سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌي ادب جي نامياري ليکڪا ريٽا شھاڻيءَ جو لکيل ڪتاب ”روبرو“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
هيءُ ڪتاب ويھين صديءَ جي هڪ اهم سنت گرو رجنيش جي زندگيءَ ۽ فلسفي تي آڌاريل آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪا رجنيش اوشوءَ جي زندگيءَ ۽ فلسفي کي 29 مختلف مضمونن ۾ ورهايو آهي. ان کان سواءِ گوتم ٻڌ، ڀڳت ڪبير، ميران ٻائي، گرونانڪ ۽ حضرت شاهہ عبداللطيف ڀٽائيءَ سان ڪيل تصوراتي رهاڻيون پڻ ڪتاب ۾ شامل آهن.
ھي ڪتاب 2011ع ۾ ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي