لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڇند وديا جا اصول ۽ شاعري

ھن ڪتاب جو مقصد ئي اھو آھي تہ شاعريءَ جي مقصد ۽ ماپي جي اصولن کي سمجھڻ آھي. ڪتاب جي سٽاءُ ۾ سرمد چانڊيي پھريان ڇند وديا جون معنائون ۽ اصطلاحن جي ڄاڻ مھيا ڪئي آهي، جيئن عام لکندڙ ۽ پڙهندڙ آساني ٿئي.  ھن ڇند وديا جي اصولن ۽ قانونن کي ترتيب وار سمجهائي آسان ڪيو آهي. جنھن ۾، ماترا، ننڍي ماترا، وڏي ماترا، گن، ڇندن جا قسم، ماترڪ ڇند، ورنڪ ڇند ،شبد پد، سم پد، وشم پد، ٽئي وشم پد، چاروشم پد، وڏي ماترا وارا شبد، هڪ ننڍي ماترا ۽ ٻن وڏين ماترائن وارا شبد، چمپو ڇند ۽ ان کان علاوه ماترڪ ڇند جي اصولن، ماترائن ۽ پدن جي سمجهاڻي آسان ڪري پيش ڪئي آهي.

  • 5.0/5.0
  • 25
  • 3
  • 10 مهينا اڳ
  • 0
Title Cover of book ڇند وديا جا اصول ۽ شاعري
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران مشھور شاعر محقق، نقاد ۽ شاھہ لطيف جي راڳ جي پارکو. سرمد چانڊيي جي تحقيق تي آڌاريل ڪتاب ”ڇند وديا جا اصول ۽ شاعري“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
ھن ڪتاب جو مقصد ئي اھو آھي تہ شاعريءَ جي مقصد ۽ ماپي جي اصولن کي سمجھڻ آھي. ڪتاب جي سٽاءُ ۾ سرمد چانڊيي پھريان ڇند وديا جون معنائون ۽ اصطلاحن جي ڄاڻ مھيا ڪئي آهي، جيئن عام لکندڙ ۽ پڙهندڙ آساني ٿئي.  ھن ڇند وديا جي اصولن ۽ قانونن کي ترتيب وار سمجهائي آسان ڪيو آهي. جنھن ۾، ماترا، ننڍي ماترا، وڏي ماترا، گن، ڇندن جا قسم، ماترڪ ڇند، ورنڪ ڇند ،شبد پد، سم پد، وشم پد، ٽئي وشم پد، چاروشم پد، وڏي ماترا وارا شبد، هڪ ننڍي ماترا ۽ ٻن وڏين ماترائن وارا شبد، چمپو ڇند ۽ ان کان علاوه ماترڪ ڇند جي اصولن، ماترائن ۽ پدن جي سمجهاڻي آسان ڪري پيش ڪئي آهي.
ھي ڪتاب 2019ع ۾ ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.
سنڌسلامت پاران

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

5.0

(ڪُل 0 رائين آڌار)



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مصنف سرمد چانڊيو
  • ڇپيو ويو 2019
  • ڇپائيندڙ ڪنول پبليڪيشن
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر 0
  • آن لائين ٿيو 31/Mar/2024
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
  • لاٿو ويو 3 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون