ٻاراڻو ادب

پکراج پري

ڊاڪٽر پروين موسيٰ جون دلچسپ پيرائيءَ ۾ ٻارڙن لاءِ لکيل هيءُ ڪھاڻيون فقط انوکيون ڪونھن پر دلچسپ هئڻ سان گڏ سبق آموز ۽ اصلاحي پڻ آهن. ڊاڪٽر پروين موسيٰ جون ڪھاڻيون پڙهي ايئن لڳندو آهي تہ ڄڻ هوءَ ٻارڙن جي ڀَرِ ۾ ويھي ٻارن سان سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالھائي رهي آھي

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book پکراج پري

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ پاران ٻارن لاءِ لکيل ڪھاڻين جو مجموعو ”پکراج پري“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ جون دلچسپ پيرائيءَ ۾ ٻارڙن لاءِ لکيل هيءُ ڪھاڻيون فقط انوکيون ڪونھن پر دلچسپ هئڻ سان گڏ سبق آموز ۽ اصلاحي پڻ آهن. ڊاڪٽر پروين موسيٰ جون ڪھاڻيون پڙهي ايئن لڳندو آهي تہ ڄڻ هوءَ ٻارڙن جي ڀَرِ ۾ ويھي ٻارن سان سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالھائي رهي آھي
ھي ڪتاب سنڌ سلامت پاران 2024ع ۾ ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ آندو ويو آھي. ٿورائتا آھيون ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

ٻاراڻي ادب جو چمڪندڙ ستارو، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ....!

کنياسين نئين نسل خاطر هي پيرا روشني بڻبا،
اسان جي سگهہ، سھپ ڏسجو، انڌيرا روشني بڻبا!

اچو اُڀ تان هٽايون پيڙ جا پاڇا نجات ڪارا،
اسان جي جستجو سان دل جا ديرا روشني بڻبا
( پنھل)

پروين موسيٰ ميمڻ ٿر جي علمي ۽ ادبي طور زرخيز زمين تي هڪ ننڍي ڳوٺ ڏيپلي (هاڻي شھر) ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۾ ٻارن جي عالمي ڏينھن 20 نومبر تي جنم ورتو، سندس جي باري ۾ مليل معلومات مطابق پاڻ هڪ ذهين، هاڪاري سوچ رکندڙ، جفاڪش عورت آهي، جنھن تعليم توڻي ادب جي ميدان ۾ وڏيءَ محنت سان پاڻ ملھايو آهي.
ڊاڪٽر پروين لکڻ جي شروعات 1980ع کان هڪ افساني معرفت ڪئي ۽ اڄ تائين سوين مضمون، مقالا، افسانا، ڪالم، ٻالڪ ادب جون آکاڻيون لکي چڪي آهي، چاليھارو کن ڪتاب مڪمل ٿي ويا اٿس، جنھن مان ٽيويھہ ڪتاب ڇپجي مڃتا ماڻي چڪا آهن، سندن فن تي ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن، نثر نگار طور هن تحقيق تنقيد، لطيف شناسي، افسانا نويسي، ادبي تاريخ ۽ ٻالڪ ادب ۾ خاص طور لکيو آهي، ڳچ وقت کان سنڌ جي ٻالڪن جي حقن ۽ تعليم بابت سجاڳي ڏيڻ لاءِ لکي رهي آهي، پيارن گلن جھڙن نازڪ سنڌي ٻالڪن لاءِ هن نہ فقط معلوماتي ۽ ادبي مضمون لکيا آهن پر سندن دلچسپي ۽ وندر ورونھن ۽ اخلاق جي سڌاري لاءِ بھترين ڪھاڻيون لکيون آهن، سندس چواڻيءَ تہ هن ٽي سئو ڪھاڻيون ٻارن لاءِ لکيون آهن، جي روزاني ”هلال پاڪستان“ ۽ ”سنڌ ايڪسپريس“ جي ٻارن جي صفحن تي ۽ رسالن ” گل ڦل“، ”ساٿي“ ۾ ڇپيون آهن. ٻالڪ ادب ۾ ڊاڪٽر پروين جي پھرين تحرير هڪ مضمون آهي، جو سنڌ ايڪسپريس روزاني اخبار ۾ ڇپيو ۽ پوءِ هن چاليھارو کن مضمون ”علم جي افاديت“، ”استادن جو ادب“، ”شاگردن جا فرض“، ” والدين جي عزت ۽ احترام“، ”سٺي دوستيءَ جا فائدا“، ”ڪتابن جي اهميت“، ”سادگي“، ” سچائي“، ”ڪفايت شعاري“ ۽ ٻين سماجي ۽ اخلاقي موضوعن تي ڇپرايا جن مان 29 مضمونن جو ڪتاب ” اخلاقي قدر“ جي عنوان سان 2010ع ۾ شايع ٿيو، ڪتاب بي حد ڪامياب ٿيو،”اخلاقي قدر“جو ٻيو ڇاپو 2015ع ۽ ٽيون 2020ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ مضمون ڏهن کان سورنھن سالن جي عمر جي ٻارن لاءِ لکيل آهن تہ جيئن کين پنھنجي شخصيت کي سنوارڻ ۾ مدد ملي سگهي ۽ کين علمي طور مضمون لکڻ جو ڏانءُ بہ اچي. ولي رام ولڀ هن مضمونن جي ڳٽڪي بابت لکيو آهي تہ، ”هن ڪتاب ۾ اخلاقيات جي موضوع جي حوالي سان جيترو مواد پيش ڪيو ويو آهي، ان ۾ موضوع جي جيترن پھلوئن جو احاطو ڪيو ويو آهي، اهو پنھنجي جاءِ تي تمام اهميت جو حامل آهي“.
ڊاڪٽر پروين جو ٻارن جي لاءِ ٻيو ڪتاب ” ٽي تحفا“ (ڪھاڻيون) آهي، جنھن جي ارپنا هن پنھنجي پٽن، پوٽن ۽ ڏوهٽن جي نانءُ ڪئي آهي، ڪھاڻين ۾ ”پشيماني“، ” روشني“، ” ٽي تحفا“، ” خود غرضي“، ”وڻ پوکيو ثواب ڪمايو“ شامل آهن، هي ڪھاڻيون ڳوٺن جي ماحول جون بہ آهن تہ شھري ماحول جون بہ جن ۾ ٻارن لاءِ دلچسپيءَ جا نظارا بہ آهن تہ نصيحتن جا نڪتا پڻ طريقي سان ڏنل آهن، خلق جي خدمت ۾ ڀلائي، ظلم خلاف احتجاج، ماحوليات جو بچاءُ، محنت جو ڦل مٺو ۽ ٻيا عملي زندگيءَ جا سھڻا اشارا آهن، جيڪي ٻارن کي صحتمند ۽ سوڀارن ڪمن ڏي راغب ڪن ٿا.
اياز گل هن ڪتاب بابت لکيو آهي تہ ” ڊاڪٽر پروين موسيٰ ادب ۾ بنيادي طور تي تحقيق جي شعبي سان لاڳاپيل رهي آهي، پر گڏوگڏ هن ادب جي ٻين شعبن سان بہ لکڻ جو ناتو ڳنڍيل رکيو آهي، هن ٻارن لاءِ ڪھاڻين جو ڪتاب لکي ٻارن سان پنھنجي پيار جو اظھار ڪيو آهي، جنھن کي پيار سان ئي قبول ڪري سگهجي ٿو“.
ٽي تحفا ڪتاب کان پوءِ ڊاڪٽر صاحبہ ٻالڪ ادب ۾ وڌيڪ لکڻ لڳي چار ٻيا ڪھاڻين جا ڪتاب 2022ع ۽ 2023ع ۾ شايع ٿيس، ”شرارتي جن“ ڪتاب ۾ ٻارن لاءِ انوکيون ۽ بلڪل نيون ڪھاڻيون آهن، جو مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور وارن شايع ڪيو ۽ بي حد مقبول ٿيو آهي، هن ڪتاب جي ارپنا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نالي ٿيل آهي، شرارتي جن ۾ آيل ڪھاڻيون ”قسمت جو ڦيرو“، ”سچ ٿيو سوڀارو“، ”شرارتي جن“، ”سچي محبت“، ”چڱا ڪن چڱايون“، ”قيدي سردار“، ۽ ”مھربان جي مھرباني“ شامل آهن، هيءُ ڪھاڻيون فقط انوکيون ڪونھن پر دلچسپ هئڻ سان گڏ سبق آموز ۽ اصلاحي پڻ آهن، هنن ڪھاڻين ۾ ٻارن کي بھادر ٿيڻ، خوف مان نڪرڻ، پنھنجي حفاظت ڪرڻ، اڻ واقف ماڻھوءَ کان بچڻ، تعليم کي پنھنجي حياتيءَ جو محفوظ هٿيار سمجهڻ ۽ ٻيا موضوع دوستاڻي رويي وارين ڪھاڻي معرفت سمجهايا ويا آهن جن سان کين بري ۽ ڀلي جي سمجهہ اچي، بدسلوڪي، بي ڌياني ۽ تشدد کان بچي سگهن، پنھنجي حقن جي ۽ فرضن جي ڄاڻ رکڻ، هنن ڪھاڻين کي جيڪڏهن استاد ۽ والدين پڙهن تہ کين ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۽ نفسيات سمجهڻ ۾ وڏي آساني ٿي پوي، ساڳيءَ ريت سندن ڪتاب ”شھزادي ماھہ نور“، ۾ آيل ڪھاڻيون جيئن ” غرور جو انجام“، ” امتحان جو فارم“، ” سمجهدار نياڻي“، ”ڪاميابيءَ جو راز“، ” ضدي ڇوڪرو“ ڪجهہ اهڙيون ڪھاڻيون آهن جي اسان جي موجودہ سماج جي حالتن جو مڪمل عڪس پيش ڪن ٿيون، ٻارن جا مسئلا بيان ڪندي انھن ڪھاڻين ۾ کين انھن مسئلن جا حل پڻ ٻڌايا ويا آهن، ليکڪا جو بياني اسلوب ڄاڻائي پيو تہ هن ٻارن جي ذهني سطح کي پنھنجي ذهن ۾ رکي ۽ پاڻ انھيءَ تائين پھچي پوءِ انھن ڪھاڻين کي لکڻ شروع ڪيو آهي.
تڏهن عبدالحئي ڀٽو جون سٽون معني خيز آهن.

سنڌي ٻاراڻي ادب جو ستارو آهي پروين موسيٰ،
علم ۽ ادب جو تارو آهي پروين موسيٰ،
اها هميشہ سھڻيون ڪھاڻي لکندي رهي ٿي،
ٿر وارن ٻالڪن جو ساھہ سارو آهي پروين موسيٰ.

ڳوٺن ۽ شھرن جي هلندڙ ماحول جي عڪاسيءَ سان گڏ هن اسڪول جو ماحول، شاگردن جو پاڻ ۾ ورتاءُ ۽ استادن جي ٻارن جي مسئلن ۾ دلچسپي جھڙا روز مره جا موضوع دلپذير انداز سان پيش ڪيا آهن، هيءُ نراليون ۽ نڪور موضوعن واريون ڪھاڻيون يقينن اڄ جي جديد دور ۾ سنڌي ٻالڪ ادب جي اهم ضرورت آهن.

”پوپٽ ۽ گلاب“کي ٻالڪ ادب جي نامياري ليکڪ ڊاڪٽر مصطفيٰ سولنگي ”نرالو ٻالڪ ڪھاڻي“ ڪتاب سڏيو آهي، ڊاڪٽر لکي ٿو تہ، ” پوپٽ ۽ گلاب جي ڪھاڻين ۾ فطرت سان محبت ۽ قربت، انسان دوستي، دردمندي ۽ ٻيا ڪيترائي رنگ ۽ روپ ۽ نرالا خيال چمڪندڙ موتين وانگر وکريا پيا آهن، گڏوگڏ ڊاڪٽر صاحبہ جي گهري نظر ۽ مشاهدي جا اهڙا پاسا بہ پڌرا پيا آهن جيڪي ڪنھن وسيع نظر ڪھاڻيڪار جي فن ۾ هڪ لازوال چمڪ پيدا ڪري سگهندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو سندس هن مجموعي ۾ شامل ڪھاڻيون ٻارڙن ۾ فطرت ۽ زندگيءَ جو شعور پيدا ڪن ٿيون ۽ شعور بہ وري اهڙو جيڪو اسان جي سماج جو اصل روح ۽ اسان جي تھذيبي قدرن جي بنھہ ويجهڙو آهي“.تڏهن تہ سنڌ جي مھان ڪوي شيخ اياز هيٺين ريت لکيو آهي تہ :
يارب!
مون کي پوپٽ جا پر ڏي تہ ٻار جي ننڊ ۾ تري وڃان!
ٻار جي ننڊ جا ڪؤثر ۽ تسنيم جي نھر وانگر هوندي آهي.
يارب!
مون کي ڀئَور جي گنجار ڏي،
جا خوشبوءَ جي پينگهہ ۾ لڏي.
۽ ڪيئي گل ان کي جهوٽا ڏين.
يارب!
مان تنھنجو!
پنھنجيءَ چانئٽ کان مون کي پري نہ ڪر.
جنھن کان منھنجا چپ هٽي نہ ٿا هٽڻ.

