سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران جسٽس امير علي جي لکيل جڳ مشھور ڪتاب ”The Spirit of Islam“ جو سنڌي ترجمو ”اسلام جي تاريخ“ اوھان اڳيان پيش آهي، جنھن جو سنڌيڪار منور ٻُٽ آھي.
ھن ڪتاب ۾ اسلام جي عالمي مذھب جي حيثيت ۾ واڌ ويجهہ (اوسر) ۽ ان جي تيزيءَ سان پکڙجڻ ۽ وقت جي ٿورڙي عرصي ۾ ان جيڪا ڪروڙين ماڻھن جي ذھنن ۽ ضميرن تي غير معمولي ڪاميابي حاصل ڪئي، ان جي تاريخ بيان ڪئي وئي آھي. ھي ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي جنھن ۾ اسلام کان اڳ جي حالتن، رسول ڪريم صہ جي پيدائش، زندگي، سيرت، نبووت ۽ اسلام جي آمد، ھجرت، غزوات کان رسالت محمدي جي تڪميل تي مشتمل آھي جنھن ۾ 10 باب شامل آھن. ٻئي ڀاڱي ۾ اسلام جي روح کي نروار ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ اسلام جي مقصد، نصب العين، مذھبي روح، آخرت جي تصور، تبليغي جھاد، اسلام ۾ غلامي ۽ عورت جي حيثيت، اسلام جي سياسي روح، سياسي فرقي بندين، اسلام جي ادبي ۽ سائنسي روح، اسلا جي عقلي ، فلسفاڻي، صوفياڻي روح، بابت 11 باب شامل آھن. ان کانسواءِ خلفاءِ راشدين جي دور، دمشق جي اموي حڪمرانن، بغداد جي عباسي خليفن، مصر جي فاطمي خليفن ۽ قرطبہ جي اموي حڪمرانن بابت پڻ ضميما شامل آھن.
ھي ڪتاب 2012ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي