لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌُ ارتقاءَ جي جاءِ (حصو پھريون)

ڪتاب ”سنڌ ارتقا جي جاءِ“ ذريعي ليکڪ اهو ثابت ڪرڻ جي پنھنجي طور هڪ بھترين ڪوشش ڪئي آهي، تہ انساني سماج جي ترقيءَ ۾ سنڌ نہ فقط ڀرپور حصو ورتو آهي، پر ڪيترين ڳالھين ۾ قاعدانہ ڪردار ادا ڪيو آهي. ليکڪ جو هن موضوع تي لکڻ جو مقصد اھو آھي تہ ڪائنات جي هن گولي (ڌرتيءَ) تي ابتدائي ارتقاءَ جو عمل شروع ٿيڻ ۾ سنڌ جو ڪھڙو ڪردار رهيو آهي، ڌرتيءَ جي پيدائش کان کنڊن ۾ تقسيم ٿيڻ وقت سنڌ جي ڌرتيءَ جو ڪردار انتھائي اهم آهي، ۽ دنيا ۾ پکڙيل انسان ۽ ٻيا جاندار سنڌ ڌرتيءَ تي جنم وٺي دنيا ۾ پکڙجي ويا جنھنجا ثبوت پڻ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. نامعلوم دور کان موجودہ دور تائين سنڌ جي اهميت واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. دليلن لاءِ ڏنل حوالا سائنس، مذهب ۽ تاريخ مان ورتل آهن.

  • 4.5/5.0
  • 76
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سنڌُ ارتقاءَ جي جاءِ (حصو پھريون)

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ آهن

سنڌ ارتقاءَ جي جاءِ
Sindh-A Seat of Evolution


سڀ حق ۽ واسطا Apple Abro Publication وٽ محفوظ آهن

ڪتاب جو نالو : سنڌ ارتقاءَ جي جاءُ
موضوع : تحقيق
ليکڪ : شاھد علي ”صوف“ ابڙو
ٽائيٽل : ارون اياز عالم ابڙو
ڪمپوزنگ لي آئوٽ : سنگم پبليڪيشن
سچل ڳوٺ ڪراچي
تعداد : هڪ هزار
چپائيندڙ : Apple Abro Publication
ڇاپو پھريون : 2016
قانوني صلاحڪار : ايڊوڪيٽ سعيد احمد پنھور 03419648336
تعداد : هڪ هزار
ڊسٽري بيوٽر : ڀٽائي بڪ هائوس
دڪان نمبر 168 اوريئنٽ سينٽر نزد
اورنگزيب مسجد ، گاڏي کاتو حيدر آباد
فون: 03223011560
قيمت = / 150 روپيہ

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2024ع

ارپنا

مان پنھنجي هن تحرير جي ارپنا خالقِ ڪائنات جي پيار جو مرڪز رهندڙ دنيا جي سڀني ساھہ وارن کي جنم ڏئي پنھنجي هنج ۾ پاليندڙ
حضرت آدم عليہ السلام کان حضرت محمد صلعم تائين سڀني پيغمبرن، صوفين، سنتن ۽ عالمن جو پھريون وطن رهندڙ
“سنڌ ڌرتيءَ” ۽ ان ۾ موجودہ انھن فردن لاءِ جيڪي گمنامين جي گھراين ۽ منظر تي رهندي عالِم انسانيت، ڌرتي ۽ سنڌي قوم جي بقا لاءِ حق ۽ سچ جي واٽ تي هلندي علم، عمل، قلم ۽ زبان ذريعي جدوجھد ڪندي پنھنجي جان ۽ مال قربان ڪري،
وطنِ سنڌُ جي بقا لاءِ جھاد ڪندڙ نوجوانن ۽ نياڻين جا لاش ڍوئيندڙ مائرن، پيئرن، ڀائرن، ڀينرن، پُٽن ۽ ڌيئرن ۽ سچن حلالي سنڌي سپوتن جي نالي ڪريان ٿو.

شاھد علي ”صوف“ ابڙو 

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران lنثرنگار ۽ محقق شاھد علي صوف ابڙي جي تحقيق تي آڌاريل ڪتاب ”سنڌ ارتقاءَ جي جاءِ“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
صوف ابڙو سدائين سنڌ بابت منفرد تحقيق تي ڪم ڪندو رھي ٿو. سندس جاکوڙ ۽ تحقيق قابل تعريف آھي. ڪتاب ”سنڌ ارتقا جي جاءِ“ ذريعي ليکڪ اهو ثابت ڪرڻ جي پنھنجي طور هڪ بھترين ڪوشش ڪئي آهي، تہ انساني سماج جي ترقيءَ ۾ سنڌ نہ فقط ڀرپور حصو ورتو آهي، پر ڪيترين ڳالھين ۾ قاعدانہ ڪردار ادا ڪيو آهي. ليکڪ جو هن موضوع تي لکڻ جو مقصد اھو آھي تہ ڪائنات جي هن گولي (ڌرتيءَ) تي ابتدائي ارتقاءَ جو عمل شروع ٿيڻ ۾ سنڌ جو ڪھڙو ڪردار رهيو آهي، ڌرتيءَ جي پيدائش کان کنڊن ۾ تقسيم ٿيڻ وقت سنڌ جي ڌرتيءَ جو ڪردار انتھائي اهم آهي، ۽ دنيا ۾ پکڙيل انسان ۽ ٻيا جاندار سنڌ ڌرتيءَ تي جنم وٺي دنيا ۾ پکڙجي ويا جنھنجا ثبوت پڻ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. نامعلوم دور کان موجودہ دور تائين سنڌ جي اهميت واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. دليلن لاءِ ڏنل حوالا سائنس، مذهب ۽ تاريخ مان ورتل آهن.
هي ڪتاب ايپل ابڙو پبليڪيشنس، ڪراچيءَ پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري صوف ابڙي جا، جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پنھنجي پاران

هن موضوع تي لکڻ جو مقصد تہ ڪائنات جي هن گولي (ڌرتيءَ) تي ابتدائي ارتقاءَ جو عمل شروع ٿيڻ ۾ سنڌ جو ڪھڙو ڪردار رهيو آهي، ڌرتيءَ جي پيدائش کان کنڊن ۾ تقسيم ٿيڻ وقت سنڌ جي ڌرتيءَ جو ڪردار انتھائي اهم آهي، ۽ دنيا ۾ پکڙيل انسان ۽ ٻيا جاندار سنڌ ڌرتيءَ تي جنم وٺي دنيا ۾ پکڙجي ويا جنھنجا ڪجهہ واضع ثبوت بہ مليا آهن، نامعلوم دور کان موجودہ دور تائين سنڌ جي اهميت واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، هن ۾ ڏنل حوالا سائنس، مذهب ۽ تاريخ مان ورتل آهن اهي سڀئي اهو مڃن بہ ٿا تہ دنيا جو پھريون حياتيءَ جو جراثيم يا ڪيڙو Life Cell سنڌ مان ٺوس جسم جي طاقت وٺي مختلف جاندارن جي شڪل ۾ پيدا ٿيو ۽ پرورش حاصل ڪيائين، دنيا جي ڌرتي ٽٽڻ ۽ 7 کنڊ ٺهڻ دوران سنڌ ڌرتي پنھنجي موجودہ جاءِ تي موجود هئي جڏهن تہ ٻيا کنڊ (براعظم) ترندا سفر ڪندا موجودہ جاءِ تي پھتا آهن، سنڌ ڌرتي، دنيا جي واحد ڌرتي آهي جتي پھرين انسان آدم عليہ السلام جا قدم پيا ۽ سندس اولاد جو جنم ۽ موت ٿيو (هابيل بن آدم دادو ضلعي جي ڪاڇي جي علائقي ڪاسبو جبل ۾ دفن ٿيل آهي) حضرت محمد مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وسلم کي بہ سنڌ سان بيحد پيار، محبت ۽ اُڪير هئي، عيسيٰ عہ موسيٰ عہ بہ سنڌ ۾ آيا، حضرت شيس بن آدم، حضرت يوسف، حضرت هارون جو اولاد، حضرت نوح عليہ السلام سندس پٽ، حام ۽ سام، سنڌ بن سام ۽ ٻيا پيغمبر سنڌ ۾ دفن ٿيل آهن.
قرآن پاڪ ۾ سنڌي قوم جو ذڪر ٿيل آهي. ڪيترن ئي سائنسي ۽ تاريخي حوالن ۽ ذاتي تجربن ۽ مشاھدن جي بنياد تي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم تہ سنڌ ئي ارتقاءَ جي ماءُ ۽ جاندارن جي جنم ڀومي آهي. مان ڪو دانشور يا سائنسدان نہ آهيان ۽ نہ ئي منھنجا پيش ڪيل مشاھدا ۽ تجربا حتمي آهن مون صرف سائنسدانن ۽ دانشورن ۽ محققن لاءِ دڳن جي نشاندهي ڪئي آهي 15 سال مختلف ماڳن، مڪانن، جبلن، جهنگن، بيابانن، ريگستانن، ڪوهستانن، برفاني ريگستانن ۽ گليشيئرن، سمنڊن تي پھچي انتھائي ڏکيا ۽ پرخطر سفر ڪري بنا ڪنھنجي مالي مدد جي پنھنجي خواهشن کي قربان ڪري بنا سائنسي اوزارن ۽ ماپن جي پنھنجي ذهن ۽ عقل جي مشاھدي سان هي مضمون تيار ڪيو اٿم. جڏهن بہ مان تحقيقي سفرن لاءِ نڪري ويندو هئس تڏهن سوشل ميڊيا ۽ خطن ذريعي عالمن، تاريخدانن، محقققن، اديبن، آفيسرشاهي، قبائلي سردارن وغيرہ سان ڳالھيون شيئر ڪندو هئس تڏهن ڪنھن بہ ڪو جواب نہ ڏنو نہ منھنجي همت افزائي ڪيائون نہ ڪا مدد ڪيائون ابتو مون تي ٽوڪون ۽ ٺٺوليون ڪندا رهيا آهن. ڪيترن تہ چريو قرار ڏنو. ڪيترن آءِ ايس آءِ، سي آءِ اي، را، موساد وغيرہ جو ايجنٽ سنڌ دشمن وغيرہ جي خطابن سان نوازيو سڀني مون کي نظرانداز ڪري ڇڏيو ۽ اڄ مان انھن سڀني جو ٿورائتو آهيان جن مون کي نظرانداز ڪيو، چريو، بيوقوف، ۽ سنڌ دشمن قرار ڏنو ڇو تہ جيڪڏهن اِهي مون سان نفرت وارو ورتاءُ نہ ڪن ها تہ اڄ مان هي ڪم مڪمل نہ ڪري سگهان ها ڇو تہ انھن جي نفرت اڃان مون کي وڌيڪ ڪم لاءِ اُڪسائيندي رهي.
مان پنھنجي مھربان استادن ۽ محسنن پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، آريا ڊاڪٽر لعل بخش نائچ، ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ سنڌي، مقصود قاضي، سردار امان ﷲ خان منگراڻي ابڙو، ڏاڏي علي شير تاجيجو ابڙو، محمد اسحاق شيخ، ۽ ٻين جو بہ شڪر گذار آهيان جن هميشہ مون کي اولاد جيان اهميت ڏني همت افزائي ۽ مدد ڪئي. مان پنھنجي بابا ڪريم بخش ابڙو جو بہ ٿورائتو آهيان جنھن سڄي عمر مزدوري ڪري منھنجو پيٽ پاليو ۽ منھنجي امڙ مريم جنھن کي منھنجي ناني مرحومه جنت خاتون پيار مان عظيمان سڏيندي هئي تمام عظيم آهي، منھنجا ڏک ۽ اداسيون ڏسي مٿي تي هٿ ڦيرائيندي آهي ۽ مون کي اداس ٿيڻ ناهي ڏيندي منھنجي ڪري بابي کي بہ ست سريون ٻڌائيندي آهي. مان پنھنجي ڀائرن عابد، زاهد، ماجد ۽ ننڍڙي سليم جو بہ احسان مند آهيان جن هميشہ منھنجو ۽ منھنجي چئن ننڍڙن ٻارن جو خيال رکيو هو ڪمائي سڄو گهر هلائيندا رهيا ۽ مان سنڌ امڙ جو فرض ادا ڪرڻ لاءِ ٿيلھو ڪلھي ۾ وجهي گهمندو ۽ رلندو رهيس، مان پنھنجي گهر واري ارشاد جو ٿورائتو آهيان جنھن بہ پنھنجون خواهشون قربان ڪري منھنجي همٿ وڌائي ۽ حوصلو ڏنو، منھنجا ٻارڙا لاريب، محمد اسماعيل، ايشال ۽ محمد اسحاق جو بہ ٿورائتو ۽ قرضي آهيان جن کي گهڻو ٽائيم ۽ توجھہ نہ ڏئي سگهيو آهيان، ننڍڙي لاريب ۽ محمد اسماعيل روز 2 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري اسڪول ويندا رهيا آهن، ڳوٺ جي ٻين ٻارڙن کي رڪشائن گاڏين ۾ اسڪول ايندي ويندي ڏسي ڪڏهن بہ مونکي نہ چيائون تہ اسان ٿڪجي ٿا پئون ها البتہ ايشال رئندي آهي تہ مان ٿڪجي ٿي پوان ۽ مون کان الفابيٽ وسري ٿي وڃي. مون انھن کي ڪڏهن بہ اسڪول يونيفارم ۽ اسڪول بوٽ نہ وٺي ڏنا. عام چپلين ۽ ڪپڙن ۾ اسڪول ويندا ۽ استادن جا دڙڪا بہ کائيندا رهيا آهن، منھنجون ڪيتريون ئي عيدون گهر کان ٻاهر صرف ان ڪري گذريون تہ مان ٻارن کي نوان ڪپڙا، بوٽ ۽ خرچي ڪٿان ڏيندس، مان جيڪو ڪمائيندو هئس اهو سڀ ارتقاءَ ۽ منھنجي قبيلي “ابڙو” جي سلسلي ۾ تحقيق تي خرچ ٿيندو هو. ڇو تہ منھنجي لاءِ منھنجي ڌرتي ۽ منھنجي قوم اهميت رکن ٿا. منھنجي اڌ عمر مختلف جسماني بيمارين سان بنا علاج جي پنھنجي جسماني ۽ روحاني قوت برداشت، ذهني توانائي وسيلي وڙهندي گذري آهي هاڻي جڏهن منھنجي تحقيق جي سلسلي ۾ ٻاهريان سفر ختم ٿيا تڏهن پنھنجي ٻارن، والدين، ڀينرن ۽ ڀائرن جي مدد لاءِ نوڪري تلاش ڪيم خبر پئي تہ پئسن کانسواءِ نوڪري ڪونھي آخر پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾ سيڪيورٽي گارڊ گريڊ هڪ جون نوڪريون آيون ۽ انھن مان هڪ نوڪري منھنجي نصيب ۾ آئي. مان 2005ع ۾ آرمي مان حوالدار رٽائر ٿيو هئس ۽ سموري سروس تقريبن پاڪستان ملٽري اڪيدمي ڪاڪول ۽ آرمي سروس ڪور سينٽر ۾ انسٽريڪٽر طور ڪئي هئم. ڪجهہ وقت ڪوئٽہ ۽ بعد ۾ ڪارگل جنگ ۽ 2000ع جي انڊيا پاڪستان ڇڪتاڻ دوران ڪشمير ۾ بٽالين حوالدار ميجر طور ڊيوٽي ڪيم پر آرمي وارن بہ وفا نہ ڪئي ۽ 7 کن مختلف اهم ڪورس ڪرڻ ۽ آئوٽ اسٽينڊنگ اي سي آرز باوجود 2005ع ۾ شارٽ سروس جي نالي تي رٽائر ڪري ڇڏيائون. مون بہ ڪوئٽہ کان پشاور ۽ جي ايڇ ڪيو تائين ڪيس ۽ ڀڄ ڊڪ ڪئي پر ڪجهہ نہ ٿيو. ﷲ سائينءَ جو شڪر آهي، هن وقت بہ مان ڪنھن جو محتاج ٿيڻ بجاءِ ڊيوٽي ڪري حق حلال جي ڪمائي کائي رهيو آهيان ۽ پنھنجي تحقيقي ڪم کي ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ لاءِ ٻارهن هزار روپيہ پگهار مان ڪجهہ پئسا بچائي رهيو آهيان تہ جيئن پنھنجو هڪ ٻيو ڪتاب “تاريخ ابڙو” کي ڇپائي سگهان، ان ڪتاب جي مواد ۾ 3 هزار کن صفحا- 4 سؤ کن شجرہ نسب ۽ ٻيا دستاويز ۽ تقريبن 22 هزار تصويرون ۽ وڊيوز شامل آهن جيڪي مون مختلف تاريخي ماڳن، مڪانن، شخصيتن وغيرہ جون 15 سالن ۾ ٺاهيون ۽ هٿ ڪيون آهن. اهو سڀ مواد مون کي پاڻ ڇپرائڻو پوندو ڇو تہ مون 15 سالن جي ريسرچ دوران ڪنھن کان بہ پئسا نہ ورتا آهن صرف ڪمپوزنگ ۽ لي آئوٽ لاءِ پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي ابڙو صاحب ۽ ادي زاهدہ ابڙو جيڪا همسري مئگزين جي چيف ايگزيڪٽوِ آهي هنن ٻنھي مون کي 10، 10 هزار روپيہ ڏنا آهن. باقي ابڙو قبيلي جا سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ رهندڙ سڀ سردار سواءِ سردار امان ﷲ خان منگراڻي ابڙو جي فوجي ۽ سول آفيسرن وڏا بلڊر، واپاري چڱا مڙس، جن سان منھنجا تمام گهاٽا لاڳاپا رهيا آهن اُهي سڀ مون سان ڪوڙ ڳالھائيندا، ڏٽا ۽ آسرا ڏيندا رهيا آهن. جڏهن هاڻي ڪتاب ڇپجڻ جي مرحلي ۾ آيو تہ ڪجهہ سردارن، بيوروڪريٽن وغيرہ پنھنجا شرط رکيا ۽ ڪجهہ ماڻھن ڏٽا ڏنا آهن، ان ڪري جيڪڏهن زندگيءَ ساٿ ڏنو تہ پاڻ ڪمائي حصن / ايڊيشنس ۾ ڪتاب ڇپرائيندس يا ﷲ سائين ڪنھن جو ضمير ۽ غيرت جاڳائي ۽ مدد ڪندو تہ انشاءَ ﷲ منھنجي قبيلي جي حقيقي تاريخ ضرور ايندڙ ۽ موجودہ نسلن تائين پھچندي. ڇو تہ مان هميشہ ٻين لاءِ جيئندو رهيو آهيان پاڻ کي ماري ٻين کي زنده رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. عرب جزيرن کان سڄو ايشيا لتاڙيو اٿم، قانوني ۽ غير قانوني طريقن سان سرحدون پار ڪري پنھنجي نسلن کي تلاش ڪيو اٿم. منھنجن ٻاهرين سفرن ۾ منھنجو رازدار، محسن ۽ پئسا ڏيندڙ عظيم انسان علم، عقل، فھم ۽ فضيلت وارو سائين اسد ﷲ خان منگراڻي ابڙو مرحوم (جوائنٽ سيڪريٽري منسٽري آف ڪميونڪيشن) هوندو هو. هن شخص تمام ڏکين حالتن ۾ منھنجي زندگي بچائي هئي، ان ۾ ساڻس بعد ۾ ٻانھن ٻيلي ٿيندڙ پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي ابڙو صاحب بہ هئو جنھن پڻ ڪجهہ وقت منھنجي مدد ڪئي ۽ جان بچائي نہ تہ شايد مان هي سڀ ڪجهہ نہ لکي سگهان هان.
منھنجي ابڙو قبيلي ۽ هن تحقيقي مضمون کي مڪمل ڪرڻ ۾ هڪ عظيم شخصيت سائين منظور احمد وگهيو صاحب بہ آهي جنھن ڪارگل جي محاذ ۽ 2000ع جي سرحدن تي ڇڪتاڻ وقت منھنجو مواد سنڀاليو ۽ مون کي تاريخ سان لاڳاپيل سوين ڪتاب ڏنا ۽ هر ڏک سک ۾ منھنجو مددگار ۽ ساٿي رهيو آهي، پنھنجي کيسي مان خرچ ڪري سفر ڪري منھنجي لاءِ مواد گڏ ڪندو رهيو آهي. جڏهن منھنجا کيسا خالي هوندا هئا تہ پئسا بہ ڏيندو رهيو آهي ۽ هميشہ منھنجي بھتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ سوچيندو ۽ مشورا ڏيندو رهيو آهي. منھنجي ننڍپڻ جو ساٿي سچو انسان محمد اسحاق شيخ بہ آهي جيڪو مون کي اسڪولي ڊريسيون وٺي ڏيندو هو ۽ جڏهن بہ ريڊيو يا ٽيليويزن تي منھنجو پروگرام هوندو هو تہ ڪرايو ڀاڙو بہ پاڻ ڏيندو هو ۽ سدائين منھنجي مدد ڪندو رهيو آهي ۽ هن وقت بہ هيومن رائٽس فائونڊيشن پاڪستان جو صدر آهي. مان پنھنجي ساٿي ۽ ڀاءُ ڊاڪٽر غلام عباس مھيسر جو بہ ٿورائتو آهيان جنھن هميشہ منھنجو خيال رکيو ۽ مفت ۾ علاج ۽ دوائون ڏيندو رهيو آهي ۽ ٻيا بہ ڪيترائي مھربان دوست شامل آهن. مان اَدي زرينہ اقبال احمد مخدوم جو بہ بي انتھا شڪرگذار آهيان جنھن هميشہ پٽن جيان خيال رکيو ۽ منھنجون ضرورتون، ڪپڙا لٽا، بوٽ وغيرہ بہ ڏيندي رهي ۽ جڏهن سڀئي مٽ مائٽ منھنجي غربت سبب مون کي پاڻ کان ڪٽي رابطا ختم ڪندا رهيا تڏهن ادي زرينہ ۽ سندس مڙس اقبال احمد هميشہ منھنجو ساٿ ڏنو ۽ منھنجي همٿ افزائي ڪئي ۽ سندس پٽ عديل احمد مخدوم ۽ فيضان احمد مخدوم منھنجي ٽيڪنيڪل مدد ڪئي. پنھنجا ڪمپيوٽر منھنجي مدد لاءِ منھنجي حوالي ڪري ڇڏيا ۽ مون کي انٽرنيشنل سائنسي ۽ تاريخي مواد تائين پھچ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
مان ادي ريحانہ ابڙو ۽ ادي زاهدہ ابڙو، ڊاڪٽر فريدہ ابڙو ، انجنيئر قربان علي ابڙو لاڙڪاڻو، حافظ علي نواز ابڙو، شاھد حسين ڪوڏراڻي ابڙو، منھنجا همدرد دوست ۽ سچا ساٿي عاقل سمنگ خيرپور ميرس، شاعر اديب وشال امير ابڙو، سردارزادہ آثير خان منگراڻي ابڙو، گهوٽڪي جو صحافي شفيع محمد ابڙو، سردار احمد چنہ جن جو بہ ٿورائتو آهيان جن هميشہ منھنجي همٿ وڌائي ۽ مدد ڪئي آهي. مان پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان پريس جي مئنيجر، اديب سائين مظفر چانڊئي صاحب جو بہ بي انتھا ٿورائتو آهيان جن منھنجي همٿ افزائي ڪئي ۽ ڪتاب مڪمل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سھڪار فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ شروعاتي مرحلن ۾ عملي طور تي مدد پڻ ڪئي. ۽ مان پي سي پي پريس ڪراچيءَ جي سڀني آفيسرن ۽ ملازم ساٿين جو بہ ٿورائتو آهيان.
جڏهن تہ مون کي ڏک پنھنجي قبيلي جي سردارن، بيوروڪريٽن، عالمن، اديبن جو آهي، جيڪي مطلبي مفاد پرست آهن جن سدائين مون کي پنھنجي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيو صرف سردار امان ﷲ خان منگراڻي ابڙو جي باقي سڀ ڪوڙا، ڏٽائي، تڪبر، غرور ۽ انا پرستيءَ وارا آهن. سنڌ ابڙو ويلفيئر ايسوسيئيشن، ابڙو قومي اتحاد پاڪستان، ڄاموٽ سماٽ ابڙا اتحاد ۽ ٻيون تنظيمون ۽ انھن جا عھديدار بہ ڪوڙا ۽ مطلبي آهن صرف پنھنجن ذاتي مفادن لاءِ تنظيمن تي قابض آهن، انھن اُڄ تائين ڪو بہ تعميري ۽ عام ماڻھونءَ لاءِ ڪم نہ ڪيو آهي، اهي تنظيمون صرف سردارن، وڏيرن ۽ بيوروڪريٽن جي ڳٺ جوڙ ۽ سياسي ۽ ذاتي مفادن لاءِ آهن. اهي سردار ۽ آفيسرشاهي پنھنجين تعريفن ڪرائڻ ۽ فضول محفلن تي هڪ رات ۾ لکين روپيہ خرچ ڪري ڇڏيندا آهن پر پنھنجي قبيلي، سنڌي قوم ۽ ڌرتيءَ جي تاريخ تي ڪم لاءِ هڪ روپيو بہ خرچ ناهن ڪندا. هڪ ٻئي جي مخالفت ڪري برادرين ۾ نفرت جو ٻج ڇٽي رهيا آهن. انھن تنظيمن جا عھديدار سڀ بيوروڪريٽ ۽ سردار آهن جن جو ڪوبہ سياسي يا سماجي جدوجھد هلائڻ جو تجربو نہ آهي. سچ چوڻ سبب انھن نہ چاهيو تہ ابڙو قبيلي جي حقيقي تاريخ منظر تي اچي (ساوا) جي حيدرآبادي ڌڙي جي سرپرست ۽ چيئرمين واپڊا جي هڪ آفيسر تہ ڪوڙ ڳالھائڻ جي انتھا ڪري ڇڏي آهي سڀني دوستن کي اهو چوندو ٿو وتي تہ شاھد ”صوف“ ابڙو ڪتاب لاءِ ماڻھن کان لکين روپيہ وٺي چڪو آهي، هن مون کي بہ چيو تہ انجنيئر علي گوهر ابڙو صاحب چوي ٿو تہ شاھد مون کان ٻہ لک روپيہ وٺي ويو آهي، ڪيڏي نہ ڏک ۽ افسوس جي ڳالھہ آهي تہ هڪ تنظيم جو چيئرمين سڏائيندڙ پڙهيل لکيل ماڻھو بہ ڪوڙ ڳالھائي ۽ بھتان هڻي،...!!!!!!!.
اِن جا مڪمل تفصيل ۽ تنظيمن جي سرپرستن ۽ عھديدارن جي ڪمن ۽ نالن جا تفصيل ايندڙ ڪتاب ۾ شامل هوندا. جن مون کي هر طرح سان دٻائڻ ۽ مارائڻ تائين جون بہ ڪوششون ڪيون، انھن جا مثبت ۽ منفي ٻئي چھرا عوام آڏو پڌرا ٿيندا. باقي سنڌ جا وڏا نالي وارا محقق تاريخدان، عالم، اديب جن وٽ ڪنھن جي لاءِ بہ ٽائيم نہ هوندو آهي هو نہ فون کڻندا آهن نہ ملڻ پسند ڪندا آهن ڇو تہ هو وڏا ۽ نالي وارا محقق، اديب وغيرہ آهن هو صرف پئسي وارن سان ملڻ پسندا ڪندا آهن، بدر ابڙو هجي يا جامي چانڊيو، اياز لطيف پليجو هجي يا امر جليل، الطاف شيخ هجي يا ادل سومرو ۽ ٻيا سڀ نالي وارا اديب ۽ دانشور جيڪي ڪنھن بہ عام ۽ ننڍي ليکڪ، شاگرد وغيرہ سان ڳالھائڻ بہ پسند نہ ڪندا آهن. مون هي سڄو ڪم ڪنھن نالي واري دانشور، محقق، اديب وغيرہ جي مدد کانسواءِ ڪيو آهي ڇو تہ اهي منھنجي ۽ عام ماڻھوءَ جي پھچ کان گهڻو ڏور آهن.
مون پنھنجي وِت ۽ وس آهر هي مضمون تيار ڪيو آهي جنھن ۾ کوڙ ساريون خاميون هونديون جن جي نشاندهي ۽ اصلاح ڪرڻ پڙهندڙن تي آهي، باقي بيجا تنقيد ڪندڙن جي مون وٽ ڪابہ اهميت نہ هوندي.

شاھد علي ”صوف“ ابڙو
ميھڙ
0314 7326673 & 03003239130 

صوف ابڙي جي اَمُلھہ خدمت

کير ۾ جيتري کنڊ پئي، اترو اهو مٺو ٿئي، اهڙيءَ ريت عظمت واريءَ سنڌ جي اهميت بہ ساڳي رهي آهي، مھين جي دڙي جي تھذيب ظاهر ٿيڻ سان اها ڳالھہ ثابت ٿي وئي تہ سنڌ دنيا جي ارتقائي تھذيبن جي ماءُ آهي، جڏهن دنيا اڃا جيئڻ جا ڍنگ ڄاڻڻ کان اوجهل هئي ۽ انسان بھتر زندگي گذارڻ لاءِ نوان طريقا ڳولي رهيو هيو، تڏهن مھين جي دڙي واسي هڪ تھذيب يافتہ شھر جي حيثيت سان هڪ سڌريل زندگي گذاري رهيا هئا، جتي نہ صرف گهر چڱي نموني جوڙيل هئا پر گهر گهر آب رساني جو نظام ۽ ان سان گڏوگڏ نيڪال جو نظام پڻ موجود هئو. ٻيو تہ ٺھيو پر ان شھر ۾ هڪ جنرل باٿ پڻ ملي ٿو. جيڪو اڄ جي دنيا کي اچرج ۾ وجهي رهيو آهي.
بھرحال اچجي ان ڳالھہ تي تہ هن ڪتاب “سنڌ ارتقا جي ماءُ” ذريعي ليکڪ اهو ثابت ڪرڻ جي پنھنجي طور هڪ بھترين ڪوشش ڪئي آهي، تہ انساني سماج جي ترقيءَ ۾ سنڌ نہ فقط ڀرپور حصو ورتو آهي، پر ڪيترين ڳالھين ۾ قاعدانہ رول ادا ڪيو آهي. محقق پنھنجي مقصد ۾ ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿي سگهيو آهي؟ ان بابت هن وقت راءِ ڏيڻ وقت کان اڳي ٿيندي، تنھن هوندي بہ جيڪڏهن اڻڌريو ٿي ڪتاب جي مختلف پھلوئن جو جائزو وٺبو تہ وسيلن جي اڻھوند جي باوجود محقق تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي آهي ۽ مواد گڏ ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڪشالا ڪاٽيا اٿائين. هن هند ۽ سنڌ کانسواءِ ٻيا ڏيساور جا ملڪ ڏٺا، جنھن تي فخر بہ ڪري سگهجي ٿو تہ اوترو تعجب بہ ڪري سگهجي ٿو. اها اسان جي بدنصيبي آهي تہ جن ماڻھن جي ذهنن ۾ گهڻو ڪجهہ آهي، انھن جي هٿن ۽ کيسن ۾ ڪجهہ ڪونھي. انھيءَ مصداق محترم صوف ابڙو جس لھڻي جو هٿين خالي ڪشالا ڪڍيا ۽ محنت جي عظمت مان ونڊ ورتو. سندس هي ڪتاب هڪ ماٺار واريءَ ڍنڍ ۾ وڏي پٿر اڇلائڻ جي برابر آهي. ڪيترن ذهنن کي جهنجهوڙ ايندي ۽ ڪيترا سوال ڪر کڻي عالمن ۽ محققن کان مطالبو ڪندا تہ اهي پنھنجي تحقيق ۽ مطالعي جي آڌار تي ماڻھن جي ذهنن کي مطمئن ڪن.
محترم صوف ابڙو سالن کان وٺي نسبتن ۽ رغبتن جي ڏوريءَ ذريعي منھنجي دل سان ڳنڍيل آهي. هن دوست گهڻو اڳ گل حيات اچي پنھنجي هن پراجيڪٽ تي تفصيلي ڳالھہ ٻولھہ ڪئي هئي ۽ اڄ جڏهن ڪتاب جو مسودو کڻي اچي حاضر ٿيو آهي تہ سندس اڻٿڪ مگر لڳاتار جستجو ۽ محنت تي کيس داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. دنيا اڄ “ڄاڻ جي آزادي” کي انساني حقن ۾ شامل ڪري چڪي آهي، ان ڪري منھنجي هن يار جي هيءَ تحقيق بہ سندس ڄاڻ جي آزاديءَ جو مظھر آهي. هن کي انھيءَ حوالي سان جيڪي بہ محبتون يا نفرتون ملنديون، اهي سندس علمي قد بت کي وڌيڪ سگهارو ۽ مضبوط بڻائينديون. منھنجي دعا ۽ تمنا آهي تہ هي دوست ايئن ئي لکندو رهي تہ جيئن نئين علمي بحث جي لاءِ دروازا کلندا رهن.

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
(باني گل حيات انسٽيٽيوٽ)

سنڌ جي تاريخ جو پيرو

شروع ڌڻي سڳوري جي نانءُ سان جو نھايت ڪريم ۽ ٻاجهارو آهي.
اَلَحمد ﷲ رب العالمين واصلوٰات والسلام عليٰ الانبياءِ و المرسلين
ڌڻي تعاليٰ جي ساراه ۽ حمد و صلوٰت کان پوءِ پڌرو هجي تہ موجودہ 21 صديءَ جي هن دجالي دور ۾ جتي اسان جا جوان ۽ پوڙها ڪتابي علم کان دور اليڪٽرانڪ ميڊيا جي خرافات ۾ محو آهين اهڙي وقت ۾ نوجوان شاھد علي صوف ابڙي قديم تاريخ سنڌ، جيڪا حضرت آدم عليہ السلام کان شروع ٿئي ٿي تي توجھہ مرڪوز ڪري “سنڌ ماتا ارتقاءَ جي جاءِ” عنوان سان ڪتابچو لکي، اُنھن مادہ پرست ۽ نالي چڙهيل اديبن جي ڪن مھٽ ڪئي آهي جيڪي سنڌ جي نالي تي پيٽ جي دوزخ جو دڪان چمڪايون ويٺا آهن. سنڌ جي تاريخ، تھذيب ۽ ادب تي ڪوڙا ڪاغذي شينھن بڻيا سنڌ جي سرڪاري خزاني مان خرجينيون ڀري پنھنجا محلات پيا اڏين.
سنڌ ارتقا جو گهر تہ ازل کان آهي ڪو مُلحد ۽ مادہ پرست پيٽ جي ڦيٽ وارو دوزخ جو دڪان بند ڪري ڪجهہ الھامي ڪتابن ۽ صحيفن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري پر جناب شاھد علي صوف ابڙي نھايت ملنگانہ حالت ۾ سنڌ جي تاريخ جو پيرو کنيو آهي. اهڙن ئي ملنگ صفت ماڻھن وٽ سنڌ جي تاريخ جي سچائي موجود آهي. فاضل مصنف سنڌ جي تاريخ کي صاف سائنسي روءِ کان پيش ڪري ملحد ۽ مادہ پرست، نام و نھاد سائنسدانن جا مڪروه چھرا بي نقاب ڪيا آهن، جيڪي “حضرت انسان” ۽ ڌڻي تعاليٰ جي اشرف مخلوق کي جنھن لاءِ ﷲ ڪريم پنھنجي آخري الھامي ڪتاب قرآن ڪريم ۽ فرقان حميد ۾ فرمايو لَقدَ خلق الانسان في احسن تَقويم. بيشڪ اسان انسان کي سھڻي صورت م خلقيو) کي پنھجي غليظ نظرين سان پيش ڪري پنھنجي نام نھاد سائنسي نظرين کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن ۾ ناڪام ويا آهين. انشاءُ ﷲ العزيز ڏينھن قيامت تائين ناڪام ۽ نامراد ئي رهندا. فاضل مصنف (شاھد علي) نھايت ئي پيرائتي نموني اُنھن جي ناڪامين کي بيان ڪيو آهي ۽ دليلن سان رد ڪيو آهي مثلن ڊارون جي بن مانس ڀولڙي جو قد 8 کان 15 فٽ دنيا ۾ رڪارڊ ڪيو ويو. جڏهن تہ پھرئين انسان آدم عليہ السلام جو قد 60 گز ٻڌايو ويو آهي، حام بن نوح جو قد 26 گز آهي ان کانسواءِ 30-15-12-19 گز رکندڙ ڊگها انسان بہ موجود رهيا آهن اُهي ڪنھن جو اولاد آهن. اهي اهڙا دليل ۽ سوال آهن جيڪي ڊاروني سائنسدانن جي منھن تي چماٽ برابر آهن.
حقيقي سائنس جي ابتدا صحيفہ آدم ۽ صحيفہ شيث عليہ السلام مان حضرت ادريس عليہ السلام ڪئي، جنھن مان سائنس جي هن شاخن واري علم جي آبياري ڪئي اُهي آهين علم نجوم_ علم فلڪيات علم طب، علم منطق علم ڪيميا (ڪيمسٽري) ۽ علم رياضي (ڏسو قصص الانبيا) سائنس جا اصل موجد حضرت شيث عليہ السلام عرف عام حضرت سنڌ اول ۽ سندس اولاد مان ادريس آهين، مغرب جا ڀورا ڀولڙا يعني انگريز سامراج تہ لٿي لاباري سائنس جا وارث بڻيا آهين. اسان جا اهي وائڙا اديب ۽ ٻولڙيا دانشور اُنھن جي خيالن ۽ خرافات پٺيان لڳي پنھنجو دين ايمان وڃائي بي ديني ۽ مُلحدي جي مڪڙ ۾ جڪڙجي ويا آهن.
دين انسان جي زندگيءَ جي هلڻ جو هڪ گائيڊ بُڪ آهي. جيئن اسان جي صوفي بزرگن فرمايو دين ايمان جو جز آهي ۽ وطن سان محبت دين ۽ايمان آهي. انھيءَ واحد دين جي شروعات ڏاڏي حضرت آدم کان سنڌ جي سرزمين تي ٿي ۽ تڪميل نبي آخر زمان صلي ﷲ عليہ وسلم ذريعي سعودي عرب جي سر زمين تي ٿي ۽ تھذيب جو بنياد بہ سنڌ ۾ پيو ۽ نسل انساني جي ارتقا بہ سنڌ ۾ ٿي ڪو مُلحد سائنسدان ڪوڙو ڪائنر نہ بہ مڃي ان سان سنڌ جي عظمت تي ڪوبہ اثر نہ پوندو.
هڪ سابق مُلحد ۽ منڪر خدا علي نواز جمال شاه پنھنجي تازي تصنيف مادہ پرستي ۽ خدا جو وجود Materialism v/s God ڪتابچو لکيو آهي جنھن ۾ هو پنھنجي پاران (پيش لفظ) ۾ رقم طراز آهي: ٻاراڻي عمر کان وٺي انجنيئرنگ ڪاليج تائين مون کي ڪابہ باقائدہ مذهبي تعليم نہ ملي، رهي سھي ڪسر اهڙن دوستن جي صحبت پوري ڪري ڇڏي، جيڪي خود کي آزاد خيال سڏيندا هئا. اسان ڪنھن بہ مذهبي چڪر ۾ ڦاسڻ وارا ڪونہ هئاسون. ڇو تہ اسان خود خدا جي وجود جا منڪر هئاسون زندگي جا عملي تجربات ڪندي هڪ ڏينھن جڏهن مون من ۾ جهاتي پاتي تڏهن خبر پيم تہ آءُ تہ انتھائي جاهل رهيو آهيان ۽ اهڙي جهالت جي آڌار تي مون کي ڪو حق ڪونہ ٿي پھتو جو آءُ هڪدم خدا جي موجودگي يا غير موجودگي بابت فيصلو ڪري سگهان. (ص 4)
هيءُ رام ڪھاڻي هڪ سابق ملحد ۽ منڪر خدا جي آهي جيڪو وسيع ديني مطالعي کان پوءِ موٽ کائي هڪ اهڙو ڪتابچو لکي ٿو. جنھن مان وري هيءُ ثابت ڪري ٿو تہ هي ڪجهہ مغربي فيلسوف ۽ سائنسدانن جا قول پيش ٿو ڪري ته: هن باب ۾ چند مشھور فيلسوفن ۽ سائنسدانن جا مختصر اقوال پيش ڪريان ٿو جن مان ثابت ٿيندو تہ هنن خدا، مذهب، روح تسليم ڪيو آهي ۽ ڪنھن بہ طرح ان کان انڪار نہ ڪيو آهي.
لارڊ ڪيلون انگريز ماهر طبيعات هو هن چيو تہ اوهان جيترو گهڻو غور فڪر کان ڪم وٺندؤ اوترو ئي سائنس اوهان کي خدا جي مڃڻ تي مجبور ڪندي.-02 جان ڊيوي: سندس خيال مطابق سائنس ۽ مذهب ۾ ڪوبہ اختلاف ڪونھي، علم جي ڳولھا خدا جي ڳولھا آهي(ص 38 کان 40)
مذڪورہ حقيقت مان معلوم ٿئي ٿو تہ ڪوبہ مغربي سائنسدان خدا جي وجود ۽ ان جي تخليق دين ۽ انسان ۽ روح جو منڪر ڪين آهي مگر نام نھاد پيروڪارن انھن کي اجايو دنيا ۾ خوار ۽ بدنام ڪيو آهي، علي نواز جمال شاه جو اهو مختصر ڪتابچو اهڙن ملحدن جي منھن تي ابتي لپاٽ آهي جيڪي سائنسي علم کي خدا جي وجود، انسان، دين ۽ روح جا منڪر يا دشمن ٺھرائين ٿا. سائنس تہ الھامي ڪتابن ۽ صحيفن مان نڪتي سا دين جي دشمن ڪيئن ٿيندي.
فاضل مصنف شاھد علي ابڙي سائنس جي نقطئہ نگاه کان انسان جي ارتقا سنڌ جھڙي بابرڪت سر زمين تان آدمين جي آبي حضرت آدم عليہ السلام کان پنھنجي تصنيف جي شروعات ڪري ثابت ڪيو آهي تہ انساني ارتقا۽ دين جي تبليغ سنڌ خطي مان ٿي. ان لاءِ هن نہ رڳو ڪتابي حوالا آندا آهن پر تصويري ثبوت ۽ پنھنجي زندگي جا مشاھده ۽ تجربا بہ بيان ڪيا آهن.
سنڌ جي تاريخ جا نوان رُخ زمين دوز ٿيل اصل حقائق هينئر منظر عام تي اچي رهيا آهن الحمد ﷲ ڪتاب تاريخ حضرت سنڌ رح اُنھن جا رستا آسان ڪري ڇڏيا آهن ان سلسلي ۾ ميرپور خاص جي بزرگ مورخ ۽ محقق فتح محمد شھزاد ٿيٻو جي تازي تصنيف “سنڌ جي سڳنڌ” مارڪيٽ جي زينت بڻجي ويئي آهي. ڌڻي سڳوري هن پيرمرد ۽ جهوني جوڳي کي همت ڏني آهي جو هُن پنھنجي سگهہ تي ڪتاب آڻي پاڻ کي زندگي جي آخري وقت ۾ قرباني لاءِ ڪيش ڪرايو آهي.
ﷲ تعاليٰ جناب شاھد علي صوف ابڙي کي بہ همت ۽ مدد ڏيندو تہ هن جو ڪتاب بہ جلد مارڪيٽ جي زينت بڻجندو.
انشاءَ ﷲ العزيز_ ڌڻي سڳورو پنھنجي تخليق جي ناميچاري لاءِ پاڻ ئي وسائل پيدا ڪري ٿو انسان کي رڳو ٿورو هٿ پير هلائڻا پون ٿا. جيئن فارسي چواڻي آهي تہ “همت مردان مدد خدا، بي همت مردم بيزار خدا”.
انشاءُﷲ تعالى فاضل مصنف شاھد علي ابڙي جي ڪائنات ۽ انساني ارتقا متعلق هي تصنيف جلد مارڪيٽ ۾ ايندي ۽ سنڌ جي عظمت جي انڪارين خدا تعاليٰ جي منڪرن ۾ مايوسي پيدا ٿيندي. وطن جي ويرين ۽ دين جي دشمن ۾ ڦڙ ڦوٽ پوندي.
سنڌ جا سڄڻ سر ها ٿيندا دين حقيقي جي سر بُلندي ٿيندي. آمين
وَآخرُ دَعوانا الحمد ﷲ رب العالمين.
۽ آخري دُعا اها تہ سڀ تعريفون ڌڻي سڳوري لاءِ جيڪو سڄي عالم جو رب آهي.

ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ سنڌي
ڪنڌ ڪوٽ
مورخہ2015/12/07

”سنڌ ارتقاءَ جي جاءِ“ تي هڪ نظر

انسانذات جي نسبنامن جي سامي روايتن مطابق سموري انسانذات آدم جو اولاد آهي. عرب / اسلامي روايتن مان خبر پئي ٿي تہ ڌرتيءَ تي آدم جو نزول سريلنڪا ۾ ٿيو هو. جنھن جو قديم نالو سرانديپ / سورن ديپ آهي. آدم جي ٻولي سرياني / سوراني ٻڌائي وڃي ٿي، يعني سُرن / سورن جي ٻولي، جيڪو هندستاني روايتن مطابق سورج ونسي آرين جو نالو آهي. آدم عہ جيڪا ٻولي ڳالھائيندو هو، يا جنھن ڌرتيءَ تي لٿو هو، انھن جي نالن ۾ اتفاقي مماثلت هئڻ ممڪن ڪونھي، بلڪہ اها هڪجھڙائي، آدم عہ سان سُرن جي نسلي تعلق جي نشاندهي ڪري رهي آهي. ان بعد سندس اولاد مان شيث عہ جو نالو مقبول بارگاھہ ايزدي بڻيو، جنھن کي نبوت جو تاج پھرايو ويو ۽ جنھن مان انساني نسل جاري ٿيو. منھنجو تعلق بہ ليکڪن جي ان گروھہ سان آهي، جيڪي حضرت شيث عہ کي “سنڌ” جي نالي سان پڪارجندڙ پھرئين انسان طور سڃاڻن ٿا ۽ سنڌ ملڪ تي اهو نالو، حضرت شيث عہ جي نسبت سان پيل مڃين ٿا. سنڌ، دنيا جو اهو قديم ترين خطو آهي، جتي منظم رياستي ڍانچي جي صورت ۾ سرجندڙ انساني تھذيب جا اوائلي آثار ملن ٿا. جنھن جو سڀ کان قديم ماڳ موهن جو دڙو اڄ بہ سنڌ جي عظمت جو داستان ٻڌائڻ لاءِ ڪافي آهي. سنڌي ماڻھن نہ رڳو هند جي ڏورانھن ماڳن ۾ سنڌي تھذيب جو ٻج پوکيو، بلڪہ ايشيا کان ٽپي يورپ ۽ آمريڪا ۾ پڻ تھذيبي مرڪزن جو پايو وڌو. بعد ۾ سام بن نوح جي پٽ ارفڪسڊ جو نالو بہ “سنڌ” رهيو آهي، جنھن جي ڪري بہ هن نالي جو ورجاءِ هڪ ڀيرو وري سڄي دنيا ۾ ٿيو. هي خيالي ڳالھيون نہ آهن، بلڪہ تاريخ جي دز ۾ لٽيل حقيقتون آهن، جيڪي اسان جي سامھون منڌل سٽ جي صورت ۾ آيون آهن. جن جا نشان دنيا جي سمورن قديم مذهبي ۽ تاريخي ڪتابن ۾ موجود آهن. هن سلسلي جو مفصل بنيادي شجرو پڻ هندستان ۾ ڪافي جڳھين تي اصل صورت ۾ موجود آهي. جيڪو برٽش لائبريريءَ ۾ پڻ محفوظ ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي نالن ۾ اختلافن جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ٻوليءَ ۾ ايندڙ لساني ڦير گهير آهي. جنھن جي ڪري ئي سنڌ جي نالي جا اچار هند ۽ انڊيا، شنتو، سين، سنگهہ وغيرہ بڻيا ۽ معروف ٿيا. لساني ڦير گهير اچڻ تہ ايڏو وڏو مسئلو نہ آهي، پر نون اچارن کي هاسيڪار رواج ڏئي شين کي لڪائڻ جي ڪوشش نندڻ جوڳو عمل آهي. جيئن هڪڙي ڪانگريسي سنڌي ڊاڪٽر چوٿرام گدواڻي جي حوالي سان جواهر لال نھرو تي اٿاريل هڪ اعتراض هڪ هنڌ پڙهيم تہ نھرو، گنگا نديءَ جو نالو گنگا اچاري ٿو، ان جو يورپي تلفظ گينگز (Ganges) نہ ٿو اچاري. پر جڏهن هو سنڌوءَ جو ذڪر ڪري ٿو تہ ان لاءِ يورپ وارن پاران ڏنل نالو انڊس استعمال ٿو ڪري. http://www.sindhishaan.com/article/issues/issu_09_04a.html
ساڳئي مضمون ۾ هندستاني ٽوئرزم جي منسٽر رينوڪا چوڌري پاران لداخ جي جابلو سلسلي مان نڪرندڙ سنڌوءَ جي وهڪري جي مقامي اچار Singhi کي هٿي ڏئي، سنڌوءَ جي نالي کي ميسارڻ ۽ سنڌو نديءَ کي فقط پاڪستان جي حدن ۾ وهندڙ درياءُ قرار ڏيڻ جي نندا ڪئي وئي آهي. دراصل تھذيبي مرڪز هئڻ ڪري پاڪستان کي هندستان مٿان واضح برتري حاصل آهي. هن قسم جا عمل اهڙن ماڻھن جي پاران ڪيل آهن، جيڪي پنھنجن علائقن کي سنڌ جي قديم تھذيبي مرڪز کان وڌيڪ فوقيت ڏيارڻ جا خواهشمند آهن، پر جڏهن انھن کي مجبور ٿي ڪٿي سنڌ جو نالو وٺڻو ٿو پوي تہ اتي سنڌ جي نالي جي بگڙيل صورت استعمال ڪري پنھنجي ضمير کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. خبر ناهي تہ اسان جي هڪ ڏيھي دانشور ۽ مشھور قانوندان توڙي سياسي اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن ڪھڙي خيال کان پنھنجي مشھور ڪتاب Indus Saga ۾ ڇا سوچي ڀارت جي سنڌي تھذيب سان تعلق کي 5000 سال پراڻي ڳالھہ چئي سنڌ کي هند مٿان حاصل تھذيبي فوقيت جي اهميت گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنھن جو مطلب نہ رڳو رينوڪا چوڌري جھڙن تنگ نظر ماڻھن کي سنڌ جي نالي مان جان ڇڏائڻ جو وجھہ ڏيڻ ٿيندو، بلڪہ ايشيا کنڊ کان سواءِ يورپ ۽ آمريڪا جي تھذيبن جي وارثن پاران سنڌو تھذيب سان پنھنجو تعلق ڄاڻائڻ وارين دعوائن جي سلسلي ۾ موجود سمورن ثبوتن کي نظرانداز ڪري انھن سان ناتو ڇني ڇڏڻ ٿيندو. جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ کي هن گلوبل وليج ۾ ويڳاڻپ کان سواءِ ڪجهہ نہ سرندو.
بھرحال جڏهن ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي دور ۾ تاريخ کي تحقيقي اصولن مطابق لکڻ جو رواج پيو. تڏهن شايد شمس الدين رڪن الدين قريشي پھريون ماڻھو هو، جنھن “آئينہ قديم سنڌ” نالي ڪتاب لکي قديم ماخذن ۾ ڏنل اشارن ۽ اهڃاڻن، توڙي آثار قديمہ جي حوالي سان ٿيل جديد تحقيق جي مدد سان تفصيل سان سنڌ جي تشخص کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اها ڪوشش اڄ سوڌو جاري آهي ۽ سنڌي تھذيب جي عظمت جا قائل روز بروز نون حوالن سان سنڌ جي ان قديم تشخص کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن. ڀاءُ شاھد علي ابڙو بہ انھن مان هڪ آهي، جنھن پنھنجي مطالعي سان گڏ هن سلسلي ۾ حاصل ڪيل مواد ۽ اکين ڏٺي مشاھدي جي آڌار تي هي مختصر ڪتاب لکيو آهي. جنھن ۾ هن، سنڌ جي قديم جاگرافيءَ مطابق سرانديپ کي تاريخي لحاظ کان سنڌ جو علائقو قرار ڏيندي، اهڙي قسم جي روايتن کي هٿي ڏيڻ وارن تي اعتراض اٿاريندي چيو آهي تہ “.... سنڌ کي هند چوڻ وارن کي ڪوبہ اهڙو چوڻ وارو نہ آهي، جيڪو ٻڌائي تہ جنھن کي توهان هند ٿا چئو، اها سنڌ آهي.”
هن ڪتاب ۾ هڪ هنڌ دنيا جي مختلف متبرڪ ماڳن کي دنيا جو وچ قرار ڏيڻ ۽ ان جي مقابلي ۾ البيروني پاران هڪ دائرو ڪڍي سنڌ کي دنيا جي وچ هئڻ جي دعوي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ٻئي هنڌ مختلف ڪتابن مان ڪيترن ئي نبين جا مرقد سنڌ ۾ هئڻ جي نشاندهي بہ ڪئي اٿس. ٽئي پاسي هن پنھنجي مختصر ڪتاب ۾ سنڌ کي انساني نسل کان ٽپي ڪري پھرئين حياتياتي جِيوَ جي اوائلي جنم ڀومي هئڻ جي دعوي ڪندي دنيا جي ڏاهن جو ڌيان هن طرف ڇڪڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي. سندس اهي دعوائون سنڌ سان محبت جو ثبوت آهن. پر ياد رهي تہ اهي رڳو دعوائون نہ آهن، بلڪہ برادرم شاھد علي ابڙي پاڻ وڃي اهي ماڳ مڪان ڏٺا بہ آهن.
آئون سمجهان ٿو تہ جنھن قسم جو هيءُ موضوع آهي، ان لحاظ کان هيءُ تمام ننڍڙو ڪتاب آهي. تنھنڪري کيس ئي گذارش ڪندس تہ هيءُ ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ بہ هن موضوع کي اڃا بہ وڌيڪ وائکو ڪري لکڻ لاءِ پنھنجون ڪوششون جاري رکندو اچي تہ جيئن سندس پيغام سھڻي نموني سان ساڃاھہ وندن توڙي عام ماڻھن تائين پھچي سگهي.

8 جنوري 2016ع

قاضي مقصود احمد
مٽياري

لڪيل راز منظر تي

اڄ جي دور ۾ سائنس ۽ مذهب کي ويڙهائي، غلط سائنسي ۽ مذهبي تشريحون ڪيون پيون وڃن. ﷲ تعاليٰ! سائنس کي پيدا ڪري قرآن پاڪ ۾ رکي ڇڏيو آهي ۽ قرآن خود مڪمل سائنس آهي.
The words of god (The Holy QURAN)
And the act of god (Science) can not
Differ with each other so do believe
And have tried to explain.
شاھد علي ابڙو جي محنت ڏسي يقين آيو تہ سنڌ جا سپوت اڃان لڪيل آهن، جيڪي سنڌ جي عظمت جا پاسبان ۽ سنڌ جي درٻاري ۽ حوالي تاريخ کا هٽي، وسيلن نہ هوندي بہ عمل جي ميدان ۾ سرگرم آهن. هن ڪتاب ۾ شاھد ابڙو جا سائنسي، مذهبي حوالا، ذاتي تجربا ۽ مشاھدا اهميت رکن ٿا ۽ وسيع وشال سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم کان سواءِ انساني ارتقاءَ ۽ جاندارن جي پھرئين پيدائش ۽ پرورش بابت لڪيل رازن تان پردو کڻي، محقق سائنسدانن، دانشورن ۽ تاريخ سان لاڳاپيل شاگردن لاءِ رستا ڏسيا آهن. مون کي اميد آهي تہ هاڻي سنڌ جي حقيقي تاريخ ۽ لڪيل راز منظر تي ايندا، مان شاھد علي ابڙو جو هي ڪتاب پنھنجي ذاتي خرچ سان اردو ٻولي ۾ ڇپرائيندس تہ جيئن دنيا جي ۽ ملڪ جي سنڌ سان لاڳاپيل ٻين ٻولين وارا بہ ان مان فائدو حاصل ڪن.

والسلام

عطاءُ ﷲ ضياءَ قاسمي
لاهور

صوف ابڙو ... وڏ وڙو!

سنڌ – اها سرزمين آهي، جنھن جو نالو دنيا جي نقشي تي نروار آهي. هيءَ ڌرتي صدين کان قائم ۽ دائم آهي. دنيا جي ٻين علائقن وانگر سنڌ جي سرزمين بہ زرخيز آهي، اسين جيڪڏهن ارتقا (Evolution) جي نظرين جي روشني ۾ ڏسو ٿا تہ روهڙي جا جبل، ڪارونجهر يا هالار يا کيرٿر جبلن جون سوين ميلن تي پکڙيل قطارون ۽ اتي ڳولھي لڌل مرجان (Coral Reef) ٻوٽن ۽ جانورن جا پنڊپھڻ (Fossil)، ڦٽل آثار (Ruin) ۽ ٻيو گهڻو ڪجهہ ثابت ڪري ٿو تہ اسان جو ديس بہ تخليق جو هنڌ (Seat) آهي.
ان بعد عالمي طور تي سنڌي ماڻھن جي رهڻي ڪھڻي، علم ۽ ڏاهپ، تھذيب ۽ تمدن ڏيھان ڏيھہ “سنڌو سڀيتا” (Indus Civilization) طور مشھور ۽ مقبول آهي. هن سنڌ جي سينڌ سنوارڻ ۾ هزارين نہ پر لکين ۽ ڪروڙين ماڻھن جو ڪردار رهندو آيو آهي. ٿورو ڪي گهڻو – هن ديس جي واکاڻ ۾ سنڌ واسين ۽ ٻين قومن جي شخصيتن پنھنجو ڪردار ادا پئي ڪيو آهي. ان ريت ڪيترائي سياح ۽ کوجنا ڪندڙ سنڌ ۾ ايندا رهيا آهن، گڏوگڏ هتان جا سنڌي ماڻھو ۽ قبيلا پڻ دنيا جي ٻين ملڪن ڏانھن ايندا ويندا رهيا آهن.
شاھد ابڙو بہ سنڌي قوم جي ابڙو ذات جي هڪ شخصيت آهي، جنھن پنھنجي تجسس (Acquisition) جي ڪري معلومات جي تصديق ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ويو ۽ ماڳن مڪانن جو ذاتي مشاھدو ڪيو. گڏوگڏ پاڪستان جي ٻين صوبن پنجاب، بھاولپور رياست، گلگت بلتستان، خيبرپختونخواه ۽ ڪشمير تائين پنڌ ڪيا. هن علم جي تلاش ۾ پاڻ کي اُڃارو سمجهيو تہ دنيا جي ويھن ملڪن ڏانھن اڏام ڪئي ۽ پنھنجو مقصد ماڻڻ ۾ ڪي قدر ڪامياب ويو. اسان جي سنڌ ۾ پيدا ٿيل دنيا جي عظيم وطن پرست، امن پسند، سياحتي ۽ سياسي نظرين جي خالق ڪلاسيڪي آفاقي شاعر شاھہ عبداللطيف ڀٽائي بہ شاھہ جي رسالي جي سر بلاول ۾ ڄڻ شاھد ابڙي جي خاندان جي جاکوڙ جو ئي منظر پيش ڪري ٿو ته:
ابڙو اڳاهن ۾، سپڙ جيئن ٻيلي!
سي پٽ ڪنھن نہ پوريا، جي ٿو ڀڙ ڀيلي
سڄڻ ساوڻ مينھن جيئن، رُڃُون ٿو ريلي
اچنِ جي ويلي، تن بور بخشي، ڀٽ ڌڻي!
سنڌ، سورت، هنڌ مانِ، جهڙس ڪونہ جھان ۾،
در داتا مــڱ مڱڻا، ٻئي جي ڪڍُ مَ ڪاڻ،
اي پاٽــوندر پــاڻ، حالُ پـسيـو ڀـال ڪري

(سُر بلاول، داستان ٻيو)

هن ڪتاب “سنڌ ارتقا جي جاءِ” جي حوالي سان شاھہ لطيف “سنڌ” ۽ “سنڌڙي” لفظ استعمال ڪيا آهن.
موٽي مانڊاڻنِ، واري ڪيائين وار،
وڄون وسڻ آئيون، چڱي ڀت چوڌار
ڪي اُٿيون استنبول تي، ڪن مڃيان مغرب پار
ڪي چمڪن چين تي،، ڪي لهن سمرقند سار
ڪي رمي ويئون روم تي، ڪي ڪابُل، ڪي قنڌار
ڪي دهلي، ڪي دکن، ڪي گڙن مٿي گِرنار
ڪي جنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار
ڪنھين ڀڄ ڀڄائيو، ڪنھين ڍٽ مٿي ڍار،
ڪنھين اچي عمرڪوٽ تان، وسايا ولھار
سائينمَ سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار
دوست! مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين

(سُر سارنگ)

سنڌ (Sindh, Sind, Scinde, Indus or Mehran) لفظ کي جيڪڏهن انٽرنيٽ تي ڳولھبو تہ فقط گوگل تي سرچ تي هڪ ڪروڙ/لکين فائيل موجود ملن ٿا، ساڳي ريت ياهو، انسائيڪلوپيڊيا، هاٽ ميل، فيس بوڪ، ٽوئيٽر، وڪي پيڊيا ۽ ٻين واڳيل ويبسائيٽس جا فائيل کولڻ سان بہ لکين اشارا (Indication) ملن ٿا. ان مان ثابت آهي تہ، سنڌ ڌرتي دنيا ۾ ڪيتري نہ مقبول ۽ معروف جاءِ آهي. جنھن متعلق ٻين عالمي قومن کي ڀلي ڀت پروڙ رهندي پئي اچي.
هن ڪتاب جو ليکڪ شاھد علي ابڙو ولد ڪريم بخش ابڙو تخلص “صوف” 13 جنوري 1977ع ۾ ميھڙ لڳ ڳوٺ ٿيٻا ۾ جنم ورتو. پرائمري 5 درجا ڳوٺ ٿيٻا جي پرائمري اسڪول، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 1 ۽ 2 – ميھڙ ۽ انٽر ڊگري ڪاليج ميھڙ مان پاس ڪيا.
هو مئٽرڪ کانپوءِ پاڪستان آرمي ۾ سپاهي طور ڀرتي ٿيو، مختلف ڪورس ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۽ آرمي سروس ڪور سينٽر ۾ فزيڪل ٽريننگ انسٽريڪٽر طور ڊيوٽي ڪئي. محنت ۽ ملٽري ڪواليفڪيشن ڪري پروموشن حاصل ڪري حوالدار (نان ڪميشنڊ آفيسر) ٿيو. هن سال 1999ع ۾ ڪارگل جنگ ۽ 2001 جي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران ڪشمير ۾ بٽالين حوالدار ميجر (B.H.M) طور ڊيوٽي سرانجام ڏني. هو 2005ع ۾ 34 سپلاءِ اينڊ ٽرانسپورٽ بٽالين ڪوئيٽا مان رٽائرڊ ٿيو. آرمي مان رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ گهوٽڪي مان نڪرندڙ اخبار هفتيوار “نروار” ۾ چيف ڪرائيم ۽ انويسٽيگيشن رپورٽر طور ڪم شروع ڪيو. بعد ۾ ڊپٽي ايڊيٽر ٿيو. 2007ع ۾ اخبار روزاني ٿي تہ ريزيڊنٽ ايڊيٽر سکر ۽ حيدرآباد طور ڪم ڪندو رهيو. 2007 ۾ پريس ڪلب جو سرپرست اعليٰ ٿيو ۽ سنڌ ابڙو ويلفيئر ائسوسيئيشن جو آرگنائيزر ۽ پريس ترجمان بہ رهيو. آل پاڪستان ابڙو قومي اتحاد جو جنرل سيڪريٽري ۽ ڄاموٽ سماٽ ابڙا اتحاد جو رابطه سيڪريٽري رهيو. بعد ۾ ڪجهہ عرصو فوجي فائونڊيشن ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ پي ٽي آءِ طور نوڪري ڪئي. اڄڪلھہ پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان پريس ۾ سيڪيورٽي گارڊ طور نوڪري ڪري رهيو آهي.
ابڙي صاحب جو ادبي نالو صوف ابڙو (Apple Abro) آهي، هن پھرين ڪھاڻي 1984ع ۾ جڏهن پرائمري چوٿين ڪلاس ۾ هو لکي، جيڪا سچي ڪھاڻي هئي. اها گل ڦل ۽ آفتاب اخبار ۾ ڇپي، بعد ۾ هر هفتي روزاني آفتاب، عبرت، گل ڦل، سنڌي ٻارڙا، هلال پاڪستان، الوحيد، پڪار، عوامي آواز، الک، برسات، سچ، پڪار، سڪار، مھراڻ، سنڌ، خلق، نروار، وغيرہ ۾ ڪھاڻيون، ڪالم، مضمون لکندو رهيو آهي.
هن سال 1989ع ۽ 1990 ع ۾ ڪتاب “طالبان جو اُٺ ڪھڙي پاسي ليٽندو” لکيو، جيڪو ڪتاب افغانستان ۾ طالبان جي پس منظر تي لکيل ڪالمن تي مشتمل هو، بعد ۾ ملڪ جي ديني مدرسن ۾ پڙهندڙ طالبن جي زندگي ۽ حالتن تي ڪتاب “کٽيو کائي فقير، ڌڪ جهلي ڀولي” نالي سان ڇپيو.
ڀائو شاھد ابڙي 1991ع ۾ ڪراچي جي خراب ٿيندڙ حالتن تي ڪتاب “آمريڪا هڪ نئون هانگ ڪانگ چاهي ٿو.” ۽ سائين جي ايم سيد جي جدوجھد ۽ قيد بابت ڪتاب ”سائين جي ايم سيد جو ڏوھہ” جي سري سان لکيا. سال 1993ع ۾ سنڌ جي هنرمند عورتن جي حقيقي صورتحال کي پيش ڪرڻ ۽ ڪاروڪاري جي واقعن جي پسمنظر ۾ “مارئي جو درد” نالي ڪتاب لکيو.
ان ريت هن پي ٽي وي، ڪي ٽي اين ۽ ريڊيو پاڪستان تي ڪم ڪيو. هو فلمز پروڊڪشن/ڪمپنين سان بہ ڪم ڪندو رهيو آهي. مختلف ڊرامن، فلمن جا مڪالما (Scripts) بہ لکيا. هن ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر طور بہ ڪم ڪيو آهي. ابڙي صاحب 1998ع کان ابڙو قبيلي جي حسب نسب تي تحقيقي ڪم شروع ڪيو. ان سلسلي ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي ناليوارن تاريخدانن، محققن، عالمن سان ملاقاتون ڪيون. جن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙو، حبيب ﷲ صديقي، ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ سنڌي، مقصود قاضي، ايم ايڇ پنھور، ڊاڪٽر لعل بخش نائچ، عطا محمد ڀنڀرو، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، پروفيسر سليم مانگٽ (اسلام آباد)، عطاءُ ﷲ ضياءَ قاسمي (لاهور)، ڊاڪٽر اشرف (جيالوجسٽ مظفرآباد يونيورسٽي)، ماهر ارضيات آصف نذير راڻا، پروفيسر محمد نواز چوڌري ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪري مدد ورتي ۽ رهنمائي حاصل ڪئي.
ابڙو قبيلي تي تحقيق دوران هن سنڌ ڌرتي بابت زندگي جي ارتقا بابت گهڻيون شاھديون ۽ ثبوت گڏ ڪيا آهن، جنھن کانپوءِ سندس توجھہ ابتدائي ارتقا ڏانھن ٿي. چارلس ڊاورن، ڊاڪٽر الفرڊ رسل ويلاس ۽ ٻين جي ارتقا بابت نظرين کي پڙهيو ۽ ان موضوع سان لاڳاپيل مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. سائنس، مذهب ۽ تاريخ مان مليل حوالن، تجربن، ذاتي مشاھدن، ثبوتن جي بنياد تي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي تہ دنيا ۽ ڌرتيءَ تي حياتي جا جُزا ۽ عنصرن جي ردعمل ۽ گڏيل عملن جي نتيجي ۾ جيو گهرڙن (Cells) جنم ورتو هوندو. ان ريت چئي سگهجي ٿو تہ ٻين جاندارن وانگر دنيا ۾ انسان جيڪي سنڌ ۾ پيدا ٿيا آهن. جاندارن جي پيدائش۽ پرورش جو بنياد پيو، بعد ۾ دنيا ۾ پکڙجي ويا. ان ريت صدين کان جنم ۽ موت جو سلسلو جاري آهي.
اهو شاھد ابڙي جي جاکوڙ ۽ حقيقتن سا لڳاءُ آهي، جو هن 16 سال محنت ڪري 22 کن ملڪ ۽ سمورو پاڪستان گهمي ارتقا ۽ ابڙو قبيلي بابت مواد گڏ ڪيو. هي انھي سلسلي جو پھريو ڪتاب آهي. باقي 8 عدد ڪتاب ترتيب ڏنا پيا وڃن، جيڪي هو الڳ الڳ حصن ۾ پڌرا ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. هڪ شاعر ان سڄي عمل (Phenomenon) کي هڪ شعر ۾ ڪيڏو نہ ڀرپور انداز ۾ بيان ڪيو آهي ته:
زندگي ڪيا هي، عناصر ۾ ظھور ترتيب،
موت ڪيا هي، انھي اجزا ڪا پريشان هونا
هن ڪتاب لکڻ جو مقصد سنڌ جي اصل تاريخ جيڪا اڃا منظر تي نہ اچي سگهي آهي، ان کي نروار ڪري موجودہ ۽ ايندڙ نسلن کي روشناس ڪرائڻ دنيا ۾ سڌ جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ، ڌارين ليکڪن ۽ مذهبي ليکڪن جون سنڌ جي تاريخ سان ڪيل ويساھہ گهاتيون، اصل حقيقتن ۽ رازن کي ظاهر ڪري سائنسي بنياد تي تحقيق جا دڳ کولڻ – سنڌ جي تاريخ سان لاڳاپيل ماڳن ۽ مڪانن کي روشناس ڪرائڻ آهي.
انھن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ شاھد ابڙي گلگت، شندور جو سفر؛ گلگت کان 200 ڪلوميٽر پري پنگل ڳوٺ تائين جا بہ سفر ڪيا. – هتي ابڙو قبيلي جي شاخ شينا (Shena) ڳولي لڌي سندن خانداني سردار ۽ ابڙو قبيلي سان لاڳاپيل شجرو بہ موجود هو.
سنڌ جي ادبي شخصيت مشھور عالم، اديب، شاعر ۽ صحافي رئيس شمس الدين بلبل ابڙو جو تعلق بہ شينا شاخ سان هو.
ان ريت تبت، لداخ، ڪوه هندوڪش، مائونٽ ايوريسٽ وغيرہ جو سفر ڪيو – اهو سفر سنڌو درياھہ ۽ سپت سنڌو جي مُھڙ وهي نڪرڻ واري جاءِ ڏسڻ جي شوق ۾ ڪيو. ان ريت هن تبت، لداخ، وادي ڪافرستان ۾ موجود مانسرور ڍنڍ کان اٽڪ قلعي تائين سفر ڪيو.
ان کانپوءِ ورسڪ جبل ۽ ورسڪ ڊيم جو سفر ڪابل ندي جو منھن ڏس لاءِ ڪيو. گڏوگڏ هن ڪوهاٽ، ڪرڪ، طورو مرچ، نيازي، ڪنوان، ميران شاھہ جو سفر سماٽ ۽ ابڙو قبيلي جي تلاش ۾ ڪيو.
هن پنھنجي علمي اُڃ اُجهائڻ لاءِ مظفرآباد، ڪشمير جو سفر مظفرآباد يونيورسٽي ۾ جيالوجي ۽ آرڪيالوجي ڊپارٽمينٽ جي پروفيسرن سان ملاقاتون ڪيون. جڙي ڪس، کڙي شريف ۽ ڪشمير جي ٻين علائقن جو سفر ڪيائين. کڙي شريف ۾ ميان محمد بخش جي مزار ۽ منانا پھاڙ تي بہ ويو. منانا پھاڙيءَ تي ويھي ميان محمد بخش “سيف الملوڪ” لکيو هو. ان عشق ۾ سيف الملوڪ تي تحقيق دؤران ڪيترائي ڀيرا کڙي شريف ۽ سوات ۾ ڍنڍ سيف الملوڪ جا سفر ڪيا. انھن منظرن مان مزو ورتو ۽ حِظ حاصل ڪئي آهي.
سنڌ ۾ تحقيقي سفر دوران – لڪي، آمري، جهمپير، جهرڪ، کيرٿر جي جابلو سلسلي، ننگرپارڪر، ڏيپلو، ڪنري، ڇور، آمري جو مقام ٽنڊو جان محمد لڳ – نئون ڪوٽ روڊ تي جسيرل جو دڙو. موهن جو دڙو، ڪاهو جو دڙو، لاهوت، گورک، شاهبندر، مومل جي ماڙي، جاتي ۽ ٻين تاريخي ماڳن مڪانن جو ذاتي مشاھدو ڪرڻ لاءِ ويندو رهيو آهي. دراصل مشاھدو (Observation) بہ تحقيق جو هڪ قسم آهي.
بلوچستان ۾ موجود ماڳن مڪانن کي ڏسڻ لاءِ هو ڪڇي، بولان، ڀاڳ ناڙي، ڇتر، هنگلاج، سوئي، مڇ، ڪوئيٽا، ڪچلاڪ، اوٿل، لسٻيلو، شمسي ۽ ٻين شھرن ڏانھن ويو آهي. پنجاب ۾ موجود ماڳن مڪانن کي ڏسڻ لاءِ هو رحيم يار خان، رياست بھاولپور، ملتان، فيصل آباد، سرگوڌا، جهنگ، خوشاب، اوڪاڙه، لاهور، گوجرانوالا، گجرات، کيوڙه، جهلم، راولپنڊي، بڙيلا شريف (هتي حضرت نوح جي قبر آهي)، روال (هتي حضرت نوح جي پٽ حام جي قبر آهي)، ان کانسواءِ سيال ڪوٽ، ڊسڪ،حافظ آباد، ۽ ٻين شھرن جا تحقيقي مقصد لاءِ سير سفر ڪيا.
سيف الملوڪ جي قبر جسيرل جي دڙي ڀرسان ڳولھي لڌي، آمري جي قبرستان ۾ مامو يا فقيرن جون قبرون لڌيون اٿس، اها ڪيڏي اچرج جھڙي ڳالھہ آهي، جو شاھد ابڙو پنھنجي ڄاڻ کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن جي دورا ڪيا. عرب ملڪن ۾ سعودي، دبئي، شارجہ، العين، الفجيرہ، ابو ظھبي، راس الخور، راس الخيمہ، عمان، قطر، ڪويت، يمن، مصر، شام، لبنان، عراق، ايران، وغيرہ افعانستان، ازبڪستان، تاجڪستان، آذربائيجان تائين ويو.
يورپ ۾ جرمني برلن ۾ هٽلر، سندس گرل فرينڊ جي قبر ۽ اها جاءِ جتي سندن لاشن کي ساڙيو ويو هو ۽ خفيہ قبر ۾ دفن هئڻ واري جاءِ ڏسڻ ويو. آريا جيڪي سنڌ ۾ پڻ آباد ٿيا هئا، نسل جي تلاش ۾ سفر ڪيو. ڏکڻ افريڪا جي ڪيپ ٽائون ۾ ابڙو قبيلي جي ماڻھن ۽ خاندانن جي تلاش جي سلسلي ۾ سفر ڪيو. آمريڪا جي انڊيانا اسٽيٽ ۾ موجود ابڙن سان ملاقات ۽ سندن حسب نسب جي تلاش ڪرڻ لاءِ سفر ڪيو.
صوف ابڙو – واقعي وڏو وڙو آهي. هو ملاقات ۾ نھايت ئي نرم لھجي ۾ پنھنجي ڳالھہ ڪري ٿو ۽ ٻئي جي بہ ٻڌي ٿو. گڏوگڏ پنھنجي راءِ کي مٿانھون ثابت ڪرڻ لاءِ سينو سُپر ڪري بيھي رهي ٿو. ان ڪري مون ساڻس ڪچھرين ۾ محسوس ڪيو آهي تہ هو علمي بحث مباحثي ۾ ٻارن وانگر ضد ڪري – ليڪو ڪڍي بيھي رهي ٿو. هڪ ڀيري ڪيئي ميٽر ڊگهي ڪاغذ جي رول تي لکيل شجرا (Genology) سامھون رکيا تہ کيس ٻڌايم تہ نج سنڌي ذاتين ۽ قبيلن جي اڳيان حضرت لفظ لکڻ سان انھن کي عربي جامو نہ پھرايو وڃي. گڏوگڏ عربي قبيلن کي بہ سنڌي قبيلو پڻ ڏيکارڻ جي ڪوشش لڳي ٿي. مون کيس منع ڪيو تہ ائين سنڌين ۽ عرب لکڻ يا عربن کي سنڌي قبيلو ڪري لکڻ دراصل سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن ۽ سنڌي/عربي ذاتين سان تاريخي زيادتي ٿيندي.

ڪتاب بابت

اسين وڏي واڪي چئي سگهون ٿا تہ شاھد ابڙو سنڌي قوم جو هڪ اهڙو تہ اڏول ماڻھو آهي، جيڪو پنھنجي مقصد جي ماڻڻ لاءِ ۽ سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن بابت ڄاڻ گڏ ڪر لاءِ ذاتي مشاھدا ڪرڻ لاءِ پنھنجي سنڌ ڌرتيءَ جي چپي چپي تي ويو. گڏوگڏ سنڌ سان لاڳاپيل ماڻھن ۽ معلومات جي دائري (Scope) جو عالمي سطح تي ملڪن جا دورا ڪيا. توڙي تہ سندس تجسس جو دائرو سنڌ ڌرتي سان گڏ هن ابڙا پنھنجي خاندان واري ذات جي محبت ۾ ئي اهي سڀ رنڊا روڙيا آهن. ان ريت اميد ڪري سگهجي ٿي تہ هن ڪتاب سنڌ ۽ ڌرتيءَ بابت سندس گڏ ڪيل سائنسي (Scientific) ڄاڻ ۽ هن ڌرتيءَ تي انسانن جي وجود بابت انومان ۽ مفروضا (Interference) صحيح ثابت ڪرڻ ۽ محققن جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو. گڏوگڏ عام پڙهندڙن جي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪرڻ جو باعث بڻجندو ۽ علمي – ادبي منڊلين ۾ مڃتا حاصل ڪندو.


پروفيسر عبدالغفار دائودپوٽو
پروجيڪٽ آفيسر
سنڌ جي تاريخ، رٿا، ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو،
حڪومت سنڌ، ڪراچي

سامراجي نظريا رد ٿيندا

احوال تہ اوهان جي تحقيق سنڌ ارتقا جي ماءُ جي پروف ريڊنگ واري ڪاپي جا ڪجهہ اهم حصا پڙهيم ۽ ڪجهہ پڙهي ٻڌا آهن، اکين جي تازو آپريشن سبب مطالعو ڪرڻ سان تڪليف ٿئي ٿي ۽ لڙڪ اچن ٿا. انھي ڪري اوهان جي تحقيق کي ٺيڪ ٿيڻ بعد مڪمل پڙهندس. اوهان “سنڌ ارتقا جي جاءِ” بابت تحقيق حضرت آدم عليہ اسلام کان ڪئي، جهن ۾ تمام اهم انڪشافن کي اوهان پڌرو ڪيو آهي. ڪيترن تاريخ حوالن کي پنھنجي ذاتي تجربي ۽ مشاھدي جي بنياد تي پڌرو ڪندي زنجير وانگرڪڙي کي ڪڙي سان ملايو آهي. ڊارون جي ٿيوري کي اوهان تمام سھڻي نموني مثال ڏيئي سمجهائيندي رد ڪيو آهي، دنيا جو پھريون جيو گهرڙو (Life cell) سنڌ ۾ پيدا ٿيڻ جي انڪشاف کي پڻ اوهان تحقيقي مثالن سان سمجهايو آهي.
سنڌو درياءَ جو منھن ڏسڻ لاءِ اوهان ڏاڍي تڪليف ڪئي آهي، جو اڄ تائين ڪنھن بہ سياح سنڌوءَ جي منڍ جي اهڙي معلومات نہ ڏني آهي ۽ نہ ئي هماليا جبل جي چوٽيءَ تي برف جي 20 – 30 فوٽن جي تھن تي مٿي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، اوهان هماليا جي جبل جي چوٽيءَ مان ٽيوب ويل وانگر پاڻي نڪري وهڻ جي منظر جي احوال کي سمجهائيندي بيان ڪيو آهي تہ تبت ۽ هماليا کان سوين ندين جو ڄار وڇايل آهي، جيڪي اچي لداخ (انڊيا) وٽ سنڌوءَ ۾ ملن ٿيون، جن ۾ ڳاڙهي رنگ جي مڇي آهي. نوح نبي جي ٻيڙي، ٻوڏ ۽ ٻيڙيءَ ۾ چڙهندي جاندارن جا احوال اسلامي ۽ هندو مذهب جي ڪتابن جا حواله ڏئي ڏاڍي سھڻي نموني سان سمجهايو آهي.
نوح واري ٻوڏ جو پاڻي تنور مان اُٻري نڪتو، اهو تنور ڏاڏي هوا جو هو، جيڪو پٿر جو ٺھيل هو، جنھن تي ڏاڏي حوا ماني پچائيندي هئي، جيڪو پوءِ حضرت نوح عليہ السلام وٽ آيو، جنھن جو قرآن شريف ۾ پڻ ذڪر آهي، اهو تنور سمنڊ جي ڪناري سنڌ ۾ هو.
جيڪو هن وقت هندستان جي صوبي ڪيرالا جي ملاپورم ضلعي ۾ آهي، اتي “تنور ريلوي اسٽيشن” ۽ تنور ڳوٺ ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي ڳالھين جو پنھنجي ڪتاب ۾ ذڪر ڪندي پڙهندڙن جي معلومات ۾ اضافو ڪيو آهي.
توهان ڊگهيون قبرون 26، 22، 20، 15، 12، 10، 9 گز تائين تقريبن 79 قبرون ملڪ جي مختلف حصن ۽ علائقن کي گهمي ۽ سرزمين تي وڃي ڏسڻ ۾ تمام گهڻي محنت ڪئي آهي، مغربي سامراجي ملحده منڪر انٽرنيٽ ذريعي دنيا کي غلط ڄاڻ ڏيئي رهيا آهن، جڏهن تہ اسان وٽ آريا ڊاڪٽر لال بخش نائچ ۽ حاجي خان چاچڙ سنڌي جھڙا انٽرنيٽ موجود آهن. ﷲ پاڪ کين وڏي حياتي بخشي، اوهان سامراج جي نظريي کي پنھنجي نموني وائکو ڪيو آهي، اهو جھاد آهي، اوهان کي سچ لکڻ ۽ ٻڌائڻ تي جس هجي ۽ اسان جي ديسي محققن کي بہ سچ جي راھہ وٺڻ جي اشد ضرورت آهي.
اوهان پنھنجن تي ميار رکي آهي، ڀلي پيا جيڪو ڪجهہ چون، پر هميشہ سچ سوڀارو آهي، اميد تہ دل شڪستہ نہ ٿيندا. ڪبير جي چوڻي موجب:
“ســاچــي جــگ نہ راچـي، جـهـوٽ نہ مـانـي رام
ڪھو ڪبـيـرا ڪس در جاويـن، دوجـا اوکـهـا ڪـام”
هي تہ ڪو پراڻو دستور آهي جو ڪبيراصاحب بہ شڪايت ڪري ويو.
منھنجي لکيل “تاريخ قبيلو پالاري” تي بہ ڪن دوستن اجائي تنقيد ڪئي، پر کين نيٺ مڃڻو پئجي ويو ۽ کڻي ماٺ ڪيائون.
آئون تہ پاڻ ٻيو ڪتاب تفصيل سان “تاريخ قبيلو پالاري” جوڙي رهيو آهيان ۽ اسان مان هر هڪ کي پنھنجو حصو ادا ڪرڻ جو حق آهي، ﷲ وارث آهي، پوءِ ڀلي کڻي ڪو ملحد منڪر نہ مڃي.
اوهان سڀني طرفن کان نظر ڦيرائي ڏسي پوءِ “سنڌ ارتقا جي ماءُ” لکي معلومات سان گڏ حق ادا ڪيو آهي، انھيءَ لاءِ کيرون لھڻيو ۽ اوهان کي جس ڏيان ٿو. اميد تہ هن تحقيق مان ٻيا محقق، تاريخدان ۽ اديب ڪافي معلومات حاصل ڪندا رهندا، اوهان جي تحقيق قابل قدر آهي. منڪر ۽ هم خيال نہ ٿيڻ وارن جي پرواھہ نہ ڪندا. اهو بہ تحقيق جو هڪ حصو آهي، اوهان تہ حوالن سان موقف آندو آهي، اهو بہ تحقيق جو اصول آهي، هي ڪم سڀ کان ڏکيو ڪم آهي، پر حلالي ملنگ پٽن لاءِ ڏکيو نہ.


ماستر صادق علي پالاري
جهمپير

هو جو پٿريلي زمين جو پانڌيئڙو آهي

مان هڪ سادڙي ۽ سٻاجهڙي شخصيت جي مالڪ کي ان وقت کان سڃاڻان، جڏهن هو پنھنجي اڻ وڻندڙ شرارتن سان ڪيترن ئي ماڻھن جون دليون وندرائيندو هو تہ ڪيترن جون دليون ڪنھن سڪي ڪاٺيءَ کي باھہ جيان ساڙيندو هيو. ڪنھن وقت پکين جي ٻولين سبب ائين ڀاسندو هيو تہ واقعي ڪو پکي ٻولي رهيو آهي تہ ڪنھن وقت جانورن جا آواز ڪڍي ٻڌائيندو هيو تہ بلڪل ائين ڀاسندو هيو ڄڻ تہ ڀر ۾ اهو جانور بيٺل آهي.
هڪ ڀيري ياد پويم ٿو تہ شايد پراڻي جئيمسٽ چاچي ڇٽل سومري صاحب سان گڏجي مون وٽ آيو گهر جي دروازي جي سامھون واريءَ گهٽيءَ ۾ بيٺائي هئاسين تہ هن همراھہ ڪتي جو اهڙو تہ خوفناڪ آواز ڪڍيو جو چاچو محمد ڇٽل اصل رسا ڇنائي ڀڳو.
ڪڏهن ڏسوس ٽيليويزن تي ويٺو مزاحيا ڪردار ڪري تہ ڪڏهن اسٽيج تي مختلف رول ويٺو ادا ڪري. کدڙي جو رول تہ بس هن کانپوءِ دنگ آهي. اهڙو ادا ڪندو جو ٻئي ڏينھن تي ميھڙ شھر جا کدڙا هن کي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڳولھيندا وتندا. لکڻ ۽ پڙهڻ جي چوس ايتري جو گهٽيءَ مان گذرندي اخبارن جا پراڻا پنا بہ کڻي صاف ڪري فائيل ٺاهي جنھن مان ڪجهہ نہ ڪجهہ حاصل ڪندو. بلڪل هڪ کل مک شخصيت. منظرِ عام تي لاڳيتو ايترو جو اسان پارن ماڻھن کي تنگ ڪري وجهي، ڳالھائي تہ بس ڪرائڻ لاءِ ڊسپينسر کان پلاسٽر گهرائڻ جي ضرورت اوس بڻجي وڃي پر وري جيڪڏهن ٽٻي هڻي تہ اهڙو ويراڳي بڻجي وڃي جو فون ڪريوس تہ فون بند، ڳولھرايوس تہ اصلي نہ لڀي. چاچو ڪريم بخش بہ پيرا پڇائيندو وتي تہ منھنجو شاھد ٻچڙو خبر ناهي تہ ڪٿي آهي. فوج مان ڌڪا ٿاٻا کائي اتا رٽائرمينٽ وٺي پوءِ اچي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمڻ شروع ڪيائين، ڪڏهن پڇوس تہ ڪٿي آهي، چئي گهوٽڪي، ڪٿي آهين چئي ڏوڪري ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب جي مڪان تي، ڪٿي آهين جي ٿرپارڪر، ڪٿي آهين جي انڊيا جي علائقي گجرات ۾ ڪڏهن راجستان ۾ اڙي آخر تنھنجو پلان ڪھڙو آهي؟ ڪھڙي انڊيا پاڪستان جي جنگ لڳي آهي؟ جو تون ايجنٽ گيري ويٺو ڪرين. چوي تہ سائين هڪ وڏو ڪم پيو ڪريان. ابڙن جي تاريخ کي سھيڙي رهيو آهيان. ادا شاھد تون توونگر قسم جو ماڻھو تون تاريخ لکندين اها ڇپجي ويندي ۽ دنيا واھہ واھہ ڪندي. دل ۾ سوچيم تہ مڙئي ويٺو ٿو وقت جو زيان ڪري. طبيعت جي بگاڙ جو شڪار آهي. بس پنا لکي وري رات جو تيلي دکائي سياري جي ٿڌ کان بچڻ لاءِ هٿ سيڪي ڇڏيندو هوندو. سچ پڇو تہ هينئر تائين مونکي شاھد جو هيءُ وڏو ڪم جيڪو ماضيءَ ۾ وڏي ۾ وڏا تاريخدان بہ نہ ڪري سگهيا مذاق ٿو لڳي تہ هيءُ هن کي ڇپرائيندو يا وري اهي پنا پڪوڙن واري شاپ تي وڪرو ٿيندا. پر ائين ناهي اها منھنجي غلط فھمي آهي جيڪا منھنجي اندر ۾ شاھد جي فنڪارانہ ۽ مزاحيا، غير مستقل مزاج ۽ غيرميانہ روي واري طبيعت سبب اندر ۾ پيدا ٿي آهي.
شاھد ابڙي کي مون ويجهو کان ڏٺو آهي ان جي ٽھڪن وارا ڏينھن بہ ڏٺا آهن تہ ان جي راتين جون راتيون روئڻ واريون تاريڪيون بہ ڏٺيون آهن. ان جي شاهاڻي خرچن کي بہ ڏٺو آهي وري ان کي ڇڳل جتيءَ سان گهمندي بہ ڏٺو آهي. هو ڪو غضب جو ماڻھو آهي جيڪو پنھنجي اندر ۾ هزارين ڏک سمائي دنيا جي آڏو کلندو رهندو آهي ايترو تہ بھادر ۽ دلير شخص آهي جنھن ڪڏهن بہ پنھجي پريشاني، غربت ۽ بدحالي ڪنھن بني بشر سان بيان ناهي ڪئي. هميشہ ٻين ماڻھن جو هڏ ڏوکي ۽ همدرد. مان تہ مختصر اهو چوندس تہ ميھڙ تعلقي جي ڳوٺ ٿيٻا جو هيءُ موتيءَ داڻو شخص سڄي تعلقي لاءِ نعمت عظيم آهي. مان تاريخ جو شاگرد تہ نہ رهيو آهيان پر ايترو ڌپو ضرور پويم ٿو تہ مستقبل قريب ۾ هن جو ڪتاب دنيا جي ڪيترن تاريخدانن لاءِ مشعل راھہ ثابت ضرور ٿيندو (آمين)._


ڊاڪٽر غلام عباس مھيسر
رفيق ميموريل ميڊيڪل سينٽر، ميھڙ
13/11/2013

ٻہ اکر

شاھد علي “صوف” ابڙو صاحب جي تخليق “سنڌ ارتقاءَ جي ماءُ” 96 صفحن جو ڪتاب آهي. سندس جو رايو آهي تہ مذهب، سائنس ۽ تاريخ ٻڌائين ٿا تہ سنڌ ئي سڄي دنيا جي مھندار آهي، تھذيب جو بنياد سنڌ ۾ پيو. پر هن کان اڳ ٻيو رايو هن ريت بہ معلوم ٿئي ٿو تہ دنيا جا سڀ کان پراڻا ڳوٺ دجلا و فرات ۾ مليا آهن. اتي زراعت جو سڀ کان پھريون رواج پيو. ۽ سڀ کان قديم شھر بہ انھيءَ سر زمين تي مليا آهن. پر شاھد علي ڄاڻايو آهي تہ پھريون انسان ۽ مختلف ڪيڙا، مڪوڙا، مڇيون، چوپائيا سنڌ ۾ پيدا ٿيا ۽ پرورش ورتي ۽ دنيا ۾ پکڙجي ويا. حياتي ءَ جي ڪيڙي، (جراثيم) Life Cell جو جنم سنڌ ۾ ٿيو. هتي دنيا جو پھريون انسان آدم عليہ السلام اچي ٿو. نوح عليہ السلام بہ سنڌ ۾ جنم وٺي ٿو. سنڌي قوم شيش / سنڌ بن آدم عليہ السلام جي اولاد جو نبي ٿئي ٿو. وڏي ٻوڏ کان اڳ بہ نوح عليہ السلام سنڌ ۾ هو ۽ ٻوڏ کان پوءِ بہ سنڌ ۾ ئي رهيو ۽ دفن ٿيو. اهو نسل 9 کان 60 گز قد رکندو هو. جنت مان سيحون/ سنڌوءَ کي هن سنڌ ڌرتيءَ تي لاٿو ويو، بعد ۾ انسانن جي نمائندن ۽ رهبر رسولن ۽ نبين بہ سنڌ سان ڳانڍاپو رکيو آهي. حضرت دائود عليہ السلام جو اولاد ، حضرت هارون عليہ السلام جو پٽ ، حضرت يوسف عليہ السلام جو پٽ، حضرت حام بن نوح عليہ السلام، سام بن نوح عليہ السلام ۽ حضرت سنڌ رحمت ﷲ عليہ سنڌ ڌرتيءَ جي اندر مدفون آهن. حضرت موسى عليہ السلام سنڌ ۾ اچي ٿو، رهي ٿو، رياضتون ۽ عبادتون ڪري واپس وڃي ٿو. حضرت عيسى عليہ السلام جي زندگيءَ جا غائب ٿيل 30 سال سنڌ ۽ تبت ۾ گذريا. پر اسان جون تاريخون انھن عملن کان خالي آهن.
شاھد علي جو موضوع اڃا وسيع آهي. هتي مختصر بيان ڪيو ويو آهي. هن دوست وڏي محنت ڪري سنڌ بابت اهو ڪتاب لکيو آهي. هن جي پيش ڪيل راين تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. دوست ڪتاب جو مواد موڪليو ۽ اچي پاڻ بہ پھتو. چيائين تہ اوهان جو انتظار آهي ٻن ٽن ڏينھن اندرڪتاب لاءِ رايو لکي ڏيو تہ ڪتاب جي ڇپائيءَ وارو مرحلو شروع ڪجي. مون چيو تہ ڪتاب ۾ ڪي اهڙيون بہ ڳالھيون آهن جن تي اختلاف ڪري سگهجي ٿو. مثال طور نامور عالم علامہ جلال الدين سيوطي رحمت ﷲ عليہ موجب معلوم ٿي ٿو تہ شيث عليہ السلام ۽ “سنڌ” ٻئي پاڻ ۾ ڀائر آهن. علامہ جلال الدين سيوطي رحہ ۽ شھيد مخدوم بلاول رحمتہ ﷲ عليہ ٻئي همعصر عالم هئا. جڏهن هڪ نامور عالم کان ابن اسحاق رحہ جي قديم روايت ملي ٿي تہ پوءِ 1956ع ۾ ڇپيل ڪتاب “آئينہ قديم سنڌ” جي غلط قياسي رايي موجب ڪيئن ڪتاب “حضرت سنڌ رحہ” ۾ ڄاڻي واڻي شيث عليہ السلام کي سنڌ ڄاڻايو ويو آهي. ۽ هن ڪتاب ۾ بہ انھن جي تقليد ڪندي شيث عليہ السلام کي شيش ۽ سنڌ لکيو ويو آهي. انھي ڪري منھنجو خيال هو تہ انھن ڪن ڳالھين جي سَنَدَ سان هن پنھنجي رايي ۾ نشاندهي ڪجي هان تہ بھتر هو. پر شاھد علي جي جلد رايي لکي ڏيڻ واري اسرار ۽ هڪ علم دوست پاران هتي تنقيدي راءِ ڏيڻ کان روڪڻ ڪري مختصر طور ڪتاب تي ٻہ اکر لکيا اٿم. اميد تہ قبول پوندا. شاھد علي جي اها محبت آهي جنھن مون کي بہ هن ڪتاب تي رايو ڏيڻ جو شرف بخشيو.


سردار احمد سنڌي
11 جنوري 2016

صوف ابڙي جي تحقيق:سون تي سھاڳو

ڪتاب ڪيئي ڇپجن ٿا، پڙهجن ٿا ۽ ڪي ڪتاب ڇپائي محض ڪٻٽن جي زينت بڻائي رکيا وڃن ٿا. ڪن ڪتابن جي اهميت ۽ افاديت اهڙي هوندي آهي، جو اهي بار بار ڇپرائڻ تي دل چاهيندي آهي. اهڙن ڪتابن کي ڇپائڻ لاءِ جيتوڻيڪ قومي ادارن جو توجھہ هٽيل هوندو آهي. اهڙا ڪتاب ڇپائي عوام ۾ شعور جي بيداري ۽ مقصد جي حصول لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن ٿيون. هن جامع ڪتاب ڇپائڻ ۾ جيڪا خوشي ٿي رهي آهي، قلبي سڪون محسوس ٿي رهيو آهي، اهو لفظن ۾ اظهاري نٿو سگهجي، جيڪي قومون پنھنجي موروثي اعليٰ ۽ پنھنجي ابن ڏاڏن جي گس کي پڪڙي پنھنجي آباءُ اجداد جي شاندار نقش قدم تي هلي نہ ٿيون سگهن، اهي ڀٽيڪل ئي رهن ٿيون.
هن ڪتاب جي ليکڪ جون سنڌ جي تاريخ بابت ڪوششون ڪنھن کان لڪل ڪين آهن. سندس نالو اهڙو جڙيل آهي، جھڙو سون تي سھاڳو. گهڻو عرصو اسان جي سنڌ جيڪا ارتقا جي ماءُ آهي، بابت حقيقتن کي اسان کان لڪايو ويو، جنھن جي اصليت کي لڪائي اسان کي ڪوڙ پڙهايا ويا. هن ڪتاب ۾ حقيقتن کي نروار ڪيو ويو آهي. مون کي اميد آهي تہ، ايندڙ وقت جا محقق ۽ مورخ ان مان استفادو حاصل ڪري سنڌ جي حقيقت کي دنيا ۾ عالم آشڪار ڪندا ۽ اسان جي دوست جي محنت سفلتا ۽ مڃتا ماڻيندي.اسان جي ڪوشش آهي تہ سنڌ جي تاريخ تي تحقيقي مواد کي ڪتابي شڪل ۾ دنيا اڳيان آڻيون تہ جيئن سنڌ جي تاريخ جي نالي تي لکيل غلط، غير مستند ۽ ڪوڙين ڳالھين ۽ قصن بجاءِ سائنسي بنيادن تي ٿيندڙ تحقيق مان اسان جو موجودہ ۽ ايندڙ نسل استفادو حاصل ڪري. اسان تحقيقي ڪتابن کي ڇپرائڻ لاءِ اُپاءَ وٺي بي پھچ محققن جا ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ سنڌ ۾ روشن خيال ۽ روشن ضمير دوستن کي بہ هن سٿ ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوٺ ڏيون ٿا. اسان پھريون قدم کڻي هي وڏي محنت، جستجو، ۽ رت جي پورهئي سان تيار ٿيل پھريون ننڍو ڪتاب اوهان جي هٿن تائين پھچائي رهيا آهيون. باقي رهيل ڪتاب منظر تي آڻڻ لاءِ سنڌ جا حقيقي ۽ غيرتمند پٽ اسان جي قدمن سان قدم ملائي هن سلسلي کي اڳتي وڌائڻ ۾ اسان جو ساٿ ڏين ۽ مدد ڪن تہ جيئن ڌرتيءَ جو قرض ۽ پنھنجو فرض ادا ڪن.


سرفراز علي “سنڌي” راهوجو
ڪراچي

ارتقا جي جاءِ

مان 15-16 سالن کان سنڌ ۽ ابڙو قبيلي جي تاريخ تي تحقيق ڪري رهيو آهيان، هن وقت تائين ڪيترائي ملڪ گهمي چڪو آهيان، جتي بہ تاريخ بابت مواد، شجرہ نسب، يا ڪنھن تاريخي ماڳ، مڪان يا دستاويز ، مھرن، هڏن، پٿرن بابت ڏس ملندو آهي اُتي پھچي ويندو آهيان هن تحقيق دوران مختلف قدرتي راز پڌرا ٿيا آهن، مذهب، سائنس ۽ تاريخ ٻڌائن ٿا تہ سنڌ ئي سڄي دنيا جي مھندار آهي، تھذيب جو بنياد سنڌ ۾ پيو، سنڌ ۾ دنيا جي ابتدائي جانورن پروش ورتي ۽ پھريون انسان آدم عليہ السلام بہ سنڌ ۾ لاٿو ويو جتان پوءِ نسل انساني ڌرتيءَ جي خشڪ ٻيٽن ۽ کنڊن تي آباد ٿيندو ويو. مھاٻوڏ کان اڳ ۽ پوءِ آدم ثاني حضرت نوح عليہ اسلام بہ سنڌ ۾ هئو؛
ڪائنات ۽ انسان جي ارتقاءَ تي لاتعداد ڪم ٿيو آهي پر هن وقت سائنس جي ترقي هوندي بہ اڃان ان نظرئي تي مڪمل ڪم نہ ٿي سگهيو آهي، 1855ع ڌاري برطانيا جي ماهر طبيعات الفرڊرسل ويلاس ارتقا جي باري ۾ ڪتاب لکيو، ويلاس حياتيات جو ماهر هو هن پنھنجي زندگي ارتقا جي اصولن کي هٿ ڪرڻ لاءِ کوجنا ۾ گذاري. الفرڊرسل ويلاس جي نظرئي سان هڪجھڙائي رکندڙ ارتقاء بابت نظريو پيش ڪندڙ چارلس ڊارون بہ آهي. چارلس ڊارون ولد رابرٽ ڊارون 1809ع ۾ پيدا ٿيو، مختلف اسڪولن ۾ پڙهيو، پڙهڻ ۾ دلچسپي نہ هئس، ننڍ پڻ کان مختلف ٻوٽا، پکي، پٿر، ڪوڏ، سپيون ۽ ٻئي سامونڊي مخلوق گڏ ڪندو هو، بعد ۾ هي ايڊنبرگ يونيورسٽي ۾ طب جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو، ايڊنبرگ يونيورسٽي ۾ هن جي ڪئميسٽري جي پروفيسر مسٽر هوپ سان ويجهڙائي رهي، ٻئي سال هو نيچرل سائنس ۾ هليو ويو جتي پروفيسر گرانٽ سان ويجهو رهيو. پروفيسر گرانٽ حياتيات جو ماهر ۽ قابل استاد هو، پروفيسر گرانٽ ارتقاء پسند مفڪر “ لامارڪ” جي نظرين سان متفق هو، ڊارون کي “لامارڪ” جي نظرئي سان اختلاف هو، “لامارڪ” چوندو هو تہ تمام جاندار (ساھہ وارا ڪيترن ئي نامياتي وحياتياتي نظام جي ذريعي سان هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن. هن حياتياتي نظام کي هڪٻئي سان وابستہ ڄاڻايو ۽ مربوط قرار ڏنو هو. جڏهن تہ ڊارون چوي ٿو تہ سڀني جاندارن ۾ هڪجھڙائي نہ آهي، وڻن ۽ ٻوٽن جي ڪنھن هڪ نسل ۾ شامل تمام ميمبرن ۾ ڪجهہ نہ ڪجهہ مختلف ضرور هوندو آهي، اهو فرق رنگ، قد، وزن، آواز، هلڻ جي رفتار، مھانڊن ۽ بناوت خاص نوعيت ۾ ظاهر ٿيندو آهي، بعد ۾ پروفيسر گرانٽ لنڊن يونيورسٽي هليو ويو، هن (ڊارون) ايڊنبرگ يونيورسٽي ۾ حياتيات جي پروفيسر جيمس سان گڏجي بہ ڪم ڪيو، 17 سالن جي عمر ۾ 2 مقالا لکي پيش ڪيا، پيءُ جي چوڻ تي پادري بڻجڻ لاءِ هن ڪيمبرج ۾ داخلا ورتي ۽ مذهبي تعليم وٺڻ لڳو، ڪيمبرج ۾ پادري جو ڪورس ڪرڻ دوران هن جي ملاقات پروفيسر هنسلي سان ٿي، پروفيسر هنسلي نيچرل سائنس جو ماهر استاد هو، چارلس ڊارون کي هن يونيورسٽيءَ ۾ “ نيچرل ٿيالوجي” پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو جڏهن تہ هن جي دلچسپي “ نيچرل هسٽري” تائين محدود هئي. هي پروفيسر هنسلي جي ڪلاسن ۾ ويندو هو، ٻوٽن جي باري ۾ عملي تجربي لاءِ پروفيسر هنسلو هن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو ۽ هن کي ٻوٽن ۽ جانورن جي باري ۾ معلومات ڏيندو رهيو. ڊارون دانشور سرجي هرشل جو ڪتاب “ نيچرل فلسفي جي تاريخ” پڙهيو جنھن کان پوءِ هن کي پنھنجو علم گهٽ نظر اچڻ لڳو ان کانپوءِ سندس دل ۾ تحقيق جي چڻنگ ٻري ۽ جذبو پيدا ٿيو تہ “مون کي نيچرل سائنس ۾ ڪجهہ نوان واڌارا ڪرڻ گهرجن، بعد ۾ هن جيالوجي جا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ شروع ڪيا، پروفيسر سچوڪ هن کي جبلن تي تحقيق لاءِ فيلڊ ۾ بہ وٺي ويندو رهيو. 1831ع ۾ رائل Royal نيوي جو “بيگل” نالي جھاز تحقيقي دوري تي وڃي رهيو هو، ان جھاز تي پروفيسر هنسلي جي سفارش تي ڊارون کي بہ چاڙهيو ويو، 27 ڊسمبر 1831ع جي شام جو جھاز روانون ٿيو، جھاز جي پھرين منزل ڏکڻ آمريڪا جو اڀرندو ڪنارو هو؛ جنھن وقت ڊارون “بيگل” جھاز وسيلي ڏکڻ آمريڪا روانو ٿيو هو تہ اُن وقت برطانوي حياتيات جو ماهر “ الفرڊ رسل ويلاس” اوڀر طرف تحقيق لاءِ روانون ٿيو هو. ڊارون ڏکڻ آمريڪا جي جزيرن ۾ دلچسپيءَ سان ڪم ڪندو رهيو، هن جي راءِ مطابق جزيرہ بعد ۾ ظاهر ٿيا هئا ۽ انھن جزيرن تي وڻ ٻوٽا ۽ جانور “مين لينڊ” مان هجرت ڪري هتي آباد ٿي ويا هئا. هن چلي ۽ ايڪواڊور ۾ بہ سٺو ڪم ڪيو هن اُتان فوسلز ڳولھي ڪڍيا ۽ هي وڏين وڏين هڏين تي مشتمل ڍانچا هئا، اهي ڍانچا گهڻو اڳ مري ويل قديم جانورن جا هئا ۽ اُن قديم نسل جو اولاد زنده هو. چلي ايڪواڊور جي جهنگن ۾ “ سلوٿس” (کير پياريندڙ هڪ جانور جنھن جا پير پٻن وانگر هوندا هئا) ۽ “آرمڊيلو” (هن جانور جي مٿان هڏين جو خول چڙهيل هوندو هو) نھايت اطمينان سان گهمندا هئا، جڏهن تہ سلوٿس ۽ آرمڊيلو خود اڻلڀ ٿي ويا آهن، هن آرڪي پلاگو جزيرن تي جهرڪين ۽ ڪمين تي تحقيق ڪئي، گلايگوز جزيرن تي بہ تحقيق ڪئي. هن عربي سمنڊ ۽ بحر اوڪيانوس جا سفر ڪيا. هن ڊگهي سفر ۾ هن فطري عجائبات جو مشاھدو ڪيو ۽ قديم قبيلن سان بہ مليو 1836ع جي آڪٽوبر ۾ هي واپس لنڊن پھتو، هن هڪ Journal Research نالي ڪتاب لکيو هن ڪتاب ۾ هن 5 سالن جي سفر دوران پيش ايندڙ مختلف واقعا بيان ڪيا آهن. 1855ع ۾ هن Origin of Species نالي ڪتاب لکيو هن ڪتاب ۾ ارتقائي اصولن تي تفصيل سان بحث ڪيل آهي. چارلس ڊارون 30 سال محنت ڪري هڪ ڪتاب Descent of Man، لکيو آهي جنھن ۾ هن چيو تہ “ هن دور جي جديد انسان ۽ بن مانس (وڏن ڀولن) جي پيءُ ڏاڏي کي ڳولھيون تہ اسان قديم بن مانس “ڊرائيوو پيٿي ڪس” تائن پھچي وڃون ٿا انسان جي ارتقاء ڀولڙن جھڙي مخلوق مان ٿي، زنده بن مانس (باندرن) ۽ انسانن جا گڏيل پيءُ ڏاڏا “ ڊرائيوو پيٿي ڪس” بن مانس آهن. ڊارون موجب جڏهن هي نسل ختم ٿيو تہ ان جون مختلف شاخون ۽ قسم زمين تي آباد رهيا انھن ۾ هڪ نسل “آسٽرالو پيٿي ڪس”هو، جنھن کي ڊارون پھريون انسان جھڙو چوي ٿو، ڊارون موجب تہ آسٽرالو پيٿي ڪس ٻن ڄنگهن تي سڌو هلندڙ (پنڌ ڪندڙ) انسان جھڙو هو ان جي چيلھہ ۽ ٻنڌڻن جون هڏيون اهڙي ترتيب ۾ اچي چڪيون هيون جنھن ڪري اُن کي سڌو ٿي هلڻ ۾ ڪابہ ڏکيائي نہ ٿيندي هئي. ڊارون چيو تہ هر شيءِ ارتقائي مرحلا طئي ڪندي هيستائين پھتي آهي، ارتقائي سفر اڃان رڪيو نہ آهي. هي تمام وڏو فاصلو آهي جيڪو ڪھڙي بہ طرح طئي نہ ٿي سگهندو هو؛جنھن وقت ڊارون پنھنجو ارتقاءَ بابت نظريو پيش ڪيو هو تہ ٺيڪ ان وقت “ الفرڊرسل ويلاس” بہ ارتقاءَ جي باري ۾ مقالو پيش ڪيو، ٻنھي جي نظرئي ۾ بلڪل هڪجھڙائي هئڻ سبب ان وقت جي سائنسدانن ۽ دانشورن جا اختلاف بہ ٿيا ۽ ڦڏو ٿيو تہ ارتقاءَ جي نظرئي جو باني ڊارون آهي يا ويلاس..... ڪجهہ دانشورن ويلاس کي ارتقاءَ جي نظرئي جو باني قرار ڏيڻ تي زور ڀريو. ڊارون جي نظرئي خلاف ان وقت يورپ جا پادري مخالف ٿي بيٺا. ۽ سندس ارتقاءَ ۽ انسان جي پئدائش جي پيش ڪيل نظرئي کي رد ڪري ڇڏيو، مخالفت ڪندڙ دانشورن، سائنسدانن ۽ مذهبي اڳواڻن سخت احتجاج ڪيا، ان وقت آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ بحث ٿيو جنھن ۾ بشپ سمويل چيو تہ ”ڊارون چوي ٿو تہ انسان ڀولڙن جو ترقي يافتہ نسل آهي پئدائش آدم جي باري ۾ ڊارون جو نظريو مذهبي تعليم موجب نہ آهي، بائبل ارتقاءَ کي مڃي ٿي. ارتقاءَ بابت بائبل ۾ سڀ تفصيل موجود آهن”. ان وقت مذهبي اڳواڻ ۽ سائنسدان ٻن گروپن ۾ ورهائجي ويا، هڪڙا حمايت ۾ ٻيا مخالفت ۾ ٿي بيٺا، 1882ع ۾ چارلس ڊارون وفات ڪئي. ڊارون پنھنجو نظريو “علم خلق Genetics” کان مدد وٺڻ بنا ڏنو ڇو تہ ڊارون جي دور ۾ ڪير بہ نہ ڄاڻيندو هو تہ ڪھڙن، ڪھڙن عجيب طريقن سان خاص جيو گهرڙا (Life Cell) هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندا آهن. ڊارون جي پيش ڪيل ٿيوري ۾ ڪجهہ سوال طلب مونجهارا آهن. ڊارون انسان کي ڏيڍ ڪروڙ سال پھرين ختم ٿيل بن مانس جي نسل “آسٽرالوپيٿي ڪس” بن مانس جو اولاد ڄاڻائي ٿو؛ جڏهن تہ دنيا ۾ موجود باندرن جو قد عام طور 8 کان 15 فٽ تائين ملي ٿو. جڏهن تہ پھرين انسان حضرت آدم جو قد 60 گز ٻڌايو ويو آهي، حام بن نوح جو قد 26 گز آهي ۽ ان کانسواءِ 9-12-15-20-30 گز رکندڙ ڊگها انسان بہ موجود رهياآهن، اُهي ڪنھن جو اولاد آهن. ڊارون ارتقاءَ بابت نظريو ڏکڻ آمريڪا جي سامونڊي ڪنارن ۽ چلي، ايڪواڊور جي جزيرن تي ڪم ڪري ڏنو آهي، سندس تحقيق جو مرڪز اِهي ئي سامونڊي ڪنارا رهيا آهن. پر دنيا جي ارضياتي مطالعي ۽ دنيا ۾ آيل مذهبي ڪتابن موجب تہ دنيا جو مرڪز (Centre) سنڌ آهي.
دنيا ۾ پھريون جيو گهرڙو/ جراثيم حيات / Life cell سنڌ ۾ پيدا ٿيو، ان جو جنم لڪيءَ جي جابلو سلسلي م ٿيو. هتي ئي سڀني ساهوارن جيتن، پکين، چوپائين ۽ ٻين جاندارن پرورش ورتي ڇو تہ سنڌ ڌرتيءَ کان سواءِ باقي دنيا برف سان ڍڪيل هئي.
آخري برفاني دور پلاسٽوسين جيڪو آخري هڪ لک سال جو رهيو آهي ۽ اهو 10 هزار سال پھرين تائين رهيو آهي. ان هڪ لک سال برفاني دور جي وقت ۾ اتر آمريڪا، يورپ ۽ اتر ايشيا برفاني ڇپن سان ڍڪيل هو. اتر قطب ۾ برف جا جبل هئا ۽ گڏيل طور سموري زمين برف سان ڍڪيل هئي جڏهن سڄي ڌرتي برف سان ڍڪيل هئي تہ پوءِ انسان ۽ جاندار ڪٿي آباد هئا؟
جڏهن سڄي ڌرتي برف جي تھن سان ڍڪيل هئي تڏهن سنڌ ڌرتي ئي واحد زمين جو ٽڪرو هو جتي برف نہ هئي ۽ گرم رهندڙ خطو هو جتي انسان ۽ جاندار موجود هئا، ڇو تہ ٿڌ ۾ انسانن ۽ جاندران جو زنده رهڻ ممڪن نہ هو ۽ گرم علائقو صرف سنڌ ڌرتي هئي سائنس بہ اڄ ان ڳالھہ جي تصديق ڪري ٿي.
۽ پھريون انسان ۽ مختلف ڪيڙا، ماڪوڙا، مڇيون، چوپائيا سنڌ ۾ پيدا ٿيا ۽ پرورش ورتي ۽ دنيا ۾ پکڙجي ويا، حياتيءَ جي ڪيڙي (جراثيم) Life Cell جو جنم سنڌ ۾ ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ تحقيق لاءِ آءُ قديم سنڌ سريلنڪا کان آسٽريليا تائين پکڙيل علائقن ۾ سفر ڪري پنھنجي سمجهہ، ذهن، عقل ۽ مشاھدي جي وسيلي ڪجهہ پريڪٽيڪل ۽ ڪجهہ مذهبي، تاريخي، ۽ سائنسي ڪتابن، مقالن، ويڊيوز، ذريعي ڪجهہ حوالا مليا آهن جيڪي پڙهندڙن آڏو رکجن ٿا.
سنڌ جي تاريخ ڪروڙين سال پراڻي آهي، سنڌ جو ڳاڻيٽو تاريخ جي انھن خطن ۾ رهيو آهي جيڪي مسلسل آباد ۽ خوشحال رهيا آهن، سنڌ ڌرتيءَ تي موهن جو دڙو، هڙاپا، ميھر ڳڙھہ جي عظيم تھذيبن جنم ورتو، موهن جو دڙو بابت مختلف مذهبن جي عالمن سان ڪچھرين دوران عالمن جو چوڻ هو تہ “ عاد” قوم جي جد امجد جو نالو موهن هو ۽ هنن رني ڪوٽ جو قلعو اڏيو هو جنھن جي ڀتين جي اوچائي 40 فٽ آهي ۽ “هنگلاج” جو بنياد بہ هنن وڌو هو، هنن جو نبي حضرت هود عليہ السلام هو، جنھن کي هندو “گورک ناٿ” سڏيندا آهن، جن ماڻھن حضرت هود عليہ السلام (گورک ناٿ) تي ايمان نہ آندو اُهي نافرمان جوڳي بڻجي ويا اڄ بہ ڪن ڦاڙ اصلي جوڳي پاڻ کي گورک ناٿ جو پوئلڳ سڏرائيندا آهن. گورک ناٿ جي قوم “ عاد” جي رهائش سنڌ جي کير ٿر، گورک جبل کان فارس (ايران) تائين هئي ۽ انھن جابلو سلسلن (گورک- کير ٿر وغيرہ) ۾ انھن جي مندرن جا نشان اڄ بہ موجود آهن ۽ حضرت هود عليہ السلام (گورک ناٿ) جي قدمن جا بہ ڪيترائي نشان ملن ٿا ۽ ان قوم جي قدمن جا ڪيترائي نشان ننگر پارڪر ۽ ٻين علائقن ۾ مليا آهن هندو پنڊتن موجب سندن جي آڳاٽن مذهبي ڪتابن ۾ گورک ناٿ (حضرت هود عليہ السلام ۽ سندس قوم بابت تفصيل موجود آهن جن ۾ سندن رهائشي علائقن بابت لکيل آهي تہ “اُهي جنت جي ٽڪري ۾ رهن ٿا جتي ٿڌيون هوائون، مٺي پاڻي جا چشما” ميووا، اناج ۽ رنگ برنگي گل ٻوٽا آهن ۽ اهي پھاڙن ۾ گهر ٺاهي رهندا آهن، جڏهن مٽيءَ جو وڏو طوفان آيو تہ انھن جبلن جي غارن ۾ لڪي پناھہ ورتي ۽ جيڪي نافرمان هئا انھن کي طوفان اُڏائي کڻي وڃي مُنھن ڀر زمين تي ڦٽو ڪيو ۽ موهن ڪوٽ يا موهن جو دڙو بہ ان طوفاني مٽيءَ سبب دٻجي تباھہ ٿيو هو ۽ اتي جيڪي انساني ڍانچا مليا آهن اُهي سڀ اونڌا پيل هئا. ان زبردست طوفان سبب هر شيءِ تباھہ ٿي وئي ۽ شھر مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويا، ان طوفان کانپوءِ صرف اُهي بچيا جن غارن ۾ لڪي وقت گذاريو هو.
سنڌو تھذيب قديم مصر ۽ ميسوپوٽيما (عراق) جي عظيم تھذيبن جي همعصر رهي آهي ۽ سمير تھذيب بہ سنڌو تھذيب جو حصو رهي آهي. سنڌ کي سپت سنڌو (ست دريائن جي سر زمين) جو نالو ڏنو ويو آهي، اهي ست درياھہ هماليہ (لداخ) جبلن جي برف پوش چوٽين کان ننڍن، ننڍن پاڻيءَ جي چشمن جي شڪل ۾ وهن ٿا، مان 2000ع ۾ انھن چوٽين تائين پنھنجن بلتي دوستن سان گڏ ويس، گلگت کان سپت، سنڌوءَ جي مُنھن تائين 19 ڏينھن سفر ڪري پھتا هئا سين. جڏهن اسان چوٽيءَ تي پھتا سين تہ اسان جي اتر ۾ تبت، اولھہ ۾ چين جي پيڪنگ صوبي جي حد ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ قديم سنڌ ۽ هند هئا. پھاڙون برف سان ڍڪيل هيون اسان پھاڙن تي چڙهڻ وارو مڪمل سامان پاڻ سان کنيون هئو ڇو تہ اسان 5 ڄڻا هئاسون جن ۾ ٻہ سنڌي، هڪ پنجابي ۽ ٻہ بلتي هئا. 2000ع ۾ جڏهن مون هماليہ جبل تي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو هو تہ صرف ان ڪري تہ سنڌو دريا ڪٿان ۽ ڪيئن ٿو نڪري ڏسي اچجي، منھنجو ان بابت مضمون وغيرہ لکڻ جو ڪو بہ ايرادو نہ هو. آرمي اسڪول آف مائونٽين وار فيئر اينڊ فزيڪل ٽريننگ ڪاڪول ايبٽ آباد ۾ انسٽريڪٽر طور ڪم ڪري رهيو هئس ۽ منھنجا ڪورس ميٽ گلگتي دوست علي گوهر ۽ شيرزمان بہ مھم جو قسم جا هئا. انھن کي چيم تہ جتان سنڌو دريا نڪري ٿو اها جاءِ ڏسڻي آهي تہ انھن يڪدم هماليہ جي چوٽيءَ تائين هلڻ جو پروگرام ٺاهيو ملتان جو مولوي الھڏتو ۽ گهوٽڪي جو ظھور ملڪ بہ تيار ٿيا.
اسان ٻہ مھينا موڪل وٺي روانا ٿي وياسون. اسان سڀئي مائونٽين وار فيئر اينڊ فزيڪل ٽريننگ اسالٽ ڪورس ايڊوانس پيرا هينگ گلائيڊنگ ڪورس ڪواليفائيڊ هئاسون، ان ڪري اسان آسانيءَ سان مٿي پھتاسون جتي اسان کي آڪسيجن جي گهٽتائي سبب ڪافي تڪليف پھتي، پھاڙن جي چوٽيءَ تي هڪ دلفريب منظر ڏٺو سون جبلن ۾ 6 انچ کان ٻہ فوٽن جا سوراخ هئا، جن مان پاڻي ايتري تيزيءَ سان وهي رهيو هو ڄڻ ٽيوب ويل هلي رهيا آهن، اسان 22 مئي 2000ع ۾ ويا هئاسون موسم سٺو هو ڪنھن بہ برفاني طوفان وغيرہ جو ڪو خطرو نہ هو پر برف جو تھہ 20-30 فٽ تائين هو، سوراخن مان وهندڙ پاڻي ننڍين نالين جي شڪل ۾ هزارين فٽ غارن جي اندر ڪٿي ڪري رهيو پر پاڻيءَ ڪرڻ جو ڪو بہ آواز وغيرہ ٻڌڻ ۾ نہ ٿي آيو، اهو پاڻي نالين جي شڪل ۾ چين طرف وهي رهيو هو ۽ قديم سنڌ طرف بہ وهي رهيو هو، شير زمان موجب تہ هي اهو هنڌ آهي جتان ست درياھہ نڪرندا آهن جبلن جي هن سلسلي ۾ هزارين اهڙا سوراخ آهن، جن مان پاڻي سڄو سال بنا ڪنھن وقفي جي نڪرندو رهندو آهي ۽ ڪجهہ جڳھين تان گرم بلڪل اٻرندڙ پاڻي بہ نڪرندو آهي اهو پاڻي ننڍين نالين جي شڪل ۾ وهي جبلن اندر ڪرندو آهي ۽ ڪٿي آبشارن جي شڪل ۾ وهندو ندين ۾ وڃي ڪرندو آهي، اسان مٿي 2 ڏينھن مشڪل سان رهي سگهيا سون ڇو تہ سخت ٿڌ ۽ آڪسيجن جي گهٽتائي، ڪڪرن ۽ گهم سبب اسان کي هيٺ لھڻو پيو، اسان جنھن جڳھہ تان هيٺ لٿاسون، اهو سنڌوءَ جو مُنھن هو، جتي پاڻي هزارين فٽن کان هيٺ ڪري رهيو هو، هيٺ لھڻ کانپوءِ بہ اسان سنڌوءَ کي ڏسي نہ ٿي سگهيا سون ڇو تہ سنڌو اُتان بہ هزارين فٽ هيٺ هو ۽ پاڻي نظر نہ ٿي آيو، اسان پنھنجو سفر جاري رکيو رستي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي سنڌو ڍنڍ جي شڪل ۾ نظر آيو جتي ڪيترن ئي طرفن کان پاڻي نالين جي شڪل ۾ اچي گڏ ٿي رهيو هو، جڏهن تہ اسان جي ساڄي پاسي بہ ننڍيون نديون وهي رهيون هيون جيڪي پڻ ڪٿي نالي تہ ڪٿي ڍنڍ جي صورت ۾ نظر آيون ٿي، جنگلوٽ تائين سنڌو ڪٿي هزارين فٽ هيٺ هو تہ ڪٿي ايترو سوڙهو جو ٻہ فٽ کن جي نالي جي شڪل ۾ پر پاڻيءَ جي اسپيڊ 100 کان 200 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ نظر آئي ٿي، ڪٿي وري ميلن ۾ پکڙيل ڍنڍ جي شڪل اختيار ڪندو رهيو. اسان پاڻ سان هن سفر ۾ فولڊنگ تمبو (خيمو)، خشڪ کاڌو، فرسٽ ايڊ جو سامان، دوائون وغيرہ کنيان هئا، سفر گلگت کان جيپن، خچرن ذريعي ۽ پنڌ ڪندي 19 ڏينھن ۾ هماليہ جي چوٽين تائين پورو ٿيو هو، 2 ڏينھن رهي واپس ايندي 28 ڏينھن ٻيا بہ لڳي ويا ڇو تہ واپسيءَ وارو رستو سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري سان ڪندا آيا سون، ان دوران اسين سڀ بيمار بہ ٿي پيا سون ۽ موڪل پوري ٿيڻ کان اڳ ئي ڪاڪول پھتاسون، جتي ڪجهہ ڏينھن سي ايم ايڇ (ڪمبائينڊ ملٽري هاسپيٽل) ۾ داخل ٿيڻو پيو. بھرحال ان وقت مون کي نہ اِها خبر هئي ۽ نہ ئي اهڙو شعور هو تہ مان اڻڄاڻائيءَ ۾ سپت سنڌو يعنيٰ ست دريائن جي نڪري وهڻ واري عظيم ٽڪري تي پھتو هئس.
تبت ۽ هماليہ مان نڪرندڙ هزارين ننڍيون، ننڍيون نديون ۽ ناليون هيٺاهين ڏانھن وڌندي هڪ ٻئي سان ملي سنڌو درياھہ کي جنم ڏين ٿيون. تبت جي جبلن تائين پھچڻ لاءِ اولھہ پاسي ڪيلاش وادي (ڪافرستان) هماليہ آهن، ڏکڻ ۾ مائونٽ ايورسٽ ۽ اتر ۾ ڪي ٽو جا جبل آهن، انھن سڀني جي وچ ۾ ڪيلاش جبل ۾ وڏي ڍنڍ بہ موجود آهي، هتان اتر طرف سنڌو ڏکڻ طرف گنگا، اولھہ طرف ستلج، اوڀر طرف برهم پترا درياھہ نڪرن ٿا.
تبت ۽ هماليہ مان وهي ايندڙ پاڻي ڪيلاش ڀرسان سينجي ڪباب وٽان جبلن مان وڏي ٽيوب ويل وانگر ڌڌِڪا ڏئي نڪري ٿو، تبت ۽ هماليہ کان سوين ندين جو ڄار وڇايل آهي جيڪي ڪٿي الڳ الڳ تہ ڪٿي هڪ ٻئي سان ملي وهن ٿيون ۽ جبلن تان هيٺ ڏسڻ سان اهڙو نظارو نظر ايندو ڄڻ تہ ڪنھن زمين جي مٿاڇري تي ليڪون ڪڍي ڇڏيون هجن. هن پاڻيءَ ۾ مڇي بہ آهي جيڪا ڳاڙهي رنگ جي آهي. ڪيلاش واديءَ جي جبلن کان لداخ (انڊيا) وٽ بہ ننڍيون نديون ۽ ناليون بہ سنڌوءَ م ملن ٿيون، لداخ جي جبلن مان وهندي سڪردو (بلتستان) کان هندو ڪش ۽ نانگا بربت جي وچ ۾ سنڌو تيز رفتاريءَ سان هيٺ ايندي استور واديءَ مان گذري تربيلا وٽ پھچي ٿو.
تربيلا ڊيم بہ ٺھيل آهي، اُتان اٽڪ ويجهو خير آباد (خيبر پختون خواه پنجاب جي سرحد) اٽڪ پل وٽ ڪابل ندي ۽ سوات ندي بہ سنڌوءَ سان ملن ٿا، هتي هڪ طرف ڪابل نديءَ جو ميرانجهڙو پاڻي آهي تہ ٻئي طرف سوات نديءَ جو اڇو سفيد رنگ شيشي جھڙو پاڻي آهي.
مون وڃڻ وقت ۽ واپس اچڻ وقت انھن ماڳن مڪانن ۽ علائقن جا نالا پنھنجي ڊائري ۾ لکيا هئا ۽ اتي هينڊي ڪيم ڪئميرا سان رڪارڊنگ بہ ڪئي هئي اها ڪيسٽ ميھڙ ۾ جاني موويز اينڊ مڪسنگ اسٽوڊيو ۾ موجود آهي، پر ڊائري مون کان 2006ع ۾ همايون لڳ شڪارپور مان ڦورو ٻئي سامان سان گڏ ڦري ويا هئا، موبائل ۽ ڪجهہ ٻيو سامان واپس مليو هو پر ڪتاب، ڪاغذ ۽ ڊائري واپس نہ مليا. بعد ۾ ڦورن ٻڌايو تہ اسان اُهي پاڻيءَ جي کڏ ۾ اڇلائي ڇڏيا هئا. اڄ هي جيڪو ڪجهہ لکيو اٿم صرف يادگيريءَ جي بنياد تي لکيو اٿم.
سنڌ جي تاريخ نامعلوم دور کان دز جي تھن ۾ لڪائي وئي آهي، ارتقاءَ ۽ انسان جي پئدائش جو بنياد يا ائين چوڻ ۾ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو تہ ارتقاءَ جي ماءُ امڙ سنڌ جي اصل تشخص تي ڪڏهن ڪنھن اک ئي نہ وڌي آهي، هتي سنڌ کي هند چوڻ وارن کي ڪو بہ اهڙو چوڻ وارو نہ آهي جيڪو ٻڌائي تہ جنھن کي توهان هند ٿا چئو اها سنڌ آهي هند اُن کان پرڀرو آهي، هتي دنيا جو پھريون انسان حضرت آدم اچي ٿو، جبرائيل لوھہ جا ٽڪرا آڻي ٿو، وڻن، گاهن، ٻوٽن، جيتن پکين ۽ جانورن ۽ جاندارن جي دنيا ۾ حضرت آدم سرانديپ (سريلنڪا سنڌ) ۾ لھي ٿو، ڪھاڙي ٺاهيائين وڻ ڪٽي، هر، پاڃاري وغيرہ ٺاهي ٿو، جبرائيل جي آندل لوھہ مان ڪھاڙي، گهوٻو، ڪوڏر ٺھيا، جبرائيل ڏاندن جو جوڙو آندو، هر جوٽيو ويو، جبرائيل ڪڻڪ جي لپ آڻي ٿو، آدم ڪڻڪ ڇٽي ٿو، جيڪا چند سائتن ۾ پچي ٿي زمين مان آواز اچي ٿو “ اي آدم مون ۾ جيترو ست هو اوترين سائتن ۾ ﷲ جي حڪم سان ان پچائي تيار ڪيو اٿم، سريلنڪا کان مھاراشٽر، ڪڇ ڀڄ، بدين، ٺٽو ۽ ٻين ضلعن تائين پکڙيل ٻنيءَ مان ان لڻي گاھہ مان رسو ٺاهي ڳٺڙيون يا ڀريون ٻڌي گڏ ڪيون، ڳاھہ جوٽيائين، ڪاٺ مان ڪارائي ٺاهي ان کي واوريو ۽ صاف ڪيائين، پيھڻ لاءِ پٿر جو جنڊ ٺاهيائين، اٽو ڳوهڻ ۽ ٻين ضرورتن لاءِ مٽيءَ مان پاٽ، پليٽون، ڪُپڙا، مڳا، مٽ وغيرہ ٺاهيائين، جبرائيل دوزخ مان باھہ آڻي ٿو پر اها واپس هلي ٿي وڃي ﷲ جي حڪم سان پٿرن مان باھہ ٻارڻ سکي زندگي گذارڻ جا سڀئي اصول ۽ فن متعارف ٿين ٿا. ٻيھر انسانن جو (3)جد امجد ٿيندڙ آدم ثاني نوح عليہ السلام بہ سنڌ ۾ جنم وٺي ٿو، سنڌي قوم شيش/ سنڌ بن آدم جي اولاد) جو نبي ٿئي ٿو وڏي ٻوڏ کان اڳ بہ نوح سنڌ ۾ هو ۽ ٻوڏ کانپوءِ بہ سنڌ ۾ ئي رهيو ۽ دفن ٿيو اهو نسل 9 کان 60 گز قد رکندو هو. جنت مان سيحون/ سنڌوءَ کي هن سنڌ ڌرتيءَ تي لاٿو ويو، بعد ۾ انسانن جي نمائندن ۽ رهبر رسولن ۽ نبين بہ سنڌ سان ڳانڍاپو رکيو آهي، حضرت دائود جو اولاد، حضرت هارون جو پٽ، حضرت

سرانديپ جبل جي چوٽي – حضرت آدم عليہ ۽ حضرت نوح عليہ السلام جون قبرون
يوسف جو پٽ، حضرت نوح ۽ حضرت حام بن نوح، سام بن نوح، حضرت سنڌ رحمت ﷲ ۽ ٻيا سنڌ ڌرتيءَ جي اندر مدفون آهن، اڄ بہ انھن جون قبرون قديم سنڌ، پنجاب، بلوچستان، ڪشمير) ۾ موجود آهن، حضرت موسيٰ سنڌ ۾ اچي ٿو، رهي ٿو، رياضتون ۽ عبادتون ڪري واپس وڃي ٿو، حضرت عيسيٰ جي زندگيءَ جا غائب ٿيل 30 سال سنڌ ۽ تبت ۾ گذريا، پر اسان جون تاريخون انھن عملن کان خالي آهن، ڪو بہ ذڪر نہ ٿو ملي، بس صرف بادشاهن، حڪمرانن، جنگين ۽ تعريفي نغمن واريون تاريخون آهن، ۽ سنڌ جي تاريخ جا ماهر ڊرائنگ رومن ۾ ويھي، ڪتابن جا حوالا گڏ ڪري، هِن هُن کان پڇي سوين ڪتاب لکي چڪا آهن، پر ڪنھن بہ اهو نہ لکيو تہ دنيا جو وچ Centre بہ قديم سنڌ جي کيوڙا ۾ موجود باغان والي ۾ پھاڙ جي چوٽيءَ تي دنيا جو عظيم ۽ مڃيل (ارضيات) جي ماهر سائنسدان ابو ريحان البيروني جو ٺاهيل دائرو اڄ بہ موجود آهي، ابو ريحان البيروني دنيا جي گولائي ماپي اهو دائرو دنيا جو وچ قرار ڏنو هو، ڪنھن بہ ان کي مڪمل وائکو نہ ڪيو شايد مذهبي بنيادن تي ...! ڇو تہ مسلمان ﷲ تبارڪ و تعاليٰ جي گهر ڪعبت ﷲ شريف کي دنيا جو وچ سمجهن ٿا ۽ مسلمان محقق نہ لکندو ان ڪري ان تي زور نہ ڏنو ويو آهي، چرچ وارا چون ٿا تہ “گرينچ” دنيا جو وچ آهي. يورپ جي ۽ دنيا جي ترقي يافتہ سائنس بہ مجرماڻي خاموشي اختيار ڪئي آهي. ڇو تہ اهو سنڌ ۾ آهي اِن ڪري ! حضرت محمد مصطفيٰ صہ کي بہ سنڌ سان بي انتھا لڳاءُ هو، دعا گهرڻ وقت، سنڌ طرف چھرو ۽ هٿ مبارڪ ڪن ٿا، اصحاب پڇن ٿا، قبلا اوهان هميشہ، سنڌ طرف مُنھن ڪري دعا گهرندا آهيو؟ پاڻ سڳورا صہ فرمائيندا هئا تہ “مون کي سنڌ طرف کان روحاني ۽ رباني خوشبوءِ ايندي آهي. خبر اٿو ڇو؟ ان ڪري جو حضرت محمد مصطفيٰ صہ جن جو پھريون ظھور سنڌ ڌرتيءَ تي ٿيو هو ۽ صديون پوءِ عرب ۾ جنم مبارڪ ٿيو، جڏهن حضرت آدم کي جنت کان هيٺ سرانديپ سنڌ ۾ لاٿو ويو تہ اُن وقت حضرت آدم عليہ السلام جي پيشاني مبارڪ ۾ سندن نور مبارڪ (Life Cell) موجود هئا ۽ انسان جي ابتدائي ارتقا جو مرڪز بہ سنڌ، آدم، نوح جو وطن بہ سنڌ هئا قرآن شريف ۾ “ صائبين” جي نالي سان قوم کي سنڌي چيو ويو آهي (ان بابت مضمون ۾ حوالا اڳتي شامل ٿيندا.)
ان ڪري سڀني نبين ۽ رسولن کي بہ سنڌ سان روحاني ۽ رباني پيار هو. لڪي، جهرڪ، جهمپير ننگرپارڪر، کير ٿر ۽ قلات جي جابلو سلسلي تي ڪو ڌيان ڏيڻ وارو ڪونھي جو معلوم ڪري ٻڌائي تہ لڪيءَ جي جبلن ۾ پھرين جيو گهرڙي / جراثيم/ حياتيءَ جي ڪيڙي/ Life Cell جي پئدائش ٿئي ٿي ۽ پرورش ٿئي ٿي. دنيا جي بنيادي تھذيبن جو بنياد پئي ٿو، هتي سڌريل انسان جي زندگيءَ جا آثار دفن ٿيل آهن، پر اسان جو مقامي تاريخ دان لاتعلق آهي، تحقيق لاءِ ڪنھن اداري طرفان مدد (فنڊ) جي آسري عمرگذاري رهيو آهي
بھرحال اسان وٽ هن وقت ڪجهہ بزرگ ۽ نوجوان محقق سائنسي بنيادن تي تاريخ تي پيل دز کي هٽائڻ لاءِ سرگرم آهن ۽ ڊارون جي پئدائش آدم جي ٿيوري کي صرف ان بنياد تي ئي رد ڪندا تہ پھريون انسان سنڌ ۾ آيو، هن جو قد بن مانسن ۽ سڀني جاندارن کان وڏو هو، ڏکڻ آمريڪا ۾ انساني آبادڪاري پوءِ ٿي آهي، ان کان گهڻو اڳ انسان سنڌ ۾ آباد هو، بن مانس ۽ انسان جي قد ۾ گهڻو فرق رهيو آهي. ڊارون جي دور ۾ جينيٽڪ سائنس Genetic Science جو وجود نہ هو، سڄو ڪم صرف ٿيورين ذريعي پيش ڪيو ويندو رهيو آهي. اسان حياتيءَ جي ڪيڙي Life Cell (جراثيم حيات) جي سفر جي مشاھدي سان ثابت ڪنداسين تہ جاندارن جو هڪٻئي سان ڳانڍاپو آهي. جيئن وڻن، ٻوٽن جون شاخون (قلم) ڪٽي ٻيھر زمين ۾ هڻندا آهيون تہ ان نسل ۽ ان شڪل جو ئي وڻ ٻوٽو ڦٽندو آهي. نہ ڪي گلاب جي گل جي قلم مان ڪانڊيرو، ڪجهہ جسمن جا ڪمزور لائف سيل بہ جنم وٺندا آهن جيڪي شڪل ۽ بناوٽ ۾ انھن جهڙائي هوندا آهن پر ڪمزوري سبب سندن قد ۽ واڌ ويجهہ رڪجي ويندي آهي. مثال جيئن مانجھادڙي جو خار جنتر، ڪانڊيري جو خار ڪانڊيري وغيرہ آهن. اهو اسان سڀني جو فرض آهي تہ سنڌ جي حقيقي تاريخ تي سچائي، ايمانداريءَ سان سائنسي اصولن، تاريخ ۽ مذهبي ڪتابن جي حوالي سان کوجنا جي ميدان ۾ اڳڀرا ٿيون، اسان وٽ سٺا ذهن ۽ کوجنا جو ڏانءُ رکندڙ موجود آهن، ڪافي ڪم بہ ڪن ٿا پر اُهي اڪيلا ۽ لاوارث آهن، ڪو بہ اهڙو ادارو ناهي جيڪو انھن کي همٿائي، ٽيڪ ڏئي تہ هو دنيا اڳيان ڪافي تاريخي راز افشان ڪندا. سنڌ جي موجودہ تاريخ ۾ ملي ٿو تہ 600 کان 17 سؤ قبل مسيح ۾ سپت سنڌو ۾ آريا تھذيب جي شروعات ٿي ۽ سنڌو درياھہ جي ڪنارن تي مقدس ويد لکيا ويا، رگ ويد، اتر ويد، سام ويد، يجر ويد، ۽ شاستر ۽ اپنشد لکيا ويا ۽ هي دور ويدن جي تھذيب وارو دور چيو ويندو هو، سنڌ ڌرتيءَ تي انساني آبادي جي اصل دور بابت اڄ تائين ڪجهہ بہ نہ ملي سگهيو آهي، حيدر آباد جي ڏکڻ ۾ پيليو لٿڪ دور جو اهم ماڳ “اورنگا ” دريافت ٿيو جتان مليل ٿانون ذريعي پتو پوي ٿو تہ هن ڌرتيءَ تي نامعلوم دور کان انسان رهندو هو، ڪراچي لڳ جابلو علائقي مان پيليو لٿڪ ۽ ميسونڪ دور جا آثار مليا آهن جن مان هزارين سال پراڻيون شيون مليون آهن، قديم آثارن جي ماهرن لڪيءَ جي جابلو سلسلي ۾ ٺھيل غارن مان انسانن جي شروعاتي رهائش جا آثار ڳولھي لڌا آهن، جڏهن تہ روهڙي ۽ ڏاکڻي جابلو سلسلي مان خاص قسم جا پٿر مليا آهن جيڪي سنڌ جي آڳاٽي دور بابت ٻڌائڻ لاءِ ڪافي آهن، 1960ع واري ڏهاڪي ۾ فرانسيسي قديم آثارن جي ماهرن آمريءَ جو دڙو ڳولھي لڌو جتان پتل ۽ ٽرامي جي دور وارو سامان مليو جنھن جو ريڊيو ڪاربن ذريعي مطالعو ڪرڻ سان خبر پئي تہ چار صدي قبل مسيح جي ٻئي اڌ تائين پراڻا آهن جيڪي هڙاپا تھذيب جي شروعات هئي، هتان آمري تھذيب، ثقافت ۽ آبادڪاريءَ جا گهٽ ۾ گهٽ بہ 60 کن ماڳ مليا هئا جيڪي جابلو سلسلي “ گجو” ڳوٺ تائين پکڙيل هئا.
سنڌ جي ارضياتي مطالعي سان ارضي ماهرن ۽ سائنسدانن جا بيان آهن تہ پري ڪيپرين (پھريون دور) موجب تہ 3 ارب 5 ڪروڙ سال اڳ ننگر پارڪر جي پھاڙن جي چوٽين ٺهڻ جي خبر پئي ٿي، ان وقت هن خطي تي زندگي نہ هئي صرف لِوَ ۽ ساول (سائي ڪائي) هوندي هئي، ڪجهہ سائنسدانن جو چوڻ آهي تہ هي جبل 5 ارب سال پراڻا آهن، آڳاٽي تاريخ جي شروعات کان بہ پھريان پيليوسين دور جيڪو 48. 62 ملين سال پراڻو آهي. ان پيليوسين دور ۾ سن، مانجهند، ٻڍاپور جي پٺيان رني ڪوٽ جو جابلو سلسلو ٺھيو ۽ ان جي شروعاتي دور ۾ جبلن ۾ ڪائيءَ (ساول ۽ لِوَ) کان وڌي ڪيڙن، ماڪوڙن، جيتن مڇين، پکين ۽ کير پيئندڙ جانورن جنم وٺڻ شروع ڪيو، جانورن پکين، مڇين، جيتن ۽ ٻين ساهوارن جي دنيا ۾ انسان جو ڪو بہ وجود نہ هو. دنيا ۾ سڀ کان پھريان زندگيءَ جي شروعات ساھہ وارن جي پيدائش سنڌ ڌرتيءَ تي ٿي ڌرتيءَ جي گولي تي ٻئين دور Eocent Period ۾ 39 کان 47 ملين سال اڳ لڪي کان جهمپير تائين جابلو سلسلي جي تخليق ٿي، جتان ملندڙ چوني جي پٿر جي ا ڀياس موجب هتي پھرين پيليوسين دور ۾ جنم وٺندڙ ڪيڙن، ماڪوڙن، مڇين، پکين، ننڍن وڏن جانورن، وڻن، ٻوٽن وغيرہ جي نشونما (واڌ ويجهہ) ٿي، اهڙي قسم جا آثار رني ڪوٽ ۾ بہ مليا آهن ۽ هي سلسلو ٿاڻي بولا خان کان کير ٿر جي جابلو سلسلي تائين پکڙيل آهي، هي جابلو سلسلو دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعن کان ضلعي قلات تائين وڃي ٿو جيڪو پڻ وڏن جابلو سلسلن لڪي، کير ٿر، ناري، گنج، منڇر ۽ ڪاڇي تائين پکڙيل آهي. سنڌ ۾ وچئين دور جو واحد قديم آثار جهرڪ ۾ مليو هو جڏهن انسان شڪار ڪرڻ ۽ خوراڪ جمع ڪرڻ جا طريقا سکيا جيڪي ان جي گذاري لاءِ ڪافي هئا ۽ ايندڙ دورن (نيو لٿڪ ۽ ڪيلڪو لٿڪ) ۾ مستقبل لاءِ خوراڪ جي جنسن جي ضرورت پوري ڪرڻ جو هنر حاصل ڪيو ۽ خوراڪ جي پيدا واري معيشت تي عبور حاصل ڪيو. ان ئي دور ۾ اوزارن ٺاهڻ جي صنعت جو بنياد پيو، اهڙا اوزار سيوهڻ، ڪوٽڙي ۽ راجستان جي سرحد ويجهو ننگرپارڪر تعلقي مان مليل قديم آثارن مان مليا آهن.
40 هزار کان 10 هزار سال اڳ آخري دور ۾ اهي اوزار وڌيڪ بھتر ۽ محفوظ، ۽ سٺي انداز ۾ ٺاهيا وڃڻ لڳا ۽ قديم دور جو انسان شڪار ۽ پنھنجي رهائش کي وڌيڪ بھتر ۽ محفوظ بڻائڻ لڳو،(4) 3100 ق.م ۾ سنڌ جي رهواسين فصل پوکڻ جو طريقو اختيار ڪيو، زراعت ڪرڻ ۽ مال متاع پالڻ شروع ڪيو، ماڻھن ڳوٺ ٻڌي رهڻ شروع ڪيو اڳتي هلي اهي ڳوٺ باقائدہ منظم ۽ نفيس پر آسائش شھرن جي شڪل بڻيا، جن جي چوڌاري پناھہ جي ڀت هوندي هئي ماڻھو ننڍن گروهن يا قبيلن جي شڪل ۾ ڳوٺ ٺاهيندا هئا جن ۾ گهڻو ڪري وڻن جون ڪاٺيون ۽ گاھہ استعمال ڪندا هئا، اڄڪلھہ شھرن ۾ مختلف برادرين جون ٺھيل ڪوآپريٽو سوسائٽيون بہ ان آڳاٽي طرز جون ٺھيل آهن. سنڌ ۾ ٿانوَنِ ۽ ڪنڀارڪي فن جي شروعات آمري ۾ 3 هزار سال قبل مسيح ۾ ٿي. سنڌو تھذيب جو سڀ کان وڏو ۽ شاندار شھر موهن جو دڙو هوندو هو جيڪو سڀني شھرن ۽ ڳوٺن جو مرڪز هوندو هو، هي زراعت، هنر، زيورن، واپار ۽ مذهب جو مرڪز هو مصر، ايران ۽ ٻين ڏوراهن علائقن ڏانھن سمنڊ ۽ درياھہ ذريعي وڻج واپار ٿيندو هو هي اهو دور هو جڏهن نيل درياھہ جي ڪناري قديم مصر، دجلا ۽ فرات درياھہ جي ڪناري ميسو پوٽيما (موجودہ عراق)، هُوانگ هُو درياھہ جي ڪناري چين، ميڪسيڪو درياھہ جي ڪناري “ اِنڪا” جي عظيم تھذيبن جنم ورتو اهڙي طرح سنڌو درياھہ جي ڪناري سنڌ جي عظيم تھذيب ظاهر ٿي اهڙي طرح تھذيبن جي ڪھاڻي جو بنياد درياهن جي ڪنارن کان شروع ٿيو.
قبل مسيح کان هڪ هزار سال پھرين سنڌ ۾ ويدڪ دور جي شروعات ٿي 80 کان 1000 قبل مسيح جي وچ واري دور ۾ سنڌو درياھہ جي ڪناري مقدس ڪتاب سماويد (سام ويد) يجر ويد، اٿر ويد لکيا ويا. (5)900 ق.م ۾ مھاڀارت جنگ لڳي جنھن ۾ سنڌ جي حڪمران جئي ورٿ “ڪوروئن” جو ساٿ ڏنو، ان دور ۾ آريا سنڌ، گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ اُتر جي سڄي خطي ۾ پکڙجي ويا، رگ ويد واري دور ۾ سنڌ جا تجارتي رابطا نينوا (نمرود)، سوسا جتي حضرت ابراهيم پئدا ٿيو هو، بابل، ٽائر، اسپين ۽ ميمفس سان سامونڊي رستن ذريعي تعلق جڙيو ۽ مختلف جنسون، مال متاع وغيرہ جي برآمد ۾ واڌارو ٿيو. سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي ڏسي 600 کان 800 قبل مسيح - 805 قبل مسيح کان 810 قبل مسيح ۾ برهمڻن جو دور شروع ٿيو سميرين سنڌ تي چڙهائي ڪئي پر بدترين شڪست کاڌائون، جنھن ۾ دراوڙن جي هٿان سنڌ ۽ بابل جي وچ ۾ تجارت مضبوط ٿي6 ڏاکڻي عربي علائقي کان خشڪي رستي مصر ۽ بحر الڪاهل جي ڪناري تائين تجارتي تعلق ٿيا ۽ سنڌ جون شيون زميني رستن ذريعي اولھہ تائين وينديون رهيون هي سلسلو 15هين صدي جي آخر تائين جاري رهيو.
8 سنڌ ارتقاءَ جي مھندار ۽ جاندارن جو پھريون وطن هئي. پراڻو تصور هو تہ زندگي صرف انسانن، جانورن ۽ چند نظر نہ ايندڙ مخلوقن ۾ آهي باقي سڀ شيون بي جان آهن. پوءِ سائنس وڻن، ٻوٽن وغيرہ ۾ زندگيءَ جو هئڻ ثابت ڪيو ۽ اڄ سائنس ٻڌائي ٿي تہ مٽي ۽ پٿرن وغيرہ ۾ بہ زندگي آهي، ايستائين جو انھن ۾ احساس ۽ جذبا بہ هوندا آهن (اهو قرآن پاڪ مان بہ ثابت آهي) دنيا جي هر شيءِ ۾ زندگي هئڻ باوجود مادي خيالن سان سوچيندڙ اسان جي هي ڳالھہ نہ سمجهي سگهندا تہ دنيا جي سڀني شين جا هڪٻئي سان ڳانڍاپا/ لاڳاپا ۽ دوريون بہ آهن، اَڻ ڏٺل طاقت جي رهنمائيءَ ۾ مختلف اصولن ۽ ضابطن ۾ ٻڌل مختلف شين جا پاڻ ۾ محبت ۽ نفرت جا تعلقات بہ آهن؛ ڪروڙين سال پھرين زمين جا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ٽڪرا جدا ٿين ٿا ۽ 9پوءِ هڪ ٽڪري تي دنيا جو پھريون مرد قدم رکي ٿو ۽ ٻئي ٽڪري تي جنت مان سندس زال کي لاٿو وڃي ٿو (روايتين موجب ڏاڏي حوا کي جدي ۾ لاٿو ويو هو) اهڙي طرح دنيا ۾ نسل انسان جي شروعات هتان ٿي. زمين تي انساني زندگي جي شروعات کي هزارين سال گذري ويا، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انساني عقل بہ ارتقاءَ جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي ۽ پنھنجي ترقيءَ جي عروج تي پھچي هي مادي عقل بہ فنا ٿي ويندو، مشھور نوبل انعام يافتہ سائنسدان ڊاڪٽر عبدالسلام مذهبي ڪتابن ۽ خاص ڪري قرآن شريف جي مطالعي کانپوءِ سائنس جي هي ٿيوري (نظريو) ڏنو تہ ڪائنات ۾ مختلف طاقتون Forces نہ پر هڪ ئي بنيادي طاقت Force آهي جيڪا مختلف شڪلين ۾ ظاهري ٿيندي رهندي آهي ۽ ان جي خلاف اهي آهن جيڪي ان مونجهاري کي حل ڪرڻ ۾ لڳل آهن تہ انسان جو وجود زمين تي ڪيئن آيو؟ ڊارون جو نظريو (ٿيوري) آهي تہ انسان ڀولڙي جي ترقي يافتہ شڪل آهي، اڄ تائين هڪ نظريو اهو ئي آهي جنھن کي سائنس بہ غير ثابت شده نظريو مڃي ٿي. انساني عقل پنھنجون سڀ طاقتون توانائيون لڳايون آهن پر هو نہ تہ ڊارون جي ٿيوري ثابت ڪري سگهيو آهي ۽ نہ آئنده ڪري سگهندو، جڏهن انسان جي ابتدا (بنياد) کي ئي سائنس ڳولھي نہ سگهي آهي تہ پوءِ ڪائنات جي تخليق جو علم ان کي ڪيئن ٿي سگهي ٿو ان ميدان ۾ بہ هو اوندھہ ۾ هٿوراڙيون ڏئي رهيا آهن. انگريزي رسالي ريڊرس ڊائجسٽ 1977ع جي شماري ۾ ايراوولفرٽ پنھنجي مضمون “نيو ويزنس آف دي يونيورس” ۾ لکي ٿو تہ “موجودہ دور ۾ اسان جي سائنسدانن جي سامھون لڱ ڪانڊاريندڙ عجائبات جو هڪ سلسلو اچي رهيو آهي جنھن ڪائنات جي باري ۾ اسان جي چند مڪمل ترين ۽ مظبوط نظرين کي چئلنج ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪائنات جي تخليق جو هڪ مظبوط نئون نظريو سامھون اچي رهيو آهي”، 10قرآن پاڪ ۾ بہ انسان جي پئدائش بابت مڪمل تفصيل موجود آهن ۽ انھن کي سائنس بہ تسليم ڪري ٿي ۽ انسان جي پيدائش بابت قرآن شريف ۾ انساني جسم جي بناوٽ ۾ جيڪي عنصر مليا آهن، انھن موجب انساني جسم طين (گپ) تراب (خاڪ) علق (رت جي ڦٽڪي) ماءِ دافق (ٽپا ڏيندڙ پاڻي) صلصال (سڙيل مٽي) حماء مسنون (ڳوهيل گارو/ مٽي) ۽ نطفو شامل آهن، انسان جي خمير ۾ موجود انھن عنصرن کي اڄ سائنس بہ مڃي ٿي. قرآن پاڪ جي سورة النساءِ جي هڪ آيت ۾ ارشاد ٿيو آهي تہ ،11 اي انسانو پنھنجي پروردگار کان تقوى اختيار ڪيو ۽ جنھن توهان سڀني کي هڪ ئي نفس مان پيدا ڪيو ۽ ان مان ان جو جوڙو (عورت) کي پيدا ڪيو. سورت التين جي آيت 4 ۽ 5 ۾ اشارو ڏنل آهي تہ ترجمو “ اسان انسان کي بھترين ساخت (سٺي بناوٽ ۾ پيدا ڪيو، پوءِ اسان ان کي هيٺياهين کان بہ هيٺائينءَ تي آندو”.
هندستان جي ڪلياڻ گورکپوري لکيو آهي تہ، 12برهما پنھنجي جسم جا ٻہ حصا ڪيا هڪ مان مرد ۽ ٻئي مان عورت ٿيا ۽ اهڙي طرح ڪيترن ئي جاندارن جي تخليق ٿي. مشھور محقق جي اي ڊيبوس پنھنجي ڪتاب ,Customs and Ceremonies Hindu Manners ۾ لکي ٿو تہ ”مارڪنڊيا پراڻ ۽ ڀاڳوت ۾ ان جو واضع بيان آهي تہ هن حادثي ۾ سڄو انساني نسل ختم ٿي ويو هو سواءِ ست مشھور عبادت گذار رشين جي. اِهي ست رشي هڪ ٻيڙي ۾ چڙهيا ۽ عالمگير تباهيءَ کان بچي سگهيا هئا ان ٻيڙي کي خدا خود هلائي رهيو هو، هڪ ٻئي عظيم هستي جيڪا بہ بچڻ وارن ۾ شامل هُئي اها منو (نوح) جي شخصيت هئي، ڪتاب جي صفحي 417-416 تي متسيہ پراڻ جي اڌ يائي 1-1 جي اشلوڪ 29 کان 35 جي حوالي سان لکي ٿو تہ 13 تڏهن ڀڳوان، منو (نوح) کي چيو” ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي تو مون کي چڱي طرح سڃاڻي ورتو آهي، 14 اي زمين جا رکوالا ٿوري ئي وقت ۾ جبل، جهنگ ۽ کاڻن سميت هيءَ زمين پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويندي، ان لاءِ اي زمين جا سردار سڀني جاندارن جي حفاظت لاءِ سڀني ديوتائن ذريعي هن ٻيڙي کي ٺاهيو ويو، اي وفا شعار جيترن بہ قسمن جا جاندار آهن انھن سڀني بي سھارن کي هن ٻيڙي تي چاڙهي تون ان جي حفاظت ڪجانءِ“ متسيہ پراڻ جي اڌ يائي 2-1 جي اشلوڪ 10 کان 11 ۽ 14 کان 16 تائين جي حوالن سان لکي ٿو تہ تڏهن ست ئي سمنڊ جوش ۾ اچي پاڻ ۾ ملي ويندا ۽ هنن ٽنھي دنيائن کي مڪمل طرح هڪ ڪندا، اي وفا شعار ان وقت تون ان ويدروپي ٻيڙي کي حاصل ڪري ان تي سڀني جاندارن ۽ ٻجن کي سوار ڪجانءِ
15 ٻوڏ جي قيامت جي وقت جڏهن اهڙي طرح سڄي زمين هڪ وڏي بحر (پاڻيءَ) ۾ ٻڏي ويندي ۽ تنھنجي ذريعي تخليق جو آغاز ٿيندو، تڏهن مان ٻيھر ويدن جو بنياد وجهندس، تڏهن منو (نوح) بہ اُتي بيھي ڀڳوان (ﷲ) جي رحمت سان مليل عبادت ۽ رياضت ۾ لڳو رهيو جيستائين هن (ٻوڏ) قيامت جي پيشن گوئيءَ جو وقت نہ اچي ويو”.
پنڊت ويد پرڪاش اُپاڌيائي ڪتاب “ اسلام ۽ آخري مذهب” ۾ لکي ٿو تہ متسيہ پراڻ موجب“ آدم ۽ حوا وشنو جي آليءَ مٽيءَ مان پيدا ٿيا. جنت جي اوڀرندي حصي ۾ پرميشور جي ذريعي ٺاهيو ويو خوبصورت چار ڪوهن جي ايراضيءَ جو وڏو جهنگ هو، گناھہ واري وڻ جي هيٺان وڃي زال کي ڏسڻ جي بيتابي سبب 16 آدم حوا وٽ ويو، تڏهن نانگ جي شڪل ٺاهي اتي شيطان فورن نمودار ٿيو، ان چالاڪ دشمن جي ذريعي آدم ۽ حوا ٺڳجي ويا ۽ وشنو جي حڪم کي ٽوڙي ڇڏيائون ۽ دنيا جو رستو ڏسيندڙ ان ميووي کي مڙس کائي ڇڏيو، 17’انھن ٻنھي ذريعي گولر جي پنن مان هوا واري غذا حاصل ڪئي وئي، تڏهن انھن ٻنھي مان ڪيترو ئي اولاد پيدا ٿيو، سڀ 18مليڇ چيا ويا، آدم جي عمر 930 سال هئي. “ هن مان نوح نالي پٽ پئدا ٿيو ان 500 سالن تائين راڄ ڪيو ان جا سيم، شام ۽ ڀائو 3 پٽ هئا، وشنو جو ٻانھون نوح وحدت الوجود جي ڌيان ۾ محو هو هڪ دفعي وشنو ان کي خواب ۾ ٻڌايو تہ اي پيارا نوح ٻڌ، ستين ڏينھن حشر برپا ٿيندو تون ماڻھن سان گڏ ٻيڙي ۾ فورن ويھي رهجانءِ، اي اندر جا ڀڳت پنھنجي جان بچاءِ تون سربلند ٿيندين، اهو مڃي ڪري ان بزرگ هستيءَ 3 سؤ فٽ ڊگهو 50 هٿ ويڪرو ۽ 3 هزار هٿ اونھون خوبصورت ٻيڙو ايجاد ڪيو، سڀني جاندارن جي جوڙن ۽ پنھنجي خاندان سان گڏ سوار ٿي وشنو جي ڌيان ۾ محو ٿي ويو، چاليھہ ڏينھن تائين زوردار برسات پئي ڀارت ورش پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو ۽ چار سمنڊ ملي هڪ ٿي ويا، ﷲ وارو بزرگ نوح پنھنجي خاندان سان گڏ طوفان ختم ٿيڻ کانپوءِ اتي رهڻ لڳو، نوح جا پٽ سام، حام ۽ ياقوت جي نالن سان مشھور ٿيا. دنيا جي ابتدائي تخليق ۽ انسان جي تھذيب ۽ جاندارن جي پھرين ڌرتي سنڌ آهي، مسلمانن جي ذهنن ۾ اڄ تائين هڪ عام تصور هي آهي تہ جن نبين جو ذڪر قرآن شريف ۾ آهي انھن جو تعلق صرف عربستان (عرب جزيري) سان هئو، پر اِها دعوا ڪندڙ اهو نہ ٿا ٻڌائن تہ حضرت آدم ۽ حضرت نوح عرب، مصر، عراق يا شام جي ڪھڙن حصن ۾ تبليغ لاءِ مقرر ٿيا هئا..؟ ان سلسلي ۾ مختلف عالمن، محققن جي تحقيق موجب سنڌ جنھن کي عرب ۽ ٻاهرين دنيا وارا گڏيل طور هند يا هندوستان سڏين ٿا 19 ۾ انسانن جو اَبو حضرت آدم عليہ السلام، آدم ثاني حضرت نوح، شيث بن آدم، حضرت دائود، حضرت هارون، حضرت يوسف، حضرت حام بن نوح، حضرت ايوب، حضرت هود، حضرت سنڌ بن سام بن نوح ۽ ٻيا پيغمبر سڳورا يا سندن اولاد قديم ۽ موجودہ سنڌ ۾ دفن ٿيل آهن. 20حضرت موسيٰ عليہ السلام حضرت عيسيٰ عليہ السلام بہ سنڌ ۾ رهي عبادتون ۽ رياضتون ڪيون آهن. حضرت آدم کان حضرت محمد مصطفيٰ صہ جن جو سنڌ سان تعلق ۽ پيار هو، محبت هئي. حضرت آدم عليہ السلام دنيا ۽ ڪائنات جو پھريون انسان هو جنھن جي سنڌ ڌرتيءَ تي آمد ٿيڻ وقت سريلنڪا جي جبل سرانديپ جي چوٽيءَ تي هڪ تمام وڏي انساني پير (آدم جو) نشان موجود آهي، جنھن کي مختلف مذهبن جا پوئلڳ مقدس ڪري مڃيندا آهن. مسلمان ۽ عيسائي ان کي حضرت آدم جي پير جو نشان ٻڌائن ٿا. ٻڌ مذهب وارا ان کي گوتم ٻڌ جي پير جو نشان مڃين ٿا. هندو ان کي “ شوِ” جي پير جو نشان مڃين ٿا. حديثن ۽ تفسيرن ۾ جتي بہ حضرت آدم جو واقعو آهي اُتي مختلف روايتن سان هي بيان اچي ٿو تہ حضرت آدم عليہ السلام جڏهن آسمان جي جنت کان ڪڍيو ويو تہ هو ، ان زمين جي جنت ۾ جنھن جو نالو “ سنڌ جنت نشان” آهي ۾ لاٿو ويو. (سرانديب –سريلنڪا) سنڌو تھذيب جو حصو رهيو آهي. سنڌو تھذيب جون حدون سريلنڪا کان آسٽريليا تائين هيون عرب ۽ ٻاهرين ليکڪن سنڌ کي بہ هند ڪري سڏيو ۽ لکيو آهي سنڌو مذهب (ويدڪ يعنيٰ وحدانيت وارو مذهب) جنھن جو قرآن پاڪ ۾ صابئين جي نالي سان ذڪر آهي ۽ مفسرن ۽ عالمن صائبين کي سنڌي قوم ڄاڻايو آهي) فارسي ۽ عرب ليکڪن تہ سنڌ جي حقيقي تاريخ کي گھراين ۾ دٻائڻ ۾ ڪا ڪسر نہ ڇڏي آهي. هنن سنڌ کي بہ هند ڪري سڏيو ۽ لکيو آهي ان ڪري سنڌ کي بہ مذهبي عالمن، سياحن، محققن، تاريخ دانن هند ڪري لکيو آهي ۽ سنڌ جي تاريخ کي بہ هند جي نالي سان لکيو ويو آهي، 21سرانديپ (سريلنڪا) ۾ آدم عليہ السلام پھريون قدم رکيو جنھن جو نشان هڪ جبل تي موجود آهي، ابن حرير، ابن اَبي حاتم ۽ حاڪم ۾ آهي تہ 22هندوستان (سنڌ) جي ان سرزمين جو نالو جنھن ۾ حضرت آدم “دجنا“ (عدن) ۾ لٿو آهي، ڇا اهو چئي سگهجي ٿو تہ هي دجنا، دکنا يا دکن (ادن) آهي جيڪو هندستان جي ڏاکڻي حصي جو مشھور نالو آهي ابن عباس فرمايو تہ آدم جو تنور هند (سنڌ) ۾ هئو واضع رهي تہ قرآن، انجيل، توريت مان ڪنھن بہ مفسر واضع نہ ڪيو آهي تہ حضرت آدم کي دنيا جي ڪھڙي خطي تي لاٿو ويو، مليل رواتين ۽ سريلنڪا ۾ پير جي نشان سبب هي اشارا مليا آهن تہ حضرت آدم کي سرزمين سنڌ جي خطي تي لاٿو ويو، ڇو تہ اڄ تائين دنيا جي ڪنھن بہ خطي جي باري ۾ اهڙي ڪا دعوا يا روايت نہ ملي آهي.

حضرت نوح عليہ سنڌ ۾

آدم ثاني نوح عليہ السلام ۽ طوفان نوح بابت مذهبي ڪتابن، تفسيرن ۽ تاريخن ۾ تمام گهڻو تفصيل موجود آهي.
سائنس بہ ان بابت ڪافي ڪم ڪيو آهي. طوفان نوح جو وقت، جاءِ ڪھڙي هئي، ٻوڏ کانپوءِ حضرت نوح جي ٻيڙي جي آخري منزل ڪھڙي هئي ۽ ٻيڙي جا نشان ڳولھڻ جي دعوائن بابت تحقيق وقت بوقت نوان انڪشاف بہ سائنس ڪري رهي آهي. ڪجهہ سائنسدان تہ حضرت نوح عليہ السلام جي وقت ۾ آيل وڏي ٻوڏ کان بہ انڪاري آهن. قرآن شريف موجب طوفان نوح کانپوءِ حضرت نوح جو ٻيڙو عراق جي علائقي 23ڪردستان ۾ موجود جودي جبل تي رڪيو هو، بائبل موجب حضرت نوح جو ٻيڙو ڪوھہ اِرارات تي بيٺو هو، پر مفسر اڄ تائين اهو نہ ٻڌائي سگهيا آهن تہ ٻيڙو رڪجڻ کانپوءِ حضرت نوح ڪھڙي علائقي ۾ تبليغ ڪئي ۽ دنيا جي ڪھڙن، ڪھڙن علائقن ۾ رهيو ۽ اها بہ خبر نہ پئجي سگهي آهي تہ طوفان نوح کان پھريان حضرت نوح عليہ السلام 600 سالن تائين ڪٿي رهيو. توريت بہ صرف ايترو ٿو ٻڌائي تہ 24 حضرت نوح عليہ السلام ۽ ان جا ساٿي طوفان (ٻوڏ) کانپوءِ بابل ۾ گڏ ٿيا ۽ اُتان سموري زمين تي پکڙجي ويا “ ان ڪري ان جو نالو بابُل آهي ڇو تہ خدا وند اُتي سڀني اِهِلِ زمين جي زبانن کي الڳ، الڳ (تبديل) ڪري ڇڏيو هو ۽ اُتان اُن (حضرت نوح ۽ ان جي ساٿين) کي خدا تمام (سڄي) روءِ زمين تي پکيڙيو. قرآن شريف ٻڌائي ٿو تہ تنور مان پاڻي اٻرڻ شروع ٿيو هو ۽ هتان طوفان جي شروعات ٿي هئي. سورة هود جي آيت 40 ۾ آهي تہ 25ترجمو ”ايستائين جو جڏهن اسان جو حڪم اچي پھچي ۽ تنور مان پاڻي اٻرڻ شروع ٿيو تہ اسان چيو تہ هن (ٻيڙي) ۾ هر قسم جي جوڙن مان ٻن کي چاڙهي (سوار ڪر).
لفظ “ تنور” عربي زبان جو لفظ نہ آهي، فارسي ۾ ان جي معنيٰ ماني وارو تنور آهي. گهڻن ئي مفسرن بہ ان لفظ جي اها معنيٰ استعمال ڪئي آهي ڪجهہ مفسر تنور جي معنيٰ سطح زمين يعني سطح زمين (مٿاڇرو) ڄاڻائن ٿا يعني زمين جي مٿاڇري (سطح) مان پاڻي اٻرڻ شروع ٿيو پر لفظ تنور کان پھريان قرآن شريف ۾ الف- لام استعمال ٿيو آهي جنھن جو مطلب آهي ڪو خاص “ تنور”. ان سلسلي ۾ عالمن جي تشريحن موجب “ «جيڪڏهن هي چيو وڃي تہ ”الف لام ”َاَلتَنُورُ“ ۾ آهي، ان جو جواب هي آهي تہ ان ۾ ڪو بہ شڪ ناهي تہ نوح کي اهو تنور معلوم هو 26حسن بصري جو بيان آهي تہ اهو تنور پٿر جو هئو ۽ حضرت حوا اُن ۾ مانيون پچائيندي هئي ۽ پوءِ اهو حضرت نوح وٽ آيو هو ۽ ان (نوح) کي چيو ويو هو تہ جڏهن تون ڏسين تہ تنور مان پاڻي اٻري رهيو آهي تہ پنھنجن ساٿين سميت ٻيڙي ۾ سوار ٿي وڃجانءِ “ هي تنور حضرت آدم عليہ السلام جو هو”. هيءَ ڳالھہ مولانا محمد نعيم مراد آبادي پنھنجي تفسير ۾ بہ لکي آهي. تفسير فتح القدير ۽ حضرت اِبن عباس جي قولن موجب بہ تہ حضرت آدم جو تنور هند (سنڌ) ۾ هئو، لفظ تنور تي تفسير فتح القدير ۾ علامہ شوڪافي لکيو آهي تہ 27 اٺون قول هي آهي تہ اهو هڪ هنڌ آهي جيڪو هندستان ۾ آهي. هندستان جي صوبي ڪيرالا جي ملاپورم Malap Poram ضلعي جي سمنڊ جي ڪناري سان تنور ڳوٺ ۽ تنور ريلوي اسٽيشن بہ آهن ۽ هي هندوستان جي اولاهين ڪناري تي آهي. جيڪو سنڌي سمنڊ (عربي سمنڊ) کان جدا ٿيندو آهي. رواتين جي روشنيءَ ۾ ڇا اهو چئي سگهجي ٿو تہ هي اُها جاءِ آهي جتان نوح جي ٻوڏ شروع ٿي....؟ قولن ۽ روايتن جي روشنيءَ ۾ هي اها جاءِ آهي جتان نوح جي ٻوڏ شروع ٿيڻ جو ذڪر قرآن شريف بہ ڪيو آهي....؟ يعنيٰ سمنڊ جي ڪناري سان موجود جنھن جاءِ تي تنور آهي اتان زمين جي مٿاڇري تان پاڻي اٻرڻ شروع ٿيو هو ۽ هي جاءِ حضرت آدم عليہ السلام جو تنور چورائي ٿي. حضرت آدم جو تنور هند (سنڌ) ۾ هو جنھن مان ثابت ٿئي ٿو تہ حضرت نوح طوفان نوح کان پھريان سنڌ ۾ هئو، طوفان کانپوءِ بابت بہ مختلف عالمن ۽ محققن لکيو آهي، نرسنگهہ اگروال پنھنجي ڪتاب The Hindu Muslim Questions جي پيج 12 تي لکي ٿو تہ 28 “آريا جن کي هندوستان ۾ فادر منو (نوح) وٺي آيو، بتن جي پوڄا نہ ڪندا هئا”. روزاني قومي جنگ ۽ روزاني منصف ۾ گجرات جي قانوندان ۽ محقق ايم زمان کوکرا سالن جي تحقيق کانپوءِ انڪشاف ڪندي لکي ٿو تہ “آدم ثاني (نوح) 29 گجرات جي خاڪ (مٽيءَ) ۾ آرامي آهي، ان دعوا جو بنياد موجودہ پنجاب جي گجرات کان 25 ڪلو ميٽر پري ڳوٺ بڙيلا شريف جي ڀرسان صدين کان موجود 240 فٽ ويڪري هڪ قديم مزار موجود ڄاڻائي ٿو. بڙيلا شريف ڳوٺ کان تقريبن ڪجهہ سؤ ميٽر پري ڏکڻ طرف گهاٽين جهنگلي ٻوٽين، ڇانورو ڪندڙ وڻن سان ڍڪيل هڪ ڊگهي قبر بابت عام تاثر آهي تہ هتي حضرت نوح جو پٽ يا پوٽو حضرت قبيطہ دفن آهي پر ايم زمان کوکرا علم ڪشف القبور جي ٻن عالمن جي روايتن جي روشنيءَ ۾ ثابت ڪيو آهي تہ هي قبيطہ نہ پر خود حضرت نوح آهي ٻين بہ ڪيترن ئي ڪشف القبور جي عالمن ۽ بزرگن جي تائيد وارا حوالا بہ موجود آهن. 30 بڙيلا شريف ”سرحدي ڳوٺ آهي گجرات کان 5 ميل اتر- اوڀر طرف ٽانڊا ڳوٺ جي ويجهو آهي هتان ڇمب وادي جو علائقو شروع ٿئي ٿو چناب ۽ تومي درياءَ هن جي ويجهو وهن ٿا، ورهاڱي کان اڳ هندو مزار کي “ منو مھرست” جي نالي سان سڏيندا هئا. “منو مھرست” سنسڪرت جو لفظ آهي ۽ ان جو مطلب “ ٻيڙي وارو” آهي، عبراني لفظ، نوح جي معنيٰ بہ اهائي ڪڍندا هئا. آرين جي قديم مذهبي ڪتابن ۾ طوفان نوح جو ذڪر آيو آهي، ان حوالي سان ثابت ٿئي ٿو تہ شروعات ۾ ئي نوح جو اولاد هند ۽ سنڌ تائين پکڙجي ويو هو. آئينہ گجرات ۾ لکيل آهي تہ گجرات جا رهواسي حضرت نوح جي پٽ حام جو اولاد آهن ۽ انھن ڪشمير جي آس پاس وڏيون، وڏيون عمارتون ۽ محل تعمير ڪرايا هئا. زماني جي گردش سبب حضرت حام جي قبر جا آثار بہ مٽجي چڪا هئا. پر شھرن ۽ مزارن جي صورتن ۾ انھن جي آمد (اچڻ) جا نشان هتان جي وسيع و عريض علائقن ۾ پکڙيل آهن، بڙيلا شريف جي آس پاس مٽيءَ جا وڏا، وڏا دڙا ۽ بند ان ڳالھہ جي شاھدي ڏين ٿا تہ هتي ڪڏهن آدم جي اولاد جون عاليشان عمارتون ۽ ڳوٺ هئا، “ حضرت حام بن نوح جي 26 گز ڊگهي قبر کيوڙا (سالٽ رينج) جي باغان والي ويجهو روال ڳوٺ ڀرسان اڄ بہ موجود آهي ۽ ابتدائي ارتقا بابت لاتعداد ٻيا عجائبات ۽ طوفان نوح بابت لاتعداد نشانيون ۽ شاھديون موجود آهن، دنيا جي مشھور سائنسدان اَبو ريحان البيروني دنيا جي گولائي ماپي باغان والي ۾ هڪ جبل جي چوٽيءَ تي وڏو گول دائري جو نشان ٺاهيو هو ۽ اُن کي دنيا جو وچ Centre قرار ڏنو هو اهو نشان اڄ بہ موجود آهي ۽ کيوڙا جي جبلن جي سلسلي باغان والي کان ميانوالي ۽ ڪرڪ، ڪوهاٽ تائين 300 ڪلو ميٽر جي ايريا ۾ لوڻ جي جبلن اندر، ڪوئلو، جپسم، چونو، سن اسٽون، گريول، لوڻ وغيرہ کانسواءِ 920 فٽ مٿاهين جبل تي پاڻيءَ جا لاتعداد چشما موجود آهن، باغان والي کان کاڻ جوتانا تائين 12 چشمہ وڏا ۽ ويڪرا آهن، اُهي سياري ۾ گرم ۽ اونھاري ۾ ٿڌا هوندا آهن ۽ هر چشمي جي ڀرسان “ شِوِ” (Shiva) جو مندر ۽ ڪنھن بزرگ جي مزار بہ موجود آهي، جڏهن تہ کيوڙا کان ڪرڪ ۽ ڪوهاٽ تائين چشما ۽ مندر موجود آهن پر ان جي ابتڙ جبل جي ويجهن ميداني علائقن ۾ موجود زير زمين ۽ چشمن جو پاڻي کارو ۽ لوڻياٽو آهي. جڏهن تہ جهلم دريا بہ هن سلسلي کان 40 کن ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي وهي رهيو آهي. 300 ڪلو ميٽر ڊگهي لوڻ جي جبل جي بلڪل پاڙ ۾ ۽ هڪ هزار ڪلوميٽر هم چورس ايريا ۾ پاڻي جي زير زمين سطح 3 کان 8 فٽ آهي ۽ زمين جي مٿان تقريبن سڄو سال پاڻي هوندو آهي ۽ اهو پاڻي مختلف جاين تي دٻن ۽ ڍنڍن جي شڪل ۾ بيٺل هوندو آهي ۽ ان ايريا ۾ زمين تقريبن غير آباد آهي. پر جبلن جي بلڪل پاڙ ۾ چيڪي ۽ وارياسي مٽي آهي جتي قديم ڊگها ۽ 6 کان 8 فٽ ويڪرا وڻ بہ آهن ٻٻر، ٻير، کبڙ، پپر، جڙي ٻوٽيون بہ آهن ۽ هتي آباد زمين ۾ جوئر، ڪڻڪ، ڪمند، ساريون، ڪپھہ، داليون ۽ سبزيون وغيرہ ٿين ٿيون، پکين ۾ ڪانوَ، تتر،، ڳيرا، جهرڪي، ڪٻر، ڪبوتر، وڏا چمڙا بُربلا، وغيرہ. جانورن ۾ ڍڳي، مينھن، ٻڪري، رڍ، گڏھہ، گهوڙو، اُٺ، گدڙ، بگهيڙ، چراغ، سيڙھہ، سيھڙ وغيرہ آهن. جڏهن تہ کيوڙا جي ميداني علائقي ۾ روال جي ويجهو حام بن نوح، ڪلر ڪھار، مياڻيءَ ۽ ملڪوال ۾ 6، 9 ۽ 12 گز جون 15 کن ڊگهيون قبرون ۽ 300 ڪلوميٽر جبل جي ايريا ۾ بہ مختلف جڳھين تي 9 گزيون قبرون موجود آهن ۽ اهڙيون ئي قبرون لڪي، آمري، جهمپير، بھاولپور (پنجاب) جهرڪ، بولان (بلوچستان) ڪڇ، ڀڄ ۽ ٻين علائقن ۾ بہ موجود آهن. لڪي، گاجي شاھہ ۽ بڊو جبل جي ايريا ۾ آڳاٽن جانورن، ڊائنوسارس ۽ ٻين جاندارن جا فوسلز، معدنيات، تيل گئس، نرم ۽ سخت پھاڙ موجود آهن ۽ اهي سڀ شيون، لڪي، آمري، جهمپير، رني ڪوٽ، کير ٿر، ننگرپارڪر ۽ ٻين سنڌ جي جابلو سلسلن ۾ بہ موجود آهن. انسان جي ابتدائي رهائش (غار) بہ موجود آهن. جڏهن تہ کيوڙا جا لوڻ وارا جبل 8 سؤ ملين سال پراڻا آهن “ اگر اَب بهـﯽ نہ جاگـﮯ مح کلڪي اوتار” ۾ قاضي اطھر مبارڪپوري جي ڪتاب “خلافت راشدہ اور هندوستان” جو هڪ حوالو نقل ڪيل آهي “ ياقوت حموي لکيو آهي تہ بوقير بن يقطن بن حام بن نوح جي اولاد ۾ سنڌ ۽ هند ٻہ ڀائر هئا جن جي نالي سان هي ٻئي ملڪ مشھور ٿيا. ڇا هي تمام روايتون ۽ تحقيقون اهو ثابت نہ ٿيون ڪن تہ طوفان نوح کان اڳ ۽ بعد ۾ بہ حضرت نوح جو تعلق قديم سنڌ سان رهيو آهي....؟ دنيا جي محققن ۽ عالمن حضرت آدم ۽ حضرت نوح کي قديم سنڌ ۾ ڄاڻايو آهي، ڪنھن بہ چين، روس، جاپان، آفريڪا، عرب، يورپ يا آمريڪا وغيرہ ۾ نہ ڄاڻايو آهي. ان دور جي انسانن جا قد 60، 60 گز ڊگها ۽ عمريون هڪ هزار سال کان بہ وڌيڪ هونديون هيون.
31 حضرت موسيٰ جي دور ۾ عوج بن عنق جو قد 3 هزار 3 سئو 30 گز ڊگهو هو، سمنڊ ۾ پاڻي ان جي پير جي مُرن تائين ايندو هو، هن جي عمر 3 هزار 5 سو سال هئي، نوح جي طوفان وقت ٻوڏ کان صرف هي ڊگهي قد سبب بچيو هو . هن کي حضرت موسى قتل ڪيو هو هن جو لاش 40 سال پھاڙ وانگر پيو هو ۽ گوشت ڳرڻ کان پوءِ يوشع بن نون سندس ڪرنگهي جي هڏيءَ کي مصر ملڪ جي نيل درياءَ مٿان رکي پل طور استعمال ڪيو ويو هو جيڪو ڪيئي ايامن تائين پل جو ڪم ڏيندو رهيو. هي حضرت آدم جي ڌيءَ صفوران جو پٽ هو
۽ پيءُ جو نالو عنق هئس. هي حضرت آدم عليہ السلام جي دور کان حضرت موسى جي زماني تائين زنده رهيو معارج النبوت ۾ والد جو نالو سحبان ۽ ماءُ جو عنق لکيل آهي.
32جڏهن تہ صفوران ۽ شعبان (شهبان) بہ ٺيٺ سنڌي نالا آهن ۽ سنڌي قوم ۾ ئي رائج آهن حضرت موسى عليہ السلام جو قد بہ 10 گز هئو.
مصر جو بادشاه ملڪ ريان نالي هو جنھن پنھنجي بادشاهي حضرت يوسف عليہ السلام حوالي ڪري ڇڏي هئي. مصر جو فرعون بن معصب ملڪ ريان جو پوٽو هو.
ڊگهي قد بابت صحيح بخاري ۾ ڪتاب الانبياء صلوات ﷲ عليہم ۾ ابو حريرہ جي ٻڌايل حديث موجب تہ “ حضرت آدم جو قد 60 ميٽر هو، ان وقت کان هاڻي تائين انسانن جو قد ننڍو ٿيندو رهيو آهي.
سورة النساءِ ۾ باري تعاليٰ فرمائي ٿو تہ 33مون هڪ جان (انسان) پيدا ڪيو، ان مان هن جي گهر واري زال پيدا ڪئي ۽ انھن مان اوهان کي ۽ ناري پيدا ڪيم، مطلب تہ اُن نر ۽ ناريءَ مان انسان ذات جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڃان تائين جاري آهي، بلڪہ تاقيامت جاري وساري رهندو.
سورة الحجرات ۾ فرمايو اٿس تہ 34 مان اوهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان جنم ڏنو ان بعد اوهان کي قومن ۽ قبيلن ۾ ورهايو اٿم تہ جيئن اوهان هڪ ٻئي کي ڏسي سگهو ۽ احساس ڪيو اوهان مان سٺو اهو آهي جيڪو نيڪ ڪم ڪري ٿو پرهيزگار آهي.”
هندو لوڪ بہ اها دعوا ٿا ڪن تہ پرماتما (ﷲ) پھريائين شيؤ شنڪر (آدم) کي گاري ۽ مٽيءَ مان پيدا ڪيو (ٺاهيو) ۽ ان ۾ شڪتي ست روپا بہ ٺاهي لڪائي ڇڏيائين، شيؤ جي اُداس ٿيڻ وقت هن جي جسم مان ست روپا ڪڍيائين جنھن کي شڪتي، پارورتي، اُمان سڏيون ٿا ۽ سنڌيءَ ۾ اَمان آهي بقول هندي لوڪن ۽ ويدن جي زباني تہ شيؤ شنڪر (آدم) کي پرماتما پاڻ پنھنجي هٿن سان “ ناد” جي علائقي ۾ ٺاهيو جنھن کي سنڌي لوڪ “ادن” ٿا چون، هي اهو ناد آهي ۽ ان جي معنيٰ بہ “ادن” (بھشت – باغ) آهي جنھن کي انگريز “ ناڊ” عرب “ عدن” ٿا چون بقول ايڊلنگ تہ پھريون انسان (آدم) اوڀر ۾ پيدا ٿيو جنھن کي وادي سنڌ ٿا چئون، اهڙو ذڪر ڪاڪي ڀيرومل مھرچند آڏواڻي قديم سنڌ جي صفحي 12-11 ۾ بہ ساڳيو ڪيو آهي تہ« شيؤ ۽ شڪتي وادي سنڌ ۾ پيدا ڪيا ويا، هي ادن (ناد- ناڊ) پراچين سنڌ ملڪ جو حصو هيو جنھن کي ڪشمير ٿا چون هي عدن سنڌو ملڪ جو اهو حصو آهي جتان 4 ورڻ (درياھہ) نڪرن ٿا جن مان سُپت سنڌو بہ هڪ آهي جنھن کي عرب سيحون ٿا چون (ان جا وڌيڪ تفصيل ايندڙ ڪتاب “ سنڌو تھذيب ۽ ان جا قبيلا ابڙو قبيلي جي تاريخ” ۾ جلد اچي رهيا آهن)
آدم جي تخليق-رسالت ۽ نبوت وقت دنيا جي زمين کي سرزمين سنڌ چوندا هُئا سموري دنيا ۾ انسانن سنڌ ملڪ مان هجرت ڪئي اهڙي طرح طوفانِ نوح بعد بہ نوح جي اولاد سنڌ مان ترڪي، عربستان، آفريڪا، يورپ ۽ هند وغيرہ ڏانھن هجرت ڪئي. مفسرين موجب تہ آدم کي اولاد مختلف وقتن ۽ مختلف هنڌن تي پيدا ٿيو. 10 جوڙا ۽ اڪيلو پُٽُ شيش (شيتہ) سنڌ ۾ ۽ 30 ٻيا جوڙا ٻين ملڪن ۾ زمين تي پيدا ٿيا هُئا. هندي، سنسڪرت، پراڪرت ادب ۾ لکيو ويو آهي تہ (شو شنڪر پھريون انسان آهي جنھن کي پرٿوي جي مٽي ۽ گاري مان پرماتما خود پنھنجن هٿن سان پرٿوي جي ان حصي ۾ ٺاهيو جهن کي ويدن ۾ ناد لکيو ويو آهي ۽ سنڌي لوڪ هن کي (عدن) ٿا چون جيڪو دلمون ديش، امرت ديش، سنڌو ديش ۾ آهي) جنھن کي ڪشمير ٿا چئون، واقعي هي باغ عدن آهي جنھن کي يورپ ۾ “ناڊ” ۽ عرب لوڪ هن کي ٿوري ڦير گهير سان “الف” بجاءِ “ع” ۾ تبديل ڪيو.
تخليق آدم وقت “عدن” ۽ “عرب” جو علائقو برف ۾ ڍڪيل هُئا، ان مان ثابت ٿيو تہ آدم جو مجسمو (بوتو) ۽ اول مٽي پراچين سنڌ جي سرزمين تان جبرائيل کنئي هُئي ۽ اتي هن ۾ پاڪ روح life Cell)) وڌو. هندو، بابلي، يوناني ڌرمي ڪتابن موجب شوءُ شنڪر (آدم) ۽ ست روپا (حوا) کي ڏھہ عدد جوڙا ۽ اڪيلو پُٽُ سورج (گڻيش، - شيش) سرزمين سنڌ تي پيدا ٿيا. شوءُ شنڪر (آم) پنھنجيون ست پشتون ڏٺيون ۽ ان تي ايڪويھہ صحائف لٿا ۽ ڪُلُ هڪ لک ويھہ هزار انسان هُئا.
سوريم ڀو (قابل – قائين – قابيل) ۽ پريا ورت (هابل – هابيل) جي قرباني بہ سنڌ جي کير ٿر جبل تي ٿي هُئي، پھريون قتل بہ هابيل (پرياورت) جو سنڌ ڌرتي ۽ کير ٿر تي ٿيو، خالص سنڌ جو پکي ڪانءُ آهي جنھن جو ذڪر آخري الھامي ڪتاب قرآن شريف ۾ بہ موجود آهي، هندو مفسرين چون ٿا تہ سوريم ڀو (قابيل) کير ٿر جي ٻيلن ۽ جبلن ۾ ڊوڙندو رهيو اتي ڪانءَ کي کڏ کوٽيندي ۽ ٻئي مئل ڪانءَ کي دفن ڪندي ڏسي کڏ کوٽي پريا ورت (هابيل) کي دفنائي ڇڏيائين ۽ فرار ٿي ويو اها جاءِ لڪيءَ جي جابلو سلسلي ۾ موجود ڪاسبو جبل سڏين ٿا ۽ قاسبو بہ چون ٿا، ڪاسبي جو علائقو جوهي تعلقي ضلعي دادو ۾ آهي. انسانن جي پھرين قبر ۽ زيارت گاھہ بہ سر زمينءِ سنڌ تي جڙي (هيئنر هابيل جي مقتل واري جاءِ کي عراق ۾ ٿا چون .
لڪيءَ جي جبلن جو سلسلو شو آستان - شيش آستان (آدم ۽ شيش جي رهائش جي جاءِ) هاڻوڪي سيوهڻ لڳ آهي، هندو مفسرين موجب سوريم ڀو (قابيل) ادن جي اوڀر طرف وڃي لڪيو جتي حنوڪ (نود) پيدا ٿيو جتان تامل ناڊ نالو پيو، رگ ويد ۾ منتر نود لاءِ لکيل آهي تہ هي ماڻھو طوفانِ عظيم مانو- منو (نوح) کان آڳاٽا هُئا.
سوريم ڀو دلمون جي جبلن ۾ وڃي لڪيو هو جيڪي سنڌ ملڪ جي اوڀر ۾ هُئا اتي هن جا ڇھہ نسل پيد ٿيا، پھريون پُٽُ حنوڪ (ادريس) پيدا ٿيو ان مان تامير (تلمبہ) ان مان مھا ايل، ان مان متوسا ايل ۽ ان مان ايشور (لمڪ = نوح جو پيءُ) پيدا ٿيو، ان کي ٻہ زالون ٿا ٻڌائين هڪ مان زلہ، ۽ ٻي مان اَدوُ ان مان يوبل جيڪي خانہ بدوش سڏجڻ لڳا ۽ زطہ مان بل قائن ۽ نغما جنھن جي اولاد بانسري، الغوزو، مُرلي ۽ بوڙينڊو ٺاهيا.
بل قائن جي اولاد ڪھاڙيون، تير ڪمان، تلوارون، نيزا ۽ گهوٻاٽا ٺاهيان. آخر ڪار طوفانِ منو (نوح) ۾ هي نسل تباھہ ٿي ويو. شو شنڪر (آدم) ڪيومرس آگاه (ڪڻڪ رنگو) هو. هندو گندم گون چوندا آهن.
شو شنڪر پھريون آريو هو جنھن پرماتما جا سڌا لفظ ۽ حڪم ٻڌا هُئا، آدم پھريون جاٽ (ڪڻڪ رنگو) هئو ۽ هارپو (زراعت ڪيائين، شيو 7 پشتون ڏٺيون ۽ 40000 سال عمر گذاري، اڪثر هندو مفسرين چون ٿا تہ شيوکي کيرٿر تي دفنايو ويو جنھن کي (ڏاڙهياڙو) ڏهاڙو جبل يا فيس سڏين ٿا، جتي هينئر ڪتي جي قبر ۽ اهو غار بہ آهي 35جتي ايمان وارا اچي لڪيا هئا ان ڪري هنن جبلن جي لڪ کي لِڪيءَ (موجودہ لَڪي) جا جبل چون ٿا، ٿي سگهي ٿو تہ هيءُ اُها اصحاب ڪھف جي جاءِ هجي. تحقيق طلب آهي . وﷲ عالم تخليق انسان (آدم) آخري مخلوقات ۾ شمار ٿئي ٿي، 36حديث ۽ بين ڪيترن مذهبن بہ آدم جي پيدائش جو ڏينھن جمع ٻڌايو آهي البتہ 6 ڏينھن ۾ آدم جي پيدائش جو ذڪر نہ آهي ان هڪڙي ڏينھن کي بقول هندو مت ۽ ڪتابن جي تہ ان کي “ڪلپ” چون ٿا، انھن ڇھن ڏينھن ۾ رات ڪونہ هئي جنھن کي قرآن شريف ۽ حديث نبوي وڏي ڏينھن جو نالو ڏين ٿا. هندو “ڪلپ” کي مذهبي رسمن جو ڏينھن چون ٿا قرآن شريف ۾ ڪيترين ئي جاين تي “ خلق السمٰوات والعرض، آهي پر خلق آدم جو ذڪر هڪ دفعو بہ نہ آهي گهڻن عالمن جو خيال آهي تہ آدم ۽ حوا عربي زبان جا لفظ آهن، قصص القرآن صفحي 22 تي حافط ابن حجر 37’موجب آدم ۽ حوا سرياني (پراڻي سنڌي جنھن کي سرياني سڏين ٿا) جا لفظ آهن، نہ ڪي عربي لفظ آهن. سنڌي عالمن ۽ ماڻھن جي دعويٰ آهي تہ 38 آدم ۽ حوا سرائڪي ۽ سنڌي زبان جا لفط ۽ اُچار بہ آهن آدميت ۽ آديم سنڌي ٻوليءَ جا لفظ آهن آديم مٽي آدميت ٻن لفظن جو مرڪب آهي جيڪي سنڌي ٻوليءَ جا لفظ آهن، آد معنيٰ مٽي ۽ مت معنيٰ (بو) پاڻي، هن مان ثابت آهي تہ آدم مٽيءَ پاڻيءَ مان ٺھيل آهي. مطلب تہ آدم ۽ حوا ٻئي خالص سنڌي ٻوليءَ جا لفط آهن، عبراني م بہ آدم کي مٽي چئبو آهي عبراني جي خالق بہ سنڌي هئي. عرب آدم کي آديم العرض سڏين ٿا. جنھن جي معنيٰ آهي 39صفحہ زمين، مطلب تہ آدم صفحہ زمين مان پيدا ٿيل آهي، آدم جنھن سر زمين تي عارضي مھمان هئو اُها ادن (باغ عدن) بھشت سڏبي هئي عام طور ماڻھو ۽ مفڪر هن کي جنت الماوي سڏين ٿا اِها سر زمين ڪشمير جي سر زمين هئي جنھن کي سنڌيءَ ۾ ادن ٿا سڏين سميري لکتن موجب ۽ توريت جي زباني آهي تہ آدم جو بوتو سر زمين سنڌ ۾ ٺاهيو ويو ۽ پاڪ روح (جيو گهرڙو life cell بہ هن کي سر زمين سنڌ ۾ وڌو ويو، سر زمين سنڌ اوڀر ۾ آهي جتي برساتون جام پون ٿيو، آدم فرشتن سان سنڌي (سرياني_ پوربي) زبانن ۾ ڳالھايو. مسلمان، يھودي ۽ نصراني عالمن موجب تہ آدم کي غلطي ڪرڻ تي سريلنڪا (سنڌ) حوا کي ڪعبت ﷲ شيطان کي هندوستان، مور کي فارس ۽ سنڌ ۾ لاٿو ويو . 40آدم ۽ حوا 500 سالن کان پوءِ عرفات تي مليا. پر اسان اُن سان اتفاق نہ ٿا ڪريون ڇو تہ آدم جي ڪيترن ئي پٽن، پوٽن، ڏوهٽن وغيرہ جون قبرون حيدر آباد سنڌ، ڪراچي جي ٻيٽن، قديم سنڌ (هاڻوڪي پنجاب جي گجرات لڳ بڙيلا شريف، روال، کير ٿر جي جبلن، لڪي شاه صدر جي غارن، جهمپير، هندوستان جي شھرن آيوڌيہ/ فيض آباد جتي بابري مسجد آهي، گجرات صوبي جي شھر منڊا بھاولپور، دادو، لاڙڪاڻي، قمبر، شھداد ڪوٽ ضلعن ۽ قديم سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ موجود آهن مٿيان سڀ علائقا قديم سنڌ جو حصو رهيا آهن. لڪي سيوهڻ، گورک، لاهوت طرف، کيوڙا، ڪوهاٽ، سوات، مٽہ، ٿرپارڪر ۽ ٻين علائقن ۾ شيو شنڪر جا مندر شيش جا مندر بہ موجود آهن مفسرين موجب طوفان نوح وقت نوح جي ٻيڙي دادو ضلعي جي پٻ جبل تي اچي لٿي هئي ۽ اُن لھڻ واري جاءِ هيٺان اهل ايمان وارن جو بہ مندر هو ٿي سگهي ٿو تہ اُتي شيو، شيطا ۽ حنوڪ جن جا مندر هجن بقول ضامن شاه حسيني جي تہ اصحاب الرس سنڌي هئا هن ثابت ڪيو آهي تہ ٿي سگهي ٿو تہ (ڏاڙهياري) ڏاهاڙي جبل تي جتي ڪُتي جي قبر آهي ۽ اُتي غار بہ آهي اهو اصحاب الڪھف جو غار هجي؟ تحقيق طلب مسئلو آهي آدم زراعت ٻني سنڌ ۾ ڪئي اڃان بہ سريلنڪا کان بدين ٺٽو، ڪڇ ڀڄ، شيس آستان (سيوهڻ)، ڪاڇي، ڪاسبي ۾ آدم جي ٻني ۽ ماڳ موجود آهن، 41آدم پنھنجي رهڻ لاءِ پھرئين جهوپڙي سنڌ ۾ ۽ پوءِ مَڪي ۾ ٺاهي. 42 آدم کي 500 سالن کانپوءِ شيش سنڌ ۾ تولد ٿيو جيڪو آدم جو هم شڪل ۽ اڪيلو هو ان ڪري هن کي عطيه خدا ٿا سڏين ۽ عربي هن کي سنڌ عبراني شيث نصراني شيطہ سنڌي شيس ڏنو ڏتو، پٺ پڌري ڪندڙ سڏين ٿا. آدم ۽ حوا کي اڄ جي دور وانگر 9-9 مھينن ۽ ساڳئي تڪليف سان ٻار ڄمندا هئا. سنڌين عربن يونانين فارسين، هندن يھودين ۽ نصرانين موجب تہ حضرت شيس (شيت. شيطا سوراج _ گنيش) جو اولاد هن ڌرتي (سنڌ) تي گهڻو وڌيو ۽ صاحب ايمان هئا 43جن جي نسل مان حنوڪ (ادريس) مانو (نوح) رام (سام) ازم (سنڌ)، هود_ صالح_ يوباب (ايوب) يرن_ مھيش جي نسل جا ماڻھو هاڻوڪي دنيا م هلي رهيا آهن، بقول معارف سرائيڪي جي تہ آدم جو پھريون وطن سنڌ ملڪ هو نائچ نامہ قلمي موجب آدم کان حضرت ابراهيم نبي تائين جو تعلق وادي سنڌو آستان سان هو.
حضرت آدم جڏهن وفات ڪئي تہ سندس پٽ سورج (شيش) جي عمر 800 سال هئي تيرٿ ڪرڻ کانپوءِ جڏهن شيو واپس سرزمين سنڌ (دلمون ديش، امرت ديش، سنڌديش) آيو تہ پرماتما (ﷲ) جو سڏ ٿيس. ان جي ڪفن دفن جو انتطام ۽ پھرين جنازا نماز سورج (شيش) کي جبرائيل سيکاري جيڪا رسم هن ادا ڪئي .
اُها اڃان سوڌو برقرار آهي. مفسرن موجب آدم جي قبر سريلنڪا ۾ آهي ڪن جو خيال آهي تہ اِها قبر هاڻوڪي ڪراچي جي لڳ هڪ ٻيٽ تي آهي جيڪا 400 فُٽي سڏبي آهي. حضرت آدم جي پٽ شيش جو جنم ۽ وفات سنڌ ۾ ٿيا ۽ قبر بہ سنڌ ۾ آهي اَيوڌيہ جنھن کي هيئنر فيض آباد ٿا چون هندوستان ۾ آهي عالمن موجب شيش جي قبر سان هابيل ۽ يوسف جي پٽ جون قبرون آهن نہ ڪي ڪوھہ ابو قيص جبل تي. بقول مولوي نور زمان تہ ڪتابن موجب آدم شيش ۽ نوح جون قبرون هندوستان (سنڌ) ۾ آهن پراڻي دور ۾ پورو برصغير هند سڏبو هو. اَيوڌن هاڻوڪي پاڪ پتن سڏجي ٿي. 44ايوديا کي فيض آباد سڏين ٿا هندوستان ۾ آهي. آدم سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين جو مرڪب آهي “آ” اچ دم روح آدم سنڌي زبان جي لفظ آدميت مان نڪتل آهي جنھن جي معنيٰ آهي“ مٽي” ۽ آديم مان نڪتل بہ آهي جيڪو عربي ٻوليءَ جو لفظ بہ آهي هن کي اَديم العرض بہ ڪوٺين ٿا جنھن جي معنيٰ آهي زمين مان پيدا ٿيل.
هڪ مشھور شخصيت جنھن سان هندن کي تمام گهڻو پيار هو ۽ عقيدت آهي. (هند ۽ سنڌ حضرت نوح جا ٻوٽا ۽ سام بن نوح جا پٽ) جنھن کي هو “مھانووو” Mahanu جي نالي سان سڃاڻن ٿا. ٻوڏ جي تباهيءَ کان هڪ ٻيڙي بچي هئي جنھن ۾ 7 رشي (نبي) بہ سوار هئا. “مھانووو” بنا ڪنھن شڪ شبھي جي حضرت نوح آهي. ” مھا“ جي معنيٰ آهي “عظيم (وڏو)“ ۽ “ نوو” معنيٰ نوح آهي. جيڪو ڊگهي قد وارو هو. 45عام طور مڃيو وڃي ٿو تہ هند ۽ سنڌ هن عظيم ٻوڏ کانپوءِ جلد آباد ٿيو هو، هن وڏي ٻوڏ (سموري دنيا کي ويران ڪري ڇڏيو هو. ٻوڏ کانپوءِ حضرت نوح جي ٻيڙي ۾ سوار ماڻھون ۽ سندس اولاد قديم سنڌ (موجودہ ڪشمير، پنجاب، بلوچستان، هندستان جا ڏکڻ ۽ اڀر وارا علائقا ۽ موجودہ سنڌ) جي حدن ۾ آباد ٿيا ۽ اِتان سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويا، جن جا تاريخي ۽ جديد دور جا سائنسي ثبوت موجود آهن. 46حضرت نوح ۽ ٻوڏ واري واقعي جا تفصيل حضرت موسيٰ جي (توريت ۾) بيان ڪيل تفصيلن سان ڪنھن قوم جي تحريرن ۾ هڪجھڙائي نہ ٿيون رکن جيتريون هندو ڪتابن ۾ آهن ۽ هي سرهائي جھڙي ڳالھہ آهي تہ هي شاھديون اسان کي اُن قوم (سنڌي) ۾ مليون آهن جنھن جي قديم هئڻ تي سڀ متفق آهن. حضرت نوح ۽ طوفان نوح (ٻوڏ) جو ذڪر مڪمل تفصيل سان “ ڀوشيا پُراڻ” ۽ “ متسيا پُراڻ” ۾ بہ بيان ٿيل آهن. 47ويدن ۾ حضرت نوح جو ذڪر “مَنو” جي نالي سان 75 جاين تي آيو آهي، 48 ويدن جو انگريز مفسر اَي جَي اَي ڊيبوئس ويد جي هڪ منتر ۾ ايندڙ لفظ “ مَنو” جي تشريح ڪندي لکي ٿو تہ “ منو (نوح) لاجواب شخصيت ۽ انسانن جو نمائندو هو، سموري انساني نسل جو پيءُ (ٻوڏ کانپوءِ آدم ثاني جي حيثيت سان) ۽ پھرين شريعت جي شروعات ڪندڙ هو”
حضرت موسيٰ ۽ ٻيا نبي بہ سنڌ کان واقف هئا،49حضرت آدم ۽ حضرت نوح کانسواءِ ۽ ٻين نبين جي سنڌ ۽ هند اَچڻ يا موجودگيءَ بابت بہ کوڙ ساريون روايتون ۽ شاھديون ملن ٿيون. محققن موجب عرب “ ٻڌ” کي ئي بوذاسف چوندا هئا. نالي واري عالم مرحوم مولانا مناظراحسن گيلاني کي مھاتما ٻڌ ۾ نبوت نظر ايندي هئي ۽ اهو قرآن شريف جي “ ذوالڪفل” ۽ “ ڪپل وستوا” کي هڪ ئي شخصيت قرار ڏيندو هو. “ ڪننگهم” ايوڌيا ۾ موجود وڏن دڙن (مٽيءَ جي) جا تفصيل ٻڌائيندي لکي ٿو تہ مني ۽ ڪبير جبلن جي وچـ۾ مسلمانن جو هڪ مذهبي آستان آهي جيڪو اوڀر کان اولھہ تائين 46 فٽ ۽ 47 فٽ ويڪرا ٻہ مزار آهن جن کي حضرت شيث بن آدم ۽ حضرت ايوب سان منسوب (ڳنڍيو) وڃي ٿو. ايم زمان کوکرا روزاني قومي جنگ رامپور ۾ لکي ٿو تہ حضرت نوح ۽ سندس پٽن جي قبرن کانسواءِ ڳوٺ چوگاڻي ۾ حضرت يوسف جو پٽ طانوع ڪنعاني دفن آهن. گجرات جي آس پاس ڪيترين ئي مزارن جي نشاندهي ڪئي آهي اُن جي دعوى آهي تہ هي سڀ قبرون انھن سڀني نبين جون آهن جيڪي بني اسرائيل جو اولاد آهن ۽ موسيٰ وعمران مان هئا، روال شريف ويجهو 26 گز ڊگهي قبر (75 فٽ ڊگهي) بابت بہ چيو وڃي ٿو تہ حضرت آدم جي پٽ 50شيث جي اولاد مان هڪ بزرگ دفن آهي، پير نگر ۾ “همسالان” جي هڪ مزار آهي بخت نصر جي حملي وقت پنھنجي پٽ سميت قيد ٿي ويو هو ۽ بابل (عراق) ۾ قيد جا 70 سال گذارڻ بعد سنڌ هليو آيو هو ان جو جد امجد حضرت هارون آهي، ڳوٺ ٽانڊا ۾ هڪ اسرائيلي سردار نقيب خوشي جي قبر آهي؛ تومي دريا جي ڪناري سلطان فينوس ۽ فنانوس جون قبرون آهن هي ٻئي حضرت ابراهيم عليہ السلام جي پٽ افراسيم جي اولاد مان ڄاڻايا وڃن ٿا. سلطان سنيادوش بابت مشھور آهي تہ حضرت دائود عہ جو پٽ آهي. ڳوٺ رنگڙا ۾ بہ هڪ 9 گزي قبر موجود آهي. حضرت موسيٰ جي باري ۾ هندوستان جي جين قوم جي روايتن ۾ هي ملي ٿو تہ حضرت موسيٰ هند ۽ سنڌ ۾ آيو هو پر اُن بابت ڪا پڪي ثابتي يا روايت نہ ملي سگهي آهي.
حضرت عيسيٰ جي 51 سنڌ ۽ هند ۾ اچڻ بابت ڪشمير ۽ لداخ تبت ۾ ڪيتريون ئي روايتون موجود ۽ مشھور آهن. روسي ۽ انگريزي محققن بہ ان جو ذڪر ڄاڻايو آهي، هندي زبان جي مشھور رسالي ڪادمبني مارچ 1973ع ۾ ڇپيل اَچاريہ رجنيش« جي هڪ مضمون “ عيسيٰ جي نامعلوم زندگي“ جي ترجمو ڪيل ڪجهہ ٽڪرن موجب تہ “هندوستان وٽ يقين ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ثبوت آهن تہ عيسيٰ ڪشمير ۾ هڪ ٻڌ مٺ ۾ رهيل هو، ڪشمير ۾ ڪھاڻيون مشھور آهن تہ عيسيٰ اُتي موجود هو مراقبي ۾ غرق هو پوءِ هو يروشلم ۾ ظاهر ٿيو اُن وقت هو ٽيھہ سالن جو هو”. هڪ فرانسيسي مصنف پنھنجي ڪتاب The Serpent of Paradise “جنت جو نانگ” ۾ چوي ٿو تہ “ ڪير بہ نٿو ڄاڻي تہ 30 سال ٿيڻ تائين هن (عيسيٰ) ڇا ڪيو ۽ ڪٿي رهيو....؟ هڪ روايت موجب هو ڪاشير ۾ رهيو هو”. روسي سياح نڪولاس فيروچ جيڪو تقريبن 1887ع ۾ هندوستان آيو هو ۽ لداخ ويو اُتي بيمار ٿي پيو ۽ مشھور غار هميس ۾ رهيو، غار ۾ رهڻ دوران هو ڪيتريون ئي “ ٻُڌ گرنٿون” پڙهي ويو هن انھن ٻڌ گرنٿن ۾ حضرت عيسيٰ جي تعليم ۽ ان جي لداخ جي سفر وغيرہ بابت ڪافي بيان موجود هئا، بعد ۾ هن ڪتاب لکي حضرت عيسيٰ جي لداخ ۽ اوڀر جي ٻين ملڪن جي سفر متعلق بيانن جو ذڪر ڪيو آهي. لکي ٿو تہ لداخ ۾ عيسيٰ وڏن پھاڙن جي درن مان گذري برفاني رستن ۽ ڳوٺن کي پار ڪندي ڪشمير جي پھلگام پھچي ويو، هو پھلگام ۾ پنھنجون رڍون ۽ ٻڪريون سنڀاليندو رهيو، هتي عيسيٰ کي اسرائيل جي غائب ٿيل ڪجهہ قومن جا نشان مليا، بيان موجب عيسيٰ جي رهائش کانپوءِ هن ڳوٺ تي پھلگام نالو پيو، “ پھل” جو ڪشمير زبان ۾ مطلب آهي چاراهو (مال چاريندڙ ڌنار) “ گام” جو مطلب آهي ڳوٺ،. بعد ۾ سرينگر ويندي عيسيٰ آرام جي لاءِ “ اِسمڪم” ماڳ تي پنھنجا واعظہ ڪيا هن ڳوٺ “ اسمڪم” جي معنيٰ آهي “ عيسيٰ جي آرام ڪرڻ واري جڳھہ”. ساڳي هندي رسالي ڪاد مبني جي ڊسمبر 1978ع جي شماري ۾ شانتي ڪج هريدوار جو هڪ مضمون ”تبتي لاما جي قربت ۾ عيسيٰ“ جي عنوان سان ڇپيل آهي. ان جا ڪجهہ ترجمو ٿيل ٽڪرا نقل ڪجن ٿا.” هي 30 سال عيسيٰ ڪٿي ۽ ڪيئن گذاريا اهو ڄاڻڻ لاءِ عالمن گهڻي تحقيق ڪئي آهي، انھن محققن ۾ سڀ کان اڳيان روسي عالم نورو وچ آهي جنھن لاڳيتو چاليھہ سالن تائين مختلف ملڪن جو سفر ڪري ريسرچ تحقيق ڪئي. 1898ع ۾ تحقيق جي نتيجن کي سامھون رکي ڪتاب Unknown Life of Jesus عيسيٰ جي نامعلوم زندگي شايع ڪرايو، نڪولس نورو وچ پنھنجي تحقيقاتي سفر دوران تبت بہ ويو ۽ اُتي نورو وچ ٻڌوهار ۾ گذاريل عرصي جو بيان هن طرح لکي ٿو تہ “ مان جڏهن هڪ گُفا ۾ ويس تڏهن اُتي هڪ لاما مون کي هڪ اهڙي پيغمبر جي باري ۾ ٻڌايو جنھن کي هو ٻُڌ جو ئي هڪ روپ مڃيندو هو، لاما ان پيغمبر جو نالو عيسيٰ ٻڌايو ۽ چيو تہ اسان عيسيٰ جو نالو وڏي عزت سان وٺندا آهيون ان بابت اسان وٽ گهڻي ڄاڻ نہ آهي پر وڏي لاما وٽ هڪ قديمي گرنٿ آهي ڪھڙي طرح نورو وچ اِها پراڻي گرنٿ ڏسڻ ۽ ان جون تصويرون ڪڍڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، اُن گرنٿ ۾ 14 باب 244 اشلوڪ آهن گرنٿ ۾ عيسيٰ بابت ملي ٿو تہ عيسيٰ گيان حاصل ڪرڻ لاءِ هندوستان آيو هو انھن ڏينھن ۾ يروشلم جي سوداگرن (واپارين) جا قافلا واپار لاءِ هتي ايندا هئا، 52 عيسيٰ بہ واپارين جي هڪ قافلي سان گڏ سنڌ کان ٿيندو هندوستان آيو هو، عيسيٰ سڀني انسانن سان محبت ڪندو هو ۽ ان سان بہ ويش، شودر سڀئي پيار ڪندا هئا، انھن ڏينھن ۾ عيسيٰ جڳن ناٿ پوري مندر ۾ رهيل هو، جڏهن مندر جي پوڄارين کي خبر پئي تہ عيسيٰ شودرن (گهٽ ذات وارن) سان بہ ملي ٿو تہ هو هن کان ڪاوڙيل رهڻ لڳا، عيسيٰ کي جڏهن پڄارين جي ڪاوڙ جو پتو پيو تڏهن جڳن ناٿ مندر ڇڏي راج ڳڙھہ هليوويو، 6 سال اُتي رهي بعد ۾ نيپال کان ٿيندو تبت پھتو جتي هو سؤ سال تائين سفر ڪندو ايران جي رستي پنھنجي وطن موٽي ويو، تبت جي سفر دوران ڪجهہ سال هموس ٻُڌ وهار ۾ لاما سان گڏ بہ گذاريا هئا. نڪولس نورو وچ تبت جي سفر دوران تبت جي هموس ٻڌ وهار ۾ وڻن جي وڏن پنن تي لکيل هڪ قديم گرنٿ ڏٺو.
انجيل مقدس ۾ بہ اهڙو بيان ملي ٿو تہ بيت الحم ۾ جڏهن عيسيٰ جو جنم (ڄم) ٿيو تڏهن اوڀر جي ڪاگيان پرش (روحاني) شخصيت ان جو درشن (ديدار) ڪرڻ لاءِ بيت لحم ۾ آئي، آرٿرمل ان روحاني شخصيت کي ٻُڌ سنياسي ڄاڻايو آهي. ڪرائسٽ اِن ڪشمير ۾ عزيز قريشيءَ لکيو آهي تہ انھن ڏينھن ۾ يھودين جو هڪ وڏو تعداد هندوستان اچي آباد ٿيو هو جن جا نشان اڄ بہ موجود آهن ڪشمير جا گوجر ماڻھون پاڻ کي استرائن قبيلي جو ٻڌائيندا آهن، اڄ بہ انھن جا نالا يھودين وانگر آهن ۽ هو عبراني سان ملندڙ جلندڙ ٻولي ڳالھائن ٿا. واضع رهي تہ عبراني زبان يھودي بہ ڳالھائيندا آهن. انھن جي گهرن جا نالا بہ يھودين جيان آهن 53 عيسيٰ خود بہ يھودي خاندان ۾ پئدا ٿيو هو ۽ انھن ڏينھن ۾ هندوستان ايندڙ يھودي تاجرن سان گڏ هتي اچي ويو. Long Missing Links and Discoveries about Arains ۾ “ درائي سوامي آئنگر لکي ٿو تہ عيسى مسيح ۽ خدا کانسواءِ ڳالھہ اڌوري رهجي ويندي” آئنگر پنھنجي هن ڪتاب ۾ جيمس جي لکيل ڪتاب مان ثبوت طور ڪيتريون ئي تصويرون ڏنيون آهن ڪيتريون تصويرون اهڙيون آهن جن ۾ هندوستاني ۽ سنڌو تھذيب جي ڇاپ آهي.
ڀوشيا پُراڻ جي پرسنگ 3 اڌياءِ 22 جي 21 کان 26 اشلوڪ تائين هماليہ تي عيسيٰ جي شڪاديش سان ملاقات جو بيان هن طرح ملي ٿو تہ “ هڪ ڀيري شڪاديش هماليہ کان اڳيان هوڙديش ويو جتي ان هڪ سفيد پوش اَڇي ۽ ڀوري رنگ جي سنت کي جبلن ۾ گهمندي ڏٺو شڪاديش ان سان تعارف ڪيو تہ سنت چيو تہ عيسيٰ منھنجو نالو آهي مون ڪنواري ماءُ جي پيٽان جنم ورتو ۽ مان غير ملڪ کان آيو آهيان. مون کي مسيح سڏيو وڃي ٿو، ان کانسواءِ رميش چندروت جي ڪتاب “ تھذيبن جي تاريخ” جي حوالن سان بہ حضرت عيسيٰ جو هند ۽ سنڌ ۾ اچڻ ثابت ڪن ٿا. حضرت محمد صہ جن جو سنڌ سان گهرو لاڳاپو رهيو آهي، 54هڪ صحابي حضرت تميم داري جيڪو 9 هجري ۾ مسلمان ٿيو هو ڏاکڻي هند (سنڌ) ۾ تبليغ لاءِ آيو ۽هتي وفات ڪري ويو؛ 55 طبقات ابن سعد، سيرت ابن هشام ۽ تاريخ طبري وغيرہ ۾ آهي تہ 10 هجري ۾ خالد بن وليد نجران کان بنو حارث جو هڪ وفد وٺي رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ والـﮣ وسلم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو تہ وفد جي ماڻھن کي ڏسي پاڻ سڳورن صہ فرمايو تہ “هي ڪير آهن جيڪي هندوستان (سنڌ) جا ماڻھو آهن” . پاڻ سڳورا سنڌين کي چڱيءَ طرح سڃاڻيندا هئا ڇو تہ غير معروف (اڻسڃاتل) ماڻھن جو حليو ڏسي پاڻ سڳورن سنڌين جو مثال ڏنو. ڪجهہ وڌيڪ روايتن موجب56 هونءَ تہ رسالت واري وقت ۾ سنڌ جا مختلف قبيلا عربستان ۾ موجود هئا انھن ۾ زطه (جت- جاٽ، جٽ) ۽ سيابجہ وڏي تعداد ۾ عرب جي اوڀرندي ڪناري سان آبادين ۾ رهندا هئا ۽ سڄي عرب جا ماڻھون انھن کان چڱي طرح واقف هئا. پاڻ سڳورا صہ ۽ اصحابي بہ انھن کان چڱي طرح واقف هئا ۽ ساڻن ڄاڻ سڃاڻ هئن ترمذي شريف وارو حضرت عبدﷲ ابن مسعود جا لفظ ڄاڻائيندي لکي ٿو تہ 57 ڪجهہ ماڻھو منھنجي ويجهو آيا، هو پنھنجي جسم ۽ وارن مان جاٽن (جتن) سان مشابھت هئن. صحيح بخاري ۾ معراج واري باب ۾ هيءَ روايت آهي تہ 58 رسول ﷲ صہ جن حضرت موسيٰ جي رنگ ۽ جسماني بناوٽ کي جاٽن (جتن) سان تشبيھہ ڏني آهي، حضرت ابن عمر رضہ کان روايت آهي تہ پاڻ سڳورن فرمايو 59 مون حضرت عيسيٰ، حضرت موسيٰ ۽ حضرت ابراهيم کي ڏٺو، عيسيٰ تہ ڳاڙهي رنگ گُهنڊڙي وارن ۽ ويڪري سيني وارو هو، موسيٰ ڪڻڪ رنگو ۽ سڌن وارن وارو هو ڄڻ هو جتن (جاٽن، زطن) جھڙو هو.
عربن جو بہ چوڻ آهي تہ حضرت آدم کي دنيا ۾ “دجنا” (ڏکڻ) نالي جاءِ تي لاٿو ويو جيڪو هندوستان ۾ آهي،60 نور محمدي حضرت صلي ﷲ عليہ وسلم حضرت آدم عليہ اسلام جي پيشانيءَ ۾ امانت هو، ان مان ثابت ٿئي ٿو تہ حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلم جن جو پھريون ظھور سر زمين سنڌ ۾ ٿيو ۽ پيدائش عرب ۾ ٿي. جنت مان 4 درياھہ لاٿا ويا، نيل مصر ۾، فرات عراق ۾، جيحون ترڪستان ۾ ۽ سنڌو درياھہ سنڌ ۾ لاٿا ويا. عربن ۾ روايت مشھور آهي تہ پاڻ سڳورن صلعم ارشاد فرمايو تہ مون کي سنڌ جي طرفان روحاني ۽ رباني خوشبو ايندي آهي ۽ حضرت علي ڪرم ﷲ وجھہ بہ فرمايو تہ سڀ کان پاڪيزہ ۽ خوشبودار جڳھہ سنڌ آهي. جنت مان لاٿل سيحون (سنڌو) درياھہ ۾ ستن درياهن جو پاڻي ٽن طرفن کان پوندو هو، گنگا، يمونا (جمنا)، سرسوتي، ستادرو (ستلج) پروشني (راوي) اسڪني (چناب)، وتستا (جھلم) اوار گيڪيا (بياس)، سوشوما (سنڌو) شامل آهن، سنڌوندي آڳاٽي وقت ۾ تريشتاما، سوسرتو، رساسان، سويتي، ڪڀا (ڪابل)، گومي (گومل)، ڪرو (ڪرم) ندين سان گڏ وهندي هئي. سنڌي دنيا جي قديم قوم آهي ۽ سنڌ ڌرتي انسانن ۽ ٻين جاندارن جي پيدائش ۽ پرورش جو هنڌ ۽ دنيا جي پھرين عظيم تھذيب آهي بابت قرآن پاڪ ۽ ٻين مذهبي ڪتابن ۾ ذڪر موجود آهي. قرآن شريف موجب دنيا جي سڀني قومن کي ٻن قسمن جي نسلن ۾ ورهايو ويو آهي.
سامي نسل Semtic Races ۽ غير سامي قومون Non Semtic Races. غير سامي قومن ۾ آريا نسل اچي ٿو ۽ سيمٽڪ قومن ۾ يھودي، عيسائي ۽ عرب جو بني اسماعيل دنيا کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ ۽ ان مان هڪ نسل جو تعلق حضرت نوح سان هئڻ جي قرآن شريف بہ تصديق ڪري ٿو “ هي اُهي ماڻھو آهن جن تي ﷲ انعام فرمايو آهي، ٻين نبين جو نسل آدم عہ مان هو ۽ ڪجهہ اُن جي نسل مان هئا جن کي اسان ٻيڙي ۾ نوح سان گڏ سوار ڪيو هو ۽ ڪجهہ ابراهيم و يعقوب عليہ السلام جي نسل مان آهن ۽ هي سڀ انھن ماڻھن مان هئا جن کي اسان هدايت ڏني ۽ اسان ان کي مقبول بڻايو.
شري گنگا پرشاد اپاڌيائي “ مصابيع الاسلام” ۾ لکي ٿو تہ “ قرآن پاڪ ۾ اهڙين گهڻين قومن جو ذڪر ملي ٿو جن کي مفسر اڄ تائين طئي نہ ڪري سگهيا آهن تہ جيئن ” اصحاب الرس“ ۽ ” قوم تبع“، خاص ڪري “صابئين” جو ذڪر مختلف جاين تي ڪلام پاڪ ۾ مومنن يھودين ۽ نصاريٰ سان گڏ ان حيثيت سان ڪيو ويو آهي ڄڻ تہ هي تمام وڏي قوم يا دنيا جي منفرد گروهن مان هڪ هجي”. سورة البقرہ آيت نمبر 62 موجب ترجمو 61 “ بيشڪ جيڪي ماڻھو مومن آهن ۽ جيڪي يھودي آهن ۽ نصاريٰ آهن ۽ صائبين آهن انھن مان جيڪي ﷲ تي ۽ يوم آخر تي ايمان آڻين ۽ نيڪ عمل ڪن انھن جي لاءِ انھن جي رب وٽ اَجر آهي نہ انھن تي ڪو خوف ايندو ۽ نہ اُهي غمگين ٿيندا”. البقرہ هن آيت ۾ صائبين جو ذڪر مومنين، يھودين ءِ عيسائين سان ڪيو ويو آهي اهو ئي نہ پر قرآن پاڪ ۾ جنھن، جنھن جاءِ تي صائبين جو ذڪر آهي اهو وڏين، وڏين قومن سان آهي، 62 ايڏي وڏي اهميت رکندڙ قوم جنھن جو خاص ذڪر قرآن شريف دنيا جي وڏين قومن سان گڏ ڪيو آهي پر اسان اڄ تائين ان قوم کي ڳولھي نہ سگهيا آهيون مسلمانن، عيسائين ۽ يھودين کانسواءِ دنيا ۾ ڪيتريون ئي وڏيون مذهبي قومون آباد آهن انھن ۾ صائبين (سنڌين) کي هئڻ گهرجي.
قرآن شريف ۾ شريعت آڻيندڙ پيغمبرن ۾ خاص اهميت رکندڙ جن پيغمبرن جو ذڪر خاص اهميت سان هر، هر (بار، بار) آيو آهي تہ 63 “اُهي حضرت نوح، حضرت ابراهيم، حضرت موسيٰ، حضرت عيسيٰ ۽ حضرت محمد مصطفي صہ آهن. قرآن شريف جي سورة احزاب جي آيت موجب تہ 64 “جڏهن اسان نبين کان عھد ورتو ۽ حضرت محمد مصطفيٰ صہ کان ۽ نوح ۽ ابراهيم ۽ موسيٰ ۽ عيسيٰ بن مريم کان ۽ اسان انھن کان پختو عھد ورتو. سورت “شوريٰ” جي آيت 13 ۾ ﷲ سائين فرمائي ٿو تہ ترجمو 65 “ﷲ اوهان ماڻھن لاءِ اهو ئي دين مقرر ڪيو جنھن جو ان نوح عليہ السلام کي حڪم ڏنو هو ۽ جنھن کي اسان پاڻ سڳورن صہ وٽ وحي ذريعي ڪيو آهي ۽ جنھن جو اسان ابراهيم، موسيٰ ۽ عيسيٰ کي بہ حڪم ڏنو هو. قرآن شريف ۾66 وڏين، وڏين قومن جو ذڪر گڏ آيو آهي اُهي مسلمان، عيسائي، يھودي ۽ صائبين آهن ۽ شريعت آڻيندڙ جن بہ رسولن جو ذڪر مختلف هنڌن تي گڏ آيو آهي اُهي حضرت محمد مصطفيٰ صه. حضرت موسيٰ، حضرت عيسيٰ ۽ حضرت نوح آهن، انھن مان مسلمان حضرت محمد صہ کي پنھنجو آخري پيغمبر تسليم ڪن ٿا، عيسائي حضرت عيسيٰ سان ۽ يھودي حضرت موسيٰ سان لاڳاپيل قوم آهن پر صائبين؟ صائبين بابت اسان نہ ٿا ڄاڻون.....!
حضرت محمد مصطفيٰ صہ جا امتي مومنين آهن حضرت عيسيءِ جا مڃيندڙ عيسائي، حضرت موسيٰ جي قوم يھودي ۽ حضرت نوح جي قوم.....؟ ڪنھن کي بہ خبر نہ آهي ڇا ڪٿي حضرت نوح جي قوم کي تہ صائبين نہ چيو ويو آهي. صائبين بابت مختلف عالمن جا قول ۽ تشريحون موجود آهن، عبدالرحمٰن بن زيد تفسير اِبن ڪثير ۾ لکي ٿو 67 “صائبين پاڻ کي حضرت نوح عليہ السلام جي دين تي ٻڌائيندا هئا”. صائبين بابت حضرت عمر رضي امام ابو حنيفي، امام اسحاق، ابوالزناد، قرطبي، علامہ اِبن تيميه، امام غزالي، امام راغب محالم ابن حرير، ابن ڪثير، امام سھيلي، علامہ شوڪافي قاضي بيضاوي، عبدالماجد دريا بادي ۽ سيد سليمان ندوي جا مختلف قول ۽ روايتون موجود آهن، جن مان ڪجهہ هيٺ نقل ڪجن ٿيون.
صائيبن عراق جي اُن علائقي جا رهندڙ هئا جتي حضرت ابراهيم عہ پيدا ٿيو (حضرت ابراهيم جي پيدائش جي جاءِ “ اُر” ۽ (سنڌو تھذيب جي هڙاپا ۽ موهن جو دڙو جا کنڊر کوٽڻ سان اِها ڳالھہ ثابت ٿي چڪي آهي تہ ٻنھي تھذيبن جي وچـ۾ گهاٽا ۽ ويجھڙا رابطا ۽ تعلق هئا). 68 صائبين اهل ڪتاب هئا (قران شريف ۾ صائبين جو ذڪر آسماني ڪتاب رکندڙ قومن سان آيو آهي صائبين وٽ حضرت نوح عہ ڪھڙا صحيفا آندا/ ۽ ڪٿي آهن؟، لااِلـٖـﮣ الا ﷲ چوندا هئا پر مشرڪ هئا، يمن طرف مُنھن ڪري نماز پڙهندا هئا. هي ڳالھہ ثابت ٿي چڪي آهي تہ سنڌو مذهب جا ماڻھو گهڻي تعداد ۾ يمن ۾ آباد آهن، اُتي شيام ۽ هند قلعہ بہ موجود آهن. صائبين عجمي (غير عرب) نالو آهي عربي نہ آهي. صائبين فرشتن جا پوڄاري هئا، علم نجوم ۽ ستارن جا معتقد هئا، تارن ۽ باھہ جي پوڄا ڪندڙ هئا (باھہ جي پوڄا“ هَوَنَ”، شادي، اَرٿي وغيرہ هندو ۽ سنڌو قوم ۾ رائج آهي). مذهبي طور تي ڪيترائي ڀيرا غسل ڪندڙ، هڪ دين کان نڪري ٻئي دين ۾ داخل ٿيندڙ (اهائي قوم دين اسلام قبول ڪندي) ۽ اِها ڳالھہ ثابت ٿي چڪي آهي تہ سنڌي قوم دين اسلام قبول ڪيو ۽ ڪري رهيا آهن.
مفسرن ۽ عالمن جا صائبين جي باري ۾ ڏنل سڀ رايا ۽ روايتون سنڌي ۽ هندو قوم تي ٺھڪن ٿا. رسالا الفرقان ۾ هڪ مضمون ۾ مولانا عبيدﷲ سنڌي فرمائي ٿو تہ 69 ايران ان زماني ۾ آرين يعنيٰ “صابي” قومن جو مرڪز بڻجي چڪو هو ان کان پھريان هندوستان کي هي مرڪزيت حاصل هئي. رسالا الفرقان شاھہ ولي ﷲ نمبر ۾ شاھہ ولي ﷲ لکي ٿو تہ ’70 مسيح اهڙو بزرگ هو جنھن ان تعليم کي غير اسرائيلي ماڻھن ٻين لفظن ۾ صائبين ۽ آريا قومن ۾ بہ پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي. مولانا سيد سليمان ندوي جي شاھدي بہ ملي ٿي تہ 71 ”مغضوب“ ۽ ”ضال“ جنھن طرح اهل ڪتاب ۾ آهن پنھنجي پنھنجي ذات جي ڪيفيت جي ڪري صورتون (شڪليون) هڪجھڙائي اهل ڪتاب ۾ بہ آهن جن جون ٻہ جماعتون اسان کي قرآن شريف ٻڌايون آهن ۽ اُهي مجوس ۽ صائبين آهن جن ۾ *قديم ايران ۽ قديم هند (سنڌ) جا ماڻھو بہ شامل آهن، هنن جو ٿورو تعداد عراق ۽ شام ۾ بہ موجود آهي جيڪي پنھنجو پاڻ کي “صبي” چون ٿا ۽ هي حضرت يحيٰ کانپوءِ ڪنھن بہ نبي کي نہ مڃيندا آهن.
بائبل ۾ آهي تہ 72 اعليٰ مرتبي وارا صائبين تو وٽ ايندا ۽ اُهي تنھنجا ٿي ويندا، اُهي توکان پوءِ ايندا زنجيرن ۾ ٻڌل ۽ تنھنجي سامھون جهڪي پوندا، اُهي نھايت ئي عاجزيءَ سان چوندا بيشڪ خدا کانسواءِ ٻيو ڪو بہ خدا ڪونھي. مصنف ڌرم پال بي اي ٽماهي رسالي اوقاف ۾ لکي ٿو تہ ’73 هندوستان (سنڌ) جي هڪ جماعت قديم زماني کان عرب ۾ ملي ٿي جنھن کي عرب ” ميد” چوندا هئا. قاضي اطھر مبارڪپوري پنھنجي ڪتاب ‘نار جیل سے نخیل تک’ ۾ اصطخريءَ جي حوالي کي نقل ڪندي لکي ٿو تہ 74 سنڌ جي سڀني شھرن ۾ ڪافرن جو مذهب آهي ۽ ان سان گڏ هڪ قوم آهي جنھن کي“ميد” چيو وڃي ٿو، جاٽن (جتن) ۽ ميدن کان پوءِ هندستان (سنڌ) جي هڪ ٻي قوم (قبيلا) عرب ۾ قديم زماني کان موجود ملن ٿا اُهي (سيابجہ يا سبابجہ) آهن.
بلاذري فتوح البلدان ۾ ۽ ابن خلدون بہ پنھنجي تاريخن ۾ هر هر (باربار) “سيابجہ” استعمال ڪيو آهي، عربستان ۾ سنڌ جي هڪ ٻئي جماعت بہ قديم دور ۾ آباد هئي جنھن کي عرب حمرا، حمر، احامرہ، احامر وغيرہ جي لقبن سان ياد ڪندا آهن.
مٿيان تاريخي ۽ مذهبي حوالا ڏيڻ جو مقصد اهو آهي تہ “ زندگيءَ” جي ارتقا جو عمل سنڌ کان شروع ٿي دنيا تائين پکڙجي ويو، انسان ۽ جانور (سڀئي ساهوارا جن ۾ ڪيڙا، ماڪوڙا، چوپايا، جيت، جراثيم، وڻ، پٿر ۽ معدنيات، لوھہ، پتل، ٽرامو، جست وغيرہ) سڀئي هڪ ٻئي سان لاڳاپيل آهن ۽ هڪٻئي جي ضرورت ۽ جياپي جو وسيلو آهن، انھن مان ڪنھن بہ هڪ شيءِ کي ڪڍڻ سان زندگي اڌوري ۽ اڻ مڪمل رهجي وڃي ٿي. انسان ڪڏهن جنم ورتو ان بابت ڪا بہ حتمي راءِ قائم نہ ٿي سگهي آهي، قران شريف، انجيل ڀٽارو، توريت، ويد، شاستر، صحائف اولا بہ صرف آدم جي پيدائش جو ذڪر ڪن ٿا پر اهو نہ ٿا ٻڌائن تہ ڪڏهن پيدا ٿيو، انسان جي پيدائش کي گهڻو وقت گذريو آهي، مذهبي ڪتابن ۾ انسان جي پيدائش بابت ۽ سائنس جي ڏنل ٿيورين ۾ تمام گهڻو فرق آهي، مذهبي لحاظ کان انسان کي تقريبن 15 هزار سال کان بہ گهٽ عرصي جو ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن تہ سائنس لکين، ڪروڙين سالن جو عرصو ڄاڻايو آهي، دنيا جي مختلف خطن مان هٿ آيل انساني ڍانچن ۽ کوپڙين جي تجزئي ۽ مشاھدي بعد سائنس ان جي عمر لکين سال ڄاڻائي ٿي....! اهو تضاد اڄ بہ جاري آهي، سائنس مذهب کان انڪار آهي ۽ مذهب سائنس جي انساني ارتقا جي نظرئي کي مڃڻ کان انڪاري آهي. صدين کان اهو جهيڙو جاري آهي، پر هڪ ڳالھہ مڃبي تہ قرآن پاڪ ۽ ٻين الھامي ڪتابن ۾ مڪمل سائنس آهي ان کي سائنسدان بہ مڃن ٿا ۽ سائنسدانن قرآن پاڪ ۾ موجود ارتقاءَ ۽ زندگيءَ سان لاڳاپيل شين تي کوجنا ڪري جديد زندگيءَ جون شيون ايجاد ڪيون آهن، معدنيات کان فلڪيات ۽ ڪائنات، بري کان بحري رازن تائين پھتا آهن. ڪائنات جي تخليق جي عمل تائين جا مشاھدا ۽ تجربا ڪيا آهن. دنيا ۾ سائنسدانن جا ٻہ گروھہ آهن ۽ ٻنھي جا نظريا الڳ، الڳ ۽ هڪٻئي سان متضاد آهن. اهڙي طرح انسان جي پيدائش بابت سائنس جي دعوائن ۾ بہ وڏو تضاد آهي، سائنسدان مختلف، ڍانچن ۽ کوپڙين ۽ فوسلز پنڊپھڻ بابت دعوائون ڪن ٿا تہ هي انسان 25 هزار يا لکين سال پراڻو آهي وغيرہ ڇا سائنسدان ان ۾ ڪا هيرا ڦيري نہ ڪري رهيا آهن، ضروري ناهي تہ انساني جسم سان مشاهبت رکندڙ هڏائن پڃرن ۽ کوپڙين کي انسان سڏيو وڃي اُهي ڍانچا ۽ هڏا انسان سان ملندڙ جلندڙ ڪنھن جانور، يعني بن مانس، باندر يا وري ڪنھن اهڙي جانور جا آهن جيڪي انسان سان مشاهبت رکندڙ هجن.؟ مثال باندر يا بن مانس بلڪل انسانن جھڙا آهن ۽ رڇ بہ انسان سان مشاهبت رکي ٿو، جڏهن تہ ٻن ڄنگهن تي هلندڙ ڪيترائي جانور هن وقت بہ ڌرتيءَ تي موجود آهن. انھن جانورن جي مرڻ کانپوءِ سندن هڏائون پڃرو ۽ کوپڙي وغيرہ انساني ڍانچي سان هڪجھڙائي رکڻ سبب سائنسدان اُن کي انسان چوندا هجن. منھنجي تجربي ۽ مشاھدي موجب تہ سڀني جاندارن جي تخليق جو مرڪز صرف هڪ حياتيءَ جو ڪيڙو (جراثيم) Life Cell ئي آهي يعني صرف هڪ طاقت Force آهي ۽ باقي اُن جا ننڍڙا، ننڍڙا حصا آهن.
بلڪل ايٽم وانگر – Atom بہ لکين ذرڙن جو مجموعو آهي اهي ننڍڙا ذرڙا ايٽم کان الڳ ٿيڻ کانپوءِ مختلف شڪلين ۽ قوتن ۾ ورهائجي وڃن ٿا، ڪائنات ۾ هن ڌرتي ۽ جاندارن جو هڪ ٻئي سان ڳانڍاپو ضرور آهي. اهڙي طرح هڪ لائيف سيل اندر هڪٻئي سان لکين جاندار سمويل هوندا آهن جيڪي مرڪزي جراثيم حيات کان جدا ٿيندا پنھنجو ارتقائي سفر جاري رکندا آهن ۽ انھن الڳ ٿيندڙ Cells جي بناوٽ، شڪل، قد، بت، وغيرہ ۾ فرق هوندو آهي پر مرڪزي جيو گهرڙو يا Cell ساڳئي شڪل ۾ برقرار هوندو آهي. مرڪزي جراثيم کان الڳ ٿيل ڪيترائي جيوگهرڙا هڪ ٻئي سان ميلاپ کانپوءِ زندگي حاصل ڪندا آهن. مثال طور، انسان، جانور، پکي، جيت، ڪيڙا، وغيرہ نر ۽ مادي جي ميلاپ سان جنم وٺن ٿا پر ڪجهہ جيت، ڪيڙا، وڻ وغيرہ هڪ ٻئي جي جسمن سان گڏجي جنم وٺن ٿا. تجربي طور اوهان ڏسو ڪنھن جاندار جي گوشت، ڇيڻي وغيرہ کي کليل يا بند جڳھہ تي رکو، ڪجهہ ٽائيم کانپوءِ اُن ۾ اوهان کي مختلف نمونن جا جراثيم، بيڪٽريا ۽ ڪيڙا وغيرہ نظر ايندا ڇو تہ ان جاندار جي جسم ۾ پھرين کان موجود مرڪزي جراثيم حيات جا ڪمزور سيل اڳواٽ ئي موجود هئا هوا، پاڻي ۽ زمين تي موجود ڪنھن ٻئي Life Cell جا ڪمزور سيل (جيوڙہ) ميلاپ ڪن ٿا جنھن جي نتيجي ۾ هڪ ٺوس وجود ڪنھن نہ ڪنھن شڪل ۾ جنم وٺي ٿو يا اوهان ڪنھن مَٽَ، دِلي يا ٺڪر جي ٿانو ۾ ڳئون يا مينھن جو ڇيڻو وجهو اُن ۾ گڏھہ جو پيشاب وجهو هفتو کن ان کي بند ڪري رکي ڇڏيو ۽ هفتي کانپوءِ اوهان اُن کي کوليو اوهان ڏسندؤ تہ اُن مَٽَ ۾ سوين وڇون پيدا ٿي ويندا، ڇيڻي ۾ موجود گاھہ، اَنُ وغيرہ مان وڇن جا جسم جنم وٺن ٿا.
انساني جسم ۾ ڪروڙين اربين زنده جاندار موجود آهن، اسان جي جسم ۾ جيڪو رتُ گردش ڪري رهيو آهي اهو بہ لاتعداد ڳاڙهن ۽ اڇن جزن Red and with blood corpuscles تي مشتمل آهي جيڪا غذا اسان سبزين يا گوشت جي شڪل ۾ کائيندا آهيون ان ۾ لکين جاندار جراثيم Bacteria موجود هوندا آهن. انھن جراثيمن جو وڏو تعداد سبزي يا گوشت پچائڻ کانپوءِ بہ زنده رهندو آهي جيڪو کير، آني، ماکي يا ٻيون غذائون اسان کائيندا آهيون، انھن جي بہ شڪل اها آهي حد تہ اها آهي جو سادو پاڻي پيئڻ جي شڪل ۾ بہ اسان روزانو لکين ڪروڙين جاندارن کي پنھنجي جسم ۾ داخل ڪندا آهيون هي سڀ غذائون انساني جسم جي ڪارخاني ۾ داخل ٿي مختلف تبديلين جي عمل Prosesse مان گذري رت ٺھي ٿو يا ڳوڙهن، پيشاب، ۽ ڪاڪوس ۽ ٻين فضلن جي شڪل ۾ خارج ٿي وڃن ٿيون.
پيءُ جي پٺي ۾ جيڪي زندگيءَ جا ڪيڙا (جراثيم حيات) Life Cell گڏ ٿيندا آهن انھن مان ڪو هڪ اهڙو بہ هوندو آهي جيڪو ماءُ جي پيٽ ۾ داخل ٿي پرورش وٺي هڪ نئين انساني جان جي شڪل اختيار ڪندو آهي، جيڪي جراثيم حيات (جاندار ڪيڙا) اسان جي ڳوڙهن، پيشاب، ڪاڪوس، ۽ ٻين فضلن جي ذريعي جسم مان خارج ٿيندا آهن، اُهي ڪٿي ڀاڻ ۾ شامل ٿي مختلف وڻن، ٻوٽن جي جسم ۾ پھچي ويندا آهن جتان کان اُهي چوپاين (ٻڪرين- رڍن وغيرہ) جي غذا جي شڪل ۾ اُنھن جي پيٽ ۾ پھچن ٿا، انھن ۾ اهڙا حياتيءَ وارا جراثيم (زندگيءَ وارا ڪيڙا Life Cells بہ هوندا آهن جيڪي جانورن جي ٻچن جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندا آهن پوءِ انھن جانورن جي فضلات (پيشاب- فينگڙين- ڇيڻي- گِگَ وغيرہ) جي شڪل ۾ بہ هي جراثيم خارج ٿيندا آهن، ڪٿي ڪيولين، مکين، جيتن، ماڪوڙن وغيرہ جي غذا جي شڪل ۾ انھن جي جسم ۾ داخل ٿيندا آهن، ڪيترائي جانور ڪيترن ئي ٻين جانورن کي کائيندا آهن، مثال درنده (شينھن، بگهڙ، گدڙ، ڪتا، وغيرہ) جڏهن چوپاين کي کائيندا آهن تہ هي جراثيم Life Cell انھن جي جسم ۾ منتقل ٿيندا آهن، ڪجهہ انھن جي ٻچن جي شڪل ۾ خارج ٿيندا آهن ۽ ڪجهہ انھن جي رتوبت (فضلن) سان گڏ خارج ٿي زمين ۾ ملي ٻيھر وڻن ۽ ٻوٽن وغيرہ ۾ پھچن ٿا ۽ انھن جي غذا بڻجن ٿا، ان ذريعي وري ڪنھن ٻئي جڳھہ، ڪنھن ٻئي انسان جي غذا جي شڪل ۾ ان جي جسم ۾ منتقل ٿيندا آهن، اهڙي طرح هي هڪ اَڻ کٽُ (لامتناهي) نہ ختم ٿيندڙ حياتيءَ جو سلسلو آهي جيڪو قيامت تائين جاري رهندو، زندگيءَ جا ڪيڙا (جراثيم حيات) Life Cell مختلف شڪلين، جسمن مان گذرندا ۽ سفر ڪندا رهندا آهن ۽ سفر جي هر اسٽيج تي لکين جراثيم حيات Life Cell (زندگيءَ جي ڪيڙن) مان صرف هڪ ڪنھن انسان، جانور يا وڻ ٻوٽي جي شڪل ۾ پنھنجي منزل تي پھچي ويندو آهي جتي هن جو سفر ختم ٿي ويندو آهي. باقي جراثيم (جيوڙا، ڪيڙا) ان انسان، جانور، وڻ، ٻوٽي جي جسم مان گذرندي ڪنھن ٻئي جسم ڏانھن منتقل ٿيڻ جو پنھنجو عمل جاري رکندا آهن جيستائين انھن جي منزل نہ اچي وڃي ائين سمجهو تہ هڪ انسان جي پٺيءَ مان صرف هڪ جراثيم حيات Life Cell رحم مادر ۾ داخل ٿي ٻار جي شڪل ۾ ٿيو هي جراثيم پنھنجي منزل تي پھچي چڪو پر ان انسان جي جسم مان خارج ٿيندڙ لکين ڪروڙين جراثيمن کي مختلف جڳھين تي مختلف شڪلين ۾ نمودار (ظاهر) ٿيڻو آهي، ان جي فضلاتن (رتوبت) جي ذريعي زمين ۾ ملي هڪ ٻوٽي ۾ ڪيترائي جاندار جراثيم پھچن ٿا هاڻي انھن مان بہ صرف هڪ جي منزل آئي جيڪو ان ٻوٽي جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو باقي سڀ جراثيم جيڪي ان ٻوٽي جي رڳن ۽ پنن ۾ مختلف شڪلين ۾ موجود آهن انھن جي منزل اڃان ناهي آئي اُهي ڪنھن ٻڪر جي غذا ٿيندا آهن هاڻي ٻڪر جي جسم ۾ داخل ٿيندڙ زندھہ جاندارن Life Cell مان بہ صرف هڪ جي منزل آئي جيڪو ڪنھن ٻڪريءَ جي جسم ۾ داخل ٿي ان جي ٻچڙي جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو، باقي جاندار ٻڪر کي کائي ويندڙ ڪنھن ٻئي جاندار جي جسم ۾ داخل ٿيا هتي بہ صرف هڪ جي منزل آئي باقي ڪنھن ٻئي هنڌ منتقل ٿيا، ٻڪريءَ جو کير پيئندڙ انسان جي جسم ۾ داخل ٿيندڙ جراثيمن مان چند جي منزل آئي ۽ ٻيا ڪنھن ٻئي جاءِ تي انسانن جي فضلن جي شڪل ۾ منتقل ٿي ويا. اهڙي طرح اهو سلسلو هلندو رهندو آهي جيئن اسان ڪنھن سفر ڪرڻ لاءِ مختلف سواريون بدلائيندا آهيون رڪشا، ريل، بس، ٽيڪسي وغيرہ ۾ ويھي گذرندي پنھنجي منزل تي پھچندا آهيون ۽ انھن سوارين مان ڪا بہ اسان جي منزل نہ هوندي آهي اهڙي طرح مختلف جاندار مختلف سوارين (جسمن) مان گذرندي پنھنجي آخري منزل تي پھچندا آهن. پوئيان جسم سڀ ان جون سواريون Carriers)) هئا، انھن جراثيمن جاندارن جو مختلف ٻوٽن، جانورن شينھن، بگهڙ، ڪتي، سوئر، ڳئون، ٻڪري وغيرہ ۽ انسانن جي شڪل ۾ نمودار (ظاهر) ٿيڻ يا انھن جي جسمن مان گذرڻ جو عمل تسلسل سان جاري آهي ڪو جراثيم لکين جسمن مان گذري پنھنجي منزل ماڻي ڪنھن نہ ڪنھن شڪل ۾ ظاهر ٿيندو آهي ۽ نہ ڄاڻ تہ ڪيترائي اڄ تائين پنھنجي منزل تي بہ پھچي نہ سگهيا آهن ۽ اهو تسلسل جاري آهي هڪ دفعو جنم وٺندڙ کي ڪنھن ٻئي جاندار جي شڪل ۾ هن دنيا ۾ جنم ناهي وٺڻو ها پر ان انسان جي جسم مان جيڪي جاندار گذريا آهن ۽ انھن جو سفر اڃان ختم نہ ٿيو آهي ۽ هو پنھنجي منزل طرف روان دوان آهن.
انسان ۽ جاندار جي ٺوس جسمن ۾ داخل ٿيندڙ جراثيم حيات Life Cell مان هڪ کان وڌيڪ ٻہ، پنج، ست يا ان کان بہ وڌيڪ جراثيم الڳ الڳ يا هڪ جھڙين شڪلين ۾ بہ جنم وٺندا آهن پر انھن جو تعداد تمام گهٽ هوندو آهي، ان عمل مان ظاهر ٿئي ٿو تہ جراثيم حيات بہ ٻن حصن تي مشمل آهي پھريون جيو گهڙو Cell سفر ڪندو ٻئي جسم ۾ موجود بيٺل Still جراثيم حيات سان گڏجي طاقت حاصل ڪندو آهي. جيئن بجليءَ جي ارٿ ۽ ڪرنٽ گڏجندا آهن تہ طاقت وڌندي آهي بلڪل ائين، مٽي، پٿر، وڻ، جانور، انسان جي جسم ۾ پھرين کان موجود بيجان جراثيم ٻئي بي جان جراثيم Cell سان ملي ايڪٽو ٿي ويندو آهي ۽ ان جي واڌ ويجهہ جو عمل خودڪار طريقي سان شروع ٿي ويندو آهي ۽ اهو بہ پنھنجي چوڌاري لکين، ڪروڙين جراثيم حيات، زندگيءَ جي جيوڙن کي جنم ڏيندو آهي پر اُهي بيجان هوندا آهن ۽ بعد ۾ اهي ان جسم مان نڪري پنھنجو سفر شروع ڪندا آهن، جيڪي ڪڏهن هڪ ئي جسم ۾ ٻن، ٽن يا وڌيڪ تعداد ۾ جوڙا بڻجي ظاهري شڪل اختيار ڪندا آهن.
لفظ جراثيم حيات (زندگيءَ جو ڪيڙو/ جيوڙو Life Cell اسان جو مقرر ڪيل اصطلاح آهي ان جي ڪابہ سائنسي حقيقت نہ آهي هي صرف ذاتي مشاھدي، تجربي، ۽ غور ويچار کانپوءِ اوهان اڳيان پيش ڪيو آهي، واضع رهي تہ سائنس جو ارتقاءَ جو نظريو Theory of Evolution ۽ جينيائي نظريو. Genetic Theory ٻئي اڃان نامڪمل آهن ۽ خود سائنس انھن کي نظريو يا ٿيوري هئڻ تسليم ڪري ٿي. ﷲ جو قائم ڪيل نظام حيات اهڙو آهي جنھنجي گھراين ۽ پيچيدگين تي جيترو غور ڪريو ٿا عقل جي حيراني وڌندي وڃي ٿي ۽ قرآن شريف جي تنبيھن جو آواز ڪنن ۾ گونجي ٿو ڇا پوءِ تون غور نہ ٿو ڪرين، ڇا تون تفڪر نہ ٿو ڪرين ڇا پوءِ تون شعور نہ ٿو رکين؟ ڇا تون بصيرت نہ ٿو رکين؟. حضرت انسان ڪيترو پراڻو آهي، حضرت آدم کي دنيا ۾ آئي ڪيترو وقت ٿيو آهي اسان ان بحث ۾ نہ ٿا وڃون ڇو تہ مذهبن ماڻھو منجهايا آهن، ڪي دانشور تہ اهو بہ چون ٿا تہ هن آدم کان اڳ بہ آدم هو ۽ هي خدا جي جوڙيل آدم جو تسلسل آهي. اسان جو موضوع آهي تہ سنڌ ڌرتي انسان ۽ جاندارن جي ماءُ آهي هتان انسان ۽ جاندارن جنم ورتو ۽ هتي ئي پرورش وٺي پوءِ ڌرتيءَ تي پکڙيا اهو اڄ جي سائنس بہ مڃي ٿي.
ڪروڙين سال پھرين زمين هڪ هئي ۽ پاڻي ان جي چوڌاي هو بعد ۾ زمين ٽڪرن جي صورت ۾ ٽٽڻ وقت جڏهن 7 وڏا کنڊ ٺھيا هئا ان وقت بہ سنڌ جي ڌرتيءَ وارو ٽڪرو پنھنجي موجودہ جاءِ تي هو عرب، آسٽريليا، آفريڪا، آمريڪا ۽ هندوستان جي ٽڪرن پاڻيءَ تي ترندي ۽ سفر ڪندي پنھنجو ارتقائي سفر ڪيو، هندوستان جي ڌرتي جو ٽڪرو ايشيا جي اوڀر ۾ سنڌ سان ڳنڍجي ويو هو، ۽ هاڻي سنڌ ۽ ايشيا کان پري ٿي رهيو آهي. ڪجهہ صدين کان زلزلن ۽ ٻوڏن جي تباهيءَ جو اصل ڪارڻ بہ اهو آهي اڃان شديد زلزلا ايندا ۽ وڏا برفاني گليشيئر بہ ٽٽي رجڻ شروع ڪندا ڇو تہ هندوستان آفريڪا کان ٽٽي جڏهن ايشيا (سنڌ) سان ڳنڍيو هو تہ ان ٽڪر جي شديد طاقت جي نتيجي ۾ هماليہ ڪي ٽو، مائونٽ ايورسٽ ۽ ٻيا وڏا پھاڙ سنڌ جي وڇايل مٽيءَ جي فرش جي دڙن جي شڪل آهن، ۽ هاڻي جڏهن هندستان ايشيا ۾ گهڙڻ کان ٿڪجي اوڀر طرف ترڻ لڳو آهي ان جي نتيجي ۾ ٻيھر ڪروڙين سالن کان جبلن جي شڪل وٺندڙ مٽي وڇائجي رهي آهي، ۽ سڄي دنيا جي ڌرتيءَ جو توازن بگڙجي رهيو آهي سنڌي سمنڊ کان پيسفڪ، بحراوڪيانوس ۽ ٻين سمنڊن جي ويڪر وڌي رهي آهي ۽ ان جي رفتار ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿي رهيو آهي. جنھنجي نتيجي ۾ سنڌ، آمريڪا، آفريڪا ۽ ٻين کنڊن جي ملڪن جي ڌرتي سمنڊ اندر داخل ٿي رهي آهي ۽ اهو سلسلو تيز رفتار ٿي رهيو آهي جنھن جو ثبوت سنڌ جو ٺٽو، بدين ضلعا آهن جن جي ڪيئي ڪلوميٽر ڌرتي سمنڊ ۾ غرق ٿي چڪي آهي. سنڌي عربي سمنڊ جي ويڪر وڌي رهي آهي، آمريڪا ۽ آفريڪا جا بہ ڪيترائي علائقا سمنڊ ۾ داخل ٿي رهيا آهن آمريڪا جي 400 کان بہ وڌيڪ علائقن ۽ سنڌ جي ڪراچي، حيدر آباد، ميرپورخاص ضلعن کي بہ سمنڊ ڳڙڪائڻ لاءِ وڌي رهيو آهي. پاڪستان، افغانستان، ايران، انڊيا، نيپال، جاپان، چين ۽ ٻين ملڪن ۾ ايندڙ هن صديءَ جا زلزلا ڏينھون ڏينھن شديد ٿي رهيا آهن 26 آڪٽوبر 2015ع جي 8.1 جي طاقت ۽ 2005ع ۾ 7.6 جي طاقت جا زلزلا هڪ ئي ڏهاڪي ۾ آيا آهن پر اڃان وڏي طاقت وارا زلزلا ايندا 2050ع تائين برف جا جبل ٽٽڻ شروع ٿيندا ۽ آمريڪا جي ڏاکڻي ڄميل سمنڊ جي برف ڳرڻ شروع ٿيندي جنھن سبب آمريڪي شھر نيوآرلينس، ميامي، ڪيليفورنيا، نيويارڪ، فلوريڊا رياستن جا تقريبن 414 شھر ٻڏي ويندا.
دنيا جي گرمي پد ۾ اضافو ٿيندو، برف ڳرڻ سبب ٻوڏون اينديون، زراعت تباھہ ٿي ويندي، سمنڊن جي ويڪر وڌي ويندي. علم طبقات العرض جي ماهرن جي جديد تحقيق موجب دنيا جا سڀئي کنڊ (خط) بيٺل نہ آهن پر مسلسل حرڪت ڪري رهيا آهن. 20 ڪروڙ سال پھرين زمين جا سڀئي خشڪ خطہ (کنڊ) هڪٻئي سان ڳنڍيل هئا. ان خشڪ زمين جي چوڌاري سمنڊ هو مختلف کنڊ (خطہ) ان عظيم زمين جا مختلف ٽڪرا ڇڄي (الڳ ٿي) ترندا اڄ جي موجودہ شڪل ۾ پھتا آهن ۽ اڃان بہ حرڪت ۾ آهن. ان موضوع تي رونلڊ شيلر ڪتاب Earth Continent Are Adrift لکيو هو ۽ اهو مضمون جولاءِ 1971ع جي ريڊرس ڊائجسٽ جي انگريزي شماري ۾ بہ ڇپيو آهي، لکي ٿو تہ 74 دنيا جي چار ارب 60 ڪروڙ ساله علم طبقات الارض جي تاريخ ۾ سمنڊ هڪ اڪارڊين باجي جيان وڌندا ۽ سسندا رهيا آهن ۽ کنڊ (براعظم) طوفاني سمنڊ ۾ هڪ پراڻي جھاز وانگر لڏندا رهيا آهن يقينن ان معمي (راز) جا ڪجهہ حصہ اڃان غائب آهن ۽ سائنسدان سڀني تفصيلن تي متفق (هڪ را) نہ ٿي سگهيا آهن. پر هڪ عمومي خاڪي تي سائنسدانن جي اڪثريت ان حيثيت سان اتفاق ڪري چڪي آهي تہ هي هاڻي صرف نظريو نہ رهيو آهي پر ان کي سائنٽيفڪ سچائي مڃيو ويو آهي سامونڊي علمن جي ماهر سائنسدان مورس ايونگ جي لفظن ۾ هي تحقيق سائنس ۽ انساني نسل جي لاءِ ايتري اهم آهي جيتري سائنسدان آئن اسٽائن جي حرڪت ۽ قوت جا اصول. زمين جا سڀئي کنڊ پاڻ ۾ مليل هئا، 20 ڪروڙ سال پھريان هي زبردست کنڊ ٽٽڻ شروع ٿيو ايستائين جو اڄ جي موجودہ شڪل يعني 7 کنڊ (خطہ يا براعظم) مختلف جزيرہ (ٻيٽ) وجود ۾ اچي ويا ۽ هي سڀئي کنڊ هڪ زبردست طاقت جي ذريعي جنھن جو مرڪز نامعلوم آهي مختلف طرفن ۾ وهي رهيا آهن ۽ انھن جي رفتار هڪ سينٽي ميٽر کان پندرنھن سينٽي ميٽر ساليانو آهي جيڪا علم طبقات العرض موجب اها هڪ زبردست رفتار آهي ان جا ڪافي مثال آهن مثلن سائنسدانن کي اها خبر پئي تہ بحراوقيانوس جي ويڪر وڌي رهي آهي يورپ ۽ اتر آمريڪا هڪ ٻئي کان اڍائي سينٽي ميٽر ساليانون جي رفتار سان پري ٿي رهيا آهن.
سمنڊ جي تري (تھہ، فرش) جي حرڪت جي رفتار جو حساب لڳائڻ کانپوءِ سائنسدان هي ڄاڻي سگهيا آهن تہ خشڪيءَ جا سڀئي کنڊ (براعظم) پھرين ڪھڙي شڪل ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هئا. سڀ کان پھريان اوڀر اولھہ ۾ هڪ وڏو ڏار پيو جنھن ڪري آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جدا ٿيا. انٽارڪيٽيڪا ۽ آسٽريليا الڳ ٿيا. هندوستان آزاد ٿي اتر طرف وهڻ (ترڻ) شروع ڪيو. 20 ڪروڙ سالن ۾ زمين هاڻوڪي شڪل ۾ آئي سڀ کان حيران ڪندڙ ڪيس هندوستان جو آهي جنھن آفريڪا ۽ انٽارڪيٽيڪا کان ڇڄڻ کانپوءِ اتر طرف 8 هزار ۽ 8 سؤ ڪلوميٽر جو فاصلو 18 ڪروڙ سالن ۾ طئي ڪيو ۽ ايشيا جي پيٽ ۾ (سنڌ جي اڀرندي پاسي) ايتري قوت طاقت سان داخل ٿيو جو ان جي اڳيان واري زمين هماليہ جبل جي شڪل ۾ مٿي (اوچي) اُٿي آئي موجودہ طرفن ۾ زمين جي ٽڪرن جو وهڻ جاري رهيو تہ هماليہ اڃان بہ اوچو (مٿي) ٿيندو ۽ پوءِ هندوستان ايشيا ۾ گهڙڻ کان ٿڪجي اوڀر طرف وهڻ شروع ڪندو.
زمين جا سڀئي کنڊ پاڻ ۾ مليل هئا، 20 ڪروڙ سال پھريان هي زبردست کنڊ ٽٽڻ شروع ٿيو ايستائين جو اڄ جي موجودہ شڪل يعني 7 کنڊ (خطہ يا براعظم) ۽ مختلف جزيرہ (ٻيٽ) وجود ۾ اچي ويا ۽ هي سڀئي کنڊ هڪ زبردست طاقت جي ذريعي جنھن جو مرڪز نامعلوم آهي مختلف طرفن ۾ وهي رهيا آهن ۽ انھن جي رفتار هڪ سينٽي ميٽر کان پندرنھن سينٽي ميٽر ساليانو آهي جيڪا علم طبقات العرض موجب اها هڪ زبردست رفتار آهي ان جا ڪافي مثال آهن مثلن سائنسدانن کي اها خبر پئي تہ بحراوقيانوس جي ويڪر وڌي رهي آهي يورپ ۽ اتر آمريڪا هڪ ٻئي کان اڍائي سينٽي ميٽر ساليانون جي رفتار سان پري ٿي رهيا آهن. سمنڊ جي تري (تھہ، فرش) جي حرڪت جي رفتار جو حساب لڳائڻ کانپوءِ سائنسدان هي ڄاڻي سگهيا آهن تہ خشڪيءَ جا سڀئي کنڊ (براعظم) پھرين ڪھڙي شڪل ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هئا. سڀ کان پھريان اوڀر اولھہ ۾ هڪ وڏو ڏار پيو جنھن ڪري آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جدا ٿيا. انٽارڪيٽيڪا ۽ آسٽريليا الڳ ٿيا. هندوستان آزاد ٿي اتر طرف وهڻ (ترڻ) شروع ڪيو. 20 ڪروڙ سالن ۾ زمين هاڻوڪي شڪل ۾ آئي سڀ کان حيران ڪندڙ ڪيس هندوستان جو آهي جنھن آفريڪا ۽ انٽارڪيٽيڪا کان ڇڄڻ کانپوءِ اتر طرف 8 هزار ۽ 8 سؤ ڪلوميٽر جو فاصلو 18 ڪروڙ سالن ۾ طئي ڪيو ۽ ايشيا جي پيٽ ۾ (سنڌ جي اڀرندي پاسي) ايتري قوت طاقت سان داخل ٿيو جو ان جي اڳيان واري زمين هماليہ جبل جي شڪل ۾ مٿي (اوچي) اُٿي آئي موجودہ طرفن ۾ زمين جي ٽڪرن جو وهڻ جاري رهيو تہ هماليہ اڃان بہ اوچو (مٿي) ٿيندو ۽ پوءِ هندوستان ايشيا ۾ گهڙڻ کان ٿڪجي اوڀر طرف وهڻ شروع ڪندو.
رونلڊ شيلر جي ڪتاب ۾ ڏنل تصويرون بہ ريڊس ڊائجسٽ ۾ نقل ڪيون آهن انھن تصويرن ۾ 4 نقشا بہ ڄاڻايل آهن جن ۾ واضع ڪيو ويو آهي تہ هندوستان پھريان آفريڪا کنڊ سان ڳنڍيل هو، هندوستان جي الڳ ٿيڻ کانپوءِ ڪروڙين سالن جي تبديلين کانپوءِ ان جاءِ موجودہ عرب جي شڪل اختيار ڪئي.
زمين، جاندارن ۽ انسان جي ابتدائي ارتقا بابت اڃان ڪابہ اهڙي تحقيق نہ ٿي سگهي آهي جيڪا ان جي تھہ تائين پھچي، عالم، دانشور ۽ سائنسدان بہ اندازن تي ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي حقيقت جي ڪجهہ ويجهو پھتا آهن پر اڃان بہ ان تي تحقيق جي ضرورت آهي. مٿين، تاريخي، سائنسي ۽ مذهبي حوالن سان سنڌ جي ارتقائي ۽ ارضياتي اهميت ظاهر ٿئي ٿي، هتي اربين سال اڳ لڪي، کيرٿر، ننگرپارڪر ۽ ٻيا جابلو سلسلا ٺھيا، ۽ بعد ۾ هتي (سنڌ) ۾ جاندارن جو جنم ٿيو،هتي ئي پرورش ٿي جنھن جا ڪيترائي سائنسي ثبوت بہ مليا آهن، 75 فرانسيسي، آمريڪن ۽ ٻين ملڪن جي سائنسدانن کي کيرٿر جي جابلو سلسلي، قلات، لڪي، آمري، جهرڪ، جهمپير، ننگرپارڪر جي علائقن مان قديم جانورن (ڊائنوسارس وغيرہ) جا فوسلز مليا آهن. اَڄ بہ گاجي شاھہ، بڊوجبل، ۽ ڪاڇي جي علائقي ۾ اِهي فوسلز وڏي تعداد ۾ موجود آهن، جڏهن تہ ٺٽي ضلعي جي جهمپير، جهرڪ، جاتي تعلقن ۽ ان جي آس پاس بہ اِهي عجائبات زمين اندر دٻيل آهن، ڪجهہ ڏهاڪن کان ماهر انھن علائقن مان فوسلز ڪڍي رهيا آهن. جڏهن تہ ابوريحان البيروني جي ٺاهيل کيوڙا جي ڏکئي جبل جي چوٽيءَ تي دنيا جي وچ قرار ڏنل دائري تي بہ ريسرچ جي ضرورت آهي مذهبي تنگ نظريءَ کان هٽي ان تي جديد سائنسي اوزارن ذريعي ڪم ڪرڻ سان نوان انڪشاف ٿيڻ جي توقع آهي.
ابوريحان البيروني جي تحقيق مان بہ ثابت ٿئي ٿو تہ سنڌ دنيا جو وچ آهي ۽ ارتقا جو مرڪز بہ ڇو تہ نيچرل سائنس، زولاجي، باٽني، بايولاجي، ڪيمسٽري، آرڪيالوجي، جيالوجي وغيرہ جي حساب سان بہ اسان وٽ (سنڌ) ۾ دنيا جي هر شيءِ موجود آهي دنيا جي سڀني قسمن جا جاندار، وڻ، ٻوٽا، فصل، ٻج، هر قسم جي ٺوس ۽ پاڻياٺ تي مشتمل معدنيات ۽ زمين جو هر قسم (نمونو) بہ هتي موجود آهي. زمين جي مٿاڇري ۽ زمين جي اندر هر قسم جي پاڻيءَ جون ڍنڍون، درياھہ ۽ سمنڊ بہ هتي موجود آهن.
دنيا جي هر قسم جا قد رکندڙ انسان بہ هتي موجود آهن. هتي هر قسم جي موسم بہ موجود آهي. تہ ڇا پوءِ اهو چوڻ وڌاءُ هوندو تہ سنڌ ئي دنيا جي ابتدائي ارتقاءَ جو مرڪز آهي؟. ڊارون جي ٿيوري اڃان ٿيوري ئي آهي سائنس بہ ڊارون جي انسان جي پيدائش واري نظرئي کي اڃان تسليم نہ ڪيو آهي، يا جيڪي سائنسدان انسان جي عمر ڪروڙين سال ٿا ٻڌائن تہ ڇا اُهي اهو ٻڌائي سگهيا آهن تہ ان انسان جو جنم جو هنڌ ۽ رهائش ڪٿي هئي ۽ ڪي مذهب ۽ سائنس جا گڏيل پوئلڳ جيڪي چون ٿا تہ حضرت آدم عليہ السلام گهڻو پوءِ آهي ان کان اڳ بہ آدم گذري چڪا آهن،! جيڪڏهن هن آدم کان اڳ آدم هئا تہ پوءِ انھن جو اولاد ڪٿي آهي؟ اُهي هن ڌرتيءَ تان ڪيڏانھن هليا ويا؟ برحال اهڙا بہ ڪيترائي مثال آهن، پر اسان جي تحقيق جو محور سنڌ آهي جيڪا ڪائنات جي تخليق ۾ ماءُ جو ڪردرا ادا ڪري رهي آهي. ان تي وڌيڪ تحقيق جي سخت ضرورت آهي. مان ڪو سائنسدان يا دانشور نہ آهيان پر هڪ عام انسان جيان مختلف مشاھداتي دورن مان گذري دنيا جي مختلف ملڪن جي مختلف علائقن ۽ جزيرن تي وڃي اُتان جي انسانن، جانورن، پکين، جبلن، ميداني ۽ برفاني علائقن، وڻن، ٻوٽن جي ذاتي مشاھدي تحت ۽ سائنسي، مذهبي ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ پنھنجن خيالن کي قلمبند ڪيو اٿم. هي صرف منھنجا خيال نہ آهن پر انھن ۾ مختلف راز پوشيدا آهن جيڪي مٿين سبجيڪٽن سان لاڳاپيل ماهرن جي تحقيق جا منتظر آهن، بنا ڪنھن سائنسي اوزارن، ماپن ۽ سھولتن جي ۽ بنا ڪنھن جي مالي يا اخلاقي مدد جي اڪيلي سر پنھنجي گهر جا ٿانوَ ٽپڙ کپائي، زندگيءَ جي سڄي ڪمائي لڳائي 15 سال کن جي عرصي ۾ لڳاتار سفر ڪري پنھنجي وس آهر ننڍا سائنسي تجربا ڪري، مختلف زرعي ٻجن ۽ وڻن، ٻوٽن جون نرسريون هڻي ٻج کان سلي فٽڻ ۽ ٻوٽي کان وڻ جي ٿڙ ٿيڻ، ٻُور جهلڻ ۽ ٻيھر ٻج جي شڪل وٺڻ تائين جا ذاتي مشاھدا مختلف جانورن ڳئن، مينھن، ٻڪرين، ٻلين، ڪتن وغيرہ جي لڳ کان ڄم تائين جا مشاھدا، نانگن، مختلف مڇين ۽ پکين وغيرہ جي آنن مان ٻچن جي نڪرڻ جا مشاھدا، انھن سڀني جا قد، رنگ، وزن وغيرہ بناوٽ جا مشاھدا ذاتي طور ڪيا آهن. ڊارون تہ ڊرائيوو پيٿي ڪس ۽ آسٽرالوپيٿي ڪس بن مانس کي انسان جو جدا امجد چئي ٿو، جيڪي نسل گهڻو اڳ دنيا تان ميسارجي چڪا آهن. پر منھنجو مشاھدو تہ اهو بہ آهي تہ ڊولفن مڇي جيڪا انسان دوست بہ آهي ۽ هر ڳالھہ کي سمجهي بہ ٿي پر ڳالھائي نہ ٿي سگهي ۽ ان ۾ بہ ساڳيون انسانن واريون خصلتون آهن هوءَ روئي بہ ٿي، اُداس بہ ٿئي ٿي. خوش ٿي کلي بہ ٿي، کيڏي بہ ٿي يعني جذبا ۽ احساس بہ رکي ٿي ۽ کير بہ پياري ٿي.!
اوهان هڪڙو ننڍڙو جانور نوريئڙو بہ ڏٺو هوندو اهو وڻن وغيرہ تي بہ چڙهي وڃي ٿو. پوئين پيرن تي بہ بيھي ٿو، اڳئين ٻنھي ٻانھن کي بہ استعمال ڪري ٿو پنھنجن ننڍن چنبن ۾ شيون پڪڙي کائي بہ ٿو اهڙا ٻيا بہ لاتعداد ننڍا وڏا جانور جن ۾ رڇ بہ بلڪل انسان سان مشاهبت رکي ٿو، ٻن پيرن تي هلي بہ ٿو، انسان جا لفظ سمجهي انھن تي عمل بہ ڪري ٿو ۽ اهو نسل اڄ بہ جيئن جو تيئن موجود بہ آهي تہ پوءِ انسان سان ان جو تعلق ڇو نہ آهي؟ منھنجي خيال ۾ تہ انھن جو تعلق انسان جي (جراثيم حيات) Life Cell سان ضرور آهي، اوائلي ڊگهي قد جي انسانن (جن جا قد ميٽرن ۾ هوندا هئا) جي ڪمزور حياتيءَ جي ڪيڙي Life Cell سان ملڻ جي نتيجي ۾ انھن شڪلين ۾ وجود ۾ آيا آهن نہ ڪي انسان انھن مان پيدا ٿيو آهي. انسان جي زندگيءَ واري جراثيم سان گڏ ان جا فالتو ۽ ڪمزور سيل ڪنھن فالٽ سبب اصل شڪل ۾ جنم وٺڻ بدران ٻين جاندارن جي شڪل ۾ پيدا ٿي اُن ئي جاندار جي جسم ۾ واڌ ويجهہ حاصل ڪري هڪ نئين نسل ۽ نئين شڪل ۾ ظاهر ٿيا هجن. اوائلي ارتقاءَ ۽ انساني تھذيب جا سڀ آثار سنڌ ۾ موجود آهن پر ارتقاءَ بابت نظرياTheories ڏيندڙ سڀني سائنسدانن ۽ محققن جي تحقيق صرف آمريڪا، آفريڪا ۽ يورپ جا جزيرہ (ٻيٽ) ۽ سامونڊي ڪنارا مرڪز رهيا آهن ۽ سائنسدانن جي سوچ ۽ تحقيق جو بنيادي مرڪز سمنڊ رهيا آهن ۽ سائنسدان سڄي دنيا جي ڌرتيءَ کي سمنڊ مان نڪتل ڄاڻائن ٿا جڏهن تہ اصل حقيقت ائين نہ آهي سمنڊن مان ڪجهہ ٻيٽ ۽ جزيرہ نڪتا آهن پر سڄي ڌرتي نہ نڪتي آهي ها البتہ اهو ضرور ٿيو هوندو تہ ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي ٻوڏن ۽ سونامين جي نتيجي ۾ سمنڊ جو پاڻي چاڙھہ ڪري ضرور آيو هوندو ۽ سڄي ڌرتيءَ مٿان ڪجهہ عرصو رهيو هوندو جنھن جي نتيجي ۾ ڪروڙين، لکين سالن کان ڌرتيءَ جي خشڪ حصن تي پنھنجا نشان ڇڏي ويو آهي وڏا، وڏا رڻ پٽ، وارياسا پٽ، ڪوهستان ۽ ٿر ۽ عام ميداني علائقا جيڪي سامونڊي ٻوڏن کانپوءِ خشڪ ٿيا تہ انھن مٿان ڪوڏ سپيون، سائي ڪائي ۽ ٻيا نشان اتي ئي رهجي ويا، سامونڊي چاڙهن (ٻوڏن) جو پاڻي واپس سمونڊ اندر وڃڻ بدران ڌرتيءَ اندر موجود وڏن ڍنڍن ۽ کڏن تلائن چشمن ۾ ذخيرو ٿي ويو ۽ ڪجهہ پاڻي بخارن جي صورت ۾ فضا ۾ اُڏامي ويو ۽ ڪجهہ ڌرتيءَ جي مٿاهن هنڌن (اوچن جبلن تي پھچي برف ۽گليشئرن جي شڪل ۾ ڄمي ويو هوندو. ان ڪري اڄ سائنسدان اهو سمجهي رهياآهن ۽ چئي رهيا آهن تہ ڌرتي سمنڊ مان ظاهر ٿي آهي. موجودہ صديءَ جا سائنسدان پاڻ بہ مڃن ۽ چون ٿا تہ ڌرتي خشڪ هئي ۽ ان جي چوڌاري پاڻي هو ۽ بعد ۾ ڌرتيءَ ۾ ڏار پيا ۽ ست وڏا ٽڪرا ٺھيا ۽ ڪجهہ ننڍا ٽڪرا بہ ٺھيا جيڪي سمنڊ اندر ٻڏي ويا ۽ بعد ۾ ڌرتي جي چوڌاري پکڙيل پاڻي بہ ورهائجي وڏن سمنڊن جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو ۽ بعد ۾ اهي سمنڊ چاڙھہ ۽ لاٿ ڪندا رهيا، بعد ۾ سمنڊن جو پاڻي ڌرتيءَ مٿان بہ ويندو رهيو، انھن سڀني سمنڊن جو مرڪز نامعلوم آهي، بعد ۾ ڪوھہ ڪاف جو ميگنيٽڪ (چڪمڪ) وارو سلسلو ٺھيو ۽ سڀني جو مرڪز اتر يعني 360 ڊگري آهي. اڄ کان 20 ڪروڙ سال پھرين سنڌ ڌرتي 360 ڊگريءَ جي بلڪل پھريان (اڳيان) هئي، 360 ۽ 45 ڊگريءَ جي وچ ۾ سنڌ آهي.
ميگنيٽڪ سسٽم جي وجود کانپوءِ سمنڊ جي چاڙھہ ۾ ٺاپر آئي منھنجي خيال ۾ پھرين جڏهن ڌرتي هڪ هئي تڏهن چوڌاري موجود پاڻي سمنڊن جي شڪل اختيار ڪئي تہ ڌرتيءَ جي چوڌاري پاڻي هئڻ کانپوءِ وڏا ۽ اڻ ماپجندڙ گهرا کڏا يا بليڪ هولز ٺھيا جن ۾ پڻ ميگنيٽڪ قوت موجود آهي جنھن جو رابطو 360 ڊگريءَ تي موجود ميگنيٽڪ سسٽم سان ڳنڍيل آهي. قرآن پاڪ ۾ ڌرتيءَ جي ڏڪڻي (ٿرلنگ) کي روڪڻ لاءِ جن ڪِلن (ڪوڪن) جو ذڪر آهي اُهي شايد اِهي بليڪ هولز آهن جيڪي ڌرتيءَ جي چوڌاري آهن ۽ ڌرتيءَ تي موجود اڻ ڏٺل هڪ وڏي ميگنيٽڪ قوت Force ان ڳنڍيل آهن ۽ ڌرتيءَ کي هِڪَ ڪرو ۽ ساڪن رکڻ ۾ مصروف عمل آهن، جڏهن ان چڪمڪ جي توانائي Energy وڌندي آهي تڏهن اها ٻاهر نڪرڻ لاءِ طاقت سان سفر ڪندي آهي 76 ۽ ڌرتي اندر پنھنجي مقرر مرڪز کان الڳ ٿي ڪنھن هڪ طرف يا مرڪز جي چوڌاري ڌرتيءَ اندر سفر ڪري زمين ۾ ڏار وجهي ٻاهر نڪرندي آهي ۽ زمين اندران ٻاهر نڪرڻ جو رستو نہ ملڻ جي صورت ۾ واپس پنھنجي اڳوڻي ماڳ ڏانھن موٽيندي آهي. توانائي جي طاقت سان نڪرڻ جي پھرين شڪل ڌرتيءَ تي زلزلي جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندي آهي ۽ خارج ٿيڻ کان بچي واپس موٽندڙ توانائي آفٽر شاڪس جي شڪل وٺندي آهي سنڌ اندر ڪراچي ويجهو ڪارلس برگ سامونڊي جبل هيٺان ۽ ڪشمير جي مظفر آباد واري ايريا ۾ سوين ايٽم بمن جيتري طاقت رکندڙ توانائي موجود آهي ۽ اُن توانائي کي ٻاهر اچڻو آهي، ان کان لکين سال پھرين لڪيءَ جي جبلن جي سلسلي ۾ سيوهڻ ۽ لڪي ويجهو ڀڳو ٺوڙهو جبل جي هيٺان بہ طاقتور توانائي موجود هئي جيڪا ان جبل مان پنھنجي مرڪز کان تمام سست رفتاري سان خارج ٿيندي رهي آهي ۽ هاڻي ان جي قوت Force)) ختم ٿي ويو آهي ۽ هاڻي صرف بنا طاقت واري گئس موجود آهي جبلن جو هي سلسلو دنيا ۾ سڀ کان پھريان ٺھيو هو ۽ هاڻي اهو جبل ڪمزور ٿي پنھنجي طاقت وڃائي رهيو آهي، هي اهو جابلو سلسلو آهي جتي دنيا جي پھرئين جاندارن جنم ورتو ۽ پرورش حاصل ڪئي هئي. اڳ جي ڀيٽ ۾ هن وقت سائنس پنھنجي ترقيءَ جي عروج تي پھتل آهي. جديد سائنسي اوزار ۽ ماپا موجود آهن جينيٽڪ سائنس ترقي ڪئي آهي. هاڻي سائنس کي اصل حقيقتن کي سچائيءَ سان ظاهر ڪرڻو پوندو ڌرتي ۽ جاندارن جي ارتقاءَ بابت ريسرچ سنڌ کان شروع ڪرڻي پوندي. ارتقاءَ بابت سنڌ کي تحقيق جو مرڪز بڻائڻ سان ڪيترائي نوان انڪشاف ٿيندا ۽ راز کُلندا ۽ دنيا جي ست وڏن کنڊن جي سموري ارتقائي تاريخ ظاهر ٿيندي، زلزلن کان موسمي تبديلين ۽ تباهين بابت بہ گذريل ۽ ايندڙ وقتن جي ڄاڻ ملندي.
جڏهن کان هي ڪائنات وجود ۾ آئي آهي تڏهن کان مختلف زمانن (دورن) ۾ زلزلن جو سلسلو مختلف علائقن ۾ هلندو رهيو آهي، انھن زلزلن جي نتيجي سمنڊ ٺھندا ۽ ختم ٿيندا رهيا آهن زمين اندر موجود پاڻيءَ جا چشما بہ ٺھندا ۽ ختم ٿيندا رهيا آهن يا پنھنجي جڳھہ تبديل ڪندا رهيا آهن ۽ موجودہ وڏا جبل بہ ٺھندا رهيا آهن. هندوستان ۽ سنڌ جي زميني ٽڪرن جي پاڻ ۾ ملڻ ۽ ٽڪرائڻ جي نتيجي ۾ هماليہ جبلن جو سلسلو وجود ۾ آيو، هن وقت جڏهن ٻيھر هندوستان اوڀر طرف وهڻ لاءِ سُرڪي رهيو آهي تڏهن مختلف خِطن ۾ موجود هڪٻئي سان جڙيل پليٽون حرڪت (چرپر) ڪري رهيون آهن، جنھن جي نتيجي ۾ ڏار پيدا ٿي رهيا آهن ۽ زمين جي اندر ڏڪڻي پيدا ٿي رهي آهي، هند ۽ سنڌ جي زميني پليٽن جي حرڪت (سرڪڻ) جو عمل ستٽيھہ ملي ميٽر کان چاليھہ ملي ميٽر ساليانون آهي، سنڌ ۽ عربستان (گڏيل عرب امارات، سعودي عرب ۽ ٻيا عرب ملڪ) يو اَي اِي ۽ ڪراچي جي وچ ۾ سمنڊ اندر ڪارلس برگ نالي جبل وٽ ڳنڍيل آهن ۽ رڻ ڪڇ وارو علائقو بہ انھن سان ڳنڍيل آهي ۽ هنن سان يوريشن پليٽ بہ ڳنڍيل آهي. هاڻي جڏهن هندوستان چرپر ڪري رهيو آهي تہ هنن پليٽن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي ۽ هڪ تمام وڏي طاقت جي زلزلي اچڻ جو امڪان آهي جنھن جي طاقت 50 کان 80 ڪلوٽن ايٽم بم جي طاقت جي برابر ٿي سگهي ٿي. جنھن سبب سنڌ (پاڪستان جا علائقا) چين، افغانستان، نيپال، اُمان، عرب امارات وغيرہ شديد متاثر ٿيندا، ڪراچيءَ کان قديم سنڌ جا علائقا جيڪي هن وقت هندوستان جو حصو سڏجن ٿا رڻ ڪڇ، گجرات، کان سريلنڪا تائين ان جي نتيجي ۾ شديد متاثر ٿيندا. ۽ هنن علائقن جون موسمون بہ تبديل ٿي وينديون.
ماهرن موجب دنيا ۾ زميني پليٽن جو تعداد 8 آهي پر تازي تحقيق ۽ مشاھدي موجب انھن جو تعداد 8 پليٽن کان وڌيڪ آهي. جيڪڏهن هندوستان جي اوڀر طرف سرڪڻ جو عمل شروع ٿيڻ ۾ تيزي آئي تہ هماليہ وارا جبل بہ تيزيءَ سان سرڪڻ شروع ڪندا ۽ زمين جي ڏڪڻي وارو عمل شديد لوڏن جي شڪل وٺي بہ سگهي ٿو.

حوالا

زندگي بابت مفڪرن جا ٻہ فڪر ملن ٿا. مفڪرن موجب ماڻھو جدا جدا حيثيت سان پيدا ٿيندا آهن، ڪو غريب آهي تہ ڪو امير، ڪو خوش تہ ڪو بيمار، ڪو محلن ۾ تہ ڪو جهوپڙي ۾، ڪو ظالم تہ ڪو مظلوم. انھن سوالن جا جواب مذهبي طبقي سان واڳيل مفڪرن موجب، هر فرد جي قسمت لکجي چڪي آهي. ۽ زندگي ۾ اها ئي ان شخص جي قسمت يا تقدير آهي. هاڻي جيڪو بہ خدا ئي علم اچي چڪو آهي، اهو غلط ٿي نٿو سگهي ان ڪري هر ماڻھوءَ کي اها ئي حياتي گذارڻ آهي، جيڪا هنن جي قسمت ۾ لکيل آهي.
افلاطون، فيثاگورس ۽ ٻيا هندو ۽ يوناني فلاسافر وغيرہ ٻي جوڻ (ٻِيھر جنم) جا قائل آهن. انھن موجب، انسان هر هر پيدا ٿيندو آهي، ڪڏهن انساني صورت ۾ ۽ ڪڏهن حيواني صورت ۾ ۽ ڪڏهن نباتاتي صورت ۾ ۽ ان کي جنم وٺڻ چوندا آهن. هر جنم پوئين جنم جي عملن تي ٻڌل هوندو آهي، اهي جيترا سٺا يا خراب هوندا، انھي لحاظ سان انھي کي موجودہ جنم ۾ خوشي سڪون، ۽ تڪليفون ملنديون. جيڪو انسان نيڪ ڪردار هوندو تہ ا جو روح جدا جدا دورن مان ٿيندو ان وڏي روح سان وڃي ملندو، جنھن کي خدا يا برهما ڪوٺن ٿا.
برا ڪم ڪندڙ انسان کي وڏا، وڏا جنم ملندا ويندا آهن. ايستائين جون تڪليفون سهندي سهندي سٺن عملن تي مجبور ٿي ويندا ۽ ائين برهما (ﷲ) تائين پھچي ويندا آهن.
مٿين ٻنھي نظرين کي مڃيندڙ روح کي جسم کان جدا شئي سمجهن ٿا ۽ انھي کي غير فاني سمجهن ٿا.

1. Last Glacial Period– 110,000 to 10,000
http://enwikipedia.org/wiki/last glacial period
2. حضرت سنڌ تاريخ ۽ شخصيت، ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ ڇاپو چوٿون
* مختلف عالمن جا رايا ۽ قرآن پاڪ جي آيتن مان حضرت نوح عليہ السلام کي سنڌ ۾ نبي ڄاڻايو ويو آهي، هندن جي مختلف پراڻن ۽ ڪتابن ۾ بہ ساڳي ڳالھہ آهي.
3. سنڌ رنگ- سليم ساگر- جنگ ميگزين ڪراچي 2014ع
4. The Indus Civilization. 1934- Kahli Sita Ram
5. Rigvedic India calcutta 1927- DAS A.C.
*آريا ڪا ٻاهران آيل قوم وغيرہ نہ آهي. آريا سنڌي قوم جو لقب آهي. آريان (افغانستان) بہ سنڌجو پُٽُ ۽ حصو رهيو آهي
6. Lecture (V) India, what can it Teach us? - Max muller
عرب اور هند که تعلقات — سيد سليمان ندوي ص 12 - 13 - 45
7. معارف سرائڪي- سيد نور علي ضامن حسيني- سرائڪي ادبي بورڊ ملتان.
8. ڪتاب الفھرست – اِبن نديم – ص 345
9. سورت نوح
10. سورت النساءِ
11. هندو سنسڪرتي انڪ- ڪلياڻ گورکپوري- جنوري 1950ع ص 795 شري مد ڀاڳوت مھاپراڻ 9-24-56-
12. Hindu Manners ، Customs and Ceremonies J.A. Dubois, P-100, 416-417
13. متسيہ پراڻ- اڌيائي 1-1 اشلوڪ 29 کان 35
2-1 اشلوڪ 10 کان 11 2 کان 16
14. ويدون اور پراڻو کـﮯ اَدهار پر دهارمڪ ايکتا ڪي جيوتي
15. Islam, the first and Final religion پنڊت ويد پرڪاش اپاءَ ڌيائي ص 8 –9
16. هنن اشلوڪن ۾ آدم جي جاءِ تي اصل سنسڪرت ۾ لفظ آدم، حوا جي جاءِ تي حويہ وتي، جنت جي جاءِ تي پردان نگر يعنيٰ انعامن جي بستي ۽ شيطان جي جاءِ تي ڪلي استعمال ٿيا آهن.توريت موجب طوفان کان اڳ حضرت نوح ساڍا ڇھہ سؤ سالن جو هو.هنن اشلوڪن ۾ اصل سنسڪرت ۾ نوح جي جڳھہ تي نيوح، سام جي جاءِ تي سيم، حام جي لاءِ حام ۽ يافث لاءِ ياقوت جا لفظ استعمال ٿيا آهن.
17. مليچ لفظ غير آرين نسل جي ماڻھن منجهہ استعمال ٿيندو هو، جيئن عرب، غير عرب لاءِ عجم ۽ يھودي غير يھودين لاءِ Gentile لفظ استعمال ڪندا آهن.
18. حضرت سنڌ تاريخ ۽ شخصيت- ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ سنڌي- حصو چوٿون.
19. اگر اَب بهـﯽ نہ جاگـﮯ مع کلکي اوتار- مولانا شمس نويد عثماني .
20. عرب وهند کـﮯ تعلقات- سيد سليمان ندوي ص-1-2
21. تفسير فتح القدير- علامہ شوڪافي جلد 2 صفحو 474
22. جودي جبل بہ ڪوھہ اِرارات جي سلسلي جي هڪ چوٽي آهي.
23. توريت ڪتاب پئدائش – 11-9
24. سورة هود آيت نمبر 40 – تعليم القرآن.
25. طبع مصر 1313ھہ – بحوالا الفات القرآن- مؤلف مولانا عبدالرشيد نعماني.
26. تفسير فتح القدير – جلد 2، ص – 474
27. The Hindu Muslim Question نرسنگهہ اگروال – ص 12
28. ايم زمان کوکرا – روزانہ قومي جنگ رامپور 13 مارچ 1988 ۽ روزانہ منصف حيدر آباد
29. مان پاڻ بہ 10 سال مسلسل ان سلسلي تي تحقيق لاءِ انھن سڀني علائقن ۽ ملڪ جي مختلف حصن ۾ ويندو رهيو آهيان- گجرات، کيوڙا، لاهور، بھاولپور، جهمپير، لڪي، جهرڪ، گجو، ننگرپارڪر، ڪڇ، ڀڄ، لکپت، نکٽراڻي، رامپور وغيرہ ۾ 9- 10- 12- 13- 15- 20- 22- 26 گز تائين جون تقريبن 79 ڊگهيون قبرون بہ ڏسي چڪو آهيان.
30. معارج النبوت_ بحو الا قصص الانبياءِ _ ص 212
مولانا غلام نبي بن عنايت راجنپوري. ثناءَ پبليڪيشن ڪراچي
31. ملڪ ڄام، ڄاموٽ، جاٽ، جت، زطہ وغيرہ سنڌي قوم جا الھامي لقب آهن.
حضرت سنڌ شخصيت اورتاريخ_ ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ سنڌي تخليقات پبليڪشن لاهور
32. سورة النساءِ
33. سورة الحجرات
34. سورت ڪھف
35. قصص القرآن_ مولانا شمس نويد عثماني، دارالقرآن دهلي 1962
36. قصص القرآن - حافظ ابن حجر_ ص 22
37. معارف سرائڪي. سيد ضامن شاه حسيني ص 46
38. فتح الباري جلد 4
39. تفسير القرآن. اسرار الحق
40. نائچ نامہ قلمي آريہ ڊاڪٽر لعل بخش نائچ
41. حضرت شيش (سنڌ) تحقيق مولوي عبدالطيف سڪندري.
42. ايم زمان کوکرا روزانہ قومي جنگ 13 مارچ 1988ع- روزانہ منصف حيدر آباد
43. خلافت راشدہ اور هندوستان- قاضي اطھر مبارڪپوري بروة المصنفين دهلي 1972ع ص – 25
44. هندستان مان مراد حضرت سنڌ بن سام ۽ حضرت هند بن سام بن نوح جي ڌرتي.
45. Hindu Manners, Customs & Ceremonies A.J.A Dubois-
P- 100
46. فلاسافي ويداس پرلس آف ويداس ۽ شاستر 98 محبوب علي جوکيو
47. تشريحي نوٽ رگ ويد- گرفت ڪايا – 1- 13- 4
48. عرب و هند که تعلقات - سيد سليمان ندوي- ص 115
49. رساله معارف نمبر 3- شاھہ معين الدين احمد ندوي- جلد 95 ص 171
50. مسلم انڊيا (اردو) اپريل 1988ع جلد پھريون.
51. Histories of civilization in ancient India ramesh chandar wot.
52. Mystic life of Jesus – Dr. Spamcer.
53. خلافت راشدہ اور هندوستان- قاضي اطھر مبارڪپوري 1972ع ص 29- 30
54. رساله معارف – عبدالرحمٰن . فيبروري 1975ع ص 87-88
55. تفسير در منشور- علامہ سيوطي- جلد پھريون ص 55. بحوالا سيد صباح الدين
’ترمذي شريف (اردو) مطبوعہ رباني بڪڊپو دهلي 1973ع جلد، ص- 135
56. بخاري ڪتاب الانبياءَ- باب واذڪر في الڪتاب الڪريم.
57. عرب وهند تعلقات- مولانا سيد سليمان ندوي ص – 2-3
58. سجتہ المرجان في تاريخ هندوستان باب پھريون رسالا معارف 1975- ص 88
59. سورت البقرہ – 62
60. سيرت النبي- مولانا شبلي- حصو پھريون ص 115- 116
61. جاڻوں کي اسلامي تاريخ – مھربان علي بڙتوي ص – 89
62. سنڌي ادب ۽ ثقافت تي اسلامي اثرات- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي....... 50 کان 52 مھراڻ اڪيڊمي
63. سورت شورا- آيت نمبر 13
64. تفصير فتح القدير – جلد 5 – صفحو 41
65. رسالا معارف – اعظم ڳڙھہ نمبر جلد 5 ص – 89
66. رسالا الفرقان بريلي- شاھہ ولي ﷲ نمبر ص 304
67. رسالا الفرقان- بريلي- شاھہ ولي ﷲ نمبر ص 310 مضمون مولانا عبيدﷲ سنڌي
68. ’ شاھہ ولي ﷲ اور ان ڪا فلسفہ – هند ساگر اڪيڊمي لاهور – ص 158
69. ’ بائبل يسيعاه نبي کي ڪتاب 45- 14
70. ’ ڪفر توڙ- ڌرم پال – ٽماهي اوقاف ص 29
71. ’ (65) نارجيل سـﮯ نخيل تڪ – مؤلف قاضي اطھر مبارڪپوري رسالا معارف – جلد 5 ص 89
72. ’ ريڊرس ڊائجسٽ 1971ع ص- 27 کان 134مضمونEarth Continent Are Adrift رونلڊ شيلر.
73. ڪجهہ سال پھريان فرانسيسي سائنسدانن جي هڪ رپورٽ آئي هُئي جنھن ۾ هِنن سائنسي تحقيق جي بنياد تي چيو آهي تہ دنيا ۾ سڀ کان پھريان جاندار، جيت، ڪيڙا، مڇيون، چوپايا وغيرہ لڪيءَ جي جبلن جي سلسلي جي علائقي ۾ پيدا ٿيا ۽ بعد ۾ دنيا ۾ پکڙجي ويا.
74. پروفيسر ڊاڪٽر اشرف جيالوجسٽ مظفر آباد يونيورسٽي ماهر ارضيات آصف نذير راڻا
پروفيسر محمد نواز چوهدري سان ٿيل انٽرويو
* آريا ڪا ٻاهران آيل قوم وغيرہ ناهي، آريا سنڌي قوم جو لقب آهي، آريان (افغانستان) ۽ فارس (ايران) بہ حضرت سنڌ جو اولاد ۽ حصو رهيا آهن.
* حضرت حام بن نوح جي قبر ۽ ريحان البيروني جو دنيا جي گولائي ماپي وچ Centre قرار ڏنل ايريا باغان والي ۽ روال جي ايريا جو اسلام آباد کان 160 ڪلو ميٽر ۽ لاهور کان 250 ڪلوميٽر للـه انٽر چينج (موٽروي) کان تقريبن 73 ڪلوميٽر ۽ پنڊ دادن خان کان 45 ڪلوميٽر ن جو مفاصلو آهي.
* ڊگهين قبرن بابت مقامي رهواسي اصحاب سڳورن جون قبرون ڄاڻائن ٿا پر کين ڪنھن جو نالو نہ ٿو اچي. جڏهن تہ اصحابن جا قد ايترا ڊگها نہ هئا.
* بھاولپور ۾ موجود ٻن 15 گزن کان بہ وڏين قبرن کي “ آدم جو ٿلھو” سڏيو وڃي ٿو جڏهن تہ جهمپير جي جابلو سلسلي ۾ موجود ڊگهين قبرن تي هندو ۽ مسلمان، ايندا آهن.
* هندستان مان مراد حضرت سنڌ بن سام ۽ حضرت هند بن سام، بن نوح جو اولاد آهن.
َ* اي جَي اَي ڊيبوئس 40 سال سنڌو ۽ هندو تھذيب ۽ مذهب جو مطالعو ڪري ڪتاب لکيو هو. هن هند، سنڌ، تبت وغيرہ ۾ رهي ۽ گهمي، آڳاٽن مذهبي ڪتابن جا ترجمان ڪيا، سنسڪرت سکي.
* عام روايتن موجب حضرت ابراهيم عليہ السلام کي حضرت اسحاق ۽ حضرت اسماعيل عہ نالي ٻہ پٽ هئا (ﷲ بھتر ڄاڻي ٿو).
* اهل فارس ايراني آرين نسل جا هئا ۽ اتر هندوستان (سنڌ) ۾ آباد ٿيا. ٻڌمت کي مڃيندڙ سنڌي ميد، سبابجه، سيابجه ۽ احامره قبيلا يمن ۾ آباد هئا، اڄ بہ سنڌو تھذيب جو اثر ۽ اولڙو (عڪس) موجود آهي. سند، هندا شيام يا شام، ريام نالي عظيم الشان قلعہ يمن ۾ موجود آهن. اهڙي ڳالھہ جاٽون کي اسلامي تاريخ جي صفحي 89 تي مھربان علي بڙتوي بہ ڪئي آهي.
* آريا سنڌي قوم جو لقب آهي، آريو سنڌ ۾ ٻاهران آيل نہ آهي، ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ سنڌي ڪتاب حضرت سنڌ تاريخ ۽ شخصيت جي حصي چوٿين ۾ لکي ٿو تہ ” آريا، ڄام، ڄاموٽ، ملڪ، خان، جاٽ جٽ وغيرہ حضرت سنڌ بن سام بن نوح جي اولاد جا لقب آهن.
* آريا ڊاڪٽر لعل بخش نائچ “ نائچ نامہ قلمي” ۾ لکي ٿو تہ آريا سنڌي قوم جو لقب آهي ۽ آريو ٻاهريان آيل نہ آهي فارس (ايران) بہ حضرت سنڌ بن سام جو اولاد آهي. ايران جي بادشاھہ جمشيد جي قبر جي قطبي تي سندس نالي اڳيان ” ڄام” لکيل آهي.
* اڄ بہ سنڌي قوم جي مختلف قبيلن جا ڪروڙين ماڻھون، عراق، ترڪي، يمن، سعودي، شام، مصر وغيرہ ۾ موجود آهن، يمن جا “حوثي” ۽ ترڪي، شام، عراق وغيرہ ۾ موجود ”ڪرد“ سنڌي نسل آهن.
* ايمان مجمل_ ايمان مفصل
* انجيل مقدس.
* نور نامون ابو الحسن سنڌي
* سنڌ حضرت نوح جي نظر ۾ فقير غلام نبي سهتو ص 69-54-55
* فتح الباري جلد 3
* خطبہ صدارت مولانا سيد سليمان ندوي، ساليانو اجلاس جمعت علما ءَ هند بمبئي فيبروري
* تحقيقدانن موجب ۽ تاريخ مان ثابت آهي تہ “ ميد” سنڌي آهن. سيابجہ، سبابجہ، احامرہ وغيرہ بہ سنڌي قوم جا قديم لقب، نالا ۽ قبيلا آهن.
* تفسير الھيہ حڪومت الھيہ اور علماءِ مفڪرين- مرتب ابو محمد امام الدين رام نگري مڪتبہ نشاطہ ثانيہ حيدرآباد 1946ع - ص 216
* سورت مريم – آيت – 58 – علم القرآن
Islam the first and final Religion P– 25 *
پنڊت ويد پرڪاش اپاڌيائي صفحو 9-8 * قديم سنڌ - ڀيرو مل مھر چند آڏواڻي - ص 11 —12 ص 22 - *نائچ نامہ قلمي - آريا ڊاڪٽر لعل بخش نائچ
* هماليا، ڪي ٽو، مائونٽ ايورسٽ جبل ٺهڻ کان پوءِ هن خطي ۾ چار موسمون بہ ٺھيون، ان کانپوءِ پھريان ڌرتيءَ جو هي ٽڪرو (سنڌ) گرم علائقو هو ۽ ان وقت دنيا برف سان ڍڪيل هئي. جاندارن جي رهائش، واڌ ويجهہ بہ هتي ٿي هئي. ڇو تہ دنيا جا ٻيا سڀئي ٽڪرا برف سبب زندگي کان محروم هئا.
* شنڪر آچاريا رجنيش ڪيرالا ۾ 1788ع ۾ پيدا ٿيو. هي ويدن جو تمام وڏو ڄاڻو هو. هن اپنشد، ڀڳون گيتا ۽ دوانت سوتر جا تفسير لکيا. هن هندستان ۾ ٻڌ مذهب جي عالمن سان مناظرا ڪيا ۽ هزارين ٻڌن کي هندو بڻايو. جڳت گرو جي لقب سان سڏيو ويندو هو.