داستانِ مير (مير غلام ﷲ خان ٽالپر جي شاعري)
ھي ڪتاب مير غلام ﷲ ٽالپر جي شاعريءَ جو ٻيو مجموعو آھي. ان کان اڳ سندس مجموعو ”ديوانِ مير“ ڇپجي چڪو آھي. مير صاحب جي ڪلام ۾ زبان جي سادگي، رومانس، بيان جي شوخي، خيالن جي ندرت ۽ جذبات جي بلندي نظر اچي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ ديس واسين سان محبت نظر اچي ٿي جيڪا عبادت کان گهٽ ناھي.