سائنس، علم ۽ رسالا

بھتر زندگيءَ لاءِ بائيو گئس ۽ زراعت

بائيو گئس هڪ اهڙو جادوئي عمل آهي، جيڪو قدرت جو وڏو تحفو آهي. قطب لغاري صاحب کي فلڪيات، ارضيات، شجرڪاري حيوانات بلڪہ مخلوق خدا جي فلاح بھبود، نشونما، فائدا ۽ گهاٽا بابت سٺي ڄاڻ آهي. ھي ڪتاب پڙھڻ سان پڙھندڙ کي ڇيڻي سميت گهرن ۾ ٿيندڙ روزمرهہ جي فالتو ڪچري ۽ گندي پاڻي جي ڪارائتي استعمال، يعني بايو گئس ۾ تبديل ڪري، سستو ٻارڻ حاصل ڪرڻ جي بہ خبر پوندي تہ ان سان جهجهو ناڻو پڻ بچائي سگهبو. ڪتاب ۾ با.يو گئس جي ڄاڻ ۽ فائدا، پلانٽ لڳائڻ جا طريقا، زمين کي سڌارڻ جا طريقا، بائيو فرٽيلائيزر جي استعمال سميت ٻيا مضمون شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 37
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book بھتر زندگيءَ لاءِ بائيو گئس ۽ زراعت

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران قطب لدين لغاريءَ جو لکيل ڪتاب ”بھتر زندگيءَ لاءِ بائيو گئس ۽ زراعت“  اوهان اڳيان حاضر آهي، جنھن جو سھيڙيندڙ مير بلوچ آھي.  
بائيو گئس هڪ اهڙو جادوئي عمل آهي، جيڪو قدرت جو وڏو تحفو آهي. قطب لغاري صاحب کي فلڪيات، ارضيات، شجرڪاري حيوانات بلڪہ مخلوق خدا جي فلاح بھبود، نشونما، فائدا ۽ گهاٽا بابت سٺي ڄاڻ آهي. ھي ڪتاب پڙھڻ سان پڙھندڙ کي ڇيڻي سميت گهرن ۾ ٿيندڙ روزمرهہ جي فالتو ڪچري ۽ گندي پاڻي جي ڪارائتي استعمال، يعني بايو گئس ۾ تبديل ڪري، سستو ٻارڻ حاصل ڪرڻ جي بہ خبر پوندي تہ ان سان جهجهو ناڻو پڻ بچائي سگهبو. ڪتاب ۾ با.يو گئس جي ڄاڻ ۽ فائدا، پلانٽ لڳائڻ جا طريقا، زمين کي سڌارڻ جا طريقا، بائيو فرٽيلائيزر جي استعمال سميت ٻيا مضمون شامل آھن.
هي ڪتاب ساحل پبلڪيشن، حيدرآباد پاران 2024ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون مور ساگر جا، جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

حق ۽ واسطا

ساحل پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر ٻاهٺ هون

ڪتاب جو نالو: بھتر زندگيءَ لاءِ بائيو گئس ۽ زراعت
موضوع : تحقيق
ليکڪ: قطب الدين لغاري
سھيڙيندڙ: مير بلوچ
لي آئوٽ ڊزائن: مور ساگر
ڪمپوزنگ: نعمان جوڻيجو
ڇپائيندڙ: ساحل پبليڪيشن حيدرآباد
ڇپيندڙ: ساحل پرنٽر، رابعہ اسڪوائر حيدرآباد
3002634650


ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2024ع

قيمت: -/400 روپيا

ارپنا

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
دوست تون دِلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
(شاھہ)
پياري بابا حاجي سعيد خان،
جيجل امان ۽ جيجي امان
جي نانءٌ
جن پنھنجي هٿن سان چَڪي هلائي سوَين شاگردن، اُستادن ۽ مسافرن کي پچائي کارايو
۽ اسانکي سچائي ۽ محنت سيکاري.
ﷲ تعاليٰ کين جنت ۾ جايون ڏي.

آمين

قطب الدين لغاري

جت نھايت نانھہ ڪا!.

اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،
پلئہ پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.

بدقسمتي سان اسانجي معاشري ۾ Tallent ۽ Skill جو ڪو قدر ناهي، پنن ۽ ڪوڙين ڊگرين جو قدر آهي. ڪيئي ماڻھو ذھن ۾ ذهانت جون انڊلٺون سجائي، بيقدري سماج اڳيان چُپ جي چوواٽي تي بيٺا آهن ۽ اهڙي هڪ عظيم ۽ ذهانت جي اکنڊ دريا کي آئون سڃاڻان ٿو، جنھن سڄي حياتي جُستجو جي پنڌ کي پاتو، ڏکيائين جا ڏونگر لتاڙيا. ھي ٻہ اکر لکڻ تائين سندس آخري ڪوشش، ڪتاب جو هي پورهيو عوام جي هٿن ۾ آھي. هي بھترين Agricultural research جي مختصر ڪاوش، اُميد تہ نوجوان نسل ۽ Research ڪندڙن لاءِ لاڀائتو هوندو ۽ ماما جي تديبرن تي جيڪڏھن عمل ٿئي، تہ ڳوٺن جون تقديرون بہ بدلجي وڃن.
ماما قطب الدين کي اسان ننڍي هوندي کان ئي ٽيڪنيڪل شين سان واڳيل ڏٺو ۽ اڄ اها جهلڪ پنھنجي پٽ ملوڪ ۾ ٿو ڏسان. جنھن کي ماما ريڊيو ٺاهڻ بابت سمجهايو پئي. ڳوٺ ۾ هڪ خوبصورت ۽ دنيا جي منفرد گلن ٻوٽن سان سينگاريل اوطاق ۾ ٺاهيل سرسبز پارڪ ۽ مک دروازي تي لڳل انٽرڪام، جيڪا ان وقت صرف ڪراچي جي ڪنھن پوش علائقي ۾ لڳل هوندي هئي، اها بہ ننڍپڻ ۾ ماما جي اوطاق ۾ ڏِٺي. اسڪول جو ماهوار وزٽ ڪرڻ ۽ شاگردن کان سوال پُڇڻ ۽ انعام ڏيڻ، استادن جي رسيس جي چانھہ، سڀ سندس ذميواريون هيون. اسڪول ۾ ڪرڪيٽ راند جا ساليانا مقابلا ڪرائڻ ۽ بھتر راند ڪندڙ کي موقعي تي ڪيش انعام ڏيئي حوصلي افزائي، سندن شخصيت ۾ شامل هئي، جيڪا اڄ بہ اٿن. ڳوٺ واري اوطاق کان ٻني واري اوطاق تائين، سنگل تار وسيلي فون لائن لڳائي، هر لمحي معلومات وٺڻ، سندس ٽيڪنيڪل دماغ جي ڪري ممڪن بڻي. ٻني ۾ ميون جا وڻ بہ سندس ڪاميابي آهي. اسي واري ڏھاڪي ۾ اسان جي ڳوٺ جي ڇھن گهرن ۾ بائيو گئس جا پلانٽ لڳا. جنھن ۾ اسانجو گهر بہ شامل هو. ماما سان جڏھن ڪتاب لکڻ بابت ڳالھہ ٿي، تہ ماما ٻُڌايو تہ ڪتاب جا چند پنا بچيا آهن، پر ڪمزوري سبب مڪمل نٿو ڪري سگهان ۽ ڪتاب ڪير ڇپرائي ڪمپوز ڪري اهو بہ ڏکيو آھي. مون کيس آٿت ڏني تہ ماما اوهان ڪتاب لکي مڪمل ڪريو، باقي ڪمپوز ڪرائي ڇپرائي آئون ٿو ڏيان. اوهان صرف خرچ ڏجو ۽ ايئن دير سھي، پر اڄ ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي. اميد تہ ايندڙ نسل ۽ اسان لاءِ فائديمند هوندو. ماما جي مانُ ۾ لطيف جي ھن بيت جو سھارو سڦل ٿو ڀانيا:
پاسا مٿي پاهڻين، کاهوڙي کوڙين،
ويا تت ووڙين، جت نھايت نانھہ ڪا.

دعاڳو
ميربلوچ

پنھنجي طرفان

عمر جا 75 سال گذرڻ کانپوءِ خيال ٿيو تہ ڪجهہ لکجي، مگر آءٌ ايترو اهم تہ آهيان ڪونہ، بھرحال پوءِ بہ دل چيو تہ ڪجهہ لکجي. لکڻ جي ڪجهہ عادت سائين محمد حيات ڪاڪا استاد محترم جا ڪجهہ ڪتاب ايڊٽ ڪرڻ سان ٿي وئي. پڙهڻ جي عادت مرحوم ڀاءُ محمد سليمان لغاري، گهر ۾ ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون آڻي، سوين ڪتابن جو مطالعو ڪرايو. ريڊيو بہ ياداشت کان وٺي گڏ آهي.
زندگيءَ ۾ ڪو اهم ڪم ڪري ڪونہ سگهيس پر جيڪي خيال ۾ آيو سو ڪيم. مثلاََ دوڪان، ريڊيو، TV مڪينڪ ۽ بجلي جو ڪم. 1972ع ۾ بابا جي وفات کانپوءِ زمينداري زور سان ڪيم، پر سائين مرتضيٰ شاھہ ڏاڏاهي جي بقول!
دشمنن جي ناهي پرواھہ، دوستن ماري وڌو،
گهڻ گهرن جو ويس پائي من گهرين ماري وڌو.

بحرحال ٽريڪٽر گاڏيون، موٽر سائيڪل وغيرہ ٻھراڙي جي ڪري پاڻ ٺاهيندو هوس. هن ڪتاب لکڻ جو سبب اهو آهي جو، جنھن ماحول ۾ اسان رهون پيا، انھيءَ کي خراب بہ اسان پيا ڪريون. يعني جنھن دنيا ۾ اسان رهون پيا، انھيءَ کي تباھہ پيا ڪريون. هاڻي انھيءَ کي وري صحيح ڪرڻ بہ هن دنيا جي ماڻھن جو ڪم آهي. ٻيو ڪوبہ ڪونہ ايندو. اهو سوچي 45 سال جي تجربن کي سوچيم، تہ بائيو گئس هڪ اهڙو جادوئي عمل آهي، جيڪو قدرت جو وڏو تحفو آهي، انھي تي لکان. ڪوشش ڪيم، بلڪہ آرزو ڪيم، سڄي سنڌ بلڪہ پاڪستان ۾ پلانٽ گهر گهر لڳن. بجلي گهرن ۾ لڳن، تہ ملڪ قرضن کان بچي، اوڌر جي مصيبت کان بچي ماحول صاف ٿئي، وڻ وڍجڻ کان بچن. کير وڌي. گوشت وڌي. گهريلو عورتون دونھن ۽ TB کان بچن. زرعي، صنعتي شيون مفت ۾ ملن. ڪيميائي ڀاڻ جي جاءِ تي سٺو آرگينڪ ڀاڻ مفت ۾ ملي. جنھن سان بيمارين کان محفوظ فصل، زمينون ڀليون، فروٽ ۽ اناج اصلي قدرتي ذائقن ۽ رنگن ۾ ملن تہ جيئن عوام جي صحت صحيح رهي. هي ڪتاب لکڻ جو مطلب ادب جي خدمت نہ، بلڪہ دل جي خواهش آهي، تہ من ڪو هن کي پڙهي فائدو وٺندو. ﷲ ۾ اميد آهي تہ جتي دنيا مان توانائي جا ذخيرا ختم ٿي رهيا آهن. اتي هن ناچيز جي ننڍڙي ڪوشش شايد ڪنھن کي اسان جي ياد ڏياري. هونءَ بہ هاڻ هن عمر ۾ هلي نٿا سگهون. جن دوستن مون تي اعتبار ڪري پلانٽ لڳرايا يا همٿ افزائي ڪئي، انھن جو آئون شڪر گذار آهيان. ڪجهہ نالا لکان ٿو.
حاجي محمد حسن راڄڙ (ميرپورخاص)
حاجي فضل ميمڻ، مصري فارم (ميرپورخاص)
حاجي چڪي وارو، فروٽ منڊي (ميرپورخاص)
مرحوم عبدالستار پنھور (ميرپورخاص)
محمد يونس پنھور (ميرپورخاص)
راڻا محمد علي ADV (ميرپورخاص)
حاجي بشير جي جهڳي (ميرپورخاص)
حاجي محمد سليم راڻا (ميرواھہ گورچاڻي)
حاجي خالد راڻا (ميرواھہ گورچاڻي)
حاجي محمد صالح (ميرواھہ گورچاڻي)
حاجي نظير، ڳوٺ چوهدري غلام محمد (ميرواھہ گورچاڻي)
حاجي عبدالغفار خاصخيلي (10 ميل موري KGM)
محمد هاشم ڀرڳڙي (10 ميل موري KGM)
لياقت آرائين، بادل شاھہ (ميرواھہ گورچاڻي)
اشفاق آرائين، بادل شاھہ (ميرواھہ گورچاڻي)
اشتياق آرائين، بادل شاھہ (ميرواھہ گورچاڻي)
محمد شريف وساڻ (جمڙائو، ميرپورخاص)
ڪرم علي وساڻ لڳ بڪيرا (ٽنڊو الھيار)
حاجي علي محمد شاھہ نور شاھہ (ميرواھہ گورچاڻي)
امام بخش رند، ڳوٺ مير غلام علي ٽالپر (ميرواھہ گورچاڻي)
عبدالرحيم ڪاڇيلو (ڪاڇيلو فروٽ فارم)
حميدﷲ ڪاڇيلو (مرحوم) (ڪاڇيلو فروٽ فارم)
حاجي نور احمد ڀرڳڙي( KGM)
حاجي حبيب ﷲ ڀرڳڙي (KGM)
حاجي خالد ڀرڳڙي قاسم ڀرڳڙي (KGM)
ماستر انور ميئو، ڊينگاڻ دستي (KGM)
مرحوم يونس خان قائم خاني (KGM)
مرحوم سردار غلام مصطفيٰ خاصخيلي (سامارو)
سيد ابو شاھہ لڪياري (بچاءُ بند، سامارو)
نور نبي جٽ (ٽنڊو جان محمد)
سيٺ مدن، مھراڻ شيرين (ٽنڊو جان محمد)
پير بخش سومرو، العباس شگر مل (نئون ڪوٽ)
نذير گرگيج، نفيس نگر (نئون ڪوٽ)
قادر نظاماڻي (ڪڙيو گنھور، بدين)
حاجي محمد علي ۽ حاجي محمد حسن سمون (ڪڙيو گنھور، بدين)
شير محمد ارباب ڀوت (ونگو سٽي، بدين)
عبدالجبار ڇڇر، ميوو ڇڇر (سعيد آباد)
حاجي افضل شاھہ (ٽنڊو الھيار)
حاجي محمد عمر لغاري، علڻ لغاري (ٽنڊوالھيار)
حاجي بابو, ڳوٺ قاضي نور محمد (ٽنڊو الھيار)
قاضي ايوب, چيف ايڊيٽر (ڪاوش اخبار)
ايس ايس آئي (SSI) اسڪول راشد آباد (ٽنڊو الھيار)
افضل شاھہ (ٽنڊو الھيار)
غفار ڇڇر، ڳوٺ ميوو ڇڇر (سعيد آباد)
ماستر علي احمد خاصخيلي، ڳوٺ وريام خاصخيلي لڳ واگهريجي (ڪوٽ غلام محمد).
افتخار کوکر، لڳ ٻٽيھون ميل موري (ٽنڊو الھيار)
قاري عبدالمجيد ڪمبوه (ماتلي، بدين)
رئيس خالد رند (نصرپور)
مرحوم عبدالستار دائود پوٽو (نصرپور)
حاجي خير محمد کوکر (ٽنڊو الھيار)
پٺاڻ فارم، ريچل (ٽنڊو الھيار)
سردار يار محمد لاشاري، ريچل (ٽنڊوالھيار)
نواب طارق لغاري، تاج پور، سپر مدينہ هوٽل (ٽنڊو الھيار)
مرحوم حاجي قائم ٿيٻو ڳوٺ (ڪوٽ غلام محمد)
حاجي علي محمد ٿيٻو ڳوٺ (ڊگهڙي)
حاجي گل محمد ٿيٻو ڳوٺ (ڊگهڙي)
قادري برفت اڪرو (ڄامشورو)
حاجي خورشيد، سوغات شيرين، گدو چوڪ (لطيف آباد حيدرآباد)
حاجي محمد اڪبر لغاري، سعيد خان لغاري (KGM)
جان محمد لغاري، سعيد خان لغاري (KGM)
محمد مٺل جسڪاڻي، زرعي يونيورسٽي (ٽنڊو ڄام)
آئون سڀني جو ٿورائتو آهيان. خاص طور ليفٽننٽ ڪرنل اقبال صاحب ۽ ايئر ڪموڊور پرنسپال صاحب، انھن مون سان ڪم جي حوالي سان خاص تعاون ڪيو ۽ ڪم ۾ مزو آيو.
اِهي تہ اُهي مھربان آهن، جيڪي ذهن تي آهن. ورنہ 75 سال گذاري 42 سالن جون يادگيريون ڪٿي رهي سگهن ٿيون. آخر ۾ آءٌ انھن مھربانن کي ضرور ياد ڪندس، جن مونکي تمام گهڻو پيار ڏنو. جن ۾ ڀاءُ ڊاڪٽر لعل خان لغاري ۽ پُٽ انجنيئر صلاح الدين لغاري، مونکي پيءَ وانگر پيري ۾ سنڀالين ٿا ۽ ڀاءُ ڊاڪٽر حاجي اڪبر لغاري ۽ حاجي ڊاڪٽر شاهنواز لغاري بہ ڏاڍو خيال رکن ٿا. ڀائٽو انجنيئر همايون بہ ڏاڍي همٿ افزائي ڪندو هو ۽ هينئر دبئي ۾ آهي. پٽ ذوالفقار، بائيو ڀاڻ جو عاشق آهي، خود کڻي ٿو.
هتي ڪاڇيلو فيملي جو ذڪر ضرور ڪندس. عبدالصمد ڪاڇيلو سنڌ ۾ ميرپورخاص فروٽ فارم کانپوءِ هندوستان مان چڪيون گهرائي باغ لڳايو. اوڙي پاڙي وارن کي چوندو هو تہ باغ لڳايو، تہ جون ۾ ڍل ڏيئي سگهبو. اسانجي والد صاحب بہ سندن مھرباني سان 50 ايڪڙ قلمي باغ لڳايو، انھي کانپوءِ سندن فرزند محمد رفيع، محمد رفيق ۽ جاويد ڪاڇيلو فارم سنڀاليو. بلڪہ رفيع صاحب آل هو. هن فارم کي 300 ايڪڙ مان 2000 ايڪڙ تي رسايو. 300 جنسون انبن ۽ ٻين ميون جون لڳايون زمين بہ 4000 ايڪڙ تائين وڌائي هڪ جديد فارم بڻايو. مون تي تمام گهڻو مھربان هو ۽ مون کانئن گهڻو ڪجهہ سکيو. سندن فرزند فيصل ڪاڇيلو تمام سٺو زميندار آهي ۽ پيءَ وانگر لائق آهي. مون تي گهڻو مھربان آهي. ﷲ هن فيملي تي پنھنجا ڪرم جاري رکي، آمين.
آخر ۾ ڪجهہ مھربانن جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان.
پھريون سيد مشتاق شاھہ، سابق آءِ جي پوليس جو ذڪر ڪندس. پاڻ پلانٽ بہ لڳرايائون، ڏاڍي عزت ڏنائون. اڏيري لعل فارم ۾ سندن ايڪڙن ۾ پارڪ ۽ بنگلا آهن، ﷲ کين آباد رکي.
ٻيو ذڪر جناب جاويد اوڍو DIG جو ڪندس. حاجي فضل ميمڻ، مصري فارم واري جي معرفت ملاقات ٿي ۽ سائين تہ اسان کي خريد ڪري ڇڏيو. پنھنجي ڳوٺ تاجو ديرو، جيڪب آباد وٺي ويا ۽ اُتي اٽڪل هڪ هفتو رهائي، محبت جا موتي نڇاور ڪيائون. سندن ڀائرن بہ ڪا ڪثر ڪانہ ڇڏي. پراڻا محل گهمايائون، جنھن ۾ بنا بجلي جا فرج ۽ پکا، 5 فوٽ جون ديوارون، ڪچھري لاءِ جڳھيون، مطلب تہ وڏن خاندانن جون پراڻيون رهڻيون ڪھڻيون مونکي اتي سمجهہ ۾ آيون. آخر ۾ چيائون تہ پاڻ انڊس هاءِ وي تان آيا هئاسين، توکي نئون رستو ڏيکاريان، پوءِ خيرپور ميرس کان نارا ڪئنال، منڍ جمڙائو، سخي ڄام ڏاتار، نواب شاھہ کان وري ميرپورخاص کان ڳوٺ ڇڏي ويا. آئون سندن محبت جو احسان لاهي بہ نہ ٿو سگهان، ﷲ کين شاد ۽ آباد رکي.
ٽيون ذڪر سابق انسپڪٽر پوليس حاجي اڪبر بجير جو ڪندس. جيڪو ننڍي هوندي اسانجي ڳوٺ ۾ پليو ۽ پڙهيو. انھي ڪري ساڻس ڀائرن وارو تعلق آهي. پاڻ هاڻ مٺي ۾ رهي ٿو. برساتن ۾ کنڀيون ۽ چپڙ جون ٽوڪريون کڻي ايندو آهي. هر روز فون ڪري حال معلوم ڪندو آهي. اسان بہ مٺي وڃي ساڻس ڪچھري ڪرڻ ۾ ڪثر ڪونہ ڇڏي پر هاڻ رهجي وياسين. هن ڪتاب لکڻ جي صلاح بہ سندن آهي. پاڻ بہ شاعري ڪن ٿا ۽ ڪافي ڪتاب ڇپائي چڪا آهن. زندگي ۾ سوين ڪتاب ادب، ناول، تاريخ، فلسفه، مولانا رومي، سعدي، قرآن ڪريم جا تفسير پڙهياسين، پر لکڻ ڪونہ آيو ۽ نہ شاعري.
حاجي صاحب جي مشوري کي دل تي رکي سوچيم، تہ ڇا لکان؟ پوءِ قلم کنيم تہ بائيو گئس تي لکڻ مناسب سمجهم. ادب، شاعري لکڻ وارا لکين آهن. هي موضوع ضروريات زندگي جو آهي، جتي قدرت جون مھربانيون بيدردي سان ضايع ٿين پيون. وڻ وڍي زمين اگهاڙي ڪجي پئي. گند ڪچري سان گنديون گئسون، هوا ۾ ملائي، فصلن جي باقيات ساڙي، ڪارخانن ۽ گاڏين جو دونھون، جنھن جو حصو ٿيندو وڃي. بمن، راڪيٽن ۽ جھازن جو ڪيميائي دز انسان ذات جي تباهي لاءِ وڌندو وڃي. اتي جي ڪڏهن ڪير نٿو سوچي، تہ هو پاڻ بہ خود ڪشي پيو ڪري، تہ دنيا جي تباهي ۾ بہ ڀاڱي ڀائيوار آهي.
آئون حاجي اڪبر بجير جو ٿورائتو آهيان، جنھن لکڻ لاءِ ۽ ڇپائي ڏيڻ جو واعدو ڪيو.
سائين حاجي خير محمد کوکر، رئيس محمد عمر لغاري، قاضي ايوب، محمد علي سمون، قاري عبدالمجيد ڪمبوهہ، حاجي محمد حسن راڄڙ، حاجي فضل ميمڻ، رانا محمد علي شاھہ ۽ ٻين سڀني جو آئون تھہ دل سان شڪر گذار آهيان. هي اُهي نالا آهن، جن جا پلانٽ 2007ع کانپوءِ ڊوم ٽائپ لڳايا، باقي انھيءَ کان اڳ ڊرم ٽائپ ڪونہ لکيا اٿم، جو اهي هاڻ فيل ٿي ويا آهن. جيڪي نالا ياد آيا، سي لکيا اٿم. اُميد تہ قارئين جو ڪونہ ڪو واقف هوندو ۽ ملي احوال وٺي سگهي ٿو. دل ۾ تمنا اٿم تہ جيئن هندستان ۾ ڪانگريس حڪومت هر سال هڪ ڪروڙ پلانٽ مفت ۾ لڳائي گئس جو مسئلو حل ڪيو ۽ ٻاهريون ناڻو بچايو، اهڙي طرح ﷲ اسان جي ملڪ ۾ ڪو مرد مجاهد پيدا ڪري، جيڪو هن ملڪ جي شھرن جي گٽر، ڪچري ۽ گوبر (ڇيڻي) مان بجلي گهر، ريلون، ڪارخانا ۽ چُلھا ٻاري. جيئن برطانيا، جرمني، انڊيا، نيپال وغيرہ ۾ ٿئي پيو، آمين. اگر اهي شيون صاحب لوڪن کي سمجهہ ۾ اچي وڃن ۽ ٿورو بہ مُلڪ جي خير خواهي جو خيال ڪندا، تہ پاڪستان قيامت تائين گئس ۽ بجلي ۾ خود ڪفيل ٿي ويندو. باقي قدرت جي نعمتن کي بيدردي سان، عياشين ۾ لٽائي، سواءِ تباهي جي ٻيو ڪجهہ ڪونہ ملندو.
ﷲ شل اسان کي سڌو رستو ڏيکاري ۽ ملڪ کي آباد ڪري.
سائينم! سدائين، ڪريم مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا! دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.


قطب الدين لغاري
ڳوٺ حاجي سعيد خان لغاري
تعلقہ ڪوٽ غلام محمد،
ضلع ميرپورخاص (سنڌ)

مُھاڳ: اڪبر بجير

منھنجو ٻاراتڻ گهڻي ڀاڱي دٻڪي، دونھائي سان وابستہ رهيو آهي ان ڪري ڀرپاسي ۾ رهندڙ خلقِ خدا جا ڳوٺ جھڙوڪر دودو لغاري، ڊينگاڻي، مير جو دڙو، واگهريجي، قائم ٿيٻو، ڪھاڙو پير، ساکاڻي طالب، دل ۽ ڪاڇيلن، سوڊا ٻوڙ، پالڳڙھہ، پير جي نالي، حمزو نونداڻي، ڪلواري، دلڪي مير، گل حسن جي لانڍي، ورو خاصخيلي، ڳوٺ لھڻو خان لغاري، ڳوٺ الھياراڻي لنڊو، ڏهون ميل انھن ڳوٺن جا ڪافي ٻار يا وري بزرگ مون اکين ڏٺا جن جا گذران جا وسيلا زراعت ۽ مال مويشن تي رهيا.
هر ڪنھن پاڙي ۾ هڪ اڌ ڳئون يا مينھن يا چار پُڇ ٻڪرين جا وٽن هوندا هئا. انھن مان کير، مکڻ، ڌنئورو لسي ۽ گيھہ پنھنجو وٽن موجود هئو.
هر ڪنھن وٽ ڪاٺي بانگهہ جهنگ مان ڀڃي گذارو ڪندا هئا. هر ڪنھن جي گهر اڳيان اروڙي جو ڍڳ هوندو هو. جنھن مان سالياني ڀاڻ. زراعت لاءِ ڪم آڻبو هو. ڇا تہ سادگي ۽ صبر ايمان هئو سڀ وسيلا ڏسندي ڏسندي اکين کان الوپ ٿي ويا، ايئن امير گداگر ۽ گداگر مان تونگر ٿيندي زمانو گذري ويو. گهوڙن، اٺن جي جاءِ موٽر سائيڪلن، جيپن، ڪارن ۽ سوزوڪين والاري ورتي ۽ تروتر ماڻھن مان خود ڪفالت موڪلائي ويئي. اجايو خرچ ۽ اصراف اچي لڳين جو پاندي پوري نہ ٿيڻ لڳي. برڪتون الاجي ڪھڙي گس گُم ٿي ويون. انھي سفر دوران دٻڪي سان تعلق ڳنڍيل رهيو ۽ رئيس قطب الدين سان تعلق قائم رهيو.
لاڳيتو 10 سالن کان منھنجي مٿي ۾ حاجي قطب الدين صاحب هر ممڪن ڪِلي ٺوڪڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو تہ تون گهٽ ۾ گهٽ گهر لاءِ هڪ بائيو گئس جو پلانٽ لڳرائي، مگر مون واري عقلداڻي ۾ ڳالھہ ۾ ڳالھہ نہ پئي ويھي. ان جو ڪارڻ پنھنجي نااهلي ضرور تسليم ڪندس ۽ ڪريان پيو.
بزرگ قطب الدين منھنجي محسن جو تخم آهي ۽ منھنجو مجيجي بہ، جنھن سان بچپن کان وٺي چولي دامن جو سلسلو رهندو آيو آهي. مون کي اهو بہ ياد آهي تہ 1955ع ڌاري اڃان ڪاريون اڇيون (بليڪ اينڊ وائيٽ) فلمون هليون رنگين بعد ۾ آيون.
حاجي صاحب جي پرائمري دؤر دوران هن جي نقل حرڪت اهيا بہ ڏسڻ ۾ آئي تہ گهر واري ماڙي جي هيٺين ڪمري جا در دريون بند ڪري اڱڻ ۾ هڪ آرسي (ٽِڪ) رکندو ٻاهريان آسمان جا ڪڪر قدرتي طرح مٽيندا هئا تہ انھن جو عڪس آرسي تي پوڻ آرسي جو مِرر اندر اوندھہ ڪري ڏسڻ ۾ ايندو هئو تہ پاڻ اسان ٻارن کي سڏي چوندو هو فلم هلي پئي آهي.
اسان بي پروڙ ٻارڙا گڏجي سندس کٽ پٽ سان جوڙيل فلم ڏسي تجسُسُ ۾ پئجي ويندا هئاسين. اوچتو ڪنھن ٻار يا وڏي بي خبري ۾ آرسي جي اڳيان گذرڻ سبب مِرر ڊسٽرپ ٿيو نہ آهي تہ رئيس قطب الدين ان وقت جو قطبو چوٿين آسمان تان ڦھہ ڪري ڊهي پوندو ۽ گهر ۾ 10 محرم برپا ڪري وجهندو هئو.
ڀائو اسان کان جونيئر ڪلاسن ۾ زير تعليم رهيو ۽ اسان 1959ع ڌاري پرائمري پنجون درجي تائين اُٺ ڪتابن جا پڙهي کڻي علم دنياوي کي خير باش ڪيو.
ائين غالبن جي ور چڙهي وياسون. مگر حاجي صاحب پرائمري، سيڪنڊري، هائير تائين دلجوئي سان پڙهندو رهيو. توڻي جو سندس عزيز ڊاڪٽر بزرگ احمد علي ۽ ڀائر عبدالستار لغاري پنھنجي وقت جا ناميارا بائيولاجيڪل شاگرد رهيا ۽ بعد ۾ ڊاڪٽر ٿي خدمت خلق ڪري نالو ڪمايائون، پر هن جي کوپڙي ۾ قدرت ڪا نرالي رڳ رکي هئي ۽ هي علوم فن سان دلچسپي رکندڙ رهيو.
هن جو ڪلاس فيلو مرحيات غلام رسول عرف نڇن ولد عبدﷲ ٻڪراڙ رهيو. جنھن سان هن کي حد درجي تائين محبت هئي. جيڪو بعد ۾ NBP جو ايريا مينيجر رهيو ان جي پويان حاجي قطب الدين پسني، پنجگور ۽ گوادر تائين بہ ڪشالا ڪري ملڻ ويندو رهيو.
انھي دوران مون کائنس ڪڏهن ڪونہ پڇيو تہ تو تعليم ڪيستائين حاصل ڪئي نہ وري ضرورت بہ هئي انھي دوران مرحيات حاجي وڏو دارالبقا ڏي رلھي بڻيو ۽ هن کي زمينداري ڪارنھوار ۾ بہ ڏٺو ويو. مگر پوءِ بہ هي پنھنجي هُنري فطرت ڏي گامزن رهيو.
اچانڪ ڏڪار سبب پورهيء لاءِ دٻڪي آياسون تہ قطب الدين صاحب کي ادي سليمان جي پوکيل کجين جي ڀر ۾ هڪ ڪوٺي ۾ ڇت پاڻ وجهي ان ۾ ڦٽل سٽل ريڊيا ٺاهڻ لاءِ هڪ ڏوئي نما اوزار جنھن کي گرم ڪري پراڻن ريڊين کي ڏنڀيندي بہ ڏٺوسون. ڪڏهن ساکاڻي ڪڏهن ڪو ٿيٻو يا دل يا وري ڪولھي وغيرہ ڦِٽل ريڊيو کنيل حاجي صاحب جو ڪلائنٽ ڏسڻ پئي آيو.
ڀائو اها ڏوليء نما هٿيار گرم ڪري ريڊيو کي ڏنڀڻ شروع ڪندو هو تہ ان مان شوشٽ جو آواز نڪرڻ شروع ٿيندو هو. هن جي منھن تي مسڪراهٽ ڀرجي ايندي هئي ۽ ڪلائينٽ کي چوندو هئو تہ تون وڃ ڍڳين دا گاھہ ڪر نہ تہ ڍڳي بک مرسن صبحيئن ريڊيا چا وڃين.
وري جو ڏٺو سون تہ ڀائو کي ميرن جي لانڍي ۾ ريڊيا ڏنڀيندڙ رهيو انھي دوران ريزڪي دوڪان جو ڪاروبار ڪندي ڪنھن ڏاهي ماڻھو سان ملاقات ٿيس، جنھن کان هن کي بائيو گئس جو هُنر هٿ آيس ۽ ائين تجربا ڪندي پلانٽ لڳائي پنھنجي هنر سان علائقي ۾ خاص ڪري خوشحال گهراڻن جا پلانٽ لڳرائي شھرت حاصل ڪئي ۽ سندس وهيڪل تي اڳيان پويان بائيو گئس جا پينافليڪس لڳرائي وڌائين. تازو کيس شوق پئدا ٿيو اٿس تہ پنھنجي وسيع تجربي کان مخلوق خدا کي فائدو رسائڻ لاءِ ڪتاب ڇپرائجي.
حاجي صاحب کي فلڪيات، ارذيات، ارضديات، شجرڪاري حيوانات بلڪہ مخلوق خدا جي فلاح بھبود نشونما فائدا ۽ گهاٽا بابت سٺي ڄاڻ جو مالڪ آهي. مگر ڏاڍو دير سان جاڳيو آهي. هن کي عمر جي ماضي ۾ انھن شعبن تي مضمون ۽ آرٽيڪل لکڻ کپندا هئا. هاڻي تہ منجهس جسماني قوت بہ نہ رهي آهي.
بزرگاڻي عمر ۾ وڏيون اُميدون ۽ خيالات پئدا ٿيندا رهندا آهن مگر پورائو ڏاڍو مشڪل ٿيندو آهي. ڪائنات جي هر شئي سان حاجي صاحب ايئن ڳنڍيل نظر اچي ٿو، ’جيئن ڳنڍيون منجهہ ڳنڍير‘.
ٻاراتڻ ٿڃ پياڪ، بانبڙا پائيندڙ پيرڙيو اٿڻ، ڊوڙڻ، ڊڪڻ، کيڏڻ ڪُڏڻ ونجهوٽي، ٻيلاڙو، ڪبڊي، ملھہ، ڪشتي جھڙين آزمائشن بابت هر شعبي ۾ ڄاڻ رکڻ وڏي ڳالھہ چئبي، ارض ڦاڪن ۾ آباد ڪائنات جي هر پھلو کان ايڏي ڄاڻ مگر جوان سپھہ سالار کي جڏهن ڪنھن مھم جوئي لاءِ موڪلبو تہ هُو سمنڊ سر تي ٻانھن ٻر تي فتح ياب ٿيڻ جون ترڪيبون خود ئي ايجاد ڪندو ان جي مقابلي ۾ پراڻو جرنيل صرف پنھنجي ئي دفاع لاءِ سوچيندو.
تمام خوشي جي ڳالھہ آهي جو 1955ع ڌاري جيڪو ٻار جنھن فطرت ۾ مگن هئو اڄ بہ پھاڙ جيڏا ارادا رکي ٿو. الحمدﷲ.
سائين پنھنجي سائنسي وچور ۾ لکيل ڪتابچي ۾ جيڪي اکر پروڙيا آهن، انھن تي تاثرات يا تجزيو ڪرڻ جي آئون لائق نہ آهيان.
وري بہ گرهوڙي شاھہ جي چوڻي تہ
جن همٿ ڪئي تن حق لڌو ٻيا رهيا نست نادانہ
ويٺن تان واري وري
تون ڪوجهي بہ ڪوشش ڪئي مگر اٽي ۾ لوڻ برابر هڙ حاصل ٿي.
اڪبر بجير عرف ڪوجهو ڪانسٽيبل.

اڪبر بجير
عرف ڪوجهو ڪانسيٽيبل

پيش لفظ: مٺل جسڪاڻي

پڙهڻ ۽ پرائڻ جھڙو صاحِبِ ڪتاب ۽ ان جو ڪتاب!

حاجي قطب الدين لغاري سان پھرين ملاقات جي تاريخ، مھينو ۽ سال تہ ياد نہ اٿم، پر اسان جو پھريون دفعو ملڻ تڏھن ٿيو، جڏھن اسان ٻئي، جيئن اڄ ڪلھہ ھڪ ٻئي کان وڌيڪ وڏي عمر وارا ٿا لڳون، تيئن ڦوھہ جواني نہ سھي، نوجوان ھئاسين. ھڪ جذبو ھو، ھمت ۽ حوصلو ھو، اسان بہ پاڻ ملھائڻ جي جستجو ۾ ھئاسين. اسان جي في الحال آخري ملاقات بہ چند سال اڳ ٿي ھئي. حاجي صاحب مليو ھو تہ بلڪل ساڳيو جذبو، ساڳيو ولولو ساڻ ھئس. ھي ڪتاب ”بھتر زندگي لاءِ: بايو گئس ۽ زراعت“ بہ ان نسبت سان لکي پورو ڪيو اٿس.
حاجي قطب الدين لغاري ڪتاب لکڻ جو سبب اھو لکيو آھي، تہ ”جنھن ماحول ۾ اسان رھون پيا، انھيءَ کي خراب بہ اسان پيا ڪريون! يعني جنھن دنيا ۾ اسان رھون پيا، انھيءَ کي تباھہ پيا ڪريون. ھاڻي انھيءَ کي وري صحيح ڪرڻ بہ ھن دنيا جي ماڻھن جو ڪم آھي. ٻيو ڪو بہ ڪونہ ايندو.“ پاڻ پنھنجي تمنا لکندي لکي ٿو، ”جيئن ھندستان ۾ ڪانگريس حڪومت ھر سال ھڪ ڪروڙ پلانٽ مفت ۾ لڳائي گئس جو مسئلو حل ڪيو ۽ ٻاھريون ناڻو بچايو، اھڙي طرح ﷲ اسان جي ملڪ ۾ ڪو مرد مجاھد پيدا ڪري، جيڪو ھن ملڪ جي شھرن جي گٽر، ڪچري ۽ ڇيڻي مان بجلي گهر، ريلون، ڪارخانا ۽ چلھا ٻاري. جيئن برطانيا، جرمني، انڊيا، نيپال وغيرہ ۾ ٿئي پيو، آمين. اگر اھي شيون صاحب لوڪن کي سمجهہ ۾ اچي وڃن ۽ ٿورو بہ ملڪ جي خير خواھي جو خيال ڪندا، تہ پاڪستان قيامت تائين گئس ۽ بجلي ۾ خود ڪفيل ٿي ويندو“.
حاجي قطب الدين لغاري ۾ پڙھڻ جي عادت سندس مرحوم ڀاءُ محمد سليمان لغاري پاران گهر ۾ مختلف ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون آڻڻ جي ڪري پئي. استاد ۽ ليکڪ محمد حيات ڪاڪا جي صحبت ۾ رھڻ جو تہ ھن پاڻ، ھن ئي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آھي، پر سندس واقفن کي ئي خبر آھي تہ حاجي قطب الدين لغاري عملي زندگي گذاريندڙ با عمل انسان ھجڻ ناتي سدائين لکيل پڙھيل، سڌ ٻڌ رکندڙ، مثبت سوچ ۽ عمل وارن سان گڏ، سرگرم عمل رھيو آھي. جڏھن تہ ريڊيو بہ سندس يادگيرين کان ساڻس گڏ آھي.
علم ۽ عمل ۾ يقين رکندڙ حاجي قطب الدين لغاري، لکڻ لاءِ لکي تہ ٿو، ”زندگي ۾ ڪو اھم ڪم ڪري ڪونہ سگهيس“، پر ڇا اھو گهٽ آھي، تہ ھن عملي طور ماڻھن ۾ نہ صرف بايو گئس جي اھميت ۽ ضرورت جي حوالي سان سجاڳي آندي، پر سوين مختلف ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ڪيترائي بايو گئس پلانٽ پاڻ نسب ڪري ڏنا، ضرورت وقت مرمت بہ ڪري ڏنا. جڏھن تہ سندس عملي زندگي جي شروعات دڪان کولي ڪيائين، تہ ريڊيو ۽ ٽي. وي. جي مرمت بہ، بجلي جي مرمت ۽ فٽنگ جو ڪم بہ ڪيائين. سندس والد محترم جي وفات کان پوءِ زمينداري جي ذميوارين سان بہ نڀايائين. ان حد تائين جو ڪم ڪار ڪندي سندس موٽر سائيڪل ئي نہ، پنھنجو ٽريڪٽر توڙي ٻي مشينري جي ڳچ مرمت بہ پاڻ ئي ڪندو رھيو. اھو ساڳيو شخص حاجي قطب الدين لغاري، پيريءَ ۾ پنھنجا عملي تجربا ساري، ڪاميابيون ياد ڪري، لکڻ ويٺو، تہ پنھنجي نوعيت جو ھڪ اھڙو انتھائي اھم ڪتاب لکي ورتو آھي. جنھن کي پڙھڻ سان سوچ جا مختلف در کلي پوندا.
ھي ڪتاب پڙھڻ سان ھڪ تہ پڙھندڙ کي اھا خبر پوندي تہ ماڻھو ڪيئن ننڍي عمر مان وڏي عمر ۾ پھچي ٿو، تہ ڇا مان ڇا ٿي پوي ٿو؟ ڇو تہ ھي ڪتاب پڙھندي، پڙھندڙ کي پنھنجو ذاتي ڪردار تہ ياد ايندو ئي ايندو، پر ٻيا بہ ڪيترائي ڪردار ذھن ۾ ايندا. جيڪي پڻ ڪيئن تہ ننڍي مان وڏا ٿيا؟ ڪير ڇا ڇا ڪري، ڇا مان ڇا ٿي پيو؟ ڪيئن ماڻھو ڪردارن کي ڏسي، سمجهي، سوچي، پنھنجو ڪردار تعمير ڪري ٿو؟ ڇو تہ ماڻھو، ماڻھن کي ڏسي، ٻڌي، سمجهي، سوچي، سکي، ڪردار جو تعين ڪندا آھن.
ھي ڪتاب پڙھڻ سان پڙھندڙ کي ڇيڻي سميت گهرن ۾ ٿيندڙ روزمرھہ جي فالتو ڪچري ۽ گندي پاڻي جي ڪارائتي استعمال، يعني بايو گئس ۾ تبديل ڪري، سستو ٻارڻ حاصل ڪرڻ جي بہ خبر پوندي. جيڪڏھن اعتبار ڪري گهرن ۽ اوطاقن، فارم ھائوسز، ڪاروباري مرڪزن ۾ بايو گئس پلانٽ قائم ڪيا ويا، تہ نہ صرف رڌ پچاءُ وارو چلھو، پر رات جو گئس وارا گولا ۽ ڏينھن جو گئس تي ھلندڙ پنکا، يا گئس تي ھلندڙ مشينري ھلائي، بجلي جھڙي بجلي حاصل ڪري، بجلي جي ضرورت بہ پوري ڪري سگهبي. دلچسپ سچ اھو آھي تہ بايو گئس جي ڪري ھڪ طرف بجلي ۽ گئس جي بحران مان بہ نڪري سگهبو، تہ انھن جي ڳرن بلن کان بہ بچي سگهبو. ان سان گڏوگڏ ڪچري جو ڪارائتو استعمال بہ ٿيندو، صفائي بہ رھندي. وڏي ڳالھہ تہ ڇيڻي جي حاصلات لاءِ جانورن جي پرورش ۽ پالنا بہ ٿيندي. ان سان گڏوگڏ ھي ڪتاب پڙھڻ سان اھا بہ خبر پوندي، تہ ڇيڻي مان بايو گئس حاصل ڪندي جيڪو ڪچرو ملي ٿو، اھو زرعي زمين جي سڌاري ۽ فصلن، ڀاڄين ۽ ميون جي پيداوار وڌائڻ لاءِ بھترين نامياتي ڀاڻ طور بہ استعمال ڪري سگهبو. جنھن سان وري ڀاڻ جي بحران ۽ ڀاڻ جي ڳري اگهہ کان بہ بچي پئبو.
ھونئن بہ ھن ڪتاب ”بھتر زندگي لاءِ: بايو گئس ۽ زراعت“ ۾ ”بايو گئس“ سان گڏ جيڪو لفظ ”زراعت“ لکيل آھي، اھو بہ فضول نہ آھي. ڪتاب ۾ مختلف فصلن، ڀاڄين ۽ ميون جو تہ معلوماتي ذڪر آھي، وڻن بابت بہ ڄاڻ آھي، موسمي ھيٺ مٿانھين ۾ برسات تي پڻ مواد آھي. سم نالين جون سچيون ڳالھيون شامل آھن. جڏھن تہ ڪجهہ باب بايو گئس ٺاھڻ جي طور طريقن تي، تہ ڪجهہ وري بايو فرٽيلائيزر يعني حياتياتي ڀاڻ ٺاھڻ جي حوالي سان آھي. ڪمپوسٽ ٺاھڻ جو طريقو بہ سمجهايل آھي. اھو ڪيميائي ڀاڻ جي بھتر نعم البدل طور استعمال ٿيو، تہ نہ اگهہ جو، نہ ئي عدم دستابي جو فڪر ڪرڻو پوندو.
ھن ڪتاب ”بھتر زندگي لاءِ: بايو گئس ۽ زراعت“ ۾ صرف اھو ڪجهہ نہ آھي، پر ھي ڪتاب پڙھندي، پھرين ”پنھنجي طرفان“ يعني ليکڪ پاران، ان کان پوءِ ”مُھاڳ“، تنھن کان پوءِ ”مؤلف طرفان: بايو گئس پلانٽ ھلايو“ پڙھي، جيئن جيئن اڳتي ڪتاب پڙھبو، تہ ٻيا طبق روشن ٿيندا.
ماڻھن کي سدائين ساراھيو ويندڙ سڦل ڪردار ياد رکي، پنھنجو يادگار ڪردار تعمير ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ حاجي قطب الدين لغاري ساراھي سگهجندڙ سڦل ڪردار آھي. سندس ھي ڪتاب نہ صرف حاجي صاحب جھڙي بھترين عملي انسان جي ڪردار بابت ڄاڻ ڏيندڙ ڪتاب آھي، پر ان سان گڏوگڏ نئين بھتر ڪردار جي تعمير جو گس ڏسيندڙ ڪتاب بہ آھي. ھن ڪتاب جي صورت ۾ صاحِبِ ڪتاب ۽ ان جو ڪتاب، پڙھندڙن جي ھٿن تائين پھچي، تہ اھو پڙھڻ ۽ ان مان پرائڻ گهرجي.


مٺل جسڪاڻي
لياقت ٽائون، ٽنڊو ڄام
اربع 24 جنوري 2024ع

عرض مؤلف بايو گئس پلانٽ هلايو

جيئن تہ منھنجو تعلق هڪ زرعي گهراڻي سان آهي، زراعت لاءِ هر قسم جي معلومات حاصل ڪرڻ منھنجو شوق يا چئجي تہ ضرورت رهي آهي.
زرعي مشينري جي مرمت ۽ استعمال، ٻج ۽ ڀاڻ ولائتي يا ديسي اسانجي ضرورت رهيا آهن. ان متعلق معلومات ۽ تجزيو ڪرڻ تمام ضروري آهي ۽ آءٌ تجرباتي طور ضرور ڪوشش ڪندو آهيان تہ ڪھڙي طرح مھانگن ڪيميڪل ڀاڻن مان جان آجي ڪجي ڇو تہ زرعي دوائن ڀاڻن جي ڪري اسان جون زمينون خراب، زير زمين پاڻي زهريلو ۽ وايو منڊل خطرناڪ صورت اختيار ڪري ويو آهي.
انھيءَ جي نتيجي ۾ مختلف بيمارين اچي مُنھن ڪڍيو آهي، جنھن ۾ سرطان، ڪاري سائي، گڙدن ۽ دل جون بيماريون ٽي بي شگر وغيرہ عام ٿي رهيون آهن.
هڪ سروي موجب 100 مان 40 ماڻھو شگر ۽ ڪاري سائي ۾ ورتل آهن، يعني چاليھہ سيڪڙو کان مٿي ماڻھو بيمار آهن. هاڻ بيمار قوم مان ترقي جي ڪھڙي اميد رکي سگهجي ٿي.
اسان جي گهرو ماحول ۾ هڪ عورت جي اڌ زندگي پنھنجي مرد ۽ ٻارن سان گذري ٿي، باقي اڌ زندگي بورچي خاني ۽ غسلخاني ۾ گهر جا ڪپڙا وغيرہ ڌوئڻ ۾ گذري ٿي.
اسانجي ملڪ ۾ گئس جو استعمال 30 فيصد کان وڌيڪ نہ آهي، باقي ويچاريون مايون ڪاٺيون ٻاري يا ڇيڻا ٻاري رڌ پچاءُ ڪنديون آهن، جنھن جي دونھين جي ڪري ڦڦڙن تي وڏو اثر پوي ٿو، نتيجي طور ٽي بي اسان وٽ عورتن ۾ عام آهي، ۽ اها بيماري گهر ۾ اچڻ کانپوءِ وچڙندڙ آهي.
1976ع ۾ منھنجي گهر واري کي ٽي بي جو اثر ٿيو ۽ آءٌ سوچڻ تي مجبور ٿيس تہ ڪيئن هڪ صاف ٻارڻ حاصل ڪجي. ٿوري ڪوشش کانپوءِ هڪ آرٽيڪل ملي ويو ۽ ڊوم وارو پلانٽ ٺاهيم جيڪو اڄ تائين قائم آهي، ليڪن هاڻ چائنا ٽائپ ڊوم طريقو وڌيڪ سٺو ۽ ڪامياب آهي.
بايو گئس ۾ هر قسم جي بقايا جات جھڙوڪر گٽر، گوبر، ميون ڀاڄين جون کلون، سڙيل فروٽ ۽ ڀاڄيون گاھہ وغيرہ استعمال ڪري سگهجن ٿا. استعمال کانپوءِ نڪتل ڪچرو هڪ بھترين ڀاڻ آهي جيڪو فصل کي هڪ آرگينڪ ڀاڻ مھيا ڪري ٿو.
پوري دنيا ۾ هينئر آرگينڪ ڀاڻ استعمال ڪرڻ جو رواج آهي ۽ ماهر صحت مند خوراڪ لاءِ آرگينڪ ڀاڻ جي سفارش ڪن ٿا. آرگينڪ ڀاڻ مان پيدا ڪيل ڀاڄيون ميوا ۽ اناج دنيا ۾ مھنگا وڪامن ٿا.
بنيادي طور بايو گئس هڪ ڊيري ڊولپمينٽ پروگرام جو حصو آهي تہ ڪھڙي طرح کير گوشت ۽ ڀاڻ وڌائجي. ان مان ٿورو خرچ ڪري بايو گئس ٺاهي ماحول فري ٻارڻ ٺاهيو وڃي ٿو. اميد تہ پڙهندڙ هن ڪاوش جو فائدو وٺندا ۽ ماحول دوست ٻارڻ سان گهريلو بھتر زندگي گذاريندا ﷲ ۾ اميد اٿم تہ زندگي جي آخري ڏينھن ۾ ﷲ تعاليٰ هي ڪتاب پورو ڪرڻ جي توفيق عطا ڪندو ۽ سنڌ جي عوام هن مان فائدو وٺندي تاڪہ سنڌ جا وڻ جيڪي وڍجن پيا اهي بچي سگهن ۽ ماحول جي گدلاڻ کان آجا ٿين آمين.
آخر ۾ اگر ڪو صاحب رابطو ڪري تہ نمبر حاضر آهي.

