سفرناما

مُسافتون (سفرناما)

ھي ڪتاب عبدﷲ مورائيءَ جي مختلف اخبارن ۾ ڇپيل سفري ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي. سندس ڪتاب ۾ اسپين، فرانس، اندورا، استنبول، آسٽريليا، ڪروشيا، بيلجيم، نانگا پربت، مونٽينيگرو، دبئي، يونان، آئيسلينڊ، ڃميل سمنڊ، آئرلينڊ، انٽارڪٽيڪا. پراگ، سئيڊن، مراڪش، اسڪاٽلينڊ سميت مختلف ملڪن، شھرن ۽ علائقن جا سفر شامل آھن. عبدﷲ مورائيءَ ستن سمنڊن جيڏو سفر ڪيو آهي ۽ زندگيءَ جا مڙئي عڪس ويجهو کان ڏٺا آهن. جن جو ڳر هنن سفرنامن ۾ بيان ڪيو اٿائين. ھن پنھنجي سفرنامن ۾ ھر ملڪ ۽ شھر جي تاريخ، جاگرافي جي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ خوبصورت منظرڪشي ڪري سفرنامي کي دلچسپ بڻايو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 24
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book مُسافتون (سفرناما)

سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب: مُسافتون
ليکڪ: عبدﷲ عثمان مورائي
موضوع: سفرناما
ڇاپو پھريون: پھرين مئي 2022
ڇپيندڙ: ريکائون پبليڪيشن ڪراچي
قيمت: 200 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com
2024ع

All rights reserved

Book : Musafatoon
Author : Abdullah Usman Morai
Content : Travelogues
First Edition : 1st May 2022
Publisher : Rekhaoon Publication Karachi
Price : 200 Rs


ڏس پتو: A-10 الشمس ڪامپليڪس
جوهر موڙ، گلستان جوهر، ڪراچي
+923337551931
rehmatpirzado@yahoo.com
rehmatpirzado@yahoo.com

ارپنا

هيءُ منھنجو پھريون قلمي پورهيو
بابا سائين
محمد عثمان ۽
جيجل امڙ شھناز بيگم جي ناءُ

عبد ﷲ عثمان مورائي

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران عبد ﷲ عثمان مورائيءَ جي لکيل سفرنامن تي مشتمل ڪتاب ”مُسافتون“ اوهان اڳيان پيش آهي.
ھي ڪتاب عبدﷲ مورائيءَ جي مختلف اخبارن ۾ ڇپيل سفري ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي. سندس ڪتاب ۾ اسپين، فرانس، اندورا، استنبول، آسٽريليا، ڪروشيا، بيلجيم، نانگا پربت، مونٽينيگرو، دبئي، يونان، آئيسلينڊ، ڃميل سمنڊ، آئرلينڊ، انٽارڪٽيڪا. پراگ، سئيڊن، مراڪش، اسڪاٽلينڊ سميت مختلف ملڪن، شھرن ۽ علائقن جا سفر شامل آھن. عبدﷲ مورائيءَ ستن سمنڊن جيڏو سفر ڪيو آهي ۽ زندگيءَ جا مڙئي عڪس ويجهو کان ڏٺا آهن. جن جو ڳر هنن سفرنامن ۾ بيان ڪيو اٿائين. ھن پنھنجي سفرنامن ۾ ھر ملڪ ۽ شھر جي تاريخ، جاگرافي جي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ خوبصورت منظرڪشي ڪري سفرنامي کي دلچسپ بڻايو آھي.
ھي ڪتاب 2022ع ۾ ريکائون پبليڪيشن، ڪراچي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون عثمان مورائيءَ ۽ شيراز سومري جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پنھنجي پاران: گهمو ڦرو ۽ صحتمند زندگي گذاريو

زندگيءَ جي هن سفر ۾، هن دنيا جو سفر ڪرڻ تمام ضروري آهي. مون پنھنجي وس آهر ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ڳالھہ تي عمل بہ تہ “گهڻي کاڌي کان گهڻو ڏٺو چڱو آهي.” اهي پھاڪا صدين جي شعور جو نچوڙ ٿين ٿا. هونءَ بہ چوڻ وارن سچ چيو آهي تہ ماڻھو ڦٻي رڳو اهو ٿو جيڪو اُن هن دنيا ۾ کاڌو پيتو، پاتو ۽ چوڙيو، خير خيرات ڪئي يا گهميو ڦريو، باقي رکيو مال پرائو ۽ الائي ڪنھن جو آهي.
جڏهن جون ۽ جولاءِ جا مھينا ايندا آهن ۽ مون سون جا مينھن وسندا آهن تہ مون سميت منھنجي وڏي ڀاءُ فاروق سومرو، فيروز ميمڻ، ڀائو غلام رسول سومرو ۽ اسان جي ڪجهہ ٻين دوستن جي ڪيفيت ڏسڻ وٽان هوندي آهي. لڳندو ائين آهي ڄڻ اسان کي ڪا شئي پاڻ طرف ڇڪي رهي آهي. پنھنجي آس پاس جي ماحول مان بيزاري ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي، جيستائين اسان جي سفر شروع ٿيڻ جو ڏينھن اچي تيستائين مورو باءِ پاس تان راولپنڊي طرف ويندڙ هرڪوچ اسان کي چٻرا ڏئي گذري ويندي آهي، تان جو اهو ڏينھن بہ ايندو آهي جڏهن اسان پنھنجا ٿيلھا کڻي مورو باءِ پاس يا نواب شاھہ جي ريلوي اسٽيشن تي پھچندا آهيون ۽ پھرين منزل پنڊي هوندي آهي.
پنڊي جو پير وڌائي بس اڏو ٻين لاءِ ڀلي عام رواجي بس جو اڏو هجي پر اسان جي لاءِ سندس اهميت ٻي هوندي آهي. پير وڌائي اڏي تان نڪرندڙ ناٽڪو جون بسون يا ڪوسٽر جن جي منزل گلگت يا اسڪردو هجي ٿي، اسان لاءِ وڏي اتساھہ جو سبب هوندا آهن. اصل ۾ اسان جي سفر جي شروعات اتان کان ٿيندي آهي. ان شئي طرف وک جيڪا اسان کي پاڻ ڏانھن ڇڪي رهي هوندي آهي. تنھن دؤر ۾ انھن ڪوسٽرن ۾ پاڪستاني سياحن سان گڏوگڏ دنيا جي ٻين ملڪن جا سياح پڻ سوار ٿيندا هئا. ڪوسٽر جيئن پنڊي ڇڏيندو آهي تيئن تيئن اسان جو اتساھہ وڌندو ويندو آهي. کل ڀوڳ، ننڊ جا هلڪا جهوٽا، ٻاهرين دنيا جي سياحن سان سندن ملڪن جي باري ۾ سوال جواب، مينھن جو اسان جو لاڳيتو پيڇو ڪرڻ، روڊ سان لائين وارين هوٽلن ۾ ڪڙڪ پتي چانھہ جا مزا، تندور جي گرم گرم ماني، موسم جو ڪجهہ بھتر ٿيڻ، پسيل روڊ کي ڪوسٽر جو چيري لاڳيتو پنھنجي منزل طرف اڳتي وڌڻ، گڏوگڏ اهو ڊپ بہ تہ متان لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري روڊ جو بند ٿيڻ ۽ ان سان گڏوگڏ اهو خيال بہ تہ منزل تي پھچڻ کان پوءِ الائي ڪھڙي هوٽل ملندي، سچ پچ تہ اهو هڪ وڏو اتساھہ هوندو هو ۽ پڙهڻ کان پوءِ ڪڙهڻ، ٺرڻ ۽ آٺرڻ جو موقعو پڻ. هاڻي جنھن کي ڳالھہ دل سان لڳي.
اسڪردو يا گلگت پھچڻ کان پوءِ هڪ ٻہ ڏينھن اتي گذارڻ کان پوءِ وري اصل ائڊوينچر شروع ٿيندو هيو، معني انھن علائقن ڏانھن روانگي جتي عام سياح هرو ڀرو نہ ويندو آهي. پوءِ ڀلي اها ديوسائي پلينس هجي يا واديءِ خپلو هجي، استور هجي يا فيري ميڊوز هجي، نانگاپربت جي بيس ڪيمپ هجي يا رائيڪوٽ پل هجي، هنزہ هجي يا خنجراب پاس هجي يا کڻي شندور جو ميلو هجي يا اتي پولو جي راند هجي. رنگ برنگي خيمن جا وقتي طور تي قائم ٿيل ڳوٺ سچ پچ تہ زندگي ۾ سڄي عمر ذهنن تي سوار هجن ٿا. ماڻھو انھن کي ياد ڪري هڪ سڪون محسوس ڪري ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي منھن کلي بہ ٿو تہ ماڻھو پنھنجي زندگي ۾ چاهي تہ ڪٿي ڪٿي پھچي وڃي ٿو. پاڪستان جا اتريان علائقا واقعي بہ جنت نظير آهن. آئون سمجهان ٿو تہ جن علائقن ۾ ماڻھو سولائيءَ سان پھچي وڃي ٿو شايد انھن علائقن جي اهميت ڪجهہ گهٽ هجي ٿي، جيئن يورپ ۾ ماڻھو آسانيءَ سان سفر ڪن ٿا ۽ تقريبن هر جاءِ تي ماڻھو سولائيءَ سان پھچيو وڃي. ان جي ابتڙ پاڪستان جي اترين علائقن تائين ماڻھوءَ کي وڏي جستجو ڪرڻي پوي ٿي ۽ اصل مزو انھيءَ جستجو ڪري گهمڻ ۾ ئي اچي ٿو. ديوسائي پلينس تي ايترا تہ قدرتي گل آهن جن جا نالا ئي ناهن، اتان جي ماڻھن جي اها خواهش آهي تہ انھن تي ڪاش اسان ڪي نالا رکي سگهون. اتي جون جولاءِ جي مھينن ۾ بہ برف پوڻ جو انديشو هوندو آهي ۽ ڪن ڪن جڳھين تي تہ برف پيل بہ هوندي آهي. اتي وڻ بنھہ ڪونہ ٿين ڇاڪاڻ تہ اتي ايتري تہ ٿڌ ۽ برف ٿي پوي جو وڻ پاڻ کي سنڀالي نہ سگهندا. آس پاس جي جبلن جي اوچائي بہ گهٽجيو وڃي، ڇو جو ديو سائي پلينس پاڻ ايترو مٿي آهي. ماڻھو اتي پنھنجن خيمن ۾ رهي بہ سگهن ٿا پر اتي رڇن جو خطرو رهي ٿو. ديوسائي پلينس تي ڇوٽا پاڻي، بڙا پاڻي ۽ ڪالا پاڻي جا وهڪرا وهي اچن ٿا، جن مان ٽرائوٽ مڇي جو شڪار پڻ اتي ٿئي ٿو. شيوسر ڍنڍ تمام سھڻي آهي جيڪا جبلن جي وچ ۾ هڪ پيالي نما لڳي ٿي. ديو سائي پلينس تي ماڻھو اسڪردو کان وڃي ٻئي پاسي گهمندو ڦرندو پوءِ چلم چوڪي کان ٿيندو استور ۽ ترشنگ جي شھرن ۾ هيٺ لھي سگهي ٿو.
هڪ دفعي آءُ، ڀائو فاروق ۽ اسان جا دوست محمد علي ميمڻ ۽ وحيد ميمڻ نانگا پربت جي بيس ڪيمپ تان رائيڪوٽ گليشئر کان ٿيندا واپس فيئري ميڊوز پئي آياسين جتي اسان جا خيما کوڙيل هئا، اسان کي اتي گليشئر تي اچي بک ورايو، پوءِ اسان جو گائيڊ خان شير خان اسان کي اتي ڇڏي پاڻ سندس ڳوٺ، جيڪو گليشئر جي مٿان پھاڙيءَ تي ئي هيو ويو ۽ اسان لاءِ ماني ۽ ٻڪري جي کير جي لسي کڻي آيو، جيڪا ان وقت اڙهن ويھن سالن جي ڇوڪرن لاءِ نعمت کان گهٽ نہ هئي. اسان اتان پوءِ واپس دير سان شام جو اچي فيئري مئڊوز پھتاسين، جتي اسان جا ٻيا دوست منصور ميمڻ، اظفر ميمڻ ۽ اسان جي سفرن جو تمام پياروساٿي ۽ دوست فيروز ميمڻ اڳ ۾ ئي ترسيل هئا جيڪي ٿڪاوٽ جي ڪري بيس ڪيمپ واري پاسي نہ هلي سگهيا هئا ۽ اتي باھہ جي مچ جي چوڌاري ٻاهرين ملڪن ۽ ڪجهہ پاڪستاني اسان جي عمر جي سياحن سان باھہ جو مزو پئي ورتن.
اسان هڪ دفعي سڀني دوستن جن ۾ آءُ، ڀائو فاروق، ڀائو غلام رسول، ڀائو نصرت سيھڙ، ڀائو نور محمد، ڀائو اعجاز جان ۽ ڀائو رشيد نلتر ويلي گهمڻ پئي وياسين، پراڌ رستي کان پوءِ لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري رستو بند هيو ۽ اسان کي واپس اچڻو پيو، اهو سٺو ٿيو هيو جو ويندي رستو بند ٿيو نہ تہ ماڻھو اتي ڦاسي بہ سگهي ٿو، پوءِ جڏهن رستو کلي. ٻئي دفعي آءُ وري پنھنجي يونيورسٽيءَ جي گلگتي دوست شاهد حسين سان سندس موٽر سائيڪل تي نلتر ويلي ويو هيس ۽ اهو منھنجو پھاڙن ۾ موٽر سائيڪل هلائڻ جو پھريون تجربو هيو. اتي موسم ۾ ٿڌڪار هيو ۽ اسان اتي هڪ پاڻي جي وهڪري جي ڀرسان چپلي ڪباب کاڌا هيا. هڪ دفعي هنزہ ۾ ڪجهہ ڏينھن رهڻ کان پوءِ اسان سڀئي دوست سوست ۽ خنجراب پاس گهمڻ پئي وياسين، ڀائو غلام رسول وٽ گانن جي ڪليڪشن تمام سٺي هوندي آهي، سوست ۾ پھچڻ کان پو وين جي ڊرائيور ڀائو غلام رسول کي چيو تہ ڪيسٽ ڏي تہ مان ان جي ڪاپي ڪرائي پوءِ واپس ٿو آڻي ڏيان، ڊرائيور ڪيسٽ کڻي ويو تہ اسان سڀني سمڌو تہ اها ڪيسٽ بس هاڻي وئي ۽ واپس نہ ملندي، پر ڪجهہ ڪلاڪن کان پوءِ ڊرائيور ڪيسٽ واپس ڏئي ويو. ان ڪيسٽ ۾ شمن علي ميراليءَ جا ڳايل گانا بہ هيا، خنجراب جي جڏهن ستن چاڙهين تي اسان وارو ڪوسٽر پئي چڙهيو تہ ڀائو غلام رسول رڙ ڪري چيو تہ حل ڀيڻان ڪٿي خنجراب ڪٿي شمن علي ميرالي، سندس اها خواهش هئي تہ شمن کي اها خبر پئي تہ سندس گانا خنجراب پاس تي بہ ٻڌا ويا آهن. خنجراب پاس تي جولاءِ جي مھيني ۾ بہ برف پي پئي.
2008ع ۾ سئيڊن اچڻ کان پھريان بہ اسان جو هڪ تمام يادگار سفر ڪاغان، ناران، شوگران، سري پائي، لالوسر ڍنڍ ۽ بتا ڪنڊي جو ٿيو هئو. ان سفر ۾ مون سان گڏ سائين پير حمادﷲ خياروي، سائين عبدالعزيز مگسي، ادو ممتاز سومرو ۽ منھنجو ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر محمد سليم ساڻ هئا. شوگران ۾ هڪ رات اسان تمام دير تائين ڪچھري ڪندا رهياسين ۽ سائين عبداللعزيز مگسي جي پڪن گفتن ۽ ڳالھين مان تمام گهڻو لطف اندوز ٿياسين.
هي ڪجهہ قصا ياد ڪري جڏهن آءُ لکان پيو تہ منھنجي ڪيفيت تمام ٻي آهي، جيئن ڪو عاشق پنھنجي محبوب کان پري هجي. اهي علائقا گهمڻ کان پوءِ مون کي پڪ آهي تہ اوهان جون مرڪون ۽ ڪيفيتون بہ تبديل ٿيل هونديون.
اهي مٿيون ڳالھيون لکڻ جو مقصد رڳو اهو هو تہ هاڻي اهو سوچي ۽ سمجهي سگهجي تہ آخر ماڻھو پنھنجو گهر گهاٽ ڇڏي ڇو وتي هيڏانھن هوڏانھن رلندو؟ موڪلن ۾ ماڻھو ڇونہ گهر ۾ ويھي مزي سان سڪون ڪري، دير سان ننڊ مان اٿي، دوستن يارن سان ملاقاتون ڪري ۽ موڪلون گذاري ڇڏي؟ اهو ڪنھن حد تائين ٺيڪ بہ آهي پر زندگي ۾ ڪجهہ سفر ڪرڻ ۽ نيون شيون ڏسڻ ۽ پرکڻ بہ ضروري آهي. ائين ڪرڻ سان ماڻھو ملڪ اندر موجود مختلف ثقافتون بہ ڏسي وٺي ٿو يا دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سفر ڪرڻ سان اتان جي ثقافتن، تھذيبن، رهڻي ڪھڻي، کاڌي پيتي بابت ڄاڻ بہ حاصل ڪري سگهي ٿو. نيون شيون ڏسڻ ۽ پرکڻ سان انسان جو دماغ کلي ٿو ۽ هو نيون شيون سکي ٿو ۽ زندگي جي ٻين رخن کي پڻ ڳولھي لھي ٿو.
سفر ڪرڻ سان ماڻھو پنھنجي روز مرھہ جي زندگي سان ڪٽجي ٿو ۽ جيڪي مسئلا روز مرھہ جي زندگي ۾ هوندا آهن انھن کي هڪ يا ٻن هفتن لاءِ ماڻھو وساري ٿو ڇڏي، پر ڪن جو خيال آهي تہ ڪڏهن ڪڏهن انھن مسئلن کي ماڻھو پنھنجي روز مرھہ جي زندگيءَ ۾ حل ڪرڻ جو اهل نہ ٿو رهي ۽ جڏهن هو سفر ڪري ٿو تہ هو انھن کي حل ڪرڻ جي باري ۾ سولائيءَ سان سوچي سگهي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي تہ سير سفر ڪرڻ سان انسان جي اسٽريس واري ليول تمام گهڻي گهٽجي وڃي ٿي ۽ هڪ سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ سفر ڪرڻ سان دل جي دوري پوڻ جي امڪان ۾ ڪافي گهٽتائي اچي ٿي.
ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي تہ جيڪي شيون سامھون هونديون آهن انھن جي اهميت تہ هوندي آهي پر شايد اها محسوس ناهي ٿيندي ۽ ائين چيو بہ ويو آهي تہ جڏهن شيون اسان کان پري هليون وينديون آهن تہ پوءِ انھن جي اهميت جو احساس ٿيندو آهي، تہ ڪجهہ هفتن لاءِ جڏهن ماڻھو پنھنجي آسپاس جي ماڻھن يا پنھنجي گهر ڀاتين کان پري ٿو هليو وڃي تہ اهو هڪ قسم جو رابطو ڪٽجي ٿو ۽ جڏهن رابطو ڪٽجي ٿو تہ پوءِ پنھنجن پيارن جي اهميت جو احساس ٿئي ٿو، سو چوڻ جو مقصد تہ سفر ڪرڻ سان ماڻھو پنھنجن پيارن سان وڌيڪ ويجهو ٿئي ٿو. جڏهن اوهان پنھنجن ٻارن سان گڏ سير سفر ڪيو ٿا تہ کين هن دنيا ۾ جنھن ۾ اهي رهن ٿا ان بابت خبر پوندي تہ دنيا جو ڪارونھوار ڪيئن ٿو هلي ۽ انھن جو اعتماد وڌندو.
جيئن پاڻ اڄ ڪلھہ موبائل فون چارج ڪرڻ لاءِ پريشان هوندا آهيون تيئن ئي سال ۾ هڪ دفعو جڏهن ماڻھو پنھنجي آس پاس جي ماحول کان پري ٿو وڃي تہ اهو بہ هڪ قسم جو پنھنجي پاڻ کي چارج ڪرڻ ٿو وڃي، آءُ اهو يقين سان چئي سگهان ٿو تہ ٻن هفتن جو سفر پوري سال جي چارجنگ ڪريو ڇڏي يا کڻي ائين چئون تہ سفر ڪرڻ سان انسان جو جسم ۽ دماغ ري سيٽ ٿئي ٿو. چوندا آهن تہ موسيقي روح جي غذا آهي، ان سان گڏوگڏ آءٌ سمجهان ٿو تہ سير سفر ڪرڻ موسيقي کان وڏي روح جي غذا آهي.
منھنجا پنھنجا پاڪستان ۾ يا پاڪستان کان ٻاهرڪيل سفر منھنجي لاءِ سڄي عمر جي چارجنگ جو يا ري سيٽنگ جوڪم ڪن ٿا. اڪيلو سفر ڪرڻ جا بہ پنھنجا مزا آهن، ماڻھوءَ ۾ فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت وڌي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ ماڻھو ٽائيم مئنيجمينٽ، ڳالھائڻ جا طريقا، پنھنجي اسٽريس کي قابو ۾ رکڻ، شين کي اڪيلي سر منھن ڏيڻ ۽ پلاننگ ڪرڻ، سوچي سمجهي خرچ ڪرڻ، ٻي ڪا ٻولي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ، واسطا وڌائڻ جا طريقا، ذهني پختگي پيدا ٿيڻ ۽ طبيعت ۾ لچڪ پيدا ٿيڻ جھڙا گڻ انسان ۾ پيدا ٿيو وڃن. اڪيلي سفر ڪرڻ سان انسان پنھنجي پاڻ سان پنھنجي بابت پڻ ڳالھائي ٿو، جيڪو تمام ضروري آهي. ان سان گڏوگڏ اڪيلي سياح کي کيس ئي کاڌي پيتي جو بندوبست ڪرڻو آهي، کيس پاڻ ئي لٽي ڪپڙي جو فڪر ڪرڻو آهي. پر دوستن سان گڏ سفر ڪرڻ جا بہ پنھنجا فائدا آهن، ماڻھو اڪيلائپ جو شڪار نہ ٿو ٿئي ۽ پنھنجي پاڻ کي محفوظ سمجهي ٿو.
سفر ڪرڻ سان ماڻھو ڪي نيون ۽ سٺيون عادتون بہ سکي ۽ شروع ڪري سگهي ٿو ۽ ڪن ڪنين عادتن مان جان بہ ڇڏائي سگهي ٿو. سياڻن ماڻھن جو خيال آهي تہ جيڪي ماڻھو سفر ڪن ٿا اهي مسئلن کي صحيح طريقي سان حل ڪرڻ جا گر سکي وٺن ٿا، اهي ڪنھن بہ ٿوري گهڻي تبديلي کان ڊنل ناهن هوندا. ظاهر آهي زندگي جو ميلو ئي آهي جيڪو ڪٿي نہ ڪٿي تہ ختم ٿيڻو آهي، سو جڏهن ماڻھو اڪيلو يا پنھنجي گهر وارن سان سفر ڪري ٿو تہ هو زندگي جو بھترين وقت هڪ ٻئي سان گذارين ٿا ۽ اهو زندگي ۾ وڏو يادگار رهي ٿو. سفر ڪرڻ کان پوءِ ماڻھو دوستن يارن کي نوان نوان قصا ٻڌائي سگهي ٿو ۽ اهي قصا ٻڌائي ماضي جي سفر جون يادون تازيون ڪري ماضي جي قصن مان لطف اندوز ٿي سگهي ٿو. اسان اڄ بہ دوستن سان جن سان گڏ سفر ڪيل آهي، ماضي جي انھن وڻندڙ سفرن بابت ڳالھيون ڪندا آهيون ۽ سچ پچ تہ ائين لڳندو آهي ڄڻ اسان وري گڏ سفر ڪري رهيا آهيون.
پنھنجي پاڻ کي چارج ڪرڻ لاءِ هتي يورپ جا ماڻھو سال ۾ هڪ يا ٻہ دفعا ضرور ڪاڏي نہ ڪاڏي گهمڻ لاءِ وڃن ٿا . بقول سائين منير شاھہ ذاڪري جي تہ تيري دو ٽڪيا ڪي نوڪري، تي ميرا لاکون ڪا ساون جائي ري. مطلب تہ رڳو نوڪري يا ڪاروبار جي چڪر ۾ پنھنجي هن حسين ۽ خوبصورت حياتي کي ڳاري نہ ڇڏجي.
ڪتاب پڙهڻ جو شوق اسان جي ستين درجي جي استاد سائين علي مراد لغاري صاحب ڏياريو ۽ ان کان پوءِ اهو شوق وڌندو ئي ويو ۽ مالڪ سائين جا احسان جو هاڻي آءُ پنھنجو هي ڪتاب پڙهندڙن کي پيش ڪري رهيو آهيان. منھنجو هي پھريون ڪتاب آهي جيڪو مختلف اخبارن ۾ ڇپيل منھنجن سفرنامن تي مشتمل آهي. مون لکڻ تہ اسڪول جي زماني ۾ شروع ڪيو هئو ۽ يورپ اچڻ کان پوءِ يونيورسٽي جي پڙهائي ۾ مصروف ٿي ويس، پر سائين راشد مورائي، سائين ڊاڪٽر لائق زرداري ۽ ڀائو اسحاق سومرو هميشہ چوندا ۽ همٿائيندا رهيا تہ يورپ جا تجربا پڻ لکو. جڏهن اهي تجربا تمام گهڻا لکيا تہ ڪجهہ دوستن صلاح ڏني تہ اخباري ڪالم جي عمر رڳو هڪ ڏينھن آهي ۽ اوهان جو قملي پورهيو ضايع ٿي ويندو سو ان کي ڪتابي صورت ۾ آڻيو، ۽ اڄ منھنجو اهو قلمي پورهيو ڪتابي صورت ۾ اوهان جي هٿن ۾ آهي. آءٌ تمام گهڻو شڪر گذار آهيان سائين الطاف شيخ صاحب، سائين پير حمادﷲ صاحب، ڀائو ڊاڪٽر مشتاق سومرو ۽ رحمت پيرزادي جو، جن هن ڪتاب لاءِ ٻہ اکر لکيا ۽ منھنجي تمام گهڻي حوصلاافزائي ڪئي.


عبدﷲ عثمان (مورائي)
sufimorai@gmail.com

مھاڳ: موري کان مالٽا ۽ سِسِلي

موري شھر جي عبدﷲ (سڄو نالو عبدﷲ عثمان مورائي) ٻہ هفتا کن اڳ اسٽاڪھوم مان، مون سان فون تي ڳالھايو. عبدﷲ جي هن نئين وطن سئيڊن جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ جڏهن آئون پڙهندو هوس تہ منھنجو چلي ملڪ جو هڪ ڪلاس ميٽ چوندو هو تہ هن جھڙو ڪو ٻيو چريو نہ هوندو جو معمولي ڊگريءَ لاءِ هو دنيا جي ڏکڻ قطب کان هلي اتر قطب آيو آهي. واقعي چلي (Chile) ڏکڻ قطب ۾ ڇيڙي وارو ملڪ آهي، جيئن ناروي ۽ سئيڊن اتر قطب جا ڇيڙي (آخر) وارا ملڪ ٿيا... ۽ اسان جو انجنيئر، اديب، ڪالم نويس ۽ هن ڪتاب “مسافتون” جو ليکڪ عبدﷲ مورائي جنھن مون سان اسٽاڪھولم مان ڳالھايو، ان جو اهو شھر اتر قطب واري ملڪ سئيڊن جو تہ شھر آهي.
اڳ ۾ آئون اهو ئي چوندو هوس تہ دنيا ۾ سنڌ جا فقط هندو ماڻھو جتي ڪٿي ملن ٿا، پر هاڻ ڏسان پيو تہ تعليم يا نوڪري ۽ پورهئي لاءِ سنڌي مسلمان بہ جتي ڪٿي نظر اچن ٿا_ ويندي سئيڊن جھڙن قطبي ملڪن ۾ بہ جيڪي بقول منھنجي مٿئين چليءَ جي ڪلاس ميٽ جي تہ موسم ۽ فاصلي جي لحاظ کان سئيڊن هڪ ڏورانھون ڏيھہ آهي. سنڌ جي انھن نوجوانن مان ڪيترا تہ ڌارين ملڪن جا شھري ٿي ويا آهن. هنن کي پنھنجي ملڪ کان علاوہ سئيڊن جو بہ پاسپورٽ آهي. بقول عبدﷲ جي هن وقت سئيڊن ۾ ڪافي سنڌي فئمليون هميشہ لاءِ رهن ٿيون. عبدﷲ مورائيءَ کان سواءِ عبدالرحيم نظاماڻي، وزيرعلي سومرو، قادر جتوئي ۽ ڪجهہ ٻين سان منھنجي بہ ملاقات ٿي چڪي آهي، جن مان ڪجهہ جو احوال مون “ آرڪٽڪ سرڪل جي آس پاس”، “جت برف پوي ٿي جام” جھڙن ڪتابن ۾ لکيو آهي. هنن جو اولاد سڄو ڏينھن اسڪول يا پاڙي ۾ مقامي سئيڊ ٻارن سان ملڻ ڪري اڙدو، سنڌي يا انگريزيءَ کان وڌيڪ هتي جي سئيڊش ٻولي ڳالھائڻ ۾ آساني محسوس ڪري ٿو. جيئن اسان وٽ عرب ملڪن توڙي ايران يا جارجيا جا رهندڙ باشندا ۽ انھن جو اولاد سنڌي ڳالھائين ٿا. يا کڻي چئجي تہ جيئن عرب ملڪن ۾ ڪيترائي عرب ملندا جن جا وڏا سنڌ کان لڏي عربستان ۾ اچي رهيا ۽ هاڻ عربن جھڙي ٻولي ڳالھائين ٿا.
عبدﷲ فون تي ٻڌايو هو تہ هن کي لکڻ جو شوق آهي ۽ هينئر هن “مسافتون” نالي هڪ سفرنامون لکيو آهي. عبدﷲ مورائيءَ جا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ايندڙ مضمون ۽ ڪالم آئون بہ وڏي عرصي کان پڙهندو اچان، جڏهن هو اڃا پنھنجي ڳوٺ موري ۾ هو يا هن صديءِ جا شروع وارا ڏهاڪو کن سال ٽنڊو ڄام ۽ خيرپور يونيورسٽين مان مختلف ڊگريون حاصل ڪري رهيو هو. هن کي ننڍپڻ کان گهمڻ ڦرڻ جو شوق رهيو آهي. ڳالھہ اها آهي تہ سير سپاٽي جو شوق تہ سڀني کي ٿئي ٿو، پر عبدﷲ انھن ٿورن ماڻھن مان آهي، جن کي پنھنجي گهمڻ جو احوال لکڻ لاءِ جستجو ۽ شوق پڻ هلندو اچي _ جيئن اسان جا نوجوان هن جي مشاهدن ۽ تجربن مان لاڀ حاصل ڪري سگهن. لکڻ بابت عبدﷲ کان پڇيم تہ ان جو شوق ۽ عادت هن ۾ ڪنھن وڌي؟
پاڻ بابت کيس ٻڌايم تہ اسان کي تہ اسان جي ڪاليج جو پرنسپال ڪجهہ چَٽَ سان ڪجهہ لٺ سان لکرائيندوهو. عبدﷲ ٻڌايو تہ کيس جن ماڻھن لکڻ لاءِ همٿايو ۽ هن کي شوق ڏياريو ۽ اها ئي صلاح ڏني تہ جيڪي ڪجهہ گهمين ۽ ڏسين اهو ضرور لکندو رھہ انھن ۾ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، راشد مورائي، اسحاق سومرو، ڊاڪٽر مشتاق سومرو، پير حمادﷲ ۽ رحمت پيرزادو شامل آهن. انھن مان ڪي تہ پاڻ بہ سٺا اديب ۽ شاعر آهن ۽ سندن ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. اتفاق سان انھن مان ڪجهہ مھربانن سان منھنجي بہ پراڻي سڃاڻپ آهي، جن ۾ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري مون کي بہ ويجهورهيو آهي. بھرحال اهڙن ماڻھن کي شابس هجي جيڪي عبدﷲ جھڙن نوجوانن کي لکڻ پڙهڻ جھڙين سٺين ڳالھين لاءِ اتساھہ پيدا ڪن ٿا ۽ ساڳي وقت عبدﷲ جھڙن کي بہ جس هجي جيڪي اهڙن ماڻھن جي نصيحتن تي عمل ڪن ٿا ۽ مشغول زندگيءَ هوندي بہ لکڻ پڙهڻ لاءِ وقت ڪڍن ٿا ۽ سندن لکڻيون ڪيترن لاءِ ڪار آمد ۽ رهنما ثابت ٿين ٿيون، خاص ڪري انھن لاءِ جيڪي ولايت ۾ تعليم يا نوڪري حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن.
عبدﷲ مورائي اسڪول وارن ڏينھن کان لکندو اچي. اسان جھڙا ماڻھو جيڪي ڪجهہ ڏينھن لاءِ ولايت گهمڻ لاءِ وڃن ٿا، انھن لاءِ پنھنجي سفر جو احوال لکڻ ڪو ايڏو ڏکيو ڪم ناهي جو هو ڪجهہ ڏينھن بعد پنھنجي وطن موٽي اچن ٿا، جتي جي زندگي ايڏي مشغول ناهي ۽ هنن کي لکڻ پڙهڻ لاءِ وقت ئي وقت آهي. پر فياض سومري، پير تاج محمد، ڊاڪٽر منصور ٿلھي، خير محمد ڪولاچي ۽ اسان جي عبدﷲ مورائي جھڙن نوجوانن کي وڌيڪ شاباس ڏيڻ ان ڪري ضروري سمجهان ٿو جو هو ڪئناڊا، آمريڪا يا سئيڊن جھڙين ولايتن ۾ رهن ٿا ۽ اتي جا شھري آهن. هو اتي نوڪريون ڪن ٿا ۽ يارو، ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي! سخت محنت ڪرڻي پوي ٿي ۽ ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ڏيڻ ڪري واندڪائي نہ برابر ملي ٿي. پوءِ ان آرام جي گهٽ وقت مان ڪجهہ حصو ڪڍي پنھنجي وطن جي ماڻھن لاءِ ولايت جون ڳالھيون لکڻ قابلِ تعريف خذمت آهي.
در اصل اڄ ڪلھہ سڄي دنيا هڪ ڳوٺ ٿي ويو آهي. تعليم جي جستجو ۾ يا نوڪريءَ جي ڳولا ۾ اڄ جي نوجوانن کي جتي بہ وجهہ لڳي ٿو تہ هو اتي وڃڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پوءِ هن قسم جا سفرناما آهن، جيڪي هنن جي رهنمائي ڪن ٿا. آئون ڪٿي لکي چڪو آهيان تہ 1980ع بعد جڏهن مون سامونڊي نوڪري ڇڏي ڪناري جي نوڪريءَ لاءِ ڳولا ڪئي تہ مون کي ٻن هنڌن تي منھنجي پسند جي _ يعني “ٽيچنگ” جي نوڪريءَ جي آفر ٿي. هڪ ايران جي بندرگاھہ “چابھار” جي نيول اڪيڊميءَ ۾ ۽ ٻي ملائيشيا جي شھر “ملاڪا” ۾.
اڄ ڪلھہ تہ توهان کي هر ڳالھہ جي معلومات گوگل ۽ وڪيپيڊيا ۾ مليو وڃي، پر انھن ڏينھن ۾ مون کي انھن شھرن جي ڪٿان بہ معلومات نہ ملي سگهي. آخر اکيون پوري ملاڪا لاءِ نڪري پيس. دل ۾ پڪو پھہ ڪيم تہ اتي پھچي آئون انھن پَٽن (شھرن / علائقن) بابت تفصيلي ڄاڻ اخبار ۾ لکندس، جيئن ٻين کي گهٽ ۾ گهٽ ملائيشيا بابت معلومات ٿي سگهي ۽ هو مون وانگر منجهيل نہ رهن. مون ڏٺو تہ منھنجي ملائيشيا جي سفرنامن ڪري ڪيترائي اسان جا ماڻھواتي تعليم، نوڪري، پورهئي ۽ واپار لاءِ آيا ۽ اڄ تائين ايندا رهن ٿا. بعد ۾ ٻين بہ ڪيترن ئي (ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري، پروفيسر شاهمراد چانڊيو، مور ساگر وغيرہ) ملائيشيا بابت لکيو ۽ اسان جي وطن جي نوجوانن کي منھنجي ۽ ٻين جي سفرنامن پڙهڻ ڪري ملائيشيا ۾ پھچڻ کان اڳ ملائيشيا جي ماحول، موسم ۽ ماڻھن جون اوڻايون پوڻايون دماغ ۾ اچڻ ڪري هنن جي هڪ نئين ملڪ ۾ زندگي آسانيءَ سان گذري. هنن کي ملائيشيا ۾ پھچڻ سان اها پريشاني نہ ٿي جيڪا مون کي رسي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ انٽرنيٽ ڪري اڄ ڪلھہ دنيا جي هر شھر، هر ملڪ جي، گهر ويٺي خبر پئجيو وڃي. پر ڌيان ۾ رکڻ جي اها ڳالھہ آهي تہ انٽرنيٽ ذريعي توهان کي فقط جاگرافي، تاريخ يا موسم جھڙين شين جي ڄاڻ پوي ٿي. سفرنامو اها شيءِ آهي جنھن کي پڙهڻ سان مصنف / مسافر جي احساسن ۽ جذبن جي خبر پوي ٿي_ خاص ڪري پنھنجي هم وطني ۽ هم زبان جي سفرنامي مان وڌيڪ بھتر ڄاڻ ٿي سگهي ٿي تہ هن پيش آيل مسئلن کي ڪيئن منھن ڏنو، جيڪي ڳالھيون پڙهندڙن کي بہ درپيش اچي سگهن ٿيون. مثال طور سعودي عرب جھڙي ملڪ ۾ هڪ انگريز ۽ يورپيءَ کي تہ ڪا بہ خاص تڪليف نٿي رسي. هن جي اڳيان تہ جتي ڪٿي عرب هٿ ٻڌيو پيا هلن.اسان کي پنھنجي ماڻھوءَ جو سفرنامو پڙهڻ کپي، جنھن کي پروفيسر، انجنير يا ڊاڪٽر هجڻ جي باوجود عربن جي عتاب هيٺ رهڻو پوي ٿو ۽ هن جون ئي صلاحون ۽ تجربا اسان جي ماڻھن جي ڪم اچي سگهن ٿا.
سئيڊن جتي اسان جي سنڌ جو عبدﷲ مورائي رهي ٿو، يا ناروي ڊئنمارڪ، فنلئنڊ جھڙا ملڪ_ اهي ملڪ آهن جتي انسان جو قدر ڪيو وڃي ٿو ۽ هر شھري سُکَ جو ساھہ کڻي ٿو. اڄ کان اڌ صدي اڳ_ يعني 1970ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آئون پھريون دفعو جھازن جي نوڪريءَ ڪري سئيڊن ۽ ناروي آيس تہ منھنجي ڏاڍي خواهش ٿي تہ ڪاش اسان جي وطن جا نوجوان هن پاسي_ يعني اتر يورپ (Scandinavian) ملڪن ڏي تعليم يا نوڪري پورهئي لاءِ اچن. پر سخت ٿڌي موسم ۽ فاصلي جي ڏوريءَ جي ڪري هرهڪ انگلينڊ ۽ جپان جھڙا ملڪ وري بہ ويجها ۽ بھتر ٿي سمجهيا. ۽ پوءِ پھريون دفعو 1990ع ۾ مون کي وزير سومري نالي، سئيڊن ۾ هڪ سنڌي نوجوان مليو. اهڙي طرح آهستي آهستي ٻيا بہ ايندا رهيا ۽ تعداد وڌندو ويو. رات اسٽاڪھولم فون ڪري عبدﷲ کان پڇيم تہ سئيڊن ۾ اڄ ڪلھہ سنڌ جا ڪيترا هوندا تہ هن ٻڌايو تہ هونءَ تہ تعليم ۽ عارضي نوڪري ۽ ڌنڌي خاطر تہ ڪيترائي رهن ٿا پر هميشہ لاءِ شھريت اختيار ڪرڻ وارن جو تعداد لڳ ڀڳ 200 ٿيندو جيڪي پنھنجين زالن ۽ ٻارن سان آيا آهن يا ڪجهہ ڄڻن هتان سئيڊ ڇوڪرين سان شادي ڪئي آهي.
اهو ٻڌي مون کي حيرت ۽ خوشي ٿي ۽ آئون ان جو وڏو ڪريڊٽ سفرنامن کي ڏيڻ چاهيان ٿو جن جي پڙهڻ ڪري اسان جي ماڻھن ۾ ٻاهر نڪرڻ جو شعور پيدا ٿيوآهي. نہ فقط ڇوڪرن کي پر ڇوڪرين کي پڻ. ۽ عبدﷲ مورائيءَ جھڙن جي واکاڻ ڪندس تہ پرڏيھہ ۾ هو وقت ڪڍي مختلف نون هنڌن (ملڪن / شھرن) بابت پنھنجا تجربا ۽ مشاهدا لکن ٿا ۽ ڪارگر صلاحون ڏين ٿا، جيئن هن سفرنامي ۾ بہ هن ٻن ٽن انھن هنڌن جو احوال بہ لکيو اهي، جن بابت منھنجي دل ۾ هو تہ جيڪر انھن بابت بہ ڪو لکي_ جيئن تہ مالٽا، اسپين ۽ انڊورا (Andorra) بابت. اتفاق ڏسو تہ اسپين ۽ انڊورا بابت نہ فقط عبدﷲ هن سفر نامي ۾ لکيو آهي پر هن ئي هفتي اسان جي ڀيڻ پروفيسر صفيہ انصاريءَ جو سفر نامو آيو آهي، هن بہ انھن مان ٻن ملڪن اسپين ۽ انڊورا جو تفصيلي احوال ڏنو آهي.
پنھنجي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي دوست مرحوم نور احمد نظاماڻيءَ جو پوٽو عبدالرحمان نظاماڻي، جيڪو حيدرآباد ۾ وڪالت پڙهي رهيو آهي تنھن کي هر وقت چوندو آهيان تہ Law ۾ ماسٽرس مالٽا (Malta) مان ڪجانءِ ۽ اتي جو احوال سفرنامي جي صورت ۾ لکجانءِ. وڪالت جي اعليٰ تعليم ڪٿان بہ ڪري سگهجي ٿي، پر منھنجي دماغ ۾ هميشہ ”مالٽا“ رهيو آهي جو منھنجا جھاز ران ساٿي ”مئريٽائيم لا“ پڙهڻ لاءِ هميشہ ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean) جي هن خوبصورت ننڍڙي ٻيٽ (مالٽا) وڃن ٿا. اسان جو هر جھاز هر دفعي لنڊن ڏي ويندي يا اتان موٽندي، ڀؤنچ سمنڊ کي لتاڙڻ دوران گهڻو ڪري هر دفعي مالٽا ترسندو هو. جبرالٽر، ممباسا ۽ اسپين جي ڪَنارِي (Canary) ٻيٽ ”لاس پاماس“ وانگر مالٽا بہ مون کي موهي رکندو هو. بھرحال مون کي خوشي آهي تہ عبدﷲ جي هن سفرنامي ۾ ٿورو ئي صحيح پر ”مالٽا ٻيٽ“ جو بہ ذڪر آهي.
مالٽا هڪ عجيب ملڪ آهي، جتي مون کي جبرالٽر، اندلس ۽ اسپين وانگر عرب دنيا ۽ اسلام جو هڳاءُ محسوس ٿئي ٿو. اسپين وانگر مالٽا ۾ بہ ڪنھن دور ۾ عربن جي حڪومت رهي آهي ۽ هڪ ٻہ صديون نہ پر پوريون اڍائي صديون...! ان بعد اسلام ۽ اسلام سان وابستہ ماضيءَ جون سموريون ڳالھيون هن سر زمين تان ختم ڪيون ويون. مسلمانن کي ڏيھہ نيڪالي ڏني وئي ۽ باقي رهيلن کي زوريءَ عيسائي بنايو ويو. مسجدون ۽ مدرسا بند ڪيا ويا_ جيئن ڪنھن کي اهو احساس نہ ٿئي تہ هن ڌرتيءَ تي ڪڏهن مسلمان بہ رهيا ٿي يا عرب ڪلچر بہ هو. پر سچ پڇو تہ ڪيترو بہ لڪائڻ جي باوجود مالٽا جون ڪيتريون ئي ڳالھيون اسلام ۽ عربن جي موجودگيءَ جي چغلي هڻن ٿيون. جيڪڏهن توهان کي ٿوري بہ عربي اچي ٿي تہ اسپين جي عربي نالن وارن شھرن: غرناطا، قرطبہ، الاندلس، ابوالقرق (Alburquerque) _ معني ٰ سفيد اوڪ جو ڪاٺ_ جنھن شھر جي نالي تان پورچوگالي ائڊمرل افونسو ڊي ابوالقرق تي هن جي والدين نالو رکيو، اندرش (Andarax) ، البيضاءُ (Albelda) معنيٰ سفيد، البرڪہ (Alberca) معني حوض، البرج (Alborg) معنيٰ ٽاور، بني قاسم (Benicasim)، بني المدينہ (Benalmadena)، بلنسيہ (Valencia)، بلدالوليد (Valladlid)، الجزيرہ الخضراء (Algeciras) معني سائو ٻيٽ، طليطلتہ (Talado) جھڙا سوين نالا ملندا. اهڙي طرح مالٽا جي ننڍڙي ٻيٽ تي جيڪي ڪجهہ شھر، ڳوٺ يا علائقا آهن، انھن مان ڪيترن جا نالا توهان سمجهي ويندائو تہ عربي زبان تان آهن... جيئن تہ مدينہ (Madina)، قورمي، راباط، زبار (Zabbar)، زيتون (Zetun)، عطارد (Atard)، العاشق (Ghaxaq)، سان پال البحر، تاس سليما، الزريق (Zurrieq) وغيرہ.
سڀ کان وڏي ڳالھہ تہ مالٽيز ٻوليءَ جو لھجو عربيءَ جھڙو ئي آهي. سسلي (اٽلي) جي گورنر گلبرٽو جي 1240ع واري رپورٽ ۾ هو هِن ٻيٽ مالٽا بابت لکي ٿو تہ اتي مسلمانن جا 836 ڪٽنب رهيا ٿي، 250 عيسائين جا ۽ 33 يھودين جا. پندرهين صديءَ جي آخر تائين مالٽا جي سڀني مسلمانن کي زوريءَ عيسائي بنايو ويو ۽ هنن سان وابستہ اسلام جي هر سڃاڻپ ۽ روايت کي ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پر ان هوندي بہ اڄ هڪ ڌارئين کي هن ٻيٽ تي پھچڻ سان هن کي اسلام ۽ عرب ڪلچر جا اهڃاڻ محسوس ٿين ٿا. هتي جا ماڻھو_ عيسائي هجن يا يھودي اڄ بہ God کي Alla (ﷲ) چون ٿا ۽ 40 ڏينھن جي روزن رکڻ جي آڳاٽي هلندڙ رسم کي Ramdan (رمضان) سڏين ٿا. ان کان علاوہ مالٽا ۾ ڪيترين ئي عمارتن جو آرڪيٽيڪچر عرب دور جي حڪومت جو هلندو اچي_ خاص ڪري گهرن جون ڄاريءَ واريون بالڪنيون، جن کي مالٽا جا ماڻھو سندن ٻوليءَ ۾ Muxrabija سڏين ٿا، جيڪو عربي لفظ Mashrabiya (مشرابيا) مان آهي جنھن جي معنيٰ ڳڙکيون (Peep holes) آهي. هي ڄاريءَ واريون ڪاٺ يا لوھہ جون بالڪنيون اهڙي نموني جون ٿين ٿيون، جن جي ڳڙکين مان اندرئين پاسي کان گهر جون عورتون ٻاهر جو نظارو ڪري سگهن ٿيون پر ٻاهر وارن جي هنن تي نظر نٿي پوي.
ياد رهي تہ اڍائي صديون کن مالٽا تي عربن جي حڪومت جي دور ۾ عورتن کي پڙدي ڪرڻ لاءِ تلقين ڪئي وئي ٿي. ان کان علاوہ ان دور ۾ مالٽا ۽ سسليءَ جي عورتن ڪاري رنگ جو هڪ خاص برقعو پاتو ٿي، جنھن کي مالٽا جا ماڻھو اڄ بہ Ghonnella يا Faldetta سڏين ٿا، جيڪي عربيءَ جي لفظن جي ڪجهہ بگڙيل شڪل آهن. هي برقعو اڄ بہ مالٽا جي قومي لباس ۾ شامل آهي، جنھن ۾ فقط منھن کليل رهي ٿو باقي جسم مٿي کان پيرن تائين ڍڪيل رهي ٿو. پراڻي وقتن جي مالٽا جي عورتن جون هن قسم جي برقعي غونيلا ۾ تصويرون ڏسي هو ميڊيٽرينين سمنڊ جون يورپي نہ پر مڊل ايسٽ جون عورتون لڳن ٿيون.
سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ مون سان گڏ پڙهندڙ مالٽا ٻيٽ جو ڪلاس ميٽ ڪئپٽن اَوَ گستو (Awgustu) _ جنھن جي زال ٿوَيا بہ هن سان گڏ هاسٽل ۾ رهي ٿي، ٻڌائيندو هو تہ مسلمانن جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد، ارڙهين صديءَ ڌاري جڏهن عيسائين جي_ يعني Knights of Malta جي حڪومت هئي تہ هنن وٽ 9000 مسلمان غلام رهيا ٿي جن کي ڪافي حد تائين مذهب ۽ ٻين ڳالھين جي آزادي مليل هئي. ايتري قدر جو ڪجهہ غلامن واپار وڙو بہ ڪيو ٿي ۽ مالٽا جي گادي واري شھر واليٽا جي گهٽين ۽ چونڪن ۾ گاڏن تي مختلف سامان رکي وڪيو ٿي. 1748ع ۾ سلطنت عثمانيہ جو هڪ جھاز هنگري، جارجيا ۽ مالٽا جا ماڻھو غلامن طور ترڪي کڻي پئي ويو تہ هنن غلامن جھاز تي بلوو ڪيو ۽ جھاز تي موجود 150 کن ترڪ آفيسرن ۽ مسافرن کي کڻي قيدي بڻايو ۽ جھاز کي مالٽا ڏي موڙي آيا. ترڪيءَ جي جھازرانن ۽ سرڪاري ڪامورن ۾ ترڪيءَ جي هڪ صوبي جو گورنر (پاشا) مصطفيٰ بہ موجود هو. فرانس جي حڪومت جي چوڻ تي مالٽا وارن مصطفيٰ کي عام قيدين وانگر جيل ۾ يا غلام بڻائي پورهيو وٺڻ بدران گهر ۾ نظربند رکيو. هو پنھنجو مذهب مٽائي مسلمان مان مسيحي ٿيو ۽ مالٽا جي هڪ حسينا سان شادي ڪيائين جنھن ڪري هن کي مالٽا ۾ آزاديءَ سان رهڻ جي اجازت ڏني وئي.
بعد ۾ مصطفيٰ ساڻس گڏ جھاز ۾ آيل ترڪ قيدين ۽ ٻين غلامن کي گڏي حڪومت جو تختو اونڌو ٿي ڪيو، پر مقرر ڏينھن کان ٻہ هفتا اڳ سندن راز فاش ٿي ويو. 150 کن غلامن کي ڦاهي ۽ ڪجهہ جا سر قلم ڪيا ويا. باقي ڇڏيلن جي نرڙ تي R اکر جو ڏنڀ ڏنو ويو_ معنيٰ هو Rebel (باغي / غدار) آهن. مصطفيٰ کي هڪ دفعو وري فرانس وارن بچائي ورتو. هِنن غلامن جي حڪومت خلاف ان بغاوت کي مالٽا جي تواريخ ۾ “Conspiracy of slaves” سڏجي ٿو.
منھنجي مالٽا جي ان ڪلاس ميٽ ڪئپٽن اَوَ گسٽو چيو تہ ”ان وقت کان وٺي اسان وٽ اسلام فوبيا (اسلام لاءِ نفرت / خوف) کي جيتوڻيڪ هوا ڏني پئي وڃي، پر سچ ڳالھہ اها آهي تہ ان کان ڪير انڪار ڪندو تہ اسان مالٽا وارن جو ڪلچر عرب ۽ مسلم ڪلچر سان لاڳاپيل آهي. اسان جي روز مره جي ٻوليءَ ۾ عربيءَ جا ڪيترائي لفظ آهن. اسان جي ڳالھائڻ جو ٽون (لھجو) بہ عربن وارو آهي. ويندي اسان جي DNA ۾ توهان کي عربن جو رت ملندو. جيتوڻيڪ اسان جي ملڪ جي حڪومت عربن سان ماضيءَ ۾ واسطو هجڻ جون سموريون شاهديون ۽ اهڃاڻ ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر تنھن هوندي بہ اڄ بہ انھن مان ڪيتريون ئي شيون ڪنھن نہ ڪنھن روپ ۾ جتي ڪٿي نظر اينديون يا محسوس ٿينديون. منھنجي خيال ۾ اسان مالٽين کي سچ کي لڪائڻ بدران تواريخ جي هن حصي تي فخر ڪرڻ کپي ڇو جو
It is a quintessential part of who we are, and we are awesome just the way we are!”
مالٽا ۾ ماڻھن جا نالا مسيحي ۽ اسلامي پس منظر جا آهن. مون سان گڏ سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ مالٽا جي هن دوست ڪئپٽن جو نالو اَوَگستو آهي، جيڪو نالو هن ٻڌايو تہ مالٽا ۾ مشھور آهي، جيڪو پھرين رومن شھنشاھہ جي لقب آگسٽس مان نڪتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي وڏي شان وارو. هن جي زال جو نالو ثَوَيا (Thwayya) آهي، جنھن لاءِ سندس مڙس ٻڌايو تہ نج عربي ٻوليءَ جو آهي، جنھن جي معنيٰ تارو (Star) آهي.
مالٽا ۾ جن ٻن ٽن فئملين سان منھنجي واقفيت هوندي هئي، انھن جي ڪيترن ڀاتين جا نالا ٿي سگهي ٿو عربي املا جا هجن پر عربي بابت منھنجي محدود ڄاڻ هجڻ ڪري مون کي نالا عربي لڳا ٿي يا انھن بابت خود انھن جي گهر ڀاتين ٻڌايو تہ انھن نالن جو واسطو عربيءَ سان آهي، جيئن تہ ازاليا (Azalea)، تميرا (Tamyra)، سيفورا (Sephora)، پالما (Palma)، ۽ روخساني (Roxanne)، ساگا، زيمڪس (Xemx)، زينب (معني خوبصورت) وغيرہ.
مالٽا ۾ عربن جي دور حڪومت ۾ ڪيتريون ئي مسجدون هيون. ان بعد هتي جي عيسائي حاڪمن هنن وٽ قيد ترڪ غلامن لاءِ آخري مسجدون 1702ع ۾ ٺھرايون هيون. پر اڄ انھن جا فقط نشان موجود آهن_ يا اهي غير آباد، کنڊرن جي شڪل ۾ آهن. اڄ بہ مختلف ملڪن جا ڏھہ هزار کن مسلمان مالٽا ۾ رهن ٿا، جيڪي مالٽا ۾ نوڪري، مزوري ۽ تعليم لاءِ رهن ٿا. هنن پنھنجي سھولت لاءِ پنھنجن علائقن (پاڙن/ گهٽين) ۾ هڪ ڪمري جي عارضي مسجد ٺاهي رکي آهي، خاص ڪري جمعي نماز لاءِ. باقي سرڪاري طرح سڄي مالٽا ٻيٽ تي فقط هڪ مسجد “ڊوم منٽوف” روڊ (Dom Mintoff) تي_ جيڪو اسان جي ڏينھن ۾ _ يعني 1960۽ 70ع واري ڏهاڪي ۾ (جڏهن اسان کي جھاز کي مالٽا وٺي وڃڻو پوندو هو) هي روڊ “ڪورادينو” (Corradino) روڊ سڏبو هو، مريم البتول نالي مسجد آهي، جيڪا پائولا موسڪيا (Paola Moskea) بہ سڏجي ٿي، جو جنھن علائقي ۾ هيءَ مسجد آهي، اهو پائولا سڏجي ٿو_ جيئن اسان وٽ ڪنھن علائقي جو نالو ملير آهي تہ ڪنھن جو ماڙيپور، ڪنھن جو سچل ڳوٺ آهي تہ ڪنھن جو سفوران يا پھلوان ڳوٺ.
مالٽيز ٻوليءَ ۾ مسجد کي “موسڪيا” سڏين ٿا، جيئن کڻي سمجهو تہ اسان وٽ ڳوٺن ۾ مسجد کي ”مسيت“، اهڙي طرح اسٽيشن کي ”ٽيشڻ“ سڏيو وڃي ٿو.
هن مسجد (مريم البتول) جو سنگِ بنياد اسان جي سامونڊي نوڪريءَ وارن ڏينھن ۾، 1978ع ۾ لبيا جي معمار قذافيءَ رکيو هو. هيءَ مسجد اڇي چن جي پٿر جي ٺھيل آهي، جنھن کي سائي، پيلي ۽ گلابي رنگ سان سجايو ويو آهي. سندس 103 فٽ ڊگهو منارو پري کان نظر اچي ٿو. زمين ۽ ان تي ٺھرايل مسجد جي خرچ جو وڏو حصو لبيا جي ڪرنل قذافي صاحب ادا ڪيو. هيءَ مسجد 1984ع ۾ ٺھي راس ٿي ۽ ان وقت بہ معمار قذافي مالٽا ۾ آيو هو ۽ هن مسجد کي عوام لاءِ کولڻ جو افتتاح ڪيو هو. انھن ڏينھن ۾ مالٽا جو وزير اعظم ”ڊوم منٽوف“ قذافيءَ جو دوست هو _ جنھن جي نالي هن مسجد وارو روڊ آهي.
جيئن سئيڊن جي مالمو شھر ۾ ٽن چئن وڏين مسجدن کان علاوہ اسان جي يونيورسٽي (ورلڊ مئريٽائم يونيورسٽي) بلڊنگ ۾ يونيورسٽي جي انتظاميا طرفان مسلمان ملڪن کان ايندڙ اسان شاگردن لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ ڪمري جي مسجد ٺاهي آهي، تيئن مالٽا ٻيٽ جي علائقي مارساسڪالا (Marsaskala) ۾ هتي جي ”آمريڪن يونيورسٽي آف مالٽا“AUM وارن پڻ يونيورسٽيءَ جي عمارت ۾ مسجد جو بندوبست ڪيو آهي.
هتي اهو بہ لکندو هلان تہ مالٽا جي هيءَ يونيورسٽي بہ ان روڊ تي آهي، جنھن تي لبيا جي قذافيءَ جي ٺھرايل مسجد ”مريم البتول“ آهي _ يعني ”طرق ڊوم منٽوف“ تي. جيئن ملائيشيا ۾ روڊ کي جالان، ايران ۾ شاهراھہ، انڊيا ۾ مارگ چون ٿا تيئن مالٽا ۾ طرق (Trq) سڏين ٿا، جيڪو عربيءَ جي لفظ “طريق” مان آهي_ يعني رستو، روڊ، گهٽي وغيرہ. توهان ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا تہ مالٽا جھڙي نج يورپي ملڪ ۾ عربي ٻولي يا عربي ڪلچر جو ڪيترو بي انتھا اثر آهي. ڪن هنڌن تي روڊن تي لڳل بورڊن تي TRIQ بہ لکيل نظر اچي ٿو.
”مارساسڪالا“علائقو جنھن ۾ مٿين يونيورسٽي آهي، سمنڊ جي ڪناري تي خليج ٺاهي ٿو ۽ ان نالي جو پھريون لفظ ”مارسا“ عربي آهي، جنھنجي معني خليج (Bay) آهي. عربن جي دور ۾ هي مھاڻن جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو جتي سسليءَ جا مھاڻا ايندا هئا، جو سسليءَ کان مالٽا ايترو پري آهي جيترو ڪراچيءَ کان ڪيٽي بندر_ يعني 95 کن ڪلوميٽر. ان کان علاوہ هي علائقو مارساسڪلا نہ فقط عربن جي دور حڪومت ۾ پر اڄ بہ “وادي العين” سڏجي ٿو، جيڪو اسان جي چارٽن (جھاز هلائڻ وارن نقشن) تي بہ عربيءَ ۾ وادي العين ۽ انگريزي الفابيٽ ۾ Wiedilghajin لکيل نظر ايندو. مالٽي ٻوليءَ ۾ ”ع“Gh لکيو وڃي ٿو جيئن اسان ”ش“ اکر Sh لکون ٿا ۽ ملئي ٻوليءَ ۾ ش Syلکيو وڃي ٿو. ۽ انگريزيءَ جو اکر “J” ڪيترين ٻولين ۾ ”ي“ پڙهيو وڃي ٿو، جيئن يوگوسلاويا ڪيترين ئي يورپي ٻولين ۾ Jugoslavia لکيو وڃي ٿو ۽ پوءِ اسان جا نوان ماڻھو جيڪي ان کان اڻ ڄاڻ آهن، جگو سلاويا پڙهندا آهن. اهڙي طرح مالٽي ٻوليءَ ۾ لکيل WiedilGhajin کي ”وادي العين“ پڙهڻ بدران ”وائيد اِل غاجن“ پڙهي ويندا آهن. جيئن مالٽا جي هڪ علائقي جو نالو العاشق جيڪو مالٽي ٻوليءَ جي الفابيٽ ۾ Hal Ghaxaq لکيل ملندو يعني Gha”عا“ ٿيو ۽ “X”ش آهي. ۽ شروع واري لفظ Hal ۾ “H” خاموش يعني ساڪن ٿيندو، ڇو جو مالٽي ٻوليءَ ۾ “H” جيڪڏهن شروع ۾ آهي تہ اچاريو نٿو وڃي، پر وچ ۾ يا آخر ۾ آهي تہ پوءِ”ھہ“ يا”ح“جو اچار ڪڍي سگهجي ٿو، جيئن سنڌيءَ ۾ ڱ يا ڃ آهي _ جيڪي اکر ڪنھن بہ لفظ جي وچ ۾ يا آخر ۾ اچن تہ پوءِ اچاري سگهجن ٿا. اهڙي طرح مالٽا ۾ هڪ علائقي جو نج عربي نالو اززبر آهي، پر بورڊن تي توهان کي اي بي سي ۾ لکيل نظر ايندو HazZabbar_ يعني H اڳيان هجڻ ڪري ان کي اچاريو نٿو وڃي.
مالٽا جي ٻولي مالٽيز (Maltese) سڏجي ٿي. مالٽيز ٻولي جيئن مٿي لکي آيو آهيان تہ عربيءَ سان ملي ٿي پر هيءَ واحد Semitic (سامي) ٻولي آهي، جيڪا لئٽن يعني رومن (ABCD) ۾ لکي وڃي ٿي. مالٽا جي ٻولي عربيءَ جو نسل ٽيونيشيا جي عربيءَ سان گهڻو ملي ٿي. پر مالٽيز ٻولي عربيءَ ۾ لکڻ بدران يورپ جي ٻولين: جرمن، فرينچ، انگريزيءَ وانگر لکي وڃي ٿي. عربي، هيبرو، آرميني وغيرہ سامي ٻولين (Semitic) جي افرو ايشياٽڪ فئمليءَ جون آهن. سنسڪرت انڊو يورپين فئملي جي انڊو ايرانين برانچ آهي. سامي زبانون گهڻو ڪري ساڄي پاسي کان لکيون وڃن ٿيون. سنڌي ٻوليءَ کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شروع ۾ سامي ٻولين جھڙو سڏيو، جنھن سان سنڌ جي ٻين عالمن اختلاف رکيو. بعد ۾ ڊاڪٽر صاحب پنھنجو رايو تبديل ڪيو.
اسان جي سئيڊن واري يونيورسٽيءَ ۾ ٽونيشيا، آلجيريا ۽ لبيا جا عرب بہ هئا. مزي جي ڳالھہ اها تہ مالٽا جا شاگرد هڪ ٻئي سان يا پنھنجين زالن سان مالٽيز ڳالھائيندا هئا تہ ٽيونيشيا وارا هنن جي ڳالھہ جو مطلب سمجهي ويندا هئا پر مالٽا وارا ٽيونيشيا وارن جي جملن جا فقط ڪجهہ ڪجهہ لفظ سمجهندا هئا_ سڄا جملا هرگز نہ.
شروع ۾ هاسٽل ۾ رهڻ وارن ڏينھن ۾ هاسٽل جي ميس ۾ مون واري ٽيبل تي اڪثر مالٽا جو ڪئپٽن اَوَگسٽو ۽ سندس زال سيفورا وهندا هئا. مون هنن کي عربي لھجي ۾ ڳائيندو ٻڌي حيرت کاڌي تہ هي يورپي ماڻھو ڪھڙي ٽون ۾ ڳالھائي رهيا آهن. بئري جي پڇڻ تي جوس پيئندائو يا مِلڪ (کير) تہ سيفورا پنھنجي مڙس کي ”حليب“ چيو ۽ هن بئري کي زال لاءِ کير آڻڻ لاءِ چيو. عربي مون کي ڪا گهڻي نٿي اچي، سو وڌيڪ لفظ تہ آئون سمجهي نہ سگهيس، پر عربيءَ جا اهي لفظ جيڪي اسان وٽ اڙدو يا سنڌيءَ ۾ بہ عام آهن، انھن مان ڪجهہ هن وقت بہ ياد اٿم. جيئن تہ وسط (وچ)، تمر (ڪتل)، زيب (ڪشمش)، تيوم (ٿوم)، طرف (بائونڊري)، غرق (ٻوڙڻ)، نيت (راڳ)، مرحبا (ڀليڪار)، تنور (چلھو)، زغفران (زعفران)، تابوت (ڪفن) وغيرہ.
پڙهندڙ اهو ضرور معلوم ڪرڻ چاهيندا تہ مالٽا ٻيٽ / ملڪ ڪٿي آهي؟ ڪيڏو وڏو آهي؟ وغيرہ.
مالٽا ميڊيٽرينين (ڀؤنچ) سمنڊ ۾ هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي.
ميڊيٽرينين سمنڊ ڪٿي آهي؟
اهو سمنڊ دنيا جي اهڙي هنڌ تي آهي، جتي هن سمنڊ جي هڪ پاسي (ڏکڻ ۾) آفريڪا کنڊ آهي تہ ٻئي پاسي (اتر ۾) يورپ جو کنڊ آهي. ساڄي پاسي يعني اوڀر ۾ لبنان، مصر، اسرائيل جھڙا ملڪ آهن_يعني ايشيا کنڊ آهي ۽ کاٻي پاسي ائٽلانٽڪ جو بيڪران سمنڊ. 1498ع تائين_ يعني اڄ کان پنج ڇھه صديون اڳ تائين اها ڪُل دنيا هئي. ڪنھن کي خبر نہ هئي تہ ائٽلانٽڪ سمنڊ کان اڳيان هڪ ٻي دنيا آمريڪا بہ موجود آهي ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ نہ پر ائٽلانٽڪ سمنڊ کي دنيا جو وچ وارو سمنڊ چئي سگهجي ٿو. پر صدين کان انسان ميڊيٽرينين سمنڊ کي دنيا جي وچ وارو سمنڊ سمجهيو ۽ سڏيو_ ان ڪري ان جو نالو اهو رکيو_ ميڊي معنيٰ وچ ۽ ٽرين معنيٰ ڌرتي. سنڌيءَ ۾ بہ ان جو نالو ڌرتيءَ جي وچ وارو سمنڊ_ يعني ڀ‍ؤنچ (ڀونءَ + وچ) سمنڊ آهي. ميڊيٽرينين سمنڊ دنيا جي ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ سمنڊ کان کڻي ننڍو آهي تہ بہ 25 لک چورس ڪلوميٽر آهي، جنھن جو اندازو توهان ان مان لڳائي سگهو ٿا تہ پاڪستان جي ايراضي 9 لک کن چورس ڪلوميٽر اهي_ يعني اسان جي پاڪستان جيڏا ٽي کن ملڪ ڀؤنچ سمنڊ ۾ سمائجي وڃن.
ڀؤنچ سمنڊ هڪ ڍنڍ مثل آهي، پر هڪ سوڙهي ڳچي سمنڊ (سامونڊي رستي) Strait of Gibraltar ذريعي ڀر واري وڏي سمنڊ ائٽلانٽڪ سمنڊ سان ڳنڍيل آهي. ٻئي پاسي بہ “مرمرا” نالي سنھي سمنڊ ذريعي بحر اسود (Black Sea) سان ڳنڍيل آهي، جنھن سمنڊ جي چوڌاري يوڪرين، ترڪي، رومانيا ۽ بلغاريا ملڪ آهن.
ميڊيٽرينين سمنڊ جي چوڌاري ڏٺو وڃي تہ اسپين، فرانس، موناڪو، اٽلي، سلووينيا، ڪروشيا، بوزينا، موٽينگرو، البانيا، يونان، ترڪي، شام، لبنان، اسرائيل، مصر، لبيا، ٽيونيشيا، آلجيريا ۽ موراڪو ملڪ آهن. هن سمنڊ ۾ جيتوڻيڪ سؤ کان بہ مٿي ننڍا وڏا ٻيٽ آهن، پر ٻہ ٻيٽ قبرص ۽ مالٽا اهڙا ٻيٽ آهن_ جيڪي جيتوڻيڪ ننڍن ٻيٽن ۾ شمار ٿين ٿا پر سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ وانگر هنن ٻيٽن جي حيثيت ملڪن جي آهي، جيڪي يونائٽيڊ نئشن ۽ ڪامن ويلٿ ملڪن جا ميمبر بہ آهن. اهي ٻيٽ ڪنھن ٻئي وڏي ملڪ جي ملڪيت بدران خودمختيار آهن ۽ سندن پنھنجي حڪومت آهي.
ميڊيٽرينين سمنڊ جي ٻيٽن جو جي حساب ڪجي تہ سڀ ۾ وڏو ٻيٽ سسلي (25800 چورس ڪلوميٽر) ۽ ساردينا (24000 چورس ڪلوميٽر ) آهن، جيڪي اٽلي ملڪ جا آهن. قبرص (Cyprus) ٻيٽ انھن بعد (9300 چورس ڪلوميٽر) ٽيو نمبر تي وڏو ٻيٽ آهي. ان تي يونان ۽ ترڪي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر اڄ ڏينھن تائين اهو هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت قائم رکندو اچي. اهڙي طرح مالٽا ٻيٽ آهي، جيڪو جيتوڻيڪ بيحد ننڍو (فقط 246 چورس ڪلوميٽر) آهي پر هڪ ملڪ جي حيثيت ۾ UNO توڙي ڪامن ويلٿ ملڪن جو ميمبر آهي.
سو پڙهندڙن جي ڌيان ۾ اها ڳالھہ هجڻ کپي تہ ڀ‍ؤنچ (Mediterranean) سمنڊ ۾ (۽ ٻين سمنڊن ۾ پڻ)، ڪيترائي ننڍا وڏا ٻيٽ ٿين ٿا. جن مان ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ اهڙا آهن، جيڪي هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت رکن ٿا نہ تہ ٻيا سمورا ٻيٽ ڪنھن ڀر واري يا طاقتور ملڪ جي قبضي ۾ هجڻ ڪري ان ملڪ جي ملڪيت سمجهيا وڃن ٿا. جيئن اسان جي هندي وڏي سمنڊ ۾ لکديپ (Laccadive Islands) ٻيٽ ۽ انڊامان ٻيٽ انڊيا جي ملڪيت آهن، پر ٿورواڳيان مالديپ نالي ننڍڙن ٻيٽن جو جهڳٽو هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت رکي ٿو. اهڙي طرح آفريڪا ڪناري جي ڀر وارو ٻيٽ زنجبار (Zanzibar) سالن تائين هڪ الڳ ملڪ هو، پر هاڻ اهو تنزانيا ملڪ جو حصو آهي، جنھن سان هو پاڻ پنھنجي مرضيءَ سان ڳنڍيو آهي. اسان ننڍا هئاسين تہ ڪڏهن بہ تنزانيا ملڪ جو نالو نہ ٻڌوسين. آفريڪا جي ملڪن جون ٽپال جون ٽِڪليون (Stamps) گڏ ڪرڻ ۾ زئنزيبار، ٽانگانيڪا ۽ نياسالئنڊ ملڪن جون ٽڪليون سڀ ۾ خوبصورت هونديون هيون. پوءِ جڏهن سامونڊي نوڪري شروع ڪئيسين تہ خبر پيئي تہ ٽانگانيڪا، زئنزيبار ۽ نياسالئينڊ گڏجي هڪ ملڪ ”تنزانيا“ ٿيو آهي_ جيئن انگريزن کان آزادي ملڻ تي بورنيو ٻيٽ تي موجود ٻن رياستن: ”صباح“ ۽ ”سراواڪ“ هزار کن ڪلوميٽر واري پري جي ملڪ ”ملايا“ سان ملي نئون ملڪ ”ملائيشيا“ ٺاهيو.
هونءَ ضروري ناهي تہ سڀ ٻيٽ ڀر وارن طاقتور ملڪن جي ملڪيت هجن يا انھن سان ڳانڍاپيل هجن. ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ موجود خوبصورت ”ڪَنارِي ٻيٽ“(Canary Islands) جيتوڻيڪ آفريڪا کنڊ جي سينيگال ۽ موراڪو جي ويجهو هجڻ ڪري انھن جي ملڪيت هجڻ کپن، پر ان تي شروع کان يورپ کنڊ جي ملڪ اسپين جو قبضو آهي. ائٽلانٽڪ سمنڊ تي موجود ”ڪيپ وردي ٻيٽ“ پورچوگال جي ملڪيت آهن ۽ اهڙي طرح برمودا ٻيٽ جيڪو هاڻ هڪ ملڪ جي حيثِيت رکي ٿو، وڏي عرصي تائين برطانيا جي قبضي ۾ هو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ ڀ‍ؤنچ (ميڊيٽرينين) سمنڊ جا گهڻي ڀاڱي ٻيٽ، مالٽا ٻيٽ وانگر خوبصورت نظارن ۽ موسم وارا ٻيٽ آهن، جن تي گهمڻ لاءِ نہ فقط يورپ جا ماڻھو پر دنيا جا ٽوئرسٽ اچن ٿا_ جيئن تہ اسپين جا ميورڪا (Majorca) ۽ مينورڪا (Menorca) ٻيٽ آهن _ ۽ اِبيزا (Ibiza) پڻ. اهڙي طرح يونان جا ٻيٽ ليسبوس، چيوس، زڪنٿوس، اسڪائروس (Skyros) وغيرہ، يا اٽليءَ جو ايلبا، ٽيونيشيا جو يربا (Djerba) ۽ ڪروشيا ملڪ جا وار (Hvar) ، ڪرڪ (Krk) ۽ ڪورسولا (Korcula) وغيرہ آهن.
ٻي ڳالھہ تہ مالٽا ملڪ هڪ ٻيٽ نہ پر ٽن ٻيٽن جو مجموعو آهي. ويندي سنگاپور واري اهم ٻيٽ کان علاوہ ان سان گڏ 63 ٻيا ٻيٽ بہ آهن، جن مان سنتوسا پڻ هڪ آهي. اهڙن جهڳٽن وارن ٻيٽن مان سڀ کان وڏو اهم سمجهي اهو ملڪ جي نالي سڏيو وڃي ٿو. اهڙي طرح برمودا ملڪ بہ 181 ٻيٽن جو ميڙاڪو آهي، جنھن بابت تفصيلي احوال پنھنجي سفرنامي ”بنارس کان برمودا“ ۾ ڏئي چڪو آهيان. اهڙي طرح مالديپ ملڪ تہ سوين ننڍن ٻيٽن جو جهڳٽو آهي ۽ فلپين ۽ جپان جھڙا ملڪ بہ انيڪ ٻيٽن جا ڍير آهن. سو مالٽا ٽن ٻيٽن جو مجموعو آهي، جن مان وڏو ٻيٽ، جنھن تي مالٽا جو گاديءَ وارو شھر وليٽا (Valletta)آهي، مالٽا سڏجي ٿو. ٻيو ٻيٽ گوزو (Gozo) ۽ ٽيون اڃا بہ ننڍڙو ٻيٽ ڪومينو انھن ٻن جي وچ ۾ آهي، جيڪو حيدرآباد جي ٽنڊي ولي محمد يا سيلاٽن جي پاڙي جيڏو مس ٿيندو.
”مالٽا“ٻيٽ ميڊيٽرينين سمنڊ جي بلڪل وچ ۾ اٽليءَ جي ڏکڻ ۾ ۽ لبيا جي اتر ۾ آهي. مالٽا ٻيٽ جي جملي پکيڙ 246 چورس ڪلوميٽر آهي_ يعني سنڌ جي مٽياري يا ٽنڊو الھيار جھڙي ضلعي جي ڇھين حصي جيڏو آهي. اسان جي انھن ضلعن جي پکيڙ 1417 ۽ 1600 چورس ڪلوميٽر آهي. مالٽا ٻيٽ ڊيگهہ ۾ 27 ڪلوميٽر ۽ ويڪر ۾ 15 کن ڪلوميٽر آهي. سنگاپور ننڍو ٻيٽ آهي پر مالٽا ان جي بہ ٽئين حصي جيڏو آهي جو سنگاپور جي ايراضي 733 چورس ڪلوميٽر آهي، ڊيگهہ 50 ڪلوميٽر ۽ ويڪر 27 ڪلوميٽر اٿس.مالٽا جي آدمشماري ساڍا چار لک ماڻھو آهن_ يعني هالا تعلقي کان ڏيڍوڻي. هالا تعلقي جي آدمشماري اڄ ڪلھہ 3 لک چون ٿا.
آرڪيالاجيءَ وارن جو چوڻ آهي تہ مالٽا ۽ ڀرواري اٽليءَ جي ٻيٽ سسليءَ تي 7000 سالن کان ماڻھن جي رهائش جا آثار ملن ٿا. مالٽا ٻيٽ تي مختلف دورن ۾ مختلف طاقتن حڪومت ڪئي، جن ۾ رومن، يوناني، عرب، نارمن ۽ انگريز اچي وڃن ٿا. 1813ع ۾ مالٽا برطانيا وارن جي ڪالوني بڻيو، جن کان کيس 1964ع ۾ آخرڪار خودمختياري ملي.
ياد رهي تہ حضور صلعم جن جي ڏينھن ۾ ئي مسلمانن جي فتحن جو سلسلو شروع ٿي ويوهو. 632ع ۾ حضور صلعم جن جي وفات بعد خلفاءِ راشدين (چئن خليفن) جي ڏينھن ۾ ۽ ان بعد اميہ گهراڻي جي حڪومت ۾_ يعني ٻن صدين اندر عربن جي حڪومت هڪ طرف پرشيا، خراسان، وچ ايشيا، ميسوپوٽاما ۽ سنڌ تائين تہ ٻئي طرف ليوانت، اتر آفريڪا، قفقاز ۽ آئيبيريا جي اپٻيٽ (اسپين، پورچوگال ۽ فرانس جي ڪجهہ حصي) تي قائم ٿي وئي. اهڙي طرح نہ فقط مالٽا پر سسلي جو ٻيٽ بہ عرب سلطنت جي هٿ ۾ اٽڪل اڍائي کن صديون رهيو.
مافيا کان مشھور اڄ واري سسليءَ جو ٻيٽ جيڪو پکيڙ ۾ 26000 کن چورس ڪلوميٽر آهي _ يعني سنڌ جي پنجين حصي جيڏو، ميڊيٽرينين سمنڊ جي ڏيڍ سؤ کن ٻيٽن ۾ وڏي ۾ وڏو ٻيٽ آهي، ان تي نہ رڳو مسلمانن (عربن) جي حڪومت رهي پر سرڪاري طرح ٻولي بہ عربي رهي. مختلف حڪومتن (سلطنتن) جي نالن ۾ توهان هڪ سلطنت ”امارت صقليہ“ جو نالو بہ ٻڌندا هوندائو. اها ڪنھن جي سلطنت هئي_؟ اها عربن جي 831ع کان 1091ع تائين سسلي ٻيٽ تي هئي. سسلي ٻيٽ کي عرب ”صقليہ“ سڏين ٿا، جيئن جرمنيءَ کي المانيہ، سائپرس کي قبرص وغيرہ. سسليءَ جي گاديءَ جي شھر پالرمو (Palermo) کي عرب بَلَرم (Balarm) سڏين ٿا. اڄ بہ سسليءَ جي گاديءَ جو شھر اهو ئي بلرم آهي جيڪو عربن مقرر ڪيو.
سسلي ڪيتريون صديون رومي سلطنت جو صوبو رهيو. 552ع ۾ ان کي بازنطينين فتح ڪيو ۽ 827ع تائين اهو بازنطيني سلطنت جو حصو رهيو. مون کي ياد آهي تہ شروع جي سالن ۾ بازنطيني سلطنت بابت آئون منجهندو هوس تہ اها ڇا آهي يا ڪھڙي آهي... رومن سلطنت آهي يا ان جو حصو؟
اڄ جي نوجوان کي سمجهائڻ لاءِ اهو لکندس تہ جيئن اڄ ڪلھہ آمريڪا کي دنيا جو سپر پاور سمجهيو وڃي ٿو يا ان کان اڳ روس ۽ آمريڪا ٻئي سپرپاور هئا، تيئن حضور صلعم جن جي ڏينھن ۾ دنيا ۾ ٻہ طاقتون هيون: رومن سلطنت ۽ پرشن (ايراني) سلطنت. رومن سلطنت بابت قرآن مجيد ۾ ”سوره روم“ بہ آهي. انھن ڏينھن ۾ عربن ڪا بہ طاقت نٿي رکي. پر پوءِ انھن ئي عربن ٻنھي سلطنتن تي سوڀ حاصل ڪئي ۽ هڪ طرف سنڌ تائين تہ ٻئي طرف ميڊيٽرينين سمنڊ جي چوڌاري_ موراڪو ۽ اسپين تائين ڇانئجي ويا.
ان کان اڳ جي تواريخ جو جي مطالعو ڪجي تہ چوٿين صديءَ ۾ سلطنت روم ٻن حصن: مغربي ۽ مشرقي حصن ۾ ورهائجي وئي هئي. مغربي حصي جي گاديءَ جو هنڌ ”روم“ رهيو تہ مشرقي حصو پنھنجي گاديءَ واري شھر ”بازنطين“ جي نالي ڪري ”بازنطيني سلطنت“ سڏجڻ لڳو. هي شھر ترڪيءَ ۾ هو جتي پڻ عيسائي رهيا ٿي. ياد رهي تہ هي اسلام جي آمد کان اڳ جي ڳالھہ آهي. 330ع ۾ بازنطيني شھنشاھہ قسطنطنين اول (Constantinople I) ترڪيءَ جي هن بازنطين شھر جو نالو بدلائي پنھنجي نالي موجب قسطنطنيه (Constantinople) رکيو. گذريل صديءَ ۾ ترڪيءَ جي حڪومت 1930ع ۾ ان جو نالو استنبول رکيو، جيئن شھنشاھہ ايران پنھنجي ملڪ جو صدين کان پيل نالو ”پرشيا“ بدلائي ”ايران“ رکيو.
بھرحال سسلي ڪيتريون ئي صديون ”رومي سلطنت“ جو صوبو رهيو. 476ع ۾ رومن سلطنت جي مغربي حصي جي خاتمي بعد 552ع ۾ رومن سلطنت جي مشرقي حصي ”بازنطين سلطنت“ سسليءَ کي فتح ڪيو ۽ اهو 827ع تائين ان جي قٻضي ۾ رهيو. 827ع کان 1090ع تائين سسلي مسلمان عربن جي قبضي ۾ رهيو. ان بعد فرانس پاسي نارمن قوم حوالي ٿيو.
870ع ۾ مالٽا جو ٻيٽ اتر آفريڪا جي هڪ مسلمان گهراڻي اغلب جي قبضي ۾ آيو هو، جيڪو اغالبہ (Aghlabids) سڏجي ٿو.
الاغلب گهراڻو ڪير هو؟ ان جي حوالي حڪومت ڪنھن ڪئي؟
ان جو مختصر جواب هن ريت آهي، جيڪو عبدﷲ مورائيءَ جي اسپين، اندور ۽ مالٽا جي هن سفر نامي ”مسافتون“ جي پيش لفظ بھاني ٻڌائي آئون پڙهندڙن کي ڪجهہ تاريخي حقيقت کان روشناس ڪرائڻ چاهيان ٿو.
جيئن مٿي لکي چڪو آهيان تہ اسلام کان اڳ عربن جي ڪا حيثيت يا طاقت نہ هئي. حضور صلعم جن عربن ۾ اتحاد قائم ڪيو ۽ اسلامي طاقت سندن ڏينھن ۾ ۽ بعد ۾ خلفاءِ راشدين، بنو اميہ ۽ عباسي خلافت تائين هنن مشرق ۾ سنڌ کان مغرب ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪنارن تائين فتحون حاصل ڪري ورتيون. هونءَ تہ اهم خلافت اميہ گهراڻي جي هئي يا ان بعد عباسي گهراڻي جي پر پوءِ انھن جي خليفن مختلف ملڪن ۽ علائقن جو انتظام هلائڻ لاءِ پنھنجا خاص ماڻھو: گورنر، امير، وائيسراءِ رکيا ٿي. جيئن 712ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ تي سنڌ جو انتظام هلائڻ لاءِ”هباري گهراڻي“ کي حڪومت ڏني وئي ۽ بعد ۾ سومرن کي.
سنڌ فتح ٿيڻ وارن ڏينھن ۾ اميہ گهراڻي جو راڄ هو جن جي گادي عراق جي شھر بغداد ۾ هئي. حجاج بن يوسف 694ع کان 714ع تائين عراق جو گورنر هو، جنھن 712ع ۾ پنھنجي ناٺي محمد بن قاسم کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. حجاج بن يوسف گورنري وارا ڏينھن اميہ گهراڻي جي ٻن خليفن جي دور ۾ گذاريا. خليفہ عبدالمالڪ 685ع کان 705ع تائين هو ۽ ان بعد 705ع کان 715ع تائين خليفہ وليد رهيو. حجاج بن يوسف 964ع کان 714ع تائين_ وفات تائين عراق جو گورنر رهيو.
عباسي گهراڻي جو راڄ 750ع کان شروع ٿيو. خليفو هارون الرشيد عباسي گهراڻي جو پنجون خليفو هو. هن بنو تميم قبيلي جي هڪ خراساني عرب ڪمانڊر جي پٽ”ابراهيم ابن الاغراب“ کي افريقيہ (Ifriqiya) جو امير مقرر ڪيو. ياد رکڻ کپي تہ هڪ تہ آفريڪا (Africa) آهي، جيڪو آفريڪا جي سڄي کنڊ جو نالو آهي ۽ هي ”افريقيہ“ آهي، جنھن ۾ عرب مسلمانن جا اتر آفريڪا جا فتح ڪيل ملڪ: ٽيونيشيا، آلجيريا ۽ لبيا اچن ٿا، جن کي ”المغرب الادنيٰ“ بہ سڏجي ٿو. جيئن فقط ”المغرب“ موراڪو (مراڪش) کي سڏجي ٿو_ جنھن تي عباسي خلافت جي ڏينھن ۾ ادريسي گهراڻي (Idrisids) 788ع کان 974ع تائين حڪومت ڪئي. اهڙي طرح افريقيہ (ٽيونيشيا، الجيريا، لبيا وغيرہ) تي الاغالبہ (800ع کان 909ع تائين حڪومت ڪئي. ان کان علاوہ الاغالبہ (Aghlabids) گهراڻي جي اميرن جي قبضي ۾ ڏکڻ اٽليءَ جو هي ٻيٽ نما صوبو ”سسلي“ پڻ هو، جيڪو عربي زبان ۾ “صقليہ” سڏجي ٿو، جنھن جي گاديءَ جو شھر Palermo (عربيءَ ۾ بَلَرم (Balarm) هو ۽ اڄ تائين آهي.
سسلي ڪيتريون ئي صديون رومي سلطنت (Roman Empire) جو صوبو رهيو. 552ع ۾ ان کي بازنطينين (مشرقي رومي سلطنت) فتح ڪيو ۽ 827ع تائين بازنطيني سلطنت جو حصو رهيو. 827ع ۾ عباسي خلافت جي ڏينھن ۾ جڏهن ستون خليفو المومن هو (۽ ان بعد المعتصم باﷲ وغيرہ) تہ سسلي (صقليہ) ٻيٽ عربن جي قبضي ۾ آيو ۽ پوءِ ٻن اڍائي صدين بعد اهو 1090ع ڌاري فرانس جي هڪ گهراڻي نارمن (Norman) جي حوالي ٿيو. نارمن سلطنت جي شروعاتي سالن ۾ سسليءَ ۾ رهندڙ مسلمانن کي هر قسم جي آزادي مليل هئي ۽ هو واپار وڙو ڪرڻ کان وٺي پنھنجي مذهب جي پوئيواري ڪري رهيا هئا. پر پوءِ صليبي جنگين دوران سسليءَ تي مسلم ۽ مسيحي آبادي جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ ڪري 1224ع ۾ مسيحي حڪمرانن سڀني مسلمانن کي هن ٻيٽ تان بي دخل ڪري ڇڏيو. اسان جي ملڪ جي شاعر ڊاڪٽر محمد اقبال پنھنجي ڪلامن جي هڪ مجموعي ”بانگِ دارا“ ۾ اٽليءَ جي هن ٻيٽ صقليہ (Sicily) نالي پڻ نظم لکيو آهي، جنھن جو عرب مسلمان حاڪمن جي ڏينھن ۾ ڇا شان شوڪت ۽ اوج هو:
غلغلوں سے جس کے لذت گیر اب تک گوش ہے
کیا وہ تکبیر اب ہمیشہ کے لیے خاموش ہے؟
سمندر کی ہے تجه سے آبرو! آہ اے سسلی
رہنما کی طرح اس پانے کے صحرا میں ہے تو
زیب تیرے خال سے رخسار دریا کو رہے
تیری شمعوں سے تسلی بحر پیما کو رہے۔
پڙهندڙن کي اها ڳالھہ ڌيان ۾ رکڻ کپي تہ آفريڪا جي اتر ڪناري وارا ملڪ موراڪو تائين ۽ ڏکڻ يورپ جا اسپين تائين تہ اميہ گهراڻي جي ڏينھن ۾ ئي عرب مسلمانن حوالي ٿي ويا هئا. اميہ گهراڻي (سلطنت) بعد عباسي گهراڻو شروع ٿيو ۽ اميہ گهراڻي وانگر عباسي گهراڻي بہ پنھنجي سلطنت جا مختلف حصا انتظاميا خاطر مختلف گورنرن، وائسرائن ۽ اميرن حوالي ڪيا هئا، جن مان پوءِ ڪي نيم مختيار تہ ڪي مڪمل مختيار ٿي انھن علائقن جا حاڪم ٿي رهيا. ٽيونيسيا وارو اتر افريڪا جو حصو عباسي خليفي الاغالبہ (Aghlabid) وارن جي حوالي ڪيو، جيڪي هن جا امير (حاڪم) ٿي ويٺا ۽ هڪ جي مرڻ تي ان جو اولاد ان سلطنت جو وارث ٿيو ٿي. هنن جي ئي ڏينھن ۾ سسليءَ جو ٻيٽ سندن قبضي ۾ آيو. ان بعد مالٽا جو ننڍڙو ٻيٽ الاغالبہ حاڪمن جي قبضي ۾ آيو جيڪو 535 کان بائزنطين سلطنت جي هٿ ۾ هو.
ابو الغرانيق محمد بن احمد الاغالبہ گهراڻي جو اٺون امير هو، جنھن 864ع کان 875ع تائين افريقيہ (ٽيونيشيا، لبيا، آلجيريا) ۽ سسليءَ تي حڪومت ڪئي. هن جي دورِ حڪومت ۾ هنن مالٽا تي هنن فتح حاصل ڪئي. الاغالبہ امير محمد بن احمد جي فوج 870ع ۾ مالٽا جي بازنطيني شھر ميليتي (Melite) تي حملو ڪري ان کي تباھہ ڪري وڌو. بعد ۾ هنن عربن ان شھر جي جاءِ تي مدينہ نالي بيو شھر اڏرايو جيڪو 1530ع تائين مالٽا جي گاديءَ جو شھر رهيو. اهو شھر اڄ بہ موجود آهي، پر هاڻ مدينہ جي مختلف هنڌن ۽ بورڊن تي Medina اسپيلنگ بدران Mdina نظر اچي ٿي.
هن امير (حاڪم) تان ياد آيو تہ جيئن اڄ ڪلھہ اسان وٽ ڪروناجي وبا هلي رهي آهي، اهڙي طرح هن امير جي ڏينھن ۾ ”افريقيہ“ واري علائقي ۾ پليگ جي وبا پکڙجي وئي. انھن ڏينھن ۾ اتان لنگهندڙ حاجين جي هڪ قافلي ۾ ڪجهہ ماڻھن کي اها بيماري هجڻ ڪري مقامي ماڻھن کي لڳي وئي ۽ تيزيءَ سان چوڌاري پکڙي وئي. ان بيماريءَ کا علاوہ انھن ڏينھن ۾ سخت ڏڪار بہ هلي رهيو هو، جن ٻن آفتن هن حاڪم جي سلطنت جي عوام کي ختم ڪري ڇڏيو. چوڌاري شھر ماڻھن کان خالي ٿي ويا. 875ع ۾ سندس وفات بعد هن جو ڀاءُ ابو اسحاق ابراهيم الثاني (ٻيو) 875ع کان 902ع تائين امير مقرر ٿيو.
الاغلب گهراڻي جي حڪومت 909ع تائين رهي، ان بعد ان جي جاءِ تي فاطمي گهراڻو آيو. ڪھاڻي اها آهي جيڪا صدين کان هلندي اچي تہ جڏهن حاڪم ظالم، عياش ۽ چرسي موالي ٿيو وڃن تہ انھن جي جاءِ تي ٻيا حاڪم ۽ قومون اچن ٿيون. قدرت جو اهو نظام هلندو اچي. توهان اڄ جي دور ۾ بہ ڏسي رهيا هوندا تہ پاور، پئسو ۽ حڪومت حاصل ڪرڻ جو نشو اهڙو آهي، جو تواريخ ٻڌائي ٿي تہ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جي مسلمان حاڪمن بہ پنھنجن کي بہ مارائي ڇڏيو. مسلمان حاڪمن تي زور ان ڪري ٿو ڏيان جو اسان مسلمانن کي تہ خبردار ڪيو ويو آهي تہ ڪنھن هڪ جي جان وٺڻ قوم جي قتل برابر آهي ... يعني سخت ڏوھہ آهي.پر اهو سڀ پنھنجن پراون جو قتل اميہ، عباسي، عثمانيہ، مغل ۽ ٻين مسلمان سلطنتن توڙي غير مسلم حاڪمن جي ڏينھن ۾ ٿيندو رهيو.
مالٽا، سسلي ۽ افريقيہ تي حڪومت ڪرڻ واري الاغالبہ گهراڻي جي سلطنت جو آخري امير ”ابو مضر زيادتہ ﷲ الثالث الاغلب“ هو، جنھن جلد حاڪم ٿيڻ جي شوق ۾ پنھنجي والد عبدﷲ کي 903ع ۾ قتل ڪيو. ان بعد هن پنھنجن سمورن ڀائرن ۽ چاچن کي بہ قتل ڪري ڇڏيو_ فقط ان خوف کان تہ متان هنن مان ڪو هن جي حڪومت ۾ رنڊڪ پئدا ڪري. زيادتہ ﷲ الاغالبہ (Aghlabids) سلطنت جو امير ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پر هن طرفان بيدرديءَ سان ڪيل قتلن ڪري هو عوام جي نظر ۾ ڪري پيو ۽ پوءِ سگهو ئي فاطمي گهراڻي جو قبضو ٿي ويو، جنھن جو پھريون خليفو (امير) ابو محمد عبدﷲ ”المھدي بﷲ“ جي لقب سان حاڪم ٿيو.
هونءَ تہ مالٽا هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي پر سندس ڪنارو کاڌو ۽ چوڌاري سمنڊ هجڻ ڪري ننڍا ننڍا تہ ڪيترائي بندرگاھہ آهن، پر وڏن جھازن جي بيھڻ لاءِ فقط ٻہ وڏا بندرگاھہ آهن، جتي اسان جي جھازن جو ڀؤنچ سمنڊ مان گذرندي ڪڏهن ڪڏهن ترسڻ ٿيندو هو، اهي آهن: واليٽا (Valletta) ۽ مارساڪسلاڪ (Marsaxlokk). جيئن مٿي لکي آيو آهيان تہ مالٽا ملڪ ٽن ٻيٽن تي مشتمل آهي_ مٿيان بندرگاھہ مالٽا جي وڏي ٻيٽ تي آهن، جيڪو ”مالٽا“ سڏجي ٿو. ٻيو گوزو (Gozo) ٻيٽ آهي، جتي اسان فيريءَ ذريعي گهمڻ لاءِ ويندا هئاسين، ۽ ٽيون ٻيٽ ڪومينو (Comino) ايترو ننڍو آهي جو ڪلاڪ ڏيڍ ۾ توهان ان جي چوڌاري واڪ ڪري سگهو ٿا. مالٽا اسان جھاز وارن لاءِ سنگاپور وانگر رهيو آهي، جتي نہ فقط جھاز ۽ ان جي عملي لاءِ تيل، پاڻي ۽ راشن وٺڻ جي سھولت هر وقت موجود رهي ٿي، پر جھاز جي مرمت جو پڻ سٺو بندوبست آهي.
بھرحال هتي عبدﷲ عثمان مورائيءَ جي سفرنامي ”مسافتون“ ۾ پيش لفظ لکڻ جي ارادي سان ڪجهہ وڌيڪ ئي دخل اندازي ڪري ويو آهيان. اهو ان ڪري جو ڪافي عرصي کان منھنجي تمنا هئي تہ اسان جو ڪو نوجوان ميڊيٽريرينين سمنڊ جي هن سھڻي من موهڻي ٻيٽ مالٽا جو سير ڪري ان تي ڪجهہ لکي_ جنھن ٻيٽ سان منھنجي جوانيءَ جون ڪيتريون ئي يادون وابستہ آهن_ جڏهن انگلينڊ ۽ يورپ (U K- Continent) روٽ تي هلندڙ هر جھاز، جنھن تي منھنجي بدلي ٿيندي هئي، ميڊيٽرينين سمنڊ مان لنگهندي هن ٻيٽ (مالٽا) جي بندرگاھہ ۾ لنگرانداز ٿيندو هو ۽ هن ٻيٽ جا شھر، گهٽيون توڙي ماڻھن جي ڳالھائڻ جي زبان ۽ ان جو ٽون نج يورپي هجڻ بدران، عربي ۽ اسلامي هجڻ ڪري پنھنجائپ محسوس ٿيندي هئي.
عبدﷲ جو هن سفرنامي ”مسافتون“ ۾ مالٽا جو پڙهي هن ٻيٽ/ ملڪ ۽ شھر تي ڪجهہ لکڻ تي دل چيو ۽ ڪجهہ وڌيڪ لکي ويو آهيان، پر پوري ڪوشش ڪري آسان نموني جو احوال لکيو اٿم، جيڪو آئون اڪثر پنھنجي جونيئر آفيسرن کي هر جھاز جي مالٽا ۾ لنگرا نداز ٿيندي يا ان وٽان لنگهڻ وقت ٻڌائيندو آهيان. اسان جا ماڻھو تواريخ ۾ ايتري دلچسپي نٿا وٺن. تواريخ گهڻن ماڻھن لاءِ بور سبجيڪٽ سمجهيو وڃي ٿو، پر مون پوري ڪوشش سان اهڙي نموني لکيو آهي جو هڪ پڙهندڙ ٿوري بہ غور سان پڙهندو تہ هن کي هر ڳالھہ نہ رڳو سمجهہ ۾ اچي ويندي، پر دلچسپ بہ لڳندي ۽ هنن کي مالٽا توڙي مافيا کان بدنام سسلي ٻيٽ، مسلمانن جي سھڻي ثقافت ۽ روايتن جو گهر نظر ايندو. عبدﷲ مورائيءَ کي شابس هجي جو هو وڏي عرصي کان لکندو اچي ۽ سندس لکڻيون نوجوان توڙي اسان جھڙا پوڙها وڏي شوق سان پڙهن ٿا. اسان کي اهي پڙهڻ بہ کپن جو هن جون لکڻيون نہ فقط دلچسپ آهن پر هنن ۾ معلومات بہ آهي، جيڪا ٻاهر جي ملڪن ۾ وڃڻ جي دلچسپي رکڻ وارن لاءِ رهنمائي ڪري ٿي.
عبدﷲ مورائي مئي 1978ع ۾ موري شھر ۾ سائين محمد عثمان سومرو صاحب جن جي گهر ۾ جنم ورتو. هن مئٽرڪ 1993ع ۾ موري جي هاءِ اسڪول مان ڪرڻ بعد “مھراڻ ڊگري ڪاليج” موري مان انٽر ڪئي. ان بعد هن “سنڌ ائگريڪلچر يونيورسٽي” ٽنڊو ڄام مان ائگريڪلچر انجنيرنگ ۾ B.E ڪئي ۽ ماسٽرس ”رائل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي“ اسٽاڪھوم (سئيڊن) مان Water System Technology ۾ 2013ع ۾ ڪئي. ان کان اڳ هن ”شاھہ لطيف يونيورسٽي“ خيرپور مان پڻ ايڪانامڪس ۽ جرنلزم ۾ ماسٽرس ڪئي هئي. 2017ع ۾ هن اسٽاڪھوم يونيورسٽيءَ مان ”مئنيجمينٽ“ ۾ بہ ماسٽرس ڪئي. ان کان علاوہ سئيڊن جي اپسالا (Uppsala) يونيورسٽي، اسڪاٽلنڊ جي ڊنڊي يونيورسٽي ۽ اسٽاڪھوم جي سوڊرٽورن يونيورسٽين مان مختلف سبجيڪٽن جا ڪورس ڪيا.
عبدﷲ مورائي اڄ ڪلھہ سئيڊن جي گاديءَ واري شھر اسٽاڪھولم ۾ ”گرائونڊ واٽر انجينيئر“ آهي. هو ڪافي سالن کان سئيڊن ۾ رهي ٿو ۽ پاڪستان سان گڏ سئيڊن جو پڻ شھري آهي. هو سنڌي، اڙدو ۽ انگريزيءَ کان سواءِ هتي جي سئيڊش ٻولي بہ چٽي چپاتي ڳالھائي ٿو ۽ سنڌ جي اخبارن ۾ باقاعدگيءَ سان ڪالم لکندو اچي.


الطاف شيخ
ڪراچي، 3 اپريل 2022

تجسس سان ڀرپور سيلانيءَ جا سفري قصا

جديد زماني جي ٽيڪنالاجي سبب هاڻي سفر ڪرڻ گهڻو آسان آهي، پر ان هوندي بہ ڪابہ گارنٽي ڪانہ آهي تہ سفر دوران مشڪلون ڪونہ اينديون. ڪورونا وبا کان پوءِ تہ دنيا ۾ سفر جون ريتون رسمون تمام گهڻيون تبديل ٿي ويون آهن. گهڻي ڀاڱي سڄي يورپ جا ماڻھو سفر ڪرڻ جا شوقين آهن ۽ ڪوشش ڪري سال ۾ هڪ دفعو ضرور فيمليءَ سميت ڪجهہ هفتا ضرور گهمڻ ڦرڻ ويندا آهن. ڪي دولتمند ماڻھو تہ لگزري ڪروزن ۾ چڙهي هفتو ٻہ هفتا سمنڊ وسيلي سير ۽ تفريح ڪندا آهن، ڪورونا جي وبا ان شعبي تي پڻ پنھنجا اثر ڇڏيا آهن، اهڙي ئي قسم جي ڪروز جھازن تي هيستائين 400 کن ماڻھو بيمار ٿي چڪا آهن، ۽ 9 ماڻھن جو موت پڻ ٿي چڪو آهي.
سفر ڪرڻ جا رسم و رواج تبديل ٿيل آهن پر سفر جو سلسلو جاري آهي ۽ رهندو. پرائي ملڪ ۾ وڃڻ اتي رهڻ ۽ اتان جي لوڪل ماڻھن سان ڳالھائڻ ۽ انھن سان گھلي ملي وڃڻ هرگز سولو ڪم ڪونھي پر ڪجهہ با همت ماڻھو ان کي هڪ چيلينج سمجهي منھن ڏيندا آهن ۽ ان تجربي مان ڪجهہ سکڻ ۽ پرائڻ جي هر وقت ڪوشش ڪندا رهندا آهن.
اسان جي ڀاءٌ عبدﷲ جي گهڻي سفر ڪرڻ جو هڪ سبب مون کي اهو سمجهہ ۾ ايندو آهي تہ کيس شروع کان هڪ تجسس واري طبيعت حاصل ٿي آهي جنھن کيس پاڪستان جي اترين علائقن ۾ خوبصورت وادين تائين پھچايو، ان کان پوءِ يورپ جو سفر ڪيائين.
سفر ڪرڻ آسان ڪونہ آهي پر ڇا ڪجي جو تعليم يا پيشي ڌنڌي سبب سفر ڪرڻو ٿو پوي ۽ ان ماحول ۾ رهڻو ٿو پوي جتي توهان جو ڪو بہ يار دوست ۽ مٽ مائٽ نہ هوندو آهي، مڪمل اجنبي ماڻھن سان ڪارونھوار رکڻو پوندو آهي. سفر ڪرڻ جا نقصان تہ هوندا آهن پر بيشمار فائدا پڻ هوندا آهن. منھنجي خيال ۾ سڀ کان وڏو فائدو ان خطي جي ماڻھن جي نفسيات ۽ هلت چلت کي باريڪ بيني سان مشاهدو ڪرڻ جو سونھري موقعو ملندو آهي ۽ اهڙيون حقيقتون ظاهر ٿينديون آهن جيڪي ڪنھن بہ ڪتاب ۾ لکيل ڪونہ هونديون آهن.
مون کي ڊاڪٽري پيشي جي ڪري گهٽ ۾ گهٽ چئن ملڪن يعني پاڪستان، سعودي عرب، آئرلينڊ ۽ انگلينڊ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، اتي موجود ڪيترن ئي ملڪن جي ماڻھن سان ڏيٺ ويٺ ۽ ڳالھہ ٻولھہ ڪرڻ جو موقعو مليو. ڀانت ڀانت جا ماڻھو ، پوءِ ڪي ڪارا تہ ڪي ڀورا ۽ ڪي وري اسان وانگر ڪڻڪ رنگا مليا. ڪي ماڻھو انتھائي ذهين ۽ اعلي تعليم يافتہ مليا پر ڪٿي ڪٿي بلڪل اڻ پڙهيل ڄٽن سان پڻ واسطو پيو.
ٻارن جي بيمارين جا مريض هر ملڪ ۾ ڏٺم ۽ انھن جو علاج ڪيم پر سڀني ملڪن ۾ هڪ جهڙائي ڏٺم جو ٻارن جو علاج دوا سان ڪرڻو پئي پيو پر سندن ماءُ پيءٌ جو وري نفسياتي علاج ڪرڻ جو اضافي بوج پڻ برداشت ڪرڻو پئي پيو ڇوتہ سمورا ماڻھو ٻارن جي باري ۾ تمام حساس هوندا آهن ڇوتہ جڏهن ٻار بيمار ۽ تڪليف ۾ هوندو آهي تہ مائٽن جي جذباتي ڪيفيت پنھنجي انتھا تي پھتل هوندي آهي، سو ٻارن جو ڊاڪٽر نہ صرف ٻار جو علاج توجھہ سان ڪندو آهي پر ان سان گڏ مائٽن جي جذبات کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪندو آهي.
سعودي عرب ۾ اتان جا مقامي ماڻھو گهڻو ڪري سڀ پنھنجي مادري ٻولي ڳالھائي سگهندا آهن ۽ ڊاڪٽر کي “ دڪتور” چئي مخاطب ٿيندا آهن، هڪ دفعي هڪ ماڻھو مون کي ”حڪيم” چئي سڏيو، کائنس پڇيم تہ ڪھڙي ملڪ جو رهواسي آهين تہ ٻڌايائين تہ پاڻ لبنان جو آهي، اتي مون کي خبر پئي تہ لبنان ۾ ڊاڪٽر کي حڪيم چئبو آهي.
پنھنجي ٻار جي خراب حالت ڏسي پوءِ بہ صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺڻ مون هت يورپ ۾ ڏٺو آهي، اڪثر ماڻھو آپي کان ٻاهر ڪونہ نڪرن. ٻئي طرف چيني ماڻھو جلدي آپي کان ٻاهر ٿي ويندا آهن. مصر جا ماڻھو پڻ روڄ راڙو ۽ پٽڪو ڪرڻ کان بہ گريز ڪونہ ڪن. انگريز ۽ آئرش ٻارن سان ڪو حادثو ٿي پوي ۽ ان کي ايمبولينس کڻي اسپتال پھچي ، بار جي عمر بہ 8 يا 9 سال هجي ۽ مائٽ پڻ اڃا نہ پھتا هجن پر بهادر ٻار مجال جو دانھن ڪوڪ ڪري يا روئي ۽ پنھنجي ماءٌ ۽ پيءٌ کي سڏي ۽ علاج ڪرڻ ۾ ڊاڪٽرن سان تعاون وارو ورتاءٌ ڪري، ان شي مون کي گهڻو متاثر ڪيو.
آئرلينڊ ۽ انگلينڊ ۾ ماڻھن جو هڪ وڏو گروھہ آهي جن جي ٻولي تہ انگريزي آهي پر هڪ خاص قسم جو لھجو جيڪو ٿورو عجيب هوندو اٿن، انھن ماڻھن جي ڪجهہ رسمن ۽ رواجن سبب هتي پڙهيل ماڻھو پوءِ اهي نرسون يا ڊاڪٽر هجن، انھن کان ٿورو پري رهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، انھن کي ٽريول ڪميونٽي ڪري چوندا آهن. اهي مولائي ۽ مستاني قسم جا ماڻھو، موڊ ٿئين تہ انگلينڊ ۾ ڪجهہ سال رهن، وري سال ٻن کان پوءِ لڏو پٽي وڃي آئرلينڊ ۾ رهن.
مون کي بہ آئرلينڊ جي مختلف شھرن ۾ رهڻ دوران اهڙي قسم جي ماڻھن کي ويجهي کان ڏسڻ جو موقعو مليو ان ڪري انھن سان ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۾ ڪابہ ڏکيائي ڪانہ ٿيندي اٿم، آئرلينڊ جي ڪافي جڳھين تي ۽ انگلينڊ ۾ پڻ هڪ قافلي جي صورت ۾ گهر نما گاڏين ۾ رهڻ پسند ڪن ۽ موڊ تبديل ٿيڻ سبب گاڏين جي قافلي کي ڇڪي ٻئي شھر ۾ وڃي پنھنجو پڙاءٌ ڪن. اهڙن ماڻھن ۾ ٻہ چار ڳالھيون خاص هونديون آهن، پنھنجي سوٽ ۽ ماسات سان شاديون ڪندا آهن، پنھنجي ماين کي مار موچڙو پڻ ڪن، انھن مان ڪي ڪي هلڪيون ڦلڪيون چوريون چڪاريون پڻ ڪن. ڪڏهن ڪڏهن سندن عورتون ٻار کڻي اچي داخل ٿينديون آهن، پر سندن چھري تي ڌڪن زخمن جا نشان ظاهر هوندا آهن، ڇوتہ مڙس جي مار کائي اچي پھتي هوندي آهي. منھنجو پنھنجو خيال آهي تہ هي ماڻھو دل جا صاف ۽ سچا هوندا آهن، صرف پنھنجي ڳالھائڻ ۽ خاص لھجي جي ڪري ڪن حلقن ۾ ناپسند ڪيا ويندا آهن ۽ اڪثر ماڻھو هنن کان لھرائيندا آهن.
ڪافي ورهين جي مشاهدي مان مون تہ اهو سکيو آهي تہ انسان ڀلي ڪيڏي بہ مختلف طبيعت ۽ پس منظر جو هجي، پر ڪجهہ شين کي يڪدم پروڙي ويندو آهي. هر انسان پيار کي، همدردي کي، نفرت کي ۽ نظرانداز ڪرڻ کي چڱي طرح سمجهي ويندو آهي پوءِ ڀلي ڪھڙي بہ قوم جو هجي انتھائي قابل هجي يا بلڪل اڻ پڙهيل.
عبدﷲ تقريبن چاليھہ کن ملڪ گهمي چڪو آهي، ۽ سواءِ آمريڪا کنڊ جي دنيا جا سڀ کنڊ ڀيليا اٿئين ۽ سندس آمريڪا وڃڻ جو منصوبو پڻ آخري مرحلي ۾ آهي. پر هاڻ کيس هڪ گذارش ڪندس تہ ڀانت ڀانت جي ملڪن جي ماڻھن جي مخصوص نفسيات ۽ هلت چلت تي هڪ باب ضرور لکي.
ويجهڙائي ۾ عبدﷲ نہ صرف گهڻو لکيو آهي پر سٺو لکيو آهي ۽ وقت سان گڏ سندس قلم ۾ پختگي ۽ نکار اچي چڪو آهي ۽ اهو وقت پري ناهي جو سندس شمار سنڌي ٻوليءَ جي پھرين صف ۾ شمار نثر نگارن ۾ ٿيندو. مان عبدﷲ جي لاءِ بھترين تمنائون ۽ خواهشون رکان ٿو.


ڊاڪٽر مشتاق سومرو
ملٽن ڪينز انگلينڊ
مارچ 2022
Mushtaq.soomro@gmail.com

سنڌ جو سيلاني

سنڌ جي سيلاني عبدﷲ عثمان مورائي ( عبدﷲ سومرو) جنھن يورپ کان وٺي آفريڪا جي اولھہ تائين زمين لتاڙي سمنڊ جهاڳي سفر جا ڪشالا ڪٽيا آهن. اهي سفر جيڪي اتر يورپ جي ٿڌن علائقن ۾ ٽي ٽي ڏينھن ۽ راتيون رڪ سيڪ (سفري ٿيلھو) ۽ خيمو پٺي تي کڻي سمنڊ جي ڪنارن، جبلن ۽ جهنگن کي پنڌ جهاڳي ڪيا آهن تہ ڪٿي سامونڊي جھازن ۾ ، ڪٿي ريل ۽ ڪٿي هوائي جھازن جن ۾ گهمڻ جي جنون ۽ شوق کي پورو ڪرڻ سان گڏ وڏا تجربا بہ حاصل ڪيا آهن. يورپي سماج جو تمام ويجهڙائي کان اڀياس ڪيو آهي. نئين ٽھي جي هن سنڌي سيلاني کي گهمڻ ڦرڻ جو شوق ننڍ پڻ کان آهي، ان شوق کيس يورپ جا وڻ وسارايا.
سندس خاص ڳالھہ اها آهي تہ گهمڻ ڦرڻ (سفر) جا تجربا سنڌ واسين سان ونڊيندو پيو اچي، جيڪي هاڻي ڪتابي صورت ۾ پيا اچن. اميد تہ پڙهندڙ ضرور لاڀ حاصل ڪندا.


پيرحماد ﷲ
درگاھہ خياري شريف
نوابشاھہ 21.03.2022

عبدﷲ مورائيءَ جون مسافتون

بنيادي طور تي انسان هڪ “سڌريل جانور” آهي، اونداهين غارُن ۾ رهندڙ انسانَ جيڪو ترقيءَ جو معراج ماڻيو آهي ۽ هن سڌريل شڪل ۾ اچي پھتو آهي، پنھنجي جسماني سڪون لاءِ ۽ پنھنجي توانائي بچائڻ لاءِ جيڪو هُن تَن جي آسائش جو سامان بڻايو آهي ان ۾ وڏن جھازن، تيز رفتار ٽرينن ۽ آبي ٻيڙن کي تخليق ڪيو آهي، جن ٻيڙن ۾ چوڏهن چوڏهن منزلا عمارتون، مارڪيٽ، ڪيسينو، وڏا شاپنگ سينٽر، ريسٽورانٽس، بازارون، ناچ گاني جا ڪلب، مساج سينٽر (آڍڻ جون جايون) ۽ ڪيفيٽيريا وغيرہ سياحن لاءِ هر وقت موجود آهن. اهي سڀ انسان جون آسائشون آهن. موبائيل فونون، فيس بُڪ، واٽس ايپ جهڙيون تيز رفتار توانائيءَ جون ترقي پسند تخليقون ڪري، هُن دنيا کي گلوبل وليج بڻائي ڇڏيو آهي. فنگر ٽپس تي توهان هزارين ميلن جو مفاصلو هاڻي منٽن بہ نہ بلڪ سيڪنڊن ۾ طئي ڪري سگهو ٿا. هن لائيو دنيا جي ترقي يافتا قومن ۽ ملڪن جي جزيرن ۽ جھازن تي اُڏامندڙ منھنجو موري جو دوست عبدﷲ سومرو اڄ پنھنجي هن ڪتاب “مسافتون” جي حوالي سان پنھنجو هڪ نئون تعارف ڪرائي رهيو آهي.
اصل ۾ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي پالش ڪرڻ ۾، سنوارڻ ۽ سڌارڻ ۾ اڪيلائيءَ (آئيسوليشن) جو وڏو عمل دخل آهي. پيغمبرَن غارُن ۽ پھاڙن ۾ چلا ڪاٽيا، ڀٽائيءَ ڀٽ وسائي ۽ اهڙي طرح سان مارڪس کان ويندي البرٽ آئنسٽائن تائين انساني سوچ اڪيلائيءَ جي ڪال ڪوٺڙيءَ مان پنھنجي وجود جي اندر لڪل نرواڻ کي دريافت ڪيو آهي. اهڙي طرح عبدﷲ سومرو بہ بنيادي طور تي هڪ فطرت پسند انسان آهي. هُو هن دنيا ۾ “تن” جي ترقي ڪيل عاليشان يورپي سماج ۾ تہ رهيو آهي، پر سندس من جو روحاني سُڪون، سندس جنم ڀومي سنڌ سان سلھاڙيل آهي.
عبدﷲ سومري سان منھنجو واسطو سائنس ڪاليج سڪرنڊ کان شروع ٿيو، جتي فرسٽ ايئر ۾ عبد ﷲ اچي ڪلاس وٺندو هئو ۽ پوءِ روز جي بنيادن تي موري واپس موٽي ويندو هئو. اتفاق سان اسان سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ بہ گڏ پڙهياسين. عبدﷲ يونيورسٽيءَ جي شھباز هاسٽل ۾ ڪمرو بُڪ ڪرايو پر هُو اتي رهي نہ سگهيو، ڇو تہ حيدرآباد ۾ سندس گهر بہ هئو، جنھن جو هيٺيون پورشن ڪرائي تي هئو ۽ مٿئين حصي ۾ هڪ ڪمرو اٽيچ باٿ ۽ ٻاهر بورچي خانو هئو. مان اڪثر عبدﷲ سان گڏ ئي هوندو هيس، اسان جو ڪمبائين دوست ڊاڪٽر احمد علي ٽڳڙ بہ حيدرآباد ۾ رهندو هيو، مظھر ابڙو، عمر ڪريم، عالم صديقي ۽ ٻيا بہ ڪيترائي دوست حيدرآباد ۾ رهندا هئا. جن جي سنگت ۽ صحبت جي ڪري اسان کي حيدرآباد وڌيڪ رهڻ جو موقعو مليو. هاسٽل ۾ مان ٻہ سال رهيس، ٻيا ٻہ ٽي سال حيدرآباد ۾ رهيس. جتي عبدﷲ سينٽر قاسم آباد ۾ منھنجو ڪرائي تي فليٽ هوندو هئو، پوءِ پڪوڙا اسٽاپ تي نسيم اپارٽمينٽ ۾ بہ سال ٻہ رهيس، عبدﷲ هيٺان بيھي سڏ ڪندو هئو تہ مان دريءَ مان هٿ لوڏي ڀليڪار ڪندو هيس، پوءِ ڪڏهن هُو مٿي هليو ايندو هئو تہ ڪڏهن مان هيٺ لھي ايندو هيس، تڏهن موبائيل فونون نہ هونديون هيون تہ سڀ ڪو ملڻ لاءِ وقت ڪڍي روبرو ايندو هئو.
هڪ ڀيرو اسان 48 ڪلاڪ مسلسل گڏ رهياسين. رات جو بہ عبدﷲ وٽ هيس، صبح جو اٿي يونيورسٽيءَ وياسين، ڪلاس ۾ بہ گڏ، ناشتو بہ گڏ، مانجهاندو بہ گڏ، حيدرآباد واپسي بہ گڏ، وري سندس گهر رات رهي صبح جو ساڳي رُٽين تي رهياسين، پوءَ کيس چيم تہ “يار اسان بُور ئي نہ ٿا ٿيئون، پاڻ 48 ڪلاڪن کان گڏ آهيون.” بھرحال، اها هئي جواني ۽ اسان جي ياراڻي. ان لاءِ مان اها دعويٰ ڪري سگهان ٿو تہ مان هن جو سٺو دوست آهيان ۽ هن بابت منھنجي راءِ وزندار هوندي.
ان کان پوءِ يونيورسٽي پاس ڪري، اسان بحريا يونيورسٽيءَ جي ٽيسٽ لاءِ سکر ۾ ڪمرو وٺي چار ڏينھن گڏ رهياسين ۽ ٽيسٽ جي تياري ڪئي سين، شايد مان ٻہ ڏينھن ليٽ آيس ۽ ٻہ ڏينھن تياري ڪيم، باقي ڊاڪٽر احمد علي ٽڳڙ، عبدﷲ جو وڏو ڀاءُ “ڀائو فاروق سومرو”، ۽ عبدﷲ اڳ ئي اتي هيا. نيٺ محنتن رنگ لاتو ۽ اسان چارئي سترهين سترهين گريڊ ۾ واٽر مئنيجمينٽ آفيسر ٿياسين. منھنجي پوسٽنگ مختلف جاين تي رهي، نيٺ موري ۾ بہ ٻہ مھينا عبدﷲ سان گڏ نوڪري ڪيم.
بنيادي طور تي عبدﷲ سومرو هڪ فضيلت وارو جوان آهي ۽ هڪ سٺي خاندان جو ماڻھو آهي، سندس والد پراڻي زماني وارو فائينل جو امتحان پاس ڪري پوءِ پنھنجي والد صاحب جو ڪاروبار سنڀاليو ۽ انھيءَ ڪاروبار مان هن پنھنجا ٻار پڙهايا. موري ۽ حيدرآباد ۾ گهر ورتائين ۽ ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏياريائين. عبدﷲ اصل ۾ هڪ سنياسي ماڻھو آهي، هُو ڪاليج لائيف ۾ ئي دوستن جو گروپ ٺاهي ملڪ جي ناردرن ايرياز ۽ ٻين ننڍن وڏن شھرن ۾، پھاڙن ۽ برفاني علائقن ۾ پيو گهمندو هئو. يونيورسٽيءَ جي ڪينٽين تي ويھي مان کيس چوندو هيس تہ “پاڻ لنڊن جي ايئر پورٽ تي ملنداسين ۽ چانھہ ۾ ڪيڪ ٻوڙي کائينداسين.” مون کي خبر هئي تہ هُو نہ مڙندو ۽ انھن ڪوششن ۾ ڪراچيءَ ۾ سمنڊ ڪناري فليٽ وٺي اتان ٻاهر وڃڻ جي لاءِ ڪوشش ڪيائين، پر مختلف دوستن سان ملي نيٺ چيائين “يار هتي ڪراچيءَ مان ٻاهر لاءِ ڪم نہ ٿيندو. هتي رڳو دوست وقت ضايع ٿا ڪن.” مون کي پڪ هئي تہ هُو ڪنھن نہ ڪنھن پاسي نڪري ويندو. بھرحال سترهين گريڊ جي نوڪري ڇڏي يار نيٺ يورپ جي دل سئيڊن ۾ وڃي نڪتو. جتي هن ڏاڍي محنت ڪئي آهي. جنھن جو احوال لکندس تہ طويل ٿي ويندو. نيٺ اٺن سالن کان پوءِ هن جي دل ڀرجي وئي پر مون هن کي صلاح ڏني تہ دنيا گهم، سفر جا حال احوال لک، ڪالم لک، پر واپس نہ اچ. هُو جيڪو ڪجهہ لکندو هئو پيو موڪليندو هئو، ڪجهہ پڙهندو هيس ڪجهہ نہ، پر نيٺ سندس سفرناما ڪتابي صورت ۾ ڇپرائڻ جو خيال اچي ويو. اڄ ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي.
ڇا تہ هن يار لکيو آهي جو هن تي فخر محسوس ٿيڻ ٿو لڳي. هڪ هند لکي ٿو “سبي کان ڪوئٽا يا ڊبلن کان ڪاسلبار ويندي جيڪا شئي هميشہ متوجھہ ڪري ٿي اها آهي ريڍارن جي هڪ ڪرت جيڪا بلڪل ساڳي آهي. ڀلي ريڍار آئرلينڊ جو آئرش هجي يا بلوچستان يا کڻي سنڌ جو، سڀني جو پنھنجين رڍن کي نيرو، گلابي، ڦڪو يا ڳاڙهو رنگ هڻڻ ساڳيو عمل آهي. ٻنھي ريل يا روڊ رستي ويندي رڍن جا رنگ برنگي ڌڻ نظر ايندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن آءُ جڏهن ڊبلن کان ڪاسلبار ويندي اهڙن ڌڻن کي ڏسندو آهيان تہ هڪڙي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي ۽ منھن تي هلڪي هلڪي مشڪ پاڻ ئي اچي ويندي آهي. پوءِ ڪو سامھون ويٺل مسافر شڪي نگاهن سان مون ڏي ڏسي جوابي مسڪراهٽ جو حملوڪندو يا ڪندي آهي، پر کين ڪھڙي خبر تہ هن وقت آءُ ذهني طور تي آئرش ريل سان گڏوگڏ بولان ميل ۾ پڻ سفر ڪري رهيو آهيان ۽ انھن ويرانن ۾ موجود رڍن جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان ۽ مڪمل طور تي اها ڪسوٽي حل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهيان تہ آئرلينڊ، سنڌ ۽ بلوچستان جي ريڍارن ۾ ڪھڙو ۽ ڪڏهن جو ڳانڍاپو آهي. اهو رنگن جو استعمال شايد ٻن سبب جي ڪري آهي، هڪ تہ سندن رڍون سھڻيون لڳن ۽ ٻيو تہ هو جيئن پنھنجي مال کي سڃاڻي سگهن.”
عبدﷲ کي اڪيلائيءَ اُجاري ڇڏيو آهي، هن ڇا تہ نثر لکيو آهي، هن وٽ Mature Vision آهي، هُو ذهني طور تي آئرش ريل ۾ بہ بولان ميل وارو سفر ڪري ٿو. هن جي فهم، ادراڪ ۽ ذهني اوسر ۾ هڪ مهذب تھذيب جو پختو پس منظر ۽ ترقي يافتا معاشري جي سماجي سهپ جو ميلاپ آهي. مون کي خبر ناهي تہ “Home Sikness” ڇا ٿيندي آهي، ڇو تہ هيل تائين مان هن ملڪ کان ٻاهر ناهيان ويو، پر عبدﷲ جي سفرنامن کي پڙهي مان محسوس ڪري سگهان ٿو تہ “وطن جي حب ڇاهي.” هُن سنڌ کي وساريو ناهي بلڪ قدم قدم تي هُن سنڌ کي اڃان ويجهو کان ڏٺو آهي. شيخ اياز جي هڪ سٽ هئي تہ “پرڏيھيءَ سان پيار ڪري، مون پنھنجو ڏيھہ ڏٺو.” مون کي ڪي ئي سال اها سٽ سمجهہ ۾ نہ ايندي هئي پر هاڻ ان درد کي محسوس ڪري سگهان ٿو.
عبدﷲ ٻئي هنڌ لکي ٿو تہ “اسان جي سامھون پيرينيز پھاڙن جي خوبصورت وادي ۾ اندورا جي گادي وارو شھر اندورا لا ولا نظر آيو. ٻارنھن اسڪوائر ڪلوميٽرس تي مشتمل اندورا لا ولا يورپ ۾ اونچي ۾ اونچو يا بلند سطح تي گادي وارو شھر آهي. اندورا جي سرڪاري ٻولي ڪاتالان آهي. اندورا پڻ اسڪيننگ جي لاءِ تمام گهڻو مشھور آهي ۽ هتي ٽيڪس ۾ بہ ڇوٽ هوندي آهي، ان ڪري ماڻھو هتان “ڪافي” خريداري ڪندا آهن. تقريبن اٺ ڏھہ ملين سياح هر سال اندورا گهمڻ لاءِ اچن ٿا، پران هوندي بہ تمام گهٽ ماڻھن کي خبر آهي تہ اهو بہ ڪو ملڪ دنيا جي نقشي تي موجود آهي. جڏهن تہ اندورا ملڪ تمام پراڻو آهي. اندورا جو پنھنجو سڪو ڪڏهن بہ ناهي رهيو، يورو کان پھريان هتي اسپين ۽ فرانس جو سڪو هلندو هئو ۽ ملڪ ۾ هن مھل تائين پنھنجو ڪوبہ هوائي اڏو ناهي. ملڪ ۾ تماڪ جي تمام گهڻي پيداوار آهي ۽ هتان جا ماڻھو دنيا ۾ پھرئين نمبر تي سگريٽ ڇڪڻ ۾ اچن ٿا. هتي گهڻي قدر ماڻھو ٽيڪس فري خريداري ڪرڻ اچن ٿا، خاص ڪري سگريٽن جي خريداري. ملڪ ۾ فوج بہ نہ هئڻ جي برابر يا تمام ٿوري ۽ رسمي آهي، جنھن صدين کان ڪابہ جنگ ناهي وڙهي.”
عبدﷲ انفارميشن بہ تمام سٺي انداز ۾ ڏئي ٿو، جنھن ڪري پڙهندڙن جو سفرنامي ۾ مزو برقرار رهي ٿو. ڪجهہ ماڻھو سفر نامي کي اقتصادي مضمون ڪري پيش ڪندا آهن جنھن ڪري پڙهندڙ کي بوريت محسوس ٿيندي آهي پر عبدﷲ انفارميشن کي محدود ۽ مزي خاطر جاءِ ڏني آهي، نہ تہ عبدﷲ جو ويئن تمام براڊ آهي، جيئن ٻئي هنڌ لکي ٿو “موروڪو جا ماڻھو هڪ ئي وقت فرينچ، اسپينش، عربي، انگريزي ۽ بربر ٻوليون ڳالھائين ٿا. ٻولين جي اهميت تي وري ڪنھن ٻئي حوالي سان لکبو.” عبدﷲ پاڻ بہ مقامي ٻولي سکي ۽ پڙهي آهي، هن جو مختلف ٻولين تي بہ پنھنجو ويچار آهي، جن مان ڪجهہ ٻولين جا سنڌي تلفظ جھڙا لفظ پڻ آهن.
عبدﷲ هڪ هنڌ لکي ٿو “ماڻھو هتي هتان جا قدرتي گرم چشما ڏسڻ ايندا آهي. ڪافي شايد ڪن بيمارين جي علاج لاءِ بہ اچن ٿا. هن شھر ۾ موجود گرم چشمن جو گرمي پد پيرينيز جي پھاڙن ۾ موجود ٻين گرم چشمن کان وڌيڪ آهي. اهڙي قسم جي گرم چشمن ۾ سلفر هجي ٿو، جيڪي پاڪستان ۾ بہ مختلف جائين تي آهن.” هن وٽ بار بار سنڌ جو حوالو آهي، جيڪو هن کان بي ساختا لکجي ٿو وڃي. “صبح جو مزي سان تيار ٿي ناشتو پاڻي ڪري هلياسين شھر کي ڀيلڻ. ڏينھن جي روشني ۾ ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ محسوس ٿيو تہ هتي ٻلا ۽ ٻليون تمام گهڻا آهن، هر پاسي ٻلا ۽ ٻليون. اتي اهي رڳو ٻلا ئي ٻلا ڏسي مون کي موري جو سُرهين جو پاڙو ياد اچي ويو، جتي گهڻن جون اکيون شيريون آهن ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي يا شھر وارا کين ٻلا سڏين ۽ اهي يار بہ دل ۾ صفا ڪونہ ڪن.”
وري هي ٽڪرو ڏسو جنھن ۾ عبدﷲ لکي ٿو تہ “اڄ مون روڊ جو ٻيو پاسو ورتو، ڪجهہ اڳتي هلڻ کان پوءِ ڏٺم تہ اتي هڪ بسن جو اڏو نظر آيو، ملازمن مختلف شھرن ڏانھن وڃڻ جا هوڪا پڻ ڏنا پئي. مون کي اتي حيدرآباد جا بس اڏا جيئن پٺاڻ ڪالوني، ٻڪرا منڊي، بدين اسٽاپ ۽ نئين پل ۽ سکر جا بس اڏا بہ ياد آيا.” (عبدﷲ جي حيدرآباد شھر جي حوالي ۾ لکيل سٽن منجهان مان جيڪي ڪجهہ محسوس ڪري سگهان ٿو اهو بہ شايد ئي ڪو محسوس ڪري سگهي جو اسان حيدرآباد ۾ ڄڻ تہ گڏ گڏ رهيا آهيون.)
عبدﷲ دبئي جي حوالي سان لکي ٿو تہ “هتي مون ڏٺو تہ گاري جي لمبائي سان ٺھيل گهر جن ۾ ڪاٺ جا بنڊ استعمال ٿيل هئا، ڪاٺ جي درين ۾ لوهي شيخون، ڪاٺ جي پڃرن يا لڪڙن ۾ ڇپر ڦاسايل، لوھہ جي ڪڙي سان ڪاٺ جي تاڪن جا در جيڪي مختلف حصن ۾ هوندا آهن، پاڻي جي ننڍي نادي جيڪا ڪاٺ جي چئن پاون يا گهڙا منجي قسم جي شئي ۾ ڦاسايل هجي، هڪ ننڍو بلب جيڪو محدود قسم جي روشني ڏيندو هجي، کجين جا وڻ، گاسليٽ واري بتي، تيل يا گاسليٽ جا ڊرم، گهرن جي مٿان ڪوٺن تان ڀتين ۾ ڄاريون، ڪٿي ڪٿي وري ڀتين تان گارو لٿل، جنھن مان سرون نظر اينديون هجن، گهرن جي ٻاهران سائيڪلون بيٺل، گهرن جي ورانڊن جي دروازن ۾ گول پلر ۽ انھن جي مٿان وري گول ونگن جي ڊزائن، ڪٿي ڪٿي عرب پنھنجي روايتي ڪپڙن ۾ اٺ سان بيٺل نظر اچي ٿو تہ ڪٿي وري عربن جو ننڍو خاندان ڏيکاريل آهي. هتي بہ سياحن جي ڪافي رونق لڳل هئي. هن علائقي ۾ مون کي گهمندي ڏاڍو مزو آيو. هتي مون کي لڳو تہ ڄڻ هي ڪو سنڌ جو علائقو هجي، ڇاڪاڻ تہ پاڻ وٽ اڃا بہ اهي مٿي ذڪر ڪيل شيون استعمال هيٺ آهن ۽ اهڙي قسم جو ماحول اڃا بہ آهي.”
هنن سفر نامن جي چوڌاري سنڌ هڪ غيبي سرحد جيان موجود آهي، ڪنھن شعر جو مفهوم هيو تہ “دنيا جا سڀ سھڻا نالا توکي ارپي ڇڏيان.” اهڙي طرح عبدﷲ سڄي دنيا جي سونھن کي جنھن “آءِ پيس” سان ڏٺو آهي اهو لينس اصل ۾ سنڌ آهي. هُو لکي ٿو “هن فائيو گائيز ريسٽورنٽ وارن جو وري اهو طريقو آهي تہ جيستائين کاڌو تيار ٿئي تيستائين مفت ۾ بيھيمڱ ويٺا کائو. اتي بيھي مڱ کائيندي مون کي موري جا بيھي مڱ کائڻ جا شوقين ڪجهہ مائٽ ۽ دوست ياد اچي ويا. ” مورو عبدﷲ جي هر سفر جي آخري اسٽيشن ٿو لڳي. جيئن سئيڊن يورپ جي دل آهي تيئن مورو ساهتيءَ جي دل آهي.
ٻي جيڪا ڳالھہ مٿئين دبئيءَ واري ڪوٽيشن مان بہ واضع آهي تہ عبدﷲ وٽ اظهار جي قوت آهي، هُو حسين منظر لکت ۾ پسائي سگهي ٿو، هن وٽ ڪڏهن ڪڏهن مون کي هڪ شاعر واري دل محسوس ٿئي ٿي. گهڻن ماڻھن سان اهو الميو هوندو آهي تہ اهي منظر جو حسن تہ پَسي سگهندا آهن پر ان کي بيان ڪرڻ جو وٽن ڏانءُ نہ هوندو آهي، عبدﷲ وٽ اهو ڏانءُ آهي تہ هُو سڀ شيون بيلينس ڪري هلي ٿو. هي سفرناما ٺلھي ڪمينٽري نہ ٿا لڳن پر متحرڪ آهن، هنن ۾ منظر ساھہ کڻندڙ آهن ۽ عبدﷲ سفر نامن کي هڪ شاعر جي دل سان لکيو آهي، هُن وٽ هڪ هماگير صلاحيت آهي، خاص ڪري ڪنھن بہ فيلنگ کي بيان ڪرڻ جو هن وٽ شاعراڻو ڏانءُ آهي. هي ڪوٽيشن منھنجي ڳالھہ کي ڀر ڏيندو: “پھاڙن جو خوبصورت سلسلو بہ شروع ٿي ويو هو، ڪٿي ڪٿي پھاڙن ۾ گهيريل پري پري گهر ۽ گرجا گهر بہ نظر اچن پيا. گهرن جي ڇتين ۽ گرجا گهرن جي مينارن تي صبح جي سج جا پھريان ڪرڻا پئجي رهيا هئا، ڪٿي ڪٿي پالتو جانور پڻ چرندي نظر آيا، لڳي ائين پيو تہ آس پاس جا ڳوٺ اڃا هاڻي جاڳي رهيا آهن. صبح جو اهو ماحول انتھائي پرسڪون ۽ وڻندڙ هو.” اهڙو ئي هڪ ٻيو پيس ڏسو: “مون واري سڄي گروپ جا سياح سڀ جا سڀ پاڻيءَ ۾ هيا. ڪي وري مقامي يا آس پاس جي علائقن جا ماڻھو اتي اچي پڪنڪ ملھائين ٿا. اتي کاڌي کائڻ جا هوٽل، سووينيئر جا دڪان، ڪيفيٽيريا، بار، چڪر کائڻ لاءِ ننڍيون توڙي وڏيون ٻيڙيون هر وقت موجود هجن ٿيون. پاڻي ايترو تہ صاف آهي جو پٿر، مڇيون ۽ ٻيڙين جو ترو صاف نظر اچي ٿو.” سفرنامو هونءَ تہ تفريحي ادب جي ذمري ۾ اچي ٿو، جنھن ڳالھہ کي پڻ عبدﷲ مورائيءَ بخوبي نباهيو آهي. ڪنھن ڪنھن ليکڪ جو مشاهدو پڻ تيز هوندو آهي، جنھن سان اُهو ليکڪ بصري عڪسن کي لکڻيءَ ۾ ايئن منتقل ڪندو آهي جو اهي ڪيفيتون لکڻيءَ مان هوبھو جهلڪڻ لڳنديون آهن. اهڙو ئي هي حصو ترڪيءَ جي شھر استنبول بابت عبدﷲ جي هن ڪتاب جو حسن بڻجي سامھون آيو آهي: “هوٽل کان ٻاهر اچي مون مرمرا سمنڊ جي ڪناري تي آباد هن استنبول جي ڪڍيڪوئي واري علائقي کي ٿورو غور سان ڏسڻ شروع ڪيو، ريسٽورنٽ ڀريل ۽ ويٺلن جا جام بہ ڀريل، سگريٽن يا شيشن مان نڪرندڙ دونھان، هر پاسي ترڪش کاڌن جي خوشبو، گهڻي قدر مقامي ترڪ يا ترڪي جي ٻين علائقن مان آيل ترڪ پئي نظر آيا. استنبول جي ٻين سياحتي ماڳن کان هتي ماحول سڪون وارو هو. تازي مڇي، فروٽ ۽ ڀاڄين ۽ مصالحن جا دڪان هر پاسي نظر پئي آيا. مرمرا سمنڊ ۾ پاڻي جا ننڍا ننڍا جھاز ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ مسافرن کي هر وقت ڍوئڻ ۾ رڌل هئا.” هن جي نثر ۾ Kinetic Images آهن، هي منظر سامھون چُرندي پُرندي محسوس ٿي رهيا آهن. عبدﷲ وٽ بيان جي قوت حيرت انگيز آهي، جھڙي ڪنھن پختي ليکڪ ۾ بہ ورلي ملندي آهي.
عبدﷲ لکي ٿو تہ: “دبرونوڪ ۾ سياح شام جو سج لھڻ جو نظارو شھر جي پھاڙي مٿان وڃي ڪندا آهن، جتان شھر هٿ جي تري تي بيٺل نظر ايندو آهي.” عبدﷲ پھاڙن تي چڙهي دبروڪ شھر کي شاعري تشبيھہ ڏني آهي.
عبدﷲ اڌ دنيا کي پنڌ گهميو آهي، هن مختلف جاين تي لکيو بہ آهي تہ ڪنھن بہ جڳھہ کي گاڏيءَ يا ٽرين مان گهمي نہ ٿو ڏسي يا چئي سگهجي تہ اسان هي شھر گهميو آهي، جيسيتائين ان جڳھہ کي پيرين پنڌ نہ ٿو ڏسجي. هن ڪوٽيشن ۾ عبدﷲ پنھنجي ڳالھہ جا عڪس هيئن چٽيا آهن: “ان ڏينھن اسان تقريبن ويھہ ٻاويھہ ڪلوميٽر پنڌ هليا هئاسين، ڪافي ٿڪاوٽ ٿي چڪي هئي، ماني کان پوءِ ارادو اهو ئي هئو تہ پيسن جي مٽا سٽا وارن جي آفيس مان ڪجهہ پيسا مٽرائي پوءِ وڃي ٿا گيسٽ هائوس تي آرام ڪيون. پر سائين اڃا ڪٿي، انھن چيو تہ پاسپورٽ ڏسڻ کان سواءِ پيسا نہ ٿا مٽائي سگهون ۽ اسان جا پاسپورٽ تہ گيسٽ هائوس ۾ رکيل هئا، بھرحال هڪ دفعو وري گيسٽ هائوس تي وڃي وري واپس اچڻو پيو. پر اهي سڀ شيون سفر جي سونھن ۾ شامل آهن.” عبدﷲ جو شين ڏانھن ورتاءُ هاڪاري آهي.
عبدﷲ جڏهن سنڌ ۾ هئو ۽ پنھنجي ملڪ جي ناردرن ايرياز ۾ گهمڻ ويندو هئو تہ هن جا ڪجهہ انگريز ٽوئرسٽ دوست هئا، جيڪي کيس مختلف جاين تي ملندا هئا. ٻاهر وڃي عبدﷲ انھن سان بہ مليو، انھن کان گائيڊينس وٺي هن مشھور جاين جا سير ڪيا. ڪجهہ ماڻھن ۽ گروپس سان گڏجي هُن پاڻ سفر ڪوآرڊينيٽ ڪيا. گاڏين وارن سان دوستيون رکيون، جن کيس دنيا گهمائي. هڪ سفر نامي ۾ عبدﷲ هڪ ڀوڳ لکيو آهي جيڪو هن جي انگريزن سان دوستيءَ جو هڪ خوشگوار احساس اڀاري ٿو: “چيائين تہ منھنجو پاسپورٽ تہ بوسنيا اينڊ هرزيگووينا جو آهي پر نوڪري هن ڪروشيا جي سياحتي اداري ۾ ڪندو آهيان. اهو بہ ٻڌايائين تہ منھنجي ڏاڏي مونٽينيگرو جي هئي ۽ ڏاڏو بوسنيا اينڊ هرزيگووينا جو. اسٽافن وڌيڪ ٻڌايو تہ هن سڄي بالڪن ۾ مونٽينگرو جا ماڻھو خاص ڪري اتان جون عورتون تمام گهڻيون سھڻيون آهن. پوءِ مون کلندي چيومانس تہ شايد تنھنجي ڏاڏي بہ ان ڪري اتان شادي ڪئي هئي؟ ان ڳالھہ تي سندس ٽھڪ نڪري ويو.”
هن وقت عبدﷲ اسان جو اسيٽ آهي. هو هڪ باشعور فرد آهي، يورپ ۾ پروفيشنل انجنيئر آهي ۽ ان سان گڏوگڏ سڄاڻ ڪالمسٽ آهي، هڪ بھترين فوٽوگرافر آهي. سندس ڪالم بہ گڏ ٿيڻ ۽ ڇپجن کپن، جن ۾ هن تمام گهڻا موضوع تفصيل سان ڇھيا آهن. هنن سفرنامن مان بہ لڳي ٿو تہ سنڌ جي نياڻين کي اڳتي آڻڻ ۽ ٻارن ۾ اعتماد وڌائڻ طرف هن جو خاص ڌيان آهي. عبدﷲ هتي لکيو آهي تہ جن انگريزن ٽوئرسٽس سان هن جي دوستي آهي، اهي هِن ملڪ کي گهمڻ چاهن ٿا، جنھن تي عبدﷲ لکيو بہ آهي پر هِن ملڪ جون ناهموار سياسي حالتون عالمي طور اسان جي ساک وڃائن ٿيون. اسان جا پراونشل ٽوئر ازم ڊپارٽمينٽ تہ ڇڙا ساليانا رنگين بروشر ڇپائي ٽيبلُن جا خانا ڀريندا رهندا آهن، انھن جي ٽوئرازم سائيٽس سان ڪا خاص دلچسپي ئي نہ رهي آهي. پر اڄ جڏهن دنيا فطري سياحت “Echo Tourism” تي ڇتي ٿي پئي آهي تہ اسان ڪٿي بيٺا آهيون. “اڇڙي ٿر” جا ڏُتڙيل ماڻھو دنيا جي تحقيقي ادارن جي توجھہ جو مرڪز ڇو نہ بڻجي سگهيا آهن؟ اهو هڪ سوال آهي. ڪجهہ وقت اڳ مڪليءَ تي آيل هڪ ٽوئرسٽ سان تہ تمام گهڻي بدتميزي ڪئي وئي هئي، جنھن جو سنڌي اخبارُن نوٽيس ورتو هئو. ايئن ٻين ملڪن ۾ بہ آهي، جيئن عبدﷲ استنبول ۾ اسان جي گڏيل دوست عالم صديقيءَ سان پاڻ ڦرائڻ جو واقعو لکيو آهي يا سندس جرمنيءَ جو هي ڪوٽيشن ڏسو: “جرمن هڪ دفعو وري تاڪيد ڪئي تہ پاسپورٽ ڪوشش ڪري نہ کڻي وڃجو ۽ فون ۽ والٽ پينٽ يا شارٽ جي اڳئين کيسن ۾ رکجو. مون هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي دل ۾ سوچيو تہ چاچا اسان سنڌين جو تہ هن مھل تائين الائي ڇا ڇا نڪري ويو آهي ۽ ڪڍڻ وارا ڪجهہ بشني پنھنجا آهن تہ ڪجهہ پراوا ۽ اهي سڀ بشني تاريخ ۾ ڏاڍا ذليل ۽ خوار ٿيندا.” اتي عبدﷲ علامتي انداز ۾ تاريخي حقيقت جي آڌار تي مٿيون اسٽيٽمينٽ ڏنو آهي. دنيا جي جھالت ۽ سنڌ جي ڦرجڻ جي ڳالھہ اُهو ماڻھو کُلي طرح ڪري سگهي ٿو جيڪو دنيا ڏسيون ويٺو هجي ۽ جنھن جو سنڌ بابت سماجي مطالعو ٿيل هجي. عبدﷲ شاهڪار ڪالم لکي ٿو ۽ دنيا گهمي ٿو، هُن بارسلونا ۾ ڪاتالونيا جي آزادي پسند تحريڪ جو جلسو ڏٺو تہ ايئن لکڻ تي مجبور ٿي پيو تہ “جتي بہ ظلم هوندو، وسيلن جي ڦرلٽ هوندي، مَقامي ٻوليءَ جي ختم ٿيڻ جو خطرو هوندو، حد کان وڌيڪ ڌارين جي آبادڪاري هوندي، جتي ڊيموگرافي تبديل ٿيڻ جو خدشو ٿي پوي تہ پوءِ اتي زندھہ قومون روڊن تي ٽيئر گيس ۽ گولين جي سامھون اچڻ کان بہ ناهن گهٻرائينديون ۽ اهي ٽيئر گيس ۽ گولين جي سامھون ايندڙ قومن جا هيرا هوندا آهن، جن جو فيصلو تاريخ ڪندي ۽ انھن تي گوليون يا ٽيئر گيس هلائڻ وارا تاريخ ۾ ڀاڙيا ۽ غليظ قرار ڏنا ويندا.” هڪ ليکاري ان کان وڌيڪ ڪھڙي مزاحمت ڪري سگهي ٿو! عبدﷲ ٻئي هند لکي ٿو تہ “ٻاهر جو حال اصل ۾ اندر جي حال جي خبر ڏيندو آهي. انسان جيڪڏهن اندران بيمار هوندو تہ ان جي بيماري ظاهر مان نظر ايندي، اسان ۽ اسان جي شھرن جي حالت اصل ۾ وس وارن جي اندر جي حالت ظاهر ڪري ٿي.” اهو ڪوٽيشن مسئلو بہ آهي تہ مسئلي جو حل بہ آهي. جڏهن انتھا پسندي حد درجي تي پھچندي آهي تہ ڇوٽڪاري جي عمل جي شروعات ٿيندي آهي. بھرحال منھنجي فخر لائق دوست عبدﷲ سومري مورائيءَ جو هي سفرنامن جو ڪتاب ڇاپيندي جيڪا خوشي مون کي آهي اُها لفظن ۾ بيان نہ ٿي ڪري سگهجي. هُن ستن سمنڊن جيڏو سفر ڪيو آهي ۽ زندگيءَ جا مڙئي عڪس ويجهو کان ڏٺا آهن. جن جو ڳر هنن سفرنامن ۾ بيان ڪيو اٿائين، آئون سنڌ بابت سندس هن ڪوٽيشن تي کيس لکين مبارڪون ڏيندي پنھنجو مضمون پورو ڪندس تہ: “توڙي جو مون يورپ جي مختلف ملڪن جي ريل گاڏين ۾ چڙهي سفر ڪري ڏٺو آهي، پوءِ ڀلي اهو سفر اٽلي جي شھر ميلان کان وينس وڃڻو هجي، آئرلينڊ جي شھر ڊبلن کان ڪاسلبار وڃڻو هجي، سئٽزرلينڊ جي شھر جنيوا کان لوزان وڃڻو هجي، ريل گاڏيون آرامدھہ ۽ جديد ٿين ٿيون، پر جيڪو مزو مون کي دادوءَ کان ڪوئٽہ بولان ميل ۾ ويندي دلڪش لڳي ٿو ان جو مٽ هتان جي سفر ۾ ڪونہ آهي.”


رحمت پيرزادو
ڪراچي

اسپين، فرانس ۽ اندورا ۾ رولاڪيون

سائين ڀلي هلو بارسلونا، 2019ع ۾ سرءَ جي مند ۾ منھنجن ڀاڻيجن معز ۽ سالار ۽ مون سوچيو تہ گڏجي ڪاڏي گهمڻ هلون ۽ هلون بہ ڪنھن اهڙي ماڳ جيڪو پاڻ ٽنھي لاءِ نئون هجي. سو فيصلو بيٺو تہ اسپين جي اتر اوڀر واري علائقي ڪاتالونيا جي شھر بارسلونا ٿا هلون، جيڪو اسان ٽنھي جو ڏٺل نہ هو، سو سڀني نعرو هنيو تہ سائين ڀلي هلو بارسلونا. بارسلونا سان گڏوگڏ اهو بہ رٿيوسين تہ ماڻھو جيڪڏهن بارسلونا ۾ هجي تہ بھتر آهي تہ ڪجهہ ٻيا ماڳ پڻ گهمي ڏسي مثال طور اُتر اسپين ۾ وچين دور جو ننڍو جابلو شھر باگا، پيرينيز جو خوبصورت جابلو سلسلو، ڏکڻ فرانس جو هڪ ننڍو جابلو شھر ايڪس لس ٿرمس ۽ اسپين ۽ فرانس ۽ پيرينيز پھاڙن جي وچ ۾ هڪ تمام ننڍو ۽ سھڻو ملڪ اندورا ۽ سندس گادي وارو شھر اندورا لا ولا پڻ گهمي ڏسجي.
ادي سڪينہ جي هٿن جو تمام لذيذ برنچ کائي اچي لنڊن ليوٽن جي هوائي اڏي تي وقت سان پڳاسين. جھاز ۾ اڃا ڪافي وقت هو سو هيڏانھن هوڏانھن دڪانن تي پئي چڪر ڏناسين. اتي مون ڏٺو تہ سالار کي ڪنھن وڏي عمر جي مائي اچي ڪن ۾ ڪجهہ چيو ۽ سالار پنھنجي فون کيسي ۾ رکندي کليو. مون سالار کان پڇو هيءَ ڪير هئي ۽ ڇا چيائين؟ سالار ٻڌايو تہ اسان جي اسڪول جي ايڊمنسٽريشن ۾ آهي، ۽ ڪن ۾ اچي چيائين تہ هتي بہ موبائيل جي پچر نہ ٿو ڇڏين، تنھن تي اسان سڀ ڏاڍو کلياسين. اها مائي پنھنجي خاندان سان گڏ اسپين جي ڪنھن سياحتي ٻيٽ ڏانھن وڃي رهي هئي.
خير سان ايزي جيٽ جي جھاز پنھنجي مقرر وقت تي لنڊن مان بارسلونا وڃڻ لاءِ اڏام ڀري. جھاز ۾ تقريبن گهڻائي گورن مسافرن جي هئي. سفر تقريبن اڍائي ٽن ڪلاڪن جو هو ۽ مقرر وقت تي جھاز بارسلونا جي هوائي اڏي تي اچي لٿو. آٽو ميٽيڊ يعني خودڪار يا اي گيٽس بارڊر ڪنٽرول سسٽم جي سھولت جي ڪري ماڻھو جلد هوائي اڏي کان ٻاهر اچي ٿو وڃي. سو اسان بہ اهي اي گيٽس استعمال ڪري، اچي شھر وڃڻ واري بس جي اڏي تي پھتاسين. ٽڪيٽ بس جي ڊرائيور کان ئي ورتي سين. اسان کي بس جي آخري اسٽاپ پلازا / پلاڪا دي ڪاتالونيا جي چونڪ تي ئي لھڻو هو، سو بي فڪرا ٿي بارسلونا جي اوسي پاسي ۽ شھر جون رونقون ڏسڻ شروع ڪيونسين. بس جيئن جيئن شھرطرف اندر ويندي رهي، تيئن تيئن بارسلونا شھر جون رونقون ظاهر ٿينديون ويون ۽ اسان کي ائين لڳو ڄڻ هي خوبصورت شھر اسان کي ڀلي ڪار ڪندو هجي، هر پاسي سياح پئي نظر آيا، شھر ۾ تمام گهڻي رونق لڳي پئي هئي. بس اسان کي تقريبن اڌ مني ڪلاڪ ۾ بارسلونا جي مشھور چونڪ پلازا دي ڪاتالونيا تي اچي لاٿو.
پلازا دي ڪاتالونيا بارسلونا ۾ تمام گهڻو مشھور هڪ تمام وڏو ۽ مک چونڪ آهي، جتي هر وقت وڏي رونق لڳي پئي هوندي آهي، هر پاسي سياح ۽ اصل رهاڪو پيا نظر ايندا. هڪ تمام خوبصورت ڦوهاري جي چوڌاري انتھائي سھڻيون عمارتون نظر اچن ٿيون، جيڪي فن تعمير جو هڪ اعلي نمونو آهن ۽ سھڻو ڏيک ڏين ٿيون. هن چونڪ کي بارسلونا جي دل پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. هتي وڏين برانڊڊ ڪمپنين جا دڪان، بسن جا اڏا، زمين اندر هلندڙ ريل جون ويجهيون اسٽيشنون، کاڌي پيتي جا ريسٽورنٽ، ڪيفيٽيريا، پيسن جي مٽا سٽا جا دڪان، بار ۽ ڪبوتر جام نظر ايندا. مطلب تہ پھريون دفعو ايندڙ ماڻھو کي هتي جو ماحول وڻندو ۽ کيس سٺو محسوس ٿيندو. هي چونڪ ۽ هن جي ڀرسان واري جڳ مشھور لارامبلا اسٽريٽ چورن جي جنت ۽ آماجگاھہ پڻ آهي، سو هر وقت اکيون کليل رکڻ گهرجن.
بھرحال اسان بس مان لھي پنھنجا ٿيلھا سنڀالي ۽ گھليندا اچي ايڊي رومز تي پھتاسين. هي گيسٽ هائوس پلازا دي ڪاتالونيا کان تقريبن هڪ ڪلوميٽر پري ڪيرير ڊي گيرونا روڊ تي واقع هيو. سج لھي چڪو هئو. اسان کي گيسٽ هائوس ۾ چيڪ اِن ڪندي اسي سالن کن جي جرمن مالڪ بارسلونا جي باري ۾ ڪجهہ ضروري هدايتون پڻ ڏيندو رهيو، مثلن تہ پنھنجا پاسپورٽ ضرورت کان سواءِ پاڻ سان هر وقت گڏ نہ رکجو ۽ بھتر آهي تہ هتي پنھنجي ڪمري ۾ ئي رکي وڃجو، ٻيو تہ پنھنجا موبائل فون ۽ ٻٽون سوٽ جي پوئين گيدي (کيسي) ۾ هرگز نہ رکجو، هتي بارسلونا ۾ اهو عام آهي تہ سياحن جا موبائل فون، پرس يا پاسپورٽ بشني ڪڍي ٿا وڃن. جنھن جي ڪري گهمڻ تہ گهمڻ جي ماڳ رهندو ماڻھو هروڀرو پريشان ٿي ٿو وڃي.
اسان سندس ڳالھين کي هانءَ سان هنڊايو، اسان کي گيسٽ هائوس جي باري ۾ ضروري شيون پڻ ٻڌايائين. اسان واري ڪمري ۾ هڪ ڊبل بيڊ ۽ ٻيو وري سنگل بيڊ پيل هيو، ڪمري جي بالڪوني مان ٿورو ٻاهر جو ديدار ڪيوسين تہ ٻاهر روڊ تي ۽ عمارتن جي بالڪونين ۾ وڏي رونق نظر آئي. موسم تمام بھترين هئڻ جي ڪري ماڻھو بالڪونين ۾ ويھي کائڻ ۽ پيئڻ جو مزو وٺي رهيا هئا.
اسان ٿوري دير ۾ تيار ٿي بارسلونا کي گهمڻ شروع ڪيو ۽ ڦري سري وري ان ساڳئي پلازا دي ڪاتالونيا چونڪ تي پھتاسين، هر پاسي وڏي گھما گھمي هئي، ماڻھو تقريبن سڀ ٽي شرٽ ۽ نيڪرن يعني وڏن چڍن ۾ هئا. مون کي هتي گهمندي اسان جي موري جي پاڙي ۽ ننڍي هوندي جي دوست فيروز ميمڻ جو ننڍو ڀاءٌ فدا حسين ميمڻ ياد اچي ويو، جيڪو هن ئي شھر مان ڪجهہ وقت اڳ پنھنجي پڙهائي پوري ڪري وڃي چڪو هو. اسان جي اڳئين منزل وري لا رامبلا اسٽريٽ هئي، جيڪا ڪاتالونيا واري چونڪ کان ئي شروع پَئي ٿي. گهڙڻ سان ئي وات مان نڪري ويو “هل ڇا تہ خلق آ هن گهٽيءَ ۾.”
سوا ڪلو ميٽر ڊگهي لا رامبلا بارسلونا جي واڪنگ اسٽريٽ يعني پنڌ گهمڻ وارن ۾ تمام گهڻي مشھور ۽ معروف آهي. گهٽي جي ٻنھي پاسي ڊگها وڻ ۽ انھن جي هيٺان وري ڪيفيٽيريا، سووينيئر يا تحفن جا دڪان، گلن جا دڪان، ريسٽورينٽ وغيرہ جام آهن. هتي تہ پٽ تي ڪپڙو وڇائي ۽ ان مٿان مختلف قسمن جون شيون رکي بہ ماڻھن روزي پَئي ڪئي. مون ٻڌو هو تہ هتي سنڌين جا بہ ڪافي دڪان آهن پر اسان کي اتي نہ ٻڌڻ ۾ ۽ نہ ئي ڪو سنڌي ڏسڻ ۾ آيو، باقي هن گهٽي ۾ پنجابي، اردو ۽ بنگالي باقاعدي ۽ واضع ٻڌڻ ۾ آئي.
لا رامبلا تي وڏي رش هئي، هر عمر جو ماڻھو هتي نظر اچي پيو، ڪي جوڙا هٿ هٿ ۾ ڏيو تہ ڪي وري اڪيلا، ڪٿي ڇوڪرين جا جٿا، تہ وري ڪٿي نوجوان ڇوڪرَن جا ٽولا نظر آيا پَئي. وڻن کي وڌيڪ سھڻو ڪرڻ لاءِ انھن جي مٿان لائيٽنگ جو بندوبست ٿيل هو. ڪٿي ڪٿي بازيگرن ڪرتب بہ پَئي ڏيکاريا. ڪٿي ڪٿي وري مَقامي ماڻھن جون سائيڪلون بہ بيٺل هيون. ماڻھن جي لاءِ اتي کاڌي سميت پيئڻ جو بہ جوڳو انتظام هئو، ماڻھو پنھنجي پاڻ ۾ گم ۽ مدهوش هئا. ڪيفيٽيريا ۽ ريسٽورنٽ وارن جي اها ڪوشش هئي تہ هو وڌ کان وڌ گراهڪن کي پاڻ طرف ڇڪي وٺي اچن.
اسان آهستي آهستي اڳتي وڌندا رهياسين ۽ لا رامبلا جي آخر ۾ اچي ڪرسٽوفر ڪولمبس جي سٺ فوٽ ڊگهي يادگار وٽ پھتاسين، پر ان کان بہ اڳتي رونق لڳي پئي هئي، سو سوچيوسين تہ ٿورو اڃا اڳتي هلي ڏسجي تہ ڇا آهي. ٿورو اڳتي هلڻ کان پوءِ وري پاڻي تي ٺھيل ڪاٺ جي پل نظر آئي، جنھن کي رامبلا دي مار سڏين ٿا، اتي بہ ڪافي گهورڙيا هئا جن مختلف قسم جو سامان پي وڪيو، ڪافي پاڪستاني بہ انھن ۾ هئا. هن پل تان آس پاس جي بندرگاھہ جو نظارو انتھائي خوبصورت هئو. هتي هوا ۾ پاڻي جي ڪري ٿڌڪار محسوس ٿيو. هن پل کي پار ڪري اسان وڃي مريميگنم نالي هڪ وڏي شاپنگ مال ۾ پھتاسين، هي زمين جو ٽڪرويا ٻيٽ اصل ۾ سمنڊ کان رِيڪليم يعني سمنڊ جي پاڻي ۾ مٽي، پٿر وغيرہ وجهي حاصل ڪيو ويو آهي، جتي پوءِ وري اهو ايڏو وڏو شاپنگ مال، بارسلونا ايڪائريم (مڇي گهر) ماڻھن جي واندڪائي ۾ ويھڻ جون جايون، ڪيفيٽيريا ۽ ريسٽورنٽ ٺاهيا ويا آهن. هتي نوجوان ڇوڪرَن ۽ ڇوڪرين سگريٽن جا سوٽا پي هنيا، هڪ ٻہ پاڻي جا وڏا جھاز بہ لنگرانداز ٿيل هئا.
ان ٻيٽ تي ڪافي وقت گذارڻ کان پوءِ اسان ساڳئي رستي يعني لا رامبلا تي واپس ورڻ شروع ڪيو. گيسٽ هائوس ۾ چانھہ ڪافي جو بندوبست تہ هو، اسان رڳو صبح جي ناشتي لاءِ لا رامبلا اسٽريٽ تان ئي هڪ سپر مارڪيٽ تان سامان ورتو. آس پاس ٻيا بہ ڪجهہ چوراها نظر آيا جن تي سراسري نظر وجهندا اڳتي وڌندا رهياسين ۽ آس پاس جي ريسٽورنٽس تي بہ نظر ڊوڙائيندا رهياسين تہ رات جو پيٽ پوڄا ڪٿي ڪجي ۽ ڦري سري اچي هڪ ٽرڪش ريسٽورنٽ تي ويٺاسين. پيٽ پوڄا کان پوءِ وري هڪ ڀيرو ٻيھر توانائي بحال ٿي وئي ۽ اسان وري هلڻ شروع ڪيو ۽ هلندا هلندا اچي وري هڪ ڀيرو ٻيھر پلازا دي ڪاتالونيا اسڪوائرتي پھتاسين.
هتان هاڻي يا تہ اسان گيسٽ هائوس واپس وڃو يا اڃا بہ ٿورو هيڏانھن هوڏانھن جو چڪر هڻون. سو مون، معز ۽ سالار کان پڇو تہ ڇا ارادو آهي، واپس هلون يا اڃا ٿورو گهمون؟ ٻنھي خيال ڏيکاريو تہ اڃا ٿورو گهمون ٿا. اتي لڳي ائين پيو تہ ماڻھو هاڻي ٻاهر نڪري رهيا هجن، رش ۽ رونق وڌندي پئي وئي. بھر حال، اسان گيسٽ هائوس واري پاسي ويندڙ روڊ طرف مڙڻ بجاءِ سڌو پاسيج ڊي گراسيا روڊ تي ئي اڳتي وڌندا رهياسين، ۽ هيڏانھن هوڏانھن چڪر هڻندا، مختلف بين الاقوامي برانڊن جا دڪان ڏسندا ۽ انھي ئي روڊ تي موجود مشھور ڪاسا باتيو تائين پھچي وياسين، هن ئي روڊ تي ٻيا بہ ڪجهہ مشھور ۽ تاريخي ڪاسا آهن، (ڪاسا معني گهر يا اپارٽمينٽ) جن جي شايد ڪا تاريخي حيثيت هجي.
ڪاسا باتيو جي سامھون روڊ جي ٻئي پاسي مئڪڊونلڊ تان مون چانھہ ورتي ۽ معز ۽ سالار آئس ڪريم ۽ پوءِ اسان اتان هاڻي واپس گيسٽ هائوس وڃڻ لاءِ موٽ کاڌي. کلندا مشڪري مذاق ڪندا اسان واپس گيسٽ هائوس واري روڊ تي جيئن جيئن اڳتي وڌندا وياسين تہ پھريان ٿوري رش نظر آئي ۽ پوءِ ٿورو غور ڪيو تہ چوڌاري دونھون هو، ۽ ڪجهہ ماڻھو هيڏي هوڏي ڀڄندا نظر آيا، سو اسان بہ اڳتي وڌڻ بجاءِ وري پوئتي ٿياسين ۽ تڪڙا تڪڙا هلندا واپس مين روڊ تي پھچي وياسين، ۽ مون سوچو تہ واپس مئڪڊونلڊ ۾ ٿا وڃون. اتي تمام گهڻا مختلف خيال ذهن ۾ اڀرڻ شروع ٿي ويا، تہ الائي ڪو دهشتگردي جو واقعو ٿيو آهي، الائي تہ ڇاهي. بھرحال مون جو ماڻھن جا هجوم هيڏانھن هوڏانھن ڀڄندي ڏٺا تہ پوءِ مون سوچيو تہ مئڪڊونلڊ پري ٿي ويندو، آس پاس ئي ڪا محفوظ جاءِ ڳولھجي جتي ماڻھو ٿورو انتظار ڪري تہ آخر ٿيو ڇاهي؟
جيئن جيئن اڳتي وڌياسين تہ اتي لوهي شيخن جو دروازو نظر آيو ۽ ان جي مٿان هڪ ال نيسيونال جو بورڊ نظر آيو، جنھن جي معني آهي، آل نيشنل يا قومي. مون معز ۽ سالار کي چيو تہ في الحال ايڏانھن ٿا اندر هلون. جيئن جيئن اندر وياسين تہ اتي وري ٻيا ٻہ وڏا لوهي شيخن جا دروازا هئا ۽ ڪجهہ گيٽ ڪيپرس موجود هئا. انھن اسان کي ڏسي در بند ڪرڻ جو سوچيو، جو انھن جا هٿ در طرف ويا پر مون اتي ڇھين حس جو استعمال ڪندي ان مھل ئي معز ۽ سالار کي يڪدم چيو تہ نارمل رهو ۽ هنن گلن جي سامھون بيھو تہ آءَ اوهان جا هتي فوٽو ٿو ڪڍان ائين ڪرڻ سان انھن گيٽ ڪيپرس کي اهو مئسيج ويو تہ اسان ڪنھن خوف کان هن طرف نہ پرعام رواجي سياح جي حيثيت سان هن طرف وڌي آيا آهيون، ۽ جڏهن معز ۽ سالار فوٽو ڪڍائڻ لاءِ پوز ڏنو تہ انھن گيٽ ڪيپرس جا هٿ دروازي تا پاڻ ئي هٽي ويا، انھن کي خبر هئي تہ ٻاهر ڪا گڙ ٻڙ آهي ۽ ماڻھو ڀڄ ڀڄان ۽ خوف ۾ هتي اندر داخل ٿي سگهن ٿا سو هو تيار بيٺا ها ۽ جيئن انھن اسان کي ڏٺو تہ انھن کي شق ٿيو تہ اسان بہ شايد خوف کان اندر داخل ٿيا آهيون پر جڏهن آءُ سندن باڊي لئنگويج سمجهي ۽ معز ۽ سالار کي يڪدم فوٽو لاءِ چيو تہ گيٽ ڪيپرن اهو ئي سمجيو تہ اسان پنھنجي ليکي ائين ئي هتي داخل ٿيا آهيون.
اسان ٻہ چار فوٽو ڪڍي اندر مس ٿياسين تہ پويان جيئن ئي ڀڄندڙ ماڻھو اتي پھتا تہ گيٽ ڪيپرن تمام جلدي ۽ ڦڙتيءَ سان سڀ دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ اسان اندر داخل ٿي وياسين. اندر داخل ٿياسين تہ اتي ماحول ئي ٻيو هجي، انتھائي لگزري قسم جو فوڊ ڪورٽ هو جتي هر شئي موجود هئي ۽ اندر موجود ماڻھن کي ڪا پرواھہ ئي ڪانہ هئي يا ڪا خبر ئي ڪانہ هئي تہ ٻاهر ڇا پيو ٿئي ۽ انھن ماڻھن طعام، جام ۽ موسيقي جو مزو پئي ورتو.
منھنجي ذهن ۾ عجيب وسوسا پي آيا، معز وري وڏي تجسس ۾ هو تہ هلي ڏسون تہ آخر اتي ٿئي ڇا پيو؟ سالار اتي ٽئيٽر تي بارسلونا جو ٽرينڊ چيڪ ڪيو تہ خبر پئي تہ اتي ڪو ڪاتالونيا جي آزادي پسند تحريڪ جو ڪو جلوس هو ۽ انھن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس انھن تي ٽيئر گيس هلائي هئي. اسان اتي اڌ ڪلاڪ کن انتظار ڪري پوءِ ساڳئي رستي سان واپس گيسٽ هائوس پھچي وياسين.
ٻئي ڏينھن صبح جو سوير آءُ جڏهن رڌڻي مان چانھہ ٺاهي واپس پنھنجي ڪمري ۾ پئي ويس تہ گيسٽ هائوس جي جرمن مالڪ تي اک پئجي وئي جيڪو پنھنجي آفيس جي ڪمپيوٽر تي ڪو ڪم ڪري رهيو هيو يا ڪا اخبار پڙهي رهيو هيو، مون کيڪاري چيو مانس تہ هتي بارسلونا ۾ ڪا گڙٻڙ هلي رهي آهي ڇا ۽ کائنس رات واري واقعي بابت معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، هن کلي ۽ هٿ جي آڱرين تي پيسن جو اشارو ڪندي چيو تہ سڀني کي پيسا کپن سو گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، مزي سان گهمو ڦرو.
مون واپس ورندي سوچيو تہ جتي بہ ظلم هوندو، وسيلن جي ڦرلٽ هوندي، مَقامي ٻوليءَ جي ختم ٿيڻ جو خطرو هوندو، حد کان وڌيڪ ڌارين جي آبادڪاري هوندي، جتي ڊيموگرافي تبديل ٿيڻ جو خدشو ٿي پوي تہ پوءِ اتي زندھہ قومون روڊن تي ٽيئر گيس ۽ گولين جي سامھون اچڻ کان بہ ناهن گهبرائينديون، ۽ اهي ٽيئر گيس ۽ گولين جي سامھون ايندڙ قومن جا هيرا هوندا آهن، جن جو فيصلو تاريخ ڪندي ۽ انھن تي گوليون يا ٽيئر گيس هلائڻ وارا تاريخ ۾ ڀاڙيا ۽ غليظ قرار ڏنا ويندا.
جرمن هڪ دفعو وري تاڪيد ڪئي تہ پاسپورٽ ڪوشش ڪري نہ کڻي وڃجو ۽ فون ۽ والٽ پينٽ يا شارٽ جي اڳئين کيسن ۾ رکجو. مون هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي دل ۾ سوچيو تہ چاچا اسان سنڌين جو تہ هن مھل تائين الائي ڇا ڇا نڪري ويو آهي ۽ ڪڍڻ وارا ڪجهہ بشني پنھنجا آهن تہ ڪجهہ پراوا، ۽ اهي سڀ بشني تاريخ ۾ ڏاڍا ذليل ۽ خوار ٿيندا.
ناشتو پاڻي ڪري، تيار ٿي ٻاهر نڪتاسين. بارسلونا جي موسم تمام بھترين هئي، هر پاسي گھما گھمي هئي، سياح ۽ سندن هٿن ۾ شھر جو نقشو ۽ ٻيون سياحتي گائيڊز هيون. اسان جو پروگرام هو تہ اڄ ڪوشش ڪري گهڻي کان گهڻو پنڌ بارسلونا کي گهمڻو آهي. معز ۽ سالار کي مون چيو تہ پنھنجين فونن تي جي پي ايس کي فالو ڪندا هلجو. سڀ کان پھريان اسان ڪيرير پالائو ڊي لا ميوزيڪا گهٽي ۾ ايڪسپلور ڪاتالونيا جي سياحتي اداري جي آفيس ۽ اها جاءِ ڏسڻ وياسين جتي اسان کي ٻئي ڏينھن صبح جو سوير بڪ ڪيل ٽرپ لاءِ پھچڻو هو. اها آفيس گيسٽ هائوس کان تقريبن سوا ڪلو ميٽرجي پنڌ تي هئي، آفيس ۾ پھچي پڪ ڪئي ۽ ان کان پوءِ مختلف رستن تان ٿيندا وري اچي پاسيج ڊي گراسيا روڊ تي پھتاسين، جتي اسان کي اهي مشھور ڪاسا يعني گهر ڏينھن جي روشني ۾ ڏسڻا ها، اتي جيئن پھتاسين تہ اتي وري ڪاتالونيا جي آزادي جي تحريڪ وارا هزارن جي تعداد ۾ موجود هئا، اتي شايد موسيقي بہ هلي پئي ۽ سڀني کي سندن جهنڊا هٿن ۾ ۽ پٺي جي چوڌاري ويڙهيل هئا. ماڻھو مڪمل چارج هئا. پر پوليس بلڪل نظر نہ آئي.
منھنجو خيال هو تہ هتان جلد اهي خوبصورت گهر ڏسي نڪرڻ جي ڪجي ڇاڪاڻ تہ ڪجهہ بہ ٿي پئي سگهيو. رات وارو منظر اڃا اسان کي ياد هئو. مزي جي ڳالھہ تہ هڪ پاسي اتي احتجاج بہ جاري هو تہ ٻئي پاسي سياحن تاريخي جايون ڏسي انھن جو مزو بہ ورتو پئي. خوف واري صورتحال نظر نہ آئي. اسان اتي آس پاس هڪ دفعو وري ڪاسا باتيو، ڪاسا اماتير، ڪاسا ميلا ايلا پيدريرا ڏسندا بارسلونا جي تاريخي هنڌ ۽ اتان جي لينڊ مارڪ لا ساگرادا فيميليا طرف رخ ڪيوسين، جيڪو هتان کان تقريبن ڏيڍ يا ٻہ ڪلو ميٽر پري هئو. لا ساگرادا فيميليا هڪ بيسيليڪا آهي، جنھن جو درجو عيسائيت ۾ شايد گرجا گهر کان وڏو آهي. موسم سٺي هجي تہ پوءِ پنڌ گهمڻ جو بہ واقعي پنھنجو مزو آهي. اسان هلندا گهمندا ڦرندا فوٽو ڪڍندا اچي لا ساگرادا فيميليا پھتاسين.
لا ساگرادا فيميليا گذريل ڏيڍ سئو سالن کان اڏاوت جي عمل مان گذري رهيو آهي ، جنھن جي اڏاوت 1882ع ۾ شروع ٿي ۽ جيڪا خبر ناهي تہ ڪڏهن مڪمل ٿيندي؟ ۽ جڏهن مڪمل ٿيندي تہ اهو دنيا جو اوچي ۾ اوچو چرچ هوندو. ڪن جو خيال آهي تہ اڏاوت گهڻي قدر 2026ع ۾ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. هي يونيسڪو ورلڊ هيريٽيج سائيٽ پڻ ڊڪليئر ڪيل آهي. ذري گهٽ پنج ملين سياح هر سال هن کي ڏسڻ ايندا آهن، پر گهڻائي اندر ناهي ويندي ۽ رڳو ٻاهران ڏسي اڳتي وڌندا ويندا آهن ۽ اسان بہ انھن مان هئاسين.
لا ساگرادا فيميليا جي آس پاس اڌ منو ڪلاڪ گذارڻ کان پوءِ اسان اتان بارسلونا جي سمنڊ ڪناري ڏي رخ ڪيو، جيڪو هتان تقريبن چار ڪلوميٽر کن پري هو، آهستي آهستي هلندا گهمندا ڦرندا، فوٽو ڪڍندا اچي اتان جي سينڊي بيچ (وارياسي ڪناري) پلاچا ڊي ليوانت بيچ تي پھتاسين، جتي تمام گهڻي رش ۽ گھما گھمي هئي. هونءَ تہ بارسلونا جي سمنڊ جو ڪنارو تمام وڏو آهي، پر ماڻھن جي سھولت لاءِ تقريبن چئن پنجن ڪلوميٽرن ۾ اهڙي قسم جا سينڊي بيچز آهن، جتي ماڻھن جي سھولت لاءِ هر شئي موجود آهي. سمنڊ ڪناري وڏيون’ وڏيون هوٽلون، ريسٽورنٽ، بار، ڪيفيٽيريا، سمنڊ ۾ تڙڳڻ کان پوءِ شاور جي سھولت وغيرہ. لڳي ائين پيو تہ ماڻھو هتي سڄو سڄو ڏينھن گذاريندا هوندا. مايون مرد، ٻار، ڪي سمنڊ ۾ تہ ڪي وري واريءَ تي ستل، ڪي پنھنجين ٻيڙين ۾ مشغول تہ ڪن وري اتي سيلنگ پئي ڪئي، ڪن والي بال بہ کيڏي پئي.
هتي اسان کي هڪ پاڪستاني ڇوڪرو بہ مليو هو جنھن وٽ سياحن کي هيڏانھن هوڏانھن گهمائڻ لاءِ سائيڪل بہ هئي، اسان کي چيائين تہ پنڌ تمام گهڻو اٿو، ويھو تہ اڳتي ڇڏي اچانو، پر اسان ان کي چيو تہ اسان پنڌ ئي گهمڻ نڪتا آهيون ۽ تڪڙ ناهي، مزي مزي سان گهمندا وينداسين ۽ هتي اچڻ جو مقصد بہ گهمڻ ئي آهي.
اسان پلاچا ڊي ليوانت بيچ کان پوءِ پلاچا ڊي لا نووا ماربيلا بيچ، پلاچا ڊي لا ماربيلا بيچ، پلاچا ڊيل بوگاٽيل بيچ، پلاچا ڊي لا نووا ايڪاريا بيچ، پورٽ اولمپڪ بارسلونا کان ٿيندا اچي پلاچا ڊي لا بارسلونا پھتاسين. هي سڄو ڪنارو هئو تہ هڪ ئي لائين ۾ پر مختلف هنڌن تي ان کي مخصوص نالا ڏنل آهن. پلاچا ڊي لا بارسلونا جي ڀرسان گهڻا رهائشي اپارٽمينٽ بہ هئا، جن جي درين مان ٻاهر ڪپڙا سڪڻ لاءِ ٽنگيل هئا. اسان کي اتي ٿوري گرمي بہ لڳي ۽ ساھہ پٽڻ لاءِ آئسڪريم وٺي هڪ جاءِ تي ويھي رهياسين. بھرحال، اتي اسان منجهند جي ماني لاءِ هڪ اڌ ريسٽورنٽ بہ ڏٺا پر سمجهہ ۾ نہ آيا.
اسان اتان کان پوءِ ڦرندا سرندا هڪ ڀيرو وري اچي ساڳي رات واري جاءِ يعني رامبلا دي مارواري ڪاٺ جي پل، ٻيٺ تي ٺھيل مريميگنم شاپنگ مال ۽ لا رامبلا جي آخري ڇيڙي تي ڪرسٽوفر ڪولمبس واري مجسمي ۽ چونڪ تي اچي پھتاسين. صبح کان وٺي پنڌ ئي پنڌ گهمڻ جي ڪري ٿوري ٿڪاوٽ ضرور ٿي پئي هئي، سو توانائي بحال ڪرڻ ۽ پيٽ جي پوڄا ضروري ٿي پئي هئي، سو ان لاءِ اسان وقت وڃائڻ کان بھتر سمجهيو تہ هلي ساڳئي رات واري ٽرڪش ريسٽورنٽ تي ٿا منجهند جي ماني کائون، سو هڪ دفعو وري لا رامبلا تي گهمندا ان ساڳئي ريسٽورنٽ تي پھتاسين. مانجهاندي کان پوءِ اسان هڪ دفعو وري ڪرسٽوفر ڪولمبس واري چوراهي تان ٿيندا اڳتي شھر طرف وڃڻ شروع ڪيو. اسان جي اڳلي منزل پلازا دي اسپانيا هئي، جيڪا هٿان تقريبن اڍائي ٽي ڪلو ميٽر پري هئي .
اسان ٽنھي جي ڪوشش هئي تہ وڌ کان وڌ شين کي ڏسندا ۽ انھن جو مشاهدو ڪندا ۽ انھن کي يادگار جي طور تي ڪيميرا جي اک ۾ پڻ محفوظ ڪندا هلون. لڳي ائين پيو تہ جيڏانھن ٿا وڃون، سياح رڳو اتي ئي آهن. تمام وڏي رونق لڳي پئي هئي. واقعي بہ جيڪي ملڪ سياحن لاءِ موزون آهن، اتي سياح هر سال ملڪ جي اڪانومي ۾ تمام گهڻو پيسو انجيڪٽ ڪري وڃن ٿا. پلازا دي اسپينيا بارسلونا جو هڪ اهم ۽ مصروف چوراهو آهي، هتي آس پاس عمارتون، نيشنل ميوزم آف آرٽ ڪاتالونيا، يادگار، مونتجويڪ ميجڪ ڦوهارو، جرمن پويلين، ايريناز ڊي بارسلونا، پوبلي اسپانيول فن تعمير جو اعلي مثال آهن.
اسان تقريبن چاليھہ پنجاھہ منٽن ۾ اتي پھچي وياسين، اتي آس پاس جي ماحول جو مزو وٺي، نيشنل ميوزم جي پاسي وڌڻ شروع ڪيوسين، جيڪو مٿانھين تي ڪنھن ٽڪري تي هو، ڪٿي ڏاڪڻيون تہ ڪٿي وري ايسڪيليٽر هئي جن جي مدد سان اسان ان جي مک دروازي تي پھچي وياسين. اتي بہ وڏي خلق لٿل هئي، جوڙا جوڙا تہ ڪي وري اڪيلا، ڪي ٻارن سان گڏ، تہ ڪي وري ڪتن سان، هر طرف رونق ئي رونق هئي. ميوزم شايد بند ٿي ويو هو، سڀ ماڻھو ٻاهر ويٺل ها، هٿان لڳي ائين پيو ڄڻ اسان پنھنجي هٿ جي تريءَ تي بارسلونا کي ڏسي رهيا هجون. اتي اسان هڪ ٻئي جا فوٽو پي ڪڍيا تہ هڪ پڪي عمر جي مائي جيڪا ڪنھن ايسٽرن يورپ جي ملڪ جي پي لڳي، اسان وٽ آئي ۽ چيائين تہ جيڪڏهن اوهان چاهيو تہ مان اوهان سڀني جو گڏ فوٽو ڪڍان، اسان چيو نيڪي اور پوڇ پوڇ، ڪيميرا ڏيندي اسان بہ پوز هڻڻ شروع ڪيا. هتي سج تقريبن لھي چڪو هو. اسان بہ ميوزم واري ٽڪري تان لھندا هڪ ڀيرو وري آس پاس جي ماحول جو مزو وٺندا اچي پلازا دي اسپينيا پھتاسين ۽ اتان کان پوءِ وري پلازا دي ڪاتالونيا جو رخ ڪيوسين، جيڪو هتان وري ٻہ ٽي ڪلوميٽر کن پري هئو. هاڻي رات ٿي چڪي هئي پر رونق اڃا وڌندي پي وئي.
پلازا دي ڪاتالونيا تي پھتاسين تہ، پروگرام اهو ٿيو تہ رات جي ماني کائي پوءِ ٿا گيسٽ هائوس تي هلون، ڇاڪاڻ تہ صبح سوير وري بڪ ڪرايل ٽرپ تي هلڻو آهي، سو بھتر آهي تہ هلي آرام ڪجي. ڪاتالونيا اسڪوائر تي معز ۽ سالار جي اک فائيو گائيز ريسٽورنٽ تي پئي، پوءِ اتي ئي رات جو ماني لاءِ اچي ويٺاسين. هن فائيو گائيز ريسٽورنٽ وارن جو وري اهو طريقو آهي تہ جيستائين کاڌو تيار ٿئي تيستائين مفت ۾ بيھيمڱ ويٺا کائو. اتي بيھيمڱ کائيندي مون کي موري جا بيھيمڱ کائڻ جا شوقين ڪجهہ مائٽ ۽ دوست ياد اچي ويا.
ان ڏينھن اسان تقريبن ويھہ ٻاويھہ ڪلوميٽر پنڌ هليا هئاسين، ڪافي ٿڪاوٽ ٿي چڪي هئي، ماني کان پوءِ ارادو اهو ئي هو تہ پيسن جي مٽا سٽا وارن جي آفيس مان ڪجهہ پيسا مٽرائي پوءِ وڃي ٿا گيسٽ هائوس تي آرام ڪيون. پر سائين اڃا ڪٿي، انھن چيو تہ پاسپورٽ ڏسڻ کان سواءِ پيسا نہ ٿا مٽائي سگهون ۽ اسان جا پاسپورٽ تہ گيسٽ هائوس ۾ رکيل هئا، بھرحال هڪ دفعو وري گيسٽ هائوس تي وڃي وري واپس اچڻو پيو. پر اهي سڀ شيون سفر جي سونھن ۾ شامل آهن، انسان جڏهن سفر ڪري ٿو تہ هر وقت نئين تجربي مان گذري ٿو، جنھن جي ڪري انسان جي سوچ ترقي ڪندي رهي ٿي ۽ انسان آئيندي جي سفر لاءِ ڪجهہ نئون سکي ٿو.
ٻئي ڏينھن صبح جو سوير اٿي تيار ٿي مقرر وقت کان ڪجهہ وقت پھريان ئي ڪيرير پالائو ڊي لا ميوزيڪا نالي گهٽي ۾ ايڪسپلور ڪاتالونيا سياحتي اداري جي آفيس اڏو اچي پھتاسين. اسان کان اڳ ۾ اتي هڪ آمريڪن جوڙو ۽ سندن پٽ بيٺا هئا، هو ٿورا مُنجهيل پي لڳا، اسان کي ڏسندي ئي پڇا ڪين تہ اوهان بہ باگا، ايڪس ليس ترمس ۽ اندورا واري ٽرپ لاءِ آيا آهيو؟ اسان کين ٻڌايو تہ ها بلڪل. پوءِ هو ٿورا رليڪس ٿيا ۽ چوڻ لڳا تہ اسان ٿورا پريشان هئاسين تہ الائي صحيح جاءِ تي آيا آهيون الائي نہ؟ اسان کين ٻڌايو تہ ها بلڪل اها ئي جاءِ آهي ۽ اسان ڪالھہ هتي اچي پڪ ڪري ويا هئاسين. پوءِ تہ همراھہ بہ سندس زال کي چوڻ لڳو تہ ڏس اهو طريقو صحيح آهي جو ماڻھو پھريان اچي ڏسي وڃي، اسان هرو ڀرو صبح کان هتي پريشان بيٺا هئاسين. آهستي آهستي ٻيا سياح بہ اچڻ شروع ٿي ويا ۽ تقريبن سڀني جو هڪ ٻئي کان ساڳيو سوال تہ اندورا وڃڻ واري ساڳئي ٽرپ لاءِ هتي بيٺا آهيو؟
اڄ اسان کي اتر اسپين ۾ وچين دور جو ننڍو جابلو ۽ تاريخي شھر باگا، پيرينيز پھاڙن جو انتھائي سھڻو سلسلو، ڏکڻ فرانس جو هڪ ننڍو جابلو شھر ايڪس ليس ترمس ۽ اسپين ۽ فرانس ۽ پيرينيز پھاڙن جي وچ ۾ گهيريل تمام ننڍو ۽ خوبصورت ملڪ اندورا ۽ سندس گادي وارو شھر اندورالاولا گهمڻو هئو.
مسافرن ۾ چوڏهن پندرهن سالن کان وٺي اسي سالن جي عمر جا سياح هئا، گهڻائي آمريڪين ۽ برطانيا جي سياحن جي هئي. جڏهن ڪوسٽر ۾ سفر شروع ٿيو تہ صبح جي هلڪي هلڪي روشني ٿيڻ بہ شروع ٿي. هن سفر جي سونھين ٻڌايو تہ صبح سوير نڪرڻ جا ٻہ مقصد آهن، هڪ تہ سفر وڏو آهي ۽ ٻيو تہ جيڪڏهن دير ڪري نڪربو تہ صبح جو سوير تمام گهڻي رش ٿي ويندي ۽ نڪرندي نڪرندي هرو ڀرو دير ٿي ويندي ۽ گهمڻ لاءِ منصوبو ڪيل جايون رهجي وڃڻ جو خدشو رهي ٿو.
ان کان سواءِ سفر ۽ سڄي ڏينھن جي سرگرمين متعلق ڪافي شيون ٻڌايئين. حقيقت ۾ صبح صبح جو ڪير بہ سونھين جي ڪمينٽري ۾ ڪا خاص ۽ گهڻي دلچسپي نہ پيو وٺي. بارسلونا کان ٿورو ٻاهر نڪتاسين تہ سونھين، هڪ مخصوص علائقي ڏانھن اشارو ڪندي ٻڌايو تہ هن ايريا ۾ فوٽ بال جي وڏن نالي وارن کلاڙين جا وڏا ۽ عاليشان گهر ٺھيل آهن. ڪوسٽر جيئن جيئن بارسلونا کان پري ٿيندو پئي ويو تيئن تيئن قدرتي نظارا پڻ شروع ٿيندا ويا، پر ڪافي ڪوهيڙو پڻ هئو، جنھن ڪري ٿڌ پئي محسوس ٿي. ٿوري دير کان پوءِ اسان محسوس ڪيو تہ تقريبن سڀ سياح ستل هئا. ڪالھوڪي ٿڪاوٽ، رات دير سان سمھڻ ۽ وري صبح جو سوير اٿڻ ۽ مٿان وري جو ڪوسٽر ۾ سڀ سمھي رهيا تہ اسان کي بہ ننڊ جا ڪجهہ جهوٽا آيا. پھاڙن جو خوبصورت سلسلو بہ شروع ٿي ويو هو، ڪٿي ڪٿي پھاڙن ۾ گهيريل پري پري گهر ۽ گرجا گهر بہ نظر اچن پيا. گهرن جي ڇتين ۽ گرجا گهرن جي مينارن تي صبح جي سج جا پھريان ڪرڻا پئجي رهيا ها، ڪٿي ڪٿي پالتو جانور پڻ چرندي نظر آيا، لڳي ائين پيو تہ آس پاس جا ڳوٺ اڃا هاڻي جاڳي رهيا آهن. صبح جو اهو ماحول انتھائي پرسڪون ۽ وڻندڙ هو.
نائين صديءَ ۾ آباد ٿيل انتھائي خوبصورت ڪارڊي رينج جي پھاڙن جي وادي ۾ ٻہ سوا ٻہ هزار آبادي وارو هيءُ باگا شھر بارسلونا کان تقريبن ڪو سئو ڪلو ميٽر پري هئو، اسان جيئن ئي شھر جي ويجهو پھتاسين تہ گائيڊ ٻڌايو تہ هاڻي پاڻ جلد باگا پھچنداسين ۽ هتي پاڻ وٽ ڪلاڪ سوا آهي، جنھن ۾ هي شھر جو چڪر ڏياريندي ان بابت آگاهي ڏيندو ۽ اهو بہ اعلان ڪيائين تہ فلاڻي وقت تي پاڻ هتي ئي هن پارڪنگ ۾ ملنداسين. سڀ کان پھريان تہ شھر جي هڪ ننڍي چوراهي تي وٺي هليو، جتي هڪ ڪيفيٽيريا ۽ هڪ بيڪري هئي، جتان ماڻھن پنھنجي پنھنجي پسند جو ناشتو ورتو، هر شئي تازي ٺھيل هئي، جيئن پاڻ وٽ ننڍن شھرن ۾ صبح جو ماڻھو تازا پاپا، کارا يا ٻئي قسم جا بسڪيٽ وٺڻ ويندا آهن، تہ هتي بہ ائين محسوس ٿيو تہ ماڻھو صبح صبح جو ناشتي پاڻي جو سامان وٺڻ پئي آيا. چند ماڻھن وري ڪيفيٽيريا جي مالڪ مرد ۽ عورت سان ڪچھري بہ پئي ڪئي، ڪافي بہ پئي پيتي ۽ اخبار بہ پئي پڙهي، شايد اخبار جي خبرن تي تبصرو پئي ڪين.
اسان بہ اتان ڪجهہ کائڻ پيئڻ جو سامان ورتو ۽ گائيڊ جي پويان هلڻ شروع ڪيو، جيڪو هن پھاڙي شھر ۾ اسان کي گهمائيندو رهيو ۽ معلومات پڻ ڏيندو رهيو. پٿر جي سرن سان ڪٿي ويڪريون تہ ڪٿي سوڙهيون ۽ هيٺ مٿي ٺھيل گهٽيون ۽ انھن جون ڏاڪڻيون ۽ هر گهٽيءَ جو نالو۽ انھن ۾ بجلي جا گلوب لڳل، گهٽين ۾ مينھن جي پاڻي جي نيڪال لاءِ پڻ جوڳو بندوبست ٿيل هو. صفائي انتھا جي هئي. ڪٿي ڪٿي گهرن جي ڇتين ۾ ڪاٺ جا گارڊر ۽ ٽيئر پڻ نظر آيا.
ڪافي گهرن جي بالڪنين ۾ مختلف گلن جون ڪونڊيون پڻ نظر آيون ۽ ڏاڪڻين تي وري وَليون ۽ ڪٿي ڪٿي وري وڻن جي بنڊن کي وچان کوکلو ڪري ان ۾ مٽي ڀري ان ۾ پڻ مختلف گل ۽ ٻوٽا پوکيل ها، جيڪي ماحول کي انتھائي خوبصورت بڻائي رهيا هئا. اسان پلازا پورڪسڊا چونڪ ڏسڻ کان پوءِ شھر جي وڏي عمارت پراڻو گرجا گهر سينٽ ايسٽيو ڊي باگا گهميو، جنھن جي ڀرسان وري هڪ پھاڙي پاڻي جو نالو گذري ٿو، جيڪو ان جي خوبصورتي ۽ رونق کي وڌائي پيو. وادي ۾ پري موجود گهرن مان ڪٿي ڪٿي صبح سوير وارو دونھون پڻ نڪري رهيو هو، سچ پچ تہ آءُ تہ رڳو ان جي ئي سحر ۾ گم ٿي ويس.
ڪلاڪ سوا باگا ۾ گذارڻ کان پوءِ اسان جي اڳلي منزل فرانس جو هڪ ننڍو شھر ايڪس ليس ٿرمس هو. باگا کان نڪرڻ کان پوءِ پيرينيز پھاڙن جو خوبصورت سلسلو بہ شروع ٿي ويو هو، جيڪو اسپين ۽ فرانس جي وچ ۾ قدرتي بارڊر پڻ ليکيو وڃي ٿو. اصل ۾ اسان جڏهن بارڊر ڪراس ڪيو تہ اسان کي تہ سچ ۾ خبر ئي نہ پئي تہ هاڻي اسان فرانس ۾ داخل ٿي چڪا آهيون پراسان واري گائيڊ اسان جو ان ڳالھہ طرف ڌيان ڇڪايو. پيرينيز پھاڙن جو سلسلو انتھائي سھڻو هو، اک کٽيو وڃي پر پھاڙن جو سلسلو نہ پيو کٽي. هڪ ٻئي جي پٺيان وڏيون وڏيون خوبصورت چوٽيون ٿي نظر آيون. انھن جي وچ ۾ وڻ ۽ وري گهاٽن وڻن جي وچ ۾ ڪٿي انتھائي سھڻا گهر ۽ انھن جي آس پاس پالتو جانورن جا فارم، اتي رهندڙ ڳوٺاڻن جون ڪارون ۽ ٽريڪٽر پڻ نظر پي آيا. سرءَ جي مند جي ڪري وڻن پنھنجو رنگ بدلائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو، گهڻائي ڦڪي رنگ جي وڻن جي هئي. مون ايترو قدرتي ماحول ڏسي سوچيو تہ هي ٽرپ هڪ ڏينھن جي ڪرڻ جو نہ پر هتي تہ ماڻھو ڪجهہ گهڻو وقت گذاري ۽ شين جو وڌيڪ ويجهڙائي سان مشاهدو ڪري.
ڪٿي ڪٿي مٿي پھاڙن جي چوٽين تي برف بہ نظر پئي آئي ۽ قدرتي پاڻي جا وهڪرا پڻ تيزي سان وهي رهيا هئا، جن جي مٿان ننڍيون ننڍيون پليون اڏيل هيون. انھن پھاڙن جي هن وادي جي پورٽا واري علاقي جي هڪ ڳوٺ جي تمام ننڍي پر انتھائي خوبصورت برٽنس گيئر نالي هڪ ريلوي اسٽيشن نظر آئي، مون کي اتي ڪوئٽيا ويندي واٽ تي ايندڙ آب گم، مچ ۽ ڪولپور جون خوبصورت ريلوي اسٽيشنون ياد اچي ويون. ايڪس ليس ٿرمس شھر کان ڪجهہ پھريان شھر جي ٻاهران پٿر جي سرن سان ٺھيل ڀت تي ويلز ڊي ايڪس جو بورڊ نظر آيو، جنھن تي هن علائقي ۾ ٿيندڙ مختلف سرگرمين بابت ڄاڻ ڏنل هئي، جن ۾ اسڪينگ، گرم چشمن ۾ وهنجڻ يا پير پسائڻ ۽ ٻيو وري قدرتي ماحول ۾ ٽريڪنگ يا هائيڪنگ ڪرڻ جا نشان لڳل هئا.
پيرينيز پھاڙن جي وادي جي وچ ۾ گهريل ۽ ٽن دريائن اوھہ ييج، ارييج ۽ لوزجي سنگم تي آباد شھر ايڪس ليس ٿرمس ۾ داخل ٿياسين تہ عمارتن جي فن تعمير اسپينش مان ڦري فرينچ ٿي چڪي هئي. ڪوسٽر جيئن ئي پارڪنگ ۾ داخل ٿيو تہ گائيڊ ٻڌايو تہ پاڻ وٽ گهمڻ لاءِ تقريبن ڪلاڪ سوا آهي ۽ گهمي ڦري واپس مقرر وقت تي هتي ئي اچي وڃجو. هي شھر باگا کان وڏو هو. هي شھر اونھاري ۾ قدرتي ماحول ۾ هائيڪنگ لاءِ مشھور آهي ۽ سياري جي سرگرمين ۾ وري هتي اسڪينگ پھرين نمبر تي اچي ٿي. ان کان سواءِ ماڻھو هتي هتان جا قدرتي گرم چشما ڏسڻ ايندا آهن. گهڻا شايد ڪن بيمارين جي علاج لاءِ پڻ اچن ٿا. هن شھر ۾ موجود گرم چشمن جو گرمي پد پيرينيز جي پھاڙن ۾ موجود ٻين گرم چشمن کان وڌيڪ آهي. اهڙي قسم جي گرم چشمن ۾ سلفر هجي ٿو، جيڪي پاڪستان ۾ بہ مختلف جائين تي آهن.
معز، سالار ۽ مون پارڪنگ مان نڪري ٻين سياحن سان گڏ هلڻ شروع ڪيو. روايتي طور تي شھر جي هڪ پاسي گرجا گهر هو ۽ ٻئي پاسي شھر جي بازار ۾ وڃڻ لاءِ گهٽي. لڳي پيو ڪاروباري ماڻھو سياحن جي آمد ڏسي خوش ٿيا. ريسٽورنٽس، ڪيفيٽيريا، بيڪري، کاڌي پيتي جا دڪان، دوائن جي فارميسي ۽ ان کان علاوہ شھر جي هڪ ڪافي وڏي چوڪ تي هڪ گرم چشمي جو ننڍو پول سنگ مرر يا موزائق جي پٿرن سان ٺھيل هو، جنھن جي چوڌاري ماڻھو اتي ويھي يا بيھي، پنھنجا هٿ پير پسائي پي سگهيو. اسان رڳو هٿ پسائي ڏٺا ۽ فوٽو وغيرہ ڪڍيا. ان گرم چشمي جي پول جي آس پاس هڪ وقتي طور تي بازار پڻ لڳل هئي، جتي ڪافي مختلف قسم جو سامان موجود هو. خاص ڪري هٿ سان اڻيل گرم مفلر، هينڊ گلووز، ڪاٺ جو سامان، گلن جا دڪان، فروٽ وغيرہ جا دڪان. اهڙي قسم جون بازارون دڪاندار صبح سوير اچي لڳائيندا آهن ۽ شام ڌاري وري انھن بازارن جو اتي وجود ئي ناهي هوندو، اهڙي قسم جي بازارن کي موسمي يا سيزنل مارڪيٽ بہ چئجي. هن بازار جي ڀرسان هڪ همراھہ ميوزڪ وڄائي ماڻھن کان داد بہ وصول ڪري رهيو هو ۽ پيسا بہ ڪمائي رهيو هو. اسان هتي محسوس ڪيو تہ گل تمام گهڻن قسمن جا ها جيڪي اتي پوکيل تہ هئا ئي پر ان سان گڏوگڏ وڪڻڻ لاءِ پڻ موجود ها. شھر جون گهٽيون پٿر جي سرن سان ٺھيل هيون، ماحول انتھائي صاف سٿرو ۽ وڻندڙ هو.
ان کان پوءِ اسان شھر ۾ هيڏانھن هوڏانھن هلڻ شروع ڪيو، هڪ جاءِ تان درياھہ جي پل پار ڪري ٻئي پاسي ٿوري چڙهائي طرف وڃڻ شروع ڪيوسين. هتي جيڪي درياھہ هو، شايد اهو اوھہ ييج درياھہ هو. هتي درياھہ جو پيٽ ڪو ايڏو وڏو نہ هو، ائين چئي سگهجي ٿو جيئن پاڻ وٽ ڪنھن جبل مان هيٺ وهي ايندڙ تيز پاڻي جو نالوهجي. اسان ان رستي تي ڪافي اڳتي وڃي پارڪ دو تش ۾ ويٺاسين، جتي ٻيا بہ ڪجهہ سياح موجود هئا، ڪجهہ وري اڃا اڳتي هڪ ننڍي پھاڙي چوٽيءَ طرف پئي ويا جتي ڪي وڏا مجسما لڳل هئا. اسان جنھن پارڪ ۾ ويٺا هئاسين اتي پاڻي جو هڪ وڏو تلاءُ يا کڻي چئجي تہ هلڪي رفتار سان وهندڙ وهڪرو هو، جنھن ۾ مڇيون بہ ڪافي تعداد ۾ پئي ڦريون، ۽ اسان کي ڏٺن تہ اسان طرف هلي آيون، اسان ان ۾ ڪجهہ بسڪيٽ وڌا تہ مڇين جو تعداد اڃا بہ وڌي ويو، پوءِ تہ تلاءَ جي جنھن پاسي بہ وياسين ٿي تہ مڇين اسان جو پيڇو پئي ڪيو. هن پارڪ ۾ وڻن مان ٺھيل مجسما، صنوبر ۽ ٻين قسمن جا وڻ، انھن مان ڪجهہ وڻ تہ ڪي صديون پراڻا هئا. آس پاس جي هنن وادين جي ماڻھن جي گهڻي قدر روزگار جو ذريعو يا تہ زمينداري آهي يا چوپايو مال پالڻ ۽ ان سان گڏوگڏ سياحتي سرگرمين سان بہ گهڻا ماڻھو پنھنجو روزگار ڪن ٿا.
بھرحال، ٿوري دير اتي گذاري اسان شھر طرف وري واپس هلڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ وري درياھہ جي ڪناري سان هلندا هلندا اڳتي نڪري وياسين. شھر ۾ موجود هڪ ٻہ ٻيون پلون بہ ڪراس ڪيونسين ۽ هڪ دفعو وري اسان درياھہ جي ڪناري سان هلندا رهياسين. هيءُ شايد ساڳيو درياھہ هو الائي تہ ٻيو، پر هتي درياھہ جو پيٽ وڏو هو. انتھائي سھڻو شھر، مٿان وري پيرينيز پھاڙن جو سلسلو، شھر جي چوڌاري پھاڙن ۾ موجود وڻن جو رنگ ڦڪو ٿيڻ شروع ٿي چڪو هو. مون اتي سوچيو تہ هي وادي اڳتي هلي سياري جي مند ۾ برف جي اڇي چادر جو ويس پھريندي. اسان مقرر وقت کان ٿورو اڳ ۾ اچي هڪ ڪيفيٽيريا تي ويٺاسين جتي ٿوري گهڻي پيٽ جي پوڄا ڪئي سين ۽ پوءِ ٻين سياحن سان گڏجي واپس پارڪنگ ۾ ڪوسٽر وٽ اچي وياسين.
هاڻي اسان جي اڳلي منزل انتھائي خوبصورت پيرينيز پھاڙن جي وچ ۾ گهريل لڳ ڀڳ اسي هزارن جي آبادي واري ۽ يورپ جي ڇھون نمبر ننڍي ۾ ننڍي ملڪ اندورا جا منظر ڏسندا ملڪ جي گادي واري شھر اندورا لا ولا پھچڻو هو، جيڪو هتان کان ڪلاڪ سوا جي پنڌ تي هو. اسان هاڻي اصل ۾ ايڪس ليس ٿرمس کان وري هڪ دفعو ڪجهہ واپس اچي پوءِ اندورا واري روڊ سان هلڻ شروع ڪيو. هي اسان جي اصل ۾ بارسلونا لاءِ واپسي هئي پر ٻئي رستي سان جنھن ۾ اسان کي اندورا گهمي اتان اڳتي يعني بارسلونا واپس وڃڻو هو.
ڪجهہ وقت هلڻ کان پوءِ اسان محسوس ڪيو تہ ڪوسٽر هاڻي تمام گهڻي چڙهائي تي وڃي رهيو هو ۽ پھاڙن جي خوبصورتي اڃا کلي واضع ٿيندي پي وئي. اندورا ۽ فرانس جي بارڊر تي پھتاسين تہ اسان جي گائيڊ پڇيو تہ جيڪڏهن ڪنھن کي پنھنجي پاسپورٽ تي يادگيري لاءِ رسمي طور تي اندورا جو ٺپو لڳرائڻو هجي تہ ڀلي اهي پاسپورٽ ڏين، معز، سالار ۽ مون ۽ تقريبن ٻين سڀني پنھنجا پاسپورٽ گائيڊ کي ڏنا. جيستائين گائيڊ پاسپورٽن تي ٺپا هئائڻ ويو اسان اتي ڪوسٽر مان لھي آس پاس پيرينيز جي پھاڙن جي تمام خوبصورت چوٽين ۽ منظرن جو ديدار ڪرڻ لاءِ وياسين ۽ فوٽو گرافي ڪئيسين. سچ پچ تہ اهي منظر وسرڻ جا ناهن. جيئن جيئن ڪوسٽر مٿي چڙهائي تي پيو وڃي تيئن تيئن پھاڙ نکري نروار پئي ٿيا. مون کي اتي پاڪستان جا اتريان علائقا ياد آيا، جتي جيئن جيئن مٿي چڙهائي طرف وڃبو آهي تہ رستا زگ زيگ يا ورن وڪڙن وارا ٿيندا ويندا آهن، هتي بہ ساڳي ڳالھہ هئي.
تقريبن اڌ پنڌ تي وري هڪ جاءِ تي ڪوسٽر بيھاريائون جتان آس پاس جو نظارو تمام بھترين هو، اسان هاڻي تقريبن پھاڙن جي چوٽين کان ڪو ٿورا هيٺ هئاسين، هتي پھاڙن جون چوٽيون واضع نظر اچي رهيون هيون، جن تي برف پڻ هئي، جيڪا شايد رجندي ئي ڪانہ هوندي تہ وري مٿان ٻي پئجي ويندي هوندي. جتي اسان بيٺا هئاسين اتان ڪافي هيٺ تمام خوبصورت اپارٽمينٽس جون عمارتون نظر اچي رهيون هيون، اسان اصل ۾ انھن جي ڀرسان هيٺان ٿي آيا هئاسين پر هتان مٿان کان واقعي نظارو انتھائي سھڻو هئو. هاڻي اتي اسان کي هوا انتھائي تازي محسوس ٿي رهي هئي ۽ موسم بہ پھريان کان ڪجهہ ٿڌي ٿي وئي هئي. اتي بہ اسان کوڙ نظارن جا فوٽو ڪڍيا ۽ مون، معز ۽ سالار بہ ڪافي پوز هڻي فوٽوڪڍرايا. سفر کان پوءِ يادون ئي رهجي وڃن ٿيون، جيڪي ڪڍيل فوٽن جي ذريعي وقت بہ وقت تازيون ڪري سگهجن ٿيون.
اتان وري ڪجهہ دير هلڻ کان پوءِ هڪ جاءِ تي اندورا لا ولا کان ڪجهہ پھريان ڪوسٽر بيھاريائون. اتي پھاڙن جي وچ ۾ هڪ ڪاٺ ۽ پٿرن جي وچ ۾ ڪو مٽيريل ڀري گهر ٺھيل هئو، پيرينيز پھاڙن جي وچ ۾ اهڙي قسم جو گهر جنھن جي ٽڪنڊي ڇت مان وري دونھين لاءِ چمني نڪتل هجي ۽ اهڙي قسم جو منظر وري منھنجي سامھون هجي تہ پوءِ قدرت جو اهڙو نظارو ڏسڻ کان پوءِ دل مان پاڻ ئي سبحان ﷲ نڪري وڃي ٿو. ان گهر جي پويان وري انھن جو جانورن جو فارم هو جتي اسان کي ڍڳيون نظر آيون، هل ڇا تہ خوبصورتي جي انتھا هئي، منھنجو اندازو آهي تہ اهو گهر ۽ فارم شايد رڳو اونھاري جي مند ۾ استعمال ٿيندو هوندو.
سفر هڪ دفعو وري شروع ٿيو ۽ سڀني سياحن تي آس پاس جي خوبصورتي جو سحر طاري هئو. ڪجهہ وقت کان پوءِ اسان جي گائيڊ اعلان ڪيو تہ هو پنجن کان هيٺ ابتي ڳڻپ ڳڻيندو ۽ جڏهن اها ڳڻپ هڪ تي پھچي تہ سڀ ڪوسٽر جي سامھون واري شيشي مان ڏسجو، ۽ هن جڏهن ابتي ڳڻپ شروع ڪئي تہ اسان سڀ تجسس ۾ هئاسين ۽ جڏهن هڪ تي پھتو تہ اسان جي سامھون پيرينيز پھاڙن جي خوبصورت وادي ۾ اندورا جي گادي وارو شھر اندورا لا ولا نظر آيو. ٻارنھن اسڪوائر ڪلو ميٽرس تي مشتمل اندورا لا ولا يورپ ۾ اونچي ۾ اونچو يا بلند سطح تي گادي وارو شھر آهي.
اندورا جي سرڪاري ٻولي ڪاتالان آهي. اندورا پڻ اسڪينگ جي لاءِ تمام گهڻو مشھور آهي ۽ هتي ٽيڪس ۾ بہ ڇوٽ هوندي آهي، ان ڪري ماڻھو هتان ڪافي خريداري ڪندا آهن. تقريبن اٺ ڏھہ ملين سياح هر سال اندورا گهمڻ لاءِ اچن ٿا پران هوندي بہ تمام گهٽ ماڻھن کي خبر آهي تہ اهو بہ ڪو ملڪ دنيا جي نقشي تي موجود آهي. جڏهن تہ اندورا ملڪ تمام پراڻو آهي. اندورا جو پنھنجو سڪو ڪڏهن بہ ناهي رهيو، يورو کان پھريان هتي اسپين ۽ فرانس جو سڪو هلندو هو ۽ ملڪ ۾ هن مھل تائين پنھنجو ڪوبہ هوائي اڏو ناهي. ملڪ ۾ تماڪ جي تمام گهڻي پيداوار آهي ۽ هتان جا ماڻھو دنيا ۾ پھرئين نمبر تي سگريٽ ڇڪڻ ۾ اچن ٿا. هتي گهڻي قدر ماڻھو ٽيڪس فري خريداري ڪرڻ اچن ٿا، خاص ڪري سگريٽن جي خريداري. ملڪ ۾ فوج بہ نہ هئڻ جي برابر يا تمام ٿوري ۽ رسمي آهي، جنھن صدين کان ڪابہ جنگ ناهي وڙهي.
اندورا لا ولا شھر ۾ اسان کي ڪلاڪ ٻہ هئا جنھن ۾ اسان کي شھر بہ گهمڻو هئو ۽ ٿوري گهڻي پيٽ پوڄا پڻ ڪرڻي هئي. اسان پارڪنگ کان سڌو شھر جي وچ مان وهندڙ لا ويليرا درياھہ جي ڪناري سان هلندا اچي پئرس برج تي پھتاسين، جيڪا هن شھر جي مشھور شين مان هڪ آهي، جنھن تي شھر جو نالو پڻ لکيل آهي. اتي مون، معز ۽ سالار ڪافي فوٽو ڪڍرايا ۽ آس پاس جي نظارن جا فوٽو پڻ ڪڍيا. ڪي شيون جيڪي رڳو فوٽن ۾ ڏٺل هجن ۽ وري جڏهن ماڻھو انھن کي پنھنجي نظرن سان اڳيان ڏسي ٿو تہ ڪافي مزو ۽ خوشي محسوس ٿئي ٿي. اتان واپس اچي پوءِ اسان شھر جي مک خريداري واري گهٽي جو رخ ڪيوسين. هلندي هلندي اسان کي اتي هڪ همراھہ نظر آيو جنھن ٽانڊن تي لاهوري گجرون پي پچايون جيڪي لڳي پيو تہ هتي ڪافي مشھور آهن پر انھن کي هتي سئيٽ پٽيٽو ٿا چون. مزي واري ڳالھہ تہ ان همراھہ وٽ تورڻ لاءِ اڃا بہ لوھہ وارا وٽ ڪانٽا هئا، اتي مون کي بابا جو دڪان ياد اچي ويو، جتي اهي وٽ ۽ ڪانٽا اسان گهڻو وقت استعمال ڪيا. گجرون بہ کائيندا رهياسين ۽ هن مک گهٽي جو پنڌ ئي پنڌ ديدار بہ ڪندا پي هلياسين. اسان کي اتي اسان وارو گائيڊ بہ مليو جنھن اسان کي گجرون کائيندي ڏٺو. اسان کان پڇيائين تہ وڻيون؟ اسان چيس ها، اسان وٽ پاڪستان ۾ بہ اهي ٿينديون آهن، فرق رڳو اهو آهي تہ هتي ٿوريون ڳاڙھہ سريون آهن ۽ پاڪستان ۾ اڇي رنگ جون هونديون آهن. اسان پنڌ ڪندا گهٽي جي آخر تائين وياسين ۽ وري اتان موٽ کاڌي سين. هن گهٽي ۾ يورپ جي ٻين شھرن وانگر هربرانڊ جي شين جا دڪان موجود ها. اسان وٽ اڃا بہ ڪجهہ وقت هو، سو سوچيوسين تہ هلڻ کان پھريان ٿورو ڪجهہ کائجي تہ ڀلو ٿيندو، سو مئڪڊونلڊ تي اچي ويٺاسين.
بارسلونا اسان جي واپسي هاڻي ٻئي رستي کان هئي، يعني واپسي ۾ اسان اندورا کان سڌا اسپين ۾ داخل ٿي وياسين ۽ هن پاسي اسان کي وڌيڪ زرعي فارم ۽ فصل نظر آيا. تقريبن اڌ پنڌ تي هڪ ريسٽورنٽ ڪان بائيس نالي تي اچي بيٺاسين، جتي پيئڻ جو سامان اسان جي ٽوئر ۾ شامل هو، ٻين سڀني کان سواءِ اسان رڳو ڪوڪا ڪولا ۽ موسمي جو جوس پيتو. مون محسوس ڪيو تہ جنھن رستي سان صبح ويا هئاسين اهو روٽ وڌيڪ خوبصورت هو. اسان جڏهن واپس بارسلونا پھتاسين تہ اوندھہ ٿي چڪي هئي ۽ پلازا دي ڪاتالونيا پنھنجي پوري جوڀن تي هئو. معز، سالار ۽ مون اتي فيصلو ڪيو تہ هتي ئي گهمي ڦري ۽ رات جي ماني کائي پوءِ گيسٽ هائوس تي ٿا هلون، پوءِ اتي ئي ڪافي وقت گذاري ۽ رات جي ماني کائي پوءِ واپس روانا ٿياسين. رونق تمام گهڻي هئي، دل نہ پي چيو تہ وڃجي پر ڪافي ٿڪاوٽ جي ڪري اهو سوچيوسين تہ بس اڄ لاءِ ايترو ئي ڪافي هو ۽ پوءِ گيسٽ هائوس تي اچي آرامي ٿياسين.
بارسلونا ۾ آخري ڏينھن تي اسان کي ڪا هروڀرو جي تڪڙ ڪانہ هئي، صبح جو مزي سان اٿي، تيار ٿي، ناشتو پاڻي ڪري، ڪجهہ رهيل شين کي ڏسڻ جو پروگرام رٿيوسين. ساڳئي طريقي سان اسان وري پنڌ ئي پنڌ گهمڻ شروع ڪيو ۽ هلندا هلندا اچي پالائو ڊي لا ميوزيڪا واري گهٽي ۽ چونڪ گهمندا رهياسين ۽ اتان وري مختلف گهٽين مان ٿيندا پلازا ڪاتالونيا پھتاسين ۽ ان جي آس پاس مختلف برانڊن جا دڪان ۽ مختلف پاسا ڏسندا رهياسين. ان ڏينھن اسان اتي منجهند جو پيزا سان پيٽ جي پوڄا ڪئي. معز ۽ سالار جو شوق هو تہ پاڻ کي دنيا جي مشھور ۽ يورپ جي وڏي ۾ وڏي فوٽ بال جي اسٽيڊيم ڪيمپ نو پڻ ڏسڻ گهرجي، سو ان لاءِ اسان زمين اندر هلڻ واري ريل گاڏي ۾ چڙهي اتي وياسين، اسٽيڊيم ۽ ان جي آس پاس ڪافي وقت گذارڻ کان پوءِ اتي موجود فوٽ بال سان لاڳاپيل شين جي دڪان جو چڪر هنيوسين. اتان واپس اچي وري ڦرندا ڦرندا اچي لا رامبلا پھتاسين، ان وقت اتي رش گهٽ هئي.
ان کان علاوہ اسان لا رامبلا جي ڀرسان ئي بارسلونا جي پراڻي ۾ پراڻي مارڪيٽ لا بوڪيريا وياسين، اندر ڀانت ڀانت جا کاڌي جا دڪان هئا، خاص طور تي سڪل گوشت، شراب، وائين جا دڪان هئا. اتي تازن ۽ سڪل ميون، ڀاڄين، پنير، چانھہ، ڪافي، چاڪليٽ وغيرہ جا دڪان پڻ نظر آيا. اسان اتي تازن ميون ۽ سڪل انب جو مزو وٺي ڏٺو. اتان کان پوءِ ڦري سري اسان ڪيٿيڊرل ڊي بارسلونا پھتاسين، هتي ڪافي رش هئي، ماڻھن ڪيٿيڊرل جي ڏاڪڻين تي ويٺي ويٺي ڀرسان هڪ وڏي عمر واري همراھہ جي ميوزڪ جو مزو پي ورتو، جنھن سندس گٽار تي ڪا ڌن ڇيڙي هئي. اتان کان پوءِ ان جي ڀرسان ئي اسان گوٿڪ ڪوارٽر ڏسڻ وياسين، جيڪو چيو وڃي ٿو تہ بارسلونا جو پراڻو پاڙو، خوبصورت ۽ اتان جي دل جي حيثيت رکي ٿو. اتي بہ ڪافي سياحن جي رش هئي. اسان بہ ان گهٽيءَ ۾ پھتاسين، جتي هڪ گهٽي جي آمھون سامھون پراڻي دور جي گهرن جي مٿئين حصي جي ڀتين جي وچ ۾ هڪ چبوتري نما ڪوٺي ٺھيل هئي ۽ آس پاس ٻيون بہ ڪجهہ پراڻي رومن دور جون عمارتون هيون.
شام جو واپس گيسٽ هائوس ڏانھن ويندي معز کان مون جڏهن سندس ويوز ورتا تہ سندس خيال هو تہ هي شھر ڏکڻ يورپ جو هڪ مڪسڊ شھر آهي. عمارتن ۽ شھر ۾ ٺھيل مجسمن مان لڳي ٿو تہ هي رومن اثر هيٺ تمام گهڻو رهيو آهي ۽ هتي ڪافي عربن جو، جنھن ۾ اسلام جو اثر بہ نظر اچي ٿو. شھر تمام گهڻي آبادي وارو آهي پر اها وڏن شھرن جي نيچر هوندي آهي. معز جو وڌيڪ خيال هو تہ هتي جيڪي وچين دور جون عمارتون يا گهٽيون آهن اهي انگريزن جي وچين دور کان تمام بھتر آهن. معز وڌيڪ پنھنجا خيال ونڊيندي ٻڌايو تہ هتي گهڻائي ٻاهران آيل ماڻھن جي گهڻي قدر گذريل اسپين جي سلطنت جي ماڻھن جي آهي، خاص ڪري ميڪسيڪن مايا ۽ ازٽيڪ نسل جي ماڻھن جي. سندس وڌيڪ خيال هو تہ هتي ارجنٽائين ۽ چلي جي ماڻھن جي بہ گهڻائي آهي، جيڪي لاطيني يا اسپينش ٻولي ڳالھائين ٿا ۽ انھن ۾ سرفھرست فوٽ بال جو مشھور کلاڙي ميسي پڻ اچي وڃي ٿو، جنھن جو اصل تعلق ارجنٽينا سان آهي.
اسان رات جو ماني کائڻ لاءِ نڪتاسين تہ، سوچيوسين تہ اڄ ڪنھن ٻئي رستي سان ٿا هلون، پوءِ گيسٽ هائوس مان نڪري مڪمل ٻئي پاسي وياسين ۽ اتي دي آرڪ ڊي ٽرائمف گهمندا گهمندا وري هڪ دفعو اچي لا رامبلا تي ٽرڪش ريسٽورنٽ تي ويٺاسين ۽ رات جي ماني کان پوءِ بہ هتي هتي گهمي گيسٽ هائوس ڏانھن واپس ورياسين. ٻئي ڏينھن صبح جو سوير اسان جي لنڊن واپسيءَ لاءِ فلائيٽ هئي.

پَرِين جي ديس ڪيوِ يوڪرين ۾ ڪيل رولاڪيون

جھاز يوڪرين جي گاديءَ واري شھر ڪيو ۾ جيڪو نيپرو درياھہ جي ڪناري آباد آهي، صبح جو لڳ ڀڳ ساڍِي اٺين وڳي لٿو. هوائي اڏي کان جيئن ئي ٻاهر آيس تہ خبر پئي تہ شھر وڃڻ واري ريل گاڏي تائين يا تہ ايئرپورٽ جي لوڪل بس پڪڙيو جيڪا اتي مفت ۾ مسافرن جي سھولت لاءِ هلي ٿي يا تہ وري پنڌ وڃو. پنڌ بہ گهڻو ڪونہ هيو، پندرنھن ويھن منٽن ۾ آءُ شھر وڃڻ واري ريل گاڏي وٽ پھچي ويس. مون کي تڪڙ بہ ڪانہ هئي، هوٽل ۾ منھنجو “چيڪ ان” هونءَ بہ ٻارهين وڳي ٿيڻو هو، سو آرام سان پي هيڏانھن هوڏانھن جي ماحول جو مشاهدو ڪيم.
ٽڪيٽ گهر جي دريءَ وٽ هڪ فئملي ٽڪيٽ وٺي رهي هئي، انھن جي پويان وري هڪ خوبصورت ڇوڪري پنھنجي واري جو انتظار ڪري رهي هئي، ۽ ان کان پوءِ وري منھنجو وارو هو. سڌريل ملڪن ۽ معاشرن ۾ اهو هڪ وڏو اطمينان هوندو آهي تہ هر ڪو قطار ۾ بيھي پنھنجي واري جو انتظار ڪري ٿو، هرو ڀرو جي افرا تفري ناهي. آءُ بہ پنھنجي ٽڪيٽ وٺي اچي پليٽ فارم تي بيٺس ۽ ريل گاڏي جو انتظار ڪرڻ لڳس. ريل گاڏي جي پٽڙي ٻن پليٽ فارمن جي وچ تي هئي، جيئن ئي گاڏي آئي تہ هڪ پاسي جا دروازا کليا ۽ مسافر هوائي اڏي تي وڃڻ لاءِ لٿا، پوءِ وري اسان واري پاسي جا دروازا کليا ۽ مسافر شھر وڃڻ لاءِ سوار ٿيا. اڄ انھن مسافرن ۾ موري جو سومرو بہ شامل هيو. پھريان بہ هتي موري جو اسان جو ويجهو عزيز قاضي منير احمد صاحب 1982ع ۾ اسٽيل مل جي طرفان ڇھن مھينن جي سکيا وٺڻ لاءِ يوڪرين اچي چڪو هو ۽ بابا ٻڌائيندو آهي تہ قاضي صاحب اتان اسان جي محترم استاد سائين فيض محمد سومري کي خطَ بہ لکندو هو، جيڪي بابا جي دڪان تي ٽپالي ڏئي ويندو هو.
گاڏي هلڻ کان رڳو هڪ منٽ پھريان هڪ ڇوڪرو بہ اچي ريل ۾ سوار ٿيو، ٿورو غور ڪرڻ کان پوءِ سڃاتم، اهو مون سان صبح سوير اسٽاڪھولم ۾ هوائي اڏي لاءِ ساڳي بس ۾ سوار ٿيو هو ۽ پوءِ وري ساڳي جھاز ۾ بہ هو. هڪ ٻئي سان ٿورو مشڪياسين تہ هو بہ اچي مون واري ڀر واري سيٽ تي ويٺو. گاڏيءُ بہ هلڻ شروع ڪيو. هڪ ٻئي کان حال احوال ورتاسين، مون ٻڌايومانس تہ آءُ هتي ڪجهہ ڏينھن لاءِ گهمڻ آيو آهيان. پاڻ ٻڌايائين تہ هو هتي ٻہ هفتا هوندو ڇاڪاڻ تہ سندس هتي هڪ يوڪرين جي ڇوڪريءَ سان شادي آهي، همراھہ ڏاڍو خوش هو. اسان جي سامھون واري سيٽ تي وري هڪ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ويٺا هئا، ٿوري دير کان پوءِ ڇوڪريءَ پنھنجي پرس مان ميڪ اپ جو سامان ڪڍي ميڪ اپ ڪرڻ شروع ڪيو. ڀرسان ويٺل سئيڊش ڇوڪري وڌيڪ ٻڌايو تہ هو سندس منگينديءَ سان هن سال ئي هتي “ڪيو” ۾ مليو هو پوءِ هو ان وقت کان وٺي گڏ آهن ۽ هاڻي شادي ڪري رهيا آهن، ۽ شادي کان پوءِ سئيڊن ۾ ئي گڏ رهڻ جو ارادو آهي. مون پڇيومانس تہ سئيڊش ڇوڪرين جي باري ۾ تنھنجو ڇا خيال آهي؟ چيائين تہ هو ڪجهہ ڇوڪرين سان گڏ ضرور هيو پر مسئلو اهو آهي تہ سئيڊش ڇوڪريون تمام آزاد آهن ۽ اهي مرد جي گهڻي ڀاڱي ٻڌن ئي ڪونہ ٿيون، ان ڪري سئيڊش مردن کي جيڪڏهن موقعو ملندو آهي تہ ٻين ملڪن جي عورتن سان شادي ڪندا آهن. آءٌ سمجهان ٿو تہ نہ رڳو سئيڊش مردن پر عورتن جي بہ ڪافي ٻين ملڪن جي مردن سان شادي ٿيل آهي.
ڇوڪريءَ جو ميڪ اپ اڃا جاري هئو تہ اعلان ٿيو تہ ٿوري دير ۾ ريل ڪيو جي سينٽرل اسٽيشن تي پھچندي، اهو ٻڌي ڇوڪري ميڪ اپ بند ڪري سامان پرس ۾ واپس رکيو. هوائي اڏي کان شھر تائين ريل گاڏي اڌ ڪلاڪ ۾ پڄائي ڇڏيو. ريل گاڏي مان لھڻ کان پوءِ مون سئيڊش ڇوڪري کي بيسٽ وشز (نيڪ تمنائون) چيون ۽ هن بہ ساڳئي طرح سان وراڻيو. اسٽيشن تي ۽ ان کان ٻاهر مون کي لڳو تہ شايد آءَ روس ۾ اچي ويو آهيان. يوڪرين پراڻي يو ايس ايس آر جو هڪ حصو هو پر هاڻي هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت سان دنيا جي نقشي تي موجود آهي. اريس هوٽلز جتي مون کي رهڻو هو، اسٽيشن کان لڳ ڀڳ هڪ ڏيڍ ڪلو ميٽر پري هو، نقشي جي مدد سان پنڌ ئي پنڌ ان پاسي ويندو رهيس.
اڃا پنڌ ۾ ئي هيس تہ منھنجي ڪيو ۾ رهندڙ هڪ دوست انا جو واٽس ايپ تي ميسيج آيو تہ هوءَ رستي ۾ آهي ۽ جلد مون واري هوٽل تي پھچي ويندي. مون هوٽل جي رسيپشن تي پھچي معلومات ورتي تہ اهو ممڪن آهي تہ آءٌ “چيڪ ان” جلد ڪيان ڇاڪاڻ تہ مون کي پنھنجي دوست سان گڏ ٿوري دير ۾ گهمڻ لاءِ نڪري وڃڻو آهي ۽ جيڪڏهن چيڪ ان هاڻي ٿي سگهي ٿو تہ ٺيڪ آ نہ تہ منھنجو هي بيگ هتي رکو، آءُ واپسي ۾ اچي پوءِ چيڪ ان ڪندس. رسيپشنسٽ ڇوڪري فون تي ڪنھن سان ڳالھائي چيو تہ تنھنجو ڪمرو بس ٿوري دير ۾ تيار ٿي ويندو ۽ بھتر آهي تہ هاڻي چيڪ ان ڪري سامان پنھنجي ڪمري ۾ رکي پوءِ ڀلي گهمڻ هليو وڃ. ان وچ ۾ انا بہ پھچي وئي. اتي ئي اڃا هڪ ٻئي کان حال احوال پئي ورتوسين تہ رسيپشنسٽ ڇوڪري چيو تہ اوهان جو ڪمرو تيار آهي ۽ ڀلي چيڪ ان ڪري ڇڏيو. انا کي چيم تون بس اتي ئي انتظار ڪر، آءُ پنجن منٽن ۾ سامان ڪمري ۾ رکي اجهو موٽيس. آءٌ سمجهان ٿو تہ هڪ سياح لاءِ اها هڪ غنيمت آهي جو کيس ڪنھن نئين جاءِ تي گهمائڻ لاءِ ڪو اتان جو مقامي سونھون گڏ هجي.
انا ۽ آءُ وري هڪ دفعو سينٽرل اسٽيشن تي آياسين ۽ اتان زمين اندر هلندڙ ريل گاڏي ۾ چڙهي هڪ ٻن اسٽيشنس کان پوءِ اچي ميدان اسڪوائر جنھن کي آزادي اسڪوائر بہ چون ٿا، خرسچيٽڪ اسٽريٽ تي لٿاسين. تقريبن سوا ڪلو ميٽر تي خرسچيٽڪ اسٽريٽ ڪيو جي مک گهٽي آهي، جتي خاص طور تي ويڪ اينڊ تي تمام گهڻي رش ٿئي ٿي. خرسچيٽڪ اسٽريٽ ۽ ميدان اسڪوائر وارو سڄو رستو ڇنڇر ۽ آچر تي ٽريئفڪ لاءِ بند هوندو آهي تہ جيئن ماڻھو اتي موڪل واري ڏينھن آرام سان گهمي ڦري سگهن. تمام وڏو اسڪوائر هو. صفائي بہ تمام گهڻي هئي. پاڻي جا ڦوهارا، مختلف قسمن جا مجسما ۽ ننڍا ننڍا گول ۽ چارڪنڊا پارڪ بہ روڊ جي ٻنھي پاسي هئا. اتي خرسچيٽڪ اسٽريٽ تي پنڌ گهمندي اسان هڪ ڪيفيٽيريا ۾ گهڙي وياسين، مون چانھہ ۽ انا ڪافي ورتي ۽ کائڻ لاءِ ڪجهہ بسڪوٽ بہ ورتاسين.
پوءِ هلندي هلندي انا مون کي ميدان اسڪوائر تي ان هنڌ وٺي آئي جتي کوڙ فريمن ۾ لڳل تصويرون هيون، تصويرن جي هيٺان سندن نالو، پيشو، ڪجهہ گل ۽ سندن پيارن ۽ عام ماڻھن جي طرفان سندن لاءِ لکيل تاثر. اهي تصويرون نومبر 2013ع کان فيبروري 2014ع ۾ يوڪرين جي چونڊيل صدر وڪٽريانوڪووچ جي خلاف آيل انقلاب ۾ مارجي ويلن جون هيون، جنھن ۾ 16 سالن کان 73 سالن جي عمر جا 130 ماڻھو مارجي ويا هئا، جن ۾ 18 پوليس وارا بہ شامل هئا. ڪن انقلابين کي اغوا ڪري ماريو ويو، ڪن کي وري سنائيپرس جي مدد سان نرڙ، پيٽ، ڪنڌ ۽ سيني ۾ گوليون هڻي ماريو ويو. انقلابين جي مٿان مائنس گرمي پد ۾ ٿڌي پاڻي جي ڪينن ۽ گيس جي دستي بمن جو استعمال پڻ ڪيو ويو. ڪن جي گاڏين جي گيس ڪٽن تي گوليون وسايون ويون ۽ اهي اتي سڙي مري ويا. ڪي انھيءَ احتجاج دوران دل جي دوري پوڻ سبب بہ مئا. انھيءَ انقلاب ۾ يوڪرين جي مختلف شھرن ۽ هر مڪتبهءِ فڪر جا ماڻھو هن ميدان اسڪوائر تي گڏ هئا. گهيرو تنگ ٿيندو ڏسي وڪٽر يانوڪووچ روس ڀڄي ويو. مون اتي مري ويلن جي عزيزن کي سندن تصويرن جي اڳيان گل رکندي غمگين ڏٺو. مالڪ اهڙي حڪمراني ۽ طاقت کان پناھہ ۾ رکي جتي اقتدار بچائڻ لاءِ ڪنھن جي ٻچن ۽ پيارن جو اهڙي نموني قتل ڪرايو وڃي. ظالم حڪمرانن ۽ طاقتن کي اهو سمجهڻ گهرجي تہ جڏهن ڪنھن بہ قوم کي ڀت سان لڳايو ويندو آهي تہ ان ايڪشن جو ري ايڪشن اچڻ فطري عمل آهي. بھرحال هيءَ دنيا مڪافات عمل تہ آهي، جيڪو ڪا زيادتي ڪندو اهو اڳي يا پوءِ لوڙي ضرور ٿو، رڳو سمجهڻ جي ضرورت آهي.
بھرحال انھي ماضي مان واپس اچي وري خرسچيٽڪ اسٽريٽ تي گهمڻ شروع ڪيوسين. آهستي آهستي رش وڌندي پئي وئي. گهڻي قدر يوڪرين ۽ آس پاس جي ملڪن جا سياح هئا. گهڻائي پنڌ گهمڻ وارن جي هئي پر تنھن هوندي بہ ڪافي سائيڪلن وارا پڻ نظر آيا. هڪ ڇوڪري اتي وچ رستي تي بيھي گٽار وڄائي رهي هئي ۽ ماڻھو کيس پيسا بہ ڏئي رهيا هئا. آهستي آهستي جلوو نکري نروار ٿيو. مولانا اسدﷲ کھڙي ڪنھن پروگرام ۾ چيو هو “هل ڇا تہ خلق آ”، اهو جملو اڪثر بخشڻ مھراڻوي بہ چوندو آهي ۽ انھي کي وري پوءِ هاڻي سھراب سومرو ڌرتي ٽي وي جي پروگرام لافٽر هائوس ۾ مھمانن کي ڏسي چوندو آهي تہ “هل ڇا تہ خلق آئي آهي.” آءٌ وري هتي اهو ضرور چوندس تہ “هل ڇا تہ حسن آ يوڪرين ۾”، واقعي بہ مون کي تہ لڳو تہ هتي تہ ڄڻ ڪي پَريون رهنديون هجن ۽ آءُ ڪوھہ ڪاف جي ڪنھن ماڳ تي پھچي ويو هجان.
گٽار واري ڇوڪريءَ کان وري ٿورو اڳتي، هڪ وڏن وارن وارو همراھہ پنھنجي پٽ سان گڏ وچ روڊ تي پنھنجا ساز ۽ ڊرم تيار ڪري رهيو هئو، ٿوري دير کان پوءِ اهو بہ شروع ٿيو ۽ سندس چوڌاري گهڻي تعداد ۾ ماڻھو گڏ ٿي کيس پيسا ۽ داد ڏئي رهيا هئا. اتي مزي واري ڳالھہ تہ ننڍن ٻارن لاءِ سندن مائٽ ننڍيون گاڏيون ڪرائي تي وٺي کين هلائڻ لاءِ پيا ڏين جيڪو آءٌ سمجهان ٿو ٻارن لاءِ تمام گهڻو ايڪسائيٽمينٽ جو سبب هو، مون اتي پنھنجو ننڍپڻ ياد ڪيو، جڏهن اسان بيرنگن واريون گاڏيون هلائيندا هئاسين ۽ ان زماني ۾ اها وڏي تفريح هوندي هئي. انا ٻڌايو تہ هتي جي پوليس مڪمل طور تي نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ اهي تمام گهڻا فرينڊلي هوندا آهن، مون کي اهو ڏيکارڻ لاءِ ڀرسان بيٺل هڪ پوليس جي ڪار وٽ وئي ۽ اتي ٻن نوجوان آفيسرن کي منھنجي باري ۾ ٻڌايائين تہ هي منھنجو دوست آهي ۽ اسٽاڪھولم کان آيو آهي، اهي مون سان ڏاڍا گرم جوشيءَ سان مليا ۽ هڪ دم ڦوٽو ڪڍائڻ لاءِ پوز ٺاهي بيھي رهيا، ۽ مون کي وچ ۾ بيھاريائون ۽ انھن مان هڪ پنھنجي ٽوپي لاهي مون کي پائڻ لاءِ ڏني ۽ منھنجي ٽوپي وري پاڻ پاتائين.
خرسچيٽڪ اسٽريٽ گهمڻ کان پوءِ اسان اڳتي وڌڻ شروع ڪيو ۽ پنڌ ئي پنڌ گهمندا پي آياسين. هڪ ٻہ چرچ بہ واٽ تي آيا. هتي گهڻائي آرٿوڊوڪس عيسائين جي آهي. مون هتي ماڻھن کي ڪارا جبا پھريل پادرين جا هٿ چمندي ۽ ٿورو جهڪي ڄڻ پيرين پئي ملندي پڻ ڏٺو. هڪ چرچ ۾ اندر وياسين تہ وڃڻ کان پھريان انا پنھنجي پرس مان هڪ رئو ڪڍي مٿو ڍڪيو ۽ پوءِ اندر وئي، مردن کي وري جيڪڏهن ڪا ٽوپي پاتل آهي تہ اها لاهڻي ٿي پئي ۽ مون پنھنجي ڪيپ لاهي رڪ سيڪ ۾ رکي ڇڏي. اندر ڪو خطبو پئي هليو، جيڪو ماڻھن خاموشي سان پئي ٻڌو. اتي موجود ڪجهہ سينٽس جون تصويرون فريمن ۾ بند ٿيل هيون، جن کي ماڻھو چمي رهيا هئا، هر ڪو چمڻ کان پوءِ ان فريم جي شيشي کي ٽشو پيپر سان صاف پيو ڪري.
ان کان پوءِ اسان اينڊريوسڪي جي علائقي ۾ آياسين، جيڪو ڪيو جو پراڻو علائقو ۽ حڪومت جي طرفان ملڪ جي تاريخي ۽ قومي سڃاڻپ وارين جاين جي لسٽ ۾ اچي ٿو. هن ٽڪرين تي ٻڌل علائقي جون گهٽيون پٿر جي سرن سان اڏيل هيون. هر پاسي سياح پئي نظر آيا. بار، ڪيفيٽيريا، ريسٽورئنٽس ۽ سووينيئر جا دڪان بہ ڀريل پئي نظر آيا. اينڊريوسڪي ۾ اڃا ٿورو اڳتي هلڻ کان پوءِ درياھہ جي ڪناري سان هڪ گهٽي شروع ٿي جتي يوڪرين جي دستڪاري، هٿ جي هنر سان ٺھيل سامان جهڙوڪ ڪپڙا، ڪاٺ جو سامان، نقاشي يا پينٽنگز جا تمام گهڻا ننڍا ننڍا دڪان آيا، ۽ گهڻن دڪانن تي تہ هنرمند اتي ئي اهو سامان پاڻ گراهڪن جي اڳيان ٺاهن پيا. اسان جو اتي سٺو وقت گذري ويو.
ان سان لاڳيتو وري هڪ پارڪ بہ شروع ٿي ويو جتان درياھہ جو کليل نظارو پئي ٿيو، اسان بہ اتان درياھہ بادشاھہ جو ديدار ڪيو، ڪافي جوڙا پارڪ ۾ پنھنجي پنھنجي ڌن ۾ مشغول هئا، ڪي پنھنجي ٻارن کي ريجهائڻ تہ ڪي وري کائڻ ۽ پيئڻ ۾ مصروف هئا. هن پارڪ ۾ ڦوڪڻن، پشم ۽ آئسڪريم جا ڪافي اسٽال بہ هئا، جتي ماڻھن جي ڪافي رش هئي، اسان بہ آئسڪريم جو مزو ورتو. اڃا اتي ئي هئاسين تہ هلڪو هلڪو جهڙ ٿيڻ شروع ٿيو ۽ ٿورو ٿورو سيءُ به. اتي ئي ڀرسان وري هڪ پل هئي، جتي ڪافي ماڻھو پنڌ گهمي ڦري رهيا هئا، ڪي ڳائڻا اتي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري رهيا ها ۽ پيسا ڪمائي رهيا ها، اتي هڪ ڇھن ستن سالن جي ڇوڪريءَ ننڍو دهل پئي وڄايو، ان کي بہ ماڻھن پيسا پئي ڏنا. هن پل جي ڪجهہ حصن ۾ وري شيشو لڳل هو جتي ماڻھو بيھي پنھنجي نروز کي پرکي رهيا ها، آءٌ بہ اتي ٿورو بيٺس پر مٿو پي ڦريو. هن پل تان بہ درياھہ ۽ ڪيو جي شھر جو ڏاڍو سھڻو نظارو هو.
سرءَ جي مند هئڻ ڪري وڻن جا ساوا پن پيلا ٿي رهيا هئا، لڳو پئي تہ هتي سيارو پنھنجي چادر جلد ڦھلائيندو. پل تان شھر جا نظارا ڪرڻ کان پوءِ اڳتي پنڌ ڪندا اچي هڪ ڌاتو سان ٺھيل وڏي محراب (جنھن کي دي فرينڊشپ آف نيشنس مانيومينٽ چون ٿا) تي اچي پھتاسين. اهو يادگار روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ اتحاد جي نشاني طور ٺاهيو ويو هو، محراب جي هيٺان وري ڪجهہ مجسما ٺھيل ها. هتي بہ هر پاسي ماڻھو هئا، ڪي اڪيلا تہ ڪي جوڙين ۾ هئا، ڪي سرءَ جي پن ڇڻ جو مزو وٺي رهيا هئا تہ ڪي وري فوٽو ڪڍڻ ۾ مشغول هئا. ڪافي ٻار وري ببل ڪڍڻ لاءِ صابڻ وارو پاڻي وڪڻڻ واري جي چوڌاري گهيرو ڪيو بيٺا ها.
هاڻي ڪافي شام ٿي چڪي هئي، بک بہ اچي ورايو هو، سو اسان وري اتان خرسچيٽڪ اسٽريٽ جو رخ ڪيو. هڪ ڇنڇر جي شام، ٻيو وري اها ڪيو ۾ ۽ ٽيون وري مٿان خرسچيٽڪ اسٽريٽ، هڪ دفعو وري “هل ڇا تہ حسن آ”، اڳتي سمجهڻ وارا پاڻ سمجهن. ڪافي بارس جي ٻاهران وڏيون ڇٽيون لڳل هيون ۽ ملازم ٻاهر ڪرسيون سيٽ ڪري رهيا ها، ۽ ڪافي ماڻھو اتي دنيا کان بي فڪرا ٿيو ويٺا بہ هئا. انا مون کي اتي يوڪرين جي هڪ روايتي ريسٽورنٽ تي وٺي هلي. اسان اتي هڪ اهڙي سيٽ والاري جتان ٻاهر جو نظارو بہ ٿي پئي سگهيو، هاڻي هلڪو هلڪو مينھن بہ شروع ٿي چڪو هو. انا جي ڪوشش هئي تہ مون کي يوڪرين جا ڪجهہ خاص کاڌا کارائي. دري کان ٻاهر ڏٺم تہ هڪ عورت جيڪا پھريان هڪ سڄي بينچ والاريو ويٺي هئي، اڌ تي پاڻ ويٺي ويـٺي هٿ جا ٽوپ، سئيٽر ۽ هنڊ گلووز اڻي رهي هئي ۽ ٻئي اڌ بينچ تي اڳ ۾ اڻيل سامان وڪري لاءِ موجود هو، سا مينھن جي ڪري پنھنجو سامان ويڙهي رهي هئي. ان عورت کي ڏسي مون کي موري جون ڪجهہ پورهيت مايون ياد اچي ويون جن پنھنجي محنت ۽ پورهئي سان پنھنجن گهرن ۾ خوشحالي آندي. ٻي جنھن شيءِ تي اک پئي اهو هئو هڪي ڇڪڻ جو دڪان، اڄ ڪلھہ ان کي شيشو بہ چون ٿا، انا ٻڌايو تہ هتي ڪافي ترڪش ماڻھو بہ آيا آهن جن هتي اچي ڪاروبار شروع ڪيا آهن ۽ شايد اهي شيشي وارا بہ ترڪيءَ جا آهن.
رات جي ماني کائي اسان وري هڪ دفعو خرسچيٽڪ اسٽريٽ تي گهمياسين ۽ ڪجهہ دڪانن جو بہ هرو ڀرو چڪر ڏنوسين، ميلو صفا متل هو، پر چوندا آهن تہ ميلو متو ڇڏجي، اتان هڪ ڏپارٽمينٽل اسٽور تان ڪجهہ کائڻ پيئڻ جو سامان وٺي، انا کي چيم تہ هاڻي آءُ هوٽل تي ويندس ۽ اسان اتي هڪ ٻئي کان موڪلايو، انا چيو تہ باقي ڪجهہ شيون رهيون آهن جيڪي سڀاڻي گهمنداسين ۽ صبح جو نوين ڌاري ڪيوِ جي سينٽرل اسٽيشن تي پھچي وڃجان. آءُ اتان پوءِ هڪ دفعو وري زمين اندر هلندڙ ريل گاڏي ۾ چڙهي اچي ڪيوِ جي سينٽرل اسٽيشن تي لٿس ۽ اتان وري پنڌ ئي پنڌ اريس هوٽلز تي پھتس. هوٽل جي رسيپشنسٽ مون ڏانھن معني خيز نظرن سان ڏٺو ۽ مشڪي چيائين تہ ڇا تون وري هڪ دفعو ٻاهر ويندين ڇا؟ مون چيو مانس تہ نہ، آءٌ تمام گهڻو ٿڪل آهيان، تقريبن سڄو ڏينھن پنڌ گهميو آهيان. مون پڇيومانس تہ تو اهوسوال ڪھڙي خيال کان ڪيو؟ چيائين تہ ٻاهرين ملڪن جا سياح، جيڪي خاص ڪري ويڪ اينڊ تي ايندا آهن اهي تہ سڄي رات ٻاهر نائيٽ ڪلبن ۾ گذاري پوءِ صبح جو سوير هوٽل تي موٽندا آهن. مون مشڪندي چيومانس تہ جيڪڏهن هتي ڪيوِ ۾ رڳو نائيٽ ڪلبن لاءِ اچڻو هجي هان تہ پوءِ اهي تہ اسان وٽ اسٽاڪھولم ۾ بہ تمام گهڻيون آهن ۽ مزي جي ڳالھہ تہ اهي اوڀر يورپ جي ملڪن کان وڌيڪ محفوظ آهن. کيس گڊ نائيٽ چئي اچي پنھنجي ڪمري تي گرم پاڻيءَ سان وهنجي، چانھہ ٺاهي ڪمري جي بالڪوني ۾ اچي بيٺس، مينھن اڃا وسي پيو، ٿورو سيءُ محسوس ٿيو تہ وري اندر ڪمري ۾ اچي ٽي وي هلائي ڏٺم ۽ ٽي وي هلندي ئي ننڊ اچي ورايو.
ٻئي ڏينھن صبح جو سوير ئي اک کلي وئي، مينھن اڃا وسيو پئي، بالڪوني ۾ وڃي ٿوري تازي هوا کائي، هٿ منھن ڌوئي، چانھہ ٺاهي وري بيڊ تي اچي چانھہ جو مزو ورتم ۽ گڏوگڏ منھنجي پياري دوست سائين پير حمادﷲ جو يورپ جو سفر نامو “يورپ جا روشن ڏينھن ۽ روشن راتيون” پڙهڻ شروع ڪيم. انھيءَ جي وچ ۾ نيرن بہ ڪيم ۽ هڪ ٻہ دفعو ٻيو بہ چانھہ ٺاهي پيتم. تقريبن اٺين ڌاري انا جو ميسيج آيو تہ جيئن تہ اڄ پاڻ کي ڪي گهڻيون شيون ناهن ڏسڻيون سو جيڪڏهن تون ڪجهہ وڌيڪ وقت آرام ڪرڻ چاهين تہ ڪر ۽ پاڻ نوين جي بجاءِ ساڍي ڏهين بجي ملون، مون چيو اها تہ واھہ واھہ ٿي وئي. خير ننڊ تہ ڪانہ آئي وري پر ٿورو وڌيڪ آرام ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. ڏهين بجي کان پوءِ آءٌ هوٽل کان نڪري پنڌ ئي پنڌ سينٽرل اسٽيشن ڏانھن هلڻ شروع ڪيو. اڄ مون روڊ جو ٻيو پاسو ورتو، ڪجهہ اڳتي هلڻ کان پوءِ ڏٺم تہ اتي هڪ بسن جو اڏو نظر آيو، ملازمن مختلف شھرن ڏانھن وڃڻ جا هوڪا پڻ ڏنا پئي. مون کي اتي حيدرآباد جا بس اڏا جيئن پٺاڻ ڪالوني، بڪرا منڊي، بدين اسٽاپ ۽ نئين پل ۽ سکر جا بس اڏا بہ ياد آيا.
آءٌ ساڍي ڏهين ڌاري ڪيوِ جي سينٽرل اسٽيشن تي پھچي ويس، انا اتي مون کان اڳ اچي وئي هئي. اڄ اسان جو پروگرام هو تہ دنيا جي ٻيو نمبر زمين اندر 105 ميٽر يا ٽي سئو ڇائيتاليھہ فوٽ گھري اسٽيشن ارسنلنا ڏسون. هي اسٽيشن 1960ع ۾ شروع ٿي ۽ ماڻھوءَ کي ايسڪليٽرز تي بيھڻ کان پوءِ پورا پنج منٽ هيٺ يا ٻاهر وڃڻ لاءِ لڳن ٿا. مون پاڻ اتي محسوس ڪيو تہ شايد هاڻي هنن ايسڪليٽرز تي بيھڻ کان پوءِ منزل ايندي ئي ڪانہ. ارسنلنا اسٽيشن کان ٻاهر نڪري اسان پارڪ آف اٽرنل گلوري ڏانھن هلڻ شروع ڪيو. هلڪو سيء، جهڙ، پن ڇڻ، هڪ پاسي گهاٽا وڻ ۽ ٻئي پاسي نيپرو درياھہ ۽ درياھہ جي ٻئي پاسي ڪيوِ جون تمام وڏيون عمارتون، ڪي فل پئي نظر آيون تہ ڪي وري ڌنڌ ۽ جهڙ ۾ لڪل هيون. پارڪ آف اٽرنل گلوري ۾ ٻي مھاڀاري جنگ ۾ ريڊ آرمي جي اڻ ڄاتل سپاهين جي لاءِ يادگار ٽاور پڻ ٺھيل آهي ۽ ان ٽاور جي پاڙ ۾ هڪ نہ وسامندڙ باھہ هر وقت ٻرندي رهي ٿي. اسان جڏهن اتي پھتاسين تہ هڪ ڇوڪرو ان باھہ واري حصي ۾ ويٺو هو، انا سڌو وڃي پڇيس تہ هتي ڇو ويٺو آهين؟ چيائين ائين ئي ويٺو آهيان، انا چيس هتي ويھڻ منع آهي، اتان اٿ نہ تہ مان پوليس کي ٿي ڪال ڪيان، ڇوڪرو منھن خراب ڪري ويندو رهيو. مون انا کي چيو ڇو اٿاريئيس؟ متان سيءٌ ٿيندو هجيس ۽ باھہ جي ڪري اچي ويٺو هجي، پر انا چيو ها ڀلي پر هتي ويھڻ منع آهي سو ان ڪري اٿاريو مانس.
اسان اتان کان پوءِ ڪجهہ يادگار ڏسندا اڳتي وڌندا وياسين. ٽيھن لکن جي هن شھر ڪيوِ ۾ ڪافي تعداد ۾ مختلف يادگار ٺھيل آهن، رڳو انھن جي باري ۾ ويھي لکبو تہ ان لاءِ هڪ الڳ مضمون جي ضرورت پوندي. انا کي جيئن تہ اڄ شام هڪ ٻئي شھر نوڪري جي سلسلي ۾ پنھنجي باس سان گڏ وڃڻو هو سو اسان اڄ ڪجهہ سفر بس ۾ پڻ ڪرڻ جو سوچيوسين ۽ اتان بس ۾ چڙهي، سينٽ مائيڪل جي خانقاھہ جيڪو ڪيوِ جو هڪ وڏو ڪيٿيڊرل آهي، سو گهمڻ آياسين، هتي اندر وڃڻ لاءِ ٽڪيٽ هئي. آچر جو ڏينھن هو ۽ ماڻھو بہ تمام گهڻا هئا، جتي مک تقريب هلي رهي هئي، اسان چيو تہ ختم ٿئي تہ اوڏانھن پوءِ ٿا گهمون. تيستائين اسان عمارت جي صفا مٿاهين حصي ۾ هليا وياسين جتان شھر، نيپرو درياھہ ۽ مڌرلينڊ مانيومينٽ يا مادر وطن جي يادگار مجسمي جو نظارو پيو ٿئي. اتي ڪجهہ شادي جون تقريبون بہ هيون، ڪي وڏا پادري تہ ڪي وري شاگرد. انا ٻڌايو تہ هي يوڪرين جو وڏي ۾ وڏو خانقاھہ آهي جتي نہ رڳو يوڪرين پر آس پاس جي ملڪن جا شاگرد پڙهائي ڪرڻ ۽ پادري عقيدت وچان ايندا آهن. اتي ماڻھو هڪ هڪ ٿي پنھنجا ذاتي مسئلا انھن پادرين سان ونڊي رهيا هئا، ڪي روئي رهيا ها تہ ڪي وري کلي رهيا هئا. انا مون کي اتي انتظار وارين ڪرسين تي ويھاري پاڻ بہ هڪ پادري وٽ وئي ۽ ڪجهہ دير کان پوءِ واپس آئي. اتي بہ مون ماڻھن کي ڪارا جبا پھريل پادرين جا عقيدت منجهان هٿ چمندي ۽ کين پيرين پوندي ڏٺو.
واپسي تي وري بس ۽ پوءِ زمين اندر هلندڙ ريل گاڏي جي ذريعي گولڊن گيٽ تي آياسين. اها گيٽ يارهين صدي ۾ ٺھي ۽ ڪيوِ جي اندر داخل ٿيڻ جو اهو ئي رستو هئو، هاڻي اها وچ شھر ۾ اچي وئي آهي. اتي بہ ڪجهہ يادگار مجسما هئا، هڪ اڌ ماڻھن جا ۽ هڪ ٻليءَ جو. اتي آس پاس هڪ مراڪش جي ريسٽورينٽ تي ماني کائي، وري پنڌ ڪندا اچي هڪ دفعو ٻيھر خرسچيٽڪ اسٽريٽ تي پھتاسين. اتي آچر واري ڏينھن بہ سياحن لاءِ پوسٽ آفيس کليل هئي، جتان مون ڪجهہ پوسٽ ڪارڊ پوسٽ ڪيا. پوسٽ آفيس کان ٻاهر نڪتاسين تہ لڳ ڀڳ شام جا چار ٿي چڪا هئا. انا اتان مون کان موڪلايو. آءٌ ڪجهہ دير اتي ئي گهمندو رهيس، هڪ دفعو وري دل ۾ آيو “هل ڇا تہ حسن آ”. اڃا اتي ئي گهميم پي تہ پياري دوست اسد جهتيال جو ايڊليڊ آسٽريليا مان واٽس ايپ تي ميسيج آيو تہ پيارن پرين ۽ سھڻن جو ملڪ ٿا گهمو، مون اسد ڀاءٌ کي رپلاءِ ڪيو تہ يار واقعي هي تہ ملڪ حقيقت ۾ سھڻين پَرين جو آهي. نہ رڳو ماڻھو پر آس پاس جي نيچر بہ تمام گهڻي خوبصورت آهي.
واپس هوٽل تي اچي ٿورو آرام ڪيم ۽ پوءِ پيٽ جي پوڄا ڪرڻ لاءِ رات جو اٺين ڌاري سينٽرل اسٽيشن جي ڀرسان مئڪڊونلڊس تي ويس. ٻئي ڏينھن مون کي ڪيوِ ۾ رهندڙ منھنجي هڪ ٻي دوست اوڪسانا سان گڏ شھر کان ٻاهر اوپن ايئر ميوزم، هڪ ٻيو پارڪ ۽ چرچ ڏسڻ لاءِ وڃڻو هو. سو رات جي ماني کائي سوير ئي اچي سمھي رهيس تہ جيئن صبح سوير اک وقت سان کلي. اوڪسانا جو گهر سينٽرل اسٽيشن کان رڳو ٻہ اسٽيشنون پري هو، سو هن چئي ڇڏيو هو تہ جيڏي مھل اٿين ۽ هلڻ جو پروگرام هجئي تہ مون ڏي ميسيج ڪري ڇڏجان، تون اڃا هوٽل کان هتي سينٽرل اسٽيشن تائين نہ پھچندين تہ تو کان اڳ مان پھچي ويندس ۽ مون تنھنجي ڪري اڄ موڪل ڪئي آهي تہ جيئن توکي گهمائي سگهان.
ٽئين ڏينھن صبح جو آءٌ مقرر وقت تي سينٽرل اسٽيشن پھچي ويس، اوڪسانا بہ وقت تي پھچي وئي، حال احوال ڪرڻ کان پوءِ اسان سينٽرل اسٽيشن جي ٻئي پاسي هڪ بس اسٽاپ تي آياسين، جتان اسان کي بس جي ذريعي ڪيوِ شھر جي ڏکڻ ۾ پيروگوف جي ڳوٺ ۾ يوڪرين جو اوپن ايئر ميوزم آف فوڪ آرڪيٽيڪچر اينڊ لائيف آف يوڪرين ڏسڻ لاءِ وڃڻو هئو. بسون لوڪل ۽ پراڻيون هيون، بس سان رڳو ڊرائيور ئي هئو، بس ۾ چڙهڻ وقت سندس اڳيان رکيل ٽوڪريءَ ۾ هر ڪو مسافر پيسا پيو رکي، گهڻي قدر سڪا. اسان کي ميوزم تائين پھچندي ڪلاڪ سوا لڳي ويو، ٽڪيٽ وٺي اندر وياسين. اسان جي پويان اسڪول جي ڪا بس بہ اچي پھتي ۽ کوڙ ٻار بہ لٿا، سندن اڄ اسٽڊي ٽوئر پي لڳو. کليل ميدان ۾ هڪ ٿورو ڪچو پڪو رستو ٿورو لاهين تي هيٺ پي ويو، پاڻ مرادو گاھہ بہ ڦٽل هو، جيڪو سرءُ جي مند ڪري پيلو ٿي چڪو هو. وڻن ۾ اڃا گهڻائي ساون پنن جي هئي پر لڳو تہ جلد اهي پنھنجو ويس مٽائيندا. 1969ع ۾، 370 ايڪڙن تي اڏيل هن ميوزم ۾ ڪافي تعداد ۾ ڪاٺ سان ٺھيل پن چڪيون بہ هيون جن جي ڪري ميوزم جي سونھن ۾ واڌارو پئي ٿيو. ميوزم کي اندر يوڪرين جي مختلف سيڪٽرن ۾ ورهايو ويو هئو، جيڪي پنھنجن پنھنجن علائقن جي نمائندگي ۽ اتان جي رهڻي ڪھڻي جي ترجماني ڪن پيا. ميوزم ۾ هڪ ڪاٺ جو 1742ع جو ٺھيل پراڻو گرجا گهر بہ هئو. ميوزم ۾ هڪ اندازي موجب لڳ ڀڳ چاليھہ هزار مختلف قسمن جا گهريلو، روايتي ۽ ثقافتي سامان ملندا، جن ۾ پراڻي دور جي ڊزائين جا ڪپڙا، برٿ، قالين، سيرامڪس جو سامان، ڌاتوئن، ڪاٺ ۽ شيشي سان ٺھيل دستڪاريون، موسيقيءَ جو سامان، مختلف قسمن جون پينٽنگز ۽ ٻيو گهڻو گهريلو سامان اتي موجود هئو، جيڪو ماڻھو خريد ڪري سگهي ٿو.
اتي ميوزم ۾ سڀ ڪم ڪرڻ وارا پنھنجي روايتي ڪپڙن ۾ ڪم ڪري رهيا هئا. اسان اتي گهمندا اچي هڪ جڳھہ تي پھتاسين جتي اسان کي ڪجهہ وقت لاءِ چيو ويو تہ هتي ٿورو بيھو، ڇاڪاڻ تہ اتي هڪ فلم جو سين رڪارڊ ٿي رهيو هئو ۽ فلم جو وڏو عملو بہ لٿل هئو. اتي ماڻھو پنھنجين اکين اڳيان لوهارن، ڪورين ۽ ڪنڀارن کي سندن ڪم ڪندي ڏسي سگهي ٿو ۽ اهو بہ ٿي سگهي ٿو تہ هڪ اڌ ڪو موسيقار اوهان جي اڳيان پنھنجي فن جو مظاهرو بہ ڪري. ميوزم ۾ پراڻي دور جا گهر، اسڪول وغيرہ جا نمونا ٺاهيا ويا آهن ۽ سڀني جون ڇتيون پاڻ وارن ڇپرن يا لانڍين وانگر هيون. ميوزم کان پوءِ اسان وري بس پڪڙي ڪيوِ جو فوفينيا پارڪ گهمڻ لاءِ وياسين، بس مان لھڻ کان پوءِ بہ تقريبن ڪو ڪلو ميٽر هلڻو پيو، پر جڏهن آءٌ اندر داخل ٿيس تہ ٿڪ لھي ويا ۽ منھنجي منھن تي سرهاڻ ڇانئجي وئي. انتھا درجي جو سھڻو پارڪ ۽ اتي موجود ڍنڍ عام ماڻھن جي تفريح ۽ سڪون لاءِ موجود هئي. هتي بہ جوڙن، فئملين، ٻارن نيچر ۾ ويھي قدرت جي خلقيل شين جو مزو پي ورتو. پنڌ ڪرڻ جا بہ ڪافي ٽريڪ ٺھيل هئا. هن پارڪ سان لڳو لڳ سينٽ پينٽيليمون نالي وڏي خانقاھہ هئي جيڪا رڳو عورتن کي مذهبي تعليم ڏيڻ لاءِ مخصوص هئي.
مون کي نيچر تمام گهڻي پسند آهي، ۽ اڄوڪو سڄو ڏينھن تقريبن نيچر ۾ گذريو، مزو اچي ويو. ترقي ڪيل يا ڪندڙ معاشرن وٽ نيچر يا فطرت سان ويجهو هئڻ جي تمام گهڻي اهميت آهي، ان ڪري هو آس پاس جي نيچر جي تمام گهڻي حفاظت ڪن ٿا ۽ ڪيوِ کي 2017ع ۾ يورپ جو گرينيسٽ ڪيپيٽل بہ تسليم ڪيو ويو هو. نہ چاهيندي بہ فوفينيا پارڪ مان نڪري اچي شھر وڃڻ واري بس ۾ ويٺاسين ۽ هاڻي اوڪسانا مون کي ڪيوِ جي نيشنل يونيورسٽي ڏيکارڻ لاءِ وٺي هلي، هن يونيورسٽي ۾ ٻاهرين ملڪن جي شاگردن کي پڻ داخلا ڏني وڃي ٿي، پر اوڪسانا ٻڌايو تہ ٻاهرين ملڪن جي شاگردن ۾ وڌيڪ ڪيو جي انٽرنيشنل يونيورسٽي مشھورآهي. اتي ٿورو چڪر ڏئي پوءِ اسان اچي ٿوري پيٽ جي پوڄا ڪئي ۽ هڪ ڪيفيٽيريا ۾ اچي ڪچھري ڪئي، مينھن بہ شروع ٿي ويو هيو ۽ ذري گهٽ سج لھڻ وارو هو، پوءِ اتان پنڌ ئي پنڌ هڪ شھر جي وچ ۾ موجود پارڪ مان ٿيندا اچي مون واري هوٽل جي ٻاهران پھتاسين. مون اتي اوڪسانا کان موڪلايو ۽ سندس وقت ۽ ڪمپني جا ٿورا مڃيا ۽ هوٽل جي ڪمري تي اچي صبح لاءِ سامان پيڪ ڪيو، ٻئي ڏينھن صبح سوير منھنجي اسٽاڪھولم لاءِ واپسي هئي.

بوسنيا اينڊ هرزيگووينا ۾ گذاريل گهڙيون

بس صبح سوير ئي ڪروشيا جي شھر دبرونوڪ کان نڪتي ۽ اسان جي منزل بوسنيا اينڊ هرزيگووينا جو شھر موستار هيو. ڊرائيور ۽ سونھي جنھن جو نالو آدم هيو، هر هڪ کان هر هر پئي پڇا ڪئي تہ اوهان پنھنجو پاسپورٽ يادگيري ڪري کڻي آيا آهيو يا نہ؟ اها ڳالھہ انھن ان بنياد تي پئي ڪئي جو ڪنھن هڪ جي پاسپورٽ وساري اچڻ جي ڪري ٻين سياحن جو سفر بہ خراب ٿي پئي سگهيو. بھرحال هر ڪنھن وٽ پنھنجو پاسپورٽ هيو ۽ ننڍي بس موستارجي طرف هلڻ شروع ڪيو. بس ۾ آمريڪا، برطانيا، ڏکڻ ڪوريا، ملائيشيا، انڊيا ۽ آسٽريليا جا سياح ويٺل هيا، آءُ ئي رڳو اڪيلو پاڪستاني سنڌي هيس.
آدم وٺي جو ڪمينٽري ڪرڻ شروع ڪئي تہ پوءِ چپ ٿيڻ جو نالو ئي نہ پئي ورتائين. مون کي سندس ڪمينٽري مان لڳو تہ هي همراھہ فارمر يوگوسلاويا جي ٽٽڻ تي رنج هيو، رکي رکي پئي چيائين تہ ڪاش اسان جو ملڪ اهو ئي هڪ هجي هان تہ بھتر هيو. اصل ۾ جڏهن يوگوسلاويا 1991 ۾ ٽٽو تہ ڪروشيا کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو هيو. دبرونوڪ شھر ۽ آس پاس جو علائقو ٻئي ڪروشيا کان الڳ آهي ۽ وچ تي وري ٻارنھن ميلن جو هڪ ڪاريڊور بوسنيا اينڊ هرزيگووينا کي ڏنل آهي ۽ اهو ٻارنھن ميلن جو ڪاريڊور ئي ملڪ جو سامونڊي علائقو آهي. هاڻي ٿيو ائين جو پھريان اسان ڪروشيا کان نڪتاسين تہ هڪ دفعو پاسپورٽ چيڪ ٿيا ۽ وري ڪجهہ دير کان پوءِ وري اسان ڪروشيا ۾ داخل ٿياسين تہ وري پاسپورٽ ڏيکارڻا پيا ۽ ائين ئي وري هڪ دفعو بوسنيا اينڊ هرزيگووينا ۾ داخل ٿياسين. ڪير جيڪڏهن چاهي تہ سڌو ڪروشيا مان بوسنيا اينڊ هرزيگووينا وڃي پئي سگهيو پر اسان جي ٽرپ ۾ بوسنيا اينڊ هرزيگووينا جي پھرين منزل ان ئي رستي تي هئي، ان ڪري اسان کي ان رستي تان وٺي آيا. آدم ٻڌايو تہ واپسي ۾ رڳو هڪ هڪ دفعو ٻنھي ملڪن ۾ پاسپورٽ جي چڪاس ٿيندي.
هاڻي هنن پاڙيسري ملڪن جو پاڻ ۾ ڪيترو پيار آهي اها خبر ﷲ کي، پر هنن پنھنجا بارڊرهڪ ٻئي لاءِ کولي ڇڏيا آهن، مقصد رڳو سياحت کي هٿي وٺرائڻي آهي تہ جيئن علائقي ۾ سڀ ملڪ سياحت مان فائدو وٺن ۽ غير ملڪي ناڻو ڪمائين. اڳوڻي يوگوسلاويا مان هاڻي ست مختلف ملڪ وجود ۾ آيا آهن پر ماڻھن جي هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ اچ وڃ ائين آهي ڄڻ ماڻھو پنھنجي ئي ملڪ ۾ هڪ شھر کان ٻئي شھر ۾ ويندو هجي. بوسنيا اينڊ هرزيگووينا ۾ پھرين بريڪ نيم جي شھر ۾ ٿي، جتي سياح ٿورا تازا توانا ٿيا ۽ ڪجهہ هلڪو ڦلڪو کاڌو پيتو.
منھنجي ڀر واري سيٽ تي هڪ ديسي ڇوڪري ويٺي هئي، مون سوچيو تہ آهي تہ شايد انڊيا يا پاڪستان جي پر وري بہ پڇيو مانس تہ تون ڪٿان آئي آهي؟ چيائين انگلينڊ کان، منھنجو پيءَ انگريز آهي ۽ ماءُ انڊيا جي. ان “اينگلو انڊين” ڇوڪريءَ جو رنگ رڳو ديسي هيو، باقي انگريزيءَ جو لھجو ۽ رويو گورن وارو هيو. آدم مسلسل پيو ڳالھائي، گرمي جي ڪري بس ۾ هلڪي هلڪي اي سي بہ هلي پئي ۽ صبح سوير جي ڪري ماڻھو يا تہ ستل هيا يا آدم ڏي توجھہ گهٽ پيا ڪن. ٿوري دير ۾ مون ڏٺو تہ گوري ديسي بہ سمھي پئي ۽ مٿان جو وري کونگهرا هڻڻ شروع ڪيائين تہ مون کي هڪ واقعو ياد اچي ويو.
ٿيو ائين جو اسان جو ننڍپڻ جو هڪ دوست هڪ دفعي وين ۾ حيدرآباد کان موري پئي آيو، ڀر واري سيٽ تي ڪو وڏي عمر جو چاچو ويٺو هيس. اسان وارو دوست بہ ڪو ٿڪل هئو سو رکي رکي ٿي ننڊ جا جهوٽا آيس. هڪ ٻہ دفعو تہ وڃي چاچي سان لڳو، چاچي بہ زور سان جهٽڪو ڏيندي چيس تہ رات ڏوھہ تي ويو هئين ڇا؟ پاڻ جهل ڇوڪرا. چاچي جو ائين چوڻ ۽ اسان واري دوست جي جو ننڊ ڦٽي تہ پوءِ وري موري تائين نہ آيس. هاڻي هتي مون سان بہ تقريبن ساڳيو لقاءُ هيو. ننڊ جي جهوٽن جو تہ خير هيو پرڇوڪري جي کونگهرن بيزار ڪري وڌو، بھرحال مون ڪنن ۾ هيڊ فون وجهي ڳانا ٻڌڻ شروع ڪيا تہ جيئن کونگهرن جي آواز کي ڪنھن حد تائين گهٽائي سگهجي.
بوسنيا اينڊ هرزيگووينا ۾ ڪراوس واٽرفال اسان جو ٻيو اسٽاپ هيو. اهي 28 ميٽر اونچا ڪراوس آبشار هن بالڪن جي علائقي ۾ تمام گهڻو مشھور آهن، جيڪي بہ سياح بوسنيا اينڊ هرزيگووينا يا بالڪن جو ڪو ويجهو ملڪ گهمڻ اچن ٿا تہ پوءِ هتي ضرور چڪر لڳائين ٿا. ڪراوس آبشارن تي اونھاري جي موسم ۾ هاڻي لکن جي تعداد ۾ ٻاهرين ملڪن ۽ مقامي سياحن جو اچڻ ٿئي ٿو. اسان جڏهن اتي پھتاسين تہ ائين لڳو ڄڻ ڪا وڻن جي وڏي علائقي ۾ ڇت هجي، جيئن جيئن هيٺ وڃڻ ٿيو تہ آهستي آهستي پاڻي جي ڪرڻ جو آواز اچڻ شروع ٿيو ۽ تان جو پھرين اک انھن آبشارن تي پئي تہ وات مان پاڻ ئي نڪري ويو “سبحان ﷲ”، تمام گهڻا سھڻا آبشار جن کي لفظن ۾ شايد بيان ڪرڻ ڏکيو هجي.
هتي اونھاري جي موسم ۾ بہ پاڻي ٿڌو رهي ٿو ۽ تقريبن سڀ سياح انھن آبشارن مان شروع ٿيندڙ درياءَ ۾ وهنجن ٿا، جنھن جي گھرائي اونھاري ۾ ايتري گهڻي ناهي هوندي، ٻار، مرد توڙي عورتون سڀ جا سڀ هتي اچي صاف ۽ شفاف پاڻيءَ ۾ تڙڳن ٿا. مون واري سڄي گروپ جا سياح سڀ جا سڀ پاڻيءَ ۾ هيا. ڪي وري مقامي يا آس پاس جي علائقن جا ماڻھو اتي اچي پڪنڪ ملھائين ٿا. اتي کاڌي کائڻ جا هوٽل، سووينيئر جا دڪان، ڪيفيٽيريا، بار، چڪر کائڻ لاءِ ننڍيون توڙي وڏيون ٻيڙيون هر وقت موجود هجن ٿيون. پاڻي ايترو تہ صاف آهي جو پٿر، مڇيون ۽ ٻيڙين جو ترو صاف نظر اچي ٿو. خدا تعالي جي خدائي ۽ عجب نظارو هيو. مون اتي هڪ مقامي ٻيڙيءَ واري سان ڪچھري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ پڇيومانس تہ جڏهن اڃا هي آبشار مشھور نہ ٿيا هيا تہ اڳ ۾ هتي زندگي ڪيئن هوندي هئي؟ چيائين هي آبشار تہ هوندا هيا پر مقامي ماڻھن کي ئي رڳو خبر هوندي هئي ۽ هتي ڪابہ شئي نہ هوندي هئي، پر پوءِ ان ڳالھہ جي اهميت کي سمجهندي تہ هن علائقي کي ترقي وٺرائي دنيا جي سياحن کي پاڻ طرف متوجھہ ڪرائي سگهجي ٿو، تہ جيئن پيسو ڪمائي سگهجي ۽ مقامي ماڻھن کي ڪجهہ روزگار ملي سگهي ۽ وس وارن ان ڳالھہ کي هاڻي يقيني بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هتي تمام گهڻا سياح هر سال اچن ٿا.
نہ چاهيندي بہ اتان پنھنجي اڳلي منزل يعني موستار لاءِ نڪرڻو پيو. بس جيئن ئي موستار شھر ۾ داخل ٿي تہ آدم ٻڌايو تہ هتي پاڻ وٽ رڳو ٽي ڪلاڪ آهن، انھن ٽن ڪلاڪن ۾ ماني بہ کائي وٺو ۽ شھر کي بہ گهمي ڏسو. بس کي پارڪنگ ۾ بيھاري اسان اڃا ٻاهر نڪتاسين تہ آدم هڪ عمارت ڏي اشارو ڪندي چيو تہ هن کي ڏسو. انھي عمارت جي هڪ پاسي واري وڏي ڀت پرڻ جو ڏيک ڏئي رهي هئي، اهي گولين جا نشان هيا، مون کي اهڙي قسم جي ڪا ٻي عمارت نظر نہ آئي پر هي شايد يادگار جي طور تي محفوظ ڪري ڇڏي اٿن. آءُ ان وقت اندر ۾ جنبي ويس تہ ڪيڏو نہ خوفناڪ ماحول هوندو جڏهن شھرن ۾ ائين ماڻھن جي مٿان گوليون هلنديون هونديون. هن بالڪن جي علائقن ۾ بہ جنگين جي ڪري ماڻھن جو تمام گهڻو قتل عام ۽ رت وهيو آهي، ان تي ڳالھائڻ لاءِ تمام گهڻو وقت ۽ علم گهرجي. اسان اڃا ٿورو اڳتي هلياسين تہ آدم جي وري يوگوسلاويا واري محبت جاڳي ۽ رڙ ڪري هڪ تمام پراڻي يوگو ڪار ڏي اشارو ڪري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ چيائين تہ هتي اڃا تائين ماڻھو اها پراڻي يوگو ڪار هلائين ٿا ۽ کيس ان تي وڏو فخر پڻ هيو تہ اها فارمر يوگوسلايا جي ٺھيل هئي.
اتان کان پوءِ اسان سڀني موستار جي پراڻي شھر طرف هلڻ شروع ڪيو. جيئن جيئن اسان پراڻي شھر ۾ داخل ٿياسين تہ اتي ٻپھري جي ٻانگ پئي آئي، مون يورپ ۾ اهو پھريون دفعو ائين لائوڊ تي ٻانگ ايندي ٻڌي ۽ ڪجهہ دير کان پوءِ وري گرجا گهر جا گهنڊ بہ وڄندي ٻڌا. پراڻي شھر ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ اندازو ٿيو تہ هتي سياحت کي تمام گهڻي هٿي وٺرائي وئي آهي. هر پاسي ٻاهرين ملڪن جا سياح نظر ايندا. خاص ڪري نيريتوا درياھہ جي مٿان اڏيل اسٽاري موست جنھن کي موستار جي پراڻي پل بہ سڏين ٿا، تي هر وقت سياح گهمندي ۽ فوٽو ڪڍائيندي نظر ايندا. تمام پراڻي دور ۾ هن ساڳيءَ جاءِ تي ڪاٺ جي لٽڪيل پل هوندي هئي، جيڪا پوءِ سورهين صدي ۾ سلطنت عثمانيہ جي دور ۾ پٿرن سان پڪي ڪري تعمير ڪرائي وئي. جيڪا شھر جي ٻنھي حصن کي پاڻ ۾ ڳنڌي ٿي. هن کي اسلامي فن تعمير جو مثال بہ چيو وڃي ٿو.
پل جي مٿان ٻہ نوجوان ڇوڪرا لنگوٽيا پائي سياحن جي توجھہ پاڻ ڏي ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هيا، رکي رکي واري وٽي سان مٿان پل تان هيٺ درياھہ ۾ ٽپو ٿي ڏنائون ۽ وري مٿي اچي سياحن کان پيسا ٿي ورتائون. آءٌ اتي هڪ اهڙي کاڌي کائڻ واري هوٽل تي وڃي ويٺس جتان درياھہ، پل ۽ ايندڙ ويندڙ سياحن ۽ مقامي ماڻھن کي ڏسي سگهان. هر طرف ڪيفيٽيريا، سووينيئر جا دڪان، آئسڪريم جا اسٽال، کاڌي کائڻ جا هوٽل، دستڪاري جا دڪان ۽ ٻيو بہ گهڻو ڪجهہ سامان اتي وڪري لاءِ رکيو ويٺا هئا. گرمي بہ گهڻي هئي ان ڪري اتي هوٽلن ۽ ڪيفيٽيريائن تي پکن مان هوا سان گڏوگڏ پاڻي جو صفا هلڪو ڦوهارو بہ اچي پيو جيڪو انتھائي سڪون پيو ڏئي. ان پکي مان پاڻي جو ڦوهارو لڳڻ کان پوءِ مون کي سنڌ جا ڪوڪڙي ياد آيا جيڪي پنھنجن ڪڪڙن کي وات ۾ پاڻي وجهي پوءِ زور سان ڦوهارو هڻندا آهن.
مانجهاندو ڪرڻ کان پوءِ آءُ بہ ڪجهہ وقت ان مشھور زمانہ پل تي وڃي ڪجهہ وقت لاءِ بيٺس ۽ ڪجهہ فوٽو ڪڍيا ۽ ڪن سياحن کي چئي پنھنجا يادگار فوٽو بہ ڪڍرايا. موستار جو شھر تمام سھڻو آهي، هر پاسي جبل، ساوڪ ۽ شھر جي وچ مان درياھہ جو گذر، بالڪن طرز جون عمارتون ۽ گهر، پٿرن سان ٺھيل رستا، شھر هڪ وادي ۾ آباد آهي. جتي ٿي سگهي تہ ڪجهہ ڏينھن وڃي آرام سان رهجي ۽ آس پاس جي علائقن کي وڃي سانھہ ستيءُ سان گهمجي، مون کي اتي اهو احساس ٿيو تہ هتي رڳو ڪجهہ ڪلاڪن لاءِ اچڻ شھر ۽ هن خوبصورت واديءَ ۽ هتان جي سھڻن ماڻھن سان بي واجبي آهي.
پل تي ڪجهہ وقت گذارڻ کان پوءِ آءٌ شھر جي ٻئي پاسي ويس، اهو پاسو شايد مسلمانن جي آبادي وارو هيو جو ٻہ ٽي مسجدون ان پاسي ئي هيون. اڳتي گهمندو گهمندو وڃي هڪ دڪان تي چڙهيس. هڪ ننڍي ڇوڪري ڀليڪار چيو ۽ پڇيائين انڊين؟ مون چيومانس پاڪستان. کلي چيائين ها اوهان سڀ ساڳيا نظر ايندا آهيو، مون چيو مانس تہ ها ائين تہ آهي ۽ ائين بہ آهي جيئن توهان سڀ بالڪن هڪ جھڙا لڳندا آهيو، چيائين ها بلڪل. سندس نالو ليلا هيو. ليلا کان ڪجهہ سووينيئر ورتم، مون کان وري پڇيائين تہ تنھنجو نالو ڇا آهي؟ ٻڌايو مانس تہ عبدﷲ، کلي چيائين سچي ۾؟ مون کلندي چيومانس ها باقي تنھنجو منھنجو مذاق آهي ڇا جو ڪوڙ ڳالھائيندس، ليلا ٽھڪ ڏيندي چيو تہ منھنجي بابا جو نالو بہ عبدﷲ آهي، پوءِ مون کي محسوس ٿيو تہ شايد ان ڪري اچرج ۾ پئجي وئي تہ اهو نالو شايد رڳو اسان وٽ هتي بوسنيا اينڊ هرزيگووينا ۾ آهي. دڪان تان لھي اڃا اڳتي وڌندو ويس.
سچ تہ منھنجي مٿان هڪ سحر طاري هئو تہ آءٌ اڄ هتي آهيان. ننڍي هوندي ٽي وي تي پاڻ رڳو هنن ملڪن جي باري ۾ خبرون ٻڌندا هئاسين، پي ٽي وي تي تہ هڪ اڌ ڊرامن ۾ بہ هنن علائقن جو ذڪر هيو ۽ رڪارڊنگ پڻ ٿيل هئي. ڪجهہ اڳتي هلڻ کان پوءِ هڪ مسجد نظر آئي، آءٌ ان ۾ اندرهليو ويس. مسجد جي خدمتگار مون کان پڇيو تہ سياح آهين يا نماز پڙهندي، مون چيو مانس تہ ٻئي ڪم ڪندس. نماز کان پوءِ فارغ ٿيس تہ وري مون کي ان ساڳئي خدمتگار چيو تہ مٿي هن مينار ۾ چڙهي وڃ، اتان شھر جو ديدار ڀلو ٿيندئي، مان بہ چڙهڻ شروع ڪيو، تمام مٿي هيو، سهڪائي وڌائين پر مٿان کان واقعي بہ شھر جو نظارو دلفريب هيو. اتي ڪجهہ ٻيا سياح بہ هيا جن ٻڌايو تہ اهي آهن تہ اصل ۾ لبنان جا پر جرمني جي شھر برلن ۾ رهندا آهن، مون ٿورو غور ڪيو تہ انھن ساڳين همراهن هيٺ مسجد ۾ نماز بہ پڙهي پئي. وري هيٺ آياسين تہ مسجد جي خدمتگار ٻڌايو تہ هي مسجد ترڪن جي اڳواڻ سليمان شاھہ جي دور ۾ ٺھي هئي. سليمان شاھہ ارطغرل جو پيءَ ۽ سلطان عثمان جو ڏاڏو هيو. ان مسجد ۾ هڪ پراڻي دور جو قرآن شريف بہ رکيل هيو جنھن کي ايئرڪنڊيشن جي هڪ باڪس ۾ محفوظ ڪري رکيو ويو هيو تہ جيئن ان جي ورقن کي گرمي جي شدت کان بچائي سگهجي. شام ڌاري اسان موستار جي شھر کان موڪلايو ۽ وري هڪ دفعو ڪروشيا جي شھر دبرونوڪ ڏانھن راهي ٿياسين، دل ۾ اتي خيال ٿيو تہ هتي وري هڪ دفعو ضرور اچبو، پر ڪجهہ ڪلاڪن نہ پر ڪجهہ ڏينھن لاءِ.

ڳوٺ ويندي استنبول جو چڪر

استنبول استنبول، مون کي لڳو ڄڻ آءَ جڳ مشھور ريل گاڏي اوريئنٽ ايڪسپريس ۾ هجان ۽ ڪنڊڪٽر مون سميت سڀني مسافرن کي استنبول اچڻ جو اطلاع ڏيندو هجي. ننڊ مان سجاڳي ٿي تہ، نہ اوريئنٽ ايڪسپريس هجي نہ ئي ڪو ڪنڊڪٽر، سامھون ٽرڪش ايئر لائينز جي هڪ سھڻي ايئر هوسٽس استنبول اچڻ جو اطلاع ڏئي رهي هئي ۽ مون کي بہ ننڊ مان اٿاري هدايت ڪيائين تہ سيٽ بيلٽ ٻڌي پاڻ کي قابو ڪر ۽ سڌو ٿي ويھہ. مون بہ دل ۾ چيو سائين جيڪو حڪم. اوريئنٽ ايڪسپريس ۾ سفر ڪرڻ جو خواب اڃا خواب ئي رهيو ۽ آءُ بہ سڌو ٿي ويھي رهيس ۽ انتظار ڪرڻ لڳس. جھاز استنبول جي عطا ترڪ هوائي اڏي تي لھڻ جا سانباها ڪري رهيو هئو. آءُ اسٽاڪھولم کان ڳوٺ موري وايا استنبول وڃي رهيو هوس، منھنجو دوست عالم صديقي بہ مون سان گڏ هئو. هوائي اڏي تي پاسپورٽن تي ٺپا هڻائي ٻاهر نڪري اچي ٽيڪسي ۾ چڙهي هوٽل پھتاسين، سج لھي چڪو هو، هوٽل تي چيڪ ان ڪري، ڪمري تان تيار ٿي، نڪتاسين تہ ٿورو چڪر چاڙي ڏيون ۽ آس پاس جي ماحول جو مزو ۽ جائزو پڻ وٺون ۽ ان سان گڏوگڏ رات جي ماني بہ کائون.
اسان جي رهڻ واري هوٽل استنبول جي يورپ واري پاسي سلطان احمد يا احمت جي علائقي ۾ هئي جيڪو سياحن جي رهڻ ۽ گهمڻ جو مشھور ۽ مصروف علائقو آهي. ٻاهر وڏي رونق لڳي پئي هئي، گهڻائي اولھہ جي ملڪن جي سياحن جي پئي لڳي جيڪي رات جي ماني کائڻ ۽ ڪجهہ پيئڻ ۾ مصروف هئا. اسان بہ پھريان اتي هيڏي هوڏي ٿورو چڪر ڏنو جنھن کان پوءِ اچي پيٽ پوڄا ڪئي سين. مون اتي محسوس ڪيو تہ ترڪ بہ پاڻ وانگر گهڻي قدر شھپر رکن ٿا. اسان ٿوري دير اتي گهمي ڦري پوءِ واپس هوٽل تي اچي وياسين.
ٻئي ڏينھن صبح جو تيار ٿي نيرن ڪري ٿورو رولاڪين لاءِ نڪتاسين. ڀانت ڀانت جا بي فڪرا سياح استنبول ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ترڪي اڄ بہ دنيا جي سياحن کي پاڻ طرف متوجھہ ڪيو بيٺو آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ جيڪي ملڪ سياحن کي سھولتون ڏين ٿا ۽ انھن جو خيال رکن ٿا تہ ماڻھو انھن ملڪن جو سفر ڪرڻ لاءِ ڇڪجي اچن ٿا. ٺڳ ۽ بشني هتي بہ جام آهن، پر هتي سياحن کي اغوا ڪرڻ يا مارڻ جو ڪو سلسلو ناهي. هتي ناچ گانن جون ڪلبون بہ آهن تہ عبادت لاءِ مسجدون بہ، جنھن کي جيڏانھن وڃڻو آهي اهو اوڏانھن وڃي سگهي ٿو، ڪا رنڊ روڪ ناهي.
استنبول ۾ پيسي جي ڏيتي ليتي مھل ٿورو غور ۽ خيال ڪرڻ کپي نہ تہ ماڻھو ٺڳجي سگهي ٿو ۽ آءُ اتي ٺڳجي ويس. ٿيو ائين جو اتي گهمندي ڦرندي اسان ٽوپ ڪاپي جو عجائب گهر ڏسي ٻاهر آياسين تہ خيال ٿيو تہ هن عجائب گهر جي باري ۾ ڪجهہ ڪتاب دوستن لاءِ وٺان جن جي فرمائش اڳ ئي سنڌ مان ٿيل هئي. اتي موجود هڪ گهورڙئي سان قيمت ڳالھائي پنج کن ڪتاب ورتم، پيسا کليا نہ هئا سو ٻڌو نوٽ ڏيڻو پئجي ويو ۽ همراھہ بقايا پيسا ڪتابن سان گڏ ڏنا ۽ اسان اتان روانا ٿي وياسين، اڃا ٿورو اڳتي هلياسين تہ هڪ همراھہ ڪا مٺي شئي وڪڻي رهيو هو سو خيال ٿيو تہ اها وٺي کائجي، کڻي جو ڏسان تہ جيڪي گهورڙئي پيسا واپس ڪيا ها اهي ٻٽونءَ ۾ لڀن ئي ڪونہ، مون دل ۾ سوچيو گهورڙيو ڏاڍي ڪري ويو. بھرحال بچاءُ ٿي ويو، گهڻو نقصان نہ ٿيو، همراھہ وري بہ ٽيھارو کن يوروز جي ڏهاڙي مون مان ڪڍي ويو.
اهو ڏينھن اسان اتي گهمندا ڦرندا رهياسين، اسان جي نصيب ۾ جمع جو ڏينھن هئو، سو اسان اتي جمع جي نماز (سلطان احمد جنھن کي بليو مسجد پڻ سڏين) ۾ پڙهي ۽ انھي جي ڪري مسجد گهمڻ جو موقعو پڻ ملي ويو. شام ڌاري واپس هوٽل تي آياسين تہ اتي منھنجي دوست گليزار جو مئسيج آيو تہ استنبول ۾ ڀليڪار ۽ سڀاڻي آءُ سلطان احمد ۾ فلاڻيءَ جاءِ تي پھچندس ۽ تون بہ اتي ئي پھچي وڃجانءِ. اسان رات جو هڪ دفعو وري نڪتاسين تہ ماحول جو مزو هلي وٺون، ماني بہ کائون ۽ اها جاءِ بہ ڏسجي جتي سڀاڻي گليزار ايندي. آءُ ان جاءِ تي اڃا پھتس تہ اتي هڪ نوجوان اچي ڳالھائڻ شروع ڪيو، جڏهن خبر پيس تہ پاڪستان جو آهيان تہ ڏاڍي گرم جوشيءَ سان مليو ۽ حال احوال وٺڻ لڳو. پھريان مون کي ٿورو شڪ ٿيو تہ متان ڪو ٺڳ نہ هجي پر اهو منھنجو خيال غلط هو.
ٺڳن جي ڳالھہ نڪتي آهي تہ هي قصو بہ لکڻ وٽان آهي تہ اتي استنبول ۾ مون ۽ عالم ان ساڳئي رات هوٽل تي ويٺي ويٺي اوچتوسوچيو تہ استنبول جي نائيٽ لائيف ڏسجي تہ ڪيئن آهي، سو رٿيوسين تہ هلي ٿا ڪنھن ڪلب ۾ ويھي ناچ گانو ڏسون ۽ ٻڌون. سلطان احمد واري علائقي مان ٽيڪسي ڪري اچي تڪسيم واري علائقي ۾ پھتاسين. کٽي کنيو ۽ دلالن جي ور چڙهي وياسين. دلالن وڏي عزت سان وٺي وڃي هڪ ڪلب ۾ پڄايو ۽ ڪلب وارَن کان پنھنجي ڪميشن وٺي رمندا رهيا. اسان کي اڃا اتي ويٺي ڪجهہ منٽ ئي گذريا تہ ٻہ نوجوان ڇوڪريون اچي اسان جي ڀر ۾ ويٺيون ۽ ڳالھائڻ شروع ڪيائون ۽ بيرو بہ کائڻ ۽ پيئڻ جو سامان اسان سڀني جي اڳيان ٽيبل تي رکندو ويو جيڪو اسان آرڊر ئي نہ ڪيو هئو، پر اصل ۾ انھن ڇوڪرين پي اهي آرڊر ڪيا. آءُ اتي سمجهي ويس تہ هتي ضرور ڪا گڙٻڙ آهي، مون پنھنجي ڀر ۾ ويٺل ڇوڪري کي چيو تہ مون کي تنھنجي ڪمپني جي ضرورت ناهي ۽ تون وڃي سگهين ٿي پر سائين ڇوڪري نہ اٿي ۽ ان کان پھريان جو بيرو سندس ٻيا آرڊر بہ کڻي اچي آءُ اٿي کڙو ٿيس ۽ پاڻ واري دوست کي بہ چيم تہ پيارا خيال ڪر مون کي هتي گڙٻڙ ٿي لڳي ۽ هل تہ هتان نڪري هلون پر همراھہ ڇوڪري سان ڪچھري ۾ لڳو رهيو ۽ ڇوڪري وڃي پئي آرڊر جي مٿان آرڊر ڏيندي.
آءُ اتان اٿي وڃي ٻئي پاسي ويٺس ۽ ماحول کي پرکڻ جي ڪوشش پي ڪيم تہ اڌ مني ڪلاڪ کان پوءِ عالم جو مئسيج آيو تہ يار جلدي اچ هتي ٿوري گڙ ٻڙ ٿي وئي آهي، اتي پھتس تہ ڪلب وارا، همراھہ جو ڪو چار پنج سئو ڊالرن جو بل ڪڍيو بيٺا هئا ۽ بحث مباحثو جاري هئو، عالم چئي ڇوڪرين جو بل وڃي ڇوڪرين کان وٺو انھن جو بل آءُ ڇو ڀريان، ۽ مون اتي ڏٺو تہ اهي ساڳيون ڇوڪريون وري ٻين ٽيبلن تي نون شڪارن سان ويٺيون هيون، بھرحال هڻندي ماريندي اڍائي ٽي سئو ۾ يار جي جان ڇٽي. پوءِ اندازو لڳو تہ اتي جو ڪو ماحول ائين هئو جو جيڪي ڇوڪريون اتي جنھن سان ڪمپني ڪنديون تہ انھن جو بل بہ اهي مرد ڀريندا، ۽ مون کي پڪو يقين آهي تہ اهي جيڪو بہ آرڊر ڪنديون هونديون، بيرا ڏئي انھن کي رڳو پاڻي ويندا هوندا تہ جيئن هو پنھنجي هوش حواسن ۾ رهن تہ جيئن اهي وڌ کان وڌ شڪار ڦاسائي سگهن.
بھرحال جتي ٺڳ ۽ لالچي ماڻھو آهن اتي وري تمام پيارا ۽ بھترين ۽ مددگار ماڻھو بہ ڀريا پيا آهن، بلڪہ چوڻ ائين گهرجي تہ دنيا ۾ سٺن ماڻھن جو تعداد خراب ماڻھن کان وڌيڪ آهي. هونءَ بہ ٽيڪسي ڊرائيور، هوٽلن وارا يا اهي ماڻھو جن جو واسطو سڌو سنئون ٻاهرين ملڪن جي سياحن سان آهي انھن جو موازنو عام ماڻھن سان ڪرڻ صحيح ناهي ۽ ائين بہ ناهي تہ ڪو ٽيڪسين، هوٽلن، ريسٽورنٽس يا جن جو سياحن سان واسطو پوي ٿو، سڀ جا سڀ خراب يا لالچي آهن، انھن ۾ بہ بھترين قسم جا ماڻھو هوندا آهن.
ٻئي ڏينھن صبح جو ساڳي ڪرت، تيار ٿي ٻاهر آياسين، عالم کي اڄ پنھنجي منھن سان گهمڻو هئو ۽ مون کي وري منھنجي ترڪ دوست گليزار سان ملڻو هئو ۽ آءُ ان مقرر هنڌ تي پھتس تہ گليزار اڳ ئي اتي پھچي چڪي هئي. هڪ دفعو وري استنبول ۽ ترڪي ۾ ڀلي ڪار ڪندي مرحبا چيائين ۽ مون کان پڇيائين تہ اوهان جو پھريون ۽ ٻيون ڏينھن هتي ڪيئن گذريو، سڄو حال احوال ڏنو مانس، پاڻ رنج بہ ٿي پر وري کلي بہ ڏاڍو ۽ چيائين تہ تو واري دوست کي رات ننڍ نہ آئي هوندي، مون چيو مانس ها بلڪل ائين تہ آهي. مون کيس چيو تہ تنھنجي مھرباني جو وقت ڪڍي ملڻ لاءِ آئي آهين، گليزار پنھنجي مصروفيت مان هڪ سڄو ڏينھن ڪڍي مون سان ملڻ ۽ استنبول گهمائڻ لاءِ آئي هئي. هونءَ بہ ڪن سياڻن جو چوڻ آهي تہ جيڪو انسان اوهان کي پنھنجي زندگي مان ڪجهہ پل ڏئي ٿو تہ اها ان جي مھرباني آهي ڇاڪاڻ تہ اهي پل جيڪي هو اوهان کي ڏئي ٿو اهي هو واپس ڪڏهن بہ زندگي ۾ موٽرائي نٿو سگهي، تہ اهڙن ماڻھن جي واقعي بہ مھرباني. ترڪيءَ جا ماڻھو پاڻ سنڌين وانگر مھمانواز بہ واھہ جا آهن.
ڪچھري ڪندا پنڌ ئي پنڌ اسان اتي گهمندا ڦرندا رهياسين، پوءِ چانھہ ڪافي جي طلب ٿي تہ گليزار مون کي هڪ اهڙي ڪيفيٽيريا تي وٺي وئي جتان آيا صوفيا ۽ سلطان احمد مسجد جو نظارو تمام بھترين، صاف ۽ کليل نظر اچي رهيو هو. ترڪش ڪافي ڏاڍي گهاٽي ۽ تيز هئي. دنيا ۾ کاڌا بہ تمام گهڻن قسمن جا آهن، ماڻھو منجهيو پوي تہ ڇا کائجي، ڀلو تڏهن ٿئي ٿو جڏهن ڪو مقامي دوست گڏ هجي تہ پوءِ سولائي ٿيو پوي.
اتان واندا ٿي ٽرام ۾ چڙهي اچي استنبول جي جڳ مشھور گرانڊ بازار پھتاسين جيڪا پڻ گهمڻ وٽان آهي. هن الف ليلوي بازار ۾ نئين ماڻھوءَ لاءِ ڪافي ڏکيو آهي تہ هو جنھن دروازي کان اندر داخل ٿئي ۽ ان مان ئي واپس ٻاهر نڪري وڃي سگهي. اندر گهڙڻ کان پوءِ مون پنھنجي پاڻ کي ڪنھن الف ليلا جي طلسماتي بازار ۾ محسوس ڪيو. ننڍا وڏا دڪان وڏي ترتيب ۽ شوق سان سينگاريل هئا. هر دڪان تي ماڻھو چاهي تہ ڪلاڪ بيٺو رهي ۽ ويٺو ڏسي ۽ هر شئي بہ وٺڻ چاهي ۽ اتي اگهہ بہ بارگين وارا آهن، معني پنج هزار چئي پنج سئو ۾ ڏيڻ لاءِ راضي. پندرهين صدي عيسوي جي هن ٽي چار هزار دڪانن ۽ سٺ ستر گهٽين تي مشتمل بازار ۾ هڪ ئي ڇت جي هيٺان سڀ ڪجهہ مليو وڃي. استنبول جي هن ڍڪيل بازار ۾ تقريبن چار لک ماڻھو روز اچن ٿا ۽ هر هڪ کي چيڪ ۽ اسڪين ڪري پوءِ ئي اندر وڃڻ ڏين ٿا. استنبول جي گرانڊ بازار واقعي بہ بار بار گهمڻ جي جاءِ آهي.
ترڪي ۾ تمام گهڻن ماڻھن جو نالو مصطفي آهي، نوانوي سيڪڙو مسلمانن جي آبادي آهي پر ٻين مذهبن جا ماڻھو بہ سڪون سان رهن ٿا. نماز جي وقت هر پاسي آذان ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. گهڻا مسلمان سياح اها ڪوشش ڪندا آهن تہ سلطان احمد مسجد جمعي واري ڏينھن نماز پڙهڻ لاءِ وڃجي، جنھن سان ماڻھو نماز بہ ادا ڪندو ۽ مسجد پڻ گهمي وٺندو، جيئن اسان اتفاق سان جعي واري ڏينھن اتي هئاسين. باقي آيا صوفيا مسجد ٽڪيٽ کان بغير نہ ٿي گهمي سگهجي. زندگي رهي تہ اول خير اها بہ ڪڏهن نہ ڪڏهن اندران ڏسي اچبي. هتي دنيا جي ٻين گهڻن ملڪن وانگر زمين اندر هلندڙ ريل گاڏي اتان جي ماڻھن کي سھولت ڏيڻ لاءِ روان دوان آهي. هتي جي هيءَ زمين اندر هلندڙ ريل گاڏي دنيا جي ٽيون نمبر پراڻي زمين اندر هلندڙ ريل گاڏي آهي. جيڪا 1875 ۾ ٺھي تيار ٿي. پاڻ وٽ بہ زمين اندر هلندڙ ريل گاڏين جي تمام گهڻي ضرورت آهي. استنبول ۾ زمين اندر هلندڙ ريل گاڏي سان گڏوگڏ ٽرام ۽ بسن جي سھولت ۽ انھن جو نظام بہ بھتر آهي.
ترڪي يا خاص ڪري استنبول ۾ گهڻي قدر جيڪي سياح مرد توڙي عورتون اچن ٿا اهي هتان جي مشھور ترڪش باٿ ۾ وڃڻ ڄڻ فرض سمجهن ٿا، جتي پھريان کين مساج ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ وري وهنجاريو وڃي ٿو. اتي ڪنھن ٻڌايو تہ هن سڄي عمل کان پوءِ ماڻھو پاڻ کي هلڪو ۽ تازو توانو محسوس ڪري ٿو. چون ٿا تہ جيڪو استنبول اچي ۽ اسٽيمر ۾ چڙهي باسفورس جو چڪر نہ لڳائي تہ ڄڻ اهو استنبول آيو ئي ڪونہ، سو آءُ بہ ڪونہ چڙهي سگهيس، سو معني هڪ دفعو وري استنبول وڃبو.
انسان هر هنڌ مڙئي ساڳيا، ڀلي اهي پنھنجي ديس جا هجن يا وري ٻين ملڪن جا، هر هنڌ احساس ساڳيا آهن، هتي استنبول ۾ بہ مون کي عورتون پنھنجي ڳلن تان نير وهائيندي نظر آيون، خوشيون، غميون، وفائون، ڌوڪا دنيا ۾ هر هنڌ آهن. گرانڊ بازار کان پوءِ گليزار مون کي هڪ سينٽر گهمايو جتي هٿ جي هنر سان شيون ٺھيل ۽ سينگاريل هيون، ماڻھن اتي اهي شيون ٺاهيون بہ پئي. اتي بہ اسان ترڪش ڪافي پيتي ۽ پوءِ اسان واپس سلطان احمد جي علائقي ۾ اچي مانجهاندو ڪرڻ کان پوءِ موڪلايوسين. رات جو اسان جي ڪراچي لاءِ فلائيٽ هئي ۽ خوشي بہ تہ ماڻھو هاڻي ڪجهہ ڪلاڪن کان پوءِ پنھنجن سان گڏ پنھنجي وطن ۾ هوندو.

مالٽا ۾ ڪجهہ ڏينھن جي مھماني

هونءَ تہ هر ماڻھو خواب ڏسي ٿو ۽ خواب ڏسڻ ان جو حق پڻ آهي، ڪي خواب ننڊ ۾ ڏسن ٿا تہ ڪي وري جاڳ ۾. جاڳ ۾ ڏٺل سپنا لفظن جي شڪل وٺن ٿا ۽ جيڪڏهن انسان ۾ همٿ هجي تہ اهي لفظ وري ان خواب کي ساڀيان واري پاسي وٺي وڃن ٿا. ڪن ماڻھن لاءِ انھن سپنن کي ساڀيان ڪرڻ سولو آهي تہ ڪن لاءِ وري تمام ڏکيو. سولائي ۽ ڏکيائي جو دارو مدار ملڪي ۽ ذاتي معيشت، ملڪي جاگرافي ۽ تعليم تي هجي ٿو. بھرحال اهو هڪ وڏو بحث آهي جنھن تي گهڻو ڪجهہ لکي سگهجي ٿو.
آءُ ۽ منھنجو دوست شعيب اسٽاڪھولم کان ميڊيٽيرينين سمنڊ ۾ يورپ جي ننڍن ٻيٽن تي مشتمل ملڪ مالٽا وڃي رهيا هئاسين. مالٽا يوناني ٻولي جو لفظ آهي جنھن جي معني آهي ماکي. مالٽا ۾ هڪ خاص قسم جي ماکي جي مکين جو نسل آهي، جيڪي هڪ خاص قسم جي ماکي ڏين ٿيون. مالٽا تي عربن ٻن صدين کان بہ وڌيڪ حڪومت ڪئي آهي، جيڪا اتان جي ٻولي ۾ پڻ صاف نظراچي ٿي. مالٽي ٻوليءَ ۾ گهڻا لفظ عربيءَ جا آهن. انگريزن پڻ مالٽا تي حڪومت ڪئي آهي، جيڪا ڏيڍ سئو سالن کان بہ وڌيڪ عرصي تي مشتمل آهي. مالٽا جي ماڻھن جي ٻولي آهي تہ مالٽي پر انگريزي عام جام ڳالھائي وڃي ٿي ۽ يورپ جي ڪافي ملڪن جا شاگرد هتي رڳو انگريزي سکڻ لاءِ اچن ٿا.
جھاز ۾ تہ تقريبن رڳو گورا هئا پر جڏهن اسان مالٽا جي هوائي اڏي لوقا کان ٻاهر آياسين تہ محسوس ٿيو تہ هتي ڪافي تعداد ۾ آفريڪا جي ملڪن جا ماڻھو اچي ويا آهن. ان سان گڏوگڏ انڊيا جا ماڻھو بہ ڪافي تعداد ۾ نظر آيا. آفريڪا جي ملڪن مان آيلن جو گهڻو تعداد انتھائي سخت مشڪلاتن کي منھن ڏئي پوءِ هتي پھتو هيو، ڇاڪاڻ تہ انھن کي پھريان تہ اتر آفريڪا جي ملڪ لبيا تائين اچڻو پوي ٿو. ان کان پوءِ وري ٻيڙين جي ذريعي مالٽا، اٽلي جي ٻيٽن خاص ڪري سسلي يا يونان جي ڪنھن ٻيٽ تائين پھچي پوءِ سياسي پناھہ لاءِ درخواست ڏين ٿا. ڪي شايد تيونس يا الجيريا کان پڻ وڃڻ جي ڪوشش ڪندا هوندا ۽ مان سمجهان ٿو اهو سڄو عمل ايترو سولو نہ هوندو، جيترو مون هنن پنجن ستن سٽن ۾ لکيو آهي.
مالٽا جي گادي واري شھر ويليٽا ۾ ڪشميرين جو هڪ کاڌي پيتي جو هوٽل هيو، انھن ٻُڌايو تہ مالٽا هاڻي تازو انڊيا جي ڏھہ هزار ماڻھن کي اسپيشل ويزائون ڏئي گهرايو آهي. انڊيا توڙي آفريڪا جي ملڪن جا ماڻھو هتي سڀ نظر آيا، ڪي سولائي سان سڌيون ويزائون وٺي آيا هوندا ڪي ٻيڙين ۾ جان جوکم ۾ وجهي پھتا هوندا، سپنا سڀني جا ساڳيا هوندا، بھتر کان بھتر زندگي جي ڳولھا.
مون گهڻو وقت اڳ هڪ ڪالم لکيو هيو جنھن ۾ مون پٺاڻن لاءِ لکيو هيو تہ اهي بي دعوتيا مھمان سنڌ ۾ اچي ويا آهن، مون کي ائين شايد نہ لکڻ گهرجي هان، هر هڪ ماڻھو پنھنجا پنھنجا سپنا ڏسي ٿو ۽ انھن کي کڻي اڳتي وڌي ٿو. ڪنھن پٺاڻ جو شايد رڳو اهو ئي خواب هجي تہ مون کي ڪراچي ۾ ڪمائڻو آهي. مان پاڻ بہ پنھنجو ملڪ ڇڏي سئيڊن ۾ پيو رهان، انھن ئي خوابن کي پورو ڪرڻ جي چڪر ۾. ها اها ٻي ڳالھہ آهي تہ اتان جي حڪومت ۽ ادارن وٽ ڪيتري قابليت آهي جو اهي ٻاهران آيل ماڻھن کي ڪيئن ٿا ڪنٽرول ڪن تہ جيئن اهي اتان جي مقامي ماڻھن جي لاءِ ڪنھن بہ صورت ۾ هاڃيڪار ثابت نہ ٿين. باقي روزي ۽ بھتر زندگي جي ڳولھا ۾ ڪير ڪٿي بہ وڃي سگهي ٿو، ان لاءِ ماڻھو پنھنجيون زندگيون پڻ داءَ تي لڳائي ڇڏين ٿا.
مالٽا جي شھر ويليٽا جي بس جو اڏو شھر کان ٻہ ٽي سئو ميٽر ٻاهر آهي، جتان ماڻھو پنڌ ڪندو، ٽريٽون ڦوهارن کان ٿيندو، اچي شھر جي دروازي جنھن کي سٽي گيٽ ٿا چون اچي داخل ٿئي ٿو. سٽي گيٽ جو نالو ٻڌي ماڻھو ماضي ۾ هليو ٿو وڃي ۽ مان بہ هليو ويس. مون کي بہ حيدرآباد، هيرآباد، ڀرڳڙي فليٽس، ڪيپري سينيما، جيل روڊ، مارڪيٽ، ٽاور، يونيورسٽي جو دور، دلبر دوست ۽ ٻيو بہ الائي ڇا ڇا ياد اچي ويو. اهي ماضيءَ جون يادگيريون ساريندو اچي شھر ۾ داخل ٿياسين. مالٽا ۾ هئي تہ سياري جي مند پر موسم ڏاڍي وڻندڙ هئي، شايد اسان کي سئيڊن جي حساب سان سيءُ صفا گهٽ پئي لڳو، ٻين ماڻھن کي اسان کان وڌيڪ آٿر پاتل هيا.
اسان جي رهڻ واري هوٽل لا فالڪونيريا ويليٽا جي مشھور گهٽين ريپبلڪ ۽ اولڊ منٽ اسٽريٽ جي وچ تي ميليتا گهٽيءَ ۾ فرانس جي سفارتخاني جي بلڪل سامھون هئي. اسان جڏهن هوٽل ۾ چيڪ ان ڪيو تہ سج لھي ويو هيو، پر لڳي ائين پيو تہ ويليٽا جو شھر اڃا هاڻي جاڳيو هجي، وڏي گھما گھمي ۽ رش هئي، شايد ڪرسمس جي ڪري شھر کي پڻ ڪنوار وانگر سينگاريو ويو هيو. شھر نہ رڳو سياحن سان پر اتان جي مقامي ماڻھن سان پڻ ڀريل هيو. کاڌي جا هوٽل، بار، چانھہ، ڪافي جا هوٽل لڳ ڀڳ سڀ جا سڀ ڀريل هيا. اسان بہ هيڏانھن هوڏانھن مختلف گهٽين ۾ چڪر هڻي اچي اتان جي مشھور گهٽي ريپبلڪ اسٽريٽ تي پھتاسين ۽ اتي بہ هيڏي هوڏي پنڌ ڪندا ۽ فوٽو ڪڍندا رهياسين. ڪجهہ دڪانن تي نالن ۽ بورڊن مان خبر پئي تہ دڪان ننڍي کند جي ديسين جا آهن، اها خبر هاڻي خدا کي تہ اهي هتي هاڻي تازو ئي آيل هيا يا گهڻي وقت کان اتي رهيل آهن.
پنڌ ڪري ڪري جڏهن اچي ٿڪاسين تہ مون واري دوست شعيب چيو تہ يار هل تہ هاڻي هوٽل تي هلي ٿورو تازا ٿي پوءِ پيٽ جي پوڄا ڪرڻ لاءِ ٿا نڪرون. شعيب منھنجو سئيڊن جو پھريون دوست آهي جيڪو مون کي سئيڊن ۾ پھرين ڏينھن آگسٽ 2008ع ۾ اسٽاڪھولم جي هوائي اڏي تان منھنجي دوست عالم صديقي جي چوڻ تي وٺڻ آيو هئو. شعيب آهي تہ پنجابي پرسندس تعلق ڪي پي ڪي جي بنون شھر سان آهي. مون هڪ دفعي کانئس پڇيو هو تہ اوهان جا وڏا بنون تائين ڪيئن پھتا. چيائين تہ پاڪستان ٺھڻ کان پھريان اسان جا وڏا هندستان جي ڪنھن شھر کان لڏي اچي سيالڪوٽ ۾ رهيا هيا ۽ وري اتان کان پوءِ منھنجو ڏاڏو بنون هليو ويو جتي منھنجو والد پيدا ٿيو ۽ اسان بہ اتي ئي پيدا ٿياسين، پر هاڻي سندس ماءُ ۽ پيءُ رڳو اتي ٿا رهن، باقي سندس ڪجهہ ڀائر پنڊيءَ ۾ ٿا رهن تہ ڪي وري يورپ اچي ويا آهن. پنجابين جي هڪ خاصيت آهي تہ جتي بہ رهن ٿا اتان جي ٻولي کي ضرور سکن ٿا. شعيب بہ پنھنجي مادري ٻولي پنجابي ۽ قومي ٻولي اردو سان گڏوگڏ پشتو ۽ سئيڊش مڪمل ڄاڻي ٿو. مٿان وري پولش ٻولي بہ ٿوري اچيس ٿي جو سندس زندگي جي ساٿياڻي پولينڊ جي آهي.
هوٽل تي ڪجهہ وقت ساهي پٽي پوءِ وري پيٽ جي پوڄا ڪرڻ لاءِ نڪتاسين. هلندي هلندي اچي ڪشميرين جي کاڌي واري هوٽل تي پھتاسين. اتي ماني کائيندي انھن سان ڪچھري پڻ ڪندا رهياسين، ميرپور جا سردار هيا. سو ڪشمير جي سردارن جو ٺاهيل ڪباب مالٽا جي گاديءَ واري شھر ويليٽا ۾ کائي ڍوءُ ڪيوسين. سردارن پنھنجا قصا ٻڌايا تہ ڪٿان ڪٿان کان ٿيندا اچي هتي پھتا آهن. پاڻ ٻڌايائون تہ هتي مالٽا ۾ پرمننٽ ريزيڊنٽ ملڻ ۾ پندرنھن سال لڳيو وڃن ۽ ان کان پوءِ بہ سندن مرضي تہ شھريت ڏين يا نہ ڏين.
صبح جو مزي سان تيار ٿي ناشتو پاڻي ڪري هلياسين شھر کي ڀيلڻ. ڏينھن جي روشني ۾ ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ محسوس ٿيو تہ هتي ٻلا ۽ ٻليون تمام گهڻا آهن، هر پاسي ٻلا ۽ ٻليون. اتي اهي رڳو ٻلا ئي ٻلا ڏسي مون کي موري جو سرهين جو پاڙو ياد اچي ويو، جتي گهڻن جون اکيون شيريون آهن ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي يا شھر وارا کين ٻلا سڏين ۽ اهي يار بہ دل ۾ صفا ڪونہ ڪن.
ويليٽا گهمڻ جو مزو پنڌ ۾ آهي ۽ اسان ڪيو بہ ائين، هڪ ڇيڙي کان شروع ڪيوسين ويندي ٻئي ڇيڙي تائين، اصل ۾ اهو گول ڦري پئي آيو، اسان کي اهو گول ڦيرو ڏيڻ ۾ تقريبن چار ڪلاڪ لڳي ويا ۽ اسان ان وچ ۾ گرانڊ هاربر، اپر باراڪا گارڊنس، فورٽ سينٽ المو، نيشنل وار ميوزم، لوئر باراڪا گارڊنس، آئوبرگي ڊي ڪيسٽيلي جي عمارت، سئج بيل وار ميموريل، هيسٽنگ گارڊنس، بيسيليڪا آف اورليڊي آف مائونٽ ڪارميل چرچ ۽ سينٽ پيليس پارش چرچ گهمي ڏٺاسين.
جتي جتي بہ گهمندا رهياسين ۽ جتان جتان بہ لنگهياسين شھر ۾ صفائي واھہ جي نظر آئي، مطلب ٽيڪس جا پيسا صحيح ڪمن تي خرچ ٿيندا هوندا ۽ اتي ڦرلٽ ۽ ڪرپشن گهٽ يا نہ هئڻ جي برابر هوندي. ڪرپشڻ تان ڳالھہ ذهن ۾ آئي تہ اڄ ڪلھہ پاڪستان ۾ ڪرپشن جا قصا عام جام پيا ٻڌجن. ڪي ماڻھو ڪنھن جي ٿا حمايت ڪن تہ ڪي وري ڪنھن جي، پاڻ هتي ڪنھن کي ڏوهي نہ ٿا چئون، پاڻ رڳو هتي مولانا روم جي ڪتاب مثنوي مولانا روم ۾ لکيل هڪ حوالي کي سمجهڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون. مثنوي مولانا روم ۾ آهي تہ ڪنھن بہ ڳالھہ کي مڃڻ يا ڪنھن بہ ڳالھہ تي يقين ڪرڻ کي ٽن طبقن ۾ ورهائي ان تي يقين ڪري سگهجي ٿو يا ان کي رد ڪري سگهجي ٿو. ان ۾ پھريون آهي علم اليقين، جنھن جو مطلب آهي تہ جيڪڏهن ڪو چڱو، اعتبار وارو ۽ نيڪ انسان ڪا ڳالھہ ٻڌائي تہ ان ڳالھہ تي اعتبار کي علم اليقين چئبو، مثال ڪنھن شاهدي ڏني تہ باھہ ساڙيندي آهي. معني اهو اسان کي ڪنھن جي طرفان علم مليو تہ باھہ ساڙيندي آهي. ان سلسلي جي ٻي ڪڙي آهي عين اليقين ۽ ان بابت چيو ويو آهي تہ اِهو اهو علم آهي جيڪو اسان پاڻ پنھنجي اکين سان ٿيندي ڏسون، جيئن باھہ ۾ ڪنھن شئي کي سڙندي پنھنجي اکين سان ڏسون تہ ان طبقي جي علم کي عين اليقين چئبو. ٽيون ۽ آخري طبقو آهي حق اليقين، معني اهو علم جنھن جو اوهان کي پاڻ ذاتي تجربو ٿئي، جيئن پاڻ جيڪڏهن باھہ ۾ پنھنجو هٿ ساڙي ڏسون تہ ان طبقي جي علم کي حق اليقين چئبو. هاڻي انھن ٽن طبقن يا بنيادن تي اوهان پاڻ حساب لڳايو تہ ملڪ ۾ يا خاص طور تي سنڌ ۾ ڇا پيو ٿيندو رهيو آهي. اوهان ڪنھن جي واتان ڪا ڳالھہ ٻڌي؟ اوهان ڪا شئي ٿيندي ڏٺي؟ يا اوهان تي ڪنھن شئي جو سڌي طرح اثر ٿيو؟ جيڪڏهن جواب ها ۾ آهي تہ پوءِ اسان کي پنھنجي سوال جو جواب ملي ويو. ٻيو مثال ٻاهر جو حال اصل ۾ اندر جي حال جي خبر ڏيندو آهي. انسان جيڪڏهن اندران بيمار هوندو تہ ان جي بيماري ظاهر مان نظر ايندي، اسان ۽ اسان جي شھرن جي حالت اصل ۾ وس وارن جي اندر جي حالت ظاهر ڪري ٿي.
واپسيءَ تي هلڪي ڦلڪي پيٽ جي پوڄا ڪري پوءِ هوٽل تي اچي ساهي پٽيسين. مان گهڻو ڪري ٽي وي ناهيان ڏسندو پر شعيب ٽي وي هلائي تہ ٻين کوڙ چينلن سان گڏوگڏ برطانيہ جو ڪو اردو چينل پڻ هليو پئي، جتي برطانيہ جي يورپين يونين کان ڌارٿيڻ بابت ڳالھہ ٻولھہ هلي رهي هئي، جيڪا پوءِ ڦري سري پاڪستاني سياست تي اچي بيٺي.
شام ڌاري وري ٻاهر وياسين، ريپبلڪ اسٽريٽ، اولڊ منٽ اسٽريٽ، ٽريٽون ڦوهاري ۽ سٽي گيٽ جا چڪر ڏيندا رهياسين. يورپ جي ٻين ملڪن وانگي هتي بہ تقريبن ساڳي ڳالھہ هئي، گهٽين ۾ ڪرتب ڏيکاريندڙ فنڪار، ڳائڻا، کاڌي جي هوٽلن ٻاهران گراهڪن کي اندر اچڻ لاءِ سھڻين ڇوڪرين جا سڏ ڪرڻ وغيرہ وغيرہ. اسان بہ دڪانن تان اگهہ پڇائيندا پڇائيندا ۽ مختلف کاڌي وارين هوٽلن تي کاڌا ڏسندا اچي ميرپورڪشمير وارن سردارن جي هوٽل تي پھتاسين، جيڪو مليو شڪر ڪري کاڌوسين. رات دير تائين آءُ ۽ شعيب هوٽل جي بالڪني ۾ ڪچھري ڪندا رهياسين. سمھڻ کان پھريان هوٽل جي بالڪني کان هيٺ جهاتي پائي ڏٺم، فرانس جي سفارتخاني جي ٻاهران گارڊ چوڪس بيٺل هيو.
ٻئي ڏينھن اسان ٽريٽون ڦوهارن وٽان بس ۾ چڙهي مالٽا جي پھرين گاديءَ واري شھر مدينہ (جيڪو چون ٿا تہ ڪي چارهزار سال کن پراڻو آهي) وياسين، هن شھرکي خاموش شھر پڻ سڏين ٿا. بس ۾ تقريبن اڌو اڌ ماڻھو آفريڪا جي ملڪن جا هيا ۽ ڪجهہ ديسي هندساني پڻ. ويليٽا کان مدينہ پھچڻ تائين بس تقريبن ڪي پنجاھہ منٽ لڳايا. مدينہ شھر ۽ رباط جو شھر پاڻ ۾ گڏ آهن. مدينہ شھر کي چوڌاري ڀتيون آهن ۽ اندرلاجواب ۽ طلسماتي شھر اڏيل آهي جتي اڄ بہ ماڻھو رهن ٿا. شھر جون تقريبن سڀ گهٽيون سوڙهيون آهن جن ۾ هر وقت سياح نظر اچن ٿا. شھر ٽڪري تي ٺھيل آهي ۽ اتان سمنڊ کي سولائي سان ڏسي يا انگريزي ۾ مانيٽر ڪري سگهجي ٿو. چون ٿا تہ اهو شھر ٽڪريءَ تي اڏيو ئي انڪري ويو هيو تہ سمنڊ تي ٻاهرين حملو ڪندڙن تي نظر رکي سگهجي، پر ان هوندي بہ انگريز ۽ عرب مٿائن حڪومت ڪري ويا.
مدينہ ۾ ڪارميلائيٽ چرچ، پلازو فالزون جي عمارت، سينٽ پائولس ڪيٿيڊرل، چيپل آف سينٽ آگاٿا چرچ، بانڪا جيوراٽالي جي عمارت، مدينہ ڊنجنس ( پراڻي دور ۾ شھر جا اندروني ڳجها رستا)، نونيري آف سينٽ بينيڊڪٽ (پراڻي دور جي عمارت جيڪا عورتن جي اسپتال هئي) ڏسڻ وٽان آهن. چون ٿا مدينہ جو شھر رات جو وڌيڪ سھڻو ۽ طلسماتي ٿي وڃي ٿو، ان ڪري رات جو پڻ گهمي ڏسجي پر سائين هاڻي ايترو وقت ڪنھن وٽ آهي جو رات تائين انتظار ڪجي.
اسان بہ جڏهن گهمي گهمي ٿڪاسين تہ اچي هڪ کاڌي پيتي واري هوٽل تي پھتاسين، اتي ڪم ڪرڻ وارن ۾ بہ ڪافي ديسي نظر آيا، هندستان جي آنڌرا پرديش ۽ تلنگانا رياستن جا هيا. انھن ۾ ٻہ ٽي نوجوان پڙهيل لکيل نظر آيا ۽ انھن سان ڳالھہ ٻولھہ شروع ڪئي سين تہ خبر پئي تہ انھن مان هڪ سول انجنيئرنگ ڪئي آهي ۽ ٻيو آئي ٽي پڙهيل آهي. مون پڇيومان تہ اوهان هتي ڪيئن پھتا. ٻڌايائون تہ اسان ليٽويا جي شھر رگا جي يونيورسٽين ۾ داخلا ورتي ۽ اتي ڪجهہ پڙهائي ڪرڻ کان پوءِ هتي اچي ويا آهيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن رگا ويندا آهيون جڏهن ڪو امتحان ڏيڻو هوندو آهي، نہ تہ هتي ڪمائڻ لاءِ هوندا آهيون. مون انھن کي سندن ٻوليءَ ۾ ٻہ اهي لفظ ٻڌايا جيڪي اسٽاڪھولم ۾ منھنجي يونيورسٽي جي هڪ آنڌرا پرديش جي ڪلاسي دوست مون کي سيکاريا هيا. ٻڌڻ کان پوءِ سندن کل آخر تائين نہ بيٺي، اهي ٻہ لفظ هتي نٿا لکي سگهجن.
يونيورسٽين تان ڳالھہ ياد آئي تہ مالٽا ۾ 1592 ۾ هڪ يونيورسٽي قائم ڪئي وئي هئي، جيڪا دنيا جي پراڻين يونيورسٽين مان هڪ آهي. هاڻي بہ مالٽا ۾ ڪافي تعليمي ادارا آهن جيڪي ملڪي توڙي ٻاهرين ملڪن جي شاگردن کي سولائيءَ سان داخلا ڏين ٿا. هتي جي يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ يونيورسٽي آف مالٽا، مالٽا ٽوئرازم ائنڊ لئنگويج انسٽيٽيوٽ، مالٽا ڪاليج آف آرٽس، سائنس ائنڊ ٽيڪنالوجي، آمريڪن يونيورسٽي آف مالٽا، سينٽ مارٽنس انسٽيٽيوٽ آف هائر ايجوڪيشن ۽ انسٽيٽيوٽ آف ٽوئرازم اسٽڊيز اچي وڃن ٿا.
مدينہ گهمڻ کان پوءِ اسان رباط جو رخ ڪيو ۽ اتي جي گهٽين ۾ گهمندا رهياسين، تان جو تمام تيز هوا شروع ٿي وئي جنھن اتي وڌيڪ بيھڻ نہ ڏنو. واپس ويليٽا جي بس ۾ چڙهي اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. شام ۽ رات جو وري اهي ساڳيا هيڏانھن هوڏانھن جا چڪر ڏناسين، هاڻي ويليٽا جي سوڙهين، لھوارين ۽ چڙهائين وارين گهٽين کان چڱيءَ ريت واقفيت ٿي وئي هئي پر اها اسان جي اتي آخري رات هئي ۽ اسان کي بہ هتان وڃڻو هو جيئن مالٽا جا مالڪ پاڻ بہ هتان هليا ويا آهن، چون ٿا تہ مالٽا جا ماڻھو پنھنجي ملڪ کان وڌيڪ آسٽريليا جي شھر ميلبورن ۾ ٿا رهن. شايد مالٽا جي ماڻھن کي سندن ملڪ ۾ رهڻ ڪو گهڻو پسند ناهي. آمريڪا جي مشھور ڳائڻي برٽني اسپيئرس جو پڙ ڏاڏو ايڊورڊ رچرڊ پورٽيلي پڻ مالٽا جو هيو ۽ اتي ئي ڄائو هيو، پوءِ هو پاڻ يا شايد سندس پيءُ آمريڪا لڏي ويو. رات جو وري هوٽل جي بالڪني مان ڏٺم، ساڳيو گارڊ فرانس جي سفارتخاني ٻاهران موجود هيو. ٻئي ڏينھن صبح جو اسان جي اسٽاڪھولم لاءِ واپسي هئي.

يورپ جي مختلف ملڪن ۾ تجربي هيٺ آيل شين جون ساروڻيون

هتي سئيڊن ۾ يا کڻي ائين چئجي تہ سڌريل ملڪن جي خانگي يا سرڪاري ادارن ۾ موجود وسيلن جو استعمال مناسب طريقي سان ڪيو ويندو آهي. آءُ اڄ ڪلھہ اسٽاڪھولم ۽ ان جي آس پاس تمام وڏن ۽ ميگا پراجيڪٽس تي ڪم کان پھريان، ڪم دوران ۽ ڪم مڪمل ٿيڻ تائين ان علائقي ۾ زمين اندر موجود پاڻي تي ڪنٽرول يا نظر رکڻ واري پروگرام جو حصو آهيان. مون کي يا منھنجي ٻين ڪليگس کي جيڪڏهن ڪنھن پراجيڪٽ جي وزٽ ڪرڻي هوندي آهي تہ اسان پھريان سسٽم ۾ گاڏي چيڪ ڪندا آهيون تہ ڪھڙي گاڏي فارغ ۽ موجود آهي، پوءِ اها گاڏي پنھنجي نالي بڪ ڪري، پوءِ کڻي ويندا آهيون. سڀ تفصيل ڏيڻا هوندا آهن تہ ڪھڙي پراجيڪٽ تي ويئو، پھريان گاڏي ڪيترا ڪلو ميٽر هليل هئي ۽ واپسي تي هاڻي ڪلو ميٽرجو ڪانٽو ڪٿي بيٺو آهي وغيرہ. گاڏي جيڪڏهن پنھنجي ڪنھن ذاتي ڪم ۾ استعمال ڪرڻي آهي تہ اهو پڻ پھريان کان ئي ٻڌائبو جنھن جو ٽول ٽيڪس يا هڪ اڌ ٻيو ٽيڪس پاڻ کي ڀرڻو پوندو ۽ گهڻي قدر ذاتي ڪم لاءِ گاڏي تڏهن ئي کڻي سگهجي ٿي جڏهن اها ڪنھن پراجيڪٽ جي ڪم لاءِ بُڪ ٿيل نہ هجي.
هتي انجنيئرس يا ٻين کي ڪنھن بہ قسم جو ڪو ڊرائيور، بورچي يا ملازم ناهي مليل هوندو. اسان پاڻ گاڏي ڪاهي پراجيڪٽس تي ويندا آهيون. سڄي ڏينھن ۾ جيڪي بہ پاڻي، چانھہ يا ڪافي جا ڪوپ ۽ گلاس ٽيٻل تي گڏ ٿيندا اهي وڃڻ کان پھريان ٿانون ڌوئڻ واري مشين ۾ وجهي پوءِ آفيس ڇڏيندا آهيون. هتي پوليس وارا بہ پنھنجي نوڪري جي وقت تي آفيس ۾ ايندا آهن، ڪپڙا مٽائي پوءِ نوڪري شروع ڪندا آهن، سرڪاري گاڏي بہ نوڪري دوران ۽ سرڪاري ڪم لاءِ استعمال ڪندا آهن، مجال آهي جو ڪو پنھنجن سادن ڪپڙن يا ذاتي ڪم لاءِ سرڪاري گاڏي اجازت کان بغير استعمال ڪري. ان حوالي سان پاڻ وٽ سنڌ يا پاڪستان ۾ تہ ڪم ان جي بلڪل ابتڙ آهي، ان کي ڪي وڏي عياشي ۽ بادشاهي سمجهندا هوندا، تہ ڪي وري ان کي بي حيائي. جيڪڏهن وچ ٿري ڳالھہ ڪجي تہ ائين چئي سگهجي ٿو تہ اها غير مناسب ڳالھہ آهي تہ سرڪاري وسيلن کي پنھنجي ذاتي استعمال ۾ ڪتب آندو وڃي.
آسٽريا ۾ خاص ڪري ويانا ۾ تمام گهڻا ننڍا ننڍا ڪيفيٽيريا آهن، جتي ماڻھو ويھي سڪون سان ارد گرد جي ماحول جو مزو وٺي سگهي ٿو. هڪ دفعي آسٽريا جي شھر ويانا ۾ گهمڻ دوران اتان جي هڪ دوست کي مون چيو تہ اوهان وٽ جيڪي ننڍا ننڍا ڪيفيٽيريا آهن انھن ۾ مون کي ويھي چانھہ ۽ ڪيڪ جو مزو وٺڻ تمام گهڻو پسند آهي، ان تي ان ٻُڌايو تہ هتي اهي جيڪي ڪيفيٽيريا آهن اهي هتي ترڪ کڻي آيا ها، ان کان پھريان هتي انھن شين جو رواج نہ هو. مون کيس چيو تہ مھرباني جو تو منھنجي ڄاڻ ۾ اهو واڌارو ڪيو.
هالينڊ جو شھر ايمسٽرڊئم بہ تمام سھڻو آهي، وچ شھر مان گذرندڙ ڪينال ۽ انھن جي مٿان وري پلين جي اڏاوٽ، رنگ برنگي عمارتون شھرکي انتھائي سھڻو ڪري پيش ڪن ٿيون. شھر ۾ سائيڪل جو استعمال تمام گهڻو آهي. هر ماڻھو تقريبن سائيڪل جي سواري کي پسند ڪري ٿو. هڪ دفعي آءُ ۽ ڪجهہ يونيورسٽي جا دوست شھر ۾ چڪر ڏئي رهيا هئاسين تہ مون کي هوا ۾ چرس يا مارجوانا جي ڌپ محسوس ٿي، مون سوچيو تہ شايد ڪو ڀرسان لنگهي ويو هوندو جنھن جو چرس پيتل هوندو، پر سائين اها ڌپ وڃڻ جو نالو ئي نہ پئي وٺي، پوءِ اها خبر پئي تہ هالينڊ ۾ ڪيفيٽيريا ۾ ويھي اهڙي قسم جو نشو ڪري سگهجي ٿو جنھن کي اتي قانوني شڪل ڏنل آهي، ۽ اهو ائين تہ ڪيفيٽيريا وارا ٿوري مقدار ۾ پاڻ اها پوکي پوءِ تيار ٿيڻ جي صورت ۾ پنھنجي ئي ڪيفيٽيريا ۾ ان کي وڪرو ڪري سگهن ٿا ۽ اتي ئي ان ڪيفيٽيريا ۾ ئي ان جو استعمال قانوني آهي، ٻاهر کڻي وڃڻ، پيئڻ يا وڪڻڻ تي پابندي آهي. اهو منھنجي لاءِ هڪ نئون ۽ انوکو تجربو هو.
پنھنجي دوست مارڪ ۽ سندس گهر واري ناديہ سان هڪ ڏينھن اسان بيلجيم جي اتر ۾ شھر برجز جو رخ ڪيو، جنھن کي يورپ جي اتر جو وينس پڻ ڪوٺين ٿا. مارڪ ۽ سندس گهر واري مون کي چيو تہ اسان توکي ڪنھن بہ شئي جا پيسا ڀرڻ نہ ڏينداسين. هنن ڪجهہ کائڻ پيئڻ جون شيون گهران ۽ ڪجهہ سپر اسٽور تان پڻ ورتيون. صبح جو سوير اسان روانا ٿياسين. برجز واقعي وينس وانگر پي لڳو، شھر جي وچ ۾ ڪينال ۽ انھن ۾ ٻيڙيون، ماحول ۾ ٿورو سيءُ محسوس پي ٿيو. برجز ۾ اسان چاڪليٽن ٺھڻ جون فيڪٽريون ڏٺيونسين. اتي جا مقامي وافل کائي ڏٺاسين. شھر ۾ موجود قلعا ۽ وڏا وڏا چوراها پڻ ڏسڻ جو موقعو مليو. برجز ۾ مون هڪ ڳالھہ نوٽ ڪئي تہ برجز جي مقابلي ۾ اٽلي جي شھر وينس ۾ تمام گهڻا سياح گهمڻ لاءِ اچن ٿا. باقي اٽلي جا شھر وينس ۽ روم ائين لڳندا ڄڻ ننڍو بنگلاديش هجي، هر پاسي بنگالي نظر ايندا. هڪ دفعي مون وينس جي ڀرسان ايئر بي اين بي جو فليٽ ڪجهہ ڏينھن لاءِ بڪ ڪيو هو، هڪ ڏينھن شام جو ٻاهر نڪتس تہ هڪ وڏي پارڪ جي بينچن تي رڳو بنگالي ويٺل هئا، هر هڪ جي فون ڪنن تي ۽ بنگالي ۾ تيز تيز ڳالھائي رهيا هئا، شايد بنگلاديش ۾ پنھنجن پيارن کي پرديس جا حال احوال ڏيندا هوندا.
يورپ ۾ ماڻھو ٻن ڏينھن واري هفتيوار موڪل کي ڀرپور گذارين ٿا، بيلجيم ۾ ئي هڪ ڏينھن مارڪ، سندس گهر واري ۽ سندن ڏهاڪو کن دوستن مراڪش جي هڪ ريسٽورنٽ تي رات جي ماني کائڻ جو پلان ڪيو، ماني سان گڏوگڏ بيلي ڊانس جو بہ اتي اهتمام هو. ريسٽورنٽ تمام وڏو ۽ رش بہ تمام گهڻي هئي. ڪافي ماڻھن جو ماني طرف گهٽ ۽ بيلي ڊانسر طرف وڌيڪ ڌيان هو. ٻئي ڏينھن وري اسان سندن دوستن سان گڏجي بيڊ منٽن کيڏڻ ويا هئاسين جتي ناديہ منھنجا بيڊ منٽن کيڏڻ دوران ڪافي ڦوٽو بہ ڪڍيا ها.
روم شھر ۾ گهمندي گهمندي پياري دوست پريم ساگر سان گڏجي ويٽيڪن سٽي گهمڻ جو موقعو پڻ مليو، ويٽيڪن سٽي جي ڪيٿولڪ عيسائين ۾ وڏي مذهبي ۽ اهميت واري حيثيت آهي. جتي پوپ پنھنجو ديدار ڪرائيندو آهي. اتي ڪجهہ پاڪستاني سونھان بہ هئا جن چيو تہ اندر هن گرجا گهر ۾ هلڻ جو ارادو هجي تہ ٻڌايو، ان لاءِ هيتري في آهي ۽ اوهان کي لائين ۾ بيھڻو نہ پوندو، اسان کين چيو نہ اسان رڳو هتان ٻاهران ئي ڏسڻ لاءِ آيا آهيون. ويٽيڪن سٽي جي حيثيت تہ هڪ الڳ ملڪ جي آهي پر محسوس ائين ئي ٿيندو تہ ڄڻ اٽلي جو ئي حصو آهي، هلندي هلندي خبر ئي نہ پوندي تہ ماڻھو اٽلي مان ويٽيڪن سٽي پھچي ويو.
اسٽاڪھولم ۾ منھنجي پاڙي ۾ هڪ فيملي هڪ ننڍي ڪتي کي ٻاهر پئي گهمائيندي آهي، اهو گلر بہ ڏاڍو پيارو لڳندو آهي، سندس نالو شپ آهي. هڪ ڏينھن آءُ شام جو ڪاڏي ويس پي تہ بس اسٽاپ تي ان گلر کي سندس مالڪ سان گڏ بس جو انتظار ڪندي ڏٺم، مون کانئس پڇيو تہ ڪاڏي پيا وڃو؟ چيائين تہ شپ بيمار آهي سو هن کي جانورن جي اسپتال ٿو وٺي وڃان، سو بہ ڪلاڪ مني جي سفر تي. وڌيڪ ٻڌايائين تہ هن پاڻ واري علائقي ۾ رڳو نارمل وقت تي جانورن جي اسپتال آهي، باقي ايمرجنسي ۾ ان فلاڻي جانورن جي اسپتال ۾ وڃڻو پوندو جيڪا هر وقت کليل هوندي آهي. مون کي اها تہ خبر هئي تہ انسانن جي علاج لاءِ تہ هر وقت ايمرجنسي واري اسپتال هجي ٿي پر اها منھنجي لاءِ نئين ڄاڻ هئي تہ جانورن جي لاءِ بہ هتي ايمرجنسي اسپتال آهي.
ناروي جا فيورڊز تمام گهڻا سھڻا ۽ مشھور آهن، فيورڊز دراصل سمنڊ مان نڪتل ڊگهو، سوڙهو ۽ گهرو پھاڙن جي وچ ۾ ڦاٿل هڪ پاڻي جو سلسلو هجي ٿو جيڪو اڳيان کان بند هوندو آهي. ڪافي وڏا پاڻي جا جھاز سياحن کي گهمائڻ لاءِ وٺي ويندا آهن. انھن فيورڊز کي وري پھاڙن جي مٿان ڏسڻ جو بہ پنھنجو مزو آهي. مون کي هڪ دفعي اوڏانھن وڃڻ جو موقعو مليو، ناروي جي شھر اسٽاوانگر شھر مان پاڻي جي جھاز ۾ چڙهي تائو شھر ۾ اچي لٿس، جتان وري بس کڻي اچي پري اڪي اسٽولن جي پارڪنگ ايريا ۾ لاٿو، جتان کان پوءِ ٽريڪنگ شروع ٿي.
ٽريڪنگ چار ڪلوميٽر اوٽ ۽ چار ڪلوميٽر موٽ هئي، جنھن مان رڳو ست اٺ سئو ميٽر سڌي هئي باقي مٿي پھاڙ تي چڙهڻو هو. ڪافي ماڻھو آيا ويا پي. مون وٽ سٺو ٿيو جو پاڻي جو بندوبست گهڻو هو، مون اتي هر ٻن ٻن منٽن ۾ پاڻي پي پيتو، چڙهائي انتھائي سخت هئي، واٽ تي آرام ڪرڻ لاءِ جايون پڻ هيون جتي اتي ماڻھن جا خيما بہ لڳل هئا. خير سان جڏهن ٽريڪنگ پوري ٿي تہ دل مان پاڻ ئي نڪري ويو “سبحان ﷲ”، ڇا تہ قدرتي خوبصورتي هئي. پري اڪي اسٽولن جي پھاڙ تان فيورڊ بلڪل سامھون نظر ٿو اچي، ڪٿان شروع ۽ ڪٿي ختم ٿيڻ جي حد پڻ ماڻھو اتان ڏسي سگهي ٿو. پري اڪي اسٽولن جي پھاڙ جي ٽاپ پنجويھہ بائي پنجويھہ جي آهي، جتي تمام گهڻي تعداد ۾ سياح موجود هجن ٿا ۽ بلڪل ڪناري تي ويھي ڦوٽو ڪڍائڻ جي لاءِ پنھنجي واري جو انتظار ڪن ٿا. مون ۾ همٿ نہ هئي جو مان بلڪل ڪناري تي وڃي سگهان، هڪ تہ فرش تمام لسو، مٿان وري ايڏي وڏي اونچائي، اتي مون ٻڌو تہ سيلفين جا ڪي شوقين اتان ڪري پنھنجون حياتيون بہ وڃائي چڪا آهن. بھرحال، جڏهن ماڻھو پري اڪي اسٽولن تان واپس اچي ٿو تہ سندس مشڪ منفرد هجي ٿي ۽ اندر ۾ هڪ خوشي تہ واھہ منھنجا مولا پنھنجي خلقيل اهڙي قدرت تو مون کي ڏيکاري.
اسپين جي شھر علي ڪانتي ۾ ڪجهہ ڏينھن رهڻ جو موقعو مليو، مون اتي جيڪو گيسٽ هائوس بڪ ڪرايو هو ان جي ريٽنگ ڏهن مان ڏھہ هئي، وچ شھر ۾، ۽ مٿان وري سستو. اهو گيسٽ هائوس اٽلي جي هڪ ماءٌ ۽ سندس ڌيءُ هلائي رهيون هيون. اصل ۾ اهو هڪ فليٽ هو، جنھن کي گيسٽ هائوس جي ڪمرن مطابق ترتيب ڏنو ويو هو. هي شھر جيڪو صوبو پڻ آهي، ان کي ميڊيٽيرينين سمنڊ جو اهو حصو لڳي ٿو جنھن کي ڪوسٽا بلانڪا بہ چيو وڃي ٿو ۽ اها سامونڊي پٽي تقريبن ٻہ سئو ڪلو ميٽرن تي مشتمل آهي. شھر ۾ سمنڊ سان گڏوگڏ پھاڙ بہ لڳي ٿو. سانٽا باربرا شھر جو مشھور قلعو آهي جيڪو شھر جي بيني ڪانٽل پھاڙ تي اڏيل آهي ۽ سياحن جو پاڻ طرف ڌيان ڇڪائي ٿو. علي ڪانتي جي معني آهي سٽي آف لائيٽس، علي ڪانتي ۽ بيني ڊورم جي وچ واري سامونڊي پٽي وارياسي آهي، جيڪا مون گهمي ڏٺي، مون محسوس ڪيو تہ بيني ڊورم ۾ ڪافي تعداد ۾ سئيڊش ماڻھو رهن ٿا يا انھن جا اتي فليٽ يا گهر ورتل آهن، جتي هو سال جا ڪجهہ مھينا گذارين ٿا. انھن سامونڊي وارياسن ڪنارن ۽ پٽين تي اهو ساڳيو ماحول هجي ٿو يعني پاڻي ۾ تڙڳڻ ۽ وري اچي اس ۾ واريءَ تي ليٽي بت سيڪڻ.
علي ڪانتي کان هڪ ڏينھن جو بنيول لاءِ منھنجو ٽرپ بڪ ٿيل هو. صبح سوير ئي تيار ٿي اچي مقرر جاءِ تي پھتس، جيڪا آءُ هڪ ڏينھن اڳ ئي ڏسي ويو هوس. هن ٽرپ ۾ علي ڪانتي کان بنيول تائين ڪوسٽر جو سفر، لا ٽوماٽينا فيسٽيول جي اينٽري ۽ شرٽ شامل هئي. ڪوسٽر ۾ آمريڪن، روس، انگلينڊ جا ماڻھو شامل هئا. بنيول پھچڻ کان پوءِ اتي اندازو لڳو تہ هن تهوار ۾ انڊيا جا بہ تمام گهڻا ماڻھو اچن ٿا شايد ان ڪري جو هن لا ٽوماٽينا فيسٽيول جو ذڪر ۽ ڪلپ بالي ووڊ جي هڪ فلم “زندگي نہ ملي گي دوبارا” ۾ پڻ آهي ۽ اتي ڪجهہ ماڻھن واقعي بہ ان ڳالھہ جي تصديق ڪئي تہ اسان هن فيسٽيول جو ذڪر ان فلم ۾ ئي ٻڌو هو ۽ ان ڪري ئي هتي آيا آهيون.
لاٽوماٽينا اصل ۾ هڪ ٻئي مٿان ٽماٽا ڦسائي اڇلائڻا آهن. هڪ ڪلاڪ جو اهو فيسٽيول بنيول جھڙي ننڍي شھر ۾ لکين يوروز جي اڪانومي انجيڪٽ ڪري ٿو وڃي. آءُ جنھن ڏينھن اتي بنيول ۾ لاٽوماٽينا فيسٽيول ۾ هيس تہ منھنجي ننڍي ڀيڻ خيرالنساءِ (جنھن امان جي گذاري وڃڻ کان پوءِ اسان جي ماءُ وانگر ئي سار سنڀال ڪئي) کي ڪڪي ڄائي هئي، جنھن جو نالو همايل رکيو ويو آهي پر آءُ وري ان کي لاٽوماٽينا جي فيسٽيول جي ياد جي طور تي ۽ پيار مان ٽماٽو چوندو آهيان. مالڪ سائين سڀني جي نياڻين جا ڀاڳ بخت بلند فرمائي.
لنڊن ۾ زمين اندر هلندڙ ريل گاڏي ۾ آءُ ، ڀائو مشتاق، ادي سڪينہ ۽ سندن ٻار معز ۽ سالار، آڪسفورڊ اسٽريٽ جي ڪنھن اسٽيشن تان اچي ريل گاڏي ۾ ويٺاسين. هڪ ٻن اسٽيشنن کان پوءِ هڪ گوري ڇوڪري بہ اچي ساڳئي دٻي ۾ ويٺي. جيئن جيئن گاڏي هلڻ شروع ڪيو تيئن تيئن ان گوري ڇوڪريءَ جي اکين مان بہ ڳوڙها هلڻ شروع ٿيا ۽ هلندي هلندي ڇوڪري جي ڳلن تان ترڪندا سندس ڪپڙن تي ٿي ڪريا.اهڙن کوڙ ڪردارن خاص ڪري ڇوڪرين کي مون يورپ جي مختلف هوائي اڏن ۽ ريلوي اسٽيشنن تي روئندي ڏٺو آهي.اسان سنڌي بہ سائين حساس , ان گوري ڇوڪري کي روئندو ڏسي اسان بہ ٿورو غمگين ٿي وياسين، پر مون ڏٺو تہ ادي جي اکين ۾ تہ ذري گهٽ ڳوڙها تري آيا. ان گوري ڇوڪري سان الائي ڪھڙي ويڌن هئي، جيڪا خبر خدا کي ٻي ان ڇوڪري کي. بھرحال جلد اسان جي اسٽيشن اچي وئي ۽ اسان وري لنڊن جي گھما گھمي واري زندگي ۾ روان دوان ٿي وياسين.
سئٽزرلينڊ آهي تہ ننڍو ملڪ پر ملڪ ۾ ٽي مکيہ ٻوليون فرينچ، جرمن ۽ اٽالين ڳالھائيون وڃن ٿيون. پاڻ وٽ تہ جتي آيو ماڻھو سگريٽ ڇڪن ٿا ، سئيڊن ۾ مخصوص جاءِ کان سواءِ سگريٽ جتي ڪٿي نٿو ڇڪي سگهجي، پر هڪ دفعي مون سئٽزرلينڊ ۽ بيلجيم ۾ ماڻھن کي عام جام جتي ڪٿي سگريٽ ڇڪيندي ڏٺو، شايد هاڻي اتي بہ قانون سخت ٿي ويا هجن.

سڊني آسٽريليا ۾ الطاف سان رولاڪيون

ڪٿان جا آهيو؟ سڪرنڊ ۽ موري جا، وراڻيوسينس، اوهان ڪٿي جا آهيو؟ چيائين مان خيرپور ميرس جو آهيان پر سڊني ۾ گذريل ٽيھن سالن کان رهان ٿو. اوبر ٽيڪسي جو ڊرائيور هيو تہ پنجابي پر سنڌي صاف پئي ڳالھايائين، بلڪ چيائين تہ مون کي خوشي پئي ٿئي جو مان سنڌي گهڻي وقت کان پوءِ پيو ڳالھايان، هونءَ بہ سنڌي ۽ پنجابي ۾ تمام گهڻا لفظ ۽ جملا بلڪل ساڳيا آهن. سفر وڏو هو، اسٽاڪھولم کان دبئي، وري دبئي کان بئنڪاڪ ۽ پوءِ وري بئنڪاڪ کان سڊني. هوائي اڏي کان ٻاهر آيس تہ الطاف مظھر آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ خيرپور واري سائين جي ٽيڪسي ۾ سڊني يونيورسٽي جي ڀرسان رهائش تي پھتاسين. گهر ۾ اندر گهڙياسين تہ مون سوچيو تہ شايد ڪنھن ڇانوڻي ۾ پھچي ويا آهيون، صوفن تي فوجي ڊريسون پيون هيون. الطاف ٻڌايو تہ هي گهر اتر سنڌ جي ڪنھن سنڌي جو آهي، جيڪو آسٽريليا ۾ ڪي 32 سال کن پھريان آيو هو، پر هاڻي ڳوٺ ٿو رهي ۽ هتي سندس پٽ اڪيلو ٿو رهي، جيڪو هتي آسٽريليا جي فوج ۾ آهي. ان آسٽريليا جي سنڌي فوجيءَ سان بہ ملاقات ٿي. سندس لھجو انگريزي سنڌي گاڏڙ هو. الطاف مون کي مون واري سمھڻ واري ڪمري ۾ هٿيڪو ڪري پاڻ يونيورسٽي هليو ويو، مون بہ ڪجهہ آرام ڪري ورتو. شام جو واءُ سواءُ تي نڪتاسين. هئي تہ سياري جي مند پر سڊني ۾ ايترو سيءُ ڪو نہ هو.
الطاف يونيورسٽي جو تڪڙو چڪر لڳرايو، ساڳيا ڇوڪرا ڇوڪريون، ڪمپيوٽرن جي اسڪرينن جي اڳيان ويٺل، ٽيبلن تي ڪتاب، چانھہ يا ڪافي جا ٿرماس، ڪجهہ کائڻ پيئڻ جو سامان، مون کي اسٽاڪھولم جو رائل انسٽيٽوٽ آف ٽيڪنالاجي ۽ اسٽاڪھولم يونيورسٽي جو بزنس اسڪول ياد اچي ويو، جتي آءُ پاڻ انھيءَ ساڳئي ماحول جو حصو رهيو آهيان. اتان کان پوءِ ريل گاڏي ۾ چڙهي، سڊني جي سي بي ڊي يعني سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۾ آياسين، پوءِ پنڌ ئي پنڌ گهمندا اچي جڳ مشھور سڊني جي اوپرا هائوس تي پھتاسين، وڏي رونق لڳي پئي هئي. ڀانت ڀانت جا ماڻھو پئي ڦريا. هڪ ڇوڪري تہ لڳي پيو تہ الائي سڌو هوائي اڏي تان هتي آئي هجي، سندس وڏو ٿيلھو ساڻس گڏ هيو ۽ ڦوٽو پئي ڪڍيائين، اسان پڇيوسينس تہ يا تہ تون سڊني هاڻي پھتي آهين يا تہ اڄ تون واپس پئي وڃين، کلي چيائين ها بلڪل صحيح ٿا چئو، هاڻي ئي سڊني پھتي آهيان، اصل ۾ انگلينڊ جي آهيان، کيس رات جو اوپرا هائوس جا ڦوٽو ڪڍڻا هئا. اسان بہ کيس پنھنجي ڪيميرا ڏيندي چيوسينس تہ اسان ٻنھي جا بہ ڪجهہ گڏ ڦوٽو ڪڍ.
اتان واپسي تي اسان ڊارلنگ هاربر جي علائقي ڪوڪل بي تي پھتاسين تہ هڪ پاسي وڏيون عمارتون تہ ٻئي پاسي هاربر جي پاڻي جو نظارو، عمارتن اندر ٻرندڙ بتين جي روشني جڏهن پاڻي تي ٿي پئي تہ ڪم صفا رومانوي پئي لڳو. هر طرف کاڌي پيتي جا هوٽل نظر آيا، بک بہ لڳل هئي ۽ مٿان وري کاڌن جي خوشبو اڳتي وڌڻ کان روڪيو، اتي ئي رات جي ماني کائڻ جو پروگرام ڪيوسين. صلاح بيٺي تہ اڄ آسٽريليا جي مشھور سلو روسٽ لئمب شانڪ کائجي، سولن اکرن ۾ رڍ جو گوشت آهستي آهستي پچايل هو، ايستائين جو وڃي صفا نرم ٿي کائڻ جي لائق ٿئي. ان سان گڏ وري پٽاٽو ماش، ٻين لفظن ۾ پٽاٽن جي ڪريم ڏنائون، کائي ڍئو ڪيوسين.
واپسي تي رهائش واري پاسي ويندي سيون اليون تان چانھہ ورتيسين، دڪان تي ڪم ڪندڙ همراھہ لاهور جو هو. چيائين صبح جو پڙهائي ۽ هتي رات جو نوڪري، پڙهائي جي پڙهائي ۽ خرچ جو خرچ. ترقي يافتہ ملڪن ۾ پڙهائي لاءِ ايندڙ ديسين جي هڪ حقيقت.
سيون اليون کان ٻاهر نڪتاسين تہ هڪ نوجوان جوڙو پاڻ ۾ ڀاڪرن ۾ ورتل هو، رکي رکي هڪ ٻئي کي چميون بہ ڏنائون پئي، نہ ڇوڪري کي ڪاري ٿيڻ جو ڊپ ۽ نہ ئي وري ڇوڪريءَ کي ڪاري ٿيڻ جو. اسان بہ چانھہ جا ڍڪ هڻندا اچي انھيءَ هڪ فوجيءَ واري ڇانوڻي ۾ گهڙياسين، ٻئي ڏينھن اسان کي سڊني جي ڀرسان هنٽر ويلي گهمڻ لاءِ وڃڻو هو جنھن جي اسان اڳواٽ بڪنگ ڪرائي ڇڏي هئي. سمھڻ کان پھريان آن لائن سنڌي اخبارون پئي پڙهيم، سوچيم تہ ﷲ ڪري اهڙي ڪا خبر اڳيان نہ اچي جنھن ۾ ڪنھن نياڻي نماڻي کي ڪاري ڪري ماريو هجين.
ٻئي ڏينھن صبح جو سوير اٿي تيار ٿي وقت تي سڊني جي ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان ٻڌايل روڊ تي اچي بيٺا سين، اسان اڃا چانھہ بہ ختم نہ ڪئي هئي تہ دائود ( ڊيوڊ) پنھنجو ڪوسٽر ڪاهي آيو. ڪجهہ گهوماڪڙ اڳ ۾ ئي ويٺا هئا، اسان بہ بسم ﷲ ڪري چڙهي ويٺاسين. هڪ ٻن ٻين جڳھين تان بہ سياح چڙهيا. آخر ۾ انگلينڊ جون ٽي ڇوڪريون چڙهيون ۽ قافلو هنٽر ويليءَ طرف روانو ٿيو. انگريز ڇوڪرين سان ڳالھہ ٻولھہ ٿي تہ ٻڌايائون تہ ٽنھي ڄڻين ڏندن جي ڊاڪٽري پڙهي پوري ڪئي آهي ۽ هاڻي آسٽريليا گهمڻ آيون آهن. هنٽر ويلي سڊنيءَ کان تقريبن 120 ڪلو ميٽر اتر ۾ نيو سائوٿ ويلز جو علائقو آهي ۽ علائقي تي نالو 1797 ۾ برطانيہ جي نيو سائوٿ ويلز تي مقرر ڪيل گورنر ڪيپٽن جان هنٽر جي پويان رکيل آهي. دائود گاڏي هلائڻ سان گڏوگڏ علائقي جي باري ۾ پڻ ٻڌائيندو پئي هليو. ڪن غور سان پئي ٻڌو، ڪن ٻڌو اڻ ٻڌو پئي ڪيو پر همراھہ رڳو پئي ڳالھايو جيڪو سندس نوڪري جو حصو هئو. تقريبن ٽيھارو کن ڪلو ميٽر اسڪوائر تي ڦھليل هن هنٽر ويلي ۾ 150 جي لڳ ڀڳ وائنريز آهن جتي مقامي توڙي ٻاهرين ملڪن جا سياح اچن ٿا ۽ مختلف وائنريز ۾ وائن کي پرکين ٿا. دائود ٻڌايو تہ هي علائقو آسٽريليا جو مشھور ۽ پراڻي ۾ پراڻو وائن پيدا ڪندڙ علائقو آهي. هنٽر ويلي ۾ جهنگلي ڪئنگرو بہ جام هئا، ٿورو ويجهو وڃجي تہ ڀڄي پئي ويا. وائن ٽيسٽ ڪرڻ وارن وائن پئي ٽيسٽ ڪيو، الطاف ۽ مون ڪئنگرو پئي ڳڻيا. شام جو دير سان واپسي ٿي.
ٽيون ڏينھن اسان رڳو سڊني کي گهمڻ لاءِ رکيوسين. انھيءَ هڪ فوجيءَ واري ڇانوڻي مان نڪري سڌو سڊني يونيورسٽي آياسين، جيڪا پنڌ ئي پنڌ رڳو ڪجهہ منٽن جي فاصلي تي هئي يا پاڻ جنھن کي سنڌي ۾ چئون تہ سڏ پنڌ تي هئي. سڊني يونيورسٽي ۽ سڊني شھر ۾ گهڻي ۾ گهڻا چيني نظر ايندا. اڄ اسان سڊني جو اوپيرا هائوس ڏينھن جي روشني ۾ ڏٺو. الطاف کي انھن سڀني جائين جي خبر هئي تہ ڪٿان کان ڦوٽو سٺا ايندا، ڪٿي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ان هنڌ پھتاسين تہ ڪٿي پنڌ ئي پنڌ. سڊني جي مشھور پل پڻ گهمي سين. پل تان اوپيرا هائوس جو نظارو ڀلو هو ۽ هيٺان وري گذرندڙ ٻيڙين پڻ ماحول کي لاجواب پئي ڪيو.
سڊني جو سي بي ڊي يعني سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ انتھائي سھڻو علائقو آهي. تمام وڏيون عمارتون، ماڻھن جي اچ وڃ ، گھما گھمي، زندگي روان دوان، هي ڪارپوريٽ ورلڊ جو نمايان مثال آهي. مون کي وڪٽوريہ بلڊنگ تمام گهڻي وڻي، تمام حسين جھڙي اندران تھڙي ٻاهران. اندر تمام گهڻا سجايل دڪان اٿس، جنھن کي وڻي سامان وٺي. شام جو الطاف ۽ مان وري تيار ٿي سڊني ۾ رهندڙ منھنجي هڪ پراڻي قلمي دوست سان ملڻ لاءِ وياسين. قلمي دوستن سان ملڻ جو بہ هڪ پنھنجو مزو آهي، ڪافي ڪچري ٿي، نہ چاهيندي بہ اٿياسين جو ٻئي ڏينھن وري اسان کي صبح سوير اٿڻو هو، ڪنھن ٻئي ماڳ جي کوجنا ڪرڻ لاءِ.
جروس بي ۽ هائمز بيچ تي وڃڻ لاءِ اڄ 2 ڇوڪريون ڪوسٽر ڪاهي آيون. هڪ آسٽريلين ۽ ٻي وري ڊئنمارڪ جي هئي، شايد ورڪنگ هاليڊيز تي آيل هئي. هن ٽرپ ۾ اڄ رڳو شاگرد هيا، جيڪي سڊني جي مختلف يونيورسٽين جا هيا، ڪي ايڪسچينج تہ ڪي پروگرامن ۾ داخل هيا. الطاف اتي ڪافي شاگردن کي پڻ سڃاڻي پيو جيڪي سندس هاسٽل واري بلڊنگ ۾ رهندا هئا. سفر جي دوران ڊئنمارڪ واري سونھين ڇوڪريءَ تمام کليل ۽ ڪچا سوال پئي ڪيا جيڪي هتي لکي نہ ٿا سگهجن، انھن سوالن جا جواب يورپ جي ٻين ملڪن جي ڇوڪرين پڻ ڏيڻ کان پئي شرمايو.
جروس بي ۽ هائمز بي نيو سائوٿ ويلز جي ڏکڻ وارو سامونڊي ڪنارو آهي، جيڪو دنيا ۾ سندس اڇي واريءَ واري ڪناري طور مشھور آهي. اتي پھچڻ کان پوءِ اسان هڪ ٻيڙي ۾ چڙهياسين، تقريبن 25 کن سياح هئاسين. ٻيڙي پھريان تہ تمام تيزي سان هلي وچ سمنڊ ۾ هلي بيٺي جتان پوءِ اتان کان آهستي آهستي ڊولفن مڇين کي ڳولھڻ لڳاسين، ڪافي تعداد ۾ هيون جيڪو سڄو سال اتي موجود هجن ٿيون. اتي ڪڏهن ڪڏهن وهيل بہ اچيو وڃي، بھرحال اسان کي ڊولفن کان سواءِ ٻيو ڪجهہ نظر نہ آيو. ڪنارو انتھائي سھڻو ۽ صاف سٿرو هيو، جيئن اتي اڃا سيارو هو ان ڪري گهڻا ماڻھو ڪناري تي نہ هيا. جروس بي ۽ هائمز بي پنھنجي قدرتي خوبصورتي سان گڏوگڏ ڪايڪنگ، پيڊل بورڊنگ، سيلنگ ۽ اسڪوبا ڊائيونگ جي ڪري پڻ گهڻا مشھور آهن. واپسي تي رات جو اسان منھنجي رائل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي اسٽاڪھولم جي هم ڪلاسي پيٽي ڊيوس سان ملاقات ڪئي ۽ ڪافي وقت ڪچھري ڪندا رهياسين، ڊيوس ٻڌايو تہ سندس چار نسل پھريان اسڪاٽلينڊ کان ڪوئنزلينڊ آيا هيا. ڊيوس هاڻي سڊني جي ٽرانسپورٽ واري کاتي ۾ انجنيئر آهي. ٻئي ڏينھن صبح سوير الطاف ۽ مون کي سڊني کان ميلبورن ريل رستي منھنجي دوست رابرٽ وٽ ٽن ڏينھن لاءِ وڃڻو هو ۽ اڄ اسان الطاف واري هاسٽل تي ئي رهياسين.
ميلبورن کان واپسي تي مون وٽ رڳو هڪ ڏينھن هيو، يا تہ ماڻھو بس آرام ڪري جو اڳيان وري وڏو سفر هيو، يعني سڊني کان دبئي 14 ڪلاڪ رڳو جھاز ۾ وري دبئي ۾ ڪجهہ ڪلاڪ انتظار ۽ وري ڪراچي ۽ پوءِ وري موري. اسان جي موري ۾ سائين عباس علي شاھہ هوندو هيو، مالڪ جنت نصيب ڪريس، سائين چوندو هو تہ بابا بادامي ڀلي ڪڙي هجي پر تيل ان مان بہ ڪڍبو آهي، اهو ئي سوچيم پئي تہ هتي سڊني ۾ هڪ ڏينھن ڇو خراب ڪيان. ٿڪ تہ ضرور ٿيندو پر هڪ ٻہ ٻيون جايون ڇونہ گهمي وٺان. انھيءَ آخري ڏينھن تي الطاف ۽ مون بليو مائونٽين ۽ جينولن غار گهمڻ جو رٿيو.
ساڳي جاءِ تان وري اسان جو سفر شروع ٿيو، ڪوسٽر هلائڻ وارو بہ ساڳيو تہ سونھون بہ ساڳيو. ڏاڍو ٿا ڳالھائين سائين، صفا ٿڪجن ئي ڪونہ ٿا. پھريان بليو مائونٽين تي وٺي آيو، انتھائي دلڪش ۽ سھڻو نظارو هيو، هتي بہ ماڻھو مختلف شيون جن ۾ راڪ ڪلائمبنگ، جبلن ۾ سائيڪلون هلائڻ، هائيڪنگ ۽ ڪئمپنگ ڪري سگهي ٿو. اسان اتي بيھي پري کان ئي جيميسن ويلي، ٿري سسٽرز، سوليٽري پھاڙ ۽ نارونيڪ پلاٽو جو ديدار ۽ نظارو ڪيو، ڇاڪاڻ تہ اتي ٻيون شيون ڪرڻ لاءِ ڏينھن گهرجن. آخر ۾ اسان قدرت جا خلقيل غار ڏسڻ وياسين. اندر گهڙڻ کان پوءِ سج جي روشني ٻاهر رهجي وئي، انھن غارن ۾ بہ وري مختلف روٽ هيا، ڪن سياحن جو ڪو ٽرپ بڪ هيو تہ ڪن جو وري ڪو ٻيو، اسان جنھن غار ۾ وياسين ان جو نالو هيو لوڪس جيڪو 1860 ۾ لڌو هو. تقريبا اسان ڪلاڪ اندر هئاسين، چن جي پٿر جا اهي غار هيا، هٿ نہ لائڻ جي لاءِ هر هر پئي چيائون. غار تمام وڏا آهن ۽ کوڙ اندر ۽ ٻاهر وڃڻ جا رستا آهن پر چون ٿا تہ اڃا انھن تي وڌيڪ کوجنا جاري آهي. اندر چن جي پٿرن جون عجيب و غريب شڪليون نظر اچن ٿيون، هر جڳھہ تي روشني جو بندوبست ڪيل آهي تہ جيئن سياح سولائي سان هن قدرت جي عجوبي کي ڏسي سگهن.

خوشبوئن جي شھر پئرس جون ساروڻيون

يورپ ۾ رهڻ دوران خوشبوئن ۽ پيار جي شھر پئرس ۾ منھنجن دوستن پئٽرڪ ۽ ڪرسٽين وارن وٽ منھنجو ڪافي دفعا وڃڻ ٿيو آهي. جڏهن بہ وٿي ملندي آهي تہ ڪا سستي هوائي جھاز جي ٽڪيٽ وٺي هليو ويندو آهيان. يورپ ۾ هونءَ بہ بس يا ريل گاڏي مھانگي ۽ جھاز سستو ٿو پوي، سو وقت ۽ پيسو بہ بچيو وڃي.
هڪ دفعي آچر واري ڏينھن صبح سوير ڪرسٽين منھنجي ڪمري جو دروازو کڙڪايو ۽ چيائين تہ اسان قبرستان ٿا وڃون ۽ تون بہ جيڪڏهن هلڻ چاهين تہ هلي سگهين ٿو، پاڻ سندس ڏاڏيءَ جي قبر تي وڃي رهي هئي. منھنجي هڪ دل چيو تہ اڃا ٿورو آرام ڪجي، پر پوءِ مون سوچيو تہ اهو هڪ نئون تجربو ٿيندو، سو سمھڻ کي ڇڏ. مون چيو مانس تہ مون کي اڌ منو ڪلاڪ ڏيو تہ تيار ٿي وٺان. قبرستان ۾ پھچڻ سان ڪرسٽين سندس ڏاڏيءَ جي قبر تي گلن جون نيون ڪونڊيون رکيون، ۽ پراڻن گلن کي پاڻي ڏنو، ۽ ٿوري صفائي ڪئي. مون ٿورو غور ڪيو تہ هن قبر تي هڪ کان وڌيڪ ماڻھن جا نالا لکيل هئا، آءٌ ٿورو سوچ ۾ پئجي ويس تہ اها ڪھڙي ماجرا آهي ۽ رهيو نہ ٿيو سو مون کائن ان بابت پڇيو. سندن مطابق تہ هتي هڪ قبر ۾ ٻہ يا ٽي مردا بہ دفنائي سگهجن ٿا. هتي، خاص طور تي هن قبرستان ۾ جاءِ وٺڻ ڏاڍي مھانگي آهي ۽ ان جو حل اهو آهي تہ هڪ ئي قبر ۾ هڪ ئي خاندان جا ماڻھو دفنائجن ۽ ان کي ممڪن ڪرڻ لاءِ قبر کي تمام اونھون کوٽي ان جي ڀتين ۾ ڪاٺ جي تابوتن ۾ مُردن کي دفنايو وڃي ٿو. اها قبر شايد ٻن ماڻھن لاءِ هئي يا شايد اڃا بہ وڌيڪ گنجائش واري هجي ٿي. هن قبر ۾ ان وقت تائين ڪرسٽين جي ڏاڏي ۽ ڏاڏو دفنايل هئا. پوءِ ٿورو غورڪرڻ کان پوءِ مون اهڙي قسم جون قبرون سئيڊن ۾ بہ ڏٺيون جن تي پنج پنج نالا بہ لکيل هئا.
مزي واري ڳالھہ تہ هي قبرستان مون کي خوفناڪ بنھہ ڪونہ لڳو، ڄڻ تہ ڪنھن باغ يا پارڪ ۾ آيا هجون، هرطرف وڻ، ڇٻر ۽ گل ٻوٽا. نہ ڪو قبرن وٽ موالين جا ديرا ۽ هيروئنين جون آماجگاهون ۽ نہ ئي قبرون ڊاهي گهر اڏيل. هتان جا قبرستان بہ اسان جي گهڻن شھرن کان وڌيڪ صاف سٿرا ۽ خوبصورت ٿين ٿا.
فرينچ قوم انگريزن يا انگريزي کي ٿورو گهٽ ئي پسند ڪري ٿي پر چيز سان تمام گهڻو پيار ڪري ٿي، هر ويلي تي مختلف قسم جو چيز نہ کاڌن تہ ڄڻ ماني ئي نہ کاڌن. فرانس ۾ هاڻي ننڍي عمر جا نوجوان جيڪي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن اهي هاڻي انگريزي ڄاڻن ٿا پر جيڪڏهن ڪير شھر ۾ ڪٿي ڀلجي پوي ۽ ڪنھن وڏي عمر واري ماڻھو کان کڻي انگريزي ۾ ڪو ڏس پتو پڇي تہ بنھہ ڪونہ مدد ڪندو، ماڻھو ڄڻ ڦاسيو پوي. فرانس جا ماڻھو ٿوري ڳالھہ کي تمام وڏي ڪري پيش ڪرڻ جا عادي آهن. پوءِ ڀلي اهو ڪو ننڍو مسئلو ئي ڇونہ هجي يا ڪا ننڍي خوشي يا ٿورو کڻي مٿي ۾ سور، آسمان مٿي تي کڻندا. ڪرسٽين جي مطابق تہ فرانس ۾ عربن ۽ آفريڪا جي ماڻھن ڏاڍا مسئلا پيدا ڪيا آهن، سندس چواڻي تہ هنن جو پھريون نسل جيڪو فرانس ۾ لڏي آيو هو انھن هتي وڏي محنت ڪئي، پر هاڻي ٻيون ۽ ٽيون نسل بلڪل محنت نہ ٿو ڪري، نہ ٿا گيس ۽ بجلي جا بل ڏين ۽ رڳو نشي آور شين جو وڪرو ڪري سولائيءَ سان پيسا ٿا ڪمائين ۽ انھن جي علائقن ۾ وڃڻ بہ خطري کان خالي ناهي، پر ساڳئي هنڌ ڪافي فرينچ ڇوڪرين يا ڇوڪرن عربن يا آفريڪن سان شاديون بہ ڪيون آهن.
پئرس ۾ زمين اندر هلندڙ ريل گاڏي (جنھن کي اتي ميٽرو چون) جي نظام کي بہ سمجهڻ ۾ شايد عرصو لڳيو وڃي. ڪرسٽين ۽ پئٽرڪ سڄي عمر اتي ئي رهيا آهن، پر تنھن هوندي بہ ڪرسٽين جڏهن اڪيلي وڃي تہ ڀلجيو پوي، پوءِ ان آزار کان بچڻ لاءِ گهڻي قدر ڪار جو استعمال ڪري. ماڻھو فرانس ۾ بہ ريل جي اڳيان ٽپو ڏئي خود ڪشي ٿا ڪن، اهڙي صورت ۾ سڄي ريل گاڏي خالي ڪرائي واپس گئراج ۾ موڪلين ۽ ان کي اتي مڪمل صاف ڪري پوءِ ٽريڪ تي ٿا ڇڏين. ڪنھن همراھہ جيڪڏهن ريل اڳيان خود ڪشي ڪئي تہ ڄڻ ڊرائيور جي سوتلي کلي، کيس ٻن چئن ڏينھن جي لاءِ آرام ڪرڻ جي موڪل مليو وڃي، اهو رڳو ان ڪري آهي تہ متان اهو واقعو ڊرائيور جي ذهن تي نہ سوار ٿي ويو هجي ۽ ڪو وڌيڪ نقصان نہ ٿي پوي.
پئرس ۾ ڏوھہ بہ ڪافي ٿين ٿا، خاص ڪري بشني کيسن مان پرس يا موبائل فونون ڪڍن يا خاص ڪري عورتن کان ڪا شي ڦري ڀڄيو وڃن. نئين يا سياح ماڻھو کي تمام گهڻو چوڪس رهڻو پوي ٿو. اهڙن ڏوهن ۾ خاص ڪري اهي ماڻھو ملوث آهن جيڪي فرانس ۾ غير قانوني آيل آهن ۽ پيٽ گذر ۽ پيسا ڪمائڻ لاءِ ڪجهہ بہ ڪرڻ لاءِ تيار آهن. پوليس انھن تي ٿورو دٻدٻو ڪري وري ڇڏيو ڏئي.
پئرس ۾ اونھاري جي موسم ۾ تمام گهڻا سياح اچن ٿا، ٽولن جي صورت ۾ هر پاسي نظر ايندا. وڏا وڏا شاپنگ مال ۽ وري انھن ۾ خوبصورت چھرا، ڀرسان لنگهن تہ ڪافي دير تائين نہ خوشبو وڃي ۽ نہ ئي انھن جو خيال. هونءَ بہ پئرس حسن، خوشبو ۽ پيار جي حوالي سان مشھور آهي.
جڏهن بہ ڪرسمس واري ٽائيم ۾ خوشبوئن جي هن پئرس شھر ۾ وڃڻ ٿيو آهي تہ جڳ مشھور شانزي ليزي اسڪوائر جو چڪر ضرور لڳو آهي. ڪرسمس واري ٽائيم ۾ اتي وڏو ميلو متل هوندو آهي. ننڍا وڏا خريداري ۽ کائڻ پيئڻ جا اسٽال هر طرف نظر ايندا آهن. ڪرسمس ۽ نئين سال جي تحفن سان اهي اسٽال ڀريل هوندا آهن. مقامي ماڻھن توڙي سياحن جي اتي پيھہ پيھان هوندي آهي. شين جو اگهہ ٻيڻو يا ٽيڻو نہ ٿئي بلڪہ ان جي ابتڙ شيون ڪرسمس ۽ نئين سال جي خوشيءَ ۾ رعايتي اگهن تي وڪڻن.
هڪ ڏينھن آءُ مھمانن واري ڪمري ۾ رکيل سندن ڪمپيوٽر تي ڪا اخبار پي پڙهي تہ اوچتو لائيٽ هلي وئي. ٿوري سوچ ٿي تہ موري ۾ تہ ڪونہ ويٺو آهيان جو لائيٽ هلي وئي؟ اڃا انھي سوچ ۾ ئي هوس تہ ڪرسٽين اچي ٻڌايو تہ ڪو نقص ٺيڪ ڪرڻو اٿن ۽ لائيٽ ويھن منٽن لاءِ وئي آهي ۽ اسان کي پھريان ئي خبر هئي پر توکي ٻڌائڻ وسري ويو هو. بھرحال بجلي ويھن منٽن جي بدران پنڌرنھن منٽن ۾ اچي وئي.
يورپ ۾ ماڻھو ڪتا ۽ ٻليون پالين ۽ انھن کي نالا پڻ ڏين ۽ اهي سندن نالي پٺيان سندن مالڪن جي نالي ئي رجسٽر ٿين. سندن خيال مطابق تہ انسان بہ جان وارا آهن ۽ جانور بہ جان وارا آهن، سو انھن جا بہ نالا هئڻ گهرجن، ۽ مزي واري ڳالھہ تہ انھن جانورن کي جڏهن سندن نالي سان سڏ ڪبو تہ اهي ان جو باقائدي جواب ڏين. ڪتا ۽ ٻليون گهڻن ماڻھن جي اڪيلائي جا ساٿي پڻ آهن. اهي وقت بہ وقت انھن سان پنھنجن ٻارن وانگر مڪمل پيار تہ ڪڏهن ڪڏهن وري ٿوري ڪاوڙ ۽ سختي پڻ ڪن. اها ڳالھہ مون ڪرسٽين ۽ پيٽرڪ وارن کي سندن ٻلي جنھنو نالو مِنٽ هئو، سان ڪندي ڏٺي.
پئرس ۾ مون ڏٺو تہ جاپان يا شايد چين جا سياح ويھن ٽيھن جي ٽولي ۾ گهمن ٿا، تمام گهڻا ڦوٽو ڪڍڻ جا شوقين. آئفل ٽاور وٽ تہ ڄڻ چريا ٿيو پون. وقت جو فائدو وٺندي اتي آئفل ٽاور جي ڀرسان گهورڙيا کين آئفل ٽاور جا ڇلا وڪڻن جيڪي شايد سندن ئي ملڪ مان ٺھي آيا هجن پر هتي عقيدي طور بنا اگهہ چڪائڻ جي خريد ڪن. آئفل ٽاور تي مٿي ڪنھن حصي ۾ ريسٽورنٽ پڻ آهن پر اتي وڃڻ لاءِ پھريان کان بڪنگ ڪرائڻي پوندي آهي ۽ اتي پھچندي پھچندي ڪافي وقت لڳيو وڃي.
پئرس جي آسمان تي هر وقت ڏھہ پندرنھن جھاز نظر ايندا آهن، ڪي لھڻ لاءِ تياري ڪندا هوندا تہ ڪي وري هوائي اڏي تان اٿيا هوندا. هتي رات جو بہ جھاز لھن ۽ اڏن، شايد لنڊن جي شھر واري هوائي اڏي تي رات جو جھازن جي لھڻ ۽ اڏڻ تي ڪنھن حد تائين پابندي آهي. پئرس ۾ هڪ وڏو هوائي اڏو آهي جيڪو چارلس ڊيگال جي نالي سان مشھور آهي، پر مقامي فرينچ ان کي روزي سڏين. ان کان علاوہ ٻيا بہ ڪجهہ ننڍا هوائي اڏا آهن. پئرس جا ماڻھو يا فرينچ پئرس کي پئرس نہ پر پئري سڏين.

دبرونوڪ ڪروشيا جو سير

ڇا تون شھر گهمڻ وڃي رهيو آهين؟ مون کلي وراڻيو مانس تہ ها هتي اچڻ جو اهو ئي مقصد آهي. پاڻ بہ کلي چيائين تہ ها بلڪل ۽ هل تہ ڱڏجي ٿا گهمون. آءُ صبح سوير واري فلائيٽ وٺي اسٽاڪھولم کان ايڊرياٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي آباد ڪروشيا جي شھر دبرونوڪ پھتوهيس. وهنجي سھنجي هاسٽل ۾ پنھنجي بيڊ تي ڪئمرا ۽ رڪ سيڪ پئي سيٽ ڪيم تہ منھنجي ڀر واري بيڊ تي ويٺل جاپان جي نوجوان ڇوڪري مون سان گڏ هلي شھر کي گهمڻ جي صلاح ڪئي، جيڪا مون مڃي ورتي.
پوءِ آءُ ۽ سورنھن سالن جو جاپاني ڇوڪرو جنھن جو انگريزي نالو ڪيئن هو، گڏجي فلائي برڊ هاسٽل مان ٻاهر نڪري دبرونوڪ شھر جي پراڻي حصي ڏانھن راهي ٿياسين، جيڪو هاسٽل کان اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي هيو. 2019ع جولاءِ جو مھينو هيو، موسم ٺيڪ ٺاڪ گرم هئي، اسان ٻنھي وٽ پاڻي جون بوتلون ساڻ هيون. هلندي هلندي ڪينن ٻڌايو تہ هو جاپان ۾ بالڪن علائقي بابت تعليم حاصل ڪري رهيو آهي ۽ هي سندس تعليمي دورو آهي ۽ پاڻ فارمر يوگوسلاويا معني هن وقت ست مختلف ملڪ يعني سلووينيا، ڪروشيا، سربيا، بوسنيا اينڊ هرزيگووينا، ميسيدونيا، ڪوسوو ۽ مونٽينيگرو گهمي پوءِ واپس جاپان ويندو. آءٌ ان وقت ٿورو سوچ ۾ پئجي ويس تہ هن عمر ۾ پاڻ وٽ نوجوان سنڌ ۾ ڇا ڪندا آهن؟
جيئن جيئن اسان پراڻي شھر جي ويجهو پئي ٿيندا وياسين تيئن تيئن محسوس ٿيندو پئي ويو تہ ها ٻيلي هيءُ شھر تہ سياحن ۾ گهڻو مقبول آهي. ڀانت ڀانت جا ماڻھو هيڏانھن هوڏانھن پئي ڦريا ۽ اسان بہ انھن ۾ شامل ٿي وياسين. شھر جو پراڻو حصو سمنڊ جي ڪناري تي آهي، جنھن کي ٻاهرين حملي آورن کان بچائڻ لاءِ وڏين وڏين پٿر جي ڀتين سان چوطرف بند ڪيو ويو آهي ۽ باقي شھر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪجهہ داخلي دروازا ڇڏيا ويا آهن. اهي پٿر جون وڏيون ڀتيون سورهين صدي ۾ ٺھي راس ٿيون. جيڪي ان وقت حفاظت لاءِ هيون ۽ هاڻي دنيا مان هتي آيل سياحن لاءِ هڪ دلچسپي ۽ مقامي ماڻھن لاءِ روزگار ۽ پيسن ڪمائڻ جو هڪ وڏو ذريعو.
گرمي جي ڪري ماڻھن جو وس هلي هان تہ شايد جسم تي رهيل ڪپڙا بہ لاهي ڇڏين هان. ڪينن ۽ آءُ پراڻو شھر گهمڻ دوران وري ٽڪيٽ وٺي انھن پٿر جي ڀتين جي مٿان هلڻ شروع ڪيو، جنھن کي وال واڪ چئجي ٿو، جيڪو پڻ وڏو رستو هيو، جيئن پاڻ وٽ رني ڪوٽ يا ڪوٽڏجي جي قلعن جون ڀتيون ويڪريون آهن، هتي بہ ائين ئي هيون، پر هتي انھن ڀتين تي بہ ڪيفيٽيريا، کاڌي پيتي جا هوٽل، آئسڪريم جا اسٽال هيا. هڪ جاءِ تي تہ عمر ڪوٽ واري قلعي جھڙي توب پڻ رکيل هئي. هتي پاڻي سان لاڳاپيل راندين جو رجھان تمام گهڻو هيو، ڪي ماڻھو رڳو تري رهيا هيا تہ ڪي ٻيڙين ۾ چڙهي ماحول جو مزو وٺي رهيا هيا. هنن ڀتين جي مٿان شھر ۽ سمنڊ جو نظارو تمام گهڻو سھڻو ۽ وڻندڙ هيو، مٿان کان هر طرف ماڻھن سمنڊ جي پاڻي ۾ تڙگندا يا ڪايڪ ٻيڙيون هلائيندي نظر آيا. تمام گهڻا سياح هوندي بہ هتي صفائي جو انتظام تمام بھترين هيو، هرو ڀرو ڪٿي گند نظر نہ آيو. سمنڊ جو پاڻي بہ تمام گهڻو صاف ۽ نيري ۽ ڪٿي ڪٿي سائي رنگ جو هئو. پوري دنيا مان آيل جوڙا هٿ هٿ ۾ ڏيو پئي گهميا. مون اهو اندازو لڳايو آهي تہ اڄ بہ انگريز ماڻھو تمام گهڻي سياحت ڪري ٿو.
سڄي پراڻي شھر ۾ ريسٽورانٽ، ڪيفيٽيريا، سووينيئر جا دڪان ڀريا پيا هيا، جتان لنگهو اتي ڪو نہ ڪو ريسٽورئنٽ واري جو ايجنٽ اچي گهيريندو تہ اسان وٽ اچي ماني کائو يا وري هڪ دفعو ٽراءِ ضرور ڪجو، پوءِ ڪنھن کي دم دلاسو تہ ڪنھن کي آسرو ڏئي وياسين پئي اڳتي وڌندا. اسان بہ اتي سوچيو تہ هاڻي ڪا پيٽ جي پوڄا ڪجي سو آءُ ۽ ڪينن اڃا اتي ئي بيٺا هياسين تہ هڪ ڇوڪري اسان کان اچي پڇيو تہ اوهان کي گيم آف ٿرون جون لوڪيشنس گهمائڻ لاءِ ڪنھن سونھي جي ضرورت هجي تہ ٻڌايو. مون چيو مانس تہ نہ مون کي تہ ضرورت ناهي، ڪينن بہ کيس جواب ڏنو. دبرونوڪ جي هن پراڻي شھر ۾ هالي ووڊ ۽ بالي ووڊ جون فلمون پڻ رڪارڊ ٿي چڪيون آهن ۽ جڳ مشھور گيم آف ٿرون جون بہ ڪافي قسطون هتي ئي رڪارڊ ٿيل آهن. خير هاڻي جن گيم آف ٿرون ڏٺي هوندي انھن کي ئي دلچسپي هوندي تہ انھن جائين تي وڃي ڏسن ۽ فوٽو ڪڍائين.
مون ۽ ڪينن اهو فيصلو ڪيو تہ هتي هن پراڻي شھر ۾ ماني مھانگي هوندي، سو ڇونہ ٻاهر هلي پوءِ ڪٿي کائجي. اسان کي رلندي رلندي تقريبن سڄو ڏينھن گذري ويو. دبرونوڪ ۾ سياح شام جو سج لھڻ جو نظارو شھر جي پھاڙي مٿان وڃي ڪندا آهن جتان شھر هٿ جي تري تي بيٺل نظر ايندو آهي. اسان بہ جلدي جلدي ماني کائي ڪيبل ڪار جي ٽڪيٽ وٺي مٿي وياسين. ڇا تہ نظارو هيو سبحان ﷲ، هڪ پاسي سمنڊ ۽ آس پاس جا ٻيٽ، شھر جي گهرن جون نارنگي ۽ ڳاڙهي رنگ جي سرن جون ڇتيون، سج لھڻ جو نظارو پھاڙي تان واقعي انتھائي سھڻو هيو. سج لھڻ کان پوءِ مون ڪي نن کان موڪلايو ۽ چيومانس تہ هاسٽل تي ملون ٿا، پوءِ آءُ پنڌ ئي پنڌ هلندو اچي هاسٽل تي پھتس تہ اتي وري ٻين ملڪن جي نوجوان سياحن جا ميلا متا پيا هيا جيڪي زندگي ۽ دنيا جي مسئلن کي هڪ پاسي ڪري موجود وقت مان ڀرپور مزو ماڻي رهيا هيا. اتي ڪجهہ نوجوانن ٻڌايو تہ اهي سال سوا کان سفر ۾ آهن ۽ اڃا بہ سندن گهر واپس وڃڻ جو ارادو ناهي.
ٿڪاوٽ جي ڪري آءُ تہ جلدي سمھي رهيس، ٻئي ڏينھن اک کلي تہ مون واري بيڊ تي ڪي نن هڪ تحفو ۽ جپان جي پھاڙ فيوجي جو پوسٽ ڪارڊ رکي هليو ويو هيو ۽ اهو بہ لکي ويو تہ توسان گڏ گهمڻ ۾ تمام گهڻو مزو آيو ۽ سندس ڳوٺ فيوجي پھاڙ جي ڀرسان آهي ۽ اتي اچڻ جي لاءِ پڻ لکيائين، وڌيڪ لکيائين تہ آءُ رات دير سان هاسٽل تي آيس تہ تون گھري ننڊ ستل هئين ۽ هاڻي مون کي صبح سوير بس پڪڙڻي آهي ان ڪري جلدي نڪري رهيو آهيان ۽ اميد تہ وري ملنداسين. آءَ جيڪي ڏينھن اتي ان هاسٽل ۾ رهيس، روز روز نون سياحن سان ملاقات ٿيندي هئي، اهو منھنجو هاسٽل ۾ رهڻ جو پھريون تجربو هيو. دبرونوڪ جي پراڻي شھر ۾ گهمندي مون کي ڄڻ ائين لڳو تہ آءَ شايد مالٽا جي مدينہ جيڪو اتان جو پراڻو شھر آهي اتي گهمندو هجان.
هڪ ڏينھن آءُ دبرونوڪ جي ڀرسان ٽي بيٽ سپان، لوپڊ ۽ ڪولوسپ گهمڻ لاءِ لوڪل ٽوئر بڪ ڪرايو. وڏي ٻيڙي ۾ دنيا جھان جا سياح هيا، پر گهڻائي وري بہ انگريزن جي هئي. مون واري ٽيبل تي هڪ آئرلينڊ جو ريٽائر جوڙو هيو ۽ ٻيو جوڙو انگلينڊ جو هيو. انگلينڊ واري مائي برٽش ايئرويز ۾ ايئرهوسٽس ۽ سندس مڙس وري برطانيہ جي فوج ۾ هيو، ٻئي اڌڙوٽ عمر جا هيا. هي لوڪل ٽرپ انھن کي وڌيڪ سٺو لڳندو جيڪي سمنڊ جي نمڪين پاڻي ۾ ترڻ کان پوءِ وري اچي واريءَ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ليٽي بت سيڪڻ جا شوقين هجن، جيڪو ٿڌن ملڪن جي ماڻھن تمام گهڻو پئي ڪيو. مون پنھنجي دل ۾ چيو تہ پاڻ سنڌ مان اڳئي گهڻي اس کائي آيا آهيون سو هتان جي اس جي ڪا گهڻي ضرورت في الحال ناهي، شام جو واپسي تي آءُ هاسٽل تي وڃڻ بدران شھر جو ٻيو پاسو گهمڻ ويس ۽ چوطرف شھر کي ڦري آيس. هڪ هڪ ڏينھن ۾ پندرنھن يا ويھہ ڪلوميٽر هلڻ ۾ ٿڪاوٽ تہ ضرور ٿيندي پر پنڌ گهمڻ جو مزو ئي پنھنجو آهي. مون سميت گهڻن سياحن کي مون پاڻ چوندي ٻڌو آهي تہ جيستائين اسان ڪنھن شھر يا نئين جاءِ کي پنڌ گهمي نہ ڏسنداسين تيستائين اسان اهو نہ چونداسين تہ اسان ڪو اهو شھر يا جڳھہ گهمي آهي.
هاسٽل ۾ هڪ سياح ٻڌايو تہ جيترا ماڻھو هن شھر ۾ رهن ٿا تقريبن اوترا روز هتي سياح پڻ اچن ٿا. هرپاسي سياحن جا ٽولا ۽ انھن جا اڳواڻ جيڪي سندن مخصوص قسم جي رنگ جي جهنڊي کڻي سندن اڳيان ٿي هليا تہ جيئن ڀلجي پوڻ جي صورت ۾ سولائي سان هڪ ٻئي کي ڳولھي لھن. اهڙي قسم جا جهنڊين وارا ٽولا مون گهڻي قدر چائنا جي ماڻھن جا ڏٺا آهن. فوٽو ڪڍڻ جا شوقين، اوهان بہ جيڪڏهن فوٽو ڪڍرائڻ جو شوق ڪيو ۽ اتفاق سان انھيءَ ساڳي جاءِ تي هجو، مجال آ جو ٿورو هيڏي هوڏي ٿين تہ ڪو ٻيو بہ فوٽو ڪڍرائڻ جو شوق پورو ڪري. ڪڏهن ڪڏهن ڪو نئون شھر گهمندي ڀلجي پوڻ جو مزو بہ پنھنجو آهي ۽ ائين جيڪڏهن مون سان ٿيندو آهي تہ آءُ اندازا لڳائي پيرين پنڌ اڳتي وڌندو ويندو آهيان پوءِ ڪٿان نہ ڪٿان وڃي ماڻھو صحيح رستي تي پھچندو آهي. ائين ڪرڻ سان هڪ مزي واري ڳالھہ مون محسوس ڪئي آهي تہ جڏهن ماڻھو ڀلجي شھر جي انھن حصن ۾ هليو ويندو آهي جتي سياح هرو ڀرو ناهن ويندا تہ اتي شھر جو اصل مزاج ۽ مقامي ماحول ڏسڻ ۽ پروڙ ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي ۽ مون کي وري اهڙين جائين تي وڌيڪ مزو ايندو آهي.
ڪروشيا يورپين يونين جو ملڪ هوندي بہ اڃا تائين شنگن زون ۾ شامل ناهي ٿيو پر هن سال گهڻي قدر ٿي ويندو. دبرونوڪ کان سواءِ ڪروشيا جا ٻيا بہ سمنڊ جي ڪناري سان آباد شھر تمام سھڻا آهن. دبرونوڪ ۾ هونءَ تہ زلزلي جي ڪري تباهي پڻ ٿي هئي پر جيڪا تباهي يوگوسلاو فوج هتي نوي واري ڏهاڪي واري جنگ ۾ ڪئي هئي ان سڄي شھر جو نقشو مٽائي ڇڏيو هو. تباھہ ٿيڻ کان پوءِ وري اٿڻ ۽ دنيا جي سياحن کي پاڻ ڏانھن ڇڪي اچڻ بہ هڪ قسم جو ڪمال آهي، جيڪو ڪروشيا يا خاص ڪري دبرونوڪ جي ماڻھن ڪيو آهي.

استنبول ۾ رولاڪيون ۽ سنڌ جي عورت جي آزادي جي سوچ

اسٽاڪھولم کان ڳوٺ موري ويندي ڪجهہ ڏينھن لاءِ ترڪي جي مشھور شھر استنبول ۾ رهڻ ۽ گهمڻ جو رٿيم. هن دفعي پيگاسس هوائي جھاز جي ڪمپني ۾ اچڻ ٿيو ۽ پيگاسس ڪمپني جا جھاز استنبول جي ڪمال اتا ترڪ هوائي اڏي (جيڪو استنبول جي يورپ واري پاسي واقع آهي) جي بدران هڪ ٻئي هوائي اڏي صبيحه يا گوڪچن تان هلن ٿا، اهو هوائي اڏو استنبول جي اناطوليا يا ايشيا واري پاسي آهي.
هوائي اڏي کان ٻاهر آيس تہ سج لھي چڪو هو، ٿوري دير ۾ ئي منھنجي ترڪ دوست گيمزي سندس ڪار ۾ اچي پھتي، اتي ئي ڪار ۾ سامان رکندي هڪ ٻئي کان حال احوال ورتاسين. مون گيمزي کي پنھنجي هوٽل لوڪا سئيٽس (جيڪو استنبول جي اناطوليا واري پاسي ڪڍيڪوئي جي علائقي ۾ هئو) جي ايڊريس پھريان ئي موڪلي ڇڏي هئي تہ جيئن هوءَ پھريان ئي ٿورو اندازو لڳائي ڇڏي تہ هوٽل هوائي اڏي کان ڪيترو پري آهي. ڪار ۾ ويھندي ئي ٻڌايائين تہ هوٽل تائين پھچڻ ۾ ڪلاڪ سوا لڳي ويندو پر وري بہ ٽريفڪ تي منحصر آهي، ڇاڪاڻ تہ استنبول جي ٽريفڪ تي ڪو بہ اعتبار ناهي. ڪيڏي مھل بہ جام ٿي سگهي ٿي.
گيمزي مون کان پڇو تہ هن ڀيري استنبول ۾ ڇا ڇا ٿو گهمڻ چاهين؟ مون چيو مانس تہ استنبول کي پھريان بہ گهمي چڪو آهيان، سو هاڻي ڪو خاص نہ، هن ڀيري استنبول ۾ هڪ مقامي ماڻھو وانگر هرو ڀرو هيڏانھن هوڏانھن چڪر ڏيڻ ٿو چاهيان، سو هاڻي اهو توتي آهي.
گيمزي گاڏي جي شيشي مان چنڊ ڏانھن اشارو ڪندي چيو تہ هلال ڏس، ربيع الاول جي شايد ٻين يا ٽين تاريخ هئي، چنڊ انتھائي سھڻو پي لڳو. ماضي ۾ لنڊن ۾ ٻہ ٽي سال رهڻ جي ڪري گيمزي جي انگريزي تمام سٺي آهي. گيمزي ۽ آءٌ جڏهن بہ ڳالھائيندا آهيون تہ ٻين ڳالھين جي وچ ۾ ترڪش ٻولي ۽ پاڻ وارين ديسي ٻولين جي ساڳين لفظن جي باري ۾ پڻ ڳالھائيندا آهيون، گهڻا لفظ ترڪش، سنڌي، اردو، پنجابي، سرائڪي ۽ فارسي ۾ ساڳيا آهن.
گيمزي مون کان ڪورونا جي باري ۾ پڇيو تہ سئيڊن ۾ ڇا پوزيشن آهي، مون ٻڌايو مانس تہ اتي بہ ڪيسز تہ ضرور آهن پراسان وٽ اتي هرو ڀرو جي هراسمينٽ ناهي، حڪومت جي گائيڊ لائينز تي ماڻھو عمل ڪن ٿا جنھن ۾ سوشل ڊسٽنس تي ماڻھو ڪوشش ڪري عمل ڪن ٿا، جيڪو اتي هونءَ بہ معاشري ۾ اڳ ۾ ئي موجود هئو. گيمزي ٻڌايو تہ هتي استنبول ۾ بہ ڪافي ڪيسز آهن پر هتي جيڪڏهن ڪيس هزار آهن تہ حڪومت ٻڌائي ٿي تہ هڪ سئو آهن، سو ڪو بہ اعتبار ناهي، سو هر ڪو پاڻ احتياط ڪري ۽ پنھنجي حفاظت پاڻ ڪري.
گيمزي ٻڌايو تہ هوءَ سندس والد کي جھاز ۾ ازمير کان استنبول اکين جو چيڪ اپ ڪرائڻ لاءِ وٺي پي آئي ۽ حيران ٿي تہ ڪلاڪ کان بہ گهٽ جي فلائيٽ هئي پر ماڻھو نہ پي مڙيا ۽ ڀرپور کاڌا پي کاڌن، چيائين جھاز جي ڪمپني وارن کي هن ڪورونا جي ڏکئي وقت ۾ گهٽ ۾ گهٽ کاڌو تہ نہ کارائڻ گهرجي، آءٌ تہ ماڻھن جي بي احتياطي مان ڊڄي وئي هئس. وڌيڪ ٻڌايائين تہ آءٌ خوش آهيان جو تون سياحتي جائين بدران عام مقامي ماڻھن وانگر ٿو گهمڻ چاهين نہ تہ سياحتي ماڳن تي گهڻي رش جي ڪري پاڻ اسٽريس ۾ رهون هان.
اسان ڪچھري ڪندا تقريبن سوا ڪلاڪ ۾ ڪڍيڪوئي جي علائقي ۾ پھچي وياسين. گيمزي مون کي هوٽل جي ڀر واري روڊ تي لاٿو ۽ چيائين تہ آءٌ گاڏي پارڪ ڪري ٿي اچان، آءٌ بہ جلدي جلدي هوٽل کي ڳولي اچي چيڪ ان ڪيو، سامان رکي بس ڪيم تہ گيمزي جو مئسيج آيو تہ هوءَ بہ هوٽل جي رسيپشن تي اچي وئي آهي، مون چيو مانس تہ مون کي رڳو پندرنھن منٽ ڏي تہ تيار تي اجهو آيس.
تيار ٿي هيٺ آيس تہ گيمزي پچيو تہ بک لڳي هوندئي، ان ڪري پھريان ماني کائي پوءِ ڪاڏي چڪر ڏيون. مون چيو ها ضرور. هوٽل کان ٻاهر اچي مون مرمرا سمنڊ جي ڪناري تي آباد هن استنبول جي ڪڍيڪوئي واري علائقي کي ٿورو غور سان ڏسڻ شروع ڪيو، ريسٽورنٽ ڀريل ۽ ويٺلن جا جام بہ ڀريل، سگريٽن يا شيشن مان نڪرندڙ دونھان، هر پاسي ترڪش کاڌن جي خوشبو، گهڻي قدر مقامي ترڪ يا ترڪي جي ٻين علائقن مان آيل ترڪ پئي نظر آيا. استنبول جي ٻين سياحتي ماڳن کان هتي ماحول سڪون وارو هو. تازي مڇي، فروٽ ۽ ڀاڄين ۽ مصالحن جا دڪان هر پاسي نظر پئي آيا. مرمرا سمنڊ ۾ پاڻي جا ننڍا ننڍا جھاز ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ مسافرن کي هر وقت ڍوئڻ ۾ رڌل هئا.
ڪڍيڪوئي جي هن علائقي جي پويان هڪ تاريخ آهي، ڪڍي معني جج ۽ ڪوئي معني ڳوٺ، چيو وڃي ٿو تہ استنبول تي جڏهن اوٽمن يا عثماني سلطنت جي سلطان محمد فاتح قبضو ڪيو تہ ان کان پوءِ استنبول جي پھرئين عثماني خضر نالي جج کي هي علائقو ڏنو ويو جنھن کان پوءِ هن تي اهو نالو پئجي ويو، يعني جج جو ڳوٺ.
اسان ٿورو هيڏانھن هوڏانھن ڦري سري اچي سليم تاتار جي ريسٽورنٽ تي ويٺاسين، گيمزي ٻڌايو تہ سڄي استنبول ۾ هنن جا رڳو ٻہ ريسٽورنٽ آهن، جن تي گوشت سندن پنھنجي ذاتي فارم تان ايندو آهي.
اتي اڃا ماني جو انتظار پي ڪيوسين تہ هڪ فقير آيو، سڌو اچي مون کي چيائين تہ ويھن ليرن جو نوٽ ڏي، مون کان اڳئي گيمزي ترڪش ۾ ڪجهہ چيس تہ ماٺ ڪري هليو ويو، پھرين سوپ ۽ سلاد آيو، اهو سوپ پاڻ واري مڱن واري دال هئي، سلاد ۾ وري ڏاڙهون پيل هئا، انتھائي لذيذ. اتي وري هڪ ٻيو همراھہ آيو، گيمزي کي ڪجهہ ڪتاب ڏيکاريائين، ٿوري دير ڪجهہ ڳالھائڻ کان پوءِ گيمزي موبائل ڪڍي ڪا شئي چيڪ ڪئي، پوءِ همراھہ ويندو رهيو، مون گيمزي کان پڇيو هي ڇا چڪر هو، چيائين هي ليکڪ هو، پنھنجا ڪتاب ائين سڌا سنوان پاڻ پيو مارڪيٽ ۾ کپائي. ليکڪ چيس تہ جيڪڏهن وٺو نہ ٿا تہ ڀلا مون کي انسٽاگرام تي پسند ڪري ڇڏيو. اسٽاڪھولم ۾ جيڪو ترڪش ڪباب ملندو آهي، هتي ترڪي ۾ وري ٻئي قسم جو هو، ماني جي مٿان گوشت ۽ وري مٿان ٻہ ٻيون مانيون، واقعي تمام لذيذ هيو. مون ريسٽورنٽ تي نوٽ ڪيو تہ جيڪا ڪٽلري ڏنائون اها بہ پيڪ ٿيل هئي، جيئن جھازن ۾ ڏيندا آهن، شايد پليٽن جي مٿان بہ اڇي ڪلي ويڙهيل هئي.
ماني کائي پوءِ اتي ئي ڪڍيڪوئي جي علائقي ۾ ۽ مرمرا سمنڊ جي ڪناري تي چڪر ڏيندا رهياسين، وڏي رونق لڳي پئي هئي. مون کي لڳو هي علائقو شايد سڄي رات کليل رهندو هوندو. ماحول ۾ ٿوري ٿڌڪار ٿي تہ اچي ترڪي جي مخصوص چانھہ مخصوص ڪوپن ۾ پيتي سين. تقريبن رات جو يارهين وڳي اسان هڪ ٻئي کان موڪلايو. مون هوٽل تي اچي ٿورو هوٽل جو جائزو ورتو، ڪو خاص وڏو هوٽل نہ هو، شايد اٺ ڏھہ ڪمرا هوندس، صفائي جو تمام گهڻو خيال رکيل هو. ٿي سگهي ٿو ڪورونا جي ڪري عام حالتن کان ٿورو وڌيڪ خيال ڪندا هجن. هوٽل جي ڪمري ۾ پاڻي گرم ڪرڻ واري ڪٽلي، ٽي بيگز ۽ کير رکيل هو، مون چيو ڪم ڀلو ٿي ويو، چانھہ جو بندوبست ٿي ويو باقي ڇا کپي؟ ٽي وي هلائي ڏٺم تہ ٽي آر ٽيءَ تي ارطغرل ڊرامو پي هليو، جيڪو هاڻي پاڪستان ۾ ڪافي مشھور ٿيو آهي، مون اهو ڊرامو ٻہ ٽي سال پھريان ڏٺو هو. اڄ ڪلھہ پاڪستان ۾ يونس ايمري ڊرامو شروع ٿيو آهي، اهو ڊرامو جنھن بہ ڏٺو ان کان ارطغرل وسري ويندو. يونس ايمري جي ڊرامي جو تقريبن هر جملو نصيحت ۽ سبق حاصل ڪرڻ لاءِ آهي.
صبح جو تيار ٿي هوٽل جي ڇت تي موجود هوٽل جي مھمانن لاءِ نيرن واري هال ۾ آيس، مون کان اڳ هوٽل ۾ رهيل ڪجهہ مھمانن ناشتو پئي ڪيو، آءٌ ناشتي کان پھريان ان هال کان ٻاهر نڪري کليل ڇت تي آيس، هوا ۾ سمنڊ ۽ مڇي جو هڳاءٌ هو، هيٺ ماڻھن جي اچ وڃ شروع هئي. آس پاس جي گهرن جون تقريبن ڇتيون لھواريون ۽ انھن تي وري کپريل واريون سرون لڳل هيون، شايد برف باري جي ڪري تہ جيئن برف رجي پاڻ ئي هيٺ وهي وڃي. انھن سڀني ۾ نمايان وري مسجد جو منارو هو. موسم تمام وڻندڙ هئي، مقامي ماڻھن لاءِ هتي تقريبن سيارو هو، مون ٿوري گرمي پي محسوس ڪئي پر جيڪٽ پاڻ سان گڏ هئو. مون کي تڪڙ ڪانہ هئي، گيمزي اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو تہ هوءَ ساڍي ڏهين يا يارهين ڌاري ايندي. ناشتي واري هال جي ٻاهران ڇت تي هڪ وڏي عمر جي عورت ۽ ان سان گڏ ٻي نوجوان ڇوڪريءَ سگريٽن جا سوٽا پي هنيا. آءٌ ٿورو ٻاهر جو نظارو ڪري اچي ترڪي جي روايتي نيرن ڪرڻ لاءِ ويٺس. ٻاهر ڇت تي ويٺل نوجوان ڇوڪري اچي مون کان ڪمري جو نمبر پڇيو ۽ چيائين تہ تنھنجي ڪمري جي صفائي ڪرڻي آهي يا نہ، مون چيو مانس تہ آءُ رات ئي آيو آهيان ۽ ايتري ڪا صفائيءَ جي گهرج ناهي، پر وري بہ اوهان ڏسجو جيڪڏهن ٿوري گهڻي ضرورت هجي تہ ڪري ڇڏجو ۽ پاڻي جون بوتلون، ٽي بيگز ۽ کير رکڻ نہ وسارجو.
هال ۾ نيرن ڪرڻ وارا تقريبن سڀ ترڪ ڇوڪريون ۽ ڪجهہ وڏي عمر جون عورتون هيون، اتي هڪ ترڪ ڇوڪري پنھنجي ڪنھن يورپ جي گوري دوست سان پڻ آيل هئي، ان گوري ڇوڪري ٻڌايو تہ هي خاص ڪري استنبول پنھنجي هن دوست سان ملڻ آيو آهي. آءٌ اڃا اتي ناشتو ئي پي ڪيو تہ گيمزي جو مئسيج آيو تہ هوءَ اڌ ڪلاڪ چاليھن منٽن ۾ پھچي ويندي. آءٌ تيار ٿي هوٽل کان ٻاهر آيس تہ رونق ميلو وڌيل هو، دڪاندارن جي ماڻھن هوڪا پي ڏنا، آءٌ بہ گهمندو ڦرندو اچي ان ساڳي جڳھہ تي بيٺس جتي رات مون کي گيمزي لاٿو هو، ٿوري دير ۾ گيمزي بہ اچي وئي ۽ اسان ٻنھي استنبول کي مقامي ماڻھن وانگر گهمڻ لاءِ راھہ ورتي.
گيمزي چيو تہ گهٽ ۾ گهٽ پاڻ کي باسفورس وارو پاڻي جي جھاز وارو ٽوئر ڪرڻ گهرجي، مون چيو مانس تہ ٺيڪ آ اهو ڪري سگهجي ٿو. باسفورس استنبول جو ٻٽيھہ ڪلو ميٽرن جو هڪ قدرتي پاڻي جو رستو آهي جيڪو ڪاري سمنڊ ۽ مرمرا سمنڊ کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو ۽ هن جي هڪ پاسي استنبول جو يورپ وارو پاسو ۽ ٻئي طرف وري استنبول جو اناطوليا يا ايشيا وارو پاسو آهي. اسان ڪڍيڪوئي واري علائقي مان نڪري يورپ وڃڻ واري رستي تي اچي چڙهياسين. اناطوليا يا ايشيا واري پاسي، اسڪودار ميونسپالٽي جي علائقي بيلربي مان باسفورس تي اڏيل پھرين سسپينشن پل تي اچي چڙهياسين، هي پل پندرهين جولاءِ 2016ع تي ترڪي ۾ فوجي بغاوت جي خلاف مارجي ويل شھيدن جي نالي تي سڏجي ٿي. يورپ واري پاسي وري بشڪتاش ميونسپالٽي جي علائقي اورٽيڪوئي اسڪوائر تي آياسين. استنبول ۾ هڪڙي مزي واري ڳالھہ آهي تہ اوهان گاڏي مان لھي چاٻيون ڪار پارڪنگ وارن کي ڏيو، رسيد وٺي هليا وڃو، اهو انھن جي مٿي جو سور آهي تہ گاڏي ڪٿي پارڪ ڪرڻي آهي، اسان بہ ائين ئي ڪيو. گيمزي ٻڌايو تہ هن اورٽيڪوئي واري علائقي ۾ ڪافي جديد تعليمي ادارا آهن ۽ ميرٽ انتھائي سخت هوندي آهي.
اورٽيڪوئي جي معني آهي وچون ڳوٺ، ڇاڪاڻ تہ هي باسفورس جي تقريبن وچ تي آهي. هي علائقو سلطنت عثمانيہ جي دور ۾ هڪ ننڍو مڇي مارڻ جو علائقو هوندو هئو، جيڪو پراڻي وقت کان وٺي سياحن جي دلچسپي جو مرڪز رهندو اچي. هن علائقي ۾ ڪافي ڪيفيٽيريا، ننڍا ننڍا چانھہ جا اسٽال، مھانگا تہ ڪي سستا ريسٽورنٽ، بار، ڪي باسفورس جي ڪناري سان تہ ڪي وري ٿورو پرڀريا. هن علائقي ۾ هر قسم جا ڪافي ننڍا ننڍا دڪان هئا. هينئر رش نہ هئڻ جي برابر هئي، گيمزي ٻڌايو تہ هتي هونءَ ڪافي رش ٿيندي آهي، ۽ گهڻو ڪري هتي رات جو ننڍا ننڍا ڪنسرٽ پڻ ٿين ۽ هن علائقي ۾ ڪافي نائيٽ ڪلبس پڻ آهن. مک چوڪ تي ماڻھن ڪبوترن کي داڻو پي ڏنو ۽ ڦوٽو پي ڪڍرايا. ڪي جوڙا وري باسفورس جي پاڻي ۾ نظرون وجهو ويٺا هئا. هونءَ تہ هن علائقي ۾ باسفورس جي ڪناري سان هڪ خوبصورت اورٽيڪوئي مسجد هئي پر خبر پئي تہ هن ئي علائقي ۾ عيسائين جو چرچ ۽ يھودين جي عبادتگاھہ سينوگوگ پڻ هتي ئي آهي.
اسان اتان چڪر ڏئي اچي باسفورس واري ٻيڙي جي وقت جي پڇا ڪئي، اڃا ڪلاڪ کن هو، سو اسان صلاح ڪئي تہ هاڻي ٿورو چانھہ جو دور هلي. اتي ڀرسان ئي اسان وڃي بيلتاش ريسٽ ڪيفي تي ويٺاسين. اتي ڪچھري ڪندي گيمزي ٻڌايو تہ هتي ترڪي ۾ گاڏي رکڻ مھانگي آهي ۽ اڃا تائين ان کي هڪ ضرورت نہ پر عيش ۽ عشرت جي نگاھہ سان ڏٺو ٿو وڃي ۽ ٽيڪس بہ ان حساب سان لڳايو ٿو وڃي. بھرحال قصو ڪوتاھہ، چانھہ پي اسان باسفورس ۾ هلڻ واري پاڻي جي سياحتي جھاز ۾ ٽڪيٽ وٺي اچي ويٺاسين، هيڏي وڏي جھاز ۾ رڳو ڪي پنجاھہ کن ماڻھو هئا ۽ سڀ جا سڀ جھاز جي مٿئين کليل حصي ۾ اچي ويٺا. گهڻي قدر ترڪ ئي هئا. نظارو انتھائي سھڻو هئو، باسفورس، سھڻا ماڻھو، اسان جي مٿان هي ڏيڍ ڪلو ميٽر پل، استنبول جي پھاڙن تي گهر، ترڪي جا چنڊ وارا ڳاڙها جهنڊا، باسفورس ۾ هر پاسي ننڍيون وڏيون ٻيڙيون، جھاز جي کاٻي پاسي کان ڪجهہ تاريخي محلن جون عمارتون بہ آيون جن ۾ فھيمہ سلطان ۽ خديجہ سلطان جا محل شامل هئا. مڇي ۽ ٻين سي فوڊ جا ريسٽورنٽ، قھوا خانا، ڪجهہ مشھور ۽ مھانگيون هوٽلون، ڪجهہ مسجدون، سفارتخانا، بابڪ جو علائقو ۽ روميلي حصار يعني روميلي جو قلعو آيو، هي قلعو سلطنت عثمانيہ جي دور ۾ سلطان محمد ٻئين جي حڪم تي1451ع ۽ 1452ع ۾ ٺھيو.
روميلي جي قلعي کان ٿورو اڳتي هلي جھاز کي باسفورس تي اڏيل ٻيون نمبر پل فاتح سلطان محمد جي هيٺان واپس ورايائون ۽ هاڻي اسان باسفورس جي ٻئي يعني اناطوليا واري ڪناري سان هلڻ شروع ڪيو. گيمزي ٻڌايو تہ باسفورس ۾ جھاز رڳو ماهر ڪپتان ئي هلائيندا آهن ڇاڪاڻ تہ ماضي ۾ ڪجهہ نون ڪپتانن مرڳو جھاز ٿي وڃي گهرن ۾ هنيا، ۽ ٻيو تہ باسفورس جو جيڪو ترو آهي اهو غير هموار آهي ان ڪري هتي وڏي مھارت جي ضرورت آهي. باسفورس جي هن پاسي ڪافي تاريخي محل، ڪيفيٽيريا، هڪ قلعو، معني تقريبن ٻنھي پاسي ڪم ساڳيو هو. گيمزي مٿي پھاڙي تي ڪجهہ گهرن ڏانھن اشارو ڪندي ٻڌايو تہ اهي گهر تمام گهڻا مھانگا آهن ۽ واقعي لڳا بہ پي، ۽ وري مزي جي ڳالھہ تہ انھن گهرن جي ڀرسان ئي وري عام رواجي گهر ٺھيل ها، گيمزي چيو اهو اٿئي استنبول، هتي توکي اهو ڪلاس جو وڏو فرق ائين ئي ملندو. بيلربي جي محل ۽ باسفورس تي اڏيل پھرين پل جي هيٺان جھاز وريو ۽ اچي پنھنجي اصل جڳھہ تي لنگر انداز ٿيو.
اسان واپس اچي اورٽيڪوئي واري پارڪنگ مان ڪار کئين ۽ هاڻي وري باسفورس جي ساڳئي ڪناري پرڪار ۾ اڳتي وڌڻ لڳاسين، ارناوتڪوئي جي علائقي کان ٿيندا اسان جڏهن بي بڪ جي علائقي مان لنگهياسين تہ گيمزي ٻڌايو تہ هن علائقي جو نالو بي بڪ يعني ترڪش ۾ ٻار آهي ۽ هن علائقي ۾ ڪافي مشھور ماڻھو نظر ايندا آهن. بي بڪ کان پوءِ آشيان ۽ بويا جيڪوئي جي علائقن مان ٿيندا اسان اميرگان پارڪ ڏانھن روانا ٿياسين. واٽ تي گيمزي پنھنجي يونيورسٽي بہ ڏيکاري ۽ يونيورسٽي، پنھنجا ۽ ڪلاس فيلوز جا قصا بہ وڏي جوش ۽ خروش سان ٻڌايائين. جڏهن گيمزي پنھنجي يونيورسٽي جا قصا پئي ٻڌايا تہ اتي مون کي منھنجي پياري دوست پير حمادﷲ خياروي جو يونيورسٽي جي زندگي تي لکيل ڪتاب “ڄامشوري جو الودائي ڀاڪر“ ذهن تي تري آيو. اهو ڪتاب سنڌ يونيورسٽي جي ان دور جي روزاني جي ڊائري آهي جنھن ۾ روزاني جا واقعا لکيل آهن، جنھن ۾ سنڌ يونيورسٽي خاص ڪري آرٽس فيڪلٽي، هاسٽل، حيدرآباد، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا گڏيل ٽوئر، ان دور جي شاگرد سياست، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي پيار ۽ محبت جا قصا ۽ گهڻو ڪجهہ ان ڪتاب ۾ پڙهڻ لاءِ ملي ٿو. ڪتاب ۾ سائين عبدالعزيز مگسي جا قصا بہ انتھائي دلچسپ ۽ ڪتاب جو محور لڳن ٿا. ڪتاب کي پڙهڻ دوران ڪيڏي مھل تہ وڏا ٽھڪ نڪريو وڃن تہ ڪٿي وري ماڻھو ٿورو ڏکارو بہ ٿي پئي ٿو. طارق عالم ابڙي جي مطابق تہ آءٌ چاهيندي بہ هن ڪتاب جا آخري صفحا نہ پڙهي سگهيو آهيان. آءٌ پاڻ اها ڪيفيت سمجهي سگهان ٿو، جڏهن اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيو هو تہ اسان بہ انھن ئي ڏينھن ۾ يونيورسٽي مان تعليم مڪمل ڪري نڪرڻ وارا هئاسين.
ٻي هڪ جاءِ تي گيمزي ڪنھن عمارت ڏانھن اشارو ڪري ٻڌايو تہ هي اتي بہ ننڍي هوندي رهيا آهن ۽ سندس پيءُ کيس صبح سويل هنن رستن تان اسڪول وٺي ويندو هو.
اميرگان باغ پھاڙي تي ٺھيل آهي ۽ ڪٿي هيٺ تہ ڪٿي مٿي. اسان گاڏي اتي پارڪ ڪري پنڌ ئي پنڌ گهمڻ شروع ڪيو. انتھائي سھڻو پارڪ، خوبصورت گل، تلاءَ ۽ انھن ۾ مختلف قسمن ۽ رنگن جون مڇيون، پاڻي جا آبشار، پنڌ ڪرڻ جا رستا، اتي هڪڙو ننڍو اسٽال بہ هو جتي مختلف گلن ۽ ٻوٽن جا ٻج ۽ چڪيون پئي مليون، گيمزي ٻڌايو تہ پھريان هتان ماڻھو گلن جون چڪيون پٽي ويندا ها، پوءِ هنن اهو فيصلو ڪيو تہ ماڻھن جي سھولت خاطر انھن کي ٻج ۽ چڪيون وڪرو ڪجن تہ جيئن باغ بہ بچي ۽ ماڻھن کي سھولت بہ ٿئي. هن باغ ۾ مختلف رنگن جون پراڻي دور جون ڪجهہ عمارتون هيون جن ۾ انھن ريسٽورنٽ کولي ڇڏيا آهن. گيمزي ٻڌايو تہ هتي استنبول ۾ ڪافي ريسٽورنٽ آهن جيڪي ميونسپل جي ملڪيت ۾ اچن ٿا ۽ ان وقت جو شھر جو ميئر انھن جو باس هوندو آهي، ان جو سبب اهو آهي جو شھرين کي هرعلائقي ۾ صاف سٿري، سٺي ۽ معقول رقم تي کاڌو ملي ۽ ان سان گڏوگڏ ماڻھن کي نوڪريون پڻ ملن ٿيون، گيمزي چيو تہ پاڻ صبح بہ جھاز تي ٽوئر ڪرڻ کان پھريان جنھن ڪيفيٽيريا تي ويٺا هئاسين اهو بہ استنبول جي ميونسپالٽيءَ جي ملڪيت ۾ اچي ٿو. اسان اتي مانجهاندو ڪيو، هونءَ تہ باغ ۾ رش گهٽ هئي پر ريسٽورنٽ ڪافي ڀريل هو.
گيمزي مون کي ٻڌايو تہ هوءَ مٿئين هفتي ستن انتھائي سھڻين ڍنڍن جي علائقي بولو ۾ پنھنجين ڪجهہ ساهيڙين سان گڏ ڪيمپنگ ڪرڻ لاءِ ويندي ۽ جيڪڏهن منھنجي دل چوي تہ ترسي پوان، مون کيس مھرباني چئي ٻڌايو تہ نہ هن دفعي ٿوري جلدي آهي پر ٻئي دفعي انشاءَﷲ.
اسان اميرگان پارڪ تقريبن چئين بجي ڇڏيو. گيمزي چيو تہ هاڻي هلون ٿا منھنجي ننڍي هوندي جي پاڙي ۾ جتان استنبول هٿ جي هڪ تريءَ تي نظر ايندو. اسان هن دفعي يورپ واري پاسي روميلي قلعي جي ويجهو باسفورس تي اڏيل ٻيون نمبر پل فاتح سلطان محمد تان ڪراس ڪري اچي اناطوليا واري پاسي ڪاواجڪ جي علائقي ۾ پھتاسين ۽ مختلف روڊن ۽ رستن تان ٿيندا اچي چمليجا واري علائقي ۾ پھتاسين ۽ اتي هڪ هنڌ گيمزي کلندي چيو تہ هاڻي تيار ٿي. اوچتو رستا پھاڙي طرف وڃڻ لڳا ۽ انتھائي اونچا ها هڪ هنڌ تہ ذري گهٽ نوي ڊگري تي ڪار هئي پر آءُ تہ نارمل ويٺو هيس، گيمزي پڇو توکي ڊپ ڪونہ ٿيو، مون چيو مانس ٿورو ٿيو پر هرو ڀرو اهڙي ڳالھہ بہ ناهي، مون پاڪستان ۾ ان کان بہ خطرناڪ رستن تي سفر ڪيو آهي، خاص ڪري نانگا پربت جي بيس ڪيمپ واري پاسي ويندي، قراقرم هائي وي کان مٿي جيڪو جيپ جو ٽريڪ تتو ڳوٺ تائين وڃي ٿو رڙيون تہ ماڻھوءَ جون اتي ٿيون نڪرن، چيومانس توکي ڪڏهن اوڏانھن وٺي هلندس. سندس هن ننڍپڻ واري علائقي ۾ گيمزي ڏاڍي جوش ۽ جذبي ۾ اچي وئي، مون کي سندس پرائمري ۽ هاءِ اسڪول ڏيکاريائين ۽ هڪ هنڌ وري ذري گهٽ نوي ڊگري تي گاڏي بيھاري چيائين تہ هن مٿين عمارت کي ڏس، مون ڏٺي، چيائين منھنجو ننڍ پڻ ان گهر ۾ گذريو آهي، ٻارن کي اتي راند کيڏندي ڏسي چيائين تہ اسان بہ بلڪل ائين ئي هنن گهٽين ۾ راند کيڏندا هئاسين. گيمزي ڏاڍي خوش هئي هتي اچي.
اسان جي اڳلي منزل چمليجا جي پھاڙي هئي، اسان پارڪنگ ۾ گاڏي بيھاري، مٿي چڙهڻ شروع ڪيو، هن پھاڙيءَ تان استنبول کي ائين ڏسي سگهجي ٿو جيئن اهو هٿ جي تريءَ تي هجي، انتھائي سھڻو نظارو، هتي ڪافي ماڻھو هئا، گهڻي قدر سڀ ترڪ، ڪن پڪنڪ پي ڪئي تہ ڪي وري نماز لاءِ مسجد ڏانھن پي ويا، ڪي فوٽو ڪڍائڻ ۾ مشغول تہ ڪن جي ڪنن تي موبائل فون هئا. هن پھاڙي تي ڪجهہ فوٽوگرافر پڻ گهميا پئي جيڪي اتي جو اتي فوٽو ڪڍي پرنٽ ڪري پيا ڏين. هتي بہ ڪيفيٽيريا ۽ کاڌي پيتي جا ڪجهہ اسٽال هئا، ۽ ڪافي ايريا ۾ وري هڪ وڻڪار جي هيٺان پارڪ ٺھيل هئو ۽ اتي مختلف قسمن جا گل، ڦوهارا ۽ ننڍا ننڍا اسٽول ٽيبلن جي چوڌاري رکيل هئا، گيمزي ٻڌايو تہ هتي خاص ڪري اونھاري جي موسم ۾ ماڻھو رات دير تائين اچي ويھندا آهن ۽ راڳ جو مزو وٺندا آهن، چيائين اسان بہ جڏهن هن علائقي ۾ رهندا هئاسين تہ گهڻو ڪري رات جو هتي ئي ايندا هئاسين.
اسان کي هتي سج لھڻ جو نظارو ڪرڻو هو ۽ سج لھڻ ۾ اڃا ڪجهہ وقت هو، سو هڪ ريسٽورنٽ ۾ وياسين ۽ وڃي هڪ خوبصورت کليل ٽيرس ۾ ويٺاسين ۽ اتي چانھہ جو مزو ورتوسين. اتي ڪجهہ وڏي عمر جون عورتون اچي ڀرسان واري ٽيبل تي ويٺيون جيڪي پاڻ ۾ دوست پي لڳيون ۽ ساڳئي طرح سان وري ڪجهہ ٻيون نوجوان ڇوڪريون ٿورو پر ڀرو ٿي اچي ويٺيون، اهي بہ پاڻ ۾ دوست ٿي لڳيون. مون انھن کي ڏسي گيمزي کي چيو تہ اها منھنجي خواهش آهي تہ پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جي عورت کي بہ ايتري آزادي هجي جو هوءَ پاڻ ٻاهر اڪيلي وڃي پنھنجين ساهيڙين سان ائين ڪنھن ڪيفيٽيريا تي بي خوف ٿي وڃي ويھي. گيمزي چيو هڪ ڏينھن ائين ضرور ٿيندو، مون چيومانس تہ پاڪستان ۾ وڏن شھرن ۾ تہ هاڻي اهو ممڪن آهي پر اڃا ننڍن شھرن ۾ عورت ايتري آزاد ناهي ٿي. گيمزي ٻڌايو تہ هو پاڻ ۾ ٽي ڀينر آهن ۽ سندن والدين ٽنھي کي اعلي تعليم ڏياري آهي، تعليم سان گڏوگڏ تربيت تي پڻ گهڻي توجھہ ڏني وئي آهي ۽ اسان کي غلط ۽ صحيح جي باري ۾ پڻ ٻڌايو ويو آهي.
پاڻ وٽ سنڌ ۾ عورتن جي حوالي سان شيون هن وقت متوازن پيون هلن، هڪ پاسي پاڻ هاڻي اهو واضع ڏسي سگهون ٿا تہ سنڌ جون ڇوڪريون تعليمي ميدان ۾ پاڻ ملھائين پيون، هاڻي اهي علم حاصل ڪرڻ لاءِ چين کان بہ گهڻو اڳتي نڪري آمريڪا، آسٽريليا، يوڪرين، بلغاريا، يوڪي، فنليڊ ۽ ٻين الائي ڪھڙن ڪھڙن ملڪن تائين اڪيلي سر نڪري پيون آهن ۽ ظاهري ڳالھہ آهي تہ انھن کي سندن گهر ڀاتين جي مڪمل مدد ۽ حمايت حاصل هوندي، نہ تہ پاڻ وٽ رڳو بازار ۾ بہ عورت اڪيلي نہ وڃي سگهندي هئي.
گذريل سال ادي رخسانہ ڪانڌڙو (جيڪا فنلينڊ ۾ پي ايڇ ڊي پئي ڪري) وٽ سنڌ کان ادي ڪالاونتي ۽ سندس ڌيءَ روشني فنلينڊ ۾ گهمڻ آيون، اتي ڪجهہ وقت گذارڻ کان پوءِ انھن ٽنھي سنڌ جي نياڻين پنھنجي سر پاڻ يورپ جا ڪجهہ ملڪ گهمڻ جو ارادو ڪيو، سڀ کان پھريان اهي پاڻي واري جھاز جي ذريعي سئيڊن آيون، اتي ڪجهہ ڏينھن رهڻ کان پوءِ ريل گاڏي جي رستي ڊينمارڪ ويون، وري اتان کان پوءِ جرمني، هالينڊ، بئلجيم، فرانس، سئٽزرلينڊ کان ٿينديون وري هڪ دفعو جرمني، چيڪ ريپبلڪ، پولينڊ ۽ بالٽڪ ملڪن لٿوينيا ۽ ليٽويا کان ٿينديون اسٽونيا جي شھر ٽالن کان پاڻي واري جھاز ۾ چڙهي واپس فنلينڊ پھتيون. منھنجي خيال ۾ اها ايڏي همٿ هجڻ داد لائق آهي، ۽ چوندا آهن تہ جنس يا جسماني مضبوطي نہ پر انسان جي ارادي ۾ اصل طاقت هوندي آهي. هاڻي پاڻ اهو بہ ڏسون ٿا تہ سنڌ جي عورت هاڻي ڪميشن جا امتحان پاس ڪري پوليس ۽ روينيو جھڙن کاتن ۾ پنھنجون ذميواريون نڀائن پيون.
ٻئي پاسي پاڻ وري ڏسون تہ پاڻ کي سنڌ جي عورت وري تمام گهڻي مظلوم ۽ پيڙيل بہ لڳي ٿي، روز اخبارن ۾ هانءٌ ڏاريندڙ واقعا رپورٽ ٿين ٿا ۽ انھن کي پڙهڻ کان پوءِ لڳندو آهي تہ سنڌ جي ان مظلوم عورت کي اهڙي دلدل مان نڪرڻ لاءِ اڃا تمام گهڻو وقت لڳندو، منھنجي خيال ۾ ان جو واحد حل تعليم سان گڏوگڏ تربيت آهي، جتي عورت کي مڪمل آزادي هجي پر ان جي تربيت ۾ اهو شامل ضرور هجي تہ اها آزادي پنھنجي خاندان، مذهب، معاشري، روايتن ۽ ثقافتن کي ڪنھن بہ صورت ۾ ڇيھو نہ رسائي. جتي تربيت جو سوال آهي اتي آءٌ اهو بہ ضرور چوندس تہ نہ رڳو ڇوڪرين پر ڇوڪرن جي بہ تربيت ساڳئي نموني هئڻ گهرجي. اسان کي ان لاءِ فريڊم ود ريسپانسيبلٽي Freedom with Responsibility جو ماحول تيار ڪرڻ گهرجي.
چمليجا جي پھاڙيءَ تان اسان استنبول جو ۽ استنبول جي مٿان سج لھڻ جو ڀرپو نظارو ڪيو. واپسيءَ تي گيمزي مون کان پڇيو تہ تنھنجو سڀاڻي جو پروگرام ڪيئن آهي، آءُ آفيس کان پوءِ اچي سگهان ٿي، مون چيو مانس تون تڪليف نہ ڪر، منھنجي فلائيٽ آهي رات جو سو آءٌ شام ڌاري تہ هونءَ ئي هوائي اڏي لاءِ نڪري ويندس ۽ سڀاڻي منجهند جو منھنجي هڪ ٻي دوست جانن مون سان ڪڍيڪوئي ۾ ملڻ ايندي. واپسي تي باسفورس تي رات جو نظارو ڪرڻ لاءِ هڪ ٻن جائين تي بہ ٿورو بيٺاسين. گيمزي مون کي واپس هوٽل تي ڇڏيو، مون کيس چيو تہ تنھنجي تمام گهڻي مھرباني جو هيڏو وقت تو منھنجي لاءِ ڪڍيو. وري ملڻ جو چئي هڪ ٻئي کان موڪلايوسين.
هوٽل تي واپس اچڻ کان پوءِ وري ٿورو ٻاهر وڃي پيٽ جي پوڄا ڪئي پوءِ واپس اچي دوست ناهيان ميمڻ سان فون تي ڳالھايم، ناهيان حيدرآباد جو اصل رهاڪو آهي، جيڪو هن وقت استنبول ۾ رهي ٿو ۽ سندس گهر واري اتي جي ڪنھن يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي پئي ڪري. ميمڻ صاحب موري جي هڪ بئنڪ ۾ پڻ ڪم ڪري چڪو آهي. ترڪي، استنبول ۽ ترڪ ماڻھن جي روين تي ڪافي وقت ڪچھري ٿي. ڪنھن سنڌي دوست سان استنبول ۾ ڪچھري ڪري ڏاڍو مزو آيو.
صبح جو اک کلي تہ ڀائو فاروق جو مئسيج آيل هو تہ اسان جي چاچي فاطمہ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي آهي، ان خبر انتھائي ڏکارو ڪري ڇڏيو.
چاچي جيئن تہ بيمار هئي ۽ منھنجو ارادو هو تہ آءٌ جڏهن ڪراچي پھچي موري ويندس تہ چاچي سان حيدرآباد ۾ ملندو ويندس پر ائين نصيب نہ هو. اسان جي خاندان ۾ مون چاچي فاطمہ، پڦي نورخاتون ۽ پنھنجي امڙ شھناز کي ڪڏهن بہ نماز قضا ڪندي نہ ڌٺو. چاچي فاطمہ تہ هي فاني جھان ڇڏڻ کان پھريان بہ فجر جي نماز اشارن ۾ ادا ڪئي. ﷲ سائين ٽنھي کي جنت ۾ جاءِ ڏي.
منھنجو پھريان پروگرام هو تہ صبح جو جانن جي اچڻ کان پھريان ٻيڙي ۾ چڙهي وري هڪ دفعو يورپ وارو پاسو گهمي ايندس پر پوءِ دل نہ چيو، نيرن ڪري اتي ئي هوٽل جي ڪمري ۾ ويٺو رهيس. جانن چيو هو تہ هوءَ تقريبن هڪ وڳي ڌاري ايندي، آءُ تقريبن يارهين لڳي ڌاري هوٽل کان نڪري اتي ڪڍيڪوئي ۽ مودا جي علائقن ۾ ڦرندو رهيس، هڪ بجي ڌاري جانن آئي ۽ اسان پھريان منجهند جي ماني کائڻ جو ارادو ڪيو. مون جانن کي نہ ٻڌايو تہ پوئتي اسان جي خاندان ۾ قضيو ٿي پيو آهي، ڪوشش ڪري مون عام رواجي رويو رکيو. اسان مانجهاندي کان پوءِ اتي وري ساڳين جاين تي گهمندا رهياسين. مودا جي علائقي ۾ نوجوان جوڙا جوڙا مرمرا سمنڊ جي ڪناري تي ويٺا ها. اتي ڪنھن ڊرائنگ پي ڪئي تہ ڪو وري ڪو ڪتاب پڙهي رهيو هو. جانن ٻڌايو تہ هوءَ اڄ هڪ نئين نوڪريءَ لاءِ انٽرويو ڏئي آئي آهي ۽ اميد آهي تہ اها نوڪري کيس ملي ويندي. اسان اتان کان پوءِ پنڌ ڪندا اچي هڪ ڪيفيٽيريا ۾ ويٺاسين. ڪيفيٽيريا ۾ نوجوان سگريٽن جي سوٽن ۾ مشغول هئا. اسان اتي چانھہ ڪيڪ جو مزو ورتو ۽ مختلف موضوعن تي ڪچھري ڪندا رهياسين. جانن ٻڌايو تہ هاڻي سندس ذميواريون وڌي ويون آهن ڇاڪاڻ تہ سندس وڏو ڀاءٌ جيڪو پھريان هتي استنبول ۾ پوليس ۾ هو ان جي بدلي ترڪي جي ڪنھن ٻئي علائقي ۾ ٿي وئي آهي ۽ هوءَ هاڻي سندس ماءٌ ۽ پيءٌ سان اڪيلي ٿي رهي، جنھن جي ڪري هاڻي سندس ذميواريون وڌيل آهن.
تقريبن چئين لڳي اسان ڪيفيٽيريا تان اٿي واپس ڪڍيڪوئي واري علائقي ۾ آياسين، جتي مون جانن کان موڪلايو ۽ سندس وقت ڪڍي اچڻ جي لاءِ سندس مھرباني ادا ڪئي ۽ هوٽل تان بيگ کڻي سڌو هوائي اڏي جو رخ ڪيم.

بيلجيم ۾ نانگا پربت جون ساروڻيون

بيلجيم جي شھر هالي ۾ پنھنجي دوست مارڪ ايلين ۽ سندس فيملي سان ڪجهہ ڏينھن گذارڻ جو موقعو مليو، هالي جو ننڍو شھر ملڪ جي گادي واري شھر برسلز کان سورنھن ڪلو ميٽر پري آهي. مارڪ ۽ منھنجو واسطو سن 2000ع ۾ فيئري ميڊوز ۾ ٿيو هو. فيئري ميدوز پاڪستان جي اترين علائقن ۾ نانگا پربت جي وادي ۾ آهي جتي اسان جا خيما هڪ ٻئي جي ڀرسان لڳل هئا. مارڪ رکي رکي پنھنجي گهر واري ناديہ کي چئي رهيو هو تہ عبدﷲ جو تعلق دنيا جي اهڙي ملڪ سان آهي جتي جيئري جنت موجود آهي. مارڪ نہ رڳو فيئري ميڊوز پر اتر پاڪستان جي ٻين بہ ڪافي خوبصورت علائقن جو ذڪر ڪري ٿڌا ساھہ ڀري رهيو هو. هن وڌيڪ چيو تہ آءُ هڪ دفعو وري پاڪستان ۽ خاص ڪري فيئري ميڊوز وڃڻ چاهيان ٿو پر افسوس جو تنھنجي ملڪ جا حالات اجازت نٿا ڏين. مون مارڪ کي هرو ڀرو جو حوصلو ڏيندي چيو تہ تون هڪ ڏينھن ضرور ويندين. پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي، ملڪي سياح بہ شايد محفوظ ناهن، جيئن نانگا پربت تي غير ملڪي سياحن کي ماريو ويو ۽ هاڻي تازو ئي ڪوھہ مري وارو واقعو هانءُ ڏاريندڙ آهي. سو ڪڏهن ڪڏهن چاهيندي بہ مڪاني ۽ ملڪي سياح بہ سفر نہ ٿو ڪري سگهي.
مون کي ياد آهي تہ مارڪ جڏهن پنھنجي ملڪ موٽي ويو هو تہ ڪجهہ هفتن کان پوءِ مون ڏي خط لکيو هئائين تہ توهان نوجوانن کي گهرجي تہ پنھنجي جنت نظير قدرتي نظارن سان مالا مال نيچر جي هر صورت ۾ حفاظت ڪريو ۽ اهو توهان جو اثاثو آهي. بھرحال مون کي اتي خيال آيو تہ اسان رڳو پنھنجي سنڌ کي بچائي سگهاسين تہ اها ئي اسان لاءِ وڏي ۽ فخر جي ڳالھہ هوندي.
فيئري ميڊوز جي جنت دنيا جي نائين نمبر وڏي پھاڙ نانگا پربت جي واديءَ ۾ لڪل آهي. هن جڳھہ تي خاص طور تي ملڪي يا ٻاهرين ملڪن جا سياح جيڪي وڏن پھاڙن ۽ حسين وادين ڏسڻ سان گڏوگڏ ٽريڪنگ ڪرڻ جا شوقين آهن، رخ ڪن ٿا. پاڪستاني عام رواجي سياح هتي ڪونہ وڃن ڇاڪاڻ تہ هي ڪو ڪوھہ مري، ڪاغان، ناران يا سوات وغيرہ وانگر هرگز ناهي جو ماڻھو وين يا جيپ ۾ چڙهي پھچي وڃي. هتي ملڪ جا ايڊوينچرسٽ سياح ضرور وڃن ٿا. فيئري ميڊوز ۾ وڃڻ لاءِ ڪجهہ خاص قسم جو بندوبست ڪرڻو پوي ٿو. جنھن ۾ خاص طور تي رهائش لاءِ خيما ۽ سليپنگ بيگز، کائڻ پيئڻ جو سامان پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻو پوي ٿو. ان سان گڏوگڏ ٿورو حوصلو ۽ همٿ جي پڻ ضرورت هجي ٿي.
فيئري ميڊوز وڃڻ لاءِ گلگت يا چلاس کان ماڻھو سنڌو درياھہ جي مٿان اڏيل رائي ڪوٽ واري پل تي پھچڻ کان پوءِ اتان جي مقامي ماڻھن سان جيپ تي تتو ڳوٺ تائين اوٽ موٽ جي سواري بڪ ڪرائي ٿو ۽ انھن کي وقت ٻڌائي ٿو تہ واپس ڪڏهن ۽ ڪھڙي وقت اهي واپس اچي اوهان کي تتو جي ڳوٺ مان واپسي لاءِ کڻن. رائي ڪوٽ واري پل وٽ جيپ ۾ ويھڻ کان پوءِ ئي اصل ايڊوينچر شروع ٿئي ٿو.
ٻن اڍائي ڪلاڪن وارو اهو جيپ جو رستو دراصل هانءُ ڏاريندڙ آهي، هڪ پاسي وڏيون وڏيون کاهيون آهن ۽ جيپ گهڻي قدر رڳو ٻين گيئر ۾ ئي پٿرن جي مٿان آهستي آهستي رڙهي رڙهي اڳتي وڌي ٿي. ﷲ ﷲ ڪري اهو رستو پورو ٿئي ٿو تہ ان کان پوءِ وري ستن اٺن ڪلاڪن جي مسلسل ۽ سخت ٿڪائيندڙ ٽريڪنگ شروع ٿئي ٿي جيڪا آهستي آهستي مٿاهين ۽ بلندي ڏانھن وڃي ٿي. اتي بيھي ٿورو آرام ڪجي تہ سخت سيءُ ورائي وڃي ۽ هلڻ شروع ڪجي تہ گرمي ۽ پگهر اچڻ شروع ٿي وڃي.
فيئري ميڊوز پھچڻ کان پوءِ جيڪا اندروني خوشي محسوس ٿئي ٿي ۽ منھن تي جيڪا سرهاڻ اچي ٿي اها رڳو اهي ئي ٻڌائي سگهن ٿا جيڪي ان سڄي عمل مان گذريا هجن. سامھون برف سان ڍڪيل نانگا پربت جو پھاڙ جتي مسلسل برف جا وڏا وڏا تودا هيٺ ڪري رهيا هوندا آهن ۽ انتھائي خوفناڪ آواز پيدا ڪري رهيا هوندا آهن. پھاڙ جي پاڙ مان رائي ڪوٽ گليشئر نڪري ٿو، جنھن جي اندر ئي اندر رجندڙ برف جو درياھہ وهندو رهي ٿو، جنھن جو آواز پڻ هر وقت ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.
هر پاسي گهاٽا گهاٽا وڏا وڏا وڻ ۽ چئو طرف ساواڻ سان ڀرپور وادي پاڻ کي ڀلي ڪار ڪري ٿي. ڪٿي ڪٿي غير ملڪي سياح پنھنجن پنھنجن خيمن اڳيان باھہ ٻاري ويٺل هوندا آهن، تہ ڪٿي وري ڪي گهوڙي سواري ڪري رهيا هوندا آهن. خان شير خان جيڪو اسان جو اتي سونھو هو اسان کي نانگا پربت جي بيس ڪيمپ کان ٽريڪنگ ڪرائيندو واپس رائي ڪوٽ گليشيئر کان واپس پي وٺي آيو تہ ٺيڪ وچ گليشيئر تي اسان کي اچي بک ورايو. هن جو ڳوٺ گليشيئر جي ٻئي پاسي واري پھاڙي پويان ڪٿي هو. اسان کي اتي ويھڻ جو چئي پاڻ هليو ويو، ۽ ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ لسي جي بوتل ۽ اڦراٽا کڻي آيو جيڪي اسان اتي گليشيئر تي ويھي کاڌا ۽ بک جي باھہ کي اجهايوسين. اسان کان خان شير خان مھمان نوازي جو سلوڪ ڪندي پيسا نہ ورتا ۽ چيائين تہ اسان رڳو غير ملڪين کان پيسا وٺندا آهيون.
هن وادي ۽ ڀرپاسي جي وادين جا ماڻھو تمام مھمان نواز ۽ پر امن هيا يا شايد اڃا بہ هجن ۽ اسان کي ٻڌايائون تہ سندن گذر سفر گرميءَ جي موسم ۾ غير ملڪين کي سھولتون ڏيڻ تي ئي هلي ٿو ۽ هر ڪنھن کي گنج مليو وڃي ۽ سياري جي مند ۾ وري برفاني طوفانن جي ڪري اهي گلگت، استور يا آس پاس جي ٻين شھرن ڏانھن هليا ويندا آهن ڇاڪاڻ تہ سياري ۾ اتي رهڻ ناممڪن آهي.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تہ هن جنت نظير وادين ۾ بہ جيڪڏهن دهشت گرد پھچي ڪري پنھنجون خوني ڪارروايون ڪري واپس هليا ٿا وڃن تہ پوءِ ان ۾ آخر ڪير ٿو ملوث ٿي سگهي؟ هتان جا مڪاني ماڻھو تہ ائين ڪرڻ کان رهيا ڇاڪاڻ تہ انھن جو روزگار ئي انھن غير ملڪي سياحن جي اچڻ سان هلي ٿو. باقي هڪ ڳالھہ ٿي سگهي ٿي تہ شايد هنن جا پاڻ ۾ اختلاف هجن، مثال طور تي تہ اهو اسان پاڻ ڏٺو آهي تہ جيڪڏهن سوات گهمڻ وڃو تہ اتان جا ماڻھو اسان کي پيا ڊيڄاريندا تہ گلگت واري پاسي ويندئو تہ اتان جا ماڻھو اوهان کي ڦريندا ۽ ساڳئي طرح اسڪردو وڃجي تہ اتي وري ڪنھن ٻئي علائقي جي باري ۾ پيا ڊيڄاريندا. بھرحال اهڙين پر امن ۽ حسن سان مالا مال وادين تي دهشت گردي ڪري اتان جي ماڻھن کان جن پنھنجي مدد پاڻ جي تحت روزگار جا موقعا پيدا ڪيا آهن انھن کان اهو روزگار ڦرڻ مذمت جوڳو عمل آهي. ظاهر آهي تہ جيڪي ٿورا گهڻا سياح انھن علائقن جو رخ ڪندا بہ آهن تہ پوءِ اهي بہ ڀڄي ويندا ۽ ٻين پرامن ملڪن جو رخ ڪندا.

مونٽينيگرو ۾ هڪ ڏينھن

آءُ هاسٽل فلائي برڊ جي رڌڻي مان چانھہ ٺاهي اچي ٻاهر رکيل ڪرسين تي ويٺس، اڄ مون کي مونٽينيگرو گهمڻ لاءِ وڃڻو هيو. اهو ملڪ بہ فارمر يوگوسلاويا جي ٽٽڻ کان پوءِ وجود ۾ آيو هو. چانھہ پي اڃا مس بس ئي ڪيم تہ اسٽافن اچي ويو، جيڪو اڄ اسان جو سونھو هيو. مون کي صفا تيار ٿيل ڏسي خوش ٿيو تہ وڌيڪ انتظار ڪرڻو نہ پوندو. مون ڪاري رنگ جي وين ۾ ويھندي پڇو مانس تہ اڄ گهڻا سياح آهن هن گروپ ۾؟ چيائين تو کان سواءِ اڃا ڇھہ ٻيا بہ کڻڻا آهن. پوءِ اڳتي هلي هڪ هوٽل تان چار فرانس جا صفا نوجوان ڇوڪرا کنيائين ۽ وري هڪ ٻي هوٽل تان هڪ جوڙو کنيائين ۽ اسان پنھنجي منزل ڏانھن روانا ٿياسين.
آءُ جيئن تہ اڳيان ويٺو هيس تہ اسٽافن ڪمينٽري سان گڏ وگڏ مون سان ڪچھري بہ ڪندو پئي هليو. هن ڪچھري دوران ٻڌايو تہ آءُ پڙهيو تہ وڪالت آهيان پرهتي بہ سفارش کان سواءِ ماڻھو ڪنھن سٺي جاءِ تي لڳي نہ ٿو سگهي، منھنجي انگريزي سٺي هئي ۽ ڊرائيونگ لائسنس بہ هيو ان ڪري هن سياحتي اداري ۾ ڊرائيور ۽ سياحتي گائيڊ جي نوڪري جي آڇ ٿي تہ اها قبول ڪيم. هاڻي ڏاڍو خوش آهيان جو هن نوڪري ۾ آزادي وڏي آهي. چيائين تہ منھنجو پاسپورٽ تہ بوسنيا اينڊ هرزيگووينا جو آهي پر نوڪري هن ڪروشيا جي سياحتي اداري ۾ ڪندو آهيان. اهو بہ ٻڌايائين تہ منھنجي ڏاڏي مونٽينيگرو جي هئي ۽ ڏاڏو بوسنيا اينڊ هرزيگووينا جو. اسٽافن وڌيڪ ٻڌايو تہ هن سڄي بالڪن ۾ مونٽينگرو جا ماڻھو خاص ڪري اتان جون عورتون تمام گهڻيون سھڻيون آهن. پوءِ مون کلندي چيومانس تہ شايد تنھنجي ڏاڏي بہ ان ڪري اتان شادي ڪئي هئي؟ ان ڳالھہ تي سندس ٽھڪ نڪري ويو.
ڪروشيا ۽ مونٽينيگرو جي وچ تي نومين لينڊ بہ هئي جتي اسان وين مان لھي آس پاس جو ديدار ڪيو، هڪ طرف سھڻا پھاڙ تہ ٻئي پاسي سمنڊ جو نيرو پاڻي. بارڊر تي پاسپورٽ چڪاسڻ وارو ڪم بہ ڏهن منٽن ۾ لھي ويو. اسٽافن وڌيڪ ٻڌايو تہ هتي مونٽينيگرو ۾ تمام گهڻي ڪرپشن آهي، ماڻھو قانون کي گهٽ ٿا ليکن، اسان جڏهن اڃا اڳتي هلنداسين تہ ڏسجان تہ ماڻھو ڪيئن ٿا پيا روڊن تي هلن، ۽ قانون جي لتاڙ ڪن. هتي ٻين ملڪن جا ماڻھو بہ ڪرپشن جا پيسا سولائيءَ سان آڻي هتي اچي سيڙپ ڪن ٿا. مون اتي سوچيو تہ شايد پاڪستان جي ڪرپٽ ماڻھن کي اڃا هن ملڪ جو ڏس پتو ڪنھن ناهي ٻڌايو نہ تہ هتي بہ پھتل هجن هان، پر سائين ڪھڙي خبر، متان اڳ ۾ ئي پھتل هجن.
مونٽينيگرو ۾ اندر اڳتي اچڻ کان پوءِ اسٽافن وين هڪ سمنڊ جي ڪناري تي ٺھيل ريسٽورنٽ تي اچي بيھاري. مونٽينيگرو ۾ هر پاسي پھاڙ يا خاص ڪري هن حصي ۾ رڳو پھاڙ ئي پھاڙ هئا. پھاڙن جي وچ ۾ هتي سمنڊ جو نظارو هيو، هرپاسي ننڍيون وڏيون ٻيڙيون نظر پئي آيون. اتي جڏهن هڪ ٻئي سان ٿورو ڳالھايوسين تہ خبر پئي تہ هي جيڪو جوڙو هيو اهي پاڻ ۾ گرل فرينڊ ۽ بواءِ فرينڊ هيا، ڇوڪري ميڪسيڪو شھر جي هئي ۽ ڇوڪرو وري اصل فرانس جي شھر نينٽ جو هيو پر هاڻي لي آن ۾ ٻئي گڏ پئي رهيا. ڇوڪري جو نالو رونن هيو باقي ڇوڪريءَ جو نالو خبر خدا کي. رونن ۽ ميڪسيڪو واري ڇوڪري ڏاڍا گھلي ملي وڃڻ وارا يا انگريزي ۾ جنھن کي چئجي فرينڊلي هيا. ٿوري دير ۾ اسان ڄڻ سفر ۾ هڪ ٻئي جا ساٿي ٿي وياسين. باقي ٻيا جيڪي چار فرينچ ڇوڪرا هيا اهي پنھنجو پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان مشغول هيا، شايد سندن انگريزي ڪچي هئي. رونن ۽ سندس گرل فرينڊ ٻڌايو تہ اهي سال ۾ هڪ ٻہ دفعو دنيا جي ڪنھن نہ ڪنھن ٻئي ملڪ ۾ گهمڻ لاءِ ويندا آهن.
اسٽافن واقعي صحيح ٻڌايو، مون ٿورو غور سان ڏٺو تہ ماڻھو واقعي بہ مک روڊن تي بي فڪرائي ۽ لاغرزائي سان چڙهي پئي آيا، پاڻ وٽ تہ اهو معمول آهي پر هتي يورپ ۾ مون اهو پھريون دفعو ڏٺو. جيئن جيئن اسان اڳتي وڌندا پئي وياسين تيئن تيئن علائقو تمام خوبصورت ٿيندو پئي ويو، پھاڙن جي وچ ۾ سمنڊ، سمنڊ ڪناري انتھائي لگزري گهر، گهرن جي آڏو ٻيڙيون بيٺل، مرد، عورتون توڙي ٻار سڀ گرمي جي ڪري پاڻي جي ويجهو هيا ۽ پاڻي سان لاڳاپيل رانديون بہ پئي ڪين. ان ۾ مون کي لڳو تہ هتي ماڻھو هتان جا مقامي بہ آهن تہ ٻين ملڪن جي امير ماڻھن جا جيڪي گهر ورتل آهن اهي بہ شايد گرمين جي موڪلن ۾ اتي آيل هيا.
اڳتي هلي اسان جبلن جي وچ ۽ بي آف ڪوتور جي ڪناري آباد انتھائي خوبصورت ننڍڙي شھر پراسٽ ۾ پھتاسين. ڇا تہ سھڻو شھر هيو، سبحان ﷲ. هتي بہ وڏو رنگ هيو، سمنڊ جي ڪناري سان ريسٽورنٽ، ڪيفيٽيريا، سووينيئر جا دڪان، آئسڪريم جا اسٽال، ماڻھن جون خانگي ٻيڙيون توڙي عام مسافرن ۽ سياحن لاءِ پڻ هيون. هتي اسان وٽ ڪلاڪ ڏيڍ جو وقت هيو. اسان سڀ اتان عام مسافرن واري ٻيڙي ۾ چڙهي بي آف ڪوتور جي پاڻي ۾ موجود تمام پراڻي دور ۾ هٿراڌو ٺاهيل ٻيٽ آور ليڊي آف راڪس تي پھتاسين، ٻيڙي ۾ ويھڻ کان پوءِ بہ نظارو اڃا وڌيڪ نکري نروار ٿيو. هن هٿ راڌو ٺاهيل ٻيٽ تي وڏي ۾ وڏي عمارت هڪ چرچ هيو ۽ سندس لڳو لڳ وري هڪ عجائب گهر، سووينيئر جو دڪان ۽ لائيٽ هائوس هيو. ان جي ڀرسان وري اتي هڪ ٻيو قدرتي ٻيٽ سينٽ جارج جي نالي سان پڻ هيو جتي وري عيسائين جي ڪا ٻارهين صدي کان مونسٽري يا خانقاھہ ۽ قبرستان هئو، اتي اسان وڃي نہ سگهياسين. اتي ٻيٽ تي رونن کي مون پنھنجي ڪئميرا ڏئي چيو تہ منھنجا ڪجهہ يادگار ڦوٽو ڪڍ ۽ ڪچھري دوران مون کانئن اهو بہ پڇيو تہ ميڪسيڪو ڪيئن آهي؟ اتي ٻڌو آهي تہ ڪرائم تمام گهڻو آهي. ان تي رونن ٻڌايو تہ آءُ اتي ڏھہ سال رهي آيو آهيان، مون سان انھن ڏهن سالن ۾ ڪو بہ اڻ وڻندڙ واقعو پيش نہ آيو. سندس گرل فرينڊ بہ چيو تہ آءُ بہ اتي ئي پيدا ٿي آهيان ۽ وڏي ٿي آهيان پر مون سان بہ ڪو اهڙو واقعو نہ ٿيو آهي. مون کي وڌيڪ چيائون تہ جيڪڏهن اتي ويندين تہ توکي تمام گهڻو وڻندو ۽ تمام گهڻو مزو ايندئي، بس ماڻھو ڪوشش ڪري تہ اويلي وقت تي هرو ڀرو اهڙين جائين تي نہ وڃي جتي ڪو خطرو محسوس ٿيندو هجي يا جنھن علائقي کان منع ٿيل هجي.
اسان آور ليڊي آف راڪس ٻيٽ تان واپس اچي چار سئو کان بہ گهٽ آبادي واري پراسٽ شھر کي گهمڻ شروع ڪيو، اسان وٽ اڃا اڌ ڪلاڪ کن هيو، شھر ننڍو هئڻ ڪري ان کي گهمڻ ۾ مسئلو نہ ٿيو. ڪنھن دور ۾ هي شھر ملاحن جي شھر طور پنھنجي سڃاڻپ رکندو هيو. شھر ۾ پراڻي وقت جون ٺھيل سوڙهيون گهٽيون ۽ ڳاڙهي رنگ جي ڇتين ۽ پٿر جا گهر اڃا بہ نظر ايندا. رونن ۽ سندس گرل فرينڊ کان مون پڇيو تہ اوهان پاڻ ۾ ڪٿي مليا هيا؟ رونن ٻڌايو تہ هي پاڻ ميڪسيڪو ۾ نوڪري جي سلسلي ۾ ويو هيو ۽ اتي ڏھہ سال گذارڻ کان پوءِ واپس آيو آهي ۽ پاڻ سان گڏ سندس ميڪسيڪن گرل فرينڊ کي بہ فرانس وٺي آيو آهي. مون ان مان اندازو لڳايو تہ رونن ۽ سندس گرل فرينڊ ان ڪري فرينڊلي آهن جو هي ماڻھو دنيا ڏسيو ويٺا آهن ۽ هنن کي ٻئي ڪنھن نئين ماڻھو سان ڳالھائڻ يا ڪمپني ڪرڻ ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڪا گهٻراهٽ محسوس نہ ٿي ٿئي. اها حقيقت بہ آهي تہ جيئن جيئن انسان جو دنيا ۾ ايڪسپوير وڌي ٿو تہ ان ۾ حد درجي جو اعتماد وڌي ٿو جيڪو زندگي ۾ ڏاڍو ڪم اچي ٿو ۽ زندگي آسان ۽ سولي بہ ڪري ٿو.
منھنجو ۽ پياري دوست ممتاز چاچڙ جو اهو خيال آهي تہ ڪتاب پڙهڻ ۽ سفر ڪرڻ سان انسان جو اعتماد وڌي ٿو، سفر ڪرڻ جا موقعا جيڪڏهن ناهن تہ ماڻھو ڪتاب پڙهي پنھنجي اعتماد ۾ واڌارو ڪري سگهي ٿو. انھن کان علاوھہ ٻيا بہ ڪي طريقا ٿي سگهن ٿا. منھنجي خيال ۾ والدين کي گهرجي تہ پنھنجن ٻارن نياڻين توڙي پٽن جو هن دنيا ۾ اعتماد وڌائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪن ۽ انھن کي وس آهر اهي موقعا پيدا ڪري ڏين جن سان انھن جي اعتماد ۾ واڌارو اچي.
اسان هاڻي پنھنجي سفر جي آخري منزل يعني رومنس جي هٿان ڏهين صدي ۾ آباد ٿيندڙ شھر ڪوتور جو رخ ڪيو. ڪوتور شھر ايڊرياٽڪ سمنڊ جي بي آف ڪوتور يا گلف آف ڪوتور جي هڪ ڪناري سان آباد آهي. لونلي پلانيٽ هن شھر کي ڪجهہ سال پھريان گهمڻ لاءِ دنيا جو پھريون نمبر شھر قرار ڏنو هئو. مون جڏهن نقشي تي غور سان ڏٺو تہ خبر پئي تہ اصل ۾ اسان بي آف ڪوتور يا گلف آف ڪوتور جي چوڌاري پئي ڦِرياسين. جڏهن ڪوتور ۾ داخل ٿياسين تہ تمام گهڻا سياح منھن ۾ پيا. شھر کي ساڍا چار ڪلو ميٽرن جي ڀت پڻ آهي، جيڪا پراڻي زماني ۾ شھر جي بچاءِ لاءِ اڏي وئي هئي. اسٽافن اسان کي هتي ٽن ڪلاڪن جو وقت ڏنو، جنھن ۾ شھر کي بہ گهمڻو هيو ۽ منجهند جي ماني بہ کائڻي هئي. آءُ اڪليو ئي اڪيلو اڳتي وڌندو ويس. پراڻي شھر ۾ داخل ٿيس تہ ٻاهرين ملڪن جا سياح ڪولين وانگر نظر آيا جيڪي هيڏي هوڏي گهمي رهيا هئا. هتي بہ ريسٽورنٽ، ڪيفيٽيريا، سووينيئر جا دڪان، مون کي دبرونوڪ، مالٽا ۽ هتي ڪوتور جو پراڻو شھر سڀ تقريبن هڪ جھڙا لڳا.
هن شھر ۾ سياحن جي اچڻ ۾ سن 2000ع کان واڌ شروع ٿي آهي جيڪا لڳاتار وڌندي ئي رهي ٿي. سياحن کي هڪ تہ اتي موجود قدرتي نظارا ۽ ٻيو شھر جو پراڻو حصو پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿو. شھر جو اهو پراڻو حصو لڳ ڀڳ ٻہ هزار سال پراڻو آهي ۽ هڪ اهم بندرگاھہ جي حيثيت پڻ هن ئي شھر کي ملندي رهي آهي. هن وقت هن شھر ۾ روڊ جي رستي تہ سياح اچن ئي ٿا پر گهڻا وري وڏن وڏن پاڻي جي سياحتي جھازن ۾ اچي لنگر انداز ٿين ٿا. شھر ۾ هتي بہ سياحن توڙي مقامي ماڻھن جو ساڳيو مشغلو هيو يعني پاڻي سان لاڳاپيل رانديون، سمنڊ ۾ ترڻ ۽ پوءِ اس ۾ اچي بت سيڪڻ. تمام گهڻيون خانگي ماڊرن ٻيڙيون ڪنارن سان لڳل هيون. آءُ شھر گهمندو گهمندو تمام گهڻو اڳتي نڪري ويس، پر هر پاسي کان نظارو الڳ ۽ نرالو هيو. اڄ مون سوچيو تہ ماني ڪنھن اهڙي جاءِ تي کائڻي آهي جتي سياح گهٽ هجن. پوءِ اتي هڪ ننڍو ريسٽورنٽ هٿ ڪري اندر اچي ويٺس. ماني تمام سستي هئي ۽ وري تمام لذيذ پڻ. مک همراھہ جيڪو اتي ماني ٺاهي پيو شايد مالڪ هيو پر اتي ٻيا بہ ڪافي ملازم هيس جيڪي پڻ ڪم ڪار ۾ رڌل هيا. مالڪ تمام گهڻو خوش مزاج هيو. اتي ڪجهہ فلپائين جا سياح اندر آيا، پوءِ انھن سان ڏاڍي مشڪري پئي ڪيائين. آءُ اڃا اتي ماني کاڌي ئي پئي تہ ڏٺم تہ رونن ۽ سندس گرل فرينڊ بہ ساڳئي ريسٽورنٽ مان ماني کائي ٻاهر پئي نڪتا.
پراڻي شھر مان مٿي پھاڙي تي وڃڻ جو ٽريڪ بہ هيو جتان هن ڪوتور شھر جو فضائي نظارو ٿي پئي سگهيو، پر وقت جي گهٽتائي جي ڪري آءُ ان ٽريڪ تي نہ وڃي سگهيس. مون کي هتي بہ محسوس ٿيو تہ هتي بہ رڳو ڪجهہ ڪلاڪن لاءِ اچڻ هن خوبصورت علائقي سان بي واجبي آهي. دل چيو تہ ايترو وقت هجي جو بي آف ڪوتور جي چوڌاري سڀ شھر سانھہ ستيءَ سان گهمي ڏسجن. واپسي تي رونن چيو تہ جيڪڏهن تنھنجو فرانس ۾ لي آن اچڻ ٿئي تہ مون سان ضرور رابطو ڪجان ۽ مون بہ کيس ائين ئي اسٽاڪھولم جي لاءِ چيو. بارڊر تي واپسي ۾ ڪجهہ رش هئڻ ڪري اسان کي اتي اڌ منو ڪلاڪ کن لڳي ويو.

