. مان اسڪائوٽ جي ڏينھن وارو چاقو کڻي ٻاهر هليو آيس.
مون کي اونداھہ جي تلاش هئي، مون کي ويرانين جي ڳولا هئي، جتي آسانيءَ سان پنھنجي سيني ۾ چاقوءَ جي تيز نوڪ وهائي سگهان. زرينا جا سڏڪا ۽ اما جون آهون، منھنجو پيڇو ڪنديون، پري پري تائين منھنجي روح ۽ منھنجي وجود کي جلائيندو آيون.
هڪ هنڌ ويراني بہ هئي، ۽ اونداھہ بہ. مون چاقو ڪڍي سيني تي رکيو. چاقوءَ جي هٿيءَ کي زور ڏيڻ تي هوس تہ هو بہ اچي اتي نڪتو. ساڳيو جبو پاتل هوس. منھنجي ويڻي وٺندي چيائين:
”هن چاقوءَ جي باري ۾ ڪجهہ ڄاڻين ٿو؟“
”ها،“ مون وراڻيو، ”تمام تکو آهي، ۽ جلد موت آڻيندو.“
”پر جنھن ڪاريگر هيءُ چاقو ٺاهيو هو.“ هن اکين ۾ نُور آڻيندي چيو، ”تنھنجي تصور ۾ موت، نہ، بلڪہ زندگي هئي.“
مان حيرت وچان هن جون ساگر جھڙيون گهريون نگاهون ڏسڻ لڳس.
چيائين، ”نوجوان آهين، محنت مزدوري ڇو نہ ٿو ڪرين!“
”مان گريجوئيٽ آهيان!“ مون فخر سان کيس وراڻيو هو.
”تعليم کي پيٽ پالڻ جو هٿيار ٿو سمجهين؟ پيٽ تہ ڪتا بہ ٿا پالين.“
هو باوقار لھجي ۾ڳالھائيندو رهيو، ”علم، اٿيئي روشني، ۽ محنت دنيا جو عظيم ڌنڌو.“
مان سندس صداقت ڀرپور آواز ٻڌي رهيو هوس، جنھن کان ڄڻ هيءَ سڄي ڪائنات ڪنبي رهي هئي
مون کي خاموش ڏسي چيائين: ”اها زندگي ئي ڪھڙي، جنھن ۾ ڪشمڪش نہ هجي! ڪشمڪش تہ زندھہ رهڻ جي ڪسوٽي آهي. حقيقت ۾ فقط اهي انسان زندھہ آهن، جن ڪڏهن ڪشمڪش ڪئي هئي.“
مون وٽ سندس ڳالھين جو جواب نہ هو.
چيائين، ”ڪھڙا نہ مضبوط ڏورا ۽ ڪشادو سينو اٿئي، انھن کان ڪم وٺي منھنجا دوست!“
هو مون کي حيران پريشان ڏسي هليوويو.
چاقو منھنجي هٿ ۾ رهجي ويو. موت جي تمنا هن جي ڳالھين سان تڙجي ويئي هئي، پر بک جي باھہ ڀڙڪندي رهي. هن جو آخري جملو مون کي بيدار ڪندو رهيو.
”ڪھڙا نہ مضبوط ڏورا ۽ ڪشادو سينو اٿئي: انھن کان ڪم وٺ، منھنجا دوست!“
زندھہ رهڻ جي تمنا سيني ۾ سانڍي، مون ويرانين کان منھن موڙي شھر جور خ ڪيو. بغاوت ۽ بک جا شعلا ڀڙڪي رهيا هئا. سامھون، هڪڙي دڪان جي در وٽ سائيڪل رکي هئي. هن چيو – ڪھڙا نہ مضبوط ڏورا ۽ ڪشادو سينو اٿئي!...... انھن کان ڪم وٺ، منھنجا دوست! .... دنيا جو عظيم ڌنڌو اٿئي محنت!“
مون هيڏانھن هوڏانھن نھاريو، ۽ پوءِ هڪدم سائيڪل جي پيڊل تي پير رکي، تيزيءَ سان رفوچڪر ٿي ويس. ڪنھن بہ مون کي ڪو نہ ڏٺو. اها منھنجي زندگيءَ جي پھرين چوري هئي. سائيڪل هڪ ڪٻاڙيءَ کي پنجويھن رپين ۾وڪڻي ڇڏيم. ۽ پوءِ، هڪ هوٽل تان نان- ڪباب ڪورما ۽ برياني وٺي، سڌو گهر آيس.
ڏيڍيءَ جي در ٻاهران ”هو“ منھنجو انتظار ڪري رهيو هو. ڪجهہ دير اڳ مون کي زندگيءَ جي سبق ڏيندي جا جوت سندس نيڻن۾ جلي اٿي هئي، هينئر اها اجهاڻيل هئي. مون کي ڏسي هڪدم چيو، ”تنھنجي چوڻ مطابق، مضبوط ڏورن ۽ ڪشادي سيني کان ڪم ورتو اٿم!“
”مان سڀ ڪجهہ ڄاڻان ٿو، دوست!“ هن آهستي چيو، ۽ اکين ۾ رنجش بکڻ لڳيس. هوريان هوريان ڪنڌ جهڪائي هليو ويو.
مان هڪدم گهر اندر داخل ٿيس. ڏيئي جو تيل بس ختم ٿيڻ تي هو. مون نان – ڪباب جا پُڙا اچي کٽ تي رکيا. اما ۽ زرينا، وائڙن وانگر، ڪڏهن مون کي ۽ ڪڏهن پُڙن کي پئي تڪيو. پُڙا سڻڀا هئا، ۽ ڪبابن جي خوشبوءِ پنھنجن ڪمزور هٿن سان منھنجي منھن تي چماٽ هنيائين:
”بيحيا، پنھنجيءَ ڀيڻ جي جسم جو سودو ڪري، هيءُ حرام آندو اٿئي!“
”نہ نہ “ مون احتجاج ڪيو، ”مان تہ مرڻ ويو هوس، پر رستي ۾ نوڪري ملي ويئي“
”نوڪري!“ اما ۽ زرينا حيرت مان چيو.
”ها، امڙ، نوڪري!“ مون کين پڪ ڏياري.
پوءِ اسين پُڙن تي جهڪي پياسين. کائڻ جي دوران اما نوڪريءَ جي باري ۾ پڇيو.
مون کيس جواب ڏنو، ”هڪ اخبار جي سچين خبرن جو نمائندو ٿيو آهيان.“
”سچيون خبرون؟“
”ها، بلڪل سچيون خبرون!“ مون گرھہ کڻندي چيو، ”پر اهي ڳالھيون تنھنجي سمجهہ کان مٿي آهن، اما! تون ماٺ ڪري ماني کاءُ.“
ان کان پوءِ مون ٻيون بہ سائيڪون چورايون. جيئن جيئن منھنجو ڌنڌو وڌندو رهيو، تيئن تيئن ”هو“ مون کان ڀڄڻ لڳو. اڳ مون سان اک تہ ملائيندو هو، پر هينئر بلڪل اجنبي ٿي پيو. مون کي سندس رويو پسند نہ آيو. مان شھر جي چورايل سائيڪلن جو سڀ کان وڏو ڊيلر هوس. ان ڏينھن مون تي نظر پئيس، تہ وٺي ڀڳو، جڏهن کيس ڪنڌ کان جهليم، تہ چئي ويو: ”چور سان پلئہ نہ اٽڪائيندس!“
***
مون کيس قتل ڪرڻ جي ارادي سان پيڇو ڪيو. رات جو پھر ختم ٿيڻ تي هو، منھنجي بيچيني وڌي رهي هئي، مون کيس سج اڀرڻ کان اڳ ختم ڪرڻ ٿي چاهيو. پر هن تہ بيھڻ جو نالو ئي نہ ٿي ورتو، هلندو رهيو.
نيٺ هڪ غليظ گهٽيءَ ڏانھن ڦري ويو. مون موقعو غنيمت سمجهيو. ڪجهہ قدم اڳي هلي، هڪ ڪچي گهر ٻاهران بيھي، دڙ کڙڪايائين. مان وڻ جي اوٽ ۾ ٿي بيٺس. سوچيم تہ جڏهن موٽندو، تڏهن کيس پٺيءَ ۾ چاقو هڻندس. مان خوامخواھہ در ڏانھن ڏسڻ لڳس. پڪ هيم تہ ضرور ڪنھن مفلس جو گهر هوندو، ڇو جو هو فقط مصيبت زدہ انسانن جي درن تي ويندو آهي. در کليو هڪ نوجوان ٻاهر آيو. ڪپڙا ساده، پر اجرا اوڍيل هئس. حيرت فقط اهو ڏسي ٿيم جو نوجوان جي هٿ ۾ لڪڻ هو. در بند ڪرڻ لاءِ هڪ عورت آئي ۽ چيائينس ”پٽ، ڀاءُ ڪتاب ۽ ٽيبل بتي بہ آڻجانءِ.“
”ها، اما، نوجوان جو آواز، هن جي آواز جھڙو مٺو ۽ خوداعتماديءَ وارو هو. مون سوچيو، ”اڄ تہ ڪمبخت وڏي آسامي هٿ ڪئي آهي.“
مان حملي لاءِ تيار ٿي بٺس. جڏهن منھنجي ويجهو پھتا. تڏهن غور سان ڏٺم تہ نوجوان انڌو هو. هو چئي رهي هوس: ”دنيا جو عظيم ڌنڌو اٿئي محنت!“
عجب پئي ٿيم تہ انڌو تہ خيرات پنندو آهي، هيءُ ڌنڌو وري ڪھڙو ڪندو! نوجوان ۾ دلچسپي وڌي وئي. مان هن کي بروقت قتل ڪرڻ جو ارادو لاهي، سندس پيڇو ڪرڻ لڳس.