قطب الدين لغاري
0302-2730504

بھتر زندگيءَ لاءِ بائيو گئس ۽ زراعت

---

بھتر زندگي لاءِ بائيو گئس، زنده شيون - مردہ شيون

هي دنيا ﷲ تعاليٰ ٻن ڳالھين تي قائم ڪئي آهي، زنده ۽ مردہ شيون! زندگي واريون شيون مثلاََ انسان، جانور، پکي، وڻ، فصلات، پاڻي، هوا ۽ زمين وغيرہ. اڳي برساتون پونديون هيون تہ زمين سڄي سرسبز ٿي ويندي هئي. قسمين قسمين جا گاھہ، کنڀيون، اناج ۽ وڻ پيدا ٿيندا هئا. جنھن کي جانور ۽ انسان خوب کائي خوش ٿيندا هئا ۽ کير مکڻ جام ٿيندو هو. ڪيترو بہ مينھن پوي، پاڻي زمين پيئو وڃي يا قدرتي واهن ۾ نيڪالن مان نيڪال ٿي ويندو هو. هاڻ قدرتي نيڪالن تي قبضا ڪري بند ڪيا ويا آهن. ضرورت کان زيادھہ پاڻي حاصل ڪري، زمين کي ڪلر ۽ سِم جي ور چاڙهيو ويو آهي.
ڪيميائي ڀاڻ ۽ دوائون استعمال ڪري، زير زمين پاڻي زهريلو ۽ زمين بيمار ٿي وئي آهي. ڪمپنين جي اشتھارن تي هاري روز بروز تباھہ پيو ٿئي، بلڪہ سڄو پاڪستان لٽيرن جي ور ۾ آهي. روز ڏيوالي جون خبرون ملن ٿيون. حاڪمن جي دلاسن تي تباهي کانسواءِ ڪجهہ نظر ڪونہ ٿو اچي. 50 پيسہ ليٽر وارو تيل 300 رپين ۾ ملي پيو، شايد هزار بہ ٿي وڃي. اسان سان گڏ آزادي وٺندڙ هندوستان ۽ اسان کان آزادي وٺندڙ بنگلاديش، اسان کان الاءِ ڪيترو مٿي ترقي ڪري ويا آهن. انھن سان گڏ نيپال بہ هر گهر ۽ ٽيوب ويل فيڪٽري وغيرہ ۾ بائيو گئس لڳائي مسئلو حل ڪري ڇڏيو آهي، اسان جا زرعي ماهر، ڊاڪٽر، پروفيسر، ريڊيو تي ڪلاڪن تائين مباحثہ ڪن ٿا، مگر هن اهم مسئلي تي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ تيار نہ آهن. محڪمئہ زراعت هر سيمينار ڪمپني جي وڪري لاءِ ڪندا آهن، تہ ڪيترو ڀاڻ ۽ ڪيڏي دوا استعمال ڪجي، مونکي هڪ ٻہ دفعہ شامل ڪيائون، مون اتي آرگينڪ ڀاڻ جي ڳالھہ ڪئي، ۽ فصلن جي باقيات جي ڳالھہ ڪئي، تہ وري ڪون سڏيائون.
بائيو گئس هڪ ماليڪيول بيڪٽيريا آهي جيڪو ڪاربن مان پيدا ٿئي ٿو ۽ هر شئي کي کائي ٿو ۽ گيس (METHION) خارج ڪري ٿو. لکن سالن کان زمين جي اٿل پٿل ۾ دٻجي ويل جاندار وڻ وغيرہ هن بيڪٽيريا کائي اسان جي لاءِ ڪوئلو، هيرا، گئس، تيل ۽ لکين شيون اسان جي ڀلائي لاءِ ﷲ تعاليٰ گڏ ڪيون آهن. جن مان اسان بي تحاشا فائدو حاصل ڪري رهيا آهيون.
هن مضمون لکڻ جو مطلب اهو آهي تہ اسان انھي عمل کي دهرائي انسان ذات جي ڀلائي لاءِ ڪجهہ ڪريون، سڌريل ملڪ انھي معاملي ۾ تمام اڳتي وڌي ويا آهن ۽ هوا، پاڻي، سولر ۽ بائيو گئس مان تمام گهڻو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. وڻڪار ۽ ٻيلا بہ انھي عمل جو حصو آهن. جيڪي ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ کي آڪسيجن ۾ تبديل ڪري هوا کي صاف ڪن ٿا. جيڪا دنيا وارن ميري ڪري ساھہ کڻڻ جي لائق نہ ڇڏي آهي. وڻ ۽ ٻيلا نہ هئڻ ڪري گرمي تمام وڌي وئي آهي. برسات يا تہ پوي ڪونہ ٿي، يا وري طوفاني بارشون ۽ سيلاب اچن ٿا. جيڪي تباهي جو باعث بنجن ٿا. گليشيئر ڳري رهيا آهن. پاڻي کٽندو وڃي ۽ ملڪ ۾ ڏڪار جون حالتون آهن. فصل گهٽ ٿي رهيا آهن. زرعي زمينون شھرن جي صورت وٺنديون وڃن، شايد زراعت خلا ۾ ٿيندي! اچو تہ عھد ڪريون تہ!
1. پاڻي جي حفاظت ڪري آئندہ لاءِ بچايون.
2. سولر انرجي مان ماحول صاف بجلي حاصل ڪيون.
3. هوا مان بہ بجلي حاصل ڪيون، جيڪا ماحول دوست آهي.
4. بائيو گئس مان زرعي، صعنتي ۽ گهريلو ضرورت پوري ڪيون.
5. ڪمپوسٽ ڀاڻ، مرغي جو ڀاڻ، وٿاڻ جو ڀاڻ، بائيو گئس جو ڀاڻ، شھري ڪچرو، سڙيل ڀاڄيون، فروٽ، فصلن جي باقيات، ٻوٽن مان ٺاهيل نم جون دعوائون استعمال ڪري گهڻي مان گهڻا ٻٻر، نم، ڪنڊا، ڪرڙ ۽ ميوَن وارا وڻ پوکي، گئس جا پلانٽ لڳائي، وڻن کي بچايون پر هتي آئندI نسلن لاءِ سڀ هينئر ئي ختم ڪري، دنيا جي تباهيءَ کان بعد چوندا آهن، تہ جنھن جي گهر ۾ داڻا تنھن جا چريا بہ سياڻا

بائيو گئس جا فائدا

بائيو گئس مان هزارين فائدا آهن، جن مان ڪجهہ جو ذڪر آئون هتي ڪندس. (1) صنعتي (2) زرعي (3) گهريلو فائدا.
1. صنعتي فائدي لاءِ هر قسم جو ٻارڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو. مثلاََ گٽر وغيرہ ۽ سبزي منڊي جو بچيل سڙيل مواد، شگر ملن جو شيرو وغيرہ وغيرہ ان جو هڪ مثال ڏجي ٿو تہ 1980ع ۾ مسٽر غلام محمد سومرو چيف انجنيئر العباس شگر مل ميرواھہ گورچاڻي مون وٽ آيو ۽ گهر جو لڳل پلانٽ جو معائنو ڪيائين ۽ مون کي شگر مل ۾ پلانٽ لڳائي ڏيڻ لاءِ چيائين، جنھن لاءِ مون کيس انڊيا مان ٽيڪنالاجي گهرائڻ جي صلاح ڏني ۽ هنن اهو پلانٽ ڏھہ ڪروڙ رپين ۾ لڳائڻ جو ٻڌايو ۽ ٻڌايائون تہ پھرين سال جيڪا بگاس بچيو انھيءَ مان بائيو گئس پلانٽ جي رقم نڪري آئي، انھي کانپوءِ تقريباََ پاڪستان جي هر شگر مل ۾ اهي پلانٽ نظر اچن پيا، جيڪي تقريباََ 6 کان 10 ميگاواٽ بجلي پئدا ڪن ٿا، جيئن شگر مل جي شيري مان الڪوحل ڪڍي باقي بچيل مال مان گئس ڪڍي وڃي ٿي انھيءَ ڪري مِل هلائڻ لاءِ واپڊا جي بل ۽ لوڊ شيڊنگ کان بچاءَ آهي ۽ مل مالڪن کي ٻيڻو، ٽيڻو فائدو آهي، پوءِ ڀلي زميندارن کي ڪمند جي اگهہ ۾ واڌ ڏين يا گهاٽو، اها انھن جي مرضي آهي. اهڙي طرح هر قسم جي فيڪٽري هلائي سگهجي ٿي يا بجلي گهر هلائي پاڪستان کي خود ڪفيل ڪري سگهجي ٿو. ليڪن ائين ڪون ٿيندو، جو مسئلو ڪميشن جو آهي، چاهي امپورٽ هجي يا ايڪسپورٽ، صنعتي زون ۾ هر قسم جو ڪارخانو بائيو گئس تي هلي سگهي ٿو. مثلاََ اٽي جي چڪي، برف جا ڪارخانا يا پاور هائوس وغيرہ.
2. زرعي مقصدن لاءِ بائيو گئس تمام گهڻو فائديمند طريقو آهي. جنھن لاءِ ڪجهہ اڳي لکي چُڪو آهيان وري بہ ڪجهہ ذڪر ڪندس تہ پاڙيسري مُلڪن انڊيا، نيپال ۽ چين جو گهڻو دارو مدار بائيو گئس تي آهي، اٽي جي چڪي هجي، ٽيوب ويل، تيل ڪڍڻ جا سيلر، زرعي ڀاڻ ۽ CNG بائيو گئس تي هلائن ٿا. اسان بہ انھن کان گهڻو ڪجهہ سکي سگهون ٿا.
ذرا نم ہو تو یہ مٹی بھی زرخیز ہے ساقی (اقبال)
3. گهريلو فائدا، گوشت، کير، گيھہ، مکڻ صاف ۽ سٿرو ٻارڻ، ماحول دوست، بيمارين ۽ دونھين کان بچاءُ، گهر ڪاراڻ کان پاڪ وقت جي تمام گهڻي بچت، گهريلو عورتون بچيل وقت ۾ ڪو ڪاروبار ڪري آمدني ۾ اضافو ڪري سگهن ٿيون. سچ هي آهي تہ جنھن ماڻھو وٽ ڪجهہ زمين آهي، اهو بازار مان صرف لوڻ خريد ڪري. باقي هر شئي مثلاََ اناج، دالون، ڀاڄيون، کير، گوشت، مڇي، مرغي، فروٽ، گاھہ وغيرہ مطلب تہ زمين سڀ ڪجهہ ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ٿورو ڪوشش جي ضرورت آهي.
مُلڪ جي ترقي جا شاندار خواب ڏيکاري، ملڪ مان صاف هوا، صاف پاڻي، ٻيلا، قدرتي پاڻي جا ذريعا، جيڪي گهڻي برسات ۾ پاڻي نيڪال ڪندا هئا تباھہ ڪيا ويا. انھن جي جاءِ تي سم نالن جو هڪ غير قدرتي نظام ٺاهيو ويو. ديوي، لاڻو، ڄارون، انبن جا وڻ لکين ملڪ کي مليل قرض کي خوب لٽيو ويو. اڄ ملڪ ڏيوالو ٿي ويو آهي. هرڪو هڪ ٻي تي الزام هڻي رهيو آهي. قوم جو ايندڙ نسل بہ IMF ۽ چين جو قرض ڀريندو. جيڪو اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ ڪونھي، اهو بہ قرضي آهي. مال کائي ويا موچارا، هاڻ رئيسن جي اُٺ کي اُلي ڪير چوي.
هاڻ ٿورو سم نالن جي ڪيل تباهي جو ذڪر ڪريون. رڳو ڪرپشن ڪري پلان کي ناڪام بنايو ويو، بلڪہ زمين ۾ لڳايل ٽيوب ويل، انھن جون مشينون، ٽرانسفارمر، ٿنڀا، تارون اربن رپين جو مال جيڪو قرض کڻي لڳايو ويو هو، سو پنجاب جي ڪٻاڙين کي ڏينھن ڏٺي جو وڪڻي، کيسا گرم ڪيا ويا. مٿان آفت اها تہ نالن ۾ پنجاب جو کارو پاڻي ڇڏي، سنڌ جون ڍنڍون ۽ زمينون تباه ڪيون ويون. جنھن ۾ منڇر ڍنڍ جي تباهي جي هر ڪنھن کي خبر آهي، مٿان وري ملن جو گندو پاڻي، شھرن جا گٽر بہ انھي ۾ واهيا ويا. درياءِ سنڌ اڳيئي راوي ۽ ٻين خالي ندين مان هندستان ۽ پنجاب جي گندي پاڻي سان خراب ڪيو ويو آهي. سڄي سنڌ ۾ بدبو، مڇر ۽ مکين جي يلغار آهي، بيماريون وڪوڙي ويون آهن. سرندي وارن جون اسپتالون خوب هلن پيون. روز نوان سينٽر کُلن پيا، شڪر جو ايڌي جون ايمبولنس لاش کڻڻ لاءِ هر وقت تيار آهن، ڪفن بہ ڏين ٿا. ڊاڪٽر اديب رضوي کان پوءِ گڙدن جو الائي ڇا ٿيندو. ﷲ کيس وڏي ڄمار ڏي. روز ٻڌون پيا ڏسون پيا فلاڻو اوچتو گذاري ويو، فلاڻي کي ڪينسر هئي، فلاڻي جا گڙدا ۽ دل جواب ڏئي ويا. باقي اهڙي زهريلي هوا ۾ ڦڦڙ ڪيئن ڪم ڪندا. هر ٻيو ماڻھو ساھہ جي شڪايت ڪري ٿو مطلب تہ تتر، هرڻ، ڪونجون، تلورون، ٻاٽيڙ، جابلو ٻڪر، طوطا وغيرہ هاڻي ٻولي لاءِ بہ ڪون بچيا آهن. باقي ڪانگ ۽ گدڙ رهيا آهن، انھن جو ﷲ خير ڪري.
اڳي زمين ڀلي ۽ ڪافي قانون مطابق آباد ٿيندي هئي. ساوڻ جي برساتن ۾ ڀٽاريون چري اينديون هيون، تہ اڻ ميو کير هوندو هو، جنھن کي گرم ڪري، ٺاري پيئدا هئاسين، تہ ڍؤ ڪونہ ٿيندو هو. هاڻ شئي، يوريا ۽ صرف واري کير جا عادي ٿي ويا آهيون. اصلي کير مليو تہ وڻندوئي ڪونہ. ڳالھيون تہ تمام گهڻيون آهن. عام عوام واقف آهي، پر ڇا ڪجي. ٻڌڻ وارو ڪوئي ڪونھي. اميد ڏيارڻ وارن جي بہ ڪمي ڪانھي، پر انھن کي مال ميڙڻ ۾ واندڪائي ڪانھي، بس بقول غالب!
بدل کر فقیروں کا ہم بھیس غالمب،
تماشائی اھلِ کرم دیکھتی ہیں۔
دل کي هر وقت سمجهايان ٿو پر مڃي ڪون ٿي
جانب منھنجي جيءُ ۾ آزار جا انواع (لطيف)
آخرڪار اهوئي ٿيو، جنھن جو مون پھرين ذڪر ڪيو. 2021ع ۾ ٻوڏ ۽ برساتن جي تباهي کانپوءِ وري 2022ع ۾ انھي کان بہ وڌيڪ برساتن تباهي ڪئي. هن ڀيري ڪوبہ صوبو بچي ڪونہ سگهيو. ملڪ جي سياسي اٿل پُٿل باقي باھہ تي تيل جو ڪم ڪيو آهي. سرندي وارا ڊالر کي گم ڪري ملڪ کي IMF جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. قيامت خيز مھنگائي جي ڪري غريب عوام لولي لاءِ پريشان آهي. ملڪ ۾ ڊالر آهي ڪونہ جو تيل، گئس ۽ ٻيو سامان امپورٽ ڪجي. اگهہ آسمان سان ڳالھيون پيا ڪن. رب رحم! ملڪ جو قرض ڪٿان لھندو؟ هر 15 ڏينھن کانپوءِ شين جا اگهہ وڌي طوفان وانگر وسن پيا. سرڪار سڀ ٺيڪ ۽ ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ واري بين وڄائڻ ۾ مصروف آهي. هر صوبي ۾ الڳ پارٽي راڄ پئي ڪري، رب رحم ڪري، آمين.

بائيو گئس لڳايو ڀاڳ جڳايو

پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، جنھن جي آبادي لڳ ڀڳ 25 ڪروڙ ٿيندي. هينئر مردم شماري 2023 هلي رهي آهي، ڪجهہ چئي نٿو سگهجي وڌي يا گهٽجي. جڏهن تہ 55 سيڪڙو عوام زراعت جي شعبي سان لاڳاپيل آهي.
ڪنھن بہ ملڪ جي معيشت جو دارومدار توانائي تي ٿئي ٿو. پاڪستان ۾ توانائي جي ضرورت جي مقابلي ۾ توانائي جي موجودہ پيداوار تمام گهٽ آهي. توانائي جي زير استعمال ذريعن ۽ پن بجلي، تيل، گئس، ڪاٺيون، اٽامڪ انرجي ۽ ڪوئلو آهن. حالانڪہ ڪوئلو اسانجي ملڪ ۾ مناسب طريقي استعمال ڪرڻ جي صورت ۾ 150 سال تائين پورائي ڪري سگهي ٿو. مگر ضرورت هن امر جي آهي تہ ٻين ذريعن سان 40 کان 50 سال تائين ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي ٿو جي استعمال صحيح طريقي سان ڪيو وڃي. هي تمام ذريعا ماحول کي گدلو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ان ڪري اسانکي اهڙي ذريعي جي ضرورت آهي جيڪو ماحول دوست هجي ۽ هر جڳھہ باآساني مُيسر هجي. ترقي يافتہ ملڪن ۾ جنگلات جي ايراضي 25 سيڪڙو آهي. جڏهن تہ اسانجي مُلڪ ۾ 4 فيصد کان بہ گهٽ آهي. جيڪو ٻارڻ، فرنيچر ۽ عمارتي سامان ۾ استعمال ٿئي ٿو. اگر بائيو گئس کي پاڪستان ۾ ترقي ڏني وڃي تہ ان ۾ هي خوبي آهي جو هو پاڪستان دوست بہ آهي ۽ ٻهراڙي ۽ شھرن ۾ آساني سان ٺھي سگهي ٿو.

بائيو گئس ڇا آهي؟
بائيو گئس جو مطلب آهي تہ اها گئس جيڪا نامياتي ڪچري مان آڪسيجن جي غير موجودگي ۾ هضم ٿي وڃڻ واري عمل جي دوران پيدا ٿئي ٿي. هي شمسي ۽ هوا واري توانائي وانگر هڪ قابل عمل توانائي جو نبھہ آهي انھي کان علاوہ بائيو گئس لاءِ مقامي طور تي دستياب خام مال مثلاََ گوبر. سڙيل ۽ خراب ٿيل ڀاڄيون، فروٽ انھن جون کلون، گوبر، گٽر وغيرہ وغيرہ. مان پيدا ڪري سگهجي ٿي. مارڪيٽن ۽ فصلن ۾ ۽ گهرن مان نڪتل هر قسم جو ڪچرو ۽ فصلن جي باقيات، سائو گاھہ، هن لاءِ مفيد ذريعا آهن.

بائيلو سلري يا نامياتي ڀاڻ
زرعي ماهرن جي سالن کان تحقيق هي ثابت ڪيو آهي تہ بائيو گئس ٺھڻ کانپوءِ نڪرڻ واري مڪمل هضم فضلي کي ڪيميائي ڀاڻ جي نعم البدل طور استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ انھي کي استعمال ڪري 50 فيصد کان بہ وڌيڪ ڪيميائي ڀاڻن جي بچت ڪري سگهجي ٿي ۽ ڪجهہ سال وڌيڪ استعمال ڪرڻ سان ڪيميائي ڀاڻن مان مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو ۽ ماحول کي صاف رکي سگهجي ٿو.

ماحولياتي فائدو
بائيو گئس ڪاٺيوڻ ٻارڻ ۽ پيٽرول ڊيزل جي استعمال جي مقابلي ۾ ماحول کي 5 کان 10 فيصد صاف ڪري ٿو.

معاشي فائدا
بائيو گئس جي استعمال سان ڪاٺين سوئي گيس ايل. پي. جي جي استعمال جي ضرورت ڪون ٿي پوي ۽ ٻارڻ ٿيڻ واري خرچ جي وڏي بچت ٿئي ٿي عموماََ هڪ بائيو گئس پلانٽ ڏيڍ سال کان 2 سالن ۾ پنھنجو خرچ ڪڍيو وڃي.
بائيو گئس مان بجلي کان علاوہ ٽيوب ويل، چڪي، اٽي پيھڻ لاءِ ۽ هر قسم جو زرعي صنعتي ۽ گهريلو استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن گئس کي فلٽر ڪري CNG جو نعمل بدل ڪري هر قسم جو گاڏيون ۽ ريلون بہ هلن ٿيون.

بايو گئس پلانٽ هلايو

بايو گئس نامياتي جزن کي هوا جي غير موجودگي ۾ رکڻ سان پيدا ٿئي ٿي دراصل هڪ بيڪٽيريا آهي جيڪو هر انسان، جانور، وڻ ٽڻ ۽ ماحول ۾ قدرتي موجود آهي. جيڪو هر انھي شئي کي کائي ٿو جيڪا هن کي ملي ٿي. حتيٰ ڪہ هر قسم جي لوھہ ۽ ٻين کي بہ سوين سالن کان انسان بايو گئس مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن.
هينئر ترقي يافتہ ملڪ پنھنجي بجلي جو پنجاھہ سيڪڙو کان مٿي بايو گئس مان ٺاهي رهيا آهن. ان کان علاوہ ملون گاڏيون حتيٰ ڪہ ريل گاڏيون بہ هلائي رهيا آهن. جن ۾ برطانيہ، آمريڪا، چين، ناروي، جرمني، فرانس ۽ انڊيا سرفھرست آهن. انڊيا جي حڪومت ڪروڙين پلانٽ مفت ۾ ماڻھن کي لڳائي ڏنا آهن تہ جيئن ٻاهران گئس نہ گهرائجي.
بايو گئس ۽ سئي گئس ۾ ڪو خاص فرق نہ آهي، ٻيئي ميٿين آهن البتہ بايو گئس انسان جي محنت ۽ سئي گئس ﷲ جي دين آهي.
بايو گئس ٺاهڻ لاءِ چند ڳالھيون ذهن نشين ڪرڻ ضروري آهن. انھن تي عمل ڪري اوهان هڪ بھترين پلانٽ ٺاهي سگهو ٿا جيڪو اوهان کي 50 سال کان بہ وڌيڪ خدمت ڏيئي سگهي. اڻڄاڻائي ۽ جلد بازي ۾ ٺاهيل پلانٽ مان سواءِ مالي نقصان ۽ پريشاني جي ڪجهہ بہ حاصل نہ ٿيندو. منھنجي زندگي ۾ اهڙا ڪئين بيڪار پلانٽ گذريا آهن جيڪي مالڪن جي پريشاني جو سبب رهيا آهن.

بايو گئس پلانٽ ٺاهڻ جو طريقو

چند هيٺيان اصول آهن جيڪي نھايت اهم آهن
1. زمين جو ٽڪرو
2. سيلري جي نيڪال جي جڳھہ
3. مٽيريل هڪ نمبر هجي
4. سيمنٽ سٺي ڪمپني جو هجي

في الحال اسان هڪ گهر لاءِ اڪانامي پلانٽ جو ذڪر ڪنداسين تہ ڪيئن ٺاهجي.
سڀ کان پھرين زمين جيترو گهر ۽ بورچي خاني جي نزديڪ هجي تہ بھتر تہ جيئن پريشر صحيح اچي ۽ سنڀال ڪرڻ سولو ٿئي.
سڀ کان پھرين 15×15 فوٽ جيتري زمين صاف ڪري ليول ڪجي ۽ 7 فوٽ ڏور کڻي ٻنھي پاسي کان هڪ فوٽ ڪاٺي جون ڪليون ٻڌجن.

پوءِ هڪ طرف جي ڪلي کي زمين جي وچ تي هٿوڙي سان کوڙجي، باقي ٻي طرف جي ڪلي سان ڇڪي زمين تي گول پلڪار ڪجي ۽ ڪوڏر سان نشان ڪجي. اهڙي طرح 14 فوٽ گول نشان ٿي ويندو.

هاڻ اهو 14 فوٽ گول کي 7 فوٽ هيٺ کوھہ کوٽڻو آهي. کوھہ جي مٽي ضايع ناهي ڪرڻي بلڪہ ٿورو پاسي تي رکي ڇڏجي. هاڻ ضروري سامان خريد ڪجي جيڪو هن ريت آهي
1. سرون هڪ نمبر 3 کان 4 هزار
2. ريتي 6 سيڪڙو
3. ڪرش 1-1/2 سيڪڙو
4. 2 سريا 4 سوت جا 14 فوٽ ڊگها
5. 2 سريا 4 سوت 3 فوٽ ڊگها
6. پائپ پلاسٽڪ 10 فوٽ 6 انچ ويڪرو
7. G1 پائپ 2 انچ ٿلھو 1-1/2 ڊگهو
8. هڪ يا ٻہ ڊبل چلھا
9. مُني انچ جو پلاسٽڪ پائپ ۾ فٽنگ حسب ضرورت
G1 پائپ کي هڪ طرف چوڙي ڪڍي ان ۾ 2×3/4 انچ جو ڍڪڻو لڳرائجي جيڪو گئس هلائڻ ۾ ڪم ايندو.
کوھہ ٺاهڻ مھل اهو خيال رکجي تہ اگر زيرِ زمين پاڻي مٿي آهي تہ پاڻي اچڻ کان اڳ کوٽائي بند ڪري ڇڏجي. پوءِ زمين جي اندر سرن جي ڪڪري هڻي ڌمڪ سان ڪُٽي مظبوط ڪجي پوءِ بيس ٺاهي ٻاهر 10 ريڙها ريتي جا ۽ 8 ريڙها ڪرش جا انھن ۾ 5 ٻوريون سيمنٽ ملائجي.
هاڻ ٻہ سريا کڻي کوھہ ۾ هيٺ رکجن جيئن ڪراس ٺھي ٿو.

هاڻ ملايل ڪرش ريتي 3 انچ جو فرش ڀريو ۽ سريا مصالحي ۾ پورجي وڃن. هاڻ 6 فوٽ جي ڏور هيٺ فرش ۾ لڳائي گهمايو 12 فوٽ جو گول ٺھندو، انھي ۾ چوڌاري 9 انچ سرجي چوناري ڪريو ۽ نيڪال لاءِ ٻہ فوٽ جي دري رکو.

هاڻ باقاعدي اوساري 5 فوٽ جي ديوار تائين ٺاهيو ۽ دري کي باقي رهڻ ڏيو. ياد رکو تہ 6 رندا لڳائڻ کانپوءِ 6 انچ وارو پائپ 8 فوٽ ڪٽي اهڙي نموني لڳائڻو آهي جو زمين کان صرف 1-1/2 فوٽ مٿي رهي.

6 رندن کان پوءِ ديوار کي 5 فوٽ تائين مڪمل ڪجي دري هرگز بند نہ ڪجي. ديوار مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، پھرين ڪچو پلستر 4-1 جي حساب سان ڪريو. ٻي ڏينھن ترائي ڪري 3-1 جي حساب سان پڪو پلستر ڪريو.
هاڻ پھريون مرحلو مڪمل آهي. ٻہ ڏينھن ترائي ڪري ٽي ڏينھن جيڪا مٽي اوهان ڪڍي آهي اها واپس کوھہ ۾ ڀريندا ۽ کوھہ کان 3 فوٽ مٿي ڀريندا. هاڻ جيڪا مٽي اوهان ڀري آهي اها پلڪار ڪري گنبد (DOME) ٺاهيندا تائين ڇت ڀرجي ڊوم ٺاهڻ کان پوءِ 4 گز پلاسٽڪ شيٽ جيڪا عام جاين تي ڏيندا آهيون کولي مٿان ڏيندا ۽ لوهي پائپ مٿان رکندا.

هاڻ ڇت ڀرڻ لاءِ تياري ڪندا خيال رهي تہ پلانٽ ديوار تي نہ اچي اگر پلاسٽڪ نہ هجي تہ بہ خير آهي. 12 ٻوريون سيمنٽ 12 ريڙها هٿ وار ريتي ۽ 12 ريڙها ڪرش ملائي 4 انچ ٿلھي ڇت جي ڀرائي ڪندا. هاڻ ٻي ڏينھن پراڻيون ٻوريون ڇت مٿان رکي 8 ڏينھن تائين ترائي جاري رکندا جيئن ٻوريون سُڪن نہ. 8 ڏينھن کانپوءِ ٻوريون لاهي 8 ڏينھن ڇت کي خشڪ ڪندا ۽ پوءِ دري مان کوھہ جي مٽي ٻاهر ڪڍندا. مٽي مٿان نہ وجهندا بلڪہ سائيڊن ۾ رکندا.
هاڻ دري جي اڳيان 3×3 فوٽ هودي ٺاهڻ لاءِ بنياد ۾ ڪرش ريتي سيمنٽ هم وزن ملائي بيڊ ٺاهيندا، جيڪو 3×3 فوٽ جو هوندو ان تي 2×2 جي هودي ديوار تائين ٺاهيندا.

هودي ٺاهڻ کانپوءِ 10×8 فوٽ جو بيڊ ٺاهيندا. جنھن تي سرن جي ڪڪري تي ڌمڪ سان ڪٽي ويھاري ان جي مٿان 3 انچ ٿلھو مصالحا جنھن ۾ 8 ريڙها ريتي 6 ريڙها ڪرش ۽ 4 ٻوريون سيمنٽ ملائي بيڊ ڀرجي. ڀرڻ کان 3 انچ سرن جو ٻنو ٺاهجي تہ جيئن ماپ هڪ جيتري رهي. بيڊ ڀرڻ کانپوءِ 4 انچ يا 9 انچ سرن جي هودي ٺاهجي 10 رندا لڳائڻ کان پوءِ 6 انچ واري پائپ جو 2 فوٽ بچيل ٽڪرو نيڪال لاءِ سامھون لڳائجي انھي هودي کي پريشر ٽينڪ چوندا آهن.

پريشر ٽينڪ جو فرش ننڍي هودي جي مٿان ٺاهجي جيئن نقش ۾ ڏنو ويو آهي.
جيئن تہ گئس ديوارن ۽ ڇتن مان ليڪ ٿي ويندي ان ڪري ڇت جا ٻہ پلستر ڪري پوءِ ان کي پلاسٽڪ سان سيل ڪجي. سيل ڪرڻ لاءِ ROBIOLAC VIP PLASTIC EMULSSION ۽ ڪلر جو 4 ليٽر واري بالٽي وٺي ½ بالٽي ۾ 15 ڪلو کان سيمنٽ ملائي پاڻي سان نرم ڪري ڇت جي اندران پوچي سان هڻجي بچيل رنگ ضايع نہ ڪجي بلڪہ وري لڳائي پورو استعمال ڪجي.
ٻي ڏينھن ½ بالٽي ۾ 2 ڪلو سيمنٽ ملائي ساڳي طرح پوچي سان هڻجي ۽ رنگ ضايع نہ ڪجي.
هاڻ اوهان جو پلانٽ تيار آهي رنگ واري ڇت کي ترائي نہ ڪجي بلڪہ هن کي ۽ هودين کي پلستر ڪجي ۽ ترائي ڪجي. ڇت جي مٿان ترائي نہ ڪجي اگر گرمي جو وقت آهي تہ 8 ڏينھن کانپوءِ ڏسجي تہ رنگ مڪمل سڪي ويو آهي يا نہ رنگ سڪي وڃي تہ بھتر نہ تہ سڪڻ تائين گوبر نہ ڀرجي ان سان ڀوبر ڀرڻ لاءِ پائپ سان هودي ٺاهڻ لاءِ 4×4 جي ديوار ٺاهي پائپ جي چوٽي تائين آڻجي پوءِ ان ۾ مٽي ڀري 4 انچ جو بيڊ ٺاهجي ۽ ان تي 2-1/2×2-1/2 فوٽ ۽ 2 فوٽ اوچي هودي ٺاهجي تصوير 12 ۾ ان جو ذڪر آهي.

هاڻ اوهانجو بايو گئس تيار آهي اوهان INLET واري هودي جي پائپ کي ڪنھن ٻوري يا ڪٽي سان بند ڪري اٽڪل هڪ ريڙهو هٿ وارو گوبر وجهي باقي پاڻي سان ملائي هلائي پٽڙو ڪري ٻوري ڪڍندا تہ ريشو پاڻھي اندر هليو ويندو. جڏهن گوبر ٻاهرين هودي جي اندر 1-1/2 فوٽ تائين اچي وڃي تہ گوبر وجهڻ بند ڪري گئس لاءِ لڳل پائپ جي مٿان ¾ انچ جو وال لڳائي بند ڪري ڇڏيندا.
گرمي جي موسم ۾ اٽڪل هڪ هفتي اندر گئس ٺھڻ شروع ٿيندي ۽ پاڻي ٻاهر نڪرڻ شروع ٿيندو. پھرين گئس کي وال کولي خارج ڪندا جو اها ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ هوندي ۽ ڪون ٻرندي بلڪہ تيلي وسامي ويندي. پلانٽ جي ڀر ۾ تيلي ٻارڻ يا چيڪ ڪرڻ جي ڪوشش هرگز نہ ڪندا جو ڌماڪو ٿي سگهي ٿو ۽ جاني مالي نقصان ٿي سگهي ٿو. احتياط سڀ کان بھتر آهي. اهڙي طرح 2 يا 3 دفعہ گئس خارج ڪري پوءِ ٺھندڙ گئس لاءِ فٽنگ ڪرائيندا.
جيئن تہ هن گئس ۾ 20 سيڪڙو نمي يا ٻاڦ جي آميزش هوندي جيڪا وري پائپن ۾ پاڻي جي صورت اختيار ڪري ويندي آهي. انھي پائپ لائن کي مٿي ديوار سان لڳائجي جيئن پاڻي نيڪال ڪري سگهجي

پاڻي ڪڍڻ وارا وال هفتي ۾ هڪ دفعو ضرور کوليندا تہ ان ۾ جمع پاڻي نڪري وڃي ۽ گئس کي روڪاوٽ نہ ٿئي ورنہ اهو پاڻي چلھي جي والن ۾ وڃي انھن والن کي خراب ڪندو.
هاڻ توهان فٽنگ کانپوءِ گئس کوليندا فٽنگ هرگز ¾ کان گهٽ نہ ڪندا. ورنہ اوهان پريشان ٿيندا پلاسٽڪ جو سامان استعمال ڪندا تہ بھتر آهي. سستو بہ رهندو ۽ زنگ بہ ڪونہ لڳندو.
هاڻي توهان چلھي جا نوزل کولي انھن کي هڪ سوت جيترو ڪنھن سنبي يا اسٽيل جي ڪوڪي سان ويڪرو ڪندا ۽ واپس لڳائي پائپن ۾ گئس کولي ۽ هوا خارج ڪندا تہ گئس جي بوءِ اچ ويندي هاڻ تيلي لڳائي ٻاريندا تہ انشاءﷲ بھترين پريشر گئس ٻرندي.
ياد رهي تہ بايو گئس جو تعلق گرمي سان آهي جيترو گرمي، حبس يا برسات جي موسم هوندي تہ هي مڪمل هلندي رهندي تنھن ڪري ڪوشش ڪري پلانٽ گرمي ۾ ٺاهجي سياري ۾ گئس گهٽ ٺھي ٿي ۽ چالو ٿيڻ ۾ مھيني کان بہ وڌيڪ ٽائيم لڳي ٿو.
اميد تہ دوستن جي سمجهڻ لاءِ مون پنھنجي وس آهر ڪافي ڪوشش ڪئي آهي ۽ تجربو بيان ڪيو آهي تجربو سڀ کان وڏو شرط آهي. جنريٽر يا ڊيزل انجڻ هلائڻ لاءِ عرض آهي تہ پيٽرول انجڻ هرگز نہ هلائجي جو پاڻي جي نمي ڪري انجڻ جلد خراب ٿيو وڃي باقي ڊيزل انجڻ يا ڊگڊگي بھترين هلي ٿي انھي لاءِ انجڻ جي ايئر ڪلينر ۾ هيٺان نپل ويلڊنگ سان لڳائجي تہ بھتر آهي ۽ انجڻ کي گرم پاڻي جي ٽانڪي هڻجي جو گئس گرمي ۾ ڀري سگهجي.
هاڻ انجڻ چالو ڪري ان کي ٿوري دير گرم ڪجي پوءِ هن کي سلو ڪري آهستہ آهستہ گئس چالو ڪجي انجڻ پاڻھي تيز ٿي ويندو ۽ زيادہ گئس ڇڏڻ سان انجڻ جو نقصان ٿي سگهي ٿو

ايترو لکندس تہ انجڻ هلائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 15 فوٽ پلانٽ يا ان کان وڏو لڳائجي تہ بھتر آهي.
جنريٽر هلائڻ بھتر آهي، پر اڄڪلھہ سولر عام آهي سستو بہ پوي ٿو ۽ سڪون بہ آهي. باقي انجڻ زراعت يا چڪي يا صنعتي استعمال لاءِ هلائي سگهجي ٿو.
آخر ۾ چند نقطا لکان ٿو جيڪي ضروري آهن.
1. سيمنٽ ۽ سرون وغيرہ معياري هجن.
2. ترائي مڪمل طرح ڪجي تہ صحيح طرح سختي اچي.
3. چالو ڪرڻ کانپوءِ پاڻي ڪڍڻ جو عمل جاري رکجي.
4. گوبر ۽ پاڻي صحيح ريشو ملائي باقاعدي لڳائجي.
5. سردين ۾ استعمال ٿيل گوبر RE CYCLE ڪجي يا وري وري استعمال ڪرڻ سان گئس صحيح هلندي.
6. بورچي خاني ۾ استعمال کانپوءِ مين وال بند ڪري ڇڏجي تہ جيئن اگر ڪا ليڪيج هجي تہ گئس ضايع ٿي حادثو نہ ڪري.
7. چلھي جو وال ايترو ئي کولجي جيتري ضرورت هجي زيادہ کولي گئس ضايع ڪرڻ سان گئس کٽي ويندي.
8. چلھي جي صفائي برابر ڪرڻ گهرجي تہ جيئن ماحول صاف ملي.
9. رات جو پلانٽ جو مين وال بند ڪري ڇڏجي.
10. مين وال وٽ پاڻي ڪڍندو رهجي.

اميد تہ پڙهندڙ سڀ سمجهي ويا هوندا ۽ اگر ڪو مسئلو هجي تہ موبائل نمبر 0302-2730504 تي رابطو ڪندا.

خدا حافظ

بايو گئس ڊرم ٽائپ

شروعاتي دور ۾ جڏهن بايو گئس جي شروعات ٿي تہ ماڻھن کي خبر پئي تہ نامياتي شين جي ڳري سڙڻ سان گئس ٺھي ٿي جيڪا حادثاتي طور تي باھہ لڳڻ ڪري منظر عام تي آئي. ٿڌن ملڪن جي ماڻھن ٻارڻ ۽ گهرن کي گرم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ان لاءِ هڪ سولو طريقو استعمال ڪيو ويو تہ هڪ کوھہ ٺاهي ان ۾ ڇيڻو وغيرہ وجهڻ لاءِ پائپ لڳائي ان مٿان هڪ عدد ڊرم جو هڪ پاسو ڪٽي ٻي پاسي نلڪي هڻي ان کي الٽو (ابتو) وڌو ويو تہ ڪجهہ عرصي کانپوءِ گئس تيار ٿي جنھن ڪري ڊرم مٿي چڙهي ويو، نلڪي لڳائي ان سان گئس جو استعمال ڪيو ويو.
هن وقت هي طريقو ناقابل استعمال آهي ڇو تہ لوهي ڊرم ڪجهہ عرصي کانپوءِ ڳريو وڃي ان لاءِ هاڻ فائبر جون ٽانڪيون استعمال ڪجن ٿيون ليڪن پريشر گهٽ هئڻ ڪري ڪامياب نہ آهن. ليڪن اوهان جي دلچسپي لاءِ طريقو ٺاهڻ جو هيٺ لکان ٿو.

ٺاهڻ جو طريقو
ساڳي طرح هڪ عدد فائبر جي ٽانڪي هٿ ڪري يا بازار مان خريد ڪري وٺجي. ٽانڪي گهٽ مان گهٽ 500 کان هڪ هزار گيلن جي هجي. ان ٽانڪي جي گولائي ماپ ڪري ان کان هڪ فوٽ ويڪرو کوھہ 10 فوٽ کان 8 فوٽ اونھو ٺاهجي. مثلاََ اگر ٽانڪي 4 فوٽ ويڪري آهي تہ 5 فوٽ ويڪرو کوھہ کوٽجي جيڪو ڪچو کوھہ 7 فوٽ ويڪرو ٿيندو 9 انچ اوساري کانپوءِ کوھہ جي ماپ 5 فوٽ رهندي ۽ اونھائي 8 کان 10 فوٽ هجي. ساڳي طرح هڪ پائپ ڇيڻي وجهڻ لاءِ کوھہ کان 2 فوٽ وڏو هجي تہ جيئن تري تائين اچي سگهجي.

کوھہ تيار ٿيڻ کانپوءِ ڇيڻو ۽ پاڻي هم وزن ملائي کوھہ ڀرجي ۽ مٿان بہ سرون ڪڍي نيڪال لاءِ جڳھہ ڇڏي کوھہ ٺاهڻ وقت کوھہ جي وچ ۾ هڪ هڪ فوٽ جون 4 عدد پٽيون لڳائجن تہ جيئن ڊرم اندر ٻڏي نہ وڃي.
کوھہ جڏهن ڀرجي وڃي تہ ڊرم جو وڍيل پاسو هيٺين پاسي ڪري کوھہ ۾ لائجي ۽ بند پاسي 1/2 انچ جو وال لڳائي بند ڪجي

اميد تہ اوهان آساني سان سمجهي ويا هوندا. هاڻ جڏهن ڊرم چڙهي وڃي تہ ان جي گئس خارج ڪندا ٻہ ٽه دفع خارج ڪرڻ کانپوءِ گئس قابل استعمال ٿي ويندي فٽنگ جو ساڳيو طريقو آهي باقي پريشر لاءِ ڊرم يا ٽانڪي تي وزن رکڻ سان پريشر وڌندو. اميد تہ اسان جي لکيل ڪاوش مان اوهان فائدو وٺندا ۽ بھتر زندگي بسر ڪندا.
جيئن اسان جي ملڪ ۾ رڌ پچاءُ جو ڪم عموماََ عورتون ڪنديون آهن تہ انھن لاءِ بايو گئس هڪ نعمت کان گهٽ نہ آهي وقت جي بچت سان گڏ صحت ۽ صفائي جو مسئلو بہ ڪافي حل ٿيو وڃي، جتي جتي مون پلانٽ لڳايا آهن مائرون ۽ ڀينرون مونکي دعائون ڪنديون آهن اوهان بہ دعائن ۾ ياد ڪندا.

والسلام

بائيو گئس جي سار سنڀال

1. پلانٽ لڳائڻ وقت ڪنھن بہ اڻ ڄاڻ ماڻھو جي مشوري کان پاسو ڪجي.
2. پلانٽ لاءِ سرون هڪ نمبر ۽ فيلڪن سيمنٽ، ½ انچ جو ڪرش ۽ سٺي ريتي ۽ سٺا پائپ استعمال ڪجن.
3. گرمي جي موسم ۾ 40% گوبر ۽ 60% پاڻي سٺي نموني ملائي پوءِ وجهجي.
4. سياري ۾ 50% گوبر ۽ 50% پاڻي ملائي اندر وجهجي .
5. ڪوشش ڪري گوبر زمين کان مٿي کڻجي، تہ جيئن گوبر سان گڏ مٽي شامل نہ ٿئي، جيڪا اندر وڃي جمع ٿي ويندي ۽ پلانٽ گئس گهٽ ٺاهيندو ۽ آهستہ آهستہ بند ٿي ويندو.
6. هر 10 کان 12 سالن کانپوءِ فيبروري جي مھيني ۾ پلانٽ جي صفائي ڪري ضروري مرمت ۽ رنگ ڪجي. گرمي ۾ هرگز مرمت نہ ڪجي، جو اندر جي گرميءَ 60 کان بہ مٿي هوندي آهي.
7. گوبر لڳائڻ کانپوءِ هڪ 15 فوٽ وارو بانس، اندر کوھہ ۾ هلائبو تہ گيس وڌيڪ ٺھندي.
8. گرمي جي موسم 25M3 واري پلانٽ ۾ 150 ڪلو گرام گوبر (3 هٿ واريون ٽراليون) 50M3 واري پلانٽ ۾ 300 ڪلو گرام ۽ 100M3 واري پلانٽ ۾ 600 ڪلو گرام گوبر وجهجي، اگر گيس ضرورت کان وڌ آهي، تہ گوبر ضرورت آهر گهٽائي سگهجي ٿي.
9. سياري ۾ بيڪٽيريا سُست ٿيو وڃي ۽ گئس ضرورت کان گهٽ ٺھي ٿي انھيءِ لاءِ ڪُجهہ اُپاءُ لکجن ٿا، عمل ڪرڻ سان فائدو ٿيندو.
10. سياري ۾ بور جو پاڻي اگر مٺو هجي تہ اُهو گوبر سان ملائي استعمال ڪجي.
11. اگر پلانٽ سان ڪو انجن، چڪي، ٽيوب يا جنريٽر لاءِ استعمال تي آهي تہ انجڻ جو پاڻي DIGESTOR جي اندران گذاري هلائجي، تہ گوبر بہ گرم ٿي ويندو ۽ گئس بہ زيادہ ٺھندي
12. پلاسٽڪ جي شيٽ ضرورت مطابق خريد ڪري پريشر ٽينڪ ڊائجسٽر ۽ INLES کي ڍڪي ڇڏجي تہ جيئن سج جي گرمي سان گوبر گرم ٿئي. پلاسٽڪ ڪارو هجي يا شفاف هجي

13. پلانٽ جي چؤ طرف بانس يا ڪاٺيون يا ننڍي ديوار ڏجي، تہ ڪو جانور پريشر ٽينڪ ۾ ڪري نہ پوي. خاص طور تي ماهو مال گهڻو اچي ٿو، ڪوشش ڪري پلانٽ اهڙي جڳھہ تي لڳائجي، جو ڪنھن وڻ يا بلڊنگ جي ڇانوَ مٿس نہ اچي ۽ ڪاڙهو شام تائين مٿس هجي، تہ جيئن پلانٽ گرم هجي.
14. پلانٽ جي چؤڌاري 20 کان 25 ميٽر تائين ڪوبہ وڻ نہ هجي. وڻن جون پاڙون پلانٽ جي ديوارن کي ٽوڙي اندر داخل ٿي، پلانٽ کي ناڪاره ڪري ڇڏينديون، جيڪو نقصان جو باعث ٿيندو.
15. ڪوشش ڪري بور جو پاڻي پلانٽ ۾ استعمال ڪجي. انھي سان نمڪيات جي ڪري پلانٽ جي عُمر گهٽ ٿي ويندي. تلاءُ جو مٺو پاڻي اگر ميسر آهي تہ اهو استعمال ڪجي.
هاڻ وري ٿورو ماحول بابت ڳالھہ ڪندس، تہ جنھن ڳالھہ جو خدشو هو، اهوئي ٿيو. حڪومت پوري دنيا شرم الشيخ عصر ۾ مٿو جهلي ويٺي آهي تہ ڇا ڪجي؟ اسانجي ڪردارن جو انجام ظاهر آهي. تيل، ڪوئلي، گئس ۽ ٻارڻ جو بي تحاشا استعمال، وڻ، پکي، هرڻ، تتر، وهيا، شينھن، بگهڙ تاريخ جو حصو بڻجي ويا آهن. قدرتي نيڪال ڊاهي، آباديون ۽ فصل لڳايا ويا آهن. جنھن وڻ جي ٽار تي اسان جو آکيرو آهي، انھي کي ڪاٽي پاڻ کي ڪيرائڻ ۾ اسان ڪا ڪثر ڪونہ ڇڏي آهي. سچ تہ پلانٽ گهر ۾ لڳل هو تہ 2011ع، 2020ع ۽ 2022ع جي طوفاني بارش ۾ ڪاٺين جو مسئلو ڪونہ رهيو. اوڙي پاڙي وارا بہ فائدو وٺي ويا. اڄ 6 مھينن کانپوءِ هي آخري اکر لکي رهيو آهيان. ﷲ ڄاڻي اڳتي ڇا ٿيندو. باقي اسان جا اهي لاٽون اهي چگهہ آهن. حرام جو پاڻي وري سِم نالن ۾ هلايون پيا. ڏاڍي جي لٺ کي 2 مٿا آهن، باقي ﷲ سڀ کان ڏاڍو آهي، انھيءِ جي لٺ بي آواز آهي. اميد تہ هي ڪتابڙو پوري پاڪستان جي عوام کي ڪم ايندو.

پيارو پاڪستان زنده باد

زمين کي سُڌارڻ ۽ خرچ بچائڻ جا طريقا

رڳو ڪيميائي ڀاڻ ۽ دوائون استعمال ڪرڻ ڪري زمينون ٿڪجي ڪلر ٿي ويون آهن انھيءَ لاءِ چند مشورا حاضر آهن.
1. ديسي ڀاڻ جو استعمال
2. زمين ۾ وڻن جو تعداد خاص ڪري ٻٻر وڌائڻ
3. فصل جي باقيات مثلاََ ڪڻڪ ڦٽي، ساريون، جنتر، لوسڻ، برسيم، ڦرين وارا فصل، ڪمند جي کُري وغيرہ ۽ هر فصل جي باقيات کي ساڙڻ يا ڀيل ڪرڻ جي بجاءِ زمين ۾ هر سان ملائڻ سان زمين ۾ آرگينڪ مادا پيدا ٿين ٿا ۽ PH ليول وڌي ٿي ۽ فصل لاءِ خوراڪ ٺھي ٿي. زمين وٽ جهلي ٿي ۽ پاڻي جي بچت ٿئي ٿي.
4. زمين کي ليزر ليول ڪرائجي تہ پاڻي جي بچت ٿيندي ۽ هڪ ساري پاڻي اچڻ ڪري فصل هڪ ساريڪو ۽ ڀلو ٿيندو.
5. شگر مل جي مڊ استعمال ڪرڻ سان بہ زمين ۾ طاقت ٿئي ٿي ۽ DAP جي ضرورت ڪونہ ٿي رهي.
6. پاڻي ضرورت آهر ڏجي ۽ مٿين طريقن استعمال ڪرڻ سان فصل کي سوڪ کان بچائي سگهجي ٿو.
7. ڪمپوسٽ ڀاڻ جو استعمال ڪرڻ سان سڀني ڪيميائي ڀاڻن کان بچي سگهجي ٿو ۽ وڌيڪ بچت ٿئي ٿي.
8. زميندار ڪڪڙيون پالي جو انھن جي گوشت ۽ بيضن جي ضرورت سستي پوري ٿئي بلڪہ آمدني بہ ٿئي ٿي. خاص طور تي مصري ڪڪڙيون سارو سال بيضا ڏين ٿيون ۽ انھن جي اروڙي بھترين ڀاڻ آهي.
9. مال ڌارجي. انھن مان ڀاڻ، کير، گيھہ، مکڻ، لسي، دهي وغيرہ ۽ پئسو گهڻو حاصل ٿئي ٿو ۽ لاچاري کان بچي ٿو.
10. بائيو گئس لڳائجي. انھي لاءِ پھرين لکي آيو آهيان، تہ وڻ بچن ٿا، صاف ٻارڻ جي ۽ آرگينڪ ڀاڻ حاصل ٿئي ٿو.
11. هروڀرو ناجائز پاڻي کان زمين کي بچائي رکجي.
12. خاص گذارش آهي تہ ڪمند جي کري کي زمين تي ساڙي نہ بلڪہ ½ ٻوري يوريا ڇٽي، پاڻي ڏيڻ سان ڀاڻ ٿي ويندي. ڪيلي ۾ منھنجو تجربو آهي تہ ڪيلي جا ٿڙ ٻاهر نہ ڪڍجن، بلڪہ ڪتر ڪري فصل اندر رهڻ ڏجن، جنھن ٿڙ مان لونگر ڪٽجي، ان مان پن ڪتري ڇڏجن ۽ ٿڙ کي اتي رهڻ ڏجي. انھي سان ٻج کي خوراڪ ملندي، ختم ڪيل ڪيلي جي باقيات زمين ۾ ملائي 90 مڻ ڪڻڪ ۽ 80 مڻ في ايڪڙ ڦٽي منھنجي کنيل آهي، اوهان بہ تجربو ڪري ڏسو، ڇو تہ ڪيلي جي باقيات ۾ رڳو پوٽاش ۽ فاسفورس آهي.

بائيو فرٽيلائزر جو استعمال وقت جي اهم ضرورت

هن مھانگائي جي دؤر ۾ جيترا بہ وسائل آهن انھن جون قيمتون آسمان تي ڳالھيون ڪري رهيون آهن. ڊيزل، ڀاڻ، دوائون، ٻج، ٺيڪا، زمين جا مقاطعا سڀ پوين سالن کان وڌي ويا آهن ۽ انھي سان گڏ رهي سهي ڪثر مختلف جنسن جي ڪريل اگهن پوري ڪري ڇڏي آهي انھي صورتحال ۾ آبادگار روز بروز خساري ۾ وڃي رهيو آهي ۽ هن جي گهر جو چُلھو ٻارڻ مشڪل ٿي رهيو آهي. فائدو صرف دلال، آڙهتي ۽ وچ وارو ماڻھو حاصل ڪري رهيو آهي، انھي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ نہ صرف زرعي مداخل کي سستو ڪرڻ جي ضرورت آهي بلڪہ پيدا شدہ جنسن جي اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي بہ ضرورت آهي ۽ اُن سان گڏ نئين ايندڙ زرعي ٽيڪنالاجي جيڪا پاڻ سان پنجوڻ ڇھوڻ تي بچت آڻي مثال جي طور تي آبادگار اگر هزار رپيہ خرچ ڪري تہ هن کي پنج ڇھہ هزار رپيہ آمدني ٿئي، تہ جيئن فارمنگ نقصان مان نڪري منافع جي صورت اختيار ڪري.
بائيو فرٽيلائيزر ان سلسلي جي هڪ نئين ۽ بھترين ٽيڪنالاجي آهي. سڀ کان پھرين اسين ڏسون ٿا تہ بائيو فرٽيلائزر ڇا آهي.
اسانجي زمينن جي اندر قدرت ڪجهہ اهڙا جاندار پيدا ڪيا آهن جيڪي زمين جي بايالاجيڪل خصوصيات کي بحال رکن ٿا ۽ فصلن ۽ ٻوٽن جي نشونما ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. بائيو فرٽيلائيزر ۾ مختلف قسم جا بيڪٽيريا شامل ڪيا ويندا آهن. ان سان گڏ مختلف قسم جون فنجائي بہ شامل ڪيون وينديون آهن سوال هي پيدا ٿئي ٿو تہ جڏهن قدرتي طور تي هي بيڪٽيريا زمين ۾ موجود آهن تہ پوءِ بائيو فرٽيلائزر جي استعمال جي ڪھڙي ضرورت آهي ۽ ان جو ڪھڙو فائدو آهي؟ دراصل لڳاتار، زهرن ۽ ڪيميڪل جي استعمال ڪرڻ ڪري نامياتي مادي جي زمين ۾ کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ روز بروز اهي جاندار گهٽ ٿي رهيا آهن. انھي ڪري زمين جي طبعي ۽ بائيولاجيڪل خصوصيت جي تبديلي جي ڪري اسانجي زمين جي پيداواري صلاحيت گهٽ ٿيندي وڃي. ڪيميڪلز ۽ زهرن جي مسلسل استعمال ۽ کاري ٽيوب ويلن ۽ دريائن ۾ شھري گندو پاڻي ملن جا زهريلا پاڻي استعمال ڪرڻ ڪري اسان جي زمينن ۾ جيڪي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن ان ۾ اهم مسئلو زمين جو سخت ٿيڻ آهي. پاڻي جذب ڪرڻ جي صلاحيت ۾ ڪمي، زمين ۾ زيادہ ڏينھن وٽ جو نہ رهڻ پي ايڇ ليول جو وڌڻ آهي. زمين جي ساخت بھتر ڪرڻ لاءِ اسين هيٺ ڏنل طريقا استعمال ڪري پنھنجي زمين کي بھتر ڪري پيداوار وڌائي سگهون ٿا ۽ خرچن ۾ ڪمي آڻي خوشحالي حاصل ڪري سگهون ٿا. نامياتي مادي يعني گوبر، مرغي فارم مان نڪتل روڙي ۽ شگر ملن جي نڪتل پريس مڊ کي ملائي بائيو ڀاڻ ٺاهي سگهجي ٿو. بائيو ڀاڻ جي طاقت گوبر ۽ مرغي روڙي کان ڪئين دفعا وڌيڪ هوندي آهي.
سائي ڀاڻ جو استعمال ڪريو. سائي ڀاڻ لاءِ جنتر، گوار، لوسڻ، برسيم يا تر ۽ هر قسم جو ڦرين وارو فصل بھترين آهن. تيار جنتر کي روٽا ويٽر سان زمين ۾ ملائي. اگر انھي سان گڏ پنج ليٽر بائيو فرٽيلائيزر ۽ ڏھہ ڪلو يوريا ڇٽي پاڻي ڏيندا تہ جنتر زمين ۾ ڳري ڀاڻ ٿي ويندو ۽ انھي عمل سان 40 کان 45 ڏينھن ۾ زمين زرخيز ٿي ويندي. سڀ کان اهم ڳالھہ هي آهي تہ بائيو فرٽيلائزر جو استعمال ڪريو تہ جيئن زمين جي حالت بھتر ٿئي ۽ اوهانجي فصلن جي پيداور وڌي. بائيو فرٽيلائزر پاڻي سان گڏ فلڊ ڪرڻ (پاڻي ۾ ٻوڙڻ) سان زمين جي اندر مفيد جاندارن جي تعداد ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ مفيد جاندارن جي تعداد وڌڻ ڪري جيڪي فائدا حاصل ٿين ٿا اهي هي آهن.
1. نامياتي مادي کي خوراڪي جزن ۾ تبديل ڪري ٿو ۽ ان مان فائدو وڌيڪ ٿيندو.
2. سخت زمين فاسفورس ۽ پوٽاشيم کي ٻوٽن لاءِ قابل استعمال بنائي ٿو ۽ ٻوٽي کي نائٽروجن فراهم ڪري ٿو.
3. نامياتي مادي کي هيومس HUMUS ۽ تبديل ڪري ٿو ۽ وٽ زيادہ دير قائم رکي ٿو.
4. زمين ۾ مفيد جاندارن جو تعداد وڌائي ٿو جنھن سان فصلن جي پيداوار وڌي ٿي.
5. زمين ۾ نقصان دھہ جراثيم ۽ نيماٽوڊس جي پيدائش گهٽ ٿيو وڃي.
6. زمين جو PH ليول نارمل ڪري ٿو.
7. نامياتي مادي (گوبر، مرغي فارم جي روڙي) ۽ سبز ڀاڻ (جنتر، گوار، لوسڻ، برسِم ۽ ڦرين وارا فصل) سان گڏ بائيو فرٽيلائزر استعمال ڪرڻ سان وٽ گهڻو وقت قائم رهي ٿي ۽ پاڻي جي بچت ٿئي ٿي.
8. ٻج پوکڻ وقت هن جو استعمال ٻج جي ڄمڻ کي يقيني بنائي ٿو. فصل مختلف بيمارين کان محفوظ رهي ٿي ۽ زمين نرم ٿي وڃي ٿي ۽ گهڻا هر هلائڻ جي ضرورت ڪون ٿي پوي.
9. ٻوٽي کي مضبوط ڪري ٿو ۽ فنگس جي حملي کان بچائي ٿو.
10. ٽاري کي مضبوط ڪري فصل کي ڪرڻ کان بچائي ٿو.
11. زمين ۾ پاڻي جذب ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌائي بھتر ڪري ٿو.
12. ڪلراٺي ۽ بنجر زمين کي قابِل ڪاشت ڪري ٿو ۽ ٽيوب جي پاڻي خراب اثرن کي گهٽ ڪري ٿو.
13. تمام فصلن ڀاڄين، دالين، تيل وارن فصلن ۽ باغات لاءِ مفيد آهي.
14. باغات ۾ اجزاءِ صغيرہ جي فراهمي لاءِ پاڙن جي بيمارين کان نجات، ميوو ڪرڻ کان نجات، ٻوٽن جي صحت ۽ ميوي جي ڪوالٽي بھتر ۽ ميوي جو جلدي تيار ٿيڻ، هتي ڪجهہ فائدا بائيو فرٽيلائزر جا لکيا آهن. انھيءَ کان علاوہ بہ الاهي فائدا آهن جيڪي استعمال کانپوءِ اوهين پاڻ محسوس ڪندا. بائيو فرٽيلائزر جي استعمال سان فصل صحت مند ٿئي ٿي. ان جي قوت مدافعت وڌي ٿي. ڪڻڪ، چانور جي ٻوٽن جي ڦوٽ بھتر ٿئي ٿي ۽ ٻوٽي جي ڊيگهہ وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ حاصل ٿيندڙ پيداوار ڪيميائي ڀاڻ جي مقابلي ۾ زيادہ ٿئي ٿي ۽ ان ۾ غذائيت جي مقدار بہ وڌيڪ ٿئي ٿي. بائيو فرٽيلائزر فصلن، باغن، دالن، ڪپھہ ۽ هر قسم جي فصل ۾ استعمال سان ٻج جو ٺھڻ يقيني ٿئي ٿو. ڇو جو بائيو فرٽيلائزر زمين جي ڪلر کي گهٽائي ٿو. ڪيميائي ڀاڻ سان گڏ بائيو فرٽيلائزر 5 ليٽر استعمال ڪرڻ سان ڀاڻ جو زيان ڪون ٿو ٿئي ۽ ڀاڻ جي افاديت ٻيڻي ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ تہ تمام اعليٰ ڪوالٽي جو بائيو فرٽيلائزر گهٽ قيمت ۾ پاڪستان ۾ ملي ٿو ۽ بائيو فرٽيلائزر جو خرچ ڪڍي پوءِ بہ فارمر کي 10_ 15 هزار اضافي فائدو ٿئي ٿو ۽ اضافي پيداوار ٿيڻ سان ملڪ ۽ آبادگار ٻئي خوشحال ٿي سگهن ٿا. اگر پاڪستان مان ڪوئي ماهر زراعت بائيو فرٽيلائزر جو ٽرائل ڪرڻ چاهي ٿو تہ هيٺ ڏنل نمبر تي مسٽر شاھہ محمود شاهد سان رابطو ڪري.
0300-7256054

بائيو فرٽيلائزر جي استعمال سان مختلف فصلن ۾ اضافي پيداوار حاصل ڪرڻ جي تفصيل هن ريت آهي.
پھرين فصل ۾ ويھہ فيصد اضافي پيداوار حاصل ٿئي ٿي. اوهان ڪيميائي ڀاڻن ۾ 20 کان 30 فيصد ڪمي ڪري نائٽروجني ۽ ڪيميائي ڀاڻن جي نسبت زيادہ آمدني حاصل ڪري سگهو ٿا. ڪمند جي فصل ۾ ڀاڻ ۾ ڪمي نہ ڪريو بلڪہ بائيو ڀاڻ کي اضافي خوراڪ طور استعمال ڪريو. ان جي استعمال سان ڪمند جي فصل 200 کان 300 مڻ زيادہ پيداوار ڏي ٿي. هتي آءٌ آبادگار ڀائرن جي ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ سوال جو جواب ضرور ڏيندس. تہ ڇا 2 يا 3 سالن جي استعمال سان خوراڪي جزن ۾ ڪمي تہ ڪون ايندي؟ ائين بلڪل ڪونہ ٿو ٿئي بلڪہ ڇو تہ بائيو فرٽيلائزر ۾ موجود بيڪٽيريا هوا مان نائٽروجن حاصل ڪري زمين ۾ جمع ڪندا آهن جيڪا ٻوٽي کي پاڙن مان ملي ٿي. ان کان علاوہ زمين ۾ فاسفورس ۽ پوٽاشيم گهڻي انداز ۾ موجود هوندي آهي، جيڪا آهستي آهستي بائيو فرٽيلائزر ۾ موجود بيڪٽيريا جي ڪري ڳرندي رهندي آهي ۽ ٻوٽن کي حاصل ٿئي ٿي ۽ ڪڏهن بہ ان ۾ ڪمي ڪونہ ٿي اچي. ان کان علاوہ بھتر آهي تہ فاسفورس ۽ پوٽاشيم جو ڪجهہ استعمال جاري رکو. هڪ تجربي ۾ ماهرن 5 سالن تائين بائيو فرٽيلائزر استعمال ڪيو ۽ ان جي استعمال کان اڳ ۽ پوءِ زمين جو تجزيو ڪيو تہ ان جي خوراڪي جُزن ۾ ڪابہ ڪمي ڪونہ آئي هئي. بلڪہ زمين جي نامياتي مادي ۾ ڪئين دفعا اضافو ٿيو. ڪئين آبادگار اهو سوال ڪندا آهن تہ نامياتي مادي ۾ اضافو ڪھڙي طرح ممڪن آهي. دراصل بائيو فرٽيلائزر جي استعمال سان پاڙن جي تعداد ۽ ڊيگهہ ۾ تقريباََ ٻيڻو اضافو ٿئي ٿو. جيڪا ايندڙ فصلن لاءِ نامياتي مادو ٻيهر پيدا ڪن ٿيون ۽ سالھا سال زمين ۾ نامياتي مادي ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو. اڄ 10 مارچ 2023ع ۾ ڪيميائي ڀاڻن جي اگهن ۾ ايترو گهڻو اضافو ٿي ويو آهي جو ڀاڻ خريد ڪرڻ ٻج کيڙي جا اگهہ روز بروز آسمان ڏي وڌي رهيا آهن. انھي مان جان ڇڏائڻ لاءِ آبادگار حضرات ڪجهہ سوچي غور ڪري. ديسي ڀاڻ، ڪمپسٽ ڀاڻ، گوبر گئس جو ڀاڻ ۽ بائيو فرٽيلائزر استعمال ڪندا تہ زمينون ٺھنديون، بچتون ٿينديون ۽ خوشحالي وڌندي. باقي منافع خورن جي ذخيرہ اندوزن جي ناپاڪ ارادن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ صرف هڪڙوئي طريقو آهي تہ آبادگار حضرات پاڻ مرغيون، ٻڪريون، رڍون، مينھون، ڍڳيون، گڏھہ ۽ ڍڳي گاڏيون، وڻن ۽ انھن جون هڙيون لڳائن تہ انشاءَﷲ اوهان ڏسندا، وڏو انقلاب اچي ويندو 1960ع کان اڳي اسان ديسي ڀاڻ ڏيندا هئاسين ۽ حرام جو پاڻي استعمال ڪونہ ڪبو هو، آفيسرن ۾ ڪجهہ ايمانداري هئي 33% آبادي ٿيندي هئي زمين کي ساهي ملندي هئي. شاخن جي ڊاڪن ۽ روڊن جي پاسن تي ٻيلي کاتي وارن بيشمار وڻ لڳايا هئا. جتي 25 پئسه ٻڪري ۽ 50 پئسه وڏو مال پيو سڄي سال چرندو هو. هاڻ تہ اتي دوربيني سان بہ وڻ نظر ڪون ٿو اچي. نتيجي ۾ دوست پکي جهڙوڪ تتر، وهيا، جهرڪيون ناپيد ٿي ۽ ڪپھہ ۽ ٻين فصلن ۾ عجيب عجيب بيمارين منھن ڪڍيا آهن. اميد تہ هن ڳالھہ تي غور ڪندا پاڻي تي ڪنٽرول، ليزر ليول وسيلي ۽ سم نالن ۾ پاڻي کي ضايع ڪري آئندI لاءِ بچائي رکندا ۽ پوڇڙي وارن جون دعائون کٽيندا. باقي هن وقت ڪامورا شاهي جيب ڀرڻ لاءِ اوهان سان هر تعاون ڪندي ۽ غريبن لاءِ جيلون تيار آهن جيڪي بيڏوهي، بيدر يافتہ پيا سڙن، پھچ وارا فون تي آزاد ٿيو اچن چاهي ڪنھن کي بيڏوهي قتل ڇون ڪن ﷲ اسان سڀني جو حامي ناصر هجي.
تتي ٿڌي ڪاھہ ڪانھي ويل ويھڻ جي،
متان ٿئي اونداه پير نہ لھين پرين جو.
(شاهه)

ڪمپوسٽ ڀاڻ ٺاهڻ جو طريقو

مال جو ڀاڻ اروڙي تي گڏ ڪرڻ سان پنھنجي طاقت وڃائي ويھي ٿو. بھتر آهي تہ ان کي ڪمپوسٽ ڪجي. ان لاءِ هڪ پلاٽ مال جي تعداد مطابق ٺاهجي 100 فٽ × 50 فوٽ زمين جي پلاٽ کي چؤڌاري پڪين سرن سان يا فوٽ کان مٿي مٽي جو ٻنو ڏجي. روزانہ جو ڀاڻ ان ۾ پکيڙجي ۽ مٿان پاڻي هارجي تہ جيئن سُڪي نہ. جڏهن هڪ دور پورو ٿئي، تہ ان مٿان هلڪو واري جو تھہ ڏجي ۽ پاڻي ڇٽڪاري، ٻيو تھہ شروع ڪجي ۽ ساڳيو طريقو ڪجي. ڇھہ تهن کانپوءِ هفتو کن روز پاڻي جي ڇٽڪار ڪجي، پوءِ ڇڏي ڏجي. اگر ٿي سگهي تہ پلاسٽڪ سان ڍڪي ڇڏجي. اگر بائيو گئس لڳل هجي، تہ ان جو نڪتل راٻڙو بہ گوبر ۾ گڏوگڏ مٿان هارجي.
هڪ مھيني کانپوءِ اهو سڀ گوبر هيٺ لھي ويندو. تري مان ڪجهہ گوبر ڪڍي، هٿ سان نپوڙجي. اگر پاڻي نڪري تہ اڃا تيار نہ آهي، بلڪہ اگر صرف آلو آهي ۽ ان مان بارش جي اچڻ سان جيڪا خوشبو اچي ٿي، اها ڪمپوسٽ جي تيار ٿيڻ جي نشاني آهي. هاڻ توهان 2 ٻوريون في ايڪڙ استعمال ڪندا، تہ حيرت انگيز فائدو ٿيندو. اميد تہ ڪامياب زميندار هي طريقو آزمائيندا.

هر بچيل کاڌي جي شئي، چاهي اها ماڻھن لاءِ هجي يا جانورن لاءِ، ڪمپوسٽ ڀاڻ ۽ بائيو گئس لاءِ بھترين آهي ۽ لڳاتار استعمال ڪرڻ سان زمينون پنھنجي اصلي قدرتي حالت ۾ اچيو وڃن ۽ فصلن لاءِ قدرتي خوراڪ ميسر ٿئي ٿي. نتيجن ڪيميائي ڀاڻن کان آهستي آهستي جان ڇٽيو وڃي ۽ آبادگارن کي بچت ٿيڻ ڪري خوشحالي اچي ٿي. اگر وڏي پيماني تي ٺاهڻو هجي تہ ٻني ۾ 10×20 يا 15×15 فوٽ جو کڏو هڻي، ڀاڻ ۽ ڪچرو، ان ۾ اڇلائي، ٿورو پاڻي مٿان هاريو. ڪجهہ عرصي بعد بھترين ڀاڻ تيار ٿي ويندو. اهو ڀاڻ ڪڍي ٻني ۾ هاري. ساڳي کڏي ۾ ٻيو ڀاڻ ۽ ڪچرو وغيرہ وجهجي ۽ اهو عمل جاري رکجي. اميد آبادگار حضرات هن سسٽم ۾ ضرور غور ڪندا. وڻن جي پنن جو ڀاڻ ۽ مرغي جي اروڙي سڀ کان ڀلا ڀاڻ آهن. ڪلراٺين ۽ ٿڪل زمينن لاءِ ٽانڪ آهن. هاڻ تہ يورپ ۽ آمريڪا آسٽريليا ۽ سڌريل مُلڪن ۾ سڄو زور آرگينڪ سسٽم تي آهي. سنگاپور ۾ ڏٺم تہ شھر مان آندل ڪچري مان گئس ٺاهي، 30 لک گهرن کي بجلي ۽ لکين ايڪڙ زمين تي فارم لڳايا ويا آهن ۽ انھن فارمن جو فروٽ ۽ اناج رواجي فصلن جي ڀيٽ ۾ ڊبل قيمت تي وڪامي رهيا هئا. جن تي مٿان ”نو فرٽيلائيزر نو اسپري“ لکيل هو. سعودي عرب ۾ مون خود آرگينڪ فروٽ کاڌا ۽ جوس پيتا، جيڪي ٻيڻي قيمت ۾ مليا ۽ ذائقي ۾ لاجواب هئا. اوهان کي معلوم هوندو تہ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۾، ڪي سال پوءِ 1965ع تائين ولائتي ڀاڻ ۽ دوائون ڪونہ هونديون هيون. ليڪن ڦٽي جا سوين ڪارخانا هوندا هئا. جن کي ديسي ڀاڻ ۽ ڍڳن جي هرن سان پوکيو ويندو هو ۽ ڪوبہ اسپري ڪونہ هو، پوءِ بہ ڪپھہ 40 کان 50 مڻ تائين لھندي هئي.
اڄ تاريخ 21 فيبروري 2023ع تي شايد منھنجي دانھن مٿي پڄي ويئي، آواز خلق نقارہِ خدا وانگر حڪومت کي خبر هاڻ پئي آهي، تہ گئس ڪباب ٺاهڻ ۽ پڪوڙا ترڻ ۾ پوري ٿي وئي آهي ۽ بائيو گئس ان جو نعم البدل آهي.
سو شام جو 5:30 تي قبرستان تان دعا پڙهي آيس پئي، تہ اسانجي دوست حاجي محمد بنگلاڻي جي لائق فرزند عبدالرزاق بنگلاڻي فون ڪيو آ تہ حڪومت 75000 پلانٽ سبسڊي ڪَري، ملڪ ۾ لڳائڻ جو منصوبو ٺاهيو ۽ ان ۾ مونکان بہ مشورو ڪرڻ چاهين ٿا، جنھن لاءِ مون کين ٻڌايو تہ حالانڪہ پيري بيماري سبب ٺيڪ ڪونہ آهيان، ليڪن هن ڀلي ڪم لاءِ حاضر آهيان ۽ نوجوانن کي تربيت ڏئي هڪ وڏو انگ تيار ڪري سگهان ٿو. ﷲ ڪري خدمت جو موقعو ملي ۽ پراجيڪٽ ڪامورا شاهي جي دسترس کان بچي. هڪ صحيح عملي ڪم ٿئي، تہ ملڪ ۽ عوام کي فائدو ٿئي. باقي جيڪي انجنيئرن روڊ ۽ محل ٺاهيا آهن، اهي سيمنٽ کانسواءِ آهن. انگريزن جون ٺاهيل سرڪاري عمارتون اڃا بہ بيٺيون آهن، اسانجي يارن جون ڪاوشون ڪنھن کان ڳجهون ڪونھي.
لطيف سائين چيو آهي
ڏڪاريل ڏيھہ مان، شل موذي سڀ مرن!

بجلي جو بحران ڪڏهن حل ٿيندو

(ڪسان ورلڊ، لاهور لاءِ يوسف قريشي جي لکيل اداريي جو سنڌي ترجمو)

پاڪستان توانائي جي بحران ۾ مسلسل ڦاٿل آهي. اسان وٽ قدرتي وسيلا موجود آهن، پوءِ ڇا سبب آهي جو هن ڀنور مان اسان نڪري نٿا سگهون. اسان توانائي جي متبادل ذريعن جو استعمال ڇو نٿا ڪريون؟ اسانجي ملڪ ۾ متبادل توانائي پاليسي ڇو نٿي ٺاهي وڃي. وطن عزيز اڄ ڪلھہ پاڻي، گئس ۽ تيل جي بحران جو شڪار آهي ۽ تمام قدرتي ذريعا هئڻ باوجود بجلي جي ضرورت پوري نٿي ٿئي، جيڪا بجلي آهي اها بہ ڪُنڊا ڪرسي جي ڪري ملڪ کي نقصان رسائي رهي آهي. اسان سج جي روشني، هوا ۽ ٻين ذريعن مان توانائي حاصل ڪري سگهون ٿا.
شگر مل جي ڪمند جي فضلي، چانورن، سارين جا تھہ، بھہ، گٽر، شھري ڪچرو، گوبر، ڪُڪُڙن جي اروڙي، نيوڪليئر انرجي ۽ جيو ٿرمل انرجي هئڻ باوجود ۽ ٻيا متبادل هوندي بہ بجلي جو بحران ڇو آهي.
پاڻي تان پاڪستان هڪ لک ويھہ هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي ۽ اڃان وڌيڪ انھي جا مختلف ذريعا آهن. جيئن نھرون، درياھہ وغيرہ پاڪستان 5900 ميگاواٽ بجلي ڊيمن مان حاصل ڪري ٿو. يعني اسانجي ضرورت جو 33 سيڪڙو پن بجلي مان پورو ٿئي ٿو. پن بجلي جي لاڳت 2 رپيہ في يونٽ ٿئي ٿي. جڏهن تہ ٿرمل بجلي گهر جي لاڳت هن وقت 50 روپيہ في يونٽ جي آسپاس آهي. پاڪستان ۾ منگلا ڊيم ۽ ڀاشا ڊيم لاءِ نام نھاد اتفاق راءِ حاصل ڪئي پئي وڃي. اگر هي ٺھن ٿا تہ منگلا ڊيم 750 ميگاواٽ ۽ ڀاشا ڊيم 1250 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اگر حڪومت پنجاب ۽ سنڌ واهن تي ٽربائن لڳائي تہ 1000 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. جنھن جو هڪ مثال اوڪاڙہ جي نزديڪ قيام پاڪستان کان اڳي سر گنگارام جو لڳايل پاور پلانٽ اڄ بہ 1 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي.
پاڪستان ۾ ڪوئلي مان آئندI 800 سالن تائين 50 هزار ميگاواٽ بجلي ٺاهي سگهجي ٿي. پاڪستان ۾ 158 ارب ٽن ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن، جيڪي دنيا جي چوٿين وڏن ذخيرن ۾ شمار ٿين ٿا. انھن ذخيرن جي ڪُل ماليت 25 کرب ڊالر ٿئي ٿي. ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ سان پاڪستان تي 10 ارب ڊالر جي بچت ٿيندي. پاڪستان ۾ ڪچري مان 1 لک ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. پاڪستان ۾ في گهر تقريباََ روزانہ 50 ڪلو گرام ڪچرو پيدا ٿئي ٿو ۽ گٽر جي نيڪالي الڳ آهي. انھي ڪري تقريبن 55000 ٽن ڪچرو روز گڏ ڪبو آهي. هڪ ٽن ڪچري مان 2 ميگاواٽ بجلي ۽ 83 ليٽر ايٿول فيول پيدا ٿئي ٿو. جنھن مان پاڪستان کي 10 لک ڊالرن جي بچت ٿيندي. جيڪا هو خام تيل کي گهرائڻ لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو. پاڪستان ۾ شگر ملن جي ڪمند جي فضلي مان 2900 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. اقوامِ متحده جي ادارہ براءِ صنعتي ترقي جي رپورٽ مطابق پاڪستان جي رائيس ملن مان نڪتل چانورن جي تهن مان هزارين ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. ان اداري پنجاب رائيس ملز ائسوسيئشن جي مدد سان بجلي پيدا ڪرڻ جو منصوبو بنايو آهي. جنھن تحت زراعت سان منسلڪ ننڍي ۽ درمياني درجي جي ڪاروباري ادارن کي چانورن ۽ ٻين فصلن جي باقيات مان بجلي ۽ گئس پيدا ڪرڻ جي جديد ترين ٽيڪنالاجي مھيا ڪئي ويندي. تہ جيئن هو پنھنجي لاءِ خود بجلي پيدا ڪري سگهن. پاڪستان ۾ نيوڪليئر انرجي مان 50 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. جوهري توانائي مان ٿرمل پاور جي مقابلي ۾ 35 فيصد سستي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. پاڪستان ۾ هوا مان 2 لک ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. حڪومتي سطح کان علاوہ عوامي سطح تي بہ خود بجلي پيدا ڪرڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي. ان لاءِ متبادل ذريعا استعمال ڪرڻ تي زور ڏنو پيو وڃي. بائيو گئس جي استعمال ۾ معدني خصوصيت کي ئي نئون آئيڊيالاجڪ پاڪستان ۽ دنيا ڀر ۾ زير استعمال ڪبو آهي. وقت سان گڏ بائيو گئس جي اهميت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ۽ انھي طريقي ۾ جدت آئي آهي ۽ بائيو گئس جي استعمال ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. بائيو گئس مان بجلي ۽ گئس جي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان ڪائونسل فار دي نيو ايبل انرجي ٽيڪنالاجي متبادل ذريعي توانائي جي فروخ ۽ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ جي حل لاءِ ملڪ جي تقريباََ 4 هزار جي قريب روائتي بائيو گئس پلانٽ لڳايا ويا آهن. جيڪي گهريلو ضرورتون پوريون ڪري رهيا آهن. سج جي توانائي تي دنيا ڀر ۾ تمام گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي ڀارت ۾ هر سال هزارين ميگاواٽ شمسي توانائي مان بجلي پيدا ڪئي ويندي آهي ۽ هر سال هڪ ڪروڙ بائيو گئس پلانٽ عوام کي مفت لڳائي ڏنا ويندا آهن جنھن مان CNG، گهريلو، صنعتي ۽ زرعي ضرورتون پوريون ٿين ٿيون ۽ پرڏيھي ناڻو بچي ٿو.
اسان جو ملڪ اهڙي خطي ۾ آهي جتي روزانہ 8 کان 10 ڪلاڪ سج جي روشني رهي ٿي. اسان انھن سج جي ڪرڻن مان بجلي پيدا ڪري سگهون ٿا. هي روشني ﷲ تعاليٰ جو زبردست تحفو آهي. پاڪستان ۾ شمسي توانائي مان 30 لک ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. شمسي توانائي تي زور ڇو نٿو ڏنو وڃي. شمسي توانائي ٻين سڀني توانائين کان وڌيڪ صاف آهي. جنھن ڪري گرين هائو گئسن جو اخراج ڪونہ ٿو ٿئي، جيڪو ماحول جي خرابي جو سبب ڪون ٿو ٿئي.
پاڪستان ۾ توانائي جي سخت بحران جي ڪري زرعي ٽيوب ويل ڪارخانا ۽ صنعتون بند ٿيڻ ڪري لکين مزدور بي روزگار ۽ هاري پنھنجي فصلن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ پريشان آهن. جڏهن تہ سڄي ملڪ ۾ 15 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ماڻھن کي اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. توانائي جي متبادل ذريعن کي استعمال ڪرڻ سان ئي توانائي جي بحران مان آجو ٿي سگهجي ٿو. هي ڳالھہ روز روشن وانگر ظاهر آهي تہ بجلي جو بحران، قدرتي نہ پر اسانجي حڪمرانن جي نااهلي جو ثبوت آهي. جڏهن ﷲ تعاليٰ پاڪستان کي هزارين نہ بلڪہ لکين ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جا قدرتي وسيلا مھيا ڪيا آهن. ڪاش پاڪستان کي ڪميشن ايجنٽن بجاءِ ليڊر ملي وڃن ۽ پاڪستان ترقي يافتہ ملڪن جي صف ۾ بيھي رهي. ﷲ تعاليٰ اسان سڀ جو حامي ناصر هجي. شڪريہ.