شاعري

اکين منجهہ آڙنگ

نوجوان شاعر عبدﷲ آس هنڱورجو انھن سلڇڻن شاعرن مان هڪ آهي جنھن پنهنجي بھترين شاعريءَ ذريعي سنڌ ۾ سھڻي موٽ حاصل ڪئي آهي هن جي شاعريءَ ۾ وجد بہ آهي تہ اظھار دلڪشي بہ آهي . شاعريءَ جي اڪثر مروج صنفن تي هن خوبصورتيءَ سان لکيو آهي. دراصل هي غزل جو سُٺو شاعر آھي. هن شعري مجموعي ۾ گهڻا غزل آھن. جيڪي اڪثر رومانوي ڪيفيت ۾ لکيا ويا آهن، ڪُجهہ نظم ۽ چند چوسٽا پُڻ شامل آھن، پر غزل ۾ آس کي وڌيڪ مھارت حاصل آھي. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي تہ سُٺي شاعر ٿيڻ لاءِ ڏات سان گڏ ڏانءُ بہ ھُجڻ گهرجي سو اِن معيار تي بہ قدرتي پورو لھي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 17
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book اکين منجهہ آڙنگ

حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ آهن

ڪتاب جو نالو: اکين منجهہ آڙنگ
موضوع: شاعري
سھِيڙيندڙ: عبدﷲ ’آس‘ هنڱورجو
ڇاپو: پھريون
سال: 2021ع
ڪاپيون: 1000
ڪمپوزنگ:
ٽائيٽل/لي آئوٽ: پرڪاش ڪرمواڻي
ڇپيندڙ: سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر
03333173584
قيمت: 400 روپيا


AKHIYAN MANJH AARANG
[Shaire]

By: Abdullah Aas Hingorjo

Edition: First
Quantity: 1000
Year: 2021
Published By: Samroti Publication,Tharparkar
Post Office Mithi,Tharparkar
Price Rs. 400-00

ــــــــــــــــ اسٽاڪسٽ ــــــــــــــــ
ٿر ڪتاب گهر، مٺي- ڪنول-سمبارا ڪتاب گهر، - ڪويتا ڪتاب گهر، حيدرآباد-ڀٽائي ڪتاب گهر،
گاڏي کاتو حيدرآباد-ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد-شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاھ-
ڪاٺياواڙا اسٽور اردو باراز ڪراچي-رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو-مهراڻ ڪتاب، کپرو-
العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ-المدينہ ڪتاب گهر، ڇاڇرو-ڪنگري بوڪ شاپ،
اسٽيشن روڊ، ميرپورخاص-المهراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ-
مرچولال بوڪ ڊيپو، بدين-سوجهرو ڪتاب گهر، بدين-
مهراڻ بوڪ سينٽر، سکر-وسيم ڪتاب گهر شڪارپور-
سارنگ ڪتاب گهر ڪنڊيارو

ارپنا

ڀٽائي گهوٽ،
ڀڳت ڪبير
جي پارکو ۽ لوڪ ادب جي ڏاهي
بابا سائين سانوڻ هنڱورجي
۽ محبوب ڪوي
سائين امر ساهڙ ،

۽

پنهنجين ننڍڙين گُڏڙين
عطيہ آس،
عاليہ آس ۽ عافيہ آس
جي نانءُ.



——— عبدﷲ آس هنڱورجو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ٿر جي نوجوان ڪوي عبدﷲ آس ھنڱورجي جي شاعريءَ جو مجموعو ”اکين منجهہ آڙنگ“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
نوجوان شاعر عبدﷲ آس هنڱورجو انھن سلڇڻن شاعرن مان هڪ آهي جنھن پنهنجي بھترين شاعريءَ ذريعي سنڌ ۾ سھڻي موٽ حاصل ڪئي آهي هن جي شاعريءَ ۾ وجد بہ آهي تہ اظھار دلڪشي بہ آهي . شاعريءَ جي اڪثر مروج صنفن تي هن خوبصورتيءَ سان لکيو آهي. دراصل هي غزل جو سُٺو شاعر آھي. هن شعري مجموعي ۾ گهڻا غزل آھن. جيڪي اڪثر رومانوي ڪيفيت ۾ لکيا ويا آهن، ڪُجهہ نظم ۽ چند چوسٽا پُڻ شامل آھن، پر غزل ۾ آس کي وڌيڪ مھارت حاصل آھي. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي تہ سُٺي شاعر ٿيڻ لاءِ ڏات سان گڏ ڏانءُ بہ ھُجڻ گهرجي سو اِن معيار تي بہ قدرتي پورو لھي ٿو.
هي ڪتاب سامروٽي پبلڪيشن، ٿرپارڪر پاران 2021ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون عبدﷲ آس ھنڱورجي جا، جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر پاران

سنڌي ادب جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو تہ وطن سان عشق جي طور هر دور ۾ سنڌي ادب ظاهر ٿي پاڻ ملھايو آهي. سنڌ جي مختلف خطن جي ساڃاھ پنھنجو پيار بيباڪي سان اظھاريو آهي ٿر جي تخليقيت بہ هڪ بھترين رهي آهي جنھن ادب ۾ ناليوارا ليکڪ شاعر اديب نروار ڪيا آهن جن مڃتا ماڻي آهي ان سلسلي کي قائم رکي اسان جي بھترين باصلاحيت نوجوانن اڳتي جو سفر برقرار رکيو آهي. نوجوان شاعر عبدﷲ آس هنڱورجو انھن سلڇڻن شاعرن مان هڪ آهي جنھن پنهنجي بھترين شاعريءَ ذريعي سنڌ ۾ سھڻي موٽ حاصل ڪئي آهي هن جي شاعريءَ ۾ وجد بہ آهي تہ اظھار دلڪشي بہ آهي . شاعريءَ جي اڪثر مروج صنفن تي هن خوبصورتيءَ سان لکيو آهي جنھن ڪري کيس پڙهيو وڃي ٿو. سامروٽي پبليڪيشن پاران عبدﷲ آش جو پيارو شعري مجموعو اکين منجهہ آڙنگ پيش ڪندي سرهائي ڀانئجي ٿي. ويساھ آهي تہ هي نرالو شعري مجموعو پڙهندڙ ساٿين کي دل سان پسند ايندو. آئيندي بہ اسان ليکڪ ۽ باذوق پڙهندڙن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکڻ فرض سمجهنداسين.

پرڪاش ڪرمواڻي
سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر
0333-3173584
0341-3386907

پيش لفظ

عبدﷲ آس هنڱورجو نئين ٽھيءَ جو اُهو نوجوان شاعر آهي جنھن جي شاعريءَ جي ڀرمار واري هن جديد دؤر ۾ چڱي خاصي مقبوليت ماڻي ورتي آھي. دراصل هي غزل جو سُٺو شاعر آھي. هن شعري مجموعي ۾ گهڻا غزل آھن. جيڪي اڪثر رومانوي ڪيفيت ۾ لکيا ويا آهن، ڪُجهہ نظم ۽ چند چوسٽا پُڻ شامل آھن، پر غزل ۾ آس کي وڌيڪ مھارت حاصل آھي، اها هڪ مڃيل حقيقت آهي تہ سُٺي شاعر ٿيڻ لاءِ ڏات سان گڏ ڏانءُ بہ ھُجڻ گهرجي سو اِن معيار تي بہ قدرتي پورو لھي ٿو جيئن هي غزل:

دل کڻي هڪ حُور وئي آ،
من ڪري مجبور وئي آ.

خوب خوشيون ارپي مونکي،
دل تان لاهي سُور وئي آ.

ڏاڍو سُھڻو ڏاڍو پيارو،
پيار جو ڏيئي پُور وئي آ.

چاهت وارا ديپ جلائي،
نِرمل ڏيئي نُور وئي آ.

آس اسانکي سُھڻي صورت،
واھ وڻي ڀرپُور وئي آ.

سنڌ جي هر فن مولا عالم/اڪابر مُحترم رسول بخش پليجي شاعريءَ بابت پنھنجي هڪ شاهڪار مضمون ۾ لِکيو آھي تہ ”شاعر لاءِ اهو بہ ضروري آھي تہ کيس ٻوليءَ سان عشق ھُجي، ماڻھن سان مُحبت ۽ پيار ھُجي، دل ۾ درد جو احساس ھُجي، جذبن ۾ خُلوص ۽ سچائي ھُجي“. اِن حوالي سان بہ آس بتدريج اڳتي وک وڌائي رهيو آهي جيئن:

منھنجي ڌرتي پياري آھي،
ساري جڳ کان نياري آهي.

ڪاڇو ٿر ۽ لاڙ اُتر ھُوءَ،
ساري ڀونءَ ڀلاري آهي.

سچل، سامي، شاھ ڀٽائي،
پِرت وطن سان پاري آھي.

سنڌ سموري سُورن ۾ آ،
وسري عيد ڏياري آھي.


جنھن بہ وير رکيو وطن سان،
تنھن جي قيامت ڪاري آھي.

عبدﷲ آس هنڱورجو شروع ۾ ڪُجهہ شعر اصلاح لاءِ آڻيندو ھو پر پوءِ سگهوئي پاڻ پُختو شاعر بڻجي موزون شاعري لکي رهيو آھي.

وجهي هار ڀاڪر ڀرين ٿي وڻين ٿي،
ڊگها وار ڇوڙي وَرين ٿي وڻين ٿي.

جسم جان پنھنجي پرين! پاڻ منھنجي،
جڏھن ڀي حوالي ڪرين ٿي وڻين ٿي.

انائن کي ماري رُساما وساري،
اڱڻ تي قدم تون ڌرين ٿي وڻين ٿي.

ٿڌي رات ٿر جي ھُجون پاڻ تنھا،
ٻکن ۾ ڀرين ٿي ٺرين ٿي وڻين ٿي.

منھنجي خيال ۾ آس کي پنھنجي شاعريءَ لاءِ هاڻي ڪنھن اُڌاري اصلاح جي ضرورت ناهي، البت وسيع مطالعي جي ضرورت بھرحال آھي. هن کي شاعريءَ ڪرڻ لاءِ ماشاءَ ﷲ اڃا ڪافي وقت آھي. سو هن اسٽيج تي کيس مطالعي کي اوليت ۽ اهميت ڏيڻ گهُرجي.
عبدﷲ آس هنڱورجي شاعريءَ جي اُن صنف سُخن غزل کي چونڊيو آھي جنھن جو اڪثر موضوع ئي شوق، شباب، عشق، مُحبت ۽ پيار رهيو آھي. اهو ئي سبب آھي جو سندس ڪيترا ئي ڪلام چڱن خاصن فنڪارن ڳاتا آھن، جن مان هڪ ٻِن جا دلڪش ٿل ڪُجهہ ھِن طرح آھن.

سوچي ٿي بس هاڻي حياتي.
گڏجي گهاريون پاڻ حياتي.

چيٽ جي چاندني ۾ چري ڇوڪري،
ويس پاسي اڇو آ وري ڇوڪري.

قرب توسان ڪيان تون جي چاهين پرين،
ميت تنھنجو ٿيان تون جي چاهين پرين.

هُن جو ڪوئي ڏس ئي ناهي.
ڳوليون ٿا پر گس ئا ناهي.

آس جي شاعريءَ نھايت موزون، پُرڪشش ۽ آسان آھي، موسقيءَ ۾ رچاءُ پيدا ڪندڙ ڪويتا آھي، جنھن کي فنڪار شوق سان ڳائين ٿا ۽ ٻُڌندڙ ٻُڌي محفوظ ٿين ٿا.
هِن جو هي پھريون شعري مجموعو بھترين شروعات آھي، آس ۾ بنيادي طور سُٺي شاعر بنجڻ واريون سڀ صلاحيتون موجود آھن. رکون اميد تہ پنھنجي محنت، مسلسل رياضت ۽ خداداد ڏات سان مزيد بھتر شاعري سِرجي سنڌي ادب کي ارپيندو رهندو. آخر ۾ لطيف سرڪار جو بيت:

تتيءَ ٿڌي ڪاھ، ڪانھي ويل وھڻ جي،
متان! ٿئي اونداھ، پير نہ لهين پرينءَ جو.

پروفيسر مُحمد هنڱورجو
مسلم ڪالوني مٺي.

نفيس جذبن جو شاعر عبدﷲ آس هنڱورجو

بقول افلاطون جي اڄ جو ادب حقيقت جي نقالي ناهي بلڪہ پيش قيمت انساني تجربات ۽ محسوسات جو مڪمل ۽ موزون بيان آھي، اها هڪ اٽل سچ بہ آھي تہ اسانجي وجود ۾ اچڻ سان ڏُک تڪليفون ۽ اذيتون بہ ان سان گڏ جنم وٺن ٿيون پوءِ انسان پنھنجي ايذائن کي ڪيئن اوري؟ ڪيئن ٻُڌائي تہ سندس اندر مان اُٿندڙ تڪيلفون سُک جي ننڍ سمهڻ نہ ٿيون ڏين. انھن اُهنجن کي اظھارڻ جون صرف ۽ صرف ٻہ راهون نظر اچن ٿيون. هڪ تہ ڪنھن ڪنڊ ۾ ويھي ڳوڙھا ڳاڙجن يا لفظن جو سھارو وٺندي لکڻين ذريعي پنھنجو اندر اورجي بظاهر شاعري ڪو سفر تمام سڦل ٿو لڳي. پر اصل ۾ شاعري ڪرڻ شيشن تي پير رکڻ جي برابر آھي. ڪيڏي دل تڙپي ٿي روح ڪيڏو رنج ٿئي ٿو اهو هر ڪو نٿو سمجهي سگهي. اهي صرف حساس دل انسان محسوس ڪري سگهن ٿا. اسانجي سنڌ ۾ لاتعداد شاعر آھن جيڪي پنھنجي وت ۽ وس آھر لکن ٿا. پر ان جم گفير ۾ پنھنجي جاءِ جوڙڻ هر ڪنھن جي وس ڳالھہ نہ هوندي. پنھنجي من جي ڳالھہ ٻين تائين پھچائيندي پڙھندڙن جي دل تائين رسائي حاصل ڪرڻ بہ پنھنجي جاءَ تي اهميت جي حامل آھي موجودہ وقت ۾ اگر ڏسجي تہ عبدﷲ آس هنڱورجي جو شُمار پنھنجي نانءُ ڪڍائڻ وارن ۾ ٿئي ٿو. شاعري ۾ سادو سٻاجهڙو ۽ خاص ٿري لب و لھجو رکندڙ آس پنھنجي احساسات کي ٻين تائين پھچائڻ ۾ خوب دسترس رکي ٿو.
آس پنھنجي اندر جي ڪشمڪش کي بيان ڪرڻ جي فن کان بخوبي واقف آھي. جيڪي ڳالھيون سندس روح تي بار بڻجن ٿيون، جديد سنڌي شاعري ۾ ان ڪيفيت کي سمجهڻ بنھہ مشڪل ناهي آس جي شاعري ۾ سادو سلوڻو ۽ سٻاجهڙو لھجو محسوس ٿئي ٿو. نج سنڌي ٻولي جو استعمال شاعري ۾ رهندو رس-چس کي وڌائي پيو. جيئن:

غم ڌنڌوڙي ڇاڻي ڇڏ تون،
مُرڪ چپن تي آڻي ڇڏ تون.

پلر پاڻي ھُيا تل ترايون ھُيون،
ولر ڪونجن ڪٺا ٿر مٿان او مٺا.

پرين سڪ نہ آهي اُجهاڻي اڃان،
نہ وڃ چاندني تون چٽي ۾ ڇڏي.

ڏسي ڪي ماتمي منظر ستارا سوڳواري ۾،
وطن ويران ۽ ويڙھا ۽ نظارا سوڳواري ۾.

ڌنڌوڙي، پلر، ترايون، اجهاڻي، ويڙھا وغيرہ جيڪي لفظ عام طرح سان گهٽ استعمال ڪيا وڃن ٿا يا جيڪو نئون نسل آھي انھن لئہ هي نوان لفظ آھن، انڪري ئي ليکڪ ٻولي جا محافظ لکيا وڃن ٿا. شاعر جي زندگي ان جي تجربات ۽ محسوسات ۽ ان جي سوچ جي رسائي ۽ ان جي ڏاهپ تي گرفت هميشہ هڪ جھڙي نہ ٿي رهي. پر هڪ قلمڪار جي اها اولين خوبي ليکي ويندي آھي جو هُو پنھنجي مليل ڏات کان ڏانءُ جو سفر ڪندي ماڻھن تائين پنھنجي اندر جي ڳالھہ پُھچائي سگهي ۽ پڙھندڙن ان کي سمجهي سگهن.
عبدﷲ آس هنڱورجو جي شاعري کي پڙھندي جيڪا ڳالھہ مون شدت سان محسوس ڪئي سان اها تہ آس پنھنجي شعر لکڻ ۾ خاص مھارت جو ثبوت ڏنو آھي.

اج ڏينھن تتل آ آرهڙ جو،
مون وٽ ترسي ٿڌو ٽاڻو ڪر.

چنڊ جيان هُو ڏور رهي ٿي،
ڳالھہ اسانجي وس ئي ناهي.

آس صرف قافيہ پئمائي جو قائل ناهي بلڪہ مقصديت کي اورڻ تي يقين رکڻ وارن مان آھي. ٿري لب و لھجو رکندڙ آس جي شاعري جو ڪئنواس ٿر جي ڀٽُن جيان ڪشادو ۽ پاڻ وڻائيندڙ رهيو آھي. پاڻ ذاتي طور هي غزل مونکي ڀي انتھا وڻيو.

سوچي ٿي بس هاڻ حياتي،
گڏجي گهاريون پاڻ حياتي.

روهيڙي جا روپَ نرالا،
رنگ رتانوان آڻ حياتي.

دُور ھُجن سڀ درد اکين کان،
مُحبت اهڙي ماڻ حياتي.

جيون جي هر لمحي جانان،
ساٿ کپي تو ساڻ حياتي.

وقت ڇڏيو آ ويڙھي ڏُک ۾،
تون بہ اچين ڪُجهہ واڻ حياتي.
تو بن آهي آس اسان جي،
کاري لوڻ جي کاڻ حياتي.

غزل فڪر جذبي ۽ اظھار ٽنھي کي ملائي تمام رچاءُ سان پيش ڪيو ويو آھي. آس پنھنجي شاعري ۾ غزلن جي تازگي شگفت کي ۽ جدت خيال کي برقرار رکيو آھي غزل جا تمام بند نظم جيان هڪ خيال يا هڪ موضوع جا پابند هوندا آھن بلڪہ مان پنھنجي دل جي ڳالھہ ڪيان تہ مونکي غزل جو هر بند هڪ نئين ۽ الڳ ڪھاڻي لڳندو آھي. ڇو تہ شاعر جي دل جو آواز سڀني جي دلين جي ترجماني ڪري ٿو.

عورت ڳاڙھي ڀي ڪاري آھي،
مردن تي ڪو ڪس ئي ناهي.

عبدﷲ آس هنڱورجو پنھنجي شاعري ۾ صرف رنڱ نہ رنڱ پر اردگرد جي ماحول تي ڪڙي نطر رکندي غم-جانان سان گڏ غم-دوران کي بہ موضوع سُخن بڻايو آھي، جنھن ۾ معاشري جي اوڻاين کي وائکو ڪيو ويو آھي.
آس جي شاعري جو هڪ مخصوص رنگ آھي، پنھنجو لھجو پنھنجا احساس ۽ ٿڌڙو مزاج بہ آھي ادب سان وابسطا هر انسان اهو بھتر نموني ڄاڻي ٿو تہ پنھنجو هڪ منفرد انداز جوڙڻ هر ڪنھن جي وس جي ڳالھہ ناهي. جيڪڏھن ڪنھن شاعر کي اهو ڪمال حاصل ٿئي تہ اصل ۾ اها ئي سندس معراج آھي، سلڇڻو قربائتو لھجو رکندڙ آس جي لئہ منھنجي اها ئي آس آهي تہ اڃا لکندو رهي ۽ اسان سڀ سندس شاعري پڙھندا رهون، هي ڀيڻ دل سان دعاڳو آھي.

فهميدہ شرف بلوچ

سادگيءَ کي سونھن ارپيندڙ عبدﷲ آس هنڱورجو

محبتن جي شھر مِٺيءَ کان چار ڪوهہ اوڀر ۾ آباد ڳوٺ ٻُگهار ۾ شاھہ لطيف جي پارکو چاچي سانوڻ هنڱورجي جي گهر ۾ 23 فيبروري 1989 تي جنم ماڻيندڙ اسانجي هن الستي يار عبدﷲ آس هنڱورجي تي لکندي دل جي ڍنڍ تي ساروڻين جا سوين هنج پر پکيڙڻ لڳا آهن.
2011 ڌاري گيڙو ويس غزل جي چيچ جهلي ادبي دنيا جي واٽ وٺندڙ آس پيار جي پياس جو اهو پيارو پانڌيئڙو آهي جنھن جي من ۾ سدائين مسڪراهٽن جھڙا احساس سرجندا رهن ٿا.
شروعاتي تعليم ڳوٺ مان وٺي انبن جي شھر مان ڪئمپس ڪجررايون ماڻيندڙ عبدﷲ آس هنڱورجو نئين ٽھي جو اُهو سندر سرجڻھار جنھن جي سادگي سان ڀرپور تخيل کي پڙهندي چپ پاڻمرادو داد ڏيئڻ لئي چُري پوندا آهن.

اوهانجي حياتيءَ سَندي هنجَ آھي،
اسان لئہ اها ئي گهڻي، گنجَ آھي.

سڄڻ شھر تنھنجو اسانجي اکين کان،
سوين ڪوھ ڪونھي وکون پنجَ آھي.

هي سٽون سندس سادي ڪلا جون شاهد آهن.
پنھنجي دنيا ۾ مست آس جي اکين ۾ بہ ڪيئي آسون آرس موڙينديون آهن جن تمنائن جا وار سنواريندي هُن جو سانجهيون سوجهاڪن ۾ بدلجي وڃن ٿيون ۽ هن جي پنبڻين مان ڇڻيل ڳوڙها غزلن جو روپ وٺي هين هانو هچڪائڻ لڳن ٿا.

تون ٿي چاهين رول رستن تي رلان،
تون ٿي چاهين گول رستن تي رلان.
زندگي ناچو جيان المست آ،
مان پکيڙي جهول رستن تي رلان.

هُن جڏهن بہ رولاڪين جا رڻ جهاڳيا آهن تہ کيس ڪيترن ئي ڪُنوارن خيالن ڀانڪرن ۾ ڀريو آهي.
پنھنجي مخصوص مُرڪ سان من موهيندڙ مور کنڀن جھڙو هي ملوڪ ماڻھو پنھنجي سڀاءُ ۾ انتھائي مخلص ۽ ماٺيڻو محسوس ٿيندو آهي.
سنڌ جي مختلف رسالن ۾ ڇپجندڙ عبدﷲ آس 2018 کان 2019 تائين سنڌي ادبي سنگت شاخ مٺي جو جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهي چُڪو آهي .
سندس پيار جي هن پهرئين پورهئي"اکين منجهہ آڙنگ" کي سنڌ ضرور پنھنجن ڀانڪرن ۾ ڀريندي.

عطا عشق تنھنجي جڏھن آھي ڪئي،
هٽيون نيٺ ھڙئي حجابن جون ڀريون.


چمن "آر" ٿري

آس ڪڪر جي آس

عبدﷲ آس هنڱورجو هڪ بيحد خوبصورت اڀرندڙ شاعر آهي، جنھن مٺيءَ کان چوڏهن ڪلوميٽر اوڀر طرف ڳوٺ ٻُگهار ۾ جنم ورتو، ڀٽن جي هنج ۾ پلجندڙ عبدﷲ کي خبر نہ هئي تہ هو ڪنھن سانوڻ جي آس جھڙي ڪڪر وانگر زندگيءَ ۾ آس ٿي ويندو.
ننڍڙي هوندي کان ڪتابن سان روح رھاڻيون ڪندي جوان ٿيندڙ عبدﷲ، لکون چيري ايندڙ ريڊيو جي آوازن سان ڪچھريون ڪندڙ عبدﷲ ۽ پنھنجي آسپاس جي اديبن جي ساهتي سنگت ۾ رنگجي پروان چڙهندڙ عبدﷲ اڄ آس هنڱورجو جي نالي سان سڏجندڙ هڪ بيحد خوبصورت شاعر آهي.
ھن ھڪ ڊگهي عرصي کان شاعريءَ جي ڇانوَ ۾ ويھي جيڪو سٽن جو سٽ ڪتيو آهي، اهو غزل، نظم ۽ چوسٽن جي صورت وٺي اسان جي اڳيان مجسم آهي.
جنھن کي هن پنھنجي پھرئين شعري مجموعي "اکين منجهہ آڙنگ" ۾ سھيڙيو آهي.
سچ هي آهي تہ مان آس هنڱورجو جي شاعري پڙهي ڪڏهن تہ سندس ڳوٺ ٻُگهار جي اداس شام ٿي ٿو وڃان، ڪڏهن وري گڊي ڀٽ تان رات جو تارا تارا نظر ايندڙ سندس پاڙيسري مٺيءَ جو شھر بڻجي ٿو وڃان.
اچو تہ آس جي غزليات جي ڪن املھہ سٽن جو نظارو ڪريون:

اوھان جي ڏکن کي کڻي سر پنھنجي،
حياتي ڳنڍيندي چتي ٿي وياسين.

ويس ڪارو ڪرين يا ڪرين ڪو ٻيو،
هر نئين رنگ ۾ تون وڻين ٿي وڻين.

کڙي کوھ تي ڪنھن ٿري ڇوڪريءَ جي،
پيل ٻانھن ۾ ڪا سچي کنج آهي.

نيڻ تنھنجا ننگا آءُ اوڍي سمھان،
ڏيھہ تن مان ڏسان، تون جي چاهين پرين.

آخري شعر ڄڻ لطيف جي مشھور بيت اکين ۾ ٿي ويھہ جو سون سريکو عڪس آهي، جنھن جي اڻت نج آس جي پنھنجي ۽ انوکي آهي.
مٿيان آس جا شعر هن جي اصل زندگيءَ جا مشاهداتي ڏيک آهن.
منھنجي نظر ۾ سچي شاعري اصل شاعر جو پنھنجو مشاهدات نامو هوندي آهي، برابر شاعر جي شاعريءَ جا ٻيا بہ انيڪ پاسا هوندا آهن.
پر شاعر جو بنيادي ۽ ڳرو پاسو سندس نج زندگي هوندي آهي.
آس جڏهن پنھنجي پرينءَ جي ڏکن کي پنھنجي سر کڻي ٿو تہ هو حياتيءَ کي ڳنڍيندي چتي ٿي وڃي ٿو.
ڪرشن رنگي عبدﷲ آس کي پنھنجو پرين هر ويس ۾ وڻي ٿو
اهڙي طرح جڏهن آس ٿر جي ڪنھن ڇوڪريءَ جي ٻانھن ۾ پيل سچي کنج يا چوڙي جي ٿو ڳالھہ ڪري تہ زندگي ڄڻ اهو کڻج ٿي وڃي ٿي جنھن کي ريشمي ٻانھن نصيب آهي.
آس جي سموري شاعري سڀني صنفن سميت نہ رڳو پنھنجي سونھن سٽاءَ ۾ سھڻي آهي، پر اها سانوڻ مينھن جي وسندڙ ڪڻ ڪڻ جھڙي سريلي بہ آهي رڳو ان کي ڪاغذ تان کڻي چپن تي آڻڻ جي دير آهي.

وسيم سومرو
آرهڙ مئي 2021
نوابشاهہ

شاعريءَ جو هم عمر هم خيال شاعر

شاعري آڪاش جي چوٽيءَ تي ويٺل ان گُرو سان بہ ملائي ٿي، جيڪو سموري ڪائنات بابت صرف سوچي ٿو، کائي پيئي ڪجهہ نٿو، کيس ڪوبہ ڪم ناهي بس سواءِ ڪائنات تي سوچڻ ۽ راحت وٺڻ جي، شاعر اتان هيٺ لھندي جيڪڏهن ڪجهہ کڻي بہ اچي ٿو تہ اهو فقط سوچڻ! شاعر کڻي رجعت پسند بہ هجي پر شاعري مڪمل طرح سان ترقي پسند هوندي آهي.
ڏوھ شاعر جو آهي الائي شاعريءَ جو يا اهي پاڻ ۾ ڪيئن ٿا رهي سگهن مولا ڄاڻي.!
نہ فقط شاعريءَ تي پر مونکي اڄ ٻنھي تي لکڻو آهي، سو بہ تمام مختصر انڪري سوچيم ٻنھي کي اڳتي، پوئتي ڪجي ٿورو غور سان ڏسجي، جيئن خبر پئجي سگهي تہ ڇا واقعي ۾ شاعر رجعت پسند هوندا آهن ۽ شاعري ترقي پسند!
ضروري بہ ناهي تہ نتيجو اهوئي نڪري! ٿي سگهي آئون ٻنھي کي ترقي پسند، بي ڏوھي ڏسان. ٿي سگهي ٿو. آئون سانوري رنگ جو قدوآور ڇوڪرو چھري ۾ ڀريل ڀريل،گهاٽا شھپر، جيڪو شاعريءَ کي سامھون ويھاري اطمينان پيو ڏياري تہ آئون تنھنجو هم عمر، هم خيال، ۽ تنھنجي تمام ويجهو رهندس مونکان جيڪو چورائڻو هجنئي چوراءِ، ڏسان!
جنھن جي هڪ غزل جو بند منھنجي سامھون اچي جيڪو ٻنھي جا احوال ٻڌائي.
شاعري سان ڪيل سندس ڪمينٽميٽ/ معاهدو سڀ ان بند ۾ سمايل هجي، شاعري کي ئي جيڪو محبوبہ سمجهي، شاعري سان ئي جيڪو پيار ڪري ۽ چوي;

"ويس ڪارو ڪرين يا ڪرين ڪو ٻيو،
هر نئين ڍنگ ۾ تون وڻين ٿي وڻي.

ڀڄائي بدن کي وڏي ڪنھن لھر مان،
نما شام مون سان ترين ٿي وڻين ٿي،“

آئون اتي بيھي ترت راءِ رکڻ جي قابل ٿي وڃان، ۽ چئي سگهان تہ عبدﷲ آس هنڱورجو قابل داد شاعر آهي، هُو هڪ باقائدہ شاعر آهي، سندس ڪتاب جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي اهو ان شاعر جو تخليق ڪيل قلمي پورهيو آهي، جنھن کي اهو تخليقڪار چئي سگهجي ٿو، جيڪو شاعري جو هم عمر، هم خيال آهي.

مُشتاق جنجهي
صالح جنجهي
اسلام ڪوٽ

پنھنجي پاران

شاعري ڪبي آھي يا ٿي ويندي آھي؟ مون کي ڪل ڪانھي، شاعري ماحول ۽ موڊ جي محتاج آھي يا اھا قدرتي ڏات آھي، جيڪا وري تہ وس، ڏمري تہ ڏڪار _ شاعريءَ جي فني لوازماتن ۽ فڪري پھلوئن جي ڄاڻ ڪو ڪويسر ئي ڏيئي سگهي ٿو. آئون بس ايترو ڄاڻان ٿو تہ مون جنھن گهر ۾ جنم ورتو اُتي بابا جھڙي سگهڙ والد جو وجود مون لئہ پپر جي وڻ وانگر ھو. جنھن جي گهاٽي ڇانوَ ۾ ويھي مون نہ رڳو لطيف ۽ ڪبير جا بيت ٻڌا پر سندس ڏاھپ ڀري ڏات مان پنھنجي جيون جي جهولي بہ ڀريم. بابا سائين لطيف ۽ ڪبير جو پارکو ۽ سندن حافظ آھي، جيڪو اوطاقن، ڪاڄن، ادبي ميڙاڪن ۽ مچ ڪچھرين ۾ ڀٽائي ۽ ڪبير کي ايئن پيار مان پڙھندو آھي، جيئن ڪا جيجل پنھنجي ٻارڙي کي مٺي ٻوليءَ ۾ لولي ڏيندي آھي. اھو ئي سبب آھي جو ٻاروتڻ ۾ ئي منھنجي سماعتن جي شاعريءَ سان شناسائي ٿي ويئي ھئي.
فطرت جو حسين و جميل خطو ٿر پارڪر۽ انھي جا ثقافتي تھذيبي تمدني ۽ تاريخي رنگ، ٿر جا منفرد ۽ محبوب ماڳ، مڪان ۽ منظر منھنجي اکين اڳيان ھئا جن مون کي موھيو ۽ متاثر ڪيو.
ريڊيو پاڪستان مٺي جا شروعاتي علمي ادبي پروگرام جن اسان پارن نون لکندڙن کي نہ رڳو اتساھيو پر لکڻ ۽ سکڻ جي عادت/ھيرَ بہ وڌي. سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ميرپور خاص جا رنگين ۽ رومانوي ڏينھن بہ منھنجي اندر جي ڪويءَ کي ڊسڪور ڪرڻ جو ڪارڻ بنيا.
لاڙ سان منھنجي لئون ننڍي لاڪئون لڳي ھئي، جنھن سان منھنجا روحاني ۽ جذباتي رشتا اڄ بہ قائم و دائم آھن. لاڙ جنھن جي ٻاجهاريءَ ٻوليءَ ڪلچر ماڻھن ۽ ماحول بہ منھنجي شاعري کي آڪسيجن فراھم ڪئي آھي.
ٿر جي مورن جا ٽھوڪا روھيڙن جا رنگ سارنگ ۽ سانوڻ جو سنگم منھنجي شاعري کي سونھن بخشيندا رھيا آھن. پنھنجي دلبر دؤر جي سينئر توڻي جونيئر شاعرن جي شاعريءَ مان آئون نہ رڳو سکيس پر، متاثر بہ ٿيس! ڪن جو اثر بہ قبوليو اٿم. خاص طور تي محبوب ڪوي سائين امر ساھڙ جنھن منھنجي نہ رڳو شاعريءَ ۾ مون کي ھمتايو ۽ حوصلو ڏنو، پر علمي ادبي حوالي سان بہ منھنجي مُسلسل رھنمائي ڪئي، جنھنڪري ئي آئون ڪجهہ نہ ڪجهہ لکڻ جي لائق ٿيو آھيان. ادبي دوست ۽ ادبي ڪتاب بہ منھنجا بھترين ساٿي ۽ استاد رھيا آھن. جن سڀني جي بي لوث محبتن جي بدولت ئي مون ادبي دنيا ۾ پير پاتو آھي. باقي ڏات قدرت طرفان عطيو ھئڻ سان گڏ مونکي ميراث ۾ ملي آھي، ڇو تہ منھنجو والد سگهڙ شاعر آھي.
مون منافقيءَ جي ميلي بدران اڪيلائي اختيار ڪئي، ھجُومن کان ھيڪلائي طرف آيس جتي آئون پنھنجي پاڻ سان ئي همڪلام ھوندو آھيان. تنھائيءَ جون طويل راتيون ۽ اڪيلائيءَ جا آرھڙ ڏينھڙا مون کي نہ ملن ھا تہ آئون شاعريءَ سان سَنمُک ٿي ڪونہ سگهان ھا.
تنھائيءَ جي تڙپ ۽ تشنگيءَ مان ڦُٽي نڪرندڙ شاعري ئي منھنجي واند ڪائيءَ جي وندر آھي.
مون ھي جيڪي رنڊا روڙيا آھن، اُھي اوهان شاعريءَ سان محبت ڪندڙ سڄڻن کي قبول پون ٿا يا رد ٿين ٿا، ان جي خبر ڪانہ اٿم پر جيڪو ڪجهہ ڪچو ڦڪو ”دلِ-نادان“ جي اصرار تي اظھاريو اٿم انھي جي ساب پوڻ ۽ محبت ڀري موٽ جي آس تي ئي پنھنجي شاعريءَ جو پھريون ڪتاب اوھان جي ھٿن تائين پھچائيندي بي حد سرھائي محسوس ڪريان ٿو. اميد اٿم تہ اوھان سخن شناس سڄڻن جي ھمت افزائي مون ادب جي الف بي کان اڻواقف انسان کي شاعريءَ جي سرزمين تي ھلڻ جو حوصلو ڏيندي.
ٿر ۾ واري ٿوري تھان گهڻيرا ٿورا سنڌ جي سُريلن شاعرن/شاعرائن جا، جن مون جھڙي معمولي ماڻھوءَ جي ڪچيءَ ڦڪيءَ شاعريءَ کي نہ رڳو عزت ۽ محبت جي نگاھ سان پڙھيو پر پنھنجن اصلاحي ۽ قيمتي راين سان پڻ نوازيو.آئون بيحد ٿورائتو آھيان.
بيحد ٿورائتو آھيان محبوب شاعر ۽ منھنجي ادبي رھنما سائين امر ساهڙ جو، جنھن منھنجي ھن ڪتاب جي بيڪ ٽائٽل لاءَ پنھنجي قيمتي راءَ سان نوازيو، ۽ شُڪز گذار آھيان سائين مُحمد هنڱورجي، سائين وسيم سومري، ادي فھميدہ شرف بلوچ، جيجي مريم مجيدي، سائين اياز رضوي، سائين ايوب کوسو، ناشاد رحم علي، پياري منور هاليپوٽو، محبوب دوست چمن آر ٿريءَ ۽ پياري مشتاق جنجهيءَ جو، جن پنھنجي قيمتي وقت مان ڪجهہ پل ڪڍي منھنجي ڪيل ادبي پورهئي کي مان ڏيندي سندر لفظن ۾ سھڻا تاثر لکي ڏنا. بنھہ گهڻو ٿورائتو سامروٽي پبلڪيشن ٿرپارڪر ۽ اُنھي جي سرواڻ ۽ محبوب دوست پرڪاش ڪرمواڻي جو جنھن هن ڪتاب کي سنواري، سينگاري پنھنجي هٿن تائين پُڄايو. هڪ ڀيرو وري بہ سڀني ساھ سريکن سڄڻن جا انيڪ احسان، ڪروڙين قرب ۽ لکين ٿورا.
ساٿ سلامت- سنڌ سلامت.

عبدﷲ آس هنڱورجو
ڳوٺ ٻُگهار مٺي/ٿر
03153137240

غزل

---

مورن جي رقص جھڙو دلربا شاعرعبدﷲ آس ھنڱورجو

ٿر مان جيڪي نوجوان قلم سان قرب نڀائيندا اچن پيا، انھن ۾ عبدﷲ آس هنڱورجو بہ هڪ آهي، هو شاعريءَ جي سفر جو اڻ ورچ مسافر آهي ۽ پنھنجي حصي جو پورهيو لاڳيتو ڪندو اچي. مون کي اها پڪ آهي تہ هي لکيو پڙهيو جوان، اهو ڀلي ريت ڄاڻندو هوندو تہ پنھنجي ٽھيءَ جي بي حساب لکندڙن ۾ مڃتا صرف ۽ صرف اُنھن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن لکندڙن کي ملڻي آهي، جن جي رچنائن ۾ تخليقيت، منفرد پڻو ۽ پنھنجو الڳ اسلوب هوندو ڇو تہ صرف قافيا ملائڻ شاعري ناهي فن ۽ فڪر کان وانجهيل شاعري هوا ۾ لٺ هڻڻ وانگر بي مقصد ليکبي.
آس شاعريءَ ۾ غزل جھڙي نازڪ نفيس چنچل ۽ پيچده صنف سان پنھنجو پاند اٽڪايو آهي انڪري سندس اهو فرض بڻجي ٿو تہ هن لاڏلي صنف جي حُرمت تي داغ اچڻ نہ ڏي ان لاءِ کيس وڌيڪ جستجو ۽ جاکوڙ ڪرڻي پوندي مطالعي ۽ مشاهدي سان مستقل ناتو ڳنڍڻو پوندو,
عبدﷲ آس سان شناسائي جو هڪ حوالو سندس والد چاچو سانوڻ هنڱورجو بہ آهي جنھن وٽ ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو اڻ ميو خزانو آهي ۽ محبوب شخصيت جو مالڪ آهي ھُو پنھنجن غريباڻن ڪکن تي آيل پنھنجي پُٽ جي دوستن جو دل سان آڌر ڀاءُ ڪري کين آسيس ارپيندو آهي شال آس جي سر تي هن ٻاجهاري شخصيت جي ڇانءُ برقرار رهي.
آئون آس کي پھريون شعري مجموعو ڇپجڻ کي دل سان واڌايون ڏيان ٿو ۽ دعاڳو پُڻ آهيان تہ شاعري جو سفر هن جي لاء سولو ۽ لاڀائتو بنجي ۽ کيس منزل مقصود تائين پھچائي.


اياز رضوي
نئون ڪوٽ سنڌ
28 جنوري 2021

سوچي ٿي بس هاڻ حياتي

سوچي ٿي بس هاڻ حياتي،
گڏجي گهاريون پاڻ حياتي.

روهيڙي جا روپَ نِرالا،
رنگ رتاوان آڻ حياتي.

دُور هُجن سڀ درد اکين کان،
محبت اهڙي ماڻ حياتي.

جيون جي هر لمحي جانان!
ساٿ کپي ٿو ساڻ حياتي.

وقت ڇڏيو آ ويڙھي ڏُک ۾،
تون بہ اچي ڪجهہ واڻ حياتي.

تو بن آھي آسَ اسانجي،
کاري لوڻ جي کاڻ حياتي.

برکا رُت ۾ بيٺي مُرڪي

برکا رُت ۾ بيٺي مُرڪي،
ڪير اُنھيءَ تي ڇو ٿو ڪُرڪي.

ڪير ڪُنوارو بدن ڀِڄائي،
چانڊوڪي ۾ پيئي چَمڪي.

هوءَ هوائُن جا ويس ڍڪي،
مند جهڙاليءَ ۾ ٿي مھڪي.

سار اُنھيءَ جي ساڻ اسان سان،
ساهُن ۾ جا بيٺي سَھڪي.

حال اسان جو صحرا جھڙو،
مور جيان هُو ٻَھَہ ٻَھَہ ٻھڪي.

آسّ! اسان سان سونھن ڌڃاڻي،
شال سدائين پيئي ٺھڪي.

ٿيون چاڪ ڪيئي نقابن جون ڀَريون

ٿيون چاڪ ڪيئي نقابن جون ڀَريون،
اڱڻ تي وِکريون گُلابن جون ڀريون.

ٻُڌائي تہ ڪوئي ڀلا تعبير هُن کي،
کنيو جا وَتي ٿي خوابن جون ڀَريون.

سڄا داستان دل سنڀالي ٿي رکي،
ڪيون ياد جيڪي ڪتابن جون ڀَريون.

عطا عشق تنھنجي جڏھن آھي ڪئي،
هٽيون نيٺ ھڙئي حجابن جون ڀَريون.

مليا نيڻ مُرڪي لڳو ‘آس’ تان،
لٿيون آهن ڪي عذابن جون ڀريون.

واهُوندي جو لڳڻ، تو اچڻ جي گهڙي،

واهُوندي جو لڳڻ، تو اچڻ جي گهڙي،
ميرڙي هن اڱڻ، تو اچڻ جي گهڙي.

مون ڪئي گهاريون راتيون تو سوا،
ڦوٽِ کاڌي ڦڳڻ، تو اچڻ جي گهڙي.

چوڙين جو ڪٿي ڪونہ ڇَمڪو ٿيو،
ڪِٿ ڪَرائيءَ ڪنڱڻ تو اچڻ جي گهڙي.

بسنتي رت ۾ ڪر عنايت اِها،
روح کي اچ رڱڻ، تو اچڻ جي گهڙي.

‘آس’ اظھار توسان ڪرڻ ٿو گهري،
هانءُ ٿي پيو پَرن، تو اچڻ جي گهڙي.

ٻاتيون ٻوليون ياد اچن ٿيون،

ٻاتيون ٻوليون ياد اچن ٿيون،
ماءُ جون لوليون ياد اچن ٿيون.

ريلن ۾ جا راند رهياسين،
سي سڀ ٽوليون ياد اچن ٿيون.

رانديڪن سان خوش ٿي کيڏڻ،
عيدون هوليون ياد اچن ٿيون.

ٻاروتڻ ۾ پاتيون جيڪي،
ٽٽل چوليون ياد اچن ٿيون.

‘آس’ اڳوڻيون سنڌوءَ واريون،
موجون، ڇوليون ياد اچن ٿيون.

تون جي ڀاڪُر ۾ ڀرين، ڄڻ تہ جنت ۾ اسين،

تون جي ڀاڪُر ۾ ڀرين، ڄڻ تہ جنت ۾ اسين،
هير ٿڌڙي جيان ورين، ڄڻ تہ جنت ۾ اسين.

پاڻ هڪ ٻي جا ٿيون ساھ هڪ ٻي جا کڻون،
شال تون ڀي ها ڪرين، ڄڻ تہ جنت ۾ اسين.

او قداور ڇوڪري، سونھن تو ۾ اڻ مئي،
تون اچي مون ۾ مرين، ڄڻ تہ جنت ۾ اسين.

گس ٻنھي جا ساڳيا پنڌ ۽ هي پيچرا،
روح کي ڀي گڏ پرين، ڄڻ تہ جنت ۾ اسين.

تيز ڇوليون سمنڊ جون ۽ ٻيو ڀي ڪجهہ گهڻو،
ساڻ تون ڀي ترين، ڄڻ تہ جنت ۾ اسين.

شال پوري ‘آس’ من جي ٿئي اڄ ڪا وري،
پير گهرجي تون ڌرين، ڄڻ تہ جنت ۾ اسين.

عشق سندو انجام ٿي ڳولي،

عشق سندو انجام ٿي ڳولي،
جندڙي هاڻي جام ٿي ڳولي.

ڏاڍي ڪوسي ٿر جي واري،
ٿڌڙي ڪائي شام ٿي ڳولي.

جيڪو گھرا گهاءُ ڏئي ويو،
ساڳيو سو بدنام ٿي ڳولي.

سانڍي ساھُ برابر جيڪو،
ناري اهڙو نام ٿي ڳولي.

ڦاسي پاڻ مرڻ جي خاطر،
نيڻن جا ڪي دام ٿي ڳولي.

رات سموري ساڻ ھوائون،
گوري اهڙو گام ٿي ڳولي.

ٽاڪ منجهند جو لوڏ لُڏڻ لئہ،
سار سڄڻ جي لام ٿي ڳولي.

ساري جڳ سُتي کان پوءِ،
سيتا پنھنجو رام ٿي ڳولي.

اکڙيون ٺارين ٿر جا منظر،

اکڙيون ٺارين ٿر جا منظر،
سانگين ساڻ سفر جا منظر.

بادل برسيا ٿي ويا جل ٿل،
محبوب صفا هِن بر جا منظر.

چَونئرا چوڪيون اڱڻ ۽ اوٽا،
ڇا تہ ڪکائين گهر جا منظر.

ڪارونجهر تي مور نچن ٿا،
جُھوميا نينھنَ ننگر جا منظر.

پلر پُسايا پاساڙا ۽،
ڀيج ڀٽُن جي ڀر جا منظر.

‘آس’ اُميد پُني، مينھن وسي پيا،
مھڪيا من جي تر جا منظر.

ڊگهيون راتيون هاڻ او جانان!

ڊگهيون راتيون هاڻ او جانان!
وري آيون ڄاڻ او جانان!

وڇوڙا گهاوَ ڏيندا ھِن،
ڇِڪي ڇڪتاڻ او جانان!

ڊسمبر مند محبت جي،
ڪندي سُرهاڻ او جانان!

چپن جي ڪنارن تي،
ڪي مُرڪون آڻ او جانان!

اسان جان نيڻ نيرانا،
سِڪن تو ڪاڻ او جانان!

سھڻ کان غم گهڻا آهن،
اچي ڪجهہ ڇاڻ او جانان!

سمنڊ ۾ پي تَريون اَڻ ڳڻيون ڇوڪريون،

سمنڊ ۾ پي تَريون اَڻ ڳڻيون ڇوڪريون،
وڌ نہ توکان اسان کي وڻيون ڇوڪريون.

دل اوهانجي غلامي قبولي کِلي،
زور لاهي ٿڪيون ٻيون گهڻيون ڇوڪريون.

هُئي خدا جي هٿن جي حُسناڪي وڏي،
ماءُ آھن تڏھن ڪي ڄَڻيون ڇوڪريون.

تون سياري سندو ڪو ڳڙو ٿي لڳين،
۽ ھُيون مينھن جون ڪي ڪڻيون ڇوڪريون.

تاوَ تنھنجي نگهائن سندا اڄ ڏسي،
واءُ ۾ ٿِي نموريون ڇڻيون ڇوڪريون.

‘آس’ منھنجي جواني وئي جوت ٿي،
چنڊ تارا ڪتيون سڀ بڻيون ڇوڪريون.

ايڏو جلدي يار اسان کان،

ايڏو جلدي يار اسان کان،
ٿِي وئين دلبر ڌار اسان کان.

چنڊ لڪي ويو ڪڪرن پويان،
ڦيري نيڻ نھار اسان کان.

ڏيل ڏنگين ٿيون تنھا راتيون،
ڏور نہ ڏينھڙا گهار اسان کان.

ڌوڃي درد کڻان ٿو تنھنجا،
پوءِ ڇني ٿو پيار اسان کان.

هاءِ! وڇوڙو وار ڪندو هِي،

هاءِ! وڇوڙو وار ڪندو هِي،
پاڻ ٻنھي کي ڌار ڪندو هِي.

واڳونءَ جھڙو وات پکيڙي.
چيري هڪ مان چار ڪندو هِي.

ياد اڏي تي چاڙھي پوءِ،
عشق اندر جو آر ڪندو هِي.

ڄاتو مون آ سپنو تنھنجو،
رات اُڪاري پار ڪندو هِي.

اوسيئڙي جو آڙاھ جوڀن،
ساڙي ٻاري ڇار ڪندو هِي.

ضبط ٽٽو جي منھنجي من جو،
لڙڪن جي پولار ڪندو هي.

موٽي ٻيھر ايندين تون جي،
ٻانھون پنھنجون هار ڪندو هي.

‘آس’ اسانجي رب ۾ آھي،
ٻيڙا تاري پار ڪندو هي.

ساجن پنھنجي ساري حياتي،

ساجن پنھنجي ساري حياتي،
توتان آ مون واري حياتي.

آتش وانگي جلندڙ منھنجي،
تنھنجي پيار آ ٺاري حياتي.

توکان پو بس پَن ڇَڻ جھڙي،
پاڻ يڪي آ گهاري حياتي.

تيلي جھڙي تنھنجي لھجي،
هرهر پنھنجي ٻاري حياتي.

دنيا وانگي ٽولي مان ئي،
تو ڀي آخر ٽاري حياتي.

تنھائي جي سمنڊ ۾ ٻوڙي،
نيٺ تو منھنجي ماري حياتي.

بَرسي جهوميو ٿر ساروئي،

بَرسي جهوميو ٿر ساروئي،
مَھڪيو سُونھن ننگر ساروئي.

موٽي سانوڻ ڏيھہ سڄي تان،
لاٿو ڏُرت ڏمر ساروئي.

مور ٽھوڪيا مارو بہ مُرڪيا،
جَرڪيو ڪارونجهر ساروئي.

سيمَ سموري ساوڪ اوڍي،
مُرڪيو آھي تر ساروئي.

اکيون ٿر جون ٺَريون آھن،
ٿي ويو ڏور ڏُڪر ساروئي.

‘آس’ اُميد ساجن توتان،
گهوريان پنھنجو گهر ساروئي.

هوءَ پُڳي آ محفل ۾،

هوءَ پُڳي آ محفل ۾،
جِھرِمرِ رُڳي آ محفل ۾.

ڪنھن جي الائي ٽڙڪو ڏيئي،
چوڙي ڀڳي آ محفل ۾.

ڪنھن جي نھار من موهيو،
۽ دل لڳي آ محفل ۾.

جُھومڻ لڳو آ من منھنجو،
پايل وڳي آ محفل ۾.

گهاوَ بچايو جلون جا،
هر هنڌ ٺڳي آ محفل ۾.

روپ پَرِين جو ڌاري آئي.

روپ پَرِين جو ڌاري آئي.
چانڊوڪي چورائي آئي.

سونھن سندئي ڀيٽيون ڪنھن سان،
چوڏس چنڊ اُڀاري آئي.

تون ڇا ڄاڻين ساڻ گهڙي سان؟
ڪھڙا ٻوڙي تاري آئي؟

چيچ جهلي انسان هزارين،
ريٽا رڻ بہ اُڪاري آئي.

سانوڻ جھڙي مرڪ چپن تي،
سڏ ڪري هُوءَ واري آئي.

‘آس’ ! نراس جي ويلا ناهي،
مند ملڻ جي ساري آئي.

تون آس! ڌرين جي پير هِتي،

تون آس! ڌرين جي پير هِتي،
مان گُل وڇايان ڍير هِتي.

تنھن وقت هوا ٿي رقص ڪيو،
جنھن وقت ٻڌي تو ڇير هِتي.

رات اڃان ڪجهہ باقي آھي،
ترس کڻي ڪجهہ دير هِتي.

راھ سموري ڪنڊا ڪنڊا،
تون سوچي کڻجان پير هِتي.

سنڌ اڪيلي سَسُئي جھڙي،
۽ ڏاڍا ڪيئي ڏير هِتي.

پنڌ پرينءَ ڏي تاڻي جوڀن،

پنڌ پرينءَ ڏي تاڻي جوڀن،
جڳ کي ڪون سُڃاڻي جوڀن.

پَن ڇَڻ جي رُت ارپي من کي،
وڇڙي ويندي ڇاڻي جوڀن.

کولي ڇڏيو وقت ڏُکن جي،
ڪير اوهان بن واڻي جوڀن.

منشا ھُن جي ٻي ڪا ناهي،
تنھنجون مُرڪون ماڻي جوڀن.

هيل نہ آئين ‘آس’ اڱڻ تي،
ڏُک جي پيڙيو گهاڻي جوڀن.

لوڪ سُمھاريان، چريو ناهيان

لوڪ سُمھاريان، چريو ناهيان،
سنڌ وساريان، چريو ناهيان.

سانگي سور پٽن پيا ڪيڏا،
خوش گذاريان، چريو ناهيان.

سون سَريکي ڌرتي لئہ،
جان نہ واريان، چريو ناهيان.

سپنن جي ساڀيان کي رولي،
جيون گهاريان، چريو ناهيان.

سُرخ صبح کي گوگها ڏيئي،
هٿڙا ٺاريان، چريو ناهيان.

دل جي گهر ۾ ‘آس’ اَجايا،
غير ويھاريان، چريو ناهيان.

حال اندر جو اوري ڏسبو،

حال اندر جو اوري ڏسبو،
سڀ ڪجهہ توتان گهوري ڏسبو.

سارا ٿڪ هوا ۾ هاري،
ساز سريلو چوري ڏسبو.

درد اکين تي دستڪ ڏيندا،
سڪ جو سڳڙو سوري ڏسبو.

پيار ڪندڙ هر دل چوی ٿي،
دل کي دل سان توري ڏسبو.

من مندر ۾ جهاتي پائي،
بت انا جو ڀوري ڏسبو.

مايوسين جو مُک تي ڪارڻ،
هوري، هوري، هوري ڏسبو.

‘آس’ اِها ئي من جي آهي،
ڏيھہ پرينءَ جو ڏوري ڏسبو.

توکان پوءِ هيل اسان جا،

توکان پوءِ هيل اسان جا،
جذبا سارا تيل اسان جا.

جيڪي دل جو سَرمايو ها،
خواب ٿيا سڀ ڀيل اسان جا.

واءُ اُڏائي ساڻ کڻي ويو،
خوشيون کينچل کيل اسان جا.

جادو جنتر پڙھندي، پڙھندي،
غيرن ٽوڙيا ميل اسان جا.

مھڪڻ واري موسم کان اڳ،
ٽوڙيا ويا رابيل اسان جا.

سونا روپا پل سمورا،
وقت ڪري ويو ڀيل اسان جا.

‘آس’ وساري پيارا ماڻھو،
جذبا پھتا جيل اسان جا.

سُڻي حُسن جي هاڪ پرين!

سُڻي حُسن جي هاڪ پرين!
پُھتس تنھنجي ٿاڪ پرين!

ڳوٺ اوهانجو سون سَريکو،
جتڙي برسي ماڪ پرين!

هاڻي پير ڀري پيو اچبو،
واهجو ٿيندو واڪ پرين!

هن جو مُرجهايل مُک ڏسي،
دل ٿيندي ناچاڪ پرين!

تنھنجي محبت جي تاڙيءَ جو،
هينئڙو آ ھيراڪ پرين!

دنيا جيڪي چاهي سوچي،
پنھنجي محبت پاڪ پرين!

جاني جندڙي ٻالي ڀولي،
ناهي ٿي چالاڪ پرين!

ڪوئي ماڳ ٺڪاڻو ڪونھي،
روح اٿم رولاڪ پرين!

آئي باک نَويلي آئي،

آئي باک نَويلي آئي،
دل جي ٿي ٻانھن ٻيلي آئي.

آءُ اُهوئي ساڳيو آھيان.
توکي سُرت اويلي آئي.

تنھائين سان جهيڙي ڪائي،
مون ڏي رات اڪيلي آئي.

گونگي، ٻوڙي عشق اُٿاري،
ٻولڻ نيٺ حَويلي آئي.

دل جي ‘آس’ ڀلائي آهي،
ساري ساٿ سَويلي آئي.

محبت جا ئي ماريل آهيون،

محبت جا ئي ماريل آهيون،
دلبر تنھنجا کاريل آهيون.

هاڻي اسانجو ڪوئي ناهي،
اهڙي درتان واريل آهيون.

نرم نگاهون تڙپن ٿيون پيون،
پيار پکيئڙا ڌاريل آهيون.

هيڪل وياڪل جيون آهي،
پنھنجن جا ئي ٽاريل آهيون.

وقت انڌيرا گذري ويندا،
ڏيل ڏياٽيون ٻاريل آهيون.

اچي ٿي جوڙ جيون ۾،

اچي ٿي جوڙ جيون ۾،
کٿوري کوڙ جيون ۾.

وٽايا پيار ۽ مُحبت،
نرالا نوڙ جيون ۾.

وفائن جا ڪيا آھن،
نگاهن ڇوڙ جيون ۾.

ڪري مينديءَ رتا هٿڙا،
نڀايون توڙ جيون ۾.

اسانکي پار ڪرڻا هن،
ڏُکيا سڀ موڙ جيون ۾.

زمانا! پيار ماڻڻ لئہ،
ڪبي ڊُڪ ڊوڙ جيون ۾.

وڇوڙن کي چُميون ڏيندڙ پيارا ياد ايندا هِن،

وڇوڙن کي چُميون ڏيندڙ پيارا ياد ايندا هِن،
حَسين ڪيمپس جي شامن جا نظارا ياد ايندا هِن.

بھارون چار گُلڙن جي عبادت ۾ گُذاريون سين،
سندن محبوب لھجا ۽ اِشارا ياد ايندا هِن.

کِلي ٽھڪن کي ٽيڙيندي ڪٿائون پاڻ ٿي اوريون،
حياتي ڀر لمحا سي سڀ پيار وارا ياد ايندا هِن.

اوهانجي سونھن جي جَلون ڪيو مشھور ڪيمپس کي،
رُسي پرچي پوڻ جا راز سارا ياد ايندا هن.

زماني ساز سوچن سان سدائين هت جهڙيندي،
مٺا مِحبوب! پيارا ‘آس’ پارا ياد ايندا هن.

دل مونکي رات ائين چيو آھي،

دل مونکي رات ائين چيو آھي،
هيءُ وڇوڙو پويان پيو آھي.

پاڻ راهي هُون پيار جي پنڌ جا،
جُرم ڪھڙو ٻيو ڪيو آھي.

سار هر هر ٿي ھُن جي سُڏڪي،
خيال هن جو بي چيو آهي.

مات کائي هو ماٺ ٿي ويندو،
شينھن کان ائين ڪڏھن ٿيو آھي؟

سامھون ايندا هارجي ويندا،
ائين چئي هليو هُو ويو آھي.

ڪون ڪنھن ٻي سان دل لڳي،
روح هُن سان ئي بس ڳنڍيو آھي.

بي وفائي جي بي حسي ڀوڳي،
سور دل ۾ اهو رهيو آھي.

ڪا بہ اُميد تو مان ڪون رهي،
آسرو مون پَلي ڇڏيو آھي.

تو جو ٻي ڏي موٽ کاڌي،

تو جو ٻي ڏي موٽ کاڌي،
دل اسان جيءُ چوٽ کاٽي.

آرس موڙي ڪنجرو ٽوڙييءَ
جوڀن اهڙي ڦوٽ کاڌي.

ڳالھين ۾ تہ اُميد ھُيئن،
پيار ۾ پو ڇو کوٽ کاڏي.

تو تہ يڪو پي کٽيو کاڌو،
مون تہ رُڳي ھُئي ٽوٽ کاڌي.

ڀرجي دل وئي پيار پلر مان،
پوءِ پرين پالوٽ کاڌي.

نقابن مان نڪتيون نڪوريون اکيون،

نقابن مان نڪتيون نڪوريون اکيون،
ويون اندر اڊوڙي ڪوريون اکيون.

مُڙي ڪنڌ دريءَ مان ڪڍي ٿي ڏٺئون.
حجابن هُيون ڪيڏيون جهوريون اکيون.

اِشارن سان ڳالھيون ڪرڻ ويل ڦٿڪيون.
هُيون من جون ڪيڏيون موريون اکيون.

ڪَئي ڪانگ چُڳڻ لئہ آتا ڏٺاسين،
هُيون ڄڻ نِمن جون نموريون اکيون.

نڪي ڀيٽ هيرن جواهرن سان ڪئي سين،
اسان نيل ڪنول سان هِي توريون اکيون.

نہ کيٽ سمجهي کيڙ مونکي،

نہ کيٽ سمجهي کيڙ مونکي،
ٿڪل آھيان تيڙ مونکي.

غزل بڻجي آئي آھيان،
سُرن سان اڄ ڇيڙ مونکي.

سارا گُل ڇڻي ويا مون مان،
پن پن آھيان ميڙ مونکي.

گس سڌي تي پُھتي آھيان،
هاڻي نہ تون ٿيڙ مونکي.

‘آس’ نڪورو نينھن کپي ٿو
ٻيو نہ ٿورو ڀيڙ مونکي.

هُوءَ جا اُتري پاڻ اسان ۾،

هُوءَ جا اُتري پاڻ اسان ۾،
ناهي ٻي ڪا هاڻ اسان ۾.

سِر کان وڌندي پيرن تائين،
ھُن جي آ سُرهاڻ اسان ۾.

هڪ آهيون هڪ ئي رهنداسين،
ناهي ڪا ڇڪتاڻ اسان ۾.

رات انڌاري ڏُور وَئي ٿِي،
چَمڪي پئي چانڊاڻ اسان ۾.

ڌڙڪي ٿي بس ڌڙڪي ٿي هو،
دل جي ڌڙڪن ساڻ اسان ۾.

عشق ڪيا ‘آس’ اسان جا هِن،
جذبا رتو ڇاڻ اسان ۾.

پکين جي لات وڌندي رهي،

پکين جي لات وڌندي رهي،
اوهانجي تات وڌندي رهي.

ستارا سار ۾ ڳڻندي،
اڪيلي رات وڌندي رهي.

وڇوڙا گهات ٿي آيا،
ڏُکن ۾ ڏات وڌندي رهي.

اسان انسان کي پوڄيو،
هتي ڇوت ڇات وڌندي رهي.

اوهان جي ياد ۾ جانان!
برھ جي بات وڌندي رهي.

نِگاھون اوهانجي گهٽيءَ ۾ ڇڏي.

نِگاھون اوهانجي گهٽيءَ ۾ ڇڏي.
پرين! دل بہ آيس مِٽيءَ ۾ ڇڏي.

پرين! سِڪ نہ آھي اُجهاڻي اڃان،
نہ وڃ چاندني تون چِٽيءَ ۾ ڇڏي.

ٺھڻ ۾ ھُئا گڏ ھزارين مگر،
ويا ساٿ سَڀئي ڦِٽيءَ ۾ ڇڏي.

کڻي روح آيس رتو ڇاڻ ۽،
ٻٽي خواب ڪي ورسٽيءَ ۾ ڇڏي.

توسان جيڪي گهاريون راتيون،

توسان جيڪي گهاريون راتيون،
ياد اچن ٿيون ساريون راتيون.

توبن تنھا آئون آخر،
ڪئين ڪٽيان چئو ڪاريون راتيون.

صدين تائين ڪنديون سُھايون،
پاڻ ٻِنھي جي ٻاريون راتيون.

قرب ڪچھريون ڪيئن ڀلا تو،
ويھي يار وساريون راتيون.

اوسيئڙي ۾ ‘آس’ اڪيلي،
تارا ساري ٽاريون راتيون.

ڀوڏيسر ۾ نار گهمي پئي.

ڀوڏيسر ۾ نار گهمي پئي.
کولي گهاٽا وار گهمي پئي.

ڪونج ڳچيءَ ۾ وينگس پياري،
پائي هنسلي هار گهمي پئي.

سانوڻ جھڙي سُندر ناري،
ڪڇ تي ڪوٺي ٻار گهمي پئي.

وڏڦڙي جيان رقص بدن جو،
ناري تارو تار گهمي پئي.

هيڪل ناهي هرڻي بن ۾،
سھليون گڏ ٽي چار گهمي پئي.

پٿر کي پئي ميڻ بڻائي،
نار تہ اهڙي ڪار گهمي پئي.

سُرن جي سراسر پتي ٿي وياسين.

سُرن جي سراسر پتي ٿي وياسين.
اسين تولئہ چيٽ ۽ ڪتي ٿي وياسين.

اوهان جي ڏُکن کي کڻي سِر پنھنجي،
حياتيءَ ڳنڍيندي چتي ٿي وياسين.

انڌيرن سان لڙندي، هوائن سان ٻکندي،
پرين هِن دُنيا ۾ بتي ٿي وياسين.

اسين سير سواءَ کان سوايا سراسر،
مگر تولئہ هڪڙي رتي ٿي وياسين.

اوهان کان سواءِ ڪون چاهيون ڪنھن کي،
نڀائي وچن هي جَتي ٿي وياسين.

واهَڻ واھَڻ وسندي بارش،

واهَڻ واھَڻ وسندي بارش،
ڳوٺ پرينءَ جو پسندي بارش.

کِوِڻن جا ڪي کيل چون ٿا،
رڻ ڪنڌيءَ تي رسَندي بارش.

ٿر جي هَر هڪ ٿاڪ مٿان،
گجندي، گجندي، گجندي بارش.

ريشم جھڙي ھُن جي بُت سان،
کينس ڪندي ۽ کَسندي بارش.

سنڌوءَ سان جي سنگ اچي ٿي،
لھرن سان پو لسَندي بارش.

‘آس’ اسانجي نيڻن مان ڀي،
نيٺ تہ ٽمندي، وسَندي بارش.

غم گهٽائن گهيري ورتو،

غم گهٽائن گهيري ورتو،
مُرڪن مُنھڙو ڦيري ورتو.

سپنا پنھنجا لوڙھي سارا،
جاڳ اکين کي سيري ورتو.

مُحبت جا تون مينھن وسائي،
هانءُ اسانجو هيري ورتو.

خوشبو خوشبو چوڌاري آ
وڻ وڻ واس وکيري ورتو.

شايد باک ڦُٽڻ تي آھي.
ڳجهه پروڙي ڳيري ورتو.

هر محفل ‘آس’ مچائيندو،
ڄاڻ ڄراٽي ڄيري ورتو.

اهڙو جڳ ۾ آھي ڪوئي،

اهڙو جڳ ۾ آھي ڪوئي،
درد هِي دل تان لاهي ڪوئي.

گوندر دل ۾ گهر آ ٺاهيو،
اُن کي ڀوري ڊاهي ڪوئي.

مان بہ گهران ٿو من جو مُحرم،
چاھ منجهان چاهي ڪوئي.

اُڊڙيل آھي، اُجڙيل آھي،
منھنجو جيون ٺاهي ڪوئي.

خار سان ڪک ڀي سھندا ناهيون،
پيار منجهان ڀَل ڳاهي ڪوئي.

هل تہ هلون دل شھر ڇڏي هي،
پنھنجو ھتڙي ناهي ڪوئي.

لڌي تو جڏھن سنڀار جانان!

لڌي تو جڏھن سنڀار جانان!
مليو قلب کي قرار جانان!

سڪون دل جو سنگدل کڻي وين،
نئين سر اچي نِکار جانان.

خزان جو لٿو سج آ سويرو،
سڏي ٿي سڄڻ کي بھار جانان!

اوهانجي عنايت مينھن وانگر،
ڏڪي ٿو ڏِنگو ڏس ڏُڪار جانان!

ڇڏي ٿي زمانا روز ڇيڙي،
اوهانجي اکين جي نھار جانان!

اسانکي اوهانجي ‘آس’ دل ۾،
رڳو تات ۽ تنوار جانان!

بَد حالِي ٿر ۾ آهي،

بَد حالِي ٿر ۾ آهي،
ڪِٿ! خُوشحالِي ٿر ۾ آهي؟

ٻار سُمھن ٿا روز لنگهڻ ۽،
ٿر جو والِي ٿر ۾ آهي.

رعيت ڊوڙي ڪھڙي پويان،
ھر ڪو چالِي ٿر ۾ آهي.

ٿر ٿو چاھي وَرسٽي ھِڪڙي،
ھر ڪو سوالِي ٿر ۾ آهي.

ديس تہ دُبئي ٿيندو آخر،
فِلحال تالِي ٿر ۾ آھي.

روجهہ ھرڻ کي بُک آ ماريو،
هِت قحط سالِي ٿر ۾ آهي.

چيٽ جي چاندنيءَ ۾ چَري ڇوڪري،

چيٽ جي چاندنيءَ ۾ چَري ڇوڪري،
ويس پائي اڇو آ وَري ڇوڪري.

عشق جي تيز آتش اُماڙي ڏني،
سون وانڱر سَڄي پي ٻَري ڇوڪري.

سنڌ ڄائي هُئي سا اسان جي اَدي،
ڏاڍ کان ڪون جيڪا ڏَري ڇوڪري.

ڪون ميھر مُلاقات ساڻس ڪئي،
رات ساري گهڙي تي تَري ڇوڪري.

برف جھڙو بدن، پشم جھڙا پَدم،
حُور ڪائي هُئي يا پَري ڇوڪري.

ڪونہ ڪنھن سان لُڇي ڪونہ ڪنھن کان ڪُڇي،
ماٺ ئي ماٺ ۾ وَئي مَري ڇوڪري.

سينڌ ڏيکي سڄي کير جھڙي اڇي،
گڻتين ۾ وڃي ٿي ڳَري ڇوڪري.

محل ۽ ماڙيون عمر جي آڇيون،
سڀ ٿُڏي ‘آس’ آئي ٿَري ڇوڪري.

ڇوڪِريءَ جو بدن ڇا تہ ڳورو هُيو،

ڇوڪِريءَ جو بدن ڇا تہ ڳورو هُيو،
نيھُن جنھن سان نئون ۽ نڪورو هُيو.

دل تڏھن هِي قلندر جيان ٿي نچي،
تو پري کان ڪيو پاڻ ھورو هُيو.

رات رولاڪ کي دڳ لڳائي ڇَڏيئي،
بس اِھوئي! ڄڻ تہ ٿورو هُيو.

هِي تہ جيون اوهان جي اچڻ کان اڳي،
ٿي لڳو ڄڻ تہ ڪو ٻار ڇورو هُيو.

هُن ڪنڌيءَ تي تماچي پُڳو تو لئہ،
سچ پُڇين ڄڻ تہ ڪينجهر هندورو ھُيو.

ها اوهان کي اچي اوڏڙو ايئن لڳو،
عشق تنھنجي اکين ۾ نِسورو هُيو.

رات جو ٿا وِھاڻا پُسائي ڇڏيون،
نيڻ بڙ جو ڄڻ تہ ڪوئي ڍورو ھُيو.

درد وڇوڙا ماري وجهندا،

درد وڇوڙا ماري وجهندا،
هاءِ گهوڙا! ماري وجهندا.

اکڙيون کُٽيون نير وهائي،
رت جا ڳوڙھا ماري وجهندا.

تنھنجا کيٽا کِل کٿوري،
مونکي گهوڙا! ماري وجهندا.

پاڻ اڳي ئي پڌرا ويتر،
ڪارا جوڙا ماري وجهندا.

چئني پاسي خوف ۽ خطرا،
انڌا، ٻوڙا ماري وجهندا.

سمنڊ سڄي ۾ موج نہ مستي،
خالي ھوڙھا ماري وجهندا.

ديد ۽ درشن ڪھڙا ٿيندا،
ڪنڊا لوڙھا ماري وجهندا.

مست جوڀن ڇُليو ۽ جواني هئي،

مست جوڀن ڇُليو ۽ جواني هئي،
هوءَ کِلندي جڏھن ٿي رواني هئي.

تون هئين سيج مٿان جو سُتل،
تڏھن رات ڪيڏي سُھاني هئي.

تون ھُجين ساٿ ۾ پي ڇڏيان چاھ کي،
دل صدين کان پرين هي نِراني هئي.

تون هُئين سوچ ۾ چنڊ اولھہ لٿو،
ھوش ڪاٿي رھيو ڄڻ ديواني ھئي،

چوٽ اهڙي لڳي رات ساري رُنس،
ھوءَ مُرڪي پئي بَد گُماني ھئي.

ايڏي سار ۽ سِڪ مون ۾،

ايڏي سار ۽ سِڪ مون ۾،
تُنھنجي آھي ڇِڪ مون م.

ڇو ڪرين ٿي شڪ ايڏو،
تون رهين ٿي هِڪ مون ۾.

ڇو وسين ٿي دُور ايڏي،
اچ ويجهڙي ٽِڪ مون ۾.

تون ڪرين ٿي ڊپ ايڏو،
اچ لنگهي اڄ لِڪ مون ۾.

آھي تانگهہ تُنھنجي جي،
ڪيڏي تار ۽ تِک مون ۾.

مان پيالو پيار جو هان،
ڏي هڪڙي تِڪ مون ۾.

ساھُ پيوند ڪر پنھنجا،
کڻ هڪڙي وِک مون ۾.

مينھن جي رات ۾ پُسي جي پياسين،

مينھن جي رات ۾ پُسي جي پياسين،
پاڻ برسات ۾ پُسي جي پياسين.

رات ٽھڪن مٿان ٽھڪ ٿي ٻُرياسين،
ٿورڙي بات ۾ پُسي جي پياسين.

وارجن گيت ۽ غزل سڀ مٿان تو،
قدرتي ڏات ۾ پُسي جي پياسين.

وڻ ڊگهي هُن مٿان پئي ٻوليو ڪنھن،
پاڻ ڀي لات ۾ پُسي جي پياسين.

‘آس’ اوسيئڙا ڪري ھاڻ ھُن جي،
تانگهہ ۽ تات ۾ پُسي جي پياسين.

اسان عشق ارڏو اُجاري سُتاسين،

اسان عشق ارڏو اُجاري سُتاسين،
خيالن ۾ توکي سنڀاري سُتاسين.

نڪي تون نڪو سک بہ آهي اسانکي،
سڄي رات سڏڪن ۾ گهاري سُتاسين.

ويو سج لھي چنڊ ڀي آ اجهاڻو،
ملڻ مند جا ٽاڻا بہ ٽاري سُتاسين.

لڙي رات ويلا اسين سڀ اڪيلا،
رڻن ۾ رُلي رڻ اُڪاري سُتاسين.

اوهان پيار پنھنجو وساري سُمھي پيا،
اسان ديپ يادن جا ٻاري سُتاسين.

اکيون ‘آس’ ڏيئن جيئن ٻاري سندائين،
اوهانجو قسم رات ٽاري سُتاسين.

اوهانجي حياتيءَ سَندي هَنج آھي،

اوهانجي حياتيءَ سَندي هَنج آھي،
اسان لئہ اِها ئي گهڻي، گنج آھي.

ويا ٿڪَ سارا لڱن تان لھي ڄڻ،
اوهان جو وھاريو اکين منجهہ آھي.

پري ڪونہ آھيون پرين! پاڻ توکان،
نہ ڪوئي اوهان سان رکيو رنج آھي.

سَڄڻ شھر تنھنجو اسانجي اکين کان،
سوين ڪوھ ڪونھي وکون پنج آھي.

کڙي کوھَ تي ڪنھن ٿري ڇوڪريءَ جي،
پيل ٻانھن ۾ ڪا سچي کَنج آھي.

اها ‘آس’ آھي تري پار ٿيندس،
مليو ساٿَ تنھنجيءَ سندو وَنجهہ آھي.

مينھنَ ڪيڏا وٺا، ٿرَ مٿان او مٺا!

مينھنَ ڪيڏا وٺا، ٿرَ مٿان او مٺا!
ڏيھَہ ساري ڏٺا، ٿرَ مٿان او مٺا!

ھر طرف ساوڪون ۽ نظارا نوان،
ڏينھنَ ڏاڍا سٺا، ٿرَ مٿان اومٺا!

پلر پاڻي ھُيا، تلَ، ترايون ھُيون،
ولرَ ڪونجن ڪَٺا، ٿرَ مٿان اومٺا!

مينھنَ جي مُند ۾، ميت منھنجا مگر،
راتَ مون کان رٺا، ٿرَ مٿان او مٺا!

واءُ ۽ وِڄِ وَراڪا ھُيا ھر ڏسا،
ڪي اَجها ٿي ڊٺا، ٿرَ مٿان او مٺا!

حَسين آھن هوائون لاڙ جون،

حَسين آھن هوائون لاڙ جون،
نگاهون ۽ ادائون لاڙ جون.

وچن تي ڪر پرين! ويساھ تون،
مٺا! ملندئي وفائون لاڙ جون.

پُراڻا ٿاڪ هن ٿر جا ڀلا پر،
پري آھن پناهون لاڙ جون.

جُڳن کان هن اسان لئہ آسرو،
اجها، توڻي ڏسِائون لاڙ جون.

ڪٿي ڪارا پَڙا سِي ٻانڌڻا هِن،
ٻُسيون آھن ڇو تہ ٻانھون لاڙ جون.

جتي شمشير ۽ احمد رچيون،
ڪويتائون، ڪٿائون لاڙ جون.

الائي ڪير ٿي روئي پئي ڏس،
گهميل آهن گهٽائون لاڙ جون.

روح روليون رڻ پٽن ۾،

روح روليون رڻ پٽن ۾،
توکي ڳوليون رڻ پٽن ۾.

بوتل جھڙو بدن هِي تنھنجو،
هر هر کوليون رڻ پٽن ۾.

جوڳڻ ڇوري ڪيڏي لوري،
ھينئڙي ھوليون رڻ پٽن ۾.

خُشڪي پنھنجا رستا ٺاهي،
واري ڇوليون رڻ پٽن ۾.

ڳيرا ڪونجون سانجهي ٽاڻي،
تترن ٻوليون رڻ پٽن ۾.

ساڳيو سوز صدا ۾ آھي،
سورِھَ سُوليون رڻ پٽن ۾.

ننڍي لاڪون نينھن ھُيو پر،
اڄ ھِن نَوِليون رڻ پٽن ۾.

‘آس’ اڃان پيو ڳولھي،
چنچل چوليون رڻ پٽن ۾.

دل کڻي هڪ حور وئي آ،

دل کڻي هڪ حور وئي آ،
مَن ڪري مجبور وئي آ.

کوڙ خوشيون هُوءَ ارپي مونکي،
دل تان لاهي سور وئي آ.

ڏاڍو سُھڻو، ڏاڍو پيارو،
پيار جو ڏئي پور وئي آ.

چاهت وارا ديپ جَلائي،
نِرمل ڏئي نور وئي آ.

‘آس’ اسانکي سُھڻي صورت،
واھُ وَڻي ڀرپور وئي آ.

ٿيا جو انائن کان آھيون پري،

ٿيا جو انائن کان آھيون پري،
تڏھن ڀوڳنائن آھيون پري.

سڄو ديس گهيري ڇڏيو وهشتن،
امن جي هوائن کان آھيون پري.

وڇوڙن پٿر دل اسانکي ڪيو،
تڏھن ئي سزائن کان آھيون پري.

سڄو جڳ لڳي ٿو اڌورو صفا،
اوهان جي ادائن کان آھيون پري.

جنين ‘آس’ مُحبت کي مارڻ گهريو،
اُنھن جي وفائون کان آھيون پري.

ڇِرڪڻي، مُرڪڻي ڇوڪري،

ڇِرڪڻي، مُرڪڻي ڇوڪري،
جهٽ وئِي دل کڻي ڇوڪري.

مان ٻُڏان ۽ تران سوچ ۾،
ڌڪ وئي جو هڻي ڇوڪري.

رات تنھا وئي ٿي پئي،
هيڪلي هڪ ڄڻي ڇوڪري.

سونھن تارن سندي تِرڪڻي،
اُڀ مٿان ڇَڻي ڇوڪري.

هُوءَ حجابي اکين سان سکي!
مُرڪندي ٿي وڻي ڇوڪري.

عجب جهڙيون هن جفائون اوهانجون،

عجب جهڙيون هن جفائون اوهانجون،
نہ ليکي نہ چوکي خطائون اوهانجون.

هي صحرا ۽ رڻ پٽ جيون اسان جو،
ڪٿي ٿيون گذرن گهٽائون اوهان جون.

اسان آھيون ڀٽڪيا لَڪن ۽ لُکن ۾،
کڻي پاڻ سان گڏ پُڇائون اوهان جون.

وَهيا لڙڪ نيڻن مان بڻائي نديون ڪي،
تري دل تي آيون ادائون اوهان جون.

هينئون هيڪلائيءَ وِلوڙي وڌو آھي،
ويون موڪلائي، وفائون اوهان جون.

ڊاهين ڇو ٿي اَڏَ اسانکي،

ڊاهين ڇو ٿي اَڏَ اسانکي،
ايئن نہ اُڇلي ڇَڏَ اسانکي.

توکان ڌار گهڻو ئي گهاريو،
هاڻ تہ گوري گڏ اسانکي.

ويل اويل بہ پُھچي اچبو،
سنڌڙي تون بس سڏ اسانکي.

سون سموري ڌرتي ٿيندي،
تنھنجا ملندا هَڏ اسانکي.

اهڙا تھڙا ماڻھو ناهيون،
ڪير نہ سمجهي ڏڏ اسانکي.

ڪري وين ڪنارا اسان کان،

ڪري وين ڪنارا اسان کان،
ڇڄي ويا سھارا اسان کان.

جيئن هاڻ ڪھڙو اسان جو يارو!
پري هِن پيارا اسان کان.

ملڻ هو مشڪل مگر تون،
نبيري وئين نظارا اسان کان.

سُھايون اسان ساڻ ناهن،
پُڇن ٿا ستارا اسان کان.

مٽيو هِيئن منھنڙو نہ جاني،
خفا ٿي خدرا! اسان کان.

ساٿ نہ ڇڏجان دوکو ڏيئي،

ساٿ نہ ڇڏجان دوکو ڏيئي،
درد سھڻ کان اوکو ڏيئي.

جڳ سمورو کلندو اُلٽو،
وڃ نہ وڇوڙا تُحفو ڏيئي.

مُحبت جي ڪا قيمت ناهي،
وڪڻين ٿي ڇو هوڪا ڏيئي.

کوڙ دعائون ماڻ سکي تون!
مونکي چاهت چوڳو ڏيئي.

وقت کسي آ واپس ويندو،
جوڀن جل ٿل جذبو ڏيئي.

‘آس’ سندائين عشق امر آ،
ڪير سگهندو گوگهو ڏيئي.

واھ جو وينگس وَڻي آھي،

واھ جو وينگس وَڻي آھي،
دل ڌياڻي ۽ ڌڻي آھي.

اک جي ٿر کي ٺاري ٿي پئي،
مينھن جي ڄڻ تہ ڪڻي آھي.

وار سَنواري ويڙھي پنھنجا
پوءِ بہ ڏيندي هُوءَ ڦڻي آھي.

سِر تي اوڍي ڳاڙهي پوتي،
سُھڻي سُندر بي حد بڻي آھي.

سونھن سندس آڪاش مٿان آ،
يا ھُن جي مُرڪ ڇَڻي آھي.

ڪيئي جُڳ ويا هِن گذري،
ڪنھن ٻاگهل ڪونہ ڄڻي آھي.

اُلڪو هر هر فڪر اوهانجو

اُلڪو هر هر فڪر اوهانجو،
دل تي ساجن اثر اوهانجو.

ويل ڏُکي ۾ ارپيو يا رب!
جيڪو مليو شُڪر اوهانجو.

مارو ڏسندي مُرڪيا آھن،
ڇا تہ نظارو ڪڪر! اوهانجو.

گُل بي معنيٰ نيڻ پٿر هئا،
سونھن جتان ٿيو گُذر اوهانجو.

آئون سادو، سُودو ماڻھو،
مون لئہ ماڻو مڪر اوهانجو.

‘آس’ رُڳو تو ۾ مُنھنجي،
جيڪو آھي چڪر اوهان جو.

هُوءَ جا وينگس هاڻ سُتي آ.

هُوءَ جا وينگس هاڻ سُتي آ.
ڪچڙي جوڀن ساڻ سُتي آ.

سپنا سارون سانڍي سارا،
تنھا ڪنھن جي ڪاڻ سُتي آ.

منھنجي ڇاتيءَ جي بستر تي،
ساھُن جي سرهاڻ سُتي آَ

ڳالھيون ساري مُرڪي ويٺي،
اکڙين ۾ آلاڻ سُتي آ.

ڪو بہ نہ ڄاڻي نينگر ڪيڏي،
سانڍي دردن کاڻ سُتي آ.

پاڳل يادن سان جهيڙيندي،
ڪيڏو ٿي رت ڇاڻ سُتي آ.

رات کُٽي آ توکي ساري،

رات کُٽي آ توکي ساري،
باک ڦُٽي آ توکي ساري.

اوسيئڙي ۾ نيڻن مان ئي،
ماڪ وُٺي آ توکي ساري.

ڪارين ڪجلين اکڙين ۾،
تات لٿي آ توکي ساري.

تن ۾ تون موجود ٻي هر،
بات رُٺي آ توکي ساري.

تون ئي منھنجو سڀ ڪُجهہ،
عمر وڌي آ توکي ساري.

‘آس’ ! دڳن ۾ ديد وڃائي،
واٽ ڏٺي آ توکي ساري.

من جا مالڪ مٺا ماڻھو،

من جا مالڪ مٺا ماڻھو،
رات اسان کان رُٺا ماڻھُو.

رستا راهون اچڻ وڃڻ جون،
ويا ڪئين ڀُلائي سُٺا ماڻھو.

ياد اچڻ سان اکڙيون ڇُلڪيون،
لُڙڪ بہ ڪيڏا وُٺا ماڻھو.

دل جي نگري يار ڦِٽي وئي،
خواب خوشيون سڀ کُٽا ماڻھو.

چين نڪو آرام اچي ٿو،
ڪھڙي ڪارڻ ڪُٺا ماڻھو.

سڄڻ سان ديس سُونھي ٿو،

سڄڻ سان ديس سُونھي ٿو،
نڪو پرديس سُونھي ٿو.

بدن ڀوري مٿان ٺھڪي،
نرالو ويس سُونھي ٿو.

نہ ئي ريشم نہ ئي بخمل،
پرين کي کيس سُونھي ٿو.

مَڙهين ٿو سنڌ جي خاطر،
اهو هر ڪيس سُونھي ٿو.

اسانجي ‘آس’ تڙپائي،
وڇوڙو کيس سُونھي ٿو.

هوا ڪيڏو وڻن کي لوڏيو،

هوا ڪيڏو وڻن کي لوڏيو،
ڪچن آڀنوئن ڪڻن کي لوڏيو.

هلي ٿي قھر ڪڙڪي ٿو پوي،
ڌنارن جي ڌڻن کي لوڏيو.

سموري ٺوٺ ٿي وئي سُڪي،
ٻچيءَ ماءُ جي ٿڻن کي لوڏيو.

کولي وار پنھنجا واءُ ۾.
گهٽي ۾ ھُن گهڻن کي لوڏيو.

ملي منزل نڪو ئي ماڳ ڪو،
غريبي چند ڄڻن کي لوڏيو.

ھُن جي مُرڪڻ ماريو آھي،

ھُن جي مُرڪڻ ماريو آھي،
ٻارڻ دل تي ٻاريو آھي.

سُک ڇڏي مون سور سھي،
توکي ساجن ساريو آھي.

پنڌ اڙانگي پير پٿون ڪَري،
پوءِ بہ وچن مون پاريو آھي.

تُنھنجون مُرڪون ماڻڻ لئہ،
مايوسين کي ماريو آھي.

ٽھڪ نہ ايئن اُڏائي فضا ۾،
واءُ بہ دلبر ڌاريو آھي.

لھندڙ شام ڏسي گهوريان ٿو،

لھندڙ شام ڏسي گهوريان ٿو،
لُڏندڙ لام ڏسي گهوريان ٿو.

من کي منظر موهيندا ھِن،
ھُن جو گام ڏسي گهوريان ٿو.

نيڻ نياپا ڏيئي ويئي،
پرين پيغام ڏسي گهوريان ٿو.

مور ٽھوڪيا، ڊيلون ڊوڙيون،
آڌيگام ڏسي گهوريان ٿو.

عشق اکين ۾ اُتريو آھي،
جوڀن جام ڏسي گهوريان ٿو.

تون ئي ناهين پاڻ اسان سان،

تون ئي ناهين پاڻ اسان سان،
ڪھڙي دنيا ساڻ اسان سان؟

توبن هاڻي يار وڇوڙا،
ڀيڙا ھُوندا هاڻ اسان سان.

ڏُور پيو ڇو گهارين ساجن!
مُحبت ڪا تہ ماڻ اسان سان.

تنھنجي پويان جيون اونڌاھُ،
ناهي ڪا چانڊاڻ اسان سان.

سار رُڳو ٿي ساٿ نڀائي،
اکڙين جي آلاڻ اسان سان.

مُرڪون ڄڻ پن ڇڻ جي موسم،
دردن جي آ کاڻ اسان سان.

هر پل من ۾ ‘آس’ اهائي،
هاڻ نہ سينو تاڻ اسان سان.

هوءَ ڪنھن کي چاهي ويٺي،

هوءَ ڪنھن کي چاهي ويٺي،
پنھنجا حال وڃائي ويٺي.

ڪنھن جي ڪارڻ پنھنجا ڪُل.
لاڳاپا ئي لاهي ويٺي.

مايوسين جي عالم ۾ ئي،
هر هر غوطا کائي ويٺي.

مالڪ دل جو هڪڙو ئي هوءَ،
سُھڻو شخص بنائي ويٺي.

هانءُ مٿي هردم هورو ھُن جو،
پنھنجو پاڻ وڃائي ويٺي.

‘آس’ اچڻ جي اوسيئڙي ۾،
نيڻن _نير وهائي ويٺي.

ڪا رهاڻ ڪجي ٿوهر هيٺيان،

ڪا رهاڻ ڪجي ٿوهر هيٺيان،
ٻيھر ٻک وجهي ٿوهر هيٺيان.

ٻانھن ڪري ويھاڻو ھُن جي،
گهري ننڊ ڪجي ٿوهر هيٺيان.

هوءَ اچي جي کيس حياتي،
خيرات ڏجي ٿوهر هيٺيان.

ھُن جي ڇم ڇم ڇير وڄي ٿي،
ٿي پاڻ نچي ٿوهر هيٺيان.

ڏوري ڏيھہ اچي ٿو مون ۾،

ڏوري ڏيھہ اچي ٿو مون ۾،
تو لئہ پيار نچي ٿو مون ۾.

دل جي باغيچي ۾ ڍوليا!
تنھنجو نانءُ بچي ٿو مون ۾.

منھنجو جيون يار نھائين،
تنھنجو عشق پچي ٿو مون ۾.

ساري آءَ ڄڻ انڊلٺ تو ۾،
هڪڙو رنگ رچي ٿو مون ۾.

لاب لھو جا لانگا ڏسندي،
مُحبت مچ مچي ٿو مون ۾.

اوهانجي نظر ۾ چريا هُون اسان،

اوهانجي نظر ۾ چريا هُون اسان،
ڪري مُحبت ڄڻ کريا هُون اسان.

اوهانجي دڳن ۾ نگهاھُون سدا،
سڄو ڏينھن ڪيڏا ٻريا هُون اسان.

اوهان لئہ ڏُکن ڏوجهرن جا گهڻا،
پرين! تار درياھُ تريا هُون اسان.

دنيا ۾ ڪٿي ڪين پاتو سُڪون،
وري نيٺ توڏي وريا هُون اسان.

اسان کي وطن جا وڻن ٿا وٿاڻِ،
وڏي سَر چئون ٿا ٿريا هُون اسان.

سڄي رات سرَدي، سنڀارون ھُيون،
ڊسمبر ۾ ڪيڏو ٺريا هُون اسان.

تون ايئن نہ نظرون ڦير پرين!

تون ايئن نہ نظرون ڦير پرين!
آ توبن منھنجو ڪير پرين!

رستا ڪن ٿا رقص جڏھن تون،
پائي گهمين ٿي ڇير پرين!

مُدتن کان من ماندو آھي،
پائي اڱڻ تي تون پير پرين!

پاڻ فقيرن رکيو ناهي،
دل ۾ ڪنھن لئہ وير پرين!

صُوفي ٻيرن کان بہ مٺا ھِن،
تنھنجا ڳاڙھا ٻير پرين!

مُرڪي ‘آس’ اڱڻ ۾ ڪائي،
درد مليا هِن ڍير پرين!

اها رات ڪيڏي انڌاري ھُئي،

اها رات ڪيڏي انڌاري ھُئي،
بنا تو مٺا مون گُذاري هُئي.

رڳو يار تنھنجا ڏٺم خواب ٿي،
ٻي دنيا سڄي مون وساري ھُئي.

اکين منجهہ آڙنگ وڇوڙي ڪيا،
پرين! مُند من جي ملھاري ھُئي.

ڏي چند گهڙين جي تو چاهت مگر،
اسان عمر اُن تان بہ واري ھُئي.

ياد ستائي، سانجهيءَ ٽاڻي،

ياد ستائي، سانجهيءَ ٽاڻي،
ڏيل ڏُکائي، سانجهيءَ ٽاڻي.

چنڊ اُفق تي چمڪي ويتر،
من کي گهائي، سانجهيءَ ٽاڻي.

ڪنھن جي ڪارڻ هڪڙو مالھي،
گُل کپائي، سانجهيءَ ٽاڻي.

اوسيئڙو ٿو ڪريان آئون،
ديپ جلائي، سانجهيءَ ٽاڻي.

توکي ساجن ساريان سِڪ مان،
نير وهائي، سانجهيءَ ٽاڻي.

ايندين آخر ويٺو آهيان،
آسّ لڳائي، سانجهيءَ ٽاڻي.

اوهانکي سنڀاري، ٿڪا نيڻ آھن.

اوهانکي سنڀاري، ٿڪا نيڻ آھن.
اکين آب هاري، ٿڪا نيڻ آھن.

اوهان جي اچڻ ۽ وڃڻ جا خُدارا،
سڀئي دڳ نِھاري، ٿڪا نيڻ آھن.

ڪيون سين رهاڻيون گهڻيريون سي،
ٺڪاڻا ٻُھاري، ٿڪا نيڻ آھن.

جڏھن ڄامشوري ۾ جوڙا ڏٺاسين،
اوهانکي پُڪاري، ٿڪا نيڻ آھن.

پيو چنڊُ مُرڪي اُداسي وَڌي وَئي،
رڳو دل ڌُتاري، ٿڪا نيڻ آھن.

وري اڄ اکين ۾ نما شا۾ آھي،
رهياسين ڪناري، ٿڪا نيڻ آھن.

سفر ۾ سدائين رهي سانوريءَ سان،
سوين سجُ اُڀاري، ٿڪا نيڻ آھن.

زماني ۾ تنھا رهي ‘آس’ ٿو،
ڏُکيا ڏينھن گهاري، ٿڪا نيڻ آھن.

ماڳن تي هِن مينھنَ وُٺا،

ماڳن تي هِن مينھنَ وُٺا،
ٿي پيا هاڻي ڏينھن سُٺا.

توبن منھنجا ساجن مون،
سُور سَوين هر وار سَٺا.

ڍنڍ مٿي جيئن لھن پکي،
تئين هِن دل تي درد لٿا.

مومل وانگي مونکان ھِن،
روحَ جا راڻا رات رُٺا.

ڪيئن الائي ٽوڙي وئين،
جنم جنم جا موھَ مِٺا.

تولئہ روئي ٿڪيون اکيون،

تولئہ روئي ٿڪيون اکيون،
ڳلڙا ڌوئي ٿڪيون اکيون.

ڪھڙي ڏِس کان ايندي سجني،
چئوڏس جوئي ٿڪيون اکيون.

هر پل تنھنجي راھَ تڪيندي،
نور نچوئي ٿڪيون اکيون.

ٿاڪ ٺڪاڻا پنھنجا ڳولي،
نيٺ سڀوئي ٿڪيون اکيون.

اوجاڳن جي اُڻ تُڻ ۾ ئي،
راتيون سوئي ٿڪيون اکيون.

تنھنجي ‘آس’ ۽ اوسيئڙي ۾،
ڪين سگهوئي ٿڪيون اکيون.

وينگس هڪڙي وڻي وئي آ،

وينگس هڪڙي وڻي وئي آ،
مُرڪي دلڙي کڻي وئي آ.

نيڻ ملائي نيڻن سان هوءَ،
ڀالو من ۾ ھڻي وئي آ.

منھنجا چين قرار سمورا،
سارين وانگر لُڻي وئي آ.

هُن جي ڪاڻ سندائين سوچان،
جادو اهڙو هڻي وئي آ.

مُحبت ماڻي ڪون سگهياسين،
گُلڙن وانگر ڇڻي وئي آ.

مالڪ منھنجي ‘آس’ پُڄائي،
دل جي ٿي هوءَ ڌڻي وئي آ.

سونھن ڌڃاڻي سکي آئي،

سونھن ڌڃاڻي سکي آئي،
ٻھہ ٻھہ ٻرندي ٻکي آئي.

ڪاوڙ، ڪُلفت، ڪُدورت ۽،
سڀ رُساما رکي آئي.

ماکيءَ جھڙو مِٺو لھجو،
رس گُلن جو چکي آئي.

ڏُور ڏُکيري منزل ماڻي،
پاڻ بچائي پکي آئي.

پنڇيءَ وانگي هوءَ ڀي اڄ،
تيز اُڏامي تکي آئي.

هڪڙي نار رڻ ڪنڌيءَ تان،

هڪڙي نار رڻ ڪنڌيءَ تان،
ڏوريا ڏار رڻ ڪنڌيءَ تان.

مھڪائي وئي ڳوٺ سڄو،
ڇنڊي وار رڻ ڪنڌيءَ تان.

گهايل ڳڀرو گهايا ڪيئي،
اڇلي نھار رڻ ڪنڌيءَ تان.

هُن جي صورت سيرت جا،
پڌرا پار رڻ ڪنڌيءَ تان.

ڪارين ڪجلين اکڙين سان،
ماري مار رڻ ڪنڌيءَ تان.

‘آس’ اوسيئڙا، باقي ڏينھڙا،
گوڏي گهار رڻ ڪنڌيءَ تان.

اچ انگوري اچ اسان ۾،

اچ انگوري اچ اسان ۾،
ڇيرون پائي نچ اسان ۾.

مان ٿو بڻجان رانديڪو،
ساري بڻجي رچ اسان ۾.

مُحبت جو آڙاھ سکي ٿي،
ڀڙڪا ڏئي مَچ اسان ۾.

لوڪ چئي تي ڌار نہ ٿيءُ،
ڪھڙو آھي ڪچ اسان ۾.

تون ئي پاڪ پويتر آھين،
عيب تہ آھن ڳچ اسان ۾.

جڳُ جهڪائڻ کان قاصر آ،
‘آس’ لِڪل آ سچ اسان ۾.

بارش ٿر کي ڌوئي ڇڏيو،

بارش ٿر کي ڌوئي ڇڏيو،
ڏھر ڏھر کي ڌوئي ڇڏيو.

ڪڪرن ڀال ڀلائي پنھنجو،
ڏُرت ڏُڪر کي ڌوئي ڇڏيو.

ھُن جي ياد ڏياري بادل،
دل جي گهر کي ڌوئي ڇڏيو.

ماڳ سمورا مُرڪيا آھن،
ساري تر کي ڌوئي ڇڏيو.

هوءَ جا پير ڀري ھُئي پُھتي،
دلبر دل کي ڌوئي ڇڏيو.

‘آس’ ! خدا احسان ڪري ڏس،
ڪارونجهر کي ڌوئي ڇڏيو.

ڪنھن کي ساري روئي ويٺي،

ڪنھن کي ساري روئي ويٺي،
راھ نِھاري روئي ويٺي.

ڪيڏا طعنا اثر رکن ٿا،
عشق جياري روئي ويٺي.

نيڻن ۾ ڪو منظر ناهي،
پاڻ سنواري روئي ويٺي.

چنڊ بہ توکي ساڻ نہ آندو،
آڌيءَ ڌاري روئي ويٺي.

هٿ تان هنجو نانءُ مٽائي،
نانءُ اُچاري روئي ويٺي.

ڏيئن وانگي ‘آس’ اُجهائي،
شام ڪناري روئي ويٺي.

ڪا حُور وئي پي لاريءَ ۾،

ڪا حُور وئي پي لاريءَ ۾،
ڄڻ گُل رکيل ھا کاريءَ ۾.

ھُن وارن مان جو پِن ڪڍي،
ٿِي خوشبوءَ ٽاريءَ ٽاريءَ ۾.

هو مُک سندس ميران جھڙو،
۽ ڇا سُندرتا ناريءَ ۾.

ھُن ڏيڍي اک سان جو ڏٺو،
آ ڪھڙو ڪنھن جي ٻاريءَ ۾.

هي ‘آس’ ايئن ئي ڀٽڪي ٿو،
ڄڻ جوڳيئڙو ٿر واريءَ ۾.

واسينگن کي ويڙھي آئي،

واسينگن کي ويڙھي آئي،
نانگن کي ڄڻ ڇيڙي آئي.

مايوسين کي نيٺ مِٽائي،
جڳ جون مُرڪون ميڙي آئي.

راھُن منجهہ رقيبن سان هُوءَ،
جنگ ڪري ۽ جهيڙي آئي.

ماضي منجهہ گُذاريل مون سان،
سارون سڀ سھيڙي آئي.

مُحبت وارا مينھن وسائي،
‘آس’ ڏي آخر نيڙي آئي.

زلف ڪارا ۽ سڳي خوبصورت،

زلف ڪارا ۽ سڳي خوبصورت،
هڪ حَسينہ کي لڳي خوبصورت.

رقص چانڊوڪيءَ ڪيو تو سکيءَ سان،
وجد ۾ پايل وڳي خوبصورت.

ٻانھن ھُن جي ڪنھن الائي مروڙي،
اوچتو چوڙي ڀڳي خوبصورت.

ناز قاتل ۽ ادائون بہ ڪافر،
دل ڦُرڻ جي آھي ٺڳي خوبصورت.

ڏين متان تون ‘آس’ کي ڪو وڇوڙو،
زندگي توسان تڳي خوبصورت.

اُڏاري ھُن جا چُني بارش ۾،

اُڏاري ھُن جا چُني بارش ۾،
ٻکن سان گڏ ٿي ڀني بارش ۾.

هلائي هٿڙا ڪيا قھر ڪيئي،
اچانڪ ڇِرڪي ڇِني بارش ۾.

ڪيا بادل ويس ڪارا وسڻ جا،
ھُئي هيڪلڙي ڊِني بارش ۾.

گهٽائن سان گڏ گهمي وار ڇوڙي،
الائي ڪنھن جي وني بارش ۾.

مينھوڳي رُت جا ڏسي ڏيک سارا،
اچانڪ اکڙي ڀني بارش ۾.

سانوڻ آيو تون بہ اچين ها.

سانوڻ آيو تون بہ اچين ها.
ڳوٺ ڏسين ها ڏھر ڏسين ها.

ڇا تہ ھوا ۾ آھي اُڏري،
ٿورو ترسي مھڪ وٿين ها.

هيل وطن جا رنگ رتان وان،
منھنجي اک سان ڪٿ ڪرين ها.

وينگس پائي ڇم ڇم پايل،
مورن وانگي هيل نچين ها.

مينھن وڇوڙا ماري وجهندا،
دل جي دلبر ڳالھہ رکين ها.

‘آس’ اُميد اسانجي آھي،
برکا رُت ۾ ساڻ ھُجين ها.

سنجها جو پکين جون اُڏارون وريون

سنجها جو پکين جون اُڏارون وريون،
ولر ٿي وڻن ڏي قطارون وريون.

سُئا سڏ نہ واڪا وطن جا ڪنھن،
ڀتين ساڻ ٽڪري پُڪارون وريون.

ويون خواب منھنجا خزائون کڻي،
تِھان پوءِ آهن بھارون وريون.

ڪٿي ننڊ آئي ھُئي ‘آس’ کي،
ستارن جيان ٿي سَنڀارون وريون.

چاھُ ۾ ھوءَ چري ھُئي،

چاھُ ۾ ھوءَ چري ھُئي،
هيڪلي ڇوڪري هئي.

پاڻ لئہ آئيني جيان،
ڪنھن گهر جي دري ھُئي.

جوڙ ھُن جو ھُيو نہ ڪو،
جنت جي ھُوءَ پري ھُئي.

ھُن جُدائيءَ جي جنڊَ تي،
دل سندم هي ڏري ھُئي.

ھُن سوا ڪا گهڙي ڪٿي،
‘آس’ منھنجي سري ھُئي.

اوهانجي شھر جي سانجهي،

اوهانجي شھر جي سانجهي،
صفا آ قھر جي سانجهي.

جهڙالا نيڻ برسيا پئي،
اکين ۾ سحر جي سانجهي.

اڪيلي ٿي لڳي لوڪو!
سڄي هي زهر جي سانجهي.

ڇُھي ڇوليون ڏنم لوليون،
لڳي هر لھر جي سانجهي.

ڏياري ياد ھُن جي پئي،
اڳوڻي پھر جي سانجهي.

اسان وٽ ريٽ اُڏري پيو،
هتي آ بحر جي سانجهي.

اکين ۾ ‘آس’ آرس آ،
رُڳي آ ڳھر جي سانجهي.

منھنجي ڌرتي پياري آهي،

منھنجي ڌرتي پياري آهي،
ساري جڳ کان نياري آھي.

ڪاڇو، ٿر ۽ لاڙ اُتر ھُو،
ساري ڀونءِ ڀلاري آھي.

سچل، سامي، شاھُ ڀٽائي،
پرت وطن سان پاري آھي.

منھنجي سنڌ سڄي سورن ۾،
وسري عيد، ڏياري آھي.

جنھن بہ وير رکيو وطن سان،
تنھن جي قيامت ڪاري آھي.

ڇوڪريون اڻ ڳڻيون ڳوٺ ۾،

ڇوڪريون اڻ ڳڻيون ڳوٺ ۾،
ڪو نہ تو رِيءَ وڻيون ڳوٺ ۾.

ڳالھيون ڪي نہ ئي هو ذِڪر،
ماٺ ۾ ڪُل ڄَڻيون ڳوٺ ۾.

ڪا دِلي ٿي ڪُڏي ٻانھن تي،
چُوڙيون سڀ ڇِڻيون ڳوٺ ۾.

جَرڪيون ٿي ٽِڪون گجَ تي،
تو ھُيون جي اُڻيون ڳوٺ ۾.

تو لئہ رات برسي ويون،
مينھن جون ڪي ڪڻيون ڳوٺ ۾.

‘آس’ ويري اُميدون سندم،
تو سوا رهن بڻيون ڳوٺ ۾.

ڇوڪري هوءَ ملي اِهڙي طرح.

ڇوڪري هوءَ ملي اِهڙي طرح.
ٿي وئي خوش کِلي اِهڙي طرح.

ھُئي ملڻ کان مھانگي ليڪن،
پر اچانڪ جهلي اِهڙي طرح.

سونھن! توتي فدا تونگر هُئا ڪي،
ڳالھُه تنھنجي گهلي اِهڙي طرح.

ڏُور تون ڏِسڻ کان آھين جئين،
دُور مون کان دِلي اِهڙي طرح.

هر ادا ھُن حَسينہ جي ڏِس!
مور وانگي ٽِلي اِهڙي طرح.

‘آس’ سان ويھُہ تون ويجھڙي،
روحَ کي ڪر رلِي اِهڙي طرح.

سڄي جڳ ڪنان آ سُٺي مُون ۾،

سڄي جڳ ڪنان آ سُٺي مُون ۾،
رهي ٿي اُها ئي مِٺي مُون ۾.

ڀني مينھن ۾ رات جيڪا ھُئي،
اها ئي تہ آھي وُٺي مُون ۾.

رُسي زندگي وئي ھُئي مون کان،
رُڳي رات هڪ ھُو رُٺي مُون ۾.

کُليا تاڪ دلين سندا آهن،
جڏھن لوڪ ھُن کي ڏٺِي مُون ۾.

آڌيءَ ٽاڻي ٿي ڇرڪائي،
پيار مان لکيل آ چٺي مُون ۾.

مٽي جي گهر وندن جيان آھي،
ٺھي ۽ وري ھُو ڊٺي مُون ۾.

وَئي ٻانھن جي ھُو وراڪن مان،
مگر ساھُ ۾ آ ڪٺي مُون ۾.

عشق جي اُماڙي ڏني اهڙي،
دُکي سار جي پئي بٺي مُون ۾.

يار هي تنھنجو کِلڻ ٿيو اوچتو،

يار هي تنھنجو کِلڻ ٿيو اوچتو،
پوءِ ئي پنھنجو ملڻ ٿيو اوچتو.

پاڻ ھڪڙي ئي بتيلي ۾ پرين!
هڪ ئي رستي هلڻ ٿيو اوچتو.

هو سنڌو ڪنٺ تي هٿڙا جهلي،
شام جو دلڪش رُلڻ ٿيو اوچتو.

بخملي بدن تنھنجو مھُڪي پيو،
۽ ھٿن ۾ ھٿ جهلڻ ٿيو اوچتو.

‘آس’ جي ٿي آس اڄ آ ساڀيان،
ھمسفر تنھنجو اچڻ ٿيو اوچتو.

ڀِٽ تان ڀَٽڪي هاڻ پُڳي آ،

ڀِٽ تان ڀَٽڪي هاڻ پُڳي آ،
پيروُن چُونڊي پاڻ پُڳي آ.

ست رنگيلا ويس سجائي،
جيڏين، سرتين ساڻ پُڳي آ.

ڏينھن تتي جو سھڪي سھڪي،
هاءِ ڪنھن جي ڪاڻ پُڳي آ.

بارش جي آ مھڪ هوا ۾،
اوڀر کان لالاڻ پُڳي آ.

هوءَ جا پُھتي ڪاجل پائي،
چوڌاري چانڊاڻ پُڳي آ.

ايڏيون خوبيون اُن ۾ مھڪن،
هيرن جي ڪا کاڻ پُڳي آ.

مورن جھڙي وِک تان صدقي،

مورن جھڙي وِک تان صدقي،
سُرمئي واري اک تان صدقي.

ٿا مُرڪي پوپٽ واس وٺن،
گُلڙن جھڙي مک تان صدقي.

احساس اکين ۾ جرڪي پيا ھِن،
ھُن جي ٻانھن ۽ ٻک تان صدقي.

ٻاروتڻ ۾ چونڊي رکيئي،
مور پکيءَ جي پک تان صدقي.

اونھاري ۾ ساڙي ھُن کي،
ڪئين ٿيان ان جک تان صدقي.

ٿڌ ڀِٽُن تي تاري آھي،

ٿڌ ڀِٽُن تي تاري آھي،
ڪيڏي برف_باري آھي.

ها هوءَ ايندي سانجهي ٽاڻي،
رات اڃا ڀي ڪاري آھي.

تنھاين ۾ ڏيل ڏڪي ٿو،
ڄڻ تہ بدن ۾ آري آهي.

اج تہ ڪو گبرو ڳولي لھجي،
ساھُن ۾ جو ٺاري آهي.

ڳوٺ سڄي جا منظر مھڪيا،
لاريءَ ۾ ڪا ناري آھي.

‘آس’ اڌورو ٿي ويو آھي،
دلڙي ڪنھن نہ ڌُتاري آھي.

هر روز ملڻ فرض اسان کي،

هر روز ملڻ فرض اسان کي،
وِجهہ نہ وڇوٽي قرض اسان کي.

اُڀ اڳئي آھ وَڙتيو پر،
زور ڀري ٿي ارض اسان کي.

هڪڙي تنھنجي ھُجت اکين تي،
ٻي جي ناهي غرض اسان کي.

جنھن پل چاهين حُڪم ڪجان تون،
ڀُلجي نہ ڪجان عرض اسانکي.

تارن کي تڙپائي نڪتي،

تارن کي تڙپائي نڪتي،
چھرو چنڊُ سجائي نڪتي.

نيڻ ڪٽاريون ڪجلا کڻندي،
دليون ڪي ئي گهائي نڪتي.

لوڏي ٻانھون ڳالھہ ڪري ڪا،
چوڙين کي ڇڻڪائي نڪتي.

ھُن جا جهوٽا ٻير کڻان ٿو،
مصري ماکي لائي نڪتي.

هر هڪ منظر ڊوڙي ھُن ڏي،
خود کي ڇا تہ بنائي نڪتي.

‘آس’ اُميد سلامت رهندي،
اهڙا نيڻ ملائي نڪتي.

حُسناڪ حُورن کان ڀلي مون سان،

حُسناڪ حُورن کان ڀلي مون سان،
مُدتن کان پوءَ ملي مون سان.

ايئن لڳو ٿي ڏينھن اچي ياد ويس،
جڏھن هُوءَ ھَلي مون سان.

ننڊ ۾ محسوس ڪيم مھڪ ڪا،
وئي واسي من جي ڳلي مون سان.

کير ٿر جي پياس ھُئي پلٽي،
جڏھن ھُن پنھنجي ڪٿا سلي مون سان.

ڪا جهانجهر پي وڳي مون ۾،

ڪا جهانجهر پي وڳي مون ۾،
دل منھنجي ٿي تڳي مون ۾.

اندر ھو آئينو منھنجو،
نہ ھُئي ڪائي ٺڳي مون ۾.

ملھاري روحَ مٿان برسي پئي،
تو آرس تڏھن ڀڳي مون ۾.

اُکيڙي ڪون سگهيو ڪوئي،
ھُوءَ ميخن جئين لڳي مون ۾.

ٿي رقص ڪري پئي جانان،
تنھنجي ساڳي ئي سڳي مون ۾.

سار اوهانجي هرڻيءَ وانگي،
‘آس’ ڊُڪي، ڊوڙي پُڳي مون ۾.

سمنڊ ۾ ڏِس پيون ترن ڇوڪريون،

سمنڊ ۾ ڏِس پيون ترن ڇوڪريون،
دير تائين ٿيون ڄڻ ٺرن ڇوڪريون.

ڇيڪ هي سمنڊ جون ڇوليون رقص ۾،
پو بہ واپس نٿيون ورن ڇوڪريون.

آزيون نيازيون مڃن ئي ڪين ٿيون،
کيت خوابن سندا پيون چرن ڇوڪريون.

ڌڻ نہ ڪو آ ڌڻي سڀ ڪنارا سُڃا،
ريءَ ميھار ڇو پيون مرن ڇوڪريون.

ڳوٺ جا ڇوڪرا ڪون ڄاڻي سگهيا،
سانوڻي ۾ بہ ڇو پيون ٻَرن ڇوڪريون.

‘آس’ ناهن سڏيون پو بہ گڏ پيون هلن،
دڳ گهڻا ھِن نٿيون پر ٽرن ڇوڪريون.

تنھنجون ڳالھيون ساري سائڻ!

تنھنجون ڳالھيون ساري سائڻ!
توکي ڪير وساري سائڻ!

وقت ڀلين پيو ڏُکيو گُذري،
دل تان ڪير اُتاري سائڻ!

هڪ هڪ آڻي آڳيٺي ۾،
خطڙا ڇو ٿي ٻاري سائڻ!

پنھنجي گهر جي آڏو مون لئہ،
ڪانگل روز اُڏاري سائڻ!

قاتل ڪارا ڪاڪُل پنھنجا،
خوب ڪُلھن تان واري سائڻ!

‘آس’ اڃا ڀي اوسيئڙي ۾،
ويلا پو ڀي ٽاري سائڻ!

هو مُرڪي ڀرمان مَٽي وئي آ،

هو مُرڪي ڀرمان مَٽي وئي آ،
اِشارن سان دلڙي جهٽي وئي آ.

دليون کٽڻ جو ھُنر ٿي ڄاڻي،
تڏھن ڏينھن وڏي کٽي وئي آ.

مون کان منھنجو پاڻ کسي،
مون ۾ پاڻ لٽي وئي آ.

هو وارن جي خوشبوءَ سان ئي،
واسي هر ڪا گهٽي وئي آ.

قرب توسان ڪيان، تون جي چاهين پرين!

قرب توسان ڪيان، تون جي چاهين پرين!
ميتُ تنھنجو ٿيان، تون جي چاهين پرين!

تندُ تنھنجي تپي، جند منھنجي جهپي،
مان مري ڀي جيان، تون جي چاهين پرين.

سمنڊ جي مست ڇولي جيان تون ڇُلين،
آئون ڏوڪي پيان، تون جي چاهين پرين.

نيڻ تنھنجا ننگا، آئون اوڍي سُمھان،
ڏيھُه تن مان ڏسان، تون جي چاهين پرين.

خواب تنھنجا سکي شل پسن ساڀيان،
چنڊُ لاهي ڏيان، تون جي چاهين پرين.

‘آس’ آھي اِھا ڪاش! تنھنجو ڪڏھن،
ٻانھن_ٻيلي ٿيان، تون جي چاهين پرين.

ڪيڏي پياري لڳندي آھين،

ڪيڏي پياري لڳندي آھين،
پايل پائي ايندي آھين.

مونکي وکريل وارن وانگي،
روز سنواري ويندي آھين.

هڪڙي پل ۾ حُب هيڪاندي،
ڀاڪُر پائي ڏيندي آھين.

منھنجي من کي واسڻ خاطر،
گُل گُلابي ٿيندي آھين.

ڳائي گيت وصل جو جانان،
دل کي دل سان ڇُھندي آھين.

ڪَجرارين ۾ ڪجل پائي،
صبح سانجهي ڪُھندي آھين.

تنھنجا ٽھڪ وڄُ وراڪا ھِن،
کينچل ڪندي کلندي آھين.

ٻارن وانگي ڪاوڙ تنھنجي،
پل ۾ پرچي ملندي آھين.

منھنجي من_نگر جي ڍنڍ تي،
آڙي وانگي اُڏندي آھين.

سڏُ اسان جا ورنائي،
پاڻ کڻائي پُڄندي آھين.

ڳالھہ وڇوڙن واري ٻُڌندي،
‘آس’ اندر ۾ روئيندي آھين.

غم ڌنڌوڙي ڇاڻي ڇڏ تون،

غم ڌنڌوڙي ڇاڻي ڇڏ تون،
مُرڪ چپن تي آڻي ڇڏ تون.

مھڪ خيالن جي ڪا کيڙي،
اعليٰ رُتبا ماڻي ڇڏ تون.

مند ملڻ جي آئي آھي،
يار رُساما هاڻي ڇڏ تون.

چھري چنڊُ گُلابيءَ تي تون،
واڻ ڇڳُن جا واڻي ڇڏ تون.

مايوسين آ من کي گهيريو،
آٿت ڪا تہ اُماڻي ڇڏ تون.

رولاڪ اکين کي ‘آس’ ٽِڪائي،
هائي ڪنھن تہ ٺِڪاڻي ڇڏ تون.

تون ٿي چاهين رول رستن تي رُلان،

تون ٿي چاهين رول رستن تي رُلان،
تون ٿي چاهين گول رستن تي رُلان.

زندگي ناچو جيان المست آ،
مان پکيڙي جهول رستن تي رُلان.

آدمي خاموش ٿيندو ٿو وڃي،
ٻُڌ پکين جا ٻول رستن تي رُلان.

واعده سپنا ڦڻيون رومال ۽،
ڪُجهہ وڃايم قول رستن تي رُلان.

مان گلي ۾ مُنتظر آھيان اُڀو،
وار پنھنجا کول رستن تي رُلان.

روپ هر رنگ ۾ تون وڻين ٿي وڻين،

روپ هر رنگ ۾ تون وڻين ٿي وڻين،
ساھ جي سنگ ۾ تون وڻين ٿي وڻين.

ويس ڪارو ڪرين يا ڀلين ڪو ٻيو،
هر نئين ڍنگ ۾ تون وڻين، ٿي وڻين.

مون کي قيدي ڪري ٿي ڇڏين او مٺي!
وار جي ونگ ۾ تون وڻين، ٿي وڻين.

تو ۾ چارڻ وسن ٿا ڪئي او چري،
چاھ جي چنگ ۾ تون وڻين ٿي وڻين.

تنھنجون چنچل ادائون وڻيون چنڊ کي،
ڀورڙي انگ ۾ تون وڻين ٿي وڻين.

تنھنجي اک جي اشاري تہ گهايل ڪيو،
هڻ انھيءَ ڏنگ ۾ تون وڻين، ٿي وڻين.

منھنجي محبت جي سرحد کان پرتي نہ وڃ،
دل سندي دنگ ۾ تون وڻين ٿي وڻين.

هير ٿڌڙي وري تون ڪٿي آن پرين!

هير ٿڌڙي وري تون ڪٿي آن پرين!
مُند آھي ٺري تون ڪٿي آن پرين!

بند آھي پيل، گهر سمورو پرين،
آ کليل دل دري تون ڪٿي آن پرين!

تو سوا هي ڳليون وڻ پکي ۽ وليون،
مند ٿي آ چري تون ڪٿي آن پرين!

دل سنديون ڌڙڪنون ساٿ ٽوڙين پيون،
ڳالھہ آھي ڳري تون ڪٿي آن پرين!

مون ڪنارا سنڌو جا سدا پئي پڇيا،
او مٺي جل پري تون ڪٿي آن پرين!

ساھ سڪرات ۾ پڻ لڇي پئي پڇيو،
‘آس’ ايندو وري تون ڪٿي آن پرين!

اکين ئي اکين ۾ رکيو ٿي ڇڏين تون،

اکين ئي اکين ۾ رکيو ٿي ڇڏين تون،
نھاري نظر سان ڪکيو ٿي ڇڏين تون.

ڪري هار ٻانھون، رکي ڪنڌ ڪلھي،
ٻکن سان ٻکن ۾ ٻکيو ٿي ڇڏين تون.

ٽُٽل لير جھڙي حياتي پرين تون،
سُڌاري سنواري بکيو ٿي ڇڏين تون.

گلابن جو پاڻي لڳائين ٿي پرين تون،
پياري بدن تي مکيو ٿي ڇڏين تون.

مٺي جا تہ ميٺاڄ جيڪي بہ آھن،
سڀن کان اول سي چکيو ٿي ڇڏين تون.

ڪارونجهر جو ڪَر پي مُرڪيو،

ڪارونجهر جو ڪَر پي مُرڪيو،
ڀوڏيسر جو ڀر پي مُرڪيو،

هُن جي پير ڌرڻ سان ئي،
سارو شھر نَگر پي مُرڪيو.

يوسف راڳ ملھاري ڇيڙيو،
ڪاسِبي جو تر پي مُرڪيو.

مون سان هُن جي ياد ڪٺي هُئي،
سارو ڄڻ تہ سفر پي مُرڪيو.

نگراڻي جا منظر پسندي،
منھنجو من اندر پي مُرڪيو.

پُوڄارڻ پي گهنڊ وَڄايا،
گوڙيءَ جو مندر پي مُرڪيو.

وِجهي ھار- ڀاڪر ڀرين ٿي، وڻين ٿي،

وِجهي ھار- ڀاڪر ڀرين ٿي، وڻين ٿي،
ڊگها وار ڇوڙي ورين ٿي، وڻين ٿي.

جسم، جانَ پنھنجي، پرين! تون مُنھنجي،
جڏھن ڀي حوالي ڪرين ٿي، وڻين ٿي.

انائون بہ ماري، رُساما وساري،
اڱڻ تي قدم تون، ڌرين ٿي، وڻين ٿي.

ڀِڄائي بدن کي، وڏي ڪنھن لھر مان،
نما شام مون سان ترين ٿي، وڻين ٿي.

ٿڌي رات ٿر جي، هجون پاڻ تنھا،
ٻکن ۾ ٻَرين ٿي، ٺرين ٿي، وڻين ٿي.

نہ من تان لھين ٿي، نہ دل تان ڊهين ٿي،
صدا تون بہ دل ۾ رهين ٿي، وڻين ٿي.

وساري ڇڏيو تو اِهو سوچيو مون،
مگر پو بہ مون لئہ مرين، ٿي وڻين ٿي.

اسانکي وساري ڇڏين ٿي، ڀلين ڇڏ،

اسانکي وساري ڇڏين ٿي، ڀلين ڇڏ،
۽ دل تان ڌڪاري ڇڏين ٿي، ڀلين ڇڏ.

اسين نانءُ تنھنجي سڏائي سڏايون،
پرين تون اُتاري ڇڏين ٿي، ڀلين ڇڏ.

اوهان جي اڱڻ تي پکي ٿي لٿي دل،
انھي کي اُڏاري ڇڏين ٿي ڀلين ڇڏ.

مٺي ميڙ محفل اتان ئي اچانڪ،
اسان کي اٿاري ڇڏين ٿي ڀلين ڇڏ.

اڪيلو ڪرين پئي مٿان مست موسم،
ندي جي ڪناري ڇڏين ٿي، ڀلين ڇڏ.

نٿي دل لڳي تو سوا ‘آس’ جي پر،
غمن جي سھاري ڇڏين ٿي، ڀلين ڇڏ.

تنھنجون ڳالھيون ماري وجهنديون،

تنھنجون ڳالھيون ماري وجهنديون،
مون جي پاليون ماري وجهنديون.

تنھنجو ڳوٺ بہ جام پري آ،
پيرن ڇاليون ماري وجهنديون.

پاڻ تہ مُور نہ ڌار ٿينداسين،
جڳ جون چاليون ماري وجهنديون.

شال مَ ٿئي ڪو پري ڀي پيارو،
اکيون آليون ماري وجهنديون.

هن جو هر هڪ حُڪم مڃان پر؟
ڪن جون واليون ماري وجهنديون.

او مومل! ائين نہ ماڻو ڪر،

او مومل! ائين نہ ماڻو ڪر،
هر وقت پئي راڻو راڻو ڪر.

وري ننڊ اچي ڪا راحت جي،
تون ٻانھن ورائي وهاڻو ڪر.

اڄ ڏينھن تتل آ آرهڙ جو،
مون وٽ ترسي ٿڌو ٽاڻو ڪر.

تون ڦول ڦڳائي چاهت جا،
ائين عشق نہ منھنجو ساڻو ڪر.

مان توکي ڳولي آهيان ٿڪو،
منھنجي دل ۾ ھاڻ ٺڪاڻو ڪر.

ڪي مينھن وسائي مرڪن جا،
سائو دل جو تون امراڻو ڪر.

توکي چاهڻ لڳيس آئون،

توکي چاهڻ لڳيس آئون،
دل سان ڀائڻ لڳيس آئون.

تون بہ ويجهڙي جيئن آئين،
سيني لاهڻ لڳيس آئون.

من ۾ غيرن جي گهرن کي،
ڀوري ڊاهڻ لڳيس آئون.

ڪنھن موڙ ٿي گڏيا جيئن،
ڀاڪُر پائڻ لڳيس آئون.

تو ٽھڪ ڏنا ٿي مورن جيان،
۽ غزل ڳائڻ لڳيس آئون.

تون گوڏي سُتين ۽ تنھنجا،
ڪاڪُل ٺاهڻ لڳيس آئون.

تو ٺاريو آ من کي اهڙو،
من ۾ راھن لڳيس آئون.

تنھنجي مُک تي ڀُلجي آيل،
ڀوئنر ٽاهڻ لڳيس آئون.

تون ڀي ڪا تہ شيءَ ھُئين،
جنھن کي کائڻ لڳيس آئون.

ياد ٿي هُو اچي، نينگري ڳوٺ جي

ياد ٿي هُو اچي، نينگري ڳوٺ جي،
روح ۾ ٿي رچي، نينگري ڳوٺ جي.

ڀاڪُرن ۾ ڀري جيئن ٿي ھُو ملي،
تيئن ٿي ھُو مچي، نينگري ڳوٺ جي.

سونھن آ ھُو بہ هُو چوڏهين جو چنڊ،
شل نظر کان بچي، نينگري ڳوٺ جي.

ٿي ڪري هٺ خدا جي ڏنل سونھن تي،
رقص ۾ ٿي نچي، نينگري ڳوٺ جي.

سونھن ۾ آ صفا ڪنھن پري جي مثل،
پر وجهي ٿي ڏچي نينگري ڳوٺ جي.

ڌار ٿي سوچ ۾ گم رهي ٿي سدا،
پر ٻڌم ٿي پچي نينگري ڳوٺ جي.

خودڪشي ٿي ڪَري، نينگري ڳوٺ جي،

خودڪشي ٿي ڪَري، نينگري ڳوٺ جي،
ڪنھن لئي ٿي مَري، نينگري ڳوٺ جي.

ياد جنھن جي ستائي پئي سا اچي،
قرب مون تي ڪَري، نينگري ڳوٺ جي.

رقص رومي جيان ٿي ڪري هوريان،
پير پنھنجا ڌَري، نينگري ڳوٺ جي.

ڪير ويندو هِتان، ڪير ايندو اُتان،
پنڌ آهي پَري، نينگري ڳوٺ جي.

روح ريجهي نٿو هانءُ هرکي پيو،
واهُوندي ٿي وَري، نينگري ڳوٺ جي.

ڪنھن لئہ ٿي لُڇي ڪين ليڪن ڪُڇي،
سرد آهون ڀَري، نينگري ڳوٺ جي.

‘آس’ ٽاڻا ٽري هِن ويا هُن وٽان،
ڳڻتين ۾ ڳَري، نينگري ڳوٺ جي.

حال ڪي اورجن، ويجهڙا جي ھُجون.

حال ڪي اورجن، ويجهڙا جي ھُجون.
چس چپن چورجن، ويجهڙا جي ھُجون.

ڪاش ڀيڙا ھُجون، گوڏو گوڏي گڏي،
سور ڪي سورجن، ويجهڙا جي ھُجون.

مان پيو هت سڪان، تون پئي هُت سڪين،
ڪي گهڙيون تورجن، ويجهڙا جي ھُجون.

پاڻ آھيون پياسا ملون موڙ تي،
گيت ڪي گهورجن، ويجهڙا جي ھُجون.

ڇاڇري جي ڇيھہ تي تون ھُجين مان ھُجان،
ڀاڪرون ڀورجن، ويجهڙا جي ھُجون.

کڻ کڻي ھرمِچي ھرک جھڙي بدن،
پور ڪي پورجن ويجهڙا جي ھجون.

مند پن ڇڻ وري، آ ھلي تون پرين،
ڏار ڪي ڏورجن، ويجهڙا جي ھُجون.

وڻ وڻ واس وٺڻ ٿو چاهيان،

وڻ وڻ واس وٺڻ ٿو چاهيان،
تو مان خاص وٺڻ ٿو چاهيان.

ڪوهين ڏُور هليو وڃجي!
توکان پاس وٺڻ ٿو چاهيان.

تنھنجي دل ۾ ڪي پل ترسي،
ڪوئي آساس وٺڻ ٿو چاهيان.

تنھنجو لھجو ماکي مصري،
اُن مان چاس وٺڻ ٿو چاهيان.

توڙي زخمي آهيان ڪنھن جو،
پر نہ ماس وٺڻ ٿو چاهيان.

ڀرجي ويو من جڳ مان آهي،
بس بنواس وٺڻ ٿو چاهيان.

جان بہ ڏيئي پنھنجي ڌرتي،
آئون آسّ وٺڻ ٿو چاهيان.

روح ريجهائجي، جي ملين روبرو،

روح ريجهائجي، جي ملين روبرو،
ڳُجهہ ڳالھائجي، جي ملين روبرو.

نيڻ ٿا هِي گهرن تون هُجين سامھون،
چاھ مان چاهجي، جي ملين روبرو.

دل چوي ٿي پرين پاڻ ئي پاڻ کي،
ٺاهجي، ڊاهجي، جي ملين روبرو.

رات ٿر جي ٺري، تون اچانڪ اچين،
ڀاڳ ئِي ڀانئجي، جي ملين روبرو.

ڪر عنايت اِها رھَ اچي راتڙي،
پرت کي پائجي، جي ملين روبرو.

‘آس’ آهي اها گڏ جيئون گڏ مرون،
زندگي ٺاهجي، جي ملين روبرو.

روليو سوچن آهيان آئون،

روليو سوچن آهيان آئون،
توکي ڪيڏو چاهيان آئون.

جسم تنھنجي جاڳير مَٿان ٿو،
قبضو پنھنجو ڀايان آئون.

اڏري اُڀ مان پنڇي وانگي،
دل ۾ گهرڙو ٺاهيان آئون.

تون جي ناهين ڪجهہ ڀي ناهي،
ناهي پاڇو ناهيان آئون.

تون ڀي تيل ڦُليل ڪري اچ،
ڀاڪُر سوڙو پانيان آئون.

راڳ ملھاري ڇيڙي مٺڙو،
توکي گيت ۾ ڳايان آئون.

پنھنجي ميلاپ جا ڏينھن آيا وري،

پنھنجي ميلاپ جا ڏينھن آيا وري،
ڏيھہ اباڻي مٿي مينھن آيا وري.

تنھنجي آئي پرين مس بھارون وريون،
اوچتو هي وڇوڙا ڪيئن آيا وري.

آهي ڌرتي سڄي ويس سائو ڍڪيو،
ٿي سمورا پھر شينھن آيا وري.

تو پڄاڻان مٺي راحتون ويون رسي،
ٽھڪ جيئن تون وئين نہ تيئن آيا وري.

گڏ گذاريل گهڙيون هاءِ وسرن نٿيون،
ياد ننڍپڻ جا ڪي نينھن آيا وري.

ڪا رحم جي نظر ‘آس’ تي ڌر پرين،
ايئن لڳي پل پراڻا جيئن آيا وري.

عيب اَڇوتا کوڙ اسان ۾،

عيب اَڇوتا کوڙ اسان ۾،
ڪنھن کي ڪھڙي لوڙ اسان ۾؟

پُرزا پُرزا پاڻ ڪيو ٿئي،
پاڻ ئي سنڌا جوڙ اسان ۾.

روح بہ ريگستان جيان آ،
نينھن_ندي ڪا ڇوڙ اسان ۾.

هڪڙي ڌڪ سان ڌرتي ڌُٻندي،
ٽُڪرا ٽُڪرا ٽوڙ اسان ۾.

ھاڻ هميشہ قيدي آھيون،
پيار وڌا پنجوڙ اسان ۾.

‘آس’ اجاڙيل دل جي ڌرتي،
مُند ملھاري موڙ اسان ۾.

هُن جو ڪوئي ڏَس ئي ناهي،

هُن جو ڪوئي ڏَس ئي ناهي،
ڳوليون ٿا پر گَس ئي ناهي.

چنڊ جيان هو ڏُور رهي ٿو،
ڳالھہ اسانجي وَس ئي ناهي.

ڪاٿي لپَ اٽي جي رکندي،
گهر ۾ ٿالھي تس ئي ناهي.

بارش جو تون خيال ڪڍي ڇڏ،
ڪڪرن ڪارو ڪَس ئي ناهي.

ڪھڙا حال اُماڻيان توڏي،
پين پنو ۽ مَس ئي ناهي.

عورت ڳاڙهي ڀي ڪاري آ،
مردن تي ڪو ڪَس ئي ناهي.

روئندي واپس موٽي آئي،
ڳوٺ وڃڻ لئہ بَس ئي ناهي.

‘آس’ اوهان بن نور مٺي سان،
محفل ۾ ڪو چَس ئي ناهي.

ڏسي ڪي ماتمي منظر ستارا سوڳواريءَ ۾،

ڏسي ڪي ماتمي منظر ستارا سوڳواريءَ ۾،
وطن ويران ۽ ويڙھا نظارا سوڳواريءَ ۾.

نڪا نوري نڪو آيو تماچي ڄام ڪينجهر تي،
ڪنڌيءَ تي ڪيئن ڪُوماڻا؟ڪنارا سوڳواريءَ ۾.

سموري باغ کي ڀيلي اُڏامي ڏُور ويا پنڇي،
اچي ڏس نيڻ مالھيءَ جا اُڃارا سوڳواريءَ ۾.

ڪٿي مورن ٽھوڪا سي ٻُڌي جو ننڊ آئي ٿي،
ڏٺاسين سيمَ جا اڪثر سھارا سوڳواريءَ ۾.

ڇڏيو تو راڄ پاڙو ڇو، اسان سمجهيو اڃا ناهي؟
مري ويا ڳوٺ جا ڳڀرو وچارا سوڳواريءَ ۾.

آيو آھي ڪير گڍيءَ تي،

آيو آھي ڪير گڍيءَ تي،
ڇمڪي پئي ٿي ڇير گڍيءَ تي.

منظر مھڪيا خوب مٺيءَ جا،
ڌَريا هُن جو پير گڍيءَ تي.

هُن جي آئي هر ڪنھن پاسي،
وکريون خوشيون ڍير گڍيءَ تي.

سانوڻ سان گڏ ساجن ايندو،
ڪرڻ سنجهي مان سير گڍيءَ تي.

آسّ اسان ڀي ويٺا هئاسين،
دلبر سان ڳچ دير گڍي تي.

نظم

---

عبدﷲ آس ! خوشنصيب شاعر آهي: منور هاليپوٽو

ٿر جيڪو خوبصورتي جو استعارو آهي! فطرتي حسن جو انمول شاهڪار آهي اهو آرٽ جي دنيا جي ماڻهن لاء هميشہ ڪشش جو سبب رهيو آهي اُن ڪري ئي اياز جي بہ خواهش هئي تہ سندس ٻيو جنم ٿر ۾ ٿئي!
ان ئي ٿر جي حُسناڪ مٽي مان سنڌي شاعري کي ڪيئي خوبصورت نالا مليا آهن، جن ڪويتا جي ميدان ۾ سنڌي شاعري کي نوان رنگ نوان روپ ڏنا آهن. ٿر جتي اسان جي ڪلاسڪ کي پنھنجي خزاني جا انمول هيرا ڏنا آهن، اتي جديد دؤر ۾ بہ ادب جي حوالي سان ٿر جو هڪ بھترين ڪنٽربيوشن رهيو آهي. خاص ڪري شاعري ۾ هن وقت بہ جديد سنڌي شاعري ۾ ٿر جي نوجوان شاعرن جو هڪ الڳ مقام آهي.
عبدﷲ آس هنڱورجو بہ ان نوجوان شاعرن جي گلدستي جو هڪ خوبصورت گُل آهي! جنھن جي هڪ الڳ ۽ وڻندر خوشبو آهي!
هونئڻ تہ آئون عبدﷲ آس جي مهمانواز طبيعت جو شيدائي آهيان ۽ منھنجو کوڙ ساريون راتيون سندس اوطاق تي بسر ٿيون آهن، جتي رهندي جيڪو پيار آس کان مونکي نصيب ٿيو ان کي بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ لفظ ئي ناهن!
هي ٿر جو نج ڳوٺاڻو ، پنھنجي طبعيت ۾ ماٺيڻو، صفا دنگ جو سادو، پر ڪا ڪا سادگي هٿرادي بہ ٿيندي آهي پر عبدلله آس نج نبار سادڙي طبيعت وارو سادن ۽ عام خيالن وارو، پر موهي وجهندڙ شاعر آهي!
مون سندس نظم کي دل سان پڙهيو آهي!
اسان وٽ اڄ ڪجهہ شاعر اهڙا بہ نظم لکي رهيا آهن جيڪي اصل ۾ نظم آهن ئي ڪون!
نظم جو فارميٽ جنھن رواني! تسلسل ۽ انداز ۽ بياني جو گهرجائو آهي اسان وٽ اڪثر شاعر نظم کي ائين ٽريٽ ئي نٿا ڪن نتيجي ۾. فضول قسم جو مبالغو لفاظي، تشبيهن جي ڀرمار نظم جي نالي ۾ اسان تائين پھچي ٿي.
اهڙي دؤر ۾ مونکي حيرت ان ڳالھہ تي آهي آس جھڙو شاعر نظم سان ائين ئي نڀائي ٿو جيئن نظم جي فارميٽ جي گهرج آهي. عبدﷲ آس پنھنجي ٽھي جو سجاڳ شاعر آهي ۽ کيس خبر آهي. شاعري ڪرڻ خاص طور تي نظم لکڻ مطلب نُنھن تي پاڻي جهلڻ جي برابر آهي. ان ڪري نظم سان نڀائڻ وقت اجائي ڦُڙتي ۽ جلدبازي نظم جي سُونھن کي اسونھون بڻائي سگهي ٿو.
آس جو نظم ترنم، رواني ۽ تسلسل جي پيرن سان سفر ڪري اڳتي وڌي ٿو ۽ پڙهندڙ کي هڪ سھڻي سفر تي وٺي ٿو هلي
آس جو نظم سادگي سان ڀرپور آهي سادگي بہ اها جيڪا فطري ٿيندي آهي!
هوُ پنھنجي نظم کي ڇڙواڳ نٿو ڇڏي، پر ان کي پنھنجي پوئٽڪ ايپروچ تحت اوتري ئي وسعت ڏي ٿو جيتري نظم جي لاءِ فائديمند هوندي آهي.
اهڙو ڪمال خوشنصيب شاعرن جي نصيب ۾ ايندو آهي ۽ آس خوشنصيب شاعر آهي!!

منور هاليپوٽو

ڳوٺڙو منھنجو

چيو تو ڳوٺڙو منھنجو،
پريان هُن ڀٽ جي ڀر سان،
وچان هڪ واٽ ٿي نڪري،
سريکي سينڌ جھڙي ڪا.
انھي کان ٿورڙو اڳتي
ٽپي اچ ٽونڪ هڪڙو تون
تڪيان پئي راھ تنھنجي مان
اڌوري آس جوڀن جي
جسم جي جوءَ جا سڀئي
سُڪي وڻ ٽڻ ويا آھن
رڳو هن روح کي راڻا
ڀڄائي ماڪ جيان وڃ تون
اڪيلي رات آرهڙ جي
جواني جون جو مھينو
بڍي جي بيوفائي جيان
اها آڪڙ اجائي ٿئي
نگهائون ناچ ۾ آھن
الاهي اسڪاچ ۾ آھن
مگر توسان مُکا ميلو
الاهي هيل ٿي سگهندو
وصالن جي ورڻ سان هي
وڇوڙو ڀيل ٿي سگهندو.

پنھنجو ديس وٺو آ جانا

پنھنجو ديس وٺو آ جانان
تون ڇو دور گُذارين ويٺي،
ڏهر بہ سارا ساوڪ ساوڪ
آ ڀٽ ڀٽ جو ڀاڳ ڀليرو
ها پر توکان دور ڏسي وڃ
آئون ساڳيو آھيان ميرو
ڪھڙا چنڊ ڪتيون جانان
ڪھڙا ڏينھن نھارين ويٺي
پنھنجو ديس وٺو آجانان

تون ڇو دور گُذارين ويٺي
تو بن ڏينھن بہ ڇيريل چيتا
هرڪا رات بہ آهي روڳي
تو بن ڪھڙا مينھن مٺڙي
کائڻ ايندي آهي ميھونڳي،
پنھنجي خود کي ڳوليان ويٺو
توکان جيئن ئي وسريو آهيان،
وقت هوا جيئن ايندو آهي
آءُ پنن جيان وکريو آهيان،
ساٺيڪي تي ساريان ويٺو
هاڻ پکين جئين اُڏري اچ تون
هرڻي وانگي ڇال لڳائي،
ٻانھون لوڏي، جهمريون پائي،
وسڪاري جيئن ڀرجي اچ تون
سوچيان ويٺو سانوڻ ۾ مان
وقت هٿن مان واري وانگر
ڇا لئہ خود کي هارين ويٺي
پنھنجو ديس وٺو آ جانان!
تون ڇو دور گُذارين ويٺي

پڳو هان شھر تنھنجي ۾

پڳو هان شھر تنھنجي ۾،
کڻي پيرا پرين، تنھنجا.
ڪٿي آنءَ تون ڌڻي منھنجا؟
رلان ٿو رات ڏينھن تو لئہ،
انگن ۾ عشق آ ارڏو،
جواني ڪيئن جهليان جاني!
ڪئين توکي پليان جاني!
پتو ڪو پار ئي ناهي،
اکيون تولئہ سڪن ويٺيون،
هوا کان ڏس پڇن ويٺيون،
ملي جي ڏس پتو تنھنجو،
اُڏامي مان اچان تولئہ،
دڳن تي ديد تنھنجي پئي،
نمن وانگي نچان تو لئہ،
مگر ڪو ڏس مليو ناهي.
ڪيان ڇا مان مٺي! هاڻي،
لکان ڪھڙي چٺي هاڻي،
وڇوڙي گهاءُ وڌا آهن،
دُکي هن دل منھنجيءَ جو
پرين! توکي پتو ڪھڙو؟
سکيءَ جي شھر ڏي ويندي،
نِسورو قھر ڀوڳي ٿو،
اسانجي روح جو پنڇي،
رلي ڏاڍو ٿڪو آھي،
ٿڪي پيو جسم جانيئڙا!
وڇوڙي آ ولوڙيو ڄڻ،
ڏڪي پيو جسم جانيئڙا!
وڃان پيو ماڳ ڏي موٽي،
ڏسي ديرا پرين تنھنجا!
پڳو هان شھر تنھنجي ۾،
کڻي پيرا پرين تنھنجا.!

عبدالواحد آريسر کي ڀيٽا

امن جي آبياري لئہ،
تو جهاڳيو سنڌ ساري کي،
اٽل ها حوصلا تنھنجا،
اندر تنھنجو هماليه هو،
ڇڏي ڇو سنڌ کي هيڪل
وڏا ناسور وئين بخشي
سموري سنڌ سڏڪي ٿي
جهريل هي جند سڏڪي پئي
سدا تون آجپو سنڌ جو
امن جو خواب تنھنجو هو
اميدن جو سھارو تون
سڄو هي ڏيھہ ٿو ساري
هئين تون ساڀيان منھنجي
بنا تعبير خوابن جي
اسان جي آس جا ڏيئا
وساڻا ساڻ توسان ها
ٻرن ئي ڪونہ ٿا هاڻي
وڇوڙا ايترا پوندا
ائين ڪاٿي هيو سوچيو
اسان اڊڙڻ لڳا آهيون
لڳي ٿو هاڻ ڪو سيبو
لڳڻ جھڙا رهيا ناهيون
نہ روحل واءِ تي جهرمٽ
ستارن جي ڏٺي آهي
نہ ڪو تون هاڻ سانوڻ ۾
اڌارا ٽھڪ آڇيندين
اسان توکي وڃايو آ
سڄو ڄڻ ٿر وڃايو آ
اتر، ڪاڇو وڃايو آ
لڳي ٿو لاڙ ٿي ويو گم
لڳي ٿو پاڻ ڀي ناهيون
اسان کي جو ڇڏي ويو آن
رڳو گوندر گڏي ويو آن
هُئين تون سنڌ آريسر
اسان جي جند آريسر.

نيٺ ازالو ڪير ڪندو…!!!

ڪارونجهر جي ڪور مٿي
هي منھنجي لوءُ جا لاکيڻا
ها ڪالھہ بہ ڪي ئي مور مئا
جي ڌرتيءَ جا اهڃاڻ هئا
۽ حسن سَندي جت هاڪ هئي
تن جي روز تڏي تي
ٿو واهوندي جو واءُ اچي
افسوس منجهانران ائين پُڇي
هن گهايل کي ڪھڙو گهاءُ ھُيو
۽ ڪئين هتي ڊيل ڏهاڳڻ ٿي
ٿي سرد ڀري شوڪارا
۽ خاموشي سان ويل وچين جي
ڪئين لڙڪ قطارون لاڙن ٿيون
ڪي وچن مٽي جا پاڙن ٿيون
۽ وڇڙيل سارنگ سارن ٿيون
مايوس ونيون ڪي چونئرن ۾
ڄڻ کنھبا تيل سنڀارين ٿيون
سو دشمن ڪاٿي ڄاڻي ٿو
جو تيغ ترارون تاڻي ٿو
۽ سون سريکي صورت تي
هي وقت وري ٿو ويري ٿي
۽ هر هر ڀالو تاڻي ٿو
اي وقت جا حاڪم پاڻ ٻڌاءَ
نيٺ ازالو ڪير ڪندو؟
۽ جهُڙ جُھڙالو ڪير ڪندو.

رڻ ڪنڌي تي رهندڙ راڻي!

رڻ ڪنڌي تي رهندڙ راڻي!
ڪيڏا ڀاڳ ڀلارا تنھنجا.

سونھن بہ تو وٽ سانوڻ وانگي،
من جو من کي ڀانوڻ وانڱي،
جهرمر جَرڪي وستي توسان،
مُرڪن ماڳ ڀلارا تنھنجا.

سرد رُتن ۾ ڀاڪُر تنھنجو،
مون لئہ کيس کٿي جئين آھي،
تون جي ناهين گڏ او سجني!
هيءَ مند ڏينھن تتي جئين آھي.
چنچل چاڳ ڀلارا تنھنجا.

سُس پُس تنھنجي سيڪ بدن جي،
چڪ بہ تنھنجو ريک بدن جي،
باھ برھ جي بند ڪمري ۾،
تو ھُئي ٻاري ديپڪ وانگي،
رڳ رڳ راڳ ڀلارا تنھنجا.

مٺڙي تنھنجي مُرڪ سموري،
ڳل گُلابي مھڪ کٿوري،
جن تي جرڪن جوڀن رُت جا،
موهيڙي جي داڻي وارا،
ڪارا داغ ڀلارا تنھنجا.

چئوسٽا

---

گنڀير ويچارن جي اپٽار: مريم مجيدي

عبدﷲ آس هنڱورجو جديد دوُر جو هڪ اهڙو شاعر آھي، جنھن جي تخلص جو اولڙو نہ رڳو سندن آسائيتن اکين مان پسي سگهجي ٿو. پر سندن شاعري جي هر سٽ مان آس جا گلابي گل ڦٽن ٿا. هن جي ڏات نئين ٽھي جي روشن خيال خوبصورت شاعرن جي قطار ۾ ڳڻائڻ جي سانڀاهن ۾ رڌل آهي، اسان سندس ان ڪوشش لاءِ کين همٿايون ٿا.
سندس شاعراڻي لھجي ۾ سادگي جي سونھن بہ آھي تہ گنڀير ويچارن جي اپٽار پڻ نظر اچي ٿي، هي نج نبار سنڌي ٻولي جو شاعر آھي ۽ پنھنجي ماروئڙن لا لکي ٿو.
مارئي جي ديس جا اهي مارو ماڻھو جن کان مورن جا ٽھوڪا رسي ويا آهن ۔۽ روهيڙي جي رُت بہ رتوڇاڻ لڳي ٿي. اُن سموري درد کي آس جي احساسن مان چٽي ريت پرکي سگهجي ٿو. ڇو تہ هن لاءِ ٿر جي اداسي سندس من منڊل جي اٻاڻڪائي بنجي شعرن مان بکي ٿي. تڏهن آس جا غزل ب غمزده گهٽائن جا ڇانورا لڳن ٿا ۔جن ۾ لڙڪن جي اوهيڙن جا آبشار ٿر جي ٿڌي واري کي سيراب ڪرڻ لاء اوتون ڏيندا پسجن ٿا. هي سرجڻھار جيڪي لکي ٿو ان ۾ سندس نہ رڳو ذاتي مشاهدو شامل آھي پر هي انھن اڻانگين حالتن سان مھاڏو اٽڪائيندو لڇندو، پچندو پوءِ لکندو رهيو آھي. اهوئي سبب آھي جو هن جي شعرن ۾ ڏک ۽ نا انصافين جو سچو ۽ چٽو عڪس پسي سگهجي ٿو.
آئون عبدﷲ آس هنڱورجو کي مشاهداتي نہ پر تجربي جي تور تڪ کي ساهن ۾ سھيڙي سوچن کي لفظن جو ستر ڏيندڙ ڪوي ڪوٺينديس، جنھن ۾ هن جي سڀاويڪ ٻولي جو سھڻو لھجو بہ پنھنجو اثرائتو اثر رکي ٿو. آس لاءِ آس اٿم تہ سندس درد جي ڀرم جو سچو آظھار کيس مڃتا جي مآڳ تي ضرور مان ڏياريندو.

مريم مجيدي

چئوسٽا

عيد جي چنڊُ جھڙا پرين!
کير ۽ کنڊُ جھڙا پرين!
توکي واڌايون وسارڻ جون،
ڇَمر جي ڇنڊُ جھڙا پرين!
***

ڪير چئي ٿو سَچُ ئي ناهي،
ذرو بہ تنھن ۾ ڪچ ئي ناهي،
سون سريکي سنڌ سموري،
جنھن جو مُلھُه سچ پڇ ئي ناهي.
***

روحَ رهاڻيون ياد اچن ٿيون.
ڳالھيون پُراڻيون ياد اچن ٿيون،
پاڻ ڪيون جي چانڊوڪيءَ ۾،
قرب ڪھاڻيون ياد اچن ٿيون.
***

نظر ڦيرائي نھار اسان جا،
هيڻا حال هن هيار اسان جا،
نہ چوڙيلين چونڊيا ڪڏھن،
پيروئن جھڙا پيار اسان جا.
***

ڪارين اکين کي چنڊُ تڪيندو رهيو
اُڏندڙ پکين کي چنڊُ تڪيندو رهيو
ڪلھہ رات مرد غرض جا ٽولا ڪري گهميا،
پر ڪِن سکين کي چنڊُ تڪيندو رهيو
***

خوشبو گهٽي ۾ گهلي آ ويئي،
جڏھن هُوءَ مُرڪي ملي آ ويئي،
مُک تان مايوسي ٽارڻ جي لئہ،
رکي هٿ هٿن تي کِلي آ ويئي.
***

تنھنجي شھر ۾ ڌاريا سمجهي،
ڌار ڪرين ٿي ڀاڙيا سمجهي،
چڱي ريت ڄاڻون سير سوا کي،
ڀُلج نہ اسانکي ٻاريا سمجهي.
***

سامروٽي جي سيم منجهان
ھُرٻي جي هُٻڪار اچي پئي،
لڳي ٿو ڪٿي وُٺو مينھن آھي،
هوا منجهان مھڪار اچي پئي
***

دير آ ڪھڙي ڪارا بادل،
برسي پئو او سارا بادل،
ٿرين کي آ تئونس گهڻيري،
واھُ ڪريو وسڪارا بادل.
***

توبن اهڙيون چانڊوڪيون.
اوندھ جهڙيون چانڊوڪيون.
هيڪل مون ڪُل گهاري ڇڏيون،
هيل بہ هھڙيون چانڊوڪيون.
***

گُل مروڙي ڇَڏيئي،
ڦُل مروڙي ڇَڏيئي،
ها حَسين ڪيڏا ڪچڙا،
ڪُل مروڙي ڇڏيئي.
***

دل لئہ چين قرار کڻي آءُ.
خوشين جا انبار کڻي آءُ.
زنگ زماني جي کان آجا،
سون سريکا پيار کڻي آءُ.
***

اڃا نہ آئين سانوڻ تون!
ساري سارو ٿر پيو ٿو،
تون ايندين تہ رچي رنگ پوندا.
پُڪاري سارو ٿر پيو ٿو.
***

آيو آھي وسي ويندو.
ٿر هي سارو پُسي ويندو.
مرڪون آڻي چھرن تي ۽
غم سمورا کسي ويندو.
***

سياري جون سرد شامون.
ڏينديون آھن درد شامون.
توبن ڪئين ڪٽجن پرين
حياتي جون زرد شامون.