هيءُ ڪتاب خاص طور جانورن، پکين ۽ فطرت جي نظارن بابت ڪھاڻين تي مشتمل آهي، ڪھاڻين ۾ ”هرڻ جي چوري“، ”اڇي ڪبوتري“ ” ڪاري مڇي“، ”ڪوئل“، ”بيوقوف جهرڪو“، ”ٻليءَ جي دوستي“، ” گابڙو شاهد“ ۽ ٻين کي پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ کي خدا آگاهي، سچائي، صداقت ۽ همدرديءَ جھڙن جذبن جي ڄاڻ ملي ٿي، کين اها معلومات ملي ٿي تہ ڪھڙا جانور دوستاڻي رويي جا آهن. ڪتو وفادار جانور آهي تہ ڪبوتر امن جو پکي آهي، نازڪ پوپٽن کي جهلڻ نہ گهرجي کين آزاد ڇڏجي تہ ڀلي گلن جو رس چوسين، گل، وڻ ٽڻ ساوڪون پکي پکڻ ۽ جانور ڌرتيءَ جو حُسن ۽ ضرورت آهن، هيءُ هڪ بلڪل نرالو ۽ دلپذير ڪتاب آهي، جنھن جون سترنھن ئي ڪھاڻيون واقعي انوکيون ۽ دلچسپ آهن.
”ثاقب جي آئيسڪريم“ ڪتاب ۾ ” زهرہ جو روزو“، ” ڏاڍو گهر“، ”سونو ڪڪڙ“، ”پھرين تاريخ ۽ پڪوڙا“، ” استاد اسلم،، ” شرارت ۽ شيطاني“ ڪل ٻارنھن ڪھاڻيون آيل آهن، نامياري محقق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ”ثاقب جي آئيسڪريم منھنجي نظر ۾ “ جي عنوان سان لکيل مھاڳ ۾ لکيو آهي تہ، ” هي ڪتاب ٻاراڻي ادب جي شاهڪار ڪتابن مان هڪ ڪتاب آهي، هن ڪتاب جي هر هڪ ڪھاڻيءَ ۾ ڊاڪٽر پروين عقل ۽ ڏاهپ جا ٻڪ ڀري وڌا آهن، ھھڙا ڪتاب ٻارن جي هٿن ۾ ايندا تہ ٻارن ۾ ڪتاب پڙهڻ جو شوق جاڳندو ۽ اهو شوق کين علم جي دروازي تي وٺي ويندو“.
تحقيق علم هڪ اهڙو زيور آهي جو ٻارن جي فطري ذهانت ۽ جسماني صلاحيتن کي اُڀاري کين سماج ۾ هڪ آزاد ۽ امن پسند شھري ٺاهي ٿو، چوهٺ صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب پڙهڻ ۽ لطف اندوز ٿيڻ جھڙو آهي.
ڊاڪٽر پروين جي ”سھڻا سخن“ ڪتاب جا پنج باب آهن پھريون ۽ ٻيو باب اخلاقيات جي موضوع تي قرآن پاڪ جي آيتن جا ترجما ۽ حديثون آهن تہ ٽئين باب ۾ خلفاءِ راشدين جا قول ۽ چوٿين ۾ دنيا جي عالمن، اديبن ۽ وڏين شخصيتن جا قول آهن، پنجين باب ۾ سنڌي ادب جا اهم سخن ڏنا اٿن، ٻارن لاءِ لکيل سھڻا سخن ڪتاب 92 صفحن تي مشتمل پنھنجو مٽ پاڻ آهي، محمود مغل هن ڪتاب جي خوبصورت مھاڳ ۾ کين ”سدا بھار ليکڪا“ سڏيو آهي.
”سونيون اشرفيون“ ڪتاب ۾ تيرهن ڪھاڻيون آهن، جنھن جو خوبصورت مھاڳ ٻالڪ ادب جي نامور ليکڪ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لکيو آهي،”ارباب جي هوشياري“۾ چوڏهن ڪھاڻيون آهن، جنھن تي مھاڳ ۽ ٻہ اکر آپا مريم مجيدي ۽ ٻالڪ ادب جي ليکڪ بيخود بلوچ لکيا آهن،” ارباب جي هوشياري“، ”احسانمندي“، ” پاڻي نعمت آهي“، ” فرحان جي عقلمندي“، ”اچو تہ وڻ بچايون“ ۽ ٻيون بھترين ڪھاڻيون آهن، جي نہ فقط سبق آموز پر سنڌي سماج جي موجودہ حالتن سان ٺهڪندڙ ۽ هلندڙ دور جون جديد انداز جون ڪھاڻيون شمار ڪري سگهجن ٿيون.
”امر انسان“ سوانحي مضمونن تي آڌاريل آهي، جنھن ۾ ڊاڪٽر پروين اسلام جي نامور شخصيتن ۽ ٻين نالي وارن دنيا جي فردن بابت مضمون لکيا آهن، هن ڪتاب جو مھاڳ شاعر مرحوم سرور نواز ٻگهيو لکيو آهي. ”انوکو رازو“ ۾ ڊاڪٽر صاحبہ اردو ادب تان چونڊ ڪھاڻيون ترجمو ڪيون آهن جيئن ”انوکو رازو“، ”پريما ڪماري“، ”غيبي مدد“، ” چوٿون چور“، ۽ ٻيون آهن، ”اچوڙي ٻارو، راند جو وارو، اڪ جي ڪاٺي نم جا پاوا“ ٻاراڻي بيت مان عنوان چونڊي ڊاڪٽر پروين دِل وندرائيندڙ خوبصورت ڪھاڻيون ”اچوڙي ٻارو“، ”يتيم ڇوڪرو“، ”آخري اسٽيشن“، ”انٽرويو“، ”نڀاڳ ۽ سڀاڳ“، ”هنر بادشاھہ آهي“، لکيون آهن، هيءُ ڪتاب منفرد ڪھاڻين تي مشتمل آهي.
”معلومات جو خزانو“ ڊاڪٽر صاحبہ پنجن بابن تي مشتمل ترتيب ڏنو آهي، جنھن جي بابن ۾ ”دين جي معلومات“، ” دنيا جي معلومات“ سائنسي معلومات ۽ ٻيا موضوع آهن.
”حڪايتون“ ڪتاب ۾ مشھور شخصيتن ، جيئن شيخ سعدي، خليفو هارون رشيد، مالڪ بن دينار، شاھہ عبدالطيف، وتايو ولي ۽ ٻين جون حڪايتون شامل آهن.
ان کانسواءِ ”ڀت تي جهرڪي“، ”پکراج پري“ ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب سندن قلم جي جنبش هيٺ مڪمل ٿيڻ لاءِ موجود آهن، ڊاڪٽر پروين هڪ اهڙي قلمڪارا آهي، جنھن قلم سان سچائيءَ ۽ بي لوث محبت جو رشتو قائم رکيو آهي، سندس سفر جاري ۽ ساري آهي. اھڙن ادب پرورن لاءِ سنڌ جو عوامي شاعر ڪجهہ هن ريت پنھنجي راءِ جو اظھار ڪيو آهي تہ :
جي درد دل اُماس ڪري، روشني ڪجي،
سِڪ، سونھن لاءِ لاٽ سچي، زندگي ڪجي.
ٿو دوستيءَ جو دنگ وڏو دائرو رکي،
هر درد مند سان وڌي دوستي ڪجي.
(استاد بخاري)

فقير محمد سنڌي

پنھنجي پاران

پيارا ٻارو توهان جي پسند جي اون رکندي مون پڪو پھہ ڪيو تہ هر سال توهان کي مختلف موضوعن تي سھڻا سھڻا ڪتاب لکي پيش ڪندي اچان ۽ انھيءَ تي 2010ع کان باقاعدي عمل پيرا ٿي آهيان. منھنجي لکيل موضوعن ۾ خاص طور ٻارن لاءِ ڪھاڻيون آهن، جيڪي هن جديد دور جي ضرورتن کي نظر هيٺ رکندي لکيون اٿم هر ڪھاڻي توهان کي آئيندہ جي لاءِ نئون دڳ ۽ نئون اتساھہ ڏيندي. اردو ادب مان هڪ مڪمل ڪتاب (ڪھاڻين جو ٻارن لاءِ) ترجمو پڻ ڪيو اٿم، ”انوکو رازو“ جي عنوان سان، باقي منھنجا پنھنجا لکيل اصلوڪا ڪھاڻين جا ڏھہ ڪتاب تيار ٿياآهن، جن مان ست شايع ٿي چڪا آهن ۽ ٻيا پڻ جلدي توهان جي هٿن ۾ ايندا (انشاء ﷲ، آمين)
ان کانسواءِ مضمون نويسيءَ ۾ ”اخلاقي قدر“، معلومات لاءِ ”معلومات جو خزانو“ ۽ حديثن، قولن ۽ سخنن تي مشتمل ڪتاب ” سھڻا سخن“ پڻ شايع ٿي چڪا آهن، اڄڪلھہ ٻارن جو لاڙو موبائيل ۽ انٽرنيٽ تي ڪجهہ وڌيڪ آهي، جنھن ڪري پڙهڻ جي شوقين ٻارن لاءِ آن لائين ڪتاب آڻڻ جو پڻ پروگرام رکيو اٿم، سو هيءَ ڪتاب خاص طور توهان جي شوق ۽ ذوق مطابق ڊجيٽل ايڊيشن طور تيار ڪيو اٿم. اميد تہ توهان کي پسند ايندو. ادا محمد سليمان وساڻ ۽ سندن سڄي سٿ جي ٿورائتي آهيان جو منھنجا ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي اپلوڊ ڪندا اچن جن مان ڪيترن ئي پڙهندڙن خاص طور شاگردن جو ڀلو پيو ٿيئي ۽ منھنجي لاءِ بہ اهو هڪ وڏو اعزاز آهي جو آئون سندن جي انھيءَ ڪتابي سلسلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي پنھنجا ڪتاب آڻي رهي آهيان.

ڪھاڻيون

---

پُکراج پري

هڪ خوبصورت ۽ ننڍي پري پُکراج پنھنجي والدين سان ضد ڪرڻ لڳي تہ ” آئون هيٺ زمين تي گهمڻ چاهيان ٿي“ سندس ماءُ کيس سمجهايو تہ ”راڻي! زمين جيتري حسين ڏسڻ ۾ اچي ٿي ايتري حقيقت ۾ ناهي، تون هڪ نازڪ ۽ نفيس پري آهين، اُتي وڃي بيمار ٿي پوندينءِ“ پر پريءَ جو هڪڙو ئي ضد هو ته”مون کي هڪوار تہ وڃڻ ڏيو جي ڌرتي ڏسي خوش نہ ٿيس تہ، ٻيهر ڪانہ وينديس“ آخر هن جي گهڻي اصرار تي کيس اجازت ملي وئي. هوءَ پنھنجي نوڪرياڻيءَ سان گڏ هڪ سھڻي گاڏيءَ ۾ (جا گلن جي ٺهيل هئي ۽ ان کي چاليھہ پرستان جا پوپٽ ڇڪي رهيا هئا) ڌرتي گهمڻ لاءِ آسمان جي وسعتن مان هيٺانھين ڏي لھڻ لڳي،
”پوپٽ گاڏي“ انسانن جي وسنديءَ جي ويجهو پھتي تہ، وڻ، ٽڻ، دريا، جبل ۽ ماڻھو ڏسجڻ ۾ آيا. سندن گاڏي هڪ باغ ۾ اچي لٿي، جتي هڪ ننڍي مسجد پڻ هئي، جيئن ئي پکراج زمين تي پير رکيو مسجد مان ”ﷲ اڪبر“ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. فجر جي ٻانگ پئي لڳي، پريءَ کي ڏاڍو مزو آيو هن هيٺ پھچي پنھنجي نوڪرياڻيءَ جي مدد سان پنھنجي پوپٽ گاڏيءَ کي وڻ هيٺ لاٿو ۽ ان کي کوليو ٿوريءَ ئي دير ۾ سڀ پوپٽ باغ تي پيل ماڪ چوسي گلن جو رس پيئڻ لڳا، جلد ئي تازا توانا ٿي پنھنجي گاڏيءَ وٽ پھچي ويا.
صبح جو سوجهرو نروار ٿي چڪو هو، باغ ۾ ٻيا پوپٽ بہ اچي گلن تي ويٺا. آسماني پوپٽن انھن سان دوستي ڪئي سڀ گڏجي پاڻ ۾ رانديون ڪرڻ لڳا، پکراج باغ جي هڪ ڪنڊ ۾ موجود مسجد مان نمازين کي نڪرندي ڏسڻ لڳي، جن کي پريءَ جيان پر بہ ڪونہ هئا ۽ هُو کانئس تمام وڏا ۽ طاقتور پڻ ڏسڻ ۾ آيا پئي، پر هر ڪنھن کي ڪا جلدي هئي سڀ تڪڙا تڪڙا مسجد مان نڪري باغ مان ٻاهر وڃڻ لڳا، پکراج چپ ڌيان سان سڄو لقاءُ پئي ڏٺو، سوچڻ لڳي تہ هي سڀ رب پاڪ جي عبادت ڪرڻ آيا آهن؟ پر ايتري تڪڙ ڇو پيا ڪن کين ڪيڏانھن وڃڻو آهي؟ هتي لڳي ٿو سڀني کي ڏاڍي تڪڙ آهي، تيستائين هڪ ماڻھوءَ کي آهستي آهستي بالٽي کڻي ايندو ڏٺائين. هو انھيءَ بالٽيءَ مان ڇَلَ پاڻيءَ جي ڀري گلن تي ڇنڊڪار ڪرڻ لڳو، پر اهو ايترو تہ گندو ۽ اُٻَ وارو پاڻي هو جو گلن کي کنگهہ ٿيڻ لڳي پريءَ اهو ڏسي رڙ ڪئي، ”اهو پاڻي نہ ڇنڊڪار هيءُ گل مري ويندا! هيءُ گل مري ويندا!“ پر انھيءَ ماڻھوءَ پکراج جو آواز ئي ڪونہ ٻڌو. هُن بس ڪونہ ڪئي وڏي آواز سان رڙ ڪندي چيائين”هي گل ڪومائجي ويندا“
اهو ماڻھو حيران ٿي ويو تہ هن کان سواءِ تہ باغ ۾ ڪير ڪونھي اهو آواز ڪٿان پيو اچي؟ آسي پاسي ڏٺائين تہ کيس اوچتو پري ڏسڻ ۾ اچي وئي اها ٻي مخلوق ڏسي هُو ڊپ ۾ بيھوش ٿي ويو، ٿوري دير ۾ ان ماڻھو کي هوش اچي ويو، وڻ جي پويان پکراج پريءَ چيس، ”مون کان نہ ڊڄ، آئون پرستان جي پري آهيان، هتي زمين تي گهمڻ آئي آهيان، پھرين ئي هِنَ باغ ۾ پھتيس پر توهان کي ڪنو بدبودار پاڻي گلن کي ڏيندو ڏسي مون کي ڏک ٿيو، ان ڪري مون اوهان کي روڪڻ لاءِ رڙيون ڪيون“
هاڻي انھيءَ ماڻھوءَ جو ڊپ ڪجهہ گهٽ ٿيو، چيائين، ”پياري معصوم پري، تون ڀلي سامھون اچي هُن بئنچ تي ويھہ، آئون تنھنجي ڪھڙي خدمت ڪريان؟ تون هتي گهمڻ تہ آئي آهين پر توکي ڇا ٻڌايان اسين انسان خود هتي پريشان آهيون. آئون هڪ مالھي آهيان منھنجو نالو احسان آهي، منھنجو ڪم باغ جي سنڀال آهي“، پري چوڻ لڳي، ”پر بابا احسان، تون تہ هنن گلن کي گدلي ۽ بلڪل خراب برتن ۾ پاڻي ڏيئي رهيو آهين، ڇا توکي هنن معصوم گلن جو آواز ٻڌڻ ۾ نٿو اچي؟“
احسان مالھيءَ ورندي ڏنس، ”اسين انھن معصوم گلن جو آواز نٿا ٻڌي سگهون پياري پري، ان ڪري اسان کي سندن تڪليف جو پڻ احساس ڪونھي، درحقيقت اسين خود پڻ اهو خراب پاڻي پيئڻ تي مجبور آهيون، اسان جي ئي غلطين جي سبب سان هتي دونھن ۽ ڪِنو ماحول آهي، کائڻ پيئڻ جون شيون، ايتريقدر ميوا ۽ ڀاڄيون پڻ صاف ۽ سٺا ناهن هتي ڪا بہ شيءِ خالص ڪونھي ﷲ تعاليٰ اسان کي عقل ڏنو تہ جيئن اسين کري ۽ کوٽي جي وچ ۾ فرق سڃاڻون برو ۽ ڀلو سمجهون پر اسان هر شيءِ جو غلط استعمال ڪري پنھنجي لاءِ تباهيءَ جو رستو چونڊيو آهي، اسان جا ٻار پڻ ناقص کاڌي جو شڪار ٿي سست ۽ ٽوٽي ٿي رهيا آهن، نہ اهي محنت ٿاڪن ۽ نہ ئي باغ ۾ سير ڪرڻ ٿا اچن، اتفاق سان جيڪڏهن اچن ٿا تہ گلن کي ٽوڙي موڙي تباھہ ٿا ڪن ۽ پوپٽن پٺيان ڊوڙي انھن جي نرم ۽ نازڪ پرن کي نقصان پھچائي پنھنجي مُٺ ۾ ٿا رکن، جنھن ڪري اهي ساھہ گهٽجڻ سان مري ٿاوڃن، آئون انھن کي روڪيندو آهيان، پر منھنجي تہ ذري بہ نٿا ٻڌن، پياري پري تون ﷲ تعاليٰ کان دُعا گهر تہ اسان انسانن ۾ هڪٻئي لاءِ پيار، محبت ۽ ٻڌي پيدا ٿئي. اسان وٽ ماڻھو محنت کان پاسو نہ ڪن پاڻ ۾ لڙائيون نہ ڪن، قدرت جي نيمن تي هلن ڪٿي ايئن نہ ٿئي تہ ڌڻي سڳورو اسان کان ناراض ٿي پنھنجون نعمتون کسي ڇڏي!!“.
پکراج پريءَ جڏهن احسان بابا کان زمين تي رهڻ وارن ۽ هتان جي ٻارن بابت ٻڌو تڏهن کيس سخت افسوس ٿيو. تہ هتان جي رهندڙ انسانن قدرت جي ڏنل اڻ ملھہ نعمتن جي قدر شناسي ڪانہ ڪئي آهي، هر هنڌ ڪچري جا ڍڳ پيا آهن. صاف ۽ شفاق مٺو پاڻي پڻ زهريلو ۽ ڪڙو ٿي رهيو آهي، جنھن سان بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن،ايتري قدر جو خراب پاڻيءَ جي ڪري انسان سان گڏ جانور ۽ پکي پکڻ پڻ بيمار ٿي ويا آهن، پيارا پيارا خوبصورت گل ڦل باغن ۾ بد رنگ ٿي ڪومائجي ويا آهن تہ وڻ پڻ بي زيبا پيا ٿين، مطلب تہ هر جاندار صاف پاڻيءَ ۽ هوا جي نہ هئڻ ڪري پريشان ۽ بي حال آهي.
پکراج پريءَ احسان بابا کي چيو”احسان بابا! سج نڪري چڪو آهي، هاڻي گرمي وڌنڌي جا منھنجي ۽ منھنجي پوپٽن لاءِ ڏکي ثابت ٿيندي انھيءَ ڪري آئون موڪلايان ٿي توهان جي وڏي مھرباني توهان مون کي زميني حالتن متعلق معلومات ڏني، ﷲ تعاليٰ جي ذات ۾ اميد اٿم تہ اهو اسان سڀني جي حال تي رحم فرمائي“
جيئن جيئن ڏينھن جي روشني پئي نروار ٿي رستن تي گاڏيون هلڻ شروع ٿيون، هر هنڌ ايئر ڪنڊيشنڊ هلڻ لڳا هوا ۾ ٻوسٽ محسوس ڪري، پکراج پريءَ ۽ سندس پوپٽن جو ساھہ سوڙهو ٿي منجهڻ لڳو هن احسان مالھيءَ ڏي منھن ڪندي چيو تہ، ”آئون هتي سير ڪرڻ ۽ سھڻن سھڻن ٻارن سان ملڻ آئي هيس منھنجو پيغام کين پھچائجو تہ آئون تمام سِڪَ سان ساڻن ملڻ لاءِ آيس پر مون کي سخت افسوس آهي تہ بنا ملڻ جي موڪلايان پئي منھنجو ٻارن سان واعدو آهي تہ جڏهن هو پنھنجي ڌرتيءَ کي سنواريندا نکاريندا، وڻ ۽ ٻوٽا پوکيندا، صاف هوائون هونديون چوطرف ساوڪ، گل ڦل ۽ ميوا هوندا آئون ضرور اينديس، آئون هاڻي وڃان پئي پر هڪ دفعو هن زمين جي سونھن ڏسڻ لاءِ بلڪل اينديس، خدا حافظ“
ايئن چئي پکراج پري پنھنجي پوپٽ گاڏيءَ مٿي ويھي هٿ لوڏي رواني ٿي وئي.

نصيحت

نثار پڙهائيءَ تي گهٽ توجھہ ڏيندڙ ۽ ڪجهہ ضدي ٻار هو، سندس ڀيڻ نسرين محنتي ۽ باادب نينگري هر وقت پنھنجي ڀاءُ جو خيال ڪندي هئي. پوءِ بہ ڀاڻس اڪثر کيس دڙڪا ڏيندو هو. هوءَ ڪڏهن بہ ڀاءُ کان بدلو نہ وٺندي هئي وڏي ڀيڻ هئڻ جي حيثيت ۾ جيڪڏهن کيس ٿورو سمجهائيندي هئي تہ هُو انھيءَ ڳالھہ کي اُبتو وٺي ايترو تہ گوڙ ڪندو هو جو نسرين کيس سمجهائڻ ئي ڇڏي ڏنو هو. هڪ ڏينھن نسرين پنھنجي ماءُ سان گڏجي ڏاڍا سوادي ڪباب ٺاهيا هئا. نثار ماني کائڻ لاءِ ميز تي ڪونہ ڏٺائين سندس لاءِ گرم ماني کڻي ڪمري ۾ ويئي، ”نثار! ڇو مانيءَ تي ڪو نہ آيو آهين اڄ منجهيل پيو لڳين، ڇا استاد ڇڙٻيو آهي ڇا؟“ ”نہ نہ“! نثار جواب ڏنس، ”آئون تہ پنھنجي دوست لاءِ پريشان آهيان سندس جو موٽر سائيڪل سان ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي“. نسرين پريشان ٿيندي کيس تسلي بہ ڏني، تہ ”فڪر نہ ڪر، ﷲ ڪندو تنھنجو دوست چڱو ڀلو ٿي گهرايندو پر ماني تہ کاءُ پاڻ اسپتال ۾ سندس طبيعت پڇڻ هلنداسين“. نثار دلگير تہ هو پر، بک بہ ڏاڍي لڳي هيس نسرين سندس لاءِ گرم گرم ڪباب آندا هئا جي پسند هئس سو ماني سيري پنھنجي اڳيان رکندي چوڻ لڳو تہ ”ادي! پاڻ پوءِ صبح ئي اسپتال هلون“. نسرين هائوڪار ڪئي ۽ هن کي پڪي خاطري ڏني جنھن تي مطئمن ٿي هن ماني کائڻ شروع ڪئي. جڏهن ماني کائي پوري ڪيائين تڏهن عقلمند نسرين کيس سمجهائڻ شروع ڪيو. ”نثار، اهو تنھنجو دوسِت شڪيب آهي جو سائيڪل تکي هلائيندو آهي“؟ نثار ”ها“ ڪئي. نسرين ٻيهر ڳالھائڻ لڳي، ”ڏس نثار، شڪيب کي اڄ سندس حد کان مٿي ٽپي وڃڻ جي سزا ملي آهي. هو سائيڪل ڪو نہ هلائيندو هو ڄڻ هوا ۾ ڦيريون ٿو پائي کيس ڏسندڙن جا حوصلا خطا ٿي ويندا هئا. ايئن لڳندو هو ڄڻ کيس هر وقت ڪٿي پھچڻ جي گهڻي تڪڙ آهي“. نثار چوڻ لڳو، ”هُن جو ڏوھ ڪونہ هو موٽر سائيڪل وارو جيڪو سامھون اوچتو آيو ان جي غلطي هئي هاڻي تہ ويچاري جي ٽنگ ئي ٽٽي ويئي آهي“. نسرين کيس چيو، ”ادا، تون دلجاءِ ڪر پر حقيقت ۾ هر سوار کي پنھنجي سائيڊ وٺڻ گهرجي آئون توکي بہ هميشہ چوندي آهيان سائيڪل آهستي هلائيندو ڪر ۽ اهڙن ڇوڪرن کان پاسو ڪر جيڪي وقتي واھ واھ ۽ دل وندرائڻ لاءِ جان جوکي ۾ وجهن“. نثار سندس ڳالھہ کي سنئون سڌو سمجهندي بہ بي جا بحث ڪرڻ لڳو ۽ شڪيب جي غلطي نٿي مڃيائين نسرين سندس ڪمري مان واپس اچي ويئي.
ٻئي ڏينھن جيئن ئي ڀاءُ ڀيڻ اسڪول لاءِ تيار ٿي رهيا هئا، نثار نيرن مھل تائين بہ تيار ٿي نہ سگهيو ۽ نسرين جي اسڪول کي بہ دير ٿي رهي هئي هو بنا نيرن ڪرڻ جي ويو. سندس ماءُ فڪرمند ٿي سوچڻ لڳي تہ، نسرين ڪيتري نہ سلڇڻي ۽ وقت جي پابند آهي اسڪول ۾ بہ صحيح تيار ٿي ٿي وڃي. تہ هوم ورڪ بہ وقت تي ڪري سندس لاءِ ٽيوشن جي بہ ضرورت ڪونھي ۽ ڪلاس ۾ پڻ سٺو نمبر کڻي. هي نثار ڪڏهن سڌرندو! هر وقت بحث، نہ وقت تي کائي نہ هوم ورڪ ڪري ۽ نہ ئي سٺا سنگتي اٿس. الائي ڇا ٿيو اٿس هن جي تربيت ۾ مون کان ڪٿي ڪمي رهجي وئي آهي. منجهند جو جيئن ئي ٻار اسڪول مان آيا، هن نسرين جي سلام جو جواب ڏنو کيس پيار ڪيو پر خاص معاذ کي سڏ ڪري پيار ڪيائين تہ اڄ کيس بُک تہ ڪونہ لڳي، نثار صبح جي رويي تي شرمندو ٿي ويو. سندس پسند جي ماني تيار ڪري کيس پاڻ سان گڏ ويھي کارائڻ لڳي نثار جو سمجهندو هو تہ امان ۽ بابا نسرين کي وڌيڪ پيار ڪن ٿا، سو دل ۾ چوڻ لڳو تہ، ”اڄ امان کي آئون وڻان پيو ۽ مون کي پيار، نسرين کان وڌيڪ پئي ڪري تہ آئون بہ سندس دل ڪونہ رنجائيندس“. گذريل هفتي دوستن سان گڏ وڃڻ لاءِ هن ڏاڍو ضد ڪيو هو جنھن تي ماڻس جهليو تہ هُو بي ادبيءَ سان ڳالھائڻ لڳو جيتوڻيڪ سندن گهر ۾ ڪير وڏي آواز سان ڪونہ ڳالھائيندو آهي نثار جو والد بہ انھيءَ وقت آفيس مان اچي ويو هو کيس ماءُ سان بدتميزي ڪندي ڏسي ساڻس ناراض ٿيو ۽ کيس تمام گهڻو ماءُ ۽ وڏي ڀيڻ جي عزت ڪرڻ جو چيائين ۽ انھيءَ کان پوءِ هو ڪجهہ ڏينھن نثار سان ناراض رهيو جنھن ڪري هن پنھنجي رويي ۾ تبديلي آندي ۽ ڀيڻ سان بہ ٿڌو ۽ محبت سان رهڻ لڳو تہ ماڻس کيس پيار ڪرڻ لڳي هئي ۽ گهر ۾ پڻ ماحول سٺو ٿيڻ لڳو. نثار کي دل سان احساس ٿيو تہ ماءُ پيءُ ۽ ادي نسرين منھنجا پنھنجا آهن. آئون شيطان ڇوڪرن کي ويجهو نہ وڃان جو سائيڪلن جي ريس ڪري ڌڪجي ڦٽجي گهر اچن ۽ پڙهائي بہ نہ ڪن، گهر ۾ بہ جهيڙا ڪري سڀني جي رنجش کڻن. ادي نسرين کي هر ڪو پيار ڪري ٿو آئون بہ سندس جيئن ادب وارو ٿيان ۽ اخلاق سان سڀني جي دِل کٽي خوشي ماڻيان. ان ريت شڪيب جي سائيڪل ريسنگ ۽ ايڪسيڊنٽ جي واقعي نثار جي خراب دوستن مان جان ڇڏائي.

ڏاڏي حليمان

ڏاڏي ڳوٺ مان پھريون دفعو پنھنجي پٽ عمر جي گهر ڪراچيءَ ۾ آئي هئي. عمر کي ڪراچيءَ ۾ ڇھہ سال ٿي ويا هئا پر هُو اڪثر ڳوٺ اچي ويندو هو. جنھن جي ڪري ماسيءَ کي ڪراچيءَ اچڻ جي ضرورت ئي ڪڏهن پيش ڪونہ آئي. ڳوٺن ۾ ظاهري طور تہ راتين جو جلدي خاموشي ٿي ويندي آهي پر اُتي نہ ڏينھن نہ رات ويرانين جا واسا نہ هوندا آهن. گهر هڪ ٻئي کان پري هوندي بہ دليون ويجهيون هونديون آهن. هر هڪ کي پنھنجي گهر کان بہ وڌيڪ ٻئي گهر جي ڏُک سُک جي خبر هوندي آهي ۽ ايئن محبتون گڏو گڏ پروان چڙهنديون آهن. شھرن ۾ تہ جنسي ظلم آهي ٻن سوٽن جا گهر بہ جيڪڏهن ساڳيءَ عمارت ۾ آهن تہ بہ سندن منھن ملاقات عرصي کان پوءِ ٿيئي ٿي. ڏاڏيءَ حليمان کي اهڙو ماحول بلڪل پسند نہ هو انھيءَ ڪري هوءَ ڳوٺ ۾ کليل اڱڻن تي واڻ وارين کٽن تي ويھي ٻارڙن کي قرآن پاڪ جو سبق ڏيڻ ۽ نماز سيکارڻ ۾ مصروف ٿي خود کي خوش رکندي هئي.
هن دفعي عمر کيس گهڻو زور ڀريو تہ، ”ٻارڙا چون ٿا تہ توهين ڪراچيءَ اچو“، سو هوءَ پڻ وڏي شوق سان ٻارڙن معيز، معاذ ۽ نور فاطمہ لاءِ بيسڻ ۽ سڪي ميوي جي خوراڪ ۽ قتل جا لڏون شوق سان ٺاهي اچي ڪراچيءَ پھتي، ڏاڏي ڏسي ٻار خوش ٿي نچڻ ٽپڻ لڳا. عابدہ جيڪا عمر جي گهرواري ۽ سندس ڀائيٽي هئي تنھن سھڻو آڌرڀاءُ ڪيس، کيس ڪراچيءَ ۾ راحت اچڻ لڳي.
ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ 12 ربيع الاول جو ڏينھن اچڻ وارو هو عمر کي ٻارن اچي ورايو تہ اسان سان گڏ بازار هلو ۽ عيد ميلادالنبيءَ جي جشن جي تياري ڪرڻي آهي. هُو ڇنڇر جي ڏينھن کين وٺي بازار ويو. واپسيءَ ۾ ٻارڙن اچي سڀ شيون ڏاڏيءَ کي ڏيکاريون ۽ هوءَ عجب سان سڀني شين کي ڏسندي رهي ٻئي ڏينھن آچر تي عمر ۽ ٻار سڄي گهر کي سينگارڻ ۾ لڳي ويا، حليمان پنھنجي ننھن کان پڇڻ شروع ڪيو تہ، ”هيءُ سڀ ڇا آهي؟“ عابدہ ٻڌائڻ لڳيس تہ، ”هتي 12 ربيع الاول وڏي ڌوم ڌام سان ملھائي ويندي آهي. سڄي شھر جي وڏين عمارتن، مسجدن، گهرن، روڊن ۽ رستن کي سينگاريو ويندو آهي ۽ ايئن رسول پاڪصه جن جا عاشق پنھنجي عقيدت جو اظھار ڪندا آهن“. ڏاڏيءَ حليمان کي اها ڳالھہ ٻڌي حيرت ٿي. سندس ڳوٺ ۾ ان ريت ڪونہ ٿيندو هو. هوءَ سوچيندي ئي رهجي وئي تہ اسان جي قوم کان ڪيتري نہ غلطي ٿي رهي آهي هو عمل جي بدران ڏيکاءُ ۾ پورا آهن؟.
عيد ميلادالنبي جو ڏينھن اچي لنگهي ويو پر ڏاڏيءَ هڪ فيصلو ڪري ورتو اهو فيصلو هو سڄي گهر کي اسلامي طور طريقا سيکارڻ جو ۽ پياري نبيءَ سڳوري جي سنتن تي عمل ڪرڻ جو، هوءَ جڏهن ڪنھن کي ڪوبہ ڪم ڪندي ڏسندي هئي تہ انھيءَ کي دين جي طريقي سان ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي هئي. پاڻيءَ کي ٽن ساهن ۾ پيئڻ، مانيءَ کي آهستي چٻاڙي کائڻ، ”بسم ﷲ“ پڙهڻ ۽ ختم ڪرڻ تي ”شڪر الحمد ﷲ“ چوڻ، گهر ۾ داخل ٿيڻ مھل سڀني کي سلام ڪرڻ ۽ ٻيون ننڍيون ننڍيون ڳالھيون سيکارڻ سان گڏ، نماز پڙهڻ مھل کين پاڻ سان گڏ بيھاري نماز پڙهائڻ، قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ مھل سندن قرآن شريف ٻڌڻ اهڙيءَ طرح ڏاڏيءَ ڇھہ مھينا ڪراچيءَ ۾ رهڻ سان عمر جي اولاد ۾ نماز ۽ قرآن پاڪ پڙهڻ جي پختي عادت وڌي تہ منجهن سنتن تي عمل ڪرڻ جي عادت پڻ پئي، گڏ ڏاڏي کين رات جو حديثون ۽ نيڪ ڳالھيون ٻڌائيندي هئي. ڏاڏيءَ پنھنجي پوٽن ۽ پوٽيءَ کي اهو چڱيءَ طرح بانور ڪرايو تہ رسول پاڪ حضرت محمد ﷺ جن سان سچي محبت ايمان جو حصو آهي ۽ اها سچي محبت ماڻھوءَ کي تڏهن حاصل ٿيندي جڏهن هو سندن ڏنل حڪمن تي عمل ڪندو.

محنت ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي

اقبال ۽ عزيز ٻئي ڀائر هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ رهندا هئا. سندس والد هڪ ٻنيءَ جو ٽڪر وفات مھل ڇڏي ويو هو. ماءُ اڳ ئي وفات ڪري ويئي هئي. باقي هي ٻئي ڀائر ٻني کيڙيندا هئا. سندن ٻنيءَ جو ٽڪر ننڍو پر آباد هو، جتي کين مزو ايندو هو. هڪڙي مينھن پڻ هئن جنھن جو کير ٻنھي ڄڻن جي ضرورت کان گهڻو هو. انھيءَ مان باقي بچيل کير پنھنجي والدين جي نالي خيرات ڪندا هئا. ”ڀوري“ مينھن کين گهڻي پسند هئي ان کي کاڌو کارائڻ، وهنجارڻ، کير ڏهڻ سڀ ڪم شوق سان ڪندا هئا. جڏهن تہ وٽن ڪمدار پڻ هو پر هن مينھن سان سندن دِل گهڻي هئي. ڀوري مينھن پڻ عزيز ۽ اقبال کان سواءِ ڪنھن کي کير ڏُهڻ نہ ڏيندي هئي، سندن پيار کان واقف هئي.
هن ڳوٺ ۾ ٻنھي ڀائرن جو ڪو بہ مائيٽ هڪ ٻئي کان سواءِ ڪونہ هو، پنھنجي زندگيءَ جو سڄو ڏک سور زمين جي انھيءَ آباد ٽڪر تي وڃي وساري ويھندا هئا. جتي ساون چھچ پنن وارا وڻ ۽ پکين جي چڻ ڀڻ جا سُر، ساوڪ سان جهنجهيل زمين جي ٿڌي نشيلي هوا، هر طرف وسعت جو خوشگوار احساس ڏيندي هئي، ڪشادي آسمان هيٺ مختصر زمين جو اهو ٽڪرو سندن لاءِ حسين جنت وانگر هو.
قدرت جي ڪرڻي اهڙي ٿي ٻہ سال لاڳيتو ڏڪار ٿيو، فصل صفا سڙي ويو، سنڌو درياھہ جي سُڪي وڃڻ ڪري، سندن واٽرن مان پاڻيءَ جو ڦڙو بہ ٻنيءَ تائين نہ پھچڻ تي حالتون خراب ٿي ويون. اهڙيءَ ريت ٻنھي ڀائرن پريشانيءَ ۾ اهو فيصلو ڪيو تہ ٻني ۽ مينھن وڪڻي هلي شھر ۾ ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪريون. انھن حالتن ۾ کين ڪو گهڻو پئسو تہ ڪونہ مليو پر وري بہ چڱا پئسا ٿي ويا. اهي کڻي شھر لاءِ نڪتا.
جڏهن قدرت طرفان آزمائش لکيل هجي ٿي، تڏهن هڪٻئي پويان ئي تڪليفون اينديون رهنديون آهن. هتي بہ ان ريت ٿيو، اڳيان هليا تہ رستي ۾ ڦورو ڦري آيا ۽ کانئن سڀ پئسا کڻي روانا ٿيا، هنن جون تہ، ”ٻہ بہ ويون ڇھ بہ ويون“، پر هاڻي تہ ڳوٺ وڃڻ بہ مشڪل هو سو پنڌ کي ڇڪيائون اچي شھر پھتا. ٻئي ڏينھن ڪنھن مسافر خاني ۾ رهيا. اقبال، عزيز کي چيو تہ، ”پاڻ کي ڪنھن ماڻھوءَ کان مدد گهرڻ گهرجي“. جيئن تہ عزيز وڌيڪ خوددار هو هن وراڻيو تہ، ”پاڻ محنت ۽ مزدوري ڪنداسين ڪنھن کان پئسو ڪونہ کڻنداسين“.
انھيءَ تي ٻنھي ڀائرن ۾ جهڳڙو ٿي پيو. نيٺ هڪٻئي کان جدا ٿي پيا. ڪجهہ وقت کان پوءِ اقبال کي عزيز بازار ۾ مليو، عزيز پڇيس تہ، ”تنھنجو ڪھڙو حال آهي“؟ اقبال چيس، ”ٺٺ لڳا پيا آهن روز خيرات لاءِ چوڪَ تي ويھندو آهيان ٻہ هزار ملي ويندا آهن“، عزيز کي ڏک ٿيو چيائين تہ، ”ادا پنڻ تہ حرام رزق آهي“. اقبال بي پرواهيءَ سان جواب ڏنس، ”ڪھڙو حرام رزق ڪھڙو حلال رزق؟ تون اچ توکي بہ جام پئسا ملي ويندا“. عزيز کي الاهي صدمو ٿيو ڀاءُ کي ڪجهہ ڪونہ چيائين ڪاوڙجي کانئس روانو ٿي ويو، ايترو سو ٻڌايائين تہ، ”آئون بوٽ پالش ڪندو آهيان، مون کي روز ٽي سَوَ ملندا آهن، پرشڪر الحمدﷲ پنھنجي هٿ جي محنت کاوان ٿو“.
اهڙيءَ ريت عزيز محنت ڪندو رهيو، سندس مالڪ پڻ انھيءَ مان گهڻو خوش هو، جنھن پوءِ سڄو دوڪان عزيز جي ايمانداريءَ جي ڪري ان جي حوالي ڪري ڇڏيو،
هُو جتين پالش ڪرڻ سان گڏ بوٽ ۽ سئنڊلون پڻ ٺاهڻ لڳو، جن مان سٺي آمدني ٿيڻ لڳي ۽ هن پوءِ پنھنجو هڪ الڳ دوڪان بہ وٺي ڇڏيو. هڪ ڏينھن کيس پنھنجي گهر لاءِ نوڪر جي ضرورت هئي ۽ اخبار ۾ اشتھار ڏنائين تہ ٻن ڏينھن کان پوءِ سندس گهر تي گهنٽي وڳي دروازي تي بيٺل سندس ڀاءُ اقبال هو، عزيز ڏسي حيران ٿي ويو جنھن کيس سڃاتو ۽ سڄي پنھنجي حقيقت ٻڌائي عزيز کي گهڻو ڏک ٿيو کيس اندر ويھاريائين ۽ سمجهايائين تہ هُو اچي ساڻس گڏ ڪم ڪري هاڻي هن الڳ دوڪان بہ کوليو آهي جنھن تي کيس مدد لاءِ ماڻھوءَ جي ضرورت بہ آهي. اچي ان تي هٿ ونڊائي. محنت سان ۽ دل سان ڪم ڪري جيئن هن پاڻ ڪيو آهي. اڳيان ضرور رب پاڪ انھيءَ محنت جو صلو ڏيندو.
اقبال، عزيز کان عمر ۾ ننڍو هو، پنھنجي غلطين ۽ چيو نہ مڃڻ جون معافيون گهريائين. ان کان پوءَ ٻئي ڀائر گڏجي ميٺ محبت سان رهڻ لڳا، اقبال پڻ دِل سان ڀاءُ سان گڏ محنت سان ڪم ڪري حلال رزق ڪمائڻ لڳو.

غيبي مدد

ڳچ وقت جي ڳالھہ آهي تہ ملڪ صادق آباد جو بادشاھہ تمام ظالم، بي رحم ۽ ڪنجوس هو. هن جو هڪڙو اصول هو تہ ڪو بہ ماڻھو خيرات يا صدقو نہ ڪري ۽ نہ ئي پنھنجي خزاني مان ڪا شيءَ ڪنھن کي ڏيڻ پسند ڪندو هو. هڪ ڏينھن ملڪ ۾ پڙهو گهمايائين تہ ڪو بہ ماڻھو سندس اجازت کانسواءِ ڪنھن بہ سائل کي ڪا بہ شيءِ نہ ڏي، چاهي اهو کاڌو پيتو هجي يا ڪو پئسو ڏوڪڙ، نہ تہ انھيءَ کي سخت سزا ڏني ويندي، بادشاھہ جي انھيءَ اعلان کانپوءِ ماڻھو سڀ پنھنجي پنھنجي گهرن ۾ سندس بابت ڳالھيون ڪرڻ لڳا ڪن کيس ظالم چيو تہ ڪن کيس بي رحم، مطلب ”جيترا وات اوتريون ڳالھيون“ کانئس ڪو بہ خوش نہ هو.
هڪ غريب عورت پنھنجي نياڻيءَ سان گڏ ننڍي گهر ۾ رهندڙ هئي. سندس گهر تي ڪنھن فقير اچي صدا هنئي تہ، ”ڪجهہ کائڻ لاءِ ڏيو“ هن جي ڌيءَ ٻاهر نڪري فقير کي چيو تہ، ”بادشاھہ سخت ناراض ٿيندو مون کي سزا ملندي نہ تہ مون وٽ ٻہ اڦراٽا ڍڪيا پيا آهن، پر ڊپ ۾ توکي ڏيئي نٿي سگهان“ فقير بک ۾ صفا پاھہ پئي ٿيو، اچي آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳو تہ ، ”ڪنھن کي بہ خبر ڪونہ پوندي مون کي مھرباني ڪري ڪجهہ کائڻ لاءِ ڏيو، ”ڇوڪري نرم دل هئي هوءَ اهي ڪپڙي ۾ ويڙهيل اڦراٽا کڻي آئي ۽ اچي دَرَ تي فقير کي ڏنائين، فقير خوش تي کيس دُعائون ڏنيون ان ئي وقت اتفاق سان ڪو واٽهڙو اُتان لنگهيو جنھن اهو لقاءُ ڏٺو ۽ وڃي ڪنھن ٻئي سان ڳالھہ ڪيائين ان ريت خبر بادشاھہ تائين پھتي هن کي انھيءَ تي سخت ڪاوڙ آئي تہ سندس رعايا بادشاھہ جي حڪم عدولي ڪري رهي آهي، ماڻھو موڪلي انھيءَ ڇوڪريءَ جا هٿ ڪٽرائي ڇڏيائين. ويچاري غريب جو تہ نڪو اوهي نہ ڪو واهي سو ڇوڪري حسنا ۽ ان جي ماءُ روئي رڙي چپ ڪري لکيو لوڙڻ لڳيون.
بادشاھہ ٽي شاديون ڪيون هيون پر هُو اولاد جي نعمت کان محروم هو هڪ ڏينھن پنھنجي ماءُ کي چيائين، ”آئون شادي ڪرڻ چاهيان ٿو شادي فقط اولاد ڪاڻ ڪريان ٿو پر تہ بہ جيڪا راڻي هجي سا تمام حسين ۽ جميل هجي صورت جي من موهڻي هجي“، ماءُ وراڻيس پنھنجي ئي ملڪ ۾ هڪ غريب ڇوڪريءَ جي حُسن ۽ شرافت جو مون چرچو ٻڌو هو پر انھيءَ جا هٿ تنھنجي چوڻ تي وزيرن ڪٽائي ڇڏيا جو هن فقير کي خيرات ڏني هئي. بادشاھہ کي بہ يادگيري اچي وئي ڪجهہ ڦڪو بہ ٿيو پر شاهي رعب موجب تاڙي وڄائي وزير کي گهرائي چيائين ته” اها ڇوڪري حسنا هتي حاضر ڪئي وڃي“. حسنا ۽ انھيءَ جي ماءُ کي ڪلاڪ ۾ بادشاھہ وٽ حاضر ڪيو ويو. ڇوڪريءَ جو حسن ۽ جمال ڏسي بادشاھہ حيران ٿي ويو. هن ڇوڪريءَ کان سڌو سنئون پڇيو تہ، ” ڇا تون مون سان شادي ڪندينءِ“ حسنا کي بادشاھہ کان نفرت تہ گهڻي هئي پر سوچڻ لڳي جي جواب ناڪار ۾ ڏينديس تہ هيءُ ظالم مون کي مارائي ڇڏيندو ۽ منھنجي ماءُ بہ رُلي ويندي سو ڊپ ۾ هائوڪار ڪيائين. بادشاھہ ۽ حسنا جي شادي ڌوم ڌام سان ٿي ٻئي خوش رهڻ لڳا هو پنھنجي ٻين ٽنھي راڻين کان وڌيڪ حسنا کي وقت ڏيندو هو ساڻس شاهي سواريءَ تي سير ڪرڻ بہ ويندو هو. ٻيون راڻيون حسنا کان سڙڻ لڳيون. انھن گڏجي اٽڪلون سوچڻ شروع ڪيون تہ جيئن بادشاھہ جي دِل تان حسنا راڻيءَ کي لاهي سگهجي. هڪ جوڳيءَ کي چار پئسا ڏيئي راضي ڪيو، تہ ”شاهي محلات ۾ اچي صدا هڻج ۽ حسنا راڻيءَ کان خيرات کڻڻ جو سوال ڪجانءِ، خيرات ۾ بادشاھہ جو هار گهرجانءِ“.
بادشاھہ ٽن ڏينھن لاءِ پنھنجي وزيرن سان گڏ جهنگ ۾ شڪار تي ويل هو هن جو نو لکو حسين هار جو فقط درٻار مھل پائيندو هو گهر ڇڏي ويو. سٽيل سازش مطابق ٻين راڻين انھيءَ هار کي رک مان لوئي اهڙو ڪري ڇڏيو جو اهو هڪ پراڻي هار جو ڏيک ڏيڻ لڳو ۽ سندن اٽڪل مطابق بادشاھہ ۽ ٻين وزيرن جي غير موجودگيءَ ۾ اهو فقير صدا هڻڻ آيو ۽ اهو ئي ضد ڪيائين تہ راڻي حسنا کان خيرات وٺندس حسنا جڏهن محل جي در وٽ آئي کيس چيائين” توکي ﷲ خوبصورت پٽ عطا ڪندو تنھنجا هٿ بہ ٺيڪ ٿي ويندا مون کي اهو هار ڏي جو بادشاھہ جي سينگار ميز جي خاني ۾ آهي“ راڻي حسنا چيس، ”اول تہ بادشاھہ خيرات کان سڄي ملڪ کي جهليو آهي ٻيو تون ڪٿان آيو آهين؟ ڇو هتي پنھنجو سِرِ وڃائين ٿو؟“ فقير مرڪي چيس، ” آئون عام فقير ڪونہ آهيان درويش آهيان ﷲ جي حڪم سان آيو آهيان مون کي ڪجهہ بہ ڪونہ ٿيندو بلڪہ تون مون کي جي هار ڏيندينءِ تہ هميشہ خوش ۽ آباد رهندينءِ“ راڻي حسنا وڃي سينگار ميز ڏٺي انھيءَ ۾ اهو هار پيو هو جيڪو انھيءَ وقت تہ مٽيءَ ۾ ٻڏل بدزيبو پئي لڳو سوچيائين، ”بادشاھہ هن کي ڇا ڪندو اهو تہ پراڻو ٿي ويو آهي، هن فقير کي ڏيڻ سان مون کي دُعا ملندي ۽ پٽ جو اولاد ٿيندو تہ پاڻ بادشاھہ پنھنجو وارث ڏسي خوش ٿيندو هوءَ پورن مھينن سان هئي سو بادشاھہ جي ئي خوشيءَ ڪاڻ اهو هار فقير کي ڏئي ڇڏيائين. فقير تہ هار کڻي رَمَندو رهيو.
راڻي حسنا کيس هار ڏيئي، مطمئن ٿي ويئي ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ بادشاھہ شڪار کان واپس آيو، درٻار ۾ وڃڻ کان اڳ پنھنجو هار ڳوليائين پر هٿ ڪونہ آيس، نيٺ معلوم ڪرڻ سان خبر پيس تہ اهو ڏوھہ راڻي حسنا جو آهي وري کيس اُن مٿي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هن جي موت جي سزا جو حڪم ڏيڻ لڳو پر پوءِ سڀني جي مشورن سان کيس ملڪ نيڪالي ڏنائين. راڻي حسنا جي امڙ بہ ڇھہ مھينا اڳ وفات ڪري وئي هئي هاڻي هن وٽ ڪو بہ وسيلو ڪونہ هو. هوءَ روئندي روئندي ملڪ مان نڪتي. سپاهي کيس انھيءَ ملڪ جي سرحد تي ڇڏي آيا. هلندي هلندي هڪ ٻئي ملڪ جي ويجهو پھچڻ تي هئي جو کيس ويم جا سور اچي ٿيا. سامھون کان ٻہ جوان ايندا ڏسڻ ۾ آيس انھن اچي سلام ڪيو ۽ چوڻ لڳا، ”اي معزز عورت ڇا اسين توهان جي ڪا مدد ڪري سگهون ٿا“ هن پنھنجي سڄي روئداد ٻڌائي، جوانن مُرڪي چيو، ”ڇا تون چاهيندينءِ تہ تنھنجا ٻئي هٿ صحيح ٿي وڃن“ راڻيءَ روئندي هائوڪار ڪئي انھن دُعا لاءِ هٿ کنيا ۽ راڻيءَ جا هٿ بلڪل صحيح ٿي ويا، چوڻ لڳا، ”اسين اهي ٻہ اڦراٽا آهيون جيڪي تو مسڪين فقير کي کائڻ لاءِ ڏنا هئا. هاڻي اسين توکي هڪ عادل بادشاھہ ڏي وٺي ٿا هلون جتي توکي گهر جو سڪون ملندو“، حسين راڻيءَ جو هٿ جهليائون تہ ٿوريءَ دير ۾ شاهي محلات اچي ويو، انھيءَ عادل بادشاھہ يوسف جي راڻيءَ فاطمہ وٽ کيس پھچائي اهي غائب ٿي ويا. راڻي فاطمہ پڻ ايتري ئي مھربان هئي جيترو بادشاھہ يوسف هو، هن انھيءَ راڻيءَ کي شان مطابق هڪ ڪمرو شاهي محلات ۾ رهڻ لاءِ ڏنو ۽ هڪ ڪنيز پڻ ڏنائين جتي هن جي خوبصورت پٽ جو جنم ٿيو،
بادشاھہ يوسف ۽ راڻيءَ فاطمہ هن نيڪ دِل ۽ خيرات ڪندڙ عورت جو دِل سان قدر ڪيو سندس حسن ۽ جمال عقلمندي ۽ نھٺائي ڏسي پنھنجي پٽ شھزادي سعيد سان سندس نڪاح ڪرايائون ۽ هن جي ننڍڙي دانيال جي پرورش پڻ شاهي محلات ۾ شان سان ٿيندي رهي، اهڙيءَ ريت راڻي حسنا جا هڪ غريب ڇوڪري هئي سان پنھنجي سون ورنيءَ دِل ۽ خير خيرات جي ڪري غيبي مدد سان محلاتن ۾ راڻي ٿي حياتي گهارڻ لڳي.

رهنمائي

ايران جي وڏي بادشاهي درٻار ۾ هڪ بزرگ درويش ڪڏهن ڪڏهن ويندو هو. جڏهن تہ درويش ۽ بادشاهي درٻار جو پاڻ ۾ ظاهري طور تہ ڪو تعلق ڏسڻ ۾ نٿي آيو پر هڪڙي ڳالھہ فقط اها ئي هئي جو انھيءَ ڪامل بزرگ جو واسطو انھيءَ ئي شاهي خاندان سان هو. شاهي ڪٽنب سان ڳنڍيل هوندي بہ هُو ننڍپڻ کان ئي عيش ۽ آرام کان بي پرواھہ ۽ شھر جي شور و گوڙ کان پري عبادت ۾ مشغول رهندڙ هو. تمام سادي ڪپڙي ۽ کاڌي کي هنڊائيندڙ هن درويش جي وڏي هاڪ هئي.هن ڪڏهن بہ ڪا شاهي سھولت يا فائدو نہ ورتو. محل کان ٿورو پري هڪ سادي گهر ۾ زمين تي سمھندڙ هن بابا جي ڪل ڪائنات هڪ مٽيءَ جو مٽڪو، هڪ کٽ، چند کاڌي پيتي جا ٿانو ۽ بسترو هئا. زمين تي رهڻ ۽ سمھڻ کيس پسند هو. پنھنجي روزگار لاءِ هو قرآن پاڪ جي نسخن جي ڪتابت ڪندو هو. سمورو وقت ﷲ جي ذڪر ۾ مشغول رهڻ سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن هو ماڻھن جا مسئلا ٻڌڻ ۽ انھن جا نبيرا ڪرائڻ ۾ مدد ڪندڙ هو.
سندس اهو ايمان هو تہ ﷲ پاڪ پنھنجي ذڪر سان گڏ دنيا کي ترڪ ڪرڻ جو حڪم ناهي ڏنو. ان ڪري خلق جي خدمت ۾ رب پاڪ جي وڏي خوشنودي آهي. ڪنھن کان بہ ڪو ٽڪو پئسو کڻڻ ڪڏهن بہ پسند ڪونہ ڪيائين، ڪنھن جي مدد ڪيائين تہ بہ پنھنجي ڌڻيءَ سڳوري جي درٻار ۾ قبوليت حاصل ڪرڻ لاءِ.
پنھنجي عمر جي آخري حصي ۾ هو شاهي درٻار ۾ بہ وڃڻ لڳو تہ جيئن کيس خبر پئي تہ هتي ڇا وهي واپري پيو. ڪنھن سان ڪا ناانصافي تہ ڪونہ پئي ٿئي.
شيراز شھر مان ڪي علم جا طالبو ساڻس ملاقات لاءِ آيا جڏهن شاهي محل جي ويجهو پھتا تڏهن بزرگ جي رهائش جي ڄاڻ ورتائون، خبر پين تہ هو شاهي درٻار ۾ آهي پاڻ ۾ هڪڙي شاگرد ٻئي کي چيو تہ ”سمجهہ ۾ ڪو نہ ٿو اچي تہ، هيءَ ڪھڙو بزرگ آهي؟ هيءَ ڪھڙي درويشي آهي؟ جو بابا سائين تہ شاهي درٻار پيو گهمي اسان تہ سمجهيو تہ هُو بلڪل بي نياز طبيعت جو آهي!“ عام طور اهو ئي سمجهيو ويندو آهي تہ شاهي درٻار جي جيڪو غلامي ٿو ڪري ۽ اتي پنڌ ٿو ڪري يقينن اهو ماڻھو بادشاهن کي ويجهو ٿي فائدا وٺڻ ٿو چاهي سوهنن جي دل ۾ بہ اچي اهڙا خيال پيدا ٿيا تڏهن بہ ٻيو شاگرد چوڻ لڳو تہ ”غيب جو علم ڌڻيءَ سڳوري وٽ آهي اسان ڪنھن جي لاءِ ڪجهہ بہ چئي نٿا سگهون جيستائين حقيقت تان پردو کڄي“.
ٻنھي پاڻ ۾ مشورو ڪيو تہ هاڻي انھيءَ درويش جو انتظار ڪٿي ڪريون اهو سوچي وقت گذارڻ لاءِ شھر جو ڦيرو ڏيڻ ويا. رستي ۾ هڪ درزيءَ جو دوڪان آيو هڪڙي ٻئي کي چيو هتي اندر هلي ويھون ٿا. منھنجو کيسو ڦاٽل آهي. آئون اهو بہ سبرائي وٺان ايئن چئي هو دڪان ۾ داخل ٿيا درزي واندو ويٺو هو. هن مسافر جو جُبو کڻي سبڻ لاءِ مشين تي رکيو قينچي ڳولھيائين جا کيس نہ ملي. هن جي دل ۾ اچي شڪ جاڳيو تہ هي نوان ماڻھو آهن ڪھڙي خبر انھن کنئي هجي ٻنھي کان پڇيائين” توهان منھنجي قينچي تہ ڪونہ ڏٺي؟“ اوچتو اهڙو غير متوقع سوال ٻڌي هو ٻئي حيران ۽ پريشان ٿي ويا. کيس ڪاوڙ ۾ چيائون ”اسين تنھنجي سامھون هاڻي دوڪان ۾ داخل ٿيا آهيون. ڪپڙو سبڻ کان اڳ ۾ تون اسان تي بي سبب چوري پيو هڻين“
درزي بہ ضد ۾ اچي ويو تہ، ”چوري بلڪل توهان ڪئي آهي اوهان سان گڏ ٽيون شخص بہ آيو هوندو جنھن کي توهان مون کان اک بچائي قينچي ڏني هوندي ٻيو تہ صبح کان ڪير آيو ئي ڪونھي“.
ان ريت بحث بخيلائي ۾ مٽجڻ لڳو درزيءَ جي بدگمانيءَ هڻي وڃي هنڌ ڪيو. بس چوي تہ سپاهي ٿو گهرايان هُو ڪيتريون بہ منٿون ڪن، صفايون پيش ڪن پر درزي اهڙو نٺر جو ڳالھہ تان لھي ئي نہ، هنن جون تہ، ”ٻہ بہ ويون تہ ڇھہ بہ ويون“، اُهي شھر ۾ نوان داخل ٿيا هئا ڪجهہ وڌيڪ ڪڇي بہ نہ سگهن ڪاوڙ ۾ بس ايترو چيائون تہ ”وڃي سپاهي ۽ پوليس گهرائي اسان نڪو چوري ڪئي آهي ۽ نہ ئي اسان وٽ قينچي آهي. باقي تون جي جُبو زوريءَ رکڻ ٿو چاهين تہ تنھنجي مرضي“.
نيٺ سپاهي اچي انھن کي درزيءَ سميت بادشاھہ جي درٻار ۾ پھچايو. جتي اهو بزرگ درويش موجود هو. کيس پنھنجي روحانيت سبب انھن جي اچڻ جي خبر پئجي چڪي هئي. هنن ٻنھي کي چيائين” آئون توهان کي ٻڌايان تہ آئون بادشاھہ جي درٻار ۾ ڇو ايندو ويندو آهيان؟“
انھن پريشان ٿي چيو”پھرين تہ اسان کي هن مصيبت مان ڇوٽڪارو ملي پوءِ توهان کي ڪجهہ عرض ڪريون“ بزرگ درويش بادشاھہ کان پڇيو تہ ”منھنجي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟“ آئون سچو آهيان يا ڪوڙو؟“
بادشاھہ چيو تہ ”تون هڪ نيڪ درويش آهين ۽ بلڪل سچو آهين“ چيائين”هي ٻئي جوان علم جا طالبو مون سان ديني مسئلن تي مشاورت ڪرڻ آيا آهن. پر مٿن بي سبب چوريءَ جو الزام لڳو آهي“ ان وچ ۾ درزيءَ کي دوڪان تان اچي هن جو پٽ ٻڌائي ويو تہ، ”قينچي ملي وئي آهي“. هاڻي هو خوفزدہ هو. بزرگ پڇيس ٻڌائي”تنھنجي قينچي هنن چوري ڪئي آهي؟“ هن شرمندو ٿي ناڪار ڪئي ۽ قينچيءَ جي لڀجڻ جي ڳالھہ پڻ ڪئي ۽ اهو بہ اظھار ڪيائين، ”آئون تمام ڏک سان چوان ٿو تہ مون بدگماني ڪئي ۽ غلطي منھنجي آهي“. درزيءَ ٻنھي جوانن کان معافي گهري جُبو جو کيسي جي سبڻ لاءِ ڏنل هو دوڪان تان سبرائي واپس ڪيو ۽ اُجرت بہ ڪونہ ورتي. بزرگ درويش جوان شاگردن کي چيو” توهان کي هاڻي خبر پئي تہ آئون درٻار ۾ ڇو ايندو آهيان اڄ جيڪڏهن آئون شاهي درٻار ۾ نہ هجان ها تہ توهان سان نہ ڄاڻ ڪھڙو سلوڪ ٿئي ها!“
ٻنھي کانئس پنھنجي غلط انومان جي معافي گهري ۽ سندس گهر وڃي ديني درس وٺي رهنمائي حاصل ڪئي.

روشن ڏيئو

ماستر هدايت، خالد کي سڏيندي چيو تہ، ”پُٽ! توهان کي هيد ماستر گهرايو آهي جلدي وڃي ملي اچو“، خالد هڪدم اٿيو ۽ هيڊ ماستر جي آفيس جي طرف وڃڻ لڳو. جيئن ئي ڪمري ۾ داخلا ٿيو تہ سندس نظر سيٺ ڪريم تي پئي جو سندس والد جو واقف هو يقيناً هو پڻ هيڊ ماستر خالق ڏني وٽ ڪنھن ڪم سان آيو هوندو، هن سوچيو ۽ ادب سان سلام ڪري ڪمري ۾ داخلا ٿي هڪ ڪنڊ ۾ ويھي رهيو. سائين خالق ڏني سندس ڏانھن نھاريندي کانئس پڇيو، ”خالد! تنھنجي فيس ڪونہ آئي آهي صجاڻي ڏهين تاريخ آهي ڇا سبب آهي؟ خالد جو منھن جو پنو لھي ويو ڊڄندي چيائين، ”سر! صجاڻي انشاءَﷲ فيءَ جمح ڪرائي ڇڏيندس“ سندس اکين ۾ لڙڪ تري آيا پر هُو هڪ بھادر ۽ مظبوط ڇوڪرو هو پاڻ کي روئڻ کان روڪي ڇڏيائين، هيڊ ماستر سندس منھن ڏي نہ نھاريو هُن جون اکيون وري آفيس فائيل ۾ کپُي ويون. پر کيس سخت لهجي ۾ تنبيھہ ڪندي چيائين تہ، ”ٺيڪ آهي صجاڻي ڪنھن بہ حالت ۾ فيءَ جمح ڪرائي ڇڏجان نہ تہ تنھنجو نالو اسڪول داخلا مان ڪٽي ڇڏبو.“
خالد هڪ غريب ۽ محنتي شاگرد هو سندس پيءُ هڪ ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪندو هو. هڪ دفعي ڊرائيور جي غلطيءَ سان ٽرڪ هيٺ اچي حادثي ۾ فوت ٿي ويو. خالد جي ماءُ مُريم وڏيءَ مشڪل سان اوڙي پاڙي جا ڪپڙا سبي محنت ڪري بہ کيس هڪ خانگي اسڪول ۾ پڙهائيندي هئي، مريم کي ٻيو ڪو بہ اولاد ڪونہ هو، سڄي توجھہ خالد تي ڏيئي گهر جو گاڏو مشين جي سلائيءَ مان هلائيندي هئي. سندس خواهش هئي تہ جيئن خالد پڙهي لکي وڏو آفيسر ٿيئي پر مھانگائيءَ جي ڪري خرچن جي پورائي ۾ سندس هٿ اڪثر تنگ رهندو هو. اڄ بہ هوءَ ڏاڍي پريشان هئي، تہ خالد اسڪول مان اداس موٽيو، سمجهيائين تہ ضرور فيءَ جي ڳالھہ هوندي ۽ ٿيو بہ ايئن. خالد کيس ٻڌايو تہ، ”هيڊ ماستر چيو آهي تہ صبح ڪنھن بہ حالت ۾ فيس کڻي اچجان نہ تہ تنھنجو نالو اسڪول مان ڪٽجي ويندو“ سوچ ۾ پئجي ويئي کيس تہ تسلي ڏنائين پر پاڻ سمجهيائين پئي تہ صبح بہ فيءَ جو بندوبست ڪونہ ٿي سگهندو. پاڙي جي هڪ ساهيڙيءَ وٽ وئي پر کيس پئسا ملي نہ سگهيا. صبح جو خالد اسڪول وڃڻ کان اڳ وري فيءَ جي ڳالھہ ڪئي کيس تسلي ڏيندي چيائين تہ، ”پُٽ اڄ تون اسڪول وڃ ﷲ ڪندو صجاڻي تائين فييءَ جو بندوبست ٿي ويندو، اڄ تہ گهر ۾ صفا چند روپيا آهن، فيس پوري ڪونہ ٿي سگهندي“.
خالد کي الاهي صدمو ٿيو دل ۾ سوچڻ لڳو تہ آئون تہ يتيم ٻار آهيان منھنجي ماءُ سلائيءَ مان ڪيترو منھنجي پڙهائي جو خرچ ڀري سگهندي؟ موزون اهو آهي تہ آئون پڙهائي ڇڏي ڪٿي موٽر مڪينڪ جي دوڪان تي مزدوري ڪريان پنھنجي ماءُ کي بہ پورهئي کان بچايان ۽ خود بہ شرمندگيءَ کان بچي وڃان، وري جڏهن اسڪول جي ويجهو آيو تڏهن کيس خيال آيو تہ، ”ھھڙو سٺو اسڪول، دوست، يار ۽ پڙهائي ڪيئن ڇڏيان؟ ڇا ڪريان؟“ انھن ئي خيالن ۾ پور پچائيندو، هو ڪلاس ۾ پھتو، سڄو وقت سندس ڌيان پڙهائيءَ ۾ لڳي نہ سگهيو ۽ فيءَ جي فڪر ۽ هيڊ ماستر جي سڏ جي سوچ ۾ رهيو. سندس دل تيز تيز هلندي رهي تہ اجهو ٿو هيڊماستر جو کيس سڏ اچي ۽ ٿوري دير ۾ اسڪول مان خارج ٿيڻ جو ليٽر ٿو ملي. پر هُن کي موڪل تائين ڪنھن بہ نہ سڏيو، حيران پڻ ٿيو تہ خوش پڻ، تہ شڪر اڄ جان ڇُٽي ۽ ايئن ٻيو ڏينھن، ٽيون ڏينھن، بلڪہ پورو هفتو ۽ پوءِ مھينو گذري ويو، هيڊماستر کيس نہ گهرايو، هن سمجهيو تہ پَڪَ ڪا غيبي مدد ٿي آهي يا تہ هيڊماستر کي گهڻي ڪم ۾ سندس فيس وسري ويئي آهي پر اها ناممڪن ڳالھہ هئي ڇو تہ هيءُ هڪ خانگي اسڪول هو جنھن ۾ ظاهر آهي في ڏيڻ لازمي هئي. خالد کي همٿ نہ ٿي تہ ڪنھن کان پڇي بہ سگهي تہ هيڊماستر کانئس وري في ڇو نہ گهري آهي.
هڪ ڏينھن خالد ڪنھن ڪم سان هيڊماستر صاحب جي آفيس جي ٻاهران گذريو پنھنجو نالو ٻڌي بيھي رهيو. هو آفيس جي دروازي تي بيھي رهيو کيس لڳو تہ هيڊماستر سائين خالق ڏنو سندس فيس بابت ڳالھائي رهيو هو ۽ کيس سيٺ ڪريم جو آواز پڻ ٻڌڻ ۾ آيو جو هيڊماستر صاحب سان خالد جي تعليمي خرچن بابت ڳالھائي رهيو هو. خالد کان صبر ٿي نہ سگهيو، هو آفيس جي ڪمري ۾ اندر گهڙي ويو ۽ سلام ڪري چوڻ لڳو تہ،
”سر! مون کي معاف ڪجو آئون ڪمري جي ٻاهران گذري رهيو هئس پنھنجو نالو ٻڌي بيھي رهيس ۽ فيءَ جي خرچ جي ڳالھہ ٿي رهي هئي، توهان مھرباني ڪري مون کي حقيقت ٻڌايو!
سائين خالق ڏني کيس ويھڻ جو چيو ۽ ڪجهہ دير کان پوءِ چيائين تہ، ”بابا! جنھن ڏينھن مون توکي في ڏيڻ لاءِ گهڻو چيو هو ان ڏينھن سيٺ ڪريم هتي موجود هو، هُو تنھنجي والد کي سڃاڻي ٿو ۽ کيس سندس فوت ٿي وڃڻ جي خبر آهي ۽ انھيءَ مھل مون کي چيو هئائين تہ، ”هن شاگرد جي تعليم جو خرچ آئون کڻندس پر اهو بہ چيائين تہ، اها خبر ڪنھن کي بہ نہ پوي آئون اهو سڀ ﷲ تعالى جي رضا لاءِ ڪري رهيو آهيان، ڪنھن تي بہ ڪو احسان ڪونھي” پر جيئن تہ اڄ توهان سڄي ڳالھہ ٻڌي ڇڏي آهي انھيءَ ڪري وڌيڪ لڪائي نٿو سگهجي ۽ تنھن ڪري سڄي ڳالھہ اوهان کي ٻڌائي ڇڏي اٿم.“ ايئن چئي هيڊماستر خالق ڏنو سيٺ ڪريم ڏي نھارڻ لڳو، خالد جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا ۽ شڪر گذاريءَ سان پنھنجي محسن سيٺ ڪريم ڏي ڏٺائين، جنھن مٿس هيڏو وڏو احسان ڪيو هو، سيٺ ڪريم اُٿي هن يتيم ٻار کي ڀاڪر پاتو ۽ چيائين،
”بابا رو نہ! محنت کان ڪم وٺ ڪاميابي يقيناً تنھنجا پير چمندي، جنھن جو ڪير نہ هوندو آهي تنھن جو ﷲ هوندو آهي. حالتون ڪيتريون بہ ڪٺن ڇو نہ هجن انسان لاءِ هڪ رستو ضرور کليل هجي ٿو. شرط اهو آهي تہ تنھنجي مَنَ ۾ جستجو، شوق ۽ سچائيءَ سان گڏ محنت جو مادو هجي، پنھنجي تعليم تي توجه ڏي، انشاءَﷲ هڪ ڏينھن تون ضروروڏو ماڻھو ٿيندين پر منھنجي اها ڳالھ ياد رکج پاڻ کان هيڻي جي مدد ضرور ڪج اهو ئي ڪنھن جي ڀلائيءَ جو بدلو آهي.“
سيٺ ڪريم جي پيار، محنت ۽ همٿ ڏيارڻ خالد ۾ هڪ نئون اُتساھ، شوق ۽ جذبو جاڳايو. هاڻي هو ڏينھن رات هڪ ڪري وڌيڪ محنت ڪري ڪلاس ۾ پھريون نمبر اچڻ لڳو. مئٽرڪ جو امتحان پوزيشن سان پاس ڪيائين. سندس تعليمي خرچ وڌڻ لڳو ۽ والدہ بہ بيمار رهڻ لڳي ان ڪري شام جو ٻين ٻارن کي ٽيوشن پڙهائڻ لڳو جنھن سان خالد جي پنھنجي علم ۾ پڻ اضافو ٿيندو رهيو ۽ هُو شام جو وقت بہ ضايع ڪرڻ کان بچي ويو، صبح جو ڪاليج ويندو هو ۽ شام جو ٽيوشن ڏيندو هو. ان ريت بي.اي ڪيائين کيس چٽاڀيٽيءَ جي امتحان ۾ ويھڻ جو شوق جاڳيو، آخرڪار وڏيءَ محنت سان ٻہ دفعا رهجي وڃڻ کان پوءِ هو ٽيئن دفعي ۾ امتيازي نمبرن سان پاس ٿي اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي لڳو.
اهڙيءَ ريت اڳيان وڌندو رهيو پر جڏهن بہ سندس ڪنن ۾ سيٺ ڪريم جا لفظ ٻُرندا هئا ۽ اُن جو چهرو اکين اڳيان ايندو هو تڏهن کيس شدت سان احساس ٿيندو هو تہ ڪنھن نموني پنھنجي انھيءَ همدرد کي ڳولھي لھان جنھن مٿس هيڏو وڏو احسان ڪيو هو. نيٺ ڳولا کان پوءِ کيس خبر پئي تہ سيٺ ڪريم وفات ڪري ويو آهي، هُو سندس قبر تي حاضري ڀرڻ ويو ۽ عھد ڪيائين تہ غريب ٻارن لاءِ هڪ معياري اسڪول بنا ڪنھن فيءَ جي کوليان جنھن مان ڪيترائي مون جھڙا بي پھچ ٻار پڙهي سگهن ۽ اڄ سندس قائم ڪيل اهو ”ڪريم سڪينڊري اسڪول“ شان مان سان قائم آهي جنھن جي سنڀال خالد سرڪاري وڏي عھدي تي هئڻ ۽ مصروفيت جي باوجود پڻ پاڻ ڪندو آهي.
ٻارو! سياڻن بلڪل صحيح چيو آهي تہ نيڪيءَ جو بدلو نيڪي آهي ۽ ڪنھن تي ڪيل ٿورو ڪڏهن بہ ضايع نٿو ٿيئي تحقيق علم اهو روشن ڏيئو آهي جنھن جي روشني سج ۽ چنڊ جيان هر وقت جرڪي ٿي.

انوکو هيرو

هڪ وڏي شھر ۾ عمران نالي مشھور سونارو رهندو هو، هن وٽ ناياب هيرا جواهر پڻ هوندا هئا ڪيترن وڏن اميرن اُمرائن جون گهر واريون کانئس وڏين وڏين گاڏين ۾ ڊرائيورن يا گهر ڀاتين سان اچي اهي مھانگا مھانگا هيرا پنھنجي زيورن ۾ لڳرائي خوشيءَ سان وٺي وينديون هيون. جن سان انھن جو پنھنجي اعليٰ طبقي جي اٿ ويھہ ۾ وڏو رعب ٿيندو هو تہ هُنن عمران سوناري کان هار ڪنگڻ يا ٻيا زيور ورتا آهن. هو نالي چڙهيو بہ هو جڏهن تہ ڪي ٻيا بہ جوهري هن بازار ۾ هئا پر عمران جي مشھوري وڌيڪ هئي جنھن جو هڪ اهم سبب سندس ڪاريگر قادر بخش (قادو) هو. قادو ايترو تہ بھترين ڪاريگر هو جو زيورن ۾ جيڪي ٻُڙا لڳائيندو هو اهي تمام حُسن ڪندا هئا کيس ٻُڙي يا هيري جي ڪٽ ڪوٽ، جڙاءُ يا بيھڪ جي مڪمل خبر هئي قادر بخش جي ٺاهيل زيورن مان ڪڏهن بہ هيرا ڇڻي يا ٽٽي ڪونہ ڪرندا هئا. ڀلي سون گسي وڃي پر قادوءَ جا لڳايل هيرا زيورن ۾ حسن قائم رکندڙ هئا. انھيءَ سڄي ڳالھہ جي عمران کي چڱيءَ پر خبر هئي هُو دِل ئي دِل ۾ پنھنجي دُوڪان جي ڪاميابيءَ ۽ ترقيءَ ۾ قادر بخش جو هٿ ضرور محسوس ڪندو هو پر واکاڻ ڪونہ ڪندوهئس تہ متان دماغ خراب ٿي وڃيس يا ڪنھن سان ڳالھہ ڪري تہ پوءِ ڪير لالچ ۾ وڏي پگهار تي پاڻ وٽ بيھاري ڇڏي. عمران کيس پگهار صحيح ڏيندو هو پر هو حساب ڪتاب وارو ضرور هو ڪنھن بہ ڪم ڪندڙ جي مھل تي ڪم ايندي ڄڻ کيس بخار ايندو هو.
قادر بخش جي نياڻيءَ عارفہ جي شادي اچي مٿي تي بيٺي، هن جيڪي چار پئسا بچت ڪيا هئا سي تہ شاديءَ جو سامان وٺڻ ۾ صحيح ڪتب آيا پر اڃابہ ڪي خرچ هئا. کيس پئسي جي وڏي گهرج هئي خميس جي ڏينھن شام جو جڏهن جلدي سڀ ڪاريگر هليا ويا (ٻئي ڏينھن جمعي جي ڪري دوڪان بند رهڻو هو) قادر بخش اچي عمران سوناري جو پاسو ورتو چيائين، ”سائين هڪ لک رپيا اڌارا کپن ٿا ڀلي منھنجي پگهار مان قسطون ڪري ڪٽي وٺجو پر منھنجي نياڻيءَ جي شادي آهي، منھنجي مھل ملھايو“. عمران منھن ۾ گهُنڊ وجهي چوڻ لڳو، ”توکي خبر آهي تہ آئون ڪنھن بہ نوڪر کي گهرو مسئلن يا بيماري سيماريءَ ۾ ڪا بہ ايڊوانس ڪونہ ڏيندو آهيان پنھنجي پگهار مان بچت ڪري پورت ڪيو“.
قادر بخش گهڻيئي منٿون ڪيس پنھنجي ڪاريگريءَ جو احساس ڏياريائين پر هُن کي اثر ڪونہ ٿيو.
هفتي کانپوءِ قادر هڪ اڇو خوبصورت ناياب ۽ انوکو هيرو کڻي وٽس ويٺو چوڻ لڳو، ”عمران صاحب هيءُ هيرو منھنجي وڏن جي نشاني آهي مون سالن کان سانڍي رکيو هو انھيءَ کي وڪڻڻ تي منھنجي دل نٿو چاهي ٻن ٽن لکن جوآهي پر آئون توهان وٽ گروي ٿو رکايان مون کي لک رپيا اڌارا ڏيو آئون آهستي آهستي اُهي پگهار مان ڪٽرائيندس جيئن ئي پئسا آجا ٿيندا آئون پنھنجو هيءُ قيمتي پٿر توهان کان کڻي ويندس“.
عمران کي ڳالھہ صحيح لڳي هن هڪ شيشي جي ننڍيءَ برنيءَ ۾ کيس اهو پٿر رکڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ کانئس کڻي ٽجوڙيءَ ۾ رکي قادر بخش کي هڪ لک رپيا ڏنائين.
ان ريت قادر بخش پنھنجي ضرورت جو پورائو ڪري خير خوبيءَ سان نياڻيءَ جي شاديءَ جي فرض مان سبڪدوش ٿيو ۽ وٽس نوڪري پڻ ڪندو رهيو ٽن سالن ۾ سڀ پئسا آجا ٿي ويا.
جڏهن پئسا مڪمل لھي ويا تڏهن قادر بخش سوناري کي چيو تہ هاڻي منھنجو قيمتي پٿر مون کي واپس ڪيو مون واعدي مطابق توهان جا پئسا پگهار مان لاهي ڇڏيا آهن. سيٺ عمران اُٿي ٽجوڙي کولي کيس اهو ناياب هيرو آڻي ڏنو، قادر بخش هڪ پاڻيءَ جو پيالو کڻي ان ۾ اهو اڇو هيرو وڌو ۽ پوءِ ان کي لوڏڻ لڳو ٿوريءَ دير ۾ اهو هيرو پاڻيءَ ۾ ڳري ويو. سونارو حيران ٿي ڏانھس ڏسڻ لڳو. قادر بخش چيس، عمران سائين اهو هيرو (ڊائمنڊ) ڪونھي اهو تہ مصريءَ جو ڳنڍو آهي. جنھن کي مون پنھنجي هٿ جي صفائيءَ سان اهڙو تہ خوبصورتيءَ سان ڇلي تيار ڪيو جو توهان پن دوکو کائي ويا تہ اهو اصلي هيرو آهي انھيءَ ۾ ڪمال منھنجي فن جو آهي، آئون هيرا تراشڻ وارو ڪاريگر آهيان ۽ توهان کي ذاتي خبر آهي تہ هن علائقي ۾ مون جھڙو ڪوبہ هوشيار ڪاريگر ڪونھي مون کي ڏک انھيءَ جو آهي تہ مون کي پنھنجي قدر ۽ قيمت جي خبر هئي پر مون توهان جھڙي بي قدر ماڻھوءَ وٽ حياتي دان ڪئي. توهان منھنجي صلاحيتن تي اعتبار ڪونہ ڪيو ٻن روپين جي مصريءَ جي ڳنڍي تي ڀروسو ڪيو افسوس اهڙي ناقدرشناس وٽ آئون وڌيڪ ڪم نٿو ڪري سگهان. ايئن چوڻ کان پوءِ قادر بخش سوناري عمران کي حيران ۽ پريشان ڇڏي اطمينان سان دوڪان جي دروازي مان نڪري ويو.

سپوٽ نينگر

ٻارو! هڪ ڳوٺ ۾ هڪ ڪاٺير رهندو هو. کيس هڪ ئي پٽ هو. ان جو نالو ڪمال رکيو هئائين ڪمال گهڻو سمجهدار، فھميدو ۽ سپوٽ نينگر هو. ڳوٺ جي اسڪول مان اٺون درجو پڙهي پاس ڪيائين تہ سندس پيءُ لقمان سو چيو تہ، هاڻي آئون ٻڍو ٿي ويو آهيان منھنجو پٽ پڙهي لکي جيڪڏهن شھر وڃي نوڪري ڪندو تہ بہ اسان کان تہ پري ٿي ويندو سو ڪاٺين ڪٽڻ ۾ ڪھڙو عيب آهي اهو تہ سان جو ابن ڏاڏن جو ڪم آهي کيس بہ ساڳئي ڪم تي لڳايان باقي سو علم حاصل ڪيو اٿس تہ اهو وڃائي ڪونہ ڏيندو. رات جي ماني کائڻ مھل ڪمال کي چيائين تہ، ”پٽ! هيڏي اچ مون کي توسان ڪجهہ ڳالھائڻو آهي“. ڪمال فرمانبرداريءَ سان اچي سندس پاسو ورتو، لقمان ڳالھہ شروع ڪئي. ”پٽ ڏس! آئون هاڻي ڪراڙو ٿي ويو آهيان مون کان ڪھاڙي نٿي کڄي هيستائين هِن ڪھاڙيءَ سان ڪاٺيون ڪري شھر وڪڻي آئون گهر جي پورت ڪندو آيس توهان جي والدہ کي سکيو رکيم پر هاڻي آئون چاهيان ٿو تہ، تون اهو ڪم ڪر تہ جيئن آئون ٻہ ٽي ڏينھن آرام ڪريان“.
ڪمال تہ حيران ٿي ويو هُن جو ڏاڍو شوق هو تہ مئٽرڪ ڪري ۽ اڳيان پڙهي پر پيءُ جو حڪم ٻڌي چپ ٿي ويو اکر نہ اُڪليس جو جواب کڻي ڏي. سندس منھن جو پنو ئي لھي ويو ماءُ ڏي نھاريائين پر ان جي منھن ۾ پڻ ساڳي پيءُ جي رضا ڏٺائين ڪجهہ چوڻ جي همٿ ڪونہ ٿيس پنھنجي منھن چپ ٿي ويو. ٻئي ڏينھن نہ ڪاٺيون ڪرڻ ويو نہ ئي اسڪول اهڙيءَ ريت ٽي ڏينھن گذري ويا. روز لقمان کيس ڏسي فڪر ڪندو هو ۽ سوچيندو هو تہ ڪمال کي ڪاٺيون ڪرڻ نٿيون وڻن پر وٽس نہ اسڪول ۾ وڌيڪ پڙهائڻ جا پئسا هئا ۽ نہ ئي ڪي سفارشون هيون جو اڳيان کيس ڪا نوڪري ڏياري، ان ڪري هُن جيڪي پٽ کي چيو هو ان تي قائم رهندي انتظار ڪرڻ لڳو. چوٿين ڏينھن زال کي چيائين تہ تون پنھنجي پٽ کي راضي ڪر ۽ ڪاٺين ڪٽڻ تي موڪل. ڪمال جي ماءُ صبح جو سوير اچي ڪمال کي جاڳايو ۽ کيس ڪاٺيون ڪٽڻ لاءِ موڪلڻ تي گهڻو اصرار ڪرڻ لڳي.
نيٺ ڪمال منھن ڌوئي ناشتو ڪري ڪھاڙي ۽ رسو کڻي جهنگ ڏانھن ويو جتي سندس پيءُ کيس ٻڌايو هو اُتي پھچي ڏٺائين تمام گهاٽا گهڻا ئي وڻ موجود هئا جن جون لامون هيٺ جهڪيل هيون سوچيائين پھرين ڪنھن هڪ وڻ جون شاخون ڪٽيان آهستي آهستي سڄو وڻ ٻن ٽن ڏينھن ۾ ڪٽجي ويندو جيئن ڪھاڙي مٿي ڪري تہ جهرڪين جي اڏامڻ جو آواز ٻڌائين کڻي اکيون مٿي ڪيائين تہ ”مار! هڪ وڏو آکيرو هن وڻ ۾ جهرڪين ٺاهيو هو. جنھن ۾ ٻہ ٽي ننڍا ٻچا موجود هئا کيس ڏاڍو ترس آيو سو وڻ کي ڪٽڻ بدران زمين تي ويھي رهيو هن وڻ ڪٽڻ جو ارادو ختم ڪري ڇڏيو ۽ ائين سوچيندي سوچيندي کيس شام ٿي وئي ۽ هو بنا ڪاٺيون ڪٽڻ جي ڪھاڙو ۽ رسي ڪلھي تي رکي بکايل واپس گهر آيو. پيءُ هڪدم رڙ ڪري پڇيو تہ، ”ڪمال، ڪاٺيون شھر وڪڻي آئين! ڪيترا پئسا مليا“؟
ڪمال ڪنڌ هيٺ ڪري جواب ڏنو تہ وڻ تي جهرڪين جو آکيرو ڏسي هن انھن جهرڪين کي بي گهر ڪرڻ ڪو نہ چاهيو سندس پيءُ کي ڪاوڙ اچي ويئي ۽ ڪمال کي بد شد ڳالھائڻ لڳو. ماڻس ڳالھہ کي سنڀاليو ۽ کيس تسلي ڏيڻ لڳي تہ، ”نوجوان ٻار آهي ڪاوڙ نہ ڪر پاڻيھي سمجهي ويندو.“
ٻئي ڏينھن ڪمال وري ڪھاڙو ۽ رسو کڻي، جهنگ ڏي روانو ٿيو، کيس پل پل پنھنجو اسڪول ياد اچي رهيو هو. پر دل مظبوط ڪري وڻن وٽ پھچي ويو پر اڄ جن وڻن وٽ پھتو هو اهي ميويدار هئا. هن جيئن ڪھاڙو هنيو تہ وڻ مان هڪ وڏو ميوو هيٺ ڪريو جو صوف کان وڏو ۽ گدري کان ننڍو هو. جهنگ جو اهو ميوو ڏسي کيس ياد اچڻ لڳو تہ پاڙي ۾ اهو ڪنھن جي گهر ۾ ڀاڄيءَ طور پچائيندي ڏٺو هئائين، سوچڻ لڳو تہ هيءُ تہ ڪارائتو وڻ آهي الائي ڪيترن غريبن جي بک ٿو مٽائي ۽ ڪيترو نہ ڇانو ڏيندڙ آهي ان جا وڏا وڏا پن ۽ ٽاريون ايترا تہ پکڙيل آهن جو ڪيترا ماڻھو هن وڻ جي هيٺ ويھي گرميءَ کان بچي آرام ڪري سگهن ٿا، تہ پکي پکڻ پڻ انھن شاخن جي ڇانو ۾ سک وٺي سگهن ٿا ڀلا آئون اهڙي وڻ کي ڇو ڪٽيان؟ جو انسان ذات کي فائدو ڏيئي رهيو آهي هن ڪتابن ۾ پڙهيو هو تہ ڀلو ڪريو تہ توهان سان ڀلائي ٿيندي ۽ نيڪيءَ جو بدلو نيڪي آهي نيڪي ڪڏهن بہ ضايع نہ ٿيندي پنھنجي پيٽ جي پورت لاءِ انسانن، جانورن ۽ پکين جو سک وڃائڻ ڪٿي جي دانشمندي آهي؟
انھيءَ ٻڏتر ۾ ڪمال کي شام ٿي ويئي، اڄ صبح جو هُو گهران بہ ڪجهہ کائي ڪونہ نڪتو هو، پر هاڻي تہ کيس خوف ٿيڻ لڳو تہ بابو بہ ضرور رنج ٿيندو ۽ گهر ۾ بہ ڪجهہ ڪو نہ ملندو. پر تہ بہ وڻ ڪٽڻ تي سندس دل چيو ڪونہ ڪيو ۽ آهستي آهستي پير کڻندو گهر ڏي روانو ٿيو. جئين ئي گهر ۾ داخل ٿيو، لقمان ساڳيو مطالبو ڪيو تہ، ”پئسا آندا آهن؟“ ڪمال جي خاموشيءَ تي کيس ڪاوڙ آئي ۽ پئسا نہ ڏسي ڏنڊو کڻي اچي پنھنجي سڪيلڌي پٽ کي مار ڏنائين ۽ کيس گهران ڪڍي ڇڏيائين، ڪمال روئيندو روئيندو هڪ بنگلي وٽ ساڻو ٿي ڪري پيو. مٿس بيھوشي طاري ٿي ويئي
چند ڏينھن ٿي ويا ڪمال جو ڪو پتونہ پيو، سندس ماءُ ڪمال لاءِ روئي روئي بي حال ٿي ويئي ۽ پڻس بہ پنھنجي ڪيل زيادتيءَ تي پريشان هو پاڻ ۾ ڏک ونڊي رهيا هئا تہ سندن دروازي تي ٺڪاءُ ٿيو. ٻاهر نڪرڻ تي هڪ چوڪيدار بيٺل هو، جنھن کين چيو تہ، ”توهان کي وڏيري امير عليءَ گهرايو آهي“، ٻئي ڄڻا جلدي وڏيري جي حڪم تي حويليءَ ڏانھن هليا. دروازي تي پھچي، ڇا ڏسن تہ ڪمال بھترين ڪپڙن ۾ حويليءَ جي باغ ۾ بيٺو آهي کين پيرن پئي مليو تيستائين وڏيرو امير علي بہ حويليءَ مان ٻاهر باغ ۾ آيو، اچي لقمان کي چيائين تہ، ”تنھنجو پٽ تمام سٺو ڇوڪرو آهي. هيءُ ٻہ ٽي ڏينھن اڳ اسان جي حويليءَ جي دروازي تي بيھوش ٿيو پيو هو، مون حڪيم گهرايو جنھن کيس هوش ۾ آندو ۽ کاڌو کارايو. پڇڻ تي خبر پئي تہ کيس جانورن، پکين، وڻن ۽ ٻوٽن سان ڏاڍو پيار آهي ۽ انھن کي سرسبز ۽ آباد ڏسڻ چاهي ٿو انھيءَ ڪري ڪاٺيون بہ ڪٽي نہ سگهيو ۽ ٻيو تہ پڙهيل لکيل پڻ آهي. هن نيڪ نيت ڇوڪري کي آئون پنھنجي ڪم لاءِ رکان ٿو. منھنجو باغ بہ سنڀاليندو ۽ مالھيءَ جو پگهار بہ ڏيندس تہ گڏ آئون کيس اسڪول ۾ بہ پڙهائيندس اڳيان هلي کيس پنھنجو منشي ڪري رکندس“. ڪاٺير ۽ ان جي زال جي اکين ۾ خوشيءَ جا لڙڪ اچي ويا هو وڏيري امير عليءَ جي پيرن ۾ ڪري پيا. اميرعليءَ کين ڪجهہ پئسا ڏيئي ماني کارائي عزت سان گهر روانو ڪيو ۽ ڪمال وڏيري جي نگرانيءَ ۾ سندس عاليشان باغ کي سنڀالڻ سان گڏ تعليم حاصل ڪرڻ لڳو.پيارا ٻارو! گل ٻوٽا ۽ وڻ خدا پاڪ جون پيدا ڪيل نعمتون آهن جن مان اسان کي کاڌو ملي ٿو تہ وڏي ڳالھہ ساھہ کڻڻ لاءِ صاف هوا (آڪسيجن) پڻ ملي ٿي. انڪري اچو تہ سپوٽ ڪمال وانگر وڻ بچايون ۽ هن ڌرتيءَ کي سنواريون.

ڊاڪٽر پروين جا ٻالڪ ادب ۾ ڪتاب

1. اخلاقي قدر (مضمون) محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، 2010ع، 2016ع، 2020ع ٽي ڇاپا.
2. ٽي تحفا (ڪھاڻيون) پوپٽ پبليشنگ هائوس خيرپور، 2020ع
3. شرارتي جن (ڪھاڻيون) مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور،2021ع
4. پوپٽ ۽ گلاب (جانورن،پکين ۽ فطرت جون ڪھاڻيون) چانڊوڪي پبلڪيشن، واهي پانڌي، 2023ع.
5. شھزادي ماھہ نور (ڪھاڻيون) چانڊوڪي پبلڪيشن، واهي پانڌي، 2023ع.
6. ثاقب جي آئيسڪريم (ڪھاڻيون) چانڊوڪي پبلڪيشن، واهي پانڌي، 2023ع.
7. سھڻا سخن (قول ۽ چوڻيون)، چانڊوڪي پبلڪيشن، واهي پانڌي، 2023ع.
8. سائنسي ميلو (ڪھاڻيون) مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، 2024ع.
9. ارباب جي هوشياري (ڪھاڻيون) سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2024ع
10. پکراج پري (ڊجيٽل ايڊيشن) (ڪھاڻيون) 2024ع.
11. حضرت ابوبڪر صديق﷦ (ترجمو) مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، 2024ع
12. اچوڙي ٻارو(ڪھاڻيون)
13. انوکو رازو(ڪھاڻيون) (ترجمو)
14. امر انسان (سوانحي مضمون)
15. معلومات جو خزانو (معلومات)
16. اونداهيءَ ۾ روشني (حڪايتون ۽ نصيحتون)
17. ڀت تي جهرڪي (ڪھاڻيون)
18. اسان جو پيارو نبي صہ (سوانح ۽ سيرت النبيﷺ مضمون)
19. شاھہ عبدالطيف ڀٽائي (مضمون)
20. اردو ٻوليءَ ۾ ڪھاڻيون
21. ٻالڪ ادب جي ليکڪن جا انٽرويوز (ترتيب)

ڊاڪٽر پروين موسيٰ جو مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل ٻالڪ ادب 2013ع کان

1. ”جنت ماءُ جي قدمن هيٺ آهي“ روزاني عبرت، آگسٽ 2013ع.
2. ”حضرت شاھہ عبدالطيف ڀٽائي“ روزاني عبرت، مارچ 2014ع.
3. ”علم لازوال دولت آهي“ (مضمون) روزاني عبرت، 11 جون 2015ع.
4. ”استاد ۽ قوم“ (مضمون) روزاني عبرت، پھرين آڪٽوبر، 2015ع.
5. ”قلم تلوار کان وڌيڪ طاقتور آهي“ (مضمون) روزاني عبرت، 10 سيپٽمبر، 2015ع.
6. ”علامه محمد اقبال“ (مضمون) روزاني عبرت، 9 نومبر، 2015ع.
7. ”اخلاقيات جا قدر“ (مضمون) روزاني سنڌ ايڪسپريس، 29 ڊسمبر 2015ع،
8. ”والدين ۽ اولاد جو رشتو“ (مضمون) ٻارن جو صفحو، سنڌ ايڪسپريس، 9 جنوري، 2016ع.
9. ”استاد ۽ شاگرد“ (مضمون) روزاني سنڌ ايڪسپريس، 17 جنوري، 2016ع.
10. ”دوستي“ (ڪھاڻي) روزاني سنڌ ايڪسپريس، (ٻارن جو صفحو) 23 جنوري، 2016ع.
11. ”حُسين اخلاق“ (مضمون) روزاني سنڌ ايڪسپريس (ٻارن جو صفحو) 8 فيبروري، 2016ع.
12. ”معاشي قدر“ (مضمون) روزاني سنڌ ايڪسپريس (ٻارن جو صفحو) 20 فيبروري، 2016ع.
13. ”سادگي ۽ڪفايت شعاريءَ جي اهميت“ (مضمون) روزاني سنڌ ايڪسپريس، 5 مارچ، 2016ع.
14. ”حب الوطني، (مضمون) روزاني سنڌ ايڪسپريس، 19 مارچ، 2016ع.
15. ”عدل ۽ انصاف“ (مضمون) روزاني سنڌ ايڪسپريس، 2 اپريل، 2016ع.
16. ”سچ“ (مضمون) روزاني سنڌ ايڪسپريس، 9 اپريل، 2016ع.
17. ”لالچ ۽ حرص کان بچو“ (مضمون) روزاني سنڌ ايڪسپريس 23 اپريل، 2016ع.
18. ”سکو قدر ڪتاب جو“ (مضمون) روزاني عبرت، 23 اپريل، 2016ع.
19. ”علم ڇا آهي، ان جي افاديت“ (مضمون) روزاني عبرت، 28 اپريل، 2016ع.
20. ”قلم تلوار کان وڌيڪ طاقتور آهي“ (مضمون)”روزاني سوڀ“ نومبر 2017ع.
21. ”فضول خرچ شيطان جا ڀائر آهن“ (مضمون) روزاني هلال پاڪستان، فيبروري 2018ع.
22. ”علم ڇا آهي؟“ روزاني هلال پاڪستان، آگسٽ، 2018ع.
23. ”صبر جو سير تير نہ گسي تن جو“ (مضمون) روزاني هلال پاڪستان، فيبروري، 2019ع.
24. ”وقت جو قدر هر دور جي اهم ضرورت “ (مضمون) روزاني هلال پاڪستان، نومبر 2019ع.
25. ”ملڪه ۽ ايوب“ (ٻالڪ ڪھاڻي) روزاني عبرت (ٻارن جو صفحو) 16 آگسٽ، 2020ع.
26. ”نيڪيءَ جو بدلو نيڪي“(ٻالڪ ڪھاڻي) روزاني عبرت، 23 آگسٽ، 2020ع.
27. ”لالچ بري بلا آهي“ (ٻالڪ ڪھاڻي) روزاني هلال پاڪستان، 20 سيپٽمبر، 2020ع.
28. ”فرحان جي عقلمندي“ (ٻالڪ ڪھاڻي) روزاني هلال پاڪستان، آڪٽوبر، 2020ع.
29. ”لالچ بري بلا آهي“ (گل ڦل)، ماهوار فيبروري، 2021ع.
30. ”ملڪه ۽ ايوب“ (ٻارن جو رسالو) ماهوار گل ڦل، سنڌي ادبي بورڊ، اپريل، 2021ع.
31. ”بدنيت دوست“ (ٻالڪ ڪھاڻي) ماهوار گل ڦل، مئي 2021ع.
32. ”سادگيءَ ۾ سچائي آهي“ (ٻالڪ ڪھاڻي) روزاني هلال پاڪستان، 16 مئي، 2021ع.
33. ”اچو تہ وڻ بچايون“ (ٻالڪ ڪھاڻي) روزاني هلال پاڪستان، 23 مئي، 2021ع.
34. ”پشيماني“ (ٻالڪ ڪھاڻي) ماهوار گل ڦل، جولاءِ 2021ع.
35. ”شھزادو راهب“ (ٻالڪ ڪھاڻي) روزاني هلال پاڪستان، 18 جولاءِ، 2021ع.
36. ”سچي خوشي“ (ٻالڪ ڪھاڻي) روزاني هلال پاڪستان، 11 آگسٽ، 2021ع.
37. ”روشني“ (ٻالڪ ڪھاڻي) ”ماهوار گل ڦل“سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، آگسٽ، 2021ع.
38. ”ڪر ڀلو تہ ٿيئي ڀلائي“ (ٻالڪ ڪھاڻي)، ماهوار گل ڦل، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سيپٽمبر، 2021ع.
39. ”خلق جي خدمت“ (ٻالڪ ڪھاڻي) ماهوار ”گل ڦل“سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، آڪٽوبر، 2021ع.
40. ”شھزادو راهب“ (ٻالڪ ڪھاڻي) ماهوار گل ڦل، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، ڊسمبر، 2021ع.
41. ”ڏھہ روپيا“ (ٻالڪ ڪھاڻي) ماهوار گل ڦل، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، جنوري، 2022ع.
42. ”سياڻن جا قول“ ماهوار ساٿي، ايڊيٽر برڪت ﷲ ”برق“ حيدرآباد، مارچ ، 2022ع.
43. ”آسيه ۽ ارسلان“ ماهوار گل ڦل، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، اپريل 2022ع،
44. ”قيديءَ جو واعدو“ ماهوار ساٿي، ايڊيٽر برڪت ﷲ ”برق“ حيدرآباد، اپريل، 2022ع.
45. گلو دادا ۽ شيرو دادا“ ماهوار ساٿي، ايڊيٽر برڪت ﷲ ”برق“ حيدرآباد، مئي/جون 2022ع.
46. ”بيوقوف چوڪيدار“ (ٻالڪ ڪھاڻي) ماهوار ”ساٿي“ ايڊيٽر برڪت ﷲ ”برق“ آگسٽ، 2022ع.
47. ”برٽرانڊرسل“ (مضمون)، ماهوار ”ساٿي“ ايڊيٽر برڪت ﷲ ”برق“ حيدرآباد، جولاءِ، 2022ع.
48. ”صوفن جو باغ“ (ٻالڪ ڪھاڻي) روزاني هلال پاڪستان، 18 سيپٽمبر، 2022ع.
49. ”خود غرضي“ (ٻالڪ ڪھاڻي)، روزاني هلال پاڪستان، 26 سيپٽمبر، 2022ع.
50. ”خلق جي خدمت“ (ٻالڪ ڪھاڻي) هلال پاڪستان، 2 آڪٽوبر، 2022ع.
51. ”ٻاراڻو ادب“ (مقالو) روزاني هلال پاڪستان، 30 آڪٽوبر، 2022ع.
52. ”بوٽ پالش“ (ٻالڪ ڪھاڻي) روزاني هلال پاڪستان، 20 نومبر، 2022ع.
53. ”قيديءَ جو واعدو“ (ٻالڪ ڪھاڻي) روزاني هلال پاڪستان 27 نومبر، 2022ع.
54. ”معاذ ۽ مريم“ (ٻالڪ ڪھاڻي) ماهوار گل ڦل، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، ڊسمبر 2022ع.
55. ”حلال رزق“ (ٻالڪ ڪھاڻي) روزاني هلال پاڪستان، 11 ڊسمبر، 2022ع.
56. ”لنچ باڪس“ (ٻالڪ ڪھاڻي) روزاني هلال پاڪستان، 26 مارچ، 2023ع.
57. حضرت شهباز قلندر (مضمون ٻارن لاءِ) روزاني هلال پاڪستان، 28 مارچ، 2023ع.
58. ”سچ تہ بيٺو نچ“ (ٻالڪ ڪھاڻي) روزاني هلال پاڪستان، 18 جون، 2023ع،
59. ”فرض ادائي“ (ٻالڪ ڪھاڻي) ماهوار گل ڦل، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، اپريل، 2023ع.
60. ”ٻليءَ جي دوستي“ (ٻالڪ ڪھاڻي) روزاني هلال پاڪستان، 14 مئي، 2023ع.
61. ”پوپٽ ۽ گلاب“ (ٻالڪ ڪھاڻي) روزاني هلال پاڪستان، 28 مئي، 2023ع.
62. ”غرور جو انجام“ (ٻالڪ ڪھاڻي) روزاني هلال پاڪستان، 25 جون، 2023ع.
63. ”سنڌي ادب جا سخن“ (ٻارن جي لاءِ) روزاني هلال پاڪستان، 21 جون، 2023ع
64. ”خلفاءِ راشدين ۽ اسلام جي نامور شخصيتن جا سخن“ ماهوار گل ڦل، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، جون 2023ع.
65. ”ضدي ڇوڪرو“ (ٻالڪ ڪھاڻي) روزاني هلال پاڪستان 9 جولاءِ 2023ع.
66. ”هيڊ ماستر“ (ٻالڪ ڪھاڻي) روزاني هلال پاڪستان، 12 جولاءِ، 2023ع.
67. ”سنڌ جي معلومات“ روزاني هلال پاڪستان، 15 آگسٽ، 2023ع.
68. ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي معلومات“ (ٻارن جي لاءِ) روزاني هلال پاڪستان، 28 آگسٽ، 2023ع.
69. ”پاڪستان جي معلومات“ (ٻارن لاءِ) روزاني هلال پاڪستان، 3 سيپٽمبر، 2023ع.
70. ”دين جي معلومات“ (ٻارن لاءِ) روزاني هلال پاڪستان، 9 سيپٽمبر، 2023ع.
71. ”دِلي خواهش“ (ٻالڪ ڪھاڻي) روزاني هلال پاڪستان، 14 سيپٽمبر، 2023ع.
72. ”انوکو رازو“ (ٻالڪ ڪھاڻي) روزاني هلال پاڪستان، 15 سيپٽمبر، 2023ع.
73. ”صحبت پور ۽ صاحبہ“ ماهور گل ڦل، سيپٽمبر، 2023ع.
74. ”جادوئي گڏيون“ (ٻالڪ ڪھاڻي) روزاني هلال پاڪستان، 25آڪٽوبر، 2023ع.
75. ”محبت ۾ ڪاميابي“ (ٻالڪ ڪھاڻي) روزاني هلال پاڪستان، 27 آڪٽوبر، 2023ع.
76. ”دوستي“ (ٻالڪ ڪھاڻي) ماهوار گل ڦل، نومبر، 2023ع.
77. ”محبت ۾ ڪاميابي“ (ڪھاڻي) ماهوار مئگزين ”مٺڙا ٻار“ آڪٽوبر، ڊسمبر 2023ع.
78. ”دنيا جي معلومات، سنڌ جي معلومات“ماهوار”گل ڦل“، ڊسمبر، 2023ع.
79. ”ڏهوڻا پئسا“، روزاني هلال پاڪستان، 6 ڊسمبر، 2023ع.
80. ”سبق حاصل ٿيو“ روزاني هلال پاڪستان، 26 نومبر 2023ع.
81. ”جادوئي گڏيون“، روزاني هلال پاڪستان، 16 ڊسمبر، 2023ع،