دبئيءَ جو سير

جنوري 2020ع ۾ موري کان اسٽاڪھولم واپس وڃڻو هو. هن دفعي پنھنجي پياري ۽ ننڍي هوندي جي دوست محمد معروف چانڊئي سان دبئي ۾ ڪجهہ ڏينھن گڏجي گهمڻ ڦرڻ ۽ ملڻ جو پروگرام رٿيل هئو. دبئي سان منھنجي پھرين سڃاڻپ ننڍي هوندي ئي بابا جي دوست سائين محمد رمضان ميمڻ جي معرفت ٿيل هئي، جيڪو ان وقت دبئي ۾ اصيل صافي ڪمپني ۾ نوڪري ڪندو هو. اسان جڏهن ننڍا هوندا هئاسين تہ هو جڏهن بہ موڪلن ۾ ڳوٺ موري ايندو هو تہ بابا ان جي دعوت ڪندو هو ۽ ان دعوت ۾ چاچا هادي بخش ميمڻ ۽ چاچا علي اڪبر ميمڻ ۽ ٻيا بہ ڪجهہ بابا جا دوست شريڪ ٿيندا هئا. اسان کي ان وقت دبئي لاءِ وڏو تجسس هوندو هو ۽ ان ڪچي عمر ۾ جيڪي بہ ڪچا ڦڪا سوال ذهن ۾ ايندا هئا اهي سائين محمد رمضان ميمڻ کان پڇندا هئاسين. ان ڪچھري ۾ هڪ بلوچ صاحب جو ذڪر بہ ايندو هو جيڪا بعد ۾ خبر پئي تہ اهو سائين امداد بھراڻي بلوچ صاحب آهي.
ڪراچي ۾ پياري ۽ محترم دوست ٽي وي ۽ پرنٽ ميڊيا جي ناليواري صحافي ۽ رپورٽر ڀائو منصور مغيري ۽ منھنجي وڏي ڀاءُ محمد فاروق جي ڪلاسي ۽ اسان جي گڏيل دوست ناصر مورائي جن سان رات جي ماني تي ملاقات ڪرڻ کان پوءِ، ادا منصور مون کي جناح ٽرمينل ڪراچي تي ڊراپ ڪيو. جتان آءُ فلائي دبني جي جھاز ۾ چڙهي اچي دبئي پھتس. تمام گهڻو مينھن وسيل هو ۽ جھاز بہ ان ڪري ڪافي ليٽ پي ٿيا. بھرحال اميگريشن جي ڪائونٽر تي آيس جتي عرب سڳوري پاسپورٽ تي ٺپو هنيو ۽ ان سان گڏو گڏ سم ڪارڊ ۽ سياحتي ڪتابچا ڏيندي چيائين ويلڪم ٽو دبئي عبدﷲ. مون کيس مھرباني چئي ۽ پڇيو مانس تہ هون تہ آءُ ٽن ڏينھن کان پوءِ هليو ويندس پر ٿورو تجسس ۾ آهيان تہ هتي قانوني طريقي سان گهڻو وقت رهي سگهان ٿو، مشڪي چيائين تہ نوي ڏينھن. دبئي جي هوائي اڏي کان ٻاهر آيس تہ صبح جا يا کڻي چئجي تہ اڌ رات جا شايد ٻہ اڍائي ٿيا هئا ۽ هلڪي هلڪي ڦڙ ڦڙ هلي رهي هئي. ٽيڪسي ڪري ڊيرا دبئي جي علائقي ۾ هوٽل آئيبيس الرگا اسٽريٽ تي اچي چيڪ ان ڪيم.
هوٽل جي رسيپشن وارن مون کي صبح جو ناشتي جو وقت ۽ جڳھہ ٻڌائي ۽ هوٽل جي ڪمري جي ڪي هولڊر تي لکيل وائي فائي جو پڻ ٻڌايائون. هوٽل جو ڪمرو مون کي شايد نائين يا ڏهين فلور تي مليو هو. هئي تہ جنوري پر هلڪي ايئر ڪنڊيشن هلائڻي پئي. ڪمري ۾ پاڻي جون بوتلون، چانھہ، ڪافي ۽ کير جو بندوبست موجود هيو. ٿڪاوٽ جي ڪري جلد اکيون ڳريون ٿيڻ لڳيون سو بھتري ان ۾ ئي سمجهيم تہ بستري ۾ سمھي پئجي تہ ڀلو جيئن صبح جو ماڻھو وري تازو توانو هجي. اتي پياري معروف سان بہ ڳالھہ ٻولھہ ٿي ۽ کيس خير خيريت سان هوٽل تي پھچي وڃڻ جو ٻڌايم ۽ معروف جي آفيس جي ڪري اسان ٻنھي شام جو سندس آفيس کان پوءِ ملڻ جو پروگرام رٿيو.
ٻئي ڏينھن ناشتي واري ايريا ۾ ويس تہ اتي هر نسل جا ماڻھو پئي نظر آيا، ناشتو بہ ساڳيو جيئن تقريبن هر هنڌ هوٽلن ۾ هوندو آهي، ناشتي مان فارغ ٿي رسيپشن تي اچي اتي موجود هڪ ٻن سياحتي ڪمپنين جي نمائندن سان انھن جي سياحتي ماڳن ۽ قيمت بابت حال احوال ڪيم ۽ ڪجهہ سياحتي ڪتابچا پڻ کنيم. ڪمري ڏانھن ئي ويس پي تہ معروف جو فون آيو، جنھن سندس اچڻ کان پھريان اتي آس پاس ڪجهہ شين گهمڻ ۽ ڏسڻ جي صلاح ڏني، جن کي مون نوٽ ڪري ڇڏيو. ڪمري تان تيار ٿي پنھنجي رڪ سيڪ ۾ ضرورت واريون شيون، ڪيميرا، پاڻي وغيرہ کڻي اچي الرگا روڊ تي هڪ سيلاني سياح وانگر پنڌ هلڻ شروع ڪيم. آس پاس جو جائزو وٺندو اڳتي وڌندو رهيس. روڊ صاف سٿرا هئا. پر اتي هڪ عجيب ڳالھہ منھنجي مشاهدي ۾ آئي تہ اتي هر ٿوري گهڻي پنڌ کان پوءِ مختلف وزيٽنگ ڪارڊ پٽ تي اڇليل هئا، جن تي مساج جي سروس ۽ سندن رابطي جا نمبر لکيل هئا. پوءِ جنھن کي کٽي کڻي.
بھرحال معروف جي صلاح مطابق اتي موجود الغرير مرڪز جيڪو هڪ وڏو شاپنگ مال هو گهمڻ ويس، ٿورو هيڏانھن هوڏانھن اتي چڪر ڏئي اچي هڪ دفعو وري الرگا روڊ تي پھتس ۽ جتان وري شارع عمر بن الخطاب تي پھتس. هن روڊ تي جڏهن هلڻ شروع ڪيم تہ مون کي مراڪش جي هوٽل ياد آئي، اها هوٽل بہ عمر بن الخطاب روڊ تي هئي. وڏيون ۽ جديد قسم جون عمارتون، گاڏيون ۽ ان سان گڏوگڏ کجيءَ جا وڻ هر پاسي نظر پئي آيا. اتي ڪجهہ پاڪستاني بہ نظر آيا جيڪي پاڪستاني انداز ۾ ڪانچ قميص پھري سائيڪلن تي چڙهي ڪاڏي وڃي رهيا هئا. هڪ ٻہ چوراها پار ڪري روڊ جي آخر ۾ پھتس تہ دل مان واقعي نڪري ويو واھہ سائين واھہ زبردست، منھنجي سامھون دبئي ڪريڪ هئي جنھن ۾ ننڍيون وڏيون ٻيڙيون هلي رهيون هيون، اتي هڪ دم مون کي اٽلي جو شھر وينس ياد آيو. پر هتي دبئي ڪريڪ جي آس پاس تمام گهڻيون ڊگهيون عمارتون هيون جيڪي وينس ۾ ناهن.
بني ياس نالي ٻيڙين جي اسٽاپ تي اچي ٽڪيٽ گهر واري کان معلومات ورتي تہ دبئي ڪريڪ جي پرئين پار يعني بر دبئي وڃڻ لاءِ ٻيڙي ڪيڏي مھل ايندي ۽ ان جو ڪرايو ڪيترو آهي؟ ڪرايو شايد ڪو هڪ يا ٻہ درهم هئو ۽ ٻيڙي پندرنھن ويھن منٽن ۾ اچي وئي، هلائڻ وارو بہ شايد ڪو پاڪستاني يا انڊيا جو هئو. دبئي ڪريڪ جو پاڻي انتھائي صاف سٿرو هو. بقول معروف جي تہ هي دبئي ڪريڪ پھريان هڪ پاسي بند هوندي هئي، پوءِ ان کي ٻئي پاسي بہ کوٽائي ڪري سمنڊ سان ملايو ويو آهي، جنھن جي ڪري هاڻي بر دبئي هڪ ٻيٽ جي صورت اختيار ڪري ويو آهي.
مون ٻيڙيءَ ۾ ويٺي ويٺي دبئي جي ٻنھي پاسن يعني بر ۽ ڊيرا دبئي جا نظارا ڪيا ۽ انھن نظارن کي ڪيميرا جي اک سان محفوظ بہ ڪندو رهيس. ڊيرا دبئي جا جاڙا يعني ٽوئن ٽاورز پڻ هتان واضع نظر اچي رهيا ها. انتھائي دلفريب، جديد ۽ سھڻيون عمارتون هر طرف نظر پي آيون، آسمان ۾ ڇڙ وڇڙ ڪڪرن جو هجڻ، وري انھن ڪڪرن جي وچان نيرو آسمان ۽ دبئي ڪريڪ جي مٿان اڏامندڙ پکي لڳي پيو تہ سڀ جا سڀ ٻيڙي جي مسافرن ڏانھن ليئا پائي رهيا هئا. ٻيڙي تقريبن پنجن منٽن ۾ اسان کي ڊيرا کان بر دبئي جي السيف ميرين ٻيڙين جي اسٽاپ تي پڄائي ڇڏيو. جتان کان پوءِ مون وري هلڻ شروع ڪيو.
هن السيف جي علائقي ۾ عمارتون تہ نيون آهن پر پراڻي دور جي طرز جون ٺھيل آهن، دبئي اولڊ سٽي يا السيف هيريٽيج سوق انتھائي دلچسپ ۽ سھڻو علائقو آهي، جيڪو سياحن کي پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿو. هتي ڪافي تعداد ۾ دڪان، ڪيفيٽيريا، ريسٽورنٽس، تحفن، سووينيئرس ۽ ڪپڙي لٽي جا دڪان نظر ايندا. هتي دڪان اهڙي طرز سان ٺاهيا ويا آهن تہ جيئن سياحن کي دبئي جي پراڻي دور جي رهڻي ڪھڻي جي ڄاڻ ملي سگهي. هتي مون ڏٺو تہ گاري جي لمبائي سان ٺھيل گهر جن ۾ ڪاٺ جا بنڊ استعمال ٿيل هئا، ڪاٺ جي درين ۾ لوهي شيخون، ڪاٺ جي پڃرن يا لڪڙن ۾ ڇپر ڦاسايل، لوھہ جي ڪڙي سان ڪاٺ جي تاڪن جا در جيڪي مختلف حصن ۾ هوندا آهن، پاڻي جي ننڍي نادي جيڪا ڪاٺ جي چئن پاون يا گهڙا منجي قسم جي شئي ۾ ڦاسايل هجي، هڪ ننڍو بلب جيڪو محدود قسم جي روشني ڏيندو هجي، کجين جا وڻ، گاسليٽ واري بتي، تيل يا گاسليٽ جا ڊرم، گهرن جي مٿان ڪوٺن تان ڀتين ۾ ڄاريون، ڪٿي ڪٿي وري ڀتين تان گارو لٿل، جنھن مان سرون نظر اينديون هجن، گهرن جي ٻاهران سائيڪلون بيٺل، گهرن جي ورانڊن جي دروازن ۾ گول پلر ۽ انھن جي مٿان وري گول ونگن جي ڊزائن، ڪٿي ڪٿي عرب پنھنجي روايتي ڪپڙن ۾ اٺ سان بيٺل نظر اچي ٿو تہ ڪٿي وري عربن جو ننڍو خاندان ڏيکاريل آهي. هتي بہ سياحن جي ڪافي رونق لڳل هئي. هن علائقي ۾ مون کي گهمندي ڏاڍو مزو آيو. هتي مون کي لڳو تہ ڄڻ هي ڪو سنڌ جو علائقو هجي، ڇاڪاڻ تہ پاڻ وٽ اڃا بہ اهي مٿي ذڪر ڪيل شيون استعمال هيٺ آهن ۽ اهڙي قسم جو ماحول اڃا بہ آهي.
مون ڪافي وقت هن علائقي ۾ گذاري يادون اندر ۾ سانڍيون ۽ اڳتي هلي اچي الفهيدي ميرين ٻيڙين جي اڏي تان هڪ دفعو وري ڊيرا واپس وڃڻ لاءِ ٻيڙي ۾ چڙهيس، جنھن پنجن منٽن ۾ السبخة ميرين ٻيڙين جي اڏي تي اچي لاٿو. اڃا وقت ڪافي هو سو السبخة ميرين ٻيڙين جي اڏي کان آءُ واپس هوٽل وڃڻ کان بھتر سمجهو تہ اڃا اڳتي وڃان ۽ هلندو هلندو اچي ڊيرا اولڊ ميرين سوق ٻيڙين جي اڏي تائين پھتس جتي آءُ هڪ سحر ۾ طاري ٿي ويس. هتي پراڻي وقت جا ڪاٺ مان ٺھيل مال بردار ٻيڙا بيٺل هئا، ڪن ۾ شايد مختلف قسم جو مال چاڙهيو پي ويو ۽ ڪن مان وري لاٿو پي ويو. ڪن ٻيڙن تي ڪن نماز پي پڙهي تہ ڪن وري ڪا راند پي ڪئي، ڪي وري شايد ڪچھري ۾ مشغول هئا تہ ڪي وري موبائل ۾ منھن وجهيو ويٺا هئا، ڪن وري ماني پچائڻ جي تياري پئي ڪئي. هڪ ٻيڙي جي بلڪل مٿانھين حصي تي عقيدت منجهان الهم صل على محمد وآل محمد لکيل هو. معروف ٻڌايو هو تہ هونءَ تہ دبئي ڀلي ڪيڏي بہ ترقي ڪري وڃي پر پنھنجي اها پراڻي سڃاڻپ اڃا تائين برقرار رکيو اچن، اتي خبر پئي تہ اهو پراڻو پورٽ گهڻي قدر ايران سان پراڻن وقتن کان ڪاروباري سرگرمين لاءِ استعمال ٿيندو اچي. مون کي اتي دل ۾ هڪ خواهش پيدا ٿي تہ ڪاش آءُ ڪڏهن اهڙي قسم جي ٻيڙي ۾ سفر ڪيان ۽ انھن جي زندگين جي باري ۾ ٿوري تحقيق ڪري ڪجهہ لکان. مون کي اتي مائيڪل پيلن جو پروگرام ارائونڊ دي ورلڊ ان ايٽي ڊيز پڻ ياد آيو، جيڪو بي بي سي ٽي وي تي گهڻو وقت اڳ هليو هو، جنھن ۾ مائيڪل اهڙي قسم جي ٻيڙن ۾ پڻ سفر ڪيو هو.
اتان کان اڃا بہ اڳتي هلندو هلندو هيڏانھن هوڏانھن گهمندو رهيس، جتي هڪ پراڻي بازار نظر آئي، جتي گهڻي قدر مصالحن ۽ جڙي ٻوٽين جا دڪان هئا پر ان سان گڏوگڏ ٻيا بہ ڪافي دڪان ان بازار ۾ موجود هئا، هن کي پراڻي بازار يا دبئي اسپائس مارڪيٽ پڻ چون. اتي آس پاس ٻيا بہ مارڪيٽ ۽ دڪان هئا جن ۾ سون ۽ هيرن جي زيورن جا دڪان، مرشد بازار جنھن ۾ ڪپڙي جي وري هڪ گهٽي نظر آئي، جيڪا ڪافي مصروف پئي لڳي. اتي ٻيون بہ ڪافي ڪاروباري ادارن جون آفيسون نظر آيون. هن علائقي ۾ بہ گهمي تمام گهڻو مزو آيو. هتان کان پوءِ مون هوٽل واپسي جو ارادو ڪيو ۽ هڪ دفعو وري پنڌ ئي پنڌ گهمندو ڦرندو پيٽ پوڄا ڪندو اچي هوٽل ڀيڙو ٿيس، جتي مون شام جي چانھہ ٺاهي پيتي ۽ ٿورو اهليس تہ جيئن وري ٿوري توانائي ملي تہ جيئن وري معروف سان گڏجي رات ڌاري ڪجهہ ٻيون شيون گهمي ڏسان.
معروف تقريبن سج لٿي ڌاري سڌو آفيس کان آفيس جي ڪپڙن سوٽ، ٻوٽ ۽ ڪوٽ ۾ ئي هوٽل آيو، هڪ ٻئي کي پري کان ئي ڏسي ۽ ملندي منھن تي سڪ، مشڪ ۽ خوشي جي لھر ٻنھي محسوس ڪئي. پھريان تہ اتي هوٽل جي لابي ۾ ويھي ڪجهہ تڪڙي تڪڙي ڪچھري ڪئيسين، پوءِ وري رٿيوسين تہ پھريان هلي پيٽ پوڄا ڪجي ۽ وري پوءِ دبئي جي ٿوري نائيٽ لائيف ڏسجي. هوٽل جي ڀرسان ئي ڪي ايف سي تي رات جي ماني کائي، پوءِ اسان معروف جي گاڏي ۾ هيڏانھن هوڏانھن جا چڪر ڏيندي ڊيرا دبئي ڪلاڪ ٽاور کان ٿيندا پل پار ڪري بر دبئي واري علائقي ۾ داخل ٿي وياسين. ٿوري دير هلڻ کان پوءِ اسان شيخ زيد روڊ تي هئاسين ۽ اسان جي کاٻي پاسي ميوزم آف فيوچر عجائب گهر جي انتھائي سھڻي بيضوي شڪل جي عمارت هئي، ان ۾ گڏيل عرب عمارتن جي سربراھہ شيخ محمد بن راشد المڪتوم جا عربي خطاطيءَ ۾ مستقبل بابت چيل جملا اڪريل آهن. هتي بہ تمام ڊگهيون عمارتون هيون ۽ هتان برج خليفا پڻ نظراچي رهيو هو. اسان اڃا اڳتي وڌندا وياسين ۽ جميرا واري علائقي ڏانھن سمنڊ واري پاسي هلندا هلندا اچي برج العرب پھتاسين، جنھن کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ رنگ برنگي روشنين جو سٺو بندوبست ٿيل هو.
اسان جي اڳلي منزل وري مدينة جميرا هئي، هي عربي طريقي جو خوبصورت ۽ گڏيل عرب عمارتن جو وڏي ۾ وڏو ريزارٽ يا سير گاھہ آهي، جيڪو چاليھہ هيڪٽرس تي مشتمل آهي ۽ عربن جي ڪنھن پراڻي شھر جي مشابھت سان اڏيل آهي. هتي ڪئين ريسٽورنٽس، ڪجهہ هوٽلون، ڪاٽيجز ۽ شاپنگ مال وغيرہ موجود آهن. مون کي جنھن ڳالھہ هتي وڌيڪ متاثر ڪيو اهو هو اتان جو شاپنگ مال جنھن ۾ عرب پراڻي طريقي جا دڪان نئين انداز ۾ ٺھيل آهن ۽ انھن ۾ وري پراڻين شين يعني اينٽيڪ قسم جي شين جا دڪان وري پاڻ ڏانھن سياحن کي متوجھہ ڪن ٿا. هتي ٻي جيڪا ڳالھہ مون کي تمام گهڻي وڻي اهو هو اتان جو پاڻيءَ جو ڪئنال جيڪو هن مدينة جميرا کي چوڌاري گهيري ويٺو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي وري اهو وچان پڻ وهي ٿو ۽ ننڍين ننڍين پلين سان ڳنڍيل آهي. هتي وينس وانگر ٻيڙيون پڻ هلن ٿيون. اسان هتي سٺو وقت گذاريو، هتي بہ ماڻھو پنھنجي زندگي جا ڀرپور پھر گذاري رهيا ها، ڪي کائڻ ۾ تہ ڪي وري پيئڻ ۾ تہ ڪي ڪچھري ڪندي وڏن وڏن ٽھڪن ۾ مشغول هئا. هتان برج العرب بہ تمام ويجهو هو ۽ اسان کي ڪافي ويجهڙائيءَ کان تصويرون ڪڍڻ جو موقعو ملي ويو.
واپسي تي اسان جميرا بيچ تي چانھہ جي چسڪي جو مزو وٺڻ لاءِ وياسين، فلي چانھہ لڳ ڀڳ ديسي طريقي جي ئي هئي، جيڪا اتي موجود ننڍي ڪيفيٽيريا تان مليو وڃي، اتي سمنڊ جي ڪناري تي ڪچھري بہ ڪندا رهياسين ۽ موسم ۽ آس پاس جي ماحول جو مزو پڻ وٺندا رهياسين، آس پاس ماڻھن ديسي ٻوليون پئي ڳالھايون. واپسي تي وري ٻي چانھہ جو مزو اسان وري هوٽل جي ڪمري تي ورتو ۽ ننڍي هوندي ۽ اسڪول جي ڏينھن کي ياد ڪندا رهياسين ۽ وڏا وڏا ٽھڪ پڻ ڏيندا رهياسين. اها ڪچھري تقريبن رات جو ٻين اڍائين بجي تائين هلي.
ٻئي ڏينھن صبح جو اٿيس تہ نارويجيئن ايئر لائنز وارن جو ميسيج آيل هو تہ اوهان جو جھاز سڀاڻي دبئي کان اسٽاڪھولم لاءِ روٽ مٽائڻ جي ڪري مقرر وقت کان وڌيڪ وقت لڳائيندو ۽ هاڻي دبئي کان پوءِ سائپرس جي شھر پافوس ۾ تيل ڀرائڻ لاءِ تقريبن هڪ ڪلاڪ بيھندو. پوءِ ڳالھہ سمجهہ ۾ آئي تہ انھن ڏينھن ۾ ايران يوڪرين جو جھاز غلطي ۾ ڪيرايو هو، جنھن جي ڪري ايران جي مٿان جيڪا ايئر ٽريفڪ گذرندي هئي، انھن پنھنجا روٽ مٽائي ڇڏيا هئا. بھرحال صبح جو ناشتو پاڻي ڪري الرگا جي زمين اندر هلندڙ ريل يعني دبئي ميٽرو ۾ چڙهي ڊائون ٽائون دبئي، دبئي مال ۽ برج خليفہ ڏسڻ لاءِ نڪتس. ريل جا پليٽ فارم ۽ ريل اندران بہ ڏاڍي صاف سٿري هئي. ٽرين تقريبن پنجويھن ٽيھن منٽن ۾ برج خليفہ دبئي مال جي اسٽيشن تي اچي لاٿو جتان وري ڪلو ميٽر کن کان ٿورو سوايو دبئي مال تائين پنڌ هو، هلندو هلندو ۽ دبئي مال پاسي ويندڙ هدايتون ۽ نشان ڏسندو اچي پھتس.
دبئي مال انتھائي وڏو شاپنگ مال آهي، مون کي ياد نہ ٿو اچي تہ مون ڪو ايترو وڏو مال پھريان ڪٿي ڏٺو هجي. صاف سٿرو، وڻ وڻ جي ڪاٺي ۽ دنيا جھان جا ماڻھو هتي پي گهميا، آءُ نہ ٿو سمجهان تہ هتي ڪنھن برانڊ جو دڪان نہ هوندو. بھرحال منھنجي خريداري سان ڪا خاص دلچسپي ناهي، سو اتي ٿورو گهڻو چڪر ڏئي اتان اندران ئي برج پارڪ ۾ ويس جتي برج خليفہ ۽ دبئي فائونٽين آهي. هتي بہ ڀانت ڀانت جا ماڻھو گڏ ٿيل هجن، جيڪي سڀ جا سڀ فوٽو ڪڍڻ ۾ مشغول هئا. انتھائي صاف شفاف پاڻي جي ٻئي پاسي تمام ڊگهيون عمارتون ۽ انھن ۾ وري برج خليفہ جي عمارت جي اڳيان ٻيون سڀ بونيون پي لڳيون. اتي پارڪ ۾ اڃا گهميس ئي پئي تہ مون محسوس ڪيو تہ ڪافي ماڻھو هڪدم اتي گڏ ٿي ويا، پوءِ اوچتو ساز وڄڻ شروع ٿي ويا ۽ پاڻي جي وچ ۾ ڦوهاري انھن سازن جي ڌن سان نچڻ شروع ڪيو، سازن جي ڌن هيٺ مٿي ٿيڻ سان پاڻي بہ هيٺ مٿي پي ٿيو. اهڙي قسم جو ڦوهارو مون مراڪش ۾ بہ ڏٺو هو پر اهو تمام ننڍو هو. هي پارڪ بہ انتھائي ڪاريگري سان تعمير ڪيو ويو آهي، جيڪو دبئي ايندڙ سياحن کي پاڻ طرف متوجھہ ضرور ڪري ٿو. اتان واپسي تي ٿورو ڊائون ٽائون دبئي جو چڪرڏيندو، هڪ دفعو وري اچي ٽرين ۾ چڙهيس. ٽرين ۾ چڙهي ويٺس تہ منھنجي ڀر واري سيٽ تي جيڪو ڇوڪرو ويٺو هئو ان سنڌي ۾ پي ڪنھن سان ڳالھايو، ڳالھائي بس ڪيائين تہ پڇومانس تہ ڪٿان جا آهيو، هڪدم چيائين تہ موري جو، مون چيو واھہ واھہ. پاڻ موري جي ڀرسان جو سولنگي هئو، جيڪو دبئي ۾ ايئرڪنڊيشن جي سروس جو ڪاريگر هئو.
هاڻي منھنجو ارادو هو تہ دبئي ميرينا ۽ جميرا بيڄ ريزيڊنس ۽ ان جي آس پاس ڪجهہ علائقا گهمي ڏسجن. ٽرين مان صوبحا ريئلٽي ميٽرو جي اسٽيشن تي اچي لٿس جتان گهمندو ڦرندو اچي دبئي ميرينا واري علائقي ۾ پھتس ۽ وات مان پاڻ ئي واھہ واھہ نڪري ويو. دبئي ميرينا ٽن ڪلو ميٽرن تي اڏيل هٿرادو شھر آهي، جيڪو پرشين گلف جي ڪناري سان آهي، هڪ قسم جو ٻيٽ آهي، جنھن جي چوڌاري هڪ ڪينال ٺھيل آهي. انتھائي خوبصورت عمارتون، کجين جا وڻ ۽ انھن جي چوڌاري ڪئنال جو صاف شفاف پاڻي ۽ انھن ۾ بيٺل انتھائي جديد ٻيڙيون، جيڪي شايد گهڻي قدر سياحن کي گهمائڻ لاءِ بيٺل هيون، اتي ڪجهہ ڪمپنين جي ماڻھن انھن بابت بروچرز پڻ ڏنا پئي، جن ۾ پام جميرا جو چڪر لڳرائڻ جا پيسا، وڃڻ جو وقت ۽ واپسي جو وقت لکيل هو. پام جميرا سمنڊ مان حاصل ڪيل زمين ۾ کجي جي وڻ نما وڏو علائقو ٺاهيل آهي، جيڪو پڻ سياحن کي پاڻ طرف متوجھہ ڪرائي ٿو. ڪافي وقت اتي گذريو ۽ ڪافي فوٽوگرافي پڻ ٿي.
اتان وري اڳتي هلندو هلندو اچي جميرا بيچ ريزيڊنس پھتس، انتھائي سھڻو علائقو جتي جديد قسم جون رهائشي ۽ هوٽلن جون عمارتون آهن. وارياسا سمنڊ جا ڪنارا مون کي ائين لڳا ڄڻ تہ يورپ جي ڪنھن سمنڊ جو ڪنارو هجي، جتي ماڻھو پاڻيءَ ۾ تڙڳي وري اچي واري تي ليٽن ۽ اس سان بت کي سيڪين. هتي بہ جديد طرز جا ڪيفيٽيريا، ريسٽورنٽس، دستڪاريءَ جا دڪان ۽ برانڊيڊ شين سان ڀريل شاپنگ مال وغيرہ آهن. هتي ماڻھو گهڻي قدر پنڌ گهمڻ کي ترجيح ڏين پيا. يورپ جي طرز جا ننڍا ڦوهارا يا ننڍا پارڪ پڻ هئا جن ۾ ماڻھن، پکين ۽ جانورن جا مجسما پڻ ٺھيل ها. آخر ۾ ڦري سري هوٽل واپس وڃڻ لاءِ اچي ڊِي ايم سي سي جي اسٽيشن تي پھتس، جنھن اچي الرگا اسٽيشن تي چاليھارو کن منٽن ۾ پڄايو. ٿوري پيٽ پوڄا ڪري پوءِ اچي ڪمري تي چانھہ ٺاهي پيتي ۽ ٿوري چيلھہ ڊگهي ڪئي.
شام ڌاري جڏهن معروف آيو تہ وري هڪ دفعو رولاڪين لاءِ نڪري پياسين، پھريان اسان اتي ئي الرگا روڊ جي آس پاس گهمندا رهياسين ۽ پوءِ وري ڊيرا دبئي جي علائقي پورٽ سعيد جو رخ ڪيوسين جتي ڊيرا دبئي سٽي سينٽر ۾ گازيبو ريسٽورنٽ تي ديسي ماني کائڻ جو پروگرام هئو. هن شاپنگ مال ۾ اهي سڀ شيون موجود هيون جيڪي اهڙي قسم جي مالز ۾ هجن ٿيون. اتي ڪافي رش پڻ محسوس ٿي. ماني کائيندي، گورنمينٽ هائي اسڪول موري جي ڪلاسين ۽ ڪلاس ٽيچرز سائين محمد يوسف سومري ۽ سائين احمد خان لانگاھہ کي پڻ ياد ڪيوسين. اسان هڪ ڳالھہ ياد ڪري ڏاڍو کلياسين تہ اسڪول جي موڪل کان اڌ ڪلاڪ کن پھريان جڏهن شاگردن جو حساب ڪتاب ٿيندو هو تہ بڪ فيئر ڪيا آهن يا نہ، يا سبق ياد آهي يا نہ يا وري ڪي ٻيا معاملا تہ جڏهن اهو وقت ايندو هو تہ معروف نڪري ويندو هئو، سيد ظھور شاھہ جھانيان کي وري سائين احمد خان لانگاھہ سيد هئڻ جي ناتي چوندو هو تہ سائين اوهان ويھو ۽ آءُ وري ڪلاس جو مانيٽر هئڻ جي چڪر ۾ بچي ويندو هوس.
ريسٽورنٽ تي ڪم ڪندڙ هڪ ديسي کي عرض ڪيوسين تہ ٻيلي اسان جا ڪي يادگار فوٽو ڪڍ جيڪي هن انتھائي خوشيءَ سان ڪڍيا. واپسي ۾ وري ٿورو هيڏانھن هوڏانھن جا چڪر، ڪجهہ پنڌ تہ ڪٿي وري معروف جي گاڏي ۾ ڏناسين ۽ پوءِ هڪ دفعو وري اچي هوٽل جي ڪمري ۾ چانھہ جي ڪوپن تي ڪچھري ڄمائيسين جيڪا رات دير تائين جاري رهي. ٻئي ڏينھن صبح سوير ئي معروف اچي ويو ۽ دبئي جي هوائي اڏي طرف ويندي اسان هڪ دفعو وري ڊيرا دبئي ۾ فلي چانھہ جو مزو ورتو.

جمھوريت جي جنم ڀومي يونان ڏانھن اڏام

ارسطو ۽ پلاٽو / افلاطون جو ديس ۽ جمھوريت جي جنم ڀومي يونان توڙي جو يورپ جو هڪ ترقي يافتہ ملڪ آهي، پر اتي بہ عام ماڻھن جو حڪومت ۽ سياستدانن تي اعتبار گهٽ ۽ بيزاري گهڻي آهي. سڪندر اعظم جي ڌرتيءَ تي سال جا ٻہ سئو پنجاھہ ڏينھن سج پنھنجي پوري جوڀن سان نروار ۽ روشن رهي ٿو ۽ دنيا جي ٿڌن ملڪن جا ماڻھو يونان ۽ سندس ٻيٽن جو رخ ڪن ٿا.
هڪ اندازي مطابق هر سال يونان ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ سياحن جو تعداد لڳ ڀڳ ڏيڍ ۽ ٻن ڪروڙن جي وچ ۾ رهي ٿو ۽ اهو انگ هر سال وڌندو رهي ٿو. تقريبن ٻہ هزار ٻيٽن تي مشتمل هن ملڪ ۾ سياحن جي سھولت لاءِ ڪافي بين الاقوامي هوائي اڏا قائم ڪيا ويا آهن، تہ جيئن هر ڪو سياح پنھنجي منزل ڏانھن سولائيءَ سان وڃي سگهي.
هتي جي موسم گهڻي قدر خشڪ هئڻ ڪري، مقامي ماڻھن سان گڏوگڏ سياحن جي لاءِ پاڻي جو جوڳو بندوبست ڪرڻ لاءِ حڪومتي پاليسين جو اڀياس ڪرڻ لاءِ سئيڊن جي مختلف يونيورسٽين جا مون سميت تقريبن ويھارو کن شاگرد يونان ۾ پاڻيءَ جي مختلف مسئلن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ جڏهن يونان جي شھر ايٿنس پھتا تہ موسم ڊسمبر جي مھيني هوندي بہ ٿوري گرم محسوس ٿي ۽ جنھن وقت اسان اسٽاڪھولم ڇڏيو هو تہ اتي سخت سيءُ ۽ برف هئي. ايٿنس ۾ محسوس ٿيو تہ هتي آبادي گهڻي آهي ۽ ماڻھو ڄڻ تہ آرام ڪن ئي ڪو نہ. هر پاسي ماڻھن جي اچ وڃ، پيھہ پيھان ۽ ڀڄ ڀڄان هئي. ڪي ماڻھو بسن جي پويان تہ ڪي وري زمين اندر هلندڙ ريل گاڏي جي پويان ڀڄي رهيا هئا. ڪي وري بي فڪرا ٿيو کائڻ پيئڻ ۽ کلڻ ۾ مشغول هئا.
ايٿنس ۾ ڪجهہ شاگردن کي ناروي جي سفارتخاني ۾ رهڻو هئو ۽ ڪن کي وري ان جي ڀرسان هڪ هوٽل ۾، ڇاڪاڻ تہ ٻئي ڏينھن صبح جو پھرين اسان کي ناروي جي سفارتخاني ۾ پاڻي جي ماهرن طرفان هڪ پريزنٽيشن ۾ شريڪ ٿيڻو هو ۽ ان کان پوءِ پنھنجي تحقيق لاءِ نڪرڻو هو. ٻئي ڏينھن هوٽل تان ناشتو پاڻي ڪري ناروي جي سفاتخاني ۾ پاڻي متعلق پريزنٽيشن ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ نڪري پياسين.
اسان جي پاڻيءَ متعلق تحقيق ايٿنس ۽ نفپلين شھرن ۾ ٿيڻي هئي ۽ مون هتي محسوس ڪيو تہ هتي جو نوجوان طبقو انگريزي ڄاڻي پيو، ۽ جيئن تہ اسان جي تحقيق جو هڪ حصو يونان جي پاڻي جي ماهرن ۽ سرڪاري ادارن جي عملدارن سان گڏوگڏ عام ماڻھن کان بہ پاڻي جي مسئلن متعلق سوال جواب ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ هئو سو جنھن کان بہ سوال پئي ڪياسين تہ انھن صحيح طريقي سان جواب پي ڏنو. پر پھريان اسان متعلق بہ سوال پي ڪيائون تہ اسان ڪير آهيون ۽ ڇا جي ڪري هيءَ تحقيق ڪري رهيا آهيون. بھرحال اهو ڏينھن ڏاڍو دلچسپ رهيو ۽ اسان مختلف ماڻھن کان پاڻي متعلق سوال جواب منجهند تائين ڪندا رهياسين ۽ پوءِ موٽي وڃي هوٽل تي ٿورو ٿڪ ڀڳوسين. شام جو وري هاڻي شاگردن جي هر هڪ گروپ کي پنھنجي ان ڏينھن جي ڪيل تحقيق بابت پنجن ڏهن منٽن جي پريزنٽيشن ڏيڻي هئي تہ اسان ڇا ڇا ڏٺو / محسوس ڪيو ۽ ماڻھن جا پاڻي جي مسئلن بابت ڪھڙا رايا آهن ۽ عام ماڻھن ۽ عملدارن جي بيانن ۾ ڪھڙو فرق آهي، وغيرہ.
جيئن تہ شاگرد مختلف ملڪن جا هئا ۽ سڀني کي مختلف گروپن ۾ ورهايو ويو هئو، هڪ گروپ ۾ وري يو ايس اي جو شاگرد آدم بہ هئو جنھن پنھنجي پريزنٽيشن ۾ انڪشاف ڪيو تہ هو جيئن ئي ڪنھن کي بيھاري يا ڪنھن دڪان ۾ گهڙي وڃي ڪنھن کان پڇي ٿو تہ هو ان کان پڇن ٿا ٿه تون ڪٿان جو آهين ۽ هو جڏهن کين ٻڌائي ٿو تہ يو ايس اي تہ هو لنوائي ٿا وڃن. اسان جي پروفيسرن مان هڪ کيس صلاح ڏني تہ توکي يو ايس اي ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي، رڳو ايترو ٻڌاءِ تہ تون سئيڊن ۾ ايم ايس سي ڪري رهيو آهين. ٻئي ڏينھن کان پوءِ آدم خوش نظر آيو. سڀني کان وڌيڪ انٽرويوز ۾ سئيڊن جي ڇوڪرين کي توجھہ ملي رهي هئي ۽ ملي بہ ڇونہ هڪ تہ سھڻيون، ٻيو قد وڏا.
ايٿنس جي تقريبن هر گهر ۾ موسمين جا ٻوٽا لڳل نظر اچن ٿا ۽ ايڏيون تہ انھن ۾ نارنگيون يا موسميون هجن ٿيون جو ماڻھو پٽي پٽي ٿڪجي پئي، پر اهي نہ کٽن، پر جو وات ۾ کڻي وجهجن تہ اندر سڙيو وڃي، کٽيون ٽڙھہ. پوءِ خبر پئي تہ اهي رڳو مربو وغيرہ ٺاهڻ جي ڪم اينديون آهن. هتي گلن ۽ ٻوٽن سان ڄڻ عشق هجين، هر گهر يا فليٽ جي دري يا بالڪونيءَ مان خوبصورت گلن جون ڪونڊيون نظر اچن، جنھن جي ڪري دل کي راحت پئي ايندي.
هونءَ تہ هن شھر ۾ عام رواجي آمد رفت جو بھترين نظام پبلڪ ٽرانسپورٽ جي صورت ۾ موجود آهي، پر تنھن هوندي بہ ماڻھو پنھنجون ذاتي گاڏيون پنھنجي سھولت لاءِ رکن. حڪومت طرفان ٽريفڪ جي نظام کي قابو ۾ رکڻ لاءِ ايٿنس ۾ هڪ ڏينھن تي رڳو اڪي نمبر پليٽ واري گاڏي روڊ تي اچي سگهي ٿي تہ وري ٻئي ڏينھن رڳو ٻڌي نمبر پليٽ واري گاڏي، پر ماڻھن وري پنھنجي سھولت لاءِ اڪي ۽ ٻڌي نمبر پليٽ واريون مختلف گاڏيون پاڻ وٽ رکيون آهن.
يورپ جي هن پراڻي ۾ پراڻي شھر ايٿنس ۾ بہ ڪي اهڙا علائقا آهن جن ۾ اوائلي ويل وڃڻ خاص ڪري سياحن لاءِ نقصان ڪار ٿي سگهي ٿو، اتي بہ ڦورو يا بشني موقعي جو فائدو وٺي سگهن ٿا. منھنجي هڪ دوست جوئانا سندس ملڪ بابت ڪجهہ دلچسپ ڳالھيون ٻڌايون هيون تہ يونان ۾ طلاق جو تناسب يورپ جي ٻين ملڪن کان گهٽ آهي پر يونان ۾ ٻار ڪيرائڻ جو تناسب وري يورپ ۾ سڀني کان وڌيڪ آهي. يونان جا نوجوان پڻ يورپ ۽ دنيا جي ٻين مختلف ملڪن جو رخ ڪري رهيا آهن. ڪجهہ تہ نواڻ جي چڪر ۾ تہ ڪن جو وري خيال آ تہ ملڪ ۾ بي روزگاري وڌي رهي آهي، ان ڪري سٺي کان سٺي جي ڳولا ۾ آهيون. اڄ ڪلھہ اتر يورپ جي ملڪن ڊينمارڪ، ناروي، سئيڊن ۽ فنلينڊ ۾ ڪافي ماڻھو اچي رهيا آهن. يونان ۾ ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ تمام ضروري آهي، جيڪڏهن ڪير نہ ڪندو تہ ان جو اتي ڏنڊ ۽ سزا مقرر آهي. يونان ۾ گڏيل خانداني نظام مطابق اڄ بہ ماڻھو رهن ٿا، اولڊ هوم ۾ پنھنجي پوڙهن کي رهائڻ جو اڃا رواج عام ناهي.
ايٿنس ۾ وقت گهٽ ۽ مقابلو سخت هئو، هڪ پاسي پڙهائي لاءِ روز ڪا نہ ڪا تحقيق ۽ ان سان گڏوگڏ سياحت، وقت جي گهٽتائي هوندي بہ وس آهر ڪجهہ مشھور جايون جن ۾ شھر جي بلڪل مٿان پھاڙي تي موجود تاريخي يادگار کنڊر ۽ ايٿنس جو لينڊ مارڪ ايڪرو پوليس ۽ ان ۾ موجود مختلف تاريخي يادگار پارٿي نون، اريڪٽائنن، ٽيمپل آف هيفيستس، ٽيمپل آف ايٿينا نائڪي ۽ ان کان علاوہ شھر ۾ پلاڪا جو علائقو۽ ٿيٽر آف ڊائنيوسس گهمي ڏٺيون. ايٿنس ۾ آخري رات اسان ڪافي شاگرد گڏجي سيري جي علائقي ۾ رات جي ماني کائڻ وياسين، تمام گهڻو ڳتيل علائقو هو ۽ رونق تمام گهڻي هئي. اتي مون محسوس ڪيو تہ هتي بشني روزي سٺي ڪندا هوندا، خاص ڪري جڏهن ماڻھو مدهوش ٿيندا هوندا تہ بشني هوشيار ٿيندا هوندا.
اڳئين ڏينھن اسان کي نفپلين ڏانھن نڪرڻو هو ۽ صبح جو سوير ئي اٿي تيار ٿياسين ۽ هوٽل جي ٻاهران ڪوسٽر بہ اچي چڪو هو. نفپلين ويندي ويندي اسان کي ٻہ ٽي مختلف تاريخي جايون پڻ ڏيکاريون ويون جن جو تعلق پاڻي سان هئو. نفپلين ويندي واٽ تي اسان جي پروگرام ۾ هٿراڌو ٺھيل ڪورنٿ ڪئنال کي گهمڻ جو پروگرام بہ هئو، جيڪو مون کي ڏاڍو وڻيو. هي ڇويھہ فوٽ گهرو، ستر کان اسي فوٽ ويڪرو ۽ ساڍا ڇھہ ڪلو ميٽر ڊگهو ڪئنال آئيونين سمنڊ جي ڪورنٿ نار/ گلف کي ايجين سمنڊ جي سارونڪ نار/ گلف کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو، جنھن جي نتيجي ۾ هڪ سئو پنجاسي سامونڊي ناٽيڪل ميل سفر گهٽجيو وڃي. ڪئنال کي اڃا بہ وڌيڪ جديد دور جي حساب سان ترتيب ڏنو پيو وڃي.
اسان کي نفپلين ۾ هوٽل تي چيڪ ان ڪري پوءِ ٿوري ئي پنڌ تي موجود هارورڊ يونيورسٽي جي سينٽر فارهيلينڪ اسٽڊيز ان گريس تي پھچڻو هئو جتي اسان کي هن علائقي ۽ آس پاس جي جاگرافي ۽ پاڻي جي باري ۾ هڪ پريزنٽيشن ۾ پھچڻو هئو. اسان کي نفپلين ۾ اڳلا جيڪي ڏينھن بہ رهڻو هئو اوترن ڏينھن لاءِ هن سينٽر ۾ اچڻ وڃڻ ۽ اتي جا ڪمپيوٽر، پرنٽر ۽ انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ لاءِ ڪارڊ ٺھي مليا.
نفپلين ۾ رهڻ دوران هڪ ڏينھن ٻيڙي ۾ چڙهي بورٽزي قلعو جيڪو نفپلين جي ڀرسان هڪ ٻيٽ تي اڏيل آهي گهمڻ لاءِ ويس، هن قلعي تي اڃا تائين ترڪش نالو آهي. هي قلعو 1471ع ۾ ٻاهرين حملي آورن کان بچاءَ لاءِ اڏيو ويو هئو، جيڪو هاڻي سياحن جي توجھہ جو مرڪز وڃي رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ پالاميدي قلعو، اڪرونافپليا قلعو ۽ آس پاس ڪجهہ سمنڊ جا ڪنارا پڻ گهمڻ جو موقعو مليو.
هيلينڪ سينٽر جي عملدارن بہ اسان جا ڪافي ماڻھن سان انٽرويو ڪرايا، جن ۾ اتان جا سرڪاري عملدار ۽ مختلف ڪارونھوار سان سلھاڙيل عورتون شامل هيون. اسان هڪ ڏينھن شھر مان سائيڪلن تي چڙهي شھر جي آس پاس موجود ٻين پاسن ڏانھن پڻ نڪري وياسين جتي اتان جي باغن جي زميندارن سان پاڻي متعلق سوال جواب ڪرڻا هئا، ڏاڍا دلچسپ ماڻھو هئا، اتي هڪ موسمين جي باغ تي جڏهن باغ جي يوناني مالڪ سان انٽرويو پي ڪيوسين تہ اتي هڪ پاڪستاني سان پڻ ملاقات ٿي، جيڪو ان باغ جو سپروائيزر هئو. نفپلين ۾ بہ لڳو تہ ماڻھو رات دير تائين جاڳن ٿا، ريسٽورنٽ، بار، ڪيفيٽيريا دير تائين کليل نظر آيا. شھر جا اسڪوائر يا چوڪ بہ ڏاڍا سھڻا ٺھيل هيا. شھر ۾ ڪافي ماڻھن جا انٽرويو ڪرڻ جو موقعو مليو. نفپلين شھر ۾ هڪ ٻئي بہ ويھن ايڪيھن سالن جي پاڪستاني نوجوان سان ملاقات ٿي جنھن جي ڪھاڻي بہ دلچسپ هئي، پاڻ اتي سي ڊيز پي کپايائين، مون حال احوال ورتومانس تہ ڏي خبر هتي ڪيئن پھتو آهين جنھن تي ٻڌايائين تہ پاڻ ترڪي تائين تہ جھاز ۾ آيو هئو ۽ اتان کان پوءِ لانچن، ٻيڙين ۽ مال ڍوئيندڙ ٽرڪن ۾ لڪي لڪي هتي پھتو آهي. سندس اڳلي منزل جرمني هئي.
ايٿنس ۽ نفپلين ۾ پاڻي جي مسئلن ۽ معاملن متعلق ڪيل تحقيق ۾ تقريبن سڀني شاگرد گروپن جو اهو خيال هو تہ سندن ڪيل تحقيق مان اهو پتو پوي ٿو تہ جيئن تہ هتي هر سال تمام گهڻا سياح اچن ٿا ۽ مڪاني آبادي بہ وڌي رهي آهي، پر جيئن تہ يونان هڪ ترقي يافتہ ملڪ آهي ۽ ان سان گڏوگڏ يورپين يونين جو حصو پڻ آهي ۽ يورپين يونين جي مقرر ڪيل معيارن ۽ مخصوص حدن کان هيٺ نہ ٿو وڃي سگهي ۽ رياست ماڻھن کي سندن پاڻي جو بنيادي حق کين درن تائين پھچائي ڏئي ٿي.
اولمپڪس راندين جي شروعات واري هن ملڪ يونان ۾ مون محسوس ڪيو تہ هتي ماڻھو بار بار اچڻ چاهيندو، سندس نيرو سمنڊ ۽ نيرو آسمان دنيا جي ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿو ۽ اها خوبصورتي ڏسي ماڻھو اندازو لڳائي ٿو تہ آخر اتي ايتري تعداد ۾ سياح هر سال ڇو ٿا اچن. يونان ۾ آخري ڏينھن تي اسان سڌو نفپلين کان ايٿنس جي هوائي اڏي تي پھتاسين، جتان اسان جي اسٽاڪھولم لاءِ واپسي هئي ۽ مون اتي سوچيو تہ زندگي رهي تہ هتي هڪ دفعو وري موٽبو.

دنيا جو پر امن ملڪ آئسلينڊ ۽ هٿيارن جي ريل پيل

ڊسمبر جي هڪ ٿڌي شام جو آئيسلينڊ ايئر جي جھاز اسٽاڪھولم کان کڻي اچي آئيسلينڊ جي ڪيفلاوڪ هوائي اڏي تي لاٿو، جيڪو رئيڪجيوڪ شھر کان ڪو اڌ مني ڪلاڪ جي پنڌ تي آهي. منھنجو دوست ايوي مون کي کڻڻ لاءِ اتي اڳ ئي موجود هئو. ڏاڍي گرم جوشيءَ سان مليو ۽ اسٽاڪھولم ۽ گڏيل دوستن جا حال احوال پڻ وٺندو رهيو. چوڌاري برف ئي برف هئي. سندس گهر پھتاسين تہ اتي هن جي ماءُ ۽ پي اسان جو انتظار ڪري رهيا هئا. اهي بہ ڏاڍي گرم جوشيءَ سان مليا ۽ آڌر ڀاءُ ڪيائون. سندس ماءُ چيس تہ عبدﷲ کي سندس رهڻ وارو ڪمرو جلدي ڏيکار تہ جيئن پاڻ وري گڏجي ماني کائون. مون زندگي ۾ پھريون ڀيرو سوشي اتي کاڌي.
آئسلينڊ ۾ توڙي جو هر ٽئين ماڻھوءَ وٽ هٿيار آهي پر تنھن هوندي بہ ملڪ جو شمار دنيا جي پُرامن ملڪن ۾ پھرين نمبر تي اچي ٿو. اهي هٿيار انسانن تي نہ پر رڳو بوقت ضرورت شڪار لاءِ ڪتب آندا وڃن ٿا. هتي ائين هرگز ناهي تہ هٿيار ڪي طاقت جو توازن برقرار رکڻ لاءِ هجن، پر هتي جي ماڻھن جي تعليم ۽ پالنا جو طريقو ئي اهڙو آهي جيڪو کين هٿيار ڪنھن انسان تي هلائڻ لاءِ بنھہ ڪونہ اڪسائي. پر اها بہ هڪ حقيقت آهي تہ اسان واري معاشري ۾ هٿيار شو بازي سان گڏوگڏ گهڻن ماڻھن جي حفاظت بہ ڪري ٿو، خير حفاظت تہ پالڻھار پاڻ ٿو ڪري، هٿيار تہ هڪ سبب يا بهانو هجي ٿو.
آئسلينڊ جيڪو اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ جو هڪ ٻيٽ آهي جتي وڻ بنھہ نہ لڀن يا تمام ٿوري تعداد ۾ آهن. چيو وڃي ٿو تہ هتي جيڪي ماڻھو شروع شروع ۾ آيا انھن وڻ وڍائي يا تہ ٻارڻ جي ڪم آندا يا انھن کي گهر ٺاهڻ جي ڪتب آندو، پوءِ خبر پين تہ هن ملڪ ۾ هڪ وڻ تقريبن پنجاھہ سالن کان پوءِ وڃي ٿو وڏو وڻ ٿئي ۽ پوءِ پنھنجي ان غلطي کي مڃيندي هاڻي ڪافي ڪوششون ڪري رهيا آهن تہ وري وڻ پوکي ۽ انھن جي حفاظت ڪئي وڃي.
ملڪ جي آبادي ساڍا ٽي لک کن آهي ۽ ان جو وڏو حصو ملڪ جي گادي واري شھر رئيڪجيوڪ ۾ رهي ٿو. مڇي ڦاسائڻ ۽ المونيم جا ڪارخانا هتان جي مکيہ صنعت ۾ شمار ٿين ٿا. ڏوھہ نہ هئڻ جي برابرآهي ۽ نتيجي ۾ پوليس کان ٻيا ڪم بہ ورتا وڃن ٿا مثال طور وقتي طور تي ايمبولينس هلائڻ يا فائر برگيڊ جي گاڏي هلائڻ وغيرہ. ملڪ ۾ رڳو هڪ سئو ستٽيھہ قيدي آهن ۽ اهي بہ ڪن سنگين ڏوهن ۾ ملوث ناهن رهيا. هتي ڪنھن کي جيڪڏهن ڪا گولي لڳي بہ آهي تہ اها اتفاقن لڳي آهي ۽ ان جو تعداد بہ نہ هئڻ برابرآهي. جيئن ڏهن سالن ۾ هڪ اڌ اهڙو واقعو ٿيو ۽ ان ۾ بہ ڪو مئو ناهي پر رڳو زخمي ٿيڻ جي صورت تائين قصو ڪوتاھہ آهي.
هتي ٻين ملڪن جا ماڻھو نہ هئڻ جي برابر آهن، شايد هڪ تہ ملڪ پري اتر آئٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آهي، ٻيو تمام ٿڌو ۽ اڃا تائين آئس ايج جي پروسس مان پيو گذري، جتي ٻرندڙ جبل هر وقت ايڪٽو رهن ٿا. پر هتي رڳو آمريڪين جي موجودگي ڪولڊ وار واري دور ۾ ضرور رهي آهي، جيڪي آئسلينڊ کي پنھنجو ٻيو گهر سمجهندا هيا. ان کان پوءِ چائنا بہ ڪوشش ڪئي آهي تہ انھن کي وڏي ايراضي ملي تہ جيئن هو چائنا ٽائون اڏي سگهن. پر اڃا تائين کين اها ايراضي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي ٿي آهي.
آئسلينڊ هونءَ تہ يورپ ۾ اچي ٿو، پر جيئن تہ آمريڪا کي بہ ويجهو آهي تہ هتي ماڻھن جو لاڙو ٻنھي طرف محسوس ٿئي ٿو. ڪافي ماڻھو آمريڪا کان يورپ يا يورپ کان آمريڪا ويندي هتي پڻ ڪجهہ ڏينھن ترسڻ کان پوءِ اڳتي سفر ڪن ٿا. سياح گهڻي قدر بلو لگون جي گرم چشمن ۾ ترڻ اچن ٿا يا هتي جا ٻرندڙ جبل ڏسڻ اچن ٿا. اهي جيو ٿرمل نہ رڳو سياحن کي پاڻ طرف ڇڪين ٿا پر ملڪ جي بجلي ۽ انرجي پڻ پيدا ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا.
آءُ آئسلينڊ ۾ پنھنجي جنھن دوست ايوي وٽ رهيل هيس، ان بين الاقوامي تعلقات ۾ تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ سندس پڙهائي جو ڪجهہ حصو وري اسٽاڪھولم يونيورسٽي ۾ بہ هئو ۽ اسان اسٽاڪھولم ۾ ساڳئي شاگردن واري هاسٽل جي ساڳئي ڪاريڊور ۾ ڪو سال کن گڏ رهيا آهيون. جتي تقريبن رات جو روز ڪاريڊور جي رڌڻي ۾ ماني گڏجي پيا ٺاهيندا ۽ کائيندا هئاسين. پاڻ جپان ۾ پڻ رهيو آهي ۽ کيس جاپاني ٻولي تي پڻ عبور حاصل اٿس. سندس ماءُ ۽ پيءُ بہ ڏاڍا پيار ڪرڻ وارا هيا، پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ جي باري ۾ ڏاڍي دلچسپي وٺي معلومات ورتائون. ايوي جي ماءٌ توڙي جو پنجاھہ سالن کان بہ وڏي هئي پر اڄ بہ کيس گڏين سان راند ڪرڻ ۽ انھن کي گڏ ڪرڻ جو شوق هو. ايوي جو مامو وري ڏاڍو دلچسپ انسان هئو. اسان کي هڪ رات جو ماني جي دعوت ڏنائين. جيئن ئي سندس گهر ۾ داخل ٿياسين تہ هڪدم هٿ اڳتي وڌائي پنھنجو نالو بارڊي ٻڌايائين ۽ يڪدم سندس ٻلين ۽ ٻلن جي طرف اشارو ڪندي سندن نالا ٻڌائيندو ويو.
بارڊي جو گهر هڪ ننڍو عجائب گهر هئو، هر شي ٻاهر رکيل ۽ سينگاريل هئي. سندس ڏاڏيءَ جي دور جون شيون بہ هن محفوظ ڪري رکيون هيون. پاڻ وڏو مھمان نواز هئو. مون جڏهن سندس مھمانن واري ڊائري ڏٺي تہ هن وٽ منھنجي ڄمڻ کان پھريان کان گهڻو وقت اڳ اهو مھمانن جو سلسلو جاري هيو. پاڻ ملڪ جي قومي هوائي ڪمپني ۾ نوڪري بہ ڪري ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ فلمن جي ڊائريڪشن پڻ ڪري ٿو. مون کي ڪجهہ فلمن جون سي ڊيز پڻ تحفي ۾ ڏنائين جيڪي هن پاڻ ڊائريڪٽ ڪيون هيون.
هڪ ڏينھن ايوي جي گهر جي بالڪوني ۾ چانھہ پئي پيتيسين تہ هڪ گهر جيڪو سمنڊ جي آس پاس هئو، ان طرف اشارو ڪري ٻڌايائين تہ اهو گهر هتان جي صدر جو آهي. اهو گهر بہ ٻين آس پاس موجود گهرن جھڙو هئو ۽ مون کي ڪنھن بہ قسم جي ڪا سيڪيورٽي ظاهرن نظر نہ آئي. جيترا ڏينھن بہ آءُ اتي رهيس هر ڏينھن ڪنھن نہ ڪنھن ايوي جي دوست ماني جي دعوت پئي ڏني. سندس دوست بيورن جوناسن، سندس گهر واري ۽ سندن ٻارن جي دعوت تمام گهڻي قابل ذڪر چئي سگهجي ٿي، جنھن ۾ انھن ٻين مَقامي دوستن کي بہ دعوت ۾ گهرايوهئو ۽ آءُ سمجهان ٿو ڪي ويھارو کن ماڻھو هئاسين. کاڌي ۾ مڇي ۽ ٻين سي فوڊ جي گهڻائي هئي. مون کي اتي هڪ مڇي جو قسم ڏاڍو وڻيو پر ان ۾ ٿورو لوڻ وڌيڪ محسوس ٿيو، سو رهيو ڪونہ ٿيو ۽ بيورن کان پڇيم تہ هن قسم جي مڇي ۾ لوڻ وڌيڪ پوندو آهي ڇا؟ تنھن تي وراڻيائين تہ نہ، اسان ان ۾ لوڻ ناهي وڌو پر ان مڇي جو قسم ئي اهڙو آهي جنھن ۾ قدرتي لوڻ آهي، اهڙي قسم جي مڇي کائڻ جو منھنجو اهو پھريون تجربو هئو. آئيسلينڊ ۾ سندن مکيہ کاڌو مڇي يا سي فوڊ هئڻ ڪري شايد هتان جي ماڻھن جون عمريون دنيا ۾ ٻين کان وڏيون ٿين ٿيون. ايوي ۽ بيورن ٻئي ڪراٽي جا ماهر پڻ آهن. بيورن ان دعوت کان پوءِ منھنجو بہ دوست ٿي ويو، پاڻ پنھنجي والدين سان گهڻو وقت اڳ اسٽاڪھولم ۾ پڻ رهي چڪو هئو ۽ مون سان اسٽاڪھولم جي باري ۾ ڏاڍي ڪچھري ڪيائين ۽ اتي گهاريل پلن ۽ ڏينھن کي ياد ڪندو رهيو.
آئيسلينڊ جو ڪو ماڻھو جيڪڏهن هن مھل تائين پنھنجي ملڪ کان ٻاهر نہ ويو آهي تہ اها پڪ ڄاڻو تہ ان کي اڃا تائين ريل گاڏي ۾ سفر ڪرڻ جو موقعو ناهي مليو. هتي اڃا تائين ريل گاڏي جو نظام ناهي، رڳو بسن ۽ ڪارن تي ڀاڙن ٿا. هتان جا ماڻھو ئي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ سراسري طور تي گاڏيون ٻاهرين ملڪن کان گهرائين ٿا. آئيسلينڊ جي ماڻھن جي اها دعويٰ آهي تہ آمريڪا ڪرسٽوفر ڪولمبس نہ پر آئيسلينڊ جي همراھہ ليف ارڪسن ڳولي لڌي هئي. سندس مجسمو بہ شھر جي هڪ مکيہ چونڪ تي ٺھيل آهي، جتي هر وقت ايندي ويندي ان ڳالھہ کي ياد بہ ڪن ٿا تہ فخر پڻ. آئيسلينڊ جا ماڻھو جنن ۽ ڀوتن تي مڪمل يقين ڪن ٿا ۽ سمجهن ٿا تہ اها مخلوق ضرور آهي، بلڪہ ڪجهہ روڊن جو هلندڙ ڪم اڌ ۾ بند ڪري اڳتي نہ ٺاهيو اٿن ڇاڪاڻ تہ کين ان ڳالھہ جو يقين هو تہ ان جي وچ ۾ ڪنھن مخلوق جو رهڻ ڪھڻ آهي. دنيا ۾ جنھن قوم پھريان ڪنھن عورت کي ملڪ جي سربراهي ڏني اها آئيسلينڊ جي قوم آهي، جن 1980ع ۾ وگڊس فنبوگوڊوٽر کي ملڪ جو سربراھہ چونڊي هڪ مثال قائم ڪيو. هتان جي ٻولي ۾ گذريل هڪ هزار سالن کان ڪا بہ تبديلي ناهي آئي. جنھن مان ظاهر آهي تہ هتان جا ماڻھو پنھنجي ٻولي سان ڪيترو پيار ڪن ٿا.
ايوي سان گڏجي مون بلو لگون، شھر جو ڊائون ٽائون يا سٽي سينٽر گهميو جتي ڪافي جديد عمارتون هيون. شھر ۾ هال گرمس نالي هڪ تمام وڏو گرجا گهر بہ آهي جنھن جو سامھون وارو مينار تمام گهڻو اونچو هئو. آئيسلينڊ ۾ گهمڻ ڦرڻ جون ٻيون بہ ڪافي شيون آهن جن جي لاءِ وقت گهربل آهي. اتي آخري رات اسان ڪافي ٻاهر گهمياسين ۽ رات دير سان واپسي ٿي. ايوي مون کي ٻڌايو تہ جيئن تہ تنھنجي فلائيٽ صبح سوير آهي سو منھنجو پيءُ توکي صبح جو هوائي اڏي تي ڇڏي ايندو. اسان هڪ ٻئي سان وري ملڻ جو چئي رات جو ئي موڪلائي ڇڏيو.
هن روڊ تي آءُ هزارين دفعا آيو ويو آهيان ڇاڪاڻ تہ منھنجي نوڪري هُتي هئي، منھنجي دوست ايوي جي پيءُ روڊ جي کاٻي پاسي ڪلوميٽر کن پري ڪجهہ عمارتن ڏانھن اشارو ڪندي ٻڌايو. اهي عمارتون هاڻي شاگردن جي رهائش طور ڪم اچن ٿيون. صبح سوير جو وقت هيو، هر طرف برف ئي برف هئي، روڊ تي گاڏيون نہ هئڻ جي برابر هيون. ايوي جو پيءُ گاڏي ڏاڍي پُرسُڪون طريقي سان هلائي رهيو هئو، منھنجي اسٽاڪھولم لاءِ جھاز ۾ اڃا ٻہ ٽي ڪلاڪ هئا ۽ اسان آئيسلينڊ جي شھر رئيڪجيوڪ مان ڪيفلاوڪ طرف وڌي رهيا هئاسين، جتي اتان جو هوائي اڏو آهي. مون کانئس پڇيو تہ اوهان جي اتي ڪھڙي نوڪري هئي؟ چيائين تہ جڏهن آمريڪي هتي آئيسلينڊ ۾ هئا تہ آءُ سندن ائڊمنسٽريشن ۾ هئس ۽ آمريڪين جي آئيسلينڊ ۾ موجودگي روس خلاف سرد جنگ جو حصو هيو ۽ جڏهن روس ٽٽو تہ هتان آمريڪي هليا ويا ۽ اهي عمارتون هاڻي ليفٽ اوورس آهن جن کي هاڻي شاگرد رهائش طور استعمال ڪن ٿا.

ڄميل سمنڊ تي ٻہ سنڌي ۽ رگا ڏانھن روانگي

۽ جڏهن اوچتو ئي اوچتو اسان جي ڪمري ۾ وڏا وڏا آواز اچڻ شروع ٿيا تہ مون پريشاني وچان ارشد ميمڻ کان پڇيو تہ يار هي آواز ڇا جا پيا اچن؟ ٿورو غور ڪرڻ کان پوءِ احساس ٿيو تہ پاڻي وارو ڪروز جھاز هاڻي ڄميل سمنڊ جي برف کي چيريندو ليٽويا جي گادي واري شھر رگا ڏانھن تيزي سان وڌي رهيو هو. اسان کي پوءِ احساس ٿيو تہ اسان وارو ڪمرو جنھن کي ڪيبن چئبو آهي سا بلڪل هيٺين سطح تي هئي، جنھن جي ڪري اسان کي اهي آواز وڌيڪ ويجها ۽ ڳرا پي محسوس ٿيا. بھرحال آواز کان بچڻ لاءِ اسان لفٽ ۾ چڙهي وڃي جھاز جي اٺين فلور تي پھتاسين، جتي ڪباب ۽ شباب جو ميلو متل هئو ۽ ماڻھو هيڏي هوڏي گهمي ڦري رهيا هئا ۽ ڊيوٽي فري جي دڪانن تان اگهہ پڇي رهيا هئا.
اهو منھنجو پھريون اتفاق هئو جو آءُ پاڻي واري جھاز تي هجان ۽ سمنڊ ڄميل هجي. جھاز جي ڊيڪ واري حصي ۾ ويس تہ ٻن منٽن کان وڌيڪ اتي بيھي نہ سگهيس، گرمي جو درجو ڪاٽو سورنھن هو ۽ تيز هوا پڻ لڳي رهي هئي. هن کان پھريان آءُ پنھنجي دوست عالم صديقي سان گڏ اونھاري جي مند ۾ فنلينڊ جي گادي واري شھر هيلسنڪي ويو هوس، تڏهن جھاز تي تمام گهڻا سياح موجود هئا. پر هاڻي سخت سيءَ جي ڪري سياحن جو تعداد گهٽ هئو.
هيءُ پاڻي وارا جھاز وڏا شاندار آهن، هيئن کڻي چئجي تہ ٻارنھن ماڙ عمارت آهي، جيڪا پنھنجي اندر هڪ ننڍي شھر جو ڏيک ڏئي ٿي ۽ هي هڪ ننڍو شھر وتي ٿو پاڻي تي ترندو ۽ ملڪ لتاڙيندو. هنن جھازن تي وڏا شاپنگ سينٽر، مختلف قسم جا ريسٽورنٽس، بارز، راند ذريعي جوا کيڏڻ جون مشينون، ناچ گاني جا ڪلب، مساج سينٽر ۽ ڪيفيٽيريا وغيرہ سياحن لاءِ هر وقت کليل رهن ٿا. هر سياح پنھنجي پسند جي مشغلي ڏانھن رخ ڪري ٿو. جھاز تي وائي فائي بہ سياحن لاءِ هر وقت موجود رهي ٿي.
ماڻھو اهڙي قسم جي جھازن تي روز مرھہ جي زندگي کان ٿورو پاسيرو ٿيڻ لاءِ خاص ڪري هفتي جي موڪل وارن ڏينھن ٿي گهمڻ لاءِ نڪريو وڃن. هڪ ننڍي ڪمري ۾ چار ماڻھو مزي سان رهي سگهن ٿا ۽ ڪمرا هوندا تہ ننڍا آهن پر اهڙي طريقي سان ڊزائن ٿيل آهن جو سوڙھہ گهٽ محسوس ٿيندي، ڪمرن ۾ فون، ٽي وي، ننڍي فرج، اٽيچ باٿ روم وغيرہ جي سھولت پڻ هجي ٿي. اسان رات جي ماني کان پوءِ پنھنجي ڪمري ڏانھن واپس ورياسين، آواز بہ ڪافي گهٽجي ويو هئو ۽ جھاز هاڻي بالٽڪ سمنڊ جي وچ ۾ هئو ۽ برف جا ننڍا وڏا ٽڪرا ٿورو پرڀريو نظر اچي رهيا هئا.
صبح جو اک کلي تہ ڪمري جي فون ۾ لڳل اسپيڪر تي اعلان ٿي رهيو هئو تہ اسان هڪ ڪلاڪ تائين رگا پھچي وينداسين. جھاز جيستائين بندرگاھہ تي پھچي ان وچ ۾ اسان تيار ٿي ناشتو وغيرہ ڪري واندا ٿي چڪا هئاسين. بندر گاھہ تان اسان ٽيڪسي ڪرائي سڌو اچي رگا جي مشھور لائما چونڪ تي لٿاسين. شھر ۾ هر هنڌ برف ڄميل هئي، گهٽيون صاف ۽ ماڻھن جي اچ وڃ جاري هئي. گهرن جي مٿان چمنين مان نڪرندڙ دونھون ان ڳالھہ جي ثابتي ڏئي رهيو هئو تہ هتي ماڻھو ڪاٺ ٻاري گهرن کي گرم رکن ٿا.
اڳوڻي روسي رياست ليٽويا يورپين يونين ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ تمام گهڻي ڪوشش ڪري رهي آهي تہ يورپ جي ٻين ملڪن وانگر مقرر ڪيل قانونن ۽ اصولن تي پورو لھجي ۽ ٻين دنيا جي صف مان نڪري پھرين دنيا جي صفن ۾ جلد کان جلد شامل ٿجي، پر جيئن تہ پھرين، ٻين ۽ ٽين دنيا جو تصور ٻين شين سان گڏوگڏ اتان جي رهاڪن جي مختلف شين مسئلن اخلاقيات ۽ روين مان پڻ اخذ ڪيو ويندو آهي پر هي ڪوشش ضرور ڪري رهيا آهن. سوچيان پيو پاڻ کي الائي اڃا گهڻو وقت لڳندو، منھنجي خيال ۾ جنھن ڏينھن اسان قطار ۾ بيھي پنھنجي واريءَ جو انتظار ڪرڻ ۾ ڪو عار محسوس نہ ڪيو تہ اهو ڏينھن اسان جي پھرين دنيا ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پھرين وک هوندي، پر لڳي ٿو ڪم گهڻو آ، ماڻھو کپن.
رگا جيڪو بالٽڪ ملڪن جي شھرن ۾ سڀني کان وڏو آهي. ۾ اڃا تائين پراڻي سوويت يونين جي دور جون ڪافي شيون نظر اينديون، خاص طور تي پراڻيون عمارتون، شھر ۾ اڃا تائين ذري گهٽ اڌ آبادي روسي ٻولي ڳالھائڻ وارن جي آهي، جن کان هتان جا ماڻھو اندر ئي اندر ۾ ڏاڍي خار کائيندا آهن. يورپ جي ٻين شھرن وانگر، رگا ۾ بہ پراڻي ۽ نئين شھر جو فرق واضع آهي، جيڪو سياحن کي پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿو. پراڻي شھر ۾ گهمڻ جو هڪ پنھنجو مزو آهي، سوڙهيون پٿريليون گهٽيون، جن اندر هوٽل، ريسٽورنٽس، سياحن لاءِ سوکڙيون خريد ڪرڻ جا انيڪ ننڍا وڏا دڪان، شراب خانا ۽ ڪلبن جي ڀرمار آهي. سخت سي جي ڪري شھر ۾ سياحن جو تعداد گهٽ هئڻ ڪري هر دڪان جي سيلز گرل جي اها ئي ڪوشش هئي تہ اسان ڪا نہ ڪا سوکڙي ضرور وٺون، مون انھن کان رڳو ٻہ چاٻين وجهڻ جا ڇلا ورتا جن تي رگا جو نقشو ٺھيل هئو.
توڙي جو هتان جا ماڻھو تمام گهڻا امير نہ آهن پر تنھن هوندي بہ انھن جي رهڻي ڪھڻي ۽ ڪپڙي لٽي مان اهو محسوس ٿئي ٿو تہ اهي ڪي غريب بہ ناهن ۽ ڪو بہ صفا غربت واري زندگي هتي نہ ٿو گذاري مطلب تہ هتي ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ هڪڙا غربت جا معيار ۽ حدون مقرر ٿيل آهن ۽ ماڻھو جو ايترو خيال ڪيو وڃي ٿو تہ جيئن اهي ان مقرر ڪيل حد کان هيٺ هرگز نہ وڃن.
هتي بہ هر شئي ميسر هئڻ جي باوجود هتان جا ماڻھو بہ ٻين ملڪن ڏانھن وڃن ٿا ۽ بھتر کان بھتر جي ڳولا ۾ رهن ٿا. رگا مون کي صفائيءَ جي لحاظ کان اسٽاڪھولم جي ٽڪر جو لڳو، بلڪ رگا 2007ع ۾ يورپ جي صاف ترين شھرن جو اعزاز پڻ ماڻي چڪو آهي ۽ 2014ع ۾ وري يورپ جي ثقافت جي گاديءَ وارو شھر پڻ ٿيو، جيڪو اتان جي ماڻھن لاءِ هڪ اعزاز آهي.
هتي بہ نوجوان 18 سالن جا ٿيڻ کان پوءِ الڳ رهڻ کي پسند ڪن ٿا، پر هر ڪو ائين ڪري نہ ٿو سگهي، سو گهڻي قدر خاندان ۾ ئي رهن ٿا ۽ جڏهن بہ کين موقعو يا وٿي ملي ٿي تہ مائٽن کي ڇڏي الڳ رهڻ لڳن ٿا. هتي بہ هر ڪو آزاد آهي تہ پنھنجي مرضي سان پنھنجي زندگي جو ساٿي چونڊي. يورپين يونين ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ يورپ جا ملڪ پنھنجن ميمبر ملڪن کي ڏاڍي هٿي وٺرائن ٿا. رگا ۾ مون کي ساڳيا اسٽاڪھولم وارا وڏا دڪان ۽ بئنڪون نظر آيون، مطلب تہ اوسي پاسي جا ملڪ انھن جي ڀرپور مدد ڪن ٿا تہ جيئن اهي ترقي جا ڏاڪا تيزيءَ سان پار ڪري پنھنجن پيرن تي بيھي سگهن.

آئرلينڊ، سنڌ ، بلوچستان ۽ سئيڊن جون ڳالھيون

توڙي جو مون يورپ جي مختلف ملڪن جي ريل گاڏين ۾ چڙهي سفر ڪري ڏٺو آهي، پوءِ ڀلي اهو سفر اٽلي جي شھر ميلان کان وينس وڃڻو هجي، آئرلينڊ جي شھر ڊبلن کان ڪاسلبار وڃڻو هجي، سئٽزرلينڊ جي شھر جنيوا کان لوزان وڃڻو هجي، ريل گاڏيون آرامدھہ ۽ جديد ٿين ٿيون، پر جيڪو مزو مون کي دادوءَ کان ڪوئٽا بولان ميل ۾ ويندي دلڪش لڳي ٿو ان جو مٽ هتان جي سفر ۾ ڪونہ آهي. ريل گاڏي جڏهن سبي ريلوي اسٽيشن ڇڏي ڪوئٽا ڏانھن وڌڻ شروع ڪندي آهي تہ اهو نظارو، آس پاس، ننڍا وڏا پٿريلا رستا، ننڍا ننڍا پاڻي جا وهڪرا نظاري کي انتھائي دلڪش ڪريو ڇڏين. لنڊن جي وڪٽوريا اسٽيشن پنھنجي جاءِ تي پر بلوچستان آب گم، مچ، ڪولپور ۽ ٻيون ننڍيون ننڍيون پھاڙن جي وچ ۾ اسٽيشنون مون کي وڌيڪ پياريون لڳنديون آهن. منھنجي اها خواهش رهي آهي تہ انھن اسٽيشنن جي آس پاس ڪجهہ ڏينھن گذارجن، جيڪي سرنگهون آهن اتي آس پاس خيما کوڙجن.
ڊبلن کان ڪاسلبار وڃڻ وارو ريل گاڏي ۽ روڊ جو رستو پڻ انتھائي سھڻو ۽ خوبصورت آهي، اک ڇنڀڻ تي بہ دل ناهي چوندي تہ متان ڪو نظارو نظرن کان اوجهل رهجي وڃي. سبي کان ڪوئٽا يا ڊبلن کان ڪاسلبار ويندي جيڪا شئي هميشہ متوجھہ ڪري ٿي اها آهي ريڍارن جي هڪ ڪرت جيڪا بلڪل ساڳي آهي. ڀلي ريڍار آئرلينڊ جو آئرش هجي يا بلوچستان يا کڻي سنڌ جو، سڀني جو پنھنجين رڍن کي نيرو، گلابي، ڦڪو يا ڳاڙهو رنگ هڻڻ ساڳيو عمل آهي. ٻنھي ريل يا روڊ رستي ويندي رڍن جا رنگ برنگي ڌڻ نظر ايندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن آءُ جڏهن ڊبلن کان ڪاسلبار ويندي اهڙن ڌڻن کي ڏسندو آهيان تہ هڪڙي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي ۽ منھن تي هلڪي هلڪي مشڪ پاڻ ئي اچي ويندي آهي. پوءِ ڪو سامھون ويٺل مسافر شڪي نگاهن سان مون ڏي ڏسي جوابي مسڪراهٽ جو حملوڪندو يا ڪندي آهي، پر کين ڪھڙي خبر تہ هن وقت آءُ ذهني طور تي آئرش ريل سان گڏوگڏ بولان ميل ۾ پڻ سفر ڪري رهيو آهيان ۽ انھن ويرانن ۾ موجود رڍن جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان ۽ مڪمل طور تي اها ڪسوٽي حل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهيان تہ آئرلينڊ ، سنڌ ۽ بلوچستان جي ريڍارن ۾ ڪھڙو ۽ ڪڏهن جو ڳانڍاپو آهي. اهو رنگن جو استعمال شايد ٻن سبب جي ڪري آهي، هڪ تہ سندن رڍون سھڻيون لڳن ۽ ٻيو تہ هو جيئن پنھنجي مال کي سڃاڻي سگهن.
خوبصورتي جو ذڪر نڪتو آهي تہ مون اهو محسوس ڪيو آهي تہ گهڻي قدر يورپ جون عورتون ميڪ اپ ڀلي نہ بہ ڪن تڏهن بہ خوبصورت لڳن ٿيون، ڄڻ گڏيون هجن، ڄڻ تہ دنيا جون حورون، قدرت مٿن مھربان آهي. بھرحال قدرتي خوبصورتي هوندي بہ ميڪ اپ ڪن، ۽ ويندي ويندي ريل گاڏين ۽ بسن ۾ سفر دوران وقت بچائڻ لاءِ پڻ ميڪ اپ ۾ مشغول ٿين. يورپ ۾ گهڻي قدر ماڻھو قيمت نہ پر ڪواليٽي جو خيال ڪن ٿا ۽ گهڻي قدر نالي وارين ڪمپنين جون شيون خريد ڪن ٿا، ٻين لفظن ۾ برانڊيڊ کڻي چئون.
هتي جا ريسٽورنٽس يا ڪيفيٽيريا مردن توڙي عورتن سان ڀريل رهن، ائين ناهي تہ عورت رڳو پنھنجي سنگتياڻين سان اچي ويھي، جنس جو عمل دخل گهٽ نظر ايندو آهي، ڇوڪريون ڇوڪرن سان، ڇوڪرا ڇوڪرين سان، ڇوڪريون ڇوڪرين سان يا ڇوڪرا ڇوڪرن سان اچي ويھن ۽ پنھنجو وقت گذارين. ساڳئي طريقي سان انھن ريسٽورنٽس ۽ ڪيفيٽيريا تي وري ننڍي عمر جا ڇوڪرا يا ڇوڪريون اسڪول جي موڪلن يا اسڪول کان پوءِ پارٽ ٽائيم بيرا گيري پڻ ڪن، پر کين ڪو ڇورا يا ڇوري ڪري ڪونہ سڏي. هتي ڪوبہ گهٽ يا وڌ عزت وارو ڪونہ ليکيو وڃي.
سئيڊن ۾ مارچ ۽ اپريل جي مھينن ۾ جڏهن هتان جي ٽيڪس آفيس ٽيڪس ريٽرن جا ڪاغذ موڪليندي آهي تہ ان ۾ ڪنھن کي پيسا واپس ملندا آهن تہ وري ڪن کي جمع ڪرائڻا هوندا آهن. انھن ٻنھي مھينن ۾ ماڻھن جو خاص طور تي ويجهن دوستن جو محبوب مشغلو ٿيو وڃي تہ هڪ ٻئي کان پيا پڇندا آهن تہ تو کي گهڻا پيسا واپس ايندا يا وري توکي ڏيڻا پوندا. ڪڏهن ڪڏهن پيسا تمام ٿورا بہ واپس اچن جو ماڻھو چون تہ ٽيڪس آفيس اهي پيسا پاڻ وٽ ئي رکي هان تہ سٺو هو. ڪي وري ڏاڍا خوش ٿين تہ ايترا پيسا آيا آهن جو يورپ جي هڪ ٻن ملڪن جو ڪجهہ ڏينھن لاءِ سفر ڪري اچي سگهجي ٿو.
سفر ڪرڻ تان ياد آيو تہ يورپ ۾ رڳو آئرلينڊ اهڙو ملڪ آهي جتي اڄ ڏينھن تائين ٻهراڙيءَ واري زندگي موجود آهي، واٽ ويندي ڪڏهن ڪڏهن ڇيڻن جي ڌپ اچو وڃي ۽ ڍڳين، گهوڙن ۽ رڍن جا وڏا وڏا فارم نظر اچن. ان ڪري آئرلينڊ اڄ بہ يورپ جي ماڻھن کي پنھنجي ٻهراڙي واري زندگي ڪري متوجھہ ڪيو بيٺو آهي. هتان جي ٻهراڙي پاڻ واري ٻهراڙي وانگر بلڪل ناهي، هتي جي ٻهراڙِيءَ وارن گهرن ۾ دنيا جي هر سھولت ۽ انھن تائين پھچڻ لاءِ ۽ آس پاس روڊ رستا هجن ٿا. وڏا وڏا مھل نما گهر هجن ٿا، رڳو جانورن جا فارم ۽ انھن جو رهڻ ڪھڻ ٻهراڙي جو تصور۽ ڏيک ڏئي ٿو. انھن ٻهراڙين ۾ ڀلي هڪ ئي گهر ڇونہ هجي پر ڊپ بنھہ ناهي. ماڻھو ڄڻ دنيا جي جنت ۾ پيا گذارين جتي دنياوي حورون بہ آهن، امن بہ آهي، صحت بہ آهي، پيار بہ آهي ۽ حق حلال ڪمائي کائڻ جي همٿ ۽ جستجو پڻ آهي.

ميلبورن آسٽريليا ۾ انٽارڪٽيڪا جي کنڊ کان ايندڙ تيز ۽ ٿڌين هوائن ۾ الطاف سان رولاڪيون

سگريٽ جو وڏو ڪش هڻندي چيائين تہ عبدﷲ مون کي تمام گهڻو ڏک ٿيو، جڏهن مون سيوهڻ ۾ ملنگن تي حملي جي خبر ٻڌي. جيڪو بہ ٿيو تمام گهڻو ڏکوئيندڙ ۽ خراب ٿيو. مون کي ياد آهي تہ رابرٽ مون وٽ موري اچڻ کان پھريان ڪراچي کان سيوهڻ گهمڻ ويو هو. رابرٽ سان منھنجي دوستي 2006ع کان هلندي اچي جڏهن اسان هڪ ئي جيپ ۾ گلگت کان شندور ميلو گهمڻ لاءِ ويا هئاسين ۽ پرويز مشرف کي اتي نچندي ڏٺو هئوسين. پوءِ آءُ واپس گلگت موٽي آيو هئس ۽ رابرٽ وري شندور کان چترال واري پاسي هليو ويو هيو, ۽ ڪجهہ سالن کان پوءِ مون وٽ موري گهمڻ آيو هيو.
ميلبورن ۾ انٽارڪٽيڪا جي کنڊ کان ايندڙ تيز ۽ ٿڌيون هوائون هيون، آءُ ۽ منھنجو سوٽ الطاف مظھر سڊني کان ميلبورن ريل گاڏي جي رستي تقريبن سڄي ڏينھن جي سفر کان پوءِ پھتا هئاسين ۽ رابرٽ اسان کي سندس جيپ ۾ ٽيشڻ تان کڻڻ آيو هيو، سندس آڌر ڀاءُ ۽ خلوص ڏسڻ وٽان هيو، اسان کي ڏسي سندس منھن مان خوشي صاف ظاهر هئي ۽ کيس لفظ نہ پئي مليا ۽ رڳو پئي چيائين تہ مان اوهان کي هتي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. اسان کي پھريان سڌو هڪڙي ديسي کاڌي جي هوٽل تي وٺي هليو جتي ٽن چئن قسمن جي کاڌن جا آرڊر ڏنائين جن کاڌن کان هو پاڻ بہ واقف هئو. ھہڙي ٿڌ ۾ ديسي ماني صفا ٿڪ ئي لاهي ڇڏيا.
سندس گهر پھتاسين تہ وري ڪچھري ۽ چانھہ جو دور هليو ۽ پاڻ جڏهن چانھہ پي ٺاهيائين تہ مون پنھنجي ڪمپيوٽر تي نصرت فتح علي خان جو گانو فصل گل هي کلا هي مي خانہ هلايو تہ کلندي چيائين تہ ’ نصرت فتح علي خان‘. پوءِ نصرت فتح علي خان جي ڳالھہ تان ٿيندو سندس گهميل ملڪن بابت ٻڌائيندو هليو ۽ سيوهڻ واري واقعي جو ذڪر ڪري افسوس ڪرڻ لڳو. پوءِ اهو سلسلو ٽن ڏينھن تائين هلندو رهيو، صبح جو سوير اٿي اسان سڀني لاءِ نيرن تيار ڪندو هئو، گڏجي کائيندا هئاسين، پوءِ اسان کي اسٽيشن تي ڇڏي ايندو هئو ۽ پاڻ اتان وري سندس نوڪري تي ويندو هئو ۽ آءٌ ۽ الطاف پنھنجي بڪ ڪرايل مختلف سفرن ڏانھن نڪري ويندا هئاسين ۽ رابرٽ وري واپسي تي رات جو کڻڻ ايندو هئو، ميلو مچندو هئو، ڪچھريون ٿينديون هيون، چانھين جا هڪ ٻہ دور هلندا هئا.
سائين هاڻي هلو تہ ميلبورن گهمون. پھرئين ڏينھن اسان کي گريٽ اوشين روڊ جي ٽوئر تي وڃڻو هئو، اسان کي مقرر وقت تي ڪوسٽر ميلبورن جي مک ٽيشڻ فلينڊ رتان کنيو، ڪوسٽر ۾ اسان کان پھريان بہ ڪجهہ گهوماڪڙ ( سياح) ويٺا هئا، ڪجهہ اسان سان ڪوسٽر ۾ چڙهيا ۽ ڪجهہ وري اسان کان بعد ۾. گهمڻ ڦرڻ جي عاشقن جو قافلو روانو ٿيو. گريٽ اوشين روڊ آسٽريليا جي ڏکڻ اوڀر سامونڊي پٽي تي 243 ڪلو ميٽر روڊ آهي، جيڪو ٽورڪي ۽ النسفورڊ شھرن جي وچ ۾ آهي. هي روڊ 1919ع ۽ 1932ع جي وچ ڌاري پھرين وڏي جنگ مان بچي آيل فوجين هٿان، جنگ ۾ مارجي ويل پنھنجن ساٿي فوجين جي ياد ۾ ٺاهيو ويو. گريٽ اوشين روڊ اڄ ڪلھہ سياحن جي ڪشش جو مرڪز آهي. روڊ سمنڊ ڪناري انتھائي دلڪش نظارو پيش ڪري ٿو، مٿان وري پورٽ ڪيمپبيل نيشنل پارڪ ۾ 12 ايپوسٽليس ڪم کي صفا کنيو بيٺا آهن. اهي 12 ايپوسٽليس سمنڊ جي ڪناري پاڻي ۾ چن جي پٿر جا قدرتي اڀا قبا نما ٺھيل آهن. هاڻي ٽي ڪري پيا آهن، باقي 9 بچيل آهن، سمنڊ جي مستي ڏسي محسوس ٿيو تہ اهي بہ ٿوري وقت ۾ آ ڪندا. جنھن کي ڏسڻا آهن ڏسي وٺي. ڪنھن سچ چيو آهي تہ پيار ۽ پيار جو اظهار ڪري وٺو سڀاڻي جي ڪا خبر ناهي، آءُ سمجهان ٿو دنيا ۾ شيون بہ ائين آهن، ڏسي وٺو، سڀاڻي جي ڪا خبر ناهي.
ميلبورن کان نڪرڻ کان پوءِ تقريبن اڌ مني ڪلاڪ کان پوءِ ڪوسٽر چانھہ بسڪيٽ جي وقفي لاءِ هڪ سامونڊي پٽي تي اچي بيٺو، سمنڊ جو اهو پاسو سمنڊ ۾ سرفنگ ڪرڻ وارن لاءِ مشھور آهي، پر اسان کي اتي ڪوبہ سمنڊ ۾ سرفنگ ڪندي نظر نہ آيو. ڪوسٽر ۾ سنگاپور، آمريڪا، جاپان، ملائيشيا ۽ انگلينڊ جا گهوماڪڙ هيا، اسان رڳو ٻہ پاڪستاني سنڌي جن چانھہ مان بسڪوٽ ٻوڙي پئي کاڌا. ٿورو اڳتي هلڻ کان پوءِ باقائدي هن جڳ مشھور روڊ جي شروعات هڪ ارچ يا گيٽ کان ٿي جتي ڪوسٽر پڻ پنڌرنھن منٽن کنن لاءِ بيٺو جتي سڀني فوٽو ڪڍرايا. پوءِ مانجهاندي تائين گاڏي هلندي رهي ۽ گاڏي ۾ ويٺي نظارا پئي ڪياسين، ڪجهہ سياح تہ ڍڪرن ۾ هيا پر الطاف ۽ آءُ چرچا ڀوڳ ڪندا پئي هلياسين ۽ ماحول جو مزو پئي ورتوسين، مٿان وري جو مينھن وسڻ شروع ٿيو تہ اصل صفا ڪم مچي ويو ۽ مزو اچي ويو. هڪ سياح اسان کان پڇيو تہ اوهان ڪھڙي ٻولي ۾ ٿا ڳالھايو، اسان وراڻيس تہ سنڌي ۾، ڪانہ سمڌي ۽ وري پڇيائين هندي ۾، اسان وري چيس نہ سنڌي ۾. روڊ تي خاص ڪري چينين لاءِ سندن ٻولي ۾ بورڊ لڳل هيا جن تي گاڏي هلائڻ جي رفتار کان وٺي ٻيون هدايتون پڻ لکيل هيون. رابرٽ اسان کي ٻڌايو هئو تہ هتي گهڻا چيني اهڙا بہ اچن ٿا جيڪي انگريزي ٺپ ڪونہ ٿا سمجهن ۽ پوءِ جتي آيو اتي گاڏي بيھاري ٿا ڇڏين ان ڪري انھن لاءِ اهي خاص بورڊ سندن ٻولي ۾ لڳرايل آهن.
مانجهاندي لاءِ ڪوسٽر سمنڊ ڪناري انتھائي دلفريب ۽ سھڻي شھر اپولو بي جي هڪ کاڌي واري هوٽل تي اچي بيٺو، هلڪو هلڪو مينھن بہ وسي رهيو هئو، سڄو شھر مينھن ۽ سامونڊي گهم جي ڪري پسيل هيو، آءُ ٿورو سمنڊ جي ڪناري هليو ويس تہ جيئن هن سھڻي نظاري کي اندر ۾ سانڍي سگهان. مينھن ٿورو تيز ٿيو تہ واپس آيس جتي الطاف ٻين سياحن سان ڪچھري ۾ مشغول هئو. اسان واري ٽيبل تي سنگاپور جي ڇوڪري ۽ اٽلي جو نوجوان ڇوڪرو اليساندرو ويٺل هيا. اليساندرو ٻڌايو تہ هو ائڊليڊ ۾ پڙهائي پوري ڪري اٽلي ڳوٺ وڃڻ کان پھريان آسٽريليا جا ڪجهہ شھر پيو گهمي. سنگاپور واري ڇوڪري رڳو سنگاپور کان سيڙجي ميلبورن ۽ آس پاس گهمڻ آيل هئي.
وري سفر شروع ٿيو، اڳتي هلي هڪ جڳھہ تي گاڏي بيھاريائون، هاڻي وارو هئو وڻن ۾ ٽنگيل ڪئالا ڏسڻ جو، هڪ ٻہ نظر آيا باقي ڪل خير، باقي اتي رنگ برنگي طوطا ڏاڍا هئا جيڪي مٿي تي، ڪلھن ۽ هٿن تي اچو ٿي ويٺا. اتان وري هل هلان شروع ٿي، اوشين روڊ کان ٿورو مٿئين پاسي اوٽوي جي رين فاريسٽ ۾ وٺي هليا، اهو منھنجي زندگي جو پھريون تجربو هئو جو ڪنھن رين فاريسٽ ۾ اڌ ڪلاڪ کن جو پنڌ ڪيو هجي، وڻ سوين سال پراڻا هيا ۽ تمام وڏا، ڪي تہ پاڙان پٽجي اتي ئي ڪري اتان جي ماحول جو حصو ٿي چڪا آهن. مينھن اسان جو پيڇو ڪندو پئي هليو، الطاف ۽ آءُ خوش بہ انھيءَ ۾ هئاسين پر ٻيا سياح شايد بيزار پئي ٿيا. پاڻ ڄاڻن.
رين فاريسٽ کان پوءِ اسان مٿي ذڪر ڪيل 12 ايپوسٽليس ۽ آس پاس پھتاسين، اهو قدرتي نظارو ڏسڻ وٽان هئو، اتي مينھن جو پوڻ عجيب هئو، ٻہ منٽ تيز تہ وري ٻہ منٽ هلڪو يا صفا بند، سمنڊ ڪافي مڇريل هئو، زور زور سان سامھون پھاڙ کي پئي اچي ٽڪرايو ۽ چن جا ايپوسٽليس تہ سمنڊ اڳيان ڪجهہ بہ نہ هيا پر رڳو نظارو سھڻو ڪيو بيٺا هيا. اتان کان پوءِ وري اسان ٻن مختلف جائين تي سمنڊ جي ڪناري تي وياسين، هڪ هنڌ ٻن پھاڙين جي وچ ۾ هڪ قسم جو آرچ يا سوڙهو سامونڊي رستو هيو، جيڪو وچ سمنڊ ۾ پئي کليو، اتي سمنڊ جو پاڻي تيزيءَ سان اندر اچي رهيو هئو، اتي هڪ غار بہ هيو پر اندر وڃڻ تي شايد پابندي هئي. آخري سمنڊ جي ڪناري تي وياسين تہ هڪ هنڌ لکيل هيو تہ هتي زهريلا نانگ آهن ۽ هن مخصوص جڳھہ واري پاسي نہ وڃجو، بس پوءِ اسان بہ اتي تڪڙ تڪڙ ۾ ايپوسٽليس ۽ پھاڙي جي وچ ۾ فوٽو ڪڍرائي اتان نڪرڻ جي ڪئي سين. ميلبورن واپس پھچڻ تي اٽلي جي اليساندرو چيو تہ مون سان فوٽو ڪڍرايو ۽ پڇيائين تہ جيڪڏهن اوهان سڀاڻي ميلبورن ۾ هجو تہ گڏجي شھر گهمون، اسان کيس چيو تہ نہ سڀاڻي اسان جو فلپ آءِ لينڊ (ٻيٽ) جو ٽوئر بڪ آهي باقي پرهين ملنداسين. ٻئي ڏينھن فلپ آءِ لينڊ تي وڃڻ ٿيو، اصل ۾ مقصد هئو مني فوٽ جا پين گئين ڏسڻ جو، پھريان هڪ زو ۾ وٺي هليا، جتي اسان ڪئالا ۽ ڪينگروئن سان فوٽو ڪڍرايا، هن ٽوئر ۾ بہ دنيا جي مختلف ملڪن جا سياح هيا ۽ آسٽريليا جي ٻين ڏورانھن علائقن جا سياح بہ هيا. پين گئين ڏسڻ کان وڌيڪ جيڪا ڳالھہ مون کي وڻي سا هئي ڪاٺ جي تختن تي واڪ ڪرڻ ۽ سمنڊ جي موجن جو مزو وٺڻ، پري سمنڊ ۾ ٽي پاڻي جا جھاز بہ نظر آيا جيڪي تسمانيا پئي ويا.
ٽئين ڏينھن اسان جو پروگرام هيو تہ ميلبورن کي اٽالين اليساندرو سان گهمجي، ۽ شام جو دلبر سائين سعيد ٽالپر سان ملڻ جو پروگرام هيو. اسان جيئن ئي فلينڊر اسٽيشن کان ٻاهر نڪتاسين تہ اليساندرو اسان جو انتظار پئي ڪيو. اسان سڀ گڏجي پھريان ٿورو هتي هتي چڪر ڏنوسين، پوءِ ميلبورن جي مشھور نيرن ڪرڻ جي گهٽي ڊيگريوز اسٽريٽ تي آياسين، جتي گڏجي ناشتو ڪيوسين. اليساندرو جي اڄ ڳوٺ واپسي هئي ۽ اسان جي وري سڊني، وري ڪٿي ۽ ڪنھن هنڌ ملڻ جو هڪ ٻئي کي چئي موڪلايوسين. پوءِ الطاف، آءُ ۽ ميلبورن هئاسين، يارا درياھہ جي آس پاس چڪر ڏنوسين، يونيورسٽي ۽ لائبريري ڏٺيسين. هرو ڀرو هڪ جڳھہ کان ٻي ۽ ٻي کان ٽين جڳھہ تائين گهمندا رهياسين. اصل ۾ گهمڻ جو مزو ئي ائين آهي، پيرين پنڌ. ساڳيا ماڻھون هر هنڌ.
شام جو سعيد ٽالپر صاحب سان ملاقات ٿي، اها اسان جي ٻين ملاقات هئي، پھرين ملاقات ٽنڊو ڄام ۾ ٿي هئي. جڏهن پاڻ ناروي پڙهائي لاءِ پئي ويو. هڪ افغان جي کاڌي واري هوٽل تي رات جي ماني تي ۽ هڪ ديسي جي فالودي واري جي دڪان تي ڪچھري ڪندا رهياسين، سندس ناروي جا تجربا ۽ ان کان پوءِ سندس ملائيشيا ۽ آسٽريليا ۾ رهڻ جا تجربا ۽ الطاف جي آسٽريليا ۾ رهڻ ۽ منھنجي سئيڊن ۾ رهڻ جا تجربا هڪ ٻئي سان ونڊ ڪندا رهياسين. اتي ئي ويٺا هئاسين تہ رابرٽ جي فون آئي ۽ پڇيائين تہ جيڪڏهن ويجها هجو تہ مان اچان، اسان چيس نہ بس فون تي ئي موڪلايون ٿا ۽ اسان سندس ٿورا مڃيا. سعيد ٽالپر صاحب جي مھرباني جنھن تمام گهڻو قيمتي وقت ڏنو، آخر ۾ اسان کي ميلبورن جي هوائي اڏي تي ڇڏيائين.جيٽ اسٽار جو جھاز هو ۽ الطاف ۽ آءُ هوائن ۾.

ڪافڪا جي شھر پراگ ۾

ولٽاوا درياھہ جي ڪناري آباد چيڪ ريپبلڪ ملڪ جي گاديءَ واري شھر پراگ ۾ آخري ڏينھن هيو، سڄو ڏينھن پيرين پنڌ گهمي ٿڪجي ٽٽي اچي شھر جي مشھور چارلس پل جي آس پاس چونڪ تي ساهي پٽڻ لاءِ هڪ چرچ جي ٻاهرين ٿلھين تي ويٺاسين. شيدي جن کي پاڻ ڏاڏا سڏيون سي پئي آس پاس ڦِريا ۽ سندن ڪوشش هئي تہ گهمندڙ ڦِرندڙ سياحن کي ڪنھن ٻيڙيءَ ۾ چڪر ڏيارڻ يا ڪنھن ريسٽورنٽ جي ٽڪيٽ وڪڻي وجهون تہ روزي ٺھي. سندن کلڻي منھن مھانڊي ۽ مذاق ڪرڻ جي ڪري گهڻا ماڻھو کائن ٽڪيٽون وٺن بہ پيا. پراگ هڪ تمام سھڻو شھر آهي، جنھن جي تعريف جيتري ڪجي اها گهٽ آهي. آءُ جڏهن بہ ڪو نئون شھر گهمڻ ويندو آهيان تہ اتي جيترا ڏينھن بہ رهڻو هوندو آهي انھن ڏينھن جي لوڪل بسن، ٽرام يا زمين اندر هلندڙ ريل گاڏي جي ٽڪيٽ وٺي پوءِ شھر کي گهمندو آهيان، اهو تمام سولو ۽ سستو طريقو آهي ڪنھن بہ نئين شھر کي گهمڻ لاءِ. ڪٿي ماڻھو مُنجهي پئي تہ پڇڻا نہ منجهڻان واري اصول تحت واٽ ويندڙ ماڻھن کان رهنمائي مليو وڃي. پيرين پنڌ گهمڻ جو بہ وري پنھنجو مزو آهي.
پراگ شھر ٻن حصن تي مشتمل آهي، هڪ اوڀر وارو پاسو ۽ وري ٻيو اولھہ وارو پاسو. هر گهمڻ واري جڳھہ پيرين پنڌ گهمي ڦري سگهجي ٿي. چارلس پل تي هر وقت سياح پنڌ ڪندي ۽ تصويرون ڪڍائڻ ۾ رڌل رهن ٿا. پل تي بيھي نظارو ڪرڻ سان لطف اچيو وڃي، درياھہ مٿان ٺھيل ٻين پلن کي بہ آساني سان ڏسي سگهجي ٿو. بشني پوري دنيا ۾ پيا ڦرن، سو چارلس پل گهمڻ مھل اهو خيال ڪرڻ ضروري آهي تہ متان ڪو بشني کيسو نہ ڪٽي وڃي ۽ پرديس ۾ جيڪڏهن ائين ٿئي تہ ماڻھو واقعي بہ ڏچي ۾ اچي سگهي ٿو. شھر ۾ هر طرف ٽرام هلي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ زمين اندر هلندڙ ريل گاڏي ۽ بسن ذريعي شھر جي هر حصي ۾ سولائي سان اچي وڃي سگهجي ٿو. ملڪ سستو هئڻ ڪري ٻين مھانگن ملڪن جيتوڻيڪ اسڪينڊينيويا جي ملڪن جا ماڻھو گهڻو ڪري اچن وڃن. خاص ڪري اتان جي بيئر کي واپرائڻ لاءِ بہ گهڻا ماڻھو وڃن. شھر جو رات ۽ ڏينھن جو پنھنجو پنھنجو نظارو آهي. پراڻي زماني جون عمارتون ۽ سندن وچ ۾ هلندڙ ٽرامون صفا دل کي موهي وجهن ٿيون. شھر جو پراڻو چونڪ جنھن کي اولڊ ٽائون اسڪوائر بہ چون جيڪو تقريبن هر وقت ماڻھن سان ڀريل رهي ٿو، چونڪ جي آس پاس دڪان، کاڌي کائڻ جا ريسٽورنٽس ۽ چانھہ بسڪوٽ کائڻ لاءِ وري کوڙ ڪيفيٽيريا آهن، جتي ماڻھو ويھي ٿڪ بہ لاهي ۽ چانھہ بسڪوٽ جو مزو بہ وٺي. شھر جي انھي پراڻي چونڪ ۾ وري هڪ پراڻوچرچ بہ آهي، جنھن جا ٽاور وري اسي کن ميٽر ڊگها آهن. انھن ۾ وري هڪ آسٽرونامي گهڙيال لڳل آهي، جيڪو وقت، تاريخ، ڏينھن، سج ۽ چنڊ جي جڳھہ ٻڌائي ٿو. اهو گهڙيال 1410ع کان انھن ٽاورن ۾ لڳل آهي. انھيءَ پراڻي چونڪ ۾ ماڻھو اتي گهوڙي گاڏي يا پراڻين گاڏين ۾ شھر جو سير بہ ڪري سگهي ٿو. شھر ۾ هڪ هنڌ پيٽرن هل جو پارڪ ۽ ان ۾ هڪ ٽاور آهي جنھن تي چڙهڻ کان پوءِ سڄي پراگ شھر کي ڪنھن پکي جي اک سان مٿان کان ڏسي سگهجي ٿو.
شھر جي پھاڙي حصي تي دنيا جو قديم ترين چرچ بہ ڏسڻ وٽان آهي ۽ ان کي ڏسڻ بنا ڄڻ ماڻھو پراگ ئي نہ گهميو. اتي پھچڻ لاءِ پھاڙي طرف پنڌ وڃڻو پوي ٿو، ماڻھو اتي ڏاڪڻ جي ذريعي ٻئي پاسي کان بہ پھچي سگهي ٿو. مون ۽ منھنجي دوست پرنيلا اتي چارلس پل تي پنھنجي هڪ ٻي چيڪ دوستِ مائيڪلا جو انتظار ڪري رهيا هئاسين، جيڪا آفيس کان پوءِ اسان کي شھر جا ڪجهہ ٻيا حصا بہ گهمائڻ لاءِ وٺي وڃڻي هئي. مائيڪلا کي اڃا اچڻ ۾ ڪلاڪ کن لڳڻو هيو، تيستائين مون ۽ پرنيلا سوچيو تہ چارلس پل جي ڀرسان ٽارچر نالي ميوزم گهمي ڏسجي تہ اتي ڇا آهي. ٽڪيٽ بہ گهڻي مھانگي نہ هئي ۽ وقت کي گذارڻ جو بہ موقعو هيو.
ٽارچر ميوزم ٽن منزلن تي مشتمل آهي، جنھن جي هر منزل تي يورپ ۾ پنجين کان پندرهين صدي جنھن کي مڊل ايج يا ميڊيول پيرڊ بہ چيو وڃي ٿو، جي دوران ٽارچر طور استعمال ٿيندڙ تمام اذيت ڏيندڙ لڳ ڀڳ سٺ کن اوزار هن ميوزم ۾ رکيل آهن. اوزار ۽ انھن کي جنھن طريقي سان استعمال ڪيو ويندو هيو، اهو ڏيکاريل آهي. هر حساس دل رکندڙ انسان ڏسي اچرج ۾ اچيو وڃي تہ ڇا انسان بہ انسان تي ايترو ظلم ڪري سگهي ٿو. ميوزم گهمڻ دوران مون ڪجهہ ماڻھن کي پاڻ ۾ چوندي ٻڌو تہ “شڪر آهي جو اسان ان وقت هن دنيا ۾ اڃا ڄاوا ئي نہ هئاسين.” ڪن کان ڇرڪ نڪري ٿي ويا تہ ڪن وري ان دور جي انھن ماڻھن سان همدرديءَ جو اظهار پئي ڪيو، جيڪي ان دور ۾ ان قسم جي ظلم جو شڪار ٿيا هوندا. انسان کي اندر وڃڻ ۽ ڏسڻ کان پوءِ ان دور جي انساني بيوقوفي ۽ شيطاني سوچ جو اندازو ٿئي ٿو جنھن جي نتيجي ۾ ڪي انسان ٿوري يا گهڻي غلطي، سچي يا افواھہ تي مشتمل ماڻھن کي سخت سزائن مان گذرڻو پوندو هئو.
مائيڪلا پراگ شھر جا ڪجهہ حصا ڏيکاريندي رهي، پر آءُ جسماني طور تہ پراگ ۾ هيس پر ذهني طور مون انھن نوجوانن بابت پئي سوچيو جيڪي ان وقت بہ شايد ڪنھن ٽارچر سيل ۾ شديد ذهني ۽ جسماني اذيتن مان گذرندا هوندا.

مراڪش جو سير

مان آهيان تہ سئيڊش پر گذريل پنجويھن سالن کان ڊينمارڪ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ناروي ۾ رهان ٿي. پيشي جي حوالي سان مان نرس آهيان. جھاز اسٽاڪھولم (Stockholm ) کان مراڪش (Marrakech ) طرف تيزيءَ سان اڏري رهيو هئو. جھاز ۾ منھنجي ڀرسان ويٺل چوونجاھہ سالن جي اين ( Ann) مون کان پڇيو تہ تون مراڪش ۾ ڪھڙي هوٽل ۾ رهندين ۽ ڪھڙيون جايون گهمڻ جو سوچيو ۽ رٿيو اٿئي؟ مون کيس هوٽل جو نالو ٽيمپو(Tempo ) ۽ روڊ جو نالوابوبڪر صديق ۽ عمر بن الخطاب ٻڌايو. اها هوٽل حورنيج جي علائقي ۾ هئي. پاڻ روڊ جو نالو ٻڌي يڪدم وراڻيائين تہ منھنجي هوٽل تہ ٻي آهي پر روڊ ساڳيو آهي. سندس هوٽل جو نالو اماني (Amani ) هئو, جيڪا منھنجي هوٽل کان هڪ ٻن منٽن جي وکن تي هئي.
مون کيس ٻڌايو تہ مراڪش جنھن جي معني آهي “ﷲ جو شھر يا گهر”، شھر گهمڻ کان پوءِ آءُ گهڻي قدر ورزازات ( Ourzazat) جنھن جي معني آهي ريگستان جو در ويندس، جتي ايت بن حدو جو ڪسر آهي، جيڪو ڏسڻ وٽان آهي، ٻيو آئٽلس جبلن جي وادي اوريڪا (Ourika) بہ شايد وڃان ۽ ان کان سواءِ اتر آئٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي آباد شھرالصويره (Essaouira )بہ ويندس. اين ٻڌايو تہ هوءَ هتي مون کان ڪجهہ وڌيڪ عرصو گذاريندي ۽ ملڪ کي چڱي ريت گهمندي.
جھاز جيئن ئي مراڪش شھر جي هوائي اڏي تي لھڻ جي ڪئي تہ آس پاس جو علائقو ظاهر ٿيڻ لڳو. ٻارن فوٽ بال راند پئي ڪئي، ٻار راند ۾ ايڏو تہ مگن هئا جو مٿي جھاز ڏي ڏٺائون ئي ڪونہ، جيئن پاڻ سنڌي جھازن کي ڏسندا آهيون.
مراڪش پنھنجي سرن جي رنگ جي عمارتن جي ڪري بہ سڃاتو وڃي ٿو ۽ شھر ڪجهہ وقت کان وٺي سياحن جي توجھہ جو مرڪز ٿي ويو آهي، جتي يورپ جي کوڙ ملڪن مان سڌا جھاز ڀرجي اچن ٿا. ڪن ماڻھن جو خيال آهي تہ جيئن تہ ٿائيلينڊ ۾ سونامي آئي تہ سڀني عياش پرست ماڻھن جو ڌيان هن طرف ويو ۽ انھن کي مراڪش ۾ بہ اهو سڀ ڪجهہ ملڻ لڳو جيڪو هنن کي ٿائيلينڊ ۾ ملندو هئو. پر هاڻي مراڪش ۾ هر قسم جا سياح گهمڻ اچن ٿا جن ۾ يورپ جي ماڻھن جو تعداد تمام گهڻو آهي. هتي مون کي ڌرم ۽ آزادي گڏ گڏ نظر آيا.
هوٽل جي ڪمري تي سامان رکي ٿورو ٿڪ ڀڃي شھر جو رخ ڪيم، خاص طور تي جامع الفنا اسڪوائر واري پاسي. اسڪوائر تمام وڏو آهي جتي هر وقت مقامي ماڻھو ۽ سياح نظر اچن ٿا. هن اسڪوائر تي صبح کان وٺي گھما گھمي شروع ٿئي ٿي جيڪا ويندي رات جو دير دير تائين جاري رهي ٿي. کاڌن پيتن جا اسٽال، ڪرتب ڏيکاريندڙ مداري، جادوگر، ناچو، روز مرھہ جي شين جا اسٽال، واندا ڇوڪرا ۽ وانديون ڇوڪريون هر وقت نظر ايندا. هي اسڪوائر اتر آفريڪا جي روايتي، ثقافتي ۽ تجارتي مرڪز جو هڪ لاجواب مثال آهي. اسڪوائر جي آس پاس وري هٿ جي هنر جا دڪان، هوٽلون، ڪھوا خانا جام نظر ايندا. انھيءَ جامع الفنا يعني مسجد واري چونڪ تي گهمندي گهمندي رات جا يارنھن ٿي ويا ۽ ٿڪاوٽ بہ ٿيڻ لڳي، سو پنڌ ئي واپس هوٽل تي آيس، هوٽل جي ڪمري تي ايڊيٽ باڪس يعني ٽي وي بہ هئي پر منھنجي هرو ڀرو ٽي وي سان گهڻي ڪانہ لڳي سو سوچيم اها بند ئي چڱي آهي.
ٻئي ڏينھن صبح جو ناشتو ڪرڻ لاءِ هوٽل جي لابي کان ٿيندو اچي سوئمنگ پول جي ڀرسان واري ٽيبل ڪرسي والاريم، اڃا اتي ئي ويٺو هوس تہ ٻن مائين کي اردو / پنجابيءَ ۾ ڳالھائيندي ٻڌم ۽ ٿوري دير کان پوءِ انھن سان ڳالھہ ٻولھہ شروع ٿي. ٻئي ماءُ ڌي پنھنجي پٽ ۽ ڀاءُ جي شادي جي سلسلي ۾ مراڪش آيل هيون. وڏي عمر جي مائي ٻڌايو تہ مان اصل ۾ راولپنڊيءَ جي آهيان پر شادي کان پوءِ گذريل پنجاھہ سالن کان اسان لنڊن ۾ رهندا آهيون. ڇوڪري ٻڌايو تہ سندس ڀاءَ سان هتان مراڪش جي ڇوڪري گڏ پڙهندي هئي ۽ هاڻي نوڪري بہ ساڳي ڪندا آهن. مون کي وڌيڪ ٻڌايائون تہ سڀاڻي اسان جا لڳ ڀڳ پنجاھہ ٻيا مائٽ بہ ايندا، ڪجهہ پاڪستان کان ايندا ۽ ڪجهہ وري انگلينڊ کان. ماءُ ۽ ڌيءُ ٻنھي مون کي بہ دعوت ڏني. مون سندن مھرباني مڃي پر معذرت پڻ ڪئي ۽ ٻڌايو مان تہ منھنجو ٽوئر بڪ ٿيل آهي سو مان روز ناشتي کان پوءِ مراڪش جي ٻين شھرن ڏانھن نڪري ويندس ۽ رات دير سان واپس مراڪش شھر ايندس.
اڄ سڄو ڏينھن مراڪش شھر گهمڻ لاءِ هيو، ان کان پوءِ رڳو رات جو ئي واپس ورڻو هئو. جامع الفنا واري چونڪ ۾ ڏينھن جو بہ وڏي گھما گھمي لڳي پئي هئي. دلائل خيرات جي خالق حضرت امام جازولي جي مزار تي حاضري ڀرڻ ۽ مختلف ڪسر ۽ محل ڏسڻ کان پوءِ آءُ مراڪش جي ڍڪ بازار جنھن کي مراڪش جا ماڻھو مدينہ بازار سڏين. ڏسڻ لاءِ ويس. مراڪش جي هن مدينہ بازار ۾ گهڙڻ کان پوءِ مون کي استنبول جي گرانڊ بازار ياد اچي وئي، پر هن مراڪش جي مدينہ بازار جي اڳيان اها استنبول جي بازار صفا ٻار نظر آئي. هن بازار جي مشھور ڳالھہ اها آهي تہ هتي هڪ دفعو اندر وڃڻ کان پوءِ ٻاهر نڪرڻ تمام ڏکيو آهي ۽ ان لاءِ اتان جي مقامي ماڻھن جي مدد وٺڻي ٿي پوي.
اگهن جي حوالي سان هتي بہ ساڳيو پٺاڻن وارو لقاءُ آهي، يعني جيڪڏهن چون پنج هزار تہ پنج سئو ۾ رازي ٿي ويندا ۽ ڪا شئي وٺي ٿورو اڳتي وڃو تہ احساس ٿيندو تہ ڀيڻا اڃا گهٽ چوانس ها، بھرحال آءُ خريداري نہ هئڻ جي برابر ڪندو آهيان، جيڪا سفر ۾ تمام بھترين ڳالھہ آهي، ماڻھو سامان ڍوئڻ کان بچي ٿو پوي. مراڪش هٿ جي هنر جي شين جو لاجواب شھر آهي، بلڪہ سڄي موروڪو ۾ هٿ جي هنر جي شين جو وڏو نالو آهي. مٿان وري هي انھن شين کي ڊيڪوريٽ پڻ ڪري ڄاڻن ۽ ڪمال جا واپاري آهن، مجال آ جو ڪو سياح دڪان ۾ اندر گهڙي ۽ واپس ڪا شئي وٺڻ کان بغير ٻاهر اچي.
بازار ۾ گهمندي گهمندي ٽي چار ڪلاڪ گذري ويا پر هاڻي سائين بازار مان موري جو سومرو ڪيئن نڪري، ڪجهہ ماڻھن کي وڏي واڪي سلام ورائي پڇندو ويس پر ڪم گهڻو هيو، بھرحال ايتري پڪ هئي تہ هتان نڪري ضرور ويندس.
ٿورو اڳتي هلندو ويس تہ اين تي نظر پئي، ساڻس گڏ هڪ ٽورسٽ گائيڊ بہ هيو، پوءِ دل ئي دل ۾ گد گد ٿيڻ لڳس تہ سومرو هاڻي بازار مان سولائي سان ٻاهر نڪري ويندو. اين مراڪش مان ۽ خاص ڪري هن بازار مان ڏاڍو متاثر هئي، چيائين “مان هتي هن بازار ۾ هر هر ايندس ۽ ايستائين ايندس جيستائين پاڻ ٻاهر اڪيلي نہ نڪري سگهان.” اين جي هٿ ۾ خريداري جون ٿيلھيون ڏسي مون کيس چيو هي مراڪش جا عرب ۽ بربر وڏا تيز آهن، سياحن کي ڪجهہ نہ ڪجهہ کڻايو ڇڏين، پاڻ زور سان کلي چيائين “ها بلڪل ائين آهي.”
جامع الفنا جي ويجهو هڪ ريسٽورنٽ تي مون، اين ۽ سندس گائيڊ مراڪش جي مشھور ڊش تاجن کاڌي ، تاجن اصل ۾ ٺڪر جو ٿانءُ آهي، جنھن ۾ هو ڪجهہ بہ پچائي سگهن ٿا، جيئن ڪڪڙ تاجن، ٻڪري، رڍ يا ڳئون جو گوشت ۽ ان سان گڏوگڏ ان ۾ ٻي بہ ڪا سائي ڀاڄي ضرور وجهن. جيئن ايران ۾ ڪھوا چانھہ مشھور آهي تہ هتي وري ڦودني جي تازن پنن جي چانھہ وڏي مشھور آهي ۽ تمام سوادي ٿئي ٿي. ماني کان پوءِ آءُ ۽ اين پنڌ ئي پنڌ پنھنجين پنھنجين هوٽلن ڏانھن وک وڌائي. اين پنھنجي هوٽل ۾ ويندي مون کي چيو تہ مان شايد توسان گڏ الصويره گهمڻ لا هلان، ائين ڪرڻ سان اسان ٻنھي جا پيسا بچي پوندا، مون هٿ لوڏي چيو مانس ها ڪو مسئلو ناهي ۽ مان اوڏانھن ويھين فيبروري تي ويندس.
صبح جو وري ناشتي تي وڏي مائي سندس ڌيءُ ۽ هڪ ٻي عورت نظر آيون، وري ڳالھہ ٻولھہ ٿي، مائي ٻڌايو هيءَ بہ منھنجي ڌي آهي ۽ لنڊن ۾ هڪ پاڪستاني وڪيل سان شادي ٿيل اٿس. وڌيڪ ٻڌايائين تہ اڄ خير سان شادي ٿيندي، مھمان بہ سڀ پھچي ويا آهن. پوءِ محسوس ٿيو تہ ڄڻ اڌ هوٽل پاڪستانين سان ڀريل هجي.
اڄ مون کي هڪ ٽوئرسٽ سونھين جمال سان ورزازات واري پاسي ريگستان ۾ وڃڻو هيو، جتي ڪسر ايت بن حدو ڏسڻو هيو ۽ ورزازات جو شھر پڻ. جڏهن سفر شروع ٿيو تہ مون محسوس ڪيو تہ هتي هر ڏهن پندرنھن ڪلو ميٽرن کان پوءِ زمين جو لينڊ اسڪيپ بدلجي پيو، معني ساوڪ، وري رڃ، ڪٿي ڪٿي برف، ايٽلس پھاڙن جي برف مان گذروڻو پيو، هڪ لائين ۾ کڻي چئجي تہ موروڪو مني پاڪستان هيو، پاڪستان کي جيڪڏهن گهمڻو آهي تہ اهي سڀ شيون يعني برفيلا پھاڙ، ريگستان، کليل ميداني علائقا گهمڻ ۽ ڏسڻ لاءِ گهڻو وقت کپي، پر موروڪو ۾ اهو ڪجهہ ڏينھن ۾ ممڪن آهي.
موروڪو ۾ ماڻھو اُٺن ۽ گهوڙن سان گڏوگڏ گڏهن تي پڻ جام سواري ڪن ٿا. روڊ ڀرسان اسڪولن جا ڏاڍا ٻار لفٽ وٺڻ لاءِ آڱوٺو ڏيکارين ٿا. مون جمال کان پڇيو تہ اوهان هتي لفٽ نہ ڏيندا آهيو ڇا؟ چيائين آءُ جڏهن اڪيلو هوندو آهيان تہ پوءِ ڏئي ڇڏيندو آهيان نہ تہ نہ. مون چيو مانس مون کي ڪو اعتراض ناهي، جيڪڏهن تون ڪنھن کي ڀلي پاڻ سان گڏ کڻي منزل تي پڄائين. هر هڪ شھر جي ٻاهران جڏهن گاڏي پھتي پئي تہ اتي مخصوص جگهہ تي بيھارڻي ٿي پئي ۽ تيستائين هلڻ جي اجازت نہ هئي جيستائين پوليس وارا اشاري سان وڃڻ جو چون، شھر ۾ اچڻ ۽ نڪرڻ تي پورو ڪنٽرول هئو. منھنجو خيال آ تہ شايد اهو ان ڪري ٿا ڪن تہ جيئين تہ موروڪو اسپين ۽ يورپ سان گنڍيل آهي تہ متان ڪي آفريڪا جي ٻين ملڪن جا ماڻھو غير قانوني سندن ملڪ جو استعمال ڪري يورپ نہ هليا وڃن.
ايت بن حدو جو ڪسر ڪنھن دور ۾ مراڪش ۽ صحارا جي وچ ۾ ڪاروان جي ڪم ايندو هئو، اڏاوت جو شاهڪار هئو، ننڍا ننڍا گهر ۽ انھن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ڀتيون ۽ ڪنڊن تي وري حفاظي ٽاور يا برج اٿس. اتي هڪڙي مصوري جي شاهڪار تصوير پيل هئي جنھن تي لکيل هو هتي هن قلعي کان اٺن تي مالي جي شھر ٽمبڪٽو تائين ٻاونجاھہ ڏينھن لڳندا، معني انھي دور ۾ صحارا ريگستان ۾ ڪلو ميٽرن جي بدران سفر ڏينھن ۾ ڳڻيندا هيا. مون کي ڪجهہ وقت لاءِ لڳو شايد مان بہ ان پراڻي وقت ۾ پھچي ويو آهيان. ڪسر ۾ هن وقت هٿ جي هنر جي شين جا دڪان هر چاڙهيءَ تي هئا، پر هتي مراڪش وانگر سياحن سان زوري نہ پئي ڪيائون.
ايت بن حدو جو هي ڪسر هالي ووڊ جي فلمن ۾ اچڻ کان پوءِ ڪافي مشھور ٿيو آهي، گليڊيئيٽر، گيم آف ٿرون، انسيپشن، لارينس آف عربيا ٻين ۽ ڪافي فلمن جا ڪافي سين هن ڪسر ۾ ڀريل آهن. جمال ٻڌايو تہ هاڻي بالي ووڊ بہ هتي موروڪو ۾ فلمن لاءِ اچي پئي پر پاڻ کي خبر ناهي بالي ووڊ جون ڪھڙين فلمن ۾ هن ڪسر يا علائقي کي ڏيکاريو ويو آهي. ورزازات جو شھر ۽ سندس قصبا تائوريرت ڏسڻ کان پوءِ جمال هڪ اسڪول جي اڳيان اچي جيپ بيھاري ۽ ٻڌايائين تہ هي اسڪول فلم جيل بريڪ ۾ جيل جي طور فلمايو ويو هيو، پھريان هتي فلم ٺاهڻ لاءِ ٺاهيو ويو ۽ پوءِ اتان جي انتظاميہ کي ڏنو ويو تہ جيئن ان ۾ اسڪول کولي ٻارن کي سھولت ڏني وڃي. ورزازات جي ڀرسان عرب ليگ نور سولر پاور اسٽيشن قائم ڪئي آهي جيڪا پنج سئو اسي ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش رکي ٿي.
الصويره مراڪش شھر کان ڪو تمام گهڻو پري نہ هو، مزي سان ننڊ ڪري تيار ٿي هوٽل جي لابي ۾ آيس تہ جمال جو ننڍو ڀاءُ بن ياسين منھنجو انتظار ڪري رهيو هئو، اڄ اين بہ اسان سان گڏ هلڻي هئي، کيس اسان سندس هوٽل جي اڳيان اچي کنيو ۽ سفر لا روانا ٿياسين. جيئن جيئن مراڪش شھر کان ٻاهر نڪتاسين تہ ڌوڙ جو طوفان شروع ٿي ويو، جيڪو ڪافي وقت تائين پيڇو ڪندو رهيو پر آخر ۾ اسان کيس پوئتي ڇڏي اڳتي وڌندا وياسين. اڌ واٽ تي بن ياسين اسان کي آرگن تيل جي هڪ وڏي دڪان تي وٺي آيو، جيڪو روڊ سان ئي هيو ۽ اتي فرانس جي سياحن جي وڏي گھما گھمي هئي، فرانس جا سياح شايد موروڪو کي پنھنجو وطن ئي سمجهن ٿا ڇاڪاڻ تہ فرينچ ٻولي پڻ ڳالھائي وڃي ٿي. موروڪو جا ماڻھو هڪ ئي وقت فرينچ، اسپينش، عربي، انگريزي ۽ بربر ٻوليون ڳالھائين ٿا. ٻولين جي اهميت تي وري ڪنھن ٻئي حوالي سان لکبو. اين هن دڪان تان ڪجهہ خريداري ڪئي، جن ۾ آرگن تيل مان تيار ٿيل ڪريمون، صابڻ ۽ ٻيو الائي ڇاڇا شامل هئو. واٽ تي ريڍار ۽ ٻڪرار موروڪو جي مخصوص قميضن ۾ پنھنجي مال کي چاري رهيا هئا، انھن جي دنيا شايد رڳو اها ئي هئي.
الصويره (جنھن جو پراڻو نالو موگادور بہ هيو) ۾ داخل ٿياسين تہ اندازو لڳي ويو تہ هي شھر هپي ۽ جپسي ماڻھن جي آماجگاھہ آهي، هر هنڌ اهي نظر ايندا. موروڪو جي اولھہ ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري هن شھر تي پورچوگيزن ۽ فرينچن جو قبضو رهيو آهي. شھر جي عمارتن جو رنگ اڇي ۽ نيري رنگ تي مشتمل آهي، جيڪو انتھائي سھڻو ۽ دلفريب لڳي ٿو. هن شھر ۾ يھودين جو وڻج واپار تي تمام گهڻو اثر رهيو آهي پر شايد پوءِ هتان لڏي ڪنھن ٻئي هنڌ هليا ويا آهن پر سندن عبادتگاھہ اڃا اتي موجود آهي. ٿي سگهي ٿو ڪجهہ گهر اڃا بہ اتي رهندا هجن، باقي مراڪش ۾ اڄ بہ يھودين جو علائقو موجود آهي پر ظاهري طور شايد خبر نہ پوندي تہ هي مسلمان آهي يا يھودي يا عيسائي.
الصويره مان ائٽلانٽڪ سمنڊ جو نظارو انتھائي سھڻو آهي، مٿان وري جڏهن سياح اتي سرفنگ ٿا ڪن تہ سمنڊ ۾ اڃا بہ رونق وڌيو وڃي. هتي جو سمنڊ ڪنارو انتھائي صاف سٿرو هيو، مھاڻن جو مڇي ڦاسائڻ جو بہ وڏو ڪم هيو، ٻيڙيون تقريبن سڀ جون سڀ نيري رنگ جون هيون ۽ انھن کي اڄ بہ ديسي طريقي سان پندرهن يا ويھن ماڻھن گڏجي پاڻي ۾ ٿي لاٿو يا وري واپس پئي ڪيو، هن شھر کي سمنڊ واري پاسي کان پڻ پراڻي دور جون ڀتيون اڃا تائين اڏيل هيون . شھر ۾ گهڻو وقت رل رلان ڪري پوءَ مراڪش شھر ڏانھن واپسي ڪئي.
هڪ دفعو وري ماءُ ۽ سندس ڌيئرن سان ناشتي واري جڳھہ تي ملاقات ٿي، شاديءَ جون تصويرون بہ ڏيکاريائون. مون کين سندس پٽ ۽ ڇوڪرين کي سندن ڀاءُ جي شادي جون واڌايون پڻ ڏنيون ۽ ٻڌايو مان تہ اڄ مان آئٽلس پھاڙ جي اوريڪا ويلي گهمي پوءِ اتان کان هوائي اڏي تي هليو ويندس. مائي دعائون ڏنيون.
اڄ جمال ۽ سندس ڀاءُ بن ياسين ٻئي گڏ هلڻا هئا، اين بہ اسان کي جوائن ڪيو، اوريڪا ويلي ويندي واٽ تي جمال اسان کي هڪ بربر خاندان جي گهر ۾ صبح جو هڪ دفعو وري ناشتو ڪرائڻ لاءِ وٺي ويو، جتي ڍڳي جي کير جو مکڻ، ماکي ، تازا نان ۽ ڦودني جي پنن جي چانھہ شامل هئي. بربر خاندان جو رهڻ ڪھڻ بہ ائين هيو ڄڻ سنڌ جي ڪنھن سکئي ستابي ٻهراڙي جي گهر جو. اوريڪا ويلي بہ ائين لڳي ڄڻ پاڪستان جي اترين علائقن جو ڪو تفريحي ماڳ، جبل، جبلن مٿان ڀولا، پاڻي جا وهڪرا ۽ انھن وهڪرن جي ڀرسان ڪرسيون ٽيبلون، ڪجهہ پاڻي جي اندر جڳھہ ٺاهي اتي بہ پٽ يا ڪرسين تي ويھڻ جي جڳھہ ٺاهيل هئي. اسان کي اتي وري هڪ مقامي سونھون ڪرڻو پيو جيڪو اسان کي مٿي جبل جي چوٽي جي پاڙ ۾ هڪ آبشار تي وٺي هليو، اتي بہ يورپ جي سياحن جي گهڻائي هئي. هٿ جي هنر جا دڪان جن تي ڪاريگر سندن ڪرت کي لڳا پيا هيا. مون کي اتي هڪ ڪاريگر انتھائي متاثر ڪيو، جيڪو پٿرن کي گهڙي انھن مان مختلف پٿرن جا جانورٺاهي رهيو هئو.
گهوٽ ڪنوار پنھنجي گهر خوش، پوڙهي ماءُ کي بہ سڪون تہ سندس آخري پٽ جي شادي بہ ٿي وئي. سومرو اهو ئي ساڳيو وري جھازن ۾، هتان کان هُت، رل رلان جي پويان، پر انھي قسم جي رلڻ ۾ سچ پچ تہ ڏاڍو مزو آهي. پنجابي ۾ چوندا آهن، رل تي گيان هان پر چس آگئي هي. واپسي تي جمال، بن ياسين ۽ اين منجهند ڌاري مون کي مراڪش جي هوائي اڏي تي لاٿو ۽ پاڻ رمندا رهيا.

يورپ جي ماڻھن جون واندڪائيءَ جون وندرون

رٽائر ٿيڻ کان پوءِ هتي سئيڊن Sweden ۾ يا يورپ جي مختلف ملڪن ۾ ماڻھو مختلف قسم جا شغل اختيار ڪن. ڪي شغل تہ گڏيل طور ٽولن جي صورت ۾ ڪن، ڪي وري پنھنجي پنھنجي پسند جون ڪرتون ڪن. يا جواني ۾ ڏٺل خوابن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. خير خواب تہ ڪڏهن بہ ڪنھن بہ عمر ۾ پورا ٿي سگهن ٿا پر وقت کان اڳ بہ ڪنھن شي جو ملڻ ٿورو هضم دير سان ئي ٿيندو، جيئن پاڻ وٽ سنڌ ۾ هڪ مخصوص ۽ خاص چمچن جي ٽولن ۽ ماڻھن کي وقت کان گهڻواڳ ايترو تہ مال مليو آهي، جو هاڻي انھن کي سمجهہ ۾ ئي نہ ٿو اچي تہ هي ڪو خواب آهي يا حقيقت. سندن لاءِ عزت اچڻي وڃڻي شيءِ آهي، رڳومال ملندو رهي، بس.
اسٽاڪھولم (Stockholm ) شھر جي وچ ۾ هڪ علائقي جو نالو آهي گملااستان ( Gamla Stan) هي علائقو اصل ۾ پراڻو اسٽاڪھولم آهي، هن علائقي ۾ 35 اسڪوائر ميٽر فليٽ جي قيمت 5 ملين سئيڊن ڪرونا آهي، گهڻن ماڻھن جو خواب هوندو آهي تہ هن علائقي ۾ رهجي ۽ ڪافي ماڻھو اتي رهن بہ ٿا، پر گهڻي قدر وڏي عمر جا يا ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ. پرنيلا ( Pernilla ) جي ماءُ جي هڪ ننڍ پڻ جي دوست آهي انيتا (Agneta )، عمر 65 سالن کان مٿي هوندس. سائين هن مائي بہ هن علائقي ۾ هڪ فليٽ ورتو ۽ اسان کي بہ اتي دعوت ڏنائين تہ اچي منھنجو فليٽ ڏسي وڃو. سو هلو ڏسون انيتا آنٽي جو فليٽ.
فليٽ تہ واقعي ننڍو هئو، مون پڇيو مانس تہ هيڏي وڏي رقم ۾ تو هتي فليٽ ڇو ورتو، جڏهن تہ ساڳي قيمت ۾ تون ڪنھن ٻئي هنڌ هن کان ڪشادو گهر وٺي پئي سگهين؟ هوءَ سوال کان پوءِ ٿورو سوچ ۾ پئجي وئي ۽ ٿوري دير کان پوءِ سگريٽ جو وڏو ڪش هڻندي چيائين تہ شاگردي واري دؤر ۾ جڏهن آءُ هن علائقي ۾ هڪ ريسٽورنٽ تي بيرا گيري ڪندي هئس تہ اها منھنجي خواهش هوندي هئي تہ هن علائقي ۾ منھنجو پنھنجو گهر هجي ۽ آءُ شھر جي وچ ۾ رهان. سو هاڻي وڃي اهو خواب پورو ٿيو آهي ۽ آءُ ڏاڍي خوش آهيان. مون وڌيڪ کوٽيندي پڇيومانس تہ، جيئن تہ زندگي جي آخري گهڙين تائين ماڻھو خواب ئي ڏسندو رهي ٿو ۽ انھن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش پڻ، سو هاڻي ٻيو اهڙو ڪھڙو تنھنجو خواب آهي جيڪو تون پورو ڪرڻ چاهيندينءِ؟ وري ٻيو سگريٽ دکائيندي چيائين تہ تون صحيح ٿو چوين، زندگي ۾ گهڻا خواب آهن ۽ هر خواب شايد پورو نہ بہ ٿي سگهي پر منھنجي ڪوشش آهي تہ جيڪي دنيا جا ملڪ اڃا گهمي ناهيان سگهي انھن کي گهمي وٺان. مون کلندي چيو مانس تہ جيڪڏهن تون سنڌ ۾ ڪرپٽ ۽ نااهل حڪمران يا سياستدان هجين هان يا وري ٿوري چمچي، يا ذخيرا اندوز تہ، تو جنھن خواب کي پورو ڪرڻ لاءِ زندگي جا 45 سال انتظار ڪيو آهي، اهو سچ ۾ ٿوري وقت ۾ پورو ٿي وڃي هان. سندس وراڻي سولي ۽ سڌي هئي تہ جيڪڏهن ڪنھن خواب کي ايترو جلد مڪمل ڪري وٺجي تہ ان جو اهو مزو بنھہ نہ ايندو جيترو ان کي وڏي جدوجهد ڪرڻ کانہ پوءِ حاصل ڪرڻ ۾.
سو سائين ڳالھہ پئي هلي ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ شغلن جي، هتي ماڻھو 60 يا 65 کانپوءِ ريٽائر ٿيو وڃن ، ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ ڪي ٽولن جي صورت ۾ نون نون پکين جي ڳولا ۾ نڪرن يا ڪي وري وڃي ڪنھن ڪيفيٽيريا يا کاڌي پيتي واري هوٽل تي ويھن ۽ روز مرھہ جون ڳالھيون ڪن. ڪي وري اونھاري جي موسم ۾ پلاسٽر آف پيرس يا سيمينٽ مان مختلف قسم جون شيون ٺاهين يا ڪي وري مصوري ڪن. ڪي ريٽائر ماڻھو وري گروپن جي صورت ۾ جهنگن جهنگلن ۾ وڃي پنڌ ڪن. اهي ٽولا ڪڏهن ڪڏهن عورتن تي مشتمل ٿين يا وري ڪڏهن رڳو مردن تي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري مرد توڙي عورتون گڏجي اهي شغل ڪن. ڪن جو وري نون نون گلن ۽ ٻوٽن سان چاھہ ٿئي ۽ سندن مشغلو رڳو نوان نوان گل پوکڻ ۽ انھن جي سار سنڀال ڪرڻ هجي ٿو. هڪ دفعي مون کي منھنجا فرينچ دوست ڪرسٽين (Christine) ۽ سندس مڙس پئٽرڪ (Patrick) فرانس جي شھر لي مانس (Le Mans) وٺي ويا جتي ڪرسٽين جو چاچو پنھنجي زال سان گڏ رهندو هو. پئرس (Paris) کان نڪرڻ کان پوءِ اسان کي ڪار ۾ اڍائي ٽي ڪلاڪ کن لڳي ويا. اسان جيئن ئي سندس چاچي وٽ پھتاسين تہ همراھہ کي هورا کورا هئي تہ منھنجي ڊرائنگ واري ڪمري ۾ هلو تہ اوهان کي پنھنجي مصوري ڏيکاريان. اسان بہ چيو ڀلا همراھہ کي راضي ڪيون، سو وڃي ڪمري کان نڪتاسين، هي ڪمرو نہ پر هڪ وڏو هال هيو جتي هن همراھہ پنھنجو مصوري جو شغل ٿي پورو ڪيو. همراھہ جو هٿ بھرحال سٺو هيو پر مون وري ٿوري وڌيڪ تعريف ڪندي چيومانس تہ تون هن صدي جو مائيڪل اينجلو (Michael Angelo) ۽ پڪاسو (Picaso) آهين، اهو ٻڌي همراھہ جون واڇون خوشي مان ٽڙي ويون. سندس زال جو شوق وري دنيا جي ملڪن جون پوسٽ جون ٽڪليون گڏ ڪرڻ هيو. منھنجو اٽلي جو دوست گئيڊو Guido جيڪو اٽلي جي شھر ميلان Milan ۾ رهي سو وري دنيا جي مختلف ملڪن ۽ شھرن جي نالن وارا چانھہ جا ڪوپ گڏ ڪري، جڏهن بہ همراھہ ڏي گهمڻ وڃجي تہ ڪنھن نہ ڪنھن شھر يا ملڪ جي نالي وارو ڪوپ وٺي وڃجيس تہ همراھہ خوش ٿيو وڃي.
ڪڏهن ڪڏهن تہ ائين بہ ڏسجي ٿو تہ ريٽائرمينٽ سان شوق يا شغل جو تعلق ناهي، ماڻھو پنھنجي جواني ۾ بہ مختلف قسم جون وندرون ڪري سگهي ٿو، جيئن آئسلينڊ (Iceland ) ۾ وري منھنجي دوست ايوي (Eyvi) جي ماءِ خير اڃا ريٽائر تہ ڪانہ ٿي هئي پر جڏهن آءُ رئيڪجيويڪ (Reykjavik ) ۾ سندن گهر ويو هوس تہ سندس ماءُ دنيا جي مختلف ملڪن جون گڏيون ڏيکاريندي ٻڌايو تہ سندس صرف اهوئي هڪ شوق آهي تہ دنيا جي مختلف ملڪن جون گڏيون گڏ ڪري. هي ليک آءُ هن وقت لنڊن (London) مان لکي رهيو آهيان، هتي لنڊن ۾ ادي سڪينہ جي گهر ۾ بہ مختلف گل ۽ ٻوٽا ڏسي اندازو ٿئي ٿو تہ ادي جو ڪيڏو نہ گلن ۽ ٻوٽن سان چاھہ آهي. سوچيندو آهيان تہ اسان وٽ سنڌ ۾ عورتن کي الائي ڪڏهن ايڏي آزادي ملندي جو هو بہ وڃي پنھنجي ساهيڙين سان گڏ مختلف قسم جون ڪرتون ڪنديون ۽ زندگي جو ڀرپور مزو وٺنديون.

سئيڊن، اسڪاٽلينڊ، پاڪستان ۽ ايران جون يادون

پنھنجي پاڻ کي تيز پوندڙ برف کان بچائيندي اچي اسان جي رڌڻي جي دري کان بيٺو، جتي آءُ ماني پچائي رهيوهوس. چيائين ڀيا ميري لئي بهي دو روٽي بناهي لو، ادهر ڪونسي امي ديکھہ رهي هي. مون مشڪندي چيو مانس ٺيڪ هي، آجائو.
سائين ٿيو ائين جو منھنجو ڪلاس فيلو ڪارتيڪ جيڪو انڊيا جي شھر حيدرآباد دکن جي آس پاس جو آهي، يونيورسٽي کان واپس ايندي اسان جي ڪاريڊور کان اچي لنگهيو. مون کي رڌڻي ۾ ڏسي هلي آيو۽ پڇيائين تہ “ڀيا ڪيا بنا رهي هو؟ مجهي ڀي بوک لڳي هي.” مون ٻڌايو مانس تہ “چڪن ڪري بنائي هي، بيٺو روٽي لڳا رها هون، مل ڪر کاتي هين.” اتي ڪجهہ سوچي چيائين “ڀيا آج تو مين ڪوئي ڀي گوشت نھين کا سڪتا، ڪيونڪ آج ڪي دن گوشت کانا منع هي، امي ديکي گي تو مار دي گي مجهي.” ائين چئي ننڍو منھن ڪري رڌڻي مان نڪري ويو. ٿوري دير کان پوءِ وري اچي رڌڻي جي دري کان بيٺو ۽ کلندي چيائين تہ “اڌر ڪونسا امي مجهي ديک رهي هي.”
آءُ جڏهن اسڪاٽلينڊ (scotlanS) جي شھر ڊنڊي (Dundee) ۾ يونيسڪو (Uniceso) طرفان منعقد ڪيل پاڻي جي بين الاقوامي قانون جي سکيا تي ويل هيس تہ پھرئين ئي ڏينھن ڪلاس ۾ هڪ انڊيا جي آسام (Assam) رياست جي شھر سلچر (Silchar) جي مسلمان ڇوڪري علي اوسماني سان ملاقات ٿي، جيڪو اتي ايل ايل ايم ڪري رهيو هئو ۽ پاڻي جي بين الاقوامي قانون واري سکيا بہ سندن تعليم جو حصو هئي. ڏاڍو پيارو ماڻھو هيو. جڏهن خبر پيس تہ آءَ بہ سندس گهر جي ڀرسان ئي هڪ مھيني لاءِ گهر ڪرائي تي ورتو آهي تہ پاڻ ڏکارو ٿيندي چيائين تہ “يار پهلي ملاقات هوتي تو مين آپڪو اپني گهر مين ڪمرا ديتا.” بھرحال آءُ تہ هڪ مھيني جو ڪرايو اڳواٽ ڏئي چڪو هوس. پر پوءِ تقريبن روز ڪلاس کان پوءِ اسان گڏجي گهر موٽندا هئاسين ۽ علي مون کي پنھنجي گهر وٺي ويندو هيو ۽ گڏ ماني بہ پيا ٺاهيندا هئاسون ۽ پاڻي جي بين الاقوامي قانونن بابت پيا بحث مباحثا ڪندا هئاسون. علي کاڌي ۾ ڀلي ڇا بہ ٺاهي پر هر کاڌي سان گڏ سائو مرچ ۽ ڪچو بصر ضرور ڀڃي رکندو هئو، جيڪو پوءِ آءُ بہ شوق سان کائيندو هوس.
پوءِ اڳتي هلي ڳالھہ کلي تہ علي جو پيءُ آسام جي صوبائي اسيمبلي جو ٻہ ٽي دفعا ميمبر ۽ انڊيا جي قومي اسيمبليءَ جو بہ ٻہ ٽي دفعا ميمبر رهي چڪو آهي ۽ مختلف کاتن جو وفاقي وزير پڻ. انھن سڀني ڳالھين جي باوجود علي موڪل وارن ڏينھن ۾ ڪنھن ريسٽورنٽ تي ڪم پڻ ڪندو هئو. پاڻ ٻڌايائين تہ مان بينڪ کان قرض وٺي هتي پڙهڻ آيو آهيان ۽ چاهيان ٿو تہ جلد تعليم مڪمل ڪري واپس وڃان ۽ قرض لاهيان. مون اها ڳالھہ ٻڌي مرڪندي چيو مانس تہ “اگر آپ ڪي والد پاڪستان مين وزير هوتي تو نظارا ڪڇ اور هوتا.” پاڻ بہ کلي چيائين “عبدﷲ ڀائي، هماري پاس ڀي ڪرپشن هي ليڪن هر انسان ڪرپٽ نھين هوتا اور مجهي اپني والد پي فخر هي ڪي ان ڪا دامن صاف هي.” آءُ بہ ساڻس سهمت ٿيندي چيومانس تہ “يه واقعي مالڪ ڪي نعمت هي ڪي والدين اولاد ڪو حق حلال ڪا رزق کلائين.” ۽ کيس بابا جو مثال ڏيندي ٻڌايومانس تہ “مجهي ڀي اپني والد پر فّخر هي، انھون ني ڀي ميري دادا ڪا ڪاروبار سنڀالا اور آج تڪ سنڀالتي هين اور همين ڪسي چيز ڪي ڪمي نھين هوني دي.”
هڪ دفعي برف ڏسڻ جو اچي شوق ٿيو سو آءٌ، منھنجا ڀائر فاروق ۽ سليم ، اسان ٽئي ڀائر ڪوھہ مري وياسين ، اتي برف پيل تہ ضرور هئي پر گهٽ ، سو اسان اتي رٿيو تہ مالم جبا سوات ٿا هلون جتي برف جام پيل هوندي. اسان پنڊي سخت سيءَ ۾ صبح جو سوير ڇڏي مينگورا لاءِ نڪتاسين ۽ اتان وري پوءِ مالم جبا وين ۾ چڙهي پھتاسين جتي ايتري تہ برف پيل هئي جو برف ڏسڻ جو خواب واقعي پورو ٿيو. اها هڪ ڏينھن جي تڪڙي ياترا تمام گهڻي يادگار رهي.
هڪ دفعي گلگت بلتستان جي شھر اسڪردو ۾ ڀائو فاروق ۽ ڪجهہ ٻين دوستن سان ويل هئاسين، گهمندي ڦرندي خرپوچو قلعي جي پاسي کان وڃي نڪتاسين جتان سنڌو درياھہ جو تمام دل کي موهيندڙ نظارو ڏسبو آهي. ڪافي دير ديدار ڪندا رهياسين ۽ جڏهن ٿورو سيءُ محسوس ٿيو تہ کڻي واپسي ڪئيسين. واپس ورندي هڪ بزرگ اسان کي پنھنجي گهر وٽ بيھاري پاڻ اندر هليو ويو ۽ ٿوري دير کانپوءُ سيرو ۽ ماني کڻي آيو ۽ چيائين تہ نيازکائو. اسڪردو جي انھي گهٽي ۾ نياز کائيندي سچ پچ تہ ڏاڍو مزو آيو هو.
مشهد ايران ۾ امام علي رضا جي روضي تي بہ ٻاهران آيل مھمانن کي مھماني کارائين. آءُ جڏهن اها مھماني کائڻ پي ويس تہ ٻاهر بيٺل ڪجهہ ماڻھن چيو تہ ڪجهہ اسان جي لاءِ طبرڪ طور بچائي اچجانءِ. اها ماني بہ ڏاڍي سوادي هئي.

مختلف سفرن جون يادون

جاويد اختر جي شاعري آهي تہ ” دلون مي تم اپني بي تابيان لي ڪي چل رهي هو تو زندھہ هو تم، نظر ۾ خوابون کي بجليان لي ڪي چل رهي هو تو زندھہ هو تم، هوا ڪي جهونڪون ڪي جيسي آزاد رهنا سيکو، تم ايڪ دريا ڪي جيسي لھرون مي بهنا سيکو، هر ايڪ لمھي سي تم ملو کولي اپني بانھين، هر ايڪ پل ايڪ نيا سمان ديکين گي نگاهين، جو اپني آنکون مي حيرانيان ليڪي چل رهي هو تو زندھہ هو تم، دلون مي تم اپني بي تابيان لي ڪي چل رهي هو تو زندھہ هو تم.”
مون هن مٿئين شعر کي سمجهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، ۽ دل ۾ بي تابي، نظرن اڳيان خواب، حيرانيون، هوا جا آزاد جهونڪا، درياھہ جون آزاد لھرون، ۽ زندگي جي هر هڪ گهڙي سان ملڻ جي ڪوشش ڪرڻ بابت سوچو، ۽ مون سيلاني جي منھن ۽ چپن تي مشڪ هئي ڇاڪاڻ تہ مون انھن بي تابين، حيرانين ۽ خوابن جو پيڇو ڪيو ۽ مون پنھنجو پاڻ کي هوا جي آزاد جهونڪن ۽ درياھہ جي آزاد لھرن وانگر پاتو. مون پنھنجي پاڻ کي ڳولھي لڌو.
2009ع ۾ منھنجي زندگي جو هڪ بھترين ۽ يادگار سفر اسٽاڪھولم کان سئيڊن جي اتر ۾ واقع شھر ڪيرونا تائين جو هئو جنھن ۾ مون هڪ مھيني لاءِ سفر هچ هائيڪنگ (جنھن جو مطلب تہ مختلف گاڏين جي ڊرائيورن کي آڳوٺي جي نشان سان عرض ڪرڻ تہ ٻيلي مون کي بہ کنيو هلو)، بسن، ريل گاڏين ۽ پنڌ ذريعي ڪيو هو. ڪٿي ڪٿي ڪوچ سرفنگ (جنھن جو مطلب تہ مختلف ماڻھن جي گهرن ۾ هڪ ٻن ڏينھن لاءِ رهڻ ) ڪئي هئي تہ ڪٿي وري جهر جهنگ ۾ پنھنجي خيمي ۾ ستو هئس. ان سفر دوران ڪافي ماڻھن سان ملاقاتون پڻ ٿيون جن سان اڄ بہ سٺي دوستي آهي. اهو سفر جيئن تہ اونھاري جي مند ۾ هيو، سو مون کي اتي ڪيرونا ۾ “مڊ نائيٽ سن“ ، سولي سنڌي ۾ اڌ رات وارو سج ڏسڻ جو موقعو پڻ مليو. اصل ۾ اهي، اهي ئي علائقا آهن جتي ڇھہ مھينا ڏينھن ۽ ڇھہ مھينا رات ٿيندي آهي.
سئيڊن ۾ يورپ جي ٻين ملڪن جا سياح ايندا آهن تہ دانھون ڪندا آهن تہ ملڪ ڏاڍو مھانگو آهي، ۽ واقعي آهي بہ، پر جيڪي ماڻھو هن ملڪ ۾ رهن ۽ ڪمائين ٿا انھن لاءِ اهو عام رواجي يا نارمل آهي ۽ محسوس گهٽ ٿيندو آهي. هڪ دفعي آءٌ جرمني جي بريمن، هئمبرگ ۽ ڪجهہ ٻين علائقن ۾ سياحت ڪئي هئي ۽ اتي شين جا اگهہ تمام گهٽ لڳا، پوءِ ان ڳالھہ جي تصديق ٿي تہ ماڻھو ڇو دانھون ڪندا آهن. وري ان جي ابتڙ آءُ جڏهن لنڊن ۾ اتان جي عام پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪندو آهيان تہ اسٽاڪھولم جي بنسبت ان جا اگهہ تمام گهڻا لڳندا آهن.
گذريل سال يعني 2021ع ۾ مون سئيڊن کي ڪافي گهميو، پنھنجي دوست ذيشان خان ۽ ناصر سان گڏ گوٿنبرگ جي ڀرسان هڪ ٻيٽ وڙانگو وڃڻ ٿيو، ان ٻيٽ تي جيڪي ماڻھو رهن ٿا اهي پنھنجون گاڏيون گوٿنبرگ ۾ بيھاري پوءِ ڪلاڪ مني جي سفر تي پاڻي جي جھاز ۾ چڙهي سندن گهرن ڏانھن وڃن ٿا، ٻيٽ تي شايد رڳو ماڻھن وٽ يا تہ سائيڪلون يا تہ ننڍي انجڻ واريون موٽر سائيڪلون هيون. ان ٻيٽ تي تمام بھترين ۽ سھڻا گهر ٺھيل هئا. اتي زندگي جي ضرورت جون سڀ شيون هيون. اتان پھاڙ تان آس پاس جو نظارو تمام خوبصورت هئو. اسان اتي ڪافي وقت تائين هائيڪنگ ڪندا رهياسين، اتي بہ ماڻھن سمنڊ جي نمڪين پاڻي ۾ ٽٻيون ڏئي پوءِ ڪناري جي واري ۽ پٿرن تي اچي اس ۾ بت ٿي سيڪيو. مون اتي ڏٺو تہ ماڻھو اتي ڪيمپنگ ڪرڻ لاءِ پڻ آيل هئا.
ٻئي دفعي گذريل سال ئي هڪ دفعو وري ذيشان خان سان سندس ڪار ۾ سئيڊن جي شھر گوٿنبرگ کان ملڪ جي اتر ۾ اوري شھر تائين وڃڻ جو ارادو ڪيوسين. ارادو اهو هو تہ خيمي ۾ رهڻو آهي، پنھنجي ماني ٽڪي پاڻ ڪرڻي آهي، جتي دل چوي اتي بيھڻو آهي. اهو بہ هڪ تمام يادگار سفرهئو. مون محسوس ڪيو تہ سئيڊن جو اهو اوڀر کان مٿي اتر طرف ويندڙ رستو تمام بھترين ۽ سھڻو آهي. اسان سان گڏ عام رواجي ڪيميرائن سان گڏوگڏ ڊرون ڪيميرا پڻ هئي جنھن اسان جي سفر کي وڌيڪ دلچسپ بڻايو. ان سفر ۾ اسان جهرَن جهنگن جي وچان تمام سوڙهن روڊن تان گذرياسين، تمام خوبصورت ڍنڍن جي ڪنارن سان گذرڻ ٿيو. رات جو جيڏي مھل سج لٿو تہ اسان بہ سوچو تہ هاڻي ڪٿي هلي بيهجي ۽ خيمو کوڙجي. پوءِ وڃي هڪ هنڌ ڊلارنا جي علائقي ۾ ڪنھن ڍنڍ جي ڪناري خيمو لڳايوسين. هيو تہ اونھارو پر ماحول ۾ هلڪو هلڪو سياٽ هو. پيٽ جي پوڄا ڪندي ڪچري بہ ڪندا رهياسين. هون تہ اتي ماحول ۾ انتھا درجي جي خاموشي هئي، پر رکي رکي اتي ڍنڍ جي پکين پئي ٻوليو، بدڪن ۽ ٻين آبي پکين بہ پاڻي ۾ ٽٻيون پئي هنيون جنھن جي ڪري ماحول ۾ وقفي وقفي سان خاموشي ٽٽي ٿي. مون کي لڳو ڄڻ اسان انھن آبي پکين جي سلطنت ۾ زوري گهڙي آيا هجون. صبح جو اک کلي تہ سبحان ﷲ، ڇا تہ انتھا درجي جو خوبصورت نظارو اسان جي اکين آڏو هئو. نقشي تي ڏٺو تہ اسان ڊلارنا جي اورشا ڍنڍ جي ڪناري خيمو کاهوڙيو هئو. سفر وري هڪ دفعو شروع ٿيو، اسان وچان وچان تمام سھڻن علائقن مان ۽ سوڙهن يا کڻي چئجي ڪنٽري روڊن سان پئي سفر ڪيو. رات دير سان اوري شھر جي ٻاهران هڪ ڪيمپنگ سائيٽ ۾ وڃي خيمو لڳايوسين جتي ڪافي سھولتون موجود هيون جن جو ڀرپور فائدو ورتوسين. اتي اوري ۾ ئي پھريان چيئر لفٽ، پوءِ ڪيبل ڪار ۾ مٿي وياسين، جتان وري هڪ ڪلو ميٽر پھاڙي جي چڙهائي هئي جيڪا اسان آهستي آهستي ٻين سياحن وانگر چڙهڻ شروع ڪئي. اتان بلڪل ٽاپ تان هر پاسي نظارا ئي نظارا هئا، آس پاس جي علائقن جون ڍنڍون ، لينڊ اسڪيپ سڀ جو سڀ اسان کي پنھنجي هٿ جي تريء تي پئي نظر آيو. واپسي تي اوري شھر جو چڪر ڏئي، اسان واپسي سئيڊن جي اوڀر واري پاسي ڪئي، ۽ وچ ۾ هڪ رات سندسوال جي سمنڊ ڪناري هڪ ڪيمپنگ سائيٽ ۾ گذري.
2021ع ۾ ئي ٻين سفرن سان گڏوگڏ پاڻي جي جھازن ۾ سفر ڪرڻ جو موقعو پڻ مليو. مون، منھنجي دوست شعيب ۽ سندس ڀاء راشد پاڻ ۾ سئيڊن جي بالٽڪ سمنڊ ۾ هڪ ٻيٽ گاٽلينڊ جي شھر وسبي وڃڻ جو ارادو ڪيو. اهو ٻيٽ ڪنھن بہ پل يا ٽنل جي ذريعي ملڪ جي ٻين حصن سان ڳنڍيل ناهي. اوڏانھن ماڻھو يا تہ پاڻي جي رستي يا وري هوائي جھاز ۾ ئي وڃي سگهي ٿو. اسان پاڻي واري جھاز ۾ وياسين، جھاز انتھائي دلڪش هو. اسان جيئن ئي پورٽ تي لٿاسين تہ اتان ٻين سياحن سان گڏ گڏ شھر جي پاسي وڃڻ شروع ڪيوسين. مينھن بہ اچي شروع ٿيو پر مينھن کان بچاء جو بندوبست هيو. اسان کي اتي شھر جي باهران حفاظتي اونچي ڀت ۽ وچين دور جا حفاظتي ٽاور ۽ سينٽ نڪولائي ۽ سينٽ ڪيرن جا کنڊر، گرانڊ ۽ سينٽ ميري ڪيٿيڊرل، بوٽانيڪل گارڊن، اتان جو مک چونڪ، ۽ پٿريليون گهٽيون ڏسڻ جو موقعو مليو. اتي جي جيڪا مک خريداري جي گهٽي هئي اتي برانڊيڊ شين جا دڪان گهٽ ۽ مقامي ماڻھن جا سادا پر انتھائي سھڻا دڪان آهن.
2021ع جو اخري سفربہ وري پاڻي جي جھاز ۾ ٿيو، جنھن ۾ هارنوساند ۽ هوگا ڪستن جنھن کي هاءِ ڪوسٽ چئجي ڏسڻ جو موقعو مليو. اسٽاڪھولم مان ئي جھاز هليو، ۽ بالٽڪ سمنڊ ۾ مٿي اتر طرف گلف آف بوٿنيا طرف سڄي رات هلندو رهيو ۽ صبح جو اچي هارنوساند جي شھر پھتو جتي اسان کي گهمڻ لاءِ ڇھن ڪلاڪن جو وقت ڏنو ويو. هن شھر ۾ آءُ هڪ دفعو پھريان بہ آيل هيس جڏهن سئيڊش انٽر نيشنل ڊويلپمينٽ ايجنسي وارن اويلئيشن جو ڪورس ۽ ٽرينگ ڪرائي هئي. تڏهن شھر گهمڻ جو موقعو نہ مليو هو. پر هاڻي هتي آيل ئي گهمڻ لاءِ هئاسين. شھر ڪافي سھڻو آهي، گهڻي قدر سئيڊن يا يورپ جي ٻين شھرن وانگر ئي مثئلن، شھر جو مک چونڪ، وڏو گرجا گهر يا ڪيٿيڊرل، پنڌ گهمڻ ۽ خريداري ڪرڻ جي گهٽي، باغ، گلن جون ڪياريون، ماڻھن جي تفريح لاءِ انتھائي سھڻا پارڪ وغيرہ. شھر ۾ ڪجهہ ميوزم بہ آهن جن ۾ ڪارن جو ميوزم وڌيڪ مشھور آهي. اتي مون سان ماري ۽ سندس مڙس توماس پڻ ملڻ آيا، جيڪي هارنوساند کان اتر طرف ڪو لڳ ڀڳ هڪ سئو ڪلو ميٽر اووڪ شھر جي ڀرسان رهندا آهن، ماري ۽ توماس سان منھنجي پھرين ملاقات 2009ع ۾ ٿي هئي جڏهن آءَ اتر ۾ ڪيرونا کان واپسي تي انھن جي گهر رهيو هوس. اسان اتي گڏجي منجهند جي ماني پڻ کاڌي ۽ هڪ ٻئي کي تحفا وغيرہ پڻ ڏناسين. واپسي تي جھاز هوگا ڪستن پاسي هليو، ۽ وات مان سبحان ﷲ نڪري وئي، انتھائي خوبصورت سمنڊ، درياھہ ، آس پاس ننڍن پھاڙن ۽ جهنگن جو سلسلو هو. انھن سڀني جي خوبصورتي کي وري اتي ٺھيل هوگا ڪستن پل وڌائي رهي هئي جيڪا اسڪينڊينيويا جي ٽيون نمبر وڏي سسپينشن پل آهي. مون کي اتي اها پل ڏسي سنڌو درياھہ تي اڏيل دادو مورو پل، سکر ۽ ڄامشوري واريون پليون ذهن تي تري آيون. آتي هڪ گهر تي اک پئي، مون سوچو تہ ڄڻ موري جي ڀرسان لليا جو ڳوٺ آ، ۽ هاڻي ڄاڻ پل جي ڀرسان سائين عبدﷲ جيسر جو ڳوٺ ايندو پر جھاز جو اوچتو وڏو هارن وڄايو تہ للين کان واپس هوگا ڪستن پھچي ويس جتان اسان جي اسٽاڪھولم لاءِ واپسي هئي.
آءُ ڀلي دنيا جي ڪھڙي بہ ڪنڊ ۾ هجان پر سنڌ منھنجي هن وجود ۾ آهي، ڪنھن شاعر جي چواڻي تہ:

هتان اچي ويھہ، تہ سونھن ڏيکاريانءِ سنڌ جي،
بيوس بسم ﷲ چئي، چمان اباڻو ڏيھہ.