شاعري

پوءِ بہ چنڊ اڪيلو آھي

زبير سومري جي سنڌي ادب ۾ بنيادي سڃاڻپ هڪ شاعر واري آهي. پاڻ سنڌيءَ ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل توڙي جديد صنفن-  بيت، وائي، سورٺو، گيت، غزل، ترائيل، هائيڪو، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، ۽ ڏيڍوڻوـ سميت سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. خاص طور تي سنڌي بيت جي تخليق جي حوالي سان زبير سومرو، ھن وقت جي شاعرن ۾ اهم نالو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 30
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book پوءِ بہ چنڊ اڪيلو آھي

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ مضمون نگار زبير سومري جي شاعريءَ جو مجموعو ”پوءِ بہ چنڊ اڪيلو آھي“ اوهان اڳيان پيش آهي.
زبير سومري جي سنڌي ادب ۾ بنيادي سڃاڻپ هڪ شاعر واري آهي. پاڻ سنڌيءَ ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل توڙي جديد صنفن- بيت، وائي، سورٺو، گيت، غزل، ترائيل، هائيڪو، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، ۽ ڏيڍوڻوـ سميت سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. خاص طور تي سنڌي بيت جي تخليق جي حوالي سان زبير سومرو، ھن وقت جي شاعرن ۾ اهم نالو آهي.
ھي ڪتاب 2014ع ۾ ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو.
ٿورائتا آھيون زبير سومري جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو............................. پــوءِ بـه چــنـڊ اڪــيـلو آهــي
The moon yet happens to be alone !

ليکڪ........................................... زبـيــر سـومـرو
صنف............................................. شــاعـري
ڇاپو.............................................. پــهـريـون
سال................................................ 2014
ڪمپوزنگ.................................. عـبـدالـمـجيــد سـومـرو
پروف ريڊنگ.............................. زبـيــر سـومـرو
ڪمپيوٽر لي آئوٽ....................... بـخــت ابــڙو
ڪيليگرافي.................................. ڪــپـتـان ابــڙو
ٽائيٽل............................................
تعداد.............................................. 1000
پبلشر............................................ ڪويتا پبليڪيشن
Name of Book------------ Poe b Chand Akelo Ahay
Writer----------------------- Zubair Soomro
Type of writing------------ Poetry
Edition---------------------- First
Year------------------------- 2014
Copmposing--------------- Abdul Majeed Soomro
Caligarphy----------------- Kaptan Abro
Computer lay out--------- Bakht Abro
Quantity--------------------- 1000
Publisher--------------------Kaveeta Publication

ارپــنا

انھيءَ جي نالي
جنهن جي هٿ ۾
هي ڪتاب آهي !

تعارف

زبير سومرو سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جي شھر شڪارپور ۾ 27 نومبر 1975 ۾ پيدا ٿيو. بنيادي تعليم هاٿي در اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪيائين جڏهن تہ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پبلڪ ايڊمنسٽريشن جي شعبي ۾ ماسٽرس ڪيائين، هن وقت هڪ غير سرڪاري اداري ۾ مينيجر جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.

زبير سومري جي سنڌي ادب ۾ بنيادي سڃاڻپ هڪ شاعر جي آهي. پاڻ سنڌيءَ ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل توڙي جديد صنفن- بيت، وائي، سورٺو، گيت، غزل، ترائيل، هائيڪو، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، ۽ ڏيڍوڻوـ سميت سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. خاص طور تي سنڌي بيت جي تخليق جي حوالي سان زبير سومرو، نوجوان شاعرن ۾ اهم نالو آهي، سندس شاعريءَ / بيتن جومجموعو “ساميءَ مَٽ اُپٽيا” 2006 ۾ ڇپجي چڪو آهي، جيڪوسنڌ جي سنت صوفي ۽ سنڌي ادب جي ڪلاسيڪل ٽہِ-مورتي ”سامي“ کي شرڌانجلي طور بيتن جي ڀيٽا آهي.
زبير سومرو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي، هن شڪارپور ۾ ’شيخ اياز يونيورسٽي ‘جي قيام جي ڏس ۾ هڪ تحريڪ هلائي ،نتيجي طور اڄ شڪارپور ۾ ڪيمپس جو بنياد پئجي چڪو آهي. هن جو ٻيو شعري مجموعو ’اڃا ڏيئي کي ٻرڻو آ ‘ (2012ع ) ۾ ڇپجي چڪو آهي .

تــون جــي ٻــريـن واءُ ۾: امــداد حــسيـني

شاديءَ رات جي ڪنوار،سڀ کي وڻي جيئن،
ها تون مون کي تيئن، وڻندي آهين شاعري !

بيت سولو آهي؟ ڏکيو آهي؟ ۽ اهو سوال شاعريءَ جي هر صنف سان لاڳو آهي. پر هتي جيئن تہ مون کي زبير سومري جي بيتن جي حوالي سان ڪجهہ چوڻو آهي، ان ڪري سڌو ان موضوع تي اچان ٿو. بيت سنڌين جي مزاج وٽان آهي. لطيف سائينءَجي بيت کان وٺي سگهڙن جي بيت تائين، ۽ شيخ اياز جي بيت کان زبير سومري جي بيت تائين. اهو سلسلو ڪٿي بہ ٽُٽو نہ آهي ۽ بيت هر دور ۾ چيو ويو آهي. اهو بہ چيو وڃي ٿو تہ بيت هندي سورٺي/ دوهي، دوهي/ سورٺي ميل سان وجود ۾ آيو آهي. جڏهن تہ منھنجي راءِ ۾ دوهو/ سورٺو،سورٺو/ دوهو، هندي سنڌي مشترڪه صنف آهي ۽ ان ڏس ۾ ان جون پاڙون لوڪ شاعريءَ سان وڃي منھن، سان ٿيون. ان ڏس ۾ آئون سدائين هي بيت مثال طور ڏيندو آهيان.

گدڙ چڙهيو گهوڙي تي،لُوڪڙ لوڏي ٻانھن،
ڪنھن کي ڏيان دانھن، سانڊو ڌڻي سنڌ جو!
زبير سومرو شڪارپور جو آهي، ساميءَ ۽ شيخ اياز جو ڳوٺائي. زبير، جڏهن سندس بيت تي مون کي لکڻ لاءِ چيو، تڏهن مون کيس چيو هو تہ گهاڙيٽن جي لحاظ کان ساميءَ جو بيت ڏاڍو سگهارو آهي.زبير ساميءَ تي بہ بيت چيا آهن،جيڪي سندس پھرين شعري مجموعي ۾ شامل آهن.

زبير جو هن مجموعي ۾ بيت بہ آهن ۽ پھرين بيت ۾ هو ڏيئي سان مخاطب آهي، ڏيئو جيڪو روشنيءَ جو اهڃاڻ آهي:

تون جي ٻريـن واءُ ۾، وڙ کان نہ ويـنديـن،
ھھـڙي گهاٽي گهُگهہ ۾، سَـنمـُـک ٿـيندين،
ڏيئا تون ڏيندين، مون کي ٿوري روشني!

بيت ۾ هر موضوع سمائي سگهجي ٿو. بيت ۾ مخصوص ٻوليءَ جي ڪا بہ پابندي نہ آهي. ها، البت بيت ۾ شايدهڪ مخصوص فضا ضرور ٿئي ٿي. شايد اها ڳالھہ هر مصنف سان لاڳو ڪري سگهجي ٿي. ان ريت هر شاعر جي بيت جي هڪ الڳ فضا هوندي آهي ۽ زبير سومري جي بيت ۾ بہ آهي. بيت جي بنيادي هيئت هر سِٽ جي پدن ۾ ورڇ سواءِ بيت جي هيئيت ۾ تبديلي ممڪن ٿي سگهي ٿي. مثال طور مون ويجهہڙائيءَ ۾ بنا قافيئي بيت بہ پڙهيا آهن. اها تبديلي اسان کي لطيف سائينءَ وٽ بہ ملي ٿي:

ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،
اُن جي عبدالطيف چي، مٽيءَ لڌو مانُ،
ڪوڙين ڪن سلام، اچي آسڻ ان جي !

قافيئي جي ان تبديليءَ کي صوتي قافيئي سان تعبير ڪيو ويو. ان ريت جديد بيت ۾ رديف جو واهپو بہ اسان کي ملي ٿو ۽ بيت جي اها روايت شيخ اياز کان شروع ٿي:

ماڻھوءَ وٽ تقدير جي، ڪائي ڪڙي ناهـ،
ق ر
ڪاشيءَ ڇڙي ناهـ، هر شئي آ زنجير ۾.
ق ر
(ڪاري رات ڪُهنگ ص ـ32)

ان روايت (قافيئي ۽ رديف واريءَ) جي تقليد پڻ ڪئي وئي.زبير بہ ان روايت تي هليو آهي:

قــرب ڪانون ۾ پــسي، پيار پکــين ۾،
ق ر
منھنجو اکين ۾،جهڙ لھي ويو جهٽ ۾.
ق ر
يقينن بنيادي اهميت خيال کي آهي، پر جڏهن بيت جي هيئيت تي ڳالھائبو، تڏهن اُهي ڳالھيون بہ ڳڻيون وينديون. ان مان اهو بہ ثابت ٿئي ٿو بيت ۾ بہ هيئتي تجربي جي گنجائش موجود آهي. زبير بہ اهڙي شعوري لاشعوريتجربي جو ساهس ڪيو آهي، تہ اها سٺي ڳالھہ آهي:

ڪاري ڪوجهي رات کي، باک ڏيان ٿو،
ق ر
مان ساک ڏيان ٿو، سڀاڻي جي سج جي!
ق ر
گــرجا چــرچ مــان، نہ مـسجـد مــنــدر مــان،
ق ر
پنھنجي اندر مان، پروڙ پئي پرينءَ جي!
ق ر
ان ڏس ۾ زبير جو هي بيت ( ان حوالي سان ڏئي تہ بيتن ۾ جيڪي خيال پيش ڪيو ويو آهي ان تي ڌيان ڏيڻ گهرجي) ڏئي ڳالھہ اڳتي وڌائينداسين.

چــنـڊ! بُک ۾ چـنـڊ نہ، لولو لــڳين ٿــو،
ق ر
چولو لڳين ٿو، اوگهڙ ۾ اگهاڙيءَ کي!
ق ر
ان ريت، بيت ۾ سٽن جي ڪا پابندي نہ آهي. بيت ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻہ ٻہ سٽون ۽ وڌ ۾ وڌ ڪيتريون بہ سٽون ۽ وڌ ۾ وڌ ڪيتريون بہ سٽون ٿي سگهن ٿيون. شايد ڊگهي ۾ ڊگها بيت سانوڻ فقير جا آهن ۽ انھن لاءِ هڪ مضمون سُرُ (نڙ بيت) بہ آهي. سنڌي بيت سُر تي آڌارڪ آهي يا ماترڪ ڇند تي؟ يا ٻنھي تي؟ ساڳئي وقت ماترڪ ڇند سرتي آڌارڪ بحر آهي. ٻولي بہ سُرُ/ صوت، اُچار/ آواز تي آڌارڪ آهي. هڪڙي ڀيري الياس عشقيءَ سان (جنھن نہ رڳو سھڻا بيت لکيا آهن، پر شاھہ، سائينءَ جي بيتن جي هيئيت تي اهم مضمون بہ لکيا آهن) ان موضوع تي ڳالھہ ٻولھہ بہ ٿي هئي تہ بيت ۾ اهميت سُرَ کي آهي، نہ ڪي هيئيت کي. يعني بيت کي ڳائي چيو وڃي، پر پاڻ ان راءِ کي رد ڪيو هئائين. سو،بحر حال، زبير سومري کي ماترڪ ڇند جي يا سُر جي ڪيتري ڄاڻ آهي؟ ان جي ڄاڻ مون کي نہ آهي. پر نہ رڳو انفرادي طور بيت لاءِ پر مجموعي طور پوري شاعريءَ لاءِ سُرُ ۽ بحر/ گهاڙيٽن جي ٿوري گهڻي ڄاڻ لازمي آهي. ان ڄاڻ کي وڌائيندو رهڻ کپي، ٻوليءَ جي ڄاڻ سان بہ ساڳيو اصول لاڳو آهي، ۽ ان ڏس ۾ اهو ياد رکڻ کپي تہ اهڙي ڄاڻ مسلسل مطالعي ۽ عام مانھن سان رابطي وسيلي ئي ملي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ تہ ائين لفظن جي گهڙت / جڙت کي سھڻائيءَ سان تخليقي سطح تي نڀائي سگهجي ٿو. لفظن جي اڳياڙين ۽ ضميري پڇاڙين جي ڄاڻ ۽ ان جي واهپي سان خيال/ فڪر پيش ڪرڻ ۾ سھنجائي ٿئي ٿي
پھرين دير اچــڻ تي، ڪِــٽي ڪئي مانس،
۽ پوءِ ورتي مانس، مٺي هڪڙي ڏنڊ ۾!

اهو بہ ياد رکڻ کپي تہ لفظ جڏهن سٽ ۾ جڙجي ٿو، تڏهن ان جو جڙاءُ ئي ان کي نئين معني عطا ڪري ٿو. مثلا لفظ آهي “ڪھڪاءُ” جنھن جي معني آهي:

ڪھڪاءُ ج ڪھڪاءَ : ايذاُ ـ ڪھل ـ
خيال (ل) ڪنھن عزيز يا دوست تي ٿيندڙ
تڪليف جو رنج ـ ڇڪي ـ تئو.
(جامع سنڌي لغت ق 459)

زبير ڪھڪاءُ لفظ هيئن ڪتب آندو آهي:

ڪاڻيارا ڪھڪـاءُ ڪرڪو ڀـورا ڀـاءُ تــي،
ٻنھي ســاڳــي مــاءُ، ٻــنھي ســاڳــيـو ڏاڏو!

ان بيت ۾ شاعر ڪاڻياري ۽ ڀوري سان مخاطب آهي جيڪو ٻئي انسان (ڀاءُ) تي ظلم ڪري رهيو آهي، ان بيت ۾ ان حقيقت کي اسان جي آڏو آندو ويو آهي تہ انسان تي ايترو ظلم نہ تہ ڪنھن حيوان ڪيو آهي، نہ ئي فطرت، جيترو انسان تي انسان ظلم ڪيو آهي، جڏهن تہ هر انسان جو ماءُ ۽ پيءُ (ڏاڏو) ساڳيو آهي. انھيءَ بيت کي موجودہ عالمي تناظر تي ٺھڪائي سگهجي ٿو جنھن ۾ جنگ آهي دهشتگردي آهي ـ انسانيت جو قتلام آهي.

مارن مُــٺن کــي ملــيا، ڏيــج ۾ ڄڻ ڏک،
سنڌڙي ۽ سک، ڪڏهــن نہ گــڏيا پاڻ ۾!

بيت جھڙي ڏکي ۽ لوڪ ڪلاسيڪل، نئين صنف جي اظھار لاءِچونڊ ڪرڻ کي ساراهي سگهجي ٿو. زبير سومري بيت کي نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ مون کي اميد آهي تہ هو انھيءَ ڪوشش کي وڌيڪ ڌيان گيان ۽ محنت سان جاري رکندو ۽ ڪاريءَ ڪوجهيءَ رات جي باک جي بشارت ڏيندو رهندو ۽ سڀاڻي جي سج جي ساک ڌيندو رهندو ۽ ائين هڪ شاعر جي حيثيت ۾ پنھنجو بنيادي فرض ادا ڪندو رهندو.


امداد حسيني
ڄام شورو سنڌ
3 مارچ 2010

شڪارپور سُتي ناهي: عبدالواحد آريسر

منھنجي سامھون ڪتاب، خوبصورت نوجوان ۽ خوبصورت شاعري جي خالق زبير سومري جو آهي. شڪارپور جي تاريخ ايڏي پراڻي ناهي. اها وڌ، وڌ دائودپوٽن ۽ ڪلھوڙن جي آوزش کان پوءِ شروع ٿئي ٿي. پر اهو شھر سنڌ جي تھذيب ۾ ائين آهي جيئن ڪنوار جي پيشانيءَ تي جهومر.
هن شھر سنڌ کي خبر ناهي تہ ڪيتريون سوکڙيون ڏنيون آهن، جن ۾ شاعري، سياست، صوفيانا راڳ، ويراڳ ۽ وڏي ڳالھہ ننڍي کنڊ جي عالم وزيراعظم جواهرلعل نهرو پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب ”تلاش هند“ ۾ لکيو آهي تہ سموري دنيا ۾ بنئڪنگ نظام جو باني شڪارپور آهي “ ڳالھہ هڪڙي سياستدان جي نڪتي آهي تہ، آئون دعوى سان چوان ٿو تہ، سموري سنڌ ۾ فڪري سياست ۾ جي. ايم سيد ۽ عملي سياست ۾ شھيد ﷲ بخش سومري جو ڪوئي مٽ ناهي. بھر حال آئون شھيد ﷲ بخش جي سياست تي لکڻ نہ ٿو چاهيان، پر زبير سومرو جيئن تہ شاعر آهي، ان ڪري جيڏو هو پاڻ خوبصورت آهي، ايڏو ئي خوبصورت ڪتاب سامي تي اڳئي لکي چڪو آهي ۽ هي ٻيو ڪتاب سندس شاعري جو انوکو ڪتاب آهي، جنھن جي پھرين ئي غزل مون کي اهو چوڻ تي مجبور ڪيو آهي تہ، سامي، اياز ۽ نياز کان پوءِ زبير جي شاعري ڏسي آئون اهو چوڻ تي مجبور ٿيو آهيان تہ جيتوڻيڪ ﷲ بخش کان پوءِ شڪارپور جي ڪنوارين جا جهومر مرجهائجي ويا هن، پر زبير سومري جي شاعري پڙهي لڳي ٿو تہ، شڪارپور جي شھر تي ڪئين چانڊوڪيون اڀري آيون آهن ۽ ڪيترا رابيل سنڌ واھہ جي ڪنارن تي ٽڙي پيا هن، ۽ شاھہ شجاع جي بدمعاشن کي اهڙي شاعري ڪو نئون رنگ روپ ڏئي سگهي ٿي ۽ آئون سمجهان ٿو تہ، هن ڪتاب ڇپجڻ سان سامي، اياز ۽ نياز جا روح شڪارپور جي آسمان تي ٽڙي پوندا، ۽ هي شھر وري بہ ﷲ بخش، شھيد قيوم ۽ جواهر لعل جي خوابن جو شھر ٿي پوندو. آئون هن ڪتاب جو پھريون غزل نقل ڪرڻ نہ ٿو چاهيان، ڇو تہ ڪنھن شعر تي ڪنھن اديب جي راءِ ڏيڻ سان سڄو ان شعر تي محو ٿي ويندو، ان ڪري آئون ڪنھن پڙهندڙن کي پنھنجي راءِ جي ريشمي سُٽ ۾ الجهائڻ ڪونہ ٿو چاهيان.

عبدالواحد آريسر
انڙ آباد
تاريخ: 06-01-2010

دردن جي ڪٿا تہ درد وارو ئي لکندو: حليم باغي

لوڪرام ڏوڏيجا شڪارپور جون ساروڻيون لکندي، جيڪي هِن شھر جي ساراھہ جا ڍُڪ ڀريا آهن، انھن ۾ يقينن ڪو وڌاءُ ڪونھي. اسان جي دور (ويھين صديءَ) جي ٻن وڏن سنڌي شاعرن اياز ۽ نياز همايونيءَ بہ هِن ئي سرزمين جيءَ ڪُکِ مان جنم ورتو. سنڌي ٻولي، تھذيب، سماج ۽ ثقافت، اياز ۽ نياز همايونيءَ جي شاعريءَ ۾ ڪَرَ موڙيندي نظر اچن ٿا.

اياز ۽ نياز سنڌي شاعريءَ کي فرسودہ مُدي خارج اثر کان فارغ ڪيو، اهڙيءَ ريت ڪشنچند بيوس جي ٻاريل شمع کي سنڌي سماج جي مزاج سان ٺھڪائڻ اُدم ڪيو. انھيءَ شڪارپور جي سرزمين مان جنم وٺندڙ زبير سومري جي شاعريءَ ۾ بہ اياز ۽ نياز جي روايت موجود آهي. زبير سومرو سنڌيءَ ٻوليءَ جو سٺو ليکاري آهي. شڪارپور جي مردم خيز زمين مان جنم وٺي هن نوجوان نئين ٽھيءَ جي نوجوان شاعرن ۾ چڱوخاصو نالو ڪمايو آهي. زبير هن کان اڳ ۾ سنڌ جي ڪلاسيڪي صنف ”بيت“ ۾ جيڪو ڪتاب لکيو آهي، اهو پڻ هڪ اهم ڪتاب ۽ ڏاڍو قيمتي لاڀائتو آهي.

انھيءَ ۾ شڪ ڪونھي تہ زبير سومري جي شاعريءَ ۾ سندس زندگيءَ جو تجربو ۽ دماغ سوزي سمايل آهي. اهو ظاهر آهي تہ جيترو ڀوڳي ٿو اوترو لکي ٿو “دردن جي ڪٿا” واضع آهي تہ درد وارو ئي لکندو. غم، درد، سوداءَ ۽ عشق جي لقمان کي ڪھڙي خبر، جيستائين هو ڀوڳي نہ ٿو تيستايئين کيس ڪھڙي خبر تہ ”درد ڇا ٿيندو آهي“؟ شاھہ ڀٽائيءَ جيڪڏهن سسئيءَ جا سور ڳايا آهن تہ ان جو سبب اهو آهي تہ ڀٽائيءَ پاڻ سورن جي ساڃاھہ رکندو هو:

“سُورن اسان ساڻ، ننڍي هوندي نينھن ڪيو!”

اسان جو هيءُ نوجوان شاعر بہ گهڻو لکي پيو ۽ ظاهر آهي تہ ڀوڳنا کان سواءِ ڏات جو هي سفر ناممڪن آهي. اميد آهي تہ سندس اڳئين قلمي پورهئي وانگر هي ڪتاب بہ پڙهندڙن وٽ مقبول ٿيندو ۽ کيس سُٺي موٽ ملندي. اسين زبير سومري جي ڏات جي ترقي، اوسر ۽ واڌ ويجهہ جا تمنائي آهيون.

حليم باغي
روحل واءِ، عمرڪوٽ
03.9.2009

وفا ناٿن شاهي

زبير سومرو هڪ روشن خيال ۽ دور رَس .نگاهہ وارو شاعر آهي، سندس شاعري، فڪري ۽ لساني پهلوءَ کان ايتري ڀرپور ۽ مڪمل آهي جو بجاءِ زبير جي ڪنھن وڏي عمر واري اُستاد شاعر جي محسوس ٿي رهي آهي.


وفا ناٿن شاهي
20 جولاءِ 2002

بيت، دوها

---

بيت

تون جي ٻرين واءَ ۾، وَڙ کان نہ ويندين،
ھھڙ ي گهاٽي گهگهہ ۾، سَنمُک ٿيندين،
ڏيئا تون ڏيندين ؟ مون کي ٿوري روشني!

نسل مذهب کان جڏهن، مٿيرو ٿيندو،
اجرو ميري کي جڏهن، سيني لائيندو،
تڏهن پوءِ ايندو، ماڻھو تو ۾ ماڻھپو!

ڪاڻيارا ڪھڪاءُ، ڪر ڪو ڀورا ڀاءُ تي،
ٻنھي ساڳي ماءُ، ٻنھي ڏاڏو ساڳيو!

گرجا چرچ مان، نہ مسجد مندر مان،
پنھنجي اندر مان، پروڙ پئي پرينءَ جي!

مارُن مُٺن کي مليا، ڏيج ۾ ڄڻ ڏک،
سنڌڙي ۽ سک، ڪڏهن نہ گڏيا پاڻ ۾!

قُربُ ڪانوَن ۾ پَسي، پيار پکين ۾،
منھنجي اکين ۾، جُهڙ ٺھي ويو جَهٽ ۾!

عشق اسان ۾ اهڙي، جلائي آ جوت،
موت اسان کي فوت، ڪري سگهندو ڪينڪي!

درد اسان کي دوستو! ڏني اهڙي ڏات،
موت اسان کي مات، ڏئي سگهندو ڪينڪي!

ڪاري ڪوجهي رات کي، باک ڏيان ٿو،
مان ساک ڏيان، سڀاڻي جي سج جي !

ڏيئو منھنجي ڏات جو، چوي ٿو ساٿي،
آهيان مان ساکي، سڀاڻي جي سج جو!

ڪِن پِنڊيءَ ۾ پَلي، ڪِن پَلو پليٽ ۾،
۽ ڪِن جي پيٽ ۾، ڪڻو نہ آهي ڪڻڪ جو !

ڪِن جي پِنڊيءَ ۾ پلي، ۽ پلو ڪِن پليٽ،
ڪِن جا پُٺيءَ پيٽ، ۽ ڪي ڍاپيا ڍوَ ۾!

چئن ڏينھن کان چُلھہ، دُکِي نہ جنھن جي در،
اُنھيءَ جي پڌر، ڪھڙا کيڏن ٻارڙا!
جهول ۾ نہ جوئر لپَ، ٻُڪ ۾ نہ ٻاجهري،
سُتا ساجهري، مارو مٺا بُک تي!

چنڊ! بُک ۾ چنڊُ نہ، لولو لڳين ٿو،
۽ چولو لڳين ٿو، اوگهڙ ۾ اُگهاڙي کي!

وِلھہ سيءَ ۾ ويچارو، گارو ڪري ٿو،
جيئي مري ٿو، ڏھہ ڏھہ ڀيرا ڏينھن ۾!

سانجهيءَ پاڇي نينگري، گُڏَ ڪري ٿي،
ڀُنگ ڀري ٿي، جيئڻ سندي جرم جو!

جُهور هڪ مزور جي، مٿي تغاري،
عمر سڄي گهاري، ويچاري ڪنھن وَڇِ جئن!
ڇا ڇا سوچيو سانوري ! ڇا ڇا من رِٿي،
ڪيڏي وقت وِٿي، وِڌي پنھنجي وچ ۾!

گنَب جي ڀت تي لٿا، سانجهيءَ جا پاڇا،
ماڻھن جا ڪاڇا، ويندي ويندي سج ڪيا!

سانجهي ٿيندي کي مون کي، ننڊ نيندي آ،
۽ پوءِ ايندي آ، سپنن ۾ ڪا سانوري !

جھڙي ڪار آ ڪندي، آوي ٺِڪرَ سان،
منھنجي اندر سان، تو پڻ آهي تيئن ڪيو!

ڍاڪ تي ڍِلو گهاگهرو، مٿي تي گهڙو،
پگهر پُسي پولڪا، پير ڇُھي پڙو،
نڪ ۾ بُولو گهرگهلو، ويڻيءَ ۾ ڪڙو،
آءُ اڪيلڙو، بيٺو ڏسان ڀِٽ تي!

وارياسي ۾ وائڙي، ٻڪريون ٿي چاري،
ڍاٽڪي ۾ ڍول جا، گيت جهونگاري،
ڏندين چُنريءَ ڪنڊ ڏئي، مرڪي نھاري،
مون کي وئي ماري، واسرواءِ جي سومري!

جيئن وڃي آ پڇتايو، آويءَ منجهہ مٽيءَ،
تيئن مان تو گِهٽيءَ، اچي آهي ائين ڪيو!

امڙ مون لئہ اَسُر جو، بُسري پچائِي،
ساري خدائي، مون کي لڳي ماءُ ۾ !

امڙ تنھنجي آس جو، مان ڏيئڙو آهيان،
سوا تو آسيس جي، مان ڪجهہ بہ تہ ناهيان،
ڪيئن ڀلا لاهيان، ٿورا تنھنجي ٿڃ جا !

ڀينر گڏجي ڀاءُ کي، ميندي هڻن ٿيون،
ڪيڏيون وڻن ٿيون، ڀيڻپي جي سڱ کي!

وڌيڪ ٿي مٺڙي لڳي، ڀيڻ کان ڀاڻيجي،
آهي قدرتي، رُمي رشتي رَت کي !

سوجهري ريءَ سج جيئن، چانڊوڪي ريءَ چنڊُ،
تو بن جيئڻ ڏنڊ، ڀريان ويٺو ڀينگ ۾!


تو بن ڏينھن ڏنڀَ، ۽ چانڊوڪين جا چَڪَ،
هاءِ جوانيءَ ٿَڪ، تو بن لهڻا ڪينڪي!

آءُ چانڊوڪيون چَڪ هڻن، راتيون رانڀُوٽا،
جوڀن جا جهُوٽا، گذري ويندا جهٽ ۾!

سُوسيءَ، کُنهبي، رليءَ ۽ اجرڪ جھڙي آن،
مون لاءِ اهڙي آن، جيئن ثقافت سنڌ جي!

ها هن ڪائنات ۾، مان ڌرتي تون چنڊ،
تو بن جيون جَنڊُ، جنھن ۾ پِيسيان پاڻ کي!

پوئين پوئين پھر جا، پھريان پھريان ٻَکَ،
جوڀن جذبا رکَ، چاهتن جي چُلھہ ۾!
خط ۽ تحفا ميز تي، رکي وئي آهي،
سَکي وَئي آهي، مون کي روئاري رات جو!

مڃيم تہ توکي روشني، مڃيم تہ ناهين ٻُگهہ،
پر چنڊَ توکي چُگهہ، پرينءَ جيان پئي نہ ٿو!

شاديءَ رات جي ڪنوار، سڀ کي وڻي جيئن،
ها تون مون کي تيئن، وڻندي آهين شاعري!

اکر اکر اُکريءَ ۾، ڪَٽيان ڪُٽيان مان،
مگر مُھريءَ سان، نٿي ڪٽجي شاعري!

جهوني بڙ جيئن ڏات کي، ڪڏهن نہ ڀانيم ڪانھن،
ٻولي منھنجي ٻانھن، ننگُ ۽ ناموس آ!
منھنجي ڏات تات تي، چانڊوڪيون چريون،
ڪيئي حُور پريون، ڪيئي ڇِتيون ڇوڪريون!

اکر اکر جي اندر ۾، ٻيگهي متي آ،
حصو پتي آ، تو ۾ منھنجي شاعري!

ها مون شاعريءَ سان، لڌيون مون لائون،
هاڻي ڪيئن آئون، ڏيان ڏهاڳُ ڏات کي!

وِلھہ ۾ جاڳيو رات وري، نھسُسڙو هي پيار،
جوڀن لڳو بار، رات ڄڻ راڪاس هو!

اڄ بہ اَ بُل واھہ تي، سرمد ڳائي ٿو،
۽ جُهمر پائي ٿو، سنڌوءَ پاڻي ڇُلڪندي!
الائي ڇو اندر ۾، ٻاٻُرڪُٽو آهي،
منَ مُٽو آهي، ارهي سرهي سوچ جو!

جڏهن ڏات ۽ تات جي، تندُ تپي ٿي،
پو ڪُھي ڪَپي ٿي، وڍي ڪُٽي شاعري!

پھريون دير اچڻ تي، ڪِٽي ڪئي مانس،
۽ پوءِ ورتي مانس، مِٺي هڪڙي ڏنڊ ۾!

مُرڪ پاڇو لڙڪ جو، ٽھڪ نسورو سُور،
پاتوسين هي پُور، وِسوِسن جي رُڃ ۾ !

وڃي ٿورو ويجھڙو، جڏهن سوچيوسين،
جاچي ڏٺوسين، تہ مُرڪ پاڇو لُڙڪ جو !
هيسيتائين پيار ۾، ڏُڌُ وِلوڙيوسين،
پوءِ پروڙيوسين، تہ ٽھڪ پڙاڏا درد جا !

ٽلون اٽڪلون، ڪري، ٿڪجي پيو آهين
کيڏي ويو آهين، سارا پتا تاس جا !

هاريل جوئاري اُٿي، بوڇڻ ڇنڊي جيئن،
توکان پوءِ تيئن، اسان گهاريون زندگي!

آڱرين سان ڏئي ڦڻي، هنج ۾ ليٽائي،
پيئي سمجهائي، مون کي ضدي ٻار جان !

سائي ڇٻر تي ڪيڏيون، ڳالھين جون ڳوڻيون،
ڇا تہ ساروڻيون، هاءِ هاسٽل مارئي!

جيڪو دل ۾ هئس کُلي، اڄ ٻڌايائين،
پوءِ موڪلايائين، پُٺي چُمي هٿ جي !

ننڍپڻ واري مڱ سان، بابا پرڻائي،
مون کي سمجهائي، پاڻ رُني پوءِ ڪيترو!

پھريون دير اچڻ تي ڪِٽي ڪئي ڪيائين،
ڀاڪي پاتائين، پاڻ ئي پوءِ پرچندي !

ڪرسيءَ خاطر سنڌ وڪي تو، ٿُڪ هجئي ٿوڪا
ڪتن جا ڀونڪا، سدا تنھجي وات تي


انا کي مات ڏئي توڏي، موٽي ٿو اچان،
توکان پري مان، رهي رهندس ڪيترو!

پيُس توڙي پير ۾، پکيءَ کي ڌاڳو،
پوءِ بہ پر ساڳو، اٿس عزم اُڏار جو !

آهـن عمـر دراز جـون، دل سـان دعــائون،
توکي واڌايــون، هُـجن جنم ڏينھن جون !

دوها

چيم تہ سنڌ ڪنڌ گهري ٿي، ڇڏ تہ مان وڃان!
هٿ جي پُٺي چُمي چيائين: ”توسان گڏ هلان“!

سُومل بڻجي چانڊوڪي جو توسان گڏ سُتي،
هاءِ! اسان جو من راڻو هو، اُن کي چِڙ لڳي!

هٺُ نہ تنھنجو هيٺ ٿيو، ڀڳي نہ تنھنجي هوڏ!
پريت اسان جي گُرگِلي ۽ خواب اسان جا اوڏ!

ڌرتي داتا ڌرتي ماتا، ڌرتي دَياوان،
ڀاڳوَندن ڀاڳين جي لئه، ڀُونءِ بڻي ڀڳوان!

سنڌو توکي ڀاڪر پائي، چميون ڏئي ٿو چنڊ،
ڄامشوري پُل تي بيٺي، مون ڏٺو هي منڊُ!

سنڌو تنھنجي بستري، چنڊ لھرن ساڻ سُمھي!
لھر لھر سان پنڌ ڪري ٿو، سڀ گهير گهٽ گهمي!
وِير وِير ۾ هَٺ آ تنھنجي، لھر لھر ۾ هوڏ،
سنڌو دريا بادشاھہ تنھنجي، لکُ لھي ٿي لوڏ!

سنڌ گدڙ ويا کائي يارو، ڇڏيو اها اَنا،
اڃان بہ نہ اک پٽي جي، ٿي وينداسين فنا!

سڏ نہ اسان ويندڙن کي، او وِرچي ويٺل!
تو سان ٺاھہ نہ، غير سان، تون پرچي ويٺل!

مرڪي مرڪي پرين جي گسَ کان ٿيندا وينداسين!
مقتلن ڏانھن يارن کي ڀي نِيندا وينداسين!

جيءَ ۾ پنھنجي جهار آ، ۽ ڇاتيءَ ۾ آ ڇَڇَ،
تو وٽ کانڀاڻي ڀي آهي، تو وٽ پڻ آ رڇ َ!

روزي آ رزاق جي هٿ ۾، آ آسرو ﷲ،
ڇَڇ ۾ مڇي، ڪڇ ۾ رڇَ، پيو وڃي ملاح!

تنھنجون اکڙيون جهار او سانئڻ، منھنجي ڇاتي ڇڇَ،
مون وٽ آهي کانڀاڻي ۽ تو وٽ آهي رڇَ!

ٻيلا حسرتن جا ها، سي ٻاراياسين يار!
خواب ٿي پيا ها باغي ويڙهو، ماراياسين يار!

اڄ اداس ڪري ڇڏيو تو اي اياز گل!
ڪھڙا ڪھڙا شعر لکين ٿو، ڪھڙا يار غزل!
پڇيم پاڻ کان ڇڏيم، ڇا لاءِ شڪارپور؟
نيڻين ڪڪريون ڀرجي آيون، هاءِ شڪارپور!

مينھوڳي مينھوڳي اکڙيون، بادل بادل ياد،
رڃ ئي رڃ اکيون اسان جون، جل ٿل جل ٿل ياد!

اوجاڳي جون راتڙيون، رسامي جا ڏينھن،
تو سان منھنجون ڳالھڙيون، تو سان منھنجا نينھن!

ڪيڏا ويل وهايا ڌارين، ڪيڏا ڪيس ڪيا،
ڌرتيءَ لئہ ڪو تئُہ نہ اچي ٿو، حياءُ ڪر ڪو هَيا!

مايا ڪايا سمجهہ نہ آئي، سمجهہ نہ آئي ڙي؟
مُرڪ چپن جي، اک جو پاڻي، ڳالھہ اها ئي ڙي!
چنڊُ چريو ٿي پيو آ تو تي، چانڊوڪي ڇِتي،
تو مٿان ٻلھار وڃي ٿي، هيءَ دل بي پِتي!

تنھنجي اک ۾ اڇَ، اسان جي ڇاتيءَ ۾ آ ڇڇَ،
نڪري وينداسي پاڻي ٿي، توڙي رائون رَڇ!

پرتس پنھنجو پاڻ سان، تہ رٺو سارو لوڪ،
پنھنجو پاڻ تان انا جو، پر مون لاٿو طوق !

وايون

---

سڄڻن جا در !

سڄڻن جا در !
بند لڳا پيا هِن !

دهشت وئي درياھہ جي،
گهاتُن جاگهر!
بند لڳا پيا هِن !

فوج لٿي پئي آهي،
شھرن جا شھر!
بند لڳا پيا هِن !

پڳَھہ ٻڌا پيا هن ۽
وڻجارن جا ورَ !
بند لڳا پيا هِن !

هيل مينھن ڪونہ وَٺو،
پاڃاريون ۽ هرَ!
بند لڳا پيا هِن !

اُڏري وينداسين !

اُڏري وينداسين !
تو کان وسري وينداسين !

ٻن ٻارن جي جهيڙي وانگر،
نِبري وينداسين !
تو کان وسري وينداسين !

تو آڏو واٽھڙن جيئن،
گذري وينداسين !
تو کان وسري وينداسين !

ڇا ٿيو جي لوڪ دلين تي،
اُڪري وينداسين !
تو کان وسري وينداسين !

اُڏري وينداسين !
تو کان وسري وينداسين !

مان ۽ منھنجو من !

مان ۽ منھنجو من !
پرچايون ٿا پاڻ کي!

پاليون پيا پيٽ کي،
جاليون ٿا جيون !
پرچايون ٿا پاڻ کي!

جيون جي بنواس ۾،
من، براندا ـ بنُ !
پرچايون ٿا پاڻ کي!

مايا ڪايا ڪاڪ آ، ڇا،
ماڻيو موملن !
پرچايون ٿا پاڻ کي!
مان ۽ منھنجو من !
پرچايون ٿا پاڻ کي!

دوکا ڏينداسين!

دوکا ڏينداسين!
ڪيسين پنھنجو پاڻ کي!

سکڻن لفظن، شعرن سان،
وندرائينداسين !
ڪيسين پنھنجو پاڻ کي!

رُسي ساري لوڪ کان،
تنھا رکنداسين!
ڪيسين پنھنجو پاڻ کي!

چاهت واري چُڪ تي،
ڳالھائينداسين!
ڪيسين پنھنجو پاڻ کي!

سوچيندو هان تنھنجي آڏو،

سوچيندو هان تنھنجي آڏو،
وڦلائينداسين! ڪيسين پنھنجو پاڻ کي!
ڪوئي ٻڌائي!
معنى زندگيءَ جي!

هُن چريءَ کي هِن عمر ۾،
ڪير سمجهائي !
معنى زندگيءَ جي!

ڊڪشنرين ۾ڇا ڏسون،
دردن ۾ آهي!
معنى زندگيءَ جي !

مُرڪن ۾ هوندي مگر،
لڙڪن ۾ آهي!
معنى زندگيءَ جي !

نيڻن جا ڇپر،

نيڻن جا ڇپر،
پھرن جا پھر!
آلا ئي آلا رهيا !

سُڪل سنڌوءَ ڪنڌيون ۽،
اکين جا ڪپر!
آلا ئي آلا رهيا !
ٿر اُڃارو ويچارو،
اُڀُ ۽ ڪڪر!
آلا ئي آلا رهيا !

وسي وئي برسات پوءِ،
گهٽيون رستا، گهر!
آلا ئي آلا رهيا !

نيڻن جا ڇپر،
پھرن جا پھر!
آلا ئي آلا رهيا !

ير پاڻ ۾ ويٺا هون!

ير پاڻ ۾ ويٺا هون!
مرجي يا بچجي؟
سچ چئي ڏجي!

محفل ڏي يا مقتل ڏي،
ڪھڙو دڳ وٺجي!
سچ چئي ڏجي!

دل تہ چئي ٿي راتو رات،
تنھنجو ٿي پئجي!
سچ چئي ڏجي!

نفعي ۽ نقصان کي،
ڪھڙو جاچجي!
سچ چئي ڏجي!

کِلن کِجڪن ٿيون،

کِلن کِجڪن ٿيون،
ويٺيون وهنجن ٿيون!
واياڻيون سنڌ واھہ تي!

شڪارپور جي اوج کي،
ساري سُڏڪن ٿيون!
واياڻيون سنڌ واھہ تي!

راڌيڪا کان رات جون،
ڳالھيون پُڇن ٿيون!
واياڻيون سنڌ واھہ تي!

ساميءَ جا سلوڪ ۽،
ڀَڄنَ چَون ٿيون!
واياڻيون سنڌ واھہ تي!

اڄ بہ ڪي اياز تي،
اڃا سوچن ٿيون!
واياڻيون سنڌ واھہ تي!

ڇا تہ ڇوريون ڇيڳريون،
ڇا تہ جرڪن ٿيون!
واياڻيون سنڌ واھہ تي!

آڱريون زبير تي،
ڏندين ڏين ٿيون!
واياڻيون سنڌ واھہ تي!

کِلن کِجڪن ٿيون،
ويٺيون وهنجن ٿيون!
واياڻيون سنڌ واھہ تي!

گيت

---

ٽارئين ڳاڙها گُل ٽِڙيا!

ٽارئين ڳاڙها گُل ٽِڙيا!
پوءِ بہ نہ ملياسين!
الو ميان! پوءِ بہ نہ ملياسين...

هُل ڪري ڪونجون ڀي وَريون،
گُل گُل ڏي آيون ڀنڀوريون،
رنگ برنگي پوپٽ مِڙيا!
پوءِ بہ نہ ملياسين!
الو ميان! پوءِ بہ نہ ملياسين...

ڳلن تان ڳوڙها بہ ٽِمايا،
موتين جھڙا نير وهايا،
لفظ وچڙيا ۽ پير ٿِڙيا!
پوءِ بہ نہ ملياسين!
الو ميان! پوءِ بہ نہ ملياسين...

هاءِ وڇوڙو ڀورائيءَ جو،
اياز، علڻ ۽ جيجيءَ جو،
گُلڙن وانگي گهاوَ کِڙيا!
پوءِ بہ نہ ملياسين!
الو ميان! پوءِ بہ نہ ملياسين...

ٽارئين ڳاڙها گُل ٽِڙيا!
پوءِ بہ نہ ملياسين!
الو ميان! پوءِ بہ نہ ملياسين...

جهڄُ نہ منڙا، روءُ نه!

جهڄُ نہ منڙا، روءُ نه!
اونَ اندر ۾ آهي!

پُڇن ٿا ڇا ڇا، پيشيءَ پاڇا،
سانجهيئڙي پل پيارجا آڇيا،
ڀوڳيو آ مون، تونہ...
اونَ اندر ۾ آهي!

سَر، ڪُسر ۽ ٻُوڙا نِسريا،
سچا توڙي ڪوڙا نسري،
هيل بہ آئين ڪونہ...
اونَ اندر ۾ آهي!

ڪنڊئين سـڱريون، ٻٻُرين پلڙا،
هاءِ هي دُوري، آلا ڳلڙا،
تو پر هي ڄاتو نہ...
اونَ اندر ۾ آهي!

جڏهن تارا چِٽا چمڪن

جڏهن تارا چِٽا چمڪن،
تڏهن مون کي سنڀارجان،
جڏهن چڪور اُڀ چڙهن،
تڏهن مون کي سنڀارجان!

جڏهن ڄانڀا وڃن پچي،
۽ ميلا وڃن مچي،
جڏهن سائين ساريون لهن،
تڏهن مون کي سنڀارجان!

جڏهن سيئن جون سرد هوائون،
۽ اُتر جا ٿڌڙا جُهوٽا،
تنھنجا ڳاڙها ڳل چمن،
تڏهن مون کي سارجان!

جڏهن ڪائي ٻولي،
۽ روح اسانجي کي رولي،
جڏهن گُلن تي رنگ چڙهن،
تڏهن مون کي سارجان!

جڏهن بہ سَرَ ۾ سج لھي،
۽ اکڙين ۾ آگم رهي،
۽ ٿڌڙا ٿڌڙا مينھن وسن،
تڏهن مون کي سارجان!

غزل

---

هوائن سان نبرڻو آ، اڃا ڏيئي کي ٻرڻو آ

هوائن سان نبرڻو آ، اڃا ڏيئي کي ٻرڻو آ
انڌارو مات ڪرڻو آ، اڃا ڏيئي کي ٻرڻو آ

اسان جون حسرتون اغوا، اسان جون چاهتون گروي،
جيئڻ جو ڀُنگ ڀرڻو آ، اڃا ڏيئي کي ٻرڻو آ

هوا هر رخ هلي آهي، سنيھو نئون کڻي اڳتي¬ _
”نئون سورج اڀرڻو آ“، اڃا ڏيئي کي ٻرڻو آ

لکو قبرن جي ڪتبن تي، لھو چئي ٿو شھيدن جو:
وري ٻيھار ورڻو آ، اڃا ڏيئي کي ٻرڻو آ

جبل گس ۾ گهڻا ايندا، ۽ واچوڙا بہ روڪيندا
مگر هڪ ڏينھن تہ مرڻو آ، اڃا ڏيئي کي ٻرڻو آ

ٿڪجي چڳن ۾ چِلوليءَ جي چاندنيون سُتيون!

غزل مُسلسل

ٿڪجي چڳن ۾ چِلوليءَ جي چاندنيون سُتيون!
لِکي لِکي ٿڪي پيون پوءِ آڱريون سُتيون!

سپنا تہ موتئي جي سيج جا ڏٺا هُيا،
پر ٻاٻُري ڪنڊن تي پنھنجون محبتون سُتيون!

ڇِڙٻون ۽ دڙڪا، بيک، سڄو ڏينھن ذلتون،
پِني پِني فُٽ پاٿ تي ڪي نينگريون سُتيون!

هن وِلھہ ۾ ڪا وِڌوا جوانيءَ جو ڇا ڪري؟
پنھنجن وَرن سان سيج تي سُهاڳڻيون سُتيون!

هيءَ رات، درد، ياد، اڪيلائي، ڀوڳنا،
پاسا ورائينديون رهيون، نہ ڇوڪريون سُتيون!

ڀٽڪنديون ۽ رات سڄي جاڳنديون رهيون،
تنھنجي گهٽيءَ ۾ منھنجون آوارگيون سُتيون!

هُن کرَج ۾ جو سُور جي طويل تانَ هنئي،
سِتّار جي پوءِ تار ۾ ڪي راڳڻيون سُتيون!

ٿو ننڊ ڪري عشق تُهمتن جي هنج ۾،
الزام جي آغوش ۾ جوانيون سُتيون!

ٿي ٿڪُ جوانيءَ ڀڳو آرس ڀڃي ڀڃي،
۽ بخملي ڳلن تي ريشمي چُميون سُتيون!

پئي پوپٽن پھرا ڏنا پوءِ باغ باغ ۾،
رابيل جي پَتين تي جڏهن تِتليون سُتيون!

پيءُ ماءُ جي چوڻ تي هُن شادي ڪري ڇڏي،
پوءِ مصلحت جي بسترن تي زندگيون سُتيون!

جن کي نہ مليو ٿاڪُ ڪٿي ٿڪُ ڀڃڻ لئه،،
تنھنجن ڇَتن ۾ ئي ڇُپي سي راتڙيون سُتيون!

حالات جي راڻي کي ڏنا وقت وِسوسا،
اوسيئڙي جي مُوملن سان سُوملون سُتيون!

منھنجي اکين ۾ بارشن جي مون سُون ٿي،
تنھنجي رَئي جي موسمن ۾ سانوڻيون سُتيون!

ڌرتيءَ اُڃاري آس مان ويندڙ ڪڪر ڏٺا،
پر بادلن جي گود ۾ ئي بارشون سُتيون!

پوءِ حُسن تماشائي ٿي ڏسندو رهيو، جڏهن،
جو درد جي صليب تي هِن عاشقيون سُتيون!

ڪا دير گهوٽ ڪنوار ٻئي جاڳندا رهيا،
ڪمري ۾ ڪُنڊ ڪُنڊ ۾ ساريون بتيون سُتيون!

معصومُ گهرَ جي خرچ جي ٿو فڪر ۾ رهي،
۽ ٻار جي پورهئي ۾ سڀ شرارتون سُتيون!

ويا ٿڪَ ستم جا لھي هڪڙي ئي مُرڪ سان،
۽ پوءِ ٻنھي جي ڀاڪرن ۾ رنجشون سُتيون!

ڪو جُگنوئن جي راڄ کي پيغام پُڄائي،
صدين کان منھنجي ديس تي اونداهيون سُتيون!

ڀڳوان جي پيرن ۾ جيئن داسيون پوَن سُمھي،
ايئين اُداس شام ۾ هي خواهشون سُتيون!

بيروزگار پُٽ، سينڌ ڌيءَ جي اَڇي،
چِنتا جي چِتا ۾ جليون، نہ مائرون سُتيون!

ڪلھہ رات ملاقات ۾ خدشن بہ ننڊ ڪئي،
۽ پاڻ سان تہ زندگيءَ جون سڀ خوشيون سُتيون!

تو وصل جي پينگهي ۾ وڇوڙا سُمهاريا،
۽ منھنجي شاعري ۾ رُسوائيون سُتيون!

ڦُڙ ڦُڙ ٿي نِما شام ۾، جهڙ جهڙ ٿيون اکيون،
هانوَ ۾ پوءِ هِجر جون ئي موسمون سُتيون!

لفظن ڪيا اوجاڳا، تنھنجي سِٽَ سِٽَ ۾،
تنھنجي زبير شعر ۾ تنھائيون سُتيون!

تون ڀي زبير پئه سُمھي، چنڊ ڀي سُمھي پيو،
سڀ آرسيون اونداهيون ۽ روشنيون سُتيون!

۽ برفن جي ٽُڪرن تي ٽانڊا رکو ٿا،

۽ برفن جي ٽُڪرن تي ٽانڊا رکو ٿا،
الائي تہ ڪھڙا ارادا رکو ٿا!

هٿن ۾ حرارت ۽ اکڙين ۾ شعلا،
چپن ۾ تہ ماکيءَ جا شيشا رکو ٿا!

اجايو اکين ڪي ٿا فاقا ڪٽايو،
اجايو جوانيءَ جا روزا رکو ٿا!

شڪارن جي حسرت تہ ڏاڍي اٿَوَ پر،
چڱو ٿيو جو ڪچّا نشانا رکو ٿا!

۽ يادن جي رنگين رِلھيءَ تي ليٽي،
وهاڻي جي هيٺان تہ موتيا رکو ٿا!

۽ ڪنھن لاءِ غزلَ هي لکو ٿا زبير،
ڪنھين لاءِ اهڙا تہ جذبا رکو ٿا!

اَنا جي شھر مان نڪرون، تہ ڪجهہ اڳتي وڌون سائين!

اَنا جي شھر مان نڪرون، تہ ڪجهہ اڳتي وڌون سائين!
صنم جي سحر مان نڪرون، تہ ڪجهہ اڳتي وڌون سائين!

چپن جون چاهتون ڀي هِن، ٻکن جون راحتون بہ هِن،
اکين جي قھر مان نڪرون، تہ ڪجهہ اڳتي وڌون سائين!

فنا جا فلسفا سوچون، خدا سان رابطا لوچون،
بِرھہ جي بحر مان نڪرون، تہ ڪجهہ اڳتي وڌون سائين!

ڳچيءَ جي ڳانڙي بہ ڇُهون، بدن جي ڀيروي ڇيڙيون،
ڳلن جي ڳھر مان نڪرون، تہ ڪجهہ اڳتي وڌون سائين!

عقل جا آسمان اُڏرون، سمندر جي گَفا گذرون،
جوانيءَ لھر مان نڪرون، تہ ڪجهہ اڳتي وڌون سائين!

ڪڏهن توسان کُلي مِلجي، ڪو وڙهجي، روئجي، کِلجي،
حجابي پھر مان نڪرون، تہ ڪجهہ اڳتي وڌون سائين!

ڪڏهن سيلاب ۽ طوفان، ڪڏهين زلزلا، لاوا،
خدا جي قھر مان نڪرون، تہ ڪجهہ اڳتي وڌون سائين!

اڙي موکي! هي تنھنجو مڌُ، اسان پيئون جيئون ليڪن،
وڻندڙ زهر مان نڪرون، تہ ڪجهہ اڳتي وڌون سائين!

هجر ڪونھي وصال ڪونھي ڪو!

هجر ڪونھي وصال ڪونھي ڪو!
حال پنھنجي ۾ حال ڪونھي ڪو!

رات ويندي وري وري ايندي،
ظلم کي ڪو زوال ڪونھي ڪو!

توکي منھنجو تہ ڇا منھنجي جانان،
توکي پنھنجو ئي خيال ڪونھي ڪو!

تو لئہ تشبيھہ ئي اجائي آ،
تنھنجو ڪوئي مثال ڪونھي ڪو!

ٻانگ جو آجپي ڏي، اهڙو
ڇا اسان ۾ بلال ڪونھي ڪو ؟

سنڌ سائي ۽ هوءَ آئي هجي،
اهڙو ڪوئي بہ سال ڪونھي ڪو !

موت سنڌ سان ۽ سونھن سان ٿئي شل،
زندگيءَ جو سوال ڪونھي ڪو !

ها پَسي سُونھن پو لکين ٿو زبير،
تنھنجو ڪوئي ڪمال ڪونھي ڪو !

پکين ڳايو، گُلن مُرڪيو، اُڀن تي ڇَمر ڇايا،

پکين ڳايو، گُلن مُرڪيو، اُڀن تي ڇَمر ڇايا،
پسيون پِنبڙيون، ٻُسي دل ٿي، پرينءَ جا نيڻ ياد آيا!

اسان سڀ حسرتون گروي رکي تُهمت ڪمائي سي،
ڪئي سي ننڊ جي جُوئا، سمورا خواب هارايا!

وئي ڙي زندگاني وئي ڀيڪوڙيل مُٺ جي واريءَ جان،
نہ ڪوئي عشق نمٽايو، نہ ئي ڪم ڪار اُڪلايا!

اسان کي ظرف جي سُوليءَ تان ڪو لاهي سگهي ٿو ڇا؟
اوهان جا گسَ، اوهان جا ڏسَ، اسان جي ڪنھن نہ ڪم آيا!

اسان جا نيڻ قيدي ها، اسان جا شعر باندي ها،
اسان جا خواب باغي ها، الائي تہ ڪنھن مارايا!

جتي سپنا هئا نِپنا جتي هي حسرتون تاتيون،
اُهي سڀ جهنگ ساڙايا، اُهي ٻيلا ئي ٻارايا!

ڌرتتيءَ جو آ سفر، يار مگر هلڻو آ!

ڌرتتيءَ جو آ سفر، يار مگر هلڻو آ!
راھہ راھہ آهي پٿر، يار مگر هلڻو آ!

اکڙيون آگمبيون ۽ پير پِٿون ڀي ٿيندا،
اڌو اڌ ٿيندو اندر، يار مگر هلڻو آ!

آس احساس سان وشواس سان وڌنداسين،
يار مگر هلڻو آ!

باک جي ساک بہ کڻ، عشق جي هام بہ هڻ،
پاڻ منزل اکڙين مان پروڙينداسين،
ٽُٽندو نيٺ سحر، يار! مگر هلڻو آ!

پاڻ محفل ۾ بہ مقتل جون ڪيون ڳالھيون،
شاعري توڙي نثر، يار مگر هلڻو آ!

اک اک خواب سجيل، وِک وِک پٿر پٿريل،
دل ٻُسي، نيڻ ڪڪر، يار مگر هلڻو آ!

تون جي دل لاهيندين سج لھي ويندو، سو،
همسفر! ائين نہ ڪر، يار مگر هلڻو آ!

ڇو ٿو اُتساھہ لئہ اِتھاس ڏي واجهائين،
ڏس شھيدن جي قبر، يار مگر هلڻو آ!

حُسن تي شاعري لُٽائي سي!

حُسن تي شاعري لُٽائي سي!
عشق ۾ زندگي وڃائي سي!

ساھہ مجذوب ٿي پيا پل ۾،
اک اک سان جڏهن ملائي سي!

خوشيون ننڍڙيون اسان ملي ماڻيون،
عيد پنھنجي اسان ملھائي سي!

شاعري ڇا ٻڌايون محفل ۾،
درد واري ڪٿا ٻڌائي سي!

مصلحت جي وڃي مساڻن ۾،
حسرتن جي چِتا جلائي سي!

لوڪ دولت ڪَٺي ڪئي آ زبير،
اسان محبت گهڻي ڪمائي سي!

عاشقي ائين ڀي آزمائي ٿي!

عاشقي ائين ڀي آزمائي ٿي!
هر ملاقات سِڪ وڌائي ٿي!

کيس ڪَن ۾ ڪيانِ سرگوشي،
هوءَ ڄڻ نظم واپرائي ٿي!

هاءِ بيتاب تمنا منھنجي،
تنھنجي اکڙين ۾ جڳمڳائي ٿي!

حسرتن جي وڃي مزارن تي،
دل اُداسڻ ڏيئو جلائي ٿي!

منھنجي ڇاتيءَ ۾ ٿي ڇُپي روئي،
اک چورائي، دل ملائي ٿي!
سدرة المُنتھى تي پھچان ٿو،
هوءَ جڏهين اکيون ملائي ٿي!

اها بي چين رات، تنھائي،
منھنجي يادن کي ڪِتڪتائي ٿي!

بوند بوند ٿي ڪري چُمي چپ مان،
تنھنجي چھري تي مينھن وسائي ٿي!

زندگي اُڪلائجي، ٻيو ڇاڪجي؟

زندگي اُڪلائجي، ٻيو ڇاڪجي؟
موت کي ڳل لائجي، ٻيو ڇا ڪجي!

انڊلٺ کي ڀاڪرين ڀرجي ڀلا،
چنڊ کي چمي پائجي، ٻيو ڇا ڪجي!

تون جي ويندين، گهگهہ پوءِ گهيراءُ ڪندو،
سج کي سمجهائجي، ٻيو ڇا ڪجي!

هوءَ نِٽھڻ اُس ۾ آ هيڪلي،
ڪو ڪڪر ڇانئجي، ٻيو ڇا ڪجي!

ڇڏ نسل مذهب کي، هُو انسان آ،
ڀاءُ ٿي هن کي ڀائنجي، ٻيو ڇا ڪجي!

حالتن تي سوچجي، ۽ سنڌ تي ڳالھائجي،
”ڪجهہ ڪجي“ تي بحثجي، ٻيو ڇا ڪجي!

هي رسامو ٿيو ڊگهو آهي زبير
اڄ پرين پرچائجي، ٻيو ڇا ڪجي!

درد هاڻي وڻڻ لڳو آهي!

درد هاڻي وڻڻ لڳو آهي!
عشق معراج ٿيڻ لڳو آهي!

چھري تي چڳ ڪرڻ لڳي آهي،
چنڊ کي ڄڻ گرهڻ لڳو آهي!

تات ٿي ڏات پئي اچي مون ڏي،
نينھن مينھن ٿي وسڻ لڳو آهي!

برف رجندي ڪڏهن روَين جي؟
ضبط بي ربط ٿيڻ لڳو آهي!

”وقت ناهي گهڻي آ مصروفي“ :
هاڻ ايئين چوڻ لڳو آهي!

ڪنوارپ جي پھرئين پھر جي ڪھاڻي!

ڪنوارپ جي پھرئين پھر جي ڪھاڻي!
جوانيءَ جي آ لھر جي ڪھاڻي!

ها ٿوري ڪٿا ڪنھن سمندر جي آهي،
ڊگهي انگ انگ جي لھر جي ڪھاڻي!

لکيو مون کٽندڙ اميدن تي ناول،
۽ خواهش جي وڌندڙ شھر جي ڪھاڻي!

ڇڏي مڌ اڌ ۾، مُڙن ڪيئن متارا،
ڏَسي ڪيئن موکي زهر جي ڪھاڻي!

هي مُرڪون چپن جون، ۽ اکڙين جو پاڻي،
اها ئي آ پنھنجي اندر جي ڪھاڻي!

عاشقيءَ جي اُماس ٿيندي وئي!

عاشقيءَ جي اُماس ٿيندي وئي!
زندگي بدحواس ٿيندي وئي!

هوءَ هڪ عام ڇوڪري ئي هئي،
پر الائي ڇو خاص ٿيندي وئي!

سانجهہ ٿي، سج ٻُڏو، پکي موٽيا،
من مُنجهو، دل اُداس ٿيندي وئي!

مان تہ دنيا کان دور ٿيندو ويس،
هوءَ جڏهن پاس پاس ٿيندي وئي!

ڏات ڏينڀُن جيان ڏنگيندي رهي،
شاعري ڪا ٽِياس ٿيندي وئي!

شھر بيزار هو اڳي ئي ۽،

شھر بيزار هو اڳي ئي ۽،
تو بہ پاسو ڪري ڇڏيو آهي!

ذات مذهب سندي تفاوت کان،
عشق آجو ڪري ڇڏيو آهي!

ڪائي ڪڪري وساءِ اُڃ لھي،
تو تہ تاسو ڪري ڇڏيو آهي!

منھنجو ٽامو هيو وجود، تنھنجي،
عشق سونو ڪري ڇڏيو آهي!

هير ٿڌڙي ولھہ جي کي، تنھنجي،
ياد جهولو ڪري ڇڏيو آهي!

دل بہ ڪا درد جي دري آهي!

دل بہ ڪا درد جي دري آهي!
واءُ ڪوسو گهليو وري آهي!

شاعري ڪوبہ معجزو ناهي،
تات هئي، ڏات ٿي وري آهي!

حور آهي نہ ڪا پري آهي،
هوءَ هڪ عام ڇوڪري آهي!

وقت جي، دور جي، زماني جي،
۽ صنم جي ستمگري آهي!

ها وڇوڙو هو ڪوئي واچوڙو،
دل جي مشعل مگر ٻري آهي!

تات ميھار سان ٻڏي وئي هئي،
ڏات سھڻيءَ سان تري آهي!

تنھنجي روڪڻ جي باوجود مون کي

تنھنجي روڪڻ جي باوجود مون کي،
تنھنجي اکڙين جي ميڪشي ٿي سڏي !

موت کي ڪيترو ٿو سمجهايان،
مون کي زلفن جي زندگي ٿي سڏي !

تو جو آهي ڇڏي ڏنو، مون کي،
سُرخ سانجهين جي بيوسي ٿي سڏي !

تنھنجي منظوم اکڙين جو قسم ـ
مون کي هر وقت شاعري ٿي سڏي !

منھنجي رُسڻي زبير کي چئجو:
توکي تنھنجي ڪُٺل سَکي ٿي سڏي !

دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کي ڇاڇولجي،

دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کي ڇاڇولجي،
زندگيءَ ۾ زندگيءَ کي ڳولجي!

خاموشي ڪھڙا ڀلا ڏک لاهيندي،
ڪجهہ تہ کِلجي، روئجي، ڪجهہ ٻولجي!

زندگي ٿوري، جواني ٿورڙي،
رنجشن جي رِڻ ۾ ڇا لئہ رولجي!

زندگيءَ جي لمحي لمحي کي پرين،
ڇيڇاڙجي، جهنجهوڙجي، ڇاڇولجي!

ڇڏ حجابن کي ڪچھري ڪر پرين،
زندگيءَ جي راز کي ڪجهہ کولجي!

رُت گگَن تي چپَ رکي ٿي!

رُت گگَن تي چپَ رکي ٿي!
سرد پوَن تي چپ رکي ٿي!

ناءُ ڪناري ساڻ لڳي آ،
ڄڻ ڪپن تي چپ رکي ٿي!

ٽانڊن تي ڄڻ برف رِجي ٿي،
هوءَ چپن تي چپ رکي ٿي!

مقتل ۾ هڪ لال ڪنوار،
سُرخ جهنڊن تي چپ رکي ٿي!

هڪ ماءُ شھيد پٽّ جي،
رَت ڪفن تي چپ رکي ٿي!

سورج اُڀرئي پھريون پيار،
ماڪ اڪن تي چپ رکي ٿي!

شاعر ويٺو سوچي ٿو ۽،
پين پنن تي چپ رکي ٿي!

هــوا بـدمـست ڪيـئن ٿـي آ، فـضا بيتـاب ڇـو آهـي!

هــوا بـدمـست ڪيـئن ٿـي آ، فـضا بيتـاب ڇـو آهـي!
شھر ۾ ڇـــو اُداســي آ، صــدا بـيتــاب ڇــو آهـــي !

جـوانيءَ کان خـطا ٿـيندي، خـطا ٿيـندي خطا ٿيندي،
خـدا نــاراض ڇـــا لئہ آ، دنـيــا بــيتـاب ڇــو آهـــي!

هي ڪھڙو شھر آ جنھن ۾، ٽھڪ ناياب ٿي پيا هن،
حسـيــنائــون اُداس آهـــن، ادا بــيتـــاب ڇـــو آهـــي!

مُئل جي مُنھن تي آهي مُرڪ، ۽ قاتل کي ڪنبڻي آ،
ڏيـئـو بـي فـڪر آهـــي ۽، هــوا بـيتــاب ڇـــو آهـــي!

منھنجون اکڙيون تنھنجا سپنا، چندرما تون ڪٿي آهين،
ڏنــي جيـڪا چــمي هئــي تـو، اُهـا بـيتــاب ڇــو آهــي!

تاريخن تي،تھذيبن تي، تعذيرن تي سنڌ سوچي ٿي!

تاريخن تي،تھذيبن تي، تعذيرن تي سنڌ سوچي ٿي!
پنھنجي ۽ پنھنجن ٻچڙن جي تقديرن تي سنڌ سوچي ٿي!

ڪنھن لڪيءَ مان للڪار ڪئي، ڪنھن ڪاهوءَ مان ڪوڪار ڪئي،
ٿيا موهن مڪليءَ مان واڪا، تدبيرن تي سوچي ٿي!

هو گهوٽ ڀٽائيءَ جو سپنو، سيّد بہ ڏٺو ۽ ڏيکاريو،
اڄ ڪير ڪندو، ها ڪير ڪندو، تعبيرن تي سنڌ سوچي ٿي!

هڪ اسلام آبادي گادي، ٻي سجادہ نشينن جي گادي،
ڪم ظرف وڏيرن، ڪامورن ۽ پيرن تي سنڌ سوچي ٿي!

جن ديس سان عشق جا ڏوھہ ڪيا، ان ڏوھہ ۾ جيڪي لوھہ پيا،
تن شھزادن جي زندانن زنجيرن تي سنڌ سوچي ٿي!

او يار زبير مري ويندو، پر روپ وٺي ڪو وري ايندو،
هن ديس جي صوفي سنتن جي تاثيرن تي سنڌ سوچي ٿي!

ملنـدا رهـيا عـذاب، اکــيـون تـڙپـنـديـون رهـيـون

ملنـدا رهـيا عـذاب، اکــيـون تـڙپـنـديـون رهـيـون
ڏسندا رهياسين خواب، اکـيون تـڙپنديون رهيون

سـاڳـي اسـا ن جـي سـينَ، هـُيا چيـن جنھن کسيا،
ساڳـيـا سنـدس حـجـاب، اکيـون تـڙپـنديـون رهيون

ڪُسبا رهيا هي ڪونڌ، ۽ نچندا رهيا هُو نُونڌ،
لَٽبـا رهيـا گلاب، اکـيون تـڙپـنـديـون رهيـون

اُلـڪن کـي خاطـري نہ ٿـي، اُڌمن نہ ننڊ ڪئي،
ملـيا نہ ڪي جـواب، اکـيون تڙپنديون رهيون

سـڏ ڪنھن نہ ورايـو، ۽ ڪنھن ڀي نہ ڪنايو
وڄــندا رهــيا ربـاب، اکيــون تـڙپنديون رهيون

تو سوا تڪرار ٿيندي ٿي وڃي!

تو سوا تڪرار ٿيندي ٿي وڃي!
زندگي دشوار ٿيندي ٿي وڃي!

تات ڀي تنھنجي تصوّر سان بکي،
ڏات ڀي شاهڪار ٿيندي ٿي وڃي!

درد سان هيءَ آشنائي ڇوتہ ٿي؟
ڀوڳنا وهنوار ٿيندي ٿي وڃي!

دل ئي دل ۾ ٿي دُکي، ٻاڦي نٿي،
ڇوڪري بيمار ٿيندي ٿي وڃي!

آ نفعي نقصان جي ڳڻَ لوڪ کي،
دوستي واپار، ٿيندي ٿي وڃي!

روڄ راڙو، ضدُ، کيچل ۽ انگل،
دل بہ ننڍڙو ٻار ٿيندي ٿي وڃي!

تنھنجي سِڪ ۾ سُڪَ ٿيندو ٿو وڃان،
يادگيري بار ٿيندي ٿي وڃي!

سمجهہ، ڏاهپ، سوچ، ساڃھہ، فلسفو،
شاعري آزار ٿيندي ٿي وڃي!

تون بہ ٻيلي! جهٽ ملڻ جي ڪر زُبير،
دوري هاڻي گار ٿيندي ٿي وڃي!

ڌوڙ سفر جي ڇاڻي، توڏي آياسي

ڌوڙ سفر جي ڇاڻي، توڏي آياسي
لڙڪ اکين ۾ آڻي، توڏي آياسي

سڀ ستارا ميري تنھنجي منٿ ڪئي،
چانڊوڪيءَ کي تاڻي، توڏي آياسي

ساري ڏينھن جا ٿڪ کڻي ۽ سڪ کڻي،
سورج گهر اُماڻي، توڏي آياسي

اڌ حياتي آدرشن ۾ گهاري سي،
هن عمر ۾ هاڻي، توڏي آياسي

جيئڻ وارا پل ڪي پائڻ لئہ پرين،
پيئڻ واري ٽاڻي، توڏي آياسي

ڪونہ اچڻا وڃڻا هئاسين هِن ديار،
آندو آب داڻي، توڏي آياسي

عمر گذاري پرديسن جي پنڌ ۾،
موٽي لاڙڪاڻي، توڏي آياسي

برف جھڙي يا باھہ جھڙي هئي!

برف جھڙي يا باھہ جھڙي هئي!
پريت پنھنجي نباھہ جھڙي هئي!

عشق منھنجو بہ آھہ زاري هو،
سونھن تنھنجي بہ چاھہ جھڙي هئي!

پاڻ ئي پاڻ ٿي هئي پيدا،
پريت برپٽ جي گاھہ جھڙي هئي!

ڇا ڏَسيان پيار هُن سان هو ڪيڏو،
هوءَ پوئين پساھہ جھڙي هئي!

عشق منھنجو ثواب جھڙو هو،
سونھن هُن جي گناھہ جھڙي هئي!

دل شڪاري شڪار ڳولي پر،
اک مومن نگاھہ جھڙي هئي!

اوچتو ئي زبير ڏي آئي،
هوءَ ڌارين جي ڪاھہ جھڙي هئي!

هـــنئـي سين گهڻن ئي سـودي جي، ڪا سِر جي صـدا پر ڪــنھن نہ ڪئي!

هـــنئـي سين گهڻن ئي سـودي جي، ڪا سِر جي صـدا پر ڪــنھن نہ ڪئي!
۽ ســارا جــوڳـي رمتــا هـــا، انـــتھا پــر ڪــنھن نہ ڪـئي !

هــا دعـويـدار گهڻــا ئــي هــا، ۽ پـنھنـجـا يـار گهڻـا ئــي هــا،
اي چنڊ! اسان جي چاره گري ير، تنھنجي سوا پر ڪنھن ڪئي!

ڪيڏا تہ ڪشالا ڪاٽياسين، ۽ عشق جي نگريءَ پهتاسين،
هرشخص اَڀيچند جھڙو هو، سرمد جي پُڇا پر ڪنھن نہ ڪئي!

ڪنھن ابليسن جي وستيءَ ۾، هڪ شخص فرشتن جھڙو هو،
هُو پاڻ وفا جو پُتلو هو، هن ساڻ وفا پر ڪنھن نہ ڪئي !

هي پنھنجون خواهشون سُور بڻيون، ۽ سُور بڻي ناسور بڻيون،
هئاسين تہ اسان ڀي ويڄن وٽ، ڪا درد دوا پر ڪنھن نہ ڪئي!

هِن زندگيءَ جي رِڻ ۾، مان ٿو فرار ڳوليان،

هِن زندگيءَ جي رِڻ ۾، مان ٿو فرار ڳوليان،
ڪوئي ٻُڌائي يارو، ڪاثي قرار ڳوليان!

فردوس ۾ نہ هوندي، ڪنھن ديس ۾ نہ هوندي،
خوابن کان خوبصورت، ڪاٿي ڪنوار ڳوليان!

ڪاڏي وئين مسيحا، او ٽياسَ جا نگھبان،
سُنسان صليب آهي، اڄ ڪاٿي دار ڳوليان!

آڙاھہ منجهہ اُڇلي، ونواھہ ۾ آ ويٺي،
ڪھڙيون خوشيون تلاشيان، ڇاجا بھار ڳوليان!

ها خودڪشيءَ کان مان، ڪيٻائيندو رهان ٿو،

ڳولي شڪارپور ٿي، آهين زبير ڪاٿي،
توکي اياز وانگي، ڇا بار بار ڳوليان!

ڌُنڌلو ڌُنڌلو منظر ٿيندو ٿو وڃي!

ڌُنڌلو ڌُنڌلو منظر ٿيندو ٿو وڃي!
منھنجو اندر مندر ٿيندو ٿو وڃي!

هي منھنجو درياھہ تنھنجي چاھہ ۾،
هوريان هوريان ساگر ٿيندو ٿو وڃي!

راڻي! تنھنجو هڪڙو هڪڙو واعدو،
ڇنڇر آچر سومر ٿيندو ٿو وڃي!

سونھن نيڻن ساماڻي آهي شھر ۾،
ماڻھو ماڻھو شاعر ٿيندو ٿو وڃي!

سائنڻ! تنھنجي سُندر ساروڻين سندو،
لمحو لمحو خنجر ٿيندو ٿو وڃي!

بُت رولائي بازارن ۾ سونھن جا،
عشق اسان جو آذر ٿيندو ٿو وڃي!

مون تي نيڻن جو او ڪامڻي،
جادو جنتر منتر ٿيندو ٿو وڃي!

دور جي دزَ ڌُوڙ مان نڪري هلون!

دور جي دزَ ڌُوڙ مان نڪري هلون!
هل تہ ڪنھن نئين پار ڏانھن اُڏري هلون!

سونھن جي سنسار کي اُڪلائيون،
عشق جي آزار سان نبري هلون!


ها گهٽيءَ تنھنجيءَ مان هڪ دل چيو:
وقت جي رفتار سان گذري هلون!

گهوٽ سنبري ڪنوار لئہ جيئن سيج ڏي
پاڻ سُوريءَ ڏانھن ائين سنبري هلون!

ڏاهي ڪنھن داناءَ سان ويچارجي!

ڏاهي ڪنھن داناءَ سان ويچارجي!
هيءَ حياتي تو بنا ڪيئن گهارجي!

ٽھڪ، ڳوڙها، محبتون، ناڪاميون،
زندگي هر زواِيي کان جاجچي!

ها، وڇوڙا ڪيترا ڳايا ويا،
پر ڪڏهن ميلاپ ڀي آلاپجي!

هل تہ ڪنھن گياني گَوّيي کان پڇون،
ڪھڙي سُر ۾ زندگيءَ کي ڳائجي!

ڪيستائين مري مري جيئان!

ڪيستائين مري مري جيئان!
آءُ هيڪر تہ مان وري جيئان!

نيڻ تنھنجا نہ سيڻ ٿيا منھنجا،
ويڻ سان ميڻ جئن ڳري جيئان!

موت ڀرپور شل نصيب ٿئي،
مان حياتي ٿو سرسري جيئان!

آءُ جيئڻ ۾ ڪجهہ اچي جيون،
ڪيترو ديپ جان ٻري جيئان!

حسن هُن جو جمال آ يارو !

حسن هُن جو جمال آ يارو !
عشق پنھنجو ڪمال آ يارو !

هاڻي پنجاھہ کي اچي پهتا هون،
هاڻي خِلوت جو خيال آ يارو !

موت جي ڏينھن وڃي ڄاتوسين،
زندگيءَ کي زوال آ يارو !

جنھن کي عمرِ دراز سمجهوسين،
سا تہ پل جي مثال آ يارو !

پاڻ ايئين ئي هاڻ رهنداسي،
پنھنجو سڌرڻ محال آ يارو !

ٿوري سنگت سان جي وٿي ٿي ٿئي،
وقت پوءِ ڄڻ وبال آ يارو !

لڙڪ هي ڪنھن بي وڙي وانگي هُيا !

لڙڪ هي ڪنھن بي وڙي وانگي هُيا !
چاندني ۾ چنڊ وانگي ۽چڙي وانگي هُيا !

لوڪ جي ٽل سان ٽُٽي پل ۾ پيا،
خواب سھڻيءَ جي گهڙي وانگي هُيا !

موڪلائڻ مهل هُن جا لفظ ڄڻ،
برف جي ڳرندڙ ڳڙي وانگي هُيا !

دل دراوڙ جي هئي سنڌوءَ جيان،
درد موئن جي دڙي وانگي هُيا !

شعر پنھنجا ڪيمخوابي ڪونہ ها،
ڪنھن ٿريليءَ جي پڙي وانگي هُيا !

جن کي ڀيٽيو هو اسان آڪاش سان،
سي تہ در جي بند ڪڙي وانگي هُيا !

نظم

---

ڏيئو ٻار

(The Universal Message)


ڏيئو ٻار !
ڏيئو ٻار !

وستي وستي، نگري نگري
اڇا ڪارا، ڪوجها سارا
ڪنھن کي ڪو نہ وسار …
ڏيئو ٻار !

هُو جي ڀٽڪيو، آهي اٽڪيو
هُن جي ٻولي، هُن جي ٽولي
ڇڏ ويچار، اکيون ڌار …
ڏيئو ٻار !
اُڃيارن جي اُڃ اُجهاءِ
بُکيارن جي بُک مٽاءِ
کول ڳنڍ سڀ سان ونڊ
غم خوشي ۽ پيار …
ڏيئو ٻار!

اُڀ جي هيٺيان جو ڪجهہ آهي
تنھنجو آهي، منھنجو آهي
سڀئي سڀ جا ساٿي آهيون
هڪڙي گهر جا ڀاتي آهيون
تون سڀن جو ٿيءُ آڌار...
ڏيئو ٻار !
ڪائنات آ قديم
۽ انسان آعظيم
ڪائنات جي قدامت
۽ انسان جي تہ عظمت
کي نہ ڪر شرمسار...
ڏيئو ٻار !

ڪو بہ اسان جو باندي ناهي
ڪو بہ اسان جو قيدي ناهي
ٽوڙ سمورا بندي خانا
ڇِنُ سمورا ڄار...
ڏيئو ٻار !

انسانيت جوعَلم اسان وٽ
هٿ هٿ ۾ آ قلم اسان وٽ
ڪو بہ اسان وٽ ماپو ناهي
ڪنھن بہ طرح جوڇاپو ناهي
ناهي اسان وٽ ڪوئي تير
ڪا ترار، ڪو هٿيار...
ڏيئو ٻار !
ڏيئو ٻار !

اسان جو دور

اسان جو دور،
اسان جو دور درد آ!

ساڻن کي سهسائي ٿو
هيڻن کي هيسائي ٿو
وقت کي وڦلائي ٿو
ڏاڍو آ، ڏهڪائي ٿو
ڄڻ ڪو دهشتگرد آ

اسان جو دور،
اسان جو دور درد آ!

هاءِ هرجائي سودائي رُسڻا پرين!

هاءِ هرجائي سودائي رُسڻا پرين!
منھنجي محبت جو محور اڃا ڀي تون آن!

هاءِ هرجائي سودائي رُسڻا پرين
منھنجي محبت جو محور اڃا ڀي تون آن
ها! اڃا ڀي منھنجي هر طرف آهين تون
منھنجي ٻاهر ۽ اندر اڃا ڀي تون آن

تنھجي چُپ تي تہ چنڊ کي گرهڻ ٿو لڳي
تون ٿي مُرڪين تہ ڪڪريون مِڙي ٿيون اچن
تون هلين ٿي تہ نديون بيھي ٿيون رهن،
تون بيھين ٿي تہ پلَ برفجي ٿا پون

رات تنھنجي ڇَتن کان ٿي بيتاب ٿئي
تو ڳلن کان سُهائي وٺي باک ٿي
چنڊ تنھنجي چڳن جو کڻي ٿو قسم
شاعري سچ تنھجي جي ڏئي ساک ٿي

چاندني رات ۾ تنھنجو چاندي بدن
کاجو راهو جي مندر جي مورت هيو
جسم هو يا هيو ڪوئي صندل جو وڻ
موت جي واسُ تنھن رات صورت هيو

تنھنجي هٿڙن تي مينديءَ جو ڦُلڙيون ڏسي
اک اُلر ٿي ڪري، دل قھر ٿي ڪري
تنھنجي اکڙين سان سانجهي ہھرجي پئي
سامري مُرڪ تنھنجي سحر ٿي ڪري
تون ڏسين ٿي ننڊاکيل اکين سان جڏهن
منھنجي بگڙيل قسمت ٺھي ٿي پوي
تون رُسين، شاعري ڀي رُسي ٿي پوي
منھنجي هستيءَ جي سِر سِر ڊهي ٿي پوي

مان صديون جنھن جي سوداوَ ۾ ئي رهيس
ها اُها اپسرا تون ئي آن، تون ئي آن
جنھن ۾ هيجان، وجدان، جولان آ
دلبري، دلربا! تون ئي آن، تون ئي آن

تون منھنجي من تصور تخيّل منجهان
هِن جنم ۾ تہ نڪري سگهين ئي نٿي
مان جيان، مان مران، مان ٻران، ڇا بہ ٿيان
ڪنھن بہ صورت تون وسري سگهين ئي نٿي
منھنجي تقدير ڪنھن لوح قلم ۾ نہ آ
تنھنجي زلفن جي سنورڻ ۾ آهي پرين
موت منھنجو نہ آ ڪنھن ملائڪ هٿان
تنھنجي ناراض ٿيّڻ ۾ آهي پرين

تنھنجي الھڙپڻي، بي نيازيءَ هٿان
منھنجي ساڃاھہ سگريءَ ۾ آ سڙي
منھنجي ساري سراپا کي تيلي لڳي
منھجي اوقات ئي ڄڻ جلي ڀَسم ٿي

مان مڃان ٿو تہ توکي مون سان دل هئي
منھنجي محبت مگر تنھنجي منزل نہ هئي
تو محبت کي رونشو ٿي ڄاتو مگر
منھنجي تھذيب ان شيءِ جي قائل نہ هئي
هاءِ وڇڙي تون مون کان تہ آهين مگر
منھنجي دل کان اکين کان تہ وڇڙي نہ آن
منھنجي گهر جي ڀتين کي بہ تون ياد آن
۽ اڱڻ جي پکين کان بہ وڇڙي نہ آن

جي وڇڙي بہ آهين تون مون کان تہ پوءِ
منھجي سپنن ۾ ڇالئہ اچين ٿي اڃان
منھنجي نظمن جي مصرعن ۾ ڇو ٿي وسين
منھنجي تخليق ۾ ڇو رچين ٿي اڃان

مان ٽامو آن پڄران ٿو ٿي ڌرتتي،
جي تون پارس آن مون کي سَڃين ڇو نہ ٿي
۽ سري ڪونہ ٿي تنھنجي مون کان سوا
او هٺيلي سکي تون مڃين ڇونہ ٿي
مون سان مصروف صبحن ۾ تون ٿي رهين
۽ فرصت جي شامن ۾ ڀي تون ئي آن
آهين بيتاب سانجهين اداسين ۾ تون
هاءِ بي چين راتين ۾ ڀي تون ئي آن

جيئن جيون مان نڪري وئي آهين تون
تيئن يادن مان نڪري وڃين ڇو نہ ٿي
جيئن تو کان مان وسري ويو آن، الا
تيئن مون کان بہ وسري وڃين ڇو نہ ٿي

هاءِ هرجائي سودائي رُسڻا پرين!
منھنجي محبت جو محور اڃا ڀي تون آن!

شڪارپور اداس آ !

وقت جي ٽياس آ
چوڏِسا اماس آ
شڪارپور اداس آ!

دور آ اُڇاترو
وقت آ اُتامرو
سام آ ساميءَ جي
اوٽ شيخ اياز جي
ڇا تہ اِتھاس آ...
شڪارپور اداس آ!

اُٻاڻڪي هي آس آ
دور بدحواس آ
وقت بي قياس آ
مگر نہ دل نراس آ...
شڪارپور اداس آ!

لڦون لڦون پير آ
هي زبير ڪير آ
عام آ نہ خاص آ...
شڪارپور اداس آ!

هاءِ پريتم سنڌ جھڙو !

هاءِ پريتم سنڌ جھڙو
جيڪو هينئين منجهہ هُري ٿو !

ماڪ وسي ٿي پوٺن تي
مينھن پکين جا پر پسائي
چنڊ چڙهي ٿو ڳوٺن تي
ڪا ياد اسان جا نيڻ ڀِڄائي
پنھنجو عشق قلندر جھڙو
سونھن سندءِ سمندر جهڙي
ڪينجهر ۽ ڪارونجهر جھڙي
درد ڀٽائيءَ بيتن جھڙو
شيخ اياز جي گيتن جھڙو
سُر سسئي جي سورن جھڙو
ڪو نينھن نڪورو نپجي ٿو
۽ وهم اندر ۾ پلجي ٿو
ڇا تہ ڪجي دل سودائي آ
ڪيئن تہ ڪجي هُو هرجائي آ
الائي جو آواز ٻُري ٿو
خيال اچي ٿو ڪھڙو ڪھڙو
هاءِ پريتم سنڌ جھڙو

هاءِ پريتم سنڌ جھڙو
جيڪو هنيئين منجهہ هُري ٿو !

اسان تي اوهان جو سحر ٿي وڃي ٿو

جڏهن شام چوڏس اداسي پکيڙي
۽ سانجهي سڳنڌون سموهي سهيڙي
جڏهن سرد راتين ۾ درد پڄري
لڱن جي پو لوءَ لوءَ مان سِسڙاٽ اُڀري
تڏهن بُت بيجان بڻجي وڃي ٿو
۽ درد چادر ٿي تڻجي وڃي ٿو
۽ پل سمورا پٿر ٿي وڃن ٿا
تڏهن ڪو انوکو قھر ٿي وڃي ٿو
اسان تي اوهان جو سحر ٿي وڃي ٿو!

جڏهن ڀي گلابن تي ڳاڙهاڻ نکري
۽ ڀنڀورڙين تي جواني چڙهي جي
ڇُھي پوپٽن کي فضا گنگنائي
کجين جي قدن کي هوا آزمائي
جڏهن ياد ڪائي اکين کي ڀِڄائي
اسان وسوسن ۾ پوءِ وٺجي وڃون ٿا
اسان وهم کان يار ڪکجي وڃون ٿا
مگر نيڻ پنھنجا ڪڪر ٿي وڃن ٿا
۽ مُنڊجي وڃون ٿا، ہھر ٿي وڃي ٿو
اسان تي اوهان جو سحر ٿي وڃي ٿو!

پرين يا تہ منھنجن تون لڙڪن تي پت ڪر
يا کيچل ڪندڙ پنھنجي نيڻن کي ڌت ڪر
ستارن جي جهرمِر تہ ماري وجهي ٿي
۽ يادن جي ڪِر ڪِر تہ ماري وجهي ٿي
ڀنڀڙ نيٺ ٿيندي، جا دُونھين دکي ٿي
ها لھجي تنھنجي مان جدائي کُکي ٿي
چيل اڻ چيل لفظ اڱر ٿي وڃن ٿا
صديءَ جو پوءِ هڪڙو پھر ٿي وڃي ٿو
اسان تي اوهان جو سحر ٿي وڃي ٿو!

اها وڇوڙي جي بارش آ

اها وڇوڙي جي بارش آ
اُلڪن جو رِڻ رولي ٿو
من ٻاٻيھو ٻولي ٿو
اها وڇوڙي جي بارش آ

مون تہ دڳن تي گل پٿاريا
مون تہ يڪو پئي چنڊ چتايو
مون تہ ڀتين تي ڏيئا ٻاريا
مون تہ منڍئون هو ائين ڀانئيو
اها تہ اندر جي آتش آ
مينھن تہ بس مِنھن ڳولي ٿو
الڪن جو رڻ رولي ٿو
من ٻاٻيھو ٻولي ٿو

اها وڇوڙي جي بارش آ

ڪمال جي دلڪشي رکيل آ

ڪمال جي دلڪشي رکيل آ
حسين لمحن جي چاهتن ۾
هي ڪيفيت، ڪھڙي ڪيفيت آ
عجيب اذيت آ لذتن ۾
هي سحر ڪھڙو پھر ۾ آهي
وجود سارو ہھر ۾ آهي
غزل تہ ڇا ۽ نظم تہ ڇا پر
بدن بہ وزن ۽ بحر ۾ آهي
انا بہ آهي ڀرم بہ آهي
۽ ڪامنا جو ڪرم بہ آهي
۽ ٿورو ٿورو شرم بہ آهي
محبتن جي تہ ساعتن ۾
ڀرم بہ ايڏو گهڻو نہ آهي
حجاب آهي حرارتن ۾
هي ويڻ ڏيندڙ نيڻ هن يا
اداس نظمن جا استعارا

آزاد نظم

---

سنڌ جي راڻي

سنڌ جي راڻي ...
تون ڇا ڄاڻين !
وقت اسان جو ڪيئن ٿو گذري،
تون ڇا ڄاڻين...

هي گيت اسانجا گهايل باغي
جن کي قاتل ڳولن ٿا پيا
تو نہ سُڃاتا ڇا ٿي پيو
۽ تو نہ ڳاتا ڇا ٿي پيو
پر وستيءَ وستيءَ، نگريءَ نگريءَ
ڪونج جيان پيا گونج ڪندا !
درد اسانجا نانگا جوڳي
در در سينَ لڳائن ٿا
بَر ۾ بينَ وڄائن ٿا
هي مون کي، منھنجن گيتن کي
چاهن ٿا، اُتساهن ٿا
۽ مون مان ڪو ڳجهہ چاهن ٿا
ڳجهہ ڇا، گهڻو ڪجهہ چاهن ٿا
هاءِ، انھن سان عشق ڪري ٿي
منھنجي دل ويڳاڻي
سنڌ جي راڻي...
تون ڇا ڄاڻين !

پيار اسانجو پينُو ٻالڪ
تنھنجي آڏو بيک پني ٿو
۽ تون هن کي ڇِڙٻ ڏئين ٿي
۽ پوءِ هي معصوم بکاري
روئي ڏي ٿو
تون تہ ٺھيو پر
ڪو بہ نہ هِن کي پرچائي ٿو
ڪو بہ نہ هِن سان ڳالھائي ٿو
هِن جي پيڙا، درد ڪھاڻي
سنڌ جي راڻي...
تون ڇا ڄاڻين !

هيءَ تڙپ تنبوري جي تندُ جهڙي
ها هِن جھڙي
دنيا ۾ ڪا شيءِ ناهي
ڪا شيءِ ناهي، ڪا شيءِ ناهي
ڪنَ لنوَن ٿا، اک کڄي ٿي
درد لُڇي ٿو چنڊ پُڇي ٿو
ڇو آ تنھنجي اک ۾ پاڻي!
سنڌ جي راڻي!
تون ڇا ڄاڻين...

هي لڙڪ اسانجا سچا موتي
جن جي جوتي
جڳ نہ سهي، ڪو دڳ نہ سهي
چارا نہ سهي، ڪا چڳ نہ سهي
پر منھنجو اندر جرڪائن ٿا
منھنجي دنيا مهڪائن ٿا
او شل تون ڀي
نيڻئون ڳاڙها ڳوڙها ڳاڙين
سنڌ جي راڻي!
تون ڇا ڄاڻين...

حسرت پنھنجي الھڙ ڇوري
جنھن کي ڪائي جهوري ناهي ـ
جذبن ۾ جولان ڀري ٿي
هينئين ۾ هيجان ڀري ٿي
هن کي ڪائي ڪل نہ آهي
ساڀيائن جي ۽ سپنن جي
هاءِ هي منڙو، هاءِ هي دلڙي
ان اُڌمن آ ويڳاڻي
سنڌ جي راڻي...
تون ڇا ڄاڻين !

خواب اسانجا اُڏندڙ پنڇي
نينھن جي نيري نيري اُڀ ۾
اُڏري اُڏري ٿڪجي پيا هن
ڪنھن مسجد جو مينار بہ ناهي
ڪنھن مندر جي ناهي تُلسي
ڪو پِپر، ڪو ٻٻر ناهي
ڪو صنوبر، سُنبل ناهي
ڪجهہ بہ تہ ناهي!
تون ئي منھنجن
ساڻن سپنن جي پکين کي
اکڙين جا آکيرا ڏي
او شل مون لئہ سپنا آڻين
سنڌ جي راڻي...
تون ڇا ڄاڻين !

عشق اسانجو سياسي قيدي
گهاري جنھن آ ساري حياتي
زنجيرن ۾، زندانن ۾
آزاديءَ جا اُجرا سپنا
جنھن ڏٺا ۽ ڏيکاريا هن
۽ هو سَن جو پوڙهو قيدي
سوچي، لوچي، ويٺو ڀوڳي
ساعت ساعت هن جي ساڻي

سنڌ جي راڻي...
تون ڇا ڄاڻين !

مُرڪ اسان جي ڇوري نينگر
جنھن جي آڱر
ڪنھن بہ ڌڻيءَ جي هٿ ۾ ناهي
هوءَ بہ ڪنھن جي پنھنجي ناهي
لمحي لمحي هوءَ ويڳاڻي
سنڌ جي راڻي...
تون ڇا ڄاڻين !

منھنجي راڻي!
تون ڇا ڄاڻين ...

ها پر، خواهش،خواهش آهي!

ها پر، خواهش،خواهش آهي!
خواهش پوءِ بہ خواهش آهي
خواهش نيٺ تہ خواهش آهي!
خواهش جيڪا ڪنواري هئي سا
مصلحتن جي وحشي مردن ساڻ سُتي آ
۽ خواهش جيڪا، پوڙهي وئيشيا
جنھن جو اگهہ ڪري پيو آهي
خواهش ڄڻ ڪا
مالِ غنيمت ۾ هٿ آيل ٻانھي آهي
انڌي آهي، مندي آهي
راڻي آ يا رنڊي آهي
يا پاڪ دامن نياڻي آهي
.ھھڙ ي آهي،تهڙي آهي
جيئن بہ آهي،جھڙي آهي
ڇا بہ آهي، جيئن بہ آهي
خواهش پوءِ بہ...
خواهش آهي!
خواهش نيٺ تہ
خواهش آهي!
ها پر. خواهش،خواهش آهي!

من کاجوراهو جي مندر ۾

هيءَ اُلجهن...
ڪھڙي الجهن آ؟
هيءَ موسم ڪھڙي موسم آ
من جوڀن هستيءَ ۾ مغرور
تن ڪنوارپ جي مستيءَ ۾ چُور
ڪنھن واسنا جي واس ۾
ڪنھن انوکيءَ آس ۾
ڪيڏو آتو تاسو آهي!
من کاجوراهو جي مندر ۾
تانڊَوَ آڏو نِرت ڪري ٿو
هي ساھہ سهپ جي صحرا ۾
ڪھڙا ڪھڙا سُور سهي ٿو
ڪامَ ڪلپنا ۾ رهي ٿو
تنَ ۾ تانتر، منَ ۾ جوُالا
هيجاني وجداني جوڀن
شبنم شبنم شعلا شعلا
۽ هيءَ جبلت...
هيءَ جبلت ڪھڙي جبلت آ!
هيءَ فطرت ڪھڙي فطرت آ!
هيءَ الجهن ڪھڙي الجهن آ!
هيءَ موسم ڪھڙي موسم آ!

تون، مان ۽ سنڌ !

تون سھڻي
سنڌ جھڙي
مان سنڌ جهرو ڏکارو
ڪيڏي هڪجهڙائي آهي
تو ۾، مون ۾،
سنڌ ۾....!

هڪ قومي ڪارڪن جو محبوبا ڏانھن خط

تون تہ چاهين ٿي مون کي مگر منھنجو هي
جيءُ جيئم جي نالي اٿئي او سکي
تنھنجو آهيان مان تنھنجو ئي رهندس مگر
ساھہ سيّد حوالي اٿئي او سکي
دل تہ چاهي گهڻو ٿي تو پاسي پرين
ويھي ڳالھيون ڪيان،پيار تون سان ڪيان
دل تہ چاهي ٿي ليٽي تنھنجي هنج ۾
چين پايان ۽مٺڙي ڪا ننڊڙي ڪيان
ها مگر ڇا ڪيان ٿو ڀٽائي سڏي
ٻانگ سنَ مان اچي آجپي جي ٻُڌان
ڪونہ اوسيئڙو تون ڪجان جانِ جان
پنھنجومقتل ڏانھن پنڌڙواٿئي ساجنا
لائون لهندس مان لهندس ها لهندس ضرور
ڏسجي توسان لھان ٿو يا سوريءَ سان
۽ نصيبن صليبن ڏي جي موڪليو
پوِ کلي موڪلائي دلاسا ڏجان
تنھنجي مينديءَ ۾ اجرڪ جون ڦُلڙيون ڏسان
تنھنجي چُنري بہ ڳاڙهو ٿي جهنڊو لڳي
سينڌ سِنڌوءَ ڌارا لڳي ٿي تنھنجي
سڏ تنھنجو تہ سنڌ جو ٿو نعرو لڳي
مان مڃان ٿو پيار انمول آ
منھنجي دل تنھنجي ليڪن شڪنجي ۾ آ
ڇا ڪيان مان مگر ديس تي مهل آ
سنڌ دَلَّن دلالن جي چنبي ۾ آ

ها چنبيليون چڳن ۾ ڀلي تون سجاءِ
مان مري ڀي ويس پوءِ بہ ورندس پرين
هڪڙو محڪوم شاعر وچن ٿو ڪري
توسان آزاد سنڌ ۾ مان ملندس پرين

توسان آزاد سنڌ ۾ مان ملندس پرين!
توسان آزاد سنڌ ۾ مان ملندس پرين!

سرحدن جي سور کا آشنا ماڻھو

هوءَ روئندي رهي...
ماضيءَ جي گُونا گُون گهٽين ۾ رُلندي رهي
هوءَ روئندي رهي

۽ بدلجي ويل پنھجي ئي شھر کي
اجنبين جيان ڏسندي رهي
هوءَ روئندي رهي

پُوني جي هڪ رهواسڻ
سُوسي جنھن تي سُونھي ٿي
سنڌ ۾ پنھجو گهر ٿي ڳولي
ماضيءَ جا منظر ٿي ڳولي
هُن جي اندر جي شھر ۾
اڌ صدي آواره آهي
۽ هُن جي ڏاڏاڏڻي شھر ۾
سو اڱڻ بہ الائي ڪاڏي ويو
جنھن بنيادن ۾ هڪڙي
تيرهن ورهين جي نينيگريءَ جون
رانديون پُوريل آهن، يادون پوريل آهن
ننڍپڻ دفن آهي ۽ ٽھڪ دفن آهن
تن ٽھڪن جا پڙاڏا اڄ بہ
تاريخ جي تھہ خانن ۾ گونجن ٿا پيا

هُن جنم جنم جي سنڌياڻيءَ هجرت نہ ڪئي هئي
ها اڄ بہ اُهي يادون ۽ ننڍپڻ
سنڌ جا رهاڪو آهن

هوءَ روئي پئي، هوءَ پرچي نٿي
۽ هوءَ موٽڻ چاهي نٿي
۽ اڄ وري هوءَ تيرنھن ورهين جي لاڏلي نينگريءَ جيان
پنھنجي اباڻي اڱڻ ۾ راند ڪرڻ جي لاءِ ضد ٿي ڪري
ڪير هُن کي پرچائي، ڪير هُن کي سمجهائي
تہ “سرحدن جي سور کا آشنا ماڻھو” ضد ناهن ڪندا
اُهي تہ بس ويچارا ويچارا هوندا آهن
اُهي تہ بس نماڻا نماڻا هوندا آهن

۽ هُن جي جيون ڪٿا بہ ڄڻ ڪنھن جلا وطن جو قصو آ
۽ اڄ بہ سنڌ هُن جي وجود جو هڪ حصو آ
هي اڌ صديءَ جو نوحو جيڪو، اکين ۾ جهڙ ٺاهي ٿو
۽ روح جي عمارت کي هڪڙي پل ۾ ڊاهي ٿو
هند جي هيءَ سنڌ ڄائي، وري واپس هلي ويندي
۽ تحفي هي نوحو سنڌ مان کڻي ويندي

۽ هوءَ سرائيڪي ڏوهيڙي جھڙي ڇوڪري !

... ۽ چيائين ـ
” تون شاعري ڇڏي ڏي“
ها، وڇوڙي کان پوءِ
تون شاعري ڇڏي ڏي !
شاعري ڇا چيائين
ڄڻ چيائين :
زندگي ڇڏي ڏي !
ڪنھن طبلي نواز استاد جا
ڄڻ هٿ ئي ڪٽيا ويا
ڄڻ ڪنھن سُريلي سُر واري کي چيو ويو:
تون گائيڪي ڇڏي ڏي !
۽ هوءَ بابا فريد جي
سرائيڪي ڏوهيڙي جھڙي ڇوڪري !
جنھن جا ٻئي نيڻ ڄڻ ڪبير جو دوهو هيا
وڇوڙي جي ويلي جملا بہ هُن جا
حُسين جو قسم آ، ڄڻ تہ نوحو هيا
۽ جديد غزل جي ننڍي بحر جهڙا
چپ چوري چيائين:
مون کي تون سنڌوءَ سان ڀيٽيندو نہ ڪر
ڇو تہ مان ايتري عظيم ڪونہ آهيان
تون منھنجي چُگهن تي
چڳن تي،چپن تي نہ لک
اي شاعر! عورت جي بدن تي نہ لک
مان ڪا مومل، ڪا نوري تہ ناهيان
۽ ڪا سسئي يا سھڻي بہ ناهيان
مان تہ مارئيءَ جي ڀيڻ آهيان!
۽ تون ايڏي ڀي عاجزي ڇڏي ڏي
بس ڏسڻ تون،آرسي ڇڏي ڏي
چيائين:
تون شاعري ڇڏي ڏي
وڇوڙي کان پوءِ ...
شاعري ڇڏي ڏي !

جي ايم سيد ! تنھنجو خواب

جي ايم سيد !
تنھنجو خواب...
خواب نہ آهي
برهمڻن جي رياست جو
هڪ شودر آهي
۽ ڪائنات جي وجود کان
ٻيڻو ٽيڻو سچ آهي!
۽ انھيءَ خواب جي
ساڀيا ڀي،ساڀيا ناهي،
سج جھڙو مچ آهي
آزاديءَ جو
انسانن جو
انسانن هي
ارمانن جو
سچ آهي!
مچ آهي!

مگر ماٺ آهي

ڏسو!
ڪيتري ماٺ آ
ماٺ ئي ماٺ آ
اندر جي مندر ۾
ماٺ ئي ماٺ آ
گهنڊ ڀي وڄن ٿا
آواز اچن ٿا
مگر ماٺ آهي!
ڏسو، ڪيتري ماٺ آهي!
ڪيترا درد آهن
صدين جا سوين سور آهن سفر ۾
اندر ۾
هزارين ڪھاڻيون،
راڻيون، نماڻيون، ڪوماڻيون
وڇوڙي جا وِڇون
هجر جون رهاڻيون!
مگر ماٺ آهي...
ڏسو، ڪيتري ماٺ آهي!

چنڊ ڪنھن جوآهي؟

واگها وٽ هڪ ليڪو پائي،
جناح، گانڌيءَ کي چيو:
دهلي تنھنجي، لاهور منھنجو،
بمبئي تنھنجي،ڪراچي منھنجي،
راجسٿان منھنجو،
ٿر۽ چولستان منھنجو،
هِتان کان وٺي، هُتان تائين،
سرزمين منھنجي،
هُتان کان وٺي هيستائين تائين،
آسمان تنھنجو،
گانڌيءَ جي اک ۾ پاڻي آيو،
نماڻي مُرڪ چپ تي آڻي چوڻ لڳو -
چنڊ ڪنھنجو؟
تنھنجو يا منھنجو ... !

مان ئي تنھنجي آرسي هان!

مان ئي تنھنجي آرسي هان!
.ھھڙ و آهيان تهڙو آهيان
تون ئي ڏَس! مان ڪھڙو آهيان!
ميرو آهيان مندو آهيان
پر مان تنھنجو بندو آهيان
ڪيڏو ڀي مان گندو آهيان
ها پر تنھنجو پنھنجو آهيان
آدم جو مان پوٽو آهيان
ڪوتاهين جو قصو آهيان
تنھنجي ئي وجود جو مان
ڪوئي ننڍڙو حصو آهيان
مان ئي تنھنجي آرسي هان
مان ئي تنھنجي رچنا آهيان
ها تون منھنجو مولى آهين
سڄي عمر جي ڳولا آهين
ڪافر آهيان،
يا مان ڪافرجھڙو آهيان
.ھھڙ و آهيان،تهڙو آهيان
ڪھڙو آهيان؟
ها پر تنھنجو،
پنھنجو آهيان!

دنيا کي ڪو داني گهرجي

هيءَ دنيا ڪھڙي دنيا آهي؟
هيءَ ڌرتي ڪھڙي ڌرتي آهي؟
اتر، ڏکڻ کي ٿو کائي،
۽ اولھہ اوڀر جي رت پيئي ٿو
۽ دنيا جي سرحدن تي
فوجي بينڊ وڄي رهيا هن،
۽ چوماسن جي موسم ۾ ڀي
چوڏس دونھان اُٿي رهيا هن!
۽ هٿيارن جي واپارين کي،
ڳلو ڦاڙي هي ڪو تہ ٻڌائي،
”ماڻھوءَ کي ٿي ماني گهرجي
۽ دنيا کي ڪو داني گهرجي“
۽ امن جا هي اڇا ڪبوتر،
هو جيڪي اُڏائن ٿا،
سي ئي ميزائيل ٺاهن ٿا،
ڪمزورن کي قرض ڏئي
ڪوڙڪين ۾ ڦاسائن ٿا
۽ انقلاب جي انڌي گهوڙي
تي ويھاري اُتساهن ٿا!

مان مري ويو آهيان

لڳي ٿو توکي ڪنھن،
چئي ڇڏيو آهي :
”مان مري ويو آهيان “ !
ڇو جو تو کان ائين مان
وسري ويو آهيان ڄڻ ـ
”مان مري ويو آهيان“ !
لڳي ٿو تو کي ڀي يقين
اچي ويو آهي ـ
”مان مري ويو آهيان“!
لڳي ٿو تو کان بہ هي
سهجي ويو آهي ـ
”مان مري ويو آهيان“!

نثري نظم

---

پورهيت ٻار جي مُرڪ جھڙي زندگي!

درد، بي قابو سيلاب وانگر
خوابن جا ڳوٺ لوڙهي ڇڏيا آهن
حسرتن جا شھر ٻوڙي ڇڏيا آهن
۽ وقت، شھزادن جا سپنا ڏسندڙ
محروم ڇوڪرين جي اکين کي
صحرا ڪري ڇڏيو آهي...
تڙپ، گهر ڇڏي ڀڄي ويل
پريمي جوڙي وانگر بي گهر آهن
۽ هيءَ زندگي،
ها، هيءَ زندگي
غاليچن جي فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندڙ
ڪنھن پورهيت ٻار وانگر
ٿڪ ۾چُور آهي
پر پوءِ بہ
هُن جي چھري تي
وڻندڙ مرڪ آهي!

زندگيءَ جو خوبصورت گيت!

مان زندگيءَ جو خوبصورت گيت لکي رهيو آهيان!
۽ هوءَ دوشيزگيءَ جي نشي ۾ چُور آهي...

هوا هلي رهي آهي
۽ بخشي رهي آهي
منھنجي نيم عُريان خيالن کي غنائيت
۽ غنودگي آهي سڄي ماحول ۾
جهڙالي آهي جيءَ ۾
گُلن تي ننڊ طاري آهي
وڻن جا نيڻ ڀاري هِن
لھر لھر ڍنڍ جي غشيءَ ۾ آهي
۽ چاندني رابيل جي ڪنوارين پتين کي چمي ٿي
۽ ڇُھي ٿي گلابن جو ننڊاکڙو بدن!
۽ هوءَ جيڪا چري وهيءَ ۾ آهي
الھڙ جوانيءَ جو هيجاني آرس ڀڃي ٿي
پوءِ آبشار بيھي رهيا آهن
شام ڳھرجي رهي آهي...
هر متحرڪ وجود تي سڪتو طاري ٿي رهيو آهي...

مان زندگيءَ جو خوبصورت گيت لکي رهيو آهيان!
۽ هوءَ دوشيزگيءَ جي نشي ۾ چُور آهي...

جي سڪ لڳي

اُڃ لڳي ـ پاڻي پيان
بُک لڳي ـ ماني کاوان
۽ سڪ لڳي... ؟
۽ جي سڪ لڳي تہ ڇا ڪيان!

برٿ ڊي

تون کان سواء...
اڄ هي منھنجو
برٿ ڊي
سچ پُڇين
منھنجا پرين!
ڏهين مُحرم ٿو لڳي !

گذارو

ٿو ائين گذاريان
زندگيءَ سان
جيئن ڪائي شريف عورت
ڪنھن نامرد مڙس سان
عمر گذاريندي هجي!

ماني

هڪ لاچار انسان ٿو واجهائي:
لينن، فينن، هوچي، چي
ياسر، گانڌي، مارڪس، مائو،
ٻيلي منھنجن ٻچڙن کي
ڪو ماني کارائي...


سنڌ راڻي، تون اداس نہ ٿيندي ڪر!

راڻي،
او منھنجي سنڌ راڻي
بس تون اداس نہ ٿيندي ڪر
خاموش نہ ٿيندي ڪر
بيمار نہ ٿيندي ڪر
رسندي بہ نہ ڪر
اهو صحيح آهي تہ مون کي
تنھنجون شرارتون صفا نہ وڻنديون آهن
تنھنجون حرڪتون
مون کي سخت چڙ ڏيارينديون آهن
تنھنجو اڌ رات جو ننڊ مان اٿي روئڻ
مون کي زهر لڳندو آهي
تون منھنجا ڪتاب ڦاڙيندي آهين
۽ ڀتين تي ليڪا پائيندي آهين
تہ مون کي ڏاڍو غصو ايندو آهي
تنھنجو رانديڪا ڀڃڻ ۽
سڄي ڪمري جو ستہ ناس ڪرڻ به
مون کي برو لڳندو آهي
۽ تون جيڪو وڏي آواز ۾
گُڏين سان ڳالھائيندي آهين
۽ تون جيڪو رڙيون ڪري
پنھنجي ڀالوءَ سان ڳائيندي آهين
مون کي نہ وڻندو آهي
۽ تون جيڪو
اڱڻ ۾ رکيل گملن جا گل پٽيندي آهين
ٻين ٻارن جا وار پٽيندي آهين
ٿوري ٿوري ڳالھہ تي ضد ڪندي آهين
مون کي ڏاڍو خراب لڳندو آهي
پرهڪڙي ڳالھہ جي خبر اٿئي او راڻي،
تنھنجي خاموشي منھنجو اندر اڌ ڪري ٿي
تنھجي اداسي منھنجو هانءُ ڏاري وجهي ٿي
مان تہ صفا ويڳاڻو ٿي پوندو آهيان
۽ خبر اٿئي،
دنيا جون ساريون گڏيون بہ اداس ٿي وينديون آهن
سمورا ڀالو ويچارا ٿي پوندا آهن
دنيا جا سڀ رانديڪا ٽُٽي پوندا آهن
اڱڻ ۾ رکيل گملا تنھنجون پڇائون ڪندا آهن
ان جا گل تنھنجن پتڪڙن هٿڙن لاءِ ترسي ترسي
پوءِ مرجهائجي ويندا آهن
۽ ٻار جن سان وڙهندي آهين
تولاءِ دعائون گهرندا آهن
۽ دنيا جا سارا ڊيڊي اُٻاڻڪا ٿي پوندا آهن
ساريون اميون روئڻهارڪيون ٿي وينديون آهن
۽ تنھنجين ڪھاڻيين واريون پريون بہ
پريشان ٿي وينديون آهن
خبر اٿئي،
رات مون کي سون پريءَ چورائي موڪليو آهي
تہ سنڌ راڻي کي چئجوتہ سنڌ راڻي!
تون شرارتون ڪندي ئي سٺي لڳندي آهين
سنڌ راڻي
بس تون اداس نہ ٿيندي ڪر
خاموش نہ ٿيندي ڪر
بيمار نہ ٿيندي ڪر
رسندي بہ نہ ڪر

منھنجو نظم

منھنجو نظم ڪھڙو آهي ؟
منھنجو نظم ڪنھن جھڙو آهي...
ڳوٺ ڏانھن ويندڙ آخري بس پويان ڊڪندڙ
ڪنھن ڳوٺاڻي جي
ڊُڪ جھڙو آهي...
يا ڪنھن ڊرائنگ روم جي
صفائي ڪندڙ ماسيءَ هٿان
مهانگو گُلدان ٽٽڻ تي
مليل ڇڙٻ جھڙو آهي...
يا ريل جي دريءَ مان نظر ايندڙ
”ٽا ٽا“ ڪندڙ اجنبي ٻارن جي
مُرڪ جھڙو آهي...
يا موڪلائڻ مهل
محبوبا جي آخري ڀاڪر جي
پُراسرار خاموشي
پاڻ مُرادو ٻُوٽجي ويل
بيقرار اکين، بي ترتيب ساهن
بي نام ڪيفيتن، بيچين ۽ بيتاب
تڙپ جھڙو آهي...
ڀلا ڪھڙو آهي ؟
ڊُڪ جھڙو آهي! ڇِڙٻ جھڙو آهي!
مُرڪ جھڙو آهي! تڙپ جھڙو آهي!
هان! منھنجو نظم اهڙو آهي؟

منافقن لاءِ هڪ نظم

تون سڄو ڏينھن
پنھنجي معصوم چھري تي
طرح طرح جا ماسڪ
پائي پائي ٿڪجي نہ پيو آهين !
آفس ۾ هڪڙو ماسڪ
گهر ۾ ٻيو ماسڪ
دوستن ۾ ٽيون ماسڪ
مائٽن ۾ چوٿون ماسڪ
پنجون...
ڇهون...
ستون...
ها ڻي تہ تنھنجو اصل روپ
مري ويو آهي!
هاڻي تون پاڻ هڪ
ماسڪ ٿي ويو آهيان!

چريو

مان بہ ڪيڏو
چريو آهيان !
هڪ گدامڙيءَ جي وڻ هيٺان
هُن مصريءَ جي ماڻھوءَ کي
ساريندو آهيان...

ٻار

ٻار...
اهي عجب ٻار !
دنيا جي گولي سان
فٽبال کيڏي رهيا آهن
۽ مان ديوان غالب پڙهي رهيو آهيان،
مرڪي رهيو آهيان:
بازيچه اطفال هي، دنيا ميري آگي،
هوتا هي شب و روز تماشا ميري آگي!

منھنجو نظم جيئي ٿو

منھنجي پاڙي ۾
هڪ عورت ٻار جنميو
ساڳي ڏينھن، ساڳي لمحي دنيا ۾
هزارين انسان پيدا ٿيا هوندا ـ
... ۽ ساڳي لمحي مون به
هڪ نظم ڄڻيو!
پنجاھہ کن سالن کان پوءِ
اهي سڀ انسان هوريان هوريان
مرڻ شروع ٿي ويا !
پر منھنجو نظم...
پنجاھہ سالن کان پوءِ نکرڻ لڳو
۽ ٻين پنجاھہ سالن ۾
مون سميت اُهي انسان سڀ مري ويا
پر... منھنجو نظم جيئي ٿو
۽ جيئندو رهندو... !

هٿ ريکائون

هڪ ڏينھن
ڪنھن داناءَ جوتشيءَ
سندر سياڻي، ڳاڙهي ڳٽول
غريب ڳوٺاڻيءَ جو
هٿ ڏٺوــ
”تون تہ وڏي ڌياڻي،
راڄ راڻي ٿينديئن!
تون تہ محل جي شھزادي بڻبيئنءَ“
غريب نينگريءَ جي چپن تي مرڪ تري آئي
۽ اکين ۾ چمڪ،
چوڻ لڳي ـ
”سچي... !
اِهو منھنجي هٿن ۾ لکيل آهي بابا ؟“
”هائو چري، هٿ ريکائون
سڀ ڪجهہ ڏسينديون آهن “
۽ پوءِ ٻئي ڏينھن
ڪُتر ڪندي مشين ۾
هُن جا هٿ ڪپجي ويا ...

اي کجين جي شھر جي ڇوڪري!

اي کجين جي شھر جي ڇوڪري!
تو ۾ ۽ تنھجي شھر جي کجين ۾
ڪو فرق ئي ناهي...

ساڳي قد و قامت
ساڳيو سڊول وڻندڙ بدن!
اهو تہ ڇا
خصلت بہ ساڳي
فطرت ۽ عادت بہ ساڳي
کجيءَ وٽ بہ ڪائي ڇانوَ نہ آهي،
تون ڪنھن جو ڇپر ناهين...
هُن جو ڦل بہ پھچ کان پري
تنھنجي محبت بہ ملڻ کان مشڪل...

اي کجين جي شھر جي ڇوڪري!
تو ۾ ۽ تنھجي شھر جي کجين ۾
ڪو فرق ئي ناهي...

جيجل امڙ

او منھنجي مٺڙي امڙ !
او منھنجي جيجل امان !
منھنجي موت کان اڳ
منھنجي هڪڙي آس ضرور
پوري ڪجانءِ !
هي منھنجا چپ ڪپي
پنھنجي مقدس جُتيءَ ۾ رکي ڇڏجانءِ
تہ جيئن مان مرڻ کانپوءِ به
تنھنجا پير چمندو رهان
جنت کي چمندو رهان !

جان جان !

جان جان !
شام جو هي پکي
پنھنجي گهر ويندا آهن؟
ها راڻي !
پوءِ هنن جو گهر
پري پري هوندو آهي ؟
ها رابيل راڻي!
اِلاهي پري پري؟
ها اِلاهي پري پري
هُون... !
پوءِ هو جيڪو جهاز آهي
اهو بہ پنھنجي گهر ٿو وڃي ني؟
نہ بابا،
هن جهاز ۾ جيڪي انڪل ويٺا آهن
اُهي پنھنجي گهر ٿا وڃن
هان؟
انھن جو گهر ڀي
پکين وانگر آسمان ۾ آهي؟
پوءِ مٿي مٿي،
اِلاهي اِلاهي مٿي
پوءِ ﷲ سائينءَ جو گهر بہ ته
آسمان ۾ آهي ني...

پوءِ توهان ايڏي ايڏي

پوءِ توهان ايڏي ايڏي
دير کان ڇا ٿا لکو جان جان ؟
ڪم ٿو ڪريان بابا...
توهان کي ڀي، مون وانگر
کوڙ سارو هوم ورڪ مليو اٿوَ؟

جان جان !

جان جان !
عليزا چئي ٿي
چنڊ مون سان گڏ گڏ هلي ٿو
نہ نہ...
چنڊ تہ مون سان گڏ هلندو آهي
اِلاهي اِلاهي پري تائين !
پوِ توهان عليزا کي چئو
تہ چنڊ رابيل جو آهي
نہ تہ مان توهان سان ڪٽي ڪري ڇڏيندم!

چنڊ ماما

چنڊ ماما
”چنڊ ماما گوگڙو،
سائو لڪڻ هٿ ۾...“
جان جان !
توهان اسان جا ماما آهيو ني،
معنى ممي جا ڀاءُ،
پوءِ چنڊ بہ اسان جو مامو آهي
مميءَ جو ڀاءُ...

ٽي ويءَ تي خبرون ڏسندي؛

ٽي ويءَ تي خبرون ڏسندي؛
شھر ۾ دهشتگردي جو واقعو
گوليون، بم، انساني گوشت جا ٽڪرا،
رت، لاش، زخمي ماڻھو...
معصوم رابيل ۽ عليزا جو
اکيون ڇنڀڻ کان سواءِ
ٽي وي ڏسڻ
پُراسرار خوفزده،
تجسس واري لھجي ۾ پڇڻ ــ
”هي ڪھڙي فلم آ، جان جان ؟“
”هي فلم ناهي بابا،
ڪراچيءَ ۾ بم ڦاٽو آهي“
”بم.. ؟
بم ڇا هوندو آهي جان جان ؟“
ڪھڙو جواب ڏيانءِ راڻي...
” هي ماڻھو ڊڪن ڇو ٿا ؟
هنن کي ڪنھن ماريو آهي ؟“
”اِهي پاڻ ۾ وڙهيا آهن بابا“
”جان جان !
پوءِ وڏا انڪل بہ پاڻ ۾ وڙهندا آهن ؟“

گهوٽ ڪنوار

شاديءَ جو ڏينھن هو
سهاڳ جي رات هئي
سرهي سنوريل سيج تي
هڪ اجنبي عورت کي
ڪنوار جي روپ ۾ ڏٺم ته
مون کي پنھنجي محبوبا ياد اچي وئي
جنھن کي مان پنھنجي ڪنوار بنائڻ جا
سپنا ڏسندو هئس
۽ کيس ڏيکاريندو هوس
زندگيءَ جي مصلحت
يا جسماني جبلت
خبر ناهي تہ ڇا جي ڪري
مان هن ڏانھن وڌيس
کيس جيئن ئي ڇهيم
تہ هوءَ ڇرڪي پئي ۽ ڪنبي پئي
شايد هن کي به
پنھنجو ... ياد اچي ويو هجي
جنھن کي هُن پنھنجو گهوٽ بنائڻ جو
سپنو ڏٺو هجي !

اين جي او

اڳي مان شعر لکندو هيس
ڪھاڻيون، مقالا ۽ مضمون لکندو هيس
ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ ويندو هيس
”سنڌي ٻولي _ قومي ٻولي“ جا
پُرجوش نعرا هڻندو هيس
”سَن“ تہ شايد ئي ڪڏهن گُسايو هجي
مطالعا، بحث، ڪچھريون
مشاعرا، ادبي ميڙاڪا، سياسي جلسا
”فلاڻي ٻهڳُڻي شاعر سان شام“
”فلاڻي برک نامياري اديب دانشور جي
ڪتاب جي مھورت“...
اسان سڀئي ڪارڪن هوندا هئاسي
بنا معاوضي، چوويھہ ڪلاڪ ڪارڪن !
بس ڪارڪن...
وڏيون گاڏيون، وڏا بنگلا، وڏا ماڻھو
رڳو رستن تي ڏسندا هياسي
۽ هاڻي...
مان هڪ اين جي او ۾ پروگرام مينيجر آهيان
منھنجي آفس ۾ مون سان ملڻ لاءِ
ماڻھن جي قطار هوندي آهي
جن سان سندن وزٽنگ ڪارڊ موڪلڻ کان سواءِ
مان نہ ملندو آهيان
هاڻي مان منٽس آف ميٽنگ لکندو آهيان
ڊونرس لاءِ پروپوزلس ۽ رپورٽس لکندو آهيان
انگريزي بہ ڳالھائيندو آهيان
پريزنٽيشنز ڏيڻ جو ماهر آهيان
جن ۾ غريب ماڻھن جي غربت، بدحالي ۽ بيوسي
جا فوٽو هوندا آهن،
سوشل موبلائزيشن، وومين ايمپاورمينٽ،
سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ، پاورٽي رڊڪشن
جينڊر ايڪُئلٽي ۽ اهڙن ڪيترن جديد موضوعن تي
تي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ سيشنز وٺندو آهيان
ان لاءِ مون کي ايترا پئسا ملندا آهن
جنھن مان ڪنھن غريب شاعر جو ڪتاب ڇپجي وڃي
ثقافت کاتي ڏانھن واجهائيندڙ
ڪنھن مسڪين اديب جو علاج ٿي پئي
ڪڏهن ڪڏهن اخبارن پراڻن يارن جون
خبرون پڙهندو آهيان
سوچيندو آهيان : ”مار، اڃا لڳا پيا آهن، چريا !“
سنڌ، سنڌيت، قومي تحريڪ، ادب،
تاريخ، سنڌ ڪاز...
انھن سڀني شين کي مدي خارج سمجهندو آهيان
ان تي هاڻي ڳالھائڻ بہ وقت جو زيان سمجهندو آهيان
پروگرامن ۾ ويندو آهيان،
پر مينيُو ۽ وينيُو ڏسي پوءِ !
مان هاڻي ڪو مقالا نويس، ڪو مقرر،
ڪو شاعر ٻاعر ناهيان
مان هاڻي ڪنسلٽنٽ آهيان
رِسورس پرسن آهيان
مان هاڻي ترقي ڪئي آهي !
مان اين جي او ۾ ڪم ڪندو آهيان !

هائيڪا، ڏيڍ سِٽا، پنجڪڙا، ترائيل

---

هائيڪا

ڀاڳ يا اَڀاڳ !
اوڏڻ جي کاريءَ ۾،
سُرمو ۽ مُساڳ !

ٻار وهنجن ٿا !
شاخ لڳ ديويءَ تي،
ڪپڙا سُڪن ٿا !

ائين تنھنجي سار !
سوڪھڙي جي مند ۾،
جيئن ڌرتيءَ ۾ ڏار !

ائين تنھنجي سار !
جيئن اَڏيءَ تي تکي،
ڪاتيءَ سندي ڌار !

ائين تنھنجي سار !
رانديڪي جي ڳالھہ تان،
ڄڻ ڪو رٺل ٻار !

ائين تنھنجي سار !
جيئن شھيد جي تڌي
تي امڙ جا پار !

گُل نِکريا هِن !
مينھن سان ٿي ريج ويو،
کِرا ڀريا هِن !

کارو ڇنڊي ٿو !
مهاڻو وڪڻي مڇيون،
پيسا ڳڻي ٿو !

اندر ۾ آڙنگ !
مينھن وسندو، ٻوڙيندو،
خواهشن جو جهنگ !

روڊ ڄڻ درياھہ !
سارو حسن مينھن جو،
ٿي ويو تباھہ !

آيو جيءَ جهٻو !
منھنجي گاڏيءَ کي لڳي،
ڪبوتر مُئو !

بڻجي لانگهائو !
ڏٺم ٻار تُڙڳندا،
تارِ مِٺڙائو !

ڪاليجي هڪ نار !
بيھي بس اسٽاپ تي،
ڪري انتظار!

گوريون گُرگليون !
چانديءَ جي ويڻيءَ ۾،
ڪچ جون چُوڙيون !

ڪُلف ڪُنڊيءَ ۾ !
تون مڙهي ڇڏجانءِ،
مون کي مُنڊيءَ ۾ !

ائين نہ ڇوري ڀيل!
لپ ماپ اُرھہ ۽،
ڏيڍ گراٺ چيلھہ !

سج ڪَني ڪڍي !
مينھن ويو، ڀاڄيءَ واري،
ريڙهي آ ڪڍي !

يڪو مينھوڳي !
ڪڪر ڪڪر ٿي ويو،
جيئڙو جوڳي !

وري شڪارپور!
موٽي آيس ماڳ تي،
هانوَ ۾ هُرکُر!

رابيل، عليزا !
ڀيڻ! تنھنجي گهر ۾،
ٻہ مهڪندڙ گلڙا !

چتائي ڏسي:
”ڇا ٿا لکو جان جان؟“
ڀاڻيجي پڇي!

تنھنجا ڳاڙها ڳل !
ڏٺا چِٽي ڏينھن ۾،
وسريا ڦڳُڻ ڦُل !

پيرن کي ٿس ميندي !
وڃي ٿو ويھي رهانس،
هاڻي ڪاڏي ويندي !

ڇو رُٺين ڪِنا ؟
پرچائڻ کان پوءِ چيئين ؛
”ڪجانءِ نہ اڳنا !“

کِڙيو سانجهيئڙو!
دل جي جاري ۾ اُداس،
ٻريو ڏيئڙو!

ريل دري ــ منظر!
”ٽاٽا“ ڪندڙ ٻارڙا،
ٺري پيو اندر!

ٻنيون هي سايُون!
نٽھڻ اُس ۾، ڦٽيون،
چُونڊين ٿيون مايُون!

ڏيڍ سِٽا

تعبير ڀٽائيءَ جي!
هيءَ سنڌ سموري آ،
تصوير ڀٽائيءَ جي!

ڇا پيار وڃايا هِن !
ٽَڪي جي انا خاطر،
تو يار وڃايا هِن !

ڪر پنھنجي وسِ مون کي!
دنيا جو ناهيان مان،
دنيا کان کسِ مون کي!

مون کي سِڪ لڳي آهي!
تون دلِ وئي آن کڻي،
مون اک ڀڳي آهي!

يا مون تي پتِ ڪر تون!
اچ اوڏي ٿي مون کي،
يا دل کي ڌَتِ ڪر تون!

برسات ڀڄائي ٿي!
هي مينھن ڪڻيون نہ وڻيون،
تنھنجي ياد ستائي ٿي!

تنھنجو ئي ٿيندس مان!
هُو چيٽ ۾ چئي ويو هو:
”اَسوءَ ۾ ايندس مان“!

”رابيل عليزا“ ڀي !
جند جان، اکين تارا،
۽ هاڻي وري ”وريشا“ ڀي!

هر حال ۾ سچي هُئيئنءَ !
ٿي مون سان حساب ڪرين ؟
تون تہ ميٿ ۾ ڪچي هئيئنءَ !

ڪڪرن جون قطارون هِن!
هڪ مينھوڳي آهي،
ٻيو تنھنجون پچارون هن!

تڪرار ڪبو ناهي!
هڪ چانھہ ٻيو چميءَ کان،
انڪار ڪبو ناهي!

هيءَ ڪھڙي آ ڪايا؟
رت دانگيءَ تي نہ وري،
رشتا بہ ڪم نہ آيا!

هيءَ ڪھڙي آ ڪايا!
انسان لئہ سڀڪجهہ،
آ بڻجي وئي مايا!

ڏاهپ تہ نہ ڏَس مون کي،
وِجهہ ڌوڙ دليلن کي،
پرچاءِ تون بس مون کي!

ڇا دل کڻي وئي آن؟
منھنجي مٺڙي راڻي،
ڇو رُسڻي ٿي پئي آن!

سا رات بنا چنڊ جي!
مون ائين گذاري آ،
جيئن چانھہ بنا کنڊ جي!

ها ڪونہ ٻڌايا سي!
دُکندا ئي رهيا دل ۾،
اسان درد لڪايا سي!

ڪَرڪي پئي ڪونج پريان!
تنھنجي ياد ستايو آ،
هاءِ مان ڪيئن ڪريان!

اچ سرنھن ڦلاريو آ!
تو تانگهه ۾ پَيھي تي،
مون ڏينھن گذاريو آ!

اچ سرنھن ڦلاريو آ!
مون پارن ۾ توکي،
هڪ پل نہ وساريو آ!

اچ سرنھن ڦلاريو آ!
هن وِلھہ سياري ۾،
مون پاڻ اُٻاريو آ!

اچ سرنھن ڦلاريو آ!
هِن رُت ۾ توبن منَ،
مون ڪيئن گذاريو آ!

ٻوڙي وئي سڀ ٻوڏ !
ماروئڙن جي انگ تي
گنجي ۽ گوڏ !

پنجڪڙا

پاڻ وهم ۾ وٺجي ويا هون،
ڇا تہ ستارن ميلو آهي
پوءِ بہ چنڊ اڪيلو آهي
وسوسن ۾ منڊجي ويا هون
پاڻ وهم ۾ وٺجي ويا هون،

لفظ سوداوَ ۾ ٻُڏل آهن،
شاعري وِسوسا وڌائي ٿي!
ضبط کي ڄڻ تہ آزمائي ٿي،
درد ڪنھن گهاوَ ۾ ٻُڏل آهن!
لفظ سوداوَ ۾ ٻُڏل آهن!

مان اجايو ٿو وِسوسا پاليان
ڳالھہ دل جي نہ آ، ڀرم جي آ،
جيڪو پرچي نہ تنھن شرم جي آ
ڪيسين هن زندگيءَ سان جاليان،
مان اجايو ٿو وسوسا پاليان!

رات لاڪون لڳي آ بيتابي،
شام لاڪون رڳو اداسي آ!
دل ۾ اُڻ تُڻ الائي ڇاجي آ؟
عمرِ لاڪون آ هيءَ بيچيني،
رات لاڪون لڳي آ بيتابي!

جهنڊن جيان پوءِ روشنيون ڀي سُرخ ٿي ويون!
شھيد! تنھنجي خون سان جڏهن ٻريا ڏيئا!
۽ تيل وانگي رت سان اسان ڀريا ڏيئا،
پوءِ موسمون بہ مقتلن جي شام تي پيون!
جهنڊن جيان پوءِ روشنيون ڀي سُرخ ٿي ويون!

پنجڪڙونظم

منھنجون پِنبڻيون پُسيون مان ٿو مرڪي ڏيان!
پنھنجي اڳلي پراڻي ڏٺي ڊائري
توکي ارپيل ۽ توتي ڪيل شاعري
پوءِ ماضيءَ جا ترورا ٿو ڏسان
منھنجون پِنبڻيون پُسيون مان ٿو مرڪي ڏيان !

منھنجون پِنبڻيون پسيون مان ٿو مرڪي ڏيان!
آ نما شام ٿي ۽ جهڙالي بہ ٿي،
پل ۾ مرڪيا چپ، اک آلي بہ ٿي،
مان اڃايل چپن کي ٿو سُرڪي ڏيان!
منھنجون پِنبڻيون پسيون مان ٿو مرڪي ڏيان!

منھنجون پِنبڻيون پسيون مان ٿو مرڪي ڏيان!
سنڌ ورسٽيءَ ۾ وڻ تي ٻہ نالا ڏٺا،
پوءِ پنھنجا ئي مون نيڻ آلا ڏٺا،
پاڻ کان ٿو پڇان ” هاڻ ڪيئن ٿو جيئان“!
منھنجون پِنبڻيون پسيون مان ٿو مرڪي ڏيان!

منھنجون پِنبڻيون پُسيون مان ٿو مرڪي ڏيان!
ياد آيو اُمالڪ اُهو پل پرين،
مون چپن جي اڳيان تنھنجو هو ڳل پرين،
ننڍڙي ٿڦڪي هڻي تو چيو ”هل ڪِنا !“
منھنجون پِنبڻيون پسيون مان ٿو مرڪي ڏيان!

منھنجون پِنبڻيون پسيون مان ٿو مرڪي ڏيان!
تنھنجي ٻانھن جي راهُن ۾ ڀٽڪيو هيس،
تنھنجي زلفن جي ڪُلفن ۾ اٽڪيو هيس،
چيچ ۾ چڪ پائي ٿو موٽي اچان!
منھنجون پِنبڻيون پسيون مان ٿو مرڪي ڏيان!

منھنجون پِنبڻيون پسيون مان ٿو مرڪي ڏيان!
منھنجي وارن ۾ وکريون تنھنجون آڱريون،
تنھنجي ويڻيءَ جي گجري ۾ منھنجون اکيون،
تنھنجي جهوليءَ ۾ ڪيئن ننڊ ٿو ڪيان!
منھنجون پِنبڻيون پسيون مان ٿو مرڪي ڏيان!

ترائيل

اسان ماٺ جي ڪاٺ ۾ يارَ آهيون،
ڪُڇون ڪيئن يارو! ڀلا ڪيئن ڳالھايون ؟
اسان گوڙ جي لئہ وڏي گار آهيون !
اسان ماٺ جي ڪاٺ ۾ يارَ آهيون!

اسان مصلحت جي ڪا ماٺار آهيون،
اسان گُنگنايون تہ ڪيئن گُنگنايون!
اسان ماٺ جي ڪاٺ ۾ يارَ آهيون!
ڪُڇون ڪيئن يارو! ڀلا ڪيئن ڳالھايون؟



اسان وقت جي واڳ ناهيون تہ ڇا؟
اسان اسان عشق جي آڳ آهيون پرين!
اسان نينھن جو ماڳ ناهيون تہ ڇا؟
اسان وقت جي واڳ ناهيون تہ ڇا!

اسان جوڳ جي جاڳ ناهيون تہ ڇا؟
اسان ڀوُنءِ جو ڀاڳ آهيون پرين!
اسان وقت جي واڳ ناهيون تہ ڇا؟
اسان عشق جي آڳ آهيون پرين!


اسان جا خواب ڀٽڪيل قافلن وانگي ٿڪيل آهن!
اسان جي ڏيھہ ڏکويل ۾ دُکن جون دلبريون آهن!
اسان جي گهگه اوندھہ ۾ لڪيل ڪي روشنيون آهن،
اسان جا خواب ڀٽڪيل قافلن وانگي ٿڪيل آهن!

اسان جي عاشقي ڪنھن ڄڻ تہ ڇوري ٻار جو ننڍپڻ،
اسان جون خواهشون ڀي ڄڻ انڌن جون آرسيون آهن!
اسان جا خواب ڀٽڪيل قافلن وانگي ٿڪيل آهن!
اسان جي ڏيھہ ڏکويل ۾ دُکن جون دلبريون آهن!



تون جڏهن هنج ۾ آهِلي هُئينءَ، تڏهن!
شعر منھنجا صنم! مور جا پرَ هُيا!
روئندي روئندي اچانڪ کِلي هئينءَ جڏهن،
تون جڏهن هنج ۾ آهِلي هُئينءَ، تڏهن!

ڀاڪرن ۾ ڀيڪوڙي ملي هئين جڏهن،
لفظ الھڙ جوانيءَ جا ڪَرَ هيا!
تون جڏهن هنج ۾ آهِلي هُئينءَ، تڏهن!
شعر منھنجا صنم! مور جا پرَ هُيا!


وري دستڪ ٿي يادن جي، وري دَر دل سندا کڙڪيا!
وري ساروڻيون سُلگيون، وري اکڙين ۾ لرزش ٿي!
ٻَري سِگري وري تَن ۾ هڏا ٽانڊن جيان ٽڙڪيا،
وري دستڪ ٿي يادن جي، وري دَر دل سندا کڙڪيا!

سُتل جذبا وري وِڦليا، وري اُٿليا، وري ڀڙڪيا،
اوهان جي دل لڳي ٿي ۽ اسان جي آزمائش ٿي!
وري دستڪ ٿي يادن جي، وري دَر دل سندا کڙڪيا!
وري ساروڻيون سُلگيون، وري اکڙين ۾ لرزش ٿي!


لفظ نہ آهن ڪوئلا، جو هٿ سيڪجن!
شعر نہ آهن هيرا جن سان خودڪشي ڪجي!
نيڻ ناهن ميڻ جن سان روشني ڪجي،
لفظ نہ آهن ڪوئلا، جو هٿ سيڪجن!

گيت نہ آهن ميت، جيڪي هنج آهلن،
بيت نہ آهن کيت، جن سان پيٽ جي ڪجي!
لفظ نہ آهن ڪوئلا، جو هٿ سيڪجن
شعر نہ آهن هيرا جن سان خودڪشي ڪجي!



اذيّت آ لذت واري، عجب جي زندگي آهي!
قھر جا ڪَرب ڀي آهن، بلا جا سُور ڀي آهن!
انوکي ڪشمڪش آهي، غضب جي دلڪشي آهي
اذيّت آ لذت واري، عجب جي زندگي آهي!

آ وِھہ جھڙي مگر وڻندڙ، هي ڪھڙي چاشني آهي؟
حياتي سُور ڀي آهن، پرينءَ جا پُور ڀي آهن
اذيّت آ لذت واري، عجب جي زندگي آهي!
قھر جا ڪَرب ڀي آهن، بلا جا سُور ڀي آهن!



هُو اندر ۾ ئي جِهڄندو ڇِڄندو هو،
ها بھرحال ! مُونجهہ ماري ويو!
نِراس رات جي تنھائي ۾ روئندو هو،
هُو اندر ۾ ئي جِهڄندو ڇِڄندو هو!

اُداس شام ۾ بيتاب نظم لکندو هو،
زبير شاعرِ جذبات هو، گذاري ويو!
هُو اندر ۾ ئي جِهڄندو ڇِڄندو هو،
ها بھرحال ! مُونجهہ ماري ويو!



آهي ڪنوارپ ڪامنا جي پياس ۾!
قرب جو آ ڪَربُ ڀي مـٺو سکي!
جيءُ جوڀن واسنا جو جي واس ۾،
آهي ڪنوارپ ڪامنا جي پياس ۾!

روح رچجي ويو عجب احساس ۾،
انگ انگ ۾ باھہ مٺڙي آ بَکي!
آهي ڪنوارپ ڪامنا جي پياس ۾!
قرب جو آ ڪَربُ ڀي مـٺو سکي!




دڳن جي ڌوڙ نہ آ، جو تڪڙ ۾ ڌوئي وٺون!
ستم جا درد ڏکيا هن، صديون لڳي وينديون!
هٿن جي ميندي نہ آهي، جو ڌوئي لاهي ڇڏيون،
دڳن جي ڌوڙ نہ آ، جو تڪڙ ۾ ڌوئي وٺون!

رِلھي جي موت نہ مئا هئا، جو رسمي روئي اُٿون،
اسان جا گهوٽ ڪُٺا هن، صديون لڳي وينديون!
دڳن جي ڌوڙ نہ آ، جو تڪڙ ۾ ڌوئي وٺون!
ستم جا درد ڏکيا هن، صديون لڳي وينديون!



سِٽَ آ، يا سنھي ڇوڪريءَ جو بدن!
شاعريءَ لاءِ اُتساھہ ڏي ٿو مون کي!
سانوري سانجهہ ۾ڪنھن نديءَ جو بدن،
۽ پَلن جي هٿن ۾ صديءَ جو بدن!

لفظ جي هنج ۾ شاعري جو بدن!
ڄڻ تہ واڪا ڪري ٿو سڏي ٿو مون کي!
چنڊ ڀاڪر ۾ آ چاندنيءَ جو بدن،
سِٽَ آ، يا سنھي ڇوڪريءَ جو بدن!



ڊسمبر جون ڊگهيون راتيون - وڇوڙو، وِلھہ، تنھائي!
وري ساروڻيون سُلگيون، وري نيڻن ۾ لرزش ٿي!
هي يادن جي نوازش ٿي، يا موسم جي ڪا سازش ٿي!
ڊسمبر جون ڊگهيون راتيون - وڇوڙو، وِلھہ، تنھائي!

تڙپ، پيڙا، غضب قھري، سهپ صحرا، نراسائي،
اوهان جوطلسمي جوڀن، اسان جي آزمائش ٿي!
ڊسمبر جون ڊگهيون راتيون - وڇوڙو، وِلھہ، تنھائي!
وري ساروڻيون سُلگيون، وري نيڻن ۾ لرزش ٿي!



نہ تون سيتا نہ مان ڪو رام، پوءِ بنواس ڇو ڀوڳيون!
مگر مَن، بنَ بِرندا جو، الائي ڪيئن بڻجي ويو؟
اِهو پيڙاءُ ڇو پاليون، اِهو احساس ڇو ڀوڳيون؟
نہ تون سيتا نہ مان ڪو رام، پوءِ بنواس ڇو ڀوڳيون!

زُليخا تون نہ مان يوسف، پوءِ ساڳي آس ڇو ڀوڳيون؟
تماشو پيار دنيا لئه، الائي ڪيئن بڻجي ويو!
نہ تون سيتا نہ مان ڪو رام، پوءِ بنواس ڇو ڀوڳيون!
مگر مَن، بنَ بِرندا جو، الائي ڪيئن بڻجي ويو؟