ٻاراڻو ادب

اخلاقي قَدر (ٻارن لاءِ اخلاقي ۽ تعليمي مضمون)

ھن ڪتاب ۾ ڏهن سالن کان سورهن سالن جي ٻارن لاءِ 27 اخلاقي(Ethical)  ۽ علمي(Educational)  مضمون شامل آھن. ڪتاب ۾ننڍن ننڍن موضوعن کي کڻي انساني اخلاقن جي اهميت تي زور ڏنو ويو آهي ۽ هي ڪتاب بنيادي طور تي ٻارن جي لاءِ ئي لکيو ويو آهي، پر جيڪڏهن والدين ۽ استاد بہ غور سان پڙهندا ۽ انھن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ ڪتاب ۾ ڏسيل نيڪ نقطن جي روشنيءَ ۾ پنھنجن ٻارن ۽ شاگردن جي تربيت ڪندا تہ اسان جو سماج ۽ انھيءَ سماج جي هونھارن کي مستقبل جي زندگيءَ ۾ بھتر ڪردار ادا ڪرڻ جي واٽ ملي پوندي.

  • 4.5/5.0
  • 82
  • 10
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book اخلاقي قَدر (ٻارن لاءِ اخلاقي ۽ تعليمي مضمون)

حق ۽ واسطا

ڪتاب جا سڀئي حق ۽ واسطا ليکڪا وٽ محفوظ آهن.
ڪتاب جو نالو: اخلاقي قَدر
موضوع: مضمون نويسي
ليکڪا: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
03332766564
ڇاپو : پھريون 2010ع، ٻيو 2015، ٽيون 2020ع، چوٿون ڊجيٽل ايڊيشن سنڌ سلامت ڪتاب گهر، 2024ع
ڪمپوزنگ: گلزيب


ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books. sindhsalamat. com
2024ع

انتساب

ٻاراڻي ادب جو هيءُ ڪتاب پنھنجي گلن جهڙن ٻارن محمد مجتبيٰ (پٽ)، محمد مير ۽ محمد ولي (ڏوهٽن) محمد عارض (پوٽي) ۽ محمد عفان (پوپٽي) جي نانءُ ٿي ڪريان، شل ڌڻي سڳورو کين نيڪ نيت، نيڪ دل ۽ نيڪ عمل انسان بنائي. (آمين)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ پاران ٻارن لاءِ لکيل مضمونن جو مجموعو ”اخلاقي ۽ علمي قَدر“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھن ڪتاب ۾ ڏهن سالن کان سورهن سالن جي ٻارن لاءِ 27 اخلاقي(Ethical) ۽ علمي(Educational) مضمون شامل آھن. ڪتاب ۾ننڍن ننڍن موضوعن کي کڻي انساني اخلاقن جي اهميت تي زور ڏنو ويو آهي ۽ هي ڪتاب بنيادي طور تي ٻارن جي لاءِ ئي لکيو ويو آهي، پر جيڪڏهن والدين ۽ استاد بہ غور سان پڙهندا ۽ انھن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ ڪتاب ۾ ڏسيل نيڪ نقطن جي روشنيءَ ۾ پنھنجن ٻارن ۽ شاگردن جي تربيت ڪندا تہ اسان جو سماج ۽ انھيءَ سماج جي هونھارن کي مستقبل جي زندگيءَ ۾ بھتر ڪردار ادا ڪرڻ جي واٽ ملي پوندي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 2010ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو 2020ع ۾ ڇپايو ويو. چوٿون ڇاپو سنڌ سلامت پاران ڊجيٽل ايڊِشن جي صورت ۾ آندو ويو آھي. ٿورائتا آھيون ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail. com
sindhsalamat. com
books. sindhsalamat. com

مھاڳ

”اخلاقي قدر“، مانائتي ڀيڻ پروين موسيٰ ميمڻ جو اهم ڪتاب آهي، جيڪو هن نئين ٽھيءَ جي شاگردن جي اخلاقي قدرن جي زوال پذيري ۽ انحطاط کي سامھون رکي. انھن کي نئين سر ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هُن اخلاقيات کي ڪلاسيڪي فلسفي جو مستقل ۽ هڪ اهم موضوع سمجهندي، اڄ جي دور ۾ ان جي گهڻي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پراڻي دور جي اهم ۽ نامور فيلسوفن پنھنجي سوچ ۽ فڪر جو ڍانچو ان وقت تائين مڪمل نہ سمجهيو، جيستائين هنن انھيءَ موضوع تي پنھنجي سوچ ۽ راءِ يا نظريئي جو اظھار نہ ڪيو هو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسان کي انھن سڀني زبانن ۽ تھذيبن ۾ سُٺا ۽ معياري ڪتاب ملن ٿا، جن ۾ فلسفي جي حوالي سان ڪم ڪيو ويو آهي.
هيءُ ڪتاب ظاهر آهي تہ نئين نسل جي لاءِ دلچسپي ۽ افاديت جو باعث ضرور ٿيندو، پر اُن سان گڏوگڏ عام پڙهندڙ بہ هن ڪتاب مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. هن ڪتاب ۾ اخلاقيات جي موضوع جي حوالي سان جيترو مواد پيش ڪيو ويو آهي، ان ۾ موضوع جي جيترن پھلوئن جو احاطو ڪيو ويو آهي اهو پنھنجي جاءِ تي اهميت جو حامل آهي.
فاضل ليکڪا، مصنفہ جيئن تہ هڪ ذميوار استاد، شفيق والدہ آهي ۽ وڏي ڳالھہ تہ هڪ ذميوار شھري آهي، سندس تصنيف ڪيل ڪتابن مان سندس ادب سان لگن اورچائي ۽ ڪمٽمينٽ بکي رهي آهي، جنھن جو ثبوت اهو آهي جو سندس ڪتاب لاڳيتو شايع ٿيندا رهن ٿا.
مون کي امُيد آهي تہ تحقيق جي صلاحيت رکندڙ هن مصنفا جو قلم تخليق ۽ تنقيد جي ميدان ۾ آئيندہ بہ وڌيڪ بھتر صورتن ۾ پنھنجي صلاحيتن جو اظھار ڪندو رهندو.

ولي رام ولڀ

اخلاقي قدرن معرفت ڏسيل نيڪ نقطا

گذريل ڪافي سالن کان سنڌي ادب ۾ جيڪي خواتين لکيڪائون انتھائي محنت، لگن ۽ جستجو سان سنڌي ادب جا گهڙا ڀري رهيون آهن، محترمہ پروين موسيٰ ميمڻ جو نانءُ انھن ۾ سڀني کان مٿانھون آهي، ٻين سنڌي ليکڪائن جي ڀيٽ ۾ پروين موسيٰ ميمڻ ان ڪري بہ منفرد حيثيت رکي ٿي تہ سندس ميدان، تحقيق، ترتيب ۽ تدوين آهي. جڏهن تہ ٻين سنڌي ليکڪائن جو لاڙو فڪشن ڏانھن آهي. پروين موسيٰ ميمڻ جي لکيل ڪيترن ئي ڪتابن کي نہ رڳو مختلف ادارن پاران ڇپيو ويو آهي، پر کيس پنھنجي ان علمي پورهئي تي ڪيترا انعام ۽ ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن، جنھن مان اها ڳالھہ چٽي ٿي بيھي ٿي تہ سندس علمي ۽ تحقيقي ڪم معياري ۽ وقت جي گهرجن موجب آهي.
آپا پروين موسيٰ جو هي ڪتاب ”اخلاقي قدر“ بہ انھيءَ سلسلي جي ڪڙي آهي، جنھن ۾ ننڍن ننڍن موضوعن کي کڻي انساني اخلاقن جي اهميت تي زور ڏنو ويو آهي ۽ هي ڪتاب بنيادي طور تي ٻارن جي لاءِ ئي لکيو ويو آهي، پر جيڪڏهن والدين ۽ استاد بہ غور سان پڙهندا ۽ انھن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ ڪتاب ۾ ڏسيل نيڪ نقطن جي روشنيءَ ۾ پنھنجن ٻارن ۽ شاگردن جي تربيت ڪندا تہ اسان جو سماج ۽ انھيءَ سماج جي هونھارن کي مستقبل جي زندگيءَ ۾ بھتر ڪردار ادا ڪرڻ جي واٽ ملي پوندي. مون هي ڪتاب ڏاڍي دلچسپيءَ ۽ ڌيان سان پڙهيو ۽ خواهش اٿم تہ سڀ مائرون، ڀينرون، والدين ۽ استاد بہ غور سان پڙهن تہ جيئن اسان سماجي، معاشي ۽ اخلاقي قدرن جي اهميت جو انداز لڳائي سگهون.

يوسف سنڌي

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ شخصيت ۽ فن

پروين موسيٰ ميمڻ پھريان تعليم ۽ پوءِ ادب جي حوالي سان تمام گهڻي ڄاتل سڃاتل، سڄاڻ، ساڃاھہ وند، استاد ۽ اديب طور پاڻ مڃرايو آهي اهو سندس ڀاڳ آهي جو سندس سڀاڳ ان خاندان ۽ شھر سان لاڳاپيل آهي جنھن جي مٽيءَ ۾ محنت ۽ عظمت جي مڻيا شامل آهي. هن شھر جي ڪٽنبن ۾ هنن جو ڪھول علمي، ادبي ۽ سماجي رتبي ۾ هميشہ اڳڀرو ٿي پاڻ مڃائي سرخرو ٿي ويو آهي. هنن جي ويڙهي، پاڙي ۽ ڪٽنب، ڏس، گس ۽ ڏاهپ جو ڏيئو ٻاري ڏيپلي جي اهڙي تہ جوت جياري ۽ جلائي آهي، جو اهو ٿر جو وارياسي ريگستاڻو ڳوٺ (هاڻِ شھر) پنھنجي نالي سان دنيا سڄي ۾ پھتل، پڙهيل لکيل، سڌريل ۽ سلجهيل ماڻھن جي ڪري مشھور ۽ معروف ٿي ويو آهي، ۽ لک شابسون هجن انھن عظيم ماڻھن کي جن پنھنجي جنم ڀومي ڏيپلي تي ناز ڪندي وڏي فخر سان پاڻ کي ڏيپلائي سڏايو آهي.
اسان جي هن لائق فائق استاد، اديبہ، پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر ۽ سماج سڌارڪ مثالي عورت بہ پنھنجون نور ڀريون اکيون سال 1958ع ۾ ڏيپلي شھر جي معزز شخص محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۾ کوليون، پرائمري تعليم مٺي، عمرڪوٽ، ماتلي، ٺٽي ۽ ڏيپلي ۾ پڙهي سيڪنڊري تعليم سانگهڙ، ڏيپلي ۽ ميرپورخاص مان ورتائين، ان جو سبب سندس مختيارڪار پيءَ جون سرڪاري بدليون هيون.
ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪرڻ بعد 1991ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪري ليڪچراري ماڻيائين ۽ ايسوسيئيٽ پروفيسر جي مان مرتبي تائين پھتي، الله تعاليٰ کيس سندس علمي، ادبي، سماجي ۽ تدريسي خدمتن جو موقعو ايترو تہ گهڻو ڏئي جو خود ڏيپلو هن جو نالو کڻي پنھنجي سڃاڻپ ايئن ڪرائي تہ آئون اهو شھر آهيان، جنھن ۾ پروين موسيٰ مميڻ ڏيا، ڏيا ٻاري ڏيپلي کي ڏيئن (علم جي جوت) جو شھر بنائي ڇڏيو آهي، 54 سالن جي عمر ۾ هن همت ۽ محنت سان 2012ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جو امتحان پاس ڪري ورتو، پروين کي پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ 08 سال محنت ڪرڻي پئي، جيڪا ڳالھہ ثابت ڪري ٿي تہ هيءُ عورت هجڻ جي باوجود انتھائي حوصلا مند ۽ ثابت قدم آهي، سندس ننڍپڻ جي تعليم کان وٺي هيل تائين هوءَ مسلسل جاکوڙ ڪري سنڌي ادب جي لاءِ پنھنجو ڪارائتو ڪردار ادا ڪندي پئي اچي.
پروين جي 19 سالن جي عمر ۾ پنھنجي پڦي جي پٽ انجنيئر انور خان سان سال 1976ع ۾ شادي ٿي کيس هڪ نياڻي نالي ثمر رفيق الرحمان ڊاڪٽر آهي، پٽ ياسر رضا ڊاڪٽر (Dentist) آهي، ٻنھي ڌيءَ ۽ پٽ جي شادي ڪرائي ڇڏي اٿس، جيڪي ماشاءَ الله صاحب اولاد بہ آهن. سندس ننڍو پٽ محمد مجتبيٰ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهي NED يونيورسٽيءَ مان انجنيئر ٿيو آهي. سندس پٽ ڊاڪٽر ياسر رضا بہ پيٽارو ڪاليج مان پڙهيو تہ سندس گهروارو انجنيئر انور خان بہ پيٽارو مان پڙهي نڪتو هو، پروين جا ڀائر، ڀائيٽيا ۽ ڀاڻيجا بہ گهڻي ڀاڱي پيٽارو ڪاليج مان پڙهي وڏن وڏن عھدن تي وڃي پھتا آهن. ايئن هيءَ گهراڻو پاڻ کي ”پيٽارين“ سڏائيندي فخر محسوس ڪري ٿو. ڪجهہ حوالن مان معلوم ٿيو تہ پروين ۽ سندس گهر واري نہ رڳو پنھنجي اولاد پر ڀائرن ۽ ڀينرن جي اولاد لاءِ بھتر تعليم ۽ تربيت جو ماحول پيدا ڪيو.
پروين موسيٰ ميمڻ باقاعدہ 2004ع کان پنھنجي علمي ۽ ادبي پورهئي کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائڻ شروع ڪيو، سندس لکڻ جي شروعات ڪھاڻين ۽ مضمونن جي صورت ۾ 1980ع کان ٿي جنھن مان ڪھاڻي ”چري“، ڪھاڻي . ماءُ جو دِلاسو“ ۽ ڪجهہ مضمون چند رسالن ۾ ڇپيا، 2004ع ۾ ئي سندس پھريون ڪتاب، ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“ ڇپجي پڌرو ٿيو. ان کان پوءِ ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“ ۽ ”وکر سو وهاءِ“ ڪتاب 2008ع ۽ 2011ع ۾ هائر ايجوڪيشن اسلام آباد مان شايع ٿيا. پروين جا ٻيا ڪتاب ”اٿي رائو ريل“، ”سون ورنيون سوڍيون“، ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“ ۽ ٻيا ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا، کيس سال 2009 ۾ ڪتاب ”اٿي رائو ريل“ تي سنڌي ادبي سنگت طرفان بھترين تحقيق ۽ تنقيد جو ايوارڊ مليو ۽ ”اخلاقي قدر“ کي ٻاراڻي ادب ۾ نيشنل بڪ فائونڊيشن پاران بھترين ڪتاب جو سرٽيفڪيٽ مليو، پي ايڇ ڊي جي تحقيقي مقالي تي انجمن ترقي پسند مصنفين پاران بھترين تحقيق جو ايوارڊ ڏنو ويو. سندس هڪ ضخيم ڪتاب ”سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو“، سي ايس ايس جي 2015ع جي نئين نصاب مطابق ڇپيو، چوٿون ڇاپو 2020ع ۾ آيو آهي جيڪو لاهور، اسلام آباد، ڪراچي ۽ سنڌ جي وڏن شھرن جي بڪ اسٽالن تي موجود آهي تہ سي ايس ايس اڪيڊمين ۾ بہ پڙهايو وڃي پيو. ۽ اڃا بہ ڏهن ڪتابن کي مڪمل ڪرڻو اٿس، جيڪي بہ انشاءَ الله ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پھچندا.
پروين موسيٰ ميمڻ هڪ استاد جي حيثيت ۾ پنھنجي زندگي جي سڦلتا وارو سفر شروع ڪيو ۽ علم جي مشعل کي اجهامڻ نہ ڏنو، هن هڪ عورت هجڻ جي ناتي عورتن جي ڀرپور نمائندگي ڪندي پنھنجي پي ايڇ ڊي جو عنوان چونڊيو، ”سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو 1985ع تائين تحقيقي اڀياس“ رکيو، سندس پسند جا راڳي آهن، علڻ فقير، جيجي زرينہ بلوچ، سرمد سنڌي ۽ لتا منگيشڪر ۽ جيڪي شاعري ۾ کيس گهڻو متاثر ڪري ويا اهي آهن شاھہ لطيف، شيخ اياز، تنوير عباسي، استاد بخاري، فيض احمد فيض ۽ پروين شاڪر.
ڊاڪٽر پروين ميمڻ جي ڪتابن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ داڪتر غلام علي الانا، ولي رام ولڀ، ڊاڪٽر فھميدہ حسين، ٻين ادب دوستن، اديبن ۽ دانشورن تمام گهڻو ساراهيو آهي ۽ حقيقت ۾ ڊاڪٽر پروين جو اهو حق بہ آهي تہ ڏيپلي جي هيءُ ڏياٽي ڏيھہ پرڏيھہ ۾ روشني جو ايئن شماءُ ٿي نڪري نروار ٿي آهي جيئن سامونڊي جهازن لاءِ ٽاور آف لائيٽ هوندي آهي. منھنجي دعا آهي تہ الله تعاليٰ کيس هميشہ خوش ۽ چاڪ چڱو ڀلو رکي، جيئن هوءَ اڃان وڌيڪ علم، ادب ۽ ڏاهپ جي جوت جلائي، سنڌي ادب جو ديس پرديس تائين پيغام رسائي انسان ذات جي خدمت ڪندي رهي. آمين ثم آمين.
هاڻي اچو تہ سندس ٻاراڻي ادب تي لکيل ڪتاب ”اخلاقي قدر“ مان ڪي ڪارائيتيون ڳالھيون ڪي گلن جون ڪليون، ڪن گلن ڦلن جي سونھن ۽ سُندرتا ڏسون ۽ معصوم ٻارن جيان مُرڪي سُرهاڻ ۽ خوشبوءَ سان واسجي وڃون، ها تہ اچو هاڻ هي ”اخلاقي قدر“ کولي ڏسون تہ هن ۾ ڪھڙو انمول خزانو آهي.
”اخلاقي قدر، ڪتاب جو نالو ئي ٻڌائي ٿو تہ ليکڪا پنھنجي عمر، مطالعي، مشاهدي ۾ ڄاڻ جي کاڻ آهي. ڇو تہ هن ڪتاب ۾ آيل سڀئي مضمون انسانذات جي چڱاين سان لاڳاپيل آهن، هيءَ دنيا چڱن عملن جي ڪري ئي پر امن خوشحال ۽ ترقي يافتہ ٿي سگهي ٿي، ڇو تہ چڱا عمل ئي اخلاقي قدرن کي جنم ڏين ٿا ۽ اخلاقي قدر قبيلن، قومن، ملڪن ۽ کنڊن جي تاريخ تھذيب، تمدن، امن، خوشحاليءَ ۽ ترقي جا امين هوندا آهن.
مضمون، ”سھڻا اخلاق“ ۾ موضوع تي ڀرپور لکندي ليکڪا، قرآن شريف جون ننڍيون آيتون، شاھہ لطيف جا بيت، مرزا قليچ ۽ تنوير عباسيءَ جي شاعري، رابندر ناٿ ٽئگور ۽ علامہ اقبال جا چيل قول ۽ هڪ ڏاهي جي قول کي لکي، ٻارن کي آسان ۽ سولي انداز سان ڄاڻ ڏئي ٻُڌايو آهي تہ، سھڻا اخلاق ايمان جي مضبوطي آهي، مضمون، استاد ۽ شاگرد جو تعلق ۾ شاگرد جو با ادب هجڻ ۽ استاد جو مان ۽ مرتبو بلند ڄاڻايل آهي. دوستيءَ جي موضوع تي تمام سٺو لکيو ويو آهي، استاد بخاريءَ جي شعر هن مضمون ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن ۽ هڪ انگريزي قول ڏئي دوستيءَ ۾ معاف ڪرڻ جي خصلت کي سامھون آندو ويو آهي، ٻارن جي تربيت ۾ سھڻن اخلاق جي اهميت تي مضمون، حُسن اخلاق جي تعريفن ۽ خصلتن سان ڀرپور آهي، سمجهاڻيءَ طور حوالا ۽ حضرت علي ڪرم الله وجهہ جي قول جو ذڪر ڪري مانواري ليکڪا ٻارن لاءِ سھڻي اخلاق کي انتھائي اهم قرار ڏنو آهي. قائد اعظم ۽ ٻين جا حوالا بہ هن مضمون جي اهميت وڌائن ٿا. اهڙي طرح هن ڪتاب ۾ انتھائي اهم موضوعن تي مضمون آيل آهن.
ڊاڪٽر پروين جو ڪمال آهي تہ هن وڏي محنت سان موضوعن تي لکيل شعر ۽ انھن بابت قرآن ۽ حديث منجهان حوالا ڳولي ٻارن کي مختصر لفظن ۾ تمام وڏي معلومات مھيا ڪئي آهي.
هن ڪتاب جي خوبي اها آهي تہ هي ڪتاب بين الاقوامي ٻارن جو ڪتاب آهي، هن کي جنھن بہ زبان ۾ ترجمو ڪيو ويندو تہ ان ملڪ جي ٻارن لاءِ مروج ڄاڻ جا موضوع اهي ئي ساڳيا هوندا، جن ۾ قرآن ۽ حديث کان وٺي دنيا جي وڏن شاعرن، اديبن ۽ دانشورن جا حوالا تمام گهڻو نظر ايندا.
ڇو تہ دنيا جو هر ٻار جڏهن بہ پنھنجي ٻوليءَ ۾ پڙهندو تہ کيس مٿيان موضوع نوان يا اجنبي نہ لڳندا، اها ئي هن ڪتاب جي وڏي ۾ وڏي ڪاميابي آهي، جنھن لاءِ ڊاڪٽر صاحبہ جي مضمونن واري چونڊ بہ علمي دنيا واري ئي آهي. شاگرد تہ ڇا پر وڏا بہ هن ڪتاب ۾ آيل مختصر مضمونن مان وڏو لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ صاحبہ پنھنجي هن ننڍڙن مضمونن واري ننڍڙي ڪتاب ۾ تمام وڏا ۽ اهم موضوع ڏئي انھن کي سمجهائڻ لاءِ حوالا بہ تمام وڏا ڏنا آهن، جي هن ڪتاب جي سونھن، ساڃاھہ ۽ سوچ کي اهميت ڏين ٿا. دعا ٿو ڪريان تہ شل الله تعاليٰ ليکڪا جي قلم ۾ اڃان بہ وڌيڪ ترقي ڏئي کيس انھيءَ صدقہ جاريا، جاري رکڻ جي توفيق عطا فرمائي، آمين ثم آمين.

سليم چنا
قاسم آباد، حيدراباد
2016-09-23

ٻہ اکر

نوجوان نسل پاڪستان جي سر زمين جو ناياب سرمايو ۽ بقا جو نشان آهي، انھن جي تعليم تربيت ۽ سڌاري لاءِ جيترا بہ اپاءُ ورتا وڃن، جيتريون بہ ڪوششون ڪيون وڃن گهٽ آهن، اسان جي نئين نسل جي ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ جي ڪُنجي سندن اخلاقي تربيت ۽ اعليٰ تعيلم حاصل ڪرڻ ۾ آهي، اهوئي سوچي پنھنجي قوم جي مستقبل جي معمارن لاءِ هيءُ اخلاقي ۽ علمي مضمونن جي ڪتاب لکيو اٿم.
هي ڪتاب هڪ ڊگهو مضمون چئجي يا ننڍن ننڍن موضوعن جي مضمونن جي سلسليوار احوال تي مشتمل ننڍو ڪتاب چئجي. پر انھيءَ جي مقصديت، موضوع مطابق انساني اخلاقي قدرن جي اپٽار آهي، جنھن جي اڄ جي دور ۾ هر ننڍي وڏي، مرد ۽ عورت مطلب تہ سماج جي هر فرد کي ضرورت آهي، انسان جي انفرادي حياتيءَ جو دارومدار، سماجي زندگيءَ تي آهي ۽ هو پنھنجي ئي ترتيب ڏنل سماج جو هڪ جزو آهي ۽ هر فرد پنھنجي ليکي سماج جو هڪ ضروري ۽ اهم جزو آهي. دنيا ۾ گهڻائي ڌرم/ مذهب آهن، جن سڀني ۾ ڪيترائي علمي، اقتصادي، سياسي ۽ مذهبي فلسفا ۽ نظريا آهن، پر گهڻي ڀاڱي سڀني جي عمارت جو بنياد ”انساني اخلاقيات“ جي فلسفي تي بيٺل آهي، جيستائين انسان کي اها خبر نہ پوندي تہ هو پاڻ ڇا آهي ۽ سندس زندگيءَ جي مقصديت ڇا آهي؟ تيستائين هُو ڪڏهن بہ هن ڌرتيءَ لاءِ ۽ پنھنجو پاڻ لاءِ ڪارائتو فرد نٿو ٿي سگهي ۽ سماج ۾ سندس هئڻ ۽ نہ هئڻ سان ڪو بہ فرق نٿو پوي. ماڻھوءَ کي ماڻھپي ڏي موڙڻ ئي اخلاقيات جو بنياد آهي.
هن ڪتاب معرفت انساني اخلاقي قدرن کي معاشري جي معاشي، سماجي، سياسي، ديني ۽ علمي حالتن جي حوالي سان سمجهايو ويو آهي. اميد تہ شاگردن کي پسند ايندو ۽ هُو پنھنجي مطلب جا موتي هِن ڪتاب مان حاصل ڪري پنھنجي شخصيت کي سنوارڻ ۾ مدد حاصل ڪندا تہ پوءِ آئون سمجهنديس تہ منھنجو پورهيو صاب پيو.

پروين موسيٰ ميمڻ
02-10-2010

نئين ڇاپي لاءِ ٻہ اکر

”اخلاقي قدر“ ڪتاب جو نئون ڇاپو شايع ٿيڻ تي آئون انتھائي مُسرت محسوس ڪري رهي آهيان. هيءُ ڪتاب نيشنل بڪ فائونڊيشن جي هڪ اشتھار Promotion of Children Literature هيٺ لکيو هئم، جيڪو قومي مقابلو هو ۽ مون ضروري سمجهيو تہ انھيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ٻاراڻي ادب جي شموليت هئڻ گهرجي، موضوع مضمون نويسي گهربل هو، جنھن جو مون کي سدائين شوق رهيو آهي. بنيادي طور آئون مضمون نگار ئي آهيان، هن ڪتاب لکڻ لاءِ ڪي حدون (Limits) پڻ مقرر هيون. يعني صفحن جو تعداد، موضوع مطابق ۽ 16 سالن جي عمر تائين جي ٻارن لاءِ لکيل هجي. انھيءَ مضمونن جي ڳٽڪي جو عنوان معاشي قدر ڏنل هو. جنھن جا ذيلي عنوان اخلاقي قدر، سماجي قدر ۽ معاشي قدر هئا جنھن ۾ مون اخلاقي قدرن کي فوقيت ڏيئي اخلاقي قدرن جي مختلف موضوعن جيئن دوستي، حُسن اخلاق، امن، لالچ، پيار، محبت، سچ، فرض شناسي، بھادري، محنت، وقت جو قدر، خود اعتمادي ۽ ٻين موضوعن تي مختصر مضمون لکي هيءُ ننڍڙو اخلاقي قدرن جو گلدستو سجايو، جيڪو ٻارڙن سان گڏ سندن والدين ۽ استادن ۾ پڻ مقبول ٿيو ۽ اڄ شدت سان ضرورت پئي محسوس ٿئي تہ اسان جو نئون نسل اهڙن اڻ ملھہ اخلاقي قدرن سان واقف ٿيئي، جن جو حڪم قرآن پاڪ ۽ حديثن ۾ آيل آهي ۽ جن جي هئڻ سان مستقبل جا اهي معمار سماجي طور ڪارآمد ٿيندا ۽ سماج ۾ اهم مقام حاصل ڪندا(آمين).

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
6-2-2016

قوم جو آئيندو قوم جا ٻار آهن

انساني اخلاقي قدرن جي گلدستي جي هڪ هڪ پنکڙي هن سماج جي هر شخص جي فطرت لاءِ ضروري آهي، جيڪڏهن اهي سڀ چڱا گڻ جن سان هڪ نيڪ دل ۽ نيڪ عمل ماڻھوءَ جي مزاج جي تعمير ٿي ٿئي سي هر هڪ ۾ واسجي وڃن تہ هوند هيءَ دنيا جنت ۽ ڌرتيءَ جو هر هڪ ذرو گلستان بنجي وڃي. هن ڌرتيءَ جي ٽڪري کي اڄ جيتري ضرورت امن سڪون ۽ اخلاق جي آهي، ايتري ڪڏهن بہ نہ هئي، اسين ڪيتريون امن ميٽنگون ڪيترائي سيمينار ۽ ڪانفرنسون هن ڏس ۾ ڪوٺايون ٿا ۽ جلسا جلوس ڪريون ٿا تہ امن ۽ سڪون قائم ڪيو وڃي پر ناڪام ٿيون ٿا. لڳي ايئن ٿو تہ اسين حقيقت ۾ ايئن ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهيون، جنھن جا ڪيترائي سبب هجن پر اهو مڃڻ گهرجي تہ اڄ جي ماڻھوءُ مان ماڻھپو موڪلائي ويو آهي، سنڌ جي ڏاهي اديب امر جليل ڪتاب ”ٽيون وجود“ جي مھاڳ ۾ لکيو آهي تہ، ”تاريخ جي هر دور ۾ انسان کي انسان مذهب ۽ قوميت جي نالي تي ڪُٺو آهي، ايڏي تعداد ۾ نہ قدرتي آفتن، نہ وبائن ۽ نہ بلائن انسان کي ماريو آهي، جيتري تڪليف کيس هن اشرف المخلوقات ڏني آهي، هن پنھنجي اشرف المخلوقات هئڻ جي نفي ڪئي آهي ۽ ان ۾ ڪا بہ ڪسر نہ ڇڏي آهي هن پنھنجو ”پرائيڊ آف پرفارمنس “ موليٰ کي موٽائي موڪليو آهي“.
مٿين حقيقت جي هوندي بہ هتي آئون اهو چونديس تہ جيئن هر نئون ڄاول ٻار اها شاهدي ٿو ڏئي تہ ڌڻي سڳورو اڃان انسان مان نااميد نہ ٿيو آهي، تيئن اهو ضرور ذهن نشين ڪرڻ گهرجي تہ نيڪيءَ ۽ بديءَ جي ٽڪراءُ واريءَ هن ڌرتيءَ تي نيڪي وڏي واڪي ڄاڻائي ٿي تہ ”آئون موجود آهيان“ ۽ بدي خودبخود نامراديءَ ۽ زوال جي صورت اختيار ڪري ٿي.
شاعر، اديب ۽ عالم پنھنجي قومن جا سفير آهن ۽ سندن قلمي سفر قوم کي ماڻھپي ڏي موڙڻ آهي. اهو سفر ڪٺن هوندي بہ قوت وارو آهي. قلم جي طاقت آهستي آهستي لفظن جي ذريعي سڌي روح تي اثر انداز ٿي دلين کي فتح ڪري ٿي. ٽئگور، ٽالسٽاءِ، شيڪسپيئر، ڪاليداس، هرمن هريس، ڊانٽي، ورجل، هومر، ملٽن، گورڪي، رومي، جامي، حافظ، لطيف، اياز، بخاري، تنوير عباسي ۽ ڪنھن بہ ڏيھي/پرڏيھي اديب يا شاعر کي پڙهي ڏسو تہ انساني عظمت، محبت ۽ ڀائيچاري جي فلاسافي ڏسڻ ۾ ايندي، سندن قلمن جا چٽيل نقش سدا بھار ۽ سدا قائم رهڻ وارا آهن. ڇو تہ قلم جي ئي قوت آهي جا علم جو بنياد ۽ قومن جي تقدير جي پاسبان آهي. ڪنھن بہ قوم جو آئيندو ان قوم جا ٻار آهن، اسان جو ايندڙ نسل تڏهن ڪاميابي ۽ ڪامراني ماڻيندو جڏهن سندن تعليم ۽ تربيت انساني اخلاقي معيارن مطابق ٿيئي نوجوان نسل هن ڌرتيءَ جو ناياب سرمايو ۽ بقا جو نشان آهن. انھن جي تعليم، تربيت ۽ سڌاري لاءِ جيترا بہ اُپاءُ ورتا وڃن جيتريون بہ ڪوششون ڪيون وڃن اهي گهٽ آهن. هن کان اڳ مون تحقيق، تنقيد، تاريخ، لطيفيات ۽ ٻين موضوعن تي ٽيھہ کن ڪتاب لکيا آهن. اخلاقي ڪتاب کي ڏاڍي ذوق ۽ شوق سان لکيو اٿم، جنھن کي نيشنل بُڪ فائونڊيشن وارن مئرٽ تي سيڪنڊ ڪئٽيگري ۾ منظور ڪري سرٽيفڪيٽ ڏيڻو ڪيو آهي.
آئون سمجهان ٿي تہ منھنجو هي ڪتاب سنڌي قوم جي ٻارن جي لاءِ مقصديت ۾ فائديمند ثابت ٿيو آهي. جو ٽي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. جنھن مان يقيناً کين مطالعي ۽ محنت جو شوق ٿيندو ۽ هو مضمون نويسيءَ جي اهم ادبي صنف ڏي بہ مائل ٿيندا، هونئن بہ جيستائين چڱو ادب ڇپبو رهبو، تيستائين انسانيت جو مستقبل اونداهو نہ رهندو. سو اڄ جي ٻارن کي سھل پسنديءَ مان ڪڍي کين معياري مطالعي ڏي موڙڻ ضروري آهي، مطالعو ئي آهي جو سندن ذهن کي مهٽي، رڳڙي، چمڪائي، اڇو اجرو ڪري، کين نوان گس ۽ راهون ڏسيندو.
درسي طور مضمون نويسيءَ جي تمام گهڻي اهميت آهي، عام طور (Creative writing) يا مضمون نويسي شاگردن کي ٻوليءَ جي سبجيڪٽ يعني انگريزي، سنڌي ۽ اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ سيکاري ويندي آهي، اڄڪلھہ تہ اسڪولن ۾ ننڍين ڪلاسن کان ئي (Creative writing) جي عادت وڌي پئي وڃي تہ جيئن هو ننڍن ننڍن موضوعن تي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪن. انھيءَ سان شاگردن جون سوچڻ ۽ سمجهڻ جون صلاحيتون وڌن ٿيون ۽ Vocabulary يعني لفظن جي سرمايي ۾ اضافو ٿئي ٿو. کين ٻوليءَ ۾ گرامر جي صحيح استعمال جي خبر پوي ٿي. انھيءَ لحاظ کان جيڪڏهن ڏٺو وڃي تہ شاگردن لاءِ ضروري آهي تہ هو مختلف موضوعن تي مضمون لکڻ جي مشق ڪن، موضوع تي تفصيلي غور ويچار ڪري، لکڻ جي ڏانءَ کان واقف ٿين. اسان وٽ رائج موضوعن کان هٽي ڪري جيڪڏهن ڪو بہ موضوع شاگردن وٽ لکڻ لاءِ پيش ٿيندو آهي تہ هو گهٻرائجي ويندا آهن. ان جو سبب اهو آهي تہ کين اڪثر هنڌن تي مضمون ياد ڪرايا وڃن ٿا. حالانڪہ جيڪڏهن کين مضمونن جا موضوع سمجهايا ۽ لکڻ جا طريقا سيکاريا وڃن تہ هوند اهي رٽو لڳائڻ کان بچي وڃن. انھيءَ لاءِ ضروري اهي تہ سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ مضمون نويسي تي مختلف ۽ منفرد موضوعن سان سجيل ڪارائتا ڪتاب لکيا وڃن. مضمون نويسيءَ جا مقابلا منعقد ڪيا وڃن ۽ مضمون لکڻ جا اصول سمجهايا وڃن تہ پوءِ يقينن شاگرد ٻوليءَ جي سٽاءُ ۽ سونھن کان ۽ علم ادب جي هن اهم صنف کان صحيح با خبر ٿيندا. هيٺ مضمون لکڻ لاءِ ڪجهہ اصول پيش ڪجن ٿا:
(1) مضمون نويسيءَ جو تعلق سڌو سنئون نثر نويسيءَ سان آهي. شاگردن لاءِ نثر نويسيءَ جي اصولن ۽ ڄاڻ جو مطالعو ضروري آهي. (2) مضمون نگاريءَ لاءِ موضوع مطابق مطالعو، مشاهدو، بياني قوت جو ڍنگ، ادبي انداز، عام فھم ۽ اثرائتي ٻوليءَ جو استعمال ضروري آهي. (3) مضمَون يا مقالي کي ٽن حصن ۾ ترتيب مطابق ورهائي لکيو وڃي، جنھن ۾ پھرين موضوع جو تعارف، ٻئي حصي ۾ موضوع کي مثالن سان سمجهايو وڃي تہ ٽئي حصي ۾ سڄيءَ ڄاڻ جو تتِ پيش ڪيو وڃي. (4) مضمون ۾ خاص طور اختصار، جامعيت، مقصديت، لطافت ۽ انفراديت هئڻ ضروري آهي. درسي طور مضمون نويسيءَ جي اهميت سمجهائڻ کانپوءِ پڙهندڙن کي انساني اخلاقي قدرن جو هيءُ ڪتاب انتھائي مفيد محسوس ٿيندو، هن ڪتاب جا ٽي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن ۽ هيءُ چوٿون وڌايل ايڊيشن سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گهر تي رکائي رهي آهيان. اميد تہ قبول پوندو.


ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
نومبر، 2023ع

مضمون

---

اول الله عليم

اَوَلِ اَلله عَلِيم، اعليٰ، عالَمَ جو ڌڻي،
قادِرُ پنھنجي قُدرت سين، قائم آهِ قَديِم،
والِي، واحِدُ، وَحدَہ، رازِقُ، رَبُ رَحيِم،
سو ساراھہ سچو ڌڻي، چئي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪري پاڻ ڪَرِيم، جوڙُون جوڙَ جهان جي.
(1-1 ڪلياڻ، شاھہ لطيف)

سڀ تعريف ان ربَ پاڪ کي ئي جڳائي، جيڪو هن عالم جو ڌڻي ۽ مالڪ آهي. جنھن جي قدرت ۽ ڪبريائي بيان ڪرڻ انسان جي وس کان مٿي آهي. هو زمين، آسمان بلڪہ ڪل ڪائنات جو مالڪ آهي. هن نہ ڪنھن کي ڄڻيو آهي ۽ نہ ئي هن کي ڪنھن ڄڻيو آهي. سڄو قرآن پاڪ خدا پاڪ جي عظمت جو بيان آهي. صرف سورة ”اخلاص“ ۽ ”الحمد شريف“ جي معنيٰ تي صحيح نموني غور ڪريون تہ معلوم ٿئي ٿو تہ ربَ پاڪ جي عظمت اعليٰ ترين آهي. قرآن پاڪ ئي هڪ اهڙو ڪتاب آهي جيڪو ڌڻي سڳوري انسانن جي رهبري ۽ رهنمائيءَ لاءِ رسول پاڪ صلعم جن تي نازل ڪيو ۽ اسان کي انھيءَ کي پڙهڻ، سمجهڻ ۽ تعظيم ڪرڻ جي تلقين ڪئي. هڪ هڪ لفظ مبارڪ سچو سون آهي، جيڪڏهن اسين دِل سان هنڊايون ۽ عمل ڪريون. قرآن ۾ ڪيترين ئي جڳھين تي الله تعاليٰ جي عظمت ۽ ڪبريائيءَ جا مثال بيان ڪيل آهن. رب پاڪ اڪيلو آهي ۽ قائم دائم آهي. وڻ، ٽڻ، گل ڦل، سج، چنڊ ۽ هي ڪل ڪائنات سندس تابع آهي. هو پروردگار، قادر، عليم، خبير، حڪيم، حليم، قدير، سميع، بصير، حافظ، وهاب، ستار، جلال، غفار، قهار، عزيز، باسط، قوي ۽ نہ ڄاڻ ڪيترين صفتن ۽ خوبين وارو آهي. الله تعاليٰ جا 99 نالا قرآن پاڪ ۾ آهن جن کي ”اسماءَ الحسنيٰ“ چئجي ٿو. هر نالو سندس صفت جو مظھر آهي، هن واليءَ واحد جي وحدانيت جي واکاڻ ڪرڻ جو نہ فقط رب جو حڪم آهي، پر انھيءَ جي تعميل انسانذات کان سواءِ سندس خلقيل هر مخلوق ڪري رهي آهي ۽ ڪندي رهندي. خدا پاڪ جو حڪم آهي تہ، ”سڄيءَ دنيا جا وڻ قلم ٿي وڃن ۽ سمنڊ مس ٿي وڃن تہ بہ ربَ پاڪ جون ڳالھيون ختم نہ ٿين“. انھيءَ ڪري اسان کي ڄاڻڻ گهرجي تہ ايمان جي پختگي ئي اڻ ڏٺي تي ايمان آهي. ضروري آهي تہ اسين دليلن ۾ منجهڻ جي بدران يقين جي قوت سان خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي مٿس ايمان آڻي ڪلمي تي قائم رهون ۽ دل ۽ دماغ سان اهو مڃيون تہ بيشڪ رب پاڪ ئي وحدہ لاشريڪ لہ آهي ۽ اها ايمان جي قوت ئي آهي جيڪا ٻانھي ۽ ربَ جي رشتي کي مضبوط بنائي ٿي.

حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جا اخلاق مُبارڪ

رسول پاڪ حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي شخصيت ۽ اعليٰ اخلاق مبارڪ جي ذڪر سان ڪيترائي ڪتاب سينگاريل آهن تہ بہ سندن چڱا گُڻ ۽ نيڪ خصلتون بيان ڪرڻ ڄڻ تہ انساني قُوت کان مٿي آهي. پنھنجي پياري حبيب جي لاءِ رب پاڪ هيءُ جنسار جوڙيو، ڪل ڪائنات جي ذري ذري کان کيس معتبر ۽ مٿانھون ڪيائين. سندن شرف ۽ اعليٰ حيثيت کي ڪلمي جي ذريعي ثابت ڪيائين. مٿن درود پڙهيائين ۽ ايمان وارن کي ڄاڻايائين تہ ”بيشڪ الله ۽ ان جا ملائڪ درود پاڪ پڙهن ٿا. نبيءَ سڳوري تي اي ايمان وارو توهين بہ درود ۽ سلامتي موڪليو نبي پاڪ صلعم تي “ (آيت 56، رڪوع 6، سورت الاحزاب، سيپارو 22)
”انھيءَ کان وڌيڪ ڪا عظيم ذات هوندي جنھن جي واکاڻ ۽ ساراھہ خود ربَ پاڪ ڪئي هجي. رسول پاڪ صلعم جن رحمت اللعالمين ۽ شفيع المذنبين آهن، ڏينھن قيامت لاءِ ڇوٽڪارو آهن. سندن ذات مبارڪ ڪل عالم لاءِ رحمت ۽ شفاعت آهي.
رسول پاڪ صلعم جن 12 ربيع الاول سومر جي ڏينھن اٽڪل پندرهن سئو سال اڳ مڪي پاڪ ۾ پيدا ٿيا. پاڻ سڳورن جو جنم هاشمي قريش خاندان ۾ ٿيو. والد جو نالو حضرت عبدالله ۽ والدہ جو نالو بيبي آمنہ آهي. رسول پاڪ جن کي سندن والد جي وفات جي ڪري پھرين ڏاڏي عبدالمطلب ۽ پوءِ چاچي ابو طالب پاليو. پاڻ ننڍيءَ عمر کان ئي بااخلاق ۽ سچار مشھور هئا. جنھن جي لاءِ ڪيترائي واقعا اسلامي تاريخ ۾ ذڪر ٿيل آهن. پياري رسول پاڪ جي چڱن گُڻن جي ڪري ئي عرب جي جهيڙاڪ قوم متاثر ٿي ۽ اسلام قبول ڪيو. سندن ڏنل اسلام جي تعليم طبقاتي فرق ختم ڪري ڇڏيا. پاڻ مسلمانن کي واضح طور سمجهايائون تہ ”توهان سڀ آدم جي اولاد آهيو ۽ آدم مٽيءَ جي پيدائش آهي. اوهان مان ڪنھن کي ڪنھن تي فوقيت حاصل نہ آهي. سواءِ پرهيزگاريءَ جي. “ ”بيشڪ توهان مان الله وٽ ويجهو اهو آهي جيڪو پرهيزگار آهي، “(الحجرات/13)
الله جي رسول مسلمانن کي زندگيءَ گذارڻ جا صحيح اصول سمجهايا. کين ڄاڻايو تہ عورت جا مرد تي، مرد جا عورت تي، مزور جا مالڪ تي ۽ مالڪ جا مزور تي، اولاد جا والدين تي ۽ والدين جا اولاد تي، استاد جا شاگرد تي ۽ شاگرد جا استاد تي ڪھڙا حق ۽ فرض آهن. زندگيءَ جي هر رخ کي موقعي مھل مطابق سمجهائي، ڪيترن ئي مسئلن کي عملي طور زندگيءَ ۾ ثابت ڪيائون. سندن سچائي، نيڪي، نرم خووئي، محبت، همدردي، امانت، صداقت، صبر، سخاوت، عدل و انصاف ۽ ذمہ داريءَ جو احساس ۽ ٻيون ڪيتريون ئي خوبيون هيون جن ماڻھن جي من کي موهي وڌو. پاڻ هميشہ، صبر، استقلال، عفو ۽ درگذر کان ڪم وٺندا هئا. ٻارن سان پيار ۽ شفقت ۽ عورتن سان عزت سان پيش ايندا هئا. يتيمن جا همدرد ۽ غلامن جا مولا هئا. قول ۽ فعل جو فرق کين سخت ناپسند هو. رسول اڪرم جن جيڪي چوندا هئا اُنھيءَ تي عمل ڪندا هئا. پاڻ فرمايو اٿن تہ : ”منھنجي اصل پونجي معرفت آهي، مون کي اعليٰ اخلاق جي تڪميل لاءِ موڪليو ويو آهي. نيڪ اخلاق منھنجو بنياد آهي ۽ علم منھنجو هٿيار آهي. الله جو ذڪر منھنجو ساٿي آهي، صبر منھنجي دوا آهي. عاجزي منھنجو سرمايو آهي. نماز منھنجي اکين جي لاءِ ٿڌ آهي!“.
پيارا ٻارو! اسان کي گهرجي تہ خدا پاڪ جي پياري رسول جي چڱن اخلاقن مان سبق پرايون ۽ ساڻن محبت رکون. مٿن درود ۽ سلام موڪليون تہ جيئن دين ۽ دنيا ۾ سوڀارا ٿيون.

سھڻا اخلاق ايمان جي مضبوطي آهن

خُلق وارا دوست، دشمن سان رهن خوش خُلق ٿا،
جيڪي بَد خو ٿيا، اُهي بد خُو رهن سڀ سان سدا،
تڏهن هلي ڪھڙو بہ ڪيئن؟ ان کي نہ بَد چئو اي ”قليچ“!
نيڪَ سان ڪر نيڪي پر بد سان بہ نيڪي ڪر ادا!
(مرزا قليچ بيگ)

ڪائنات جي خالق پنھنجيءَ پياريءَ اشرف مخلوق کي ”احسن تقويم“ طور دنيا ۾ موڪليو ۽ سڳوري رسول پاڪ معرفت قرآن پاڪ ۾ ڄاڻايو تہ هُن انسان کي پنھنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيو آهي. پر گڏوگڏ کيس دنيا ۾ سٺيءَ حياتي گهارڻ لاءِ اُٿڻ ويھڻ، کائڻ پيئڻ، رزق ڪمائڻ، علم حاصل ڪرڻ ۽ ٻين معاشي ۽ معاشرتي معاملن جا ادب ۽ اصول سمجهايا ويا. سندس رهنمائيءَ لاءِ ڪيترائي نبي ۽ رسول موڪليا ويا تہ صحيفا ۽ آسماني ڪتاب نازل ڪيا ويا تہ جيئن هي رب جو نائب خليفو هن ڌرتيءَ ۽ سماج لاءِ هڪ ڪارائتو انسان ثابت ٿي سگهي. ڌڻي سڳورو هر وقت حاضر ۽ ناظر، قائم ۽ دائم آهي، جنھن کي اسين دنيا ۾ ڪنھن خاص جاءِ تي ڳولھڻ جي بجاءِ پنھنجي ذات ۽ پنھنجي روح ۾ تلاش ڪنداسين تہ ڪڏهن بہ مايوسي پلئه نہ پوندي. فقط فطرت تي ئي غور ڪري ڏسون تہ الله تعاليٰ جي هستيءَ جي مڪمل طور موجود هئڻ جو احساس مضبوط ٿيندو.
انسان نہ فقط رب جي پياري ترين مخلوق آهي، بلڪہ مضبوط ترين ۽ عظيم هستي پڻ آهي، جنھن ۾ انيڪ خوبيون آهن تہ بشري تقاضائن هيٺ هُو خامين سان پڻ ڀرپور آهي. رب پاڪ جي حڪم سان دنيا ۾ اچڻ کانپوءِ، هُن بنجر ۽ بيابان زمينن کي زرخيز ڪيو تہ نسل جي واڌاري سان ڌرتيءَ کي وڌايو ۽ ويجهايو ۽ اهڙيءَ ريت اڳيان هلي انساني نسل جا ڪيترائي گروھہ، شاخون ۽ قبيلا ٺھيا. پر سندس ذات جي مٿانھينءَ جو محور ڌڻيءَ سڳوري پرهيزگاريءَ کي قرار ڏنو. اهي قومون ۽ قبيلا تہ فقط سندس سڃاڻپ لاءِ مقرر ٿيا نہ تہ، سڀ انسان بلڪل برابر آهن. ڪنھن عجميءَ کي عربيءَ تي، ڪنھن ڳوري کي ڪاري تي ڪا بہ فضيلت نہ آهي. فقط ۽ فقط فوقيت آهي تہ پرهيزگاريءَ کي آهي.
حضرت آدم عليہ السلام کان حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ تائين سوا لک پيغمبر ۽ رسول هن ڌرتيءَ تي آيا، جن ڌرتيءَ واسين جي سڌاري لاءِ پنھنجيون خدمتون سرانجام ڏنيون، صحيح زندگي گهارڻ جا گَسَ ڄاڻايا. سٺي ۽ ڪارائتي جيون گذارڻ کي ترجيح ڏيندي الھامي ڪتابن، دنياوي مثالن ۽ پنھنجي ذاتي نيڪ عملن ذريعي انسان ذات جي حياتيءَ کي بھتر بنائڻ جون ڪوشش ڪيون. سندن تعليمات جي دائري جو دارومدار خود انسان جي ذاتي اصلاح جي چئوطرف گهمندڙ رهيو. ديني عبادتن ۽ جسماني رياضتن سان گڏ گهڻي ۾ گهڻو اندر اجارڻ تي زور ڏنائون. شاھہ صاحب چواڻي تہ،
اکَرُ پڙھہ اَلفَ جو، وَرَقَ ٻيا سَڀ وِسارِ،
اندَر تُون اُجارِ پَنا پڙهندين ڪيترا.
(يمن ڪلياڻ، 5-29)
اڄ اسين الحمد الله! مسلمان قوم آهيون ۽ اسلام مذهب هڪ مڪمل مذهب طور پوريءَ دنيا جي مذهبن جي رهنمائي ڪري ٿو. اسلام جي تعليم ۾ اخلاقيات تي تمام گهڻو زور ڀريل آهي. آخري نبي حضرت محمد ﷺ جن ڪيترن ئي هنڌن تي چڱن گُڻن جي هدايت ڪئي آهي. سندن پنھنجي حياتي مبارڪ مڪمل طور اعليٰ اخلاق جو نمونو هئي. قرآن پاڪ ۾ پياري رسول جي چڱن اخلاقن کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي: وَ اِنَّكَ لَعَلٰى خُلُقٍ عَظِیْمٍ(القلم/4) ترجمو: بيشڪ محمد ﷺ توهان اخلاق جا بلند آهيو. اهي سندن چڱا اخلاق ئي هئا، جن عرب کان عجم تائين جي ماڻھن جي مَن کي موهيو ۽ انيڪ قومن اسلام قبول ڪيو.
جڏهن اسين هن مادي دنيا جي نفسا نفسيءَ واريءَ ڊوڙ ۾ پنھنجي آس پاس جي حياتيءَ تي نظر ٿا ڪريون، تڏهن اهو غور ڪرڻ جو اهم نُڪتو ٿو پيدا ٿئي تہ ڇا اڄ اسين اهڙيءَ ريت زندگي گذاري رهيا آهيون، جهڙيءَ ريت اسان جا رهبر، رهنما ۽ هادي هدايت ڪري ويا هئا؟ ڇا اسان وٽ انھن جوڏسيل رستو موجود نہ آهي؟ ڇا اسان پنھنجي مذهبي، اخلاقي، علمي، تھذيبي ۽ سماجي قدرن تي عمل ڪري رهيا آهيون؟ ڇا اڄ جو انسان انسانيت جي عظيم جذبي ۽ عملي قوت کان واقف آهي؟ جيڪڏهن اسين مٿين سڀني سوالن جو جواب فقط علامہ محمد اقبال جي هن چوڻيءَ ۾ ڏينداسين تہ بہ مطلب چٽو ٿي سامھون ايندو. علامہ اقبال صاحب فرمائي ٿو تہ، ”انسان جي بقا جو راز انسانيت جي احترام ۾ آهي. جيستائين سڄي دنيا جون تعليمي قوتون پنھنجو سمورو توجھہ انسان جي احترام ڏانھن نہ ڪنديون، تيستائين هيءَ دنيا حيوانن ۽ درندن جي بستي ٿي رهندي“.
هاڻي هتي اها چٽائي بلڪل ٿئي ٿي، تہ انسان جو انسان بنجڻ ئي ان جي فتح آهي، انسانيت جي بغير واري حياتي مٽيءَ جي ڍير موجب آهي.
حقيقت ۾ ماڻھوءَ جي حياتيءَ جو مطلب اهو ڪونھي تہ هن کي نيٺ قبرستان ۾ پھچايو وڃي. بلڪہ سندس حياتيءَ جو ڪو مقرر مقصد ضرور هئڻ گهرجي، نہ تہ هن جي ڄمڻ جو ضرور ئي ڪونہ هو. بي مقصد زندگي هڪ ريگستان مثل آهي، جنھن ۾ هر طرف ويراني هجي ٿي. پر جيڪڏهن صحيح ۽ مقصدي حياتي گذارجي ٿي تہ اها گلستان مثل آهي ۽ زندگيءَ جو ڏک اهو بہ ڪانھي تہ ماڻھو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو، بلڪہ صدمو اهو آهي تہ هن جي اڳيان ڪو بہ مقصد مقرر ڪونہ هو. مقصدِ حيات مقرر ڪرڻ ئي ڪوشش آهي. ڪوشش آخر تہ ڪاميابيءَ جي ڪُنجي ثابت ٿيندي. مسلسل ڪوشش واري زندگيءَ ۾ حياتيءَ جون حقيقتون، سچايون، رعنائيون، فطري فرحتون پنھنجي اندر ۾ اوتڻ ۽ نفس ۾ سمائي لطف اندوز ٿيڻ سان ڏک سکن ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. هن حياتيءَ ۾ خوشيون آهن تہ غميون پڻ، فرحتون آهن تہ مصيبتون ۽ مشڪلون پڻ، چئوطرف عجيب رنگ پيا پسجن، تہ بہ حياتي ايتري مختصر ڪانھي جو اسين ان ۾ ڪجهہ حاصل ڪري نہ سگهون، هڪ ڏاهي موجب تہ،
“life is long enough and sufficiently generous amount has been given to us for highest achievements, if it were well invested. ”
ڪيترين ڪمزورين جي هوندي بہ انسان کي الله تعاليٰ بھادر، باهمت ۽ مضبوط ٺاهي، کيس ئي انسانيت جي خدمت لاءِ مقرر ڪيو آهي. بنگال جو مھا ڪوي نوبل انعام يافتہ ليکڪ رابندر ناٿ ٽئگور چوي ٿو تہ؛ ”مون کي ان ڳالھہ جي خوشي آهي جو مان انسان آهيان. منھنجو مذهب آهي انسانيت جنھن جو مان قائل آهيان“ (ٽئگور)
حقيقت ۾ هر شيءِ جي ڪانہ ڪا قيمت هوندي آهي، پر انسان جي قيمت سندس ذاتي خوبيون ۽ چڱا اخلاق آهن. جن سان سندس ايمان مضبوط رهندو. اڄ جنھن معاشري ۾ اسين آزاديءَ سان جِي رهيا آهيون، اسان کي انھيءَ تي خوش ٿيڻ گهرجي. الله تعاليٰ جا لک شڪر آهن، جو پاڪستان هڪ آزاد اسلامي ملڪ آهي، جنھن ۾ اسين شانَ ۽ مانَ سان حياتي گذاري رهيا آهيون. پر هتي ڪي ماڻھو اهڙا بہ آهن، جن مان هن ملڪ ۽ قوم کي خطرا درپيش آهن. انھيءَ جو اهم سبب اسان جي زندگي گذارڻ جي طور طريقن ۾ نقص آهن. سماج ڪيڏانھن وڃي رهيو آهي ۽ اسان وٽ زندگيءَ جا اصول ۽ ماپا ڪھڙا آهن؟ اخلاق قدرن جو مانُ ۽ معيار ڇا آهي؟ انھيءَ تي سوچ ويچار ضروري آهي. اسان جو ايندڙ نسل ڪھڙيءَ ريت پروان چڙهندو؟ ڇا اسان کين مذهب جو مڪمل واقفيت سان گڏ قومي جذبي ۽ ذاتي سُڃاڻپ لاءِ ڪجهہ سمجهايو آهي؟ لا محالہ ٻار اهو ئي سکندو، جيڪي وڏن کي ڪندي ڏسندو. جيڪڏهن اسين پنھنجي نوجوان نسل جي بھتري چاهيون ٿا ۽ پنھنجي ملڪ جو مانُ مٿانھون ڪرڻ ۽ پنھنجي آخرت سڌارڻ چاهيون ٿا تہ اسان کي انھن ٽڙندڙ گلن جي سار سنڀال تي ڌيان ڌرڻو پوندو. کين جديد تعليم جي هلندڙ تقاضائن سان گڏ اخلاقي مضبوطيءَ جي تربيت ڏانھن موڙڻو پوندو تہ جيئن هو سٺا انسان سٺا مسلمان ۽ سٺا پاڪستاني سڏجن.
ماڻھو آهي تہ مٽيءَ مُٺ، پر سندس ماڻھپو کيس ملائڪن کان بہ مٿانھين منزل تي پھچايو ڇڏي. وڏن ماڻھن جي حياتين جا احوال پڙهڻ سان معلوم ٿيندو تہ منجهن ڪي اهڙا شخصي گُڻ هئا. جن سان انھن نہ فقط مشڪل مسئلن کي شڪست ڏني پر ايندڙن لاءِ پڻ پنھنجي پويان هلڻ جا ڪيترائي مثال ڇڏي ويا. هُو نيڪي ۽ ڀلائيءَ جا ڪم ڪندڙ ۽ انھن ڪمن ڏانھن ٻين کي موڙيندڙ هئا. سندن حياتيءَ جو سُٺو رُخ، نيڪ گفتار، نيڪ نيت، نيڪ ڪردار ۽ نيڪ صحبت هئڻ رهيو. جيڪي زندگيءَ جون اهم ۽ اعليٰ نشانيون آهن. هُو محبت، محنت، عمل، عقل ۽ علم سان گڏ سچائيءَ سان سينگاريل هئا. مضبوط ارادن، مسلسل جدوجھد ۽ محبت سان هنن دنيا فتح ڪئي ۽ اها بہ حقيقت آهي تہ جنھن ماڻھوءَ ۾ علم، هنر، صبر، صداقت، نرم خوئي، محبت، عبادت ۽ رياضت، عدل ۽ انصاف، دانائي، سچائي، سخاوت ۽ نيڪيءَ ڏانھن لاڙو ڪونھي، سو نہ فقط پنھنجو پاڻ لاءِ بوجهہ آهي، پر هن ڌرتيءَ لاءِ بہ بوجهہ آهي، سھڻا اخلاق، فضيلت جي درجي تائين پھچائڻ ۽ ايمان کي تقويت ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
ماڻھوءَ جو ماڻھپو ۽ فضيلتون سندس قول ۽ فعل مان ظاهر ٿينديون آهن، جن ۾ فرق نہ هئڻ ڪري ئي هُو مانائتو هوندو. فرق مان مراد تہ، اسين چئون ڪجهہ ۽ ڪريون ڪجهہ. اهو ئي قول ۽ فعل جو تضاد سڏبو. يعني ڪوڙ ڪپت، ڪوڙ جو ضد ”سچ“ هڪ اهم قوت آهي، جنھن سان سڀني خوبين جي نشاندهي ٿئي ٿي. سچ ئي ”ماڻھپي“ جو معراج آهي، مطلب تہ چڱايون انساني حياتيءَ جي اوچائي آهن.
چڱا ڪن چڱايون، مٺايون مٺن،
جو وڙ جُڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن.
(شاھہ عبداللطيف ڀٽائي)

ٻارن جي تربيت ۾ سھڻي اخلاق جي ضرورت

ٻارن جي تربيت ۾ شخصي خوبين جي گهڻي اهميت آهي. جنھن سماج جي گڏيل ماحول ۾ اسين جيئون ٿا، ان ۾ هر ماڻھوءَ جو، ڪٽنب جي ڀاتين، استادن، سنگتين، ساٿين، پاڙيوارن، ملڻ جلڻ وارن ۽ ٻين ڪيترن واسطو رکندڙ ماڻھن سان اٿڻ ويھڻ ٿئي ٿو. جن سان هاڪاري نموني سان لھہ وچڙ سان شخصيت جي تعيمر ٿئي ٿي. هر ماڻھو پنھنجي آس پاس ۽ ماحول مان ئي سکندو آهي. گڏ تعليم ۽ مطالعو سندس دماغ کي وسعت ڏيندا آهن. هتي اڄ جي ماحول جي حوالي سان شاگردن جي تربيت ۾ جيڪي اهم ڳالھيون هئڻ گهرجن، جيڪي سندن اخلاقي قوتن ۽ نيڪ گڻن کي مضبوطي ڏين، انھن تي بحث ڪنديس، پر انھن سڀني جي سکڻ ۾ اسان کي مائيٽن، استادن، بزرگن، مٽن عزيزن، سنگتين ساٿين مان مدد ملي ٿي مطلب تہ سماج ۾ اٿڻ ويھڻ سان شخصي طور اسين سڀ سماج جو اهم جزو آهيون ۽ پنھنجي چئوطرف مان ئي سڀ ڪجهہ سکون ٿا. جنھن ۾ خاص طور گهر ۽ اسڪول جو وڏو هٿ آهي.
اخلاق جي اهميت ۽ سماج ۾ انھيءَ سان ايندڙ هاڪاري تبديلين سان گڏ ايندڙ نسل جي تعليم ۽ تربيت ۽ رشتن ناتن تي سھڻي اخلاق جي اثرن لاءِ موضوع کي وڌيڪ کولي بيان ڪرڻ لاءِ اچو تہ ڏسون تہ ”اخلاقيات“ جي معنيٰ ڇا آهي ۽ اهي ڪھڙا ”اخلاقي قدر“ آهن؟ جن مطابق گهاريل ماڻھوءَ جي حياتي نہ فقط سدس پنھنجي لاءِ ڪارائتي آهي. پر هُو سماج جو بہ هڪ اهم ۽ ڪمائتو فرد ٿي گذري ٿو.
”اخلاقيات“ لفظ ”خلق“ جو جمع آهي. جنھن جي معنيٰ آهي”چڱا لڇڻ“ ”سٺيون عادتون، نيڪ ۽ چڱن عملن جو مجموعو ”حُسنِ اخلاق“ سڏجي ٿو. جن ۾ انيڪ خوبيون ۽ خاصيتون اچي وڃن ٿيون. جنھن سان ڪنھن انسان جي شخصيت ٺھي ٿي. نيڪ گُڻن جو دائرو تمام وسيع آهي. ڪجهہ خاص خوبيون جيئن صبر، همٿ، احسان، شفقت، رحمدلي، قناعت، سچ، سادگي، نهٺائي، پاڪيزگي، بردباري، شرم ۽ حيا، سخاوت، بھادري، پيار، عزم جي پختگي، پرهيزگاري، نياز ۽ نوڙت، حب الوطني، غيرت، فرض شناسي، امن پسندي، قرباني، مھمان نوازي، نيڪ نيتي، عبادت، علميت ۽ ٻيون خوبيون نيڪين ۾ڳڻجن ٿيون، تہ بي صبري، بي رحمي، سستي، تڪبر، ناشڪري، بي حيائي، بزدلي، بخل، فضول خرچي، لالچ، مايوسي، بي غيرتي، ارادي جي ڪمزوري ۽ ٻيون بداخلاقيون برين عادتن ۽ بڇڙن ڪمن ۾ شمار ٿين ٿيون. خراب گڻن وارا فرد بدڪردار ۽ بي عمل شمار ٿين ٿا. نيڪ اخلاق انسان جو وڏي ۾ وڏو سرمايو ۽ سندس شخصيت جي قوت آهن. جن جا اهم ترين ٿنڀا، سچائي، ايمانداري، پاڪائي، پريم ۽ ڀلائي آهن. هر چڱو گڻ انساني عظمت جو اهڃاڻ آهي. هر بُرو عمل ۽ بداخلاقي شيطاني قوتن جو عڪس آهي. نيڪ اخلاقن سان ماڻھوءَ جي سيرت ٿي گهڙجي ”دين“، ”حُسنِ اخلاق“ جو ئي نالو آهي“. (صحيح مسلم-ڪتاب الايمان، حديث نمبر 82)
”سھڻو اخلاق وزن ۾ سڀ کان ڳرو آهي. جهنم جي باھہ ان تي حرام آهي، جيڪو نرم خُو، نرم طبيعت ۽ نيڪ طبيعت هجي“ (حديث پاڪ)
”ايمان ان جو مڪمل آهي، جنھن جا اخلاق سھڻا آهن“ (حضرت علي رضي الله) اخلاق جي قوت ماڻھوءَ ۾ شخصي، انساني، مذهبي ۽ قومي فرضن جي ادائگيءَ لاءِ صلاحيتون پيدا ڪري ٿي. انساني زندگي هڪ فرد واحد جي ڪٿا ڪانھي، بلڪہ ڄمڻ کان مرڻ تائين ان جو هڪ هڪ پل ٻين سان جڙيل آهي. خليل جبران چوي ٿو تہ؛ ”زندگي عيش ۽ عشرت کي نٿو چئجي، پر مقصد ۽ ان جي امنگ جو نالو آهي. موت، فنا ۽ نيستيءَ کي نٿو چئجي، پر مقصد کان مايوسي ۽ نااميد ٿيڻ کي چئبو آهي“ ۽ اها مايوسي ۽ نااميدي فقط ڪمزور انسانن ۾ ايندي آهي. هتي ڪمزور مان مراد جسماني طور ڪمزور نہ، پر اخلاقي طور ڪريل ۽ ڪمزور انسان آهن، جيڪي ٺڳيءَ جي ٺاهَن تي ڀاڙي، کوکلي حياتي ڪٽي آخر اندران ٽُٽي ڪمزور ٿي ويندا آهن. آخر تہ دنيا فاني آهي ۽ هر ڪنھن کي فنا ٿيڻو آهي. جسماني طور فنا ٿيڻ کان اڳ هن دنيا ۾ زنده رهڻ لاءِ ضروري آهي تہ ڪم ڪيو وڃي ۽ اهڙو ڪم جيڪو ٻين جي لاءِ هجي، ٻين مان مراد هتي اهو ايندڙ نسل آهي، جيڪو اسان کانپوءِ هن زمين جو مالڪ بڻبو. اسان کي پنھنجي ايندڙ نسل جي مستقبل ۽ مستقل خوشين جي لاءِ هڪ مقصد مقرر ڪري مصروف رهڻ گهرجي، جو سڀاڻي جو نوجوان ايئن نہ چوي تہ اسان جي وڏن اسان لاءِ ڇا ڪيو؟
سڌريل قومن پنھنجي جيون جي سھڻي جياپي لاءِ ڪجهہ ماپا ۽ ملھہ قدرن جي صورت ۾ قائم ڪيا آهن، جيڪي پنھنجي طور سماج جي فردن جي سُٺي سٻنڌ ۽ ان سماج جي ترقيءَ لاءِ ڪافي ڪارگر آهن. هونئن بہ ڏٺو وڃي تہ ڪو بہ ماڻھو اڪيلي سر حياتي نٿو گهاري سگهي. سماجي تبديلين جو اثر بہ انفراديت کان اجتماعيت تي پوندو آهي. ماڻھن جا شخصي عمل سماج جي اجتماعيت تي اثرانداز ٿيندا آهن. اهڙن عملن جي ڄاڻ ان سماج جي سڌريل انسانن جي علم ۽ ادب مان پوندي آهي. سڌريل انساني قدرن ۾ ”تھذيبي ۽ ثقافتي قدر“، ”معاشي قدر“، ”مذهبي قدر“، ”علمي قدر“، ”اخلاقي قدر“ ۽ ٻيا قدر آهن، جن جو مجموعو ماڻھوءَ جي شخصيت جي مڪمل تعمير آهي پر ڏٺو وڃي تہ سڀئي قدر هڪ ٻئي سان لاڳاپيل آهن. هتي ”اخلاقيات ۽ قدر“ جي موضوع مطابق انساني اخلاقن جي ان گلدستي تي روشني وجهجي ٿي، جنھن جي هر هڪ پنکڙي سماج جي هر شخص جي فطرت جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اهي سڀ چڱا گُڻ جن سان هڪ باعمل ۽ بااخلاق انسان جو وجود ٺھي، سي سماج جي هر هڪ ماڻھوءَ ۾ واسجي وڃن تہ هيءَ دنيا جنت ۽ زمين جو هڪ هڪ ذرو گلستان بنجي وڃي.
مٿي ڄاڻايل اخلاقي خوبين کان سواءِ ٻيون پڻ ڪيتريون ئي خوبيون ۽ خاصيتون آهن، پر هتي چند اهم خوبين تي جدا جدا نظر وجهنداسين تہ جيئن شاگردن کي موضوع سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ۽ گڏوگڏ اهو بہ ڄاڻايان ٿي تہ اڄ جيتري ضرورت هن مشيني دور ۾ انھن اخلاقي قوتن ۽ خاصيتن جي آهي، ايتري ڪڏهن بہ نہ هئي. ۽ انھن خوبين جي غير موجودگيءَ سان آهستي اهستي معاشرو ڪيئن هيٺانھين طرف مڙي رهيو آهي ۽ وقت گذرڻ سان ڪيئن هٿراڌو ۽ هٿ ٺوڪين قدرن جاءِ والاري آهي، جن جو نہ اسلام جي دينَ سان واسطو آهي ۽ نہ ئي اهي ڪنھن بہ ريت ڪنھن سٺي سماج جي اوسر ۾ ڪارائتا آهن. مضبوط ارادو، مسلسل جدوجھد ۽ محبت دنيا کي فتح ڪن ٿا ۽ انسان جي وجود جي جنگ لاءِ، اهي ئي هٿيار اهم آهن. قائد اعظم محمد علي جناح قوم کي ”يقين محڪم عمل پيھم ۽ محبت فاتح عالم“ جھڙو اهم سخن حياتيءَ جي ڪاميابيءَ لاءِ ڏسيو آهي.
ڏٺو وڃي تہ يقين جي قوت ۽ مضبوط ارادو ماڻھوءَ جي ڪنھن ۾ ڪم ڪرڻ جي شروعات ۽ بنيادي ڏاڪو آهي. ماڻھن ۾ طاقت جي گهٽتائي نہ هوندي آهي. پر ارادي جي قوت ۾ ڪوتاهيءَ جي ڪري هو مقصد حاصل ڪري ڪونہ سگهندا آهن. هڪ انگريزي چوڻي آهي تہ؛
“If we thing, we can we can”
سو جيڪڏهن اسين پنھنجي خوفن ۽ وهمن کي ختم ڪري يقين جي قوت کي ساٿ بنائي فقط اهو سوچينداسين تہ اسان کي هيءُ ڪم ڪرڻو آهي تہ پوءِ اسين بلڪل اهو ڪم ڪري وينداسين، باقي جيڪو شخص صرف خيال ٿو پچائي، پر عمل نٿو ڪري، سو پنھنجي لاءِ تڪليفن ۽ رڪاوٽن جو ٻج ٿو ڇَٽي. اها بہ هڪ اهم چوڻي آهي تہ؛ “light comes from faith” سو يقين حياتي گهارڻ جو هڪ ناياب جذبو آهي ۽ گڏ مضبوط عمل محنت ۽ محبت فتح جي نشاني آهي. انسان خود عظيم نہ هوندو آهي، بلڪہ هن جا عمل ۽ ڪرداري خوبيون کيس عظيم بنائيندا آهن. سچي انسان جي زندگي اصولن جي، تہ ڪوڙي انسان جي زندگي مفادن جي تابع هوندي آهي.

والدين ۽ اولاد جي رشتي جي اهميت ۽ اولاد جي تعليم ۽ تربيت ۾ والدين جو ڪردار

انساني سماج گروهن ۾ ورهايل آهي ۽ هر گروھہ ۾ مرد، عورتون، ٻار ۽ ٻُڍا شامل هوندا آهن. مرد ۽ عورت جي تعلق يعني شاديءَ سان اولاد جنم ٿو وٺي ڌيءَ ۽ پٽ جي صورت ۾ پيدا ٿيل اهو اولاد ماءُ جي تہ جگر جو ٽڪرو آهي ئي آهي، پر پيءُ جي بہ اکين جو ٺار آهي، محنت ڪندڙ پيءُ سڄي ڏينھن جو ٿڪ ۽ تڪليف پنھنجي ٻچڙن جي شڪل ڏسي محسوس بہ نہ ڪندو آهي. جيڪڏهن سندس اولاد مان ڪو بہ ڪنھن مشڪل ۾ ڦاٿل آهي تہ سندس راتين جي ننڊ ۽ ڏينھن جي بُک اڏامي ويندي آهي. انساني اخلاقي قدرن ۾ والدين ۽ اولاد جي رشتي جي عزت ۽ محبت جي وڏي اهميت آهي.
والدين ۽ اولاد جو رشتو اڻ ٽُٽ آهي، جنھن جي محبت جو مثال ملڻ مشڪل آهي. ڳالھہ ڪندا آهن تہ هڪ لڱا ڪنھن بادشاھہ پنھنجي شيدي غلام کي حڪم ڪيو تہ، ”دنيا جي پياري ۾ پياري شيءِ مون وٽ حاضر ڪر“! شيدي غلام اهو حڪم ٻُڌي پريشان ٿي ويو، پر پوءِ گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ هُو پنھنجو ننڍڙو پُٽ وٺي ٻئي ڏينھن محلات ۾ پھتو ۽ بادشاھہ جي حيران ٿيڻ تي ورندي ڏنائين تہ، ”قبلا سلامت! منھنجي نظر ۾ تہ دنيا جي پياري ۾ پياري ۽ سھڻي ۾ سھڻي شيءِ منھنجو پُٽ آهي“.
غلام شيديءَ ۽ بادشاھہ کان وڌيڪ تاريخ ۾ معتبر مثال اسان وٽ حضرت ابراهيم عليہ السلام (خليل الله) جو آهي، جنھن کي خدا پاڪ خواب ذريعي حڪم ڏنو تہ، ”اي ابراهيم! پنھنجي پياري ۾ پياري شيءِ الله پاڪ جي راھہ ۾ قربان ڪر“. ۽ حضرت ابراهيم سئو اُٺن جي قرباني ڏني ۽ ساڳي ريت ٻہ راتيون مسلسل خواب ڏٺائين ۽ اُٺ قربان ڪيائين، پر ٽين رات خواب ۾ کين اها پڪ ٿي تہ اهو اشارو پياري اولاد لاءِ آهي، سو پنھنجي فرمانبردار پٽ حضرت اسماعيل عليہ السلام (ذبيح الله) کي ٻُڌايائون. جنھن نہ فقط شفيق پيءُ کي پنھنجو پاڻ کي قربان ڪرڻ جي صلاح ڏني، پر خدا جي حڪم جي تعميل ۾ اڳڀرو رهيو. حضرت ابراهيم بسم الله ڪري تڪبير پڙهي، اسماعيل عليہ السلام جي گلي تي ڇُري رکي تہ غيب مان آواز آيو تہ، ”اي ابراهيم! بيشڪ تو پنھنجو خواب سچو ڪري ڏيکاريو“.
۽ اسماعيل عليہ السلام جي بدران خدائي حڪم سان گهيٽو ليٽيل هو، جنھن کي ابراهيم عليہ السلام ذبح ڪيو، پر سندن سچي نيت، عمل جي پختگي، الله جي راھہ ۾ جان جي قربانيءَ جي همت کي هميشہ لاءِ اسلام جي اهم رُڪنن يعني حج جي ادائيگيءَ ۾ تہ مقرر ڪيو ويو پر مسلمانن جي لاءِ عيد الضحيٰ جي خوشي ۽ قربانيءَ کي سنت طور قائم رکيو ويو آهي. اهڙي فرمانبردار اولاد ۽ ثابت قدم والد سان ئي اسلام جو نالو روشن ٿيو آهي.
اولاد جي تعليم ۽ تربيت ۾ والدين جو ڪردار اهم آهي، سماج ۾ اولاد جي تعليم ۽ تربيت والدين جي لاءِ ٻوجهہ ۽ جوابداري نہ پر هڪ فرض آهي. ڪو بہ مائٽ تيستائين اولاد جو سڄڻ ۽ گهڻ گهرو چوائڻ جو مستحق نہ آهي جيستائين هو پنھنجي ٻچڙي جي تعليم ۽ تربيت تي نظر نٿو رکي. ڌيءَ توڙي پٽ اولاد جي حيثيت ۾ مائٽ لاءِ ٻئي برابر آهن. ڌيءَ جو پڻ تعليم حاصل ڪرڻ جو ايترو ئي حق آهي، جيترو پُٽ جو آهي.
عورت هن سماج جي هڪ ڪارآمد شھري آهي. مرد ۽ عورت حياتيءَ جي هن وهنوار ۾ برابر جا ڀاڱيوار فرد آهن. سماج ۾ عورت جي عزت، اهميت ۽ حيثيت مٿانھين هئڻ گهرجي، ڇو جو هوءَ نہ فقط هن دنيا جي واڌ ويجهہ کي تخليقي قوت سان عمل ۾ آڻي ٿي، پر ماءُ جي حيثيت ۾ سندس هنج ئي آهي، جنھن مان نئون نسل وڌي وڏو ٿئي ٿو. ان ڪري عورت جي تعليم ۽ تربيت تي سماج جو دارومدار آهي. حديث پاڪ آهي تہ، ”علم جي طلب هر مسلمان مرد ۽ عورت تي فرض آهي“. سماج ۾ عورت جي ڪردار جي خاص اهميت آهي. تعليم يافتہ ۽ سڌريل عورت بھترين ماءُ، ڌيءُ، زال، ننھن ۽ سَسُ تہ ٿيندي آهي پر سندس چڱن گُڻن ۽ خوبين سان گهر گلدستي وانگر پيو واسبو آهي، هوءَ سلجهيل، سمجهہ واري ۽ سليقہ پسند هجي ٿي. پڙهيل لکيل، مھذب عورتون گهڻي ڀاڱي فضول خرچيءَ کان پڻ بچنديون آهن. غير ضروري خرچن کان پاسو ڪري اهي بچت ڪري. گهر جي اهم ضرورتن جو پورائو ڪن ٿيون. جنھن سان ملڪ ۾ معاشي معاملن ۾ فائدو ٿئي ٿو. اولاد ۾ بچت جي عادت پوي ٿي، ٻي ڳالھہ تہ نياڻيءَ جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. حديث آهي ته”نيڪ اولاد، نفعو ڏيندڙ علم ۽ جاري ٿيندڙ دين جو ڪم جاري رهندڙ صدقو آهي. “
ڏٺو وڃي تہ پڙهيل لکيل ماءُ پنھنجي ٻچي کي سُٺي تعليم ۽ تربيت ڏئي جاري رهندڙ صدقي جا ٻہ اهم ڪم ڪري ٿي. جيڪو هڪ احسن ترين عمل آهي. مطلب تہ اولاد جي تعليم ۽ تربيت ماءُ ۽ پيءُ ٻنھي جي مڪمل طور گڏيل جوابداري آهي. رسول پاڪ ﷺ جن فرمايو آهي تہ ”پيءُ جو پٽ لاءِ ان کان وڌيڪ ڪو بہ عطيو ڪونھي تہ هُو ان کي عمدي تعليم ۽ تربيت ڏئي“ (حديث نبوي)
نيڪ اولاد ئي اڳيان هلي نيڪ والدين ٿي سڌريل سماج جو بنياد مضبوط ڪندا آهن. والدين کي پنھنجي اولاد سان محبت، پيار ۽ نرميءَ سان هلڻ گهرجي. هيءُ اعتبار ۽ اعتماد جو رشتو آهي. جنھن جي ٽُٽڻ سان گهرن جا گهر نہ فقط تباھہ ٿي وڃن ٿا، پر بدنصيبين جو راڄ قائم ٿي وڃي ٿو. اولاد لاءِ اطاعت ۽ فرمانبرداري ۽ والدين جي اولاد لاءِ محبت ۽ شفقت ۽ وقت سر سمجهاڻي ضروري آهي.
اڄ والدين ۽ اولاد ۾ جنريشن گيپ وڌندو ٿو وڃي. مائيٽ پنھنجي دور جي فرمانبرداري، علميت ۽ عبادت جي زعم ۾ آهن تہ اولاد هن ظاهري مھذب ۽ پُر آسائش دور (مادي طور) ۾ روحانيت کان وانجهيل هئڻ سبب نہ سندن نظر ڏي ٿو نھاري ۽ نہ ئي دل سان کين پنھنجو دوست ۽ هڏڏوکي ٿو تسليم ڪري اها دوري ۽ اهو ويڇو نئين نسل جي تربيت ۾ رُڪاوٽ آهي. والدين کي گهرجي تہ جديد تقاضن کي سمجهي، وقت جي ضرورت تي ڌيان ڏين. پنھنجي ٻچڙن کي پنھنجو ڪل سرمايو ڄاڻي، سندن تعليم ۽ تربيت کي سُٺو بڻائڻ لاءِ ويچار ڪن، موجودہ زماني جي تعليم سان روشناس ڪرائڻ سان گڏ کين مذهبيت ۽ روحانيت سان لاڳاپين، هيءُ دور نہ نصيحتن جو آهي، نہ واعظن جو، نہ گار گند جو آهي نہ مار موچڙي جو، ٻار تہ معصوم، پاڪ ۽ گلن جهڙا آهن، جيڪي اسان کان فقط پيار، توجھہ، وقت، عزت ۽ شاباس ٿا گهرن، هُو ٿوري تي خوش ٿيڻ وارا آهن. اڄ جنھن مھل اولاد فارغ آهي تہ والدين مشغول آهن ۽ جيڪڏهن والدين واندڪائيءَ ۾ آهن تہ اولاد وٽ وقت ڪونھي، حقيقت ۾ اهو وقت ئي آهي. جنھن تي اسان کي گرفت مضبوط ڪرڻي پوندي. ڇو جو ائين نہ ٿئي تہ اهو وقت واريءَ جي ذرن جيان اسان جي هٿن جي وٿين مان نڪري وڃي ۽ اسين هٿ مليندا رهجي وڃون. اولاد کي پنھنجي زماني جي چال چلن تي هيرائڻ جي بجاءِ اسين سندن اصلاح سندن ئي زماني جي طور طريقن سان جيڪڏهن ڪنداسين تہ موجودہ ترقي يافتہ ۽ ميڊياجي مضبوط دور ۾ هُو اسان کي سمجهندا بہ ۽ ويجها بہ ٿيندا. پنھنجي ان فرض ادائيءَ ۾ اجائي ڳڻتيءَ جي بجاءِ عملي طور سندن سکيا ڪجي. نتيجو رب تي ڇڏي ڌڻيءَ در دُعاڳو ٿجي. هو هادي حڪيم ڪُلَ جهان جون جوڙون جوڙ بنائڻ وارو آهي. مرزا قليچ بيگ صاحب هن موضوع تي پنھنجي لکيل هڪ غزل بعنوان ”والدين جي ڳڻتي“ ۾ لکي ٿو تہ،
ڏي ڀلي تعليم علم ۽ عقل جي، جا ٿي سگهيئي،
۽ هنر سيکار پڻ، صحبت سان ڪر تن کي سليم،
پنھنجي قسمت ۽ لياقت پوءِ انھن کي ايندي ڪم،
قسمت ۽ دولت، هدايت، هٿ رکي پنھنجي حڪيم.
(مرزا قليچ بيگ)

جيڪي ”باادب“ آهن سي وڏي واڪي پنھنجي ايندڙ نسل کي چئي سگهن ٿا تہ،
جيئن چنڊ چمڪائي ٿر جي ڀٽن کي،
او تنوير! جڳ تيئن اجاري ڇڏيوسين.
(تنوير عباسي)

جنت ماءُ جي قدمن هيٺ آهي تہ پيءُ جي رضا ۾ الله جي رضا شامل آهي

ناهي جيجل تنھنجي اُلفت ساڻ مٽ ٻي حُب ڪا،
۽ دُعا سان تنھنجي پڻ، بابِ اجابت ٿو کُلي.

”ماءُ“ جو لفظ ذهن ۾ ايندي ۽ چپن مان ادا ٿيندي، هڪ عجيب ٿڌڪار جو احساس ٿو ٿئي. سڄيءَ دنيا ۾ ماءُ جو لفظ ساڳئي مفھوم ۾ ٿوري گهڻي هجي جي هير ڦير سان ادا ٿئي ٿو. جيئن ممي، امي، امان ۽ ٻيا ان نموني جا لفظ سڀ ساڳيءَ ئي هستيءَ جا نالا آهن، جنھن جي پيرن هيٺيان جنت مقرر آهي. الْجَنَّةُ تَحْتَ أَقْدَامِ الْأُمھاتِ :ترجمو: جنت ماءُ جي پيرن هيٺ آهي (حديث نبوي)
ماءُ جو رشتو دنيا جي سڀني رشتن کان اهم آهي، ماءُ جي دعا عرش عظيم تي پھچي قبوليت جي شرف سان نوازبي آهي. خدا پاڪ ماءُ جو اولاد کي پيٽ ۾ رکڻ، کير پيارڻ ۽ نپائڻ کي هڪ احسن عمل ڪوٺيو آهي جيڪو الله تعاليٰ جي حڪم سان ٿيئي ٿو پر اُن ۾ ماءُ جو جذبو ۽ تخليقي مرحلن جون تڪليفون ۽ اوجاڳا واکاڻ جوڳا آهن ماءُ جي همت ۽ صبر کي سلام آهي، چوندا آهن تہ ”پيءُ مئي اولاد اڌ ڇورو ۽ ماءُ مئي سڄو ڇورو ڇنو آهي“
سچ پچ تہ ماءُ اولاد لاءِ ڍڪ آهي، ماءُ جي دعا غريب کي امير، فقير کي گدا ۽ بدبخت کي نيڪ بخت ٿي بنائي، ماءُ جا تہ پير ڌوئي پيئڻ کپن. سندس پيرن جي مٽيءَ کي سرمو بنائي اکين ۾ وجهڻ کپي، رسول پاڪ صلعم جن کان ڪنھن پڇيو تہ ”يا رسول الله آئون ڪھڙو نيڪ عمل ڪريان جو رب پاڪ مون مان خوش ٿئي“ پاڻ فرمايائون تہ ”ماءُ جي خدمت ڪر“ ٽي دفعا ماءُ جي خدمت جو فرمائڻ کانپوءِ چوٿين دفعي پياري نبيءَ جو حڪم ٿيو تہ ”پنھنجي والدين جي خدمت ڪر“ معنيٰ تہ ماءُ جي خدمت دنيا جو اعليٰ ترين ڪم آهي. پاڻ اهو بہ فرمايائون تہ ”جيڪڏهن تنھنجي ماءُ ڪونھي تہ ماسيءَ جي خدمت ڪر ۽ جيڪڏهن اها بہ ڪونھي تہ کير پياريندڙ ماءُ جي خدمت ڪر“، ماءُ جي محبت جو جذبو ربَ پاڪ ايترو تہ پسند ڪيو آهي جو پنھنجي ٻانھي سان پنھنجي ذاتي محبت کي 70 مائرن جي محبت سان ڀيٽيو آهي. يعني ماءُ جي دل ۾ ٻچي لاءِ محبت رب پاڪ جي ٻانھي سان محبت جو حصو آهي.
ماءُ جي فرضن ۾ اهم ڳالھہ آهي تہ هن کي اهو ڄاڻڻ گهرجي تہ ٻار سٺو يا برو ماءُ کان ئي سکندو. ماءُ جي جوابداري تمام وڏي آهي. سندس ئي تعليم ۽ تربيت ٻار جي زندگي ٺاهي ۽ بگاڙي ٿي. ماءُ کي گهرجي تہ ٻار کي پيار بيشڪ ڏئي پر بي جا لاڏ يا پيار سان گمراھہ نہ ڪري تمام گهڻو پيار نقصانڪار بہ ٿي سگهي ٿو. ماءُ جي ٻار تي ڪڙي نظر ئي کيس براين کان بچائيندي. اولاد جي لاءِ مائيٽن طرفان سٺي تعليم ۽ تربيت ئي انمول تحفو آهي انھيءَ ڪري ماءُ کي پنھنجي فرض ادائيءَ کان غفلت نہ ڪرڻ گهرجي نيڪ اولاد مائٽ جي نصيب جي بلندي ۽ بي ادب ۽ بداخلاق اولاد سندس جي لاءِ ئي سور آهي. ماءُ جي دل سان گهريل دُعا تہ بيشڪ اولاد جو نصيب ٿي سنواري سندس چپن تي تہ هميشہ اها دعا هوندي آهي تہ ”شل سندس اولاد کي ڪو سو واءُ بہ نہ لڳي“ پر ڪڏهن ڪڏهن اولاد خود ئي پنھنجي غفلت سان هن عظيم رشتي جي بي قدري ڪري پنھنجي لاءِ دعا جا در بند ڪندو آهي پر ماءُ وري بہ ماءُ آهي. سندس هميشہ اها خواهش هوندي آهي تہ هن جو اولاد سکيو ۽ ستابو هجي ۽ ڪڏهن بہ مٿانس غم جو ڪڪر نہ لڙي.
ماءُ هڪ اهڙي عظيم تخليقڪار آهي جا پنھنجي تخليق تي ساھہ، سر صدقو ڪرڻ لاءِ هر دم تيار آهي، اسان کي اُهو ڀليءَ ڀت ڄاڻڻ گهرجي تہ ماءُ جي هستي مقدس آهي جيڪا نہ صرف قربانيءَ جو مجسمو آهي پر اولاد لاءِ هڪ وڏو ڍڪ ۽ دعا جو در آهي تہ
پيءُ جي رضا ۾ الله جي رضا شامل آهي. (حديث پاڪ)
سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي تہ، ”باادب با نصيب ۽ بي ادب بي نصيب“ معنيٰ تہ نصيب ۽ بي نصيبي قدرت جي طرفان مقرر هوندي بہ انساني اعمالن جو حصو آهي نيڪ ۽ صالح انسان باادب هوندو آهي. اولاد ۽ والدين جي رشتي کان ئي جيڪڏهن هن چوڻيءَ جو جائزو ورتو وڃي تہ معلوم ٿيندو تہ باادب اولاد، پنھنجي ۽ پنھنجن والدين لاءِ ڪارائتو ثابت ٿئي ٿو. بي ادب ۽ بداخلاق ٻار ۾ ساڃھہ جو ثمر نہ هوندو ۽ هو پنھنجي مائيٽن لاءِ سور ۽ پريشاني تہ هوندو پر سندس پنھنجي زندگي بہ ڪونہ سڌرندي.
نيڪ اولاد ئي اڳيان هلي نيڪ والدين ٿيندا آهن. والدين کي گهرجي تہ پنھنجي اولاد سان تمام سٺي هلت هلن ۽ انھن جي منھن تي سھڻو، سٺو ۽ سٻاجهو ڳالھائين. ٻارن کي پيار ۽ محبت سان هلائي، مٿن اعتماد ڪن، مائيٽ ۽ اولاد جي وچ ۾ اعتماد جو رشتو تمام اهم آهي، جيڪڏهن مائيٽ پنھنجا فرض صحيح ادا ڪري ۽ پنھنجي اولاد جي صحيح تعليم ۽ تربيت ڪري ٿو. کيس دنيا جي تعليم سان گڏوگڏ نماز ۽ قرآن پاڪ پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي عادت وجهي ٿو تہ سندس اولاد نيڪ ۽ صالح ٿيندو. اڳئين زماني جا مائيٽ اولاد تي ڪرڙي نظر رکي کين سختيءَ سان هلائيندا هئا ۽ اسڪولن ۾ بہ ماستر ٻارن کي سختيءَ سان سنڀاليندا هئا. اهو رويو ٻارن کي سڌارڻ ۾ ڪارگر بہ هو تہ وقت مطابق رائج هو ۽ ٻار سڌري بہ ويندا هئا. ايئن ڪونھي تہ هن وقت جو اولاد ڪپوٽ آهي پر هاڻي والدين جي آزمائش وڌيڪ سخت آهي جيئن تہ هي ميڊيا جو دور آهي ۽ سڄي دنيا ڪيبل، ڪمپيوٽر ۽ ٻين سھولتن جي ڪري هڪ نقطي تي جمع ٿي وئي آهي ۽ سڄيءَ دنيا جي حالتن جي تبديلين جو اثر ٻارن ۽ نوجوانن تي پوي ٿو. هن دور ۾ تعليمي ادارن ۾ شاگردن تي سختي ڪرڻ جي سخت منع ٿيل آهي ۽ ٻارن کي آزاد ڇڏيو ويو آهي تہ هو پنھنجو بروڀلو پاڻ چونڊين انھيءَ ڪري بہ والدين جي روڪ ٽوڪ اولاد کي بري ٿي لڳي ۽ هو برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نہ آهن.
هن مسئلي جو در حقيقت حل اهو آهي تہ مائيٽن کي گهرجي تہ هو روزگار جي ڊوڙ ۾ ڪيترا بہ مشغول هجن پر پنھنجي اولاد لاءِ ڪو وقت ضرورت ڪڍن ۽ ساڻن ويھي ڪچھريون ڪري کين پنھنجي ماضيءَ کان واقفيت ڪرائين ۽ چڱو برو اسلامي قدرن مطابق سمجهائين. اسان جي موجودہ سماج ۾ اولاد ۽ والدين جي رشتي ۾ ڪجهہ ٻاهرين ملڪن جي پوئواريءَ جي ڪري فاصلو Gap اچي رهيو آهي ۽ انھن ۾ غلط فھميون پڻ وڌي رهيون آهن. جنھن جو پورائو خبر ناهي ڪڏهن ٿيندو؟ لڳي ايئن ٿو تہ اسين گمراهيءَ ڏي وڃي رهيا آهيون انھيءَ ۾ اسان جي ماحول سان گڏ تربيت جو قصور بہ شامل آهي. اها بہ حقيقت آهي تہ ”پٽ سپوٽ نہ تہ ڪپوٽ مان ڪڄاڙو جڙي“ اولاد جي فرمانبرداري ئي مائٽن جي زندگيءَ جي ميراث آهي ۽ ٻچڙن لاءِ ماءُ ۽ پيءُ جي دعا ۽ پيار سندن دين ۽ دنيا جي ڀلائي آهي، دنيا ۾ جيڪو بہ ماڻھو باادب هوندو اهو ڀاڳ ڀريو ۽ ڀلارو انسان هوندو ۽ بي ادب نڀاڳو ۽ بي نصيب شمار ڪيو ويندو آهي.

دوستيءَ جو بنياد خُلوص ۽ صداقت

سماج جي اخلاقي قدرن ۾ دوستيءَ جي رشتي جو قدر اهميت جوڳو ۽ ماڻھوءَ جي اٿيءَ ويٺيءَ ۾ هڪ اهم رشتو آهي روزاني جي اُٿ ويھہ ۾ اسان جو ڪيترن ئي ماڻھن سان واسطو پوي ٿو. ڪيترن سان دعا سلام هجي ٿي، پر اهي سڀ دوست نٿا هجن، انھن کي اسين ملڻ جلڻ وارن ۾ شمار ڪنداسين. دوستيءَ جو بي لوث ۽ سچو رشتو هم مزاج ۽ همعصر سان ئي گهڻي ڀاڱي هوندو آهي. دوستي قرباني، خلوص، محبت ۽ وفاداريءَ سان مشروط آهي. سنگتي معنيٰ ساھہ ڏيڻ وارو، پر اڄڪلھہ اهڙن رشتن جو قدر ڪِري پيو آهي، سچا دوست ڳولھڻ سان بہ ملڻ مشڪل ٿي پيا آهن، پر وري بہ ڪي اڻملھہ انسان ڏسجن پيا، جيڪي سچار ۽ پر خلوص آهن. دوستيءَ جي سڃاڻپ آهي سچائي ۽ وفاداري، دوست اهو جو منھن تي چئي ڏئي ۽ رهنمائي ڪري، مشھور چوڻي آهي تہ، ”دشمن جي ٺڳيندڙ چپن کان دوست جا ڦٽ ڀلا آهن“. استاد بخاريءَ سچي دوستيءَ کي تمام گهڻي اهميت ڏني آهي.
دوستيءَ جو دم هڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي،
ڪنڌ تي پربت، کڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي،
ڪلڪيوليٽر کي ڇڏيو، انسان کي،
يار جو هڪ ”ڳُڻ“ ڳڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
دوستي هڪ اهڙو سمنڊ آهي، جنھن جي گهرائيءَ ۾ وڃڻ سان محبت جا موتي ملن ٿا. محبت سان پوکيل هيءُ فصل شڪر گذاريءَ سان لڻبو آهي. يعني دوستيءَ ۾ مطلب پرستي نہ هجي، صداقت ۽ خلوص ئي دوستيءَ جا بنياد آهن، جنھن ۾ آزمائش ۽ پرک وٺڻ سان رڪاوٽ اچي ٿي. خوشامدي ۽ چاپلوس دوستن کان بچڻ کپي. هونئن بہ سنگت هڪ جھڙي ۽ هڪ جيڏي سان ٺهندي آهي. چوڻي آهي تہ، ”صحبت رکجي پنھنجي جيس سان بگهڙ جي صحبت بہ ڪا گهيٽي سان سونھي؟“ حقيقت ۾ سٺي دوستيءَ جي پرک اها آهي تہ هُو نيڪ، ذهين، محبتي، پر خلوص، سمجھدار ۽ ڏکن سکن جو ساٿي ۽ مھل ڪُمھل ڪم ايندڙ ۽ وفادار هجي ۽ دوست کي سنئين رستي ڏي موڙي.
”ٻانھياريءَ جو بُجو بہ سونو“ سو سچي دوست جي هٺ ڦٺ ۽ حق چوڻ تي ڪڏهن بہ رنج نہ ٿيڻ گهرجي. دوستن جي حق چوڻ تي ڏمرجڻ وارن جا دشمن گهڻا هوندا آهن، پر اڄ سچا دوست ملڻ مشڪل ٿي پيا آهن. موجودہ دور ۾ ماڻھن جي اندر ۾ آيل اخلاقي ڪمزورين سبب دوستيءَ ۾ پڻ لالچ لوڀ، ريس، ڪَسرَ، اميري، غريبي ۽ سماجي رتبن جا فرق آهن. ماڻھو دل آزاريءَ جي لاءِ سندرو ٻڌي بيٺا آهن. سچو دوست تہ ڄڻ ڳولھيو ئي نٿو ملي تڏهن تہ احتياط پسند هيءُ ڏاهو چوي ٿو تہ؛
I forgive those who have injured me; I declare friendship with all living beings. I have enmity towards none.
جن مون کي پيڙا ۽ تڪليف پھچائي، آئون انھن کي بہ معاف ٿو ڪريان. سڀني سان منھنجي دوستي آهي ڪو بہ منھنجو دشمن نہ آهي.
دوستيءَ جي موٽ ۾ مليل پيڙا ۽ ايذاءَ کي سھڻ تمام ڏکيو ٿئي ٿو. ڇو جو دوستي دل جو رشتو آهي. دل جي ٽٽڻ سان دنيا جي هر ماڻھوءَ تان اعتبار کڄي ويندو آهي، پر ٿئي ايئن ٿو تہ اڄ جي مادي دور ۾ فقط ۽ فقط پئسي سان محبت جي ڪري دوستيءَ جا معيار تبديل ٿيندا پيا وڃن، ان ڪري هن دور ۾ دشمنن جي اضافي کان بھتر آهي تہ سڀني سان سٺو ميل ميلاپ رکيو وڃي ۽ ڪنھن ۾ بہ توقع نہ رکجي، خليفو مامون رشيد، سچو دوست انھيءَ کي ٿو سڏي، جو دوست جا عيب کيس اڪيلائيءَ ۾ ڄاڻائي تہ پرپٺ تعريف ڪري ۽ مشڪل وقت ۾ سندس مدد ڪري جڏهن سچا دوست ڳولھيا نہ ملن تہ شاگردن کي پنھنجي والدين، استادن، ڀائرن ڀينرن ۽ ڪتابن جي عظيم سرمايي سان دوستي ڪرڻ گهرجي تہ جيئن هو نقصان کان بچي سگهن.

سادگي جا فائدا ۽ فضول خرچيءَ جا نقصان

پيارا ٻارو! سادگيءَ سان زندگي گذارڻ عملي حياتيءَ جي ڪاميابيءَ جو هڪ اهم حصو آهي، عملي دنيا ۾ انسان سڄو وقت پنھنجي زندگيءَ جي معيار کي بھتر بنائڻ جي لاءِ رزق جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. رزق خدا پاڪ جي هڪ نعمت آهي، جنھن جي لاءِ ڪوششون ۽ ڪشالا لازمي آهن. سڀ کان بھتر رزق ۽ سڀ کان بھتر کاڌو اهو آهي، جيڪو ماڻھو پنھنجي محنت جي ڪمائيءَ مان کائي. اهو ئي ”رزق حلال“ آهي. هر ماڻھو پنھنجي وس آهر وڏي ڪوشش ڪندو آهي تہ هو تمام سھڻي نموني پنھنجي ۽ پنھنجي گهر ڀاتين جي گذران لاءِ محنت ڪري، پر جيئن تہ ”داڻي داڻي تي مھر آهي“ تيئن رزق بہ هر ڪنھن جي نصيب جو آهي. پر بھر حال محنت جو صلو بہ بلڪل ملي ٿو. چوندا آهن تہ، ”ماٺ ڪري ويھڻ سان ڍاڪون ڍڪجي ڪونہ ايندا“ سو روزگار لاءِ ڪھي وڃي ڪمائڻ پڻ فائديمند آهي.
موجودہ دور مھانگائيءَ جو دور آهي، جنھن ۾ ڏينھون ڏينھن مھانگائي وڌندي ٿي وڃي. اڄ اسان جا وڏا جڏهن ڪنھن شيءِ کي چوٽ چڙهندي ڏسن ٿا، تڏهن حيرت مان اهو اظھار ضرور ڪن ٿا تہ، سندن زماني ۾ فلاڻي يا الاڻي شيءِ تہ هيتري ارزان اگھہ ۾ ملندي هئي. ۽ اها رقم ٻڌي تہ وڌيڪ حيرت ٿيندي آهي ۽ ايئن لڳي ٿو تہ مھانگائي ڪونہ ڏسڻ ۾ اچڻ وارو جنُ آهي يا ديو، جيڪو ڏينھون ڏينھن بغير ڏسڻ جي وڌندو پيو وڃي. اڄ ملڪن جا ملڪ پنھنجي ملڪن جون اقتصادي پاليسيون ٺاهڻ ۽ انھن کي لاڳو ڪرڻ ۾ پريشان نظر اچن ٿا. اڄ هڪ ننڍو ٻار بہ سمجهي ٿو تہ پيٽرول، گئس ۽ سون جهڙين شين جي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت وڌڻ سان ملڪ ۾ وري مھانگائي ٿيندي ۽ اهڙا ملڪ جيڪي پاڻ ڀرا نہ آهن ۽ انھن جي معيشت جو دارومدار ٻاهرين ملڪن جي مليل قرضن ۽ انھن جي وڌندڙ وياجن تي آهي سي تہ انھيءَ مھانگائيءَ جي بار هيٺ وڌيڪ دٻيل آهن.
دنيا ۾ مھانگائيءَ جي وڌڻ جا ڪيترائي سبب ڇو نہ هجن، پر ٻہ ڳالھيون بلڪل چٽيون ۽ پڌري پٽ پيون آهن، هڪ تہ پوريءَ دنيا ۾ آبادي وڌيڪ ۽ وسيلا گهٽجي رهيا آهن ۽ ٻيو تہ دنيا جا تقريبن سڀ ملڪ گهڻي ۾ گهڻو پئسو پنھنجي ملڪ جي دفاعي بجيٽ ۾ لڳائين ٿا. نيوڪليئر توانائيءَ جي هن ڊوڙ ۾ انسانيت جون آهُون ۽ سڏڪا بلند ۽ باآواز ٻُڌڻ ۾ اچن ٿا. غريب عوام جي ترقيءَ، سڌاري ۽ ڀلائيءَ لاءِ وڌيڪ بجيٽ رکڻ جي بجاءِ اُها ائٽمي توانائيءَ جي نذر ڪئي وڃي ٿي. انھيءَ سان پوريءَ دنيا جي ملڪن ۾ ساڳيو حال ٿي رهيو آهي سواءِ چند ملڪن جي، جيڪي اڳيئي سپر پاور آهن.
پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي، پر ڌڻيءَ سڳوري جا لک لک شڪر آهن، تہ ائٽمي توانائيءَ جي طاقت سان واڳيل آهي، هن ملڪ کي الله تعاليٰ پنھنجي مھر جي نظر ۾ رکيو آهي. هتي قدرتي وسيلن جي ڪا بہ ڪمي ڪانھي زراعت ۾ پڻ وڏي ترقي ٿي رهي آهي. پر ان هوندي بہ اسان جو ملڪ مقروض ۽ معاشي بار هيٺ دٻيل آهي. انھيءَ جي چند اهم سببن ۾ ملڪ جون ناقص بجيٽ پاليسيون، عوام ۾ ڪفايت شعاريءَ جي ڪمي، آباديءَ جو وڌڻ، بيروزگاري، فضول خرچي، رشوت خوري ۽ خاص طور حياتيءَ ۾ اسلامي قدرن تي عمل نہ ڪرڻ آهي. اسان جي ملڪ ۾ جديد زراعت ۽ صنعتي ترقيءَ تي توجھہ جي بہ سخت ضرورت آهي، جنھن سان ملڪ پاڻ ڀرو ٿيندو، ان کانسواءِ ملڪي بجيٽ ۾ جوڙيل پلانن تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ گهرجي، ڪيترو ئي ناڻو اڻپورن پراجيڪٽس جي ڪري ضايع ٿي وڃي ٿو.
اسين ملڪ جي بجيٽ پاليسين ۽ حڪومتن جي ڪارڪردگين کي ڪيترو بہ ڏوھہ ڏيون، پر حقيقت ۾ پاڪستاني عوام ۾ ڪفايت شعاريءَ جي گهٽتائي آهي. سادگي هڪ تمام وڏي اخلاقي خوبي آهي. جيڪڏهن ملڪ جو هر ماڻھو ڪپڙي لٽي، کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويھڻ، ڏيڻ وٺڻ، تعميرات، مطلب تہ رهائش جي هر طريقي ۾ سادگي اختيار ڪري تہ هن ملڪ تي اڄ ايترو قرض نہ هجي ها. ڪو وقت هو جو ملڪ جي وڏن شھرن جي روڊن تي چند چڱيون گاڏيون وڏن امير امرائن جون هونديون هيون. اڄ هر ٻئي گهر تي وڏين وڏين ڪمپنين جون ايئر ڪنڊيشن گاڏيون سک ۽ آرام لاءِ موجود آهن. اڳيئي ٻار گهڻي ڀاڱي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندا هئا، جن جو معيار بہ بھتر هوندو هو. موجودہ دور ۾ شھر جي وچولي طبقي جي ماڻھن کان وٺي تمام مناسب حيثيت جي ماڻھن جا ٻار بہ انگريزي ميڊيم اسڪولن جي ڳاٽي ڀڳين فيسن جي خرچن جو پورائو ڪن ٿا. تہ گڏ ٽيوشن پڻ وٺن ٿا، ٽيليفون، موبائل، ايئر ڪنڊيشنڊ، گاڏين جي پيٽرول ۽ ٻين انيڪ خرچن ماڻھن جي چيلھہ ڄٻي ڪري ڇڏي آهي. ڪپڙو لٽو، رسمون رواج، مطلب تہ ڄمڻ کان مرڻ تائين هر موقعي مھل تي نہ فقط گهڻو خرچ ڪيو ٿو وڃي پر فضول خرچي ڪري ان کي ڪوڙيءَ عزت ۽ مان جي لاءِ لازمي قرار ڏنو ٿو وڃي.
اهي اسان جا هٿ ٺوڪيا معاشي قدر، جيڪي ڪنھن بہ ريت ڪنھن مسلمان کي نٿا سونھن، سي ڏينھون ڏينھن وڌندا ٿا وڃن، ٻار جو ڄمڻ، ڇٺي، طهر، سالگرھہ، مڱڻو، شادي ۽ مختلف قسمن جون پارٽيون، مطلب تہ خرچ ئي خرچ آهن ۽ ڪمائڻ جا وسيلا گهٽ آهن. انھيءَ ڪري ڪمائيندڙ ڀاتي ذهني پريشانين سبب بلڊپريشر، شگر ۽ هارٽ جي تڪليفن ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا. اهو سڀ غلط رسمن رواجن ۽ معاشري جي غلط سماجي قدرن جو نتيجو آهي، جڏهن اسلام ۾ سادگيءَ کي حياتيءَ جو معيار ۽ وچٿرو هلندڙ کي گمراهيءَ کان بچندڙ ڄاڻايو ويو آهي تہ پوءِ آخر اسين ڪيڏانھن وڃي رهيا آهيون؟ هڪ حديث آهي تہ "مَا عَالَ مَنِ اقْتَصِدَ ترجمو: جيڪو وچولي هلت هليو، سو ڪڏهن بہ گمراھہ نہ ٿيو.
پئسو نڪو آسمان مان لھي ٿو اچي ۽ نہ ئي زمين تي وڻن جي ٽارين ۾ ميوي وانگر لٽڪيل آهي. هن اڻمُلھہ خزاني جي حفاظت ڪرڻ جي عادت اسان کي پنھنجي ايندڙ نسل ۾ بلڪل وجهڻ گهرجي. زماني مان سبق سکڻ ضروري آهي. ايندڙ وقت اڃان بہ ڏکيو اچڻو آهي. مھانگائيءَ جي هن عفريت کي منھن ڏيڻ لاءِ اها وڏي گهرج آهي تہ اسين گهرن ۾، اسڪولن ۾، ڪاليجن ۾ ۽ آس پاس بچت جي لاڙي کي عام ڪريون، ايندڙ نسل کي مستقبل جي ان مايوسيءَ کان بچايون، جيڪا فضول خرچن ۽ اسراف ڪندڙن جي لاءِ يقيني هجي ٿي.
چوندا آهن تہ ”سوڙ آهر پير ڊگهيڙجي“ سو پھچ مطابق خرچ ڪرڻ ۽ ڪجهہ پاڇي رکڻ سان ماڻھو ڪڏهن بہ ڪنھن جي اڳيان هٿ ڪونہ ٽنگيندو. حقيقت ۾ غريب اهو نہ آهي، جنھن وٽ گهٽ آهي، بلڪہ غريب اهو آهي، جنھن کي گهڻي جي هوَسَ هجي ٿي. وڌيڪ خرچ ڪري ڪنھن غيبي مدد ۽ معجزي جي اميد رکڻ وارا خوابن جي دنيا جا رهاڪو آهن. درمياني رستو هلندڙ ڪڏهن بہ ڪنھن جي اڳيان محتاج ڪونہ ٿيندو. قناعت اهو مقام آهي، جتي پھچي غريبي، اميريءَ ۾ بدلجي ويندي آهي. سھڻي سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي تہ، ”ڪڏهن مَٽ ماٽيءَ تي آهي تہ ڪڏهن ماٽي مٽ تي“ سو ڏکيو ۽ سکيو وقت پڇي ڪونہ ايندا آهن. ڀلي ماڻھو باحيثيت بہ هجي، تہ بہ اهو ٺٺ ٺانگر، تڪبر، فضول خرچيءَ ۽ شوبازيءَ کان پاسو ڪري سادگيءَ جو معيار قائم رکي. آبادين جي وڌڻ سان پڻ ڪيترائي مسئلامنھن ڪڍن ٿا. باقي اجائي لالچ رکي گهڻو بچائڻ، نفس کي گهڻو تڪليف ۾ وجهڻ، يابخل ڪرڻ، ضروري خرچن کان لنوائڻ ڪنجوسي آهي. ڪفايت ۽ ڪنجوسيءَ جامعيار الڳ آهن. بخل ۽ بچت ۾ پڻ وڏو فرق آهي. هر عمل جي پرک لاءِ بچت جي معيار کي سمجهڻ ضروري آهي.
هتي شاگردن کي بچت ڏي موڙڻ مان مراد اها نہ آهي تہ هُو پنھنجي تعليم جي خرچ ۾ بچت ڪن. دنيا جو اهم ترين خرچ جنھن مان ڪجهہ حاصل ٿي سگهي ٿو، سو تعليم، هنر ۽ فن جي سکيا آهي. ذاتي خرچ ۾ سڀ کان ضروري خرچ صحت ۽ تعليم جو آهي. جيڪڏهن ”جيءُ خوش هوندو، تڏهن ئي جهان خوش ڏسڻ ۾ ايندو“ انھيءَ ڪري بچت مان مراد اها آهي تہ ضروري خرچن کي اهميت ڏيئي، باقي خرچن ۾ حياتيءَ جو معيار ٺٺ ٺانگر جي بجاءِ سادگيءَ واروهئڻ گهرجي. انساني اخلاقن، عادتن جي طور طريقن ۾ سادگيءَ کي افضل حيثيت حاصل آهي، جنھن ۾ صحت جي اصولن مطابق سادوکاڌو کائڻ، سادو پائڻ، برين عادتن جيئن پان، سگريٽ ۽ ٻين نشي وارين شين کان بچڻ جيڪي نہ فقط پئسي، پر صحت جو بہ زيان آهن. آرام واري حياتيءَ گذارڻ جي بدران خود کي محنت ۽ مشقت جو عادي بنائڻ گهرجي تہ جيئن زندگيءَ جي ڪنھن بہ موڙ تي ڪا بہ ڏکيائي محسوس نہ ٿئي سھڻو سخن آهي تہ، دنيا دار جو اُبتن رستن تي هلي، تنھن کان اهو غريب ڀلو، جنھن جي سادگيءَ جي هلت آهي. زيب دار لباس خود آرائيءَ ۾ مبتلا رکي ٿو. چمڪ ڌمڪ وارو لباس ۽ تيارين ۾ محو انسان نہ تہ قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪري سگهندا ۽ نہ ئي پنھنجي آس پاس جي. اهي فقط خودنمائيءَ ۽ خود ثنائيءَ ۾ پورا هوندا.
پيار ٻارو! گهڻو خرچ ڪرڻ وارا جيڪڏهن ڪنھن مشڪل ۾ ڦاسندا آهن تہ عمومن قرضي ٿي ويندا آهن. چوندا آهن تہ ”قرض مرض آهي“ ڇو جو قرض حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين جي خوشامد ۽ چاپلوسي ڪرڻي ٿي پوي. ماڻھوءَ جي انا ۽ خودداري تہ مجروح ٿين ٿيون، پر هُو بي مانائتو ٿي ذلت جي کڏ ۾ ڪرندو ٿو وڃي. ظاهر آهي تہ گهڻي خرچ ڪرڻ وارو ماڻھو قرض کڻڻ کانپوءِ ان کي واپس ڪرڻ ۾ ڏکيو ٿيندو آهي ۽ ٻيو تہ هُو ڪوڙ ڳالھائيندو ويندو ۽ وعدي خلافي بہ ڪندو ويندو. حديث پاڪ آهي تہ، ”جڏهن ڪنھن ماڻھوءَ کي قرض ادا ڪرڻو آهي، تہ ان کي اها ڳالھہ زيب نٿي ڏئي ت هو معمولي تيل بہ مٿي کي لڳائي“.
يعني قرض ادا ڪرڻ تائين، معمولي سينگارڪرڻ بہ جائز نہ آهي. انھيءَ مان اسين اندازو لڳائي سگهون ٿا تہ قرض وٺڻ ڪيڏي وڏي لعنت آهي ۽ ان جو ادا نہ ڪرڻ ان کان بہ وڏي لعنت آهي. قرض کڻڻ معنيٰ ”پنڻ“ يا ”خيرات گهرڻ“ ٻئي جي اڳيان هٿ ٽنگڻ ۽ اهو فقط اهي ماڻھو ڪندا آهن، جن ۾ سادگي ڪونہ هوندي آهي يا اتفاقن وڏي مجبوريءَ ۾ اچي ويندا آهن. انھيءَ ڪري گهڻي ٺاھہ ٺوھہ کان پاسو ڪري، خود کي قرض جھڙي مرض کان بچائجي. وڏا چوندا آهن تہ، ”شاهوڪار سان صحبت نہ رک، ڪُنو (مٽيءَ جو) ۽ ديڳڙو (لوھہ جو) بہ ڪڏهن پاڻ ۾ ٺھيا آهن؟ جي هڪڙو ٻئي کي لڳو تہ بہ مُٺو وري بہ ڪُنو“. يعني غريب مٽيءَ جي ڪُني جيان آهي، جنھن کي جهورڻ ۽ ڀڃڻ سولو آهي، پراڄ جي دور ۾ ڏسنداسين تہ ماڻھو احساسِ ڪمتريءَ ۾ پڻ مبتلا آهن. هو باحيثيت ماڻھن سان دوستي ۽ پوءِ ان جھڙي معيار جاخرچ ڪري پاڻ کي زوريءَ وڏو ماڻھو سمجهندا آهن. حقيقت ۾ جيڪو فخر ڪجي، سو پنھنجي شخصيت کي اخلاقي طور مڪمل سڌاري، محنت ذريعي مقام حاصل ڪري پنھنجي علم ۽ هنر تي ڪجي. ٻانھن جي ٻَلَ تي ڪجي، نہ حسب نسب ۽ نہ مٽي مائٽيءَ ۽ دوستيءَ ۽ وڏماڻھپي تي ٺِڳجي.
پيارا شاگردو! هڪ اهم ڳالھہ توهان کي اها بہ ٻڌايان تہ، اسلام ۾ مالي نظامِ تي ضابطو ئي ڪنھن ملڪ جي انتظامي ڍانچي ۾ اهم قرار ڏنل آهي، جنھن ۾ محصول جي اڳاڙڻ جو انتظام پڻ شامل آهي، پر هتي اسين ڪنھن بہ قسم جو ملڪي ٽيڪس ڀرڻ ۾ ڄڻ عار ٿا سمجهون. نوڪري ڪندڙ ۽ ڪجهہ ٻيا ماڻھو تہ اڃان ئي ڪجهہ ٽيڪسز ڏين ٿا، پر ٻين ڪيترن معاملن ۾ وڏا ماڻھو چند پئسا ڏيئي تمام مناسب ۽ ٿورو پئسو ٽيڪس جي مَدَ ۾ جمع ڪرائين ٿا تہ گهڻا پرائيويٽ ادارا پڻ اهڙي نموني ڪن ٿا. ٻاهرين ملڪن ۾ جيڪڏهن عوام کي سھولتون آهن تہ اُتي هر ماڻھو ايمانداريءَ سان ٽيڪس ڏئي ٿو. جڏهن حب الوطنيءَ جو معيار ڪرندو ويندو آهي. ذاتي فائدن کي قومي فائدن تي مٿانھين حاصل ٿي ويندي آهي. تڏهن ئي تہ ملڪ مقروض ٿيندا آهن. ڇا اسان جي وڏن ڪڏهن ايئن ڪيو هو؟ جيڪڏهن اسين هن اسلامي رياست جي حفاظت لاءِ دل سان ٽيڪس ادا ڪريون. ملڪ جي پئسي پئسي جي سنڀال ڪريون ۽ پنھنجي ذاتي پئسي کي فضول اڏائڻ جي بجاءِ قومي سيڙپڪاريءَ جي سٺين اسڪيمن ۾ لڳايون تہ يقينن اسين پاڻ ڀرا ٿي وينداسين.
فضول خرچيءَ جا وڏا نقصان آهن. فضول خرچيءَ مان مراد آهي تہ بي سبب ۽ فالتو طريقي سان ناڻي جو ضايع ڪرڻ، فضول خرچي يا اسراف هڪ لعنتي عادت آهي. فضول خرچن جي لاءِ قرآن پاڪ ۾ فرمايل آهي تہ؛ ”بيشڪ فضول خرچ شيطان جا ڀائر آهن“
فضول خرچ انسان پنھنجي ذات لاءِ ۽ آل و عيال سان گڏ سماج لاءِ بہ هاڃيڪار آهي. ڪردار طور هو حريص، بي همٿ، بزدل، ڪوڙو، ٺڳ ۽ بداخلاق هوندو. خود غرضي ۽ لالچ سندس وطيرو هوندي ناجائز خرچ کيس ناجائز نموني پئسي حاصل ڪرڻ لاءِ آڀاريندو. ڪوڙي شان ۽ ڏيک پويان هو ڪڌا ڪم ڪندو. چوڻي آهي تہ؛ ”جتي ڪلدار رهي اُتي ڪرتار نہ رهي“
پئسي جي لالچ سان ڌڻيءَ جو خوف ختم ٿي وڃي ٿو ۽ جنھن کي خدا جو خوف نہ آهي اهو ئي شيطان آهي. اعتدال جو رستو خدا ۽ خدا جي رسول کي هر عمل ۾ پسند آهي. انھيءَ ڪري پئسي جھڙي املھہ شيءِ جو اسراف تہ ڪنھن بہ ريت جائزنہ آهي. چوندا آهن تہ ”کاڌي کوھہ بہ کٽيو وڃن“ وقت هميشہ ساڳيو نہ هوندو آهي. ”ماڻھو ڪڏهن ڀريءَ ۾ تہ ڪڏهن ڀاڪر ۾“ ڪڏهن حيثيت آهي تہ ڪڏهن ڪونھي. ان ڪري ننڍپڻ لاڪون. پئسي کي سوچي سمجهي خرچ ڪرڻ جي عادت پاڻ ۾ وجهڻ گهرجي. هوند سارو خرچ ڪرڻ وارو ڪڏهن بہ محتاج نہ ٿيندو آهي. هميشہ ”سوڙ آهر پير ڊگهيڙڻ گهرجي“ ”قرض مرض آهي“. پنھنجي مان پورت ڪرڻ وارا ۽ پاڇي بچائي رکڻ وارا آخرڪار پيرن تي بيھي ويندا آهن.
”اسراف“ جو عمل ناجائز پئسي سان مشروط ٿيندو ٿو نظر اچي جيڪو، لالچ، خود غرضي، بي ايماني ۽ ٺڳيءَ جو ٺاھہ آهي. لالچي ۽ ٺڳ شخص تہ هر وقت پيو گهاٽ گهڙيندو آهي. تہ ڪٿان پئسا ڪڍان؟. انھيءَ ڪري ضروري آهي تہ فضول خرچيءَکان بچجي بلڪہ فضول خرچن کان بہ بچجي ڇو جو اهڙن جي اک ٻئي جي کيسي تي هوندي ۽ هو غلط ڪم ڏي مائل ڪندا آهن. هر وقت نيون نيون ترڪيبون پيا گهڙيندا آهن ۽ انسان تي دوستيءَ جو اثر اَوَس ٿيندو آهي. چوندا آهن ”ڪارو وسي ڪٻري سان رنگ نہ مٽائي اوساڻ ضرور مٽائي“
ضروري آهي تہ بنيادي خرچ، جيئن اجهو، لٽو، کاڌو، تعليم، صحت، خير خيرات (جيڪي ڪجهہ ممڪن ٿي سگهي) پنھنجيحساب سان جائز نموني ڪرڻ گهرجن، غير ضروري ڏيکاءُ جي خرچن کان پاسو ڪري، پنھنجي ڪمائيءَ جو حساب ڪتاب رکي، ملڪي بچت اسڪيمن ۽ ٻين ڪارائتين سيڙپن ۾ پئسا استعمال ڪياوڃن. حڪومت طرفان ملڪ جي پاليسين ٺاهڻ مھل بہ عام ماڻھوءَ جي ڀلائيءَ لاءِ سٺا بچت پلان پيش ڪيا وڃن تہ بچت ترغيب عمل ۾ اچي حڪومت ۽ عوام ۾ سھڪار جي بہ گهڻي ضرورت آهي. فضول خرچيءَ کي ٻنجو ڏيئي اسين هڪ ترقي يافتہ ملڪ جو حصو ٿي سگهون ٿا.

وطن جي حُب

محبت هڪ اهڙو جادو آهي، جنھن سان دنيا جي ادنيٰ کان ادنيٰ شيءِ پڻ بلند بنجيو وڃي، حقيقت ۾ اهو پيار جو جذبو شمار ئي نٿو ٿي. جو انسانيت جا قدر نہ سيکاري دنيا جو ڪو بہ مذهب پيار جي پرچار کان خالي نہ آهي، دنيا جي ڪنھن بہ عالمي برادريءَ جي ليکڪ، شاعر ۽ ڏاهي جو پيغام ڏسنداسين تہ پيار ۽ محبت جو پيام نظر ايندو. شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، انسانذات جي لاءِ پيار ۽ محبت جي جذبي جي اهميت کي هن ريت ڄاڻايو آهي. فرمائي ٿو.
وڳر ڪِيو وَتَن، پِرتِ نہ ڇِنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙڻ ماڻھونئان ميٺ گهڻو.
(سر ڏهر، 4-5)

پرت ۽ پيار ضروري نہ آهي تہ اسين فقط پنھنجي والدين، استادن، دوستن يا پسنديدہ شخص سان رکون، بلڪہ هتي مراد آهي ڪل عالم جي لاءِ پيار، پنھنجي وطن سان پيار آهي تڏهن تہ شاھہ سائين سنڌ ۾ پوريءَ دنيا لاءِ دُعاڳو آهي.
سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار
دوست مٺا دلدار، عالَم سڀ آباد ڪرين

پيار هڪ شخصي مذهب جو نمونو آهي، جيڪو ماڻھوءَ ۾ شخصي طور ڏيڻ جي قوت وڌائي ٿو. تڏهن وٺڻ ۽ دليون رنجائڻ بجاءِ هُو فقط ۽ فقط دليون خوش ڪرڻ ۽ ڏيڻ ڄاڻي ٿو. اهڙو ماڻھو هر دلعزيز تہ ٿئي ٿو، پر منجهس سھپ جي قوت بہ وڌي ٿي. حقيقت ۾ دنيا جو سڀ کان بدنصيب ماڻھو اهو آهي، جيڪو ڪنھن دل ۾ پنھنجي لاءِ جڳھہ ٺاهي نہ سگهي. شاندار دِلين وارا نہ ڪڏهن حاسد هوندا آهن ۽ نہ ڊڄڻا، ڇاڪاڻ تہ حسد هٿي ڏئي ٿو شڪ کي ۽ خوف همٿائي ٿو براين کي. انھيءَ ڪري دل جي مضبوطي محبتن جي پروان چڙهائڻ ۾ آهي. محبتين جا ميڙا ڪل عالم ۾ خوشبو ٿا پکيڙين ۽ انھن سان ئي ڀائيچاري ۽ امن جي پيغام کي واڌارو ٿو حاصل ٿئي. سچي محبت ۽ پيار جو جذبو انسان کي پاڪيزگي، عظمت، انسان دوستي، خوشحالي ۽ امن جو درس ڏئي ٿو. ”محبت روح جو گلاب آهي، جيڪو گناهن جي تپش سان ڪومائجي وڃي ٿو“(شيخ عبدالقادر جيلاني) پيار جو هڪ اعليٰ درجو وطن سان محبت آهي.
اسان جي وطن جي ٻچي ٻچي تي اهو فرض آهي تہ هو وطن جي محبت جي جذبي سان واڳيل ٿي، دل ۽ جان سان ملڪ جي خدمت جو عھد ڪن. علم حاصل ڪرڻ سان گڏ ملڪ جي هر هڪ ننڍيءَ شيءِکي بہ قومي ملڪيت ۽ هڪ اهم اثاثو ڪري سمجهن، تڏهن ئي اسين صحيح معنيٰ ۾ آزاديءَ جي نعمت کان لطف اندوز ٿينداسين. جڏهن بہ ڪو ملڪ مڪمل طور آزاد ۽ خودمختيار آهي ۽ ان جا وطن واسي آزاديءَ جي نعمت جي قدر کان چڱيءَ ريت واقف آهن ۽ هو ملڪ ۽ قوم جي فائدن کي عزيز رکڻ کي حياتيءَ جو اصول بنائين ٿا، تڏهن ان ملڪ ۾ سياڻپ، صلح، عدل ۽ انصاف ۽ بھادريءَ جو راڄ قائم ٿيندو آهي. نہ ڪه ظلم زور آوريءَ ۽ ناانصافيءَ جو. وطن جي محبت کي سڀني اخلاقي قدرن تي اهميت ڏيندي ڊاڪٽر تنوير عباسي چوي ٿو تہ،
رات مون کي خواب ۾ هوشوءَ ڏنو هڪڙو پيام،
سنڌ وارن کي ڏجان، منھنجا ڳڻي سئو سئو سلام،
نوجوانن کي وڃي، شاعر اهو پيغام ڏئي،
ڪين پيارو ڪن وطن کان پنھنجي ساھہ کي.
ساھہ کان پياري وطن کي شاھہ، ڀٽائيءَ تہ مرڻ کان پوءِ بہ اهميت جوڳو قرار ڏنو آهي. مارئيءَ جي واتان چوائين ٿا تہ، ”مُيائي جياس، جي وڃي مڙھہ ملير ڏي“
وطن جي حب انساني اخلاق جو چوٽ چڙهيل جذبو ۽ وڏي خوبي آهي. انھيءَ خوبيءَ واري قوم ڪڏهن بہ پنھنجي ملڪ جو مدو نہ چاهيندي ۽ بلڪل ڀليءَ ڀت پنھنجي ملڪ جي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ اڳيان اڳيان هوندي. اهائي ان قوم ۽ ملڪ جي ترقي آهي. انھيءَ سان فرض شناسيءَ ۽ پيار جو جذبو پروان چڙهي ٿو. قوم جي هر ماڻھوءَ ۾ خوداعتمادي وڌي ٿي. عملي قوتن ۾ اضافو ٿئي ٿو، ڇو جو ماڻھوءَ جو عمل سندس سوچ جو ئي ترجمان آهي ۽ سندس ترقيءَ جو راز فقط ۽ فقط لڳاتار عمل ۾ آهي. موجودہ وقت اسان جي چئوطرف ماڻھن ۾ پئسي ڪمائڻ ۽ خرچ ڪرڻ جا قدر پراڻي وقت کان مختلف ۽ غير معياري ٿي رهيا آهن. ملڪي ناڻي کي مضبوط ڪرڻ جا احساس ختم ٿيندا پيا نظر اچن. ذاتي ملڪيتن کي وڌائڻ ۽ اسراف ۽ ڏيکاءُ واري حياتي گذارڻ جا نوان غير معياري قدر وڌي رهيا اهن. جن سبب ايمانداري ۽ وطن جي محبت ختم ٿيندي پئي وڃي. اڄ ذخيره اندوزي، چور بازاري ۽ ٺڳيءَ جي ٺاهن سان هڪٻئي جو خون چوسيو پيو وڃي. پر اهو ياد رکڻ گهرجي تہ ٻين جو رت چوسيل ناجائز پسئو، بي بقا آهي. جنھن کي نہ جٽاءُ آهي. نہ ئي اڳيان ان ۾ ڪو بہ فائدو ٿيندو. تاريخ شاهد آهي تہ غير اخلاقي ڪمن ۽ غير معياري عملن سبب هميشہ انسانيت نقصان ۾ آئي آهي. سماج ۾ برابري ۽ انصاف سان هلڻ سان ئي ماڻھو چڱائي حاصل ڪري سگهندا. اهڙو جذبو فقط ۽ فقط وطن ۽ قوم سان سچي محبت ۾ پسي سگهجي ٿو.

عدل ۽ انصاف جي سماج ۾ ضرورت ۽ امن جي اهميت

عدل ۽ انصاف/ بي انصافي انھن ٻنھي لفظن جي مختصر هئڻ جي باوجود سماج جي سڄيءَ اڏاوت جو دارومدار انھن ٻنھي لفظن جي معنيٰ ۽ مفھوم تي آهي. عدل يعني برابري ۽ انصاف معنيٰ ”حق پلئه پوڻ“ بظاهر تہ عام ڳالھہ ٿي لڳي پر اڄ جي دور ۾ بي انصافيءَ جو راڄ قائم آهي. عدل ڄڻ موڪلائي ويو آهي. ظالم ڪير اهي؟ ۽ مظلوم ڪير آهي؟ انصاف جون تقاضائون ڇا آهن؟ ان کي ڪھڙيءَ ريت هڪ مسلمان سماج ۾ قائم ڪجي؟ تمام بحث طلب مسئلا آهن. پر هتي فقط پياري رسول جي پاڪ فرمانن معرفت موضوع سمجهائينديس. حديث آهي تہ، ”عدل ۽ انصاف جي هڪ گهڙي سئو سالن جي عبادت کان بھتر آهي“.
هڪ ٻي حديث آهي تہ، ”مظلوم جي آھہ کان بچ، ڇاڪاڻ تہ ان جي وچ ۾ ۽ رب جي وچ ۾ ڪا بہ اوٽ ناهي“
رسول پاڪ اهو بہ فرمايو آهي تہ، ”مسافر، مظلوم ۽ ماءُ جي دعا قبول ٿيندي آهي“. قدرت جو اهو قانون آهي تہ حق جي آواز کي جيترو بہ دٻائبو، اهو ايترو ئي سختيءَ سان اڀرڻ جي طاقت رکندو آهي. مظلوميت، ظلم جي انتھا سان انتقام ۾ تبديل ٿيندي آهي. انھيءَ ڪري جيترو ٿي سگهي، ڪنھن سان بہ انياءِ ۽ ظلم ڪرڻ کان بچجي. بي انصافي ظلم آهي ۽ انصاف حق جو آواز آهي. ناانصافي، ڏاڍائي، افراتفري، ٻوسٽ ۽ غير برابريءَ کي روڪڻ لاءِ قانون سان گڏ اخلاقي گڻن جي قدر کي وڌائڻ سان روڪي سگهجي ٿو، نہ تہ ظلم جي اونداهيءَ ۾ روشني ڦُٽڻ ناممڪن آهي. حقيقي آزادي ۽ عدل انصاف وارو سماج اهو آهي، جنھن ۾ ظلم جو خاتمو ٿي وڃي. قرآن پاڪ ۾ آهي تہ، ”عدل ۽ توازن جو پورو پورو خيال رکو ۽ تارازيءَ کي هڪڙي پاسي نمڻ نہ ڏيو“.
ملڪ جي حاڪم جو اهو فرض آهي تہ هُو پنھنجي ماڻھن سان ويجهو رهي. قائداعظم محمد علي جناح فرمايو آهي تہ، ”منھنجي دعويٰ آهي تہ جيڪڏهن اوهين عوام جي راءِ ۽ سندن خواهش جو احترام نہ ڪندا تہ اوهين جيترا بہ وڻيو اوترا قانون کڻي بنايو، مگر اوهين انھن جي وسيلي بدامني ڦھلائيندڙ سڀني عناصرن جو خاتمو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نہ سگهندا“. سو بي انصافيءَ جو خوف ئي آهي جو ماڻھن ۾ انصاف جي لاءِ محبت پيدا ڪري ٿو. ظلم، تشدد ۽ بي انصافيءَ سان ڪڏهن بہ دنيا ۾ روحاني، اخلاقي يا مادي خوشحالي آڻي نٿي سگهجي. سُک جو رستو امن، پيار، محبت، فرض شناسيءَ سان گڏ نفاق ۽ بدامنيءَ کي ٻُنجو ڏيڻ جو آهي.
ڪيڏو نہ امن لاءِ جڳ منتظر بہ آهي؟ ڇا ڪار ساز قھرن کان بيخبر آهي؟
ڪو آسمان تان ڳائي، بارود ڌوڙ ٿي ويا، ان کان وڌيڪ نغمو ڪو معتبر بہ آهي.
”امن“ ظاهري طور تہ مختصر لفظ آهي، پر معنيٰ جي لحاظ کان وسيع ترين ۽ انساني اندر جو سڪون آهي. امن ئي آهي جنھن سان ڪنھن ملڪ ۽ قوم جي ترقي ممڪن ٿي سگهي ٿي. امن قومن جي ترقيءَ جو اهڃاڻ آهي تہ سندن ترقيءَ جو راز پڻ. امن ضمير جي سجاڳي تہ امن عدل ۽ انصاف بہ آهي اڄ جي ائٽمي پاور واري دور ۾ هر ملڪ نہ فقط پنھنجي سرحدن جي بچاءَ لاءِ پريشان آهي، پر ملڪ جي اندروني حالتن کي منھن ڏيڻ ۾ پڻ گهڻو فڪرمند آهي، موجودہ وقت جيڪڏهن ڪنھن بہ گهر جو ڪو بہ ڀاتي گهر کان ٻاهر آهي تہ دير ٿي وڃڻ تي گهر ۾ موجود هر هڪ پريشان هجي ٿو تہ ”شل خدا خير ڪري“. ان جو سبب فقط ۽ فقط قتل، خودڪش حملا، چوريون، ڦر، اغوا وغيرہ آهن. عدل انصاف ۽ امن جي ماحول کي وڌائڻ ۾ انساني اخلاقي قدرن جو وڏو ڪمال آهي. اهڙين خوبين جيئن سچ، لالچ ۽ حرص و هَوَس کان بچاءُ، انسانيت جي لاءِ پيار ۽ محبت، فرض شناسي، بھادري ۽ همت، محنت، اميد جو جذبو، خوداعتمادي، شيرين زباني، وعدہ وفائي، صبر ۽ شڪر، حسد کان بچاءُ، نوڙت ۽ ٻيا نيڪ عمل ۽ چڱا اخلاق آهن، جن کي پنھنجو ڪرڻ سان هڪ سڌريل سماج جو بنياد پوندو، ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي ذاتي چڱين خوبين جو سماج تي تمام وڏو اثر پوي ٿو. فقط هڪ انسان جي سڌرڻ سان هڪ مڪمل خاندان سڌري ٿو ۽ اهڙيءَ ريت ان خاندان جي ٻين ڀاتين جي سڌرڻ سان ڪيترائي خاندان سڌرن ٿا ۽ مڪمل طور هڪ مھذب قوم جي اوسر عمل ۾ اچي ٿي. گوتم ٻُڌ چوي ٿو تہ،
”غصي ۾ ڳالھايل هڪ لفظ بہ سڀ کان تکي تلوار آهي. لالچ سڀ کان خوفناڪ زهر تہ حرص و هوس سڀ کان تيز باھہ آهي. جھالت سڀ کان وڌيڪ اوندھہ تہ، سڀ کان خوفناڪ چور آهن خراب خيال ۽ سڀ کان دردناڪ بيماري آهي دل جي پليتي، سڀ کان تيز بخار آهي نفرت، سڀ کان وڌيڪ نقصان ڏيندڙ اهو شخص آهي، جو ٻين کي فائدي پھچائڻ بنا پاڻ کي فائدو رسائي ٿو. سڀ کان سٺو حڪيم آهي پروڙ ۽ سڀ کان وڌيڪ فائدي ۾ اهو رهي ٿو، جو ٻين کي ڏئي ٿو ۽ سڀ کان قيمتي خزانو آهي نيڪي“.
اهڙيءَ ريت امن، عدل ۽ انصاف قائم ڪرڻ ۽ اهو شعور ڏيڻ لاءِ چڱن اخلاقي گڻن جو پکيڙڻ وڏي نيڪي آهي، جا ڪنھن سٺي سماج جي وڌڻ ويجهڻ جي اهم ضرورت پڻ آهي.

سچ جي طاقت لالچ کي روڪي ٿي

پيارا ٻارو! سچ انساني گڻن جو سرتاج آهي اهو سچ ئي آهي، جيڪو ماڻھوءَ جو مانُ ۽ شان هر هنڌ وڌائي، کيس دين ۽ دنيا ۾ سوڀارو ڪري ٿو. سچارن تي تہ مالڪ جون اکيون آهن تہ سندس ڪَنَ انھن سچن سوالين جي سوالن ڏي جن بہ ڪوڙ ڳالھايو ۽ برائيون اختيار ڪيون. مالڪ تن کان مَن موڙيو ۽ انھن جو ڄڻ تہ نانءُ ۽ نشان ئي دنيا مان ختم ٿي ويو. سچ قائم ۽ دائم ۽ ڪوڙ بي بقا. سچ نور جو سوجهرو تہ ڪوڙ باھہ جو آڙاھہ. تڏهن ئي تہ سچ ۽ ڪوڙ هڪ ٻئي جي ابتڙ ۽ تصوير جا ٻہ الڳ رخ آهن. سچ سونھن آهي ۽ سونھن ئي فطرت آهي، جنھن کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ سورهيہ سوريءَ سزا وار ٿيا آهن.
سچ سوريءَ کي سونھن ڏئي ٿو، سوري سچ جو زيب،
هر ڪو عيسيٰ کڻي، ڪلھن تي پنھنجو پاڻ صليب.
سچ ئي آهي، جنھن لاءِ امام حسين عليہ السلام سجدي ۾ سَر ڪَٽايو.
سچ ڇالاءِ ڪوڙ جي بيعت مڃي، حق ڇو ناحق جي بيعت مڃي،
هڪ طرف جنت، جهنم ٻئي طرف، نور ڪيئن ٿو، نارجي سنگت مڃي.
واعدو پاڙڻ ۽ عھد پورو ڪرڻ سچ جي بدولت ئي ممڪن آهي. وعدہ وفائيءَ جي خوبيءَ سان ماڻھن ۾ اعتبار ۽ اعتماد وڌي ٿو. سچ ۽ ڪوڙ مختلف ۽ متضاد رويا آهن. سچ دين جو بنياد تہ ڪوڙ منافقي ۽ ڪفر، سچ انساني شخصيت جي تعمير جو اهم ٿنڀو تہ ڪوڙ ماڻھوءَ جي شخصيت جي لاءِ قينچي آهي. شيخ سعدي چوي ٿو تہ، ”سڀ کان وڏي خيانت اها آهي تہ تو پنھنجي ڀاءُ سان ڪوڙ ڳالھايو، جنھن کي هُو سچ سمجهي وڃي“. ڪوڙ ماڻھوءَ جي عزت گهٽائي، کيس دين دنيا ۾ خوار ۽ خراب ڪندڙ آهي. ڪوڙي جي عزت ڪنھن جا ءِ تي نہ ٿي هجي. آخرڪار سندس ڪارستانيون سڀني کي معلوم ٿي وينديون آهن. موجودہ دور ۾ ڪوڙ کي مختلف طريقن ۽ نمونن سان رائج ڪيو وڃي ٿو ۽ ان کي وقت جي ضرورت قرار ڏيندي، ڳالھہ کي بدلائي ۽ ٺاهي پيش نہ ڪرڻ واري کي سادو ۽ بيوقوف سمجهيو ٿو وڃي پر ڏٺو وڃي تہ اهو وقتي ۽ دنياداريءَ جو رستو آهي. جنھن کي بقا ڪونھي، ڪوڙي ماڻھوءَ جو نسل بہ اڳيان هلي ڪوڙو ٿو ٿئي. اهڙيءَ ريت ڪيترائي خاندان هن قبيح عادت جو شڪار ٿا ٿين. جڏهن تہ سچ جو مقام تمام بلند آهي ۽ آخر سچ جي ئي فتح ٿئي ٿي.
سدائين ٿو سَرَ هو، گذاري سچار،
سدا آهي، ڪوڙ خراب ۽ خوار.
سھڻو سخن آهي تہ ”جي سُکيا ڏينھن ڪاٽڻ ٿو چاهين تہ زبان کي برائيءَ کان ۽ چپن کي ڪوڙ کان پري رک، بڇڙائيءَ کان باز ٿي نيڪي اختيار ڪر“. اسلام ۾ سچ ڳالھائڻ جي تمام گهڻي هدايت ٿيل آهي تہ صدين کان پوريءَ دنيا ۾ نيڪن، ڏاهن، ولين ۽ پيغمبرن سچ جي اهميت ڄاڻائي آهي. سماج جي اهم برائين ۾ ڪوڙ هڪ وڏي لعنت آهي. سچ جي نعمت جو قدر ڪري ان جو مانُ مٿانھون ڪرڻ سان اخلاقي قدرن ۾ واڌارو ٿيندو.
لالچ ۽ حرص کان بچاءُ سان انسان سچار ٿيئي ٿو. اسان جي گهڻين پريشانين جو سبب اسان جون غلط خواهشون، هٻڇ ۽ لالچ آهن. پُرسڪون زندگيءَ جو هڪ اصول قناعت پڻ آهي. خدا تعاليٰ خوشحالي بخشي تہ بہ پنھنجين تمنائن کي گهڻو وسيع نہ رکڻ گهرجي. خواهشون ۽ دنياوي لالچن جا انبار نہ فقط شخصي طور ماڻھوءَ کي جهوري ڀوري ٿا ڇڏين، پر انھن جو پورائو نہ ٿيڻ کيس نااميديءَ جي ڌٻڻ ۾ وجهي ٿو ڇڏي. جتان ئي هن جي اصل ناڪامي شروع ٿئي ٿي. ڇو جو جنھن ڊگهيون اميدون رکيون، تنھن پنھنجا عمل بگاڙي ڇڏيا. لاحاصل خواهشن جي پٺيان ڊوڙڻ ايئن آهي، جيئن سُڃ ۾ پاڻي ڳولھڻ سو گهڻيون خواهشون، حرص، هوس ۽ لالچ ۾ شمار ٿين ٿيون. هڪ ڏاهي جو قول آهي تہ، ”شين جي محبت، دل ۾ دائمي طور داخل ٿي وڃي تہ اتان دلين جو مالڪ لڏي ويندو آهي“.
خواهشن ۽ اميدن جا پڻ معيار مقرر ٿيل آهن. اهڙيون خراب خواهشون جن سان انسان ٻئي جا حق تلف ڪري ۽ فقط سندس ذاتي خوشيءَ لاءِ غلط طريقن سان لاڳاپيل هجن. سي لالچ ۽ حرص جو حصو آهن. باقي نيڪ اميدون ۽ نيڪ تمنائون ۽ نيڪ خواهشون ضرور رکڻ گهرجن. جيئن ديني دنياوي علم حاصل ڪرڻ جي خواهش، دنيا ۾ سرخرو ٿيڻ ۽ ڪاميابيون ماڻڻ جي خواهش يا ڪي ڪارائتا ڪم ڪرڻ جي خواهش لالچ کان مختلف آهن. لالچ معنيٰ تہ ٻئي جي شيءِ ۾ اک رکڻ ۽ هٻڇ سان پنھنجو ڌن ناجائز طريقن سان وڌائڻ، ٻئي جو حق غصب ڪري پنھنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ، ٻئي سان حسد ڪري سندس جان ۽ مال کي نقصان ڏيڻ وغيرہ، انسانيت جي خدمت خدا پاڪ جي خدمت آهي ۽ انسانيت جي لاءِ پيار ۽ محبت جي جذبي جي تمام گهڻي اهميت آهي. محبت ۽ پيار جا جذبا روحاني جذبا آهن. هن روحاني خزاني مان فيضياب ٿيڻ سان اسان انسانيت جي تعمير بھترين نموني ڪري سگهون ٿا. هي ءَ دنيا انسانن لاءِ آهي ۽ انسان دنيا لاءِ پيدا ڪيا ويا آهن، پر هتي اچڻ کانپوءِ هر ماڻھو ذاتي طور ايئن سمجهي ٿو تہ هتي موجود هر شيءِ صرف هن جي لاءِ آهي ۽ هُو خود غرض بڻجي ٿو. جنھن سان منجهس لالچ پيدا ٿيئي ٿي ۽ هو سچ جي رستي کان پري ٿي وڃي ٿو جو ذاتي ۽ قومي نقصان آهي.

فرض شناس باهمٿ ۽ بھادر آهن

فرض شناسي يعني پنھنجي فرضن جي سڃاڻپ هڪ تمام گهڻو ذميداريءَ جو رويو شمار ٿئي ٿو. اڄ هر ڪو پنھنجي حقن جي حاصلات لاءِ بحث ۾ رڌل آهي. حقيقت اها آهي تہ جڏهن اسين حق حاصل ڪرڻ لاءِ گوڙ ۽ شور ڪريون ٿا تڏهن اسان کي اهو قطعي نظرانداز نہ ڪرڻ گهرجي تہ جيترا اسان جا حق مختلف رشتن ۽ لاڳاپيل ماڻھن ڏانھن آهن، ايترائي بلڪہ ڪنھن حد تائين ان کان بہ گهڻا اسان تي فرض پڻ مقرر آهن.
استاد جو فقط اهو فرض ڪونھي تہ هو شاگرد کي علم عطا ڪري، بلڪہ شاگرد تي پڻ اهو مڪمل طور فرض عائد ٿئي ٿو تہ هُو استاد جي حقن جي سُڃاڻپ رکي، نہ تہ کانئس قيامت جي ڏينھن مليل علم جي فضيلت جي پڇا ڪئي ويندي. ساڳيءَ ريت والدين تي ٻارن جي پالنا جا انيڪ فرض آهن، پر اولاد تي بہ اها جوابداري آهي تہ هو والدين جي حقن کي نظر ۾ رکي. فرضن جي ادائگيءَ ۽ حقن جي وصوليءَ جو تفصيل تمام ڊگهو آهي، پر حقيقت صاف ظاهر آهي تہ ” هڪ هٿ سان ڏئي ٻئي هٿ سان وٺ“.
فرض شناسيءَ جو اهو محور آهي تہ ماڻھو لالچ ۽ هٻڇ کان ۽ خوف ۽ بي همٿيءَ کان پري هجياهو سوچي تہ کيس حساب ڪتاب ڏيڻو آهي. بيشڪ هُو پٽيوالو آهي يا اعليٰ آفيسر، شاگرد آهي يا استاد، ننڍو آهي يا وڏو سندس حيثيت ۽ مرتبي مطابق مٿس بلڪل ڪي فرض مقرر آهن ۽ ساڳيءَ ريت سندس حق پڻ معاشري جي مختلف ماڻھن ڏانھن موجود آهن، پر ٿئي ايئن ٿو تہ هتي حقن جي وٺ پڪڙ گهڻي آهي. فرضن ڏي وڏي ڪوتاهي آهي. انھيءَ ڪري نہ آفيسن ۽ ادارن جو ماحول بھتر اهي نہ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جو ۽ نہ ئي گهرن جو. پر بھر حال سڀ ماڻھو برابر ڪونہ آهن، جيڪي فرض ادائيءَ جي خوبيءَ ۽ حقن جي برابريءَ جي اصولن کان واقف آهن سي عمل بہ ڪن ٿا ۽ انھن جي حياتي گهڻين مشڪلن کان آجي آهي. فرضن جي ادائيگيءَ لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي آهي، جنھن لاءِ وڏي همٿ گهرجي.
همٿ ۽ بھادري ماڻھوءَ جي شخصي خوبين ۾ اهميت واريون خوبيون آهن. شخصي طور جيڪڏهن اهي خوبيون ڪنھن قوم جي ماڻھن ۾ آهن تہ اها قوم ڪڏهن بہ مفتوح ٿي نٿي سگهي. پنھنجي بھادرن ۽ جيالن جي ڪارنامن کان جيڪڏهن نئين نسل کي صحيح نموني سان واقف ڪرايو وڃي تہ مان نٿي سمجهان تہ ان قوم جا نوجوان پوئتي رهي سگهن ٿا، انسان کي سڀني ڪوششن جو حاصل ضرور ملي ٿو. ايئن نہ آهي تہ ماڻھوءَ جون محنتون رائگان ٿيو ٿيون وڃن. همٿ سان دنيا ۾ هر ناممڪن ڪم ممڪن ٿي وڃي ٿو. همٿ ئي آهي. جيڪا اندر جي قوت ٿي ماڻھوءَ کي ڪوشش ۽ عمل لاءِ وڌائي ٿي ۽ ماڻھو بي خوف و خطر مشڪلن کي منھن ڏيڻ لاءِ اڳيان وڌي ٿو.
ڪنھن بہ سماج جي نوجوانن ۾ جيڪڏهن بھادري ۽ همٿ جهڙيون خاصيتون نہ هونديون تہ هُو بزدل ۽ ڪمزور ٿي نہ پنھنجي لاءِ ڪجهہ ڪري سگهندا ۽ نہ گهر ڀاتين لاءِ ۽ نہ ئي قوم ۽ ملڪ جي لاءِ. بھادر، باهمٿ نوجوان هن ڌرتيءَ جو فخر ۽ شان آهن. سنڌ ۾ ”دودو چنيسر“ جو جنگي داستان هر شاگرد ٻُڌو ۽ پڙهيو هوندو. ”چنيسر“ جو نالو اڄ بہ سنڌ ۾ گار طور استعمال ٿئي ٿو، جنھن جو دين ايمان تخت ۽ تاج هو تہ ” دودو“ ، بھادر، باهمٿ سنڌ تي ساھہ ڏيڻ وارو فرض شناس حڪمران هو، جنھن سنڌ ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ پنھنجي ۽ پنھنجي ساٿين جي جان قربان ڪئي.
دنيا ۾ اهي قومون ڌرتيءَ جي تختي تان هميشہ لاءِ ميسارجي ويون آهن، جن پنھنجي قوم واسين کي ننگ ۽ قوم جي حفاظت ڪرڻ ڪونہ سيکاري کين سختيون سھائي، بھادرن جي صف ۾ نہ بيھاريو. شيخ اياز ڌرتيءَ جي بھادرن کي ڀيٽا ڏيندي چوي ٿو تہ،
مون ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڏٺا، مون ساڻا ساڻا سَنڌ ڏٺا،
مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏٺا، جي لوئي لڄ بچائي ويا،
جي جيءَ جيارا ماڻھو هئا، سي سڀ کان پيارا ماڻھو هُئا،
جن ساھہ ڏيئي ويساھہ ڏنو، سي دل ۾ درد دُکائي ويا.
بھادري اها ڪانھي تہ هڪٻئي کي پتوڙجي، پر بھادر اهو آهي، جيڪو پنھنجي ملڪ ۽ ننگ و ناموس جي حفاظت ڪري، اوڙي پاڙي، نياڻيءَ سياڻيءَ جو حياءُ ڪري، مھل ڪُمھل ڪم اچي. قومي محبت جي جذبي سان سرشار هجي ۽ وقت تي جان ڏيڻ کان بہ نہ ڪيٻائي. بزدلن ۽ ڪانئرن تي هميشہ هِٺ ڦِٺ ٿيندي آهي. پر بزدلي ۽ شرافت ۾ پڻ چٽو فرق آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻھو شريف آهي ۽ هُو انتقامي رستن تي نٿو هلي ۽ نہ ئي بدلو ٿو وٺي، بلڪہ معاف ٿو ڪري ڇڏي، جو خدا پاڪ ان کي اها خلاقي قوت ڏني آهي ۽ هو معافيءَ کي ئي بھترين انتقام ٿو ڄاڻي تہ اهو اعليٰ انسان آهي، پر ڪي ماڻھو سندن انھيءَ رويي کي بزدليءَ سان ڀيٽيندا آهن ۽ کين وڌيڪ تنگ ڪندا آهن. پوءِ ڄڻ ايئن لڳندو آهي تہ شرافت جو تہ زمانو ئي ڪانھي.
شرافت امن ۽ انصاف جو ليڪو،
عجب انداز سان اورانگهجي ٿو پيو.
جتان گهڙندي ٻُڏڻ جو ڊپ ٿيڻ گهرجي،
انھن گهيڙن جو پاڻي تانگهجي ٿو پيو.

بھر حال بزدل هئڻ ڪردار جو اَوَگڻ آهي. بھادري مومن جو شان آهي. انھيءَ جذبي هيٺ سئو سالن جي بزدليءَ واري جيون جي بدران مانجهي مڙسن، شينھن جھڙي هڪ ڏينھن جي زندگيءَ کي اهميت ڏيندي، پنھنجي قومن کي حياتيون ۽ بقا جا پروانا عطا ڪيا آهن. بھادر ۽ باهمٿ ماڻھو بااخلاق، فرض شناس ۽ ذميوار هجن ٿا.

محنت جي عادت قدرت طرفان عظيم تحفو

محنت انساني فطرت جو عظيم مقصد ۽ اهو ئي هن زمين تي خوشيءَ جو ذريعو آهي، اها بہ حقيقت اهي تہ محنت خوشقسمتيءَ جي ماءُ ۽ انسان جي حياتيءَ جي گذران جو بنيادي ذريعو آهي. هر شخص پنھنجي قسمت جو پاڻ ٺاهيندڙ آهي. قسمت ڪنھن ٻئي هنڌان ڪانہ ايندي، بلڪہ اها محنتن سان ئي جوڙي ويندي آهي. محنت اسان جي هٿ ۾ ۽ نصيب الله جي هٿ ۾ آهي. اسان کي ان مان ڪم وٺڻو آهي، جيڪو اسان جي هٿ ۾ آهي.
ڏٺو وڃي تہ محنت جي عادت ماڻھوءَ ۾ ڪا هڪ اڌ ڏينھن ۾ پيدا ڪونہ ٿيندي آهي. هيءَ جسماني ۽ ذهني تڪليف، ذميواري، طاقت، توجھہ ۽ وقت جي پابنديءَ جي حامل آهي، جيڪڏهن ٻارن کي ننڍپڻ کان ئي پنھنجي ڪمن پاڻ ڪرڻ جي عادت هوندي تہ هُو اڳيان هلي هڏڏوکي ٿيندا، نہ تہ منجهن سستي ۽ ڪاهليءَ جي عادت پوندي.
گوتم ٻڌ، جان کي جفا ڏيڻ جو قائل هو. هن مھان شخص جي ڄاڻايل اصولن ۾ محنت کي وڏي اهميت آهي، چوي ٿو تہ، ”جو شخص صاف دل آهي، سو پنھنجي بازن جي طاقت ۽ محنت سبب پنھنجو هٿ ٻئي اڳيان نٿو ٽنگي ۽ سستيءَ کان پري رهي ٿو. هو امير هجي، عالم هجي، هاري هجي خواھہ ڪاروباري هجي، مطلب تہ ڪنھن بہ حيثيت ۾ سماج جو فرد هجي اهڙي طريقي سان حياتي گذارڻ سان سندس نيڪنامي چوڌاري ڳائڻ ۾ ايندي“.
پورهئي يا محنت ۽ ڪم ڪرڻ کي ڪڏهن بہ عذاب نہ، بلڪہ دلچسپ وندر ۽ مشغولي سمجهندڙ ماڻھو ڪنھن بہ وقت محنت کان باز ڪونہ رهندا آهن، محنت نہ ڪندڙ ماڻھو نہ فقط پنھنجي لاءِ پر انسانيت جي لاءِ بہ ملامت ۽ بار آهن، ڇو جو اهڙيءَ ريت سڄو سماج سُست ۽ ٽوٽي ٿي ويندو. سستي ۽ ڪاهلي هن قيمتي حياتيءَ جو وڃاڻ آهي. هٿ هٿ تي رکي ويھڻ سان ڪو آسمان مان من وسلويٰ ماڻھوءَ کي ڪونہ ملندا، بلڪہ هو بُک مرندو، رزق ڪمائڻ لاءِ بہ هر انسان کي محنت ٿي ڪرڻي پوي تہ دنيا جو هر هڪ ڪم محنت سان مشروط آهي، چاهي اهو علم هجي يا عبادت، ادب هجي يا آرٽ، هارپو هجي يا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي. مطلب تہ محنت کان سواءِ ڪجهہ بہ ممڪن نہ آهي.
انساني عقل هڪ اهم سوغات آهي. عقل ۽ محنت جي ميلاپ سان ڪاميابي مڪمل يقيني آهي. حضرت علي رضي الله موجب تہ ”ڪوبہ دلاسو عقل جي دلاسي کان بھتر ڪونھي“ سو عقل ئي آهي جو محنت ۾ مددگار ۽ مشورا نواز آهي ۽ علامہ اقبال بہ ساڳيءَ ريت عقل ۽ علم کي فوقيت ڏني آهي. فرمائي ٿو تہ ”عقل جھڙي دولت ڪونھي ۽ جھالت جھڙي ڪا غربت ڪونھي“ سو عقلمند ماڻھو جيڪڏهن محنت ٿو ڪري تہ ڪاميابي ٿو ماڻي ۽ جيڪڏهن تعليم يافتہ آهي تہ هيڪاري وڌيڪ ڪامياب ۽ ڪامران آهي. معنيٰ تہ محنت ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي ۽ محنت سان گڏ وقت تي هر ڪم ڪرڻ ۽ وقت جو قدر ڪرڻ هيڪاري اتم آهي.
وقت جي اهميت محنت جي معاملي ۾ تمام اهم آهي. عام طور چوندا آهن تہ ”وقت انھن کي ضايع ڪندو آهي، جيڪي وقت کي ضايع ڪندا آهن، دنيا ۾ توهان جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ تڪليف ده اهو شخص هئڻ گهرجي جيڪو توهان جو قيمتي وقت برباد ڪندڙ آهي. هن تيز رفتار دور ۾ انساني ڪمن ۽ ڪوششن ۾ وقت جي تمام اهميت آهي، هتي اهو بلڪل صحيح سمجهہ ۾ ٿو اچي تہ، ” هن دور ۾ وقت گهٽ آهي ۽ مقابلو سخت آهي“ هيءُ مقابلي (Competition) جو دور آهي. جنھن ۾ ڪنھن بہ ڪم کي دل ۽ جان سان گڏ مڪمل ڄاڻ ۽ محنت سان مقرر وقت تي جيڪڏهن ڪبو، تڏهن ئي اهو مانُ ماڻيندو. وقت جھڙي اهم ترين ۽ ناياب شيءِ محنت سان مشروط آهي. زندگي فقط ۽ فقط وقت جو قدر آهي. وقت کي ضايع ڪرڻ معنيٰ تہ حياتيءَ کي ضايع ڪرڻ. ڪنھن شاعر چواڻي تہ،
محبت سان ڀرپور محنت ڪنداسين، ۽ محنت جي هر ريت عزت ڪنداسين،
۽ عزت اسان جي انھيءَ ۾ ئي آهي، تہ پيارن، پنھوارن جي خدمت ڪنداسين.
سُقراط چوي ٿو تہ، ”وقت جو هر ذرو سون جي ذري وانگر قيمتي آهي ۽ عقلمند وقت جو قدر ان جي موجودگيءَ ۾ ڪندا آهن، جڏهن تہ نادان وقت وڃائي پڇتائيندا آهن“.

اُميد جي قوت ڇا آهي؟

اميد حياتيءَ جي ڏکن ۽ سکن ۾ هڪ وڏي آٿت آهي. لاها چاڙها ۽ ڏک سک حياتيءَ جي هن سفر ۾ هر ڪنھن کي پيش اچن ٿا. پر مايوس ۽ نااميد ٿيڻ سان ماڻھو وڌيڪ مشڪلاتن ۾ ڦاسي، زنده رهڻ جي خوشيءَ کان تہ محروم ٿئي ٿو، پر ڪڏهن ڪڏهن تہ ڪي نااميد ماڻھو پنھنجي پاڻ جو بہ انت آڻين ٿا، جيڪا حرام موت آهي، حقيقت ۾ تڪليفون ۽ پريشانيون انسان کي سوچن تي مجبور ڪنديون آهن ۽ سوچڻ سان ئي انسان داناءُ ٿئي ٿو ۽ دانائي زندگيءَ کي جيئڻ جي قابل بنائي ٿي. هونئن بہ ڪجهہ وڃائي ئي پوءِ سکبو آهي. ان ڪري بھتريءَ جي اميد رکجي. پر بدحاليءَ لاءِ بہ تيار رهجي. زندگيءَ جي ڪاميابيءَ جو راز اهو آهي تہ پريشانين جي باوجود بہ پريشان نہ ٿجي ۽ اميد جو ساٿ ڪڏهن بہ نہ ڇڏجي. زندگي مسلسل جدوجھد ۽ اميد ان جدوجھد جو بنياد آهي. نااميدي ۽ مايوسيءَ جو ڪارڻ عمومن خوف پڻ آهي. خوف سان وحشت، دهشت ۽ پريشاني پيدا ٿي، يقين جي قوت ختم ٿي ويندي آهي ۽ خوداعتماديءَ جي ڪمي ٿيڻ سبب بي همٿيءَ سان ناڪامي ملي ٿي. يعني پنھنجي ئي پيدا ڪيل خوف مان پريشاني اچي ٿي ۽ اها بہ سچائي آهي تہ پريشانيون خود تي حاوي ڪرڻ سان اهي وڌيڪ وڌنديون آهن.
اسان جي مذهب ۾ تڪليفن ۽ پريشانين ۾ صبر، همت، توڪل ۽ دعا جي هدايت ڪيل آهي. ايتر قدر جو امام ابوحنيفہ تہ اهو ٿو چوي تہ ”مصيبتون گناهن جو نتيجو هونديون آهن ۽ گنھگار کي اهو حق نٿو پھچي تہ هو مصيبتن تي واويلا ڪري“. پر مولانا رومي چوي ٿو تہ، ”مصيبتون گناهن سبب بہ آهن تہ اهي آزمائش طور پڻ اچن ٿيون، پر ٻنھي حالتن ۾ صبر، همٿ ۽ دعا وسيلو آهن“. جن سڀني جي سھارو اصل ۾ اميد آهي. اميد سان حياتي باعمل ۽ سوادي آهي. اميد جيئڻ جو آسرو ۽ يقين جي قوت آهي.
خوداعتمادي پڻ اميد سان ئي قائم ٿئي ٿي. دعا جي قبوليت جو يقين، محنت جي صلي ملڻ جو يقين ۽ ٻين ڪيترن ئي معاملن ۾ انسان جي يقين جي قوت هُن کي خوداعتمادي ٿي ڏئي انھيءَ سان هُو پراميد ٿي ڏکيا ڪم پڻ خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ٿو ڏئي حضرت علي رضي الله فرمائي ٿو تہ ”فتح جو دارومدار خوداعتماديءَ تي آهي ۽ خوداعتماديءَ جو مدار باربار سوچڻ تي آهي ۽ سوچڻ جو مدار راز جي حفاظت ڪرڻ تي آهي“. معنيٰ تہ سمجهہ، همٿ، يقين ۽ اميد سان گڏ رازداري ڪاميابيءَ جو دليل آهي.

هيڻن جي طاقت ۽ قلب جي قوت اميد آهي،
خوشيءَ جو آڌار ۽ ڪاميابيءَ جو دارومدار اميد آهي.

هن دنيا ۾ جيترو اسين سچ ڳالھائڻ، پيار ۽ محبت سان حياتي ڪٽڻ، لالچ کان بچڻ ۽ فرض شناسيءَ سان ڪار وهنوار نڀائڻ، محنت، همٿ، بھادري، وقت جي پابندي ۽ اميد جي جذبي کي اهميت ڏيون ٿا، ايترو ئي اهم اسان جي رويي ۽ سوچ ۾ ڳالھائڻ جي قوت آهي. انسان ۽ جانور ۾ فرق فقط ۽ فقط عقل، سمجهہ، ڳالھائڻ ۽ مھذب هئڻ جي وچ جو آهي، تڏهن کيس ” ناطق الحيوان“، يعني ڳالھائيندڙ جانور بہ سڏيو ويو آهي، زبان جي مٺاس جي طاقت سان دشمن کي دوست ڪري سگهجي ٿو.

شيرين زباني ۽ بدزبانيءَ ۾ فرق

شيرين زباني/بدزباني اسان جي وَسَ ۽ اختيار ۾ آيل طاقتون آهن. زبان هڪ اهڙي قوت آهي، جنھن کي عقلمندي ۽ مٺاس سان استعمال ڪرڻ سان ماڻھو دشمنن کي دوست ڪري ٿو ۽ سندس دنيا جا سڀ ڪم ڪاريون بہ سولي نموني ٿين ٿا. ”اها ئي زبان آهي جا ماڻھوءَ کي کٽ تي ويھاري، اهائي زبان آهي، جا ماڻھوءَ کي پَٽ تي ويھاري“. شيرين زباني انساني شخصيت جي تمام وڏي خوبي آهي. بدزبانيءَ جھڙو ڪو ٻيو عذاب ڪونھي. جنھن ۾ گارگند، پِٽ پاراتو، کهرو ڳالھائڻ اچي وڃي ٿو. عام طور اسين ڏسنداسين تہ اڪثر ماڻھو مزاج ۾ ڪاوڙيلا ۽ بدمزاج هجن ٿا. ڪو بہ ماڻھو جڏهن ڪاوڙ ڪري ٿو تڏهن سندس عقل ڇڏائجي وڃي ٿو. ڪاوڙ عقل جي قينچي آهي. هلڪي طبيعت جا ماڻھو ٿوري ٿوري تي چڙي پوندا اهن. جنھن سان سندن شخصيت جو خراب اثر ٻين تي ٿيندو آهي، پر هُو پاڻ بہ هر وقت ناخوش لڳندا آهن. شاھہ لطيف ڪاوڙ کي وڏو نقصان ڄاڻايو آهي.
نمي کمي نھار تون، ڏمر ڏولائو،
ٿيئي ساڃائو، جي اڀيين انھين پير ٿي.

ڪاوڙ خود ڪاوڙ ڪندڙ لاءِ وڏو نقصان کڻي ايندي آهي. هڪ ڏاهي تہ ايتريقدر چيو آهي تہ ”آئون ٽانڊن تي بہ هليو آهيان ۽ گرم واريءَ کي بہ پيرن سان لتاڙيو اٿم، پر مون غصي کان وڌيڪ گرم چيز ڪا بہ ڪانہ ڏٺي“.
ڪاوڙ جي ابتدا جنون ۽ انتھا هميشہ پشيماني ٿيندي آهي. انتقام جي قوت هوندي بہ ڪاوڙ کائي وڃڻ افضل ترين عبادت آهي. ڪاوڙ نسوري باھہ آهي، جنھن کي روڪڻ جو حڪم قرآن ۽ حديثن ۾ آهي. حديث نبوي آهي تہ، ”توهان کي ڪاوڙ اچي تہ بيٺل هجو تہ ويھي رهو. ويٺل هجو تہ ليٽي پئو“. عام طور تي ڪاوڙ واري کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ يڪدم پاڻي پيئاريندا آهن تہ سندس دل جي باھہ ٿڌي ٿئي. جڏهن ڪو ماڻھو ڪاوڙ ۾ ڀرجي بدشد ڳالھائي ٿو، تڏهن هُو نہ نياڻيءَ سياڻيءَ جو حيا رکندو آهي، نہ وڏي ننڍي جي ساڃھہ، نہ ئي سندس ڳالھايل لفظ هُن جو ساٿ ڏيندا آهن. خبر ناهي ڇاجو ڇا هُو چئي ويندو آهي، جو جوش ۾ هوش تہ هوندو ڪونہ اٿس. چڙ ۾ بيھودن لفظن، غلط ۽ غير معقول جملن سان پيو واڪا ڪندو آهي. هو نہ فقط بيوقوف پر چريو معلوم ٿيندو آهي. انھيءَ وقت کيس سامھون ٿيڻ ڄڻ پنھنجي بيوقوفيءَ جو اعلان ڪرڻ آهي. ڪاوڙ جھالت جي نشاني آهي. چوڻي آهي تہ، ”پٿر ڀاري ٿو ٿئي ۽ واري ڳري، پر جاهل جي ڪاوڙ ٻنھي کان ڳري“.
بدزباني ۾ فقط سخت ڪلامي شمار نٿي ٿئي، پر گار گند، فالتو بحث مباحثو، تلخي، ڪوڙ، چاپلوسي، منافقت، بيھودگي، بيوقوفي، غيبت، چغلي، زبان درازي، لعنت، ملامت ۽ ٻيون خاميون آهن. حديث پاڪ آهي تہ، ”مومن ڪڏهن بہ طعنا ڏيندڙ، لعنت ڪندڙ، بدگو ۽ زبان دراز نہ ٿيندو آهي“.
زبان مان نڪتل لفظ ڪمان مان نڪتل تير جيان آهن، جيڪي واپس نٿا اچن. اخلاق جي اها تقاضا آهي تہ هميشہ سوچي سمجهي ڳالھائڻ گهرجي تہ جيئن دليون رنج نہ ٿين. ڳالھائڻ ۾ بيپرواهي کان بچجي. عقلمنديءَ جو اهو بہ تقاضو آهي تہ مناسب، شيرين، نرم ۽ پُراثر نموني ڳالھايو وڃي. لفظن سان گڏ لھجي جي نرميءَ جو اثر وڌيڪ اثرائتو هجي ٿو.
”انسان جي قابليت سندس زبان هيٺ لڪيل آهي“. حضرت علي رضہ الله جي انھيءَ قول تي غور ڪبو تہ سئو سيڪڙو سچ لڳندو. انسان امن ۾ تڏهن رهي سگهي ٿو جڏهن گهٽ ڳالھائي، عام طور، گهڻو ڳالھائيندڙ ماڻھو بنا غور ۽ فڪر جي ڳالھائيندو، جنھن ۾ مقصديت گهٽ ۽ غير ضروري ڳالھيون وڌيڪ هونديون آهن. انھيءَ ڪري زبان کي درست نموني ۽ موقعي مطلب مطابق استعمال ڪجي تہ جيئن ذهني پختگي ۽ اخلاقي بلندي پيدا ٿئي. حڪيم لقمان چوي ٿو تہ، . ”جسم جو آرام گهٽ کائڻ تي، نفس جي راحت گهٽ گناھہ ڪرڻ تي، دل جي خوشي گهٽ ڳڻتي ڪرڻ تي ۽ زبان جي راحت ٿوري ڳالھائڻ تي آهي“.
زبان جي استعمال ۾ نرمي، اثر، شائستگي ۽ اختصار اهم آهن. گهڻو ڳالھائڻ گناھہ جو سبب بنجي ٿو ۽ ان سان دليون، بہ سخت ٿين ٿيون. دانشمندي خاموشيءَ ۽ گهٽ ڳالھائڻ ۾ آهي. حضرت علي رضي الله جو قول آهي تہ، ”عقل جڏهن ڪمال تي پھچي ٿو، تڏهن زبان گونگي ٿي وڃي ٿي“، هتي ”گونگيءَ“ مان مراد ٿورو ڳالھائڻ ۽ گهڻو غور فڪر ڪرڻ ۽ سمجهڻ آهي. ماڻھن سان بي رُخيءَ ۽ رکي منھن ڳالھائڻ جو پن مذهب ۾ منع آهي، ”قدرت انسان کي زبان هڪ ڏني آهي تہ ڪَنَ ٻہ ڏنا آهن تہ جيئن اسين ٻين سان ڳالھائڻ جي ڀيٽ ۾ ٻہ دفعا وڌيڪ ٻُڌون“. نوجوانن کي مٿين قرآني آيتن، حديثن ۽ چوڻين مان اهو بلڪل چڱيءَ ريت معلوم ٿيو هوندو تہ سندن زندگيءَ ۾ زبان جي استعمال جي اهميت ڇا آهي؟ جيڪڏهن هو ننڍيءَ عمر کان ئي احسن نموني ڳالھائڻ ۽ اٿڻ ويھڻ سکندا تہ سندن حياتي خوبين جو مجموعو ٿيندي، حاصل مطلب تہ شيرين زباني انساني اخلاق جو اهم عملي پھلو آهي، جنھن جو دارومدار ماڻھوءَ جي ماحول، وراثت، تعليم ۽ تربيت تي آهي، پر اها عادت پنھنجو پاڻ ۾ وقت سان گڏ پيدا ڪري، ڪو بہ ماڻھو بھترين انسان ٿي سگهي ٿو.
سھڻي سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي تہ، ”صبر جن جو سِير، تير نہ گُسي تن جو“ صبر جي اعليٰ وصف کي پنھنجو ڪرڻ وارن ۾ سھپ/برداشت جي قوت وڌي ٿي. هو لالچ، رياڪاري، منافقت، خود غرضي، ڪاوڙ، ڪوڙ ۽ ٻين انيڪ براين کي شڪست ڏئي ٿو. برداشت ڪرڻ ولين ۽ پيغمبرن جي خوبي آهي. هر ماڻھوءَ کي اها صفت مليل نہ آهي، پر گهڻا ماڻھو پاڻ ۾ اخلاقي قوتن جي مضبوطيءَ سان اها طاقت پيدا ڪندا آهن، جيڪڏهن سھپ جي خوبي هر ماڻھوءَ ۾ پيدا ٿي وڃي تہ هيءَ قوم هڪ بھترين ترقي يافتہ قوم ٿي سگهي ٿي. ظاهري طور تہ سھپ لفظ چوڻ سولو آهي ۽ هر ڪو هڪ ٻئي کي نصيحت ڪندو وتندو آهي تہ ” توهان پاڻ ۾ برداشت پيدا ڪريو، پر ڏٺو وڃي تہ چوڻ آسان آهي ۽ عمل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو. برداشت معنيٰ صبر، ۽ صبر وارو ئي شڪر ڪندڙ هوندو آهي شڪر جي نعمت رکندڙن کي جنت جي خوشخبري ڏني وئي آهي. هڪ چوڻي موجب تہ، ”سورهيہ کان صابر وڌيڪ ۽ شھر فتح ڪندڙ کان اهو ڀلو جو پاڻ جيتي“. ”پاڻ جيتڻ“ يعني پنھنجي نفس تي ضابطو رکڻ. نفس جو جھاد هڪ اعليٰ قسم جو جھاد شمار ٿيئي ٿو. عبادتون ۽ رياضتون بہ اهي ڪري سگهندا. جن نفس کي مطيع ڪيو هوندو.
کم کمندن کٽيو، هارايو هوڙن،
چکيو نہ چُوَندن، هو جو ساءُ صبر جو.
(8-5، يمن ڪلياڻ)

شاھہ لطيف سائينءَ جي مٿئين بيت ۾ اها سمجهاڻي آهي تہ جي چپ رهيا، ڪڏهن بہ ترت بدلو نہ ورتائون، جهيڙي ۽ گرميءَ جو جواب جهيڙي سان نہ ڏنائون، زبان تي ضابطو رکيائون، اهي ئي کٽندڙ آهن تہ بي صبرا، بدزبان ۽ ڪاوڙ ڪندڙ ۽ وراڻي ڏيندڙ اهي هجن ٿا، جن ڪڏهن ماٺ نعمت جو مزو ئي ڪين چکيو آهي. کين خبر ئي ڪانھي تہ مٺي زبان جا ڪيترا فائدا آهن.

رحمدلي، عظيم پغمبري صفت

جيڪي منجهہ جھان، سو تايءَ تڳي تنھنجي،
لطف جي لطيف چي، تو وٽ ڪمي ڪان،
عدل ڇٽان، آنءُ نہ، ڪو ڦيرو ڪجِ فضل جو.
(2-1، سريراڳ)

رحمدلي، ڪرم، پيار ۽ مجبت آفاقي جذبا آهن، خدا پاڪ انساني جبلت ۾ اهي خوبيون قائم رکيون اهن، الله تعاليٰ انھن تي رحم نٿو ڪري، جيڪو مخلوق تي رحم نٿو ڪري، پيار ڪرڻ وارو، مھربان ۽ رحم دل هوندو آهي. رحم دلي هڪ بھترين انساني وصف آهي، جنھن سان دشمن دوست ۽ پراوا پنھنجا ٿي وڃن ٿا. معافي يا درگذر کان ڪم وٺڻ، سھپ ۽ برداشت جو عملي مظاهرو ڪرڻ سان نہ فقط قلب جو اطمينان حاصل ٿئي ٿو. بلڪہ ماڻھو بدلي جي باھہ ۾ سڙڻ کان بچي ٿو.
رحمدلي عظيم پيغمبري صفت آهي. جھالت جي دور ۾ خدا پاڪ جو پيارو رسول ﷺ جڏهن سڀ قوت هوندي بہ دشمن معاف ٿو ڪري تڏهن عرب قوم جي سردارن جا مٿا شرم وچان هيٺ ٿا وڃن. پاڻ ڪريم جن هر وقت محبت، پيار ۽ رحم جي هدايت ڪئي ۽ ڄاڻايو اٿن تہ زمين وارن کي تڪليف نہ ڏيو. خدا پاڪ وڏو رحيم ۽ ڪريم آهي پر انسانن جا هڪٻئي تي ڪيل ظلم معاف نہ ڪندو. اسلام ۾ حقوق العباد جي اهميت ڇا آهي؟ ٻين جا حق ڦٻائڻ وارا، زمين تي فساد ڪرڻ وارا ظالم انسان ڪڏهن اهو سوچيندا آهن تہ اسان ڇا ڪري رهيا آهيون؟ خدا پاڪ جو انسان کي ستر مائرن جي محبت کان وڌيڪ چاهي ٿو. جنھن جي رحمت ۽ بخشش جي پکيڙ جو اندازو لڳائڻ ئي انساني وس کان مٿي آهي. سو بہ ان انسان تي رحم نٿو ڪري جيڪو دنيا ۾ بي رحميءَ جي هلت ٿو هلي.
رحم دلي، درگذر يا معاف ڪرڻ ۽ بزدلي ۽ بي سمجهيءَ سان معاملي کي ختم ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي. ڪڏهن ڪڏهن معاف ڪرڻ ۾ پنھنجن حقن ۽ فرضن کان غفلت بہ ٿي ويندي آهي جا غلط آهي پنھنجي ذات و قوم جي نفي بہ مذهب جي نفي آهي. دنيا جي هر مذهب رحم جي هدايت ضرور ڪئي آهي. پر گڏوگڏ بُري تي بڇ کي لازمي قرار ڏنو آهي، جيڪڏهن قاتلن، سفاڪن، ظالمن ۽ بي رحمن کي معاف ڪيو ويندو تہ تاريخ جي ڪنھن موڙ تي ايئن ٿيندو جو چڱايون براين ۾، نيڪيون بدين ۾ ميسارجي وينديون ۽ قومون فنا ٿي وينديون، انھيءَ ڪري، پنھنجي بچاءُ ۾ غفلت نہ ڪرڻ گهرجي. سوچي سمجهي ڪنھن کي بہ تڪليف ڏيڻ يا طاقت جي نشي ۾ بدلو وٺڻ غلط هلت آهي. باقي مجموعي طور معافي بھترين انتقام آهي. انھيءَ جي لاءِ دل ۾ رحم جو جذبو ئي اهم ذريعو آهي. نيڪ وصفن ۾ محبت ۽ پيار جي سبب ”رحمدلي“ جو جذبو پروان چڙهي ٿو، جنھن سان ماڻھوءَ ۾ ٻين جي ڪم اچڻ جي قوت وڌي ٿي ۽ ٻين جي ڪم اهي ايندا آهن، جن جي دل ۾ انسانيت جو درد هجي ٿو ۽ منجهن ”ماڻھپي“ جون خاصيتون اُتم هونديون آهن. محبت جو ضد ”نفرت“ شيطاني صفت آهي. ڪڏهن ڪڏهن محبت حد کان وڌيڪ وڌي بہ نفرت ۾ بدلجي ويندي آهي. گهڻي محبت بہ نقصانڪار آهي. پر وري بہ ايئن چونديس تہ وچولي راھہ اختيار ڪرڻ گهرجي ڪنھن بہ انسان سان نفرت جو سلوڪ نہ ڪجي محبت جي الھاميءَ ۽ آفاقي جذبي سان هن ڌرتيءَ تي انسان ذات جي وجود جي تڪميل آهي. رحم دلي هڪ عظيم پغيمبري صفت ۽ انسانيت جي معراج آهي.

حسد ۽ ساڙ کان بچڻ گهرجي

حسد ۽ ساڙ کان بچاءُ جھڙي سوچ ۽ عمل سان ماڻھوءَ جي ذات پرسڪون رهي ٿي. حديث مبارڪ آهي تہ، ”حسد انسان جي نيڪين کي ايئن ضايع ڪندو آهي، جيئن باھہ سڪل ڪاٺين کي ساڙي ڇڏيندي آهي“ (سنن ابودائود-ڪتاب الادب حديث نمبر 4257)
حاسد جو حسد، محسود (جنھن تي حسد ڪيو وڃي) کي تہ نقصان ضرور پھچائيندو آهي. پر هُو پاڻ پڻ انھيءَ ساڙ ۽ حسد ۾ سڙڻ سبب ڪڏهن سائو (سکيو ستابو) نہ ٿيندو آهي. حسد، امير، غريب، ننڍي، وڏي ڪنھن ۾ بہ ٿي سگهي ٿو، بلڪہ گهڻي ڀاڱي اهو فطرت جو حصو ۽ خانداني عادت پڻ آهي تہ بي علمي ۽ بي سمجهيءَ جي نشاني پڻ. ڪيترن ماڻھن جي طبيعت فخر ۽ غرور واري هجي ٿي. حسد ۽ ساڙ جي لعنت پڻ اهڙن ئي وڏائيءَ وارن ۾ پيدا ٿيندي آهي. هُو چاهيندا آهن تہ کانئن مٿي ڪو بہ نہ هجي. حالانڪہ ٻين جي ترقيءَ تي حسد ڪرڻ وارن کي حسد جي بدران انھيءَ مان سبق پرائي خود ترقي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، نيڪ نيتيءَ ۽محنت سان کيس بہ وارو ضرور ملندو. حسد ۽ ڪيني مان ڪجهہ بہ نٿو وري. شاھہ صاحب فرمائي ٿو تہ،
هُو چَوَنئي تون مَ چئو، واتان ورائي ويڻ،
سڀني سين سَيَدُ چي، مَن ماري ڪَر ميڻُ،
کاندِ وَڏائي، کيڻ، ڪيني منجهان ڪينَ ٿئي.
(سريمن ڪلياڻ، 8-18)

مٿئين بيت ۾ شاھہ صاحب بدزبانيءَ کي ننديو آهي. فرمائين ٿا تہ اڳيون جيڪڏهن توکي ڪجهہ چوي تہ بہ تون ڪو بہ وات مان ويڻ (بد لفظ) نہ ڪَڍُ. سڀني سان سٺي هلت ڪر ۽ پنھنجي اندر کي ماري ميڻ جھڙو نرم ڪر، ڪاوڙ کي گهٽائي ختم ڪري ڇڏ. حسد ۽ ساڙ مان ڪي بہ ڪين ورنديئي.
هٺ، فخر، غرور، تڪبر، وڏائو مطلب تہ سڀ ناڪاري روين جا نالا آهن، جن مان مراد آهي پاڻ کي مٿي ٻين کي هيٺ سمجهڻ. جنھن جي ڪري لاڳيتو ساڙ ۾ رهڻ ۾ ذهن ۽ دل جون پاڪايون ۽ خوبصورتيون ختم ٿي ٿيون وڃن. حسد جو جذبو آهي تہ ناڪاري، پر جيڪڏهن انھيءَ جو ڪجهہ حصو انسان ۾ هجي ٿو، جيڪو هو مثبت ڪمن لاءِ دل ۾ رکي ٿو تہ اهو ڪجهہ حالتن ۾ فائديمند پڻ ٿئي ٿو، جنھن ۾ علم جي چاھہ لاءِ ريس، ڪنھن جي عبادت، خير خيرات، صفائي، سٿرائي نرمي، خوش اخلاقي، سخاوت ۽ ٻين خوبين سان ريس ڪرڻ، جيڪو حسد جي بجاءِ ريس ۽ برابري ڪرڻ جي ڪوشش ۾ شمار ٿيندو. حسد جي وضاحت هِن حديث مان صاف ظاهر ٿئي ٿي. خدا پاڪ جو رسول فرمائي ٿو تہ، ”خدا جي ويجهو سڀ کان وڌيڪ حسد، ان شخص جي دل ۾ آهي. جيڪو نھايت جهڳڙا جهيڙا ۽ (نفرت ويھاريندڙ) بحث مباحثا ڪندو وتي“ ۽ اهو بہ فرمايل آهي ته. ”حسد ۽ ايمان گڏ رهي نٿا سگهن، . غرور ۽ تڪبر خودپسنديءَ جي نشاني آهي، جنھن ۾ ماڻھوءَ کي پنھنجو پاڻ کانسواءِ ڪجهہ بہ نظر نہ اچي. خود پسند ماڻھو هميشہ هر موقعي مھل تي پاڻ کي مٿي ڪرڻ پسند ڪندا آهن ۽ هُو چاهيندا آهن تہ هر ڪو کين واکاڻي. ڪنھن ڏاهي چيو آهي تہ، ”غرور، حرص ۽ خودپسنديءَ جي حالتن ۾ خدا کان ڊڄو ۽ ڪاوڙ ٿوري دير لاءِ پر غرور ۽ فخر هميشہ لاءِ چريائپ آهي“. هٺ ۽ فخر گهڻين براين جو بنياد آهي. حضرت لقمان جو قول آهي تہ، ” ماڻھوءَ ۾ هٺ جاڳيو تہ اول اول پنھنجي پالڻھار کان منھن موڙيندو. هٺ ۽ فخر سڀ گناهن جو بنياد آهي ۽ اهو آخرڪار ماڻھوءَ جي ستياناس ڪندو“ ۽ اهو بہ چيل آهي تہ، ”غرور ستر سالن جي عبادت کي ضايع ڪري ڇڏي ٿو“. فخر ۽ غرور کان خود کي بچائي نياز ۽ نئڙت کي پنھنجو ڪرڻ سان ٻين جي دلين ۾ محبت پيدا ٿيندي.

سماج جا تھذيبي ۽ ثقافتي قدر

هر ملڪ ۽ قوم جي سماجن جي الڳ تھذيب ۽ ثقافت هوندي آهي، جنھن مطابق سندن اخلاق ۽ ڪردار مڪمل ٿئي ٿو. انھيءَ ڪري اچو تہ ڏسون تہ ”تھذيبي ۽ ثقافتي قدر“ ڇا آهن؟ لفظ ”تھذيب“ جي تفصيلي معنيٰ جي بدران شاگردن جي سمجهاڻيءَ لاءِ ايترو چونديس تہ ”هذب“ مان نڪتل هن لفظ جي معنيٰ سڌريل هئڻ جي آهي ۽ ”ثقافت، لفظ جي بہ تمام وسيع معنيٰ آهي. پر هتي مختصر طور اها وضاحت ڪجي ٿي تہ، ”ثقافت انسان جي شخصي توڙي اجتماعي، ذهني توڙي جسماني عمل جو اهو جملي ثمر آهي جنھن سان زندگي آسان، پاڪيزہ ۽ بھتر بنجي، جنھن جي روحاني ۽ مادي خزانن ۾ لباس، آرائش، صنعت، زراعت، هنر، تعميرات، رسمون رواج، علم ادب، موسيقي، مصوري وغيرہ شامل آهن“. مختلف تھذيبن جا بنياد مختلف اصولن تي بيٺل آهن. پر مقصد سڀني جو هڪجهڙو آهي. يعني انسانذات جي بھبود ۽ ترقي، جنھن جي ذريعي سماجي زندگين جي معيار ۾ آهستي آهستي هر وقت ۽ هر روز ترقي ٿيندي رهندي آهي ۽ اها ترقي نہ بيھندڙ آهي، ڇو جو زمانو صدين کان تبديلي پسند ۽ جدت پسند رهيو آهي. صديون اڳي جيڪي ملڪن ۽ قومن جون حالتون هيون، سي اڄ نہ آهن ۽ ايندڙ چند صدين کان پوءِ دنيا جي ترقي ان کان بہ وڌيڪ هوندي، انھيءَ تيز رفتار ترقيءَ انسان جي زندگيءَ جي رهڻيءَ ڪھڻيءَ ۽ سوچ ۾ وڏيون تبديليون آنديون آهن. اهو غور جو مقام آهي تہ وڻن جي پنن ۽ جانورن جي کلن سان پنھنجي اوگهڙ ڍڪيندڙ انسان اڄ خلائن ۾ نہ فقط پھتو آهي، پر چنڊ تائين بہ سندس قدم پُڳا آهن.
انسان کي الله ڏني آهي فضيلت،
تسخير قمر ۾ بہ ڪا موليٰ جي مشيت،
تحقيق جي آئيني ۾، جي گهوري ڏٺوسين،
ٿي وهم ويو وهم، حقيقت ٿي حقيقت.

اڄ جو انسان گهڻ ماڙ عمارتن جو ٺاهيندڙ ۽ نت نين ايجادن جو مالڪ آهي. هُو تھذيب يافتہ ۽ سڌريل ٿو سڏجي. ظاهري طرح تہ هن پنھنجي حياتيءَ لاءِ سئو سھوليتون پيدا ڪيون آهن پر ڏٺو وڃي تہ هُن پنھنجي لاءِ انيڪ مشڪلاتون پڻ پيدا ڪيون آهن. مھذب ۽ ترقي يافتہ تھذيب جي حوالي سان جيڪڏهن اسين هن سماج ۾ آيل اخلاقي ڪمزورين ۽ پنھنجي ثقافتي ۽ تھذيبي قدرن کي ڏسنداسين تہ اسان کي ڪافي فرق ڏسڻ ۾ ايندا. حقيقت ۾ موجودہ وقت ۾ اهو فڪر جو مقام آهي تہ اسين غور ڪريون تہ اسان ڪيڏانھن وڃي رهيا آهيون؟ علامہ اقبال چوي ٿو تہ ”فڪر کان محروم قومون تباھہ ٿي وينديون آهن“ غور ۽ فڪر ئي اها طاقت آهي. جنھن سان اسين پوريءَ ڪائنات تي سوچ ڪري چڱائي. برائي، خير ۽ شر، سونھن ۽ ڪوجهائي، مذهب ۽ اخلاق، فن ۽ آرٽ ۽ ٻين شين جي پرک ڪري سگهون ٿا. معنيٰ تہ دنيا جون تھذيبون ۽ انھن ۾ وڌندڙ ثقافتون ۽ مٽجندڙ انساني اخلاقيات جا ماپا ڪي هڪ ڏينھن ۾ مقرر ڪونہ ٿيا آهن ۽ اهو ڪو هڪ ڏينھن ۽ پَلَ جو جادو ڪونھي، پر اهو صدين جي ارتقا جو عمل آهي، جنھن ۾ فقط ۽ فقط ”صالح عمل“ کي دائمي حيثيت مليل آهي.
تھذيب ۽ ثقافت ۾ تبديلي آهستي آهستي ڦير ڦار آڻيندڙ قانونن، رسمن رواجن ۽ ماڻھن جي گڏيل معاملن سان ايندي آهي. پاڪستان اسلامي ملڪ آهي، جنھن جي هر هڪ صوبي کي پنھنجي مڪمل سڃاڻپ، تھذيبي ۽ ثقافتي قدر آهن. هر علائقي کي پنھنجو لوڪ ادب، روايتون، ريتون رسمون ۽ رواج آهن تہ گڏيل طور سڄي پاڪستاني قوم جو اسلام جي حوالي سان ”مسلمان“ هئڻ سڃاڻپ آهي ۽اسين اسلام جي نالي تي حاصل ڪيل هن آزاد اسلامي رياست ۾ خودمختياريءَ سان پنھنجي حياتي گذاري رهيا آهيون. جتي اسان جي لاءِ ديني توڙي دنياوي علم جا رستا کليل آهن، مٿي ڄاڻايل انساني اخلاقي خوبين جو مجموعو علم آهي ۽ علم ئي اها طاقت آهي جنھن سان انسان سينگارجي ماڻھپو حاصل ڪري ٿو. علم تاحيات عمل “Life ending process” آهي، جنھن جي لاءِ هر ملڪ پنھنجي پنھنجي تھذيب، تمدن، معاشي وسيلن، ضرورتن، نظرين ۽ مذهب مطابق حڪمت عملي ٺاهي ٿو. انھيءَ علم ۽ ادب جي عام ٿيڻ وسيلي هر قوم ۽ ملڪ جا تھذيبي ۽ ثقافتي قدر دائمي صورت اختيار ڪندا آهن.

”روحانيت“، اخلاقي قدرن جو اعليٰ درجو

روحانيت عبادتن ۽ رياضتن کان وڌيڪ اندر جي پاڪائي ۽ ضمير جو آواز آهي. اخلاقي طور روحانيت سان چڱو فڪر پيدا ٿئي ٿو ۽ صالح عمل وڌي ٿو. علامہ اقبال صاحب چوي ٿو تہ، ”اسان وسيلن ۽ ذريعن يعني عبادتن ۽ ارڪانن کي اهميت ڏني آهي، پر مقصدِ اعليٰ کان منھن موڙيو آهي“.
هتي شاعرِ مشرق جو مقصد انسان جي تخليق جي بنيادي سبب يعني ڪائنات جي مطالعي کي اهميت ڏيڻ جو آهي. حقيقت ۾ انھيءَ سان ئي روحانيت جو درجو وڌندو ۽ مذهب جو مطلب مڪمل ٿيندو. اخلاقيات جو فلسفو ۽ عمل انساني ڪردار ۽ چڱائيءَ جي چئوگرد گهمي ٿو.
“Ethics is a moral philosophy which deals with moral values and theories of conduct and goodness”.
“goodness” يعني نيڪيءَ ۽ چڱائيءَ جي قوت جي سڃاڻپ اها آهي تہ اهو ڪم جنھن کي ڪرڻ کان پوءِ ضمير ۽ روح مطمئن هجن. هڪ پل بہ پڇتاءَ جو احساس نہ ٿئي.
انسان هن زمين تي ڪائنات جي باشعور ۽ جوابدار هستي آهي. کيس ئي خبر آهي تہ موجودہ وقت هُو ڪيڏانھن وڃي رهيو آهي؟ دنيا ۾ هو نمايان حيثيت رکي ٿو ۽ پنھنجي ذهانت ۽ محنت سان نين نين ايجادن کي دنيا ۾ آڻي ٿو ۽ سندس ترقي ڏينھون ڏينھن وڌندڙ ۽ حيران ڪُن آهن تہ ٻئي طرف هو تمام هيٺانھين طرف وڃي رهيو آهي. ذليل ۽ پست خيالن ۾ مبتلا آهي. پنھنجي رب طرفان مليل ”شرف“ ۽ لقب جي انحرافي ڪري رهيو آهي، سندس اخلاقي ڪمزورين ۽ قانونن ٽوڙڻ سبب هو زوال پذير آهي، جنھن جو حل آهي ” علم جي حڪومت“ پر اُهو علم جو ماديت کان وڌيڪ ”روحانيت“ جي ترقيءَ ۾ وڏو ساٿ ڏئي. جنھن سان خودشناسيءَ جي ڄاڻ پوي ۽ ماڻھو نيڪ نيت ۽ نيڪ دل ٿئي ۽ مڪمل طور کيس هڪ رب ۾ يقين قائم هجي. ۽ کيس اهو بہ يقين هجي تہ موت اَوَس اچڻو آهي ۽ موت جو ڪارائتو هجڻ انھيءَ صورت ۾ ممڪن آهي، جڏهن حياتيءَ کي ڪارگر ڪٽيو وڃي ۽ اهو فقط نيڪ عمل ۽ نيڪ نيتن سان ٿي سگهي ٿو. هيءَ دنيا فاني آهي، پر چڱن جون چڱايون لافاني آهن ۽ چڱائيءَ جو معيار ذات پات ۽ حسب نسب تي ڪانھي، بلڪ اهو اندر جو اخلاق آهي، هتي تہ ”جيڪو وهي سو لھي“.
سو علم ۽ عمل ۾ مضبوط ٿيڻ سان اخلاق جي عمارت روحاني ۽ عملي طور مضبوط ٿيندي. ٿيو ايئن آهي تہ اسان وٽ نماز پڙهي وڃي ٿي، پر ان جي روح کي نٿو سمجهيو وڃي. نماز پڙهڻ مھل ان جي معنيٰ تي غور ۽ فڪر، خشوع ۽ توجھہ سان پڙهڻ تي ڌيان نٿو ڏنو وڃي تہ ساڳيءَ ريت مذهب جي ٻين رڪنن، نماز، روزي، زڪوات ۽ حج جي اصل مقصد ۽ روح کان ڪيترا ماڻھو بي خبر آهن ۽ جيڪڏهن دنياوي علم آهي تہ ان ۾ فقط ڪاغذي ڊگريون ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ جو پروانو سمجهي علم حاصل ڪيو ٿو وڃي. حالانڪہ ان جي مقصديت تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. اخلاقي تعليم ۽ روحانيت جي پکيڙڻ سان اسين نہ فقط پنھنجي قوم ۽ ملڪ ۾ پر، پوريءَ دنيا ۾ پڻ مانائتا ٿي سگهون ٿا.
ڏٺو وڃي تہ اڄ انسانذات جديد ترقيءَ جي اثر هيٺ دٻيل آهي، سندس روح رڙيون ٿو ڪري پر کيس آئيندي جو ڪو بہ اونو ڪونھي، هُو اندر جي آواز کي دٻائيندو مَنِ ماني ڪندو اڳيان وڌندو ٿو رهي. حالانڪہ تقدير سندس ئي هٿن ۾ آهي، هو دائمي حاصلات کان غافل ۽ اڻ ڄاڻ ٿيندو پيو وڃي. اڄ ڪيترائي ملڪ هڪ ٻئي جون سرحدون ڦٻائڻ، نيوڪليئر توانائيءَ جي ذخيرن کي وڌائڻ ۽ طاقتور ٿيڻ جي شوق ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. مھلڪ ۽ موتمار هٿيارن جي ڊوڙ ۾ تيز تر ڊوڙي رهيا آهن. توانائين جي استعمال تي لاڳو قائدا قانون انسانيت جي قتل کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿيندا نظر پيا اچن. پوريءَ دنيا جي آباديءَ جي واڌاري سبب مھانگائيءَ کي منھن ڏيڻ مشڪل ٿي پيو آهي، گهُٽ ۽ ٻوسٽ جو راڄ آهي. انھيءَ سڄيءَ تڪليف ۽ مسئلي کي منھن ڏيڻ لاءِ فقط هڪ ئي حل آهي. اهو آهي ايندڙ نسل جي اخلاقي مذهبي ۽ علمي طور اعليٰ تربيت ٿئي تہ جيئن هو روحاني طور مضبوط ٿين. اهو مسئلو نہ فقط غور جوڳو آهي، پر گهڻي دلي جذبي سان انھيءَ تي عملي اپاءَ وٺڻ گهرجن، ڇو تہ جڏهن انسانيت ليڪو لتاڙي بدامني ۽ بداخلاقيءَ جون حدون پار ڪندي آهي، تڏهن مٿس الاهي ڏمر سان مصيبتون ۽ آفتون نازل ٿينديون آهن.
ڪٺور انسان اهو نٿو سوچي تہ اهو وقت ڪڏهن بہ ڪنھن بہ وقت ۽ ڪيڏيءَ مھل مٿس اچي سگهي ٿو. جزا سزا ۽ قيامت جو ڏينھن بلڪل موجود آهي، پر اهو بہ ڏٺو ويو آهي تہ آخرت کان اڳ بداخلاقين ۽ براين جي سزا هِن دنيا ۾ پڻ ملي ٿي. اڄ جي غير محفوظ دور ۾ اسين جوهري هٿيارن سان تہ ڀلي ليس آهيون، پر اخلاقي طور ڄامڙا آهيون. ڪو وقت هو، جو ماڻھو جهنگلي جانورن، جنن ۽ ڀوتن کان ڊڄندو هو. پر اڄ جو ماڻھو تہ ماڻھوءَ کان ٿو ڪنبي ۽ لرزي، استاد بخاريءَ چواڻيءَ تہ،
هن دور ۾ ڪھڙو رهيو حيوان جو ڊپ،
ڪنھن جِنَ، مَلَڪَ، ديو ۽ شيطانَ جو ڊپ،
الله کان انسان نہ ٿو پيو لرزي،
انسان کي کائي ويو انسان جو ڊَپ.

دنيا جي اهڙين ڏکين حالتن ۾ اچو تہ اسان اهڙي حڪمت عملي تيار ڪريون، جنھن ۾ محبت جو ڦھلاءُ ۽ امن جي ترغيب هجي. ويڇن لاءِ ڌڪار ۽ ڏاڍائيءَ ۽ افراتفريءَ خلاف سڏ هجي. اچو تہ سڀ گڏجي انساني بنيادي حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪريون. سڀني انسانن کي برابر سمجهون. حقن جي ڇڪڻ کان اڳ پنھنجي فرضن جي پورائيءَ تي توجھہ ڏيون.
سوين منزلن وارين عمارتون کڙيون ڪرڻ سان اسين آسمانن جي بلندين کي ڇُھي نہ سگهنداسين، بلڪہ آسمانن جي وسعتن ۾ اسان جي جڳھہ تڏهن پيدا ٿيندي، جڏهن اسين هن زمين جي ذري ذري سان پيار ڪنداسين. هن ڌرتيءَ تي اسان جي حياتي رب جي ڏنل امانت آهي، جيڪا هو پنھنجي مرضيءَ ۽ مختياريءَ سان ڪڏهن بہ واپس کڻي سگهي ٿو. پوءِ جڏهن اسان کي خود جي حياتيءَ جي هڪ پَلَ جي بہ پڪ ڪونھي، تہ هيڏا ٺٺ ٽانگر ڇو؟ هيڏيون ڪلفتون ۽ ويڇا ڇو؟ هيتريون بي حيائيون ۽ بداخلاقيون ڇو؟ فقط ۽ فقط ان ڪري جو اسين علمي ۽ روحاني طور مضبوط نہ آهيون، جھالت جو انڌيرو، مايوسي، برائي، نيستي، ناڪامي ۽ نامرادي آهي. علم جي روشني اندر جو سوجهرو ۽ نور آهي. هتي علم مان مراد فقط ڪاغذي ڊگريون ڪونھي، بلڪہ باقاعدہ طور شعور، سمجهہ، ايمانداري ۽ حب الوطني آهي. اهڙو علم جنھن ۾ هر ننڍو يا وڏو شخصي فائدي کان قومي فائدي کي اهميت ڏيندڙ هجي. اهڙو علم، جيڪو خدا جي معرفت جو ذريعو هجي. اهڙو علم جو انساني اخلاق جو بنياد ۽ روحانيت جي اعليٰ درجي جو پورائو ڪري.

علم ڇا آهي؟

علم ڇا آهي؟ موجودہ وقت پاڪستان م تعليم جو معيار ڪھڙو آهي؟ ايندڙ نسل جي تعليم ۽ تربيت ۾ والدين، استادن ۽ خود شاگردن جي ڪھڙي جوابداري آهي؟ ڇا سان وٽ علم حاصل ڪرڻ يا تعليم يافتہ ٿيڻ جا اهي قدر آهن، جيڪي اڳئين وقت ۾ هئا؟ يا اسان جا وڏا اسان کان صحيح معنيٰ ۾ تعليم يافتہ هئا ۽ اسين فقط ڊگري هولڊر آهيون. اچو تہ اها ڇنڊ ڇاڻ ڪريون تہ تعليم جو مقصد ۽ اڄ جي نسل وٽ انھيءَ مقصد جي اهميت ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جا ڪھڙا اپاءَ آهن؟ ڪتابن مان ڪھڙا فائدا آهن؟ ۽ معياري مطالعو ڪھڙيءَ ريت شخصيت کي اُجاري انساني اخلاقي قدرن جي واڌاري جو باعث بڻجي ٿو. علم جي فضيلت قرآن پاڪ جي پھرين لفظ ”اقرا“ يعني ”پڙھہ“ مان صاف ظاهر آهي ۽ خدا پاڪ جي موڪليل آخري رسول ڪيترن هنڌن تي علم جي اهميت ۽ فضيلت ڄاڻائي آهي. فرمائين ٿا تہ، ” علم عبادت کان افضل آهي“ (حديث پاڪ)
علم انساني آزادي ۽ پيار جو واحد سرچشمو آهي، جنھن مان عالم ۽ علم حاصل ڪندڙ مستقبل جا پانڌيئڙا فيضياب تہ ٿيندا آهن، پر پوري سماج ۾ نور جي سوجهري جيان علم جي بدولت روشني ٿيندي آهي. موجودہ تعليم جي معيار جي جڏهن ڳالھہ ڪريون ٿا تہ هڪ نظر اسان کي پويان ڏسڻو بہ ضروري پوندو. انگريز دور کان اڳ اسان وٽ عربي، فارسي ۽ ٻيون علائقائي ٻوليون هلندڙ هيون، جن ۾ مختلف فنن ۽ علمن جي ڄاڻ شاگردن کي ڏني ويندي هئي.
موجودہ تعليم جي نظريي ۽ ان جي اصولن کي سمجهڻ لاءِ اسان کي جديد تعليم جو سرشتو سمجهڻو پوندو. جيڪو هن نئين دور جي پيداوار آهي. انگريزن جي دور کان ئي انگريزي تعليم اسان وٽ رائج ٿي آهي. انھيءَ نئين تعليمي سلسلي ۾ انگريزي ٻوليءَ جي اهميت اُتم آهي، انھيءَ کانپوءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا مضمون آهن تہ گڏوگڏ شاگردن کي اردو، سنڌي، اسلاميات، تاريخ، جاگرافي ۽ ٻيا مضمون پڙهايا وڃن ٿا، جيڪي سڀ پنھنجي پنھنجي طور تي اهم آهن. پر پوءِ بہ ڏٺو وڃي تہ اڄ اسان تعليم جي معيار کي انھيءَ بلنديءَ تائين پھچائي نہ سگهيا آهيون. جتي ان کي هئڻ کپي. آخر انھيءَ جو ڪھڙو سبب آهي؟ حقيقت ۾ تہ انھيءَ مسئلي جي هئڻ جا ڪيترائي سبب آهن، پر مختصر طور ايئن چونداسين تہ آزادي حاصل ڪرڻ کانپوءِ بہ پاڪستان جي تاريخ ۾ سياسي بيچيني ۽ غير موافق علمي حالتون رهيون آهن، جن جو اثر نئين نسل تي پيو آهي. نہ فقط علمي طور پر سندن تربيت ۾ پڻ اسان کان ڪوتاهيون ٿيون آهن. تعليم ۽ تربيت ٻہ الڳ لفظ هوندي بہ هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. تعليم بغير تربيت ۽ تربيت بغير تعليم اڌوري آهي. اڄ تعليمي نظام جي تبديليءَ جي اشد ضرورت آهي. پراڻا نصابي ڪتاب، ناقص امتحاني سرشتو، استادن ۽ شاگردن جي وچ ۾ ويڇا، والدين جو اولاد سان رويو، مھانگائي ۽ ٻيا مسئلا گڏجي هن نظام کي متاثر ڪري رهيا آهن. اسان جي وڏن تمام مشڪل حالتن ۾ علم حاصل ڪيو. هو علم جا مينار هئا، اسان جي نئين نسل کي اڄ علم جي حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سھولتون ميسر آهن. قدرت کين اعليٰ ۽ روشن دماغ عطا ڪيا آهن، سو انشاءَ الله هو ضرور اڳيان ايندا ۽ اچي رهيا آهن، پر اها بہ حقيقت آهي تہ هيءُ مقابلي جو دور آهي. ڪالھہ ملڪ جي آبادي ايتري نہ هُئي جيتري اڄ آهي. موجودہ وقت جي شاگرد کي، نرسري ڪلاس کان پوسٽ گريجوئيشن تائين وڏين مشڪل حالتن کي منھن ڏيڻو ٿو پوي. تہ بہ هو محنت ڪري رهيو آهي. اهڙين ڏکين حالتن ۾ پنھنجي ايندڙ نسل جي حوصلي ۽ همٿ لاءِ ۽ کين غلط رستي کان بچائڻ لاءِ، مائيٽن ۽ استادن کي گهُرجي تہ هُو کين سھڻي نموني سان همٿائين ۽ سندن مڪمل طور مدد ڪن، پنھنجي قابليت ۽ تجربي جي قوت جي بنياد تي ايندڙ نسل کي عقلمنديءَ سان پنھنجي ويجهو ڪن. انساني عقل الاهي تحفو آهي. عقل ۽ علم جي ميلاپ سان عملي قوت پيدا ٿئي ٿي ۽ انھن ٽنھي جي گڏجڻ سان ڪاميابي حاصل ٿيڻ ناممڪن نہ آهي. انھيءَ ڪري حياتيءَ ۾ اصل ڪمال عقل سان علم ۽ عمل کي جمع ڪرڻ آهي. حضرت علي رضي الله جو قول آهي تہ، ”اي نوجوانو! ادب جي ذريعي پنھنجي عزت ۽ علم جي ذريعي پنھنجي دين جي حفاظت ڪريو“.
انساني ترقيءَ جو راز، لڳاتار عمل ۽ وري وري عمل ڪرڻ ۾ لڪيل آهي ڪم ڪرڻ سان غلطي ۽ غلطيءَ سان تجربو ۽ تجربي سان عقل ايندو آهي هڪ عالم جي چوڻ مطابق تہ، ”بلند مرتبو حاصل ڪرڻ لاءِ فڪرمند نہ ٿيءُ البت صحيح ڪم ڪرڻ جو فڪر ڪر، انھيءَ تي بہ پريشان نہ ٿي تہ ڪو توکي سڃاڻي ڪونہ ٿو، پر پاڻ کي لائق بنائڻ جي جستجو ۾ لڳو رھہ“.
حقيقت ۾ اها ئي تعليم جي مقصديت آهي. جيستائين علم جي مقصد يعني ”ڄاڻ“ کي وڌائڻ جي سگھہ پاڻ ۾ پيداڪونہ ڪبي، تيستائين ماڻھو اهو مرتبو حاصل نہ ڪري سگهندو، جيڪا هن جي خواهش هوندي يا جيڪو کيس ڪو باعزت مقام عطا ڪري ۽ اهڙي اعليٰ رتبي ۽ منصب کي حاصل ڪرڻ لاءِ ننڍپڻ کان ئي ٻار جي صحيح تعليم ۽ تربيت تي توجھہ ڏيڻ ضروري آهي. قديم يونان جو ڏاهو، فلسفي، ارسطو (ارسطاطاليس) ننڍپڻ جي علم جي اهميت تي لکي ٿو تہ، ”جو شخص علم حاصل ڪرڻ ۾ ننڍپڻ جا ٿورا ورهيہ خرچ نٿو ڪري، ان کي سڄي عمر جي جھل جون سختيون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون“.
اهو علم ۽ عقل ئي آهي، جنھن جي ڪري انسان کي ”اشرف المخلوقات“ جو لقب مليو ۽ هُو ڪماليت جي انتھائي درجي تي پھتو ۽ اهو علم ئي آهي جنھن جي وسيلي ماڻھو فراخ دل ۽ روشن خيال ٿو ٿئي ۽ ان جي ٿورائي جھالت سان گڏ ذهني تعصب ٿي پيدا ڪري، اڄ اسان جي دنيا تہ علم جي دنيا آهي، پر اسين ڏاهپ کان محروم آهيون. اسين علم ۽ امن کان وڌيڪ جنگ جو علم ڄاڻون ٿا. سچو علم اهو آهي، جنھن مان ماڻھو پنھنجي پاڻ کي سڃاڻي ۽ انسان کي پنھنجي منزل مقصود جي ڄاڻ پوي، علامہ آءِ آءِ قاضيءَ چواڻي تہ ” هيءُ سجاڳيءَ جو زمانو آهي“، اڳي چوندا هئا تہ ”تن درست تہ من درست“، پر هاڻي چون ٿا تہ ”من درست تہ تن درست“ سو صحيح حاصل ڪيل علم مان ئي سُٺا انسان اسان اڳيان ايندا“.
صدين ۾ ٿيو بہ هڪڙو ديده ور پيدا تہ ڇا ٿي پيو؟
اسان جي ڏيھہ کي، ڏهن هزارن جي ضرورت آ،
نوان سقراط، افلاطون پيو استاد پيدا ڪر،
زماني کي نڪورن شاهڪارن جي ضرورت آ.
(استاد بخاري)

ملڪ ۽ قوم ۾ سڌارو تڏهن ايندو، جڏهن علم جي نور کي عام ڪيو ويندو. علم کي خرچ ڪرڻ سان ئي علم وڌي ٿو ۽ علم زندگيءَ جي علامت ۽ ان جي دلڪشي سڀني انسانن جي گڏيل ميراث آهي. نہ ان جي ڪا حد مقرر آهي ۽ نہ ئي اها ڪنھن هڪ ماڻھوءَ جي جاگير آهي. علم وارو ستڙ ۽ سالم تہ عالم جي اعليٰ مقام تائين پھتل هجي ٿو، علم لاءِ دين ۾ دُعائون گهرڻ ۽ عمل ڪرڻ جي تلقين ڪيل آهي.
علم عمل کان سواءِ بيڪار آهي ۽ عمل کي هٿي ڏيڻ ۾ وري ڪارگر قوت مطالعي جي آهي. مطالعو صرف پڙهڻ جو نالو نہ آهي، پر سمجهڻ، پرکڻ، پروڙڻ ۽ عمل جو نالو آهي، دنيا جي وڏن وڏن ماڻھن مطالعي جي قوت سان پنھنجي عزت ۽ شان، عقل ۽ سمجهہ، علم ۽ عمل ۾ نہ فقط واڌارو ڪيو، پر سندن ذات مان پڻ ڪيترائي ماڻھو فيضياب ٿيا. چوندا آهن تہ ”پڙهڻ آهي رُڪ جا ڄڻا چٻڻ“ سو پڙهڻ لکڻ تمام محنت جو ڪم آهي. ان جي اهميت ۽ ڄاڻ پڻ انھن ڪامياب ماڻھن کي آهي، جن اهي محنتون ڪيون. دنيا ترقي پسند ۽ عملي تبديليءَ جي آهي. مٿي بہ شاگردن کي آئون اهو ڄاڻائي آئي آهيان تہ اڄ جيڪي دنيا جون حالتون آهن، سي ڪالھہ ڪونہ هيون ۽ سڀاڻي جيڪي تبديليون اينديون. اهي اسان جي اڄ واري دنيا کان مختلف هونديون، هيءَ دنيا بلڪل عملي ڪار گذاري آهي ۽ ماڻھوءَ جو اعتبار لفظن ۾ نہ، پر عمل ۾ قائم ٿيندو آهي. هر عمدو ڪم پھرين شروع ۾ ناممڪن ڏسڻ ۾ ايندو آهي پر ڪم ۾ گهڙڻ ۽ محنت ڪرڻ سان اهو آسان ٿي وڃي ٿو. سو شاگردن لاءِ اها ڳالھہ اهم آهي تہ هو ڄاڻ حاصل ڪري ان تي عمل ڪن. علم ڏيڻ، پکيڙڻ، وڌائڻ ۽ ويجهائڻ لاءِ آهي. شاگرد ۽ استاد جھاد جي رتبي تي آهن. جهڙيءَ ريت شاگرد جي لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ۽ استاد جي عزت، علم تي توجھہ ڏيڻ ضروري آهي، تھڙيءَ ئي ريت عالم ۽ استاد لاءِ علم ڏيڻ جو شوق، پنھنجي شاگردن سان محبت ۽ خدمت جو جذبو اهم آهي. جنھن ۾ ڪنھن بہ ريت غرور ۽ فخر کي جاءِ حاصل ڪونھي، امام غزاليءَ موجب تہ، ”علم وارو ماڻھو جڏهن پاڻ کي ”پڙهيل“ سمجهندو آهي، تڏهن ايئن ڀائيندو آهي تہ ”اڻپڙهيل“ جانورن وانگر آهن. انھيءَ ڪري تڪبر مٿس حاوي ٿي ويندو آهي. تڪبر جي غالب پوڻ جي نشاني هيءَ آهي جو مُتڪبر علم وارو عوام مان خدمت، ادب، مانَ ۽ وڏائي ملڻ جي اميد رکندو آهي“.
انساني شخصيت جي سڌرڻ ۽ ڪامل ٿيڻ ۾ سٺي ۽ معياري مطالعي جو وڏو حصو آهي، مطالعو ڪتابي هجي يا ڪائناتي، سمجهہ، ساڃاھہ، ادراڪ ۽ شعور سان گڏ انسان کي مڪمل بنائڻ جو وسيلو آهي. پر هتي آئون ڪتابي مطالعي جو ذڪر ڪنديس، خاص طور ادب جي وسيلي شاگردن جي لاءِ معياري مطالعي جو ذڪر ڪنديس، ادب جي اهميت وڌائڻ لاءِ اڄ جي موثر ذريعي يعني ميڊيا معرفت مھم هلائي وڃي تہ جيئن ادب جي افاديت ۽ اهميت هن ڪمپيوٽر دور ۾ پڻ زور شور سان قائم رهي. جيستائين چڱو ادب ڇپبو رهبو. تيستائين انسانيت جو مستقبل اونداهو نہ رهندو، سو سھل پسنديءَ مان ٻارن کي ڪڍي، زندگيءَ جي حاصلات جو معيار مطالعي ۽ محنت کي مقرر ڪرڻ گهرجي.

علم لا زوال دولت آهي

ربِ العالمين ڪائنات تخليق ڪرڻ کانپوءِ انسان ذات کي پنھنجي پياري مخلوق ڪري پيدا ڪيو ۽ کين علم، شعور ۽ سمجهہ جو علمبردار ڪيو، ان ڪري ئي الله تعاليٰ مٺي محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جن کي پھريون لفظ ”اقراءَ“ يعني ”پڙھہ“ سيکاريو.
ترجمو: ”پڙھہ پنھنجي رب جي نالي سان جنھن انسان کي خلقيو ۽ خلقيو انسان کي رت جي دڳ مان ۽ پڙھہ پنھنجي رب جي نالي سان جيڪو پاڪ آ جنھن علم سيکاريو قلم سان“. رب پاڪ علم ۽ قلم جو ساٿ واضح بيان ڪيو آهي ۽ انسان کي هدايت ڪئي آهي تہ علم حاصل ڪر. پاڻ ڪريم جن کان ڪنھن پڇيو تہ ”علم وڌيڪ آهي يا دولت؟“ فرمايائون ” علم“، علم اها ڄاڻ آهي جنھن جو درجو بلند آهي ۽ هيءُ پيغمبري ورثو آهي. حضرت علي رضہ فرمائين ٿا. ”دولت جي اوهين حفاظت ڪريو ٿا ۽ علم اوهان جي حفاظت ڪري ٿو“ علم نہ چورائجي ٿو سگهجي نہ ئي استعمال سان گهٽجي ٿو. جيئن تہ انسان حيوان ناطق آهي پر کيس صرف سمجهہ ۽ عقل جي ڪري اشرف المخلوقات جو درجو مليو آهي، علم انسان کي شعور ڏيئي سندس لاءِ بھتر هٿيار ٿي ويو. علم عطا ٿيڻ وڏي نعمت آهي هيءُ نعمت کيس فرش کان عرش تي پھچائي ٿي. علم لاءِ سفر ڪرڻ عبادت ۽ علم لاءِ دعا گهرڻ ثواب آهي.
حديث پاڪ آهي تہ، ”علم حاصل ڪرڻ وارو شاگرد مجاهد آهي هو علم جي لاءِ جيڪي ڪوششون عمل ۾ آڻي ٿو انھن جو درجو جھاد جي برابر آهي“ علم ۽ ڄاڻ جي اٿاھہ سمنڊ کي حاصل ڪرڻ لاءِ همت، محنت ۽ جدوجھد لازم آهي. وقت جو قدر بہ سڀني کان اهم آهي. شاگردن لاءِ ضروري آهي تہ هو هن سونهري دور ۾ دل سان علم حاصل ڪن پنھنجو وقت ضايع نہ ڪن ڇو جو وقت ۽ وير ڪنھن جي لاءِ بہ نہ بيھندا. سستيءَ ۽ ڪاهليءَ کي ڇڏي مقصد جي واٽ تي هلڻ جي ڪوشش ڪن. سڄيءَ دنيا جي ترقي جو دارومدار علم تي آهي. علم جي ئي ڪري انسان پُر آسائش عمارتون، ۽ ٻيون انيڪ ايجادون حاصل ڪيون آهن. تمام دنيا جو ڪارخانو بجليءَ تي هلي ٿو جيڪا انسان ايجاد ڪري بھترين ترين ترقي حاصل ڪئي آهي. اها علم جي قوت آهي جنھن تي اسين باوقار، باعزت ۽ بلنديءَ واري زندگي گذاريون ٿا. جيڪي بہ دنيا ۾ وڏا ماڻھو ٿي گذريا آهن ۽ جيڪي بہ ملڪ ترقي يافتہ آهن. اهي بہ صرف علمي ۽ سائنسي ترقيءَ جي ڪري، علم جي لازوال قُوت عمل سان مشروط آهي. علم حاصل ڪرڻ احسن عمل آهي تہ ان جي حاصل ٿيڻ کان پوءِ ان تي عمل ڪرڻ وڌيڪ سٺو عمل آهي. شاگردن کي هدايت ڏيندي قائد اعظم محمد علي جناح فرمايو آهي تہ،
Bookish education in not sufficient for students education should be a total education for the development of career, character, health and knowledge.
علم جي معنيٰ آهي ”ڄاڻ“ علم جي روشني جڏهن انساني دل ۽ دماغ کي روشن ڪندي آهي تہ هو ” فوق البشر“ جو رتبو حاصل ڪندو آهي. علم جو زيور انسان کي سڌاري ۽ سنواري ٿو. سالڪن جو چوڻ آهي تہ ”علم“ اهڙي شيءِ آهي جنھن جي اهميت ڪڏهن بہ ختم نٿي ٿئي ۽ علم جو واپار نہ کٽندو نہ پراڻو ٿيندو. علم هڪ اهڙي شڪتي ۽ طاقت آهي جنھن جي کپائڻ سان ان ۾ اضافو ٿئي ٿو. هڪ اهڙو اڻ کٽ خزانو آهي جنھن ۾ ڪڏهن بہ کوٽ نٿي ٿئي“.
قوم تڏهن سڌرندي جڏهن اسين علم کي عام ڪنداسين. هنر ۽ حڪمت علم جو ئي حصو آهن. علم جي الاهي نور سان انساني ڪردار جا گل ڦل کُلي انسانيت جي تعمير ڪن ٿا ۽ قومن جون تقديرون جاڳي اٿن ٿيون. علم جي الاهي ادراڪ جو قدر ڪري. جھالت خلاف سجاڳي آڻڻ گهرجي انھي جي لاءِ تعليم کي عام ڪيو وڃي. پاڪستان ۾ هر پاڪستانيءَ جو فرض هئڻ گهرجي تہ هو علم جي راھہ م اجتماعي مدد ڪري، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم ڪيون وڃن. تعليمي ادارن کي سياست ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ ڪاپي ڪلچر کان پاڪ ڪيو وڃي شاگردن جي لاءِ ضروري آهي تہ هو محنت سان علم حاصل ڪن ۽ استاد پنھنجا فرض صحيح ادا ڪن. حڪومت کي تعليم جي بجٽ کي وڌائڻ گهرجي. ڪتابن کي عام ڪري، ڪاغذ ۽ اسٽيشنري کي سستو ڪرڻ گهرجي تہ جيئن هر شخص ڪتاب خريد ڪري سگهي. پبلڪ لائبريرين کي قائم ڪرڻ گهرجي. ڪتابن جي ڇپائي عام ۽ سستي ٿيڻ گهرجي. علمي ۽ ادبي ڪانفرنسون ڪوٺايون وڃن. هر پڙهيل شخص تي اهو فرض ٿو ٿئي، تہ هو علم جي خرچ ڪرڻ ۾ بخل نہ ڪري بلڪہ علم جي خدمت ڪندڙن جي حڪومت ۽ عام طبقي طرفان پٺڀرائي ٿيڻ کپي، جيڪا هڪ زنده ۽ باشعور قوم جي سڃاڻپ آهي پنھنجن عالمن، اڪابرن، استادن، سالڪن، سائنسدانن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن ۽ مذهبي اڳواڻن کي نہ فقط مان ۽ شان ڏنو وڃي پر سندن مشن ۾ ساڻن ساٿ ڏنو وڃي. انھيءَ ساٿ سان ئي علم عام ٿيندو ۽ وڌندو ويجهندو ڇو تہ علم کان محرومي وڏي بدبختي آهي، جيڪا قوم جاهل آهي سان ڪڏهن بہ سرخرو ٿي نٿي سگهي. اسان کي گهرجي تہ پاڻ علم حاصل ڪري ان کي پکيڙيون. ايندڙ نسل لاءِ هاڻي ئي سوچڻ جو وقت آهي. کين تعليم يافتہ بنائڻ سان گڏ سُٺي تربيت ڪرڻ، نيڪيءَ ۽ بديءَ جو فرق، چڱي ۽ بري جي تميز سيکارڻ اسان جو ئي ڪم آهي تہ جيئن هن ڌرتيءَ تي امن، پيار ۽ انصاف جي فضا هميشہ لاءِ قائم ٿي وڃي.

تعليم سڀن لاءِ

پچائي پھاڻ، جن رَساڻيو رُڪ کي!
تنين سندو ڄاڻ، آهي آڳڙين کي.
(3-20، يمن ڪلياڻ)

اسين نعرو تہ هڻون ٿا تہ، ”تعليم سڀن لاءِ“ ڇا اسين ان تي عمل ڪري رهيا آهيون؟ علم جڏهن ڪوڙ ۽ سچ، نيڪي ۽ بدي، گناھہ ۽ ثواب، سونھن ۽ ڪو جهائپ، ترقي ۽ تنزلي، حيوانيت ۽ انسانيت جا فرق سمجهائي ٿو تہ ڇا اهو علم اسان سڀني کي حاصل ٿئي ٿو؟
علم وارو ستڙ ۽ سالم آهي، انھيءَ علم جي روشن واٽ جي روشنيءَ کي عام تائين پھچائڻ ڏاهن، دانشورن ۽ عالمن سان گڏ اسان سڀني جو گڏيل فڪر هئڻ گهرجي. علم جي سونھن ۽ سوڀيا، ڏات، ڏانءُ ۽ ادراڪ ۽ يقين جي سچي قوت هر هڪ جو حق آهي، علم شائستگيءَ جي علامت ۽ زندگيءَ جي دلڪشيءَ جو راز هئڻ سان گڏ انساني ذهن کي سوچ ويچار ۽ غور و فڪر ٿو عطا ڪري، جيتري قدر وسيع علم هوندو انسان ايترو ئي سنوارجي ويندو. تھذيب جو دارو مدار تربيت ۽ اعليٰ تعليم تي آهي. مردن ۽ عورتن کي اسلام ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي هڪ جھڙي هدايت ڪيل آهي. نبيءَ سڳوري جي حديث مطابق علم لاءِ سفر ڪرڻ نيڪ عمل ۽ علم جي رتبي کي جھاد جو درجو حاصل ٿيل آهي، جيئن تہ علم انسان کي بصيرت ٿو عطا ڪري ۽ انسان جي ٽئين اک آهي جيڪا سندس اندر کي اجاري ٿي، تيئن جيڪڏهن ڏٺو وڃي تہ علم ئي ڇوٽڪارو آهي. علم حاصل ڪرڻ عبادت سان گڏ هڪ اهڙي واٽ آهي جا انسان کي پنھنجي رب جي نور سان ملائي روشن ڪري کيس ممتاز ۽ اعليٰ مقام عطا ڪري ٿي.
ديني تعليم سان گڏ دنياوي تعليم بہ هن دور جي ضرورت آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڄاڻ هئڻ سان اسين هن ترقي يافتہ دور ۾ دنيا سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي هلنداسين ۽ جيڪڏهن اسين انھيءَ کان واقف نہ آهيون تہ اسان جو مثال کوھہ جي ڏيڏر وانگر آهي، انھي ڪري زماني سان قدم قدم سان ملائي هلڻو آهي. هنري تعليم جي هڪ الڳ خاص اهميت آهي جنھن ۾ هاڻي نئين ٽيڪنالاجيءُ سان گهڻي ترقي اچي وئي آهي. انھيءَ تي عمل ڪرڻ سان ئي اسان ڪامياب ٿي سگهون ٿا. معنيٰ تہ؛ Knowledge has no boundaries
علم جي ڪا بہ حد مقرر نہ آهي. علم معنيٰ ڄاڻ، معلومات، سگھہ، شعور ۽ اهو شعور فھم جيڪو اسان کي صحيح دڳ لائي، جيئن زمين جي سرسبز ٿيڻ لاءِ آسماني برسات جي ضرورت آهي. تيئن انساني ذهن لاءِ علم جي سوجهري جي ضرورت اهم آهي.
تعليم سڀن لاءِ عام ڪرڻ ۽ ان جي شرح وڌائڻ ۾ حڪومت کي بہ عوام جي سھڪار جي اشد ضرورت آهي. انھيءَ لاءِ اسان استادن ۽ شاگردن تي ٻٽي جوابداري آهي جو اسين پنھنجي آس پاس جي ماڻھن کي تعليم ڏانھن موڙيون. اسان جو ملڪ تيستائين ترقي نہ ڪري سگهندو جيستائين هن ملڪ جو هر شخص تعليم سان نوازيو نہ ويندو. چين، جپان، آسٽريليا، ڪئناڊا، آمريڪا، برطانيا، ويٽنام، ڪوريا، روس ۽ ڪيترائي ملڪ دنيا ۾ ترقي ڪري اڳيان آيا آهن فقط ۽ فقط علم جي ڪري. هڪ شاندار قوم علم جي ڪري ئي مانائتي ٿئي ٿي. جڏهن علم حاصل ڪرڻ اسان جو بنيادي حق آهي ۽ تعليم ڪنھن جي جاگير نہ آهي. تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڪنھن جنس، مذهب، طبقي ۽ دين ڌرم جو عمل دخل نہ آهي تہ پوءِ ڇو اسين سجاڳيءَ کان اکيون پوري ويٺا آهيون؟ اسان کي گهرجي تہ دنيا تي گهري نظر رکون ۽ اعليٰ تعليم جو اتساھہ پنھنجي آسپاس پکيڙيون تہ جيئن دنيا ۾ بين الاقوامي سطح تي سڃاتا وڃون اسان کي رب العالمين کان اها دعا گهرڻ گهرجي تہ يا خدا! اسان کي علم عطا ڪر، هن ملڪ جي هر ماڻھو کي علم جي نور سان منور ڪر.
جانب! تون جيڏو آهين، شان شَعورسين،
مون تي ڪر منھنجا پرين! تُوھہ تُسي تَيڏو،
اي ڪامل! ڪَمُ ڪيڏو جيئن نوازينيم نگاھہ سين.
(2-1 بروو سنڌي)

استاد قوم جا معمار آهن

”استاد“ جو لفظ ذهن ۾ ايندي هڪ مھان، معتبر ۽ ساڃاھوند هستيءَ جو تصور اکين اڳيان اچي ٿو. جيڪو ڪامل هئڻ سان گڏ رهبر، رهنما ۽ قوم جو معمار آهي قوم جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ استاد جي حيثيت تمام اُتم آهي. آرٽ هجي يا فلسفو، ميڊيڪل سائنس هجي يا جديد ٽيڪنالاجي، استاد جي حيثيت هر هنڌ مڃيل آهي. استاد قوم جو اعليٰ سرمايو ۽ سندن شان ۽ مرتبو عظيم آهي، سٺي استاد جي رهنمائي شاگردن لاءِ خدائي نعمت آهي. جنھن سان سندن نصيب ٿو سنوري ۽ هو زندگيءَ جي صحيح دڳ تي ٿا لڳن. استاد جي عظمت ٻار جي ڪردار ۽ گفتار مان معلوم ٿيندي آهي. سچو استاد پنھنجي سيني ۾ سمايل ڄاڻ ۽ آزمودو پنھنجي شاگرد کي دل سان عطا ڪندو تہ يقينن اهو شاگرد سندس نالو مٿانھون ڪندو. جيڪڏهن استاد جي اندر وارو شاگرد مري ويو تہ هو هڪ اهڙو انڌارو آڻيندو جنھن سان ڪيترن ئي شاگردن جا نصيب هميشہ لاءِ سمھي رهندا.
استاد جا ٻہ درجا آهن، هڪ روحاني ۽ ٻيا جسماني، روحاني استاد دين ۽ دنيا جو علم سيکاريندا آهن. جڏهن تہ جسماني استاد هنر ۽ ڪاريگريءَ جي ڄاڻ ڏيندا آهن. اڄ هي دنيا جون ايجادون ۽ اعليٰ ترقي صرف سکڻ ۽ سيکارڻ جي عمل سان وجود ۾ آئي آهي. شاگرد استادن کان هنر ۽ علم سکي ان ۾ نواڻ آڻي نوان تجربا ڪري پنھنجي نون شاگردن کي بہ سچائيءَ سان اها ڄاڻ منتقل ڪئي. جيڪڏهن اها ڄاڻ محدود ۽ مختصر ٿي ختم ٿي وڃي ها تہ دنيا جو زوال اچي وڃي ها. پر انھيءَ کي ڪماليت تي پھچائڻ وارو استاد ۽ شاگرد جو رشتو آهي. اڄ هر ڌنڌي سان لاڳاپيل ماڻھو جيئن رازو، لوهار، سونارو، درزي، ڪڙمي ڪاسبي مطلب تہ هنر مند کان سرجن، انجنيئر، سائنسدان ۽ تعليم دان تائين جيڪو بہ پنھنجو عمل پنھنجي شاگرد کي سچائيءَ سان سيکاري ٿو تہ خدا جي خدائيءَ جا بھترين دماغ انھيءَ ٽئليٽ کي اڳيان وڌيڪ ڪاريگريءَ سان وڌائين ٿا. معنيٰ تہ استاد ۽ شاگرد جي رشتي ۾ محنت، خلوص، عطا ۽ دل جي سچائي اهم آهن.
تعليم جي شعبي ۾ اسان وٽ نوڪرين جي ڀرتين ۾ خاص طور استادن جي ڀرتيءَ ۾ معيار جي بدران سفارش تي توجھہ آهي. خاص طور پرائمري استادن جي مقررين ۽ ترقين تي ڌيان ڌرڻ سان اسين پنھنجي تعليم جو بنياد مضبوط ڪنداسين. بنياد ئي سڀ ڪجهہ آهي. پرائمري استادن کي سٺا پگهار ۽ ڳوٺن ۾ رهڻ جون سھولتون ڏيڻ حڪومت جو فرض آهي ( ڇو جو ملڪ جي آباديءَ جو وڏو انگ ڳوٺن ۾ رهي ٿو)
استادن تي واجب آهي تہ هو پنھنجي اعليٰ مرتبي ۽ مان کي سڃاڻن، شاگردن کي پنھنجي اولاد وانگر ڪري سمجهن ۽ دل ۽ جان سان کين هي علم جو سوجهرو عطا ڪن، پاڻ بہ وڌيڪ علم حاصل ڪري پنھنجي ڄاڻ وڌائي، پنھنجي رتبي کي بلند ڪن. ذاتي مسئلن ۽ انا کي پاسي رکي خدا پاڪ جي حڪم جي پوئواري ڪندي ضمير جي آواز تي لبيڪ چون، حاصل ٿيل علم کي امانت سمجهي شاگردن کي منتقل ڪري، هو حلال روزي کائين. ڏينھن قيامت تي کانئن پل پل جو حساب ورتو ويندو.
استادن کي اهو بہ عرض آهي تہ هو پنھنجي ٻڌيءَ ۽ ايڪي جي اظھار لاءِ بيشڪ استاد تنظيمون ٺاهين. پر انھيءَ جا مقصد ۽ عمل هاڪاري هجن جن سان ”شاگرد ڪاز“ کي ڪو بہ ڇيھو نہ رسي. استادن ۽ شاگردن جي رشتي کي مضبوط ڪرڻ ۾ والدين جي وڏي سھڪار جي ضرورت آهي.
استاد ۽ شاگرد جو تعلق مضبوط هوندي بہ اڄ جي دور ۾ لڳي ٿو تہ ايترو اهميت جوڳو نہ رهيو آهي. ڪو وقت هو جو شاگرد استادن جي وڏي عزت ڪندا هئا، پر سندن مائيٽ پڻ پنھنجن ٻچن جي استادن جي عزت ڪندا هئا. وقت جي تبديلين ۽ ماڻھن جي مٽيل قدرن مطابق هاڻي اهي محبتون ۽ عزتون ڄڻ تہ موڪلائينديون پيون وڃن، پر تہ بہ ”پنج ئي آڱريون برابر ڪينھن“. اڄ بہ اهڙا فرمانبردار ۽ سمجھدار شاگرد ۽ محنتي ۽ فرض شناس استاد ڪٿي ڪٿي موجود آهن، جيڪي علم ڏيئي ۽ وٺي ڄاڻن ٿا، هلندڙ دور ۾ اهو انگ تمام گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مھانگائي، دين جي ڄاڻ ۽ اخلاقي اصولن جي ڪمي ۽ علمي ڊگرين جي ڊوڙ ۾ تعليم ڪمرشلائيز بہ ٿي وئي آهي.
اصل ۾ شاگرد آئيندي جا ابا آهن، تہ استاد جي حيثيت مائٽ جيان آهي. کين ”ٽَڪي جو ماستر“ ۽ ”خصيص ماستر“ سمجهڻ جي بدران معزز ۽ قوم جو هڪ تمام معتبر فرد سمجهڻ کپي، استاد جي عزت ڪرائڻ ۾ والدين جو بہ وڏو هٿ هوندو آهي. کين گهرجي تہ هو مطلب پرست ٿيڻ جي بدران هن رشتي جي احترام کي سمجهن. اڄ جيڪڏهن اسان اهي ڪوششون عمل ۾ نہ آنديون تہ سماج جا اهي ڪريل قدر وري سنوان ٿي نہ سگهندا. استاد پنھنجي ڪرت جي عظمت ۽ اهميت کان نہ واقف هئڻ سبب ان جي عزت بحال ڪري نہ سگهندو. ان لاءِ حڪومت کي استادن کي وڏي مئرٽ تي چونڊي ۽ کين وڏيون پگهارون ۽ سھولتون ڏيڻ گهرجن، ڄاڻو استاد قابل ۽ خود اعتماد هئڻ جي ڪري، بھترين شاگرد پيدا ڪندو آهي. باقي ”جيڪي پاڻ نہ پڙهيا سي ڪھڙا اَڪ ڪارا ڪندا“، وانگر نااهل ۽ سفارشي استاد اهڙي ئي نااهل شاگردن جي فوج تيار ڪندو، پوءِ هن ملڪ ۾ ڪوڙين ڊگرين جو راڄ هوندو، جيڪو ڪنھن حد تائين ٿيندو ڏسڻ ۾ اچي پيو. پر مٿي ڄاڻائي آئي آهيان تہ سڀ ماڻھو برابر ڪونھن، ان ڪري اڃان بہ وقت ڪونہ ويو آهي. اچو تہ هن پيغمبري پيشي جي عزت ڪريون ۽ پنھنجي ايندڙ نسل کي علم جي عظمت سان مشروط، استادن جي عزت واري رويي جي ڄاڻ ڏيون تہ جيئن هو فرض شناس ۽ محنتي ٿين.
سياست آ، فضيلت آ، حقيقت آ علم،
حڪومت آ، سياست آ، عبادت آ علم.

شاگرد استاد جي قدمن مان اُڀري ٿو

شاگرد قوم جو مستقبل آهن. نيڪ، محنتي ۽ هوشيار شاگرد اڳيان هلي سٺو انسان ۽ ڄاڻو استاد ٿئي ٿو. جيڪڏهن سندن استاد قابل ۽ لائق آهي ۽ کيس صحيح دل سان ۽ سچي رهنمائي ڏئي ٿو. تہ پوءِ اهو شاگرد پنھنجن خداداد صلاحيتن سان استاد جي ڏنل علم سان وڌيڪ ڪامياب ۽ ڪامران ٿئي ٿو. يعني شاگرد جيڪي ڪجهہ آهي انھيءَ ۾ سندس استاد جو وڏو هٿ آهي ۽ اها چوڻي سئو سيڪڙو سچ نظر اچي ٿي تہ ”شاگرد استاد جي قدمن مان اڀري ٿو“ هاڻي جيڪڏهن شاگرد ۾ ڪجهہ ڪمزوريون آهن ۽ هو گهٽ محنتي ۽ گهٽ ذهين آهي تہ بہ قابل استاد منجهس صلاحيتون پيدا ڪري ويندو آهي. ان جي بدران جيڪڏهن استاد ۾ سستي، غفلت ۽ اڻ ڄاڻائي آهي يا هو پنھنجي ذمہ داري پابنديءَ سان نٿو ادا ڪري تہ نہ صرف گوسڙو ۽ ڪمزور شاگرد گهڻو وڌيڪ پوئتي ٿيو ٿا وڃن. پر هوشيار ۽ محنتي شاگردن جو بہ ارواح علم تان کڄي وڃي ٿو. شاگرد بہ استاد جي پيروي ڪندي نااهل نالائق ۽ نڪمو بنجي ٿو.
استاد شاگرد جو رشتو علم ۽ هنر جي ڄاڻ جي منتقليءَ سان گڏ عزت، احترام، پيار، شفقت ۽ اطاعت جو رشتو آهي. جيڪڏهن شاگرد فرمانبردار نہ آهي تہ هو بي ادب ۽ بي مراد آهي ۽ کيس ڪجهہ حاصل ٿيڻ محال آهي. شاگرد جي لاءِ ضروري آهي تہ وٽس سکڻ جي شوق، محنت ۽ جستجوءَ سان گڏ استاد جي عزت ۽ وقار کي سمجهڻ جي ساڃھہ هجي. وڏن جي چوڻين کي جيڪڏهن ڏٺو وڃي تہ انھن ۾ ننڍي ٻار جي سڌارڻ ۽ وارڻ لاءِ سختيءَ کي بہ پسند ڪيو ويو آهي. چوڻ آهي تہ، ”استاد جي مار ٻار جي سنوار“ اهو چوڻ وارا ڪجهہ حد تائين حق بجانب آهي. پر اڄ اسين پسند نٿا ڪيون تہ ٻارن تي سختي ڪئي وڃي ۽ چاهيون ٿا تہ استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ دوستيءَ جو رشتو هجي تہ جيئن شاگرد پر اعتماد هجن ۽ بنا حجاب کانئن سوال جواب ڪري ڄاڻ حاصل ڪن. اهو ڪجهہ حد تائين صحيح بہ آهي پر انھيءَ سسٽم ۾ بہ ڪي خرابيون آهن. ڪڏهن ڪڏهن انھيءَ سان استاد جي عزت ۾ ڪمي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڪجهہ هنڌن تي استادن کي گهٽ نظر سان ڏٺو ٿو وڃي ۽ جيڪڏهن استاد مالي ۽ ذهني طور مطمئن ۽ آسوده نہ آهن تہ کانئن گهڻين ڪوتاهين جي اميد ڪري سگهجي ٿي. ڪو وقت هو استاد جي عزت جو ڪو حساب نہ هو. والدين پنھنجي اولاد کي تنبيھہ ڪندا هئا تہ پنھنجي استاد جي عزت رکو. سندن ڪيل سختيءَ کي پنھنجي ٻارن جي حق ۾ بھتر سمجهندا هئا ۽ وٽن استاد جو وڏو مان هوندو هو استاد بخاريءَ موجب تہ،
هنن جون چماٽون، اڃان ياد آهن،
اکيون کول، او قوم، استاد آهن،
هنن جي حقن جو، حساب ئي نہ آهي،
سڄي قوم سرهي، جي هي شاد آهي.

مٿئين چئو سٽي مان معلوم ٿئي ٿو تہ اسان جي سماج ۾ هن وقت هڪ منفي تبديليءَ جي ڪري استادن جي عزت ۾ وڏي ڪمي آئي آهي. حالانڪہ استادن جي عزت رکڻ والدين جو بہ فرض آهي. جنھن سان سندن اولاد (شاگرد) بہ ساڳيو رويو اختيار ڪري ڪاميابي ماڻيندو. شاگرد جيستائين جان کي جفو ڏيئي محنت ۽ رياضت نہ ڪندو، ادب ۽ ساڃھہ سان، سچو جوڳ، تن ۽ من جي تياڳ سان حاصل نہ ڪندو. تيستائين هو نہ مقصد حاصل ڪندو ۽ نہ ئي ڪاميابي نصيب ٿينديس. محنتي ۽ ڄاڻو استاد جي سچي رهنمائي ئي. سندس زندگيءَ جو اثاثو ثابت ٿيندي.
”نيم حڪيم خطرہ جان ۽ نيم ملان خطرہ ايمان“، وانگر اڌوري ۽ اڻ پوري ڄاڻ وارو شخص فائدي جي بجاءِ مرڳو نقصان جو سبب ٿيندو آهي. قابل استاد پُر اعتماد هُجي ٿو ۽ وري جيڪڏهن منجهس ڏيڻ جو جذبو آهي تہ هو جنتي آهي. (ڄاڻ کي محدود ڪرڻ گناھہ آهي) علم حاصل ٿيڻ جي شڪر ادائي اها آهي تہ ان کي سچيءَ دل سان اڳيان وڌايو وڃي. نااهل استاد، رشوتي، سفارشي ۽ بدمزاج هوندو آهي جيڪو هر وقت پيو شاگردن کي داٻا ڏيندو ۽ لعن طعن ڪندو. چوندا آهن تہ ”ڌڪ رحماني ڌڪ شيطاني“ سو اهڙن بي وس ۽ غير مھذب استادن کان الله بچائي. ”جيڪي پاڻ نہ پڙهيا سي ڪھڙا اڪ ڪارا ڪندا“. منھنجي نظر ۾ سڀ کان پھرين استادن جي مقررين تي توجھہ ڏني وڃي کين سخت امتحاني مرحلن مان گذاري ميرٽ تي کنيو وڃي ۽ وڏي پگهار ۽ سھوليتن سان رکيو وڃي تہ نہ فقط قوم کي قابل استاد ملندا پر اڳيان هلي، اڻ پڙهيل، ڪاپي ڪندڙ، نااهل شاگردن جي فوج مان جان ڇٽندي ۽ ڄاڻو استادن جي اطاعت مان اڀريل شاگرد ئي قوم جا بھترين معمار ثابت ٿيندا.

شاگرد جي زندگيءَ جو مقصد

هر انسان جي زندگيءَ جو ڪو نہ ڪو مقصد يا نصب العين ضرور هوندو آهي. ۽ انھيءَ جي لاءِ ئي هو محنت ۽ جدوجھد ڪندو آهي. ڪنھن کي هٿ جي هنر ۾ ماهر ٿيڻو آهي تہ ڪنھن کي ڊاڪٽر، انجنيئر يا سائنسدان تہ ڪنھن کي ڪلاڪار، فنڪار يا قلمڪار مطلب تہ هر ماڻھو پنھنجي ذهني ۽ دلي لاڙي مطابق پنھنجي زندگيءَ جو هڪ رستو چونڊيندو آهي ۽ اڳيان هلي محنت، شوق ۽ مستقل مزاجيءَ سان انھيءَ ۾ ضرور ڪاميابي حاصل ڪندو آهي.
هر هڪ شاگرد لاءِ شاگرديءَ جي عرصي ۾ اهو وقت ايندو آهي جو کيس پنھنجي ڪيريئر لاءِ راھہ کي چونڊڻو هوندو آهي. پوءِ جيڪڏهن هو پنھنجي ذاتي لاڙي هيٺ اها چونڊ ڪري ٿو تہ سندس لاءِ اها اختياري واٽ سڦل ۽ ڪامياب رهي ٿي. دنياوي طور پنھنجي زندگيءَ جو هڪ مقصد مقرر ڪرڻ ۽ ثابت قدم رهي ان کي حاصل ڪرڻ وارا نيٺ هن دنيا ۾ عزت جو مقام حاصل ڪندا آهن.
شاگردن لاءِ سڀ کان ضروري آهي تہ هو پڙهائيءَ سان گڏ پنھنجي ڪردار ۽ مزاج تي خاص ڌيان ڌرين. شاگرد آئيندي جا ابا آهن. قوم جو مستقبل هئڻ سان گڏ سڀاڻي پنھنجي گهر جا سربراھہ آهن، کين پنھنجو پاڻ ۾ اڳواڻيءَ واريون صلاحيتون پيدا ڪرڻ کپن. وٽن زندگيءَ جو حاصل زرو دولت جي بجاءِ پاڻ ۾ علمي صلاحيتون وڌائڻ جو هجي. قوم جي لاءِ قربانيءَ جو جذبو هجي. اڄ جون شاگردياڻيون صبح جو قوم جون مائرون ۽ بنيادي درسگاهون آهن. کين زندگيءَ گهارڻ جي طور طريقن سان گڏ زندگيءَ جي مقصد جي مڪمل سمجهہ هئڻ کپي تہ هو هڪ انقلابي ۽ شعوري طور پروان چڙهيل قوم ٺاهين، جنھن قوم جا نوجوان سمجهدار، باهمت، باشعور، نيڪ دل، محنتي ۽ هڏڏوکي آهن ۽ خلق جي خدمت سندن زندگي جو مقصد آهي تہ پوءِ هو ڪارائتا، ڊاڪٽر وڪيل، جج، انجنيئر ۽ سائنسدان هئڻ سان گڏ اڻملھہ انسان آهن.
اڄ جو شاگرد هڪ وڏي مقابلي جي دور مان گذري رهيو آهي. پر هيءُ هڪ اهڙو دور آهي جنھن ۾ ڪردار جي مڪمل تعمير ٿئي ٿي ۽ شاگردن کي سوچي سمجهي پنھنجي Career جو فيصلو ڪرڻو آهي. سر سيد احمد خان موجب ”اي نوجوانو! زندگيءَ جي هن پليٽ فارم تي ايندڙ ويندڙ گاڏين کي غور سان ڏسو. وقت جي رفتار ڪڏهن بہ نہ بيھندي. گهڙيال ۽ ڪئلينڊر کي غور سان ڏسڻو آهي. ڏينھن مھينن، موسمن ۽ سالن جي گذرڻ تي ڌيان ڌرڻو آهي. ايئن نہ ٿئي تہ وقت توهان جي هٿ مان نڪري وڃي انھيءَ ڪري آئيندہ زندگيءَ جي رستن مان صحيح رستي جي چونڊ ڪري محنت کي شعار بنائي ثابت قدميءَ سان حاصل ڪريو“.
شاگردن جي لاءِ اهو بہ ضرور آهي تہ هو پنھنجي مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ دعائن کي وسيلو بنائين. روحانيت جي تربيت ننڍي لاڪون ٻار لاءِ ضروري آهي. عبادت انسان جي اندر کي پرسڪون رکي کيس حوصلو، همت ۽ اميد ٿي عطا ڪري. ذاتي عبادت سان گڏ والدين، استادن ۽ وڏن جي عزت ۽ فرمانبرداريءَ جي ذريعي عام شاگرد بہ اوج تي پھچندا آهن. شاگردن کي هميشہ اهو سوچڻ گهرجي تہ هو محنت ڪري پڙهي رهيا آهن. نيڪ نيتي ۽ وقت جي پابنديءَ سان سندن لاءِ رستو آسان ٿيندو پر جيڪڏهن اتفاق سان ڪا بہ مشڪل اچي تہ کين همت هارڻي نہ آهي.
هيءَ زندگي هڪ امتحان آهي، جنھن ۾ انسان جو ڄمڻ گل جي ٽڙڻ وانگر آهي. موت اَوس اچڻي آهي. مرڻ کان نہ ڊڄجي بلڪہ اهو سوچجي تہ اهڙي حياتي گذارجي جيڪا فنا نہ ٿئي ۽ علمي ۽ نيڪ انسان مرڻ کانپوءِ بہ زنده آهي. موت بيشڪ ڏک جو سبب آهي ۽ جوانيءَ ۾ تہ انھيءَ جي سوچ بہ اڻ وڻندڙ آهي. ڇو جو هيءُ زندگيءَ سان پيار جو وقت آهي. پر زندگيءَ جي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ موت جي اڻٽر هئڻ جو يقين خود ۾ قائم رکڻو پوندو. پوءِ ئي آدرشي اصولن واري مقصدي زندگيءَ جو تصور آسان ٿيندو. موت ۽ زندگيءَ جي ازلي ۽ ابدي حقيقت جي لاءِ شيخ اياز چوي ٿو:
”اهڙي ڪو ڪم ڪر جو ماري وجهي موت کي“
شاگردن کي گهرجي تہ ننڍپڻ کان ئي سچ، سونھن ۽ نيڪيءَ جي رستي پنھنجي زندگيءَ جو مقصد مقرر ڪن.

ڪمپيوٽر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا فائدا

موجودہ دور ڪمپيوٽر سائنس ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جو دور آهي. جنھن ۾ نين نين ايجادن دنيا کي ڪيترائي سُک عطا ڪيا آهن. هر شيءِ جي هاڪاري ۽ ناڪاري رخن جي جانچ جڏهن ڪئي ويندي اهي تڏهن فائدا ۽ نقصان چٽا ٿي سامھون ايندا آهن. ڪمپيوٽر سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي جائزي ۾ فائدن جو پُڙڳرو آهي.
اڄ جي شاگرد کي هڪ وڏي امتحان کي سر ڪرڻو ٿو پوي. هي ويھڻ جو وقت نہ آهي. بين الاقوامي طور دنيا سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي هلڻ لاءِ محنت ضروري آهي. سائنسي تعليم ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جي پوريءَ دنيا ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي آهي. ميڊيڪل سائنس ۽ انجنيئرنگ کان علاوه مختلف ٻين نون شعبن ۾ سائنس نيون نيون راهون ۽ رستا هموار ڪيا آهن. اڄ جي دور ۾ هر شيءِ ۾ روز بروز جلدي تبديلي اچي ٿي. انھيءَ جدت ۽ نواڻ جو ڪارڻ سائنس جي تيز رفتار آهي. جنھن اڄ جي سڀيتا ۽ ماحول کي گرمائي ڇڏيو آهي. مختلف نمونن سان صنعتي، زرعي گهريلو استعمال جي سامانن جي آسائش سان گڏ علم جي ترقي شامل آهي(جنھن ۾ ميڊيڪل سائنس ۽ ٻيا علم اچي وڃن ٿا) ايئن ٿو معلوم ٿئي تہ جديد دور هلڻ جي بجاءِ ڊوڙي رهيو آهي. انھيءَ ۾ ڪمال انساني عقل ۽ سمجهہ جو آهي، جنھن ڌڻيءَ جي ڏنل دماغي قوت ۽ اڻٿڪ محنت سان هن ڪائنات کي هٿ هيٺ ڪيو آهي.
ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعي ايندڙ تبديلين سان سماج جي ثقافت تي بہ وڏو اثر پوندو آهي. هيءُ هڪ اهڙي قسم جو جادو آهي، جيڪڏهن ان کي مثبت نموني انساني ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪيو وڃي تہ تمام واکاڻ جوڳو آهي. پر جيڪڏهن هن کي ضابطي ۾ نہ رکبو تہ وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو. ساڳيءَ ريت ڪمپيوٽر يعني Information Technology آهي. جنھن ۾ گهڻي ڀاڱي وڏا فائدا آهن. هن دور جي هيءَ جديد ٽيڪنالاجي پوريءَ دنيا ۾ مڪمل طور رائج آهي. اڄ عام وڻج واپار کان وٺي تعليم، بئنڪنگ ۽ ميڊيڪل سائنس سان گڏ حڪومتي ڏيھي ۽ پرڏيھي ڪم ۾ ڪمپيوٽر هڪ اهم ضرور ٿي ويو آهي.
ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال ۾ بہ نيڪ مقصد هئڻ گهرجن، اهڙا ڪم جيڪي انسانيت جي فائدي لاءِ هجن. ٽيڪنالاجيءَ جي منفي استعمال انسانيت لاءِ انتھائي هاڃيڪار ٿي سگهي ٿو.
ڪمپيوٽر هن دور جي هڪ اهڙي جديد ايجاد آهي جنھن زندگيءَ جي ڪاروهنوار ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي. انٽرنيٽ جي لحاظ کان پرڏيھہ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهشمند شاگردن لاءِ تہ هڪ وڏو ذريعو آهي. دنيا گلوبل اسٽيج ٿي وئي آهي. ڪمپيوٽر جي سکيا اڄ پاڪستان ۾ عام جام آهي. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ اعليٰ ڪوالٽيءَ جا ڪمپيوٽر ۽ عملو حڪومت طرفان مھيا ڪيو ويو آهي. شھرن جي تعليمي ادارن ۾ ڪيترائي شاگرد هن ايجاد جو سک ماڻي رهيا آهن ۽ پنھنجن پنھنجن شعبن ۾ ڪارائتو ڪم ڪري رهيا آهن، پر ڳوٺن ۾ اڃا هيءَ ايجاد عام نہ ٿي آهي. ضرورت آهي تہ حڪومتي مدد سان ڳوٺن جي علمي ادارن ۾ بہ ڪمپيوٽر جي سکيا جا جوڳا بندوبست ڪيا وڃن، تہ جيئن ڳوٺن جا شاگرد هن اڻمُلھہ ڄاڻ مان لاڀ حاصل ڪري دنيا جي برابر ٿي سگهن.

ڪتاب دنيا جي عظيم ترين سوغات آهن

پيارا ٻارو! ”ڪتاب“ لفظ اچارڻ يا ٻُڌڻ سان ماڻھوءَ جي دل تي هڪدم علم ۽ حلم، فڪر ۽ تدبر، تجربي ۽ محنت جو اثر ٿئي ٿو. پروفيسر غلام مصطفيٰ چوي ٿو تہ، ”ڪتاب فقط ورقن۽ پنن جو ميڙ نہ آهي، پر اهو انسان جي فڪر و خوض ۽ دل جي احساس جو راز آهي. لفظ مصنف جي روحاني طاقت آهن زباني لفظ کان لکيل لفظ معتبر آهن ۽ سڄي دنيا جي ملڪيت آهن“.
جڳ مشھور اديب شيڪسپيئر چوي ٿو تہ، ”سٺا ڪتاب سُٺا ماڻھو پيدا ڪن ٿا. برڪت وارا ماڻھو اهي آهن، جن اول ڪتابن جو علم ايجاد ڪيو“ معياري ۽ غير معياري ڪتابن ۾ وڏو فرق آهي. جان ملٽن جھڙو مفڪر هِنَ ڏس ۾ چوي ٿو تہ،
”جهڙيءَ ريت دوستن جي چونڊ جو معاملو نھايت اهم آهي، تھڙيءَ ريت ڪتابن جو انتخاب ڪرڻ بہ ڏاڍي ڏکي ڳالھہ آهي. هڪڙي مصنف جو املھہ خون آهي سندس عمدو ڪتاب“.
هيءَ دنيا ڪيترن ئي مصنفن جي عظيم تصنيفات سان سجيل آهي، جيڪي لکن ۽ ڪروڙن ماڻھن جي حياتين کي سڌارين ٿا تہ اها بہ حقيقت آهي تہ ڪيترائي فضول ڪتاب بہ ڇپجن ٿا، جن جو غير معياري مطالعو وهمن ۽ وسوسن ۽ برن خيالن کي ويجهو آڻي ٿو. سُٺن ڪتابن جي پذيرائي نئينءَ ۽ نڪوريءَ مثبت ڄاڻ جي وڌائڻ لاءِ ڪوششون مطالعي جي معيار کي بھتر بنائڻ ۾ مددگار آهن.
اڄ جو دور ڪمپيوٽر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو آهي، جنھن ۾ نئين ۽ پراڻي نصابي تعليم ۾ وڏو فرق آهي. وقت جي رفتار سان گڏ هلڻ ئي هر دور جي اهم ضرورت هجي ٿي، پر ڪتابن جي اهميت هر دور ۾ ساڳي رهي آهي. وقت ثابت ڪيو آهي تہ ادب هميشہ ماڻھن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي، ماڻھن کي شعور بخشڻ سان گڏ انساني تھذيب جي سڌرڻ ۽ معيار ۾ اضافو ڪيو آهي. ڪتابن جا ڪيترائي قسم آهن. پر انھن سڀني قسمن ۾ علمي، ادبي، سائنسي، تاريخي ۽ ٻين اهم موضوعن جا ڪتاب معياري شامل ٿيندا. ڪتابن کي جمع ڪري، ڪتب خانن/لائبريرين ۾ رکيو وڃي ٿو، جتي انھن جي مناسب سار سنڀال ٿيندي آهي. لائبريريون علمي ۽ ادبي گهر آهن، جن جھڙو سڪون آور ۽ لاڀ ڏيندڙ ڪو بہ هنڌ ٿي نٿو سگهي. جن جي حفاظت ۽ نگهداشت سان علم ۽ ادب کي هٿي ملي ٿي. اڄ ڪتب خانن مان چوريون. انھن کي لڳل باهيون ۽ علم دشمنيون جڏهن پسجن ٿيون، تڏهن دل ڏکي ٿي. جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن بھترين نادر قلمي نسخن ۽ ڪتابن جي وڏي بي قدري ٿي، ڪيترا اهم ڪتاب برٽس لائبريريءَ ۾ اڄ بہ موجود آهن، جيڪي هتي نہ آهن. ساڳيءَ ريت پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ بہ ڪجهہ واقعا لائبريرين کي باھہ ڏيڻ جا ٿيا آهن. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي لائبريريءَ ۾ باھہ لڳڻ جي واقعي تي ” باھہ نہ ساڙي علم کي“ جي غزل ۾ تنوير عباسي لکيو تہ،
ويري ماري جک، آڏو منھنجي علم کي،
ساڙن ٿا جيڪي، پوي تن جي منھن ۾ رک،
محبت جن جي مَنَ ۾، تن جا ڪَک بہ لَکَ،
ڪاريءَ وارا ڪَکَ، ويري تنھنجي پاند ۾.

اهڙن دکدائڪ واقعن جي باوجود بہ مبلغن، رهنمائن، اديبن، عالمن ۽ شاعرن جي روشن ڪيل هيءَ علم ۽ ادب جي شمع منور آهي ۽ هن ڪمپيوٽر دور ۾ اڄ بہ دنيا جي عظيم ترين سوغات يعني ڪتاب مطالعو ڪيا وڃن ٿا ۽ انسان ذات انھيءَ مان فائدو وٺي رهي آهي.

ليکڪا ۽ سندس ڪتابن جو تعارف

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو جنم 20-11-1958ع تي ڏيپلي شھر ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۾ ٿيو سندن تعليم ايم، اي(انگريزي ادب)، ايم، اي (سنڌي ادب)، پي، ايڇ ڊي (سنڌي) آهي، ڪرت طور ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ، تعليم کاتي، مان ريٽائر ڪيائين، لکڻ جي شروعات نثر نويسا طور 1980ع ۾ ڪندي ادبي تاريخ، ڪالم، تحقيق، تنقيد، لطيف شناسي، ٻاراڻو ادب، افسانا ۽ ٻين موضوعن تي اٺ سئو کن مضمون، مقالا ۽ ڪھاڻيون لکيا اٿن.
سندن ڇپيل ڪتاب: 1. سنڌي ادب جو جائزو 2004ع، 2. سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس 2008ع، 3. اٿي رائو ريل، (تنقيد) 2009ع، 4. آديسين ادب آهي اکڙين ۾، (لطيف شناسي) 2008ع، 5. سون ورنيون سوڍيون 2009ع، 6. وکر سو وهاءِ 2010ع، 7. اخلاقي قدر، (ٻالڪ ادب: مضمون) 2010ع، 8. عالم سڀ آباد ڪرين، (لطيف شناسي) 2015ع، 9. پلئه پايو سچ، (مضمون) 2015ع، 10. سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو، (ادبي تاريخ)2015ع، 11. گلدستو، (مضمون) 2017ع، 12. سنڌي ادب (ايم سي ڪيوز)2018ع، 13. سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو، (پي ايڇ ڊي مقالو)2020ع، 14. ٽي تحفا ا (ٻالڪ ڪھاڻيون) 2021ع، 15. شرارتي جن، (ٻالڪ ڪھاڻيون)2022ع، 16، ”سونيون اشرفيون“ (ٻالڪ ڪھاڻيون) 2023ع، 17. پوپٽ ۽ گلاب (ٻالڪ ڪھاڻيون) 2023ع، 18. شهزادي ماھہ نور(ٻالڪ ڪھاڻيون) 2023ع، 19. ثاقب جي آئيسڪريم(ٻالڪ ڪھاڻيون) 2023ع، 20. سھڻا سخن 2023ع، 21. جديد سنڌي ادب جو بنياد وجهندڙ تاريخ ساز شخصيت شمس العلماء مرزا قليچ بيگ (تحقيق) 2023ع، 22. سنڌي نثر جديد مطالعو (آخوند عزيز الله کان عثمان علي انصاريءَ تائين (تحقيق) 2023ع.

ڊجيٽل ايڊيشن ڪتاب
23. ماڻڪ موتي لالَ (مضمون ۽ مقالا)، 24. سدا وسين تون 25. جاکوڙي محققا 26. محبت پائي مَنَ ۾، 27. لطيف شناسي

اڻ ڇپيل ڪتاب:
28. ڀورائيءَ ۾ ڀال ٿيا (مضمون ۽ تبصرا)، 29. اَمر انسان (ٻالڪ ادب)، 30. سماج سڌارڪ انقلابي اديب، محمد عثمان ڏيپلائي، 31. معلومات جو خزانو، (ٻالڪ ادب)، 32. پاڪستاني ادب ڪي معمار، ڊاڪٽر فھميدہ حسين شخصيت اور فن، 33. سکن جو سنسار (ڪھاڻيون/افسانا)، 34. ارباب جي هوشياري (ٻالڪ ادب: ڪھاڻيون)، 35. صحت ۽ زندگي، 36. شھر بانو (ترجمو ڪيل افسانا)، 37. جي پارکو پارس جا (لطيف شناسي)، 38. هلڻ منھنجو هوت ڏي (سفر نامو)، 39. سنڌي نثر جي تاريخ، 40. تو ۾ ديرو دوست جو (لطيف شناسي)، 41. مفتي منجهہ ويھار (آتم ڪھاڻي)، 42. جنرل هسٽري (پي سي ايس)، 43. جديد سنڌي ڪھاڻي (تحقيقي اڀياس)، 44. انوکو رازو(ٻالڪ ادب)، 45. اچوڙي ٻارو(ٻالڪ ادب)، 46. سنڌي شاعريءَ جي تاريخ، 47. ٻالڪ ادب جي ليکڪن جا انٽرويو، 48، حڪايتون، 49. پکراج پري، 50. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جون علمي ۽ ادبي خدمتون.

بيڪ ٽائيٽل

• هن ڪتاب ۾ اخلاقيات جي موضوع جي حوالي سان جيترو مواد پيش ڪيو ويو آهي. ان ۾ موضوع جي جيترن پھلوئن جو احاطو ڪيو ويو آهي، اهو پنھنجي جاءِ تي اهميت جو حامل آهي. فاضل ليکڪا، مصنفہ جيئن تہ هڪ ذميوار استاد، شفيق والدہ آهي ۽ وڏي ڳالھہ تہ هڪ ذميوار شھري آهي، سندس تصنيف ڪيل ڪتابن مان سندس ادب سان لگن، اورچائي ۽ ڪمٽمينٽ بکي رهي آهي، جنھن جو ثبوت اهو آهي جو سندس ڪتاب لاڳيا شايع ٿيندا رهن ٿا.
(ولي رام ولڀ)

• ”اخلاقي قدر“ جي خوبي اها آهي تہ هي بين الاقوامي ٻارن جو ڪتاب آهي، هن کي جنھن بہ زبان ۾ ترجمو ڪيو ويندو تہ ان ملڪ جي ٻارن لاءِ مروج ڄاڻ موضوع اهي ئي ساڳيا هوندا، جن ۾ قرآن ۽ حديث کان وٺي دنيا جي وڏن شاعر، اديبن ۽ دانشورن جا حوالا تمام گهڻو نظر ايندا. شاگرد تہ ڇا پر وڏا بہ هن ڪتاب ۾ آيل مختصر مضمونن مان بہ وڏو لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا.
(سليم چنا)

• مون هي ڪتاب ڏاڍي دلچسپيءَ ۽ ڌيان سان پڙهيو ۽ خواهش اٿم تہ سڀ مائرون، ڀينرون، والدين ۽ استاد بہ غور سان پڙهن تہ جيئن اسان اسان سماجي، معاشي ۽ اخلاقي قدرن جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهون.
(يوسف سنڌي)

• ”اخلاقي قدر“ معرفت انسان، انسانيت ۽ اخلاقيات جي قدرن کي معاشري جي معاشي، سماجي، سياسي، ديني ۽ علمي حالتن جي حوالي سان سمجهايو ويو آهي. اميد تہ شاگردن کي پسند ايندو ۽ هُو پنھنجي مطلب جا موتي هِن مان حاصل ڪري، پنھنجي شخصيت کي سنوارڻ ۾ مدد حاصل ڪندا تہ پوءِ آئون سمجهنديس تہ منھنجو پورهيو صاب پيو.
(ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ)