سجاد ميراڻيءَ جي شاعري سادي سلوڻي ۽ ترنم سان ٽمٽار آهي. سادگي ۽ سچائيءَ سان سرجيل سندس شاعري ادبي سنگت جي مشاعرن ۽ ميڙاڪن ۾ گونجندي ٻڌڻ ۾ ايندي رهي ٿي. سجاد ميراڻي سنڌ جي انھن شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو جن جي شاعريءَ ۾ پختگي خيالن ۾ توانائي ۽ تازگي بہ آهي تہ سچائي بہ. هن جا شعر فن ۽ فڪر ڏانھن قدم وڌائيندي نظر ايندا آهن. سجاد ميراڻيءَ جي هِن شعري مجموعي کي پڙھي لڳي ٿو تہ هُنَ سوين لڙڪ ۽ مُرڪون، عڪس ۽ احساس سھيڙيا آهن.
شاعري
سنڌ، سونھن ۽ سچ
- 4.5/5.0
- 38
- 12
- آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
- ڇاپو 1
ليکڪ جا حق ۽ واسطا محفوظ
موضوع: شاعري
شاعر: سجاد ميراڻي
ڪمپوزنگ: بلال عثمان ڀٽو
ڇپائيندڙ: سونھن پبليڪيشن، پريان لوءِ
چپجڻ جو سال: 2024ع
اِي ڪمپوزنگ: الشيخ ڪمپوزرس سانگي 03363412071
ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2024ع
ارپنا
ارپنا
سنڌ، سونھن ۽ سچ جي نانءُ
پبلشر نوٽ
سونھن پبليڪيشن پريالوءِ جي اها خوش قسمتي آهي. اڄ اسان جي اداري پاران سنڌي شاعريءَ جي ٻهڳڻي شاعر سائين سجاد ميراڻيءَ جي شاعريءَ جو ڪتاب ”سنڌ،سونھن ۽ سچ“ اوهان جي هٿن۾ آهي. اسان جي اداري جي هن مجموعي طور ٻاونجاهون ڪتاب آهي. سائين سجاد ميراڻي سڄي سنڌ جو شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ اهي سڀ رنگ موجود آهن جيڪي سنڌ ڌرتيءَ مان ڦٽي نڪتل آهن. سائين سجاد ميراڻيءَ جو مجموعي طور تي هي چوٿون شعري مجموعو آهي.
سجاد ميراڻي سنڌ جي انھن شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو جن جي شاعريءَ ۾ پختگي خيالن ۾ تونائي ۽ تازگي بہ آهي تہ سچائي بہ هن جا شعر فن ۽ فڪر ڏانھن قدم وڌائيندي نظر ايندا آهن.
سندس هن ڪتاب ۾ شامل شاعري ادبي کيتر ۾ ڪھڙا ۽ ڪيترا نقش ڇڏيندي، اهو فيصلو وقت تي ڇڏيون ٿا پر ايتري پڪ ضرور آهي تہ هي ڪتاب پڙهندڙن جي دلين ۾ جايون ضرور جوڙيندو جيئن ”دلدار وڏي شيءِ آ”،“مان تنھنجو هان” ۽ “جيءُ جياريو جن” پڙهندڙن جي دلين ۾ جايون جوڙي ويٺا آهن. سائين سجاد ميراڻيءَ جي شاعري سادي سلوڻي ۽ ترنم سان ٽمٽار آهي. سادگي ۽ سچائيءَ سان سرجيل سندس شاعري سندس شاعري ادبي سنگت جي مشاعرن ۽ ميڙاڪن ۾ گونجندي ٻڌڻ ۾ ايندي رهي ٿي. دعا آهي رب ڪريم سائينءَ جي قلم کي هميشه سھڻن خيالن سان نوازيندو رهي (آمين)
سميع سجاد ميراڻي
پنھنجي پاران
ٿورا نہ ٿورا، مون تي ماروئڙن جا.
سجاد ميراڻي
مھاڳ: پورن پاليو شاعر
تقريبا ستھٺ اٺھٺ سال اڳ سجاد ميراڻي هڪ اهڙي گهر ۾ جنم ورتو جنھن جو اڱڻ تہ گهڻو ڪشادو هو، مگر ان ايترو سناٽو هو جو سندس روئڻ جي آواز سان منجهس ڏار پئجي رهيا هئا کيس ماءُ جي هنج هن کي رڳو ست ڏينھن نصيب ٿي هئي.
ڪنھن ٻار جو يتيم هُجڻ مٿس ڀت ڪرڻ وانگر هوندو آهي. ۽ اهو بہ تڏهن جڏهن هو فقط ستن ڏينھن جو هُجي سجاد مٿان اها ڀت ڪري هُئي.
نہ ڀيڻ، نہ ڀاءُ، ۽ نہ ئي گهر ۾ ڪا وڏڙي، جيڪا هن معصوم کي رُئڻ تي چُپ ڪرائي، کير پياري يا ٻانھن جي هندوري ۾ جهولو ڏيئي ايتري ابھم کي سنڀالڻ سندس پيءُ لاءِ ڏاڍو هو. هو ڌنڌي ڌاڙيءَ جي ڪري يا هن کي پُچڪارون ڏيئي ماٺ ڪرائي. سو هڪ ڏينھن پنھنجي پڦيءَ ڏي کڻي وڃي چيائين ته، “پڦي! جيڪڏهن منهجي ڇوڪر کي تون پالين ٿي تہ ٺيڪ آهي، نہ تہ مان کيس سِرَ سان ٻڌي ابل واھہ ۾ لوڙهي ڇڏيندس.”
هُن پيرسن عورت جو اهو ٻڌو تہ سندس ڏڪندڙ بدن وڌيڪ ڏڪڻ لڳو ۽ هُن سجاد کي سانڍڻ ۽ پالڻ جي حامي ڀري ائين سجاد رڳو ڪُجهہ ڏينھن جي عمر ۾ پھريون سفر ڪيو.
فقط ماسيءَ جي هنج مان ماءُ جي خوشبوءِ ايندي آهي. جڏهن تہ کيس پلڻ واري عورت، سندس پيءُ جي پڦي هُئي. اهو ائين آهي جيئن خالي ڪڪر مان مينھن وسي يا شينھن هرڻيءَ جي ٻچي کي پالي يا هڪ لڙڪ سان ٻئي لڙڪ کي اگهجي!
پر ائين ٿيو، ان نيڪ بخت عورت هن معصوم کي ماءُ بڻجي پاليو، مان سمجهان ٿو تہ جنم ڏيڻ کان وڌيڪ اوجاڳا ڪاٽڻ عورت کي ماءُ بنائيندا آهن. سو هتي بہ ڪجهہ ائين ئي ٿيو. سجاد پنھنجي پيءُ جي پڦيءَ جي اکين جو تارو بڻجي ويو، جنھن سان هو دنيا کي وڌيڪ چٽو ڏسڻ لڳي.
وقت، موجود هُجڻ ۽ گُذري وڃڻ، ٽنھي صورتن ۾ بي رحم ٿئي ٿو. سجاد مٿان بہ سندس ساڳي مھرباني رهي، اڪيلائي سندس اکين ۾ ۽ درد دل ۾ لھندو ويو. مونکي لڳي ٿو تہ فطرت شاعرن کي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪجهہ اهڙا ئي بندوبست ڪندي رهندي آهي. هو ڪيئن وڏو ٿيو هوندو شايد ائين جيئن اُس ۾ ڪو ٻوٽو نسري، شايد ائين جيئن جيئن صحرا ۾ گُل ڦٽي، شايد ائين جيئن ڏک ۾ ڪو ٻيو ڏک ملي!
سُور ۽ ٻُور، ماڻھن نماڻو بنائي ڇڏيندا آهن. بلڪل سجاد ميراڻيءَ وانگي، ايترين ڏکن حالتن ۾ هي تہ رڳو زندھہ بچي ويو. پر پنھنجي تعليم بہ پوري ڪري ويو ۽ ماستريءَ جي نوڪري وٺي رٽائر بہ ٿي چڪو.
اڄ هُن جا هزارين شاگرد، سوين دوست ۽ بيشمار پڙهندڙ سڄي سنڌ ۾ موجود آهن. هن پڪي پُختي عُمر ۾ بہ سندس طبيعت اڃان بہ معصوم ٻار جھڙي آهي.
هن اهڙي ئي معصوميت سان، مونکي سندءِ ذات ۽ پنھنجي شاعريءَ بابت ٻہ اکر لکڻ لاءِ چيو، مون ان لاءِ حامي ڀري هن وقت سندس شاعري منھنجي اڳيان رکيل آهي. ۽ مان سوچيان ٿو تہ سندس ڪھڙي شعر جي حوالي سان تعارف ڪرايان.
شاعري لکڻ ڪنھن وَکر کي تورڻ برابر آهي جيڪو نہ اڳ ۾ مون لاءِ آسان هو. ۽ اڄ ئي سولو آهي. سو بہ هڪ اهڙي ماڻھو جي شاعريءَ تي لکڻ، جيڪو حياتيءَ کي ائين گذاري آيو آهي. جيئن ڪو ماڻھو ڪُن مان تري ٻاهر نڪتو هجي، يا بُک کائي وڏو ٿيو هجي، يا روئي کليو ۽ کِلي رُنو هجي. اهڙي ماڻھوءَ جي شاعريءَ تي لکڻ واقعي بہ ڏکيو آهي. خاص ڪري اُن لاءِ جيڪو پاڻ بہ ڏکاريو هجي، سجاد وانگر ڄمندي ئي
گول چھرو
قد جو پورو
بُت ۾ ڀريل
آواز ۾ آٿت
سڀاءٌ ۾ سُلڇڻو
اکين ۾ آس وند
دل ۾ ڪشادو
ڏسڻ ۾ ڳنڀير
مِلڻ ۾ دلگير
اهڙن نشانن ۽ خصلتن وارو ڪو بہ ماڻھو، جيڪو هُجي بہ پريالي جو، اُهو سجاد ميراڻيءَ کان سواءِ ڪو ٻيو نٿو ٿي سگهي. منھنجي پڇڻ تي ٻڌايائين تہ ادبي دنيا ۾ ابراهيم کرل، امر اقبال، قربان منگي ۽ روشن شيخ سندس بنھہ ويجها دوست آهن ۽ ٻيا بہ ايترائي ويجها آهن.
سجاد ميراڻيءَ جو اصل نالو غلام حسين ميراڻي هي. سندس والد صاحب جو نالو علي بخش ميراڻي هو. شاعريءَ کيس سجاد بڻايو. هُن پنھنجي بنيادي تعليم پريالي ڪنگري ۽ ڳاڙهي موريءَ مان حاصل ڪئي.
زندگي گذارڻ ۽ زندگيءَ مان گذرڻ ٻہ الڳ الڳ ڪيفيتون ۽ حالتون آهن. سجاد ميراڻي حياتيءَ مان ائين گذريو آهي. جيئن اک جي سوڙهي رستي مان ڪا ندي گذرندي آهي. هن ننڍي هوندي پنھنجي پيءُ سان گڏجي محنت مزدوري ڪئي. ٿورو وڏو ٿيو تہ ناڪي منشي بڻيو، جنھن کانپوءِ ڪلرڪ ۽ آخر ۾، ماستر ٿيو ۽ بطور استاد جي رٽائر ٿيو.
سجاد شاعريءَ ۾ سليم ڳاڙهويءَ کان ۽ پيار ۾ دل کان اصلاح ورتي. سندس شاعري ۽ پيار، ٻنھي ۾ ساڳي پُختگي آهي. مجال آهي جو شاعري ۾ ڪا واڌو سٽ لکي ۽ پيار ۾ ڪا غير ضروري آھہ ڀري. سنجيدو، سلڇڻو ۽ حُسناڪ هي دوست، دوستي رکڻ بہ ڄاڻي ۽ نڀائڻ بہ سندس دوستي نڀائڻ جي پويان ڪس کائڻ واري خصلت هر وقت موجود رهي ٿي. ماءُ جون سڀئي دعائون. هن کي سندس پيءُ ۽ پڦيءَ ڏنيون هيون ۽ انھن دعائن ۾ هڪڙي بہ اهڙي دعا ڪونھي جيڪا پوري نہ ٿي هجي.
هي ستن پٽن جو پيءُ ئي نہ، ڏاڏو، نانو، پڙ ڏاڏو ۽ پڙ نانو بہ ٿي چڪو آهي. هن شاعري، پيار ۽ ٻار شوق سان پيدا ڪيا. ان ڪري انھن ۾ برڪت بہ آهي تہ بقا بہ. شوق ۽ پيار ڇڏي ئي ناهن سگهيا.
اڄ کا ويھہ پنجويھہ سال اڳ جي ڳالھہ آهي، جڏهن منھنجي ساڻس پھرين ملاقات ٿي هُئي. کيس ڏسي مونکي گمان ئي ڪونہ پئي ٿيو تہ اهڙِي هاٺي ۽ ڪاٺي رکندڙ ڪو ماڻھو شاعر بہ ٿي سگهي ٿو. پنھنجي شڪل شبيھہ ۽ بُت ۾ هي شاعري ڪرڻ نہ ٻڌڻ وارن مان لڳندو آهي.
اسان جي پھرين ملاقات ڪراچيِءَ ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي جي آفيس ۾ ٿي هُئي. انھن ڏينھن ۾ مون سنڌيڪا ڊڪشنري تي ڪم ڪيو پئي ۽ انھيءَ حوالي سان تقريبا هر هفتي ڪراچيءَ وڃڻ ٿيندو هو. مھيني ماسي ساڻس بہ ملاقات ٿي ويندي هئي. مون ڏٺو هو تہ سندس سنڌيڪا جي سرواڻ نور احمد ميمڻ صاحب سان ڪافي حجت هئي ۽ هُو بہ ساڻس حُجائتو هو، بعد ۾ خبرپئي تہ هي ٻئي صاحب نہ رڳو پريالي جا آهن پر ننڍي لاڪئون جا دوست بہ آهن.
سجاد ميراڻي، ننڍي لاڪئون، ڪنھن جو بہ دوست هجي پر منھنجو ازلئون دوست آهي. اسان جي دوستيءَ جو سبب ڪو شھر نہ پر شعر آهي. جيڪو آئون بہ لکان ٿو ۽ هو بہ لکي ٿو.
سجاد پنھنجي شاعريءَ کي پالي ائين وڏو ڪيو آهي. جيئن ستن ڏينھن جي يتيم ٻار کي اُن جي پيءُ جي پُڦي پالي وڏو ڪندي آهي. بلڪل سجاد وانگر، سجاد وانگي، سندس شاعريءَ کي بہ دعا ٿيل آهي، برڪت جي بہ تہ بقا جي بہ!
سجاد ميراڻيءَ جا هيٺيان شعر سندس تعارف لاءِ ڪافي آهن.
ڪوزي ۾ درياھہ نہ بند ڪر،
مسجد ۾ ﷲ نہ بند ڪر،
نحن اقرب پڙھہ تون ملان،
صوفيءَ جو ير ساھہ بند نہ ڪر.
ڪجهہ درد ڏئي ويو آ،
ڪجهہ درد کڻي ويو آ،
ڪجهہ آءُ وڻيس هن کي،
مونکي بہ وڻي ويو آ.
سو زماني ۾ ڪيئن جي سگهندو،
وِھُہ جي سُقراط جان نہ پي سگهندو.
جهڙالي يار موسم آ، جهڙالا نيڻ ٿي پيا هن،
پرين جي پاڻ سان ناهي، تہ آلا ٿي پيا هِن.
جيئن توکي ﷲ ٺاهيو مڪمل،
تيئن مون بہ توکي آ چاهيو مڪمل.
اندر مان اونداھہ ڪڍڻ لئہ،
پاڻ ٻري يا ٻاري مونکي.
پاڻ پنھنجو رهنما ٿي رھہ،
پاڻ پنھنجي ئي رهنمائي ڪر.
سنڌ سونھن ۽ سچ سجاد،
جتي ٽنھي جي ڳالھہ هلي،
اتي تون ڀي اچ سجاد.
اکڙين کان آرام نہ کسجي،
پيٽ بُکي کان طعام نہ کسجي،
جنت مان جي لوڌيل آهيون،
ڌرتيءَ تان تہ قيام نہ کسجي.
وقت جي وهڪري ۾ وهي ٿو وڃان،
يار آهيان مٽيءَ جو وهي ٿو وڃان.
۽ ٻيا اهڙا ئي انيڪ شعر
عزيز گوپانگ
حيدرآباد
کجين جي ديس جو شاعر
سِٽن جا اڻ گهڙيا بُت جيڪي سجاد ميراڻي گهڙيندو رهي ٿو. سجاد جيڪو اکين جي ڳوهيل لڙڪن سان نمڪين ماني پچائي ٿو ۽ اسان سنڌ واسي کائون ٿا ۽ سوچون ٿا تہ پنھنجي ديس جي شاعرن جي پچايل شاعري نمڪين ڇو آهي. ان شاعر جي نالي جيڪو منھنجو ۽ منھنجي يار پارس حميد جو يار آهي جنھن جي شاعري پنھنجي ديس ۽ ديس واسين لاءِ سوچي ٿي، گهٽ ۾ گهٽ هن جي شاعريءَ ۾ نہ سوچڻ جو ڪو بہ غم نہ آهي. هن جي شاعري ۾ وروڪڙ نہ آهن. هن جي چمڙا پوش شاعري ان ڪري بہ جاڳي ٿي متان ڪا رات رنجائي نہ گذري. آخر ۾ مان کيس اها دعا ڏيندس تہ شال سجاد جي شاعريءَ جا وار ڪڏهن بہ اڇا نہ ٿين.
رفيق سيال
ڀاڳوءَ جو گهر
محبت ديرو سيال
حمديہ ۽ نعتيہ بيت
حمديہ بيت
قادر پنھنجي قدرت سين، جوڙيو آهي جهان،
والي،واحد، وحده، مالڪ مھربان،
سو ساراھہ سچو ڌڻي، خلقيو جنھن انسان،
سجاد سو سبحان، قادر ڪُل ڪائنات جو
***
نعتيہ بيت
جانب منھنجي جيءَ ۾، تنھنجا نظارا،
سجاد سوڀارا، هوندا جي حبيب سين.
سبحان ﷲ
چار ئي پاڪ نبيءِ جا دوست ولي، سبحان ﷲ سبحان ﷲ.
صديق صداقت وارو آ، ۽ پاڪ نبيءَ کي پيارو آ،
جنھن کي روضي ۾ آ جاءِ ملي، سبحان ﷲ سبحان ﷲ.
فاروق رسول جي آهي دعا، فاروق مشعل راھہ وفا،
ڪعبي جو در جنھن کوليو هلي، سبحان ﷲ سبحان ﷲ.
جنھن جمع ڪيو قرآن سڄو، جنھن مال ڪيو قربان سڄو،
عثمان جي عظمت آهي، ڀلي سبحان ﷲ سبحان ﷲ.
آ پاڪ نبيءَ جو سوٽ علي ۽ بتول جو گهوٽ علي،
ﷲ جو آ هي شير ولي، سبحان ﷲ سبحان ﷲ.
سجاد نبيءَ جا يار ڀلا، جن جا آهن ڪردار ڀلا،
اصحاب سوا ٻي ناهي ڳلي، سبحان ﷲ سبحان ﷲ.
*
پنجتن پاڪ
مُحمد سان چادر ۾ گڏ پنجتن
محمد جي آمد نہ ٿئي ها تہ پو،
نہ پيدا ٿين ها زَمين و زمن،
جنھن جو مان هان مولا تنھن جو علي،
عليءَ کي مولا مڃيو مومنن.
خدا کان سوا ٻيو نہ مشڪل ڪشا،
سبق آ اِهو ئي ڏنو سيّدن.
عليءَ جا لال دلارا سلام آ تو تي
حسين تنھنجي سخا جو قسم کڻي ٿو چوان
حسين تنھنجي عطا جو قسم کڻي ٿو چوان
حسين تنھنجي خدا جو قسم کڻي ٿو چوان
ٻچا جي ڪين تون ڪربل ۾ سڀ ڪهائين هان
عباس جا جي تون بازو نہ اُت ڪٽائين هان
سڪينہ شام جي تون قيدڻ نہ جي بڻائين هان
يزيد جي وڃي پنھنجو هٿ ملائين هان
بچي ها ڪين پو اسلام تنھنجي ناني جو
ٻڌي ها ڪين ڪو پيغام تنھنجي ناني جو
هلي ها ڪين ڪو احڪام تنھنجي ناني جو
ڪري ها ڪير ذڪر صبح شام تنھنجي ناني جو
ڏنو تو اڪبر و اصغر تہ آهي دين رهيو
ڏنو تو قاسم دلبر تہ حق مبين رهيو
اسير ٿيو جڏهن عابد تہ جانشين رهيو
آيو جو توڏي هلي حُر تہ بھترين رهيو
حسين تنھنجي شهادت کي مان سلام ٿو ڪيان
حسين تنھنجي شجاعت کي مان سلام ٿو ڪيان
حسين تنھنجي سخاوت کي مان سلام ٿو ڪيان
حسين تنھنجي عبادت کي مان سلام ٿو ڪيان
شھر اُمم جا پيارا سلام آ توتي
عليءَ جا لال دلارا سلام توتي
بتول جا اي سھارا سلام آ توتي
حسن جا ڀاءُ ڀلارا سلام آ توتي
غزل
ڪجهہ درد ڏئي ويو آ، ڪجهہ درد کڻي ويو آ
ڪجهہ آءٌ وڻيس هن کي، مونکي بہ وڻي ويو آ.
هلندو ٿو رهان يارو، منزل جو پتو ناهي،
هُو ملندو ڪٿ جيڪو، ٿي دل جو ڌڻي ويو آ.
هن شھر سڄي ۾ ير، بس منھنجي ئي در تي،
مستان لکي ويو آ، نيشان هڻي ويو آ.
جنھن وڻ جي هيٺان ٻئي، ها پيار ڪندا هاسين،
فُرقت جي پن ڇڻ ۾، سو وڻ بہ ڇڻي ويو آ.
سينگار ڪيان ڪھڙو ۽ روپ ڏسان ڪنھن ۾،
آئينو ڀڃي ويو آ، ڏئي ڀڳل ڦڻي ويو آ.
سجاد جا سجدا سڀ، اڄ ساڀ پيا سائين،
چيو پرينءَ جي پيرن جي، بڻجي هو پَڻي ويو آ.
جيئن توکي ﷲ ٺاهيو مڪمل،
تيئن مون بہ توکي آ چاهيو مڪمل.
اڏيل تنھنجي اوطاق منھنجي اکين ۾،
انھيءَ کي ڀلا ڇو ٿا ڊاهيو مڪمل.
اچي هو اوهان جي ئي پيرن ۾ پوندو،
ڀلي چنڊ کي هيٺ لاهيو مڪمل.
ڀلي آءٌ تو لاءِ سرمد نہ بڻجان،
اڀيچند تہ مون لاءِ آهيو مڪمل.
هي ڌرتيءَ جي گولي تي سنڌڙيءَ جو نقشو،
خدا ڪيئن نہ آهي بڻايو مڪمل.
اچي ويھہ منھنجي اکين ۾ تون جانان!
يا نيڻن ۾ مون کي رهايو مڪمل.
وڇوڙي جي واديءَ۾ سجاد پيو آ،
سڳي پيار جي ساڻُ ساهيو مڪمل.
اڻ تارون ٿو توکي تاري مونکي،
ڪيئن ڪندو ڪناري مونکي.
جي هُو مونڏي ڪين اچي ٿو،
کيس چئوس تہ ماري مونکي.
چئي ٿو هتڙي ڪيئن ويٺو آ؟
طاقت ٿس تہ اٿاري مونکي.
اندر مان اوندھہ ڪڍڻ لئہ،
پاڻ ٻري يا ٻاري مونکي.
پاڻ کي جي هو ڏسڻ ٿو چاهي،
چئوس تہ پوءِ نھاري مونکي.
اهڙي ياري سجاد نہ گهرجي،
پاڻ کِلي ۽ روئاري مونکي.
جهڙالي يار موسم آ، جهڙالا نيڻ ٿي پيا هِن،
پرين جي پاڻ سان ناهين، تہ آلا نيڻ ٿي پيا هِن.
پڇائن ٿا شھر سارو، چرين وانگي هي ويچارا،
پرينءَ کي ٿا پيا ڳولھن، ملالا نيڻ ٿي پيا هِن.
ڏسو بي نور آهيان مان، حسن ريءَ حافظو ناهي،
عجيبن جي اچڻ سان ير، اجالا نيڻ ٿي پيا هِن.
کڻي اکڙيون ڏسي جنھن کي، اهو اتڙي وڃي جهلجي،
سڄڻ جا يار سچ پچ ۾، تہ جهالا نيڻ ٿي پيا هِن.
اکڙين جا اشارا هن، ڪڏهن ها ۾ ڪڏهن نہ ۾،
الائي ڇو عجيبن جا، تہ هاءلا نيڻ ٿي پيا هِن.
نٿو جاني ڏسان جيسين بدن ۾ بيقراري آ،
مڃان ٿو يار ميراڻي، موالا نيڻ ٿي پيا هِن.
در ورائي ستو پيو آهي،
دل ڦرائي ستو پيو آهي.
نہ اٿاريوس ننڊ مان هن کي،
گيت ڳائي ستو پيو آهي.
ڪو ڪوي ڪراڙ جي ڪپ تي،
ڪامني پائي ستو پيو آهي.
او ڀٽائي! اياز پرتو ٿئي،
سنڌ جڳائي ستو پيو آهي.
ديس وارن ستايو هوس ڏاڍو،
چپ سبائي ستو پيو آهي.
هن کي سمھڻو ئي ڪين هو ڪڏهين،
ڪئين الائي ستو پيو آهي.
ظلم ۽ ڏاڍ سان لڙائي ڪر،
پاڻ کي يار ڪربلائي ڪر.
ابن زياد جو ڇڏي پاسو.
حُر حسيني ٿي حق ادائي ڪر.
هر نئين سج جي ڪين ڪر پوڄا،
پاڻ سان ير اها ڀلائي ڪر.
پاڻ پنھنجو ئي رهنما ٿي رھہ،
پاڻ پنھنجي ئي رهنمائي ڪر.
سنڌ ورهائڻ جي ڳالھہ جو بہ ڪري،
وات ان جَي جِي تون سلائي ڪر.
حوصلو رکُ هماليہ جيڏو،
ڪنھن جي آڏو نہ سر نمائي ڪر.
ٻر ڀلي ٻاٽ ۾ حفاظت سان،
لاٽ ڏي ۽ روشنائي ڪر.
واٽ صوفين جي وٺ سجاد سڌي،
دل کي ڌو ۽ دور ٻيائي ڪر..
ڳالھہ منھنجي جو هوءَ ڪري ٿي پئي،
نانءُ منھنجو کڻي پو ٺري ٿي پئي.
خواب پنھنجا وهاڻي جي هيٺان رکي،
ننڊ ۾ ڇرڪ ڇو هوءَ ڀري ٿي پئي.
هيءُ ڪنھن جو اڃان آهي اوسيئڙو،
در کليل ۽ بتي ڀي ٻري ٿي پئي.
ڇو نہ هِن ڌڻ جي ٻڪرار جا هٿ چمان،
ڌڻ ۾ ڇيلي پرينءَ جي چري ٿي پئي.
مون کي پڪ آ تہ ايندي هوءَ اڄ هتي،
ڪانءُ ٻولي ۽ اک ڀي ڦري ٿي پئي.
اچ تہ توکي ڏسيان سجني سجاد جي،
هوءَ تئي تي مڇي، جا تري ٿي پئي.
جفا جي شھر ۾ پرين، وفا پرست ٿي رهيس،
صنم ڪدي ۾ رهي، خدا پرست ٿي رهيس.
نہ زندگي غزل پرين، نہ گيت نہ ڪو نظم،
مگر پرين مان پوءِ ڀي، صدا پرست ٿي رهيس.
فنا اڳيان فنا جهڪي، اهو نہ مونکان ٿي سگهيو،
انھيءَ ڪري عمر سڄي، بقا پرست ٿي رهيس.
هي سنڌ جي گهري ٿي سر، هزار سر مان گهوريان،
مان پنھنجي ڌرتي ماءُ لئہ، سخا پرست ٿي رهيس.
اماس رات ۾ ڀلا، اچي تہ ننڊ ڪيئن اچي،
مان سحر جي تلاش ۾، صبا پرست ٿي رهيس.
پرينءَ جي هڪڙي مرڪ تي، مان موهجي پيس صفا،
حُسن پرست ٿي رهيس، ادا پرست ٿي رهيس.
وڇڙيل جڏهين يار ملن ٿا،
چار اکيون چَپَ چار ملن ٿا.
مون تي ساجن جا لک ٿورا،
پل پل جنھن جا پيار ملن ٿا.
گل ۽ پوپٽ وانگي جاني،
نينھن ڪري نروار ملن ٿا.
آءٌ قلم، ڪتاب گهران ٿو،
موٽ ۾ پر هٿيار ملن ٿا.
جڏهن ڪڏهن پنھنجا مون سان،
بڻجي ڇو اغيار ملن ٿا!؟
ڪھڙا سور“سجاد” پڇو ٿا،
گلڙن سان گڏ خار ملن ٿا.
اسان جي ساري ڄمار سائين،
رڳو اوهان جي سنڀار سائين.
اسان جي سوچن پئي اڻيو آ،
اوهان جي يادن جو ڄار سائين.
اداس شامن ۾ منھنجي جيءَ کي،
اوهان جو گُهرجي ٿو پيار سائين.
اکين کان پنھنجي پري نہ رکجو،
هجي اوهان جي نھار سائين.
هي پيار جي راند ڀي عجيب آ،
نہ جيت جنھن ۾ نہ هار سائين.
تمنا آهي “سجاد” جي هيءَ،
هجي اوهان ۾ نھار سائين.
سونھن سوا سجاد ميراڻي ڪيئن ڪندو،
تو ئي ڏس او منھنجي راڻي ڪيئن ڪندو.
پنھنجي پَلوَ سان ڪين جي اگهندين او سائنڻ!
منھنجي اکين مان وهندڙ پاڻي ڪيئن ڪندو.
هن جي چپن ۾ پيار جو جام پئي ٿو پيو،
اهڙو ماڻھو پيار پڄاڻي ڪيئن ڪندو.
ڪنُ لائي ٿي هن جي ڳالھہ ٻڌي ويٺي،
پوءِ ڀلا هو بند ڪھاڻي ڪيئن ڪندو.
سونھن سڏي “سجاد ميراڻي” منھن موڙي،
اهڙي غلطي ڄاڻي واڻي ڪيئن ڪندو.
محبت ساڻ قائم، زندگيءَ جو سلسلو آهي،
محبت کانسواءِ، زندگي ڄڻ زلزلو آهي.
سنڀالي ساھہ ۾ تولئہ، رکان ٿو پيار او پيارا!
اوهان جو عشق ڀي ڪيڏو، اچي ڏسُ دادلو آهي.
لڳل ڪيئي چتيون آهن، حياتيءَ جي وڳي ۾ ڏس،
مگر پوءِ ڀي اسان پنھنجو، نہ هاريو حوصلو آهي.
اسان جي سنڌ ڌرتيءَ تي، سدا يلغار غيرن جي،
ڀلا هاڻي انھيءَ جو ڪو، ٻڌائيندو بِلو آهي.
اڃان منزل پري هئي ير، تہ رهبر ئي وڪامي ويو،
ويو پو قافلو لُٽجي، لُٽيل هي قافلو آهي.
کڻي نظرون نھارڻ جي، نوازش جي ڪندو آهين،
ملي ويندو تڏهن مونکي، جيئڻ جو حوصلو آهي.
سڄڻ “سجاد” کي هاڻي، اوهان جي ڇانوَ ٿي گهرجي،
سوا سجاد جو تنھنجي، هتي ڪو ڀرجهلو آهي؟
دين ڌرم کان آجا آهيون،
صوفي پاڻ سٻاجها آهيون.
نينھن اسان کي آهي نچايو،
يڪتارا ۽ باجا آهيون.
پيار اسان جو دين ڌرم آ،
پيارن جي لئہ پنھنجا آهيون.
نحن اقرب ندا جو آئي،
ڪيئن چئون ڪنھن ٻي جا آهيون.
سنڌڙيءَ لاءِ “سجاد” اسين سڀ،
هوشو آهيون دودا آهيون.
انصاف ڪري سگهندين؟
دل صاف ڪري سگهندين؟
مان ڏوھہ مڃان بہ کڻي،
تون معاف ڪري سگهندين؟
تون منھنجي محبت جو،
اعتراف ڪري سگهندين؟
هي منھنجا درد پرين،
ڏس هاف ڪري سگهندين؟
هاڻ آءٌ هلان ٿو پيو،
سِي آف ڪري سگهندين؟
ساراھہ سڄڻ جيءَ ۾ هر چيز فنا آهي
سنسار سندي لب تي سھڻي جي ثنا آهي.
ابليس تڪبر ڪيو، آدم کي نہ ڪيو سجدو،
ماڻھو تہ مٽيءَ جو تون، توکي ڇو انا آهي.
درويشُ هي منھنجو مَنُ، دلبر جو ٿو در تانگهي،
ڪنھن کان نہ آهي نفرت، ڪنھن کان نہ خفا آهي.
حاذق جي اچڻ جي هِتِ، ڏس ڪھڙي ضرورت آ،
دلبر جو ٿئي درشن، مون لاءِ شفا آهي.
وسري ڇو ويو آهيان، وڇڙي ڇو ويو آهيان؟
ڪا مون کان خطا ٿي وئي، يا هُن ڪئي جفا آهي.
هن شھر جا ماڻھو سڀ مونکي ٿا هڻن پٿر،
سمجهايو ڀلا مونکان ٿي ڪھڙي خطا آهي؟
مخمور اکيون هن جون، جن لاءِ سڪان ٿو مان،
ها مونکي چمڻ ڏي بس، مون لاءِ دوا آهي.
مَلِ سنڌ جي دشمن کي، تئو تيل کڻي مُنھن تي،
جو ديس جو ويري آ، ان جي هي سزا آهي.
پڪ يار ڏيان ڪھڙي، سجاد سچائيءَ جي،
سنڌوءَ جو قسم من ۾ تو لاءِ وفا آهي.
گنگا جمنا تنھنجا نيڻ،
منھنجا سپنا تنھنجا نيڻ.
منھنجي لاءِ تہ آهن پيارا،
“جينا مرنا” تنھنجا نيڻ.
مھل وڇوڙي سھڻا سائين،
ڪيئن تہ رنا ها تنھنجا نيڻ.
گهورن سان ٿا ڪيڏو گهائن،
منھنجي سجنا تنھنجا نيڻ.
ڪيئن نظارا نھاريان هيڪل،
ڪيترو وقت گهاريان هيڪل.
ساڻ هو ڄڻ تہ هيو آئينو،
پاڻ کي ڪيئن اجاريان هيڪل.
راھہ ۾ در دريون دوڪان سَوين،
راھہ ويٺو نھاريان هيڪل.
ڏينھن ڏائڻ ۽ رات رولي ٿي،
پاڻ کي ڪيئن سمھاريان هيڪل.
آهي منھنجي هُو يار هِردي ۾،
ڪير تو چئي آهيان هيڪل.
دل سان گڏ هو نيڻ کڻين ها،
نير “سجاد” ٿو هاريان هيڪل.
پيار آهي تہ زندگي آهي،
باقي سڀ ڪوڙ ۽ ٺڳي آهي.
آءٌ ڪمري ۾ ڇو بتي ٻاريان،
هن جي چاهت جي روشني آهي.
هو جڏهن کان شھر ڇڏي ويو آ،
هر گهٽي ڄڻ ٻُسي ٻُسي آهي.
هن جي مک کي ڏسي ڦڻي ٿو ڏيان،
هن جو مُک ئي تہ آرسي آهي.
آءٌ محفل ۾ خوشنصيب آهيان،
جاءِ ڀرسان رکي وئي آهي.
مون سان موڪل کان پو اچي ملجان،
ويندي ويندي چئي وئي آهي.
هن کي هڪڙو دفعو ڏٺو هو بس،
ننڊ “سجاد” ڇو رُلي وئي آهي.
ڀاڪر پائي سينو ٺاريم،
پيار جو وار سفينو تاريم.
سنڌ تان جيڪو صدقي ٿيو،
تنھن جي قبر تي ڏيئو ٻاريم
سچ جي خاطر وِھہ جو پيالو،
پي ويس مان ڪين ڪي هاريم.
سون تي سيڻ مٽائي ويٺو،
تن ڏي اک کڻي نہ نھاريم..
مون جو توڏي گل اماڻيا ياد اٿئي؟
۽ تو مونڏي تير ها تاڻيا ياد اٿئي؟
سنگدل سنگدل ڪيڏي سنگدل تنھنجي دل،
هڪ بہ نہ اگهيو عرض اماڻيا ياد اٿئي؟
هڪ بہ نہ ساڀيان ٿيو سائين،
کٽ جيان مون خواب ها واڻيا ياد اٿئي؟
توئي چيو هو چنڊ تريءَ تي لاهي ڏي،
۽ مون تو لئہ تارا ڇاڻيا ياد اٿئي؟
هڪڙي ڀيري کلي چيو هو تو مونکي،
يار “سجاد” مان توکي ماڻيا ياد اٿئي؟
تو کان ڌار ٿيان،
گنھگار ٿيان
تون تہ ٻار ٿئين،
مان ڀي ٻار ٿيان.
تنھنجي ڳوٺ اچي،
ڪنھن تي بار ٿيان.
آءُ پرين! مونڏي،
گلن هار ٿيان.
هٿ رتا ڪر تون،
مينديءَ ڏار ٿيان.
سجاد! سونھن مٿان،
هر هر وار ٿيان.
محبت ڀي وڪامي ٿي تہ نفرت ڀي وڪامي ٿي،
اندر ۾ هڪ ۽ ٻاهر ٻي، اها صورت وڪامي ٿي.
کنيون جهنڊا هنيون نعرا، وتون ڀاڙا، ڀريئون گاڏيون،
اصولن کي ڇڏيو ماڻھن، سياست ڀي وڪامي ٿي.
رکي تو ڀي دل اجري، بگاڙيئي دين جو هُليو،
اڙي مفتي تنھنجي فتويٰ، شريعت ڀي وڪامي ٿي.
ڏيکاري پنھنجي ڏاهپ کي، وئين ٿي سنڌ جو ويري،
او دانشور! تنھنجي هتڙي، ذهانت ڀي وڪامي ٿي.
وٺڻ آيو آ مرشد ڏنُ، بھانو آهي درشن جو،
الاڙي! ڇا ڪجي هتڙي، زيارت ڀي وڪامي ٿي.
ڪري حق جي حمايت جو، اهو آهي مصيبت ۾،
ڏسو نہ تہ يار هتڙي هر قيامت ڀي وڪامي ٿي.
گناهن کان پري آهيان،
ثوابن کان پري آهيان.
اڙي او يار تون ئي ڏس.
ايئن ڇا جي ڪري آهيان؟
سِڪي ٿو ساھہ جنھن جي لئہ،
انھيءَ جي آسري آهيان.
ڀلي تون بھشت گُهر واعظم
مان لالڻ جي لري آهيان.
پرين جي پاڻ سان ناهي،
تہ دوزخ جي تري آهيان.
وقت جي رفتار سان هلندو رهيو،
يار منھنجو پيار سان هلندو رهيو.
چيو نہ ان جي سار ۾ رهجي سدا،
جو سنڌوءَ جي سار سان هلندو رهي.
هو ڀٽائيءَ جي پيو شاعري،
۽ تنبوري تار سان هلندو رهيو.
دل اندر انسان جي الفت رکي،
پيار ۽ ڪردار سان هلندو رهيو
ٻيا سڀئي هٿيار اڇلائي فقط،
پيار جي هٿيار سان هلندو رهيو.
سالڪن جي ديس جو ماڻھو هيو،
پيو سچل سرڪار سان هلندو رهيو.
سنڌ خاطر سڏ ٿيو “سجاد” کي،
ڪانڍجي قطار سان هلندو رهيو
فطرت جي سھڻن نظارن کي ڏسجو،
اچي جي اسان ڏي بھارن کي ڏسجو.
اوهان جي اچڻ لاءِ ديدون درن ۾،
اسان جي اچي انتظارن کي ڏسجو.
ملاحن جي ٻيڙين ۾ دردن جو واسو،
بتيلي تي پيار ٻارن کي ڏسجو.
ڪڏهن آجپو پنھنجي ڌرتيءَ جو ٿيندو،
شھيدن جي رت گذارن کي ڏسجو.
جڏهن وار کوليئي تہ ٿي رات ويئي،
پڪ ساڻ پنھنجي ئي وارن کي ڏسجو.
ڪيا بند دل جا ڪڏهن در اسان هن؟
اچي يار دل جي دوارن کي ڏسجو.
//
-
اسان جا ڏوھہ ڏسون ٿا ثواب ڀي ڏسو،
اسانجي عشق سڳوري جو بابُ ڀي ڏسو.
ائين ئي ڪفر جي فتويٰ ڏيو ٿا رندن تي،
لکيل ڪتاب ۾ ڇاهي ڪتابُ ڀي ڏسو.
سفيد ويس ۾ ڪرسيءَ تي يار ويٺل آ،
اسان جي نيھن جو نيارو نوابُ ڀي ڏسو.
اکين اوهان جون ڀَليون هن مڃان ٿو ليڪن،
انھن اکين ۾ اسان جو خوابُ ڀي ڏسو.
نظر، نظر سان ملي ٿي خمارجي ٿا وڃئون،
پرينءَ جا نيڻ ڪٽورا شرابُ ڀي ڏسو.
سونھن سان واسطو ضرور آهي،
يار منھنجو نہ ٻيو قصور آهي.
پاڻ کي ڪيئن سڏي ٿو شاعر هُو،
سمجهہ جنھن کي نہ ڪو شعور آهي.
حسن جي انڌ تتي ستم ايڏا،
هن کي ڪيڏو نہ ير غرور آهي.
جي پڇو ٿا تہ عشق ڇا آهي،
آءٌ چوندس مٿي جو سور آهي.
ڪوڙ جي ڌوڙ ۾ لٽيا پيا هن،
پر چَوَن ٿا وڏو سرور آهي.
پير اگهاڙا “سجاد” ڪر هاڻي،
يار جو ديسُ ڪوه طور آهي.
ڪُوزي ۾ درياھہ نہ بند ڪر،
مسجد ۾ ﷲ نہ بند ڪر
نحن اقرب پڙھہ تون ملان،
صوفيءَ جو ير ساھہ نہ بند ڪر
تنھنجو منھنجو پيار آ پوتر،
مون کان پنھنجو چاھہ نہ بند ڪر
سنڌڙيءَ جو سينگار آ سنڌو،
ڌرتيءَ جو درياھہ نہ بند ڪر
فرقن ۾ ڦاساءِ نہ ڪنھن کي،
ويچارن ويساھہ نہ بند ڪر
منھنجو ڀاءُ کڻي ويا آهن،
گھرو گهاءُ هڻي ويا آهن.
ڪنڊا ڪنڊا جيون منھنجو،
سارا گُل ڇڻي ويا آهن.
صوفين جي درگاهن کي ڀي،
وحشي بم هڻي ويا آهن.
منھنجي جيجل روئي پڇي ٿي،
ڪاڏي ديس ڌڻي ويا آهن ؟
ٻچڙا مونکي موٽائي ڏيو،
جيڪي غير کڻي ويا آهن!
هاءِ اسان جي ڌرتيءَ جا ڀي،
مالڪ غير بڻجي ويا آهن.
يار توکان سوا گهاربو ڪيترو،
ديپ دل جو ڀلا ٻاربو ڪيترو.
پيار پنھنجي جو ٻيڙو آ وچ سير ۾،
ساٿ تنھنجي بنا تاربو ڪيترو.
گڏ رقيبن سان توکي ڏسي دل جلي،
دل جليءَ کي ڀلا ٺاربو ڪيترو.
ڇو واعظ ٿو ٽوڪين مون کي ڀلا،
سونھن ۽ سچ کي ٽاربو ڪيترو.
زهر تنھنجي هٿن مان ٿو هر هر ملي،
نيٺ پيئبو پرين هاربو ڪيترو.
ياد توکي ڪندي اک لڳي وئي مٺا!
بيوفا کي ڀلا ساربو ڪيترو.
گناهن ثوابن کي آءٌ ڪين ڄاڻان،
حسابن ڪتابن کي آءٌ ڪين ڄاڻان.
پرينءَ جي اکين مان پيئان پيگ ٿو مان،
شيشن شرابن کي آءٌ ڪين ڄاڻان.
لالڻ جي لبڙن مون کي آهي موهيو،
گلابي گلابن کي آءٌ ڪين ڄاڻان.
سنڌڙيءَ جي سورن تي ويٺو روئان ٿو،
باقي عذابن کي آءٌ ڪين ڄاڻان.
رڳو سونھن آڏو سِرُ ٿو جهڪايان،
وڏيرن نوابن کي آءٌ ڪين ڄاڻان.
ڏسو ماڻھپو ويو موڪلائي،
ڇا ٿي ويو آ اسان کي الائي.
مذهب جي نالي ۾ ماڻھو ڪسن ٿا،
مذهب تان ويساھہ ڇڏيو ٿئون کڻائي.
ڪتابن بنا هو سڏائي ٿو مفتي،
ٿو ڪافر ۽ مومن جي فتويٰ ٻڌائي.
نہ رومي نہ جامي نہ سعدي ۽ نہ سامي،
اسان صوفين کي ڇڏيو آ ڀلائي.
ڀٽائيءَ جي پڙ ۾ ڄڻيو ٻار گونگيءَ،
اهو ٻار پيءُ جو ڇا نالو ٻڌائي.
هاريءَ جي نياڻيءَ وڏيرو کڻي ويو،
وڏيري جي ڌيءَ کي ويو نوڪر ڀڄائي.
انسان ساڻ الفت، انسان جي نشاني،
انسان سان عداوت، نادان جي نشاني.
انسان آهي افضل، انسان آهي اعليٰ،
انسان جي فضيلت، قرآن جي نشاني.
نائب خدا جو آهي، آدم زمين تي ۽،
خالق جي آ خلافت ۽ شان جي نشاني.
جهيڙو فساد جائز، انسان لئہ تہ ناهي،
جهيڙو، فساد، نفرت شيطان جي نشاني.
مالڪ جا ڳڻ نہ ڳائي، ڪنڌ غير وٽ جهڪائي،
رحمان سان بغاوت، بي ايمان جي نشاني.
جوڙيو جھان جنھن لئہ ﷲ پاڪ آهي،
ان جي مٿان صلاتون، ايمان جي نشاني.
“سجاد” سنڌ ڌرتي جنت جو آهي ٽڪرو،
سنڌو درياءَ دولت، رحمان جي نشاني.
اسان تہ روزو رکيو آ، اکيون رکن ئي نٿيون،
ڏسن ٿيون سونھن جي سامھون تہ ٻوٽجن ئي نٿيون.
وياسين يار جي در تي تہ بند دروازو،
مايوس ٿي جو ورياسين وکون کڄن ئي نٿيون.
گهڻو ئي پاڻ يار پئون ٿا پٽ تي سمھي،
بدن سمھي ٿو پوي اکيون سمھن ئي نٿيون.
زبان تي يار جو نالو ۽ هٿ لکن ٿا پيا،
زبان ۽ آڱريون ٻيو ڪجهہ چَون، لکن ئي نٿيون.
ايمان ڪٿي آهي،
احسان ڪٿي آهي.
ملان ٿا چون مذهب،
انسان ڪٿي آهي؟
مندر ۾ نہ ٻائو آ،
ڀڳوان ڪٿي آهي؟
مُلن سان ڀريل مسجد،
رحمان ڪٿي آهي؟
محبت ۾ ايڏو ٿيو نروار آهيان،
جو هر ڪنھن جي اک ۾ گنھگار آهيان.
نہ پٿرن هڻڻ جي تون قاضي ڏي فتويٰ،
پرينءَ جي گلن سان مان سنگسار آهيان.
چَوَن ٿا نہ ڪر ڳالھہ تون آجپي جي،
ڪندس دار تي ڀي مان غدار آهيان.
وفا ۽ جفا جي بحث کي نہ ڇيڙيو،
وفادار هيس ۽ وفادار آهيان.
مان لڙندس، مان وڙهندس سدا سنڌ جي لئہ،
مان هيموءَ ۽ هوشوءَ جو ڪردار آهيان.
سجاد سنڌ جو ذڪر مان ڪندس پيو،
جو سيد ۽ سنڌ جو ڏنگو ٻار آهيان.
البيليون اکيون، مون اکين تي رکيون،
جي مون سان ٻکيون مون اکين تي رکيون.
جي تنھنجي پگهر کي چوسن پيون،
ماکيءَ جون مکيون مون اکين تي رکيون.
جي توکان مليا اي منھنجا مٺا!
سي غم خوشيون مون اکين تي رکيون.
تون آ سھڻي ۽ سھڻيون هي،
سڀ تنھنجون اکيون، مون اکين تي رکيون.
تون مون بابت ڪاغذ تي پرين،
ڳالھيون جي لکيون، مون اکين تي رکيون.
جي لفظ وضو ڪن تہ تنھنجو نانءُ کڻان،
هزار ڀيرا عطر ۽ گلاب منھن کي هڻان.
سڄي دنيا ٿي ڌڪاري مان ڪھڙي هام هڻان،
خدا ڪري تہ پرين مان اوهان کي شال وڻان.
هجي ڪو هڪ تہ انھيءَ سان آءٌ نبري وٺان،
توهان جي شھر ۾ آهن رقيب منھنجا گهڻان.
اسان جي سنڌ ڏانھن ميري اک ڪري جيڪو،
چٻائينداسين انھيءَ کي بہ يار رڪ جا چڻان.
وقت جي وهڪري ۾ وهي ٿو وڃان،
يار! آهيان مٽيءَ جو ڊهي ٿو وڃان.
تنھنجي ٻيڙيءَ ۾ ڳورو رُڳو مان ئي ها
تنھنجي چئي کان اڳي ئي لھي ٿو وڃان.
او وعظ! تون دوزخ جا دڙڪا نہ ڏي،
آءٌ پاڻ هي خدا سان ٺھي ٿو وڃان.
نينھن جو نانءُ آهي ملامت پرين،
لوڪ ڇا ڀي چئي مان سھي ٿو وڃان.
سنڌ ڌرتيءَ جو جيسين ٿئي آجپو،
آءٌ تيسين تُرم ۾ رهي ٿو وڃان.
عشق منھنجي امامت ڪندو اڄ جتي،
آءٌ “سجاد” اوڏانھن ڪھي ٿو وڃان.
ڀرسان جاءِ رکي وئي آهي،
ڄڻ دل جاءِ رکي وئي آهي.
آءِ لوِ يو لکي ڪاغذ تي،
ڪنھن جي لاءِ رکي وئي آهي.
مون سان محبت جي سفر ۾،
شايد راءِ رکي وئي آهي.
تو ن نہ آئين آءٌ هلان ٿي،
لکي باھہ رکي وئي آهي.
اکڙين کان آرام نہ کسجي،
پيٽ بکئي کان طعام نہ کسجي.
مئخاني ۾ هيرائي پو،
ساقي ڪنھن کان جام نہ کسجي.
ٽڪو آ يا پيسو آهي،
ڪنھن کان ير انعام نہ کسجي.
جنت مان جي لوڌيل آهيون،
ڌرتيءَ تان قيام نہ کسجي.
عشق امام ڪري جي ڪوئي،
اهڙو يار امام نہ کسجي.
تا دم آدم بڻجي رهجي،
ڪنھن کان ڪنھن جو نام نہ کسجي.
مذهب جو ٻيو نانءٌ محبت،
محبت يا اسلام نہ کسجي.
تنھنجي دل ۾ رهڻ ٿو چاهي،
ڀٽڪيل کان آرام نہ کسجي.
جسم تي جيڪو ويڙهيل آهي،
الفت جو احرام نہ کسجي.
ايوان اندر حيوان نہ ٿي،
ڪجهہ سوچ ذرا بي ايمان نہ ٿي.
هي ڪرسي اچڻي وڃڻي آ،
تون ڪرسيءَ تي مستان نہ ٿي.
جي سنڌ کي ماءُ ٿو سمجهي پيو،
پو ماءُ جو بي فرمان نہ ٿي.
ڇو غير جي گود ۾ کيڏين ٿو،
ائين پاڳل ۽ نادان نہ ٿي.
سنڌ ڌرتيءَ سان ڌوڪو ٿو ڪرين،
تون ڌرتيءَ جو دگران نہ ٿي.
هت مانيءَ جي لئہ ماتم آ،
تون محرم ۽ رمضان نہ ٿي.
هن ڌرتيءَ ٿا ڪلور ٿين،
ڇو تن جو ير ارمان نہ ٿي؟
آ بُک ڀلي ”سجاد“ ميان،
پر مانگر جو مھمان نہ ٿي.
کيس چئجو هتان سدا گذري،
شھر ساري لئہ ٿي دعا گذري.
کيس چئجو تہ حُسن فاني آ،
نانءُ پنھنجو رکي وفا گذري.
کيس چئجو تہ سونھن سڀ ڪجهہ آ،
عشق وارن لئہ ٿي عطا گذري.
کيس چئجو تہ سنڌو سڪي ويو آ،
سنڌ تي پئي ٿي ڪربلا گذري.
کيس چئجو ”سجاد“ سوالي آ،
هڪ چُميءَ جي ڪري سخا گذري.
يا خدا! آسمان قائم رک،
يار گڏ آ جھان قائم رک.
منھنجو محبوب ڏي ٿو آئينا،
سونھن جو سو دڪان قائم رک.
يار جي پنڌ ۾ مان نڪتو هان،
منھنجي منزل مڪان قائم رک.
سونھن جي جت ٿئي سلامي سو،
عشق جو آستان قائم رک.
سڀ نظر ٿا رکن گناهن تي،
مون تي پنھنجي امان قائم رک.
مان هان “سجاد” سونھن جي آڏو،
منھنجا سجدا نشان قائم رک.
ٻوڏ متاثر آهيان مان،
ڪيڏو قاصر آهيان مان.
گهر ٻڏي ويا ڳوٺ ٻڏي ويو،
سورن ساگر آهيان مان.
ابو امڙ ۽ ٻچا لڙهي ويا،
ڪنھن جو دلبر آهيان مان.
ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي،
اولھہ اوڀر آهيان مان.
ڪوئي ويجهو ڪو نہ اچي ٿو،
ڪنھن جو مِتر آهيان مان.
راشن جي لئہ روز سڀاڻي،
جمعو ڇنڇر آهيان مان.
سور سجاد پڇو ٿا ڪھڙا،
ڏکن ڏونگر آهيان مان.
نظم
ٻہ پيٽ
هڪ بکيو پيٽ
ٻيو پنھنجي بکئي پيٽ ۾
ٻيو پيٽ
جيڪو اٺن مھينن جو
ٻار جي صورت ۾ هو
پر وحشين ٻنھي پيٽن کي
گولين جي بوڇاڙ سان
پروڻ ڪري ڇڏيو
انھن ٻنھي پيٽن مان
جيڪي آواز نڪتا
اهي گولين جي آواز کان
اوچا هئا
جن عرش ۽ فرش کي
ڌوڏي ڇڏيو
۽ اهي آواز قدرت جي
ڪنن ۾ گونجي رهيا آهن
انصاف جي حاصلات تائين.
* ( نوٽ: لاڙڪاڻي ۾ هڪ شاديءَ ۾ شرابين پاران فائرنگ جي واقعي تي لکيل)
سونھن پنھنجيءَ مان پيارا تو خيرات ڏي،
دولت حُسن جي يار زڪوات ڏي.
مونکي زيور نہ ڏي مونکي زر ڀي نہ ڏي،
پنھنجي پيرن ۾ پائي تون درجات ڏي.
نفرتن جي نٽهڻ ڀي ساڙي پئي،
زير زلفن ۾ آڻي ڪا محلات ڏي.
تنھنجي ديدار جي لئہ سِڪان ٿو پيو،
پاڻ پنھنجو پسائي ڪا سوغات ڏي.
آءٌ عرصي کان اوندھہ ۾ گهاريان پيو،
پيار پنھنجي جا ڏئي رنگ پرڀات ڏي.
هي وطن جا جو ويري ٿا اُڏرن پيا،
آءٌ “سجاد” تن کي ڪا سڪرات ڏي.
سياڻو هو سمجهائي ويو،
گيت پريت جا ڳائي ويو.
ڌرتيءَ جا سڀ قرض چُڪائي،
پاڻ کي هُو چمڪائي ويو.
پنھنجي ديس سان پاڻ ڪوي،
واھہ جو نينھن نڀائي ويو.
شاعر پنھنجي شعرن سان،
ڏاڍَن کي ڏهڪائي ويو.
سمنڊ جاڳي ٿو، ڇوليون جاڳن ٿيون،
ڳوٺ ستل آهي، گوليون جاڳن ٿيون.
سمنڊ ڪناري تي سانجهيءَ ويلي جو،
کوڙ حسينن جون، ٽوليون جاڳن ٿيون.
هوشو ٿيندين تون، هيمون ٿيندين تون،
منھنجي امڙ جون، لوليون جاڳن ٿيون.
ريل هلي ٿي پئي، جيل وٽان جڏهن،
قيدي جاڳن ٿا، کوليون جاڳن ٿيون.
ڳوٺ جي ميلي ۾، ناچ هلي ٿو پيو،
اڀيل ڇاتيون ۽ ڇوليون جاڳن ٿيون.
هوءَ جا مٽيءَ منجهہ پئي آ،
پوءِ بہ ڄڻ آڪاس تي وئي آ.
اونداهيءَ مان ڪوچ ڪري هوءَ،
روشن رستا ڪري وئي آ.
سنڌ جي بختاور ۽ ٻاگهل،
جابر وٽ ڪڏهن وڪي آ؟
ڪڪرن مان هوءَ جهاتي پائي،
ديس جي درد تي روئي پئي آ.
ڌرتيءَ جا ماڻھو جاڳائي،
پاڻ بہ مٽيءَ منجهہ سُتي آ.
سنڌ جي راڻيءَ ديس ڌياڻيءَ،
سچائي جي ساکَ ڀري آ.
پشاور جو آرمي اسڪول وارو سانحو
هڪ معصوم شاگرد جي ماءُ کان موڪلاڻي
او منھنجي مٺڙي امڙ
اڄ منھنجي پتڪڙين ٻانھن ۾
ڪتابن جو ٿيلهو پاراءِ
پوءِ پنھنجي وڏين ٻانھن سان
مونکي ڀاڪر پاءِ
ايڏو وڏو ڀاڪر پاءِ، ايڏو وڏو ڀاڪرپاءِ
ايڏو وڏو ڀاڪر پاءِ، جو مان تو ۾ سمائجي وڃان
ڇو تہ اڄ منھنجي اسڪول ۾
منھنجا ۽ منھنجي ڪتابن جا
ويري ايندا
جيڪي مون کي ۽ منھنجي ڪتابن کي
بم ۽ گوليون هڻي
ماريندا ۽ ساڙيندا
او منھنجي امان او منھنجي مٺڙي امان
مونکي معاف بہ ڪجانءِ
جو مان توکي تنگ ڪندو هوس
تنھنجو چيو نہ مڃيندو هوس
سردي کان بچڻ لاءِ بوٽ ۽ ڪوٽ نہ پائيندوهوس
گرمي کان بچڻ لاءِ پکي تي نہ ويھندو هوس
وقت تي ماني نہ کائيندو هوس
رات جو دير سان گهر ايندو هوس
او امان!
اڄ مونکي آخري ڀاڪر پاءِ
۽ مونکي تون پاڻ ۾ سماءِ
جو جڏهن مان مري وڃان
تہ تون مونکي ياد ڪري
نہ روئين
ڇو تہ مان تون ۾ موجود هونندس
او منھنجي مٺڙي امان
توکي آخري سلام
اچو پپا مونکي
آخري ڀيرو
اسڪول ڇڏي اچو
تہ اسڪول جي گيٽ وٽ پهچي
اوهان ي بہ پتڪڙو
هٿ لوڏي
آخري سلام ڪيان
سلام ممي، سلام پپا
پيار جو ٻيڙو
ساڙ۾ ڪيڏو سڙي ٿو پيو هُو،
آءُ تہ تون، مان ڪنھن وڻ هيٺان
سج جي ساڙ کي ساڙي ڇڏيون
پنھنجي واعدا پاڙي ڇڏيون
پيار جو ٻيڙو تاري ڇڏيون.
وني منھنجي آ هارياڻي
هٿين مھندي آهي گارو
کُري سان کيت کيڙيان ٿو
ڪيان ڏاٽي سان لابارو
اسر ويلي اُٿان ٿو مان
ٻنيءَ ۾ ٻج هاريان ٿو
وني ڀي ساڻ مون سان
ڏسي اندر کي ٺاريان ٿو
جڏهن ڏاندن کي جوٽيان ٿو
ٻنيءَ پنھنجيءَ کي کوٽيان ٿو
جڏهن مون کي لڳي ٿي اڃ
پياري ٿي مونکي پاڻي
وني منھنجي آ هارياڻي
آزادي سان ڳالھہ
ورتيون وئي پئي واٽ ڏٺي مون
دل جهلي مون سوال ڪيو هي
تنھنجو نالو ڇاهي پياري
هر ادا ٿئي ڏاڍي پياري
جيڪر مون سان ساڻ هلي پئہ
جيون مونسان ساڻ رهي پئہ
چيائين مونکي منھنجا سائين!
منھنجو نالو آزادي آ
مون کي جي تون ماڻي پيارا
پنھنجي گهر ۾ آڻي پيارا
رت جي ميندي هڻڻي پوندئي
دل ڪشادي ڪرڻي پوندئي
قدم قدم تي ٿاڻا ايندا
ڦاها ايندا گهاڻا ايندا
ڪيئي دڳ ۾ ڪاڻا ايندا
جهلي هٿ ۾ ناڻا ايندا
متان تنھنجي دل هرڪي پئي
متان تنھنجو من ڇرڪي پئي
پوءِ مون کي تون دڳ ۾ رولي
وڪڻي ويھي واٽ تي ٻولي
.ان لئہ پھريان دودي کان پڇ
هوشوءَ کان پڇ هيمون کان پڇ
جن وٽ منھنجو مانُ مٿانھون
مون وٽ جن جو شان مٿانھون
جن سان منھنجا سڱ او سائين!
جيڪي منھنجا مـڱ او سائين!
اهو ڪيئن ٿيندو
ڳالھہ ڪرن
۽ ديس پنھنجي جا
حق گهرن
پر تن کي تون کنڀرائي ڇڏ
۽ جيلن ۾ واڙائي ڇڏ
۽ هٿ ڪڙيون لڳرائي ڇڏ
۽ ٿاڻن ۾ ڪٽرائي ڇڏ
۽ڪوڙا مقابلا ڄاڻائي
مظلومن کي مارائي ڇڏ
پو جوڌا سنڌ ڌرتيءَ جا
پو لاشا تن شھيدن جا
تون روڊن تي اڇلائي ڇڏ
پو توکي آءٌ سلامي ڏيان
۽ تنھنجي رياست منجهہ رهان
اهو ڪيئن ٿيندو، ائين ڪيئن ٿيندو!
سوال
ڪنن ۾ ڪپھہ آ
نہ ڪجهہ مان ڏسان ٿو
نہ ڪجهہ مان ٻڌان ٿو
هٿن ۾ ڪڙيون هن!
زبان تي بہ تالا
قلم ڀي آ قيدي
پيرن ۾ زنجير لوها ڏسان ٿو
منھنجو ڀاءُ قيدي
منھنجي ڀيڻ قيدي
منھنجا شير ڦاهي چاڙهيا ويا هِن
سمورا منھنجا گهر اجاڙيا ويا هِن
ايڏو ظلم مون سان
ايڏي آهي تعدي
ڪيئن تا چئو پيا
تہ آهي آزادي
آجپي جي آس
اکين ۾ انتظار هو
سراپا ير سجاد جو
وجود بيقرار هو
۽ ڏينھن بہ تتل هيو
جو سج نيزي پاند هو
نہ ڇانوَ هئي نہ ڪو ڇپر
نہ ئي پرينءَ جو پار هو
ديس درد ۾ ورتل
هو آجپي جي آس ۾
اسان جو پر اکيون هيون
آجپي انگاس ۾
خودداري
مونکي جيڪڏهن ڪنھن
ڪوڙي مقابلي ۾
ماريو وڃي
تہ منھنجي کيسي ۾
منھنجي ڪفن جا
پئسا ضرور هجن
جيئن منھنجا ٻچا
ڪفن جي پئسن لاءِ
ڪنھن جي آڏو
هٿ نہ ٽنگن
۽ مونکي
ايڌيءَ جو
ٺپو هنيل ڪفن
پنھنجي بدن تي
پسند ناهي
ڇو تہ خودداري منھنجي خمير ۾ آ
درد نہ پُڇ
درد نہ پُڇ
بس پنھنجي
ٻانھن ۾ تون ڀَر
۽ هڪڙي نظر
مون ڏي ڀي ڪر
پوءِ درد سمورا
ظاهر ٿي
تو آڏو ڪنڌ جهڪائيندا
۽ توکي سڀ ٻڌائيندا
تون مونکان منھنجو
درد نہ پُڇ
بس پنھنجي
ٻانھن تون ڀَرِ
۽ هڪ نظر مونڏي ڪر
سنڌ ثقافت واري
هت ريت پريت نيري آ
هت عورت سگهڙ سياڻي آ،۽ پنھنجي گهر جي راڻي آ
۽ ڌرتيءَ ديس ڌياڻي آ،کوهن مان ڀريندي پاڻ آ،
سا مارئي ملير جي ناري آ،
هي سنڌ ثقافت واري آ.
هي موهن جو دڙو، هي منڇر آ،
هي مڪلي آ، هي ڪينجهر آ،
۽ لاڙ وچولو، اتر آ، ڏِسُ ڪاڇو، ٿر، سمندر آ،
جت ناگن مڇي ماري آ،
هي سنڌ ثقافت وارري آ.
ها اهڙي سنڌ ٿا غير کڻن،
ڄڻ سسئيءَ جا ٿا ڏير کڻن،
۽ ڪيئي پيا ٿا وير کڻن، پر شاعر جڏهن ٿا پير کڻن،
تہ پنھنجن جي پرڪاري آ،
هي سنڌ ثقافت واري آ.
هت سسئي آ،هت سھڻي آ،
هت مومل ڀي مھڻي آ،
هت بختاور ۽ ٻاگهل آ، ۽ نيھن سڀن جو نرمل آ،
هت نوري نوڙت واري آ،
هي سنڌ ثقافت واري آ.
هت اجرڪ سنڌ ٽوپي آ،
هت پٽڪو آ ۽ پوتي آ،
هت ماڻھو ماڻھو موتي آ، هي سنڌ سموري جوتي آ،
هيءَ ڀونءَ ڀلي ۽ ڀلاري آ،
هي سنڌ ثقافت واري آ.
هت سچل ۽ سامي آ،
استاد اياز ۽ حامي آ،
هت بيڪس بيدل ٻڍل آ، سجاد اياز ۽ ادل آ،
۽ تن جي پاڻ ۾ ياري آ،
هي سنڌ ثقافت واري آ.
جوئي آهيان سوئي آهيان
ڪو چئي ٿو سُني هان مان
ڪو چئي ٿو شيعو آهيان
ڪو ٿو ڪوٺي مونکي وهابي
ڪو چئي ٿو آ پرويزي
ڪو چئي ٿو آهي حديثي
ڪو چئي ٿو ڪافر آهي
ڪو چئي ٿو مومن آهي
مان چوان ٿو آدم آهيان
مون کي جنھن بہ ٺاهيو آهي
سوئي مون ۾ آيو آهي
اندر منجهہ سمايو آهي
پاڻ ٿو رندي راڳ ٻڌائي
انا الحق پيو الائي
ڪڏهن چئي ٿو ڀٽائي آهيان
پاڻ پُنھون هان ڪيچ ڇو ڪاهيان
ڪڏهن چئي ٿو آهيان سامي
پرينءَ پڙڏو مون ۾ مدامي
ڪڏهن چئي ٿو بيدل بالا.
ظاهر بندو باطن مولا
ڪڏهن اندر ٿو ٻڍل ٻولي
آيو هان انساني چولي
ڪڏهن چئي ٿو حمل آهيان
يار آ راضي ٻيو ڇا چاهيان
پريم نگر جو غمدل هان مان
يار جي خاطر گهٽيون گُهمان مان
ڪڏهن چئي ٿو روحل آهيان
ڪعبي اندر ستل آهيان
پير ڪيان مان پنھنجا ڪاڏي
يار تہ پنھنجو جاڏي ڪاڏي
پنھنجو آهي تخت هزارو
عرش تي پنھنجو آ اوتارو
سُر سبحاني آهيان سارو
ذات صفات کان آهيان نيارو
پاڻ پسان ٿو پنھنجو نظارو
ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي، .. مان جو ئي آهيان سو ئي آهيان
وايون
سڄي شھر جا سمورا پٿر
وجود پنھنجي مٿان وسائي
اهو ڀلي پو سچل سڏائي.
صليب تي ڀي منصور وانگي
انا الحق پيو يار الائي،
اهو ڀلي پو سچل سڏائي.
لطيف سرڪار جي ڪُني جو،
ڍڪڻ اَچي جي ڪو ڍول لاهي،
اهو ڀلي پو سچل سڏائي.
ڪتاب قاضيءَ جا سڀئي ساڙي،
۽ ڌوڙ پنھنجي ڌرم ٻڌائي،
اهو ڀلي پو سچل سڏائي.
جڏهن بہ ڌرتيءَ امڙ جو سڏ ٿئي،
نہ ڪي نٽائي نہ ڪي لنوائي.
اهو ڀلي پو سچل سڏائي.
ڇولين ۾ آ ڇوھہ،
تو بن نوان ڪيئن.
توکي ڳولھيان مان ڪٿي،
ماڻھن جو انبوھہ،
تو بن نوان ڪيئن.
نسري اڄ سونُ ٿيان،
تون پارس مان لوھہ،
تو بن نوان ڪيئن.
تون اجهو تون آسرو،
ڊڄان ڏڪان ڪوھہ؟
تو بن نوان ڪيئن.
سنڌ سڄي سائي،
تون ڇو هيڊو ٿي وئين؟.
آزاديءَ انگاس سان،
هوءَ جڏهن آئي،
تون ڇو هيڊو ٿي وئين؟
وائي شيخ اياز جي،
مون جڏهن ڳائي،
تون ڇو هيڊو ٿي وئين؟.
ديس دروهِن جي مٿان،
پئي جڏهن ڇائي،
تون ڇو هيڊو ٿي وئين؟.
هڪڙا ٺاهن ٿا،
۽ ٻيا ڊاهن ٿا،
سنڌڙي ڄڻ ڪو رانديڪو آ.
ننڍڙن ٻارن جيان،
ليڪا پائن ٿا،
سنڌڙي ڄڻ ڪو رانديڪو آ.
ديس جي نقشي کي،
گهاو رسائن ٿا،
سنڌڙي ڄڻ ڪو رانديڪو آ.
منھنجي جيجل جو،
نانءُ مِٽائن ٿا،
سنڌڙي ڄڻ ڪو رانديڪو آ.
ڪيڏيون مينھن ڪڻيون،
ڪڪرن مان ڇڻيون،
آءٌ اهو ئي هيڪلو.
پکين پَرَ پُسائيا،
پُسيون پدمڻيون،
آءٌ اهو ئي هيڪلو.
سارنگ ساٺن ۾ پرين،
تنھنجون ساروڻيون،
آءٌ اهو ئي هيڪلو.
وڇوڙي جو واءُ ۽،
فراقن ڦڻيون،
آءٌ اهو ئي هيڪلو.
پنھنجي ليکي جو کلي،
باتيون ڪيئي بڻيون،
آءٌ اهو ئي هيڪلو.
سرتي! سينڌ نہ ڊاھہ،
سنڌ جو نقشو ٿو ڊهي،.
موهن دڙي جي ناچڻي،
ڇيرن کي ڇمڪاءِ،
سنڌ جو نقشو ٿو ڊهي.
ڪينجهر منڇر نيڻ ٻئي،
ڳوڙها ڪين وهاءِ،
سنڌ جو نقشو ٿو ڊهي،.
اڙي راڳي! سنڌ جا،
اُٿي سورٺ ڳاءِ،
سنڌ جو نقشو ٿو ڊهي،.
ڪلاچيءَ جي ڪُن جا،
مانگر سڀ ماراءِ،
سنڌ جو نقشو ٿو ڊهي،.
سرويچن جي سٿ ۾،
سجاد نانءُ لکاءِ،
سنڌ جو نقشو ٿو ڊهي،.
ڌرتيءَ جا رک وال،
لڏن پيا لال،
روئي پيئي مامتا.
موکيءَ مٽ ڇڏي ويا،
ڪاڏي ويا ڪلال،
روئي پيئي مامتا.
هيا ڌرتيءَ جا ڌڻي،
ڪيئي صديون سال،
روئي پيئي مامتا.
منھنجا پٽ ڪاڏي ويا،
ڪري اهڙا سوال،
روئي پيئي مامتا.
اکيون آليون بي وسي،
بارڊر تي بيحال،
روئي پيئي مامتا.
ڏاهپ کي ڏانوَڻ،
هوندا هِن هر دور ۾.
سيتا هڪڙي ڪانہ هئي،
سيتا ۽ راوڻ،
هوندا هِن هر دور ۾.
ڏسين ڇا ٿو او چريا!،
اکين ۾ سانوَڻ،
هوندا هِن هر دور ۾.
گوليون گوليون سنڌ جا،
شھر ۽ واهڻ،
هوندا هِن هر دور ۾.
سج اڀري شل خير جو،
الڪن ۾ آسڻ،
هوندا هِن هر دور ۾.
پرھہ جي پھر ۾،
پرھہ جھڙي ڇوري،
ٿورو جو مرڪي.
سڄي ڳوٺ تي پو،
سورج پيو اڀري،
ٿورو جو مرڪي.
گهر گهر ۾ پيو جاڳي،
پَئي چُلھہ چمڪي،
ٿورو جو مرڪي.
پکين پر ساهيا،
آکيرن مان اڏري،
ٿورو جو مرڪي.
سي ايم هائوس ٻاهرا،
ماڻھن جا هن ميڙ،
سائين ستل آهي.
اوٻاسيون ۽ آسرا،
ڦٽ پاٿن تي ٿيڙ،
سائين ستل آهي.
درخواستون هٿن ۾،
ماڻھن منٿون ميڙ،
سائين ستل آهي.
سائين ملندو ڪين ڪي،
چڙي چَيو چريڙ،
سائين ستل آهي.
پيسين ملندي نوڪري،
هڪ لک ڪروڙ،
سائين ستل آهي.
ووٽ ڏناسين خوام خواه،
اندر منجهہ اُڊيڙ،
سائين ستل آهي.
“سجاد” موٽي ڳوٺ وڃ،
ڇو ٿو لوڙين لوڙ،
سائين ستل آهي.
بيت، چئوسٽا، ٽہ سٽا
بيت
ڪارونجهر جي ڪوھہ جا پتر بادامي،
ڪن پيا سلامي، ايندڙ ويندڙ کي اُتي.
روپلي جي ڳوٺ جون ڪولھي ڇوڪريون،
چارن پيون ٻڪريون، ڪارونجهر جي ڪڇ ۾.
روپلي جي ڳوٺ جي ڪولھي ڇوڪري،
غارن منجهہ ڪِري، خير گهري پئي لوڪ کان.
ڪارونجهر جي ڪڇ ۾ نگر جون ناريون،
ڪَلر جون ڪاريون، اڇا چوڙا ٻانھن ۾.
ڪاسبي جي مندر ۾، نچن پيا مور،
منھنجي من جي چور، چيو هڪ چورائجي
ڀالوا جي ڳوٺ جا ماڻھو ۽ ڪرها،
ڏٺم سڀ ارها، عمر جي اقدام تي.
عمر ڪوٽ ۾ مليو، اسان کي نيڪڻ*
کلي پيو وڻ وڻ، ملان جي مزاح تي.
حاجي،باغي، جمن وٽ، روحل واءِ ۾ رات،
ٽنھي کي هئي تات، رڳو جيجل سنڌ جي.
مٺي ۾ مرڪي مليو، دليپ ڪوٺاري،
چمڪي پئي ساري، ملي گڊي ڀت وٽان.
ڀوڏيسر مسيت، ڪولھڻ جان ڪاري،
پوءِ بہ موچاري، لڳي پيئي لوڪ کان.
گوڙي مندر ۾ هئي، ايڏي ويراني،
اسان حيراني، کڻي نڪتاسين اُتان.
راما پير جي مندر جي، هڪ هڪ مورتي،
ڄڻ تہ پُڇي پئي ڪٿان آيا هو ڪوي.
* منھنجا دوست حاجي ساند، حليم باغي، جمن دربدر، ارباب نيڪ محمد، دليپ ڪوٺاري.
_____________________________
پکي امن جو
اجرو پکي امن جو، شاعر جي گهر تي،
پوءِ بہ شاعر کي، امن گيت نٿو اچي.
اجرو پکي امن جو،آفيس جاري ۾،
ڪلارڪ واري ۾، اچي ڦاٿو ماستر.
اجرو پکي امن جو، ۽ مسجد جو مينار،
ملان جي گفتار، ساڳي ڪافر ڪافر جي.
اجرو پکي امن جو، ڀوتار جو بنگلو،
ڀر ۾ ير ڪنگلو، هاري پَٽِ پيو هيو.
چوسٽا
پرينءَ سان ٺاھہ ڪيئن ٿيندو؟
هُو هيڏو جو پري ويو آ،
منھنجو همراھہ ڪيئن ٿيندو؟
پنھنجي فتويٰ پارسائي ڪر پري،
۽ پنھنجي بڪ بڪ اجائي ڪر پري،
آءٌ نہ ڄاڻان تنھنجي ان فتويٰ منجهان،
مون سان پنھنجي ير لڙائي ڪر پري.
سو زماني ۾ڪيئن جي سگهندو؟
وِھہ جو سُقراط جان ن پي سگهندو،
پيار ڌرتيءَ سان جو ڪري ئي نہ،
ڪيئن هوشوءَ جيان هو ٿي سگهندو؟
ڀلي فيس بڪ تي تون تصوير موڪل،
۽ ان تي لکي ڪائي تحرير موڪل،
ڏسان يار مون لاءِ ڇا ٿو لکين تون؟
ملڻ جي ڪڍي ڪائي تدبير موڪل.
اسان ضمير جو سودو ڪيون تہ ڪيئن ڪيون؟
اسان سرير جو سودو ڪيون تہ ڪيئن ڪيون؟
اسان جي بدن جي مٽي، سنڌوءَ جي مٽي آ،
اسان خمير جو سودو ڪيون تہ ڪيئن ڪيون؟
اسين آهيون قلم وارا قلم سان پيار آ پنھنجو،
قلم ڏاٽو،قلم ڪوڏر،قلم هٿيار آ پنھنجو،
قلم جي نوڪ سان کيڙيون ٻني پنھنجي ادب واري،
پرت جي پوک پوکيون ٿا، اهو وهنوار آ پنھنجو.
نفرتن جا نانگ ماري محبتن مور پال،
سنڌ سھڻيءَ جي ثقافت سڪ منھنجا سھڻا سنڀال،
پنھنجي ٽوپي،پنھنجو اجرڪ،پنھنجو پٽڪو آ سڃاڻ،
پنھنجي وڏڙن جا وساريل دور تون سنڀال.
قلم جو مس جو ڪتابن جو شھر آ،
علم ۽ عرفان جي نوابن جو شھر آ،
هڳاءُ هتان جو وجود ٿو واسي،
ڇو تہ پريان لوءِ گلابن جو شھر آ.
منھنجي نيڻن ۾ آءُ ٽِڪُ اچي،
ڪو نظر نہ هڻئي آءُ لِڪُ اچي،
او رقيب! تون بہ اچين تہ اچ ڀلي،
يارُ مونسان ڏسي پو سِڪُ اچي.
حسن کي ٽاري ڇڏيان، ممڪن نہ آ،
عشق کي واري ڇڏيان، ممڪن نہ آ،
سونھن مون لئہ کير جي آهي مثل،
کير کي هاري ڇڏيان، ممڪن نہ آ.
جڏهن نيڻ پنھنجا کڻي ٿو پيو،
قسم سان تہ ڪيڏو وڻي ٿو پيو،
رڳو روحَ راڻو، تجلا ٿو ڏي،
ڏسو نور سج مان ڇڻي ٿو پيو.
سونھن جي سائي ۾، جيءُ،
يار جا پير ڌوئي پيءُ،
دل جي دنيا ۾ دلير ٿي رھہ،
ڇا ڪنندو پومانو هيءُ.
ڪڻڪ رنگا سڀ ماڻھو سنڌ جا،
ڪڻڪ جي داڻي ڪاڻ سڪن ٿا،
تنھنجا پوٽا ڏاڏا آدم،
اٽي چاڻي ڪاڻ سڪن ٿا.
مسجد مندر آءٌ نہ ڄاڻان،
پنھنجو پاڻ کي شال سڃاڻان،
پاڻ نہ ڄاتم جي مان پنھنجو،
مسجد مندر ڪھڙي ڪم جو.
ايمان وڏيرا ڪاڏي ڪيئي؟
احسان وڏيرا ڪاڏي ڪيئي؟
ڪلھہ توکي ووٽ ڏنو هو مان،
سو دان وڏيرا ڪاڏي ڪيئي؟
سھڻي يار جون سارون آهن،
نرمَل ڏي ئي نھارون آهن،
سھڻو پاڻ سڏيندو مون کي،
تن ۾ تنھن جون تارون آهن.
بيدل نروار بيٺو آ،
روهڙيءَ ۾ يار بيٺو آ،
انا الحق جو هڻي نعرو،
مُلن کان ڌار بيٺو آ.
دکي دکي ٻري پوندو،
ٻري ٻري ٺري پوندو،
اسان جو ير پرين ڏسجو،
رُسي رُسي وري پوندو.
اوٻر کائي کائي اٿلي پيو،
سنڌ جي ڳالھہ تي وڦلي پيو،
پڪ سان سنڌ جو ويري هو،
نعره سنڌ تي ڪرڪي پيو.
امن سندا پوجاري آهيون،
ڪير ٿو چئي ڏوهاري آهيون،
انسانيت ايمان اسان جو،
آدم جا پوڄاري آهيون.
ٽہ سِٽا
جھالت جي جيل مان، آجو ٿيو انسان،
ﷲ جو احسان، گونجي پيو سنسار ۾.
جيئي سارو جھان، امن ۽ آزاديءَ سان،
خالي هجي خوف کان، هتي هر انسان،
امن جو اعلان، گونجي پيو سنسار ۾.
مُنھن منھنجي محبوب جو چَندُر جي چانڊاڻ،
هٻڪار حبيبن سان، سنسار ۾ سرهاڻ،
عجيبن اهڃاڻ، پري کان ئي پڌرا.
ملان مير، وڏيرو پير،
شايد چئني پيتو ناهي،
سنڌو ماتا کير.
ٻہ سِٽا
سجاد منھنجو ڀاءُ، صدقي ٿي ويو سنڌ تان،
درد ٻيڻو ڪري ويو آهي،
حال هيڻو ڪري ويو آهي.
وڏيري جي منھن تي مَلي تئو وئي،
برابر بچائي پنھنجو رئو وئي.
باھہ جي تندور مان بچي ويا هون،
او سنڌ! اسان تو ڏي اچي ويا آهيون
سنڌڙيءَ سان جو وير رکي ٿو،
ڪاريھر تي پير رکي ٿو.
نہ دوزخ جا سائل نہ جنت جا سائل،
اسان هون اوهان جي رحمت جا سائل.
اماس ۾ ڀي هو سحر ٿو ڪري،
پرين جي اسان ڏي نظر ٿو ڪري.