شاعري

سپنن جھڙا نظم

ھن ڪتاب ۾ آدرش مختلف ملڪن ۽ مختلف ٻولين جي شاعرن جا چونڊ نظم سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيا آھن. آدرش جي اھا خوبي آھي تہ ھو منظوم ترجمن ۾ لفظن ۽ ٻوليءَ جي ساڳي چاشني برقرار رکي ٿو. ھن ڪتاب ۾ رافيل سيڊيناس، رولف جيڪب سن، يھودا اميحائي، تاديوش روزي وِچ، سميع القاسم، ڪمال سوريا، بوگڊن چياڪو وسڪي، اُمارو، بھاري لال، جاويد شاھين، محمد حنيف، افضال احمد سيد ۽ ٻين سان گڏ سنسڪرت جا نظم پڻ ترجمو ڪري شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 62
  • 10
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آدرش
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سپنن جھڙا نظم

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران  نامياري شاعر، نثرنگار ۽ مترجم آدرش پاران ٻين ٻولين مان ترجمو ڪيل نظمن جو مجموعو ”سپنن جھڙا نظم“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
ھن ڪتاب ۾ آدرش مختلف ملڪن ۽ مختلف ٻولين جي شاعرن جا چونڊ نظم سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيا آھن. آدرش جي اھا خوبي آھي تہ ھو منظوم ترجمن ۾ لفظن ۽ ٻوليءَ جي ساڳي چاشني برقرار رکي ٿو. ھن ڪتاب ۾ رافيل سيڊيناس، رولف جيڪب سن، يھودا اميحائي، تاديوش روزي وِچ، سميع القاسم، ڪمال سوريا، بوگڊن چياڪو وسڪي، اُمارو، بھاري لال، جاويد شاھين، محمد حنيف، افضال احمد سيد ۽ ٻين سان گڏ سنسڪرت جا نظم پڻ ترجمو ڪري شامل ڪيا ويا آھن.
ھي ڪتاب 2012ع ۾ شھيد فھد عزيز اڪيڊمي، سنڌ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم شير علي چانڊيي جي سھڪار سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي