سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي ڏاھي بزرگ وتايي فقير جي نصيحت ڀرين گُفتن ۽ ڀوڳ چرچن تي مشتمل ڪتاب ”وتائي فقير جي واپسي“ اوهان اڳيان حاضر آهي، جنھن جو مرتب يوسف ھاشمي آھي.
وتايو فقير يارھين صديءَ جو اھو عظيم انسان آھي، جنھن زندگيءَ جي ھر قدم تي، وِھ جو وٽو پي سچ جو سنيھو ڏنو. ھو سنڌ جي فڪر، سياڻپ، سونھن ۽ سچائي واري، اجتماعي ورثي جو نمائندو آھي، جنھن انسان کي ڏاھپ ڏانھن سڏيو. ھو انسانيت جي علامت، پيار ۽ محبت جي نشاني، امن جو متلاشي ۽ درد جو درمان ھو. ھن جيڪا سچي ڳالھ محسوس ڪئي، ھر ڪنھن کي منھن تي چئي ڏني. وتائي جو ڪردار اسان وٽ ڀلي تہ طنزيہ ۽ مزاحيہ ھجي پر وتايو فقير، پنھنجي دور جو ھڪ احتجاج ھو ۽ انقلاب جو داعي ھو ۽ سچ منھن تي مزاحيہ، طنزيہ يا درويشي انداز سان چوندو ھيو، سندس ڳالھين ۾ حڪمت ۽ حڪايت ھوندي ھئي.
هي ڪتاب موسيٰ پبليڪيشن، ڄامشورو 2015ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.