رات جو پھريون پھر بہ گذري ويو، اوڀر کان روشنيءَ جا ترورا اڀرندا آيا ۽ اونداھہ گهٽ ٿيندي ويئي. هو ٻئي هڪ فرنيچر جي دڪان ٻاهران اچي بيٺا. هن انڌي نوجوان کي ڪجهہ چيو، ۽ ٻنھي جي منھن تي عجيب مرڪ اچي ويئي. پوءِ نوجوان دڪان ۾ هليو ويو. ان وقت سندس پيشانيءَ مان نور جا ترورا نڪري ويا هئا. سوچيم، ”ضرور هي شخص جادوگر آهي.“
مان ڀت جي اوٽ ۾ لڪل هوس. منھنجي پاسي مان گذري چيائين: ”جيڪو چاقو کيسي ۾ پيو اٿئي، سو لوهار خون خرابيءَ لاءِ نہ ٺاهيو هو!“
مان سچ پچ تہ ڪنبي ويس.
منھنجي سامھون ايندي چيائين: ”هو نوجوان انڌو آهي، پر تڏهن بہ ڪرسيون واڻي، پنھنجو ۽ پنھنجي ماءُ ۽ ڀاءُ جو عزت سان پيٽ پالي ٿو!“
مان خاموش لاجواب بيٺو رهيس.
چيائين: ”محنت دنيا جو عظيم ڌنڌو اٿئي!“
”مان بہ محنت ڪندو آهيان!“ ائين ئي، بيشرمائيءَ سان چئي ويٺس. ”تو ئي تہ چيو هو، مضبوط ڏورن ۽ ڪشادي سيني کان ڪم وٺان!“
”اهو ڌنڌو ئي ذليل آهي، جنھن ۾ خوف، ڊپ ۽ حراس پلئہ پوي.“
هن ساگر جھڙيون نيريون نگاهون منھنجي اندر ۾ لھي ويون.
چيائين: ”اکيون ڪينھنس، پر اندر ۾ اجالو اٿس. عزت ان ڪمائي ٿو، ۽ فخر جي زندگي بسر ٿو ڪري! اڄ پنھنجي ڀاءُ لاءِ علم ۽ روشني وٺي ويندو.“
منھنجو ڪنڌ جهڪي ويو. سامھون، اهو انڌو نوجوان بيد سان ڪرسيون واڻي رهيو هو.
”مان هن جو دوست آهيان!“ هن چيو، ۽ پوءِ تکو تکو روشنيءَ ڏانھن هليو ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ سج اڀريو.
ان ڏينھن کانپوءِ، مون خوف ۽ حراس، جرم ۽ پاپ جي زندگيءَ کان منھن موڙي ڇڏيو ۽ شھر جي مشھور سائيڪلن جي ڪارخاني ۾ فٽر ٿي ڪمائڻ لڳس.
پھرين ڏينھن جڏهن گريس سان ٿڦيل ڪپڙن ۽ ٿڪ کان چور ٿيل جسم سان ڪارخاني مان ڪم پورو ڪري ٻاهر نڪتس تہ هو مون کي در وٽ مليو. بيحد خوش پئي نظر آيو. اکين ۾ اجالو ۽ نرڙ تي نور هوس. مون کي ڳڙاٽڙي پائيندي چيائين:
”مان تنھنجو دوست آهيان!“
پڇيومانس، ”پر پنھنجو نالو تہ ڪو نہ ٻڌايو اٿئي؟“
جواب ڏنائين ”ضمير“ آهيان!“
۽ پوءِ مون کي محسوس ٿيو، ڄڻ سڄيءَ ڪائنات جي اونداھہ هن جي وجود اڳيان ٽڙي پکڙي ويئي.

(مھراڻ: 1 – 1963ع)

ڌٻڻ (علي بابا)

غروب آفتاب جو وقت هو. مان شھر جي گوڙ گهمسان کان پري، مھراڻ جي ڪناري تي بيٺو قدرت جي حسين مناظرن کان لطف اندوز ٿي رهيو هئس. ٿڌي هوا لڳڻ ڪري مھراڻ جو صاف شفاف پاڻي، لھرون کائي رهيو هو – هر لھر هڪ عجيب چنچلتا سان وٽ کائيندي، اچي ڪناري جي ڀڪن سان ٽڪرائجي، هڪ عجيب ترنگ جاڳائي ٿي وئي – پري وچ سير مٿان هڪ تاڙو ٽي ..... ٽي جا مڌر سر الاپي رهيو هو. وري اچانڪ ڪا چنچل مڇي تڙٻي ڏئي، هڪ عجيب ساز ڇيڙيو ٿي وئي، سڄي ماحول ۾ هڪ عجيب موسيقي ڀريل هئي. ڪناري تي پري پري تائين پکڙيل ساوڪ – جوار جون پوکون – نم – بڙ ۽ سرھہ جا ڊگها ڊگها وڻ، جهومي جهومي قدرت جو ازلي ناچ نچي رهيا هئا. هتي اچي قدرت ڪيترو نہ حسين ٿي ڏسڻ ۾ آئي! مون تي هڪ عجيب ڪيفيت تاري ٿي وئي هئي. مون نظرون ڦيرائي الھندي طرف افق ڏانھن نھاريو. پري تمام پري، جتي آسمان زمين جي مٿان جهڪيل هو، جتي ٽامي جھڙو تتل گول سج، هيٺ زمين ڏانھن گهوتو هڻي رهيو هو، جتان افق جا ڪرڻا ڦٽي رهيا هئا، آهستي آهستي – سج گهراين جا پاتال ۾ لھندو ٿي ويو ۽ افق جي رنگ ويتر گھرا ٿيندا ٿي ويا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي. هڪ عجيب سمو ٻڌجي ويو. مان گم سم ٿي، چوڌاري نھاري رهيو هوس.
انھي مھل پري کان هڪ نوجوان جوڙي کي ڪناري ڏانھن ايندو ڏسي، نہ ڄاڻي ڇو منھنجي دل اداس ٿي وئي هئي. مون ڏاڍيءَ رشڪ ڀريل نظرن سان انھي جوڙي ڏانھن نھاريو. منھنجي دل ۾ هڪ عجيب هلچل مچي وئي هئي.
هي مھراڻ جو ڪنارو – هيءَ شام، هيءُ سمو ۽ مان اڪيلو. ڪاش! ناز مون سان گڏ هجي ها – پر هوءَ برقعي کان سواءِ هڪ قدم بہ گهر کان ٻاهر نہ ٿي ڪڍي سگهي - ۽ مون کي ساڻس جيتري محبت هئي انھيءَ کان وڌيڪ سندس پردي کان نفرت – عورت چاهي ڪيتري بہ سھڻي ڇو نہ هجي، برقعي پائڻ کان پوءِ هوءَمون کي ڪپڙن جي ڳوٿري ڏسڻ ۾ ايندي آهي- مان عورتن جي برقعي جي سخت خلاف آهيان. منھنجي دل چاهيندي آهي تہ منھنجي زال مون سان گڏ آزاديءَ سان گهمي ڦري، مون هن جي برقعي ڇڏائڻ لاءِ، گهڻائي جتن ڪيا. ڪيترو کيس سمجهايو، رڍن اڳيان رباب وڄائڻ مثل آهي. هڪ ڏينھن تہ مون ڪاوڙ ۾ اچي سٽن ئي ٽن سان، سندس برقعو ڇينھون ڇينھون ڪري ڇڏيو، پر انھيءَ سان بہ ڪجهہ نہ ٿيو – خوامخواھہ ڏيڍ سئو رپين جي چٽي پئجي وئي ۽ دل جي حسرت بہ پوري نہ ٿي.
انھيءَ ڳالھہ تان اڪثر اسان جو جهيڙو ٿي پوندو آهي. مان اڪثر کيس ڇڙٻيون ڏيندو آهيان ۽ ڪئين ڪئين ڏينھن، هن سان ڳالھائڻ بند ڪري ڇڏيندو آهيان ۽ اڪثر گهمڻ ڦرڻ بہ اڪيلو نڪري ويندو آهيان تہ من شايد گهر ۾ اڪيلي ويٺي هنئون منجهيس ۽ برقعي جي پچر ڇڏي - ۽ منھنجي انھيءَ تبديليءَ تي هو تي هوءَ بہ مون کان ناراض آهي ۽ اداس اداس بہ.
اها ڳالھہ نہ آهي تہ منھنجي زال ڪا اڻپڙهيل يا پراڻن خيالن جي ڪا دقيانوسي عورت آهي: نہ هن مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن سان پاس ڪئي هئي ۽ هينئر گلز هاءِ اسڪول ۾ چوٿون انگريزي پڙهائيندي آهي. سندس انھيءَ پڙهائي تي، اسان جي مائٽن کي ڪو بہ اعتراض ڪونھي، انھيءَ لاءِ تہ قوم جي خدمت جو سوال آهي. مان سمجهندو هئس تہ شايد طبقو اعليٰ تعليم يافتہ هئڻ جي باوجود اڄ بہ پردي جو پورو پابند آهي – سو سمجهايومانس تہ ”ڏس ناز! پاڻ پنھنجي شھر کان پورا ٽي سئو ميل پري آهيون، هتي حيدرآباد ۾ پنھنجو ڪو واقفڪار بہ ڪونھي، جنھن کان ڊپ ڪجي“. پر هوءَ اهڙيون ڳالھيون ڪٿي ٿي ٻڌي، چئي، ”مشرقي عورت جي سندرتا لاءِ، برقعو سڀ کان قيمتي سٺو زيور آهي.“
مون، هن جي برقعي ڇڏائڻ لاءِ، هزارين حيلا هلايا آهن، پر اڄ بہ، هوءَ پنھنجي جڳھہ تي اٽل آهي ۽ منھنجي دل جي حسرت، حسرت ئي رهجي وئي آهي.
جڏهن اهو نوجوان جوڙو، منھنجي ويجهو آيو تہ، ڏٺم تہ اهو نوجوان منھنجو گَھِرو دوست ياسين هو – هو پنھنجي سھڻي ساٿڻ سان، ڪيترو نہ مست مڱن ٿي جهومي جهومي هلي رهيو هو، ڄڻ سڄي دنيا سندس ڀاڪر ۾ هئي! مون کي هن جي قسمت تي رشڪ اچي رهيو هو.
هن مون کي ڏسي، مئل دل سان هٿ جو سلوٽ ڪيو. ڄڻ منھنجو اتي هجڻ کيس ناگوار گذريو هو. مون کي سندس ائين پري کان هٿ هلائڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي – مان تہ سمجهيو هو تہ منھنجو گھرو دوست جو ڪيترن ڏينھن کان پوءِ ڏسڻ ۾ ايو آهي، مون سان هميشہ وانگي ڊوڙي اچي ڀاڪر پائي ملندو ۽ پنھنجي سھڻي ساٿڻ جو تعارف ڪرائيندو، جا شايد سندس زال زرينا هجي: جنھن جي ڪيترا دفعا هو منھنجي اڳيان ساراھہ ڪري چڪو آهي – پر هو تہ مون کي ڏسي، ائين نظرانداز ڪري وڃي رهيو هو، ڄڻ مان و غير هئس. مون کي مٿس ڏاڍي ڪاوڙ اچي رهي هئي، تہ جيڪڏهن مون سان اچي ملي ها، تہ ڇا مان سندس سھڻي زال کي چڪ هڻي ڪڍان ها! مان ڪيتري دير تائين، هنن ٻنھي کي پٺيرو ويندو ڏسندو رهيس.
منھنجي لاءِ، شام ۾ڪا بہ رنگيني باقي نہ رهي هئي. سڄو سنگيت نہ ڄاڻي ڪيڏانھن ٻڏي ويو هو – ساري رنگيني تہ ڄاڻي ڪٿي لڪي ويئي هئي – هوريان هوريان، ڌنڌ وڌي رهي هئي – ڪناري جا مبھوت مبھوت وڻ، ڄڻ وقادن کان ڪنھن جي انتظار ۾ بيٺا، ٿڌيون آهون ڀري رهيا هئا – مون گهٻرائجي مھراڻ جي اڇ ڏانھن نھاريو. اچانڪ، پاڻيءَ ۾ ڪا شرير مڇي تڙٻي کائي، مون کي چٻرا ڏيئي وئي. پري لھرن مٿان پرواز ڪندڙ تاڙو منھنجي نظرن کان پري ٿي ويو، هن جي ٽي ...... ٽي جو پر درد آواز، اڃا بہ منھنجي ڪنن ۾ گونجي رهيو هو. مان، ڇا اداس ٿي ويو هئس، ساري ڪائنات اداس ٿي وئي هئي. شام جي رنگيني ڦڪي پئجي وئي هئي، تنھن ڪري منھنجا قدم گهر ڏانھن کڄڻ لڳا!
رات جو جڏهن يارن دوستن وٽان ٿيندو، ڏهين بجي گهر پھتس تہ پنھنجي زال جو ڪوماڻيل ۽ اداس چھرو ڏسي، دل کي لوڏو اچي ويم – ڪجهہ بہ ٿي پوي، اها حقيقت هئي تہ، مون کي هن سان بي انتھا پيار هو – هن جون ٻئي وڏيون وڏيون خمار ڀريل اکيون، سڄيل سجيل ۽ ڳاڙهيون هيون، ڄڻ هوءَ ڪيتري دير کان روئندي رهي هجي، مون دل ئي دل ۾ پاڻ کي ملامت ڪئي تہ، مان بہ ڪيترو نہ ردي ماڻھو آهيان، جو نڪا ڳالھہ نہ مھاڙ، اجايو ٿو سندس دل کي رنجايان – ڀلا هوءَ پنھنجي دل ۾ ڇا سوچيندي هوندي، مون کي پنھنجي پاڻ تي ڪاوڙ هئي. هوءَ مون کي ڏسي اٿي.
”تون ماني ڇو نہ ٿو کائين – توکي ڇا ٿي ويو آهي – توکي منھنجي صورت نہ ٿي وڻي؟“ هن جي آواز ۾ درد هو.
شڪوه شڪايت هئي. هن جي ڍنڍ جهڙين گهرين اکين ۾، پاڻي چمڪي رهيو هو. ”تون ايترو ڪٺور ڇو ٿي ويو آهين – ٻڌاءِ تہ توکي ڇا ٿي ويو آهي؟“ مون کان ڪو بہ جواب ٺھي نہ سگهيو – مان هڪ مجرم وانگر خاموش بيٺو هئس، بلڪل پٿر وانگر، پوءِ هن پيار سان پنھنجون ٻئي ٻانھون منھنجي گلي ۾ حائل ڪري ڇڏيون. ”مان ڄاڻان ٿي تہ تون ڇو ڪاوڙيو آهين – انھيءَ لاءِ نہ، تہ مان برقعي کان سواءِ توسان ٻاهر نہ ٿي نڪران؟ اڄ کان پوءِ، تہ مان ڪڏهن برقعو نہ پائينديس – تون بہ ڇا سمجهندو هوندين، تہ مان تنھنجي لاءِ ايترو بہ نہ ٿي ڪري سگهان.“
مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ مان خواب ڏسي رهيو هجان. منھنجي زال منھنجي لاءِ سڀ ڪجهہ ڪري سگهي ٿي، پر برقعو نہ ٿي ڇڏي سگهي! ڪن کي اعتبار نہ ٿي آيو تہ اهي منھنجي زال جا الفاظ ٿي سگهن ٿا. مون سندس اک جهلي، پاڻ کي زور سان چھنڊي لڳائي، تہ ڪٿي مان خواب تہ ڪو نہ ڏسي رهيو آهيان، پر اها حقيقت هئي. مان خوشيءَ کان پاڳل ٿي، کيس زور زور سان ڦيرائڻ لڳس. هوءَ ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ منھنجي ٻانھن ۾ ڦٿڪي ٽھڪ ڏيڻ لڳي.
”هاڻ هلي ماني کاءُ – ڏس تہ مون تنھنجي لاءِ ڇا ڇا پچايو آهي.“ خوشيءَ کان تہ منھنجي بک ئي مري ويئي هئي، پر هوءَ زوريءَ مون کي کاڌي جي ڪمري ۾ وٺي آئي.
انھيءَ رات ساري رات مون کي ننڊ نہ آئي. ايندڙ صبح جو منھنجي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي حسرت پوري ٿيڻ جو ڏينھن هو. مان سڄي رات، ڏينھن جا خواب ڏسندو رهيس.
صبح جو پنھنجي زال کي سنبرندو ڏسي، منھنجي دل پئي بھار ٿي، خوشقسمتيءَ سان، اڄ آچر هو. اسان پروگرام ٺاهيو هو تہ اڄ سڄو ڏينھن سير تفريح ۾ گذارينداسين. اڄ هن ڪپڙا بہ منھنجي پسند جا پھريا هئا. هلڪي سائي جمپر ۽ سلوار ۽ ڳاڙهي سينڊل ۾ هوءَ ڏاڍي مٺڙي لڳي رهي هئي. دل ۾ آيو تہ چوانس تہ لپس – اسٽڪ بہ لڳائي، پر ڊنس تہ ڪٿي سڄو پروگرام نہ ڳڙٻڙ ٿي وڃي.
جڏهن پاسي واري فليٽ وارن اسان کي گهر کان ٻاهر نڪرندي ڏٺو تہ، ڏسندا ئي رهجي ويا. انھن پھرين ڪڏهن بہ منھنجي زال کي برقعي کان سواءِ نہ ڏٺو هو. ۽ هوءَ سامھون فليٽ واري ٽيڊي ڇوڪري، جا مون کي لفٽ ئي نہ ڏيندي هئي، سا بہ اکيون ٺپي ٺپي مون ڏانھن نھاري رهي هئي. مون کيس نظر انداز ڪري پنھنجي سھڻيءَ زال ڏانھن نھاريو. هوءَ برقعي کان سواءِ ڪنھن بہ قسم جو شرم يا جهجهڪ محسوس نہ ڪري رهي هئي، ڄڻ برقعي سان ڪڏهن سندس واسطو ئي نہ رهيو هو. مون کي سندس انھيءَ تبديليءَ تي خوشيءَ سان گڏوگڏ، حيرت بہ ٿي رهي هئي. سچ انھيءَ مھل هن کان مون کي هڪ عجيب اجنبيت محسوس ٿي رهي هئي.
اسان ٻئي جڏهن پنھنجي خوبصورت فورڊ ۾ اچي ويٺاسين، تہ هڪٻئي کي ڏسي، بار بار اسان جي چھرن تي مرڪ ڊوڙي ٿي وئي! مون هن ڏانھن نھاري، مسڪرائي سيلف دٻايو – ڪار هڪ فراٽي سان اسٽارٽ ٿي وئي.
ساڳيو شھر – ساڳيون گهٽيون – انھيءَ کان پيشتر بہ مان ڪار ۾، ناز سان سوين دفعا انھن سڙڪن تان گذريو هئس، پر اڄ هر چيز پھرين کان مختلف نظر اچي رهي هئي. اڄ پھريون ڀيرو مون کي احساس ٿيو تہ، حيدرآباد جي تلڪ چاڙهي جھڙو سھڻو، ڪراچي ۽ لاهور ۾ هڪ روڊ بہ ڪونھي. مون مسڪرائي پنھنجي زال ڏانھن نھاريو. هوءَ هڪ عجيب دلرباني انداز سان ڪار جي دريءَ تي ٺونٺ ٽيڪيو ويٺي هئي – دل چاهيو تہ بس ڏسندو ئي رهان، انھيءَ کان پھرين برقعي ۾ هوءَ ڪيتري نہ بور لڳندي هئي. خوامخواھہ موڊ آف ٿي ويندو هو. اڄ هن برقعو ڇا لاٿو هو، هر شيءِ جو حسن بي نقاب ٿي ويو هو.
”ڀئي، مون ڏانھن ڇا ٿو نھارين – ٽرئفڪ تي ڌيان رک. ڪٿي ايڪسينڊينٽ نہ ٿي پوي“، هن جملو ڪسيو ۽ اسان ٻئي ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳاسين.
ٿورو ئي اڳتي اچي مون اسٽرنگ ڪاٽيو ۽ اسان جي ڪار ٺنڊي سڙڪ تي، ڪشتي وانگر ترڻ لڳي. انھيءَ مھل دل چاهيو تہ اسان جي ڪار ائين وهندي وڃي – اهو سلسلو ڪڏهن نہ ٽٽي. اسان ٻئي گم سم هڪ ٻئي کي ڏسي رهيا هئاسين.
”اڄ موسم ڪيتري نہ خوشگوار آهي! راڻي باغ جو چڪر هڻجي؟“ ها...... ها...... ڇو نہ – ٻئي هتي تفريح گاھہ ئي ڪھڙي.“ ناز وراڻيو، راڻي باغ پھچي، مون ڪار وڃي وڻن جي جهنڊ ۾ بھاري ۽ لھي هن لاءِ در کولي، کيس هٿ جو سھارو ڏنم تہ انھيءَ مھل من کي ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ هوءَ مون کي پھرين وار ملي هجي. هوءَ پھرين کان ڪيترو نہ مختلف نظر اچي رهي هئي – اڄ هن جي چال ۾ ڪيتري نہ لچڪ، ڪيتري نہ تمڪنت هئي. ڄڻ ڊيل ٽلي رهي هجي! منھنجي دل خوشيءَ کان اڇلون کائي رهي هئي، انھيءَ البيلي نوجوان وانگي، جنھن کي ورهين جي وڇوڙي کان پوءِ يار جو ديدار نصيب ٿيو هجي. هن سان گڏ راني باغ جي خوبصورت ڦلواڙن جي ٻارن مان هلندي، مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ منھنجي ٻوٽن جي تري ۾ اسپرنگ لڳل هجن. مان انتھائي جهومي جهومي هلي رهيو هئس.
جهڙالو هئڻ ڪري، راڻي باغ ۾ ڪافي هجوم هو – ڪئين نوجوان برقع پوش عورتون، ٽيڊي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون، پوڙها ٽھلجي رهيا هئا. هڪ نوجوان، جنھن سان گڏ هڪ برقع پوش ساٿي هئي، گهڙيءَ گهڙيءَ گوراکون وجهي فلم ايڪٽرن وانگي، ايڪشن ڏئي، ناز ڏانھن نھاري رهيو هو. مون کي مٿس ايتري ڪاوڙ آئي، جو وس پڄيم تہ ٻئي آڱريون تير ڪري دوڏا ڪڍي ڇڏيانس. گڏھہ جو پٽ، پرايون زالون ٿو تڪي بيوقوف کي ڪپڙن جي ڳوٿري کڻي گهمڻ ۾ ڇا خاڪ مزو ايندو هوندو. ايڊيٽ – سوئر – پاجي .... مان دل ئي دل ۾ مٿس ڦٽڪار ڪئي.
ڪافي دير تائين راڻي باغ ۾ ٽھلجڻ کان پوءِ، اسان وري اچي پنھنجي ڪار ۾ ويٺاسين. اسان جي ڪار وري، راڻي باغ جي وڏي ويڪري سڙڪ تان ڊوڙڻ لڳي.
”هون..... آه“ ناز، هڪ وڏو ساھہ کنيو. ”ڪھڙي نہ ڀنل ڀنل خوشبوءِ آهي سرھہ جي وڻن جي – ڇا ڄامشوري هلي رهيوآهين؟“
”نہ پياري! ڄامشوري ۾ تہ شام جو رونق لڳندي آهي، جڏهن پل جا رنگين قمقما، ستارن وانگي ٽم ٽم ڪري جهرڪڻ لڳندا آهن.“
”اڄ تہ مون کي تنھنجين ڳالھين مان شاعريءَ جو واس ٿو اچي.“ ”تنھنجي نوازش آهي.“ اسان ٻئي کلڻ لڳاسين.
ٿوريءَ ئي دير ۾، اسان جي ڪار ڪوٽڙيءَ جي پل مان گذري رهي هئي، اسان جي پٺيان ٻي ڪا بہ گاڏي نہ هئي، تنھن ڪري مون ٿوريءَ دير لاءِ ڪار پل ۾ بيھاري ڇڏي.
”هو ڏس ناز! ڪيترو نہ سھڻو منظر آهي.“
”اوھہ! ڪيترو نہ عجيب منظر آهي – درياءَ جي گولائي تہ ڏس، جھڙو ٻن ٻن سڱن وارو چنڊ. هل نہ: ٿورو مھراڻ جي ڪناري ٽھلجنداسين.“ ناز للچائجي وئي. ايتري ۾ مون محسوس ڪيو تہ پٺيان ٽرڪ وارو، هارن جي ڌم مچايو بيٺو آهي. مون جلدي ڪار اسٽارٽ ڪئي، ۽ پل جو پورو چڪر ڪاٽي، هيٺ ڪناري جي حفاظتي بند تي بيھاري. مون تصويرون ڇڪڻ لاءِ ڪئميرا بہ کنئي هئي. ڪئميرا ڳچيءَ ۾ لڙڪائي، اسين ٻئي، هٿ ۾ هٿ ڏئي ڪناري ڏانھن وڌڻ لڳاسين.
”اوه! ڪيتري نہ همگوار گولائي آهي درياءَ جي – وري هي واريءَ جا دڙا تہ ڏس، ڪھڙو نہ سھڻو منظر آهي – جھڙو ڪوھہ مريءَ جي سبز شاداب پھاڙين تي وڇايل نرم نرم برف.“
”ها ناز! واقعي اهي واريءَ جا دڙا ڏاڍا خوبصورت لڳي رهيا آهن – پر هڪ انجنيئر جي حيثيت سان. مون کي اهي دڙا بلڪل نہ ٿا وڻن، مان ڪي قدر سنجيدہ ٿي ويو هئس ۽ ناز حيرت سان مون ڏانھن نھارڻ لڳي!
”ڇا مطلب،“ مون چيو:
”ڏس ناز! تون آسانيءَ سان سمجهين سگهين ٿي تہ جڏهن درياءَ موج ۾ اچي ٿو تہ انھن دڙن سان وڃيو ڌڪ هڻي ۽ انھن دڙن جي سڄي واري پاڻ ڏانھن ڇڪيو اچي – ڏس تہ ائين هوريان هوريان هي ڪنڌ ڪيتري نہ مٿاهين تي ٿي وئي آهي ۽ انھيءَ جي مد مقابل ڪوٽڙيءَ جو شھر ڪيترو نہ هيٺاهينءَ تي زور ڀريندوآهي – سوچڻ جي ڳالھہ آهي تہ آخر هيءُ ويچارو معمولي بند، ڪيستائين درياءَ جو منھن موڙيندو رهندو.“
”اوه ....... سمجهي ويس – پوءِ توهان ڪجهہ ڪيو ڇو نہ ٿا؟“
مون هڪ ٿڌو ساھہ ڀري چيو: ”ناز! منھنجو تعلق روڊ سب ڊويزن سان آهي – دريائن ۽ واهن سان منھنجو ڪو تعلق ڪونھي.“
”پر انساني زندگين سان تہ توهان جو تعلق آهي.“
مون کلي چيو: ”تون تہ ايترو ڊڄي وئي آهين، ڄڻ تنھنجو گهر بہ ڪوٽڙيءَ ۾ هجي.“
”ڇو نہ! ڪوٽڙيءَ ۾ تہ مون جھڙا هزارين جيو رهن ٿا.“ مون کان ٽھڪ نڪري ويو. ناز ڪاوڙجي ويو:
”انھيءَ ۾ کلڻ جي ڪھڙي ڳالھہ آهي!“ مون بمشڪل پنھنجيءَ کل تي قابو پاتو ۽ چيومانس: ”ٽڪي باسيئي؟“
ناز بہ شايد منھنجي شرارت سمجهي وئي هئي، چيائين:
”ها! ٻڌاءِ ڇا ڳالھہ آهي؟،
مون چيو: ”ڏس ناز! درياءَ جڏهن چڙهندو آهي نہ تہ انھن دڙن جي واري، پاڻ ڏانھن ڇڪي ايندوآهي ۽ وري جڏهن درياءَ لھندوآهي، تہ هوا، وري انھيءَ کي اڏائي، انھن دڙن تي اڇلائيندي آهي – هي دڙا اتي وقادن کان قائم آهن.“
”اوه!..... تون تہ ڏاڍو هوشيار آهين.“ اسان ٻئي کلڻ لڳاسين.
”چڱو هاڻي اچ تہ تصوير ڪڍانءِ“ مان پنھنجي ڪئميرا، ڳچيءَ مان لاهي، تصوير ڪڍڻ لاءِ، سھڻو منظر جاچڻ لڳس – مون ٻہ ٽي دفعا ڪئميرا کي اک تي لڳائي ڏٺو ۽ پوءِ ناز کي هڪ هنڌ بيھاري چيم:
”ٺيڪ، اتان ڏاڍي سٺي تصوير ايندي – کاٻي ٻانھن ٿورو مٿي ڪر ۽ اسٽائيل ۾ هن جو انداز رک، ٺيڪ!“ انھيءَ مھل مون کي ڪئميرا جي فوڪس مان، هڪ ٻيو سايو بہ پاڻ ڏانھن ايندو نظر آيو پر تنھن هوندي بہ مون تصوير ڇڪي ورتي، ۽ جڏهن ڪئميرا اک تان لاٿم تہ، هلڻ جي لوڏ مان سڃاتم تہ منھنجو گھرو بي تڪلف دوست، گوهر اچي رهيو هو – نہ ڄاڻي ڇو، انھيءَ مھل هن جو اتي هئڻ، مون کي ناگوار گذريو. هن پري کان ئي مون کي ڏسي، رڙ ڪئي. ”هلو انجنيئر“ ”هلو شاعر“، مون مسڪرائي، ساڻس هٿ ملايو ۽ سندس تعارف ناز سان ڪرايو.
”ناز! هيءُ آهي منھنجو گھرو دوست ۽ سنڌ جو مايه ناز شاعر مسٽر علي گوهر ۽ هيءُ آهي توهان جي ڀاڄائي ناز.“
”واه، توهان سان ملي مون کي ڏاڍي خوي ٿي آهي گوهر صاحب.“ ناز، ڏاڍي گرم جوشيءَ سان منھنجي شاعر دوست سان هٿ ملايو – وري مون ڏانھن نھاري چيائين. ”توهان مون کي پھرين ڇو نہ ٻڌايو تہ، گوهر صاحب توهان جو دوست آهي، نہ تہ هوند مون کي ساڻن ملاقات جو شرف پھرين ئي حاصل ٿي چڪو هجي ها؟“
”سچ پچ توهان سان ملي مان فخر محسوس ڪري رهي آهيان.“ منھنجي زال جي واتان، پنھنجي ساراھہ ٻڌي، منھنجي شاعر دوست جو ڪنڌ فخر کان آڪڙجي ويو هو ۽ مون کي پنھنجي زال تي حيرت لڳي رهي هئي – هن جو هٿ اڃا تائين شاعر جي هٿ ۾ هو – حالانڪہ مان آزاد خيالن جو ماڻھو آهيان، پر تنھن هوندي بہ منھنجي حالت ئي عجيب ٿي رهي هئي.
منھنجي زال، جا بنھہ ٿورو ڳالھائڪ ۽ سنجيدہ قسم جي هئي، وري چهچها ڪرڻ لڳي:
توهان جا گيت، جنھن بہ رسالي ۾ ڏسندي آهيان – مان اهو ضرور خريد ڪندي آهيان. توهان جا اشعار پڙهي، دل چاهيندي آهي تہ ڪاش مان بہ ڪا شاعرہ هجان ها – مھراڻ جي موجن تي ڪو مڌر گيت ڇيڙيان ها ۽ سدائين قدرت جي حسين مناظرن سان هم ڪلام رهان ها!“
منھنجو دوست، جنھن جا هينئر ٻئي هٿ پينٽ جي کيسن ۾ هئا، چوڻ لڳو:
”توهان جھڙي باذوق خاتون لاءِ شاعري ڪرڻ تہ ڪا مشڪل ڳالھہ تہ نہ آهي. توهان کي رڳو فعولن فعولن فعولن جي جدول ياد ڪرڻي پوندي.
انھيءَ مھل مون کي پنھنجي دوست تي، ڏاڍي ڪاوڙ اچي رهي هئي. منھنجي زال کي ٿو شاعري ڪرڻ سيکارين.
وڏو آيو آهي شاعر جو پٽ – فعولن فعولن جي جدول – عورتن سان ڳالھائڻ جي تميز بہ ڪانھيس – ڇا! هڪ دوست جي زال سان ائين اکيون اکين ۾ وجهي هٿ هٿ ۾ملائي ڳالھائبو آهي – گڏھہ ڪٿي جو، شاعري ڪرڻ هليو آ پٽ – وري مون کي ڪاوڙ تہ پنھنجي زال تي اچي رهي هئي، جا خواهخمواه سندس مٿان ساراھہ جون پليون ٻڌي رهي هئي. هن جي شاعري هئي ڇا، ڪاغذن تي ٻوڙ هاريندو هو.
”ڊارلنگ! گوهر صاحب جي پھرين ملاقات جي يادگار لاءِ مان ساڻن فوٽو ضرور ڇڪائينديس!“ ”ڇو نہ، ها ها“ منھنجو تہ اندر ئي سڙي ويو هو. پر نيٺ اخلاق بہ تہ ڪا شيءَ آهي. مان فوٽو ڪڍڻ لاءِ تيار ٿي ويس. جڏهن تصوير ڇڪڻ لاءِ مون ڪئميرا جي اک مان ڏٺو تہ، دل ۾ آيم تہ ڪئميرا کڻي درياءَ ۾ اڇلايان، منھنجو تہ دماغ چڪر کائي ويو! اف..... منھنجي زال جي بيھڻ جي اسٽائيل تہ پاڪستاني ايڪسٽريس کي بہ مات ڪري ڇڏيو هو. ڪير چوندو تہ هيءَ ڪا اهائي ساڳي ناز هئي، جا برقعي کان سواءِ هڪ قدم بہ گهر کان ٻاهر نہ ٿي ڪڍي سگهي! دل ۾ آيو تہ سٽ ڏئي، سندس هوا ۾ لھرائيندڙ آوارہ وار پٽي کيس گِھليندو وڃان – پر اهو فقط مان سوچي سگهيس ٿي – مون کي تصوير ڪڍڻي ئي پئي.
جڏهن مون ڪئميرا اک تان لاٿي تہ منھنجي زال مون ڏانھن نھاري چيو:
”ڇو پيارا! توهان جي طبيعت تہ ٺيڪ آهي نہ – ھھڙي ٿڌي هوا ۾ بہ توهان کي پگهر اچي رهيو آهي!“
مون گهٻرائجي چيو تہ ”نہ، مان بلڪل ٺيڪ آهيان.“
۽ جڏهن پيشاني تان هٿ ڦيرايم تہ پگهر جا ڪئين سنھڙا سنھڙا قطرہ، منھنجي آڱرين تان ترڪندا، ڪناري جي چمڪيلي واريءَ ۾ چوهجي ويا.
ٿوري ئي دير ۾ منھنجو شاعر دوست، اسان کان موڪلائي وڃڻ لڳو. ناز بہ مون کان ڪئميرا وٺي، هٿ سان لوڏيندي ڪار ڏانھن وڃڻ لڳي.
مون کي نہ ڄاڻي ڇا ٿي ويو هو. مان ڪجهہ دير ڪناري تي بيٺو هو، هڪ ٽڪ نظرن ان لھرن ۾ نھاري رهيو هئس. هر لھر ڇلڪندي وٽ کائيندي، ڪناري جي ڀڪ سان ٽڪرائجي، منھنجو منھن چيڙائي ٿي وئي – مون ڪاوڙ ۾ اچي، ڪناري تان گپ کڻي پاڻيءَ ۾ اڇلائي – هڪ آواز سان گڏ پاڻي ۾ گول دائرو پيدا ٿي ويو. انھيءَ کان پھرين تہ اهو گول دائرو تحليل ٿي وڃي مان ڪار ڏانھن موٽڻ لڳس.
مان جڏهن ڪار جي در وٽ پھتس تہ، منھنجون اکيون حيرت کان کلي ويون. منھنجي زال ڪار ۾ برقعو پائي، بٽڻ بند ڪري رهي هئي. هن مون کي ڏسي، هڪ ادا اسان برقعي جي پلئو مٿي ڪري، مون ڏانھن نھاريو – هن جي شرير نظر مان، مان سڀ ڪجهہ سمجهي ويو هئس.
”اوه! شرير ڪٿي جي – تو تہ منھنجا لاھہ ڪڍي ڇڏيا هئا!“
”هي ....... هي....... هي.....“ هوءَ کلڻ لڳي. پوءِ تہ اسان ٻئي اچي کلڻ ۾ ڇٽاسين، ايستائين جو منھنجو دم گهٽجڻ لڳو هو ۽ ناز بہ، اونڌي سڌي ٿي رهي هئي.
”ٽڪي باسيئي؟“
”ها“ مون هاڪار ڪئي - ۽ ناز سنجيدہ ٿي چوڻ لڳي: ”مشرقي عورت جي سندرتا لاءِ، برقعو سڀ کان قيمتي زيور آهي، هي مارئيءَ جو ديس آهي، ۽ هن جي سونھن لوئيءَ ۾ ئي ساراهي ويئي آهي، جيڪڏهن هن جي ڪھاڻي مان لوئي ڪڍي ڇڏجي تہ باقي سندس ڪھاڻيءَ ۾ ڇا رهندو.“
مان نٿو چئي سگهان تہ انھيءَ مھل پنھنجي زال جي اڳيان، منھنجيون نظرون عقيدت سان جهڪي ويون هيون يا شرم کان منھنجي زال وري چيو:
”ٽڪي باسيئي؟“ ۽ مون ڪنڌ ڌوڻي، ها ڪئي ۽ اسان ٻئي پاڻ ۾ نھاري وري کلڻ لڳاسين.
ٻئي ڏينھن دفتر مان واپسيءَ مھل جڏهن مان گهر پھتس تہ منھنجي هٿ ۾ ڏھہ وال 16000 لٽي جا هئا. هاڻي منھنجي زال گول اڇو برقعو پائيندي آهي - ۽ هوءَ انھيءَ برقعي ۾ مون کي ڏاڍي پياري لڳندي آهي.
هاڻي ڪنھن بہ آزاد جوڙي کي ڏسي، منھنجي دل ۾ رشڪ نہ پيدا ٿيندو آهي. هاڻي جڏهن بہ ڪو نوجوان جوڙو منھنجي نظرن اڳيان گذرندو آهي تہ، مان دل ئي دل ۾ چوندوآهيان.
”اي منھنجي جيجل مھراڻ جا ٿڃ شريڪ ڀاءُ – تون زماني جي وهڪري تي چاهي، منھنجي پراڻي تھذيب ۾ ڪيتري ڦير گهير ڇو نہ آڻين! چاهي تون منھنجي مارئيءَ ڀيڻ کان سندس لوئي ڇو نہ ڇڏائي ڇڏين! پر ياد رک، منھنجي پراڻي تھذيب هر دم تنھنجو گلو دٻائيندي رهندي. تون هر جاءِ هر هنڌ ڌٻڻ محسوس ڪندين!“

(مھراڻ، 3 – 1962ع)

ڪارو تِر (غلام نبي مغل)

ماني کائيندي، اوچتو هن جي اک مانيءَ جي هڪ سڙيل، ننڍڙي، گول داغ تي وڃي کتي. ماني هئي ڪڻڪ جي، رنگ هوس اڇو – اهو ڏسي، گلڻ جي دل ۾ آنڌ مانڌ ٿيڻ لڳي. نوران جي گوڏن تائين کنيل سٿڻ جا پائنچا، اڇيون اڇيون ٽنگون ۽ ساڄي ٽنگ جي بڪيءَ تي چمڪندڙ ڪارو تر ياد اچڻ لڳس. گرھہ نڙيءَ کان هيٺ ئي نہ ٿي لٿس. ماڳھين کائڻ بدران ڪلھوڪي ڳالھہ ياد اچڻ لڳس.
نوران جي گوڏن تائين کنيل سٿڻ جا پائنچا، اڇيون ٽنگون، ساڄيءَ ٽنگ جي بڪيءَ تي چمڪندڙ ڪارو تر سندس ليٽڻ جو انداز....... دلو ڀر ۾ رکيو هو، هڪڙي ٽنگ گوڏي تائين پاڻي ۾ ٻڏل، ٻي ڪناري تي ڇٻر تي رکيل، اکين ۾ ڪجل، سينڌ نڪتل، ڦڻي ڪيل، ڳاڙها چپ، جن تي مرڪ – بس ڳالھہ هئي اها، جنھن گلڻ کي پريشان ڪري ڇڏيو. مڙس جي ماني زهر ٿي پئي. آخر هو بہ انسان هو. وڏي ڳالھہ تہ نوجوان بہ هو. نوران کيس ڏاڍي وڻڻ لڳي هئي. گلڻ پاڻ حيران هو تہ ”هي مون کي ڇا ٿي ويو آهي! نوران جنھن کي مون ڪنڌ ورائي ڪين ڏٺو، سا هينئر ڇو دل ۾ سمائجي وئي آهي؟“ سوچيندي سوچيندي، گلڻ رڳو انھيءَ ڳالھہ کي پھتو تہ ”ٻيلي، نوران جي ڪاري تر مون کي پاڻ تي چريو ڪري ڇڏيو آهي!“
هن کي ائين گم سم ڏسي، ماڻس چيس، ”توکي ڇا ٿي ويو آهي؟ ماني بہ نہ ٿو کائين!“ ايتري ۾ پڻس بہ ڪنھن ڪم سانگي اچي نڪتو، تنھن اهو ٻڌي چيو، ماني اٿس ڍءُ تي ۽ موچڙو آهي گهٽ، سو ڇو ڪين ٿيندو سڪيلڌو؟ آءٌ پيو ڏسانس، جي ڏسي ورتومانس، تہ اڳيون پويون ڪسرون ڪڍي ڇڏيندوسانس!“
پڻس بڪ شڪ ڪندو هليو، پر هيءُ همراھہ ماڳھين منھن سڄائي اٿي کڙو ٿيو. ماڻس ابا – پٽ ڪندي رهي، پر هي ٻڌي ڪٿي ٿو. بوڇڻ رکيائين ڪلھي جتي وڌائين پير ۾، ڪھاڙي هٿ ۾ کڻي، گهران نڪري ويو.
گهران تہ نڪتو ڪاٺين ڪرڻ لاءِ، پر سيني ۾ باھہ جي ڄڀي لڳي پيئي هيس، سا ڪٿي ٿي آرام ڪرڻ ڏئيس. ايتري ۾ڏٺائين تہ لطيفان، پيرن ۾ ڇير پيل ڇم – ڇم ڪئي تہ ڪنھن ريت هن کان پڇان، پر اڳيان هوءَ بہ ڪا استاد گڏيس، ماڳھين اڳ وٺي اچي بيٺيس.
”ڪيڏانھن پيو وڃين، گلڻ؟“ لطيفان ڏاڍي ناز وچان پڇيس
”شھر،“ گلڻ آهستي جواب ڏنس.
”منھنجي لاءِ ڇا آڻيندين؟“
”هن ڀيري پئسو خير ڪو آهي، باقي-“
”باقي باقي ڪجهہ نہ، رڳو هڪ ريشمي رومال، عطر جي شيشڙي ۽ ڪجهہ سوپاريون ضرور وٺي اچجانءِ!“
”ائين چئي هوءَ پنھنجين ٻڪرين جي ڌن ڏانھن وئي هلي. ڇاڪاڻ جو ماڻس اچي ات سھڙي هئي.
”رومال ۽ عطر! منھن بہ اٿس رومال ۽ عطر جھڙو!“ گلڻ پاڻ ئي پاڻ کلڻ لڳو.
جيئن پئي اڳيان وک کنيائين، تيئن سندس خيال وڌيڪ ڊوڙندا ويا. گلڻ کي وري نوران جو تر ياد اچڻ لڳو – ڪارو تر! گلڻ کي هڪ کٽڪو ٿيڻ لڳو: شايد نوران ساڻس سان ڳالھائڻ بہ پسند نہ ڪري، ڇو جو هن کيس ڪھڙي نہ خراب نموني ڇڙٻيو هو. ويچاريءَ ڪيترا نياپا پڻ موڪليس، پر هن ڪنڌ ورائي بہ ڪو نہ ڏٺس. هن کي تہ بس لطيفان جي لنئون لڳي پئي هئي.
لطيفان!
”لطيفان، نوران کان وڌيڪ سھڻي آهي. لطيفان جي چپن ۾ گلاب جي گلڻ جھڙي تزي آهي. سندس گول گول وڏيون اکيون، وڏي پيشاني، گلابي رنگ واري ساڄي ڳل تي تر...... پر نوران جي اڇيءَ اڇيءَ، سنھڙن سنھڙن وارن سان ڀرپور بڪيءَ تي چمڪندڙ ڪارو تر، لطيفان جي ڳل جي تر کان وڌيڪ ڪشش رکي ٿو. نوران جو تر..... تر تہ ڪونھي، ڄڻ ڪنھن ريگستان جي وچ ۾ مٺي پاڻيءَ جو چشمو!“
لطيفان کي گلڻ سان محبت هئي، ۽ محبت بہ ڇو نہ هجي، ٻنھي جي شاديءَ جي ڳالھہ ذري گهٽ پڪي هئي. پر هاڻي گلڻ کي افسوس ٿيڻ لڳو هو.
انھن خيالن ۾ گلڻ اڳيان وڌندو رهيو. ڪھاڙي ڪلھي تي، بوڇڻ چيلھہ ۾ ٻڌو پيو هوس، پر سڀني خيالن جو مرڪز هو نوران جو ڪارو تر!
هلندي هلندي گلن کي ٻير هيٺان نوران ڏسڻ ۾ آئي. گلڻ تہ ڄڻ وري نئين سر سندس سونھن تي اڪن ڇڪن ٿي پيو. هوڏانھن هن بہ، ٻير کي ٽيڪ ڏيو، ڪچڙا ٻير اهڙي انداز سان پئي کاڌا جو گلڻ ڄڻ ڪسجي ويو. پاڻ کي گهڻو ئي روڪيائين، دل کي آٿت ڏنائين. پر همراھہ آخر وڃي اڳيان بيٺس.
”ڪير؟ گلڻ! هتي آيو آهين؟ لطيفان ٻيلي ۾ اٿئي!“
”تون بہ مون تي چٿرون ٿي ڪرين!“
”مان ڪير آهيان جو توتي چٿرون ڪنديس.“
اهو ٻڌي، گلڻ ٿڌو ساھہ ڀريو.
”ٿڌا ساھہ پيو ڀرين، ڇو، لطيفان ڪو ٻيو وڃي ڳوليو آهي ڇا؟“
”گهڙيءَ گهڙيءَ لطيفان جو نالو ڇو ٿي وٺين؟“
”بيو ڪنھن جو وٺان؟“
”انھيءَ جو، جا منھنجين اکين ۾ توکي ڏسڻ ۾ ايندي.“
ايتري ۾ هڪڙي ڇيلي اچي نوران سان راند ڪرڻ لڳي. راند ڪندي ڪندي، سندس سٿڻ جو پائنچو گوڏي تائين مٿي کڄي ويو. بس گلڻ گهريو ئي اهو ئي ٿي اها ئي اڇي اڇي ٽنگ، بڪيءَ جي وچ ۾ چمڪندڙ ڪارو تر! اهو ڏسي، نوران شرمائجي وئي ۽ جلدي پائنچو هيٺ ڪري ڇڏيائين.
شام ٿيندي وئي. گلڻ ڪاٺين جي ڀري کڻي اچي گهر ڀيڙو ٿيو. بس، پوءِ تہ ماڻس تي باھہ ٻاري ڏنائين تہ ڪيئن بہ ڪري نوران سان شادي ڪرائينم.
”مئا، مون کي بدنام ٿيڻو آهي ڇا؟ هوڏانھن ڪالھہ بہ لطيفان جي ماءُ انھيءَ ڳالھہ کي چوريو هو!
”چئينس تہ ڌيءُ رکي پاڻ وٽ، اسان کي گهرج ناهي. تون اڄ ئي نوران جي گهر وڃ.“
”ڪو ڳھيلو آهين!......“
”بس، جيڪو آءٌ چوان ٿو، سو سمجهہ پٿر تي ليڪ آهي.“
ويچاري ماءُ کي اچي آنڌ مانڌ ٿي، تہ هاڻي ڇا ڪري. هوڏانھن پڻس تڻ تپائي ڇڏيا هئس. مڙس سان ڳالھہ چوريائين. سو تہ اڳي ئي ڪو ڀريو ويٺو هو. ماڳھين ڪھاڙي ڪلھي تي رکي چوڻ لڳو، ”اڃا ڪٿي ڳالھہ آهي. اڃا تہ پنڌ بہ آهي پري، ۽ ڀري بہ آهي ڳري. سڀاڻي چوندءِ تہ پوري ڳوٺ سان پرڻاءِ! آءٌ چوان ٿو، هن حراميءَ کي اصل گهران تڙي ڪڍي ڇڏيانس! اجايو چئن ۾ بڇڙي ٿيندينءِ“ ماڻس جا تہ اهو ٻڌي ٺپ ئي ٺري ويا. پر هوڏانھن گلڻ بہ اٿندي ويھندي ٿي وڙهيس. آخر جيجل جي روح ڇڪي ڏني، سو هڪڙي ڏينھن لنگهي وئي نوران جي گهر، ٿوري دير ترسي، وري جو گهر آئي تہ گلڻ کي ڏسندي شرط چيائين تہ ”ابا، مبارڪون هجنئي، اڳئين خميس تي مڱڻو اٿئي نوران سان!“ گلڻ اهو ٻڌي اصل خوشيءَ منجهان ٽپا ڏيڻ لڳو ۽ ”واه ڙي امان، واه!“ چئي کڻي ڀاڪر پاتائينس.
لطيفان جو ٻڌو ماڳھين خميس تي مڱڻو، سو ويچاريءَ جا تہ طاق ئي لڳي ويا. گهڻئي هٿ هنائين، گلڻ کي آزيون نيزاريون ڪيائين، پر گلڻ تہ ڪنڌ ورائي بہ ڪين ڏٺس.
اڃا مڱڻي ٿئي مھينو کن بہ نہ لنگهيو هو، تہ گلڻ وري ماءُ تي باھہ ٻاري ڏني تہ اڳئين چنڊ تي شادي ٿئي.
شاديءَ کي ٻہ هفتا گذري چڪا هئا. گهوٽ ۽ ڪنوار، ٻئي خوش، ماءُ ۽ پٽ کي خوش ڏسي پئي صدقا ڪڍيا. گلڻ جا ڏينھن عيد مثل هئا ۽ راتيون تہ سندس خوابن جو تعبير هيون.
نوران جي اڇيءَ اڇيءَ بڪيءَ تي چمڪندڙ ڪارو تر – تر تہ ڇا، سڄي ساري نوران ئي هميشہ لاءِ سندس ٿي چڪي هئي. گلڻ انھيءَ وچ ۾ تر کي ڪيترائي ڀيرا ڏسي چڪي هو. ڪڏهن تہ نوران کي چوندو هو، ”نوران، ننڍي هوندي جيڪو مون توکي ساڄيءَ ٽنگ ۾ پٿر هنيو هو، انھيءَ جو نشان تہ ڏيکار.“ نوران، مشڪي، ڏاڍي نزاڪت وچان سٿڻ جو پائنچو مٿي کڻندي هئي تہ گلڻ پٿر جي نشان کي تہ ڏسندو ئي ڪو نہ هو، پر اڇيءَ بڪيءَ تي سنھڙن وارن جي وچ ۾ ڪاري تر کي ڪيتريءَ دير ائين ڏسندو رهندو هو. نوران هن کي ائين گهوريندي ڏسي پڇندي هيس، ”ڇا پيو ڏسين؟“ گلڻ کي ڄڻ ڪو ننڊ مان هوشيار ڪري ڇڏيندو هو، ۽ جلدي چوندو هو، ”نہ نہ، ائين ئي پئي ڏٺم“ اهو ٻڌي، نوران ماٺ ٿي ويندي هئي، ۽ گلڻ کي ڏاڍي حيرت سان ڏسندي هئي.
هڪڙي ڏينھن گلڻ منجيءَ تي ويٺو هو. لسيءَ جو ٽولو، ٻاجهر جي ماني اڳيان رکي هيس. نوران هيٺ ويٺي هٿ منھن ڌوتو. منھن ۽ هٿ ڌوئي، نوران پير ڌوئڻ لڳي. جيئن نوران سٿڻ جو پانئچو مٿي کنيو، تہ گلڻ جي نظرن اڳيان وري بہ اڇيون اڇيون ٽنگون، ۽ ساڄي ٽنگ جي بڪيءَ تي چمڪندڙ ڪارو تر اچي ويو. گلڻ جون اکيون وڃي تر ۾ کتيون. وري هيڏانھن هوڏانھن ڏٺاين – ماڻس بيٺي هئي، نہ تہ اٿي وڃي تر چميس ها. ايتري ۾ نوران گوڏن تائين ٽنگون ڌوئڻ لڳي.
گلڻ کي اهو ڏسي ڏاڍو عجب لڳو تہ پاڻي پوڻ ڪري هڪ داغ وانگر ميٽجي ويو.
”اڙي، هيءُ ڇا؟“
”جي-“ نوران ڏانھس ڏسي چيو.
”هيءُ تر ڪيڏانھن ويو؟“
”تر؟ هيءُ تہ هٿرادو هو. آءٌ ڪجل سان ٺاهيندي آهيان.“
”ڇو؟“ گرھہ گلڻ جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو.
”بس مون کي وڻندو آهي. لطيفان جي پنيءَ تي مون تر ڏٺو هو. اهو ڏسي آءٌ بہ ٺاهڻ لڳس.“
اهو ٻڌي، گلڻ ويچاري جون متيون منجهي ويون ۽ ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ ٿي آيس تہ ڇا ڪري، اڃا گلڻ اتي ئي ويٺو هو، تہ ڏٺاين تہ نوران سامھون کٽي تي ويھي. ڪجل سان وري بہ پنھنجيءَ اڇيءَ اڇيءَ ٽنگ جي بڪيءَ جي وچ ۾ ساڳيو تر ٺاهڻ لڳي.

(مھراڻ: 4 – 1960ع)

مَبُو چريو (زيب ڀٽي)

محلي جا مڙئي ماڻھو مَبُوءَ کي چريو چوندا هئا. منجهس هئا ئي چرين وارا پار. جانٺو جوان، قهر آلود اکيون، منھن تي ڏاڙهيءَ جي ساوڪ، ڪپڙا ميرا ۽ ڇنل، مٿو ۽ منھن، ٻانھون ۽ ٽنگون ڌڌڙ ۾ ڀڀوت، - پَنَ جي ٻيڙي وات ۾، دونھان ڪڍندو، اهو ٿو وڃي! ڪنھن کي گار، ڪنھن کي ڌڪ، ڪنھن کي بُجو – وريو پيلا ڏند ڪڍيو بيٺو ٽھڪڙا ڏيندو! بت سڄي ۾ ڪي ڪنڊا هئس: ڪھڙو بہ ڪپڙو، هيٺ يا مٿي، هڪ ڏينھن پاتو ناهي تہ ٻئي ڏينھن ڦاٽو ناهي – ڏر ڪڍيو ڇڏيندو هون، سوٽ پائڻ تي مَبُوءَ مست هوندو هو، پر پراڻو سراڻو سوٽ ڪٿي هو سٽ جهلي، ليڙهون ليڙهون ڪري ڇڏيندو هوس.
ڪم جو گامو سچار هو، جيڏانھن وارينس تيڏانھن وري. وارث وسيلو ڪو بہ ڪو نہ هوس. پاڙي پتيءَ مان مانيءَ جي پورت ٿي ويندي هيس. باقي رات جا چار پھر، سو يارهين ٻارهين تائين رولاڪ ٻارن سان ڪچھريون ڪري، چونڪ جي وڏي ٿلھي تي ٽنگون ٽيڙي سمھي رهندو هو. صبح سويل اٿي، هڻندو هو گهٽين ۾ گهتون – پن جي ٻيڙي وات ۾، انجڻ واران دونھان ڪڍندو، پيو سير پسار ڪندو هو. سج مٿي چڙهندو هو تہ موٽي ايندو هو چونڪه ۾، سڌو دينوءَ جي دڪان تي. دينو بہ هن کي گڏھہ وانگر واهيندو هو. سيڌو سامان سڀ هي اڪيلو مڙس ڍوئي، دڪان ڀيڙو ڪندو هو، پر دينو هن کي مزوريءَ ۾ رڳو گاريون ڏيندو هو.
جي هو کل خوشيءَ ۾ وساري ڇڏيندو هو. هو ڪو اهڙو بيغيرت بہ ڪو نہ هو. هڪ دفعي تہ پاڙي جي وڏي سيٽ سان سامھون ٿي بيھي رهيو. گاريون تہ دل کولي ڏنائينس، پر مرڳو جنبر کڻي مٿس الر ڪري آيو. سيٺ جا ماڻھو مٿس مٽجي آيا، پر پوءِ پاڙي وارن جي چوڻ تي ڇڏي ڏنائونس، چي، ”چرئي کي چورجي چئن گارين لاءِ..... اجايو ٿا ککر ۾کڙو هڻو..... ڇڏي ڏيوس، چريو آهي!“ پوءِ تہ سيٺ بہ پاڻيھي کسڪي ويو.
دينوءَ جي دڪان سان ڪا دل اڙيل هيس. دڪان جي سامھون دينوءَ جي گهر جو در هو. در جي اوٽ ۾ دينوءَ جي ڌيءُ گلي ليئا پائيندي هئي. اڃا اڳئين سياري ۾ اندر ويٺي هئي. رنگ جي البت سانوري، ڪپڙا سادا، پر وارن جي سنوار ۾ سوڀياوان، جوانيءَ جي جوت ۽ الھڙ پڻ ڏانھن مائل. مبو دينوءَ جي دڪان تي گهڻو گذاريندو هو. آءٌ آفيس کان ايندي ۽ ويندي ڏانھنس نھاريندو هوس، تہ هلڪي مشڪ مشڪي چوندو هو – ”آئو، ماستر!“ هو مون کي ماستر سمجهندو هو. آءٌ هن کي چوندو هوس: ”آلو، مسٽر مبو!“
تہ خوش ٿي ٽھڪ ڏيندو هو.
هڪ دفعي آفيس مان دير سان موٽي رهيو هوس. منھن – اونداهو هو. گهٽيءَ ۾ ڪير بہ ڪو نہ هو. دينوءَ جي دڪان اوريان، گهر جي در وٽ، مبوءَ کي گليءَ ڏانھن اشارا ڏيندي ڏٺم. گلي بہ در ٻيڪڙيو، وريو کولي، سسي ٻاهر ڪڍيو. پئي مبوءَ ڏانھن ناز ادا سان نھارون ڪيائين. سيني جو اڀار، ساھہ کڻڻ سان هيٺ مٿي پئي ٿيس. مبو تہ اصل مست هو! آءٌ بہ چپ چاپ پاسو ڏيئي هليو ويس – مٿان سندن معصوم رومان ۾ ڪا رڪاوٽ پوي. هنن کي بہ منھنجي مٽي وڃڻ جو پتو ڪو نہ پيو. ان ڏينھن کان مون کي مبوءَ منجهہ اهو چريو نظر آيو، جنھن جي جھان کي ڪل ڪا نہ هئي. هو سڀني جي نظرن ۾ چريو هو، سواءِ گليءَ جي هن وٽ گليءَ لاءِ اهو ئي پيار هو، جيڪو عام انسانن وٽ هوندوآهي. مبو چريو هو، گليءَ لاءِ. گليءَ خاطر دينو دڪاندار جون گاريون بہ هن لاءِ گل هئا. هاڻي هو جڏهن بہ مون کي ”آئو ماستر“ ڪري سڏيندو هو، تہ مون کي سندس چپن تي اها مرڪ معلوم ٿيندي هئي، جيڪا پيار ڪندڙ چھرن ۾ هوندي آهي.
”مھينن پٺيان مھينا مٽي ويا. سياري جي مند منھن مس ڪڍيو هو، تہ دينوءَ جي در تي دهلن جو ڌڌڪو ۽ پتاشي مڱڻھار جون بينون وڄنديون ٻڌم. پڇا ڪيم، گليءَ جو وهانءُ هو! مبوءَ کي ڪا ان ڏينھن خوشي هئي! ٻڌا ٻڌا ٽھڪ پئي ڏنائين. سڄي پاڙي جا ٻار هن جي پويان – ”مبو چريو مبو چريو“ چئي پئي ڦيرايائونس. مون ڳچ تائين بيٺي اهي رنگ ڏٺو، پر مبوءَ نظر ئي ڪا نہ ڪئي. ٻئي پاسي سندس ڌيان ئي ڪو نہ هو. بي اختيار کل ۾ ٻڏو پيو هو – ڄڻ تہ پتاشي جي شرناءِ جو آواز ۽ مبوءَ جي کل هڪ ئي راھہ تي شرط پڄائي رهيا هئا!
ان ڏينھن مون کي آفيس ۾ بہ سڄو وقت مبوءَ جي ٻھڪندڙ شڪل پئي نظر آئي. فائيل ۽ ڪاغذ سڀ ڄڻ مبوءَ جي کل کلي رهيا هئا. مبو – چريو مبو، گليءَ جو مست مبو – منھنجي ذهن ۾ ٽھڪن جي مسلسل گونجار ڪندو رهيو. ليڪن،...... جڏهن آءٌ آفيس مان اٿي گهر اچي رهيو هوس، تہ مبو دينوءَ جي دڪان تان بي موقعي غائب هو! ۽ ان کانپوءِ ڪيترن ڏينھن تائين مبو مون کي ڪٿي بہ نظر نہ آيو. گليءَ ۽ مبوءَ جي هلي وڃڻ سان دينوءَ جي دڪان ۽ انھيءَ سڄي چونڪ جي سموري رونق پڻ هلي وئي هئي. هاڻي نہ هئا ٻارڙن جا ميڙا، نہ مبوءَ جا ٽھڪڙا ۽ دلچسپيون، آهستي آهستي، مبو سڀني کي وسرندو ويو. آءٌ بہ هاڻي بي ڌيانو اتان ايندو ويندو هوس.
هڪ ڏينھن، صبح سويل، آسمان تي ڌنڌ ڇانيل هو،آءٌ گهران لھي اچي دينوءَ جي دڪان وٽان لانگهائو ٿيس: ڀرسان دينوءَ جي دڪان واري تختي تي ڪو ڄاتل سڃاتل ماڻھو ليٽيل معلوم ٿيم: ويجهو ٿي ڏٺومانس، حيران ٿي ويس..... اهو ”مبو“ هو – جيڪو هاڻي انساني صورت ۾ سماج کان بنھہ ٻاهر هو!

(مھراڻ: 1 / 2 – 1060ع)