ناول

آسمان جي ھيٺ

خدا بخش مغل لکي ٿو تہ ھن ناول جي رنگيني نہ تہ ڪو ھيرو، نہ ھيروئن ۽ نہ تہ ڪو عشقيا داستان آھي. ھن ڪتاب ۾ فقط سماج کي وِلين جي حيثيت سان پيش ڪيو ويو آھي. منجهس ڏيکاريو ويو آھي، تہ انڌي سماج جو آواز ڪھڙيءَ طرح اکين وارن کي اکين پورڻ تي مجبور ڪيو ڇڏي. ھو پنھنجي بلند ۽ زوردار آواز جو رعب اسان تي ايتري قدر وھاريو ڇڏي جو اسين سڀ ڪجهہ خاموشيءَ سان لٽائيندا رھون ٿا. سماج صدين کن انسان جو دشمن آھي ۽ خوشيون ڦريندو ٿو رھي. 

Title Cover of book آسمان جي ھيٺ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ناول نگار  خدا بخش مغل جو لکيل ناول ”آسمان جي ھيٺ“ پيش آهي. 
خدا بخش مغل لکي ٿو تہ ھن ناول جي رنگيني نہ تہ ڪو ھيرو، نہ ھيروئن ۽ نہ تہ ڪو عشقيا داستان آھي. ھن ڪتاب ۾ فقط سماج کي وِلين جي حيثيت سان پيش ڪيو ويو آھي. منجهس ڏيکاريو ويو آھي، تہ انڌي سماج جو آواز ڪھڙيءَ طرح اکين وارن کي اکين پورڻ تي مجبور ڪيو ڇڏي. ھو پنھنجي بلند ۽ زوردار آواز جو رعب اسان تي ايتري قدر وھاريو ڇڏي جو اسين سڀ ڪجهہ خاموشيءَ سان لٽائيندا رھون ٿا. سماج صدين کن انسان جو دشمن آھي ۽ خوشيون ڦريندو ٿو رھي. 
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1960ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1990ع ۾ عظمت اڪيڊمي، حيدرآباد  پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان  اوھان اڳيان آڻجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي