شاعري

بارش ۾ وسارڻ جون ڳالھيون

آدرش نثري نظمن جو منفرد ۽ سگهارو شاعر آھي. نثري نظم، نثري نظمن جا ترجما ۽ نثري ٽڪرا ئي سندس بنيادي سڃاڻپ آھن. سندس نثري نظم اسلوب توڙي موضوعن جي لحاظ کان بنھہ نرالا ۽ مختلف آھن. سندس نظمن جي ھن مجموعي ۾ سندس نثري احساس گلاب جي مُکڙين جيان پويل آھن. سندس نظمن مان زندگيءَ جا انيڪ رنگ نمايان آھن. 

  • 4.5/5.0
  • 29
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آدرش
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book بارش ۾ وسارڻ جون ڳالھيون

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثرنگار آدرش جي نثري نظمن ۽ ھائيڪن جو مجموعو ”بارش ۾ وسارڻ جون ڳالھيون“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
آدرش نثري نظمن جو منفرد ۽ سگهارو شاعر آھي. نثري نظم، نثري نظمن جا ترجما ۽ نثري ٽڪرا ئي سندس بنيادي سڃاڻپ آھن. سندس نثري نظم اسلوب توڙي موضوعن جي لحاظ کان بنھہ نرالا ۽ مختلف آھن. سندس نظمن جي ھن مجموعي ۾ سندس نثري احساس گلاب جي مُکڙين جيان پويل آھن. سندس نظمن مان زندگيءَ جا انيڪ رنگ نمايان آھن. 
ھي ڪتاب 2013ع ۾ پوپٽ پبلشنگ ھائوس، خيرپور پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي