شخصيتون ۽ خاڪا

جن ساڃاء سِراڻِ سين

دنيا ۾ ڪي چند انسان اھڙا ھوندا آھن، جيڪي زندگي جي مقصد کي پورو ڪري دنيا کي ڪجھ ڏئي ويندا آھن، اھي انسان عام ماڻھن کان گھڻو مختلف ھوندا آھن، ھنن وٽ زندگي گذراڻ جو ھڪ الڳ رنگ ھوندو آھي اھڙن ماڻھن بابت مدھوش مير پنھنجا تاثير سوشل ميڊيا تي لکندا رھيا آھن. انھن مان 15 شخصيتن تي لکيل تاثيرن کي ھاڻي ڪتابي شڪل ۾ پيش ڪيو اٿائون.
  • 4.5/5.0
  • 6
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book جن ساڃاء سِراڻِ سين

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار مدھوش مير پاران سھيڙيل شخصيتن تي لکيل تاثيرن جو مجموعو ”جن ساڃا“ اوھان اڳيان پيش آھي. جنھن ۾ زندگيءَ ۾ جدوجھد ڪندڙن 15 شخصيتن بابت تاثير شامل آھن.
دنيا ۾ ڪي چند انسان اھڙا ھوندا آھن، جيڪي زندگي جي مقصد کي پورو ڪري دنيا کي ڪجھ ڏئي ويندا آھن، اھي انسان عام ماڻھن کان گھڻو مختلف ھوندا آھن، ھنن وٽ زندگي گذراڻ جو ھڪ الڳ رنگ ھوندو آھي اھڙن ماڻھن بابت مدھوش مير پنھنجا تاثير سوشل ميڊيا تي لکندا رھيا آھن. انھن مان 15 شخصيتن تي لکيل تاثيرن کي ھاڻي ڪتابي شڪل ۾ پيش ڪيو اٿائون.
اسان ٿورائتا آھيون محترم مدھوش مير جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ شامل ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
salamatsindh@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

سپرد

سپرد
انھن گمنام ھستين جي ناوء جيڪي بنا لالچ لوڀ، رنگ نسل، مذهب جي، قلمي، علمي، انساني، ثقافتي، سماجي عمل جي ميدان ۾ وجود نہ رکندي، پنھنجو حصو ڳنڍي ملن ٿيون، عوام الناس جي اکين کان اوجھل اھڙن ڪردارن سان دنيا روشناس آھي،

سماج کي الڳ اک سان ڏسندڙ ڏات ڌڻي

سماج کي الڳ اک سان ڏسندڙ ڏات ڌڻي
دنيا ۾ ھر انسان پنھنجو وقت ڳائي وڄائي کائي پي موج ڪري زندگي جا ڏينھن پورا ڪري ڌرتي تان گم ٿي ويندو، پر ڪي چند انسان اھڙا ھوندا آھن، جن جي زندگين جا ڪي مقصد ھوندا آھن، ھو انھن مقصدن ڪاڻ جيئڻ لاء کائيندا پيئندا آھن، انھن مان ڪي انسان پنھنجو مقصد پورو ڪري دنيا کي ڪجھ ڏئي ويندا آھن، ڪي مقصدن جي حاصلات لاء جدوجهد جي جنگ ۾ زندگي جي بيوفائي بعد ابدي ننڊ جي آغوش ۾ ھليا ويندا آھن، ۽ انھن جي اڌ ۾ ڇڏيل مقصدن کي ٻيا سر ڦريا اچي پورو ڪندا آھن، دنيا ۾ ڪجھ ڪرڻ وارا ڌرتي کي ڌوڏي وجھندا آھن، پر اھي انسان عام ماڻھن کان گھڻو مختلف ھوندا آھن، ھنن وٽ زندگي گذراڻ جو ھڪ الڳ رنگ ھوندو آھي-

اھڙن ئي انسانن منجھان اسان جو ھي خاموش مزاج دوست مدھوش مير به آھي، مان پنھنجي زندگي ۾ تمام ٿورڙا دوست ڪيا آھن، چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا، اھي به منھنجا دوست انڪري آھن، جو مان سمجھندو آھيان ته ھي مونکي سمجھي سگھن ٿا، تن مخصوص دوستن جي فھرست ۾ مدھوش مير جو نالو گھڻو نمايان آھي، اڄ ڪالھ سوشل ميڊيا جو دور آھي، ماڻھن وٽ طرح طرح جا ۽ الائي ڪٿان ڪٿان جا دوست آھن، پر مان سوشل ميڊيا تي پنھنجي طبيعت مطابق ڪڏھن ڪنھن سان رابطو ڪيو ھوندو، چوڻ جو مقصد ته اتي به مان محدود رھيو آھيان، جنھن جو ھڪ سبب آھي ته ھر ماڻھو سوچيندو آھي، پر حساس ماڻھو تمام گھڻو سوچيندو آھي، انڪري پاڻ به ھڪ حساس دل ھجڻ ڪري سوشل ميڊيا جي وسيع دنيا ۾ پاڻ کي اڪيلو رکيو آھي،

مدھوش مير جي ڳالھ پئي ھلي، جنھن جي ھن ڪتاب (جن ساڃاءَ سِراڻِ سين) تي مان پنھنجو تاثير لکي رھيو آھيان، ھي لکت جيڪا وقتن به وقتن سوشل ميڊيا تي مدھوش جي وال تي مان پڙھندو رھيو آھيان، تن کي گڏ ڪري ھن ڪتابي شڪل ۾ پيش ڪرڻ سٺو سوڻ آھي، مدھوش مير پنھنجي الڳ دنيا جو مالڪ ھجڻ باوجود سوشل ميڊيا جي خيالي واقفيت کي بيان ڪندڙ فردن جي ڪم عمل فھم کي بيان ڪري انھن کي مان بخشيو آھي، مدھوش جيڪو نالي ۾ مدھوش آھي، پر مان سمجھان ٿو، ھي ھوش جي نشي ۾ مدھوش آھي، جتي ھو ماڻھن کي مان ڏيڻ ڄاڻي ٿو، ان سان گڏ ھن يار جي اھا طبيعت بہ رھي آھي، ته جن ماڻھن سان دنيا ڳالھائڻ لاء خواهشمند ھجي ۽ ھي يار وري انھن جي ڪال کڻڻ لاء به تيار ناھي ھوندو، اھڙي ڪيفيتن تي پنھنجا الڳ ويچار ونڊيندڙ مدھوش مير جنھن کي مان به اڃان مڪمل ناھيان سمجھي سگھيو، پر ايترو يقين ۽ ايمان سان چئي سگھان ٿو، ته ھي انھن انسانن منجھان آھي، جيڪي دنيا کي ڪجھ ڏيڻ جي مقصد خاطر زندگي گذاريندا آھن، ھن ڪتاب ۾ جيڪي به شخصيتون آھن، اھي سڀ مون لاء قابل فخر آھن، جن کي مدھوش مير جھڙي قلمڪار لکيو ھجي، اھي يقينن سماج جي مثبت پاسن تي ڪم ڪندڙ ذھن آھن، جيڪي قابل تعريف آھن، جن کي پڙھي ڪري خوشي ٿي، تہ مدھوش مير جي دوستي واري فھرست ۾ سڀئي زنده دل انسان موجود آھن، مدھوش مير پنھنجي نجي زندگي جي دوستن سميت سوشل ميڊيا جي دوستن کي به مان ڏيڻ ڄاڻي ٿو، اميد ته ھو پنھنجي قلم ۽ عمل سان ھميشہ سوڀارو رھندو،

تاثير
اي ڊي کوسو
خيرپورناٿن شاهه -
01-01-2024

ابتدائي اکر

ابتدائي اکر
سَرھا ڏٺم سي، جن ساڃاءَ سِراڻِ سين؛
تيغَ تنِين جي کي، ڪَٽُ نہ لڳي ڪڏھين.

عاشقن جي امام ۽ شاعرن جي سرتاج لطيف سرڪار سر يمن ڪلياڻ ۾ انھن کي سارھايو آھي، جن جي صحبت سچن ماڻھن سان آھي، جيڪي پنھنجي فن فڪر ۾ مصروف عمل آھن، فرمائي ٿو - اُهي خوش ڏٺم، جن جي ڏيٺ، سراڻ سان آهي، انھن جي ترار کي ڪڏھن بہ زنگ يا ڪٽ نہ ٿي چڙھي. آئون خوشنصيب آھيان جو منھنجي خيال ۾ اھڙا اھل علم، ادب، انسانيت پسند، فڪري سگھ سان سرشار انسان موجود آھن، جن کان مان ڪجھ نه ڪجھ ضرور سکيو آھيان، ھن ڪتاب ۾ 15 شخصيتن تي مان مختلف وقتن تي لکي چڪو ھئس ۽ خيال ٿيو انھن کي گڏ ڪري ھڪ جڳھ تي رکجي، تنھن خيال کي مڪمل ڪندي اوھان اڳيان پيش ڪيو آھي، - ضرور اھڙا ماڻھون بہ موجود ھوندا جيڪي مونکي يا ھن ڪتاب ۾ پيش فردن کي ناپسند ڪندا ھوندا، سي ڏسي پڙھي پنھنجي رائي قائم ڪندا تہ اھو انھن جو اخلاقي ۽ بنيادي حق آھي، جيڪو ڪير به ڪنھن کان کسي نٿو سگھي، ھر ڪو پنھنجي الڳ اک رکي ٿو "ماڻھو جيئن مون ڏٺا" سي اوھان اڳيان آھن، ھن ڪتاب ۾ تمام شخصيتن تي لکيل مضمون مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيڻ سان گڏ مان پنھنجي سوشل اڪائونٽ تي به رکيا ھئا، تن تي انھن شخصيتن پاران ڏنل رائي ڪمينٽ ھر تحرير جي ھيٺان اوھان کي پڙھڻ لاء ملندو، _______

مدھوش مير -
01-01-2024

تاريخي دستاويزن تان دز لاھيندڙ محقق

تاريخي دستاويزن تان دز لاھيندڙ محقق
لنڊن جي James Theodore Bent کي پنھنجي زندگي جي تجربي ۽ ڪم جي مقبوليت تي دنيا جي آرڪيالاجسٽن، محققن پاران جميس کي سارھايو ويو ۽ ھن کان پنھنجي ڪم متعلق پڇا ڪئي وئي ته اوھان کي وڌيڪ خوشي ڪھڙي ڳالھ جي ٿي،؟؟- ھن چيو ته خوشي تڏھن ٿيندي آھي، جڏھن مان پنھنجي عقل جي معيار موجب مبھم تاريخ جا تھ خانا کوٽي ڪنھن حقيقي رائي جو پابند ٿيندو آھيان، جڏھن اھا مستند رائي عوام وٽ پھچندي آھي ته ان کي reject ڪرڻ جا سرٽيفڪيٽ ڏيندا آھن، تڏھن مونکي گھڻي خوشي ٿيندي آھي، جميس کان ھمعصر وري پڇو ته اوھان جو جواب اسان سمجھي ناھيون سگھيا، ته جميس ھڪ دل لڀائيندڙ انداز ۾ چيو منھنجو ڪم صدين جي تاريخ تان دز لاھڻ آھي، جنھن وقت ۾ ھي ماڻھون ھئا ئي ڪو نه - وري جڏھن مان ڪا اھڙي کوجناء عوام اڳيان کڻي اچان ۽ ھو ان تي اھا رائي ڏئي وجھن ته ھا اسان کي ان جي اڳ ۾ ئي خبر ھئي! ان تي مان مايوس ٿي ويندو ھان ته منھنجي ڪم ڪرڻ جو ڪھڙو فائدو! شايد مان اھو ڪم نه ڪري سگھيو آھيان، ڇو تہ ڪم عقل ماڻھون، ڪنھن وزندار ڪم کي appreciate ڪرڻ بجاء reject ڪندا آھن، انھن جي ٻولي ۾ مان بس لفظن جو فرق سمجھي خوش ٿي ويندو ھان. ____

اسان وٽ سنڌ ۾ ھڪ اھڙو ذھين انسان جنھن تاريخ جي دستاويزن تان دز لاھي، اھو تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل ھوندو آھي، ته سنڌ توڙي سنڌيت جون جاگرافي حدون ڪٿان شروع ٿيون،؟ ڪٿي ختم ٿيون،؟ ڌارين جي يلگارن جا اھي ڪھڙا گس ھئا جن کي ھي ڌرتي ايتري سولي پئي لڳي، نه صرف اھو ان عمل جي پاڙون پاتال مان ڪڍي اسان کي سمجھائي ٿو، پر ان سان گڏ ھو سنڌ جا اھي ماڳ مڪان جن کي جبري طور مسلمان ڪيو ويو، جئين ٺٺي ۾ مھاڪالي جي ماڳ کي مڪلي ۾ تبديل ڪيو ويو، ائين مھاتلت کي ماتلي ۾ مٽايو ويو ۽ ناٿ جوڳين کي شاھن سان ملايو ويو تئين "شو جي آسٿان" کي سيوستان ۽ سيھوڻ ۾ تبديل ڪيو ويو، ائين سنڌ جي تاريخ سان ٿيل ظلم زيادتي جو سور ڏينھون ڏينھون وڌندڙ ۽ تبديل ٿيندڙ آھي، ته اسان وٽ اھڙي روش ۾ ماڻھن کي مسلمان ڪرڻ سان گڏ روڊ رستا، ريلوي اسٽيشون، بندرگاھ توڙي ماڳن مڪانن ڍنڍن ڍورن کي به مسلمان ڪيو ويو آھي.

مان کلي دل سان اھو چئي سگھان ٿو ته عزيز ڪنگراڻي صاحب وقت جي tapestry ۾، توهان جو ڪم هڪ آرڪيالاجسٽ محقق جي حيثيت سان اسان کي ماضي جي تهذيب جون پيچيده ڪهاڻيون ٻڌائي ٿو، تاريخ جي ٽڪرن کي ڳولڻ لاءِ توهان جو عزم قابل تعريف آهي، ڇاڪاڻ ته توهان اسان جي گڏيل ورثي جي ياداشت کي چڱي طرح سان گڏ ڪيو آهي، پر دريافت ڪرڻ لاءِ توهان جو جذبو نه رڳو قديم رازن جا پردا کڻي ٿو، پر ان سان گڏ انساني وجود جي پاڙن کي سمجهڻ ۾ پڻ مدد ڪندڙ عمل آھي، مٽي ۽ تلاءَ جي تھن ۾، توهان اڳئين دور جي وسوسن کي ڳوليندا آهيو، جيڪي وڏي عرصي کان وساريل تهذيب جي معجزن ۽ اسرار کي روشن ڪندا آهن، پنھنجي قلم ۽ فھم سان آثارن جي کوٽائي ڪرڻ ۽ قديم آثارن جي ٻولي کي ڊيڪوڊنگ ڪرڻ ۾ توهان جي اڻٿڪ ڪوشش سنڌ جي منجھل ماڳن ۽ نالن جي ثقافتي ورثي واري ڇنڊ ڇاڻ اسان کي سمجهڻ ۾ تمام گهڻو فائدو ڏنو آھي،_____

عزيز ڪنگراڻي صاحب جئين ماضي جي قديم قلمي کوٽائي ۾ وڃي، توھان جو ڪجھ نئون کڻي اچڻ وارو عمل اسان لاء اوسيئڙي جو باعث ھجڻ سان گڏ اسان کي ھڪ خوف ۽ شڪرگذاري واري ٻڏتر بہ ھوندي آھي، اسان ھميشه اوھان جي نيڪ عمل لاء نيازمندي منجھان احترامن اوھان کي ياد ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناھي ھوندو،__ ڇو ته ان سڄي ڪشمڪش پويان اوھان جو اسان کي متاثر ڪندڙ ڪم آھي، جيڪي مبھم نمونا توهان کوليندا آهيو، اهي صرف شيون نه آهن، پر انهن جي زندگين جون ونڊوز آهن، جيڪي اسان کان اڳ آيا آهن ۽ انهن خزانن کي محفوظ ڪرڻ ۽ ان جي ترجماني ڪرڻ لاءِ توهان جو عزم يقيني بڻائي ٿو، ته ماضي جي گونج موجوده دور ۾ گونجندي ۽ مستقبل ۾ اسان جي رهنمائي ڪندي. تاريخ جي محافظ ٿيڻ لاءِ توهان جي مهرباني، اسان جي ابن ڏاڏن جي ڳجهارتن کي ختم ڪرڻ، ۽ اسان جي اجتماعي داستان کي بهتر بنائڻ لاءِ. ،_____

عزيز ڪنگراڻي جو اصل نالو عزيزالله ولد سومار خان ڪنگراڻي آهي، ھي سنڌ جو ناميارو ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، شاعر، محقق، ۽ مؤرخ آھي، ھن ڪيترائي سنڌي اردو ڊراما لکيا جيڪي پاڪستان ٽيليويزن نيٽورڪ ڪراچي سينٽر ۽ نجي سنڌي چينلن تي ٽيلي ڪاسٽ ٿيا، هن قلمڪار جي شاعري، ڪهاڻين، تاريخ ۽ تحقيق بابت سنڌي ۽ انگريزي ۾ ڪتاب شايع ٿيل آهن.عزيز ڪنگراڻي 4 جنوري 1958ع تي سنڌ جي جوهيءَ تعلقي، ضلع دادوءَ، جي ننڍڙي ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻيءَ ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڀرواري ڳوٺ گل محمد گنب جي پرائيمري اسڪول مان 1971ع ۾ حاصل ڪيائين. سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ مان 1977ع ۾ مڪمل ڪيائين. گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادوءَ مان انٽر ميڊيئيٽ 1979ع ۾ ۽ بي ايس سي جي ڊگري 1982ع ۾ حاصل ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي ايڊ 1989ع ۽ ايم اي اسلامڪ ڪلچر 1985ع ۾ ٻئي ڊگريون فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. جڏهن ته سنڌي ادب ڏانهن لاڙي سبب 1987ع ۾ سنڌيءَ ۾ ايم اي سنڌي ۾ پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪيائين جنهن تي کيس سنڌ يونيورسٽي پاران ميڊل ڏنو ويو. هن ادب لکڻ جي شروعات اٺين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران 1974ع ۾ ڪهاڻي لکڻ سان ڪئي. سندس پهرين ڪهاڻي”ايماندار هاري” 1974ع ۾ روزانه هلال پاڪستان ڪراچي جي ٻاراڻي صفحي ۾ ڇپي. 1983ع کان شاعري پڻ شروع ڪيائين ته تنقيدي مضمون نگاري به لکڻ لڳو. سندس شاعري، ڪهاڻيون، تاريخي، تنقيدي ۽ تحقيقي مضمون نگاري سنڌ جي مڃيل سنڌي اخبارن، رسالن ۽ مئگزينن ۾ شايع ٿيڻ لڳيون اخبارن ۾ روزانه هلال پاڪستان، روزانه عبرت، روزانه سنڌُو ۽ روزانه آفتاب ذڪر لائق آهن. رسالن ۾ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد پاران نڪرندڙ رسالن ٽه ماهي مهراڻ، گل ڦل، سرتيون ۽ ثقافت کاتي سنڌ پاران نڪرندڙ رسالي نئين زندگي ۽ عبرت مئگزين ۾ سندس مواد شايع ٿيڻ لڳو. 1987ع کان پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ جي پروگرام مخزن جي مشاعرن جي نشستن ۾ شرڪت شروع ڪيائين.( پروفائيل انسائيڪلوپيڊيا )


پيار ڀاءُ مدھوش مير مون جهڙي ديوار سان لڳايل پورهيت شخص لاءِ محبتن جو وکر ونڊڻ لاءِ لک قرب - عزيز ڪنگراڻي

سنڌ جي سدا بھار موسيقار، ماھين ھيسباڻي

سنڌ جي سدا بھار موسيقار، ماھين ھيسباڻي
موسيقي ھڪ اھڙو فن آھي، جنھن سان انسان خدا جي ٻولي ڳالھائيندو آھي، سائرس جنھن موسيقي وسيلي پنھنجا سر پئي وکيريا، ته پاسي ۾ قائم ڪليسا مان ڪجھ پادري نڪري ڪسينو ۾ پھتا ۽ سائرس کي چيو ويو، ته اھو شيطاني آواز بند ڪيو وڃي، سائرس خود پادري جي گھر جي پيدائش ھو، تنھن ڪري ھنن کي وڏي اطمينان سان جواب ڏنائين ته " خدا ھر انسان اندر ڪا ڏات ڀري ٿو، جڏھن ڪو انسان ان ڏات کي نٿو سڃاڻي ته خدا ملال ۾ اچي وڃي ٿو ۽ جڏھن ڪو انسان ان عنايت الاھي کي سڃاڻي ان جو قدر ڪري ٿو ته خدا خوش ٿئي ٿو " موسيقي بني نوع انسان جي آفاقي زبان آھي، انسان جو ڪو پنھنجو عمل دخل ناھي، پر ھو سر ساز ذريعي موسيقي ۾ خدا جي ٻولي ڳالھائي ٿو، خدا انساني روح ۾ موسيقي جون تارون پاڻ ڇيڙي ٿو، ٻاھر نڪرندڙ اھو آواز خدا جي ڪرم ۽ رحم جو نزول آھي، اوھان کي سمجھڻ گھرجي، اوھان خدا پاران ڏنل ڪنھن ڏات کي روڪي، ڪفر جو ڪم ڪري رھيا آھيو ۽ پوء پادرين سائرس جا ھٿ چميا ھئا، معني معلوم ٿيو ۽ چئي سگھجي ٿو ته موسيقي دنيا بدلائي سگھي ٿي، ڇو ته موسيقي ۾ ماڻھن کي تبديل ڪرڻ جي سگھ آھي، ___

اسان وٽ موسيقي جو قدر ناھي، نه قدر جوڳي موسيقيءَ جو ڪو معيار آھي، تنھن باوجود موسيقي کي روح ۾ رکندي ۽ روح کي موسيقي ۾ مخمور ڪندي، سنڌ جي legend موسيقار، آرٽسٽ، شاعره ۽ انسانيت جي پرچارڪ ماھين ھيسباڻي منھنجي نظر ۾ انھن عالمي شخصيتن ۾ شمار آھي، جن پنھنجي اخلاقي قدرن ۽ آرٽ سان عوام جي دلين جون ترجمانيون حاصل ڪيون، ماھين ھيسباڻي جي لاء ائين چوڻ وڌاء نه ھوندو ته ھن وٽ اھو سر آھي، جنھن لاء الاحيان مسلم موسيقار چوي ٿو، ته اوھان جو آلاپ انسان مٿان عذاب گھٽ ڪرڻ جو اوزار آھي، اوھان جي سرن ۾ ستايلن جي سور جي نجات جو سستو سامان دستياب آھي، اوھان جي ورلاپ ۾ وڇوڙي جا گھوڙا پوڙھا ٿي پون ٿا، انڪري ماھين اوھان جو سريلو آواز علم موسيقيءَ مطابق آوازن جي هيٺاهين ۽ مٿاهين ستن درجن ۾ ورهايل سبقن کان بي نياز آھي، منھنجي نظر ۾، آمريڪن ڳائڻي Dolly Parton ھڪ دفعو پنھنجي زندگي جي يادگار لمحن واري انٽرويو ۾ ٻڌايو، ته مان ڪنھن موسيقي جي مداح سان ملي ھئس، انکان مون پڇيو ھو ته اوھان جي نظر ۾ ڀلو موسيقار ڪير آھي،؟؟ ھن چيو جيڪو بنا ساز اوزار جي ڳائي ۽ ٻڌڻ وارن جي اکين جا بند ڀڄي پون، اھو منھنجي نظر ۾ ڀلو موسيقار آھي، وري ڊولي ھن کان پڇو ته ڇا ماڻھون اھڙي موسيقار کي ٻڌندا،؟؟ کيس پرستار وري جواب ڏنو ته منھنجي نظر ۾ اھو فنڪار موسيقار ايتري مقام وارو ناھي، جيڪو سماج جي پسندگي کي ڳائي ۽ دنيا ان کي ٻڌي، پر منھنجي نظر ۾ ان موسيقار جو مقام بلند آھي، جيڪو پنھنجي دل جي اسرار سان ڳائي ۽ ان جا مداح به زنده دل ھجن ۽ زنده دل انسانن جو ماڻھن جي ڀيٽ ۾ انگ ٿورو ھوندو آھي، انڪري اھڙي موسيقار جا فدائي ٿورا ئي صحيح پر ھو سلامت دماغ ھوندا آھن، __ اھڙي ئي طريقي سان ماھين ھيسباڻي به پنھنجي دل جي آواز کي موسيقي ذريعي جذبن جو روح بخشي ڪيترائي ڀيرا مداحن جون اکيون آليون ڪري ڇڏيون آھن، جڏھن ھن "سنڌيار" ڳايو ھو ته مونکي ياد آھي، ان محفل ۾ ماڻھن ماھين کي گرم لڙڪن ۽ وڏي جنبش وارن نعرن سان ھڪ دلربا انداز ۾ داد بخشيو ھيو، _____

سنڌ جي سدابهار شخصيت ماھين ھيسباڻي جنھن کي مان سمجھان ٿو، پنھنجي ڪلا کان وڌيڪ منظوري حسن اخلاق طور مليل آھي، ساڻس جڏھن به رابطو ٿيو ڌاريائپ ۽ واسطيداري ته پري، پر ائين محسوس ڪرايائين ڄڻ ڪو ھڪ گھر جا ڀاتي ھجون،- ھن ھر وقت سنڌ توڙي سنڌ جي نوجوانن کي اتساهيو آھي، سنڌ جي ھر ٻرندڙ معاملي تي پنھنجي انداز سان احتجاج ريڪارڊ ڪرائڻ سميت، ھو عملي طور ميدان ء مظاھري ۾ به نظر ايندي آھي، ماھين وٽ ڪا ھٿيارن جي انڊسٽري ناھي، پر ھن وٽ آواز آھي ڪلا ۽ اھو فن آھي، جنھن سان انساني جذبا جوش ۾ اچي وڃن ٿا ۽ احساسن ۾ اھا ٻاٻوھ ۽ نرمي پيدا ڪرڻ جي ڏات سندن کي فطرت پاران عطيو عطا ٿيل آھي، ماھين ھيسباڻي جي اھا به خوبي رھي آھي، ته ھن ھر ماڻھن کي اھڙي انداز سان ٽريٽ ڪيو آھي، جو سندن گفتار ڄڻ ھڪ اھڙي رسي آھي جنھن سان اھو انسان ھميشه لاء پنھنجائپ ۽ قدر جي قرب ۾ ٻڌجي وڃي ٿو، -____

عام طور سوشل ميڊيا تي اھڙا ذھني غريب ماڻھون بہ موجود آھن، جيڪي ھر عورت کي صرف "گوشت" جو ڍير سمجھي پيا ڌپ تي ڀيرا ۽ ڦيرا ڏيندا آھن، سوشل ميڊيا جي اھڙي سينواريل سماج جي دلدل ۾ ڦاٿل ماڻھن ۾ فرق ڪرڻ ۽ انھن کي سمجھڻ يقينن ھڪ بالغ ذھن عورت جي فراخدلي ۽ بردباري آھي، - اھڙي ماحول جي منفي اثر ۾ ڪيترائي ڀيرا ائين به ٿيو آھي، ته ڪنھن public figure يا آرٽ، فن، ڪلا، تحريڪ، تنظيم، ادب سان سلهاڙيل عورت ڏي جڏھن ڪو ماڻھو مداح ڪم سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ته نتيجي ۾ ان کي ڪو به جواب ناھي ملندو يا ڪو سوال کان ھٽيل اڻوڻندڙ جواب ملندو آھي، ۽ تڏھن ان عورت لاء ھڪ رائي قائم ڪئي ويندي آھي، جنھن ۾ مغرور، لاپرواھ، بيوقوف، attitude اناپرست جھڙا لفظ ان جي نالي پويان ڳنڍيا ويندا آھن،- سوشل ميڊيا جي اھڙي ماحول ۾ ھڪ عورت لاء امتحان ۽ ھڪ وڏو چيلينج ھوندو آھي، پر ماھين ھيسباڻي اھڙي شاندار پليٽفارم تي گنديون الٽيون ڪندڙن کان پاڪ معاشرو جوڙي سنجيدگي جي مظاھري سان عوامي رائي ۾ مقبول شخصيت جو عزاز ماڻيو آھي، سوشل ميڊيا ته خير ھاڻي جي ڳالھ آھي، پر ماھين ھيسباڻي ريڊيو جي دور کان گھڻن ئي دلين تي راڄ ڪندڙ آھي، جنھن پروگرام ۾ ڪمپيئرنگ ماھين جي ھجي، اتي سندس ادا انداز جا پروانا ان پروگرام کي تاڙين جا ھار پرائي ۽ نعرن جي گونجار سان ان محفل کي موھي وجھندا آھن، ماھين ھيسباڻي لاء مان اھو اڳ به ڪيترائي ڀيرا لکيو آھي، ھاڻي به لکڻ ۾ سرھائي محسوس ڪيان ٿو، ته موسيقي جادو آھي ۽ جادوگر موسيقار ماھين ھيسباڻي سنڌ جو اثاثو آھي،

/

پيرا ڀاء مدھوش مير اوھان جي ھي تحرير جيئن ئي اکين آڏو آئي ھر عام انسان وانگر پنھنجي لاء سٺا لفظ پڙھندي سڄي وجود ۾ خوشي جي لھر ڊوڙندي محسوس ڪيم، اھا انساني فطرت آھي جنھن کان انڪار نٿو ڪري سگھجي، منھنجي شخصيت جي مختلف پاسن تي ايڏو گھرو تجزيو ڪرڻ ۽ ان تي تفصيلي لکڻ واري پيار ۽ خلوص لاء مان دل سان اوھانجي ٿورائتي آھيان ۽ اوھانجو اھو انداز آرٽ سان بيپناه محبت جو پڻ ڏيک ڏئي ٿو.
جڏھن ٻيھر سڪون, سنجيدگي ۽ ڌيان سان ھن تحرير کي پڙھيم ته پاڻ ۾ ھماليه جيڏو ٻل ڀانيم ۽ سوچڻ لڳس ته جيڪڏھن سماج جو ھر مرد ايئن پنھنجي ارد گرد عورتن ڀينرن مائرن ۽ ڌيئرن کي مان مرتبو ڏئي، جيڪي علم ادب سائنس آرٽ يا ڪنھن به ڪلا کيتر ۾ اڳيان اچڻ چاھن ٿيون انھن کي ھمٿائي ته الائي ڪيڏيون تخليقڪار اڳيان نڪري اچن ۽ سنڌ ڪيئي صديون اڳيان جو سفر طئه ڪري وٺي.
ٽيون ۽ آخري ڀيرو جڏھن ھي ليک پڙھيم بيساخته اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا ھل ايڏو پيار، خلوص، مان ۽ محبت مون ماڻي آ ؟ ڪيڏي نه ڀاڳوند آھيان، ھن نفسا نفسي جي دور ۾ ڪير ٿو جيئري ڪنھن کي ڀيٽائون ڏئي، ھر سٺي ڪلاڪار جو حق ھوندو آھي ته کيس داد ملڻ کپي پر محبت ملڻ جا ماپا ته ڪوئي ڪٿي ئي نه سگھيو آھي، اھا ته ڪنھن ڪنھن جي ڪڻي ۾ نڪري پوندي آھي، انھن ئي اڻمين محبتن سچ پچ مون غريب کي اڏي ڇڏيو آھي توڻي جو مان نه ان پد تي بيٺل آھيان نه ئي مون ڪو اھڙو ڪمال ڪيو آھي . بس اھو ڪيو اٿم جو سنڌي شاعري ادب جي خدمت “ڏات ۽ ڏان“ ذريعي بغير ڪنھن ذاتي پسند نا پسند، بغض ، حسد ۽ وڏي ننڍي شاعر جي فرق کانسواء ھميشه اعلى معياري، شاندار ۽ پختين تخليقن کي پنھنجو آواز ڪڏھن تحت الفظ ته ڪڏھن سرن جي روپ ۾ ارپيو اٿم،
منھنجو ايمان آھي ته جيئن علم ۽ ڄاڻ ورھائڻ سان وڌنڌي آھي، تيئن ڏات به جيتري حق سچ جي حاصلات لاء ڪتب آڻبي اوتري ئي نکري بيھندي
جيڪڏھن ڪنھن درد ڀري دل ۾ اوھانجو آواز پھچي ڪا خوشي جي لھر پيدا ڪري يا ڪو سچو سر ڪنھن روح کي تازگي بخشي وجھي ته به جيون سڦل ٿيو. مدھوش مير اوھان لاء کوڙ سارو پيار ۽ احترام - ماھين ھيسباڻي -

سنڌي ادب جو نرالو نقاد اڪبر لغاري

سنڌي ادب جو نرالو نقاد اڪبر لغاري
سنڌي ادب جو نرالو نقاد اڪبر لغاري

اڄ رات جا 2:50 ٿي رھيا آھن، مان ھڪڙو ناول پڇاڙي کان پڙھڻ شروع ڪيو آ - مونکي ننڊ جو اڌ رنگ آھي، sleeping disorder - ان اڌ رنگ کي مڪمل ڪرڻ لاء نشيء جو سھارو وٺندو آھيان، پوء به ننڊ نه آئي تہ نشي جو ڊوز وڌائڻ لاء ڪتاب جا ڪجھ ورق وڌيڪ پڙھڻ سان آتما آنند ۾ اچي ويندي آھي،___ ڪڏھن ڪڏھن سوچيندو آھيان، شايد مونکي kluver bucy syndrome آھي، جنھن ۾ ٻين علامتن سان گڏ ڪتابن مان ڌپ ۽ خوشبوء اچڻ ۽ ان کي چڪ پائڻ شامل آھي، مان ڪتاب کي چڪ پائڻ وارو معراج اڃان ناھي ماڻيون، پر ڪتاب جي ورقن مان خوشبوء ۽ ڌپ ضرور وٺندو آھيان، جيڪا ڪڏھن ڪنواري ناري جي ماھواري ۾ استعمال ڪيل پيمپر جھڙي لڳندي آھي، ته ڪڏھن وري شراب ۾ بند ٿي آيل ڪنھن پراڻي اخبار جي ڪاغذن جھڙي،____

جنھن ناول کي پچاڙي کان پڙھڻ شروع ڪيو آھي، ان جو اڳيون حصو شروعاتي باب ۾ ناول جو مکہ ڪردار مونکي •اڪبر لغاري جھڙو لڳو - تڏھن يڪدم وڃي ڏٺم ته ھن جو نتيجو ڪھڙو ٿو نڪري، نتيجي ۾ ناول جو ڪردار پاڻ ناولنگار آھي، ان جي موت تي دنيا جا ناولنگار اچن ٿا، ۽ ميت جي غسل وقت سڀ پنھنجا پنھنجا ناول وڏي آواز ۾ پڙھي ان ناولن ۾ پيش ٿيل ڪردارن کي اھو ڏک جو پيغام ڏين ٿا ته • اڄ ھڪ جسم جنھن پنھنجي ڪلھن تي ناولن جي ڪردارن کي کڻي کيڏاريو ھو، ان پنھنجي ڪردارن سان ايڏو پيار ڪيو، جو ھو پنھنجي ناولن جي ڪھاڻين جا ڪردار جياري پاڻ مري ويو،___ اھو غم جو قصيدو ھلي ئي پوء ته آھستہ آھستہ انھن ناولن ۾ پيش ٿيل ڪردار به آلين اکين سان گڏ ٿيندا رھيا، غسل کان پوء ان ميت کي کڻي قبرستان وڌن ٿا ته پويان ھزارين ناولن جا لکين ڪردار ڪانڌين جي صورت ۾ ان ناولنگارن کان ميت جي کٽ جو ڪلھو مٽائڻ لاء ھڪٻئي پويان قطار ۾ ائين ھلن پيا جئين امام انقلاب والٽيئر جي جنازي ۾ ھزارين عورتون جنازي مٿان گل نڇاور ڪنديون ھلن پيون، ان خوشنصيب ناولنگار جي موت تي ان جي جنازي نماز نه ٿي! ____ فورن تدفين بعد ھن جي قبر مٿان ناولن جي چادر ڇاڙھي وئي، ائين جئين ٻاراڻي ادب جي ليکڪہ Enid Blyton جي موت تي ھر سال دنيا جا ٻار سندس جي موت واري تاريخ تي ھن جا ناول کڻي اچي قبر تي ڀيٽا پيش ڪندا آھن، ____ تدفين بعد ان ناولنگار جي قبر تي ھڪ قطبعي جي پٽي لڳائي وئي جنھن تي لکيل ھو " مان دنيا جي ادب کي پڙھي، ايترو ضرور پرايو آھي، جو ھاڻ اوھان کي، مونکي پڙھڻ جي خواھش ضرور ٿيندي " ۽ پوء تڏي تي سمورا ناولنگار پنھنجي ايندڙ ناولن جا مسودا پڙھي انھن ناولن جي ڪردارن کي ڪارا ڪپڙا پرائڻ جون ڳالھيون ڪرڻ سان گڏ سوڳ ۾ انھن ناولن جا ٽائيٽل ٽائيٽانڪ وانگر تباھ ٿيل سياہ ملبي جھڙا جلد جوڙڻڻ جون ھڪٻئي کي تجويزون ڏئي رھيا ھئا،____

مون اتي ئي سوچيو ھن ناول ۾ •اڪبر لغاري جھڙي ڪردار جي موت جون آخري رسموات ته ڏاڍيون حيران ڪندڙ ۽ تاريخ ساز ھيون، دنيا ته اھڙن ماڻھن کي رسوائي ذلت ڏک اذيت ۽ صدما ڏيندي آھي، ڪارل مارڪس مئو ته جنازي ۾ پنجاھ ماڻھون بہ ڪو نه ھئس، دنيا جو مشھور ميوزيشن موزارٽ جنھن کي فطرت اھي آڱريون عطيو عطا ڪيون ھون، جڏھن ھو violin وائلن وڄائيندو ھو ته وڻن جا پن به جھومي پوندا ھئا، ان جي جنازي ۾ ماڻھون ئي چار ھئا سي بہ ڪانڌي ۽ آخر ۾ برسات پئي اھي به موزارٽ جو لاش اڇلي فرار ٿي ويا، جنھن کي گورکن دفنايو، دنيا ۾ ٻئي نمبر مذھب جو ابو عيسا صليب تي چڙھيو ته آخري رسمن ۾ فقط پندرهن ماڻھون ھئس، روسي ليکڪن جو امام ليوٽالسٽاء جنھن جو لاش اچي ريلوي اسٽيشن تان الله راسين کنيو، نروڌا مري ويو ته ميونسپل وارن دفنايس ھن ناول جي ڪردار •اڪبر لغاري جھڙي فرد تي ايترا ماڻھون، ڇا معجرا آھي،؟ ان پرولي کي پروڙڻ لاء وري ناول جو شروعاتي ڇڏيل حصو وچ پڙھڻو پيو، پوء خبر پئي ته ھن ناول ۾ •اڪبر لغاري جھڙي شخصيت ناول جي ڪھاڻي ۾ نوجوان قلمڪارن جي دلين تي ادب احترام سکيا گيان ۽ سونھن جي اھڙي مھر نصب ڪري ٿو جنھن ڪري ھو امر ٿي وڃي ٿو، پر مونکي وري خيال آيو ته ھن ناول ۾ ايڏي وڏي ڪردار جي موت تي ھن جي جنازي نماز ڇو نه پڙھي وئي،؟؟ پوء معلوم ٿيو ته ھو روسي اديب ۽ نقاد بيلينسڪي Vissarion Belinsky جيان پاڻ ملھائي ويو، جنھن چيو ته آخري رسمون ڇا جون ؟؟ " جنھن کي حياتي ۾ پاور پئسو علم ادب آرٽ ۽ فن ھجي اھو ڪنھن کي فائدو نه ڏئي ان جو جيئري جنازو پڙھي ڇڏجي،" باقي جنھن سگھ سمجھ سماء پروڙ ھنر سان ڪنھن کي اڏيو اھو امر آھي، ائين بيلينسڪي پاڻ روسي ادب جي تاريخ ۾ ايتري مڃتا نه ماڻي سگھيو ھو، پر روسي اديبن جون لکڻيون ڪٿي نه ڪٿي بيلينسڪي جي ذڪر کانسواء اڌوريون آھن،-___

بيلينسڪي ننڍن توڙي وڏن همعصر ليکڪن، تي تنقيد برائي اصلاح ڪندو رھندو ھو، جنھن ڪري کيس ڪافي تڪليفون مليس، سندس ھمعصر ليکڪن ۾ اليگزينڊر پشڪن، Alexander Pushkin لکي ٿو مان بيلينسڪي کان وڏو ھان، پر ھن جو قلمي قد ڪاٺ منھنجي عمر کان وڏو آھي، دوستووسڪي Fyodor Dostoevsky لکي ٿو منھنجي قلمي اوسر ۾ بيلينسڪي منھنجو بابو آھي، جنھن منھنجي آڱرين جي وچ ۾ وھندڙ قلم کي رستو ڏيکاريو، نڪولائي گوگول، آئوان ترجنيف، چيخوف سميت روسي اديبن جي امام ليوٽالسٽاء پڻ بيلينسڪي لاء لکيو ته ھو نوجوانن لاء اتساهه ھو، ھن جي تنقيد ئي روسي قلمڪارن ۾ اھو جذبو پيدا ڪيو ھو، جنھن زارشاھي جا ڇوڏا لاھي ڇڏيا، منڪريت پسندن کان انقلابين تائين جيڪو احساس ۽ جذبو وڌيو ان ۾ روسي قلمڪارن جو رت شامل ھو- اڄ کان 323 سال اڳ روس جي اھڙي حالت ھئي جيڪا اڄ اسان وٽ آھي، بلڪي ساڳي، ان وقت جي حالتن کي تبديل ڪرڻ ۾ روسي ليکڪن جو وڏو ڪردار رھيو ان سان گڏ روسي ادب ۾ ان وقت اھڙي حالت ھئي جيڪا اسان وٽ آھي، پر پوء به ھنن وطنيت خاطر ھڪ صف سنڀالي، ___

ائين ئي اھو ناول پڙھڻ سان •اڪبر لغاري جھڙو ڪردار مونکي بيلينسڪي جو روح لڳو، جيڪو جديد دور جي مصروفيتن واري وقت ۾ ننڍن توڙي وڏن قلمڪارن کي ٽائيم ڪڍي پڙھي ٿو نه رڳو پڙھي ٿو پر انھن تي لکي به ٿو، اسان وٽ وڏا اديب پاڻ کي سڌريل سمجھن ٿا جڏھن تہ ھن خطي ۾ سڌرڻ جو صرف ڊرامو ايڪٽنگ ئي ڪري سگھجي ٿي باقي سڌرڻ تمام ڏکيو آھي، اڪبر لغاري جو اھو عمل سوشل ميڊيا تي ڪنھن پبلسٽي لاء ناھي پر ھو نج پنھنجي جوھر ۾ ھڪ ادب دوست شخصيت آھي، جنھن جو نالو پنھنجي عمل جي ڪري نوجوانن جي لکڻين ۾ ڪٿي نه ڪٿي مينشن ٿيندو اچي پيو، ھن جو قلم عمل جو خزانچي آھي، پڙھندي ڏسندي اھو ناول پورو ٿي ويو، ٽائيم 2:50 مان 4:00 ٿي ويا، ننڊ جو جھٽڪو لڳو، ڪتاب ھٿ مان ڪري پيو، اھو ڪتاب ڪو ناول نه ھو پر اسٽرولاجي astrology جو ڪتاب ھو، ڇرڪ نڪري ويو، مونکي ننڊ جو اڌ رنگ ھجڻ ڪري اھو سڀ ڪجھ ھڪ خلل delusion ھيو، جنھن ڪري ڪڏھن ڪڏھن مان analysis paralysis ۾ ھليو ويندو آھيان _____

/

Wonderful. Thanks. I presume this style of writing is called ," Defamiliarization" which was introduced by Russian formalists. Very well written -


Akbar laghari

ساز ذريعي سڃاڻپ حاصل ڪندڙ چنگنواز شاھين گل

ساز ذريعي سڃاڻپ حاصل ڪندڙ چنگنواز شاھين گل
ساز ذريعي سڃاڻپ حاصل ڪندڙ چنگنواز شاھين گل

چرڊ ايف برٽن ڪيئن چيو ته بدين لاڙ جا ميرڙا ماڻھون، ايڏا سادا ۽ ھيسايل آھن، جو ڪير رڙ ڪري ڳالھائي، ته ھو بيھوش ٿيو وڃن، - سندن آواز ٻلي جي ٻلونگڙي جھڙو چيچاٽيل آھي، Richard Francis Burton جي ان ڳالھ سان مسلسل سھمت ھئس، ڇو ته بدين، ماتلي، تلھار، گولاڙچي، جاتي، زيرو پوائينٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو، مٺي ننگر، عمر، جھڏو، حيدرآباد کان ٽنڊي محمد خان وارو روڊ جيڪو مٿين سڀني محبوب شھرن سان ملي ٿو، تن سان ڪو ليکو ئي ناھي، پر انھن سفرن جا ڪرايا اڃان منھنجي پراڻين ڊائرين ۾ لکيل ھوندا، اھي پنڌ منھنجا پسنديده رھيا آھن، تڏھن برٽن مونکي لڳندو ھو ڄڻ بدين جو ھو، ڇو ته جاسوسي ليکڪ ھجڻ سان گڏ ماھر نفسيات به ھو، جنھن انداز ۾ برٽن سنڌين جي نفسيات بيان ڪئي آھي، اوھان کي لڳندو ته ڄڻ ھو اسان جو سئوٽ ماسات ھو، پر ھاڻي برٽن جي بدين جي ماڻھن لاء قائم ڪيل رائي ۾ مونکي ترميم ڪرڻي پوندي، ڇو ته بدين جي ھڪ " چنگنواز " شخصيت ڏسي مونکي برٽن جي رائي بدلائڻ لاء دنيا جي مشھور ميوزيشن موزارٽ Wolfgang Mozart جا اھي لفظ ياد اچي ويا، جڏھن ھن چيو ھو ته مان وائلن وڄائڻ وقت ايترو داد وٺندو آھيان، پر پوء به مونکي پرستار چوندا آھن، اھو ساز ٻڌائي جنھن سان مئلن مردن ۾ ساھ پئجي وڃي، ۽ پوء مان Jew's harp وڄائي ويٺل ماڻھن جي اکين ۾ غم جا ۽ پنھنجي اکين ۾ خوشي جا ڳوڙھا محسوس ڪندو ھئس، اھو انڪري جو اھو ساز ٻڌي، ھو روئي پنھنجي مرحيات وڏن کي ياد ڪندا ھئا ۽ مان خوشي جي ڳوڙھن سان بکايل پيٽ کي ياد ڪندو ھئس، ته ھاڻي ٻن ويلن جي ماني نڪري وئي، موزارٽ مفلسي ۾ زندگي گذاري ھئي پر مرڻ کان پوء Ludwig van Beethoven چيو ته موزارٽ ساز جو ديوتا ھو- موزارٽ جو ذڪر مان پنھنجي ڪتاب "ماريو جن موت کي" ۾ ڪيو آھي، ______

ھاڻي ھڪ بدين واسڻ شاھين گل جي ڪري برٽن جي رائي بدلائڻ تي انصاف حق تي ٽھڪ ڏيندو، پر ڪنھن حد تائين ھن جي ڪيل آوازن ۽ سازن واري رائي مٽائڻ سان انصاف جو ڳاٽ اوچو به ٿي سگھي ٿو، ڇو ته بر، ٿر، ڪارونجھر جي پکين جا آلاپ ۽ آواز لاڙ جي ماڻھن اپنائي ورتا آھن، سڪندر اعظم کان اڳ آباد ٿيل بدين پنھنجي جوھر ۾ زنده تاريخ جو داستان آھي، شاھين گل جو تعلق بدين سان آھي، ۽ ھو عالمي شھرت ڪاري جھڙي شھر ڪراچي ۾ رھي ٿي، ھن جو چنگ سان چاھ آھي، ۽ اھڙو چاھ جيڪو حضرت دائود پکين ۽ جانورن سان پيار ڪرڻ لاء دريافت ڪيو ھو، چنگ اھڙو ساز آھي، جنھن سان انساني روح جو ناتو آھي، چنگ جي تاريخ ايڏي پراڻي آھي، جو تاريخ کي چتائي ڏسڻ سان خبر پوي ٿي، ته پٿر جي دور ۾ جڏھن انسان جو گذر معاش شڪار تي ھو، ھن جانورن کي قابو ڪرڻ لاء چنگ جھڙي ساز جو سھارو ورتو ھو، تاريخدان لکن ٿا اھو اھڙو آواز ھيو، جيڪو وحشي جانور ٻڌي پنھنجي دھشت وڃائي ويھندا ھئا، ۽ انسان پنھنجي پيٽ لاء ان ساز جو استعمال ڪندو ھو، چائينز تاريخدان Sima Qian لکي ٿو ته ڪاٺي ۽ سائي وڻ جي ڇلڪي يا سنھي سڪي ڪاٺي مان جيڪو ساز ٺھيو ان جي رمز ۾ اھو سرور ھيو جو ٻڌڻ واري مان مزاحمت ختم ٿي ويندي ھئي، چائينز جھنگ ۾ پڻ اھڙو ساز وڄائي جانورن کي پنھنجي گرد گھرائي شڪار ڪندا ھئا، ان ساز متعلق John Waiko سميت ڪيترن ئي تاريخدانن لکيو آھي، ته اھو چنگ ھيو، ڇو ته سنڌ ۾ اسان کي ڌنارن وٽ اھو ساز آواز اڄ به ملي ٿو، جنھن جا ان دور ۾ ٿي سگھي ٿو مختلف نالا ھجن، پر ان جون علامتون چنگ جھڙيون آھن، ۽ وقت سان گڏ Jew's harp, jaw harp, mouth harp, Ozark harp, juice harp, murchunga, guimbarde, mungiga, vargan, trompe Morsing جھڙا نالا تبديل ٿيندا رھيا ۽ ان ساز کي وڌيڪ بھتر ۽ سولو ڪرڻ لاء Kouxian،HarHarp، ،Lamellophone ،Gravikord جھڙيون ٻيون شڪليون به وجود ۾ آھيون، جنھن مان سٺو ۽ سولائي سان آواز نڪري سگھي، ______

"آواز" عام طور تي وائبريشن جي لھرن ڏانهن اشارو ڪن ٿا، جيڪي هوا يا ڪنهن ٻئي وچولي ذريعي سفر ڪندي انساني ڪنن جي ذريعي ٻڌڻ محسوس ٿيندڙ معلوم ٿئي ٿو، جيڪي حواس تي ڇانئجي موسيقي ۾ آواز جو اھڙو اصطلاح پڻ شامل ڪري سگھي ٿو، جهڙوڪ سر، تال، ۽ همٿ، ٻڌڻ جي تجربي ۾ حصو وٺندي اھو ھڪ عام آواز ساز جي تشريح آھي ۽ ساز مان مراد نگي، سُرندو، دَفُ، ڪمانچو، چنگ، سر منڊل، توتارو، ربابُ، بين، پڪواز، بينسري، طائوس واري، ڌڪڙ، طنبورو، ڪرناءِ، شرناءِ، باجو، وِناڻ، وغيره. وڄائڻ جو اوزار، وسيلو، چنگ انساني صحت لاء به مثبت ثابت ٿيل آھي، جتي لفظ ناڪام ٿين ٿا، اتي ساز ڳالهائن ٿا Mark Antony جڏھن بيمار ٿي پيو ھو ته مسلسل مھينو پورو ھن پاڻ سان گڏ چنگنواز گھرائي دلي روحاني سڪون ورتو، ثابت ٿيو ته چنگ جو آواز انساني صحت لاء به مفيد آھي ۽ نفسياتي طور ان جو وڏو فائدو موجوده جديد دور ۾ ميڊيڪل سائينس Music therapy کي علاج جي اصلاح ۾ پيش ڪيو آھي، ساز آواز خود ھڪ شفاء آھي، پوڙھا ٿي ڄمون ۽ ٻار ٿي مرون، سرور دکم دکم گوتم ٻڌ جا ڀڪشو چنگ جا چاھيندڙ ھئا، ڪيترن ئي اوتارن جي آخري ارمگاھ تي چنگ جو symbol آھي، چنگ سڄي دنيا سميت نيپال بوٽان جي تاريخ جو نرالو رخ به رھيو آھي، چنگ جي آواز جو ايترو اثر آھي، جڏھن مڳد جي بادشاھ "ڌن آند " تي آچاريا چاڻڪيا ڪاھ ڪئي ته ھن پھريان چنگنواز تيار ڪيا "ڌن آند" موسيقي رقص سر ساز جو شوقين ھو، ھن جي محل ۾ چاڻڪيا جي تيار ڪيل چنگنوازن پنھنجي ڪلا جا اھي سر وکيريا "ڌن آند" تي خمار ٿي ويا ، ڪي تاريخدان لکن ٿا ان ساز جي آواز جي نشيء ۾ ھو خمارجي بيھوش ٿي ويو ھو، مٿان چندرگپت ڪاھ ڪيس، ھو بچي ويو ۽ چيائين " موسيقي، سر ساز آواز هڪ سٺي شيء آھي، جڏهن اها توهان کي ماريندي آهي، توهان کي ڪو درد محسوس نه ٿيندو" چنگ جي آواز جو هڪ اخلاقي قانون بہ آهي، مسلم ميوزيشن Ibn Muhriz جڏھن چنگ وڄائي رھيو ھو شاگردن جي گوڙ تي چيائين ته "ڇا اوھان کي خبر ناھي مان عبادت ۾ مشغول آھيان، اوھان خلل وجھي رھيا آھيو،"

چنگ وڄائڻ جو طريقو ڏاڍو ڏکيو ۽ ڪٺن آھي، ڇو ته ھو ڪو عام ساز ناھي، ھن کي وڄائڻ لاء الڳ مھارت ھجڻ گھرجي، انڪري چنگ پنھنجي حڪمت ۾ الڳ تاريخ رکي ٿو، شاھين گل چنگ جي فن بابت ٻڌايو ھو تہ چنگ ڏندن ۾ ڦاسائي انھن سھاري وڄايو ويندو آھي، چنگ ساھ ڏند زبان ۽ ھٿن جي رقص جو نالو آھي، منھنجي ناني کان مان اھو ساز آواز چنگ سکندي ھئس، پوء منھنجي ناني جو ڏند ٽٽي پيا، مان محسوس ڪيو ڄڻ منھنجا خواب ڀڄي پيا آھن، چنگ جي سکيا ۾ منھنجو پروفيشنل ڪو مقرر استاد نه رھيو، بس آھستي آھستي پاڻ ئي سکي ويئس منھنجي ڪميونٽي ۾ ڪا به اھڙي ڇوڪري ناھي جيڪا ڪنھن محاذ تي اڳتي نڪتي ھجي، پر چنگ جي چاھ ۾ مان نڪري پيس ڪنھن صوفي شاعر جي ھنن لائين جيان ته "پنھنجو وڃايم پاڻ، ته حاصل ڪيم صورت حق جي" ان سان گڏ ھو ھڪ بھترين آرٽسٽ به آھي، اسٽيج ڊراما پرفارمنس ڪرڻ جي مھارت رکي ٿي، ٻيو اھڙو شوق جيڪو سکڻ لاء 'جسم کي ڌڪ جي قرباني ڏيئڻي پوندي آھي'، اھڙو شوق خاص ڪري ڇوڪرين Girls جي پاسي کان تمام گھٽ ھوندو آھي، پر شاھين کي خطرن سان کيڏڻ ۽ ڏکين پيچرن تي پنڌ ڪرڻ جو سرور مليل آھي، تنھن ڪري ھو فاسٽ موٽرسائيڪل جي رن ريئس ڪرڻ واري راند کي ترجيح ڏئي ٿي، اھڙيون ئي ڳالھيون شاھين جي پرستارن ۾ مقبوليت جو سبب رھيون آھن، ھو شيخ اياز جي قول جيان ته توھان ڪجھ آھيو ته ان تي فخر ڪيو، پنھنجي فن سان پنھنجي ھجڻ جو احساس ڏياريو، بدين واسڻ شاھين گل رڳو چنگ نواز نه پر شيخ اياز جي انھن لائين تي پوري لھڻ جي جستجو به ڪئي آھي جنھن شاعري جي ميدان ۾ "آئون به آھيان" جھڙو ڪتاب ڏئي ان ڳالھ جو ثبوت ڏنو آھي، ته ھن کي پنھنجي محنت فن ادب آرٽ جي ميدان ۾ اسان کي مڃڻو ئي پوندو، ___

/
حق موجود مدھوش!
سڀ کان پھرين ڳالھ اھا ته مان اوھان جي تحقيق پڙھي اوھان جي پرستار ٿي وئي آھيان، واقعي اوھان چنگ سان انصاف ڪيو آھي، اوھان جي ھن لکڻي ذاتي طور تي به منھنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو آھي، اوھان کي جس ھجي جو اوھان واقعي پنھنجو حق ادا ڪيو. مان اوھان جي ٻيھر ٿورائتي آھيان ۽ آئون اوھان کي چنگ جي ھن سفر ۾ پنھنجي قافلي ۾ ڀليڪار ڪيان ٿي. مونکي يقين آھي ته اوھان اڳتي به چنگ بابت اھڙي معلومات تي لکندا رھندا، تيستائين جيستائين اسان سنڌ جي ھر ڳوٺ تائين چنگ جي اھميت کي نه پڄايون. ڇو ته چنگ صرف ھڪ ساز نه پر ھي اسان جي ڪوماڻيل روح جو علاج آھي، مان سنڌ جي ھر روح کي بھار جي گُلڙن جيان ٽڙندڙ ڏسڻ چاھيان ٿي ان مقصد ۾ اوھان جو ساٿ منھنجي لاء ان بادل جيان ھوندو جيڪو سڄي رستي ڇانوَ ڏيندو ھلي.
شال اوھان جو قلم سلامت ھجي.
شاھين گل-

ادب جو خاموش خدمتگار شاعر لچپت راء

ادب جو خاموش خدمتگار شاعر لچپت راء
ادب جو خاموش خدمتگار شاعر لچپت راء

سنڌ جي ضلعي عمر ڪوٽ جي ڳوٺ نيوڇوڙ ۾ ميگهواڙ قبيلي تاراچند جي گھر ۾ 1973ع ڌاري اک کوليندڙ لجپت راءِ لاء اڄ دنيا ھي رائي ڏيندي اھا تاراچند کي خبر نه ھئي، عمرڪوٽ جي ڊگري ڪاليج مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد زندگي جي اڙانگن پيچرن تي سفر ڪرڻ وارو لجپت راء شاعري ڪري ٿو، جنھن ۾ "لهرون گيت ڳائن ٿيون" 2017 ۾ شايع ٿئي ٿو، ھو ڳوٺ نيوڇوڙ ۾ "نندن ادبي لائيبري" جي بنياد وجھندڙ ۾ ڳڻجي ٿو، 90 واري ڏهاڪي ۾ ٻارن لاء کيت، ولھار توڙي ماڪ جھڙا رسالا شايع ڪرائي ٿو، بنيادي طور تي ھو شاعر ھجڻ سان گڏ اخبارن ۾ سوين آرٽيڪل ڪرنٽ افيئرز کان ويندي مختلف اشوز تي لکندو رھي ٿو، نه رڳو ان محاذ تي ھن جو قلم وھي ٿو، پر ھن مختلف شخصيتن تي ڪيترائي مضمون پڻ لکيا آھن، ھو ڪراچي ۾ گارمينٽ فيڪٽرين ۾ پورهيو ڪرڻ سان گڏ ڪراچي جي روڊن تي رولاڪيون ڪرڻ وارن منجھان به آھي، زندگي جون ڪي حسناڪيون، درد پيڙاء ڏسندڙ شاعر نه رڳو شاعر آھي، جيڪو لفظن ۾ ساھ ڦوڪي ٿو پر مختلف اخبارن ۾ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ منجھان آھي، جيڪو سنڌ سنڌيت توڙي جو سنڌي ماڻھون يا سنڌي ادارن جي معاملن تي ھن جي ڏنل عمر وارو تجربو سندس پيشاني تي ھڪ دستاويزي صورت ۾ نمايان آھي، پاڪستان کان وڏي عمر رکندڙ اخبار " هلال پاڪستان " ڪراچي جو نيوز ايڊيٽر رھندڙ لجپت زندگي جي دانھن پنھنجي شاعري کي ڏئي ٿو، جيڪا پڙھندڙن تائين پھچي ٿي، نه صرف ھو شاعري کي دانھن ڏيندڙ آھي، پر ھو شاعري سان ھڪ محبوبا جيان پيار ڪندڙ انسان آھي،_________

ھن جي شاعري ۾ درد سان گڏ دوا به آھي، ته نفرت جو ضد پيار به، ائين زندگي سان گڏ موت به جئين ڏينھن پٺيان رات آھي، يا رات پٺيان ڏينھن آھي، اھو فيصلو ڪئين ڪجي، اھڙن اصلاحن ۾ لچپت جي شاعري اھو به ٻڌائي ۽ سمجھائي ٿي ته جيڪو رات جو ڄائو ان پٺيان ڏينھن آھي، جيڪو ڏينھن جو ڄائو ان پٺيان رات آھي، لچپت راء جي شاعري ۾ نه رڳو جدوجهد جون سھڻيون صورتون شامل آھن، پر ھن وٽ ڀيانڪ نتيجن کي ڀوڳڻ جو ھڪ حسين تسلسل پيار ۾ اظھار جھڙو رخ به شامل آھي، ھن وٽ حسين دل آھي، جنھن ۾ ايشور، ديوتا، خدا، ڀڳوان مھان سڀ گڏ رھن ٿا، اکرن جي فرق کان آجيو انسان پنھنجي شاعري ۾ ڪڏھن ڪڏھن دنيا جي شاعرن کي وڃي ٽڪر ھڻي ٿو، اھڙا انسان پنھنجي ضمير کي قيدي بڻائي، جسم کي فاڪا ڪرڻ تي پاپند ڪندا آھن، تڏھن ھو ڏٻرا ھيڻا جسماني ڪمزور نظر ايندڙ انسانن جا خيال دنيا ڌوڏي وجھندا آھن، - جن جي خيال جي سطح ھماليہ کان ڪئي گنا وڌيڪ اوچي ھوندي آھي، - ____

لچپت راء جي نماڻي طبيعت، ۽ محبتن ڀريو مزاج ھر دل کي عزيز ڪرڻ ۾ ڪارآمد آھي، ھو اوچ، نيچ، وڏ، ننڍائي جي فڪرن کان آزاد انسان آھي، جنھن وٽ ھڪ شاعراڻي دل آھي، تنھن ۾ سڀني لاء محبتن جي پالوٽ ساڳئي آھي، جنھن پنھنجي دل جي جزيري کي عوام دوستي واري فلسفي ۾ سرسبز ڪيو آھي، ان وٽ ڀلا وڏائي تڪبر ڪينو بغض ڪھڙو ھوندو! اھڙا انسان پنھنجي حياتين ۾ رڳو ڏکن جا پھاڙ پنھنجي ڪلھن تي کڻي گھمندا آھن، تڏھن ھو وقت کان اڳ ڪراڙا نظر ايندا آھن، ھنن وٽ اڇو وار وقت جي رھزني جو نشان ھوندو آھي، پر ڪن کي حياتي ۾ امرتا ملندي آھي، جئين اھڙي وسيع سوچ جو مالڪ ھوچي منھہ جي حياتي ۾ سندس جا سر فدا عاشق پيدا ٿي پيا، ھو سياسي ماڻھو ھجڻ سان گڏ، خلوص واري دل، رنگين مزاجن جو حسين شاعر به ھيو، جڏھن مري ويو،- تہ سوڳ ۾ ويٽنام جا وڻ به رنا ھئا،_____

آمريڪن شاعر Walt Whitman لکي ٿو ته ھڪ شاعر جي موت تي ان ڌرتي جا ماڻھون نه روئندا آھن، پر ڏک ۾ فطرت پنھنجا رنگ به مٽيندي آھي، ائين والٽ جي مرڻ وقت اھا برسات پئي جو عاشقن جو اڇو قبرستان ڌوپجي چمڪڻ لڳو، پنج سالن کان پوء سندس شاگرد والٽ جي قبر تي اھا پٽي ھڻي ويو جنھن تي لکيل ھو "ھن ۾ منھنجو استاد دفن آھي، جنھن جي آخري رسمن جون تياريون فطرت پاران ڪيون ويون ھون،" پر عمومن اھڙن انسانن جو حياتي ۾ قدر گھٽ ٿيو آھي، پر ڌرتي تي رھندڙ اھي انسان جن ساڃاءَ سِراڻِ سين آھي، اھي موت کي مات ڏئي، سداحيات بڻجي ويندا آھن، لچپت راء منھنجي انھن مخلص دوستن ۾ شامل آھي، جن کي وسارڻ منھنجي وس ۾ ناھي ھوندو،

هڪڙي ليڪ ۾ ٻيئي هلون ۽ هلندا رهون، ايڏو پاڻ کي آوارگي ۾ ظاهر نه ڪر، اھڙن اصولي خيالن سان ھو ھڪ پابند عاشق نظر ايندڙ يگانو شخص آھي، جنھن وٽ خيالي اڏام، Sylvia Plath جي ھنن لفظن جھڙي آھي، ته شاعر کي سمجھڻ لاء ضروري ناھي ته ڪو شاعر ئي ھجي، شاعر کي سمجھڻ لاء ضروري ناھي ته ڪو ماڻھون ھجي، شاعر کي سمجھڻ لاء ضروري ناھي ته ڪو وقت جو وڏو نالو ھجي، شاعر کي سمجھڻ لاء ضروري ناھي ته ڌن دولت ناڻي وارو ھجي، شاعر کي سمجھڻ لاء ضروري ناھي ته ڪو سماج جو سڻڀو پاسو ھجي، بس شاعر کي سمجھڻ لاء ضروري آھي ته انسان وٽ حسين دل ھجي، - لچپت راء لاء پھريون به مون وٽ پيار ھو، آخر ۾ به پيار ئي آھي، ___

/
پيارا آئون ٿورائتو آهيان جو مون فقير تي قلم کڻي مان بخشيو آهي. آئون سنڌ جو گمنام ڪوي آهيان. نه ڪنهن لابي جو حصو آهيان ۽ نه ئي ڪڏهن ڪنهن اسٽيج جي تمنا رکي آهي. دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ اڇا پنا ڪارا ڪندو آهيان. پنهنجي تشهير نه ڪڏهن ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪڏهن سوشل ميڊيا يا ٻين فورمن تي اشتهار بڻيو آهيان. آئون شايد دنيا جو غريب ترين انسان آهيان پنهنجي جهوپڙي ۾ خوش آهيان. ڪڏهن ڪنهن سان شڪايت نه ڪئي آهي. اوهان جو هڪ ڀيرو وري ٿورو جو مون کي ياد ڪيو.مهرباني وڏا وڙ پيارا مدھوش مير
لجپت راءِ -

علميت فروغ ڪندڙ عنبر نديم ڀٽو

علميت فروغ ڪندڙ عنبر نديم ڀٽو
علميت فروغ ڪندڙ عنبر نديم ڀٽو

اسوتا نوگارولا Isotta Nogarola هڪ اطالوي ليکڪا ۽ دانشور هئي، جنهن لاء چيو وڃي ٿو ته اها اعلي درجي جي انسانيت پسند شخصيتن ۾ نرالو ناونء رکندڙ آھي، جنھن پنھنجي عمل سان شاگردن، نوجوانن، فنڪارن ۽ اديبن جي نسلن کي متاثر ڪيو، ۽ عورت جي صنف ۽ فطرت کي اڳيان رکي انسان برابر ھجڻ جي فلسفي تي يورپ ۾ ڪيئي صدين تائين ھن جي فڪر تي بحث ھلندو رھيو- اسوتا جي زندگي جو گھڻو پاسو ان عمل تي گذريو ته ھن نوجوان نسل کي پڙھائي علم طرف راغب ڪرڻ لاء پنھنجي لائبريري مان ھر سال سالياني ميلي طور ڪيترن ئي نوجوانن کي گھرائي انھن کي ڪتابن جا تحفا ڏيندي ھئي، جئين علم جي شمع اونداهي جو انت آڻي،- 570 سال گذرڻ باوجود ھو ڪيترن ئي اھل علم انسانن جي قلم سان لکجندي رھي آھي، اھو به چيو وڃي ٿو ته ھن جي لائبريري ۾ اھي ناياب ڪتاب به شامل ھئا جيڪي ھن سون Gold جي تور واري اگھ ۾ خريد ڪيا ھئا،- ..... ________

اھڙا ڪردار رڳو دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ناھن، پر اسان جي آس پاس ۾ اسوتا جھڙيون شخصيتون موجود آھن، جيڪي خاموشي سان ادب کي فروغ ڪرڻ لاء پنھنجون صلاحيتون سرانجام ڏئي رھيون آھن، اھڙي وسعت وقار واريون عورتون اسان وٽ اڄ به "عنبر نديم ڀٽو" جي صورت ۾ موجود آھن، جيڪي سانت سان پنھنجو ڪم ڪري رھيون آھن، ھنن کي لئي، لست، خوشامند، پروٽوڪول يا ميڊيا اڳيان اچي پنھنجا ڳڻ ڳارائڻ ۾ بي آرامي محسوس ٿيندي آھي، __جڏھن ته ڊين ميڪ انسانيت پسند فردن لاء چوي ٿو تہ "جيڪو نيڪي وارو ڪم ڪري ٿو، ھن وٽ اھو احساس به ھجڻ کپي، متاثر کان سواء ان عمل کي ڪو ٻيو نہ ڏسي" پر اسان وٽ 10 رپين جو صابڻ ڏيڻ وقت به 30 مرد صابڻ ڏيندي ھڪ عورت جي عظمت جو ڀرم ڀورا ڀورا ڪري فوٽو سيشن ڪرائيندا آھن،-________

عنبر نديم ڀٽو جھڙيون علم ادب دوست عورتون نه رڳو ڪتابن سان چاھ رکن ٿيون، پر ان سان گڏ ڪتابن متعلق ھن چائينز قول تي عمل ڪندي به نظر اچن ٿيون، " ڪتاب پڙھي ٻين تائين پھچائڻ اھو ئي ڪتاب سان حقيقي انصاف آھي" ۽ ان ئي روايت کي برقرار رکندي عنبر نديم ڀٽو ڪتابن سان انصاف ڪرڻ ڄاڻي ٿي، Zadie Smith ڪتابن سان انصاف ۽ نڀاء ڪندڙ عورتن لاء لکي ٿي، ته اوھان ڪتابن جي ان دنيا ۾ داخل ٿي وڃون، جتي الفاظ جادو ڪندا آھن، ۽ ڪھاڻيون ڪومايل گلن جي پنکڙين جيان ٽڙنديون آھن ."Whispers of Wisdom" عورتن جي حوالي جو مجموعو آھي، جنھن جي دل ھڪ سٺي ڪتاب ۾ ستل صفحن ۾ ڌڙڪندي آھي،____

ڪسنڊرا فيڊيلي Cassandra Fedele اھڙو نالو آھي، جنھن کي انسانيت سان پيار ڪندڙ ماڻھون ئي سڃاڻي سگھن ٿا، ڪسنڊرا پنھنجي آشرم ۾ ھڪ يتيم ڇوڪري پالي ھئي، ان ڇوڪري جي شادي ٿي وئي، ڪي ورھين گذري ويا، وري اچي جڏھن ڪسنڊرا سان ملي، ته ان کي چيائين مونکي وقت ٿيو آھي، پر اولاد نه ٿيو آھي، ڪسنڊرا ھن کي چيو تنھنجو اولاد تنھنجي نسل جي نشاني ھوندي ۽ تنھنجو ڪردار تنھنجي ٻن نسلن جي نشاني ھوندي، ھڪ اوھان کي جنھن پرورش ڏني آھي، ٻيو جنھن کي اوھان پرورش ڏئي ھڪ ماڻھون کي مڪمل انسان ٺاھيو ٿا، اھو آھي اوھان جو ڪردار جيڪو ڪڏھن به مري نٿو سگھي، پر ان ڪردار جو نسل ھلندو آھي، ڪردار جو ڊي اين به ٿيندو آھي، جيڪو نسل در نسل انسان جي جين ۾ داخل ٿيندو رھي ٿو، ان جي ميڊيڪل سائنس به گواھي ڏيئي ٿي، تہ جھڙا اوھان جا اخلاق، رويا، زبان ڪردار ڪم عمل ھوندو اوھان جو اولاد به اھو اپنائيندو- اوھان وٽ اوھان جو اخلاق آھي، جيڪو اوھان کي ھزارين پرايا ٻار پنھنجا ٻچا ڪرڻ ۾ ڪم ايندو آھي،

ڪسنڊرا فيڊيلي جو شخصي اخلاقي پاسو تمام گھڻو وڏو آھي، ھتي پاڻ جنھن شخصيت جو ذڪر ڪيون ان جو اخلاقي مزاجي پاسو منھنجي نظر ۾ ڪسنڊرا فيڊيلي جھڙو آھي، ڇو ته ھن وٽ گھڻ رخو اخلاق، ماڻھن کي پرک جا پاسا، جيسليز جھڙي دل ۽ Algerian ليکڪ ۽ صحافي Fodil Mezali جي ڊرامي جھروڪن جي ڪردار سلمي جيڏا حوصلا رکندڙ عنبر نديم ڀٽو جنھن جو مڪمل تعريف منھنجي نظر ۾ ھي آھي، ھن جو مڪمل گھراڻو مخلص دل جو مالڪ آھي، سندس امڙ بھترين شخصيت پروفيسر ميڊم ممتاز ڀٽو وٽان جيڪو درس مليل اٿس، عنبر صاحبه ان تي عمل ڪندي، پنھنجي ڪم ڪرت ڪاروهنوار ۾ اڳڀري رھندڙ شخصيت آھي، جنھن جي طبيعت ۾ پنھنجي خاندان جي نسبت ۽ صحبت جو اعلي اثر ملي ٿو، تعليم جھڙي پيشي سان لاڳاپيل عنبر نديم وٽ علم ادب آرٽ سان دل لڳي جون سڀئي وصفون موجود آھن، پر ان سڀني کان وڌيڪ ھن وٽ جيڪو ڪتاب عطيو ڪرڻ جو ظرف آھي ان جو ڪو مثال ئي نٿو ملي،_ منھنجي پڙھائي ۾ گھڻو ھٿ عنبر نديم جو آھي، جنھن ھر نئون آيل ڪتاب چوڻ بنا عزاز ڪري بخشيو آھي-.
/

مدھوش مير جي لکڻي اھڙي سحر انگيز آھي، جو پڙھندي انسان لفظن جي جادو ۾ گم ٿي وڃي ٿو، ھو لکڻ جو اھڙو ماھر آھي جو ڪافر کي مسلم ۽ مسلم کي ڪافر ڪري پيش ڪري ته ان تي يقين ڪرڻ کانسواء ٻيو ڪو رستو بچي ئي نٿو، مدھوش مير اوھان لاء دعاڳو آهيان شال اوھان ھن ڏات ۽ ڏان سان ائين انصاف ڪندا رھندائو-
عنبر نديم ڀٽو

سنڌ جو سريلو مترجم ننگر چنا

سنڌ جو سريلو مترجم ننگر چنا
سنڌ جو سريلو مترجم ننگر چنا

مترجم ليکڪ هڪ منفرد فن جا ماهر هوندا آهن، جيڪي ٻوليءَ جي پيچيده منظرنامي کي ويجهڙائي ۾ آڻيندا آهن ته جيئن پڙھندڙ نه رڳو لفظن پر متن جي جوهر ۽ جذبن جي محاورن ثقافتي حوالن ۽ لساني نزاڪتن کي پروڙي سگھن، مترجم دنيا جي ڪردارن کي پنھنجي خطي جي خوبصورت ماڻھن جي زندگيءَ ۾ ساهه کڻائيندا آھن، Robert Shvarc لکي ٿو " دنيا جي علم ادب آرٽ روايت ثقافت سماج کي سمجھڻ جي اجازت صرف ترجمي نگار ئي ڏئي سگھي ٿو، سنٿيا Cynthia Ozick رڳو ابراھام Abraham لاء اھي لفظ نه چيا ھئا ته ابراھام Neve Monosson جي عوام کي پنھنجي ٻولي جي غوراب ۾ سوار ڪرائي، دنيا جو سير ڪرائي ٿو، ھن جو مقصد ھيو ته ابراھام مونوسن جي عوام کي دنيا جا نظارا نيھ فڪر فھم فلسفو ادب ڏات شاعري علم پنھنجي ٻولي ۾ پڙھائي، مونوسن جي عوام جي وڏي خدمت ڪئي آھي، پر ساڳئي لفظن کي ورجائيندي مان ننگر چنه لاء چوندس ته ھو به سنڌ جي عوام کي دنيا جي تاريخ جدوجھد جنگ ادب اصولن جي مختلف ٻولين کي ڇاڻي سنڌ جي عوام جو ادبي استاد آھي، پوء ڪير کيس مڃي يا نه مڃي، اھو فيصلو وقت ڪندو ته ننگر پنھنجي نالي جيان وڏي شاھي شھر جو بادشاھ آھي،_

ننگر چنه سنڌ جو اھو ترجمي نگار آھي، جيڪو پنھنجي وس آھر سنڌي ادب کي دنيا جي تاريخ ادب ڄاڻ وڌائڻ ۾ مددگار ثابت رھيو آھي، ڪجھ وقت اڳ ڪنھن ھن لاء لکيو ھو ته ترجمي نگار جي ادب ۾ ڪا اھميت ناھي، ترجمو ڪرڻ ائين آھي، "جئين پرائو ٻار پالڻ،" ان لکت تي منھنجو جواب ھيو ته ننگر تي لکڻ واري کي، اھا خبر به ھجڻ گھرجي ته ڄم کان وڌيڪ پالنا جي اھميت ھوندي آھي، ترجمي نگار بلڪل پرائو ٻار پالي ٿو، پر اھو ڪم ڪو سولو ناھي، ميڊيڪل سائنس به ان ڳالھ کي تسليم ڪيو آھي، ته پالنا ڄم کان وڌيڪ اثرانداز ڪندڙ عمل آھي، اڄ ڪالھ ٻار تہ مشينن ۾ بہ ڄمي سگھن ٿا، ھڪ ماء ٻئي عورت جي پيٽ مان پنھنجو ٻار ڄڻائي سگھي ٿي،. پر پرورش جو اثر ئي ڄاول ٻار تي اثر انداز ٿيندو آھي، مان ان مثال ۾ ان ڳالھ کي رد ڪيان ٿو، جيڪي ترجمي نگار کي پرائو ٻار پالڻ واري مثال ۾ ھيٺ ڪري پيش ڪن ٿا. مان ان پالنا کي وڌيڪ اھميت جوڳو سمجھان ٿو، ڄاول ٻار به پيارو ھوندو آھي، پر ڄاول ٻارن جا مثال روڊن تي، نالين سميت ڪچري جي ڍيرن تي به ملن ٿا. جيڪي ڌرتي جي پالڻھارن جي ڪڇ ۾ پلجي زندگي جون رونقون ڏسن ٿا،

ادب ۾ ترجمي جي تمام گھڻي ضرورت رھي آھي، دنيا جي نسرڻ پويان ٻولي جي ٻج جي اھميت آھي، ادب جي وسيع دنيا ۾ ننگر چنه جھڙا مترجم ليکڪ اڻ ڄاتل هيروز وانگر بيٺا آهن، جيڪي ثقافتن جي وچ ۾ فرقن کي ظاھر ڪرڻ ۽ مختلف آوازن کي عالمي سامعين تائين پهچائڻ لاءِ لساني جادو جاڳائي رهيا آهن، منھنجي هن مضمون جو مقصد ٻوليءَ جي ننگر چنہ جھڙن ڪاريگرن جي انمول ڪم تي روشني وجهي انھن کي پنھنجي دل سان مڃڻ ۾ ئي قرار حاصل ڪرڻ آھي، ننگر چنه جھڙا ذھن ثقافتي سفير به ٿيندا آھن، ھو صرف ٻولي جي تبديليءَ کان سواءِ، مترجم ليکڪ ثقافتي سفير طور ڪم بہ ڪندا آهن، پڙهندڙن کي دنيا جي سماجن جي ريتن رسمن، عقيدن ۽ نقطه نظر سان متعارف ڪرائيندا آهن، دنيا ۾ مترجم پنھنجي ڪم ذريعي ثقافتي رڪاوٽون ختم ڪرائڻ لاء به ڪوشان نظر اچن ٿا، پر خاص ڪري ترجمي نگار دنيا جي تمام گهڻي ڄاڻ ۽ تعريف کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت آھن.

نصيرآباد واسي ننگر چنه انھن سياسي سپاھين جيان جيل قيد ڪاٽڻ بعد پنھنجي عزم فڪر تي اڄ به اجگر جيان اوچي ڳاٽ بيٺل آھي، ھو سياسي ورڪر ھجڻ سان گڏ قلمي قبيلي جو انقلابي ساٿي طور به نمايان آھي، ڇھ سيپٽمبر 2017 ۾ جڏھن سنڌ جي ھن بيباڪ سياسي سپاھي کي جبري طور رياستي ادارن پاران کنڀيو ويو ھو ته ننگر جي اڻ موجودگي ۾ سڄو "سنڌ ننگر" سمنڊ جيان روڊن تي اٿلي پيو ھو، ھو صرف سياسي ورڪر فڪري سيد جي پيروڪار تائين محدود ناھي جان ملٽن جي ڳالھ جيان سيرمن سياست ۾ اھا مڃتا نه ماڻي ھئي جيڪا ھن ادب جي دنيا ۾ شھرت حاصل ڪئي ھئي، پر ھتي ننگر چنه سياست سميت قلمي محاذ به ملھائي پيو، دنيا جي ادبي ورثي کي بچائڻ ۾ ننگر جھڙن مترجم اديبن جو اهم ڪردار رھيو آهي، ترجمي جو ڪم ايڏو آسان ناھي، ترجمي نگار لاء تڪرار جون ترارون به ھميشه اڀيون رھيون آھن، مترجم اديبن کي درپيش چيلنجز انهن جي اهم ڪردار جي باوجود، مترجم اديبن کي اڪثر مشڪل چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، اصل متن سان وفادار رهڻ ۽ ان کي نئين ٻوليءَ ۾ رسائي لائق بنائڻ جي وچ ۾ نازڪ توازن قائم ڪرڻ لاءِ محتاط ۽ تخليقي انداز جي ضرورت کي انصاف سان کڻي ھلڻ ڏاڍو ڏکيو عمل آھي، پر ان ڪشالن جي سڃاڻپ ئي ترجمي نگارن جي ڪوششن جي ساراهه ۾ اضافو پيدا ڪندڙ آھي، مان ھڪ پڙهندڙ جي حيثيت سان مترجم اديب ننگر چنہ جي وقف لاءِ شڪرگذاري جو اظهار ڪرڻ ضروري سمجھو، ترجمي جي فن سان وابستگي جيڪا اسان کي اسان جي لساني حدن کان ٻاهر ادبي منظرنامي کي ڳولڻ جي اجازت ڏئي ٿي. ____
/

مدهوش مير! آئون توهان جو ٿورائتو آهيان. مان جيڪو پورهيو ڪري رهيو آهيان، سو سچ بہ توهان جھڙن دلبر ماڻهن جي پاران مليل ڏَڍَ، پريم ۽ سھائتا جي ٽيڪ جي ڪري. هونءَ تہ مٽيءَ جي چپٽي آهيان. _ ننگر چنه

احساسن ۽ جذبن جي ترجمان شاعرہ روبينا ابڙو

احساسن ۽ جذبن جي ترجمان شاعرہ روبينا ابڙو
احساسن ۽ جذبن جي ترجمان شاعرہ روبينا ابڙو


ھي ڳالھ آھي جڏھن فيبروري 2012 تي سنڌي ادبي سنگت پاران ڪراچي گلشن حديد ۾ روبينه ابڙو سان ملھايل شام ۾ حسن مجتبي جو مضمون پڙھيو ويو ھو، ۽ پوء بعد ۾ اھو ھلال پاڪستان اخبار ۾ ڇپيو ھو، اھا اخبار اڃان تائين مون وٽ محفوظ آھي، مان يادن جي مالڪي رشتن جي تقدس جيان رکندو آھيان، ائين منھنجا ڪتاب مئگزين اڌ لکيل پنا ڊائريون به منھنجون يادون آھن، جن کي سنڀالڻ منھنجي ضمير جي ڊيوٽي آھي، ھي اھو دور ھو جنھن ۾ شاعرن جو ھڪ ٽولو روبينه ابڙو جي شاعري خلاف ادب واري ڪارنر ۾ ٽريفڪ پوليس جو ڪردار ادا ڪندي نظر آيا چپي چپي تي سندس جي شاعري جي پڇا تصديق ائين ھلي رھي ھئي جيئن بنا بيلٽ ۽ ڊرائيونگ لائيسنس جي جانچ ٿيندي آھي، سو خير روبينه آخر روبينه آھي، پنھنجي نالي جي معني وانگر مشھور معزز ۽ شھرت واري، روبينه مٿان جڏھن ھڪ سنڌي شاعر سرڪش سنڌي فتوا فروشي ۽ بيرحماڻي ۽ مجرماڻي تنقيد سميت تشدد جھڙو بدترين ماحول ڀڙڪائڻ لاء ڪتاب لکي ادب دوست معاشري ۾ بي ادبي جي بازار لڳائي ته اتان ھر ڪو روبينه خلاف بي يقيني، بديانتي، بي اِتفاقِي، ناسازي، اڻبڻت ۽ عجيب قسم جا اکر خريد ڪري روبينا خلاف ورھائي ۽ ھر جڳھ تي ورجائي رھيا ھئا ته ان وقت مونکي پليجي صاحب جو اھو ڪتاب ياد پيو جيڪو ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن جديد سنڌي ادب، اديبن ۽ شاعرن خاص ڪري شيخ اياز جي خلاف هڪ نهايت خطرناڪ ۽ گمراهه ڪن ميڊيا مهم شروع ڪئي وئي ته رسول بخش پليجي جديد ادب جي بچاءَ ۾ روزانه ”خادم وطن“ ۾ انهن جا جواب ڏنا، جيڪي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيا. جنھن ڪتاب جي سنڌي تنقيدي ادب ۾ وڏي اهميت رھي آھي، جڏھن اياز پويان باھ ٻري ته انڌا اونداھ ويڄ ھڪ منصفاڻي دستاويز اياز خلاف سڀ بدعقلي وارا ارڪان اجاڙي اياز کي عظمت ڀريو اياز وارو درجو ڏياريو ___

ان کان علاوه تاريخ ۾ سدائين اھڙا متضاد معاملا ٿيندا رھيا آھن، جئين سائين جي ايم سيد ڪتاب لکيو “جئين ڏٺو مون ” ته تعصب پرست قوتن ۾ باهه پکڙجي وئي، وڏا وڏا تبصرا ٿيا، جيڪي تعصب جي بنياد تي هئا، انهن مان ڪي حقيقتن جي برڪس پختن دليل سان به مليا، بهرحال سائين جي ايم سيد جي ڪتاب “جئين ڏٺو مون” تي پهريون جوابي ڪتاب لکيو سائين پير ابراهيم جان سرهندي، جنهن بعد پير سائين کي وري جواب ڏنو هو سائين عثمان ڏيپلائي، جنهن جي لکيل “چوپڙي” پڻ ان وقت جي انهن ماڻهن جا پگهر ڪڍي ڇڏيا هئا. مثال ٻيون جڏهن محمد بن قاسم جي حوالي سان هڪ مهم هلي ۽ قاسم کي هيرو قرار ڏئي ان جو ڏينهن ملهائڻ جا چوٻول ٿيا ۽ ان جي ڀيٽ ۾ راجا ڏاهر کي ڪافر، غدار ۽ ملعون جهڙن لفظن ۾ لکيو وڃي پيو ته اهو وقت هو 1939ع، جڏهن ميلا رام واسواڻي مغلن جي درٻاري ۽ حرم سرائي حرڪتن بابت هڪ ناول “رنگ محل” لکيو ته ان جي موٽ ۾ محمد عثمان ڏيپلائي انتهائي گندي لب و لهجي ۾“ڏاهري رنگ محل” نالي ناول لکيو، جيڪو ميلا رام واسواڻي جي ناول “رنگ محل” جو جواب هو. جنهن ۾ ڏيپلائي صاحب هٿ ٺوڪين قصن جي بنياد تي راجا ڏاهر جي تذليل ڪئي ۽ اهو ان دور ۾ رواج هو، جنهن کي سرڪار به هٿي ڏيندي هئي، ان ماحول ۾ ذڪر ڪندي ڏيپلائي صاحب لکيو ته “1943ع ۾ مون 2300 روپين ۾ پنهنجو گهر وڪڻي ڏاهري رنگ محل ڪتاب شايع ڪرايو، جنهن تي 1700 رويپا خرچ آيو، راجا ڏاهر بابت هي ڪتاب حد کان وڌيڪ فحش هيو، بهرحال وقت ته گذري ويو، ڪنهن شاعر جي هنن لفظن جيان ته شاعر جاڳي، تارا جاڳن، اکڙين ۾، اوجاڳا جاڳن،ماڻهو موت جي ننڊ ستل آ، تاريخن جا صفحا جاڳن. سو وقت ته گذري ويو!! پر تاريخ جاڳي ٿي، ساڳيو ڏيپلائي صاحب لکي ٿو ته جڏهن مان سوچيندو آهيان ته ڏاهري رنگ محل لکڻ وقت منهنجي مت ڇو کسجي وئي هئي ۽ وڌيڪ لکيائين ته منهنجي اک کلي ته پتو پيو ته مــــار! ڪٿي وڃي ٺڳاڻا آهيون. __

بھرحال اھي ادبي تنقيدون ۽ تضادن جا تير ھر متحرڪ قلمڪار جي تحريرن تي مينھن جيان وسيا آھن، پر انھن تيرباز توبچينن وٽ آخر ۾ صرف ذلت رسوائي ۽ مايوسي کان سواء ٻيو ڪجھ به ناھي بچيو سواءِ تنقيد ڪندڙ مٿان قلمڪار عزيزن معرفت معزرت جي، ان لاء روبينه ابڙو به ھڪ بردبار عورت جيان اھڙو وقت ڪاٽي آئي آھي، جئين ايراني شاعره شاعراڻي انداز ۾ احتجاج ڪندڙ عورت بڻي ھئي جنھن پنھنجي چھري تان مايوسي ۽ پڌرشاھي جو نقاب ھٽائي جنگ جوٽي پاڻ کي تاريخ ۾ لرزائيندڙ لفظن ۾ امر ڪري وئي، اھا مشھور شاعرہ طاھرہ قرت العين ھئي ۽ اھو 1848ع جو دور ھو، جنھن کانپوءِ ايراني مرداڻي ھٺ ڌرمي، ملائيت، لڦنگن ليکڪن ۽ ڪوڙن ڪائنرن قلمڪارن کي ڪاوڙ لڳي قرت العين کي مٿي ۾ پٿر ھڻي بيرحمي سان ڪفر جي فتوا سان ماريو ويو ھو، ان وقت Zahra Khanom Tadj es-Saltaneh جنھن پنھنجون يادون محفوظ ڪندي لکيو ته انتھائي افسوس جي ڳالهه آهي تہ ايراني شاعره عورتن کي اسان انسان ھجڻ جي درجي کان ھيٺ ڪرايو ويو آھي، جيڪي صبح کان شام تائين قيدن جي زندگي گذارين ٿيون ۽ جانورن جيان لوڙين ٿيون جيڪي شديد ذھني تڪليف جو شڪار آھن، ۽ ھو زبان کولڻ بجاء پنھنجو قلم به چوري نه ٿيون سگھن، ھن وڌيڪ لکيو آھي ته اسان ( عورتن جي زندگي بس ٻين ڪپڙن جو نالو آھي، ھڪ جڏھن ھو ٻاھر نڪرنديو آھن، تہ پاڻ کي ڪاري ڪپڙي ۾ ويڙهي ڄڻ ڪنھن جي موت تي تعزيت لاءِ نڪتيون آھن ٻيو جڏھن ھو مرنديون آھن ته اڇي ڪفن ۾ مٽي ماءُ حوالي ٿينديون آھن) اھڙي تڪليفن مان گذرندڙ سنڌ جون شاعرائون به آھن جن مٿان ادبي تنقيد بجاء ذاتي تنقيد ڪري انھن کي رستي تان ھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، پر روبينه ابڙو انھن مان ناھي جنھن جي ھن ٻن لائينن مان پرجوشي جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو، جنھن مان ھن جي سرمستي نماڻائي، عشق ۽ جرئت جو ھڪ خوبصورت ۽ حيرت انگيز سنگم نظر اچي ٿو، • مدھوشي جي مند اسان وٽ، ھاڻ رھي ٿي صبح شام •

روبينه ابڙو لفظن ۾ ساھ ڦوڪيندڙ تخليقڪار آھي، ھو ھڪ ئي وقت تصوف جي سونھن ۾ سماجي لفظن کي رومي جھڙو رقص ڪرائي ٿي ته ٻئي طرف جديد ماڊرن سائنسي دور ۾ Theory of evolution جيان ماڻهپي جي ماپَ مورُوثِي ڪري، وَقتَ کي اسڪيل سان وِرڇي وٺون عُمِر جو اسڪاچ پيئندي پاڻ پوءِ، ڊاروِن وانگي بَدنُ پنهنجو پڙهون، آدميءَ جي اَکِ مان ڏينڀُو ڦُٽي، وِکَ مان چيتو وري نِڪريو اچي، اھڙا خيال پيش ڪرڻ سان گڏ ھوڏانھن ھن شاعري ۾ ڪڏھن آمريڪي شاعرہ املي ڊيڪنس emily dickinson جون ڪيفيتون به ملن ٿيون ته ڪڏھن وري مِهنگي شَرابَ جهڙي هُئي دوستي اسان جي، جيڪا تمام ٿوري ناڻي ۾ هُئي وڪاڻي. مِٽيءَ جو محلُ ٺاهي، هَٿَ سان هَوا بڻائي، تو باھِ پاڻ ٻارِي، پيدا ڪيو مون پاڻي. روبينہ ابڙو کي پڙھندي رومي جي اھا ڳالھ ياد پوندي آھي ته واقعي شاعري الھام آھي، اھڙي الھامي ڪيفيتن ۾ رسول ميمڻ چوي ٿو ته انسان خدا جي دل ۾ رهي ٿو ، رب رنجائڻ پاڻ ڏکائڻ آهي، اھو سمجھڻ وارن لاء ھڪ فلسفاڻو جملو ناھي پر تمام سادي سمجھاڻي آھي، روبينه جا اھڙا خيال پڙھندي ملندا آھن جو ڄڻ دل گليل سان مئل ڪاونء آھي ۽ ان مٿان جبل جيڏي قبر اڏيل آھي، تعزيت خاطر اکين جا تعبوط کولڻ لاء پنبڻين مان سوين ڪوڪا ڪڍڻ لاء لوھي ڳڻ واري ڪاٺ جي ھٿوڙي گھرجي آمريڪن شاعرہ ڪيليفوٽن Lucille Clifton ته رڳو ائين چيو بادلن جا خدا ھي ڌرتي توتي دانھي آھي، پر روبينه Depersonalize جي ڪيفيت ۾ اچي لکي ٿي ته بَرفَ جي پوڙهي خُدا جي بارگاه ۾ باھِ جو بادلُ بَڻي بيهي رَهان ٿي. اھا ھڪ اھڙي ڪيفيت آھي جنھن ۾ تخليقڪار شعور جي اعلي معراج تي پھتل ھوندو آھي ڳالھ رڳو اتي ختم ناھي پر روبينه جي ڀيٽ دنيا جي مشھور شاعرئن سان به نٿي ڪري سگھجي ڇو ته ھو ان سوسائٽي جو حصو آھن جتي جانورن کي به ساھداري جو حق حاصل آھي ۽ اسان وٽ انسان کي جيئڻ جو حق به ناھي اھڙي ماحول ۾ تخليقڪار کي پنھنجي قلم جي نب ساھ جي رڳ تي رکي لکڻو پوندو آھي، روبينا ابڙو جي ڀيٽ استاد بخاري جي انھن لفظن کان اڳتي نڪتل آھي ته پير نه ھٽن پوئتي پر ماڊرن سائينس جي ابي ۽ ڏاھي گليليو جي پاليسي جيان روبينا بخاري کان به اڳتي نڪتل آھي انھن لائين ۾ ته ڪُجُھ قَدم پُٺتي کَڻي بيهي رَهان ٿي. پنهنجي پيرَن ۾ ڇَڻي بيهي رَهان ٿي, ٿوري ٿوري ٿِي سَڄي اُڀري اَچان ٿي، پو گَهڻن کان ٿِي گهَڻي، بيهي رَهان ٿي. روبينا ابڙو نه رڳو سنڌ پر آئرلنڊ، جرمن، پر يورپ جي تمام شاعرئن سان مقابل آھي Elizabeth Barrett Browning پنھنجي ٻولي ۾ لکي ٿي پر روبينا وطن جي وارثي ۾ پنھنجا رنگ نڇاور ڪري ٿي پوء ڀلي ھو چوي تہ پوڙهي پَهاڙَ پويان هُئي ڪُونجَ ڪا اُڏاڻي، نِنڊَ جي نَديءَ مان نِڪري مُرڪي پئِي مُهاڻي. عَربيءَ ۾ آيتن جيئن هِڪٻئي مٿان لَٿاسين، پَشتو جي هَر ٽَپي جيئن پنهنجي لَڳِي پُڄاڻي. روبينا ابڙو سنڌ جي ماياناز شاعرہ آھي ھن 24 آڪٽوبر 1971ع تي ڳوٺ ڳيريلي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سنڌي ٻوليءَ جي شاعر عورتن ۾ غزل جي شاعريءَ ۾ اهم مقام رکي ٿي. سندس غزل فني ۽ فڪري حوالي سان پختا ۽ متاثر ڪندڙ آهن. هن ادبي دنيا ۾ 1991ع کان پير پاتو. تڏھن منھنجي عمر ٽي سال ھئي، ھن ابتدا ۾ ڪجهه ڪهاڻيون لکيائين، جيڪي ريڊيو خيرپور جي پروگرامن ۾ نشر ٿيون، پر پوءِ هن پنهنجي لاءِ شاعريءَ جو ميدان چونڊيو ۽ ملھائي ڏيکاريو، سندس جي اھا خوبي منھنجي دل جي سيف ۾ سنڀاليل آھي ته ھو ھر ڪنھن ماڻھون کي مرتبو ڏيڻ وارن منجھان آھي، سندن جي فيس بڪ تي نوجوان ليکڪن جي ڪتابن تي اصلاحي تبصرا جنم ڏينھن جي موقعي تہ ڪنھن کي سندر لفظن ۾ ياد ۽ داد ڏيڻ وارو عمل ھن جي قابليت ۽ قد ڪاٺ کي وڌائي ٿو جنھن مان ظاھر آھي ته ھن ۾ انا ناھي ھڪ شاعراڻي دل سان گڏ نيڪ دماغ جي مالڪ آھي، شادآباد رھي روبينه ابڙو پنھنجي اھل ايال سان،
/

مونکي خبر نه هئي ته توھان ايڏو شاندار لکي سگهندا آهيو ... توهان دل کولي لکيو آهي ۽ مون کي ڏاڍو وڻيو پر آخر ۾ توهان ڳالھ جلدي ۾ کٽائي آهي، شايد انڪري جو شروع ۾ توهان تمهيد گهڻي ٻڌي آهي،__
روبينه ابڙو

لفظن ۾ ساھ ڦوڪيندڙ ڪھاڻيڪار سڪندر عباسي

لفظن ۾ ساھ ڦوڪيندڙ ڪھاڻيڪار سڪندر عباسي
لفظن ۾ ساھ ڦوڪيندڙ ڪھاڻيڪار سڪندر عباسي


ڌرتي تي انيڪ انسان آيا ويا، پر اھي ھميشه لاء ڌرتي تي رھجي ويا، جن آسماني ڳالھين جا سھي رخ عوام جي روحن ۾ ڦوڪيا، جئين رسول ميمڻ چيو ته ھر اھو ڪتاب آسماني آھي، جيڪو ڌرتي جي ڳالھ ڪري ٿو، ائين ھر اھو ماڻھون تاحيات رھڻو آھي، جيڪو آسماني فڪرن جي غلط تشريح تي رت ۾ ٻڏل تلوارن جون مياڻون پنھنجو قلم جي نوڪ سان ناس ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، امرجليل لکي ٿو ايترو رت قدرتي آفتن ناھي وھايو، جيترو رت انسان انسان جو وھايو آھي، مذھبي، ثقافتي، نظرياتي ۽ سماجي بنيادن تي، پر ڪي قلمڪار اھڙي نفرت انگيز لکڻين واري تعصب جي ترار جھڙي قلمن کي ٽوڙي انھن جي لکڻين کي تبديل ڪري پڙھندڙ انسان کي "محبت ئي خدائي آھي"(۱) جھڙا تصور ڏئي پيار، امن پائيچاري، اخلاق وڏپڻي، جو اعلي معراج ماڻڻ جو دڳ سڏيندا آھن، ______

اھڙن قلمڪارن ۾ اسان جو دوست قلمي سٿ جو ساٿي سڪندر عباسي به آھي، جنھن جي قلم اڳيان لفظ رقص ڪندا آھن، ۽ ھو پنهنجي سوچ، فڪر ۽ عمل سان " تاريخ جي تھ خاني مان"(۲) سنسار جي فرسوده ڦٽ کي چاڪ ڪرڻ جا ڏس پتا ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيل آھي، سڪندر عباسي جھڙا ماڻهون پنهنجي اندر ۾ اهڙا ادارا هوندا آھن، جتان ڪيترائي طالبِ علم پنهنجي شعور جون شمعون جلائي سموري جڳ کي علم آگاهيءَ جي روشني ارپين ٿا، اھڙن فردن جا سماج مٿان وڏا احسان ھوندا آھن، پر اھڙا فرد اھي احسانن جھڙا ڪم پنھنجي قوم، وطن، عزت، آجپي، خوشحالي جي آرسي ۾ پنھنجو فرض ڏسي ڪندا آھن، نه ڪي ڪنھن تي احسان،_

پر ھن سماج ۾ اھڙن ڏات ڌڻين کي امرتا انھن جي مرتيو کانپوء ملندي آھي، ۽ ٻيا جيڪي سڻڀين ڪرسين تي ويھي رات جي پيٽ ۾ پنھنجي من پسند موضوع تي ڪتاب لکرائڻ ۾ فقط ھڪ پني تي سھي signature ڪرڻ جي دير ھوندي اٿن، نه انھن کي ادب ڏات فن آرٽ ڪلا قلم ڪلام جي خبر ھوندي آھي، نه ئي انھن کي ڪنھن ادب دوست سان واسطو رکڻ جي ڪا ضرورت ھوندي آھي، بس انھن کي اھو ئي قلم پيارو ھوندو آھي، جنھن تي ھو ڀانور ڪندا آھن، جيڪو قلم صرف سھي signature ڪرڻ جو ڪم ڄاڻندو آھي، پر کيس انھن ماڻھن کي ڪھڙي خبر ته خدار قلمڪار "ڪوجھي چنڊ جو غم"(۳) به لکڻ ڄاڻندا آھن، ادب جي سڄي تاريخ ۾ اھڙن نادان ۽ نام نھاد ماڻھن قلمي پورھئي سان رونشي واري روش ۾ ڪيترن ئي قلمن جا سر ڪپرايا آھن، يا وري انھن ماڻھن کي "سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي" مجبور ڪري انھن ادب دوست انسانن، فلسفين، ڏاھن، دانشورن، توڙي جو سياسي سپاھين ليڊرن، ڪمانڊرن، اديبن شاعرن، ۽ قلم جي جانثارن کي پنهنجي مفادن خاطر اخلاقي، سماجي، نظرياتي، فڪري ڀلائين کان منھن موڙائي پنهنجيون سچايون وفاداريون مَٽائي آرامده زندگيءَ جي ننڍڙي دنيا ۾ وڏا ماڻھون ٿي رھڻ پسند ڪرڻ جي ستي پياري ڇڏيندا آھن، ۽ پوء اھي ماڻھو ڌن جي ڌپ تي مست ٿي اکين تي انسانيت سوز اھا عينڪ ھڻي ڇڏين ٿا، جو کيس وڏي کان وڏو ظلم زيادتي بربريت محض ھڪ رنگين تماشو نظر اچڻ لڳي ٿو_____ ،

پر "موھن جو ماڳ"(۴) پنھنجي تاريخ ۾ اھڙن ماڻھن کي نروار ئي ڪندو رھيو آھي، جيڪي پنھنجي ڌرتي ديس وطن جا سوداگر آھن، سڪندر عباسي اھو ئي اديب آھي، جيڪو سماج جو انتهائي ذميوار فرد هوندو آهي، هو پنهنجي فڪر جي آڌار تي پنهنجي اظهار جي ذريعي جو تعيّن به پاڻ ئي ڪري ٿو ته وري مقصد ۽ نتيجا به پاڻ ئي ڳولي لهي ٿو، هو پنهنجي لکڻين ۽ سوچن ۾ مڪمل طرح خود مختيار آهي، جن اديبن قلم ذريعي پنهنجو هاڪاري ڪردار نڀائيندي ماڻهن ۾ جوش ولولو جاڳرتا ۽ جذبو پيدا ڪري کين اهو احساس ڏياريو ته ظلم ۽ ڏاڍ جي ڪوٽن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ سنڌ جي حقن جي لتاڙ ڪندڙن کي لتاڙي وڃجي، اهڙن باضمير، جرئتمند ۽ بيباڪ ليکڪن ۾ سرِ دار سچ جو جهنڊو ڦڙڪائيندڙ اديب سڪندر عباسي جو نالو انتهائي مٿاهون ۽ معتبر آهي، جنھن جي لکڻي پڙھندڙن کي سکن جا سج ڏسڻ لاء "ڪچي ننڊ جا خواب"(۵) ڏسڻ تي مجبور ڪري ٿي، ڇو ته لطيف سرڪار جي فڪر جيان جنھن سک جي ننڊ سمھي ۽ خوابن ڏٺا انھن ھڙ ۾ خالي ھاونء ھوندو پر اھي ڪاپڙي جيڪي ڪچي ننڊ جي خوابن جي تعبير لاء جھد حق ۾ رڌل آھن، اھي ئي سماج جا سڄڻ ھوندا آھن،___

ادب جي هر صنف جو پنهنجو چس ۽ چارم ھوندو آهي، پر سڪندر عباسي جھڙي قلمڪار جو اھو قلم ھلائڻ جو فن ڪمال جو آھي، جو ھو مضمون، ڊرامو، مڪالو يا ڪهاڻيءَ ۾ جنهن طرح سان سماجي سور ۽ ناسور جي ڳالهه ڪري ٿو، سا بلڪل انساني اندر جو ايڪسرو ڪڍڻ برابر آھي، ھن جون ڪھاڻيون انڪري به مقبول آھن، جو ڪهاڻي ادب جي انتهائي ڪارائتي صنف آهي، حقيقت ۾ ڪهاڻي خود انساني تاريخ جيتري ئي پراڻي آهي، جنھن کي پرکڻ لاء "پيار جو پھريون نظم"(۶) پڙھڻڻ کپي، اديب جو فرض صحتمند سوچ خوبصورت لفظن جي مالهائن ۾ پوئي پيش ڪرڻ آهي، هر قلمڪار جي لکڻي پُر اثر ۽ معنى خيز ثابت ٿيڻ ضروري نه آهي، جيستائين ان ۾ داخليت يعنى مَن اندر جي ولوڙ شامل نه آهي، علم ۽ قلم جو سفر ته روان آهي، پر انهيءَ سفر ۾ ڪي پانڌيئڙا اهڙا به هوندا آهن، جيڪي سماج تي پنهنجي پورهئي ۽ انسان دوست رويّن جي ڇاپ صدين تائين ڇڏي وڃن ٿا، اهڙن ئي انتهائي مھربان ۽ مهان انسانن ۾ سڪندر عباسي جو نالو به سرفهرست آھي، ____

مشهور ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، ڊرامه نويس ۽ ترجمي نگار سڪندر عباسيءَ جو جنم 13 جنوري 1974ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو، هن 1993ع ۾ هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان ادبي دنيا ۾ پير پاتو، سندس ڪيتريون ڪهاڻيون ۽ ڪالم روزاني ڪاوش سميت مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندا رھن ٿا، جڏهن ته سندس 75 سولو پلي ڊراما، 13 مني سيريل، 10 سيريل ۽ ٽي سوپ سيريل مختلف سنڌي چئنلن تي نشر ٿي چڪا آهن. هن جي مشهور سنڌي ڊرامن ۾ زندگي واريءَ جون واٽون، خالي آسمان، خواب نگر، انڌاري، سانورا گلاب دل جا، جڏهن ته اردو ٽي. وي ڊرامـن ۾: ’ميـرا ساجـن ميرا سسرال‘، ’رشڪ‘، ’ناياب نسخه‘، ’ڇوٽـِي مان‘، ’هتڪ‘، ’نگيني‘، ’ايڪ ٿي عورت‘ وغيره قابل ذڪر آهن، سڪندر عباسي 1992ع ۾ انڪم ٽئڪس ڊپارٽمينٽ ۾ ملازم طور ڀرتي ٿيو، جتي اڄ تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. سڪندر عباسي 2009ع کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر آهي، ۽ سندس جا 6 ڪتاب پڙھندڙن جي ميراث آھن، (سنڌيانا تان ورتل تعرف)
/

مدھوش مير لک لائق ادا، مان ناچيز کي توهان ياد ڪيو، وڏا وڙ اوهان جا -
سڪندر عباسي

علمي ادبي گھراڻي جي سڃاڻپ ثروت ابڙو

علمي ادبي گھراڻي جي سڃاڻپ ثروت ابڙو
علمي ادبي گھراڻي جي سڃاڻپ ثروت ابڙو

برٽش دور ۾ پنھنجي نظري فڪروفھم تي قائم رھندڙ شخصيت، ڪيترن ئي ڪتابن جو تخليقڪار، فلاحي ڪمن ۾ اڳڀرو رھندڙ، پنھنجي ڳوٺ ۾ اسڪول جو بنياد وجھندڙ رئيس شمس الدين بلبل( پنھنجي تر جي ماڻھن جا فيصلا نبيرڻ ڪري کين رئيس جو خطاب مليل ھو)، ۽“ بلبل “ سندن تخلص ھو، ڪيترين ئي اخبارن جو ايڊيٽر رھيو، جنھن پنھنجي شاعري ۽ تحريرن وسيلي ماڻھن کي جديد دور جي تعليم طرف راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان جو گهراڻو جيڪو خود پنھنجي اندر ۾ صدين جي تاريخ جا ورق رکي ٿو. ان جي وڇوڙي کان پوءِ سندن خاندان انھن روايتن جو امين بڻجي اٿيو. انساني فلاح کان ويندي ادب تاريخ انسان دوستي ۾ پنھنجو پاڻ ملھائيندو پيو اچي.

بلبل جو فرزند ضياءُ الدين جيڪو ھڪ لائق وڪيل پڻ ھيو تنھن مسڪين بي پھچ ماڻھن جا ڪيس بنا فيس جي وڙھي ان تسلسل کي برقرار رکيو. رئيس ضياءُ الدين جي فرزند جنھن تي سندن ڏاڏي جو نالو رکيل ھو. شمس الدين تنھن 3 ڪتاب مرتب ڪري 2 ڪتاب لکي ادب ۾ پنھنجو نالو لکرايو، جنھن پنھنجو تخلص “شمس ابن ضيا ابن بلبل“ رکيو. ھي سنڌ جي تاريخ ۾ اھڙن خاندانن منجهان ھڪ ڪٽنب آھي، جنھن ھڪٻئي پٺيان پنھنجي سنڌ ڌرتي سان علم ادب آرٽ سان پنھنجي نينھن جو ناتو جوڙي رکيو آھي، اھڙي سلجهيل باوقار خاندان ۾ جنم وٺندڙ ثروت ابڙو بہ پنھنجي وڏڙن جي روايتن کي برقرار رکندي علم جي واٽ وٺي حقوق العباد جي پاسداري ۾ زندگي بسر ڪندڙ زنده دل عورت آھي، جيڪا پنھنجي وڏڙن جي ڪم کي سنڀاليو پئي اچي، ۽ جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ پنھنجي وڏن جي ادبي ڪم فھم کي اجاگر ڪرڻ لاء سوشل ميڊيا تي پڻ خيالي اظھار ڪندي رھي ٿي، جنھن ويجھڙائي ۾ پنھنجي وڏي مرحوم ڀاءُ ڊاڪٽر رياض الدين ابڙو جو لکيل ڪتاب انگلش ۾ ترجمو ڪرائي وڏن جي ڪم کي باقيات بخشي آھي،

سال 2020ع ۾ نيڌرلينڊ جي مذھبي پيشوا “پول وٿ“ ڪليسا جي شاگردن ۾ انعام ورھائيندي سڀ کان وڌيڪ اعزاز “مس لوئيز“ کي ڏنو ھو “ پول وٿ“ تقرير ڪندي چيو “ لوئيز“ وڏي انعام جي حقدار پنھنجي وڏن جي ريتن رواجن سان خانداني باقيات کي برقرار رکڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪري، ان عزاز جي حقدار بڻي آھي، اسان وٽ گهڻو ڪري دنيا ڇڏي ويندڙ جو ڪيل ڪم فڪر فھم وڪردار بہ وساريو ويندو آھي. اسان وٽ ڪي چند انسان ھوندا جن ۾ ثروت ابڙو جھڙي سوچ ھوندي آھي، ثروت ابڙو جو اباڻو ڳوٺ خيرپور ناٿن شاهه کان ڏھ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ميھڙ آھي، ھن پنھنجي ابتدائي تعليم ھوائن جي شھر حيدرآباد مان پرائي. سندس والد کي نوڪري حيدرآباد ۾ ھئي. سيڪنڊري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. اڳتي وڌي ڪمپيوٽر سائنس ۾ ماسٽرس ڪيائين. تعليم جي ميدان ۾ بہ ھميشہ نمايان پوزيشن ۽ انعام کڻي پنھنجو پاڻ مڃايو آھي، سندس تحريرن مان اندازو ٿئي ٿو پاڻ ھڪ سلجهيل ۽ بردبار شخصيت جي مالڪ آھي. جنھن جي چھري تي سدائين مرڪ جو سينگار ھوندو آھي، مرڪ چپن جي عزت ۽ لڙڪ اکين جي خيريات ھوندا آھن. سڏڪو روئڻ جي ساھي ۽ کلڻ چھري جو نياز ھوندو آھي تيئن ٽھڪ سونھن جو صدقو ھوندا آھن.انساني ھر وصف ۾ قدرت پنھنجا راز رکيا آھن. ثروت ابڙو صورت سان گڏ سيرت ۾ پنھنجي اخلاقي قدرن سان مقبول آھي.

ھوءَ پنھنجي بابا ۽ ڏاڏا جي نقش قدم تي ھلندي پنھنجي ڌرتي جي مسڪين ماڻھن يا سماجي ناانصافي يا حالاتن جي ستايل ماروئڙن کي ڏسي اداسي جي عالم ۾ امير سنڌ جي غريب ماڻھن تي درد جا نوحا لکي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندڙ آھي، اھڙن ڪردارن لاءِ "صدرتہ المتالھين" جا لفظ آھن “ اھڙا انسان جڏھن پنھنجي پيار ھمدردي ۽ اخلاق سان ڪنھن کي پنھنجو ڪندا آھن يا ڪنھن بيواھ يتيم جي مدد ڪندا آھن، تڏھن آسمان تي فرشتہ ربوبيت اڳيان نيازمندي سان پنھنجي خوشي جو اظھار ڪندا آھن، سندس وڏي ڀيڻ جيڪا پنھنجي ڏاڏي جي نالي سان ڪيترن ئي سالن کان پنھنجي خرچ تي "شمس الدين بلبل ٽرسٽ ھلائي" وس آھر مسڪين ماڻھن ۽ نياڻين جي مدد ڪندي رھي آھي، تنھن نيڪ عمل ۾ ثروت ان جي بہ ٻانھن ٻيلي رھي آھي، آخر ۾ بلبل خاندان جي انسان دوستي واري حرمت ۾ لطيف سرڪار جي ھي سٽ ڀيٽا طور پيش ڪجي ٿي، ساٿر صيحت سپرين، آھي نہ آزارُ.
/

انسان بہ سمنڊ جھڙو ئي گھرو ۽ اسرارن سان ڀريل آھي. جھڙي طرح انسان خوبين ۽ خامين جو مجموعو آھي، تھڙي طرح سمنڊ مان بہ لاتعداد شيون ملن ٿيون، لوڻ بہ ملي تہ لوڻاٺيل سمنڊي جهڳ بہ ملي . مڇي بہ ملي تہ مانگرمڇ بہ ملي.
سپي بہ ملي تہ سون بہ ملي .
موتي بہ ملي تہ مرجان بہ ملي .
ھاڻي ڳولھڻ واري جي ضرورت تي دارو مدار آھي تہ ھو ڪناري تان لوڻ کڻڻ جو طالب آھي يا گھرائي مان گوھر کڻڻ جو.
ماکي جي مک ،گل جو انتخاب ڪري ٿي، عام مک گند جو انتخاب ڪري ٿي اھو ٻڌائڻ لاءِ تہ ھتي خامي آھي ان کي درست ڪريو، خوبي ۽ خامي ٻڌائڻ وارا ٻئي ڪم اھم آھن. يعني تعريف سان تنقيد براء اصلاح بہ ضروري آھي. مدھوش مير ماکي جي مک وانگر خوبين تي نظر رکي ٿو جيڪو پاڻ ھڪ منفرد ليکڪ آھي، جنھن جي ھر تحرير ۾ توھان کي ان موضوع سان مشابھت رکندڙ ڪيئي مستند ۽ دلچسپ حوالا پڻ ملندا، ( ان مان مدھوش میر جي گھري مطالعي جي خبر پوي ٿي ) مدھوش مير منھنجي نظر ۾ نثر جو“ جون ايليا “ آھي. ھڪ منفرد ۽ يگانو ليکڪ. انسان ئي انسان جو آئينو آھي، جھڙو ھو پاڻ ھوندو ٻئي کي بہ ان ئي نظر سان ڏسندو. اھا مدھوش مير جي حسنِ نظر آھي جو ان کي مون ۾ ايتريون چڱايون نظر آيون آھن، مان ھڪ عام عاجز انسان آھيان . ايتري مان لاءِ ٿورائتي آھيان. منھنجي اوقات مٽي آ، منھنجي ذات مٽي آ.

ثروت ابڙو ____

اتساھ جي علامت بڻيل ليکڪ جاويد اقبال

اتساھ جي علامت بڻيل ليکڪ جاويد اقبال
اتساھ جي علامت بڻيل ليکڪ جاويد اقبال


ادب آرٽ زندگي جدوجھد جي وسيع دائري ۾، تخليقي صلاحيتن جو اڀرندڙ مينار جاويد اقبال لاڙڪ ھڪ ھونھار نوجوان مصنف آھي، جنھن جو ڪم گھرائي ۽ صداقت جو پڙلاءُ پڙھندڙن کي اھڙي دنيا ۾ کڻي وڃي ٿو، جتي لفظ اھا مياڻ لڳن ٿا، جنھن اندر جذبات جي تکي تلوار چمڪندي نظر اچي ٿي، جاويد جو قلم سفيد صفحن تي لفظن کي رقص ڪرائي ٿو- ۽ ادبي منظرنامي تي نه مٽجندڙ نقش ڇڏي ٿو، مونکي ياد اچي ٿو درگاھ ماتلي شريف تي ھي شخص گھڻو ڪري نظر ايندو ھو، جنھن جو سنڌ جي معروف شخصيت اسلامي اسڪالر پير دلبر سائين سان گھڻي ويجھڙائي ھئي، ۽ مان ان وقت اتي مدرسي ۾ ناضرا پڙھندو ھئس،- تنھن وقت مان پنج وقت نمازي ھجڻ سان گڏ تحجدگذار ھئس، اھو صحبت جو سلسلو منھنجي من ۾ ماتلي مچايو ھو، مرحوم سائين علي شير عرف "سائين حافظ" جيڪو منھنجو دشمن جھڙو استاد ھو، پڙھائيندو گھٽ ھو ۽ ماريندو سوايو ھو، ھن منھنجو مدرسي ۾ نالو رکيو ھو (ڦاڙھا) خير سائين سان مان به پنھنجي وس آھر جٺيون ڪيون، مثلن ڪاڪوس ۾ وڃي ته مان پويان ڪڙو ڏئي ڇڏيانس، اندر ڌپ ۾ پيو دانھون ڪندو ھو، يا ھن جي چپل کڻي لڪائي ڇڏيندو ھئس، اسان شاگرد استاد ھڪ ٻئي جا ويري ھئاسين- مدرسي جو قانون ھيو، ٽيپھاري جي آذان کان اڳ " واري وارن ڏينھن " تي شاگرد طالب مسجد جي صفائي ڪندا ھئا، ۽ جڏھن صفائي جو وارو اسان جو ايندو ھو، تہ مان طالبن کي وٺي مسجد ۽ درگاھ ٻاھران پيل ڪاٺ جي بنڊن تي کيڏندو ھئس، (درگاھ ٻاھران ڪاٺ جو ڪارخانو اڄ به موجود آھي) مسجد جي صفائي نه ھجڻ ڪري ھڪ دفعو مون کي گڏھ سمجھي بجلي جي تارن سان مرحوم استاد ڪٽڪو ڏنو ۽ منھنجي جوڙي وال "منصور خاصخيلي" کي ته رھندو ڦاھو پيو ڏئي، ( الله بچايس ) جنھن بچايئس ان کي پاڻ ڪنھن وقت ۾ الله بچايو ھو، تنھن ڪري ھن تي مالڪن الله بچايو نالو رکيو ھو، اھو به اسان جي جوڙ جو شاگرد ھو، خير اھي ڏينھن منھنجي زندگي جا يادگار ڏينھن ھئا پر جڏھن مان سائين مولوي عبدالقادر لغاري وٽ عربي فارسي جا سيگا ۽ غردان ٻڌا ته منھنجو پڙھائي ڏانھن شوق وڌيو پر "درس نظامي" منھنجي اندر ۾ ڇوليون ھڻي رھيو ھو، ھاڻي 'من' جي خبر ڪنھن کي؟؟ شڪل مان ئي، مان سڀني شاگردن، طالبن کان نڀاڳو ۽ ويڙھاڪ ھئس، انڪري منھنجو من ڪنھن بہ استاد نه ڄاتو،

پوء ھڪ ڏينھن چينل واھ ماتلي جي موري تي ويٺو ھئس اتي مان "پان کائڻ" ويندو ھئس، ھڪ ڏينھن عوامي آواز اخبار ۾ "مولانا عزيزالله ٻوهئي" جو ڪالم پڙھيم پوء وقت گذرڻ سان گڏ مونکا مدرسا به وسري ويا، پوء ته ٻوھئي صاحب مونکي سڄو نصاب ڏنو ۽ ھر منجھل معاملي ۾ منھنجي رھنمائي ڪيائين، ڪي اين شاھ ايندو ھو ته ساڻس ڪچھريون ٿينديون ھيون، ان سڄي گذريل وقت جي مون وٽ صرف ھڪ تصوير آھي، جنھن کي ڏسي ذھن جي دز چڙھيل دستاويز تان ڪي خوبصورت يادون سامھون آينديون آھن، تصويرون پنھنجي وقت جي واحد گواھي ھونديون آھن، جيڪي انسان کي آئينو ڏسينديون آھن، ميمڻ صاحب جي ڳالهه جيان، تہ عمر تصويرن جي ميراث ھوندي آھي، عمر کي بقا صرف تصويرن ۾ آھي، تصويرون ئي آھن، جيڪي وقت روڪي سگھنديون آھن، الميو اھو آھي، جو تصوير ماڻھوءَ جي ٿي سگھي ٿي، ماڻھو تصوير جو نٿو ٿي سگھي، "پِريان سين پَھڪارَ، رِندِيءَ رَساڻي ڪيا،" انھن ڏينھن ۾ اتي رھندڙ جاويد ڪرمي ماٺيڻو شخص جنھن کي ڪنڌ ۾ ڪڏھن اجرڪ، ڪڏھن سائي چادر پاتل ھوندي ھئس، ھڪ دفعو ان سان حادثو پيش آيو ھو، ھٿ زخمي ھئس، منھنجي دل چيو مان ھن کان طبيعت پڇان پر ان وقت منھنجي اندر جي طبقاتي نظام ماحول مونکي ان شخص سان ملڻ جي اجازت نه ڏني - "مان حساس طبيعت ماڻھون آھيان، انڪري فراريت کي پسند ڪندو آھيان، اھا روپوشي صرف سالم ئي سمجھي سگھن ٿا-" ان وقت جاويد جو getup ڪنھن مذھبي فڪر جي سڃاڻپ ھئي، خير وڏو وقت گذري ويو، جاويد اتي رھجي ويو مان نڪري ويئس، تنھن کانپوء صحافي ھجڻ ناتي مان گڏجاڻين پروگرامن دوستن جي ڪچھرين بحثن ۾ جاويد کي عوامي تحريڪ سان سلھاڙيل ٻڌو ھو، مون سوچيو ھي شخص ڪندو ڇا ٿو وتي،؟؟ سندس خيالن ۾ مذھبي عقيدت پسندي، ۽ گڏ به انھن سان وري مارڪسي ماڻھن جي ڪچھرين جو حصو به بڻجي ٿو! خير اتي گھڻو وقت گذري چڪو ھو پوء فيس بڪ جي دنيا تي پاڻ وري ملياسين، اتي به ھو مونکي فڪري طور منجھل لڳو، religion point of view کان فيسبڪ تي اھڙن خيالن جو اظھار ڪرڻ بعد جاويد لاء منھنجو خيال اھيو ھيو، نيٺ ھن جو ڪتاب پڙھيو "آمريڪا جي سامراجي تاريخ" تڏھن به ھي شخص مونکي مبھم ۽ ڪنھن تلاش ۾ واجھائيندي نظر آيو، وڏي وقت کانپوء ويجھڙائي ۾ ھاڻي خيالي ڏي وٺ ٿي، مان ھن جي ڪچھري مان گھڻو ڪجھ سکيو، متاثر ٿي پيس، ان جو ھڪڙو سبب ھيو ، جو جاويد جي زندگي ۽ ذھن کي جدت پسندي ۾ ڏسي مونکي Kanhaiya Lal Gauba ياد اچي ويو- شايد جنھن جو ذڪر ڪٿي امرجليل به ڪيو ھو-_____

ڪنھيا لال جو تعلق ھنڌوازم سان ھيو، ھو ليکڪ صحافي ۽ گھڻ پڙھيو شخص ھيو، ھن جو ڪم لکڻيون پڙھندڙن کي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون، ادب جو ھي خاموش خدمتگذار ڪنھن جو متلاشي ھيو، لکندي پڙھندي مذھبن، عقيدت، تصوف جي ڇيڙچاڙ ڪندي ڪندي Friends and foes an autobiography ۾ لکي ٿو، مان سوچيو مان جنھن جڳھ تي ٻيٺل آھيان، ان ٽڪري ھيٺان شايد اڃان ڪا ٻئي ڌرتي آھي، انڪري مان خاموشي سان پنھنجو مذھب تبديل ڪري مسلمان ٿي ويئس، مان جيڪو پڙھيو ان ۾ مونکي لڳو ته دين اسلام جھڙو ٻيو ڪو مذھب ناھي، پوء جڏھن ھن جي گھر ڀاتين يارن دوستن کي ان ڳالھ جي خبر پئي، ته سڀني مٿس ڪاوڙ جو اظھار ڪيو، لاتعلقي ڪئي، ڪنھيا سان ڪيترائي جڙيل رشتا ٽٽي ويا، مذھب تبديل ڪرڻ سان دوست دشمن سڀ پنھنجن پنھنجن چھرن سان نظر اچڻ لڳس، پھريان ھن کي چھري مٿان چھرو چڙھيل فرد جي خبر نه پوندي ھئي - پر ڪنھيا خاموشي سان سوچيندڙ ذھن ھيو ھن اسلام جي حقيقي مطالعي کان پوء ڪنھن ھن کي طعنو ڏنو ته تون ڪتابن ۾ اڄ به ھندو آھين، پنھنجي نالي جي ڪري، اھو ٻڌڻ بعد ھن سوچيو ته منھنجا ڪتاب ڪنھيا لال گوبا جي نالي سان ڇپيل آھن، اھو ڪئين تبديل ڪجي، غور ويچار بعد ھن پنھنجي نالي K. L. Gauba کي Khalid Latif Gauba ۾ تبديل ڪري ڇڏيو- پر پوء به ھن اڃان اتي بس نه ڪئي مذھبن جو مطالعو جاري رکيو، 1977 ڌاري ھن کي خبر پئي ته مان جنھن جڳھ تي پھتو آھيان پر رستو ڀلجي آيو آھيان، ۽ پوء دين اسلام کي الوداع ڪري، ھو عيسائي ٿي ويو، ۽ Christianity جي وسيع مطالعي ۽ عمر جي آخري ڏھاڪن ۾ بيمار ٿي پيو 1980ع داري دنيا ڇڏي ويو- ڀارت جو صحافي ۽ ليکڪ Rambriksh Benipuri ڪنھيا متعلق لکي ٿو، ھو آخر ۾ عيسائيت تان به دستبردار ٿي يھوديت جي فڪر کي اپنايو ھو ۽ اھڙو ذڪر اسلام کان اڳ واري بحث ۾ دليل ڏيندي رامبرڪش ڪنھيا جي نوٽس جا حوالا به پيش ڪيا آھن، رامبرڪش جي تحقيقات کي رد ڪندي Jogesh Chandra Bagal لکي ٿو ته ڪنھيا عمر جي آخري ڏينھن ۾ دنيا جي تمام مذھبن جو انڪاري ٿي ويو ھو، ڪنھيا جي مرڻ کانپوء ان متعلق ڪافي ڳالھيون گھڙيون به ويون آھن، پر ھتي مذھبي اٿل پٿل واري ذھن ڪنھيا جي ڳالھ ڪرڻ جو مقصد صرف ھڪ ئي ھيو ته سوچيندڙ ذھن پنھنجي وسيع مطالعي سان گڏوگڏ ارتقائي طور تبديل ٿيندو رھي ٿو، ائين ئي گذريل ڪجھ ڏينھن کان نوجوان ليکڪ جاويد لاڙڪ به مونکي ڪنھيا جي تسلسل ۾ خاموش ذھن ٿي کوجنا ڪندڙ محسوس ٿيو آھي، جيڪا خوشي جي ڳالهه آھي، ته ھو ويچار ڪري ٿو، متحرڪ ذھن آھي، پر ضروري اھو به ناھي ته ھو صرف مذھبن متعلق سوچيندڙ ذھن آھي، ھو گھڻ پڙھيو شخص آھي ھن وٽ مطالعي جو ميدان وسيع آھي، _____

جاويد اقبال جي ادبي مرڪز ۾ انسانيت جي پيچيدگين کي بيان ڪرڻ ۾ هڪ نادر صلاحيت موجود آهي. هن جي نثر ۾ ڪردارن اندر ساھ پيل آهي، سندس جون ڪيل ڪتابن سان ڪچھريون، نوجوانن کي ادبي کيتر ۾ اچڻ جو invitation card ڪارڊ آھن، لکت جي پختگي هر جملو هڪ درستگي سان گڏ اھڙو تيار ٿيل ھوندو آھي، جو پڙھندڙ ذھن جو وجود ان لکت سان گڏ سفر ڪرڻ لڳندو آھي، ادب جي اڀرندڙ منظرنامن ۾ جاويد اقبال جو لکڻيون به پنھنجي طاقت جي زور تي ھڪ سوال کڻي اينديون آھن، ھو تصوف مذھب، عقيدت پسندي، سماجي سائنس، نفسيات، سياست جھڙن موضوعن جي ميدان تي قلمي ھٿيار سان محاذ ملھائي رھيو آھي، جاويد ھن وقت Edgar Rice Burroughs ۽ Scott Turow سميت Carl Sandburg جي شھر شڪاگو ۾ علم پرائي رھيو آھي، جنھن شڪاگو لاء ڪارل پنھنجي شاعري ۾ لکي ٿو "ھتان جا ماڻھون، مارٽ، ميوزم زنده دل انسانن جي امانت آھن"______

/

محبتون محترم ڀاءُ مدھوش مير
جاويد اقبال لاڙڪ -

الٽي اک واري ڪھاڻيڪار نصرت چانڊيو

الٽي اک واري ڪھاڻيڪار نصرت چانڊيو
الٽي اک واري ڪھاڻيڪار نصرت چانڊيو

نصرت چانڊيو ڪير آھي،؟ ڪاٿي رھي ٿي،؟ ڇا ڪندي آھي،؟ ان ڄاڻ ۾ نه پاڻ ڪڏھن دلچسپي ورتي آھي، نه ئي ڄاڻڻ چاھيون ٿا،- بس جيڪر ھن جي سڃاڻپ آھي، ته اھا منھنجي نظر ۾ آمريڪن ناولنگار ۽ اسٽوري رائيٽر عورت Anne Tyler جھڙي آھي، جنھن پنھنجي معاشري جي گھڻن پاسن تي لکيو، پر ھن جيڪا وڌيڪ مڃتا ۽ شھرت ماڻي ھئي، اھا مظلوم عورتن جي حقن جي ترجماني ڪرڻ واسطي حاصل ڪئي ھيائين،- پھريان ايني جو نالو ۽ سڃاڻپ ڪنھن مخصوص ھلڪي ۾ ھئي، ھن جڏھن پنھنجي زندگي جي سفر ۾ جنس وڪرو ڪرڻ واري معاملي تي لکيو ته تمام وڪرو ٿيندڙ عورتن جي icon بڻجي وئي، آمريڪن ليکڪ Richard Russo لکي ٿو ته قلم جو ڪو قبيلو، ديس ويس رنگ نسل اوچ نيچ نه ھجڻ کپي، قلم اھڙو ھجي جنھن جي لکت ناحق وھايل رت جي شاھدي وانگر نظر اچي- اوھان جي سڃاڻپ اوھان جو ڪم ھجي، ايني کي سارھائيندي رچرڊ روسو لکي ٿو معاشري پاران مبھم ڪيل موضوع تي ھليل قلم جيڪو اوھان جو نالو ڪرائي ٿو اھو نالو صرف انسانن جي زبانن تي ناھي ھوندو پر ان ظلم ھيٺ آيل انسانن جي دلين تي نصب ٿي ويندو آھي-

ائين ئي نصرت چانڊيو جون صرف ٻه ڪھاڻيون پڙھي ھن جو نالو منھنجي اندر ۾ نقش ٿي ويو آھي، مون وٽ ھن جي سڃاڻپ صرف ھن جي لکت آھي، ھوئين ته جنسيات جي موضوع تي سڄي دنيا ۾ لکيو ويو آھي، پر ان سان گڏ سڄي دنيا ۾ ادب دوست عورتن بي ادب معاشري جي نبض تي پنھنجي قلم جي نب رکي معاشري جي ھڪ طرفي قيادتن جا تخط بہ اونڌا ڪيا آھن، ائين ئي سنڌ جي ھڪ نرالي ۽ منفرد قلمڪارہ جنھن جي چونڊ جا اھڙا موضوع آھن، جنھن کي پاڪدامني جي چادر ويڙھيل معاشرو ناپسند ڪري ٿو، عورت ليکڪائن ۾ نورالھداشاھ جي ڪھاڻي "پاروٿو گوشت" کان ويندي "سنگسار" جھڙيون ڪھاڻيون لکڻ ۾ جرئت گھرجي، شميم مري جي ڪھاڻي "رشيدان اوڏڻ" کان ويندي زاھدہ ابڙو جي ڪھاڻي "خوف" کان ويندي نصرت چانڊيو جي ڪھاڻي "گم ٿي ويل آڱر" ھن سينواريل سماج ۾ اھڙيون ڪھاڻيون مھذپڻي جي دعوا ڪرڻ وارن جا ڇوڏا لاھڻ برابر آھن- ۽ عمومن انھن ڪھاڻين تي بيحيائي ۽ فحش انگيزي جا الزام لڳايا ويندا آھن، پر ادب ڪڏھن به فحش ناھي ٿيندو- ھا قلمڪار جڏھن آرسي وانگر سماج کي پنھنجي صورت ڏسن ٿا ته ان ڀوائتي شڪل کان خوف کائيندڙ سماج بدلي ۾ بتال ٿي، اھڙين لکتن ڪھاڻين کي ادب مان خارج ڪرڻ جھڙن منصوبن ۾ ملوث ٿي وڃي ٿو-

نصرت چانڊيو پنھنجي جوھر ۾ بردباري جي علامت آھي، ھن جو قلم، ھن جي وڏپڻي جي شاھدي ڏئي ٿو، ھن وٽ رواجي لکت وارو پيٽرن ناھي، ھن وٽ سماج جا اھي ڪردار آھن، جن سان "معاشرو لڪي ملڻ پسند ڪري ٿو ۽ سرعام انھن کي گاريون ڏيڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو،" مونکي ياد اچي ٿو Ismat Chughtai منٽو کي پنھنجي لکت ذريعي اھو حوصلو ڏنو ھو، ته جنھن موضوع تي اوھان لکو ٿا، "ان موضوع جا ڪردار، توھان کي چاھيندا، پر ان ڪردارن جا چاھيندڙ، اوھان کي ڪڏھن به نه چاھيندا،" اھڙي ھڪ ڪھاڻي ديوارون جنھن ۾ نورالھداشاھ شريفن جي پاڙي جون ديوارون ڊاھي پٽ ڪيون آھن، ائين ئي نصرت چانڊيو به اھڙي ديدا دليري سان پنھنجي ڪھاڻي گلناز والا ۾ ھن معاشري جي نيڪزادن جيڪي پنھنجي شلوارن جي ابداڻن ۾ عورتون جون سڳيون وجھي گھمندا آھن، تن ذھني غريب غيرتمندن جون ڪانچون لاھي ڦٽي ڪيون آھن- اسان جي اردگرد رھندڙ سڀ شرافت جو دليل آھن، انھن سڀني شريف دليلن جي نظر ۾ ٻيا سڀ ذليل آھن، سندس جي ڪھاڻي جو اھو ڊائيلاگ مونکان ناھي وسريو جڏھن گلناز گلشن کي دلاسو ڏيندي چوي ٿي، " شريف گھرن جي مائين اسان جو ويس پائي، مردن کي پاڻ ڏانھن ڇڪي ورتو آھي،" ______

نصرت چانڊيو، عورت ليکڪائن ۾ ھڪ نرالو ناونء آھي، ھن جا متخلف عالمي ڏينھن تي مختلف اخبارن ۾ آرٽيڪلز شايع ٿيندا رھن ٿا، پر ھن وٽ ڪھاڻي لکڻ جو جيڪو ڏان ۽ ڏات آھي، اھا يقينن پڙھندڙن کي ھڪ رائي قائم ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي، لکتون ھونديون به اھي آھن جن تي پڙھندڙ پاڻ ڳالھائڻ تي مجبور ٿي پون، اھو لکت جو منفرد انداز اپنائيندڙ نصرت چانڊيو عالمي ڏات ڌياڻين جي ڏس جو ھڪ گس آھي Brazil برازيلي ليکڪه ھيلڊا جنسي ڌنڌن ۾ ملوث مردن کي بينقاب ڪيو ته ھن تي طرح طرح جا الزام لڳا ھن کلي دل سان سڀ ڪجھ قبول ڪري پنھنجو ڪم نه ڇڏيو، Hilda Hilst جا انھن مردن لاء نڪتل لفظ ڪيترائي ڏينھن برازيلي اخبارن جي زينت بڻيا رھيا، ھن چيو تہ، " مرد عورت کي صرف جنسي عمل لاء پسند ڪن ٿا، جيڪر مرد عورتن جي خاصيت ۽ قابليت کي پسند ڪرڻ شروع ڪن ته ان ڏينھن دنيا جي سلطنت جو سھرو عورت جي سر تي ھوندو، انڪري به مرد پنھنجو مٿو بچائڻ لاء عورت جو استحصال ڪري ٿو، اھڙو ئي پيغام نصرت چانڊيو جي ڪھاڻين ۾ بہ ملي ٿو _____

/

اوھان لکيو مھرباني - نصرت چانڊيو

ادب ۾ دريا جھڙي موج رکندڙ ناولنگار حيدر دريا

ادب ۾ دريا جھڙي موج رکندڙ ناولنگار حيدر دريا
ادب ۾ دريا جھڙي موج رکندڙ ناولنگار حيدر دريا

دريا حيدر اھو نالو آھي، جنھن جي وٺڻ سان انسان ۾ اتم ھوش وارو جذبو سجاڳ ٿئي ٿو، جنھن جي نالي ۾ ئي اھڙو رعب آھي، تنھن جا احساس انساني سڌ جو چٺو ثابت ٿيل آھن، دريا حيدر کي مان گھڻو وقت اڳ پڙھيو ھو، ھن وٽ لکڻ جو اھو ڏان آھي، جيڪو ھزارن مان ڪنھن ھڪ کي نصيب ٿيندو آھي، جيڪڏھن ھي لکڻي ۾ عشق جي ڳالھ ڪري ٿو، ته ان جي شاھدي ۾ ھن وٽ صرف لفظ ناھن پر عاشقن جي اندر دلين جو ايڪسرو ڪڍي سامھون رکي ٿو- اھا لکت ان ايڪسري جي رپورٽ ھوندي آھي، جنھن کي ھن انداز ۾ سمجھيو وڃي ٿو ته __ " عشق مجاز ۾، پاڻي تي ليڪا ڪڍي پنهنجي محبوب جي تصوير ٺاهيندڙ، اهڙي محبت کان محروم رهي ٿو، جيڪا محبت روح تي رهڙون ڏئي محبوب جي تصوير دل تي چٽي ڇڏيندي آهي، حساس ماڻهو ته برابر سڀ، هڪجهڙو سوچيندا آهن، پر ان سوچ جو مڪمل اظهار سڀ ڪري نه سگهندا آهن ۽ هرڪو ماڻهو ان جو مڪمل اظهار ڪري به ڪون ٿو سگهي، انساني سونهن هڪ اهڙو مجازي محل آهي، جنهن ۾ رعيت روئندي به رهي آهي تہ کلندي به رهي آهي ۽ ان محل جي اڏاوت ۾ جيڪي رنگ روغن ۽ چٽ گل ڇٽيل آهن، سي سڀ تصوف مان ورتل آهن.____

عشق جي اسڪول ۾ نئين داخلا وٺندڙ نوجوانن کي دريا حيدر جا ناول ٿوري گھڻي رهنمائي ضرور ڪندا، دريا حيدر جي لکڻين ۾ مونکي Baruch Spinoza اسپونزا ياد ايندو آھي، جيڪو پھريون باغي صوفي ھيو، ان ئي وقت سنڌ اندر شھيد شاھ عنايت به پنھنجي فڪر جي پرچارڪ ۾ رڌل ھو، اسپونزا جيان دريا حيدر به ڪٽرپڻي کي پنھنجي قلم سان ڪچلڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رھيو آھي، اسپونزا به بنيادي طور تي وحدت الوجود ‏(Pantheism) جو قائل هڪ صوفي شخص هيو، پر ٿورڙو غور ڪبو ته ان وقت انڌن جون قوتون ايڏيون ته مضبوط هيون جو ماٹھن جي سسين جا لابارا ھلندا ھئا ۽ اتي اسپونزا وري ايمسترڊيم جي گھٽين ۾ يھودي انتشاري فڪرن کي رد ڪندي نوجوانن کي پنھنجي رومانوي لکڻي ۾ ان وقت جي شرعي ترقي پسند تصوف جي طُورسِينا تي گھمايڻ پئي چاھيو، -

دريا حيدر جي لکڻ جو انداز سمجھايل فڪر رڳو، تصوف، مذھب، عقيدت، سياست ناھي، پر ھن وٽ مسرتون، موج، معراج، لذتون زندگي جون رونقون بہ جائزي وٺڻ سان ملن ٿيون، جئين يونان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ مڃيل مفڪر فلاسفر Pyrrho جو فڪر ھيو، پرھو ديمقراطس، Democritis گوتم ٻڌ، پروٽاگورس ۽ سقراط کان متاثر ھيو ايپيڪورس ۽ جاڳرتا جي ڏينھن جو فلسفي ڊيوڊ ھيوم ۽ ٻيا ان کان متاثر ھئا، رسول ميمڻ لکي ٿو ته پرهو جي فلسفي جو بنياد سُڌِ Acatalepsy آهي، جنهن موجب جيئن ته ڄاڻ جي حد مقرر نه آهي، انڪري اهو ممڪن نه آهي، ته شين کي سمجهي سگهجي. اهڙو فڪر اسٽيواڪ برخلاف آهي، جنهن جو بنياد ٻُڌِ Catalepsy آهي، ان عقيدي جي باني زينوءَ موجب دنيا کي ائين قبول ڪرڻو آهي، جيڪو وقت وهي رهيو آهي، اهو ئي سچ آهي ۽ زندگي حقيقت. بحث ۾ وقت وڃائڻ کان چڱو آهي ته فطرت کي جيئن جو تيئن قبول ڪجي، مونجهارا ڏک جو سبب آهن، دنيا ۾ فرحت ماڻيو ۽ خوشي حاصل ڪيو، ٻئي دنيا آهي يا نه؟ ڪنهن به شڪ کانسواءِ هن دنيا کي قبول ڪري دلي سڪون حاصل ڪريو، پرهو جي فلسفي جو بنياد سُڌِ جي وضاحت ائين ڪري سگهجي ٿي ته معروض Object تجريد Abstract آهي ۽ تجريد پنهنجين علامتن سان هر دفعي نئين ڏيک ۾ ظاهر ٿئي ٿي، اهي علامتون وجود، حالتن، پيغامن ۽ ادراڪ تي پڻ لاڳو آهن،

دريا حيدر جي ناولن ۾ عشق، مذھب، سياست، سماج رويا، ناانصافيون، رشتا ، سماجي ستم ظرفيون، گردش ڪن ٿيون، پر ھن انھن مڙني معاملن مُونجهارا کي مختلف پاسن کان انسان کي آنند ۾ آڻڻ لاء پڻ ڪيترائي گس به ڏنا آھن، ھو رشتن جي ٽوٽ ڦوٽ تي انھن کي سمجھائڻ لاء دورين ۽ ويڇن جا تاريخي مدلل واقعا به ڳڻايا آھن، انھن فراقن کي ختم ڪرڻ لاء ھن جون لکڻيون پڻ bridge جو ڪردار ادا ڪن ٿيون، "ياد رکجو، جيڪو سماج پنهنجي عظيم رشتن جي سڃاڻپ نٿو رکي ۽ رشتن کي پاڻ ۾ ويڙهائي، ورهائي، ونڊي، ورڇي ٿو ڇڏي، ته اها قوم ۽ اهي قبيلا پنهنجي عظمت کي ائين رسوا ڪندا آهن، جيئن حضرت عثمان غني سان پنهنجي قوم ڪيو ۽ حضرت آدم سان پنهنجي خدا! ۽ بي بي مريم سان پنهنجي قبيلي ۽ مون جهڙن سان پنهنجي پيار ۽ محبت واري خواھش ڪيو، (دريا حيدر)

/
ادا توھان جون مھربانيون۔

حيدر دريا

سافٽويئر انجنيئر عبيد ٿھيم جي ادبي خدمت

سافٽويئر انجنيئر عبيد ٿھيم جي ادبي خدمت
سافٽويئر انجنيئر عبيد ٿھيم جي ادبي خدمت

ايرانين جڏھن اچي يونانين جو تر تپايو ته يوناني ٻوساٽجي ويا، وس آھر وڙھن پيا پر مار کائي پيا وڃن، اسپارٽا يونان جي شھري رياست جو حصو به متاثر ٿئي پيو- اسپارٽين عھد ڪيو ته وڙھنداسين، وڙھيا مار کائي ويا، ڦٽ ڇٽڻ تائين پارسين کي پٽيندا رھيا، ۽ چست ٿي وري ويڙھاڪ گڏ ٿيا ۽ ھار بابت غور ويچار ڪري چپ ٿي ويا، ڪو حل نظر نه آيو ته ڪئين نراسائي نصيب ٿي،؟؟ اتان ھڪڙي ننڍڙي اسپارٽين ھجوم مان رڙ ڪندي چيو ڪروڌ ۾ اچي وڙھيا ھو ائين ناھي ويڙھبو اوھان جي ناڪامي جو سبب اھو آھي،! ھن کان پچا ٿي ڪئين وڙھبو؟ ننڍڙي سپاھي پٺي سان ٻڌل چمڙي جي ٿلھي مان ھڪ ويڙھيل "پنو چارٽ" ڪڍيو جنھن ۾ اسپارٽين جي بچاء جو اھو رستو شامل ھجڻ سان گڏ تحفظ لاء جابلو پٽي جا اھڙا گھٽ گھيڙ چٽيل ھئا جتان دشمنن کي نشانو ڪري سگھجي پيو، اھو سڄو پسمنظر ان چارٽ تي نقش ٿيل ھو، سپھ سالار ان نوجوان کان پڇو ھي رستا تون ڪٿان ھٿ ڪيان ھن وراڻيون مان مال چاريندو ھان گسن دڳن جي خبر آھي، بگھيڙن جي باھ کان مان ھي پيچرا پسند ڪيا آھن، سالار خوش ٿيو ۽ ڀروسو ڪري ان پني کي اھيمت ڏني ان Map مطابق ھو وڙھيا ۽ اھڙو ويڙھيا جو پارسين کي بدترين شڪست نصيب ٿي، ۽ پوء ھنن اھو نعرو ھنيون تہ اسان جو ھڪڙو اسپارٽين 80 ھزار ماڻھن جي برابر آھي، salamis ۽ Thermopylae جھڙيون لڙائيو يويانين ۽ ايرانين جي صدين جي تاريخ جو تسلسل آھن ۽ اڳتي ھلي وري يوناني پاڻ ۾ بہ وڙھيا اھا اٿينس ۽ اسپارٽين جي لڙائي ھئي جنھن دوران ئي مقدونيا ۾ سڪندر اعظم جو جنم ٿيو ھو _____

ضروري ناھي ته ڪاميابيون رڳو ليڊرن جي اشارن تي ملن، ڪمانڊرن جي پلانگن سان ٿين، يا سالارن جي تيز گھوڙن جي مدد سان اڇلايل ڀالن سان ڀلائي ٿي، ائين ھرگز ناھي، پر ان فتحيابي واري فلسفي پويان ڪن ننڍڙن ماڻھن جون وڏيون ڳالھيون ۽ ڪارنامہ به شامل ھوندا آھن، ائين اسان وٽ منتشر ۽ نفسا نفسي واري انفراديت پسند دور ۾ ڪي ڏسڻ جا ننڍرا ۽ سادڙا ماڻھو پنھنجي جوھر ۾ وڏو ڪم ڪري رھيا آھن، جن تي اسان جي عوام جي اک ئي نٿي ٻڏي، پر ان ڪم عمل جي اھميت ايتري آھي، جيتري Spartan army جي ان ننڍڙي سپاھي جي نقشي جي ھئي- اھڙا چند ماڻھو اسان جي اردگرد به رھن ٿا پر ڪڏھن اسان انھن جي ڪم کي باريڪ بيني سان ناھي ڏٺو، وڏي ڳالھ ته باريڪ بيني سان ڏسڻ جي ضرورت به ڪھڙي؟؟ ڇو ته ان کي سمجھڻ پرکڻ سان اسان جي ماڻھن جو واسطو ئي ناھي پر اھڙو ئي ھڪ سپاھي سوشل ميڊيا جي وڏي دنيا ۾ ۽ منھنجي ننڍي دماغ ۾ گردش ڪندو رھي ٿو-

ھي اھو فرد آھي جنھن وٽ ڪڏھن ڪڏھن مھيني جي پوئين تاريخن ۾ سگريٽ جا پئسا ناھن ھوندا، مون وٽ ته جڏھن ڪڏھن ناھن ھوندا، پر ھن ۾ ۽ مون ۾ فرق اھو ڪڏھن ۽ جڏھن وارو آھي، ھڪڙي بنا فرق جي ڳالھ بہ آھي ته سگريٽ جا موالي اسان ٻئي ناھيون، خير ھي اوھان جو ڄاتل سڃاتل شخص عبيد ٿھيم جو منھنجي نظر ۾ تعرف آھي، جنھن سوشل ميڊيا تي عشق رومانس پيار جي ماريل نوجوانن کي جئين سيکارڻ لاء ڪم ڪيو آھي، ۽ ڪري پيو، ھو نوجوان ھوندي به ڪڏھن ڪڏھن ضعيفن واري ڪارائتي صلاح ڏئي ويھندو آھي، پر سندس جو ڪيل ڪم ان اسپارٽين سپاھي جھڙو آھي، جيڪو پنھنجي حقن جي حاصلات لاء، ميرٽ ۽ ماروئڙن لاء، قبضن جي خاتمي ۽ زمينن جي بحالي لاء بيچيني کان بچڻ لاء، مستقبل ۾ ڪجھ ڪرڻ لاء، اونڌاھ ۾ روشن ۽ روشني ۾ ڳڻپ ڪرائڻ لاء پنھنجي سٿ سان گڏجي " سنڌ سلامت " نالي ھڪ اھڙي ايپ تيار ڪئي آھي، جنھن ۾ ھن وقت ھزارين ڪتاب مٿين سڀني موضوع تي پورا لھندڙ آھن، پر شرط اھو آھي جو ان اسپارٽين سپاھي جڏھن اھو نقشو ڏنو ھو ته ان کي قبول ڪيو ويو ھو، اسان وٽ ساڳيو ئي نجات جو خيال ڏيندڙ نوجوان جي ڪم کي قبول ڪرڻ ته پري پر اڃان اھا مڃتا ئي ناھي ملي سگھي، تنھن ڪري اسان وٽ اڃان اونداھ آھي، ۽ ڌارين پاران ڌڪارون، اڇيون نياڻيون ڪاريون، نسلن جون تباھ ڪاريون، خودڪشيون ۽ خوشامند جون خيراتيون، سنڌي قوم بجاء ھڪ ھجوم ، جھڙا ڦٽ سڪن ته شايد ئي پوء غور ڪيون ۽ دردن جو درمان ڳولھڻ لاء علم جي واٽ وٺون جئين جپانين ڪيو- دنيا جي نقشي تان مٽجي ويا گڏ ٿيا قلم کڻي ميدان ۾ آيا ۽ اڄ انھن جي ھر شيء made in Japan ھڪ تسلي جو نالو بڻجي ويو آھي-

عبيد ٿھيم سلمان وساڻ ۽ سندن ٽيم جو ڪيل ڪم ساراھ جوڳو آھي، ھنن ھڪ اھڙي لائبريري تيار ڪئي آھي جيڪا اسان پنھنجي کيسي ۾ کڻي گھمي سگھون ٿا ، جنھن ۾ ھو چاھين ته انگليش اردو ڪتاب رکي سگھن ٿا، پر انھن جو ائين نه ڪرڻ، ان ڳالھ جي ثابتي آھي، ته ھو پنھنجي معاشري کي پنھنجي ٻولي ۾ پاڻ بدلائڻ جي جستجو ۾ رڌل آھن، دنيا جي سڄي تاريخ ۾ علم ئي ھيو جنھن دنيا جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيو جڏھن اسان عشق جي ابتي وڻن جون پاڙون ڏسڻ ڇڏينداسين تڏھن اسان کي سمجھ ايندو ته ھا واقعي اھو علم ئي آھي، جيڪو زندگي جي پيڙائن کي تباھ ڪرڻ لاء بارود جھڙو ڪم ڪري ٿو، اھڙو بارود ٻين تائين رسائيندڙ سپاھي جو به قدر ڪرڻ گھرجي، عبيد ٿھيم منھنجو اھو دوست آھي، ھن جون ڳالھيون مونکي ائين اوچتو ٽھڪ ڏيارينديون آھن، جئين ماني کائڻ وقت اچانڪ ھاون تي گرھ چڙھي ويندو آھي،- حيدرآباد جي اھا حسين شام جي ھوا جيڪا اجنبين کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري پنھنجو ڪندي آھي، ۽ اھڙي شام کان پوء ھن دوست مونکي اھا رات به ڏيکاري جنھن جڳھ تي رھياسين اھا ڪوھ ڪاف جھڙي ھئي، جتي طرفن جي ڪا خبر نه ھئي، اولھ آسمان جھڙو پئي لڳو ۽ اوڀر زمين جھڙو باقي ڏکڻ ۽ اتر ۾ صرف منھنجا خالي ھٿ بچا جتي رڳو بنجر صحراء جھڙي خوفناڪ سڃ ئي سڃ ھئي، اھو خوف ختم ڪرڻ لاء ھن منھنجي ھٿن ۾ نوجوان ليکڪ عباس ڪوريجو جو ڪتاب وڻ ڏئي ڇڏيو،________

عبيد ٿھيم ھن وقت عالمي عياشگاھ دبئي جا مزا ماڻي رھيو آھي، ۽ مان ڪيترائي ڀيرا حيدرآباد اچي ھن يار جي نه ھجڻ جو فرق ان پل مٿان بيھي محسوس ڪيو جنھن جي ھيٺان ريل جون پٽڙيون ڄڻ منھنجي ھٿن جون خالي ريکائون آھن، عبيد سان گذريل ڏينھن، راتيون، ھوا، برساتون سڀ منھنجي دل جي ڊائري ۾ قيد آھن، جيڪي سالن جي ڪلينڊر جيان ڪڏھن به بدلجي نه ٿيون سگھن، آخر ۾ عبيد لاء اھا بددعا آھي ته ھو سدائين پنھنجي ڪم ۾ رڌل رھي، شال فرحت جي ڪا فرست نه مليس،_

ادب دنيا جو خاموش خدمتگار پبليشر ھوش ڀٽي

ادب دنيا جو خاموش خدمتگار پبليشر ھوش ڀٽي
ادب دنيا جو خاموش خدمتگار پبليشر ھوش ڀٽي

ھوش محمد ڀٽي سڦلتا پبليڪيشن جو خالق آھي، ان کان پھريان ھوش محمد جا ڪيترائي ڪتاب ناول ڪھاڻيون تجزيا پڻ مختلف اخبارن ۽ پڙھندڙ جي ذھني خوراڪ بڻيا آھن، ھوش محمد ڀٽي کي پرکيندي مونکي اٽلي جي Alberto Moravia ناولنگار ۽ صحافي جو قصو ياد اچي ٿو- جنھن پنھنجي ڪتاب جي ڇپائي لاء ڪيترائي ڏينھن اٽلي شھر جي مختلف پبليشرن سان ملندو رھيو، پر ڪٿان به ھن کي ڪا واھ نظر نه آئي، ھن توڪل ڪري پنھنجي پرنٽنگ پريس کولي ۽ ليکڪن کي ڪيترائي فائدا ڏيندي 6 مھينن اندر اٽلي جي تمام پرينٽنگ پريس کي پنھنجي نالي ڪري ورتو، ۽ پبليشرن جي ھڪ ھٺي ٽٽڻ کانپوء ھڪ سال اندر اٽلي ۾ 1500 کان مٿي ڪارائتا ڪتاب شايع ٿيا،- تڏھن ھن پنھنجي نوٽ بڪ ۾ لکيو ھيو تہ، "مان ليکڪ جي لحاظ کان ھڪ "پکي جي زندگي" کي قلمبند ڪيا ٿو، ۽ پبليشر طور مان ان پکي کي اڏامڻ لاء پر ڏيان ٿو-

برٽش ليکڪه J. K. Rowling جنھن وڏي شوق ۽ چاھ سان پھريون ناول Harry Potter لکيو، ان جي ڇپائي لاء ڪيترا ڀيرا پبليشرن جا چڪر ڪاٽيا، پر ھن کي اھو چئي موٽايو ويو ته اوھان جو ھي ناول ڪنھن ڪم جو ناھي، پر "جي ڪي" ھار نه مڃي ٻن سال کان پوء آخرڪار 1997 ۾ ھڪ پٽ تي پيل پبليشر چيو تباھ ته ھوئين آھيان پر ھاڻي ويندي ويندي ھي ناول شايع ڪيون ٿا پوء جيڪو ٿيو جڏھن اھو ناول ڇپيو ته ھزارن جي تعداد ۾ اھي ڪاپيون وڪرو ٿيون پبليشر سميت "جي ڪي" به مالي طور خوشحال ٿي وئي، ھن وقت 50 کان وڌيڪ ان ناول جا ايڊيشن اچي چڪا آھن ۽ ڪيتريون ئي فلمون سيزن سيريز موويز به ان تي ٺھي چڪيون آھن، معلوم ٿيو ته ڪنھن جي به تخليق کي گھٽ نه ڪجي جي اھا ڪارائتي آھي ته ان کي عوام جي ھٿن تائين پھچائجي،___

ائين ئي اسان وٽ ادب دوست انسان جيڪو پنھنجي طبيعت ۾ انتھائي حساس ۽ نيڪ دل جو مالڪ آھي، ھن پھريان پنھنجا ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا پر پبليشرن جا حال ڏسي ھن عھد ڪيو ته ھاڻي اھو ڪم به پاڻ کي ڪرڻو آھي ڇو ته " لفظن جي ديوارن سان مصنف ھڪ گھر تيار ڪري ٿو، ۽ پبليشر ان گھر کي محل جي صورت ۾ روشناس ڪرائي ٿو " ۽ پوء ھن وچن ڪيو تہ اھو فيصلو ذاتي منھنجو ناھي پر سنڌ جي انھن تمام اڀرندڙ نوجوانن جي حق جو نعرو آھي، ته ڪو اچي اسان جي تخليقن کي ميڙي سھيڙي عوامي ميڙ تائين پھچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي، ۽ ھن وقت اھو مخلص ليکڪن جي احساسن ۽ جذبن جي حق جو پرچم سڦلتا پبليڪيشن جي قافلي جو نشان آھي، ھي معاملو صرف اتي ختم ناھي پر سنڌ جو گھڻو تڻو نوجوان سڦلتا پبليڪيشن ڏان ان ڪري رخ رکي ٿو جو پبليڪيشن جي فائونڊر کي صرف پئسو ڪمائڻو ناھي پر ھو سچي ۽ مخلص دل سان سنڌي ادب جي خدمت سان گڏ نوجوانن کي لکڻ جي ميدان ۾ اتساهيندڙ عمل جو سگھارو آواز بڻجي چڪو آھي، ان نتيجي ۾ ھن سال 2023 ۾ سڦلتا پبليڪيشن پاران 30 ڪتاب شايع ٿيا،

ھوش محمد ڀٽي جرمن Hermann Hesse ليکڪ جيان مخلص پڻي کي دولت کان وڌيڪ سمجھيو آھي، ھن جي مزاجن ۾ نرمي سادگي جي خوبي سان گڏ ھن سچي قلمڪار جيان سدائين پنھنجي دل جي ٻڌي آھي، ھي ڌن جي دلدل ۾ ڦاٿل دماغ وارن منجھان ناھي، انڪري ھن مسلسل پنھنجي ڪم کي اصولي ضبط جي نظر ۾ رکندي وقتن به وقتن 9 سال پنھنجي اداري کي ڏنا آھن، تنھن جو ڪم ھن وقت نوجوانن جي سڃاڻپ بڻجي ويو آھي، ھن اشاعت واري ڪم ۾ وقفو ضرور آندو پر غير معياري لکتن کي ڇاپڻ کان انڪار ڪيو. - ھن جو ڪم صرف اشاعت تي ٻڌل ناھي پر ھن شخص جو ادبي پاسو سگھارو آھي، ھن پنھنجي لکت ۾ وڏن نام نھاد ادبي ٽريفڪ پوليس وارن جو ورديون لاھي چٽ ڪرڻ جي ڏوھ ۾ پڻ پوئتي ڌڪيو ويو آھي، پر ميڙاڪن محفلن توڙي جو وڏن واتن جي داد کان پري رھيل ھوش پنھنجي فطري ڪيفيت ۾ مدھوشي واري سرور ۾ پنھنجو پاڻ مڃايو آھي، ان سان گڏ ھن جي تنقيد ۾ پليجي صاحب جي ڳآلھ وانگر رحم ۾ گنجائش نظر نٿي اچيو، پر ڪٿي ڪٿي ھي اڪبر لغاري جي جي ڳالھ وانگر ڪڏھن ڪڏھن ھوميوپيٿي واري تنقيد به ڪندو آھي،

تنقيد جا معيار دنيا جي تاريخ ۾ وسيع رھيا آھن، جڏھن روسي ناولنگار دوستووسڪي تي پنھنجي مداح تنقيد ڪئي ھئي ته دوستووسڪي آپي مان نڪري پنھنجي مداح جي ٻانھن ڀڄي ھئي، Johanna Schopenhauer تي جڏھن خاموش مزاج، ناياب تخليقن جي مالڪ سدوري پٽ جرمن فلاسفر Arthur Schopenhauer تنقيد ڪئي ته مٿس ماڻس وڄ وانگر ڪڙڪي پئي ۽ نشي جي حالت ۾ شوپنھار کي ڏاڪڻ تان ڌڪو ڏئي ٽن ھندن تان ٽنگ ڀڳي ھئاسين، تنقيد جي مار رڳو اتي ختم نه ٿي پر Johanna جرمن جي وڏي ناولنگار تخليقڪار Johann Wolfgang von Goethe گوئٽي جي تنقيد برداشت نه ڪري سگھي ۽ گوئٽي کي سگريٽن وارو "ايش ٽري" اڇلائي ھيائين، جنھن تان ذري گھٽ گوئٽي جي اک نڪتي ھئي، جنھن جوھنا تي تنقيد ڪئي، اھو ڪلھ مري ويو مائي تنقيد نه برداشت ڪرڻ جي صورت ۾ پٽ مڙس دوستن کي ته نه بخشيو پر ھڪ پبليشر Joachim Heinrich Campe اعتراض ڪيو ته جوھنا جون تخليقون پنھنجون ناھن ھو ڪنھن کي ادبي کاٽ ھڻي اچي ٿي، مائي کي خبر پئي تيز رفتار گاڏي ڪاھي Joachim جو ايڪسيڊينٽ ڪيائين جيڪو زخمي ٿيو ھن جي "کاڏي - ڄاڙي" لھي پئي ويچارو کائڻ پيئڻ کان ويھي ويو، مائي وڏي بخيل ھئي ائين ھڪ ٻئي تنقيد ڪندڙ Wilhelm von Humboldt جي گھر ۾ گھڙي ھن جو الھ تلھ ساڙي ۽ زال جا وار ڪٽي ڇڏيائينس، مائي ادبي چور ھئي اھا گوئٽي کي خبر ھئي پر ھن سان ڪير ڳالھائڻ لاء تيار نه ھوندو ھو، جرمن ڪسينو ۾ جنھن مائي جي تخليق تي واھ واھ يا داد نه ڏنو ان کي وائين Wine وارو شيشو اڇلي ھڻندي ھئي، ائين ڪيترن ئي تنقيدنگارن کي نيپولين، اٽلي جي وزير اعظم Francesco Crispi نيرو سميت ڪيترن ئي اھڙن ماڻھن تنقيدنگار کي تلخ سزائون ڏنيون، نيرو نقادن کي اس تي ٻڌي سزا تور ان کي vultures حوالي ڪري ڇڏيندو ھو، ۽ اسان وٽ وري تنقيدنگار تي مختلف الزام ھڻي، ھن کي ديوار سان لڳايو ويندو آھي،- سنڌ جي تنقيد نگارن ۽ تخليقڪار جا جيھڙا به نرالا آھن جن ھڪٻئي کي جيلن ۾ ويجھاريو،____

__________________
پورو ٿيو