شاعري

ڪاش!

”علي محمد درد سولنگي پراڻن پنڌن جو راهي آهي سندس شاعريءَ جو مجموعو ڪاش خوبصورت احساسن جو اظھار آهي. علي محمد درد سولنگي هڪ ڪھنہ مشق شاعر آهي جنھن جي شاعريءَ ۾ ميچورٽي سان گڏ زندگيءَ جي حقيقت پڻ نظر اچي ٿي هن تقريبن هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ پنھنجي جذبن جو ڀرپور اظھار ڪيو آهي ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نہ آهي تہ هو زندگيءَ جي پيڙائن جو شاعر آهي. مجموعي طور علي محمد درد سولنگيءَ جو هيءُ ڪتاب ”ڪاش“ هوا جو هڪ تازو ۽ سرهو جهوٽو آهي جنھن ۾ احساسن جا سڀئي رنگ شامل آهن.“

  • 4.5/5.0
  • 29
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڪاش!

ڪتاب جا حق ۽ واسطا شاعر وٽ مَحفوظ

ڪتاب جو نالو: ڪاش!
موضوع: شاعري
ليکڪ: علي محمد درد سولنگي
ڇاپو پھريون: جون 2019ع
ڪمپيوٽر لي آئوٽ: مور ساگر
ڪمپوزنگ: جهانزيب علي جوڻيجو
ڇپائيندڙ: ساحل پبليڪيشن حيدرآباد
ڇپيندڙ: ساحل پرنٽر اينڊ پبليشر حيدرآباد 03332634650

قيمت: -/360 روپيا


ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2024ع

ارپنا

تنھنجي نانءِ

آڌيءَ رات جو
جڏهن ماڻھو
مٺيءَ ننڊ جا
مزا ماڻڻ ۾
مگن هوندا آهن
تڏهن آئون
تنھنجي تاتِ ۾ تڙپندي
تنھنجي طلب جي
تسبيح سوريندي
تنھنجي تانگهہ جو تھجد پڙهندي
ربّ کان
تنھنجو پيارُ پنندو آهيان
اميد اٿم
ﷲ منھنجي
اها عبادت قبول ڪندي
توسان ملائڻ جي
مھرباني ضرور ڪندو.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثرنگار علي محمد درد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪاش !“ اوهان اڳيان حاضر آهي. فرزانا شاھين لکي ٿي:
”علي محمد درد سولنگي پراڻن پنڌن جو راهي آهي سندس شاعريءَ جو مجموعو ڪاش خوبصورت احساسن جو اظھار آهي. علي محمد درد سولنگي هڪ ڪھنہ مشق شاعر آهي جنھن جي شاعريءَ ۾ ميچورٽي سان گڏ زندگيءَ جي حقيقت پڻ نظر اچي ٿي هن تقريبن هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ پنھنجي جذبن جو ڀرپور اظھار ڪيو آهي ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نہ آهي تہ هو زندگيءَ جي پيڙائن جو شاعر آهي. مجموعي طور علي محمد درد سولنگيءَ جو هيءُ ڪتاب ”ڪاش“ هوا جو هڪ تازو ۽ سرهو جهوٽو آهي جنھن ۾ احساسن جا سڀئي رنگ شامل آهن.“
هي ڪتاب ساحل پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون مور ساگر جا، جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ مھرباني علي محمد درد سولنگيءَ جي جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر پاران

’ڪاش!‘ هي ڪتاب انھيءَ شاعر جو آهي جيڪو هميشہ درد کي دِل جي اندر رکندو آهي، ۽ پاڻ کي علي محمد ’درد‘ سولنگي سڏائي ٿو. ڪنھن شاعر چيو آهي تہ:
ڪو درد ٿو ماڻھو کي ٺاهـي ڇڏي،
ڪو درد ٿو پاڻ سان وڃي گڏ وٺي.
ساحل پبليڪيشن طرفان علي محمد ’درد‘ سولنگي جو هي پھريون ڪتاب ڇپيو آهي، هوئن تہ سندس هي ستون ڪتاب آهي، هن کان پھرين پنج شاعري ۽ هڪڙو ڪھاڻين جو ڪتاب شايع ٿي چُڪا آهن. درد جي شاعري جڏهن اوهان پڙهندا تہ اوهانکي بہ درد، پيڙا، چاهت تہ ڪٿي وري ماڻا ۽ محبت بہ نظر ايندي.
ڪاش! ڪتاب جو نالو ڇو رکيو ويو؟ جڏهن اوهان ڪتاب کي پڙهندا تہ هن ۾ ڄامشوري جا خوبصورت منظر، منظرن ۾ ڪھاڻيون ۽ اهي ڪھاڻيون ۽ منظر اوهان کي شعر جي روپ ۾ پڙهڻ لاءِ ملندا تہ اوهان کي ڪاش! بہ سمجهہ ۾ اچي ويندو.
ساحل پبليڪيشن طرفان علي محمد ’درد‘ سولنگي جو هي شاعري جو مجموعو ’ڪاش!‘ ڇپائي اوهان پڙهندڙن تائين پھچائيندي سُرهائي محسوس ٿي رهي آهي. اها اميد اٿئون تہ هن شاعري جي ڪتاب ڪاش! کي پڙهي پنھنجي راءِ کان آگاه ڪندا.
اوهانجي محبتن جو منتظر.

مور ساگر
03332634650
03002634650

شاعر پاران: ڪٿي ٿا چئون پنھنجو نالو ٿئي!؟

ڪافي ڏينھن کان عجيب ڪيفيت ۾ آهيان، ڪاغذ قَلَمُ هٿَ ۾ کڻي ويھي سوچيندو آهيان تہ پنھنجي هن مجموعي لاءِ ٻہ اکر لکان، پر سَمجهہ ۾ نہ اِيندو اٿم تہ ڇا لکان، بقول ادل سومرو:
لفظ پينون فقيرن جيان درَبدر
ڳالھہ دل جي چپن تي نہ پھچي سگهي
دل جي ڳالھہ چپن تائين تہ ڪو نہ پُھتي، پر قلم جي نوڪ مان بہ لفظ ڪو نہ پيا نڪرن/لکجن، ابتا سبتا جملا لکي وري ڊاهي يا پنو ڦاڙي ٿو ڇڏيان، ڪنھن مھل ڪجهہ لکندي هٿ ڏڪڻ لڳن ٿا، ڪنھن مھل اکُيون آلُيون ٿي وڃن ٿيُون، چپ ڦڙڪڻ لڳن ٿا، دل جي ڌڙڪن تيز ٿي/وڌي وڃي ٿِي ۽ سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي تہ ڇا لکان!؟
مُنھنجي شاعريءَ جو مجموعو اوهان جي هٿِن ۾ آهي، اُن ۾ ڪي آيتون يا نيون/ادبي روايتون نہ آهن، پر هن ۾ مُنھنجي قلب جون ڪلُ ڪيفيتون، منَ جون مِڙئي مُحبتون، چپن واريون چاهتون، اندر جُون الفتون، روح جون رُغبتون، تانگهہ واريُون تُھمتون، سِڪ واريُون ساعتون، هجر جون حقيقتون، هڙئي حسرتون، جذبن جُون شِدتون، نارسائيءَ جو درد ۽ اُن درد جون لذَتون آهن.
شيڪسپيئر چيو تہ:
“We don’t die when death comes to us, but we die
When we are forgotten by our own dears.”
...... ۽ جڏهن ائين ٿيندو آهي تہ پوءِ انسان اندر ئي اندر ڀَڄي ڀُري پوندو آهي ۽ دردَ Heart تي Attack ڪندا آهن، جيڪي Heart Attack جو سبب بڻجندا آهن.
آئون بہ اُنھي ڪيفيت مان گُذِري رهيو آهيان،
میں پل دو پل کا شاعر ہوں، پل دو پل میری کہانی ہے،
پل دو پل میری ہستی ہے، پل دو پل میری جوانی ہے،
رخسانہ پريت چواڻي تہ:
ڪٿي ٿا چئون پنھنجو نالو ٿئي،
اسان جي غمن جو ازالو ٿئي.
پر، شايد. اسان جي غمن جو ازالو ٿيڻ مشڪل ئي نہ پر ناممڪن آهي، پوءِ بہ اوسيئڙو رهندو.


علي محمد درد سولنگي
03322795990

شاعري

---

سُونھن تو ۾ سُرورُ ڪيڏو آ.

سُونھن تو ۾ سُرورُ ڪيڏو آ.
اُن سان گڏُ گڏُ غرورُ ڪيڏو آ.

چوڏهين رات، چنڊَ جو جوڀنُ،
چاندني جو ظھورُ ڪيڏو آ.

چلولو چاھہ چوٽَ ڏئي ويو آ،
تنُ سڄو چورُ چورُ ڪيڏو آ.

تُون رهين ٿي پري پري مون کان،
هاءِ! مون سان ڪَلورُ ڪيڏو آ.

ويو ڪيو ڌارَ آهي دادوءَ کان،
ڄامشوري جو سُورُ ڪيڏو آ.

دل جو دَرِپنُ ٽُٽي ٿيو ٽُڪرا،
درد ۾ پُور پورُ ڪيڏو آ.

روزاني ڪاوش 14 جنوري 2011ع

گُلابِي ڳلنِ تان، شرابي اکين تان.

گُلابِي ڳلنِ تان، شرابي اکين تان.
مان صدقو وڃان، چاڪليٽي چپن تان.

هنئي جنِ تي تو آهي ميھڙِ جي ميندي،
لھي رنگ حِنا جو نہ اُنھن هٿنِ تَان.

کلڻ وقتِ تُنھنجي ڳلن تي ٺھن ٿا،
وڃان گهور تُنھنجي ڳلن جي چُگهن تان.

اٿئي چنڊُ چھرو ۽ بخمل بدن ٿئي،
هٽي اک نہ ٿي تنھنجي وارن وڏن تان.

مِٺي مُرِڪ تُنھنجي ڇڏيندي آ لاهي،
مايوسي سندو ڄارو مايوسُ من تان.

چوي دل ٿي مُنھنجي ڪيان ساھہ صدقو،
ڦُلِي، هار، پازيب، سوننِ ڇلنِ تان.

هر وقت تُون رهين ٿي، نيڻن جي ڀاڪُرنِ ۾.

هر وقت تُون رهين ٿي، نيڻن جي ڀاڪُرنِ ۾.
سُھڻي سُٺي لڳين ٿي، نيڻن جي ڀاڪُرنِ ۾.

ديدُن سان ديد جانم! ملندِي جڏهن آ پنھنجي،
ڇرڪِي تڏهن ڇپين ٿي، نيڻن جي ڀاَڪُرنِ ۾.

جيڏانھن ٿو نھاريان، اوڏانھن تُون ئي تون آن،
مُرِڪي اچي ملين ٿي، نيڻن جي ڀاڪُرنِ ۾.

ڪڏِ آفتاب وانگي، ڪڏِ ماهتاب وانگي،
اڀرِين ۽ تون لھين ٿي، نيڻن جي ڀاڪُرنِ ۾.

اکڙِيُن جي آرسي ۾، صورت سَدائين تُنھنجي،
سرمي جيان هَجين ٿي، نيڻن جي ڀاڪُرنِ ۾.

هِن هانوَ جي هِندوري سپنن جي سيجَ تي تون،
هر راتِ جو سمُھين ٿي، نيڻن جي ڀاڪرُنِ ۾

عوامي آواز سنڊي مئگزين 07 آگسٽ 2011ع 

تون مُرڪ کِلنِ مُکڙيون.

تون مُرڪ کِلنِ مُکڙيون.
ڏي ٽھڪ ٽِڙنِ مُکڙيون.

چپ تُنھنجا نرم نازڪ،
ڄڻ گل جون هُجنِ مُکڙيُون.

ماحولُ پوي مھڪي،
جي مُرِڪي پونِ مُکڙِيون.

چپ چاپ خاموشي سان،
ڇا ڇا نہ سَلِنِ مُکڙِيون.

شوخي ۽ شرارت سان،
ڀرپورُ لڳنِ مُکڙيُون.

ڪو آهي؟ ڇُھي ڇيڙي،
دل منجهہ چَونِ مُکڙيُون.

ڪائنات پوي جهومي،
جنھن وقتِ ملنِ مُکڙيون.

ٿي دنگُ وڃي دُنيا،
جَي رنگُ رچنِ مُکڙِيون.

سَمُونڊ اکيُون، شرابُ اکيُون.

سَمُونڊ اکيُون، شرابُ اکيُون.
قرارُ اکيُون، عذابُ اکيون.

نظر نظر سان جڏهن ملي ٿي،
ٽڙِي ٿينِ ٿيون گلابُ اکيون.

سِتمَ مٿان ڪنِ ستمَ ستمگر،
نقابَ ۾ بي نقابُ اکيُون.

غضب جي تنِ ۾ ڪشش هجي ٿي،
گناھہ اکيُون، ثوابُ اکيون.

ڪي هيسيل هرڻيُن جيان ۽
ٿين وريَ ڪي عقابُ اکيُون.

ڪِٿي ڪٿي آفتابُ اکيون،
ڪٿي وري ماهتابُ اکيون.

ڪمال ۽ لازَوال اکيُون،
لکنِ ۾ ڪي لاجوابُ اکيون.

هَڻِي هَڻي بيھہ، مگر نہ حلُ ٿئي،
رياضي جو ڄڻ حسابُ اکيُون.

ڏسان، پڙهان ۽ چُمان ٿو تن کي،
مون لاءِ مقدس ڪتابُ اکيُون.

سوڀ سنڊي مئگزين 12 فيبروري 2012ع 

اقرارُ کپي تُنھنجو.

اقرارُ کپي تُنھنجو.
ديدارُ کپي تُنھنجو.

ڪجهہ ڪِين ٻِيو گُهرجي،
بسِ، پيارُ کپي تُنھنجو.

هِن پِيار ڪھاڻي ۾،
ڪردارُ کپي تُنھنجو.

هِن دل کي دلاسو ۽
آڌارُ کپي تُنھنجو.

او سُونھن جي شھزادي!
سھڪارُ کپي تُنھنجو.

پاءِ نيڻن ۾ ڪجلُ.

پاءِ نيڻن ۾ ڪجلُ.
ڪو نئون لکجي غزلُ.

رات گذري ئي نہ ٿي،
وِجهہ تون وارن ۾ بڪلُ.

ڳالھہ ڪھڙِي آ مٺي!؟
ڇو اٿئي چھرو لَٿلُ.

مُنھنجي جيون ۾ رڳو،
رنگُ آ تُنھنجو رَتلُ.

اَچُ تون اُن ۾ رھہ اچي،
دل سندو خالي محلُ.

ٿي پوينِ مُنھنجي اگر،
ٿي پوي الفتَ سڦلُ.

تُنھنجي جواني، روپُ ۽ رنگُ.

تُنھنجي جواني، روپُ ۽ رنگُ.
هوشُ کسي ٿو هر هڪ انگُ.

ڪنھن سان ڀيٽي، ڪنھن سان ڀيٽيان،
سڀ کان نرِالو تُنھنجو ڍنگُ.

چئنيِ پاسي سازَ ڇڙن ٿا،
چورين چپنِ وارو جي چنگُ.

مون کي قابُو قيدُ ڪيو ٿئي،
وارن وارو وڌو ٿئي ونگُ.

ڏاڍو وڻي ٿو، پيارو لڳي ٿو،
سُھڻي تُنھنجو، سُھڻو سنگُ.

اهڙو مولا حسنُ ڏنو ٿئي،
رهجي وڃي ٿو هرڪو دنگُ.

چينُ نہ رهيو، ننِڊَ ڦِٽِي وئي،
نينھن جي نانگ هَنيو آ ڏنگُ.

چنبيلي چپن جِي چَرِي چُپ ٿي ماري.

چنبيلي چپن جِي چَرِي چُپ ٿي ماري.
وِکيريندي مُرِڪون، وَرِي چُپِ ٿي ماري.

خُماريل کڻي نيڻ تو جو نھاريو،
اسان جا ويا ٺپَ ٺرِي، چُپِ ٿي ماري.

چپن کي سَدائين چڱو ناهي تالو،
ڪڏهنِ کول دل جي دَرِي، چُپِ ٿي ماري.

ڏسِي حسنُ تنھن جو خطا هوش ٿي ويا،
آهين حُور يا ڪا پَرِي، چُپِ ٿي ماري.

نہ اقرارُ آهي، نہ انڪارُ آهي،
کُلي ڳالھہ ڪِر، هي ڳَريِ چُپِ ٿي ماري.

قسمُ توکي تُنھنجي جواني جو جانم!
ڀري پاءِ ڀاڪرَ ڀَرِي، چُپِ ٿي ماري.

جي چئين تہ کِلان جانم!

جي چئين تہ کِلان جانم!
جي چئين تہ رُئان جانم!
تُون جيئن چوين مون کي،
مان تيئن ڪيان جانِم!

هِي پيارُ جَتايان ڪئن؟
لفظن ۾ ٻُڌايان ڪئن؟
ڪيڏو ٿي وڻين مون کي،
مان ڪيئن ڏسيان جانم!

ڏسُ پرکي ڀلي مون کي،
هي ڪنڌُ مِٺي توکي.
جي چئين تہ ڏيان ڪوري،
ٻيو ڇا مان چوان جانم!

توسان نہ ڦٽائيندُسِ،
ڏکَ سُک ۾ نڀائيندُس.
ڪافر ٿي مران آئون،
جي توکان ڇڄان جانم!

جي ويھين اچي ويجهو،
هي درد ويندو دل جو.
مان تو تان علي مَحمدِ
چئي صدقو وڃان جانم!

صدمن جي ستايل کي، اُلڪنِ جا ڏنئي تُحفا.

صدمن جي ستايل کي، اُلڪنِ جا ڏنئي تُحفا.
مُرڪُنِ جي ڇني مالھا، لُڙِڪن جا ڏنئي تحفا.

سَڀُ آسون اُميدون تو، رکَ منجهہ رَلي ڇڏيون،
ٽھڪن تي رکي ٽانڊا، سُڏڪن جا ڏنئي تحفا.

جنھن دل ۾ رُڳو تون هُئين، تَنھن دل جا ڪيئي ٽُڪرا،
ٽُڪرن جا ڪري ٽُڪِرا، ٽُڪَرن جا ڏنئي تحفا.

نيڻن کان کسي ننڊون، اوجاڳا بَڇي ڇڏيئہ،
سپننِ کي ڏئي تيلي، سُورن جا ڏنئي تحفا

افسوس اٿم ڏاڍو، ٿئي قھرُ ڪيو مون سان،
جذبنِ کي گُهٽي گهوگهي، دردن جا ڏنئي تحفا.

تُنھنجن نيڻن جي

تُنھنجن نيڻن جي.
ڪھڙي ڳالھہ ڪجي!

رتُ ٿو ڏسجي جِن منجهان،
ڳاڙهن ڳلڙن جي.
ڪھڙي ڳالھہ ڪجي!

مُرڪڻ تُنھنجي موهيو،
سنھڙن چپڙن جي.
ڪھڙي ڳالھہ ڪجي!

واسينگن وانگي لڳنِ،
ڪارن زُلفن جي.
ڪھڙي ڳالھہ ڪجي!

نرم صفا جھڙا پشم،
تُنھنجنِ هٿڙن جي.
ڪھڙي ڳالھہ ڪجي!

چاندِيءَ جھڙيون آڱريُون،
سوننِ ڇلڙن جي.
ڪھڙي ڳالھہ ڪجي!

هزار داستان جنوري 1994ع 

ڪاش!

ڪاش!

لائي سيني ساڻ هلين ها،
ڏاڍو منھنجو خيالُ رکين ها،
غور سان مون کي روزُ پڙهين ها.
ڪاش! ڪتابُ هُجان ها مان.

نِنڊَ ڪرين ها توڏي اچان ها،
پنبڻينُ مان پيھي وڃان ها،
تُنھنجي اکڙين منجهہ رهان ها.
ڪاش! ڪو خوابُ هجان ها مان.

تُنھنجي هٿڙن منجهہ سجان ها،
تُنھنجي وارن منجهہ لڳان ها،
توکي ڏاڍو آئون وڻان ها.
ڪاشِ! گُلابُ هجان ها مان.

تُنھنجي ڳلڙن کي تہ ڇُھان ها،
تُنھنجي چپڙن کي بہ چمان ها،
تنھنجي نڪَ تي ڏاڍو ٺھان ها.
ڪاش! نقابُ هجان ها مان.

اکيُن ۾ اوجاڳا رهيا عمر ساري.

اکيُن ۾ اوجاڳا رهيا عمر ساري.
اسان آهي هر راتِ لُڇندي گُذارِي.

نہ خوابن جُون پَرِيُون ڪي نيڻن ۾ لٿيُون،
نہ ئي پلُ پَھرُڪو اکيون سک سان سُتيوُن،
ازل کان انھن کي ملي بيقراري.
اسان آهي هر راتِ لُڇندي گُذاري.

نہ ڪو سُک، نہ ڪو چينُ، مقدرَ ۾ مليو،
سدا روحُ بيچين اندرَ ۾ رهيو،
اسان تڙپندي هر گهڙي آهي گهاري.
اسان آهي هر رات لُڇَندي گذاري.

ڪڏهن ڪِين دل کي ڪو آرامُ آيو،
سَدا درد سُورن، اسان کي ستايو،
ڪئي آهي صدمنَ رُڳو مارا ماري.
اسان آهي هر راَتِ لُڇندي گُذاَري.

لبن جي لامَ تان اُڏندڙَ، اِهي مُرِڪُون وَڻنِ تُنھنجون.

لبن جي لامَ تان اُڏندڙَ، اِهي مُرِڪُون وَڻنِ تُنھنجون.
چپنِ کي چاھہ مان چُمندڙَ، اِهي مُرِڪون وڻنِ تنھنجُون.

عجب شوخي شرارت سان کلن ۽ بند ٿين ٿا چَپَ،
کلڻ سان چُگهہ ڳٽنِ ٺھندڙَ، اهي مُرِڪون وڻنِ تُنھنجون.

چوڌاري مُشڪ عنبرَ جي کنڊيڙي ٿيوُن ڇَڏنِ خوشبوءِ،
چپنِ مکڙيُنِ منجهان ٽڙندڙَ، اهي مُرڪوُن وڻن تنھنجون.

وجهنِ موهي صفا بلڪُل، هُجنِ ڄڻ ڪي حَسين پرِيُون،
چپنِ ڪوھہ قاف تان اُڏندڙَ، اهي مُرِڪُون وڻنِ تُنھنجون.

ڪري هِي مستُ جهومائنِ نہ جهلئي جَهلَ ڏين جذبا،
مِي رقصم جي صَدا هڻندڙَ، اهي مُرِڪون وڻنِ تَنھنجون.

اکين جي افق تان ٿيندي هِي ڪُونجن جي قطارُن جئان،
چپنِ جي سرِزمين لھندڙَ، اهي مُرڪون وڻنِ تُنھنجون.

هَڻِي ڇوليُون ڇُلنِ ٿيُون، هي سنِڌوءَ جي وهڪُرنِ وانگي،
وڏي اندازَ سان وهندڙَ، اهي مُرِڪون وڻنِ تُنھنجون.

وِسري نہ ٿي

وِسري نہ ٿي

دل جي اندرِ ٿي رهي نڪِري نہ ٿِي.
هُنَ سوا هڪ ڀي گهڙي گُذري نہ ٿي.
ڪوششون ڏاڍيون ڪيم وسري وڃي،
پر، مون کان هڪ پوپِري وسري نہ ٿي.

سِڪَ، پيارُ، عِشقُ

سِڪَ، پيارُ، عِشقُ

جهلَ نہ ڪنھنجي وٺي، عشقُ جهلجي ڪٿي.
روڪ ۽ ٽوڪ تي پيارُ پلجي ڪٿي.
پھرا پابنديُون، دورِيون ڇا ڪندِيُون؟
ڪوٽَ ۾ قيدُ ٿي سِڪ ٿي گهٽجي ڪٿي.

پلجي نہ ٿي

پلجي نہ ٿي

ياد ڪنھن جِي ذِهنَ تان مِٽِجي نہ ٿي.
سِڪ ويتر ٿي وڌي، گهٽجي نہ ٿي.
دل چري آهي، صفا آهي چَريِ،
ٿو پلڻِ چُاهيان مگر پلجي نہ ٿِي.

ڳل تي تُنھنجي تِرُ

ڳل تي تُنھنجي تِرُ
او جاني! ڳل تي تُنھنجي تِرُ.

تِر تہ مون کي موهي آ ڇڏيو،
ساھہ تہ منھنجو سوگهو آ ڪيو،
دل ۾ تُنھنجو گهرُ،
او جاني! ڳل تي تنھنجي تِرُ.

لوڏَ تہ تُنھنجي لک لھي ٿي،
ٽورَ تہ تُنھنجي مورَ مُنڊي ٿي،
قدم قدم تي ڪيئي ڪُھي ٿي،
هاءِ! دليُنِ ۾ وَڍَ وِجهي ٿي،
منَ ۾ مَچي محشرُ.
او جاني! ڳل تي تنھنجي تِر.ُ

ڀؤنر ڀرُون هي تُنھنجا لڳن ٿا،
جي تون کِلين ٿي، چُگهہ ٺھن ٿا،
موهيڙا ڀي واھہ وَڻنِ ٿا،
توکي ڏسندي نيڻن ٺرن ٿا،
گهوري ڇڏيان سِرُ.
او جاني! ڳل تي تنھنجي تِرُ.

سَچُ، تُنھنجي تعريف ڪجي ڇا؟
واھہ جي سُھڻي تُنھنجي ڳچي آ،
ڏندنِ تُنھنجن منجهہ وِٿي آ،
چيلھہ تہ چُهنبُڪ جھڙي سنھي آ.
ڦَٽي ڦُلِي ويتر.
او جاني! ڳل تي تنھنجي تِرُ.

هڪڙي سندر نارَ.

هڪڙي سندر نارَ.
روز اچي ٿِي خوابَ ۾.

هُن جي اکڙُين ۾ ٺھي،
سُرمي جي ٿي ڌارَ.
روزُ اچي ٿي خوابَ ۾.

ديَد دُنالي هُن سَندي،
ابرو تيزُ ترارَ.
روزُ اچي ٿي خوابَ ۾.

تِرڇي نَظُرن سان ڪري،
منھنجي دلِ تي وارَ.
روزُ اچي ٿي خوابَ ۾.

چَنڊ جيان چھرو اٿس،
چيلھہ چُمنسِ ٿا وارَ.
روزُ اچي ٿِي خوابَ ۾.

سونھن توسان واسطو رَهندو سَدا.

سونھن توسان واسطو رَهندو سَدا.
رُوح وارو رابطو رهندو سَدا.

گُهور جي گهايل کي گولِي ڇا ڪندي؟
سِڪ سَندو هِي سلسلو رهندو سَدا.

نفرتن جي واٽَ کان ونئون ٿا وِڃُون،
پيارَ وارو پيچرو رهندو سَدا.

حُسن جون حُسناڪيُون ڀل پيُون وَڌنِ،
سڀُ سھڻ جو حوصلو رهندَو سدا.

ڪا شڪايت ڪينڪي هرگز ڪبي،
ماٺِ وارو مرحَلو رهندو سَدا.

جي خوشي مون سان نہ ڪِئي آهي وَفا،
دردُ مُنھنجو ڀرجهلو رَهندو سَدا.

روزاني ڪاوش 20 اپريل 2010ع 

جانم! جانم! تُنھنجو نامُ،

جانم! جانم! تُنھنجو نامُ،
آهي لبنِ تي صبح ۽ شامُ.

تُنھنجو جي پيغامُ نہ پھچي،
سَمِجهہ تہ مُنھنجي نِنڊَ حرامُ.

تُنھنجي هڪڙِي فون جياري،
۽ خاموشي، ڪمُ تمامُ!

سُونھن جي ديوي، روپَ جي راڻي!
آئون پوڄارِي گولو غلامُ.

تو وَٽِ آهي عقلُ، دانائِي،
مان جَھڙوڪر چِريو بامُ.

ڏاڍي تاسَ آهي تنَ منَ کي،
پيارِ پرِيتِ مَنجهان ڪو جامُ.

تون جي مُرِڪين مُکڙيون مُرِڪنِ،
تُنھنجِي ڪاوڙِ، قتلِ عامُ.

تُنھنجي مُرڪ گلابُ.

تُنھنجي مُرڪ گلابُ.
تُنھنجا ٽھڪ رابيل جئن.

موهي مستُ ڪيو ڇڏي،
تُنھنجي سونھن شبابُ.
تُنھنجا ٽھڪ رابيلَ جئن.

ماکي، مصري کان مِٺو،
تُنھنجو آھہ لُعابُ.
تُنھنجا ٽھڪ رابيلَ جئن.

ڪيڏو سُھڻو ٿو لڳي،
توکي هِيءُ نقابُ.
تُنھنجا ٽھڪ رابيل جئن.

جوڀَنُ ڏِينھن ٻہ چارِ.

جوڀَنُ ڏِينھن ٻہ چارِ.
ماڻِ تہ ماڻِيوُن مُحبتون.

ايڏو ڇرڪين ڇو پئي؟
چپڙا ڪر تون چار.
ماڻِ تہ مِاڻُيون مُحبتون.

جذبن کي جا آ لڳلَ،
آڳِ اُنھي کي ٺارِ.
ماڻِ تہ مِاڻُيون مُحبتون.

نِينھن ندِي جي او مٺي!
هلُ تہ هلون هُنَ پار.
ماڻِ تہ مِاڻُيون مُحبتُون.

دمَ تي ناهي ڀروسو،
ايئين روزُ نہ ٽَار.
ماڻِ تہ مِاڻُيون مُحبتون.

ڇا جو ڏوھہ ثوابُ،

ڇا جو ڏوھہ ثوابُ،
ماڻِ تہ ماڻيون مُحبتون.

ڏسندي مدهوشي وٺي،
اهڙو اٿئي شبابُ.
ماڻ تہ ماڻيون مُحبتُون.

ڪِين ٺھي ٿو قربَ ۾،
هيڏو هِيءُ حجابُ.
ماڻ تہ ماڻيون مُحبتُون.

ايڏو ڇَرڪين ڇو پئي!؟
رُخ تان لاھہ نقابُ.
ماڻ تہ ماڻيون مُحبتُون.

رئندي گُذري رات پرِين،

رئندي گُذري رات پرِين،
نِنڊ نہ آئي نيڻن کي.
تنَ ۾ تُنھنجي تاتِ پرين.
وائي تُنھنجي واتِ پرين.

ساھہ لڳل سَڪرات پرين،
باھہ لڳل هُئي جذبنِ کي.
ڄاڻي ربّ جي ذاتِ پرين.
رئندي گذري رات پرين.

لبڙن جي گُلابُن تان، مُرِڪن جا اُڏنِ پوپٽَ.

لبڙن جي گُلابُن تان، مُرِڪن جا اُڏنِ پوپٽَ.
ٿِي سانجهہ پوي سُرهي، ٽھڪن جا اُڏنِ پوپٽَ.

جلون کي پَسي تُنھنجي، ٿا هوشَ وَڃنِ گُمِ ٿِي،
مَنَ مَنجهہ اُٿِي جهومي، جذِبن جا اُڏنِ پَوپٽَ.

ماحول پوي مھڪي، ٿئي سارِي فضا معطر،
چَپَ کولين جڏهن پنھنجا، لفظن جا اُڏن پوپٽَ.

نومبر جي مھيني ۾، آ جسم پگهر ۾ شَلُ،
تو جِسمَ جوانِيءَ مان، شُعَلن جا اُڏنِ پوپٽَ.

ها سُونھن ڏسِي تُنھنجي ٿا شعر چونِ شاعرَ،
ٿا بيتَ، غزلَ، وايُنِ، گيتنِ جا اُڏنِ پوپٽَ.

مان دردَ جو ماريل هان، غمگين رهان هردم،
هِنِ لُڙڪ اکيُن ۾ ۽ سُڏڪن جا اُڏنِ پوپٽَ.

تُون ڄاڻين ٿي مان پاڳل هان، پاڳل کي ڇو تڙپائين ٿي؟

تُون ڄاڻين ٿي مان پاڳل هان، پاڳل کي ڇو تڙپائين ٿي؟
تُون ڄاڻين ٿي مان ڦاٿل هان، ڦاٿل کي ڇو ڦٿڪائين ٿي؟

سِڪ تُنھنجي ستائي ٿي جانم! سُک چينُ ڦٽائي ٿي جانم!
مان تُنھنجي تاتِ جو تايل هان، تايل کي ڇو ترسائين ٿي؟

بُکيو ها تُنھنجي پيار سَندو، تُنھنجي هڪڙي ديدار سَندو،
تُنھنجي قربت جو سائل هان، سائل کي ڇو سھسائين ٿي؟

جا دلِ ٿي تولئہِ دانھون ڪري، تو لاءِ مري ۽ آهون ڀري،
جا توڏي رائل مائل آ، اُن دل کي ڇو ٺُڪرائين ٿي؟

ٿي ڄاڻي واڻي ويلَ ڪرين، هر وقت ڪرين هر ويلَ ڪرين،
تون ڄاڻين ٿي مان گهايل هان، گهايل کي وري ڇو گهائين ٿي؟

هر روزُ دعائون هِن لبَ تي، شل ماڻيان تُنھنجي محبت کي،
مان تُنھنجي قرب جو قائل هان، قائل کي ڇو سمجهائين ٿي؟

وارن کي ورائي ڇڏِ!

وارن کي ورائي ڇڏِ!
ڳلڙن کي ڇُھن ٿا پيا.
ڳلڙن کي ڇُھي تُنھنجي،
چپڙن کي چُمنِ ٿا پيا.

نيڻن کي هَٽائي ڇڏ!
دِل منجهہ چُڀن ٿا پيا.
دل منجهہ چُڀَي دل جو،
سُک، چينُ کسنِ ٿا پيا.

هٿڙن کي ملائي ڇڏِ!
توڏانھن وڌن ٿا پيا.
توڏانھن وڌي تُنھنجو،
هِي ساٿُ گهرن ٿا پيا.

ٻانھن ۾ لِڪائِي ڇَڏ!
جَذباتِ جُهرن ٿا پيا.
جذباتِ جُهري هردم،
تُنھنجو ئي پُڇن ٿا پيا.

دردن کي گهٽائي ڇَڏِ!
هر روزَ وڌن ٿا پيا.
هر روزُ وڌي منھنجو،
هِي ساھہ ڪڍن ٿا پيا.

ٽيڙو

تُنھنجو چھرو چنڊُ.
عڪسُ رڳو تُنھنجو اٿس،
سينو مُنھنجو سَمُنڊُ.


سامھون رڪشي ۾.
نظرَ پئي جو اوچتو،
چنڊُ هو پردي ۾.


رستي جي هُن پار.
هُن کي ڏسندي سامھون،
ٿي ويا اُڀا وارَ.


روزُ نھاريان راھہ.
مِلڻو اٿئي ملُ اچي،
ناھہ ڀروسو ساھہ.


تو بن ڪھڙي پِرھہ.
نڙيءَ ۾ ڦاسيو پَونِ،
کاَوان جيڪي گرھہ


توبنِ مُند بَهارَ.
آڻي ٿي مون لاءِ هي،
روزُ نوان آزارَ.


تو بن آئون ايئن.
جيئن ڪبابُ ٽانڊن تي،
تئي تي مَڇي جيئن.


توبنِ منھنجو وقتُ.
جيئن جنم ٽيپ وارو،
گُذري پلُ پلُ سختُ.

ماٺِ ۾ ڇو ويٺي آهين؟ مُسڪراءِ!

ماٺِ ۾ ڇو ويٺي آهين؟ مُسڪراءِ!
ڪجهہ تہ چئہ، پنھنجي چپن کي چور تُون.
ٿوريُون ديدن سان ديدون تون ملاءِ!
تيرَ نظرن جا سڌا دل تي هلاءِ!

سِرُ جهڪائي ڇا ٿي سوچين؟ ڪجهہ سڻاءِ!
ڇا اٿئي تنھنجي اندر ۾ اورِ تُون.
ڇو لٿلُ مُنھن آهي تُنھنجو؟ سچ ٻُڌاءِ!
ماٺِ ۾ ڇو ويٺي آهين؟ مُسڪراءِ!

گُلن جي پُتِين سان لِکان نانءُ تُنھنجو.

گُلن جي پُتِين سان لِکان نانءُ تُنھنجو.
لکي چاھہ مان ٿو چُمان نانءُ تُنھنجو.

نِمازون ۽ روزا وِيا وسري مون کان،
رڳو هر گهڙي پيو وَٺان نانءُ تُنھنجو.

آهي ڪيڏو مٺڙو ۽ پيارو قسم سان،
گهُري دل ٿي دلبر هجان نانءُ تُنھنجو.

رَهين رُوحَ ۾ تُون، هُرين هانوَ ۾ تُون،
لکيل آهي دلِ جي مٿان نانءُ تُنھنجو.

نہ ٻيو ڪجهہ ٿو گُهرِجي اها آس آهي،
پنھنجي نانءَ سان گڏ ٻُڌان نانءُ تُنھنجو.

وفا جي خبر آ جفا ڪين ڄاڻون.

وفا جي خبر آ جفا ڪين ڄاڻون.
ڪري پاڻ دوکو دغا ڪين ڄاڻون.

رُسي ٿو وڃي ڪو مڃايُون ٿا اُن کي،
اسان پر رُسڻ جي ادا ڪِين ڄاڻون.

بُکيا پيار جا هُون، مگر پوءِ بہ دَرِ درِ،
هڻي پيار جي ٿا صدا ڪِين ڄاڻون.

اسان لاءِ جو ڪجهہ چون ٿا، چون پيا،
مگر پاڻ غيبت صفا ڪين ڄاڻون.

اچِن ذهن ۾ جي، لکون ٿا سِٽُون سي،
وزنَ ۽ بحر آهي ڇا؟ ڪِين ڄاڻون.

اسان دشمنن کي بہ ڏيون ٿا دُعائون،
اجاڙڻ ڇپر ۽ ڇنا ڪيِن ڄاڻون.

ازل کان اوسيئڙا نصيبن ۾ رهيا،
مُحبت جا ميلا متا ڪين ڄاڻون.

اکين مان اُڏامي وئي ننڊَ آهي،
مِلي ڇاجي آهي سزا ڪِين ڄاڻون.

آهنِ درد تُنھنجا لکين ٿورا مون تي،
ڪڏهنِ ڪا خوشي ڪئي سخا ڪين ڄاڻون.

سُمنڊُ، ساحل، هُوا.

سُمنڊُ، ساحل، هُوا.
شامَ، بادل، هَوا.

ٿي اُڏيا اُتي،
ڪنھن جا ڪاڪل هَوا.

جسمُ هُن جو ڇُھي،
ٿي پئي پاڳل هَوا.

هُن جي ڳل کي چُميون،
ڏنيون آنچل، هَوا.

واري جا گهرَ، سپيُون،
پيرَ، پايل، هَوا.

