مختلف موضوع

وتائي فقير جا ڀوڳ چرچا

وتايو فقير انسانيت جي علامت، پيار ۽ محبت جي نشاني، امن جو متلاشي ۽ درد جو درمان ھو. ھن جيڪا سچي ڳالھ محسوس ڪئي، ھر ڪنھن کي منھن تي چئي ڏني. وتائي جو ڪردار اسان وٽ ڀلي تہ طنزيہ ۽ مزاحيہ ھجي پر وتايو فقير، پنھنجي دور جو ھڪ احتجاج ھو ۽ انقلاب جو داعي ھو ۽ سچ منھن تي مزاحيہ، طنزيہ يا درويشي انداز سان چوندو ھيو، سندس ڳالھين ۾ حڪمت ۽ حڪايت ھوندي ھئي.

Title Cover of book وتائي فقير جا ڀوڳ چرچا

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي ڏاھي بزرگ وتايي فقير جي نصيحت ڀرين گُفتن ۽ ڀوڳ چرچن تي مشتمل ڪتاب ”وتائي فقير جا ڀوڳ چرچا“ اوهان اڳيان حاضر آهي، جنھن جو مرتب محمد صالح کھڙو آھي.
وتايو فقير يارھين صديءَ جو اھو عظيم انسان آھي، جنھن زندگيءَ جي ھر قدم تي، وِھ جو وٽو پي سچ جو سنيھو ڏنو. ھو سنڌ جي فڪر، سياڻپ، سونھن ۽ سچائي واري، اجتماعي ورثي جو نمائندو آھي، جنھن انسان کي ڏاھپ ڏانھن سڏيو. ھو انسانيت جي علامت، پيار ۽ محبت جي نشاني، امن جو متلاشي ۽ درد جو درمان ھو. ھن جيڪا سچي ڳالھ محسوس ڪئي، ھر ڪنھن کي منھن تي چئي ڏني. وتائي جو ڪردار اسان وٽ ڀلي تہ طنزيہ ۽ مزاحيہ ھجي پر وتايو فقير، پنھنجي دور جو ھڪ احتجاج ھو ۽ انقلاب جو داعي ھو ۽ سچ منھن تي مزاحيہ، طنزيہ يا درويشي انداز سان چوندو ھيو، سندس ڳالھين ۾ حڪمت ۽ حڪايت ھوندي ھئي.
هي ڪتاب شاھہ لطيف ڪتاب گهر، حيدرآباد پاران2007ع ۾  ڇپايو ويو آھي. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.