انهن ٻن سِٽن جو سٽاءُ، لفظن جي جڙاءُ سان آهي، جيڪو حيرت انگيز حد تائين متوازن آهي. ساڻ/پاڻ، ۽ جڏهن/تڏهن جا ٻِٽا قافيا، ۽ ”جيءُ جُڙيو (توساڻ) جڏهن (کان)“ جي تجنيس، انهن سِٽن کي سُر جي لڙيءَ ۾ پوئي ٿي ڇڏي. انهيءَ نظم ”يادون“ جون هي سٽون به اهم آهن :
واري ناهيان مُٺ مان نڪران،
ڪک پن ناهيان واءُ ۾ وکران.
آهيان ڪائي ليڪ پٿر تي،
جيڪا ڪنهن کان ڪا نه ٿي مِٽجي.
ساڳئي وقت انهن سِٽن کي هڪ معنيٰ پڻ آهي.
”يادون“ نظم :
لاڙ، اُتر ۽ ڪاڇو آهيان،
ڀٽ ڌڻيءَ جو پاڇو آهيان.
کان شروع ٿي ، سکيءَ جي سارَ کان ٿيندو، ڳوٺ جي يادن تائين هليو ٿو وڃي. ڳوٺ جتان ناني ۽ ماءُ جا سڏڙا اڄ به انهيءَ ڪردار جي ڪنن ۾ ٻُرن ٿا، ۽ ائين ان ڪردار کي ڳوٺ جي هر شيءِ، هر منظر ۽ ماڻهو ياد اچن ٿا. مصطفيٰ ”آڪاش“ ڳوٺ جو ذڪر پنهنجي غزل جي هڪ شعر ۾ هيئن ڪيو آهي :
ڳوٺ ۾ گهر ڪچا ها، ڌڌڙ هئي، مگر،
امن هو، خير هو ، سڀ سڻايون هيون.
’ هو ‘، ’هيون ‘، ’ها‘ ۽ ’هئي‘ لفظ ماضيءَ جي حوالي سان ئي آيا آهن. مطلب ته هاڻي ، حال ۾ ڳوٺ ’امن، خير ۽ سڻائيءَ‘ کان وانجهيل آهي. سنڌ جي هر ڳوٺ جو، انهيءَ شعر ۾ ، احوال موجود آهي. ان غزل جي مطلع ۽ هڪ شعر :
چيٽ هو، چنڊ هو، چلولايون هيون،
مُرڪ هئي، ٽهڪ ها، ڪتڪتايون هيون.
جي مشعالن جيان پئي ٻريون ميڙ ۾،
منهنجي محبوب جون هٿ ڪرايون هيون.
توڙي جو مصطفيٰ ”آڪاش“ جي شاعري ۾ رومانوي رنگ ڪجهه سرس ئي آهي ۽ ان سان لاڳاپيل عڪس ۽ اولڙا به هن جي شاعري ۾ پکڙيا پيا آهن ، جيئن جُدائي، دُوري، هجر جون وڏيون راتيون، ڳوڙها، دُکي دل، اڪيلائي، ڏک ڏوراپا، منٿون آزيون :
پويتر پيار هو پنهنجو، سڀئي احساس ها ڪومل،
انهيءَ شيشي جي رشتي ۾ ، وجهي ڪي ڏار وئين آخر!
غزل جي صنف نازڪ به عشقيه موضوع لاءِ وڌيڪ مناسب سمجهي وڃي ٿي۽ عشق هڪ ذاتي تجربو آهي، نه ڪي تلقيدي، عشق ۾ ناڪامي ئي اُن جي ڪاميابي چئي وڃي ٿي. عشق جي معنيٰ ئي آهي درد. پريت جو ارٿ آهي پيڙا. اهڙي پيڙا جنهن تان هر راحت گهوري سگهجي ٿي :
عشق ۾ راحت ڪهڙي طلبيون،
درد هميشه سهڻا پوندا!
شاعريءَ سان رشتو ”شيشي جي رشتي“ جهڙو ئي آهي. صاف، شفاف ۽ سانتيڪو ۽ اهو شاعر جي ساڃاهه تي آهي ته هُو ان رشتي کي ڪيئن ٿو نڀائي. ڇاڪاڻ ته ٿوري به غير ذميواريءَ سان اُن ۾ ڏار پئجي سگهي ٿو. انهيءَ سانت ۾ جيڪي سُر لڪل آهن، اُنهن کي سُر لهر ۾ تبديل ڪرڻ شاعر جو ڪم آهي ۽ انهيءَ تحرڪ کي، چرپر کي ان شيشي ۾ منمــــڪس ڪرڻو آهي. ۽ اهو نازڪ ڪم لفظن وسيلي ئي ڪرڻو آهي، انڪري شاعر جي بنيادي ذميواري، جيئن ٽي ايس ايليٽ چيو آهي ، وري به ٻوليءَ ڏانهن ئي آهي ؛
جڏهن ڀي ٽڙيا گل، اُڃايل زمين تي،
اسان گيت ڳايا، پرين ياد آيا.
ته ڇا جڏهن گل مُرجهائجن ٿا، تڏهن پرين ياد نه ٿا اچن؟ ائين به ناهي. شاعريءَ جي پنهنجي موسم به هوندي آهي. پرين وسرندا ئي ناهن ته ياد ڪيئن ايندا! شاعر هر موسم ۾ گيت ڳائي ٿو ؛
ٽڙيو هو گل جيان جيڪو، انهيءَ تي شام آئي آ،
اسان جو من آ مُرجهايل ، لڀائين تون ته مرضي ٿئه.
هڪ شاعر کي فطرتاََ شاعر هئڻ کپي ۽ اُهو شاعر ڪٿي نه ڪٿي موجود هوندو آهي. اُن کي دريافت ڪرڻو پوندو آهي، بلڪه اُهو دريافت ٿي ويندو آهي.
مون کي ڪير به پنهنجي لکـئي تي لکڻ لاءِ چوندو آهي ته آءٌ ’نه ‘ ڪري نه سگهندو آهيان، خاص ڪري نون دوستن جي لـکـئي تي. پوءِ اُهو’ لکيو ‘ نثر ۾ هجي يا نظم ۾ ، آءٌ اُن تي لکڻ پنهنجو فرض سمجهندو آهيان. ڇاڪاڻ ته منهنجي راءِ ۾ ، ڪير به پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکي ٿو ته اُهو پنهنجي ٻولي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ تنهنڪري اُن جي آجيان ڪرڻ کپي، اُن صورت ۾ ، اهو لازمي آهي ته اُهو ’لکيو ‘ اهڙو هئڻ گهرجي ، جيڪو لکڻ تي آڀاري.
ساڳئي وقت، جيئن لکڻ آڳ لهرائڻ نه آهي ، تيئن اُن تي لکڻ به آڳ لهرائڻ نه آهي. آءٌ ڪوشش ڪندو آهيان ته متن ۾ جتي به درستيءَ جي گنجائش آهي ته اُها درست ڪجي، ايستائين جو صورتخطي به دُرست ڪجي، مثلاََ شاعريءَ ۾ هڪ لفظ ڪتب آيو آهي ، پر اُن جي صورتخطي صحيح نه آهي، ته پوءِ اُن جي معنيٰ به نه رهندي. ڪڏهن ڪڏهن ان ڏس ۾ ڊڪشنري به ڏسڻي پوندي آهي، يا ڪنهن کان پُڇي پڪ ڪرڻي پوندي آهي، جيئن هڪ لفظ آهي ”انابي“ ، اهڙو ڪو به لفظ نه آهي، اصل ۾ لفظ ”عُنابي“ آهي، معنيٰ ڳاڙهو، لال، سُرخ.
ان ريت منهنجو ڪم وڌي ويندو آهي.
اهو صحيح آهي ته مسلسل لکڻ، پڙهڻ ۽ تجربي سان گهڻين ڳالهين جي پروڙ پئجي ٿي وڃي، مثلاََ اهو ته ڪهڙا لفظ گڏي لکڻا آهن ۽ ڪهڙا ڌارَ. الف /و /ي - وارا اُچاري قافيا ٺيڪ آهن، پر تُز لفظ وانگر تُز قافيي جي وڌيڪ اهميت آهي، ساڳئي غزل ۾ تذڪيري ۽ تانيثي صيغي آڻڻ کان به بچڻ گهرجي.
مصطفيٰ ” آڪاش“ کي سورنهن مهينا لکندي ٿيا آهن. ان ٿوري عرصي ۾ هن جيڪا شاعري ڪئي آهي، انهيءَ کي ابتدائي ڪوشش ئي چئي سگهجي ٿو ۽ هن سٺو ئي لکيو آهي. ان مجموعي کان پوءِ هو ڇا ٿو تخليق ڪري، ان جو انتظار رهندو. مون کي اُميد آهي ته هو وڌيڪ محنت ۽ رياضت کان ڪم وٺندو. هن وٽ خيال به آهي، ٻولي به آهي ۽ وزن بحر جي جوڳي ڄاڻ آهي ۽ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ هن کي پوري ڏيان ۽ گيان سان اڳتي وڌڻو آهي ؛
من جي تار وڳي آ، هُو هُو!
تنهنجي سار لڳي آ، هُو هُو!
’مون‘ مان مس مس نڪتو آهيان،
’تون‘ جي تند وڳي آ، هُو هُو!
سُر، ماترڪ ڇند، بحر وزن، meter ان لاءِ آهي ته جيئن شعر ۾ رڌم ، لئي ۽ آهنگ پيدا ٿي سگهي، اهو سدائين ياد رکڻ گهرجي ته شعر سنگيت جي ڪُک مان جنم ورتو آهي. پر سنڌي شاعري عروضي دور کان پنهنجي اصل روايت کان پري ٿيندي وئي، جيڪا خالص سُر جي روايت هُئي. ڪافي گو شاعرن انهيءَ روايت کي قائم رکيو ۽ انهن عروض کي به سُر جي قالب ۾ پلٽيو. سچل سرمست انهيءَ سُريلي روايت Lyrical Tradition جو سڀ کان پهريون ۽ وڏو شاعر آهي ۽ هُن وٽ عروض جو واهپو انهيءَ روايت سان جُڙيل آهي ؛
آهي انهن اکين کي خاصو خمار تنهنجو،
ويٺو وٺي اَهيان هت ، ڪامل قرار تنهنجو.
(سچل سرمست جو رسالو. ص-383 )
انڪري شاعر کي پنهنجي اڀياس کي لوڪ ڪلاسيڪل دور تائين کڻي وڃڻ کپي، ائين هو پنهنجي جَڙن سان جُڙي سگهي ٿو، ٻوليءَ جي قدامت کان واقف ٿي سگهي ٿو. مصطفيٰ ”آڪاش“ واري ٽهيءَ سان ڪيترائي مسئلا آهن، جن کي شروع ۾ ئي پروڙڻ ۽ حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سٺين ڳالهين جي تقليد ڪرڻ يا اثر قبولڻ ۾ ڪا به خرابي نه آهي. پر ان جو مطلب اهو قطعي نه آهي ته ” آوازون، ڪلاسون، قدرون“ جهڙا جمع وارا صيغا ڪتب آڻجن. ڌارين ٻوليءَ جي ميڊيا ۽ ڌارئين ميڊيم ۾ تعليم پرائڻ جو اثر ٻوليءَ تي به پيو آهي، پر شاعريءَ ۾ ان کي نه ورتائڻ گهرجي. ان ريت شاعري جيئن ته ذات جو اظهار آهي ۽ ان جو لاڳاپو جذبات سان به آهي:
پل ”آڪاش“ پٿر جهڙا هي،
ڇنڊي، ڇڙي، پوءِ ڏرڻا پوندا.
آڪاش کي، هڪ شاعر کي اها ڄاڻ آهي ته ’ڇنڊ ‘، ’ڇڙ ‘ ۽ ’ڏر‘ نه رڳو مختلف لفظ آهن، پر مختلف عمل به آهن. اهو روزمرهه جو هڪ مشاهدو به آهي، پر ان کي شاعريءَ ۾ ورتائڻ جي اهميت آهي، ”آڪاش“ جو مٿيون شعر ان جو مثال آهي. اهو شعر پڙهي مون کي لاکيڻي لطيف جي هيءَ سٽ هانوَ تي هُري آئي آهي:
جنڊي پائي جان ۾، ويٺي ڏک ڏري (شاهه)
پل جيڪي پٿر جهڙا آهن، ”آڪاش“ انهن کي ڇنڊي، ڇڙي پوءِ ڏرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. اهو اصول، پوري زندگيءَ سان لاڳو آهي ۽ شاعريءَ سان به. هڪ شاعر جڏهن موضوع جي چونڊ ڪري ٿو ، ان تي لکي ٿو، مختلف ڪيفيتن مان گذري ٿو، ته انهيءَ پوري مرحلي ۾ کيس محتاط رهڻ کپي. لکڻ مهل به ۽ لکڻ کان پوءِ به.
مهاڳ ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ڪري سگھجن ٿيون؟ ڪهڙيون نه ٿيون ڪري سگھجن؟ جيڪي ڳالهيون ڪري سگھجن ٿيون، اُهي ڪهڙن لفظن ۽ لهجي ۾ ڪري سگهجن ٿيون؟ اهو هڪ مسئلو رهيو آهي منهنجي لاءِ، منهنجي راءِ ۾ مهاڳ ۾ تعريفي ۽ تعارفي جملا هوندا آهن، گھڻيون ڳالهيون شاعر ۽ منهنجي وچ ۾ ئي هونديون آهن، آءٌ اسڪرپٽ تي اهڙا نوٽس لکندو آهيان يا فون تي يا روبرو شاعر سان ڪري وٺندو آهيان.
مصطفيٰ ’آڪاش‘ جي هن مجموعي ۾ بيت به آهن، نثري شاعري به آهي. بيت لوڪ ۽ ڪلاسيڪل صنف آهي، ته نثري شاعري موجوده دور جي. ۽ هر صنف وانگر انهن جون گھرجون به مختلف آهن ۽ اهي گھرجون ۽ لوازمات نڀائڻا به پوندا آهن. وائي ۽ چوسٽو به هن مجموعي ۾ آهي، انهن سان به ساڳيا اصول لاڳو آهن:
رياض بنا اڄ ڪلهه، آ راڳ بڻيو رينگهٽ،
ماڻهن جا جهرمٽ، ناچ نچن پيا ٿاپ تي.
ان هڪڙي بيت جي ٻن سٽن جي چئن پدن جي سورنهن لفظن کي، جيڪڏهن پوري سسٽم تي لاڳو ڪجي، يعني راڳ، ادب، شاعري، سماج، ڌرم، مذهب، سياست ... هر هنڌ ’’وهي نه وهي، وٺ رينگھٽ کي‘‘ آهي. رياض، تپسيا، محنت لاءِ ڪنهن وٽ وقت ئي نه آهي. سکيا وارو مرحلو، موجود ئي نه آهي. رياض جي معنيٰ آهي مشق. شاعريءَ ۾ ان لاءِ اصطلاح آهي ”مشقِ سخن“. ڪهڙو به فن هجي، سُر سنگيت هجي، شعر شاعري هجي، مصوري هجي، مورت سازي هجي ــــــــــ انهن سڀني لاءِ رياض ۽ مشق ضروري آهي، پرلازمي ڳالهه اها آهي ته سُر فطرت ۾ هجي. اها ڳالهه شاعريءَ جي حوالي سان به صحيح آهي. شاعري جيڪڏهن فطرت ۾ نه آهي، ته پوءِ هر شيءَ، هر رياضت ۽ تپسيا وئرٿ آهي. راڳ به تڏهن روح جي راحت بڻجي ٿو، جڏهن اُهو روح مان ڦٽي نڪري:
تو وٽ گل گلاب جا، مون وٽ خالي هنج،
ڪهڙو ڪجي رنج، ڀورل! پنهنجي ڀاڳ جو.
بيت سنڌين جي سڀاءَ وٽان آهي. سگھڙن وٽ به بيت جي روايت آهي. ايستائين جو عام سنڌي ماڻهو به پنهنجو روزمره جي ڳالهه ٻولهه ۾، جيڪي منظوم پهاڪا/چوڻيون ڏيندو آهي، اُهي به گھڻو ڪري بيت جي فارم ۾ هونديون آهن. اوساري ۾ شاهه سائينءَ جا بيت ئي ڏنا ويندا آهن. پر سڀني وصفين سهڻو بيت چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
بيت ماترڪ ڇند تي آڌارڪ آهي، جيڪو سُر جو سرشتو آهي. مون کي خبر نه آهي ته مصطفيٰ ’آڪاش‘ کي ماترڪ ڇند جي ڪيتري ڄاڻ آهي؟ يا هن به ڪجهه دوستن وانگر ’عروض‘ جي ”فعلن فعلن فاعلن، فعلن فعلن فاع“ وزن تي بيت چيو آهي! هن کي ڪلاسيڪل بيت، خاص ڪري شاهه سائينءَ جي بيت جو اڀياس ڪرڻ کپي. ڊاڪٽر جھمٽمل خوبچند ڀاوناڻيءَ جو ’ڇند سڳنڌ‘ جو به اڀياس ڪرڻ کپي. ڊاڪٽر الياس عشقيءَ جا ان ڏس ۾ ٽه ــ ماهي ’مهراڻ‘ ۾ ڇپيل ليک به پڙهڻ کپن.
گيدي موذي مرض ۾، چُڙي چُڙي م مئو،
ڪاتيءَ ٿي ته پئو، ڪانئر جي ڪنهن ڪنڌ تي.
”چڙي چُڙي م مئو“ مان ”چُڙي چُڙي نه مرو/مر“ واري معنيٰ نه ٿي نڪري. ٻيو ته جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ڪنهن ”گيدي“ کي مخاطب ٿي چيو ويو آهي، جيڪو ”موذي مرض“ ۾ ورتل آهي. ٽيون ته اهو گيدي وري ”ڪانئر“ (ڪانئر ۽ گيدي ساڳي معنيٰ وارا لفظ آهن) جي ”ڪنهن“ ڪنڌ تي ”ڪاتيءَ ٿي ته پئو“ (لفظن جي عجيب ترڪيب آهي) مان ته لڳي ٿو ”ڪانئر“ جا الاهي ڪنڌ آهن!
”آڪاش“ جا ٻه ـــ سٽا بيت آهن. جن ۾ هن مختلف موضوع پيٽيا آهن. بهرحال، اها سٺي ڳالهه آهي ته هن جو بيت جھڙي صنف ڏانهن به لاڙو آهي:
چاهت ساڻ چميم، ڳل تي ڪرندر چڳ،
ٺري پئي رڳ رڳ، بَٺيءَ جهڙي بُت جي.
اعرابن جو به خيال رکڻ گھرجي، نه ته رڌم، ڇند، وزن ۾ فرق پئي ٿو.
”آڪاش“ جا جيڪي شعر مون ليڪيا آهن، انهن مان ڪجهه هتي ڏيان ٿو:
دل لڳي ٿي ميڻ جي آهي ٺهيل،
راهه ۾ مان ٻئي اکيون ٻاريان پيو.
ميڙ ۾ هوندي به مان توکان سوا،
هيڪلائيءَ جون گهڙيون گهاريان پيو.
هي وکريل صدائون تون ميڙي نه سگهندينءَ
ڇڏي ڏي اسان کي سهيڙي نه سگهندينءَ.
پنهنجن جو تون قاتل آن،
ڌارين ساڻ نڀايو تو!
هو ساڄي مان کاٻي، جدا ٿا رهون،
اسان ٻئي نديءَ جي ڪنارن جيان.
”آڪاش“ کي اهو ڪڏهن به نه وسارڻ گهرجي ته هُن کي سڀ کان پهريان پنهنجي ڪيريئر تي، جنهن ۾ خود هڪ شاعر وارو ڪيريئر به اچي ٿو وڃي، ڌيان ڏيڻ جڳائي ۽ ان ڏس ۾ خود سندس نظم ”بابا جي نالي“ هڪ اهم نظم آهي؛
پاڻ فاقا ڪڍي منهنجو لقمو بڻيو،
منهنجي جيون جو هر هنڌ اُڌمو بڻيو،
اُڃَ ۾ گهر سڄي لاءِ چشمو بڻيو.
۽ ان نظم جي آخري بند تي آءٌ پنهنجي ڳالهه پڄايان ٿو ؛
شال بابا! مان تنهنجو سهارو ٿيان،
تنهنجي خدمت ڪيان تو ئي پارو ٿيان،
هر اونهاري مٿان تو سيارو ٿيان،
هر سياري مٿان تو اونهارو ٿيان،
تنهنجي ٻڍڙن هٿن کي مان چمندو رهان،
تنهنجي نقشِ قدم تي مان هلندو رهان.
جي نه بابا! اوهان جو هجي ساٿ ها،
ڏينهن ڀي ڄڻ اسان لئه هجيِ رات ها،
پر تو بابا اسان کي ڏنيون روشنيون،
تنهنجي دم سان اسان هي لڌيون هن اکيون !
امداد حسيني
ڪراچي- سنڌ
17.08.2013
پنهنجي پاران:
وِکـريل سوچـون ۽ مـان
ڪو جيڪڏهن پُڇڻ چاهي ته ”زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪِٿي ڪنهن اهڙي مونجهاري جي ور چڙهين!؟ جتي تنهنجي عقل تنهنجو ساٿ نه ڏنو هجي ۽ تون اڄ سوڌو پاڻ کي ان مونجهاري جي ئي ور چڙهيل ڀائيندو هجين!؟ “ ته منهنجو جواب هيءَ هوندو ته ”آءٌ پنهنجي تخليقن منجهان ڪڏهن به مطمئن نه رهيو آهيان، انهيءَ عدم اطمينان سبب اڄ به آءُ پاڻ کي هڪ مستقل مونجهاري ۾ ڦاٿل سمجهان ٿو، شايد ئي آءٌ پنهنجي حيات ۾ هن مونجهاري منجهان پنهنجي جند آجي ڪرائي سگهان.“
شاعري سرجڻ ۽ شاعريءَ سان انصاف ٻه جدا موضوع آهن. شاعري ته مون بي سمجهه ننڍڙن ٻارڙن کي به ڪندي ڏٺو آهي. ڪيترائي ٻار پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ اهڙا کوڙ هم آواز لفظ اچاري ٿا ڇڏين جيڪي قافياگيريءَ جو اعليٰ مثال هجن ٿا. سچ ته آءٌ پنهنجي سموري تخيل کي اهڙي ئي قافيا گيريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿو سمجهان. هونئن ته ادب جون سڀ صنفون انتهائي حساس ۽ محنت طلب آهن پر شاعري جهڙي بيحد نرم ۽ نفيس ادب سان نڀاءُ لاءِ نه رڳو مطالعو ۽ مشاهدو گهرجي پر ڏات ۽ ڏانءُ سان گڏ سوچ جي ڪئنواس تي اڀري ايندڙ فڪر کي پيش ڪرڻ جو انوکو انداز پڻ هجڻ گهرجي. شاعريءَ جو انفراديت ڏانهن پنڌ تڏهن ئي ممڪن هجي ٿو، جڏهن تخليقڪار فن ۽ فڪر کي آڏو رکندي ، اڻ ڇهيل موضوعن کي پنهنجي ذاتي ترتيب هيٺ آڻي اظهاري سگهندو هجي. مون به شاعر ٿيڻ جي خفت ۾ هڪ کان وڌيڪ نوان تجربا ڪري ڏٺا ته جيئن سنڌي ساهت ۾ منفرد مقام ماڻي سگهجي، پر افسوس جو آءٌ هن مهل تائين الڳ ٿلڳ حيثيت ماڻڻ ته ٺهيو پر شاعريءَ جي ’ش‘ کي به ڪو نه سمجهي سگهيو آهيان!
آءٌ، اوهان آڏو شاعريءَ جو ڪو ڪتاب يا مجموعو نه رکي رهيو آهيان، آءٌ ته فقط اندر جي اونهائين منجهان اٿندڙ پنهنجا درد ۽ وارتائون سنگت اڳيان پيش ڪري رهيو آهيان، سي به بي ترتيب ۽ ٽٽل ڦٽل ... مون شعر ۾ سادگي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سادگيءَ هڪ اهڙو لازوال حُسن جيڪو ڪڏهن به مدي خارج ٿي اڇلڻو نه ٿو پوي. منهنجي شاعري جو سؤ مان اسِي سيڪڙو رومانويت تي مشتمل آهي، جڏهن ته 20 سيڪڙو ڌرتيءَ جي درد سان لاڳاپيل آهي. مختلف وقتن تي سرجندڙ شاعريءَ ۾ ڪڏهن رومانويت مزاحمت مٿان غالب ٿيندي رهي ته ڪڏهن وري مزاحمت رومانويت جي اثر هيٺ رهي.
پڙهندڙن جي اڻ مئي محبتن مونکان ايترو ڪجهه لکرايو جو اڄ آءٌ پنهنجي لکڻين کي ڪتاب جي صورت ۾ ان اميد سان پيش ڪري رهيو آهيان ته اڳ وانگر جوڳي مڃتا پلئه پوندي. هن ڪتابي ڏس ۾ آءٌ اڪيلو ڪوششن ۾ ڪونه هيس پر منهنجا سمورا ادب دوست ساٿي مون سان منهنجي پاڇي جيئن گڏ رهيا ۽ آهن.جنهن ۾ سائين مفتون ڪورائي کان ويندي ارم محبوب، رخسانه پريت،سعيد سومرو، غوث پيرزادو، جعفر جاني،گل بهار باغائي،جميل سومرو، مبارڪ لاشاري،نثارٻانڀڻ،مٺل جسڪاڻي، وسيم آڪاش سيتائي، سائين نثار احمد ناز، پريم پتافي، امر کهاوڙ، آغا جان آغا، سائين مٺل جسڪاڻي،ڊاڪٽر خادم منگي،ثاقب ابڙو، غلام مصطفيٰ سولنگي، شاهانه علي ميراڻي،نظر پياسي،علي بخش منصور،شمشاد خاصخيلي،نور جهان نرمل،محمد اڪبر نوناري بيوس سجاد گاڏهي،خادم بالادي، ناليواروقانوندان عبدالغني بجاراڻي،علي حسن ملڪ،اسد مراد کوسو،غلام ياسين، اشفاق احمد ۽ مُبين احمد ميراڻي تائين ۽ اهي دوست جن جا نالا منهنجي ناقص ذهن تان ٿڙي ويا آهن، منهنجا مددگار ۽ ڀرجهلا رهيا. هتي آءٌ ان شخصيت جو به ذڪر ضرور ڪندس جن جي شخصي قدوقامت ۽ محبت جي ڪري مون کي اتساهه مليو جيڪو منهنجو پيارو ڀاءُ مير مرتضيٰ نوناري آهي. آءٌ انهن جو نه رڳو خالي ٿورائتو آهيان پر جيسيتائين هن سسيءَ ۾ سگهه آهي ته آءٌ انهن دوستن جا احسان آلاپيندو رهندس.
وقت جي جديد شاعر، اديب، ليکڪ، ڏاهي ۽ نقاد سائين امداد حسيني جو نهايت ئي شڪر گذار آهيان جن منهنجي اسرار تي منهنجي تخليقن کي نظر مان ڪڍي ان تي روح سان لکيو، جيڪو مهاڳ جي صورت ۾ هن ڪتاب ۾ شامل آهي .
زندگي ساٿ ڏنو ته مستقبل ۾ به سٺي شاعري سرجڻ جون ڪوششون جاري رکبيون ۽ وقت بوقت ڪتابي شڪل ۾ اوهان سان ونڊ ڪبي رهبي. اميد ته منهنجي هن ننڍڙي ڪوشش کي پنهنجي وسيع نظر جو حصو ضرور بڻائيندا.
مصطفي آڪاش
ڪنڌڪوٽ - ڪشمور
Cell: 03337307898
03003669754
شاعر جي باري ۾ تاثرات
سنڌ ڌرتي اُها خوشنصيب زمين آهي جنهن انيڪ ڏات ڌڻين ۽ تخليقار ذهنن کي وجود ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو خمير ڏنو آهي، جن جي ڏات جا ڏيئا فهم رکندڙن جي ڏهرن ۾ ٻَري رهيا آهن، سنڌ جي اُنهن مڙني شاعرن پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي اهنجن ۽ سورن کي شاعريءَ جي رليءَ ۾ سبيو آهي، بلڪل ساڳئي انداز ۾ مصطفيٰ آڪاش پڻ ڌرتيءَ سان پيار جي معاملي ۾ عاشق شاعر آهي، هُن پنهنجي انفرادي ڏکن ۽ محرومين کي پوري ديس جي درد وانگر محسوس ڪري پنهنجي شاعري ۾ اجتماعيت جو اهڙو انداز پيش ڪيو آهي جنهن ۾ هڪ ئي وقت بي پناه سنجيدگي ۽ سراپا حسن سمايل آهي، اهو وڏي واڪي چئي سگهجي ٿو ته آڪاش جي شاعري هن دور جي سنڌي شاعريءَ جو مٿيون مسند آهي، سندس غزل، بيت ۽ نثري نظم ذاتي تجربن تي ٻڌل ڳوڙهيون تحريرون ۽ خيالن جي مِصري لڳندا آهن، ان شاعري جا لفظ آڪاش مصطفيٰ جي گوناگون ادبي مصروفيتن سان گڏ سندس، پيار، اوسيئڙي، اڪيلائي، پيڙا، نڀاءُ ۽ ڏات مينهن بڻجي اوڙڪون ڪري وسڻ وارا اعليٰ معيار جا تجربا، مشاهدا ۽ احساسن سمفنيون ٿي سامهون اچن ٿيون، جن ۾ استعارا ۽ تشبيهون روح ۽ جسم جي تاڃي پيٽي جيان لڳندا آهن، هُن تفصيلي انداز ۾ انهن ڪيفيتن تي لکيو آهي ته لفظ معنيٰ جي تسبيح ڪيئن ٿا پڙهن، حساسيت ۽ نازڪپڻو اکرن جو ويس ڪيئن ٿو پهري، ڪاڳر جي زمين تي لفظن جا شاهڪار مقبرا ڪيئن ٿا اَڏجن. اڪثر پڙهندڙن جي راءِ آهي ته آڪاش جي رومانٽڪ ۽ مستقل قدرن واري شاعريءَ کي اهميت اُن ڪري به حاصل آهي ته سنڌ جو هر نوجوان سندس خيالن جي اُڏام سان گڏ ٻوليءَ جي مٺاس کي پنهنجي روح ۾ ڦڙو ڦڙو ٿي ڳڙندي محسوس ڪري ٿو، فيس بڪ تي سندس ڏنل ڏات جي بوندن تي مختلف پڙهندڙن جا ايندڙ رايا کيس هڪ اعليٰ مسند تي ويهارڻ جي لاءِ ڪافي آهن، هر پڙهندڙ کي سندس تشبيهون ۽ استعارا ۽ خيالن جا ميلا پاڻ وٽ قيد ڪري ڇڏين ٿا، حساس ذهنن کي اُڏام جا نوان گس ۽ پيچرا جوڙجي ملن ٿا
- [b]نثار ٻانڀڻ[/b]
----------------------
مصطفى آڪاش صحتمند سوچ رکندڙ نوجوان شاعر آهي. کيس موجوده وقت جي جديد سائنسي سهوليتن جهڙوڪ موبائيل ۽ انٽرنيٽ تائين سُٺي پهچ حاصل آهي. ان ڪري مون سندس شاعري پهرين فيس بوڪ تي پڙهي، پوءِ پرنٽ ميڊيا ۽ نيٺ کيس روبرو ٻُڌڻ جو به موقعو نصيب ٿيو. مصطفى جهڙو شڪل صورت ۾، ملڻ ڳالهائڻ ۾ خوبرو آهي، شاعري پڙهڻ وقت به اهڙو ئي وڻندڙ شخصيت جو ڌڻي آهي.
سمجهان ٿو ته مصطفى جي شاعري، اسان جي موجودهه ماحول جي عڪاسي ڪري ٿي. منجهس اسان جي آس پاس جا منظر، پسمنظر موجود آهن. هن جي شاعري ۾ ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جي گهرج پوري ڪندڙ موضوع شامل آهن.
مصطفى شاعري جي ڪنهن هڪ اڌ صنف تائين محدود نه آهي. هن پابند شاعري به ڪئي آهي، ته آزاد نظم، نثري نظم به لکيا اٿس، بلڪ ائين چئجي ته جنهن خيال مصطفى کان جيئن قلمبند ٿيڻ چاهيو، هن، ان کي ان نسبت واري صنف ۾ لکيو ۽ ان سان نڀائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي.
”جلاوطن ننڊون“ سندس پُڻيٺي جو مجموعو آهي، پر هن ۾ آڪاش تائين اڏام رکندڙ شاعري، نه وسرندڙ، ۽ وري وري پڙهڻ جهڙي شاعري شامل آهي.
[b] - مٺل جسڪاڻي[/b]
----------------------
آئون مصطفيٰ آڪاش جي شاعري کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ، پر شاعري به ڀلا ڪا پڙهڻ جي شيءِ آهي! نه ، شاعري ته احساسن جي راڳڻي آهي، شاعري ته بي چين روحن جي وياڪلتا جو سڏڪو آهي يا وري سمبارا جي پيرن جي پيڙ- شاعري پڙهي نه ٿي سگهجي فقط محسوس ئي ڪري سگهجي ٿي. آءٌ مصطفيٰ جي شعر کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته منهنجو احساس پکين جي آوازن جهڙي لئي سان هم ڪلام ٿئي ٿو. بارش ۽ مٽي جي ميلاپ مان جنم وٺندڙ خوشبوءَ جو احساس جاڳي ٿو پئي. عڪسن، احساسن ۽ ڪيفيتن جي هڪ باترتيب هجوم سان شناسائي ٿئي ٿي. جنهن جي وضاحت نه ٿي ڪري سگهجي.
شاعري ته آهي ئي خود زندگي جي وضاحت.، وضاحت جون ڀلا ڪهڙيون وضاحتون ڪبيون. سوين عڪس عڪسن، احساسن ۽ ڪيفيتن جو ميڙ آهي مصطفيٰ آڪاش جي شاعري ۾. ڪو نقاد چئي سگهي ٿو ته اهو سڀ ڪجهه ته اڳ ۾ به ورجائبو رهيو آهي ته پوءِ آڪاش جي شاعري ۾ نئون ڇا آهي ؟ ان سوال جو روايتي جواب اهو ٿي سگهي ٿو ته آڪاش جي پيشڪش جو انداز يعني اسلوب نئون آهي پر آئون نئين اسلوب تي اڪتفا ان ڪري به نه ٿو ڪريان جو مصطفيٰ آڪاش جي شاعري ۾ مون کي وڏي خوبي سندس شعرن ۾ آيل سواليه ۽ عجب جون نشانيون محسوس ٿين ٿيون. مون کي سندس شعرن ۾ معصوم ٻار جو تجسس نمايان نظر اچي ٿو، معصوميت جو اهو تجسس جيڪو ڏسڻ، چکڻ، ڇُهڻ، سمجهڻ ۽ سکڻ چاهي ٿو. سکڻ جي اها تڙپ مصطفيٰ آڪاش کي گهڻو اڳتي وٺي ويندي - شال هُو ان تجسس کي ماٺو ٿيڻ نه ڏي ..
[b]- جعفر جاني
[/b]
----------------------
ادب جي آبياري انساني تهذيب ۽ سڌاري جي اهم نشاني ۽ مهذبپڻي جي روايت آهي. جڏهن دنيا مقتل گاهه ٿي وڃي، منافقيون سماج کي وڪوڙي وڃن، ادارا سمورا کوکلا ٿي وڃن ۽ ماڻهن جو ڪنهن به نظام تي ڀروسو قائم نه رهي تڏهن ادب ۽ اديب جو رستو سندس دلجوءِ جو سبب هوندو آهي. مصطفيٰ آڪاش جي شاعري جي هي وک “جلاوطن ننڊون” پڻ اهڙي علامت آهي، ڇوته کيس احساس آهي ته
لاش پويان لاش ملندا ٿا رهن،
اڄ ته مقتل گاهه رياست ٿي وئي.
انهي بيگانگي ۽ ويڳاڻپ ۾ نفيس ترين صنف شاعري ذريعي سماج ۽ انسان جي اندر جي اڌمن جو اظهار اميد جي نشاني ۽ نئين سورج جا ڪرڻا آهن. مصطفيٰ جي شاعري ۾ صرف سندس ننڊون جلاوطن نه آهن پر هو هر جلاوطن ننڊ جي پيڙا جو داعي آهي. سندس شاعري انفراديت ۾ اجتماعيت ۽ جز ۾ ڪل ۽ ڪل ۾ جز وانگر آهي. سندس رنگارنگي اظهار جدوجهد جي نشاني آهي. سندس شاعري جو هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ سٺو اضافو آهي، جيڪو کيس ڪافي اڳتي وٺي ويندو آهي. کيس مقتل گاهه واري رياست ۾ ننڊن جو بچاءُ ڪرڻ گهرجي ۽ جلاوطني هوندي به پنهنجي ماڳ ۽ منزل تان نه هٽڻ گهرجي. اسان جون نيڪ آشائون هميشه گڏ آهن ۽ کيس اهڙي سهڻي ڪتاب جون واڌايون هجن.
[b]- مبارڪ علي لاشاري
[/b]
----------------------
مون جو چيو ميندي کيت کي ، اٿي ڦٽي پئو،
مون کي ڪيئي سئو ، رتا گهرجن هٿڙا.
شيخ اياز جو هي ڪرشمه ساز بيت ارداس هئي يا حڪم ! پر ڏسندي ڏسندي سوَن جي بجاءِ هزارين ميندي رتا هٿڙا اڄ پُسي سان ڪڪوريل ڪِرڙن جيئن وک وک تي ، هولي ڏڻ تي هاريل رنگن جئان ڌرتي کي لال گلال رنگن سان منور ڪري رهيا آهن . منجهن سونهن سڳنڌ جا انوکا ، اڻ مِٽ ، تجليدار جهان نظر اچڻ لڳا آهن . انهن روشن رنگن کي سرجڻ ۾ اسان جي نئين ٽهيءَ جي سرجڻهارن ۾ هڪ نئون آواز مصطفيٰ آڪاش جو به شامل ٿي ، اسان جي سماعتن ۽ بصارتن کي لطف جا ڇڄ ڀري ارپڻ لڳو آهي ، ڪنڌ ڪوٽ جي گرم موسمن ۾ جنم وٺندڙ مصطفي آڪاش پنهنجي سڀاءُ توڙي شاعراڻن احساسن ۾ بنهه منفرد، ٿڌي گهڙي جهڙي طبع رکندڙ هي دوست ٿڌن مٺن احساسن سان ٽمٽار املتاس جي وڻ جيان ڀاسندو آهي.
-[b] مفتون ڪورائي[/b]
----------------------
[u]مصطفي آڪاش ـــ رنگن ۽ اوجاڳن جو شاعر
[/u]شاعر عام ماڻهوءَ کان اُتم هوندا آهن، ڇو ته جئين شاعر سوچي ٿو، لکي ٿو، تئن عام ماڻهو سوچي يا لکي نٿو سگھي. شاعر جنهن ڪرب مان گذري سوچي ۽ لکي ٿو ۽ وري لفظن کي تاڃي پيٽي وانگر اُڻي وزن بحر ۽ رڌم ۾ پورو آڻي جيڪا آفاقي ڳالهه ڪري ٿو، اُها عام ماڻهوءَ جي دلين جي ترجماني بڻجي ٿي. ڇاڪاڻ ته شاعريءَ جو بنيادي موضوع وري به زندگي آهي ۽ جيڪا شاعري الهام ٿي لهي سچ پچ ته اها دنيا جا سمورا رنگ ۽ سمورا احساس ڇيڙي وجھي ٿي. اسان جو پيارو ساٿي مصطفي آڪاش اڃان عمر جي ان حد تائين پهتو آهي، جنهن کي جوانيءَ ۾ سموري دنيا رنگين لڳندي آهي ۽ وري ان عمر ۾ عشق جھڙو واءُ لڳي ته دنيا اڃان به ست رنگي ڀاسندي آهي. ان ست رنگي دنيا جومسافر مصطفي آڪاش به ڏک سک، روئڻ پرچڻ، لڙڪ مرڪ ۽ محبوب جي ماڻن جھڙا تجربا رکي ٿو، جيڪي سندس شاعريءَ ۾ پسي سگھجن ٿا.
شاعر بنيادي طور عاشق مزاج، حسن پرست ۽ پيار ڪندڙ هوندو آهي، انڪري کيس زندگيءَ ۾ جيڪي به ڏک، درد ۽ رسوايون ملن ٿيون، اهو ئي سندس شاعريءَ جو وچور هوندو آهي. مصطفي آڪاش جي سموري شاعري پڙهي اهو محسوس ڪري سگھجي ٿو ته هو به انهن وارتائن مان گذري آيو آهي. سندس شعري مجموعو ”جلاوطن ننڊون“ انهن احساسن تي ٻڌل مجموعو آهي جيڪي هر ماڻهوءَ جي دلين جي ترجماني ڪري ٿو،ڇو ته مصطفي آڪاش رڳو پنهنجي ئي تجربن کي شاعريءَ ۾ قيد ناهي ڪيو پر هن جي ارگرد جي زندگيءَ به سندس شاعريءَ جو محرڪ بڻي آهي. اهوئي سبب آهي جو مصطفي آڪاش هڪ سٺو ۽ متحرڪ شاعر ٿي اُڀري پنهنجي ٽهيءَ جي گھڻن شاعرن کي پوئتي ڇڏي اڳتي نڪري آيو آهي ۽ پنهنجي ڊڪشن سان الڳ سڃاڻپ ٺاهي ورتي آهي.
[b]- غلام مصطفيٰ سولنگي
حيدرآباد
23-09-2013[/b]
----------------------
مصطفيٰ آڪاش نئين ٽهيءَ جو نڪور آواز آهي،جنهن مختصر وقت ۾ پنهنجي تخليقي اظهار ذريعي گهڻن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪرايو آهي،نه رڳو ڌيان ڇڪرايو آهي پر ڪافي مڃتا جون مالهائون به ماڻيون اٿس.آڪاش جي شاعريءَ جا رنگ انڊلٺي احساس جي حاصلات جي پنڌ ۾ پختا ٿي رهيا آهن،جن کي هو پنهنجي سوچ جي سندرتا ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ۾ سڦل دڳ جو راهي بڻيل آهي.
آڪاش جي شاعري داخليت جي پهرين منزل کان خارجيت جي سفر تي سهڙڻ شروع ڪيو آهي ۽ هن وٽ جتي ذاتي درد جا عڪس بي چين دلين تي آٿٿ جي بارش ٿي لهن ٿا، اتي هن وٽ سماجڪ موضوئن جا به چڀندڙ احساس سچيت هئڻ جي عڪاسي ڪن ٿا.ان سان گڏ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن جي اجتماعي سجاڳيءَ لئه باشعور ذهن جي جاڳرتائي عمل جو ردعمل هن جي تخليق کي سگهه ڏئي رهيو آهي.
آڪاش ۾ جتي تخليقي گڻ آهن اتي هو انساني گڻن جا وکر وهائيندو رهي ٿو،۽ ڪوي اميد آهي ته هن جي ڏات جو احساساتي وکربه پئي پراڻو نه ٿيندو،۽ هن جي ذات ۽ ڏات جي روشني اوندهه ۾ ڏيئي جي لاٽ مان للاٽ بڻجي سوجهري جو ڦهلاءُ وسيع ڪندي،۽ هي آڪاش مڃتا جون ڦول مالهائون پائيندو رهندو،پر هڪڙو ننڍڙو عرض ته؛” هئڻ جو حال ماضي نه ڪري.“
- [b]گل بهار باغائي
[/b]
----------------------
”جلاوطن ننڊون“ رڳو ڪو مصطفيٰ آڪاش جي شعري مجموعي جو نالو ناهي، پر هن ۾ ته ان ڳڀرو شاعر جي سموري شخصيت ساهه کڻندي نظر اچي ٿي. هن جي سموري شاعري ڄڻ ته اداسيءَ جو گيت آهي جيڪو ٻڌندي ٻڌندي اکين جا ڇپر ٽمي پون ٿا. وڏين اکين واري هن سهڻي شاعرزندگيءَ جي سمنڊ ڪناري، ڪڏهن ساڀيان ۾ ته ڪڏهن حقيقت ۾ هٿ هٿ ۾ ڏئي هن سان گڏ پسار پئي ڪئي آهي ته ڪڏهن بهار جي مند ۾ به خزان جي ڇڻيل پتن تي هن جي پيرن جي آهٽ کي محسوس ڪيو اٿائين ۽ ڪنن ۾ هن جو آواز گونجندي محسوس ڪيو اٿائين. ها وڇوڙا عذاب ٿي اسان جي مٿان لهندا آهن ۽ جدائين مان ڦٽي نڪتل درد کي ڪي ماڻهو اظهار به ڪري سگهندا آهن، جن مان مصطفيٰ آڪاش به هڪ آهي. مصطفيٰ آڪاش سان منهنجي ڪا دوستي ناهي نه وري ساڻس ڪي ايتريون ملاقاتون آهن، بس فيس بوڪ تي هڪ ٻئي سان روح ريجهائيندا رهيا آهيون، نه مونکي سندس پسند ۽ نا پسند جي خبر آهي نه وري مان کي اها خبر آهي ته هو ڪهڙا سياسي ويچار رکندو آهي، ها باقي مان سندس شاعري پڙهي هميشه اداس ٿي ويندو آهيان، هن جو تخيل فطرت جي رنگن سان ٻهڪندي نظر ايندو آهي، هن جي ٻولي ماکيءَ جي لار جهڙي ۽ سوچون اٿاهه سمنڊ جيان نظر پئي آيون آهن. هن جي ٻولي ايڏي ته مٺي ۽ ماٺيڻي آهي جو سندس نثري نظمن تي به ڪڏهن ڪڏهن غزل جو گمان ٿيڻ لڳندو آهي، هو جيڪو پنهنجي غزلن ۾ انتهائي حسين آهي اوتروئي پنهنجي نثري نظمن ۾ به چوڏهين جي چنڊ جهڙو چٽو ۽ ڪاڪ تي ڪاهي ايندڙ راڻي جهڙو ارڏو نظر اچي ٿو. هڪ نثري نظم ۾ هو پنهنجي محبوبه سان مخاطب ٿيندي پنهنجي ڀرپور رومانوي حس سان نظر اچي ٿو:” رابيل جي پنکڙين جهڙن چپڙن تي زور ڏيندي ! بار بار اهو چوندي رهينءَ“ سموري سٽ ۾ لفظن جي جڙاوت، مشاهدو، بيساختگي ۽ جماليات اها دعويٰ ڪندي نظر اچن ٿيون ته هي شاعر سنڌ جي فطرت مان جنم وٺي نڪتو آهي، ۽ سندس حال روشن آهي ۽ مسقبل تابناڪ آهي...
[b]- غوث پيرزادو
[/b]
----------------------
[u]دل جو در کڙڪائيندڙ شاعر
[/u]زندگي گذارڻ لاءِ ڇا گهرجي...؟
اڌ ويهاڻو ...!
ٻه محبوب اکيون .....!
۽ پنهنجي حصي جو پيار!
حَسن جي ٻڌايل ان فلسفي سان، مون شروع ۾ ڏاڍو اختلاف رکيو هو، پر نيٺ ان سچ کي قبولڻو ئي پيو ، ڇو ته اهو اڌ ويهاڻو، ٻه محبوب اکيون ۽ حصي جو پيار ئي ته آهي، جنهن جي بدلي زندگي اسان کي ڇا ڇا نه ٿي آڇي؟ هيڏي ساري ڪائنات جي ڪينواس تي پکڙيل اڻ کُٽ رنگ، احساس بنا تصور، دک درد ۽ گهڻو ڪجهه ...
مان نه ٿي ڄاڻان ته مصطفي ”آڪاش“ جي هي شاعري ان فلسفي تي ڪيترو يقين رکي ٿي، پر جڏهن سندس سهڻا احساس ۽ انوکا نظم پڙهيم ته لڳو، ته هن نوجوان جا خواب به ته ان ئي فلسفي جي پوئيواري ڪن پيا. اسان جا خواب ۽ احساس انهن ۾ ئي ته اٽڪيل آهن.
ڪنڌڪوٽ سان تعلق رکندڙ هن سهڻي شاعر پنهنجي مَن ۾ هڪ ٻه نه ، پر لڳي ايئن ٿو ڄڻ ڪيئي موسمَ سنڀالي رکيا هجن جن جي جهلڪ هن جي روپلي شاعري پڙهندي نه رڳو محسوس ٿئي ٿي پر ڄڻ روح ۾ به لهيو اچي. عمر جون 24 بهارون ڏسندڙاسان جي هن سهڻي شاعر مصطفيٰ ”آڪاش“ بقول تي ادبي دنيا ۾ آئي اڃا ٿورو عرصو ٿيو آهي، پر جڏهن شاعري پڙهڻ جو وجهه مليو ته پاڻ کان سوال ڪيم ته ڇا پاڻ ۽ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائڻ يا ڪاميابي جا جهنڊا کوڙڻ لاءِ عمر ۽ سالن جي محتاجي ضروري آهي؟
هرگز هرگز نه... ڇو ته ڪا به ڏات هڪ الهامي تحفي مثل آهي، ڪا به عمر ان جي محتاج نه آهي ۽ ڳالهه جڏهن ادب جي حوالي سان ڪيون ته به اهو ضروري نه آهي ته پختيون يا چڱيون تخليقون رڳو سينيئرز ئي لکي سگهن ٿا، لکڻيون يا شاعري ته نون لکندڙن جي به ڇرڪايو ڇڏي.
”جلاوطن ننڊون“ مصطفيٰ آڪاش جي شاعري جو پهريون مجموعو پڙهي پڪ ٿي ٿئي ته هي ڪتاب هر اُن پڙهندڙن جي دل جو در کڙڪائڻ ۾ ڪاميابي ماڻيندو جنهن ۾ پيار ۽ احساس جي سمجهڻي سگهه آهي.
مصطفيٰ آڪاش جي هن مجموعي ۾ شاعري جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ٿيل آهي جنهن ۾ غزل، نثري نظم، نظم، وايون، چوسٽا، بيت هُن جي جُدا جُدا دلي ڪيفيتين ۽ موڊز جي ترجماني ڪن ٿا. اها حقيقت آهي ته هر انسان جي اندر جي دنيا ۽ احساسات هڪ ٻئي کان الڳ انداز ۾ هجن ٿا، پوءِ اُهي احساس ڏک جا هجن يا خوشي، خوف، ڪروڌ، ڪاوڙ يا حيرتن جا اهو شاعر تي دارومدار رکي ٿو . لفظن جي آڻت ۽ دل جي سچائي تي ته هو پنهنجي پڙهندڙ کي ڪيئن ۽ ڪيتريقدر Communicate ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو.
جڏهن مصطفيٰ آڪاش جي شاعري پڙهي پوري ڪيم ته دل ساک ڏني ته هي نوجوان شاعر پڻ سنڌي شاعري جي آسمان تي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ سان هڪ نئين ستاري جيان جهرمر لاهي ڏيندو . مون کي شاعري ۾ غزل کان وڌيڪ نثر ۽ نظم وڻندا آهن پر عجيب اتفاق چئبو ته مصطفيٰ آڪاش جي غزل وارو ڀاڱو پڻ بهترين آهي . جن ۾ هن نه رڳو نفيس جذبن ۽ احساسن کي ئي نه پر ماحول ۽ حالتن کي پڻ نظر ۾ رکندي انهن تي سچائي سان قلم کنيو آهي. مثال طور سندس هڪ غزل مان ؛
ڌرتي کي ڳڙڪايو تو
هر گل کي مُرجهايو تو
پنهنجن جو تون قاتل آن
ڌارين ساڻ نڀايو تو
ان انداز جا ٻيا به غزل جنهن ۾ ڌرتي سان پيار، ڪوڙهيل سماج ۾ ٿيندڙ اُٿل پٿل، ڀڇ ڊاهه، ظلم ۽ ناانصافين تي تي نظر رکي لکيا ويا آهن.
منهنجي ڪجهه ڏينهن پهريان اک سهڻين سٽن تي پئي جنهن ۾ سچائي واضح ظاهر هئي،
“Painting is poetry that is seen rather than felt, & poetry is painting that is felt rather than seen”
ڪيڏي نه سچائي آهي انهن سٽن ۾ جيڪر ڪو شاعر پنهنجي احساسن جي پينٽنگ، پنهنجي پڙهندڙن کي محسوس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ته باقي ان کي ٻيو ڇا گهرجي .!
مصطفيٰ آڪاش جي شاعري اهڙن ڳڻن کان وانجهيل نه آهي، سندس شاعري ۾ ماڪ ڦڙن جهڙي خوبصورتي ۽ تازگي آهي. اها تازگي جنهن کي محسوس ڪرڻ سان هڪ نئين صبح ٿيڻ جو احساس جاڳندو آهي.
[b]ارم محبوب
22 آگسٽ 2013
حيدرآباد
[/b]
غزل
---
ڪنهن قبر تي اڄ به تنها، شام جو،
ڪنهن قبر تي اڄ به تنها، شام جو،
ٿا رڙن نيڻن جا سپنا، شام جو.
مرڪ جي روشن گهٽين ۾ ساڻ ها،
گم ٿيا غم ايندي رشتا، شام جو.
تنهنجي گهرَ جي ٻاهران بيٺا رهيا،
ديدَ جا ڌُنڌلا ٻه رستا، شام جو.
تن گُلن جا لاش ٿو کـڻـندو وتان،
تو جي چـوٽيءَ مان ڪڍيا ها، شام جو.
مان انهن جي ئي سهاري ٿو جِيئان،
جي وچن تو پاڻ ورتا، شام جو.
وقت تي ’آڪاش‘ ڪا ناهي ميار،
شام کي ئي خواب پرتا، شام جو.
ڏنل پيار جو غم وساري نه سگهندس،
مگر لڙڪ ڀي هاڻ هاري نه سگهندس.
اڪيلو اڪيلو سفر زندگي جو،
سوا يار تنهنجي گذاري نه سگهندس.
===
اکين ۾ آيل نَمي تي لکبو،
اي جان! تنهنجي ڪمي تي لکبو.
هي شب ۽ شب جون انڌيون اونهايون،
لُٽيل پهر جي ڪمي تي لکبو.
===
نقاب هڪڙو جمال ڪيئي،
ڪيا اکين ها ڪمال ڪيئي.
پٺيان سکيءَ جي ٿي چنڊ آيو،
جنم وٺي ويا سوال ڪيئي.
===
ڌيان توڏي جڏهن رجوع ٿيا،
اکين جون پنبڙيون جهڪيون رڪوع ٿيا.
نهار تنهنجي سان چنڊ اُڀريا،
ٻئي ازل کان جي ها طلوع ٿيا.
===
ڄمار ساري عذاب ڏاڍا سهي سهي دل ٿڪي پئي آ،
نه ساٿ ڪوئي سدائين تنها رهي رهي دل ٿڪي پئي آ.
نه ڇانوَ ڪائي نه ڇانورو ڪو سراب سامهون نه آب ڪوئي ،
ڪنڊن ۽ ڪاون جا پنڌ جهاڳي ڪهي ڪهي دل ٿڪي پئي آ.
===
سو ساحل ۽ ساحل تي پيرن جا نقشا اڃا ياد آهن،
ڪڍيا تو ها آڱر سان واريءَ تي ليڪا اڃا ياد آهن.
کڻي ٻُڪ ۾ پاڻي پٺي تي هڻڻ پو ۽ کلائڻ،
سي اُڇلون، مذاقون، سکي تنهنجا نخرا اڃا ياد آهن.
===
المنظر جا ڪيئي منظر لونءِ لونءِ کي جهومائن ٿا پيا،
بارش جا وسڪارا تاسي روح کي يار ڀچائين ٿا پيا.
هيڏي ساري گرمي کانپوءِ مس مس ڪڪرن قرب ڪيا اڄ،
ڌرتي امبر گڏجي سندر ڊيوٽ ۾ گيت ڪي ڳائن پيا.
===
ڪو ته هجي جو من جي ٿر تي بارش جي وسڪار ٿئي،
جيون جي هن ريت تتل تي ٿڌڙو ٿڌڙو پيار ٿئي.
تاڪ ڌنا ڌَن تال لڳائي ڇيڙي سنڌي موسيقي،
سارنگ جا آلاپ ڏئي ڪو ميگهه ٿئي ملهار ٿئي.
===
سارن ۾ اڄ پنبڙيون جل ٿل،
رات جون ڪاريون اکڙيون جل ٿل.
الا آلا جهوپا من جا،
يادن جون سڀ وستيون جل ٿل.
===
درد جو پنڌ نبري نه نبريو ڪڏهن،
سک ته ڀلجي به دل مان نه گذريو ڪڏهن.
ساهه اڱرن جيان آهي ٻرندو رهيو،
اندر آوي رهيو هي نه ٺريو ڪڏهن.
===
چوان ٿو زندگيءَ جي اڄ پڄاڻي ٿي ته بهتر آ،
سکي جي ياد ماضيءَ جي ڪهاڻي ٿي ته بهتر آ.
سوا هڪ شاعريءَ جي ٻيو اسان وٽ ڇا رکيو آهي،
حويلين جي وڃي هوءَ راڄ راڻي ٿي ته بهتر آ.
===
لڪي تاريڪ راتين ۾ اڃا تائين هو رُئندي آ،
وهاڻن ساڻ ڀاڪين ۾ اڃا تائين هو رُئندي آ.
نشانيون پيار پهرين جون اکين ۾ سج جيئن پڌريون،
ڀري محفل ۽ ساٿين ۾ اڃا تائين هو رُئندي آ.
===
هٿ هٿن تي رکو من ڪو ساهس ملي،
چپ چپن تي رکو من ڪو ساهس ملي.
جون جي سج جيان مان سڙيو هان سکي،
ڳل ڳلن تي رکو من ڪو ساهس ملي.
===
مُرڪ جي موٽ ۾ چنڊ کلندو رهيو،
رات جي اوٽ ۾ چنڊ کلندو رهيو.
ٽهڪ ڏيئي جو ڪولهڻ ملي اوڏ سان،
اوڏڪي ڪوٽ ۾ چنڊ کلندو رهيو.
===
نه احسان ڪنهن جا ورائي سگهياسين،
رڳو پاڻ ٿورن کي ڳائي سگهياسين.
تتيءَ ۾ به حاضر ٿڌيءَ ۾ به حاضر،
ڪٿي پاڻ يارو لنوائي سگهياسين.
===
ڪارو ڪرتوت آ شهر جي زندگي،
ڄڻ ته بيروت آ شهر جي زندگي.
ڦوڪ هلڪي سان ماڻهو اڏامي وڃي،
اهڙي مضبوط آ شهر جي زندگي.
===
اٿو رندو! کڻو پيالا، کليا اکڙين جا مئخانا،
شرابي اڄ نگاهن مان ڀريو ديدن جا پئمانا.
هتي جيڪو به ايندو آ، نظر سان مست ٿيندو آ،
اڃايل روز ٿا ڍاپن، اچن ٿا روز ديوانا.
===
خوشين جو شال سال ٿي ڪو هيل من وصال ٿي،
محبتن جو سلسلو ڪو پُـــــر جيان بحال ٿي.
ڳلي ڳلي نگر نگر ڪي گيت سنڌ جا ٻُرن،
۽ هو جمالي تي نچون ڪو رقص ٿي ڌمال ٿي.
===
حرامي ٻار کي ڪهڙي خبر ڌرتيءَ جي حُرمت جي،
پناهگيرو! مٽي آهي مقدس سنڌ جنت جي.
اڙي بي دين دهشتگرد! تون هندو نه تون مسلم،
نه توکي ڄاڻ ڪا آهي امان سانئڻ جي عظمت جي.
اڄ مان جو ڀي آهيان –
پنهنجي بابا جي محنت ڪري آهيان.
شــــــال بابا مان تنهنــــــجو سهارو ٿيــان
تنهنجي خدمت ڪيان تو ئي پـارو ٿيــان
هر اونـــــهاري مـــــٿان تو ســــــيارو ٿيــان
هر سيـــــاري مــــٿان تو اونهــــارو ٿيـــــان
تنهنجي ٻڍڙن هٿن کي مان چمندو رهان
تنهنجي نقشِ قدم تي مان هلندو رهــان
جي نه بابا اوهان جو هـــجي ساٿ هــــا
ڏينهن ڀي هي اسان لئه هــجي رات هـا
پر تو بابا اســـان کي ڏنـــيون روشــنيون
تنهنجي دم سان اسان هي لڌيون هن اکيون.
اڄ مان جو ڀي آهيان –
پنهنجي بابا جي محنت ڪري آهيان.
ننڍڙي اميد جي نانءُ
گلن جي پنکڙين جهڙي
اميدن ڦُلجهڙين جهڙي
مون تولئه جنم ڏڻ تي اڄ
سڄو سنسار آندو آ
مون تولئه پيار آندو آ.
هي چوٿون جنم ڏڻ تنهنجو
مبارڪ اي امي توکي
سوين شل جنم ڏڻ اهڙا
تون ماڻيندي رهين مومل!
خوشين جا عيد جهڙا ڏڻ
تون آڻيندي رهين مومل!
اکين جي ماڻڪين جا هي
ٻيئي بئلون (baloon) ۽ دل جو
مون تولئه مُونُ (moon) آندو آ
اهي تحفا ٻئي ننڍڙا
امي توکي مان ارپيان ٿو.
امي توکي مان ارپيان ٿو.
**
ڏاتار جي نانءُ
اکر احساس جي اڀ تي،
ستارن جيئن ستل آهن.
ڳاڙهيرا لفظ لامن تي،
گلابن جيئن ڦٽل آهن.
تخيل جرڪندڙ ڄڻ ڪو،
نديءَ تي چنڊ جو پاڇو،
لڳي ٿو نظم هر هڪ ايئن،
هجي ڄڻ لاڙ ۽ ڪاڇو.
سٽون ڄڻ ڄام شوري جون،
هوائون روڊ تي جهومن،
ڪي موضوع مختصر جامع،
پيا رستا خواب ڏي نڪرن.
نثر گهُگهه ٻاٽ جي منهن تي،
ڪنهن گهِري ننڊ وانگي آ.
ٿڌو اظهار اندر جو
به برکا منڊ وانگي آ.
سموريون خارجي ڳالهيون،
سمورا داخلي قصا
اَڌاريل آڳ جيئن آهن
ها ديپڪ راڳ جيئن آهن
گرم احساس جي سگريءَ
ٻري پئي من جي ڪمري ۾
اٿل کاڌي آ سورج ڪر
جهڙوڪر رات وڳڙي ۾
قسم آ سنڌ ڌرتيءَ جو
اوهان جي ڏات لکڻي ڄڻ
ڪا مُوکي مَٽ پئي اُپٽي
نديءَ نيري خيالن جي
اکين آڏو ٿي پئي اُڀري.
ڪروڙين ڪائناتن جا
سمايل عڪس ڪي آهن
سمبارا جا ڪلاسيڪل
انهن ۾ رقص ڪي آهن
سوين مهراڻ جون ڇوليون
نڪوري نينهن جون ٻوليون
اهي ڇوليون اهي ٻوليون
پيون هر دؤر ۾ ورنديون
پيون هر دؤر ۾ ٻُرنديون.
**
روڪ اهي هٿ روڪ
اي وحشي!
روڪ اهي هٿ روڪ
ڪٽجي ويندين
پٽجي ويندين
مٽجي ويندين
هي جي نياڻيون
ڪيڏيون سياڻيون
هر ڪا ست قرآن
تن سان ناحق
ڪِيس ڪرين ٿو
روز ڪُهين نادان!
پيار تي بندش پوڻي ناهي
پيار نه آهي ڏوهه
تنهنجو من آهي دانگي جهڙو
جاتي پلجي ڊوهه
پوتيءَ جي لڄ تو وٽ ناهي
پٽڪا تو وٽ ڌوڙ
لڄ نه تو وٽ ليڙ نه تو وٽ
تو وٽ ڪوڙ ئي ڪوڙ
قاتل سڏبين
جاهل سڏبين
غافل سڏبين تون
لاهه کڻي تون هيڏن سارن
تعذيرن جو طوق
روڪ اهي هٿ روڪ ...
ڪجهه لمحن جو ساٿ
نيڻن کي سجدن ۾
جهڪائي رکيل
تنهنجي اها ياد
نه وسرندي آهي
رابيل جي پنکڙين جهڙن چپڙن تي
زور ڏيندي !
مرڪندي اهو چوندي رهينءَ
’خاموش ٿي آڪاش ماريندي سانءِ‘
نه چاهيندي به
گهڻو ڪجهه ڏيئي وئينءَ
منهنجي زندگي جي جُملي کي
هڪ لمحي جو
فل اسٽاپ ڏيئي وئينءَ.
نرالو روپ
پَنَ ڇَڻَ رُتِ جو
پير سوري اچڻ به
مون لئه ڄڻ ته
بهار هوندي آهي
ڇڻيل پنن تي
تنهنجي گهمڻ جو آواز
اڄ به منهنجي ڪنن ۾ گونجندو آهي
ايئن لڳندو اٿم ڄڻ هر موسم
تنهنجي سونهن جو نرالو روپ آهي
۽ دل تي وکون کڻندڙ
تنهنجي يادن جا ڇهاءَ
تو جيان خوبصورت تنهنجا انداز
مون سان ڀاڪرين هجن..!
ڳچ سالن کان
تنهنجي جدائي کي
ڪاڳر جي تَنَ تي
اوتيندي اوتيندي
زندگي جي سٽ ۾
ڪنهن فل اسٽاپ جيان بيٺو رهيس
پر مَنُ هر سال
ايئن چئي چپ رهيو
ته ڪنهن نه ڪنهن سال
اهي پيچرا اُٿي
تنهنجي پيرن وٽ ختم ٿيندا
قسمت جو نصاب
ننڍپڻ کان جوانيءَ جو سفر
ڪيڏو نه خوبصورت هيو!
جواني ۾ پير رکندي ئي
ڪهڙو گناهه ٿيو
جسم کي ڪَٽي
روح ڇڪي ڪڍيو ويو
جي ايئن ئي ٽٽڻو هو
ڇو ڄمڻ کان اڳ ئي
روحن کي ملايو ويو هو؟
پر مان سوچان ٿو
ڪهڙي غيرت جي آڌار
محبت جي اُجري ڪَٿا
رت سان لکي
وقت جي سفاڪ ظالمن
ايڏا ڪلور ڪيا؟
ڇا اهو سڀ ڪجهه
اسان جي قسمت جي نصاب ۾ لکيل هو!؟
بي وفا
منظرن جي سفر جو هڪ سفر
سمنڊ ڪناري پيار جي پهرين ملاقات
ڇولين جي ڪنارن سان ميلاپ تي
ٻنهي جو طويل بحث
تو چيو ته ’سمنڊ جيترو گهرو آ
ايترو بي وفا به آهي
ڪنارن سان ٽڪرائڻ مجبوري اٿس.‘
مون ڪو نه مڃيو
تون پاڻ کي وفا جو مجسمو
ٿي پيش ڪيو.
پر اڄ ڀي سمنڊ ۾
اها مستي
ساڳي گجگوڙ. ثابت قدمي
۽ رهجي ويل يادن جي خوشبو مهڪي پئي
۽
تون مون ساڻ ناهين!
ڪيئن سوال ڪريان ته
بي وفا ڪير ٿيو ...؟
بادل به نيڻن جيان ٽميا
ڪجهه ڏينهن کان مان
تنهائي جي ڇِڳل کٽ تي
تنهنجي سهڻن خوابن جي
وڇايل گلن جي پيچري تي رُلان پيو
انهن لمحن ۾ اکيون منهنجون
اوسيئڙي جي پاڻيءَ سان سيڪجن پيون
دوريءَ جي دردن جا سڀ دروازا
سڏڪن جو ويس پائي
کُلي پيا آهن ڄڻ!
اکين ايترو پاڻي ڏنو
جو پنبڙين جا سڀ پردا
جل ٿل ٿي پيا.
جيڪي اڳ
ٿر جي اُڃ وانگر
ڦٽيا پيا ها سالن کان!
گهري سوچ ۾ ويس ايئن لهي
جيئن شام جو سج -
تيز سوالن جي هوائن جا جهولا جاڳي پيا آهن
ڇا ؟ منهنجي دردن جو ڪو مالڪ نه آهي
جيڪو مون تي نهار جو آڱريون
پل کن لاءِ رکي!
من ڪو ساهس ملي پوي
درد جي پنڌ کي
اهي درد هر دفعي
مون وٽ ئي پنهنجا پکڙا اڏين ٿا
مون ته دنيا کان لڪي
تاريڪ راتين ۾
اندر جي مُندن کي لاهڻ لئه
پنڌ ۾ پير وڌا آهن
بلڪل ساڳي طرح
جيئن بادل به سج کي رُسائي
سڏڪن جا سڀ تعارف ڏيندا آهن
بلڪل
تنهنجو نه هجڻ
ڄڻ دردن جو تعارف آهي!!
صرف هڪڙي گل جي مُرڪڻ لاءِ
انتظاري جو عالم رهيو
سيڪنڊ، منٽ، ڪلاڪ
ڏينهن، هفتا، مهينا
برهه جي آڙاهه ۾ گذريا
اگر سڏڪن کي ڳڻيو وڃي
ته ڇا ٻڌائي سگهندين
منهنجي سڏڪن
منهنجي تڙپڻ جو
تو وٽ ڪو علاج آهي؟
دنيا ته توکي سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو
پوري سال جي درد ن جو
هڪ ڏينهن ۾ علاج
۽ مان سنڌو ڪناري موت سان کيڏان پيو
صرف هڪڙي مسڪراهٽ لاءِ ....!
رُٺل آڪاش
باک ٿيندي ئي
مدهوشي مان هوش آيو
۽ لال اکڙين پاڻي کان پوءِ
رت پئي ڇڏيو
آرسي اڳيان پاڻ کي ڏٺم
هڪ آهه ڀريندي سوچيم
آڪاش ڪالهه به رٺل هو
جواني تي پنهنجي تپش جا
ڪرڻا ڪيرايا هُيئين
آڪاش اڄ به پرتل ناهي جو
دنيا جي زخمن تي
پاڻي پيو ڦيري .....
اثاثن جي سام
منهنجي پيار جي ڏيئي - لاٽ
تو وٽ امانت آهي
جيئن تنهنجو حيا ۾ مسڪرائڻ.
جيئن تنهنجي چهري جي نرمائپ تي
پاڻي جون ڪجهه رهجي ويل بوندون
جيئن اکين ۾ آيل نَمي
جڏهن ڪجهه گهڙين لئه
ڌار ٿيڻ جا لمحا ويڙهيندا آهيون.
سڀ تو وٽ منهنجون امانتون آهن
جانان!
جي مان سماج جي
رهزنن جي ور چڙهي وڃان
۽ تنهنجي اکين ۾ هميشه نَمي ٿي رهي پوان
تڏهن تون انهن مڙني ڪيفيتن کي
منهنجي ڌرتي ماءُ حوالي ڪجانءِ
مون سان گڏ پنهنجي هجڻ جي احساس جيان
۽ جي ڪجهه پلن جي زندگي
سهيڙي سگھين ته پوءِ
اهو سڀ ڪجهه پنهنجو پاڻ وٽ رکجانءِ
قيمتي اثاثن جيان!
آس ۽ احساس
هڪ آس ۽ احساس آهي
پيار تنهنجو
آس جي آڱر وٺي ٿو هلي
۽ احساسن جا ڀاڪر
تو ڏانهن پنڌ پڄائين ٿا !
بي جان ڪري وئين
زماني سان هلڻ لئه
هر شيءِ جو خيال رکيم پئي
بي ساخته
هر فرض نڀايم پئي
توکي پائڻ لئه جيڪي عمل ڪيم
جيڪي ڏينهن تو بنا ڪٽيم
جن تنهائين ۾
کڻي هٿ دعائون گهريم
پر اڄ جڏهن
تو غيرن جيان نهاريو
بي ساخته فنا ٿي ويا
فرض سارا
ڄڻ سڀ دعائون
بي جان ڪري وئين
بي جان ڪري وئين ....
سج جي ڇانوَ ۾ ڏٺل خواب
تون ڪڏهن انهن واهڻن ۾ گُهمين آهين!؟
ڪجهه گهڙيون گهاري ڏس
توکي هڪ نئين ڪائنات ملندي!
مون اڄ اهڙي خواب جي مُند ۾
پنهنجا پير رکيا
ايئن پيو ڀانيان ڄڻ
تنهنجي پوتيءَ جو پلئه
اکين تي رکيو هجيم!
اُن خواب جي اوٽ ۾
تنهنجي گهر جي گهٽيءَ مان لنگهه ٿيو
اوچتو ئي تنهنجي در تي
منهنجون اُٻاڻڪيون اکيون
پردي بڻجي بيٺيون
عجب سڪتو طاري ٿي ويو هجي
ڪا به چر پر نه رهي انهن ۾
جڏهن اکين جون پنبڙيون
جهڪي رڪوع ۾ ويون
ته تنهنجي پيرن جي چُمين تي وڃي پيون
ڄڻ منزل ملي وئي هُجين
تڏهن هو عقيدت ۾ اچي
هڪ ڊگهي سجدي ۾ هليون ويون
ايئن لڳو ڄڻ تنهنجي وجود جي
هجڻ جو سرمو پائي رهيون هيون!
اهو خواب
منهنجي عبادت
جنهن جون انيڪ نيڪيون
منهنجي جسم ۾ عطر جيان مهڪن پيون!
اهو ته خواب هو پرين!
جي حقيقت هجي ته پوءِ .......
اسڪرپٽ
حاصلات کان لاحاصلات تائين
هجڻ کان نه هجڻ تائين
آئون وجود کان خالي وجود آهيان
جنهن جي ڀوڳنا!
وجود جو ڪو به دعويدار نه ٿو سمجهي سگهي
منهنجي پيار جي ڏند ڪَٿا
ايندڙ نسلن کي تون ئي ٻڌائيندين
ان ڪري!
منهنجي هجڻ ۽ نه هجڻ جو نقطو
تو کي ئي طئي ڪرڻو آهي
مون توکي محبت جي لوڪ ڪهاڻي ۾ جنميو
پر تو!
منهنجي زندگي کي
اداس جزيرن ۾ پيل بي ساهي خاموشي جيان
بڻائي ڇڏيو
منهنجي تقدير جي ڏور کي ڦيرائڻ لئه
قدرت منهنجا سڀ اختيار تو کي ڏئي ڇڏيا آهن
ان ڪري آئون وس ۾ ناهيان
ڪڏهن مون کي ايترو ويجهو آڻين ٿي
جو دوئي جو سڀ حقيقتون خاڪ ٿي وڃن ٿيون
۽ ڪڏهن ايترو پري اُڇلي ڇڏين ٿي
جو آئون تنهنجي وجود جي مدار مان نڪري
واپسي لئه ڪشش ثقل وڃائي ويهان ٿو
بس منهنجي هڪڙي گذارش آهي
تون پنهنجي اسڪرپٽ کي فل اسٽاپ ڏي
جيئن آئون پاڻ کي جيئاري سگهان
ڇو ته مرده ڪردارن سان
اسڪرپٽس جا ڪلائمڪس ڏاڍا بي معنيٰ ٿيندا آهن..
اوندهه جو خواب
منهنجي تخليق ۾
ڪيترائي آڪاش
ڪيترائي چنڊ ۽ ستارا
منهنجي خيال کي
ڪيتريون ئي ڌرتيون
منهنجي تصور کي
ڪيتريون ئي ڪائناتون
او وقت جا جلاد
تنهنجو پنجوڙ ڏاڍو ننڍو
تون چمڙي وانگر
اوندهه جو عادي
منهنجي لفظن جي روشني
تنهنجو ضد آهي
تون منهنجي تخليق جي تقدس کي
ڇا ماپيندين؟
او جسمن جي وڍ ٽُڪ جا خواب ڏسندڙ!
منهنجي لفظن کي هڏ ناهن
جو انهن کي قيد ڪري سگهين تون !
پيار جو ڀرم
منهنجي ڇڙواڳ دل جي هٿ ۾
پنهنجي دل جون واڳون ڏيئي
ڄڻ صدين جو سُرور
ارپي ڇڏيو هجئي.
۽ مونکي ٻَڌو ٻانهو بڻايو هجي!
هڪ ناڪام ڪوشش
اڄ وري ڪري ڏٺي
توکان ڏور وڃڻ جي
ڪجهه پَلَنِ جي لاءِ اکيون ٻوٽڻ جي!
پر تنهنجي پريت جا ڏانوَڻ
مَنَ جي پيرن مان نڪرڻ جو نانءُ ئي نه ٿا وٺن
۽ تنهنجي مڪمل هجڻ جا لامارا
دل جي ديوارن تي پورٽريٽ جيان لڳل آهن ڄڻ !
آئون ٿڪجي پيس
هروڀرو جي ڪوشش ۾!
هاڻ پاڻ کان هڪ سُونهُن ورتو اٿم ته
تنهنجي پيار جو ابد تائين
ڀرم رکندس
توکي تو جيان
تو تائين ئي تيئن چاهيندو رهندس
جيئن هڪ مومن ايمان کي چاهي.
ايترو پري هليو وئين!
سڏڪندي سڏڪندي
تنهنجي پٺيان هلندي هلندي
پاڻ کي وڃائي ويٺس
ڪوسي واءُ ۾
زرد پنن جي جهرمراهٽ
کن کن جو آواز
ڄڻ ته سمنڊ ڪناري
جهونگاريل تنهنجا گيت پئي لڳا
پاڻ کي سهيڙيندي
ايترو ڏور هليو ويس
جو هاڻ توکي ڳولڻ بنا
پاڻ کي ٿو پيو ڳوليان
اڄ به جڏهن ڏور ڪنهن واهڻ ۾
سُرن جي ورکا ٿيندي
ته مان هڪ نئون جنم وٺي
تنهنجي سُرن ڳولڻ واسطي
ساڳين پيچرن تي
هلي پوندس
ڄڻ اهي سُرن جون سفينيون
منهنجو روح بڻجي
مون کي جيوندان ڏينديون.
تبديلي
اي پير! اي مير!
اسان اوهان جا
ساڳيا نوڪر
ابن ڏاڏن کان ٻڌا ٻانها
نه کپي نه کپي اسان کي
ڪا به تبديلي نه کپي
سماجي ماڻهو ، ٽي وي
گڏجاڻيون، جلسا جلوس
اسان جي قسمت
تبديل نه ڪري سگهندا
دنيا سان اسان جو ڇا ؟
ته هو ڪِٿي پهتي آهي
هيءُ ٿيندو
هونءَ ٿيندو
انقلاب پنهنجا پير سوريا آهن
اڙي بابا!
اسان هن حال ۾ صفا
سڪون سان، قرار سان
ٻه ڳڀا ماني وٺون ٿا!
غيرت لئه عورت
ڪڙڪ چانهه وارو هوٽل
ٻيو ڪجهه نه کپي ...!
اڙي اندر جا ماڻهو!
اسان کي خبر آهي
تون مري کپي ويو آهين
ڪڏهن به زندهه نه ٿيندين
ڇو ته اسين موروثي غلام آهيون
۽ پنهنجو ضمير کپائي ڇڏيو آهي
اسان کي تنگ نه ڪيو،
اسان جو فڪر به ڇڏيو
ساڳيا لاٽو ساڳيا چُگهه
ايندڙ نسل به اسان جو
مانُ رکندو
ان سلسلي
کي انهيءَ جوش سان
روان دوان رکندي
دنيا سامهون سنڌي قوم جو
عملي ۽ سرعام خطاب
اي پير! اي مير!
تون فڪر نه ڪجانءِ
تنهنجو مزاج
تون خوشين جي لمحن
کي هميشه قيد ڪندي،
۽ هر سال ڪو نالو ڏئي
يادگيرن جي اسڪرين پلي کي
هميشه تازو رکندي آهين
پر مان ته ڏکن جا ڏينهن به
ناهيان ملهائيندو.
ڇو ته هر دفعي انهن ۾ نواڻ
۽ جدت هوندي آهي
بلڪل ائين جيئن
تنهنجو مزاج هجي ٿو..!
اُڃ جا چوسيل چَپَ
جيون جي تتل صحرا تي
سالن کان ڀٽڪيو آهيان
نه ڪا ڇانوَ منهنجي بدن جي ڍال بڻي
۽ نه ئي ٿڌي چانڊوڪيءَ
روح تائين پهچڻ جو سفر شروع ڪيو.
سج پنهنجي پوري آب ۽ تاب سان
جسم ۾ گهر ڪري ويهي رهيو
پر منهنجي دل ۽ جهيڻي جسم
آڪاش کان پنهنجي اُڃ اُجهائڻ لئه
ڪڪرن جي مِهر ناهي گهُري
نه ئي بادلن کي ڪو ڏوراپو ڏنو اٿس
مورن جي کنڀن جهڙا تنهنجا خيال
جڏهن ڪوسي واءُ جيان
منهنجي ٿڪل بدن مٿان
اچي وارو ڪن ٿا
تڏهن منهنجي دل مان
بي ساخته اُڃ جو آواز ٿو نڪري
هڪ ڊگھي رڙ
۽ پيڙا جي دز اُٿي ٿي
مون کي ٿر جي سونهن جي اُڃ آهي
جيڪا منهنجي
اندر جي لينڊ اسڪيپ جو اُهڃاڻ آهي
اُها اُڃَ گهڙي کن لئه
سالن کان ڀٽڪيل جسم ۾
هڪ ڊگهي اوسيئڙي ۾ رهندڙ اکڙين کي
ايذائن پيون
هاڻ ته اُڃ جا چَپَ
ماروئڙن جو اهو ٿر ڏسڻ گهرن ٿا
جيڪو تشنگيءَ چوسيو آهي
۽
جنهن کي ڏسڻ سان
منهنجي بدن جي اکڙين جي اُڃ
ڪجهه پلن لاءِ ئي سهي
وسامي ويندي!
پرينءَ جي وڇوڙي جو سور
منهنجي روح جي سمندر اندر
ڪڙهي ٿو پيو
مان چاهيندي به ان کي
برف نٿو ڪري سگهان
طبيبن جون ڦڪيون
درد جو سبب بڻجن پيون!
مون طبيبن سامهون
پنهنجي جُهريل دل کولي رکي!
’مونکي سگريٽ ڇڏڻ جي پابنديءَ ۾
نه آڻيو،
مون کان ڪجهه گهڙين جي شفا
نه ڦريو..
پرين جي وڇوڙي جي سور سان
ڪجهه گهڙين جي لاءِ
سگريٽ کي جنگ ڪرڻ ڏيو
مان ڄاڻان ٿو!
اهو منهنجي ساهه جي پيچرن تي چڙهي
دل جي ڀتين تي
سولائيءَ سان رسي مٿن پردو وجهي ٿو
ڪجهه گهڙين جو سڪون
۽ شفا جون آڱريون ڦيري ٿو،
پر پوءِ به
جي ان مان سڪون جا گھنڊ
ڪجهه گهڙين کان مٿي نه وڄن
ته به هو
منهنجي درد جيان
مون سان گڏ آهي
هو سالن کان
هُن جي يادن جيان
منهنجي گهڻو ويجهو آهي
اهو زهر
اندر جي زهر کان زياده ناهي
انهي ٻنهي زهرن جي جنگ
حيات تائين رهڻ ڏيو!
مون کي سگريٽ سان گڏ سڙڻ ڏيو.
گم ٿيل ماڻهو جو سفرنامو
پنهنجي ئي حق لاء
ويڙهه ڪرڻ جو سبق
مون پنهنجي قديمي لوڪ ڪهاڻي ۾ ٻڏو آهي.
مون وقت جي ڪن ۾ هڪ ڊگهي رڙ ڪئي ته،
بگهڙن جي اکين مان،،،،،،،
تهذيب جا سمورا دعويدار،
منهنجي زبان تي ڏامر هارڻ لڳا.
مون جڏهن ،،،،،،،،،
پنهنجي هجڻ جو ادراڪ گهريو،ته
تو پنهنجي طنزيه ٽهڪن ۾ ،
مونکي اڏاري ڇڏيو.
۽ مان واچوڙن جيان،
ڪنهن به ماهيت جو نه رهيس،
سائنس کان وٺي،
انساني حقن جي ڪتابن تائين ،
اڄ مون کي ٻڌايو وڃي ٿو ته،
واچوڙن جي ڪابه ماهيت نه هوندي آهي ،
ان ڪري انهن جا ڪي به حق نه ٿيندا آهن.
تنهنجا ٽهڪ ،
منهنجي حياتي جو ،
ڪيڏو نه الميو ثابت ٿيا آهن ،
آئون وجود هوندي به
پنهنجي شناخت وڃائي ويٺس