سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ محقق مير حاجن مير جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”رنگ، خوشبوءِ ۽ گُل“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
مير حاجن مير ھڪ سٺي شاعر ھجڻ سان گڏ باھمت تنظيم ڪار ۽ کاھوڙي محقق آھي. سندس شاعريءَ ۾ پنھنجي ڌرتيءَ سا پيار، ڌرتيءَ جي حسناڪين جي تعريف ۽ رومانس ڀري شاعري شامل آھي. ھن مجموعي ۾ غزل، نظم، بيت، دوھا، چئوسٽا ۽ وايون شامل آھن. ھر صنف ۾ سندس خوب وڻندڙ ۽ مَن کي موھيندڙ مواد موجود آھي.
ھي ڪتاب 2008ع ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھہ ميراڻيءَ جي سھڪار سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي