مذهب

حضرت بلال رضہ

ھن ڪتاب ۾ رسول اڪرم ﷺ جي سڳوري سٿ جي ھڪ ساٿي، اسلامي تاريخ جي عظيم شخصيت، حضرت بلال رضہ جي زندگيءَ جو احوال ۽ سيرت پيش ڪئي وئي آھي.. رسول ڪريم ﷺ جي ھن عاشق صادق، اسلام جي شروعاتي دور ۾ ايمان آندو ۽ مڪي ۾ مشرڪن پاران رسول صہ ۽ اصحاب ڪرام تي ٿيندڙ خلم جو خاص نشانو بڻيو. مٿس بي انتھا تشدد ڪيو ويو پر احد جي صدا کانسواءِ ٻيو اکر وات مان نہ نڪتس. کيس اصحاب ڪرام ۾ وڏو مان ۽ مرتبو مليو. 

Title Cover of book حضرت بلال رضہ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران مولانا محمد قاسم سومري جو اسلامي تاريخ جي نامياري شخصيت بابت لکيل ڪتاب ”حضرت بلال رضہ“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
ھن ڪتاب ۾ رسول اڪرم ﷺ جي سڳوري سٿ جي ھڪ ساٿي، اسلامي تاريخ جي عظيم شخصيت، حضرت بلال رضہ جي زندگيءَ جو احوال ۽ سيرت پيش ڪئي وئي آھي.. رسول ڪريم ﷺ جي ھن عاشق صادق، اسلام جي شروعاتي دور ۾ ايمان آندو ۽ مڪي ۾ مشرڪن پاران رسول صہ ۽ اصحاب ڪرام تي ٿيندڙ خلم جو خاص نشانو بڻيو. مٿس بي انتھا تشدد ڪيو ويو پر احد جي صدا کانسواءِ ٻيو اکر وات مان نہ نڪتس. کيس اصحاب ڪرام ۾ وڏو مان ۽ مرتبو مليو. 
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1996ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو 2003ع ۾ مھراڻ اڪيڊمي، شڪارپور پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي