ڪرشن چندر ھڪ مقبول ناول نگار ۽ ڪھاڻيڪار آھي. ھي سندس ھڪ مزاحيہ ناول آھي جنھن جو مرڪزي ڪردار ھڪ گڏھہ آھي، جيڪو ماڻھن وانگر لکڻ، پڙھڻ، ڳالھائڻ، آفيسن ۽ ڪوٺن جا چڪر لڳائڻ، وزيرن ۽ حڪمرانن سان ملندو رھي ٿو. تمثيلي انداز ۾ لکيل ھي ناول معاشري جي ڪيترن ئي تلخ پاسن ۽ حقيقتن کي بي نقاب ڪري ٿو. ھي ھڪ باشعور گڏھہ آھي، جنھن کي اھڙن ماڻھن جي علامت طور پيش ڪيو ويو آھي جيڪو ٻين جي مجبورين ۽ ضرورتن مان فائدو وٺي انھن جو استحصال ڪري ٿو. ھي ھڪ دلچسپ ناول آھي.
ناول
ھڪ گڏھہ جي آتم ڪھاڻي
- 5.0/5.0
- 61
- 8
- 9 مهينا اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ڪرشن چندر جو جڳ مشھور ناول ”ھڪ گڏھہ جي آتم ڪھاڻي“ اوھان اڳيان حاضر آهي، جنھن جو سنڌيڪار يوسف سنڌي آھي.
ڪرشن چندر ھڪ مقبول ناول نگار ۽ ڪھاڻيڪار آھي. ھي سندس ھڪ مزاحيہ ناول آھي جنھن جو مرڪزي ڪردار ھڪ گڏھہ آھي، جيڪو ماڻھن وانگر لکڻ، پڙھڻ، ڳالھائڻ، آفيسن ۽ ڪوٺن جا چڪر لڳائڻ، وزيرن ۽ حڪمرانن سان ملندو رھي ٿو. تمثيلي انداز ۾ لکيل ھي ناول معاشري جي ڪيترن ئي تلخ پاسن ۽ حقيقتن کي بي نقاب ڪري ٿو. ھي ھڪ باشعور گڏھہ آھي، جنھن کي اھڙن ماڻھن جي علامت طور پيش ڪيو ويو آھي جيڪو ٻين جي مجبورين ۽ ضرورتن مان فائدو وٺي انھن جو استحصال ڪري ٿو. ھي ھڪ دلچسپ ناول آھي.
ھي ڪتاب 2017ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.