جل پريُن کي ڏسي،
ٿي پئي گهايل هَوا.

هزار داستان آڪٽوبر 2013ع 

نہ ڪنھن سان ڀي ڦٽايُون ٿا.

نہ ڪنھن سان ڀي ڦٽايُون ٿا.
رکي ناتو نِڀايُون ٿا.

کِلُون ٿا ۽ کِلايُون ٿا،
ائين غمَ کي لِڪايُون ٿا.

جگرُ پنھنجو جَلايُون ٿا،
نہ ٻئي کي ڪجهہ ٻُڌايُون ٿا.

ڪري منٿون، ٻَڌي ٻانھون،
رُٺل پنھنجا مَڃاَيُون ٿا.

ٽٽل دل جون سڀئي دانھون،
پيا شعرن ۾ سُڻايُون ٿا.

ملن ٿا موٽَ چاهت جي،
سي سيني دردَ لايُون ٿا.

سُونھن تُنھنجي پَسي چينُ لُٽجي ويو.

سُونھن تُنھنجي پَسي چينُ لُٽجي ويو.
اکِ آ اهڙي ٻَکي، چينُ لٽجي ويو.

ڏينھن ۾، راتِ ۾، جاڳ ۾، خوابَ ۾،
تون ئي آهينِ مٺي، چينُ لٽجي ويو.

ڪجهہ لکڻ لئہ ويھان يا پڙهڻ چاهيان،
ذهن ۾ تون رُڳي، چينُ لُٽجي ويو.

سُک نہ ٿو مان سُمھان، پيو ٿو تڙپان لُڇان،
ٿي جلي جندڙي، چينُ لُٽجي ويو.

توکي سامھون ڏسي، دل ٿي پئي آ چري،
مان ويندو سانءِ مرِي، چين لُٽجي ويو.

سِڪ سَڳي کي سورجي.

سِڪ سَڳي کي سورجي.
آءُ اڄ ڪجهہ اورِجي.

سونھن جا سردار ڏس،
اهڙو ڪو اوزار ڏسِ،
تانگهہ جنھن سان تورِجي.

تون ٻُڌا مان ڇا ڪيان؟
دلِ چوي ٿي تو مٿان،
ساھہ پنھنجو گهورِجي.

آءُ دلبر دلربا،
پنھنجي وچَ ۾ آھہ جا،
ڀتِ اُنھي کي ڀورجي.

مُحب موبائيل تي،
تنھنجي هر هڪ ڳالھہ تي،
قلب کي ڪيئن ڪورجي.

هِنَ ڪيل ويساھہ کي،
آءُ چريي چاھہ کي،
ڪُجهہ تہ اڳتي سورجي.

ڳاڙهاڻ رُڳي آهي.

ڳاڙهاڻ رُڳي آهي.
ڪينجهرِ ۾ لَٿيون پرِيُون يا باھہ لڳي آهي.


پاڻي جا ڦُڙا ڳل تي.
ٿا ايئن لڳنِ گوري، ڄڻ ماڪ هُجي گُل تي


ڇا سُونھن جوانِي آ؟
تُنھنجو تہ زماني ۾، ڪو مَٽُ نہ ئي ثانِي آ.


ڪينجهر جي ڪنارن تي.
تنھا ٿو ڦُرِان اڄ مان، مڪِليءَ جي چارنِ تي.


ڪينجهر تي کجيءَ جو وَڻُ.
اَچُ تُون بہ سکي موٽيِ، موٽيو آ ورِي ساوڻُ.


تِرُ جيئن اٿئي ڳل تي.
تون تيئن مِٺي آهين، هرَ وقتِ سندم دل تي.


ها ڏينھن گهڻا ٿي ويا.
انتظار ڪندي تُنھنجو، ڏِسُ! وارَ اڇا ٿي ويا.


پرواھہ نہ ٿئي مُنھنجي.
مَحبوبَ سَوا تُنھنجي، ٻي واھہ نہ ٿئي مُنھنجي.


هڪوار اچي ڏِسُ تُون.
ڇا حالُ آهي تو بنِ، دلدار اچي ڏسُ تُون.


هِڪُ فردُ اٿم دل ۾.
ڏاڍو ٿو سو تَڙِپائي، جو دردُ اٿم دل ۾.

تُون ئِي مَن جو ميتُ.

تُون ئِي مَن جو ميتُ.
توسان رشتو رُوح جو.

تون ئي نغمو نينھن جو،
تُون ئي سُر سنگيتُ.
تو سان رشتو روح جو.

تُون ئي سمايل ساھہ ۾،
توسان پيارُ، پريت.
توسان رشتو روحَ جو.

تولئہ وايُون ۽ غزل،
بيت لکان ۽ گيت.
تو سان رشتو روحَ جو.

قُرب سدائين قلبَ ۾،
ڪنھن سان ڪين ڪريت.
توسان رشتو روحَ جو.

هٺيلي!

هٺيلي!

سينڌ ڏيڍي وار کُليل ۽ هٿن ۾ پرسُ آ.
ڇا ڪيان تعريف تُنھنجي، سونھن تو ۾ سرسُ آ.
نازُ هي اندازُ ۽ آوازُ تُنھنجو آ غضبُ،
پر وڏي آهين هٺيلي، ڪين تو ۾ ترسُ آ.

وَسِ اوهانجي!

وَسِ اوهانجي!

اسان جو مرڻ ۽ جيئڻ وسِ اوهان جي،
غُصي مان نھاريو، مرِي يار پئبو.
نظر کي نظر سان ملائي ۽ مُرڪي،
کلي جي کِيڪاريو، بچي يار پئبو.

جنم مبارڪ!

جنم مبارڪ!

وڏي حياتي ﷲ ڏيندءِ،
هُجيئي توکي جنمُ مبارڪ!
اسان جو ڇاهي؟ مگر تون جنھن کي،
چاهين سو توکي صنمُ مبارڪَ!

موهيڙو توکي ٺھي.

موهيڙو توکي ٺھي.
ڏاڍو سُھڻو ٿو لڳي.

جي اچين ٿي سامھون،
دل جي ڌڙڪن ٿي وڌي.

ٻانھن لوڏي جي هلين،
مستُ هرڪو ٿي پوي.

تُنھنجي سُھڻي انگ تي،
رنگ ٿو هر هَڪ ٺھي.

تُنھنجي مُرڪڻ جي اَدا،
گُهور گهايو ٿي ڇڏي.

جي مِلين، جنت ملي،
دوري دوزخ ٿي لڳي.

ڀل هُجي ڪا اپِسَرا،
مٽُ نہ تنھنجي پَير جي.

تُنھنجي وڻي وئي سادگي.

تُنھنجي وڻي وئي سادگي.
مُنھنجي ٺھي وئي زندگي.

موهي وڌو من کي صفا،
تُنھنجي ڳلن جي تازگي.

تُنھنجي ملڻ کان پوءِ وَئِي،
وسرِي صفا آوارگي.

توکي ويھاري سامھون،
تُنھنجي ڪيان مان بندگي.

تُنھنجي ۽ مُنھنجي وچ نہ ڪا،
ٿيندي ڪڏهنِ ناراضگي.

تُنھنجو علِي مَحمدِ مِٺي!
رهندو سَدائين سولنگي.

تُنھنجن چپن تان صدقي.

تُنھنجن چپن تان صدقي.
تُنھنجن اکين تان صدقي.

وارن وڏن تان صدقي.
ڳاڙهن ڳلن تان صدقي.

ناسي وڳي ۾ ٺھندڙ،
ڀوري بدن تان صدقي.

جي ٿئي ڳچي ۾ پاتل،
سونن سڳن تان صَدقي.

موهي وجهن موهيڙا،
تُنھنجي تِرن تان صدقي.

موتين جيان ٿا جرڪن،
سھڻن ڏندن تان صدقي.

روئڻ کان نہ ٿا رهجنِ

روئڻ کان نہ ٿا رهجنِ.
هي نيڻ نہ ٿا پلجنِ.

وسيو ٿا وسنِ هر پلِ،
ڳوڙها تہ نہ ٿا جهلجنِ.

توريءَ ڊسمبر جا،
پلَ، پھر نہ ٿا ڪٽجِن.

جيئڻَ ۾ مَزو ناهي،
بَسِ! ڏينھن پيا ڌڪجنِ.

ڏک درد مليا جيڪي،
شعرن ۾ پيا سلجن.

تُنھنجو چھرو ڪنول، واھہ! سبحان ﷲ.

تُنھنجو چھرو ڪنول، واھہ! سبحان ﷲ.
تون سراپا غزل، واھہ! سبحان ﷲ.

چيلھہ تائين اچنِ، وار ايڏا وڏا،
تِن ۾ سھڻو بڪلُ، واھہ! سبحان ﷲ.

ڇا تہ قدُ بتُ اٿئي، ڇا تہ اٿئي وهي،
۽ ٻئي تُنھنجا ڳل، واھہ! سبحان ﷲ.

دل آ توسان لڳي وئي خُدا جو قسمُ،
قرب جو هان ڪٺل، واھہ! سبحان ﷲ.

ڪيڏو توکي ٺھي ۽ ٿو سُھڻو لڳي،
هِيءُ چولو ڀريلُ، واھہ! سبحان ﷲ.

سڪ، سارَ لڳي آهي.

سڪ، سارَ لڳي آهي.
اندر ۾ اُلا باَهيُون، تن تارَ لڳي آهي.

*
برسات جي موسم آ.
سُڏڪن جي مٿان سُڏڪا، سڪراتِ جي موسم آ.

*
سڀُ رنگ آهن تو ۾.
مُرڪينِ تہ وجهين ماري، ڇا ڏنگ آهن تو ۾.

*
بي نامُ وڃان ٿي مان.
هي دل جي تمنا آ، گمنامُ وڃان ٿي مان.

*
ايڏو بہ بُرو ناهيان.
بدنامُ آهيان جيڏو، تيڏو بہ بُرو ناهيان.

دل چوي ٿي هرگهڙي توسان هُجان،

دل چوي ٿي هرگهڙي توسان هُجان،
جيئن خوشبوءِ ٿي رهي گل سان سَدا.
ڪاش! سُرخي ٿِي چپن تي مان لڳان.
ڪاش! تُنھنجي ڳل سندو تِرُ ٿي پوان.

تُنھنجي دل ۾ مان رهان ڌڙڪن جيان.
ڪين ڪو پلُ مان ٿيان توکان جُدا.
ٿي ڪو سپنو تُنھنجي نيڻن ۾ رهان،
دل چوي ٿي هر گهڙي توسان هجان.

سَوا تُنھنجي پرين پرور،

سَوا تُنھنجي پرين پرور،
وَڻي ٿي ڪين فيڪلِٽي.
لڳي ويرانُ المنظَرُ.
لُڇي ٿو ڄامشورو يرَ.

اُداس ڪينٽين آ دلبر،
پئي تڙپي يونيورسٽي.
ٿا يوڪلپس روئن هر هر.
سَوا تُنھنجي پرين پرورَ.

هيرن جَهِڙيون اکيُون هُن جُون

هيرن جَهِڙيون اکيُون هُن جُون
جسم سڄو ئي سون.
سھڻي!
روز ڪري ٿي فون.

مون سان ڏاڍو پيارُ ڪري ٿي،
سچُ پچُ مون تي هوءَ مري ٿي.
شام صبح ميسيج ڪندي آ،
مُنھنجي آهيس اون.
سھڻي!
روز ڪري ٿي فون.

حُسن ۾ آهي سرسُ سَوائي،
جاچي ڏِٺي مون آهي خُدائي.
ساري جڳ ۾ سونھن سندس جو،
ثاني ڪوئي ڪونه،
سھڻي!
روز ڪري ٿي فون.

هر موقعي ۽ هر مھل تي،
آهي سَدائين مُنھنجي دِل تي.
هُوءَ ملي آ هاڻي مون وٽ،
درد صفا رهندو نہ.
سُھڻي!
روزُ ڪري ٿي فون.

نِيرن نيڻن واري مُنھنجي دلڙي ڪئي تو چوري.

نِيرن نيڻن واري مُنھنجي دلڙي ڪئي تو چوري.
جِيءَ ۾ تُنھنجِي جَهوري لڳل آ، لئن لئن تُنھنجي لورِي.
اوڇوري، اوڇوري

سامھون ايندي سَرِتين سان جو مون سان نيڻ ملائيہ،
ائين لڳو ڄڻ مُنھنجي منَ ۾ ڪھري ڪانَ کُپايئہ،
ڏِينھن اُنھي کان چينُ ڦِٽي ويو، هانوَ ۾ هورا کوري،
اوڇوري، اوڇوري

الڙ جواني تُنھنجي پَسي مان ويٺُس هوشَ وڃائي،
مُرڪ مِٺَي سان مون کيَ ڇڏيو چرِيو تو تہ بڻائي،
ساھہ بہ توتان صدقو ڪيو مون جانِ بہ توتان گهوري.
اوڇوري، اوڇوري

حُسن جي مَلڪا، روپَ جي راڻي، تو تي آئون مران ٿو،
ڪيئن ٻُڌايان توکي؟ توسان ڪيڏو پيارُ ڪيان ٿو،
مِلُ تہ لھي ماندائي مُنھنجي آھہ حياتي ٿوري.
اوڇوري، اوڇوري


لبڙا تُنھنجا لال

لبڙا تُنھنجا لال
هلين ٿي
هرڻي جھڙي چال
ڇا ڇوري نخرو آ.

ڳلڙا گُلابي، اکيون شرابي، نگاهن ۾ جادو،
بدن تُنھنجو بخمل ۽ چھرو ڪتابي، ادائن ۾ جادو،
مُرڪ ٿئي بي مثالُ
مٿان آ
عُمرِ بہ سورهون سالُ
ڇا ڇوري نخرو آ.

ڪري هار سينگار جنھن ويلَ نڪرين، هَلين ٻانھن لوڏي،
ڍَڪي ويس سھڻا جتان ڀي ٿي گذرين، تڪي هر ڪو ٿو تو ڏي،
جوڀنَ جوتِ جمالُ
ڏسڻ سان
وايون ٿينِ بتالُ
ڇا ڇوري نخرو آ.

اکيون چار توسان ٿيون هِن جڏهن کان، ڦٽي ننڊ وئي آ،
چوي سولنگي دل هي منھنجي تڏهن کان، چري ٿي پيئي آ،
ڪرڪا ڀلائي ڀالُ
ڪيو آ
دردَ مون کي بيحالُ
ڇا ڇوري نخرو آ.

وَري آ موٽيو بھارُ ساقِي!

وَري آ موٽيو بھارُ ساقِي!
پيار ساقي! پيار ساقي!

گُلابي رُتِ ۾ گلابُ مھڪيو،
انگوري رُت ۾ شبابُ مھڪيو،
چڙهي ڏسڻ سان خمارُ ساقي!
پيار ساقي! پيار ساقي!

او ساقيا! شل ماڻين جواني،
پيئڻُ اسان جو جياپو جاني!
ڀري ڏي تُون بار بار ساقي!
پيار ساقي! پيار ساقي!

اکين ۾ تُنھنجي نشِو جو آهي،
شرابَ ۾ ڪٿ نَشو سو آهي،
ملائي اکيُون نھار ساقي!
پيار ساقي! پيار ساقِي!

ڪيا آهن دل ۾ درد ديرا،
غمن ڇڏَيا هن جلائي جيرا،
اندرَ، اندرِ ڏک هزار ساقي!
پيار ساقي! پيار ساقي!

هو سمنڊَ ڪناري سرتين سان.

هو سمنڊَ ڪناري سرتين سان.
پئي ٽھڪ وکيري سکين سان.
ماحولُ سڄو مھڪائي پئي.
گهائي پئي
هُوءَ گهائي پئي.

نوڙي جو سِپيُون ميڙي پئي،
ڪئي ساز دلين ۾ ڇيڙي پئي،
جهومي جهومي جهومائي پئي.
گهائي پئي
هُوءَ گهائي پئي.

ڇولين ۾ سڄو ئي چولو ڀنلُ،
هر انگ اُنھي سان چنبڙي پيلُ،
ڪي ڦٽيون، ڪي ڦٿڪائي پئي.
گهائي پئي
هُوءَ، گهائي پئي.

پيا واءَ تي هُن جا وارَ لُڏن،
ڳلڙن کي ڇُھي چپڙن کي چُمن،
وارن کي جو سُلجهائي پئي،
گهائي پئي
هُوءَ گهائي پئي.

هئہ هن کي ڏِسي ٿي دل آ چري،
ٿو ائين لڳي آ جلَ جي پري.
اکِ اک سان جو اٽڪائي پئي.
گهائي پئي
هُوءَ گهائي پئي.

تون آهين زندگيءَ وانگيان.

تون آهين زندگيءَ وانگيان.
آئون ڪاغذ رديءَ وانگيان.

تُون تہ مون لئہ خُوشي وانگيان،
آئون پيرن مِٽِيءَ وانگيان.

تُون تہ مون لاءِ سِجُ ٿي پئين،
آئون سورج مُکيءَ وانگيان.

تون تہ مون لاءِ پاڻي مثِل،
آئون آهيان مڇيءَ وانگيان.

تو سوا ڏينھن ۽ راتيُون،

تو سوا ڏينھن ۽ راتيُون،
جُونِ جي ڌَرتَتِيءَ وانگيان.

هِن وڇوڙي سندي هر گهڙي،
ٿي تہ گذري صديءَ وانگيان.

چارئي پھر مون ۾ ڏسين،
مان ٿيان دَرِسنِيءَ وانگيان.

مان اٺئي پھر توسان هُجان،
تُنھنجي نڪ جي ڦلي وانگيان.

پنھنجو هَر رازُ مون سان سلين،
جي هجان ڊائريءَ وانگيان.

ڪاشِ! تو تائين پھچي وڃان،
پنھنجي هِن شاعريءَ وانگيان.

ڪو ٻِيو ڪِين چاهيندُءِ،
توکي هِن سولنگيءَ وانگيان.

فون تي ڪھڙي گفتگو ٿيندي؟

فون تي ڪھڙي گفتگو ٿيندي؟
ڳالھہ ٿيندي تہ روبرو ٿيندي.

هونئن سُھڻيون سوين هزارين پَر،
تو جيان ڪانہ خوبرو ٿيندي.

توکي دل ۾ آهي وسايو مُون،
هاڻِ ٻيءَ جي نہ آرزو ٿيندي.

ڏسُ اچي دل جي تون آئيني ۾،
تُنھنجي تصوير هُوبَھو ٿيندي.

مان زمين، آسمانُ تون جانم!
پو بہ تُنھنجي ئي جستجو ٿيندي.

اُن گُهڙي ڪيفيت تہ ڇا هُوندي!
ديد توسان جو دوبدو ٿيندي.

ها ها توکي مون،

ها ها توکي مون،
چاهيو آهي چاھہ سان.

کوڙ ٻيا تولئہ مگر،
مون لئہ سڀُڪجهہ تون.
ها ها توکي مون،
چاهيو آهي چاھہ سان.

ساعت ساعت ساھہ کي،
تُنھنجون ئي سوچون.
ها ها توکي مون،
چاهيو آهي چاھہ سان.

ڪاش! صنم سمجهي سگهين،
آسون اندر جون،
ها ها توکي مون،
چاهيو آهي چاھہ سان.

آءٌ تہ گڏجي تون ۽ مان،
گهاريُون ڪي گهڙيون.
ها ها توکي مون،
چاهيو آهي چاھہ سان.

ڳاڙها ڳاڙها تُنھنجا ڳلڙا.

ڳاڙها ڳاڙها تُنھنجا ڳلڙا.
واھہ! وڻن ٿا تُنھنجا چپڙا.

ڪيڏا ڀاڳن وارا آهن،
تُنھنجي ڳچي جا سونا سڳڙا.

تُنھنجي ڀُوري ڀُوري بَدنَ تي.
ڇا تہ ٺھن ٿا ڪارا ڪپڙا.

توبھہ توبھہ تُنھنجون نظرون،
وارَ ڪاريھر، ريشم هٿڙا.

منٿ مَڃي تُون مُنھنجي هيڪر،
آءُ اڱڻ تہ ڇٽايان گلڙا.

ائين نہ اُلڪو ڏي.

ائين نہ اُلڪو ڏي.
پيارَ جو تُحفو ڏي.

مُرِڪُ ڏسي مون ڏي،
ڦيرِ نہ مُنھن هو ڏي.

ڇَڏ بہ کڻي دوريُون،
ويھہ اچي گوڏَي.

جيڪو گُهران ٿو مان،
پيارُ مون کي سو ڏي.

منٿ مَڃي مُنھنجي،
ڀاڪُر، بوسو ڏي.

پنھنجي پوڄاري کي،
هاڻِ ڪو جلوو ڏي.

ساٿ سھڪار جي ضرورت آ.

ساٿ سھڪار جي ضرورت آ.
هڪ سَچي پيارَ جي ضرورت آ.

تُون تہ سُھڻي آن سُونھن تُنھنجي کي،
ڪھڙي سينگار جي ضرورت آ.

روزُ ديدار جي ضرورت آ،
دل کي دلدار جي ضرورت آ.

ڇو لُڇي ٿي؟ روئي رڙي ٿي دل،
غور ويچار جي ضرورت آ.

عشق اکُين منجهان عيان ٿئي ٿو،
پو بہ اظھار جي ضرورت آ.

ڪَنھن نہ شھڪار جي ضرورت آ،
بسِ، وفادارَ جي ضرورت آ.

تُنھنجي اکيُن ۾،

تُنھنجي اکيُن ۾،
دل ٿي چئي گم ٿِي وڃان.

شام صبح ڦيرا ڏيان،
تُنھنجن گهٽيُن ۾.
دل ٿي چئي گمُ ٿِي وڃان.

چولو ڀريل ڀرت سان،
اُنھن وَليُن ۾.
دل ٿي چئي گم ٿِي وڃان.

وَرَ وَرَ منجهہ وڪوڙجي،
تُنھنجن سڳَيُن ۾.
دل ٿي چئي گم ٿِي وڃان.

تُنھنجي هڪڙي جهلڪ لئہ،
تُنھنجن سکيُنِ ۾.
دل ٿي چئي گم ٿِي وڃان.


جھڙا لال ليار.

جھڙا لال ليار.
تُنھنجا ٻئي رُخسار.
موهي ٿا مون کي وجهنِ.

تُنھنجا لبَ، گل پنکڙيون،
موتي، ڏند قطارَ.
موهي ٿا مون کي وجهنِ.

نيڻ نَشيلا، شرميلا،
ڪارا ڪارا وارَ.
موهي ٿا مون کي وجهنِ.

هڪ تہ اڳيئي آن حسين،
ويترِ هيِ سينگار.َ
موهي ٿا مون کي وجهنِ.

پيرَ پدمڙا، هٿ پشم،
عضوا چنبيليءَ ڏارَ.
موهي ٿا مون کي وجهنِ.

هاءِ! هيڏو نہ رَھہ حجابَنِ ۾.

هاءِ! هيڏو نہ رَھہ حجابَنِ ۾.
سُونھن لڪندي نہ آ نقابنِ ۾.

توسان ڪيڏي مون کي مُحبت آ،
ڪئن ٻُڌايان اهو حسابنِ ۾.

تُنھنجي جوڀنَ جو ڇا مثالُ ڏيان،
ڳوليو مون گهڻو ڪتابنِ ۾.

مُنھنجي ساهن ۾ ائين شامل هين،
جِيئن خوشبوءِ رهَي گلابنِ ۾.

نينھن تُنھنجي ۾ جو نشو آهي،
سَو نشو ڪين آ شرابنِ ۾.

توکان جيڪو بہ پلُ پري گُذري،
پلُ اُهو دردَ ۾ عذابن ۾.

ڪو وڻي تہ ڇا ڪجي؟

ڪو وڻي تہ ڇا ڪجي؟
سِڪ لڳي تہ ڇا ڪجي؟

نِينھن وارو نانگُ جي،
دِل ڪکي تہ ڇا ڪجي؟

اجنبي سان اوچتو،
اکِ ٻَکي تہ ڇا ڪجي؟

سنگدل سان جي وَڃي،
دلِ لڳي تہ ڇا ڪجي؟

چڻنگ ڪنھن جي چاھہ جي،
جي بَکي تہ ڇا ڪجي؟

ڪو ٻُڌائي شامَ جو،
اکِ ڦري تہ ڇا ڪجي؟

چين ۽ آرامَ جي،
ڪو کسي تہ ڇا ڪجي؟

ڳڻتين ۾ راتِ ڀرِ،
مَنُ ڳري تہ ڇا ڪجَي؟

مُنھنجي سُھڻي جيان ٻي ڪا سُھڻي نہ آ.

مُنھنجي سُھڻي جيان ٻي ڪا سُھڻي نہ آ.
چيلھہ چھنبڪ اٿسِ، ريشمي ٻئي ڳٽا.

نيڻ مُرِڪي جڏهن ٿِي خُماريل کڻي،
تيرَ نظِرُن سَندا ٿي تہ دل تي هَڻي،
چنڊُ چھرو لڳي، زلف ڪاري گهٽا.

چوري چپ ٿي جڏهن، مکڙيون ٿيون ٽِڙن،
۽ جڏهن ٽھڪ ڏئي کنوڻيون ٿيون کڙنِ،
نرم نازڪ بدنُ، غضب جي هر ادا.

هُن تہ مون کي صَفا آهي موهي وڌو،
سولنگي ٿو وتان هُن تي چريو لڳو،
مُنھنجي سپنن سَندي هوءَ آ ساڀِيا.

وَڌي وئي دل جي بيماري، ٻيو ڪل خير آ سائين!

وَڌي وئي دل جي بيماري، ٻيو ڪل خير آ سائين!
لڳي آ چوٽَ ڪاپارِي، ٻيو ڪل خير آ سائينِ!

ڳري ٿي پئي، مري ٿي پئي، سَڙي ٿي پئي هي سُورن ۾،
عجب حالتِ اٿس زارِي، ٻيو ڪل خيرُ آ سائين!

ڪري دانھون، ڀري آهون، ڏِسي راهون پئي تُنھنجون،
نہ ٿسِ صورت تو ڏيکاري، ٻيو ڪل خيرُ آ سائينِ.

ٺرن راتيون، تپن تاتيون، هلن ڪاتيون مٿان هُن جي،
پيئي وَڍجي ٿي وَيچاري، ٻيو ڪل خيرُ آ سائين!

روئي سُڏڪي، جلي جاڳي، لُڇي تڙپي راتو ڏينھان،
آهي دل درد جي ماري، ٻيو ڪل خيرُ آ سائين!


حجابُ بدليو، عذابُ بدليو.

حجابُ بدليو، عذابُ بدليو.
حسين رُخ تي نقابُ بدليو.

اسان گناهن ۾ پيا گذاريون،
سڄڻ وري آ ثوابُ بدليو.

اکين جي کيچل اها ئي ساڳي،
نظر جو ليڪن نصابُ بدليو.

اگهيُون اسان جون نہ التجائون،
نہ اَڄُ بہ آهي جنابُ بدليو.

پڙهي پڙهون ٿا روزانو اُن کي،
نہ درد وارو ڪتابُ بدليو.

مان تُنھنجو ئي آهيان

مان تُنھنجو ئي آهيان

قسمُ دوستي جو، قسمُ زندگي جو،
قسمُ عاشقي جو، قسمُ بندگي جو.
قسمُ آهي تُنھنجي صنم سادگي جو.
مان تُنھنجو ئي آهيان ۽ تُنھنجو ئي رهندسِ.

قسمُ تُنھنجي سھڻن ڳلنِ ۽ چپن جو،
قسم تُنھنجي اَکيُن ۽ وارن وڏنَ جو،
قسمُ تُنھنجي جوڀنَ سندي دلڪشي جو،
مان تنھنجو ئي آهيان ۽ تنھنجو ئي رهندس.

قسم تُنھنجي چھري سندي تازگي جو،
قسم تُنھنجي هر هڪ ڏنل سوکڙي جو،
قسم آهي تُنھنجي مِٺي هر مٺي جو،
مان تُنھنجو ئي آهيان ۽ تُنھنجو ئي رهندس.

قسم تُنھنجي پيرن جي پازيبَ جو آ،
قسمُ تُنھنجي والن ۽ لاڪيٽَ جو آ،
قسمُ تُنھنجي نڪَ منجهہ پاتل ڦُلي جو،
مان تُنھنجو ئي آهيان ۽ تنھنجو ئي رهندس.
قُسم تُنھنجي گهرَ جي درُين، دَرَ، مٽي جو،
سُمھين ٿي تون جنھن تي قسُم تنھن رلي جو،
قسُم تُنھنجي پاڙي سندي هر گهٽي جو،
مان تنھنجو ئي آهيان ۽ تُنھنجو ئي رهندُس.

ڏِسي جي نہ توکي تہ تڙپي پوي ٿي،
ڳري ٿي، مري ٿي ۽ ڦٿڪي لُڇي ٿي،
قسُم مون کي پنھنجي آهي دل چري جو.
مان تنھنجو ئي آهيان ۽ تُنھنجو ئي رهنُدسِ.

قسمُ بيتَ، وائي، غزل چوسٽي جو،
قسمُ گيتَ، ڪافي، نظم، ڏوهيڙي جو،
قسمُ آهي سارِي ڪيل شاعري جو،
مان تنھنجو ئي آهيان ۽ تنھنجو ئي رهندس.

جي دوکو ڪيان ٿي تہ ڪافر مران مان،
پري ٿي تہ توکان نہ زندھہ رَهان مان،
قسمُ آ توسان گهاريلَ هر گهڙي جو
مان تُنھنجو ئي آهيان ۽ تُنھنجو ئي رهندسِ.

ڀلي آزماءِ سَچو آئون آهيان،
قسم آهي ڪُوڙو ڪچو آئون ناهيان،
يقين ڪر تون پنھنجي علي سولنگي جو.
مان تُنھنجو ئي آهيان ۽ تُنھنجو ئي رهندسِ.

پَرِسُ کڻي ۽ ٻانھن کي لوڏي تون جو گهٽيءَ مان لنگهندي آهين.

پَرِسُ کڻي ۽ ٻانھن کي لوڏي تون جو گهٽيءَ مان لنگهندي آهين.
قسمُ خُدا جو آهي اُن دَمُ، مون کي ڏاڍي وڻندي آهين.

سُرخي شفق جي تُنھنجي ڳَلنِ ۾، نرِمي گُلنِ جي تُنھنجي چپن ۾،
سجُ لِڪي ٿو وارن وِڏن ۾، شوخي شرارتَ تُنھنجي اکين ۾،
ڪجليون ڪاريُون خوبُ خماريون اکيون جڏهن تُون کڻندي آهين.
قسمُ خُدا جو آهي اُن دَمُ مون کي ڏاڍيَ وڻندي آهِين.

دادو، ڪراچي، سيوهڻ، سکرَ ۾، جاچي ڏٺو مون لاڙَ اُتَرَ ۾،
تو جھڙي ڪا ناهي شھرَ ۾، ووڙَ ڏني ٿمِ ساري تَرَ ۾،
ڄاڻي ٿو مولا ڀريل وڳي ۾، حُور، پَرِي تُون لڳندي آهين.
قسم خُدا جو آهي اُنَ دمُ، مون کي ڏاڍي وڻندي آهين.

حسنُ تہ تو وٽ آهي سَوايو، جنھن مون کي آ مستَ بڻايو،
گهُورَ تُنھنجي آ مون کي گهايو، تُنھنجو آهي ڪھڙو رايو؟
ايندي ويندي ساهيڙين سان، ٽھڪ ڏئي جو کلندي آهين.
قسمُ خدا جو آهي اُن دَمُ، مون کي ڏاڍي وڻندي آهين.

اڃا وَڌيڪ

مون تي نظر پوندي
جڏهن پنھنجي آڱرِيُن سان
نڪ تي رکيل نقاب کي
اکين ڏانھن
سرڪائيندي آهين
تَڏهن لڳندو اٿمِ تہ
رُخ ڪعبہ تي
ڪارو غلافُ
چاڙهڻ لڳندي آهين
جيئن اسان گنھگارن جون
گُستاخ نظرون
تُنھنجي چھري تائين
پھچي نہ سگهن
تُنھنجي اِن عمل سان
مُنھنجي مقدر مٿان ڇانيل
ڪارن ڪڪرن جي اونداهيءَ ۾
اڃا وڌيڪ
اضافو ٿي ويندو آهي.

عُقابي اکيُون

هر روز
الائي ڪيتريون اکيون
ايندي ويندي
اکيُن اڳيان اچنِ ٿيُون
اُنھن کي ڏِسي
ڪو احساسُ نہ ٿو جاڳي
پر،
نقاب مان نظر ايندڙ
تُنھنجون عُقابي اکيون
جهاٽو ڏئي
مُنھنجي دل جهٽي وَيُون
۽ آئون
ڏسندو ئِي رهجِي ويُسِ.

چَپَن جي ڪشڪول ۾

ڪاش!
مُنھنجي اکيُن جي
التجائن کي سَمِجهندي
تُون مُنھنجي
چپن جي ڪشڪول ۾
پنھنجي چاهتن جا
ڪجهہ سِڪا
دانُ ڪرين!
ڪاش! ائين ٿِي پوي

تانگهہ جي تندُ

ڪنھن چيو
اُن جي تانگهہ ۾
پيو ٿو تڙپين
جنھن کي
تُنھنجي تانگهہ جو
تِرَ برابر بہ
قَدرُ ناهي
اِن تانگهہ جي تِندُ کي ٽوڙي ڇڏِ.
ٿڌو ساھہ ڀريندي چيم:
هُن جي تانگهہ جي تندُ سان
مُنھنجي ساھہ جي تندُ
جڙيل آهي.
جي تانگهہ جي تندُ ٽوڙيم تہ
ساھہ جي تندُ بہ
ٽُٽِي پوندي.

کولي سمجهاءِ

سَڀُ ڪُجهہ ڄاڻندي
سَڀُ ڪجهہ سَمجهندي
تنھنجو ائين
مُنھن ڦيرائي
ڪنڌُ جُهڪائي ڇڏڻُ
مون کي سَمجهہ ۾ نہ ٿو اچي
آئون اَڻ ڄاڻ
ٻھراڙيءَ جو اَٻوجهہ
ڳجهارتن ۾ ڳالھائڻ
۽ ڳجهارتون سَمجهڻ /ڀڃڻ
ڄاڻان ئي ڪونہ
مون کي
کولي سمجهاءِ
آخر تنھنجي دل ۾ ڇا آهي؟

پڙهيو روز پڙهان

پڙهيو روز پڙهان.
تسبيح تُنھنجي نانءَ جي.

سوريون ويٺو سوريان،
ڪوڙين قربَ ڪڻان.
پڙهيو روز پڙهان،
تسبيح تُنھنجي نانءَ جي.

تنھنجي تانگهہ ۽ تاتِ ۾،
راتو ڏينھن لُڇان.
پڙهيو روز پڙهان،
تسبيح تُنھنجي نانءَ جي.

مونکي ڏاڍو ٿي وڻين،
توکي شال وڻان.
پڙهيو روز پڙهان،
تسبيح تُنھنجي نانءَ جي.

تُنھنجو وَردُ وجودَ ۾،
وايون، گيت چوان.
پڙهيو روز پڙهان،
تسبيح تُنھنجي نانءَ جي.

مون کي روزُ پڙهين،

مون کي روزُ پڙهين،
ڪاش! ڪتابُ هجان.

پڙهندي پڙهندي تون مون کي،
سيني تي تہ رکين.
ڪاش! ڪتابُ هجان.

سانڍين مون کي ساھہ ۾،
هٿڙن ساڻُ ڇُھين.
ڪاش! ڪتابُ هجان.

مون کي گُهورين غور سان،
ڳالھيون نوٽ ڪرين.
ڪاش! ڪتابُ هجان.

دلِ جي ڪوري ورق تي،
ڪا تحرير لکين.
ڪاش! ڪتابُ هجان.

پيارُ اڄوڪو، ڌوڪو ڌوڪو، ڪو بہ سَچو ناهي.

پيارُ اڄوڪو، ڌوڪو ڌوڪو، ڪو بہ سَچو ناهي.
ماڻھو هر ڪو، آ مطلب جو، ڪٿِ نہ وَفا آهي.

ڏٺو مون جاچي، جاٿي ڪاٿي، آهن ٺلھا آسِرا،
سڀ ڪو هرجاءِ، ٺاھہ ٺڳي جا، ويٺو ٿو ٺاهي.

ڪوڙي مُحبت، ڪوڙي چاهت، ڪوڙي وفاداري،
ڏِسُ جنھن جنھن کي، تنھن جي دل ۾، ڪوُڙ پيو ڪاهَي.

دل جي اهميت، قَدُر ۽ قيمت، ڪين رهِي آهي،
ڇاجي عزت، هر ڪو دوَلت کي ٿو پيو چاهي.

پيارُ ڪجي ٿو، درد ملِي ٿو، دل ٿي پوي ڦٽِجي،
قول ڪري پوءِ، ٻولَ ڏئي پوءِ، پير وڃنِ ڊاهي.

دِيد ۾ دلڪشي، روپَ ۾ روشِني.

دِيد ۾ دلڪشي، روپَ ۾ روشِني.
او مٺي! اومٺِي! سونُ آهِين سڄِي.

تُنھنجي هر هڪ اَدا، موهي مَنُ ٿي وِجهي،
تو جيان ٻِي ڪٿي ڪانہ مون کي سُجهي،
باکَ جي ساک آن، شرميلي شبنَمِي.

ڏيھہ ڪينجهر جيان، تُون اُنھي ڪنول،
تون قيامت جيان، تون سراپا غزل،
تون 1ڀٽائي، 2سچل، 3شيخ جي شاعِري.

تُنھنجي ساهن مان ٿي، جيڪا خوشبوءِ اچي،
رات راڻي گُلاب، موتيي ۾ ڪٿي،
مُشَڪ، عنبر بہ آ، اُن جي اڳيان لَڄِي.

شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، شيخ اياز.

مرڻ کان اڳُ

او مٺي!
مُنھنجي زندگي
پنھنجي پُڄاڻيءَ طرف
پئي وڃي.
مُنھنجي دلي تمنا آهي تہ
مرڻ کان اڳُ
توکي سامھون ڏسڻ
توسان ڳالھائڻ
۽ توکي ڇھڻ
نصيبُ ٿئي
ائين
جيئن هر مسلمانُ
مرڻ کان اڳُ
ڪعبي جي زيارت
عمري ۽ حج جي خواهش
۽ حجر اسود کي
ڇھڻ جي سعادت
حاصل ڪرڻ جي
تمنا رکندو آهي.

وَنگُ

تُنھنجي
هر انگ
اهڙو ونگُ وِڌو آهي.
جو آئون
دنگ رهجي ويو آهيان

عشقَ جي باھہ، ساھہ ۾ جانم!

عشقَ جي باھہ، ساھہ ۾ جانم!
ٿو سڙَان تُنھنجي چاھہ ۾ جانم!

جَنھن ڏي مُرِڪي کڻين، اهو سوگهو،
ڪجهہ تہ اٿئي نگاھہ ۾ جانم!

چنڊَ چوڏهين جي وانگي ٿو چمڪي،
چھرو، وارنِ پناھہ ۾ جانم!

تُنھنجي ڪاوڙِ بہ ٺاھہ جھڙي آ،
بيرُخي آهَي ٺاھہ ۾ جانم!

آهِي هرڪو هِتي ڦٽائڻ لئہ،
ڪو بہ خوش ناهي ٺاھہ ۾ جانم!

اِيئن آ دردُ سولنگي دلِ ۾،
جِيئن پاڻي درياھہ ۾ جانم!

آءُ تہ ايترو ٿو چاهيان تَہ....

او شھزادي!
منھنجو تعلَقُ
ڪنھن مقدس ذاتِ
ڪنھن جهڳڙا لو قبيلي
يا پيسي واري پارٽيءَ
سان نہ آهي.
نہ مون وٽ بنگلو آهي
جنھن ۾ تون اچين
پوءِ، پوئين دروازي کان
پوئين گهٽيءَ مان
توکي واپس گهر موڪلي سگهان
نہ وري مُنھنجي
ايتري حيثيت آهي جو
توکي ڪنھن
هوٽل ۾ ترسايان
۽ هوٽل جي ڪمري جي
ڪنھن ڪُنڊ ۾
توسان قرب واري ڪچھري ڪيان.
نہ ئي آئون ڪو
تُنھنجو پنھنجو آهيان جو
ٽاڪ منجهند جو
تُنھنجي گهر ڀاتين جي
غير موجودگيءَ ۾
تُنھنجي اي سي لڳل ڪمري مان
پگهر ۾ شَلُ ٿي نِڪران
آئون تہ ايترو ٿو چاهيان تہ
اهي اکيون
جيڪي
مون سان ٻکيُون اٿئي
منھنجون
مُنھنجي اکين جون
سکيون بڻائي ڇڏِ.

زندگي جو سَوالُ آ جانم!

زندگي جو سَوالُ آ جانم!
هڪ خوشي جو سوالُ آ جانم!

ڀروَسو ناهي ڪو حياتي تي،
پل، گهڙي جو سوالُ آ جانم!

پيارِ پنھنجي اکينِ مَنجهان اوتي،
مئہ ڪشِي جو سُوالُ آ جانم!

هٿَ ٻڌي عرض ٿو ڪيان توکي،
بندگي جو سَوالُ آ جانم!

ايڏو ڇو ٿي پري رَهين مون کان،
عاشقي جو سوال آ جانم!

مُنھنجي هر هڪ صنم خوشي تُنھنجي،

مُنھنجي هر هڪ صنم خوشي تُنھنجي،
هِي سَڄي ساري زندگي تُنھنجي.

بندگي مون ڪَئي عمر ڀر آ،
هڪ خُدا جي ۽ ٻي رُڳي تُنھنجي.

تُون ئي تُون آهِين دل دَريچي ۾،
مُنھنجي دل جي ذرِي ذرِي تنھنجي.

مون کي مولا نوازيو آ گهڻو،
پرَجي آهي تہ آ ڪمِي تُنھنجي.

ڪِين وسري ٿي، ڪين وسري ٿي،
مُرڪ تُنھنجي ۽ سادگي تُنھنجِي.

هِڪ ملاقاتِ جي گهڙي عيوضِ،
مُنھنجي سارِي هِي شاعرِي تُنھنجِي.

ُون ئِي نيڻن نُور.

ُون ئِي نيڻن نُور.
تَو ۾ مُنھنجو ساھہ آ.

ڪيڏو ڏُورِ گُذارِ ڀَلِ،
دلِ کان ناهين دور،
تَو ۾ مُنھنجو ساھہ آ.

پيرَ مثل تُنھنجي نَاهنِ،
پرِيون توڙي حُور.
تو ۾ مُنھنجو ساھہ آ.

ايئن مون لئہ تُنھنجي گهٽي،
موسيٰ عہ لئہ جئنِ طورُ
تَو ۾ مُنھنجو ساھہ آ.

تُنھنجون اکيُون نيل ڪنولَ.

تُنھنجون اکيُون نيل ڪنولَ.
تُنھنجا ڳاڙها ڳاڙها ڳلَ.

تُنھنجو لھجو ماکي لارُون،
تُنھنجا ٽھڪ گُلابي گُلَ.

دل تہ چوي ٿي تُنھنجي سونھن تي،
لکجنِ ويھي گيتَ، غزلَ.

چيلھہ چنبيليءَ جھڙي تُنھنجي،
ڪاُرِيھر جھڙا ڪاڪُلَ.

حُسن تُنھنجي جا او شھزادي!
چئني پاسي آهنِ هُلَ.

نہ تُون ڦيرِ رُخ کي، تُون مون ڏي ڏسِي کِلُ.

نہ تُون ڦيرِ رُخ کي، تُون مون ڏي ڏسِي کِلُ.
اچيِ مِلُ، ٺري دل.

ٻُڌايان ڇا توکي، تُون ڪيڏي وڻين ٿي،
گهڙي، منٽُ، سيڪنڊُ، نہ دل تان لھين ٿي،
نہ ٿِي وسرين هڪ پلُ.
اچي مل، ٺَري دل.

رڳو تُنھنجون سوچون، رُڳو تُنھنجا سپنا،
سوا تَنھنجي مون کي وڻي ٿي نہ دُنيا،
لڳان پيو ٿو پاڳلُ.
اچي ملُ، ٺري دل.

ملين ٿي تہ مُنھنجي حياتي وڌي ٿي،
ڇِڄِين ٿي حياتي، مماتيِ لڳي ٿَي،
لڳي شھرُ مقَتلُ.
اچي مِل، ٺري دل.

رهين روحَ ۾ ٿي، چپن نانءُ تُنھنجو،
وڇوڙي جو ماري مون کي دردُ وجهندو،
دَوا ڪرڪو درِمَلُ.
اچي مل، ٺري دل.

هر وقت آهين يادِ، نہ ٿي دل تان لھين تُون.

هر وقت آهين يادِ، نہ ٿي دل تان لھين تُون.
رب پاڪ رکَئيِ شادِ، نہ ٿي دل تان لھين تُون.

هرِ ويلَ وڇوڙي جي، ڄڻ آهي قيامت،
ٿي زندگي بربادِ، نہ ٿِي دل تان لھين تُون.

ڪا ڳالھہ وڻي ڪين ٿي، کائڻ ٿو اچي گَهرُ،
هرِ وقتِ مان ناشادِ، نہ ٿي دل تان لھين تُون.

پھريان تہ ڪري پيارُ، ڇنڻُ پوءِ نہ گهُرجي،
دُکي دل جو ڪجي دادُ، نہ ٿي دل تان لھين تُون.

تو آهي وسارِيو پرَ، مون کان نہ ٿي وسرين،
ڪٿِ ڪريان هي فرياد، نہ ٿي دل تان لھين تون.

هر صبح، منجهندِ، شام، سڄي رات او جانم!
دلِ درد سان آبادِ، نہ ٿي دل تان لھين تُون.

پليز..!

جانم!
تُنھنجي ناراضگي
مُنھنجي زندگي
کسي وٺندي
هڪ تون ئي تہ هُئينءَ
جنھن سان درد ونڊيندي
ڏُک سُورَ سليندي
ڪجهہ گهڙين لاءِ
غمُ گهٽجي ٿي ويو
ڪجهہ لمحن لاءِ
آٿتُ مِلي ٿي ويو
تُنھنجي ويجهڙائپ مان
پنھنجائپ جو احساسُ
ٿي ٿيو
پرَ، اڄ تو رُسي
زندگي
ٻُسي ڪري ڇڏي آهي
ماڻهن جي ميڙ ۾
هَن هيڏي ڀيڙَ ۾
آئون اڪيلو رهَجي ويو آهيان
موت جي نزديڪ
پھچي ويو آهيان
پليز...!
ائين نہ رُسُ!
مون کان
زندگي نہ کس
مون کي محبت ڏَي، مُرڪ ڏي
پنھنجي صحبت جي سُرڪ ڏي
تُنھنجو ساٿُ جياري وجهندو
مُنھنجو هينئڙو ٺَاري وجهندو
هرو ڀرو جي ضد تان لھہ
مون سان ٺھہ
تہ مُنھنجي
زندگي ٺھي پئي
دل تان
دردُ لھي پئي
مون کي بہ
خوشي مِلي پئي.

مُنھنجن سپنن ۾.

مُنھنجن سپنن ۾.
تُون ئي تَون آهين مٺي!

مُنھنجي ساھ، سرير ۽
دل جي ڌڙڪن ۾
تون ئي تُون آهين مٺي!

مُنھنجي هر هڪ ڪيفيت،
ٽھڪن، سُڏڪن ۾.
تُون ئي تُون آهين مٺي!

پلُ بہ نہ هڪڙو ٿين جُدا،
پھرنِ، لمحن ۾.
تون ئي تون آهين مٺي!

توکي ارپيم شاعري،
گيتن غزلن ۾.
تُون ئي تون آهين مٺي!


* روزاني بختور ڊسمبر 1996ع

تُون آءُ هِلي هڪوارُ، مرڻ کان اڳُ جانم!

تُون آءُ هِلي هڪوارُ، مرڻ کان اڳُ جانم!
وڃ مون کي ڏئي ديدارُ، مرڻ کان اڳُ جانم!

ٿي دِيدَ سِڪي ۽ دل بہ لُڇي تولاءِ رُڳي،
ڳڻتين ۾ ڳري، ٿي هيءَ ڳري تولاءِ رُڳي،
دلِ تُنھنجو گهُري ٿي پيارُ، مرڻ کان اڳُ جانم!

ڪجهہ سوچ ذرا، تڙپاءِ نہ ايڏو تُون مون کي،
نہ سڪاءِ ايڏو، ڦٿڪاءِ نہ ايڏو تُون مون کي،
پاراءِ ٻانھن جو هارُ، مرڻ کان اڳُ جانم!

ٿو رات سڄي مان تڙپان لُڇان، روئان ۽ رَڙان،
هِر ڏينھن ڏَکنِ ۾ ڪٽيان، جئان ۽ روزُ مَران،
اَچُ لاھہ غمنِ جو بارُ، مرڻ کان اڳُ جانم!

جي آئون مري وِيس پوءِ مِٺي پڇتائيندينءَ،
دمُ نڪري ويِندو جنھن دَم، تون سچي پڇتائيندينءَ،
ڪرِ ٿورو غورُ ويچارُ، مرڻ کان اڳُ جانم!

خواهش

آئون
توکي
قيمتي تحفا ڏئي
مقروض بنائي
تنھنجي جسم تي
قبضو ڪرڻ جو
خواهشمند نہ آهيان
نہ ئي وري منھنجي
تحفن ڏيڻ جيتري
حيثيت آهي
آئون تہ بس
توکي سامھون ويھاري
سجدا ڪرڻ جي
خواهش
رکان ٿو.

اچي ويھہ ويجهو نہ گهٻراءِ جانم!

اچي ويھہ ويجهو نہ گهٻراءِ جانم!
نہ شرماءِ جانم!
نہ شرماءِ جانم!

اُڃايَلُ گهڻو ها، مان سالن صدين کان،
مون کي پيارِ تون ڪجهہ اکين مان، چپنِ مان،
اچي اُڃ مُنھنجي تون اُجهاءِ جانم!
نہ شرماءِ جانم!
نہ شرماءِ جانم!

رڙي روزُ ٿو روحُ، ريھون ڪري ٿو،
اَڌورو ڪو سپنو، اکين ۾ رهي ٿو،
اچي ساڀيا جي، ڏي دلجاءِ جانم!
نہ شرماءِ جانم!
نہ شرماءِ جانم!

جواني جا جذبا، جهلي ڪو نہ جهلجن،
اندر ۾ الاهي ٿا ارمان پلجنَ،
اچي ٺارِ تن کي، تتي تاءِ جانم!
نہ شرماءِ جانم!
نہ شرماءِ جانم!

قبولي سندم عرضُ ٿي پئه تون راضي،
ڏسان پيو ٿو تو ڏي، تون مڃ مُنھنجي آزي،
وڃنِ درد دل جا، سيني لاءِ جانم!
نہ شرماءِ جانم!
نہ شرماءِ جانم!

وري اڄُ اوچتو جانم! ڏٺُم توکي جو رستي ۾.

وري اڄُ اوچتو جانم! ڏٺُم توکي جو رستي ۾.
قدم رُڪجي ويا بلڪل، کُپي اکيون ويون چھري ۾.

قسم سان سامھون توکي ڏسي، ڏاڍي ٿي سرهائي،
لڳي ڦٿڪڻ هِي دل مُنھنجي، سچِي سيِني جي ڪمري ۾.

ڏٺي توکي ٿيا ها ڏينھن ۽ ڏاڍي لڳي سِڪ هُئي،
ٺري پيا نيڻ، راحت روح کي پھتي هُئي لمحي ۾.

مٺِي سالنِ پُڄاڻان ڀي، نہ تبديلي آئي تو ۾،
اهو ئي حسنُ ۽ جوڀَنُ پيو ڏسجي تہ پردي ۾.

پري هوندي بہ مان توکي، وساري پَلُ نہ سگهيو ها،
سدائين سوچ ۾ تون ئي، اچين هر روزُ سپني ۾.

جڏهن ڀرسان پُڳينءَ مُنھنجي، معطر مَنُ ٿيو مُنھنجو،
لڳو اُئن ڄڻ اچي پھتس مان جنت جي باغيچي ۾.


جاني ڪڏهنِ ايندو..!؟

ڏِينھن مٿان پيو ڏيِنھن لنگهي ٿو،
روح لڇي ٿو، مون کان پُڇي ٿو.
جاني، ڪڏهن ايندو؟
مُنھنجو
جانِي ڪڏهن اِيندو؟

بيتابيءَ وجودُ وڪوڙِيو،
ماسُ جُدائيءَ آهي روڙيو،
الئہ ڇا ٿي ويو آ، هُن کي،
تانگهہ تپائي ٿي تن من کي،
کاڌو پيتو زهُر لڳي ٿو.
روحُ لڇي ٿو مون کان پُڇي ٿو.
جاني ڪڏهن ايندو؟
منھنجو
جاني ڪڏهن ايندو؟

ڏِينھن سڄو ئي آهي ڏُکن ۾،
راتِ جو ناهي نِنڊَ اکيُن ۾،
تڙپي تڙپي، ڦٿڪي ڦٿِڪي،
پلپل ڪاٽيان ٿو مان سُڏڪي،
گهر ٿو کائي ساھہ مُنجهي ٿو.
روحُ لُڇي ٿو، مون کان پُڇي ٿو.
جاني، ڪڏهن ايندو؟
مُنھنجو
جاني ڪڏهنِ اِيندو؟

ايئن نہ ٿئي ٿو هُن جي اچڻ کان،
پھريان ئي دَمُ ڏئي ويھان مان،
ڌَڪُ لڳل آهي ڪاپاري،
چوٽُ چڙهي وئي آ بيماري،
دمُ دمُ دل ۾ دردُ اُٿي ٿو،
روح لڇي ٿو، مون کان پڇي ٿو.
جاني، ڪڏهن ايندو؟
مُنھنجو
جاني ڪڏهنِ اِيندو؟

اسان جھڙن کي

اسان جھڙن کي
محبت ڇو نہ ملندي آ؟
چاھہ جي بدلي
چاهت ڇو نہ ملندي آ؟
منزل ڇو کسجندي آ؟
دل ڇو ڦٽجندي آ؟
هر فردُ
دردُ ڇو ڏيندو آ؟
۽ چھرو
زردُ ڇو ٿيندو آ؟
ڪنھن جو موھہ
اسان جو ڏوھہ ڇو بڻجندو آ؟

ڪنھنجو چاھہ
اسان ڇو ساھہ ڇو ڪڍندو آ؟
ڪنھن جي تاتِ
سڪراتِ ڇو ڏيندي آ؟
ڪنھن جي اکِ
سارو سُک ڦُري ڇو ويندي آ؟
اسان جو خُلوص
راهُن ۾ رُلي ڇو ويندو آ؟
اسان کي هرڪو
ڌوڪو ئِي ڇو ڏيندو آ؟
ڌوڪيبازن کي
پيسي وارن کي
مطلبِي يارن کي
مُحبت، چاهتَ
سنگت ۽ صحبت ڇو ملندي آ؟
اسان پارن کان
خُلوص وارن کان
سچن سارن کان
جذبنِ جي جيتِ
۽ پريت رُٺل ڇو رهندي آ؟
ڪو سَمِجهائيندو
مون کي ٻُڌائيندو
ائين ڇو ٿيندو آ؟

تُنھنجي ڪجي ساراھہ.

تُنھنجي ڪجي ساراھہ.
لفظ لڀنِ ئي ڪيِن ٿا.

اکرن ۾ ڪيئن اوتجن،
چپڙن وارا چاھہ.
لفظ لڀنِ ئي ڪين ٿا.

پينَ، پنو هَٿ ۾ کڻي،
ٿڌڙا ڀريان ساھہ.
لفظ لڀنِ ئي ڪين ٿا.

سوچيون ويٺو سوچيان،
ڪانہ سُجهي ڪا راھہ.
لفظ لڀنِ ئي ڪين ٿا.

شاعري

هِيءَ مُنھنجي جا شاعري آهي.
اوتيل اُن ۾ مُنھنجا جذبا هِن،
پوئيل ان ۾ مُنھنجا سُڏڪا هن،
مُنھنجي دَرِدَنِ جي ڊائِري آهي،
هِيءَ مُنھنجي جا شاعري آهي.

دلِ چري

دل چري آهي، دل چري آهي.
هوءَ ڳالھائي يا نہ ڳالھائي،
هوءَ مون کي ڀلي تہ ڳل لائي،
پو بہ هُن تي پيئي مَري آهي.
دلِ چري آهي، دل چري آهي.

ڄامشورو

اکُين ۾ اڃا پيو ڦِري ڄامشورو.
هو چنچل ڪا وينگس ۽ هَرڻي هٺيلي،
هو خوشبو جو جهونڪو ۽ مدهوش تتِلي،
هو چيڪي مٽي جو گهڙو ڄڻ ڪو ڪورو،
اکيُنِ ۾ اڃا پيو ڦِري ڄامشورو.

هاسٽِل

اڃا هاسِٽل ڪينِ وسرِي سگهي آ.
اڃا يادِ آهن، سي بيدا پراٺا،
مزا ميسِ وارا، هوشوشا، هوٺاٺا،
اڃا هوءَ دل مان نہ نِڪري سگهي آ.
اڃا هاسٽِل ڪين وسري سگهي آ.

او سرتِي

او سرتِي! او سرتي! سِري آءُ ٿورو.
ٻُڌايان مان توکي، قصو هيءُ ڪنَ ۾،
تہ ڇا ٿو هلي پيو، اَڃا مُنھنجي منَ ۾،
نہ ٿو وسري مون کان اڃا ڄامشورو.
او سرتي! او سرتيِ! سِري آءُ ٿورو.

ساگر ساگر ڇولي ڇولي.

ساگر ساگر ڇولي ڇولي.
هر ڪو ٻولي پيارَ جي ٻولي.

عشق تي آڱُر کَڻ نہ خُدارا،
قُربَ تي ڪنھن جي ڪر نہ ٺٺولي.

مُرِڪي ڀي پئي، ڇرڪي ڀي پئي،
هِي ڇا آهي؟ ڀڃُ پرولي!

روحُ گهُري ٿو روزُ رهاڻيون،
عيد بہ توسان، توسان هولي.

ڇا بہ پوي ٿي پر نہ ٿي سگهندي،
پاڻ کان تُنھنجي حڪمُ عدولي.

پيارُ تُون پنھنجو ان ۾ وجهي ڇَڏِ،
مُنھنجي خالي ڀرِ تو جهوِلي.

سُونھن جي ديوي

مُنھنجي
مَن جي مَندر ۾
تُنھنجي صورت
صدين کان
موجودُ آهي
آئون
صديُن کان
تُنھنجي پوڄا
ڪري رهيو آهيان
او سونھن جي ديوي!
هاڻي تہ
مُنھنجي پوڄا
سوئيڪار ڪري
دل گهريو درشن ڏي.

سينڌ پاسي تي

سينڌِ پاسي تي ڪڍڻ.
کولي وارن کي هلڻُ،
مُرڪ سان ماڻھو منڊڻُ،
گُهور سان گهايل ڪرڻُ ،
ديد سان دليُون کسڻُ.
ڪو سکي، توکان سکي.

هار، گج، پائي ڪنگڻُ،
۽ هَٿين ميندي هڻَڻُ،
روزُ ئي سينگارجڻَ،
موتيي جئان مھڪجڻُ،
هاءِ! ٻھہ ٻھہ ٻھڪجڻُ.
ڪو سکي، توکان سکي.

چِلوِلو چنچل ٿيڻُ،
ڪَنڊ چَپَ جي کي چڪڻُ،
ترِڇي نظرُن سان تڪڻُ،
ٽھڪ ڏئي هَر هر کلڻُ،
مِنٽَ ۾ موهي وِجهڻُ.
ڪَو سکي، توکان سکي.

ڊيلَ وانگي ڇرڪجڻُ،
هرڻي وانگي هيسجڻُ،
ناز مان وِک وِکَ کڻڻُ،
وِڄَ جيان تَجِلا ڏيڻُ،
چنڊ جئان چمڪي پوڻُ.
ڪو سکي، توکان سکي.

ڄامشوري جي مٺي

ڄامشوري جي مٺي،
هوءَ هڪڙي سُندرَي،
ڇوڪري وسري نہ ٿي.
هاسِٽل جي لان ۾،
پياري پياري پوپري.
ڇوڪري وسري نہ ٿي.
مُرڪ ماکي لار ۽
ٽھڪ ٽاڻو بينسري.
ڇوڪري وسري نہ ٿي
واءَ تي وارن چڳُون،
پيون ڏين ڳِل کي چُمي.
ڇوڪري وسري نہ ٿي.
ڇا جواني هُئي سندس،
ڇا هئسِ اک جي اَڻي.
ڇوڪري وِسري نہ ٿي.

مون تي ڪرِ اعتبارُ، مُنھنجو پيارُ آ تو سان پرين.

مون تي ڪرِ اعتبارُ، مُنھنجو پيارُ آ تو سان پرين.
ساکَ وٺُ، آهيان سچو مان، رکُ اها پڪ ڪر يقين.

ڏِينھن جھڙي کان ڏٺو توکي آهي اي جانِ من،
هانءَ ۾ هُرکُر لڳل مون کي آهي اي جانِ من،
ڇا چئي توکي ٻُڌايان، ڪيڏو ٿي مون کي وڻِين.

ڀل لکائي وَٺُ مون کان، ٿو مان لکِي توکي ڏيان،
ڇا جي مَسُ، ڇا جو قلمُ، رَتَ سان لکي توکي ڏيان،
چيري دل توکي ڏيکاريان، جي نہ ٿي اصُلِي مُڙين.

سولنگي چئي ڳالھہ تُنھنجِي هِي سُٺِي ناهي صنمُ،
ڏِسُ ايڏي بي اعتباري ڀي سُٺي ناهي صنمُ،
تُون ئي آهِين دل جي ديوي، تُنھنجي مان پيرن پڻين.

توسان ميلو ٿيئي، آرزو آ اِها.

توسان ميلو ٿيئي، آرزو آ اِها.
جلدُ مون کي مِلين، جستجو آ اِها.

جڳ سڄي ۾ مٺِي، تُنھنجو ثاني نہ آ،
تُنھنجي جوڀن جيان ڪا جواني نہ آ،
جاٿي ڪاٿي رڳو گفتگو آ اها.

ديد تُنھنجي جو مون ڏي کڄي ويندي آ،
سَچُ پُڇين دلِ جي ڌرتي ڌُڏي ويندي آ،
مُنھنجي حالت هُوندي روبرو آ اِها.

ٽور تُنھنجي ڏسي مورَ مُنڊجي پون،
تُنھنجي چپڙن کان سِکيو ٽڙڻ مُکڙيُن،
توکان ورتِي گُلنِ رنگ بُوءِ آ اِها.

تُنھنجي چيروين اکين جو قسمُ،

تُنھنجي چيروين اکين جو قسمُ،
تُنھنجي سنھڙن چپنِ جو قسمُ،
تُنھنجي ٻانھن، هٿن جو قسمُ،
تُنھنجي چوڙين، ڇلنَ جو قسمُ.
مون کي تون ئي وڻين ٿي.
مُنھنجي دل ۾ رهين ٿي.

تُنھنجي ڳاڙهن ڳلنِ جو قسمُ،
موتي داڻن ڏندن جو قسمُ،
ڳل ۾ پوندڙ چُگهنَ جو قسمُ،
تِنِ تي ٺھندڙ ترن جو قسمُ.
مون کي تون ئي وڻين ٿي.
مُنھنجي دل ۾ رهين ٿي.

تُنھنجي جلون، جوڀن جو قسمُ،
تُنھنجي بخمل بدن جو قسمُ،
تُنھنجي وارن وڏن جو قسمُ،
چھرو چُمندڙ چڳُن جو قسمُ.
مون کي تون ئي وڻين ٿي.
مُنھنجي دل ۾ رهين ٿي.

تُنھنجي جاڙن ڀُرن جو قسمُ،
پشم جھڙن پيرن جو قسمُ،
تُنھنجي عُضون سڀن جو قسمُ،
تُنھنجي ٽھڪن ٻٽن جو قسمُ.
مون کي تون ئي وڻين ٿي.
مُنھنجي دل ۾ رهين ٿي.

سونھن جي شھزادي

تُو سُونھن جي شھزادي جي ساراھہ ڪيان ڇا؟
جنت جِي چوان حُورَ، پَرِي يا تہ چَوان ڇا؟
رُخسار مثل ڏاڙهُون، ٻئي نيڻَ شرابِي،
ڏند موتين جا داڻا، لب لال گُلابِي.
انب ڦار اٿئي نڪُ، تُنھنجو چھرو ڪتابِي،
ٿي مور مُنڊي تُنھنجي هي ٽورَ نوابِي.
اڀرو ٿا لڳنِ ائن، ڪا تلوُارَ هُجي ڄڻُ،
گفتار مِٺي، ماکي جي لارَ هُجي ڄڻُ.
سُبحان ﷲ سُھڻي ڇا تُنھنجي ڳچي آ؟
بخمل آ بدنُ تُنھنجو ۽ واھہ وَهيِ آ؟
ڪائناتِ پوي مھڪي، ڏئِي ٽھڪ کِلين جي،
جُهومي ۽ نچي جهانجهر، وک وک ٿي کڻين جي.
هٿَ پشم، پدم پيرَ، ٻانھن کي سڏيان ڇا؟
تو سُونھن جي شھزادي جي ساراھہ ڪيان ڇا؟
جي وارَ ڇنڊين آلا، برسات وسي پئي،
جي زلف ڇڏين کولي، ٿي راتِ تہ ٿي پئي،
تون وارَ جڏهن ويڙهين، ٿي باک ڦُٽي پئي،
ٿي سينڌِ ڪڍين جنھن دم، انڊلٺِ ٿي ٺھي پئي.
تُون گهوري ڏِسين جنھن ڏي، وِڄ تنھن تي ڪرِي پئي،
آتابُ تُکو تُنھنجو، ڏسِي جو بہ سڙي پئي.
هر انگ اَٿئي دنگ، هر اندازُ ڪُھي ٿو،
سينگارُ ڪُھي ٿو، تُنھنجو نازُ ڪھي ٿو.
تُون منھنجي ڀاڳن ۾ آهين يا نہ الائي،
ربّ پاڪُ توسان منھنجو شلَ ميلو ڪرائي.
جي مون کي ملين تون تہ ٻيو رب کان گهُران ڇا؟
تو سُونھن جي شھزاديءَ جي ساراهَ ڪَيان ڇا؟
شيرين هُجي يا ڪا سُھڻي يا زُليخا،
ڇا پُڄنديون نوري سورٺ، وينس مونا ليزا.
ڪا ڪونج هُجي، يا تہ هُجي مصر جي ملڪا،
هِن هيچ اڳيان تُنھنجي سسئي، هير ۽ ليليٰ.
تون آهين سَڄي ساري ئي سونُ سراسر،
مومل بہ تُنھنجي پَيرن جي خاڪ برابر.
ڌرتي کي ڪيان ڪاغذ جي منھنجو پُڄي وَسُ،
وڻ سارا قلم ڪريان، سمونڊ ڪيان مسُ.
سو سال لکان ويھي تعريف مان تُنھنجي،
تہ بہ ڪِين لِکي سگهندُس هِڪ وصف مان تُنھنجي.
هِي مُنھنجي زبان تُنھنجو ڪندي شانُ بيان ڇا؟
تو سُونھن جي شھزادي جي ساراھہ ڪيان ڇا؟

خُدا ڄاڻِي مون کي توکان سوا، آرامُ ڪونھي ڪو.

خُدا ڄاڻِي مون کي توکان سوا، آرامُ ڪونھي ڪو.
لُڇي دل، دلربا، ماهِ لقا، آرامُ ڪونھي ڪو.

هُرين تون هانوَ ۾ هردَمُ، رَهين تُون دل اندرِ دمُ دمُ،
گهڙي پل، مِنٽُ ڇا؟ مون کي سَدا آرامُ ڪونھي ڪو.

رڙي ٿو روحُ تُنھنجي لئہ، سِڪي ٿو ساھہ تُنھنجي لئہ،
سري ٿي ڪانہ ڪا ساعت، صَفا آرامُ ڪونھي ڪو.

مِلين تُون ڇو نہ ٿي مون سان، رهين ٿي دور ڇو مون کان،
اِها آبيرُخي يا ڪا اَدا، آرامُ ڪونھي ڪو.

چپن کان مُرِڪ وئي کسجي، اکين ۾ لُڙڪ ويا رهجي،
مِلي ڪھڙي خطاَ جي ٿِي سزا، آرامُ ڪونھي ڪو.

لاڪيٽ

جنھن وقت
تُنھنجو لاڪيٽ
تُنھنجن
ڇاتين کي
ڇُھي ٿو
ائين لڳي ٿو
ڄڻُ
ڀؤنر
گلن کي چمي ٿو.

توکي ساري شاعِري،

توکي ساري شاعِري،
لُڙڪ هاري شاعري.

مُند آ ميلاپَ جي،
دڳ نھاري شاعري.

شفق جي سُرخي لڳل،
شام ڌاري شاعري.

آڌي ڌاري ننڊ مان،
ٿي اُٿاري شاعري.

پھر پوئين رات جو،
هانءُ ڏاري شاعري.

بيقراري جي مٺي،
باھہ ٻاري شاعري.

تُون ڪڏهن ايندينءَ اڱڻِ،
ٿي سنڀاري شاعري.

ڪوڙُ ٿو ماڻھو هَڻي،
سچ اُچاري شاعري.

درد جي درياھہ مان،
پارِ تاري شاعري.

*”جنھن دم ويڙهيہ وارَ“

*”جنھن دم ويڙهيہ وارَ“
چوڌاري ٿيو سوجهرو.

تُنھنجي چھري چنڊ تان،
هـٽيا ڪارونـڀـارَ.
چوڌاري ٿيو سوجهرو.

تو جو کليو ٽھڪ ڏئي،
کنوڻ ڪيا چمڪارَ.
چوڌاري ٿيو سوجهرو.

باک سندو آهي قسمُ،
واھہ جا ٿيا ديدارَ.
چوڌاري ٿيو سوجهرو.


* اَياز گل جي سِٽ

مُرڪن جي ضرورت آ.

مُرڪن جي ضرورت آ.
ٽھڪنِ جي ضرورت آ.

ڇو ايڏو ڌڪاريو ٿا؟
پنھنجن جي ضرورت آ.

صدمن جو ستايل هان،
خوشين جي ضرورت آ.

ڳَلڙن جي ضرورت آ،
گُلڙَن جي ضرورت آ.

جي چاھہ چکائن تن،
چپڙن جي ضرورت آ.

معصوم، مٺن پيارن،
لھجن جي ضَرورت آ.

جي دردُ سندم سمجهن،
اهڙن جي ضرورت آ.


وصل جون پنھنجون راحتُون آهن.

وصل جون پنھنجون راحتُون آهن.
پر غمنِ ۾ بہ فرحتُون آهنِ.

پيارُ ئي پيارُ ٿا ورهايُون پيا،
نفرتن لئہ مُحبتون آهنِ.

دوستن لاءِ جان حاضُر آ،
دُشمنن لاءِ سنگتون آهن.

بيوفائي، فريُب، دوکو ۽
ڪِين دل ۾ ڪُدورَتون آهنِ.

رُوحُ بيچينُ، ساھہ سختُين ۾،
غمُ جون پنھنجون ئي لذتون آهن.

پاڻ کي پاڻ ٿا ڪَيُون رسوا،
لوڪُ سَمجهي ٿو شھرتون آهن.

عشق ۾ سولنگي علي مَحمد،
درد مليا ٿي نعمتون آهنِ.


روزاني ڪاوش 26 آڪٽوبر 2009ع

هِي دل صدين کان سُکِي نہ آهي.

هِي دل صدين کان سُکِي نہ آهي.
ڏٺِي ڪڏهنِ ڪا خوشِي نہ آهي.

رُڳو سِڪڻ آ نَصيبُ مُنھنجو،
ڪا آسَ دل جي پُني نہ آهي.

پرين کي مُنھنجي اڱڻ تي آڻي،
هَوا ڪا اهڙي گُهلي نہ آهي.

روزانو تڙپي، روزانو ڦٿڪي،
هي تانگهہ ڪنھن دمُ سُتي نہ آهي.

لڳي ٿو هُن وٽِ اسان جي لاءِ،
ڪا چاھہ واري چُڪي نہ آهي.

پنھنجو جيونُ بہ هڪ ڪھاڻي آ.

پنھنجو جيونُ بہ هڪ ڪھاڻي آ.
درد سان دوستي پراڻِي آ.

بدنصيبي! شروع ٿيڻ کان اڳ،
پيار جي ٿي وئي پُڄاڻِي آ.

خواب تعبير ماڻي ڪين سگهيا،
روئندي روزُ دل نماڻِي آ.

جيڪا مون کي ڪڏهنِ مِلي نہ سگهي،
اڄ بہ سا روح جي تہ راڻِي آ.

رتَ جي رشتن ئِي رتُ رُئاريو آ.
خونُ ٿي ويو سُفيدُ پاڻي آ.

جِيت هُن جي ٿئي اُنھي جي لئہ،
مون تہ هارايو ڄاڻي واڻي آ.

دردُ دل جو وڃي پيو وڌندو،
ڄاڻُ پنھنجِي بہ موڪلاڻي آ.


روزاني ڪاوش 08 مارچ2012ع

سمورو جڳُ سُتلُ آهي، اَسان جا نيڻ جاڳن ٿا.

سمورو جڳُ سُتلُ آهي، اَسان جا نيڻ جاڳن ٿا.
اسان جو سکُ ڦٽلُ آهي، اسان جا نيڻ جاڳن ٿا.

سمُوري راتِ سُڏڪن ۾ لُڇي تڙپي گذاريون ٿا،
صفا مَاتمُ متلُ آهي، اسان جا نيڻ جاڳن ٿا.

ڏني آ عشق آرانڀي، مَچايو مَچُ آهي يادُن،
اندر سارو رڌلُ آهي، اَسان جا نيڻ جاڳن ٿا.

وڇوڙي وڍَ وجهي ڏاڍا، اسان جو روحُ ورچايو،
ڪو خنجر ڄڻ کتلُ آهي، اسان جا نيڻ جاڳن ٿا.

دريون درَ، بلب ۽ بتيون، سموري خلق آرامي،
اَسان کان ننڊ رُٺلُ آهي، اَسان جا نيڻ جاڳن ٿا.


ماهوار سوجهرو فيبروري 2012ع 

تُنھنجو چھرو گلابُ وڻندو آ.

تُنھنجو چھرو گلابُ وڻندو آ.
تُنھنجي نڪ تي نقابُ وڻندو آ.

نازُ تُنھنجو نھوڙي وجهندو آ،
تُنھنجو هرهڪ حجابُ وڻندو آ.

پرسُ توکي ڪلھي ۾ ٺھندو آ،
۽ هٿن ۾ ڪتابُ وڻندو آ.

ڇا تہ توکي ﷲ ٺاهيو آ،
تُنھنجو تجلو ۽ تابُ وڻندو آ.

پريت جو پيچرو اٿمِ ورتو،
نينھن وارو نصابُ وڻندو آ.

تُنھنجو مُرڪڻُ، هلڻ، ملڻُ تُنھنجو،
سَچُ پُڇين بي حسابُ وڻندو آ.

توکي حُورن کان ڀي مٿي ڀانئڻ،
ڏوھہ آ يا ثوابَ وڻندو آ.

هونئن سُھڻيون سوين هزارين پَر،
مون کي تُنھنجو شبابُ وڻندو آ.

تُنھنجي طرفان مِليو آ تُحفي ۾،
دردُ، اُلڪو، عذابُ وڻندو آ.

چپڙا چپڙن ساڻَ.

چپڙا چپڙن ساڻَ.
ملندا جڏهين او مٺي!
ٿيندي رُوح رِهاڻ.


مِٺڙي تُنھنجي مُرِڪ.
مون لئہ بڻجي ٿي پوي،
امرت واري سُرِڪ.


مرڪڻُ ماکي، کنڊُ.
ٽھڪ ٽڙن گُلاب جيئن،
ڳالھيون ڄڻ گلقندُ.


ڪيڏي سُندر شامَ.
تون جو آئينءَ سامھون،
مھڪي موتيي لامَ.

اُهي ماڻھو جيڪي، مقدر ۾ ناهن،

اُهي ماڻھو جيڪي، مقدر ۾ ناهن،
اهي زندگي ۾ ملن ٿا تہ ڇا لئہ!؟
نڀائڻ جنين جي نہ فطرت ۾ آهي،
اهي نينھن ناتو، ڳنڍن ٿا تہ ڇا لئہ!؟

محبت نہ آ واندڪائي جي وندر،
محبت آهي باھہ وارو سمندر،
انھي منجهہ جيڪي لھن ٿا، گهڙن ٿا،
اُهي ڦڙنگين کان ڊڄنِ ٿا تہ ڇا لئہ!؟

محبت کسي آهي سُک چينُ وجهندي،
محبت آهي روحُ بيچين رکندي،
سڄي رات آرام سان جي سمھن ٿا،
اُهي سُکُ ٻين جو کسن ٿا تہ ڇا لئہ!؟

قدرُ ۽ نہ قيمت، محبت جو جن وٽِ،
وڃي ڦاسندي آهي دل ڇو اُنھن وٽ؟
علي سولنگي هت سَچي کي سَدائين،
رُڳو درد دوکا ملن ٿا تہ ڇا لئہ!؟

روزُ تُنھنجو اوسيئڙو آهي.

روزُ تُنھنجو اوسيئڙو آهي.
تو نہ پاتو ڪو ليئڙو آهي.

هر گهڙي انتظارَ جو ٻريلُ،
ڪو اکين منجهہ ڏيئڙو آهي.

تو سوا ساھہ کي سُڪونُ نہ آ،
جيلَ ۾ ڄڻَ تہ جيئڙو آهي.

مُنھنجي دل جو لغڙُ ٿيو ڪاٽا،
پيچُ اٽڪِي جو پيئڙو آهي.

روحُ تولاءِ ٿو لُڇي تڙپي،
ڄارَ ۾ ڄڻَ پکيئڙو آهي.

عشق ۾ سولنگي علي مَحمدِ،
لُٽجِي سُک چينُ ويئڙو آهي.


روزاني ڪاوش 15 جون 2009ع

درد مُنھنجي سَندي دَوا تون آن.

درد مُنھنجي سَندي دَوا تون آن.
مرِض منھنجي سندي شفا تون آن.

مُنھنجي سپنن جي ساڀيا تون آن،
ابتدا تون آن، انتُھا تون آن.

منھنجون ساريون عبادتون تولئہ،
منھنجي هرِ آرزو، دُعا تون آن.

سونھن سان جڳُ سڄو ڀريو پيو آ،
پر سڄي لوڪ کان جُدا تون آن.

تُنھنجو مُرڪڻ ڏيئي لکين خوشيون،
آهي سڪراتِ، جي خفا تون آن.

توسان آهي هِي شاعري مُنھنجي،
مُنھنجي هر صنفَ ۾ سَدا تون آن.

تنھا شاعر اُداس، سوچي ٿو،

تنھا شاعر اُداس، سوچي ٿو،
ٿو لڳي پيو نراسُ، سوچي ٿو.

ڊائري، پينَ، چانھہ ٽيبل تي،
هٿَ ۾ خالي گِلاسُ، سوچي ٿو.

هيءُ ڇا ٿو پيو ٿيئي جڳ ۾،
آيو ڪاٿان هي واسُ، سوچي ٿو،

وکريل وارَ، زرد چھري ۾،
ٿو لڳي ديوداسُ، سوچي ٿو.

اجرو اِنسان ٻاهران ڪيڏو،
منَ جو ميرو لباسُ، سوچي ٿو.

سوجهرو سُک سَندو ڪڏهن ايندو؟
راتِ ڪارِي، اُماسُ، سوچي ٿو.

وفا لکجي، جفا لکجي.

وفا لکجي، جفا لکجي.
سندءِ هر هڪ ادا لکجي.

چوي ٿي دل تہ اڄُ تُنھنجي،
ويھي سُھڻي ثنا لکجي.

ملِي جا پيارَ جي عيوَضِ،
اها سارِي سزا لکجي.

اکين جي اُلتجا لکجي،
چپن جي چاهنا لکجي.

ڳلن جي ڳالھہ ئي ٻي آ،
سندن تعريف ڇا لکجي!؟

جي لکجي چنڊُ چھري کي،
تہ زلفن کي گهٽا لکجي.

غضب جي آ ڪشش تو ۾،
ڪشش جي انتھا لکجي.


سوڀ سنڊي مئگزين 20 مئي 2012ع

چاهتن جا گلابَ ارپياسين،

چاهتن جا گلابَ ارپياسين،
موٽ ۾ ڪئي عذابَ ورتاسينَ.

جِيءَ ۾ جنِ کي جايُون ڏنيوسين،
تنِ وٽان ئي عتابَ جهلياسين.

مُرڪَ مک تي ائين نہ آئي آ،
ڳوڙهن جا سيلابَ پيتاسين.

لوڪ، رنڊ روڪ، ٽوڪ ڪئي ڏاڍي،
ڪين پوءِ بہ جناب مڙياسين.

بسِ پننِ ساڻُ سُور سلياسين،
شاعرِي جا ڪتاب لکياسين.

چاهتُون، راحتون نہ ڏئي سگهيون،
درد، ڌوکا، دولاب ملياسين.

سُھڻي تُنھنجي سارَ لڳي آ.

سُھڻي تُنھنجي سارَ لڳي آ.
سارَ بہ تاروتارَ لڳي آ.

يادُن جو اَڄُ چنڊُ چڙهيو آ،
هِڏڪيُنِ جي هٻڪار لڳي آ.

زخمي سارو روحُ ويو ٿي،
تانگهہ تِکي تلوارَ لڳي آ.

هانوَ ۾ ڄڻُ ڪو چَڪُ پيلُ آ،
چاھہ سندي چڀڪارَ لڳي آ.

چوڏسُ تُنھنجا ٽھڪ ٽڙن ٿا،
موتيي جي مھڪارَ لڳي آ.

ڏينھن ڏٺي ٿيا هاڻِ هلي آ،
تَن مَن مَنجهہ تنوار لڳي آ.

مُنھنجي ساري وفا صنم تولئہ.

مُنھنجي ساري وفا صنم تولئہ.
دل جِي هر هڪ دعا صنم تولئہ.

موت کان ڪِين ٿو ڊڄان مان پَر،
زندگي جي صدا صنم تولئہ.

لوڪُ مڃندو ۽ مان ڪري ويندُس،
عشق جي انتھا صنم تولئہ.

تون ڀلي مڃ نہ مڃ سَچو آهيان،
دل ۾ ناهيَ دَغَا صنم تولئہ.

مُرڪندي، مُرڪندي زماني جي،
مون سٺِي هر سزا صنم تولئہ.

مُنھنجي ساري هي شاعري تُنھنجي،
جا ڪيم سڀَ ثنا صنم تُنھنجي.

تو سوا ڇا ڪُندس حياتي کي،
ساھہ جي تنُد آ صنم تولئہ.

ڇا سُونھن شرابي آ؟

ڇا سُونھن شرابي آ؟
۽ چھرو ڪتابي آ.

مخمُور نگاهُن جي،
هر گُهورَ گلابِي آ.

ڳلَ، ترِ جي سنگت وهوا،
ڇا مُرِڪ حجابي آ.

چڳ چھرو چُمي ٿي پئي،
منظر هِيَ عذابِي آ.

ٿِي مور مُنڊي تُنھنجي،
هِي چال نوابِي آ.

ڇا دِيدَ دُنالي آ؟

ڇا دِيدَ دُنالي آ؟
۽ گهُور غزالي آ.

معصوم اَدائُن جي،
هر ڳالھہ نرالي آ.

چھري کي چُمي چڳ ٿي،
منظر هِي مثالي آ.

ڇا آهي حياتي هِي؟
بسِ عَڪِسُ خيالي آ.

هِت ڪيُر نہ آ ڪنھنجو،
هِي دور دَجالي آ.

ميلاپُ گُهري ٿو مَنُ،
هرِ انگُ سوالِي آ.

سُور سھندي بہ مُسڪرايون ٿا.

سُور سھندي بہ مُسڪرايون ٿا.
لوڪ کان لُڙڪ ائن لڪايون ٿا.

هوءَ پنھنجو ڪري، ڪري نہ ڪري،
پرَ، اسين اُن سندا سڏايون ٿا.

زندگي سان رهِي نہ چاهت آ،
بس! مڙئي ڏينھن پيا کُٽايون ٿا.

شامَ جيئري ملھائبي آهي،
پر اسين ورِسيون ملھايون پيا.

راس آئي نہ پاڻ کي آ خوشِي،
درد سان دوستي نڀايون پيا.

نڪ تي نقابَ واري.

نڪ تي نقابَ واري.
سھڻي شبابَ واري.

شرميلي شرم ٻوٽي،
هئہ هئہ حجابَ واري.

ڏسندي نشو چڙهي ٿو،
بوتل شرابَ واري.

ڇاتِي اُڀارُ توبھہ،
وِک وِک نوابَ واري.

ڇا سُونھن رب ڏني ٿئي،
چھري گُلابَ واري.

توساڻُ هان مُخاطب،
هٿَ ۾ ڪتابَ واري.

اوجانم!

اوجانم! هِي تُنھنجي تہ ناراضگي،
قسمَ ساڻَ مون کي نہ ماري وجهي.
رُسين ٿي تہ منھنجو وڃي ساھہ ٿو،
نہ ٿي راھہ توبن، جيئڻ جي سُجهي.

ڪڏهن سوچيو ٿي ويھي تو مٺي!
آهين ڪيڏي سُندر ۽ سُھڻي سُٺي.
اٿئي چنڊُ چھرو ٻئي اکيون ڪَنول،
۽ آوازُ ڪويل جيِ ٻولي مِٺي.

آهين ڄَڻ تون شاعر جو مڪمل غزل،
اڌوِري سِوا تو لڳي شاعري.
آهي هيچ تُنھنجي اڳيان هرڪو گلُ،
توتي ڀونر ڀُلجي ٿا ڪن عاشقِي.

مون ڏي اکِ جو تُنھنجي کڄي ٿي وڃي،
تہ دل جي هي ڌرتي ڌُڏِي ٿَي وڃي.
کڻي نيڻ مُرڪي ڪرين باتِ جي،
تہ هرڪا خوشي ڄڻُ ملي ٿي وڃي.

اِهي وارَ تُنھنجا ڏنگنِ نانگُ ٿِي،
ورائي جي ويڙهين ڦَٽَي باکَ ٿِي،
آهين حَورَ يا ڪا پري اپسرا،
تڏهِن شفق تُنھنجي کڻي ساک ٿِي.

جڏهن تُنھنجي چپڙن جي مُکڙي کَلي،
تڏهن خوبُ خوشبوءِ هَوا سان هُلي.
سندءِ سينڌ سھڻي تہ سنڌوءَ جئان،
هَڻِي شوقَ ڇُوليُون ڇُلي ٿو ڇُلي.

چوان ڇا تو ۾ خوبيون ڪيتريون،
اصل ڪين آهن ڳڻڻَ جيتريون.
جيڏا آسمان ۾ ستارا آهن،
مٺي! مون ۾ هِنِ خامُيون ايترِيون.

مان مقدر جو ماريل اُهو آدمي،
ڏکن ۾ گذاري آ جنھن زندگي.
ڄَمڻ کان وٺي سُک ڏٺو مون نہ آ،
رهي دُور مون کان سَدائين خوشي.

ڪيو ڪين مون سان سچو پيارُ ڪنھن،
مفادن ۾ ويڙهيل مُحبت مليِ.
اُنھيءَ ئي ڏنا لُڙڪُ تحفو ڪري،
جَهين ساڻ ڳالھائيو مون کِلي.

ڳنڍي تارَ جنھن ساڻُ مون پيارَ جي،
اهو ئي ڇڏي ويو تہ آزار ڏئي.
اسان جن جي راهُن ۾ گُلڙا رکيا،
اُهي ئي اسان کي ويا خارَ ڏئي.

نہ شڪوہ ڪئيسين نہ ئي ڪا گلا،
اهو سڀ ٿيو جو بہ چاهيو خُدا.
ڦٽل ڀاڳ پنھنجا اصل کان هُيا،
شڪايت ڪجي پوءِ ڪنھن سان ڀلا؟

رڳو رهيون مقدرَ ۾ مُحروميُون،
ڪيُون روز خوشين پئي خودڪشيون.
جڏهنِ آسرا سَڀُ پلي مون ڇڏيا،
تڏهنِ مون کي تُنھنجون مليون مُحبتون.

سندمِ دل جي زخمن مٿانَ رکيُون،
چٺيون چاھہ واريون پھا ۽ پٽيون،
اسان درد پنھنجا وساري ڇڏيا،
لڳيون مُسِڪرائڻ اسان جون اکيون.

ائين ساعتُون سَڀُ لنگهندِيون رهيُون.
چٺيُون چاھہ تُنھنجي جون پُڄنديون رهيُون.
ڦُٽِي پيار جا پِيا، ڪي دل ۾ سَلا،
۽ چاهت جون مکڙيون بہ ٽڙنديون رهيون.

اسان خوشنصيبي تہ سمجهي اها،
اگهي ويئي مُنھنجي هئي ڪا دُعا.
جو تو جھڙي محبوبا مون کي مِلي،
ٻُڌي پڪ سان پرور سندم التجا.

سندءِ چاھہ مون لئہ بڻيو روشني،
لڳي مون کي پيارِي لڳڻ زندگي.
وري مون ۾ پيدا ٿيو حوصلو،
سندم درد ميٽي ڏني تو خوشي.

مگر هاءِ مقدر نہ مون سان ٺھيو،
تو ٿوري گهڻي تان رُسڻ آ سکيو.
اُگهي لڙُڪ جيڪي مون ڇڏيا هيا،
تنين اڄ اکين مان وهڻ آ سکيو.

پتو توکي ڪھڙو تہ هِي بيرُخي،
ڪري زندگي کي ڇڏي زهرُ ٿي.
ٿي مايوس منھنجو وڃي ٿو تہ منُ،
عجبُ ڇانئجي ٿي وڃي بيوسي.

خُدارا! رسڻ جي ڇڏي ريت ڏي،
مون کي پنھنجي ساڳي اها پريت ڏي.
هلي اچ اگهي وڃ سندم لُڙڪ تون،
مون کي تُون تہ ٽھڪن جو سنگيت ڏي.

ختم ڪر اها هاڻي ناراضگي،
۽ موٽائي ڏي پيارُ پنھنجو مٺي!
سَوا تنھنجي منھنجو نہ آهي ڪوئي،
مان تُنھنجو، مان تُنھنجو، مان تنھنجو مٺي!

چنڊ ۾ ٿو عڪسُ تُنھنجو ئي پَسان.

چنڊ ۾ ٿو عڪسُ تُنھنجو ئي پَسان.
دل چوي ٿي گهور تو تان ٿِي وڃان.

ڪاش! تُنھنجي ڳل سُندو تِرُ ٿي پوان،
يا موهيڙو ئِي مِٺي تُنھنجو هجان.

جنھن گهڙي هِڏڪي لڳي ٿي اُن گهڙي،
سچُ پُڇين مان نانءُ تُنھنجو ٿو کڻان.

هِي غضب جا نيڻ تُنھنجا اُف ﷲ!
روزُ تنِ ۾ ٿو ٻُڏان ۽ ٿو تران.

رات ٿئي ٿي لوڪُ سارو ٿو سُمھي،
آئون تُنھنجي تاتِ ۾ تڙپان لڇُان.

خود ثنا آهين، ثنا جي ڇا ثنا!؟
مان ڀلا تُنھنجي ثنا ڪھڙي ڪيان؟

زندگي تي ڀروسو جانم نہ آ،
هڪ دفعو توسان ملڻ ٿو مان گهران.

چاهتُن ماري وڌو.

چاهتُن ماري وڌو.
الفُتنِ مَاري وڌو.

هن اڄوڪي دور جي،
مُحبتن ماري وِڌو.

هڪ مِٺي ماڻھو سنَدي،
قربتُنِ ماري وڌو.

ڪُنھن دُنالي ديدَ جي،
دَهِشتُنِ ماري وڌو.

رتَ جي رشتن کان مليل،
نفرتن ماري وڌو.

وِصل واري وقت جي،
راحتُنِ ماري وِڌو.

رسوائين جي روپَ ۾،
شھرَتُنِ ماري وڌو.


سوڀ سنڊي مئگزين 27 مئي 2012ع 

مُنھنجو ورثو، دردُ ۽ پيڙا.

مُنھنجو ورثو، دردُ ۽ پيڙا.
لمحو لمحو، دردُ ۽ پيڙا.

ڇرڪ ڀري ٿو ننڊَ مان جاڳان،
سپنو سپنو، دردُ ۽ پيڙا.

توبھہ توبھہ، زاري زاري،
عشق جو رستو، دردُ ۽ پيڙا.

ڪيئن لکان مان گيتَ خوشي جا،
پيار جو تحفو، دردُ ۽ پيڙا.

مون کي مليا موٽَ ۾ آهن،
سِڪ جو صدقو، دردُ ۽ پيڙا.

هر ڪنھن کان آ، مون کي پلئہ پيو،
سُور ۽ صدمُو، دردُ ۽ پيڙا.

دل جي ڪوري ڪاغذ تي هي،
ڪنھن آ لِکيو، دردُ ۽ پيڙا.

راتِ سَمُوري جاڳي لکِي پيو،
شاعر چرِيو، دردُ ۽ پيڙا.

سُور ۽ صدما، مُنھنجو مَقدرُ.

سُور ۽ صدما، مُنھنجو مَقدرُ.
پُور ۽ پيڙا، منھنجو مقدرُ.

غيرن کان ڇا پنھنجن واتان،
اهنجا لھجا، منھنجو مقدرُ.

ڳوڙها ڳوڙها، منھنجو مقدرُ،
سُڏڪا سُڏڪا، منھنجو مقدرُ.

اُلڪا اُڌما، مُنھنجو مقدرُ،
رُڃ ۽ صحرا، منھنجو مقدرُ.

لَفِظَنِ مان پيو رتُ ٿو ٽپڪي،
گهايل جذبا، منھنجو مقدرُ.

ناهي نصيبن مَنجهہ سچائي،
ڪُوڙا ڪلما، منھنجو مقدرَ.

ڄاڻُ دماغَ رڳون ڦاٽيون بسِ!
دردَ جا جهٽڪا، مُنھنجو مقدرُ.

ڪِنھن ميڻُ بتي وانگي.

ڪِنھن ميڻُ بتي وانگي.
سِڪ آهي سَتِي وانگي.

اک تُنھنجي گُليلي ۽
دل مُنھنجي پکي وانگي.

تڙپي ٿي سَوا تُنھنجي،
هِي تانگهہ مڇي وانگي.

آ مرُڪ مٺي تُنھنجي،
مصري جي ڳڙي وانگي.

توريءَ حياتِي هي،
ڀترن جي ڀري وانگي.

رُخسار تي موهيڙا،
ٽيڙو ۽ ڪَتِي وانگي.

اي ڪاش! هَجان توسان،
اِن پرس، سڳي وانگي.

*”ڪڏهن ڪڏهن تہ سارجي“

*”ڪڏهن ڪڏهن تہ سارجي“
صفا نہ اَئن وسارجي.

اجايو بي رُخي سندو،
خنجر هڻِي نہ مارجي.

حياتيِ چار ڏينھڙا،
سا پيار سان گُذارجي.

مِلوُن جي ڪنھن بہ واٽَ تي،
خلوص مان کيڪارجي.

نظر نظر سان نينھن جي،
مِلائي هانءُ ٺارجي.

ڪڏهن نقابُ رُخ سَندو،
پري ڪري نھارجي.

ڪُدورتُن ۽ نفرتن،
کي دل منجهان ڌِڪارجي.

مسيج، ڪال ڀي سَھِي،
ڪڏهن تہ گڏَ بہ گهارجي.

ڪجي جي قولُ، واعدو،
مري بہ سو تہ پارجي.

آ ماٺِ نانءُ موتَ جو،
ڪو گيتُ ئي جهونگارِجي.

ڪِروڌ مان مِلي جيڪو.
سو کيرُ ڀي ٿُوڪارِجي.

جي مُرِڪي ڪوئي وِھہ ڏئي،
اندرَ اندرِ اُتارجي.

جواني حسنُ بي بقا،
غرورُ ڪِين ڌارجي.

نہ روزُ اِئن سِڪائجي،
ڪڏهنِ چُڪي پيارجي.


* شيخ اياز جي سِٽ

اُداسُ ڳليُون

مُنھنجي
گهرَ جون
اُداسُ ڳليون
تُنھنجي
آمد جون
منتظر آهن
اچُ ۽ اچي
انھن کي
قدمُ بوسيءَ جو
شرفُ بخشِ.

تُنھنجا جلوا گهائن ٿا، گهائن ٿا.

تُنھنجا جلوا گهائن ٿا، گهائن ٿا.
هوشَ منھنجا صفا اُڏائن ٿا.

مان اڪيلو هجان يا محفل ۾!
خيالَ تُنھنجا اچي وَرائن ٿا.

تُنھنجو نظرون ڪَپنِ ڪُھن مون کي،
چينُ تُنھنجا تہ چپ چورائن ٿا.

راتِ ڀر تاتِ ٿي تپائي پئي،
تُنھنجا سپنا صنم ستائنِ ٿا.

سونھن تُنھنجي سندو قسم جانم!
تُنھنجا سينگارَ، سِرُ وڃائن ٿا.

تو جئان ٻِيو نہ ڪو.

تو جئان ٻِيو نہ ڪو.
ٿو چوان ٻِيو نہ ڪو.

ڪئي حَسينَ شھرَ ۾،
مان مَڃان ٻيو نہ ڪو.

جاڳ ۾ ۽ خواب ۾،
ٿو ڏسان ٻيو نہ ڪو.

اَڄُ بہ آئون ساڳيو،
آهيان ٻيو نہ ڪو.

شعرَ ۾ سواءِ تو،
مان لکان ٻيو نہ ڪو.

آ تنوارَ، تون ئي تُون،
ٻوليان ٻيو نہ ڪو.

آسرو ﷲ ۾.

آسرو ﷲ ۾.
هڪ صنم نگاھہ ۾.

رب ڪريم شل رکي،
پيار کي پناھہ ۾.

سِڪ سُدائين اُن سندي،
ساھہ ۽ پَساھہ ۾.

ڪَلَ نہ آ ثوابَ جي،
غرقُ ها گناھہ ۾.

نيڻَ ٿمِ وڇائيا،
روزُ هُن جي راھہ ۾.

تَنِ من تُنھنجي تارَ سدائين.

تَنِ من تُنھنجي تارَ سدائين.
اکڙين لُڙڪن لارَ سدائين.

تُون تہ وساري ويٺي آهين،
مون کي تُنھنجي سارَ سدائين.

توکي حاصل جِيت هميشہ،
مُنھنجو مقدر هارَ سدائين.

هِنَ هُنَ ٽوڙِي، تو بہ نہ جوڙي،
دَلڙِي ڏارون ڏارَ سدائين.

اکڙين جو آرامُ هليو ويو،
تُنھنجا ئي اوٽارَ سَدائين.

روح کان راحت کسجي وئي آ،
اندر ۾ آزارَ سَدائين.

خوشيون خوابن ۾ بہ نہ مليُون،
دل ۾ درد هزارَ سدائين.

عشق سندي اظھارَ جون ڳالھيون.

عشق سندي اظھارَ جون ڳالھيون.
آءُ ڪيون ڪي پيارَ جون ڳالھيون.

ڪين کپن انڪارَ جون ڳالھيون،
ڪرِ هاڻي اقرارَ جي ڳالھيون.

ڪوڙي هِن سنسارَ جون ڳالھيون،
ڇڏِ بہ کڻي بيڪارَ جون ڳالھيون.

دل جي لئہ آهنِ دلداريُون،
ديد، سندءِ ديدارَ جون ڳالھيون.

جيتِ جون ڳالھيون، هارَ جُون ڳالھيون،
ڪَرِ نہ اِهي تڪرارَ جون ڳالھيون.

هوءَ نقابَ ۾ گذري.

هوءَ نقابَ ۾ گذري.
آھہ دل منجهان نڪري.

جئن وهي وَڌي هُن جي،
حسنُ تيئن ٿو نکِري.

بي چئي اَسان جي دل،
ڪين ٿي صفا سُڌِريَ.

رات ڏينھن هُن جي لئہ،
دل پئي پچي پِڄري.

ڪاش! ٿي پوي مُنھنجي،
آسَ هَري گهڙي اُڀري.

ڪنڊن جي وچ ۾ گلابُ ڳوليان.

ڪنڊن جي وچ ۾ گلابُ ڳوليان.
وري نئون ٿو عذابُ ڳوليان.

چپن کي ڏاڍي پياس آهي،
مِٺي مِٺيءَ جو شرابُ ڳوليان.

پڙهڻ سان جنھن کي ملي ڪا راحت،
پيو ٿو اهڙو ڪتابُ ڳوليان.

ڪا مُنھن ڏيکاري لِڪي وئي آ،
تڏهن ٿو هر هڪ نقاب ڳوليان.

وفا جا وڻ ئي ويا تہ وڍجي،
ٿو ردِ ڪيل مان نصابُ ڳوليان.

رڳو اسان لئہ ڇو درد آهن؟
پيو ٿو اُن جو جوابُ ڳوليان.

زندگي منھنجي زندگي ڪانھي.

زندگي منھنجي زندگي ڪانھي.
غم ئي غمُ آ رڳو، خوشي ڪانھي.

آزمائي ڏِٺو آ هَرِ ڪنھن کي،
لوڀُ لالچ آ، دوستي ڪانھي.

جنھن ۾ انسان جو اندر پسجي،
اهڙي ڪائي بہ آرسي ڪانھي.

مُون کي مولا ڏِنو تہ سَڀُ ڪجهہ آ،
هُن سوا ڪابہ ٻي ڪميِ ڪانھي.

انڪري ڪين ٿا وڻون ڪنھن کي،
پاڻ وٽِ پاليسي ٻِٽِي ڪانھي.

مُنھنجي مقدر ۾ ڇو ڀلا يا ربّ!
هُن جي هڪڙي بہ ڪا چُمي ڪانھي.

ها، مَڃان ٿو تہ شعر سادا هِن،
دردُ تن ۾ آ شاعري ڪانھي.

لفظ تڙپن ۾ لُڇن ٿا، شاعري جي روپَ ۾.

لفظ تڙپن ۾ لُڇن ٿا، شاعري جي روپَ ۾.
سُور سُڏڪن ۽ رڙن ٿا، شاعري جي روپ ۾.

ساھہ ڪَئي ٿڌڙا کڄن ٿا، شاعري جي روپَ ۾.
خوابَ پُرزا ٿي چڀن ٿا، شاعرِي جي روپَ ۾.

دل صفا آهي چري ۽ اُن چري کي ڇا ڪجي؟
دل کي دلبا ئي ڏجن ٿا، شاعري جي روپَ ۾.

جن ڦٽنِ تي مرڪ جو مرهم رکي پٽيون ٻڌم،
ڦٽَ اُهي اکلڻ لڳن ٿا، شاعِري جي روپَ ۾.

جي ڪيمِ دل ۾ دفن، ڪنھن ساڻُ سليَمِ ڪينڪي،
راز سي ظاهر ٿين ٿا، شاعري جي روپَ ۾

لوڪ کان جيڪي لڪايم، لُڙڪ سي لارون ڪري.
روز ڪاغذ تي ڪرن ٿا، شاعري جي روپَ ۾.

آسَ ۽ آٿت سندي جيڪي سمھاريم هنج ۾،
درد سي جاڳي پون ٿا، شاعري جي روپَ ۾.

اها زندگي آ

ڪڏهن ڏکُ، ڪڏهن سُک، ڪڏهن غمُ، خوشي آ.
اها زندگي آ، اها زندگي آ.
ڪڏهن ٻاٽ اوندھہ، ڪڏهن روشني آ،
اها زندگي آ، اها زندگي آ.

ڪڏهن موج مھراڻ ڇوليُون ئِي ڇوليون،
ڪڏهنِ مورَ جي ٽورَ ڪويل جون ٻوليون،
ڪڏهنِ باغُ بلبل، ڪڏهن سُڃَ رڳي آ،
اها زندگي آ، اها زندگي آ.

ڏِسي تابُ سج جو جُدا ٿئي ٿو پاڇو،
ڪڏهن منُ آ مڪلي، ڪڏهن ٿرُ ۽ ڪاڇو،
ڪڏهن آهي ڪينجهر، ڪڏهن ڇپ ڳري آ.
اها زندگي آ، اها زندگي آ.

ڪڏهنِ وئشيا وانگي وِڪي نوٽ تي ئي،
ڪڏهنِ سسئي وانگي چڙهي چوٽَ تي ٿي،
ڪڏهن سھڻي وانگي تري آ ٻڏي آ.
اها زندگي آ، اها زندگي آ.

ڪڏهن سانجهہ سُرهي، ڪڏهن راِت ڪاري،
ڪڏهنِ سالُ ساعت، ڪڏهن پلُ بہ ڀاري،
ڪڏهن پھر سُڏڪي ڪندو خودڪشي آ.
اها زندگي آ، اها زندگي آ.

ڪڏهنِ وقتُ ويري، ڪڏهن مھربان آ،
ڪڏهن تنگ ڌرتي، ڪڏهنِ آسمان آ،
ڪڏهن دوستي آ، ڪڏهن دشمني آ.
اها زندگي آ، اها زندگي آ.

ڪڏهنِ ٽوھہ، ڪڏهين مِٺي کنڊُ جھڙي،
ڪڏهنِ چوڏهين جي چٽي چَنڊ جھڙي،
ڪڏهن راڻو، مومل ڪڏهن ڪاڪ جي آ.
اها زندگي آ، اها زندگي آ.

ڪڏهن پريت جھڙي، ڪڏهن درد جھڙي،
ڪڏهنِ آھہ اجڙيل، ڦُرِيل فرد جھڙي،
ڪڏهن پرھہ جھڙي، ڪڏهن ڌرتَتِي آ.
اها زندگي آ، اها زندگي آ.

دل چورائي وَئي

تاڙيُون وڄائي پئي،
سھرا بہ ڳائي پئي.
دُهلَ ڌَماڪي تي،
هٿڙا هلائي پئي.
چوري چوري ڇوري،
نيڻَ ملائي وئي.
چينُ لُٽي مُنھنجو
پاڳل بڻائي وئي.
گهور سان گهائي وئي
نِنڊَ ڦٽائي وئي.
هئہ هئہ هئہ هئہ هُوءَ،
دل چورائي وئي.
ڇا تہ ادائون هُئس،ِ
قاتل نگاهون هئس.
چوڙين سان ڀريَل،
ٻيئي ٻانھون هئس.
هارُ ڳچي ۾ هُئس،
چيچَ ۾ ڇلڙو هئس.
پاتل اکڙيُن ۾ِ،
ڪَھِري ڪجلڙو هُئس.
مَتيون منجهائي وئي،
هَوش اُڏائي وئي
هئہ هئہ هئہ هئہ هوءَ،
دل چورائي وئي.

وِڄَ وراڪَا هئي.
تجلا تجلا هُئي.
سونھن جي راڻي هُئي،
حُسن جي ملڪا هُئي.
وارَ ڪلھن تي هُو،
آئي ورائي هُئي.
واھہ جو پاڻ کي هُو،
آئي تہ ٺاهي هُئي.
تنُ تڙپائي وئي،
وَڻَ ئي وڄائي وئي،
هئہ هئہ هئہ هئہ هُوءَ،
دلِ چورائي وئي.

وڻين ٿِي

مِٺي! مون کي وڻين ٿي، تُون وڻين ٿي.
وڻين ٿي ها وڻين ٿي، تُون وڻين ٿي.
ڏسِي مون ڏي کلين ٿي، تون وڻين ٿي.
کِلي مون سان ملين ٿي، تون وڻين ٿي.
ويھي ڳالھيون ڪرين ٿي، تُون وڻين ٿي.
وڻين ٿي تُون.
مٺي! مون کي وڻين ٿي.

تُنھنجو چھرو صفا آ چنڊُ جھڙو، مِٺو لھجو ماکي ۽ کنڊُ جھڙو.
اکيون زمرد، هيرا مرجان اٿئي، خنجر ڀالا، تِکاڪي ڪان اٿئي.
کڻي اکڙيون نھارين ٿي جڏهن تُون، خُدا ڄاڻي ٿو مارين ٿي تڏهن تُون.
اِهي تُنھنجا ڏاڙهون جھڙا ٻئي ڳلڙا، ٽڙندڙ گلِ جي پنکڙين وانگي چپڙا.
آهي انب ڦارَ نڪُ تُنھنجو اي جاني! ڪُشادي جرڪندڙ تُنھنجي پيشاني.
مثل موتين جي تُنھنجا ڏند لڳن ٿا، ڏسي توکي شعر شاعر چون ٿا.
ڳِچي تُنھنجي چوان ڇا، ڇا چوان مان؟ چوي ٿي دل توکي سجدا ڪيان مان.
سندءِ اڀرو ڪَمانُون تيرَ آهن، گيسو تُنھنجا ڪُنڍا زنجيرَ آهن.
ڪلھن تي تِن کي سينگاري رکين ٿي.
وڻين ٿي تُون،
مٺي! مون کي وڻين ٿيِ.

سڀن کان سونھن ۾ تون اورُ آهين، مٺي تون زور آهين زورُ آهين.
نہ تُنھنجو مٽُ آهي ساري شھر ۾، ڪراچي، خيرپور، دادو، سکر ۾.
ڀلي ٺاهي اچن ڪئي پاڻ پنھنجو، لھن ٿيون ڪينڪي سي نَنھن بہ تُنھنجو.
قسمُ آهي مون کي تُنھنجي اکين جو، قسم تُنھنجي چپن بخمل بدن جو.
جواني تنھنجي ديوانو ڪيو آ، مون کي موهي تو مستانو ڪيو آ.
سندمِ خوابنِ سندي تعبير آهين، سندم تصور جي تون تصوير آهين.
آهين سُھڻي تُون ننھن کان چوٽي تائين، وري سُھڻا سُٺا ٿي ويس پائين.
ٻُڌايان ڇا مان ڪيڏي تون ٺھين ٿي، وڏي انداَز سان وِک وک کڻين ٿي.
ادا سان ٻانھن کي لوڏي هلين ٿي.
وڻين ٿي تون
مٺي! مون کي وڻين ٿي.

علي محمد چوي بلڪل صنم مان، ڦاسِي تو وٽِ ويو آهيان قسم سان.
الائي ڪھڙو تو جادو ڪيو ٿئي، صفا سوگهو ڪَري قابو ڪيو ٿئي.
ڪوئي َانتر يا ڪو مَنتر پڙهيو ٿئي، يا ڪارو علمُ يا تعويذ ڪيو ٿئي.
چڪر ڪوئي تہ مون سان آ ڪيو تو، ڪرايو پڪ اٿئي ڦيڻو سڳو تو.
لھينِ دل تان نہ ٿي هڪ منٽُ ڀي تُون، سدائين سولنگي کي تُنھنجون سوچون.
ڏسان جي ڪِين ٿو هڪ پلُ بہ توکي، اچي ڪو سُکُ نہ ئي آرامُ مون کي.
دُعا آهي نہ ويجهو دردُ اچئي، ڪڏهن ڪو سو نہ توکي واءُ لڳئي.
گُهري ٿي دل نہ ڪوئي غم ڏسين تُون، سَدائين ٽھڪ ڏين خوش خوش هجين تون.
مٺي تُون ساھہ کان ڀي وَڌِ لڳين ٿي.
وڻين ٿي تون،
مٺي! مون کي وڻين ٿي.

روحُ ٿو لُڇي پُڇي.

روحُ ٿو لُڇي پُڇي.
منَ ڪٿان صنم اچي.

هِي وڇوڙو نانگ جئان،
ڏَنگ روزُ ٿو هڻي.

زَهرُ ٿي حياتَ آ،
ڪا مِٺي نہ ٿي ملي.

رب ڪري تہ هن کي شل،
ڪا اسان جِي سِڪ لڳي.

چاهيان پيو اُهو،
شل نہ هوءَ ڏکُ ڏسِي.

درد دورِ ٿي وڃنِ،
ڪاش! جي ملي پوي.

جانان!

او جانان!
فِراق جي ڦٽن تي
جڏهن
ميلاپَ جو مرهم مکيندينءَ
تڏهن
خزائنِ جي مند ۾ بہ
موتيا مھڪي پوندا
هوائن مان
مينديءَ جي خوشبوءِ
اچڻ لڳندي
ٿُوهَرُ ٿي ويل
چپن تي
مُرڪن جا
گلاب ٽڙي پوندا
۽ مئل ۾
ساھہ پئجي ويندو.

دلڙي چري!

جنھن لاءِ مرين ٿي دلڙي چري!
هو تُنھنجو ڪڏهن ڀِي ڪو نہ ٿيندءِ.
ڇڏِ تون بہ اُنھي جو نانءُ وٺڻُ،
بيڪارُ آ تُنھنجو هِيءُ روئڻ،
ويندينءَ اجايو مفتُ مري.
هو تُنھنجو ڪڏهنِ ڀي ڪو نہ ٿيندُءِ.

جنھن لاءِ سڪِين، ٿي تڙپين لُڇين.
ايندن ويندن کان اُن جو پُڇين.
راتو ڏينھان ٿي روئين رڙين،
هر وقتِ پئي ٿي دانھون ڪرين.
ٿي روز نھارين راهون وري.
هو تُنھنجو ڪڏهن ڀي ڪو نہ ٿيندءِ.
آهُنِ جو ٿيندُءِ هُنَ تي نہ اَثُر.
بيقدري وٽِ ٿيندُءِ نہ قدرُ،
هو دل جو صفا آهي پٿرُ،
هو ساڙيندو پيو تُنھنجو جگرُ.
ٿي ٽڪرا ٽٽي پئہ يا تہ ڏري.
هو تُنھنجو ڪڏهن ڀِي ڪو نہ ٿيندءِ.

جنھن لاءِ وڇائين نيڻ پئي.
سو تُنھنجو نہ ٿئي، سو تُنھنجو نہ ٿئي.
هو ٻئي ڪنھن جو دلدارُ اٿئي،
دل ايڏي نہ ٿي بلڪل بي چئي.
مِڃِ منھنجو چوڻُ ٻيڙيءَ تَرِي.
هو تُنھنجو ڪڏهن ڀي ڪو نہ ٿيندءِ.

الوداع!

الوداع!
الوداع!
هڪ ڏهاڙي ٿيبو، نيٺ جاني جُدا،
ڀروسو ڪِين آ، زندگي تي صفا،
موتُ مھڻو نہ آ.
الوداع! الوداع!

جن ڏنا ڏک رڳي، سي بہ رئندا اچي،
پنھنجا ڌاريا سڀئي پار ڪڍندا اچي.
گِرھَ ڪن جي هٿن مان تہ پوندا ڪري،
ڪي ٻُڌي موت جو چُپ ٿي ويندا وري.
جي پٿر جي مثل سَي بہ پوندا ڀُري.
ڪيترن جا جگر هانوَ پوندا ڏري.
ڪي پيا سڏ ڪندا.
الوداع! الوداع!

اَجرڪن ۾ ڍڪيلُ مُنھن تي هوندو ڪَفنُ،
هر ڪو چوندو، ڪجي لاشُ جلدي دفنُ.
ڪوئي چوندو وري ڪجهہ گهڙيون ترسجو،
آخِري هي ملاقاتِ آ سوچجو.
ڪو جي اچڻو هُجي، مُنھن ڏِسي سو اچي،
پو ڀَليِ مڙُھہ کڻن جي تياري ڪجو.
ڪيسِين رکبو ڀلا!؟
الوداَع! الوداع!

ها جنازو جڏهن نِڪرندو گهر منجهان،
پوندي قيامتِ ڪِري گهرَ جي ڀاتين مٿان.
لاشُ ڪانڌي لٽي ايندا واپس جڏهن،
روڄ راڙو مَچي ويندو ٻيھر تڏهن.
خالي کٽ کي ڏسي ويندو ڪھرام ٿي،
”جي ويا سي نہ ورندا تہ واپس ڪڏهن“.
آهي چوڻي اها.
الوداع! الوداع!