ٻاراڻو ادب

ٻاراڻي ادب جو تجزيو

هن ڪتاب جو گهڻو مقصد ٻاراڻي ادب جي 14 ڪتابن جو  تعارفي ۽ تنقيدي جائزو پيش ڪرڻ آهي جيڪو ٻارن جو گهٽ پر گهڻو تڻو وڏن جي دلچسپيءَ جو موضوع آهي ۽ جيڪو  تحقيق جو ڪم ڪندڙ جاکوڙين يا وري معلوماتي مواد مان مزي ماڻڻ جو مزاج رکندڙ سنجيدہ پاٺڪن جي پسند جو محور آهي.  ان هوندي بہ هي هڪ اهم ڪم آهي جيڪو ٻارن لاءِ شاعري ۽ نثر تي مشتمل ڪجهہ ڪتابن جي آگاهي فراهم ڪري ٿو ۽ انھن ڪتابن ۾ ڏنل مواد جي تشريح ۽ تور تڪ ڪري انھن جي معيار جو تعين ڪري ٿو ۽ انھن جي پڙهڻ جو اتساهہ بہ بخشي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 30
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ٻاراڻي ادب جو تجزيو

حق واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪتاب نمبر (25)

ڪتاب جو نالو: ٻاراڻي ادب تي تجزيو
ٻاراڻي ادب تي لکيل ڪتابن جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو
مرتب: فقير محمد سنڌي
ڇاپو؛ پھريون- 2024ع
ڪمپوزنگ: مرتضيٰ ميمڻ
ڪاتب پريس اسٽيشن روڊ لاڙڪاڻو.
ڇپائيندڙ: قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو.
مُلھہ 400
ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2024


Barane Adab Jo Jaizo
(Critical Study of Children's Literature)
By: Faqeer Muhammad Sindhi
1st Edition 2024
Published by:=
Qalamkar Publication Larkano

رابطي لاءِ:
فقير محمد سنڌي، چيئرمين قلمڪار پبليڪشن لاڙڪاڻو
03463399445

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ، صحافي ۽ براڊڪاسٽر فقير محمد سنڌيءَ جو لکيل ڪتاب ”ٻاراڻي ادب جو تجزيو“ اوهان اڳيان پيش آهي.
هن ڪتاب جو گهڻو مقصد ٻاراڻي ادب جي 14 ڪتابن جو تعارفي ۽ تنقيدي جائزو پيش ڪرڻ آهي جيڪو ٻارن جو گهٽ پر گهڻو تڻو وڏن جي دلچسپيءَ جو موضوع آهي ۽ جيڪو تحقيق جو ڪم ڪندڙ جاکوڙين يا وري معلوماتي مواد مان مزي ماڻڻ جو مزاج رکندڙ سنجيدہ پاٺڪن جي پسند جو محور آهي. ان هوندي بہ هي هڪ اهم ڪم آهي جيڪو ٻارن لاءِ شاعري ۽ نثر تي مشتمل ڪجهہ ڪتابن جي آگاهي فراهم ڪري ٿو ۽ انھن ڪتابن ۾ ڏنل مواد جي تشريح ۽ تور تڪ ڪري انھن جي معيار جو تعين ڪري ٿو ۽ انھن جي پڙهڻ جو اتساهہ بہ بخشي ٿو.
ھي ڪتاب قلمڪار پبليڪيشن، لاڙڪاڻو پاران 2024ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون فقير محمد سنڌيءَ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا

ٻارن لاءِ سرجيل ادب
ٻاروتڻ لاءِ پاڻ پوريندڙ
شخصيتون
ڪشنچند بيوس
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال
پروفيسر مختيار سمون
۽ حاجي انور علي کوکر
جي نانءِ.

اداري پاران

"قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو، سنڌ" پاران هميشہ انمول تحفائتا ڪتاب ڇپجي "سنڌي ادب" جي پڙهندڙن جي هٿن تائين پھچندا رهيا آهن. جيڪي عنوان ۽ مواد جي لحاظ کان منفرد، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي قابل ۽ هر دور جي ضرورت ثابت ٿيا آهن. مثال طور هن ڪتاب کان اڳ علم عروض جي حوالي سان "بھار البحار" تمام مفيد ڪتاب ڇپجي نروار ٿيو جيڪو هٿئون هٿ حصول ادب دوست ۽ احباب وار باب علم تائين پھتل آهن.
اڄڪلھہ تمام مھانگائيءَ جو دور شروع ٿي چڪو آهي، تڏهن بہ قلمڪار پبليڪيشن اشاعت جي عمل کي اڳئي کان اڳڀرو ڪيو آهي. سھيڙ جي عزم تي استقلال ۽ ڪوشش سان پير پائڻ کان اڃا تائين هٽيو ناهي. اهڙو ئي منفرد ڪتاب "ٻاراڻي ادب جو تجزيو" (ٻاراڻي ادب تي لکيل تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو) سنڌي ادب ۾ پنھنجي نوعيت جو پھريون ڪتاب آهي، جيڪو ٻارن جي ادب کي هٿي ڏيندو.
فقير محمد سنڌي کي اهڙو ڪتاب پيش ڪرڻ تي مبارڪون. علم دوست قدردانن جي هٿن ۾ هي آيل ڪتاب تازو ثبوت آهي. انھيءَ اميد سان تہ آئندہ بہ پڙهڻ جوڳا لائق فائق قابل قدر ڪتاب شايع ڪري سنڌي ادب کي ارپنداسون،وڌيڪ اوهان جي راين جو انتظار رهندو.

جي ايم رئيساڻي
قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو
03453784122

مھاڳ: ٻارن کي ٻاراڻي ادب تي تجزيو آڇيندڙ ڪتابن جو اڀياس

ڪنھن بہ ڪتاب جي مقبوليت جيتوڻيڪ ان جي موضوع ۽ مواد جي معياري ۽ مستند هجڻ تي منحصر هوندي آهي پر ڪتاب ۽ ان جي ليکڪ بابت جيڪو ڪجهہ لکيو وڃي ٿو اهو بہ ان ڪتاب کي سمجهڻ، متعارف ڪرڻ ۽ ان کي مقبوليت واري درجي تي پھچائڻ ۾ معاون بڻبو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڪثر شاعر يا ليکڪ پنھنجي لکيل مواد يعني شاعري يا نثر جو تجزيو پنھنجي پسند جي ڪنھن اديب يا شاعر کان لکرائي ان کي مھاڳ طور ڪتاب ۾ شامل ڪندا آهن يا وري پاڻ ئي ان متعلق ڪو وضاحتي ليک لکي پيش لفظ، ديباچو يا مقدمو جي سري سان ڪتاب ۾ شامل ڪندا آهن. مھاڳ يا ان قسم جا ٻيا ليک ڪتاب جي اصلي مواد يا عبارت کان تہ الڳ هوندا آهن پر هوندا ڪتاب جو حصو آهن جيڪي شروعاتي صفحن طور ڪتابن ۾ شامل هوندا آهن. انھن جو مقصد اهو هوندو آهي تہ جيئن پڙهندڙ اهي ليک پڙهي ڪتاب ۾ ڏنل اصلي مواد ۽ ان جي متن کي چڱي طرح سمجهي ان جي اهميت ۽ افاديت کان آگاھہ ٿي سگهي، ان سان پڙهندڙ جي ڪتاب ۾ دلچسپي وڌي ويندي آهي.
ڪتاب جي ڇپجي وڃڻ کان پوءِ وري ان تي تبصرا، تنقيدي نوٽ يا تجزيا لکيا ويندا آهن، جن ذريعي ڪتاب جو گهرائپ ۽ وڏي عرق ريزي سان جائزو وٺي ان ۾ ڏنل مواد، متن، ماهيت ۽ ساخت جي فني ۽ فڪري معيار جي تور تڪ ڪري، ان جي اهميت ۽ مقصد کي واضع ڪري پڙهندڙن سان متعارف ڪرايو ويندو آهي. تنقيدي، تعريفي يا تجزياتي ليکن ۾ ڪتاب جي اصلي مواد سان گڏ ان جو مھاڳ، پيش لفظ يا مقدمو پڻ تجزياتي مطالعي هيٺ ايندو آهي. اهڙا ليک ڪتاب جي مھورتي تقريبن ۽ مطالعاتي ويھڪن ۾ بہ پيش ڪيا ويندا آهن ۽ مختلف اخبارن ۽ ادبي مئگزينن ۾ بہ ڇپايا ويندا آهن. ان قسم جي مشق ليکڪن، محققن، شاعرن ۽ اديبن جي ادبي ڪم کي دوام بخشڻ سان گڏ ٻوليءَ جي ادبي خزاني ۾ بہ اضافو ڪندي آهي. سنڌي ٻولي جي بنسبت انگريزي يا اردو ٻولين ۾ ان نوعيت جو ڪم گهڻو ٿئي ٿو جنھن جي ڪري ماڻھن ۾ تبصري، جائزي يا تنقيد هيٺ آيل ڪتاب جي پڙهڻ جو اشتياق وڌندو رهي ٿو جنھن سان ڪتاب ۽ ان جي ليکڪ جي مقبوليت ۾ اضافو ٿئي ٿو، ساڃاھہ عام ٿئي ٿي ۽ ٻولي جو ادبي ذخيرو بہ وڌي ٿو.
سنڌيءَ ۾ تجزياتي تبصرن جو سلسلو وڏن لاءِ سرجندڙ ادب جي حوالي سان تہ عام رواج ۾ آهي پر ٻاراڻي ادب جي ڏس ۾ ان جي بہ ايتري ئي کوٽ آهي جيتري خود ٻاراڻي تخليقي ادب يعني شاعري يا ڪھاڻي ۽ ناول وغيرہ جي يا ڪن ٻين صنفن تي مشتمل ادبي ڪتابن جي. سنڌي اديبن ۾ ڪي چند ئي اهڙا آهن جيڪي اها ڳالھہ ڳڻيندي ٻارن لاءِ شعري يا نثري روپ ۾ تخليقون سرجيندا رهن ٿا پر انھن جا تنقيدي يا تجزياتي جائزا وٺي انھن تي مضمون لکي ۽ انھن کي سھيڙي ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪندڙ هن وقت تائين پياري فقير محمد سنڌيءَ کان سواءِ ڪو ٻيو ليکڪ مون کي ڪو نہ ٿو سُجهي. هونئن تہ ٻاراڻي ادبي ڪتابن تي ڪن ليکڪن پاران ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ تبصرا ضرور لکيا ويا آهن پر اهي گهڻو ڪري ڪن اخباري صفحن يا مئگزينن ۾ ڇپجي هڪ ڏينھن يا چند ڏينھن جي عمر کان وڌيڪ وقت ماڻي نہ سگهيا آهن تہ جيئن حال سميت ايندڙ وقت جو ڪو مورخ ضرورت وقت انھن مان ڪو صحيح طريقي سان استفادو حاصل ڪري سگهي، پر فقير محمد ٻاراڻن ڪتابن تي تبصرا لکي انھن کي نہ رڳو مختلف اخبارن ۾ ڇپايو آهي پر هاڻي انھن کي سھيڙي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ محفوظ ڪري ماڻھن جي هٿن ۽ لائبريرين تي پھچائڻ جي هي جيڪا ڪوشش ڪئي آهي تنھن لاءِ هو جس لھڻي.
فقير محمد پنھنجي علمي ۽ ادبي خدمتن ۾ بي لوث ۽ اڻڌريو رويو رکندڙ اهڙو سخي ليکڪ آهي جنھن نہ رڳو ٻاراڻن ڪتابن تي تبصرا لکيا آهن پر ٻين ڪيترن ئي ڪتابن تي پڻ سٺا تجزياتي ليک لکڻ سان گڏ اديبن، عالمن ۽ شاعرن جي سالگره واري موقعي تي انھن جي علمي ادبي ڪم ۽ شخصيت تي خاڪا بہ لکيا آهن. پنھنجي ان مواد کي بہ هو جڏهن الڳ ڪري سھيڙڻ جو ڪم هٿ ۾ کڻندو تہ اهي بہ گهٽ ۾ گهٽ ٻن مختلف ڪتابن جي صورت ۾ پڙهندڙن جي هٿن تائين پھچندا. فقير محمد سنڌي علم، ادب، ٻولي، سرت ۽ ساڃاھہ جو خاموش خدمتگذار آهي جيڪو وڏي جانفشاني سان تخليقي ۽ تحقيقي ادب واري کيتر ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ميدان ۾ بہ پاڻ ملھائيندو رهي ٿو. اهڙي جستجو جي نتيجي ۾ سندس ڏهاڪو کن ڪتاب ڇپجي سنڌي ادب جي وشال جهول جي زينت بڻجي چڪا آهن جيڪي شاعري، خاڪن، تحقيقي مواد ۽ ترتيب تي مشتمل آهن ۽ ايترا ئي ٻيا اڻڇپيل ڪتاب ڇپائي جي اوسيئڙي ۾ آهن.
سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ جيترا بہ ڪتاب موجود آهن انھن ۾ زير نظر ڪتاب ”ٻاراڻي ادب تي تجزيو“ هڪ منفرد حيثيت جو حامل آهي ڇاڪاڻ تہ هي نہ شاعري تي آڌاريل آهي نہ ئي فڪشن تي جنھن ڏانھن ڪو ٻار گهڻو مائل ٿي سگهي. هن ڪتاب جو گهڻو مقصد ٻاراڻي ادب جي ڪجهہ ڪتابن جو تعارفي ۽ تنقيدي جائزو پيش ڪرڻ آهي جيڪو ٻارن جو گهٽ پر گهڻو تڻو وڏن جي دلچسپي جو موضوع آهي ۽ جيڪو تحقيق جو ڪم ڪندڙ جاکوڙين يا وري معلوماتي مواد مان مزي ماڻڻ جو مزاج رکندڙ سنجيدہ پاٺڪن جي پسند جو محور آهي. ان هوندي بہ هي هڪ اهم ڪم آهي جيڪو ٻارن لاءِ شاعري ۽ نثر تي مشتمل ڪجهہ ڪتابن جي آگاهي فراهم ڪري ٿو ۽ انھن ڪتابن ۾ ڏنل مواد جي تشريح ۽ تور تڪ ڪري انھن جي معيار جو تعين ڪري ٿو ۽ انھن جي پڙهڻ جو اتساھہ بہ بخشي ٿو. جيڪڏهن هي ڪتاب لائق استادن، يا ساڃاھہ وند والدين جي مطالعي هيٺ ايندو تہ اهي پڪ سان پنھنجن شاگردن ۽ ٻارن کي هن ڪتاب ۾ تبصري ۽ جائزي هيٺ آيل ٻاراڻي شاعري ۽ نثر جي سڀني ڪتابن پڙهڻ جي ترغيب ڏئي کين انھن مان حض حاصل ڪرڻ جو مشورو ڏيندا ۽ کين اهي ڪتاب فراهم ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪندا جيڪا ڳالھہ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. ٻاراڻي شاعري ۾ موجود موسيقيت، راند روند وارو انداز، نت نوان خيال ۽ تفريحي موضوع ۽ نثري صنف فڪشن ۾ پراسراريت، تجسس، ڳولھا ۽ مزاح وارو تاثر مرتب ڪندڙ مواد ۽ تخليقون ٻارن کي گهڻو متاثر ڪنديون آهن جن مان هو سٺين ڳالھين، نصيحت ڀرين نقطن ۽ مزيدار معلومات جا اثر قبول ڪري انھن کي پنھنجي روزمره جي هلت ۾عمل هيٺ آڻيندا آهن جنھن سان سندن سٺي تعليم ۽ تربيت بہ ٿيندي آهي تہ کين ذهني آسودگي بہ حاصل ٿيندي آهي.
استادن، ٻارڙن ۽ سندن والدين کي مختلف اديبن ۽ شاعرن جي تخليقن تي مشتمل 14 دلچسپ ۽ مثبت شعري ۽ نثري ڪتابن سان روشناس ڪرائڻ وارو هي هڪ ڪتاب ”ٻاراڻي ادب تي تجزيو“ فقير محمد سنڌيءَ جي ٻاراڻي ادب سان عشق ۽ ان جي امرتا لاءِ ڪيل سندس عرق ريزي جو نتيجو آهي. هن ڪتاب ۾ جن 14ڪتابن جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي انھن مان گهڻا منھنجا پڙهيل آهن ۽ چئن ڪتابن جا تہ مھاڳ بہ مون ئي لکيا آهن جيڪي انھن ڪتابن ۾ شامل آهن. تنھن ڪري مان اهو وڏي وثوق سان چئي سگهان ٿو تہ فقير محمد سنڌيءَ جي ”ٻاراڻي ادب تي تجزيو وارا“ اهي 14 ئي ڪتاب ٻارن لاءِ تمام گهڻي دلچسپ تفريحي، تعليمي ۽ تربيتي مواد جو ڀنڊار آهن. انھن 14 مان پنج ڪتاب تہ سنڌي ٻولي جي نامور اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا آهن جن جا دلچسپ ٽائيٽل بہ ٻارن لاءِ دل لڀائيندڙ آهن جيڪي هن ريت آهن؛ ”ننڍڙا فرشتا پياريون پريون“، ”چنڊ بہ منھنجو رانديڪو“، ”منھنجو گڏڙو منھنجي گڏڙي“، پنھنجي دنيا ڌار“ ۽ ”منھنجي ننڍپڻ جو سرسري جائزو“. سنڌ جي نامور شاعرن مان جيڪڏهن ڪنھن جا سنڌي ٻاراڻي شاعريءَ جا وڌ ۾ وڌ ڪتاب ڇپيا آهن تہ اهو ڊاڪٽر ذوالفقار سيال آهي. جواني کان پنھنجي هاڻوڪي سينيئر عمر تائين هن ٻاراڻي ادب جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙڻ واري ڪم کان ڪڏهن بہ منھن نہ موڙيو آهي. فقير محمد سنڌي پنھنجي هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار جي ڪتاب ”ننڍڙا فرشتا، پياريون پريون“ تي تبصرو ڪندي حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلم جن جو هڪ شاندار فرمان قلمبند ڪيو آهي تہ ”ٻارن سان دوستي ۽ مھربانيءَ سان پيش اچو ۽ ساڻن ڪيل واعدي کي پورو ڪيو“. حضور پاڪ جن جو اهو فرمان نہ رڳو عام وڏن لاءِ، جن ۾ هر قسم جو رشتو رکندڙ اچي وڃن ٿا، پر اديبن ۽ شاعرن لاءِ پڻ مشعل راھہ آهي جنھن جي روشنيءَ ۽ مطابقت ۾ ٻارن سان پيش اچي کين سماج جو سٺو انسان بڻائي سگهجي ٿو. ٻارن لاءِ تعميري ادب تخليق ڪرڻ پڻ ان فرمان جي ٽنھي نقطن، يعني ٻارن سان دوستي، مھرباني ۽ واعدي پاڙڻ جي روش رکڻ جي بجا آوري وارين ڪوششن جي هڪ ڪڙي آهي. فقير محمد پنھنجن سڀني تجزياتي ليکن ۾ چونڊيل ڪتابن جو چڱي طرح جائزو پيش ڪرڻ سان گڏ ٻارن جي اهميت ۽ انھن جي چڱي طرح پالنا، تعليم ۽ تربيت جي ضرورت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ دنيا جي مڃيل نامور مفڪرن ۽ ماهرن جا قول بہ قلمبند ڪيا آهن. جئين نامياري شاعر زخمي چانڊيي جي شعري مجموعي ”مٺڙا ٻار“ جو جائزو پيش ڪندي هن هڪ نامور اسڪاٽش فلاسافر ڊيوڊ هيوم جي چوڻيءَ جو حوالو ڏنو آهي تہ ” جڏهن ٻار پيدا ٿئي ٿو تہ سندس ذهن خيالن کان خالي هوندو آهي جيئين ڪورو ڪاغذ، پر هر ڪو شخص پنھنجي ماحول مان ئي سکي خيال ٺاهي ذهن تي نقش ڪري ٿو“. ان چوڻيءَ جي روشني ۾ اهو مڃڻ غلط نہ ٿيندو تہ ٻارن کي مناسب ماحول ڏيڻ جا ذميوار اسان وڏا ئي آهيون، ماحول ۾ جھڙا رنگ ڀرينداسين تہ اسان جا ٻار بہ انھن ۾ ئي رنگجي ويندا. ان حوالي سان فقير محمد، محترم زخمي چانڊيي جي شاعريءَ جو اڀياس پيش ڪري اهو ثابت ڪيو آهي تہ زخمي چانڊيو پنھنجي هن شاعريءَ ذريعي ٻارن ۾ حب الوطني، علم سان محبت ۽ نفرتن کان نفرت وارو جذبو پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هونئن بہ محترم زخمي چانڊيو پنھنجي ڌرتي، ٻولي ۽ انسان ذات سان انسيت رکندڙ شاعر هيو جنھن پنھنجي سموري زندگي پنھنجا اعليٰ آدرش ماڻڻ لاءِ بي خوف ۽ بي لوث جدوجھد ڪئي. ٻارن لاءِ شاعري کان علاوہ هن وڏن کي بہ پنھنجي شاعريءَ جا شھڪار ڏنا آهن جيڪي پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جي جذبن کي جوت ۽ جلا بخشيندا رهن ٿا.
آزاد بخاريءَ جي شاعري ”حق سڃاڻ اي ٻار“ تي بہ تجزياتي تبصرو هن ڪتاب ۾ شامل آهي. بخاري صاحب جي هن ڪتاب جي شاعري کي فقير محمد انساني حقن جي عالمي پڌرنامي جو نظماڻو اظھار سڏي ٿو. هو وڌيڪ لکي ٿو تہ؛ ”آزاد بخاريءَ جي ٻولن ۾ جيڪا ميـٺاس آ اها ٻين شاعرن جي نظمن ۾ گهٽ پڙهڻ لاءِ ملي آهي“، حقيقت ۾ ٻارن لاءِ بہ اهو ئي ميٺاسُ گهرجي جنھن وسيلي هنن کي سمجهائي، سيکاري ۽ سنواري سگهجي ٿو نہ تہ سختيءَ جي ڪوڙاڻ کي تہ ٻار هميشہ ٿوڪاري ڇڏيندا آهن.
فقير محمد سنڌيءَ، استاد گل دايي جي شعري مجموعي ”گيت گلڙن لاءِ“ جو بہ مختصر پر ڀرپور جائزو پيش ڪيو آهي جنھن جي شروعات ئي هڪ ڏاهي جي انھن لفظن سان ڪيل آهي تہ: ” قدرت ٻارن جي روپ ۾ اسان کي زندگي ، مسڪراهٽ ۽ خوبصورتي جھڙن بي بھا قيمتي تحفن سان نوازيو آهي.“ استاد گل جو شعري مجموعو مٿي ڏنل قول جو عملي مظاهرو ٿو لڳي جنھن جي جهلڪ ڪتاب جي ٽائٽل ”گيت گلڙن“ مان ئي ظاهر آهي. گل ۽ ٻار هميشہ زندگي، حسناڪين ، رونقن ۽ راحتن جي علامت هوندا آهن. فقير محمد بہ تڏهن ئي تہ هن ڪتاب لاءِ لکيو آهي تہ: ”ڪتاب ”گيت گلڙن لاءِ“ ٻارن لاءِ شاعري جي صورت ۾ تحفو آهي.“ استاد گل جي هن ڪتاب جو مھاڳ بہ مون ئي لکيو هيو جنھن لاءِ ان جو گهرائپ سان مطالعو ڪرڻو پيو هيو، جنھن کان پوءِ ان وقت منھنجي بہ اها ئي راءِ جڙي هئي جيڪا فقير محمد پنھنجي تجزئي ۾ ڏني آهي تہ ” هي ڪتاب ٻارن لاءِ شاعريءَ ۾ تحفو آهي“.
فقيرمحمد جو هڪ تجزياتي ليک مور مغيري جي شاعري تي بہ آهي جيڪا هُن جي ڪتاب ”بابا مون کي ڪر نہ ڌنار“ ۾ سمايل آهي. هِن ڪتاب تي تبصري جي آغاز ۾ فقير محمد لکي ٿو تہ ”قرآن پاڪ ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ وارن کي وڏي درجي وارو شمار ڪيو ويو آهي“. قرآن جي ان تعليم جي روشني ۾ هُن ٻارن جو ڇيد ڪري نتيجو اخذ ڪيو آهي تہ ٻار هميشہ نين شين کي ڏسي حيران ٿيندا آهن، سندن اندر ۾ تجسس پيدا ٿيندو آهي ۽ سندن ذهن ۾ سوال اڀرندا آهن. فقير محمد جو اهو خيال بلڪل درست آهي. منھنجي خيال ۾ جيڪڏهن ٻار کي سندس سوالن جا درست جواب ملندا رهن تہ هنن جي ڄاڻ ۾ اصافو ٿيندو رهندو ۽ شخصيت ۾ نکار بہ پيدا ٿيندو. سندن سوالن جا جواب سندن بزرگن ۽ وڏن وٽ تہ موجود آهن پر جيڪڏهن ڪو اديب ٻارن جي سوالن، احساسن، گهرجن ۽ پسنديدگي کي ڌيان ۾ رکي انھن لاءِ ادبي فن پارا تخليق ڪندو تہ اهي ٻارن جي نمائندگي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ٻارن جي دل ۽ دماغ ۾ پنھنجي جاءِ ٺاهي وٺندا. مور مغيري هڪ سٺو استاد ۽ ساڃاھ وند اديب ۽ شاعر هجڻ ناتي ان ڳالھہ کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿو تنھن ڪري هن جي شاعري ان مٿيئن معيار تي ڀرپوريت سان لھي ٿي. فقير محمد پنھنجي تبصري ۾ مور جي شاعري لاءِ درست لکيو آهي تہ، ”مور مغيري ٻاراڻي شاعريءَ ۾ زماني جي گهڻن مسئلن کي نظر ۾ رکندي قلم کي جنبش ۾ آندو آهي.“ مور جي هن ڪتاب جو مھاڳ بہ مون ئي لکيو آهي جيڪو ڪتاب ۾ شامل آهي.
حافظ قاري عبدالستار ڪوريجو تاريخ نويس سان گڏ قرآن پاڪ جو حافظ ۽ عربي ٻوليءَ جي سٺي ڄاڻ رکندڙ بہ آهي. هن ٻارن لاءِ ”قرآني قاعدو“ لکي ٻارن کي عربي ٻولي سکڻ ۽ ان وسيلي قرآن پاڪ پڙهي ان کي سمجهڻ جي تعليم ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس اهو ڪتاب بہ منفرد حيثيت جو حامل آهي جنھن جو فقير محمد تمام گهڻي محنت سان جائزو ورتو آهي. ان حوالي سان پنھنجي مضمون ۾ هو رقم دراز آهي تہ، ”حافظ عبدالستار ڪوريجي سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون ڀيرو قاعدن ۽ قانون موجب ”قرآني قاعدو“ ترتيب ڏنو آهي“. منھنجي نظر ۾ هي قرآني قاعدو نہ صرف ٻارن لاءِ پر استادن لاءِ بہ وڏو ڪارائتو آهي. استاد هن قاعدي جي رهنمائي ۾ ٻارن کي چڱيءَ طرح عربي ۽ سنڌي ٻولي سيکارڻ ۾ ڪامياب ٿيندا.
عيسيٰ ميمڻ جاکوڙي ۽ برجستو اديب ۽ شاعر آهي جنھن جي لکڻ جو ڪينواس بہ ڪافي وسيع آهي. هن نثر ۾ بہ ڪيترن ئي موضوعن تي لکيو آهي تہ رومانوي ۽ مزاحمتي شاعري بہ سرجي آهي. ٻارن لاءِ سندس شاعري بہ سنڌ جي نئين نسل سان سندس دلي انسيت جو نتيجو آهي. سنڌ جا ٻار بہ هن کي وشال اڀ تي چمڪندڙ تارن جيان لڳندا آهن، جيڪا ڳالھہ سندس شعري مجموعي ”ٽم ٽم تارا“ مان بہ عيان آهي. فقير محمد هن ڪتاب جو بہ جامع تجزيو پيش ڪيو آهي. هن شاعريءَ بابت سندس چوڻ آهي تہ ”عيسيٰ ميمڻ جي ٻاروتڻ واري شاعري سچ ۽ صحن جي مٽيءَ واري هڳاءَ سان واسيل آهي“. مان پڻ سندس ان راءِ سان متفق آهيان.
جانب جواڻ سومري جي ڪتاب ”گيتن جو گلدستو“ ۽ عبدالحليم سومري جي ڪتاب ”شاگردن لاءِ تقرير جو فن“ بہ منھن جا چڱيءَ طرح پڙهيل آهن ڇاڪاڻ تہ انھن ٻنھي ڪتابن جو مھاڳ بہ مون ئي لکيو آهي. انھن ٻنھي ڪتابن جا تخليقڪار بھترين استاد بہ آهن جنھنڪري هو ٻارن جي نفسيات، تعليمي گهرجن ۽ انھن جي تربيت جي ضرورت کان بخوبي آگاھہ آهن تنھنڪري انھن پنھنجن ڪتابن ۾ ان مطباقت سان مواد لکي شامل ڪيو آهي. جانب جواڻ جي ڪتاب تي پنھنجي تجزياتي تحرير ۾ فقير محمد درست راءِ ڏني آهي تہ ”دنيا ۾ معصوميت ئي صادق ۽ امين جي رتبي تي پھتل آهي. ٻاروتڻ واري زندگي اهڙي عمل سان ٽمٽار آهي. جنھن کي جانب جواڻ ٻاراڻي پيرائي ۾ مھارت سان پيش ڪرڻ جو حسن چڱي طرح ڄاڻي ٿو“. عبدالحليم سومري جي ڪتاب ”شاگردن لاءِ تقرير جو فن“ کي بہ فقير محمد سٺي نموني پرکيو آهي ۽ ان تي پنھنجو تجزياتي مضمون لکي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي جنھن کي پڙهي ڪو بہ قاري ان بابت سٺي معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو.
هاڻي مان يعني ”مختيار سمون“ پنھنجي ڪتاب ”گلن جھڙي شاعري ۽ پوپٽ جھڙا ٻارڙا“ بابت فقير محمد جي راءِ لاءِ ڇا لکان. ظاهر آهي، ان کي تہ پنھنجي اکين تي ئي رکندس، ڇاڪاڻ تہ فقير محمد منھنجي هن ڪتاب جو جائزو وٺي جيڪو ڪجهہ لکيو آهي اهو منھنجي ڪتاب جو درست تعارف پيش ڪري ٿو.
هن ڪتاب جو انتساب بہ اهڙين ناميارين شخصتين کي ٿيل آهي جن پنھنجي قلم ۽ عمل ذريعي ٻارن جي علمي ادبي اوسر ۽ سندن ڀلائي لاءِ قابلِ قدر ڪم ڪيو آهي، جن ۾ نامور اديب ڪشنچند بيوس، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، انور علي کوکر ۽ هي بندو يعني پروفيسر مختيار سمون بہ شامل آهي. ڪشنچند بيوس ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جون ادبي خدمتون تہ ادب دوستن لاءِ روزِ روشن جيان عيان آهن پر انور علي کوکر جي ”خدمتِ معصومين“ بہ ڏيھان ڏيھہ مشھور ۽ تعريف جي لائق آهي. سندس اهڙين خدمتن تي کيس صدارتي ايوارڊ بہ ملي چڪو آهي. هو وڏي عرصي کان لاوارث، غريب ۽ بي سھارا ٻارن جي سار سنڀال ڪندو رهيو آهي جنھن ڪري کيس ”لاڙڪاڻي جو ايڌي“ بہ سڏيو وڃي ٿو.
بحرحال مان فقير محمد سنڌيءَ کي جس ٿو ڏيان تہ هن ٻاراڻي ادب جي مختلف ڪتابن تي پنھنجن لکيل تجزياتي مضمونن تي مشتمل هي ڪتاب مرتب ڪري سنڌي ٻاراڻي ادب جي واڌاري واري ڏس ۾ پنھنجين بي لوث ڪوششن کي بہ شامل ڪيو آهي. ان لاءِ نوجوان سدائين شاد ۽ آباد هجي.

پروفيسر مختيار سمون
ناليج سينٽر لاڙڪاڻو

مقدمو: فقير محمد سنڌي

اي گت غوّاصن جئن سمنڊ سوجهيائون،
پيھي منجهہ پاتار جي، ماڻڪ ميڙيائون،
آڻـــي ڏنـــائـــون، هــيـــرا لال هـــٿــــن ۾.
(شاھ لطيف)
ٻاروتڻ جي عظيم درسگاھ ماءُ جي هنج آهي، جنھن ۾ ٻار لولي، ٻولي، گيت ۽ قصا بي سمجهہ هوندي بہ ٻڌي ۽ سِکي ٿو. اهڙي منظر کي ڪنھن بہ دور ۾ قيد نٿو ڪري سگهجي. جڏهن کان انسان جي ماءُ جي هنج جو تصور آهي تڏهن کان ادب، ٻولي، قصا ۽ گيت شامل عمل آهن. ان جو بھترين مثال هن چوڻيءَ ۾ چٽيءَ طرح ظاهر ٿئي ٿو. "سج جيترو وڌيڪ چمڪندڙ هوندو تہ پاڇو بہ اوترو ئي صاف هوندو تہ پوءِ اسين ان اونداھ کي ڏسون يا اهڙي چٽي روشنيءَ کي.؟"
اهڙي حقيقت کي آڏو رکندي دنيا جي اندر ٻارن لاءِ ادب تخليق ٿيو. پاڻ خاص ڪري سنڌي ادب تي نظر وجهنداسون تہ انگريز دور ۾ جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي لپي تيار ٿي تہ سنڌ جي ليکڪن آکاڻين، درسي ڪتابن ۽ ترجمن جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي. 1853ع کان 1920ع تائين جي دور تعميري ۽ جدت وارو دور چئي سگهون ٿا. تاريخ تي جڏھن نظر وجهنداسين تہ ڪافي انگ اکر ملي ويندا، جن جو تفصيل ڪجهہ هن ريت آهي.
"باب نامو"، منشي اڌارام ٿانور داس 1853ع، درسي ڪتاب "پھريون ڪتاب" منشي اڌارام ٿانورداس 1853ع، "ٽيون ڪتاب" پرڀداس رام چنداڻي 1853ع تي سرڪاري طور تي ڪتاب شايع ٿيو. چوٿون ڪتاب ڀاڱو پھريون ۽ ٻيو پرڀداس رامچنداڻي 1853ع تي منظر عام تي آندو. "ايسپ جون آکاڻيون" ننديرام ميراڻي 1854ع تي ترجمي جي صورت ۾ پيش ڪيو. زباني قصو "ڀنڀي زميندار جي ڳالھہ" غلام حسين قريشي 1854ع تي پيش ڪئي. ٻوليءَ کي سنوت ۾ آڻڻ لاءِ اڌارام ٿانورداس 1854ع ۾ گرامر جي بنيادي اصولن تي ڪتاب پيش ڪيو."سنڌي ويا ڪرڻ" سنڌي ٻوليءَ کي تحفي طور پيش ڪيو" چٽ جي پاڙ" ننديرام ميراڻي، ڊرائننگ جي سکيا لاءِ 1854ع تي نئون واڌارو ڪيو. "سڌاتورو ۽ ڪڌا تورو" هندي قصي کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمي جي روپ ۾ ميران محمد شاھ اول 1855ع تي پيش ڪيو. انگي حساب جو ڪتاب ننديرام ميراي"ليکي جي پيڙھ "1855ع تي آندو." ڌرتي نروار "ٻہ حصا جاگرافي تي ننديرام ميراڻي ۽ ٻين گڏجي 1855ع تي آندو. سنڌي لپي ٺھڻ کان پوءِ سنڌي شعور وند اديب، ليکڪن ۽ شاعرن پنھنجي حصي جو ڪم احسن طريقي سان پيش ڪيو." پئمائشي حساب "1855ع تي ننديرام ميراڻي ۽ ٻين اديبن رياضيءَ جھڙي موضوع کي متعارف ڪرايو. "دنيا جي تاريخ" اڌارام ٿانورداس 1855ع تي تاريخ جي ڪتاب ترجمو ڪيو." سيکائتو نروار "ننديرام ميراڻي 1856ع تي سنڌي سکيا جو ڪتاب ۽ اهڙي نموني "ليکي جو حساب" ٻہ حصا 1856ع تي ننديرام ۽ ٻيا سرفھرست آهن. "علم هيئت" جو ڪتاب، ميران محمد شاھ اول "آڪاسي نروار" 1856ع تي ڏنو. "جبرو مقالمه " آلجبرا تي ننديرام ۽ ٻين جي مدد سان منظر عام تي آيو. "سنڌي صرف ونحو" ميان محمد 1860ع تي گرامر طور ڏنو. "سنساري نروار" فطرت جي مطالعي جاگرافي 2 حصا ننديرام ميراڻي 1861ع تي، ميران محمد شاھ اول، ٻاراڻيون آکاڻيون، مفيد الحبيان 1861ع تي "سنڌ جي تاريخ "سيٺ آلومل 1856ع تي، درسي ڪتاب آندو "هندستان جي تاريخ" پريمداس 1863ع تي درسي ڪتاب ڏنو. "بمبئي کاتي جي جاگرافي" گرڏنو مل 1868ع تي "اصول علم طب" ڪوڙو مل 1868ع تي، "انگي حساب" ڪرشنا شاستري 1869ع، تي "دل جا حساب" ڪرشنا شاستري 1869ع تي پيش ڪيا. "ٻاراڻا شعر" مرزا قليچ بيگ 1870ع تي اهڙي طرح ٻارن لاءِ قصو" ڪُئا ۽ ٻلي"، آخوند عبدالرحيم وفا 1871ع تي پيش ڪيو." ليکي جي پيڙھ" پريمداس 1871ع تي انگي حسابن جو تحفو ٻوليءَ لاءِ پيش ڪيو. "سنڌي پنجون ڪتاب" 1874ع تي ڪوڙي مل درسي ڪتاب طور پيش ڪيو. گرداس ڪرپلاڻي 1890ع تي الف ليلائي آکاڻيون "بيتال پڇيس"، "ٻاراڻيون آکاڻيون" ڪوڙو مل چندن مل 1891ع تي اهڙي طرح 1891ع تي ٻاراڻا گيت ڪوڙي مل چندن مل پيش ڪيا. ٻاراڻيون آکاڻيون، لوڪو مل پنواڻي "واندڪائيءَ جي وندر "1895ع تي پيش ڪيو. "عجيب نقطا"، روچيرام گجو مل اخلاقي آکاڻيون 1895ع تي تاريخ جو حصو بڻايو. ان سفر ۾ "ڦول مالھا" ڪتاب ڪوڙي مل چندن مل 1902ع تي سنڌي ادب کي ارپيو. "دلچسپ آکاڻيون" 1905ع تي ڪيولرام سلامتراءِ پيش ڪيو. "ٽھڪ ئي ٽھڪ" 1906ع تي، ڪوڙو مل چندن مل، 1906ع تي "دل بھار" چار ڀاڱا پرمانند ميوارام 1912ع تي "سلڇڻائيءَ جو ڦل"، ڀڳوان سکراڻي 1913ع، تي "شيطان جي ناني"، ٻاراڻو ناول، 1916ع تي مرزا قليچ بيگ اهڙي طرح "ٻاراڻا گل ڦل" 1918ع تي مرزا قليچ بيگ جي هڪ ڪاوش طور سامھون آيا.
1920ع کان 1947ع تائين ٻال ساهتيہ جو هڪ نئون دور شروع ٿيو جنھن ۾ ٻارن جي ذهني اوسر لاءِ خاطر خواھ ڪوششون سامھون آيون جنھن ۾، قصا، ڪھاڻيون، ٻارن جا گيت ۽ ادارن جو قيام شامل آهي. ان ڏس ۾ پھريون ڪتاب، "اخلاقي تعليم" 1921ع تي ڏيئي مل محبوب راءِ جو ملي ٿو. اهڙي نموني 1922ع تي ڄيٺمل پرسرام "نئين سنڌ لائبريري ۽ سستو عمدو ساهت مالھا" نالي اشاعتي ادارو قائم ڪيو. 1926ع کان نثري ڪتاب، جيڪي مرزا قليچ بيگ انگريزي، فارسي ۽ عربي ٻوليءَ تان ترجما ڪيا، اهي هن اداري طرفان منظر عام تي ايندا رهيا. انھن ۾ "وامق عذرا"، "لبا خان درزي"، "خليفو ڪھنگ "، "نيلو پکي "،" طلسمي گڏُي "،"ٻہ جاڙا ڀائر"، " ديو راڪاس"، "ستن شھزادن جي ڪھاڻي" ۽ "ٻارن لاءِ وندر پروليون" شامل آهن.
1925ع تي ميلارام منگترام واسواڻي "سندر ساهتيہ منڊل" کي ٻارن جي اشاعتي اداري طور متعارف ڪرايو، جيڪو سنڌي ادب ۾ ٻارن لاءِ پھرين اداري جي حيثيت رکي ٿو. اشاعتي اداري جي آخري ڪارگذاري 1947ع تي "گل ڦل" جاري ڪري اهو اعزاز بہ پنھنجي نالي ڪيو.
1926ع تي پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻيءَ ٻاراڻي ادب کي اڳتي وڌائيندي "ٻاراڻيون ٻوليون" ڪتاب شايع ڪرايو. سندر ساهتيہ منڊل پاران ويرو مل جو ڪتاب "موجي آکاڻيون" 1928ع، نانڪرام ڌرمداس جو "کيل خوشي" 1932ع، ميلارام منگترام جو "چرچن جي چھر" ۽ ٻال رامائڻ 1946ع تي ٻارن جي ذهنن جي اوسر ڪري چڪا هئا. ميلارام منگترام واسواڻيءَ ٻارن ٻاراڻي ادب ۾ "ٻال شري ڪرشن" 1935ع تي ٻيو ڇاپو شايع ٿيو. ميلارام منگترام واسواڻيءَ جو" ٻال مھاڀارت" 1940ع، انصاف جون آکاڻيون"، اخلاقي دنيا"،"پارس مڻي"، "گل گڏي"، "ڦلواڙي"، "پرڀاتي تارا"، "هندو وير ٻالڪ"، "ديوستان" ،"اڏند کٽولي"، "پرستان"، "سندر ڪھاڻيون"، "املھہ موتي"۽"مکڙيون "، شامل فھرست آهن. سنڌ ادب جي وک ۾ هڪ ٻئي وک "ڪوڙو مل ساهتيا منڊل" جو بنياد 1925ع تي ديوان ڪوڙي مل چندن مل کلناڻيءَ جي پٽ منوهر داس پيءُ جي علمي خدمتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ ادبي اداري جو بنياد وڌو . ساڳئي سال نومبر مھيني ۾ هن اداري پاران" منوهر ڪوڙي مل جي ايڊيٽريءَ ۾ " گلستان"جاري ٿيو.
1926ع تي ڀيرو مل مھر چند آڏواڻيءَ جو ٻاراڻن جي گيتن تي مشتمل ڪتاب" نوبھار "شامل آهي. پوڪر داس پريس شڪارپور، منگهارام ملڪاڻيءَ جو "علي بابا چاليھہ چور" 1929ع ۾ پادري فرار جي مشھور اسڪولي زندگيءَ بابت نانڪرام ڌرمداس مير چنداڻيءَ جو انگريزيءَ مان ترجمو ڪيل ناول "نازڪ گلڙا" 1929ع ۾، ڪوڙي مل، ساهت منڊل پاران منوهر داس ڪوڙي مل جو ڪتاب "من جا مڻيا"، ٻيو ڇاپو 1928ع تي شايع ٿيو. ڪشنچند بيوس جو "شيرين شعر" 1935ع، هري دلگير ۽ ڪشنچند بيوس جو گڏيل شعري مجموعو" موجي گيت"1935ع، جمع خان غريب جو "گل نوبھار" 1935ع تي شايع ٿيو. ٻاراڻي نظم جي لاجواب ڪتابن جي فھرست ۾ شامل آهن. نارائڻ داس ڀنڀاڻيءَ جو باتصوير ڪتاب "ٻارن لاءِ آکاڻيون"، 1946ع اهڙي طرح ايم آر مائيداساڻيءَ جو انگريزيءَ مان ترجمو ڪيل ٻاراڻين ڪھاڻين جو ڪتاب" ٻُچي رمضان" 1946ع، جشن مولچنداڻيءَ جو "رستم ۽ سھراب، سندر ساهتيا منڊل ۽ ڀڳوان سکراڻيءَ جو ڪتاب "لال ٻلي" منوهر ساهيتا منڊل پاران شايع ٿيا. هي ان دور جا ڪتاب، ليکڪ ۽ ادارا آهن جنھن دور ۾ پنھنجي ڌرتي تي انگريز سامراج قابض هو. اهڙا دور وقتن بہ وقت سنڌ جي سر زمين تي تقريبن رهيا آهن. تڪليف واري دور جو ادب پنھنجي بيھڪ ۾ شاندار ئي رهندو آهي.جيئن سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جا دور تاريخ ۾ ملن ٿا.
1947ع کان 2024ع تائين سنڌي ٻاراڻي ادب پنھنجو عروج ماڻيو آهي جنھن کي ٻاراڻي ادب جو شاندار دور چئي سگهجي ٿو....!
برصغير جي ورهاڱي، ٻولي، ادب، زمين ۽ جذبن کي اڌواڌ ڪري ڇڏيو. اها ٽڪرا پاڻ ۾ ملي نہ سگهيا پر ٻوليءَ لاءِ ڪارائتي ڪوششون ضرور ڪيائون.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ ٻاراڻو ادب جنھن ۾ نظم، ڪھاڻي، آکاڻيون، رسالا، ادارا، تنظيمون ۽ ٻارن جي ادب لاءِ هفتيوار ڪارنر اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻجندا رهيا. ورهاڱي کان پوءِ سڀ کان پھرين 1957ع ۾ "گلشن ادب" نالي، ٽنڊو محمد خان ۾ اياز پاٽولي اشاعتي ادارو قائم ڪيو ۽ "بزم گلشن سنڌ" جي نالي ٻارن جي ادبي جماعت جو بنياد رکيو. اهڙي نموني ٻارڙڻ جي ادب جي واڌ ويجهہ 67-1966ع تي حيدرآباد مان دينوءَ جي پڙ مان غلام مرتضي ڀٽي "شمع سيريز" جي نالي سان اشاعتي ادارو قائم ڪيو. دادا شيوڪ ڀوڄراج جي ڇڏيل ڪم کي 1953ع کان "بزم گلستان" ۽ ماهوار رسالي "گلستان" پڻ اڳتي وڌايو. "ٻارن جي ذهني اوسر لاءِ صحت مند ذهنن پئي ڪوشش ڪئي. ان ڏس ۾حاجي حقير ابن مڱڻ خاصخيلي جا هڪ ئي سال يعني 1958ع ۾ هيٺيان ڪتاب شايع ٿيا. "شھزادو صبر ۽ سون پري"، "ڪيھر شينھن جي ڌيءَ"، "پنج ڀينرون"، "دادلو شھزادو "1958ع، "سليماني گل جي دل"، حاجي حقير ابن مڱڻ خاصخيلي جو "راڻي ناز بيگم ۽ طوطا مئنا"1963ع،حاجي حقير ابن خاصخيلي جو، ”بيوقوف بادشاھہ ۽ عقلمند وزير" 1966ع،حاجي حقير ابن مگڻ خاصخيلي جو "کل. خوشي" 1967ع شامل آهن. هن دور ۾ ڪجهہ ناليوارا ادار ۽ ڪجهہ ادارا اهڙا بہ آهن جيڪي پنھنجي وس آهر ڪم ڪن ٿا. ڪوشش ڪري انھن ادارن جو نالو ڪتابن سان ڪٿي ڪٿي گڏ ڏنا اٿم. جيئن "رونق پبليڪيشن حيدرآباد جو ڪتاب "نبين جا قصا "1968ع، بلاول پرديسيءَ جو "سوني صندوق "1969ع، 70جي ڏهاڪي ۾اهم اشاعتي ادارو "سرهاڻ پبليڪيشن جنھن 1975ع کان وٺي 2005ع تائين پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون." سرهاڻ پبليڪيشن کي پرواني سيوهاڻي، سيوهڻ ۾ قائم ڪيو. وقت سان گڏ ٻاراڻي ادب لاءِ سڀني پنھنجي حصي جو ڪم شروع ڪيو ان ۾ "احباب پبليڪيشن حيدرآباد ۽ صداقت بوڪ ڊپو حيدرآباد بہ پنھنجون خدمتون پيش ڪيون. 1970ع جي ڏهاڪي ۾ هلال بوڪ ڊپو حيدرآباد بہ سنڌي ٻاراڻي ادب لاءِ اشاعت جو سلسلو شروع ڪيو، هن سلسلي ۾ ڪي ٻيا ڪتاب گهر بہ شامل آهن. "امين ڪتاب گهر" حيدرآباد، احمد نبي بخش شيخ قائم ڪيو. هن اداري حسام سومرو، محمد بن واصف ۽ نذير حسين ڀٽيءَ جا ٻارن لاء لکيل اٺ ڪتاب اشاعت ڪيا. نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد، پاڪستان ۾ ڪتابن جي تياري ۽ اشاعت جو قومي ادارو آهي هن اداري 1973ع ۾ ٻارن جا 10کن ڪتاب شايع ڪيا. انھن ۾ ناهيد جعفريءَ جو ترجمو آکاڻيون "گل بھار" 1973ع، "سيف الملوڪ" ڪھاڻين جو ترجمو ڪيل ڪتاب، "سٺا اخلاق " 1973ع، مقبول ڀٽيءَ جا ترجما ڪيل ڪھاڻين جا ڪتاب "ڪٽو نوريئڙي جي ڪٽ ڪٽ"، "چنگيا اهي ٽي ڪير هئا"، "ڪٽو نوريئڙي ۽ چٽ چٽ", "ڪٽو نوريئڙي جو پھريون سفر"، "انوکا پکي"، "هڪ هئي ڍنڍ"، چنگيا جي اڏام ڪٽوري 1973ع شامل آهن. احباب پبليڪيشن حيدرآباد، عبدالعزيز ڀٽيءَ جا ڪتاب "ڀوتن جو آستانو"، "ڀوتن جون شرارتون" ۽ "ڀوتن جو بنگلو"، 1978ع، عبدالعليم اي ڀٽيءَ جو ٻارن لاءِ ڪھاڻين جو مجموعو "سھڻو خواب" 1978ع، نذير حسين ڀٽيءَ جو ترجمو ڪيل ڪھاڻين تي مشتمل ڪتاب "سلطان ڌاڙيل" 1978ع شامل آهن. ان دوران ٻارن لاءِ مذهبي ڪتاب ۽ سورهين جي تاريخ کي بہ نروار ڪيو ويو.
1980-79ع وارو ڏهاڪو سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ٻارن جي ڪتابن جي اشاعت جو انتھائي اهم ڏهاڪو آهي، هن ڏهاڪي ۾ سٺي مقدار ۾ ٻارن لاءِ ادب تخليق ٿيو. هي دور انتھائي ڏکيو ۽ مارشل لا جا ڪارا ڪڪر ڇانيل رهيا، بلڪل هر شيءَ تي نظرداري هئي ، ان دور ۾ ٻئي ادب تخليق ڪرڻ تي گهڻي ڀاڱي پابندي مڙهيل هئي، انھيءَ دور کي سنڌي اديبن ضايع ٿيڻ کان بچايو ۽ خاموشي اختيار نہ ڪئي. ٻاراڻو ادب تخليق ڪري، نئين نسل جي آبياري ڪئي. نظمن جا ڪيترائي لاجواب ڪتاب شايع ٿيا انھن ۾. 1979ع ۾ ڪجهہ ڇپيل ڪتاب هن ريت آهن، مختيار ملڪ جو "ٽم ٽم تارا"، نصير مرزا جو، "ڌرتيءَ جا تارا"، ادل سومري جو "چنڊ پشم گولو"، ذوالفقار سيال جو "مکڙين مالھا" اياز گل جو "گل ۽ تارا" ۽ منظور ظفر جو "ڌرتيءَ جا گل" شامل آهن. هاڻي نظر ڪجي 1980ع تي جنھن ۾ استاد بخاريءَ جو ٻارن لاء شاعريءَ جو مجموعو "هي گيت گلابي ٻارن جا" 1980ع، اڪبر جسڪاڻيءَ جو "بتين واري ناني" (بايو گرافيڪل ناوليٽ) 1980ع، نياز پنھور "سپون ۽ ڪوڏ" 1981ع، محمد اسماعيل عرساڻي جو، "نياريون وٿون" 1980ع، ظفر عباسيءَ جو "تارا تارن هيٺ"1981ع، رشيد ڀٽيءَ جو "پاڪستان جا پراڻا شھر" 1981ع، پروفيسر محمد امين جو "ڪپھہ جي ڪھاڻي" 1981ع، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جو، "شھري حياتي ڳوٺ" 1981ع، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو "برک سائنسي کوجنا" 1981ع، تنوير عباسيءَ جو "سنڌ جا عظيم صوفي بزرگ" 1981ع، غلام نبي ميمڻ جو "ڌارين ٻولين جون ڪھاڻيون"1981ع، حبيب ﷲ صديقيءَ جو "درياءَ ۽ سامونڊي ڪنارن سان زندگي" 1981ع، علي مرتضيٰ ڌاريجي جو ڪتاب، "بدن ۽ ان جو ڪم" 1981ع، قاضي خادم جو "شھري حياتي ۽ ڳوٺاڻي حياتي" 1981ع، سيد سردار شاھ "ذاڪر" جو "حضور صلعم جي زندگيءَ جو مختصر احوال" 1981ع، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ جو "پورهيي جو مان"، محبوب علي جوکيي جو "مثالي شاگرد" 1981ع، اياز قادريءَ جو "پکين ۽ جانورن جون نصحيت ڀريون ڪھاڻيون"1981ع، ڊاڪٽر نواز علي شوق جو "وڏن جو ادب" 1981ع، اياز قادريءَ جو "پرين جون ڪھاڻيون" 1981ع، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو "لوڪ شاعري" 1981ع، ڊاڪٽر هارون رشيد ميمڻ جو، "ماڪوڙي، ماکيءَ جي مک ۽ ڪوريئڙي جي حياتي" 1981ع، محبوب علي جوکيي جو ڪتاب، "استادن جو ادب" 1981ع، گوهر ممتاز قاضيءَ جو، "ڀولڙي جي ڀل ۽ ٻيون آکاڻيون" 1981ع، علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو، "مٺو مرسل" 1981ع، محمد اسماعيل عرساڻي جو، "ننڍا ناٽڪ" 1981ع ۽ استاد بخاريءَ جو ٻارن لاءِ گيت "ٻاراڻا گيت" 1981ع، ذوالفقار سيال جو، "منھنجي ديس جا ٻار" 1982ع، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جو "لاکو ڦولاڻي" 1982ع،ادل سومري جو" پتلين جو تماشو"، 1982ع، ذوالفقار سيال جو، "گيت کيڏوڻا" 1983ع، مختيار مگڻهار جو، " دنيا گولا آهي" 1983ع، پروانو سيوهاڻي جو، "ٽياسي جا ٽي ناٽڪ" 1983ع، پرواني سيواڻيءَ جو،" تماشو" 1984ع، ادل سومري جون ڪھاڻيون" جيتن جي ڪانفرنس" 1984ع، مقصود گل جو،" ڪرڻا ڪرڻا" 1986ع، ادل سومري جو گيتن جو مجموعو "پوپٽ جھڙا ٻار" 1986ع، ذوالفقار سيال جو،" گلڙن جھڙا گيت" 1986ع، پروانو سيوهاڻي جو، "پکين جي پرديس ۾" 1986ع، زاهد شيخ جو،" جيجل تنھنجي جهول ۾" 1988ع، اڪبر جسڪاڻيءَ جون ڪھاڻيون،" رمون پيٽي" 1988ع، ذوالفقار سيال جو "لفظن جا رانديڪا "1989ع اختر درگاهيءَ جو" گل ۽ مکڙيون "1989ع، پرواني سيوهاڻيءَ جو،" چنڊ ۽ چڪور "1989ع، مختيار مگڻھار جو،" ڌرتي روشن ٿيندي "1990ع ادل سومري جون لکيل ڪالم ڪھاڻيون" نئين دور جا نوان سبق "1990ع، اسلم سنديليءَ جو" سچل سرمست "(سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتو) 1990ع شامل آهن.
گُهٽ ۽ ٻوسٽ جي لھر کي ختم ڪندي نئون ادب ۽ ادارن جي واڌاري سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ سگهہ پيدا ڪئي. 1979ع کان 1990ع تائين ٻارن جي نظمن، آکاڻين، ترجمن ۽ ادارن جي جوڙجڪ بھار جھڙي موسم پيدا ڪئي. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ نثار حسيني آگم پبليڪيشن ايجنسي پاران، "ٻالڪ ڪتاب لڙي" ۽" روشن تارا سرڪل" جي عنوان هيٺ ڪيترائي ڪتاب شايع ڪيا. رتيديري مان مقصود گل" سنڌڙي ڪتابي سلسلو ۽ محبوب جوکيي محراب پور مان، "ٻارن جي سنڌي ساهت گهر ۽ حيدرآباد مان، نويد بوڪ ڊپو ٻاراڻي ادب ۾ پاڻ ملھايو.
*آر. ايڇ احمد اينڊ برادرس ٻن ڪاٺياواڙي واپارين حاجي قاسم ۽ حاجي رحمت ﷲ ، ورهاڱي کان اڳ قائم ڪيو ۽ 1980ع ۾ هي ادارو بند ٿيو. اهڙيءَ ريت ادل سومري جو جذبو جاڳي پيو.
ٽي ماهي مھراڻ نمبر (2) سال 1984ع تي"سنڌي ادب سيمينار ۾" ، ادل سومري "آزاديءَ کان پوءِ سنڌيءَ ۾ ٻاراڻو ادب" عنوان سان مضمون لکي سنڌي اديبن ۽ ادارن جو ڀرپور ڌيان ڇڪايو.

* مھراڻ اڪيڊمي، شڪارپور. هي ادارو 1989ع تي قمر ميمڻ قائم ڪيو.
* ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ : سال1990ع کان ٻاراڻي ادب تي ڀرپور نموني سان ڪم ڪيو.
* سنڌيڪا اڪيڊمي، 1991ع تي ناليواري پبلشر نور احمد ميمڻ ڪراچيءَ ۾ قائم ڪئي.
* سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ سنڌ لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد. 1991ع تي قيام عمل ۾ آيو. 1993ع کان هن اداري ٻاراڻي ادب تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.
1990ع تي سرڪاري ادارن بہ ٻاراڻي ادب تي پنھنجي حصي جو ڪم ڪيو. جنھن ۾" انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو "، "سنڌ لئنگئيج اٿارٽي"۽ ثقافت کاتي پاران ٻارن جي ادب جي اشاعت ۾ سگهہ مھيا ڪئي. اهڙي سفر ۾ سنڌي ادبي بورڊ اڳ ۾ فعال هيو. خانگي اشاعتي ادارن ۾ "سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي"، "مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور"، روشني پبليڪيشن "ڪنڊيارو "حيدرآباد"، "سنڌ ساهت گهر حيدرآباد"، قاسميہ لائبريري ڪنڊيارو"، "گلشن پبليڪيشن حيدرآباد بہ ٻاراڻو ادبي سفر جاري رکيو. دعوہ اڪيڊمي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچي ٻاراڻي ادب لاءِ اصلاحي ۽ مذهبي مواد شايع ڪيو.' ٻالڪ ادبي اڪيڊمي، ڪراچي، اصل ۾ نئون نياپو اڪيڊميءَ جو ذيلي اشاعتي ادارو آهي. سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو ٻاراڻي ادب تي جيڪو ڪم ڪيو ان ۾ اول ڇپيل ڪتاب ٻيھر شايع ڪيا ۽ نئين مواد تي ڌيان سان ڪوششون پڻ شامل آهن. جنھن ۾، غلام محمد لاکيءَ جو، "دولھہ دريا خان" 1990ع، نصير اعجاز جو، "جنرل هوش محمد شيدي" 1990ع، ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جو، شاگردن لاءِ معلوماتي ڪتاب "اسان جون اکيون" 1992ع، سڪندر سرواڻ جو، "سرها گل ساڻيھہ جا" 1992ع، پروانو سيوهاڻي جو، "هل تہ هلون چنڊ تي"(ٻارن جو سفر نامو) 1992ع الحاج رحيم بخش قمر جو ٻارن لاءِ شاعري، "ٻارا گيت "1993ع، مقصود گل جو، "هٺيلي هرڻي" سرهاڻ پبليڪيشن 1993ع،علي بابا جو، سنڌ باد جو سفر" 1993ع، پرواني سيوهاڻي جو، "منھنجون يادون منھنجو ننڍپڻ (ٻارن لاءِ آتم ڪھاڻي) 1993ع، جاويد عباسيءَ جو "ناني سڦوران "1993ع، طارق قريشيءَ جو 'ناول' ٻالڪ فورس ۽ ڀوت بلڊنگ" 1993ع، پروانو سيوهاڻي جو، "ٻارن لاءِ چونڊ ڪھاڻيون" 1994ع، بيخود بلوچ جو،" لوليون ٻوليون ٻارن جون "1995ع، عطا محمد ڀنڀري جو ترجمو "سياڻو ڪوري" جاويد عباسيءَ جو "جاندار" 1995ع، پروفيسر شيخ محمد فاضل جو "مثالي ٻاراڻو ڪتاب "خليل عارف سومري جو "مھڪار" 1995ع، پرواني سيوهاڻي جو، "خيرو خيالي" 1995ع، بدر رضوان عباسيءَ جو، "اسان جو جسم" 1996ع، خالد ڀٽي ءَ جو، ٻارن جون آکاڻيون "شيطان جون ڪھاڻيون" 1996ع، "چئن سالن جو پوڙهو " 1996ع، غلام محمد ڀٽي جو، "ٻالڪ پيارا ٻولي پياري" 1996ع، ارشاد ساگر گڏاڻيءَ جو "بکيو شينھن" مھراڻ اڪيڊمي 1997ع، خالد ڀٽيءَ جو،" شيطان جون شرارتون" 1997ع، احمد خان آصف مصراڻي، "ٻاراڻا ٻول" (ڇھہ ڀاڱا) سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي 1997ع، شمس الدين سومري ءَ جون ڪھاڻيون، "شيري ۽ ڀوري" 1997ع، " شمس الدين سومري جو،" جنھن کي رب رکي" 1998ع، مشتاق بخاريءَ جو، "گيتن جھڙا ٻار" 1998ع، خالد ڀٽيءَ جو "نصيحت ڀريون ڳالھيون، (ٽي حصا) 1998ع، خير محمد لغاري جو "بنيادي ايجادون" 1999ع، بيخود بلوچ جو، "لوليون ٻوليون ٻارن جون" 1999ع، عطا محمد ڀنڀري جا ترجما" ڪاٺ راڻي "،" بستي "،"سورھيہ سانوڻ" سونھن ديوي ۽ ست ڄامڙا" 1999ع شامل آهن. نصير سارنگ جو ترجمو" هڪ سو هڪ سائنسي رانديون" 2000ع، شمس الدين سومري جو،" روبي آئي خوشبو آئي" 2000ع، "ٻالڪ ادبي فورم" ، سنڌي ٻاراڻي ادب لاءِ هڪ نج تنظيم جنھن جو ڪردار بہ واکاڻ جوڳو آهي.ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي.ليکڪ محمد علي ماجد جي ڪوشش آهي. پوپٽ پبليڪيشن هائوس، خيرپور اديب ۽ پبلشر قربان منگيءَ جو پوکيل ٻوٽو آهي. عبدالحئي ڀُٽي جو ٻارن لاءِ لکيل ڪھاڻين جو مجموعو "گلابن جي خوشبوءِ" 2000ع، جوهر بروهي جو، "لولي" 2000ع، ڪشنچند بيوس/ نصير مرزا جو، "ڇھہ ڇھہ پئسا ٻہ ٻہ پايون"، 2001ع، عطا محمد ڀنڀري جو ترجمو ۽ خالد آزاد جو ترتيب ڏنل، "ڏاها ڀائر" خير محمد بلوچ ۽ خالد آزاد جو ترجمو "جانورن جو بادشاھ" 2001ع، يوسف سنڌيءَ جو، ترجمو" ڀورو بگهڙ "2001ع، پرواني سيوهاڻي جو، "اڏام" 2001ع، مشتاق بخاريءَ جو،" سونھن سنسار جي"2001ع، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو، اکر اکر سرهاڻ 2002ع، انگريزيءَ جي جڳ مشھور ليکڪ ايڇ جي ويلز جو لکيل ۽ نصير سارنگ جو ترجمو ناول، "مريخ جو حملو" 2003ع.
محمد علي ماجد جو شعري مجموعو "ڌرتيءَ جا ٻار" 2003ع، غلام محمد غازي جو، رانديڪن سان راند، 2003ع (انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي)، وحيد محسن جو، "برائي جو بدلو" (ڪھاڻيون) 2003ع.
اين اي جان فائونديشن، حيدرآباد: احسان لغاري جي سرپرستي ۾ 10 فيبروري 2001ع تي پنھنجي ڪم جو آغاز ڪيو. فينيڪس بوڪس، 2007ع تي روزينا جوڻيجو ۽ ظفر جوڻيجو. ان ڏس ۾ قدم اڳتي وڌايو.
بشير منگيءَ جو ”ٻارن لاءِ سنڌي انگريزي باتصوير لغت“ 2004ع، پرواني سيوهاڻي جو، "ڌرتيءَ جو تارو" 2004ع، گوهر سنڌيءَ جو "جاڳ او ٻالڪ جاڳ" 2004ع، (سونھن پبليڪيشن پريالو خير پور) ،غلام محمد ڀٽيءَ جو، "رنگ برنگي گيت" 2004ع، پرواني سيوهاڻي جو، "انڌي فقيرياڻي" 2004ع، اختر جانوري جو، "پنھنجي ڌرتي پنھنجا ساھ" 2004ع، ولي محمد طاهرزادي جا ڪتاب، "شخصيتون" 2005ع ۽ آکاڻيون (1) آکاڻيون (2) 2005ع، سيد اظھر گيلانيءَ جو "سرها گل" 2005ع، خالد آزاد جو، "سج اڀرڻ کان پوءِ"، 2005ع، خالد ڀٽيءَ جو "گلن جون ڳالھيون" (نفسيات) ترجمو 2005ع، پرواني سيوهاڻيءَ جون(ڪھاڻيون) "سھڻي صلاح "2005ع. غلام محمد غازيءَ جو،" رنگا رنگي گيت"، 2006ع، خالد ڀٽيءَ جو "سچا ٻول" (نبي سڳورن جا قول) 2006ع، ملھار سنڌيءَ جو شعري مجموعو "ٻالڪ چنڊ ستارا 2006ع، منٺار سولنگي جو،" آءٌ جيڪر پڙهڻ وڃان ها" 2006ع، ادل سومري جو، "مٽيءَ جا رانديڪا" 2006ع، ولي محمد طاهر زادي جا ڪتاب، "سنڌ ديس جون رانديون" (1) ۽ سنڌ ديس جون رانديون" (2) 2006ع، جيڪب گرم ۽ وليم گرم جي لکيل ۽ رفيعہ ملاح جو ترجمو ڪيل گرم جون آکاڻيون (2) 2007ع، غلام مصطفي سولنگيءَ جو "سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي شاعريءَ جي اينٿالاجي 2007ع، پريل داييءَ جو، "ٻاتا جنين ٻول" 2007ع، خالد ڀٽيءَ جو، "واندڪائيءَ جي وندر" 2007ع، سميع 'ساجد' جوڻيجي ءَ جو "لفظن جا پوپٽ" 2007ع،خالد ڀٽيءَ جو، "روشني روشني" 2009ع، شوڪت چاچڙ جو "اڌوري تصوير" 2008ع، نثار بزمي ۽ غلام محمد غازيءَ جو، "ڌرتي تارا" 2008ع، دين محمد ڪلھوڙيءَ جو، "گل ڦل چونڊ ڪھاڻيون" 2008ع، انور ابڙي جو، ٻارن لاءِ ناول، "ڀڳل رانديڪو" 2008ع، دنيا جي نامور سائسندانن جي خاڪن تي مشتمل، قاضي منظر حيات جو ٽن جلدن ۾ "ناميارا سائنسدان“، 2009ع، رياض پارس ملاح جو، "ٻاراڻا ٻول ۽ رانديون" (علم دوست ادبي سنگت تعلقو نارو) 2009ع، اقبال شينوءَ جو، "سرھا گل رابيل جا" (بزم نواز رڪڻائي دادو) 2009ع، خير محمد لغاري جو، "دنيا جا عجوبا" 2009ع، خليل عارف سومري جو "موتي ۽ مکڙيون" 2010ع، عبدالحئي ڀُٽي جو، شعري مجموعو "سھڻا ٻالڪ سنڌ جا" 2010ع، مشھور سائنسدان ٿامس ايديسن تي ناول، قاضي منظر حيات جو (ترجمو) "وقت ۽ امتحان" 2010ع، بيخود بلوچ جو،"جاڳو ٻارو" 2010ع، خير محمد لغاري جو، "ٻليءَ جي نسل جا جانور" 2010ع، محمد صديق مسافر جو لکيل ۽ غلام مصطفيٰ سولنگيءَ جو مرتب ڪيل "اسيمبليءَ جو راڳ" 2010ع، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو، "دعائون" 2010ع، خليل عارف سومري جو، "موتي ۽ مکڙيون" اويس ڀُٽي جو "جهرڪيءَ کان انٽرويو"2011ع، آزاد بخاريءَ جو "نچڻا کيڏڻا کلڻا ٻار" 2011ع ، خالد ڀٽيءَ جو، "ڪائنات جون ڪھاڻيون" 2011ع، نصير مرزا جو ريڊيائي گيتن جو مرتب ڪيل ڪتاب، "دٻلي ٿي ڇڻڪي" 2011ع، منوج ڪمار جو "برف شھزادي، موڳو مٽر ۽ سوني ڪڪڙ"2011ع، امر جليل جي ڪھاڻين جي مجموعي "چيني ۽ چرٻٽ" کي محققن ٻاراڻي ادب ۾ شمار ڪيو آهي. اهو ڪتاب "ڪاڇو پبليڪيشن“ 2011ع تي شايع ڪيو. شمشير الحيدريءَ جو "روشن تارا" 2012ع، قاضي منظر حيات جو، "سائنسي ڄاڻ" 2012ع،ڊاڪٽر فھميدہ حسين جا پنج ڪتابڙا "اسان جو شاھ لطيف" 2012ع، مرزا قليچ بيگ جو شعري مجموعو مرتب، مخمور بخاري "علم جي دولت" 2012ع، اسرار شام جو ٻارن لاءِ لکيل 'ناٽڪن' جو مجموعو" وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس" 2012ع، استاد امير علي خان جو "رنگ موسيقيءَ خوشبو" 2012ع، اياز ڀُٽي جو "ڳولھا جو سفر" (ڪھاڻيون) 2012ع، خالد ڀٽيءَ جو "دلچسپ" 2012ع، علي محمد درد سولنگيءَ جو، "سھڻا ٻار" (ثقافتي ادبي فورم دادو) 2012ع، اياز ڀُٽي جو،" ڳولھا جو سفر" 2012ع، زيب نظاماڻيءَ جو، "هلو هلون اسڪول"، 2013ع، خالد آزاد جون ڪھاڻيون، مڪئيءَ جا ڦُلا 2013ع، عبدالحئي ڀُٽي جو، "ماڻڪ هر هڪ هٿن ۾" 2013ع، ياسر قاضي جو "ٻيڙيءَ ۾ چنڊ" 2013ع، وفا مولا بخش قمبراڻيءَ جو "پوپٽ رنگ رنگ رنگيلا" 2013ع، احسان لغاريءَ جو "جدولي حساب" 2013ع، ولي رام ولڀ جو (ترجمو) "جانورن جي عجيب دنيا" 2013ع، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو، "پنھنجي ٻولي پياري ٻولي"، 2013ع، يوسف سنڌيءَ جو، مريخ جا مسافر"، 2013ع، غلام محمد ڀٽيءَ جو، "گل ستارا ٻار" 2013ع، پريل داييءَ جو، ٻار اکين جا ٺار"، 2014ع، دادا سنڌيءَ جو، سنڌ جا درسگاھ 2014ع، راز شاهاڻي جو، "ٻارڙن جو شاھ" 2014ع، مقصود گل جو، اکيڙيو نيل ڪنول"، 2014ع، اويس ڀُٽي جو "رانديڪو" 2014ع، نصير سارنگ جو "سائنسي رانديون" 2014ع، ياسر قاضي جو "اُٺ ماما گوگڙو" (سنڌڙي ڪتابي سلسلو رتوديرو) 2014ع، جوهر بروهي جو، "گل ڦل گيت" 2014ع، آزاد بخاريءَ جو، "سائنس ڏنو سوجهرو" 2015ع، ، امداد جسڪاڻيءَ جو "مستقبل جا مسيحا" (سنڌ راڻي پبليڪيشن، حيدرآباد)، غلام مصطفيٰ سولنگيءَ جو ٻارن لاءِ شعري مجموعو "پئسو لڌم پٽ تان" 2015ع، فقير شھمير چانڊيي جو، "هڙ ۾ آئيندو" 2015ع، غلام محمد ڀٽيءَ جو، "نئين دور جا ٻار" 2015ع، انور ابڙيءَ جو، ”عيني ۽ مائُو" 2016ع، خادم گهراڻو جو، "هيرن جواهرن جو ٿيلھو" (آکاڻيون) 2016ع، خالد آزاد جو، "سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ" ٽي جلد (سنڌ لئنگئيج اٿارٽي، سنڌ) 2016ع، يوسف سنڌي جو، "شھيد جي ماءُ" 2016ع، ناري (پبليڪيشن). وحيد محسن جو "مھمان جهرڪي“ 2016ع،خالد ڀٽيءَ جو، "ڪوڙ جي منھن ۾ ڌوڙ" 2016ع، موهن ڪلپنا جو ناول" سرڳ جي ڳولھا "2016ع، (ناري پبليڪيشن). ڄيٺو لالواڻي جو (ريڊيو ناٽڪ) "مُڇرُ مامو" ناري پبليڪيشن 2016ع، شفقت قادريءَ جو "پتڪڙو شھزادو" (ترجمو) 2016ع، عبدالغفار سومري جو ناول "جاڳو جاڳو" 2016ع، الطاف شيخ جو (جپاني ڪٿائون) "جل پرين جي اڳ ڪٿي" 2017ع، ارباب علي "عادل" چوهاڻ جو "سھڻا ٻار سمورا" (مھراڻ ادبي سنگت شڪارپور) 2017ع، (نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ)، دادا سنڌيءَ جون ڪھاڻيون" سنڌ جون تاريخي ڪھاڻيون" 2017ع، زخمي چانڊيي جو، "مٺڙا ٻار"، 2017ع، وحيد محسن جو "ٻالڪ ڌرتيءَ جا ٽانڊاڻا" (مرڪ پبليڪيشن شھدادڪوٽ) 2017ع، محمد جواڻ "جانب"سومري ءَ جو "گلڙا گلڙا گيت" (سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد)، 2017ع، علي محمد درد سولنگيءَ جو "موتين داڻا" 2017ع، ياسر قاضي جو، "لولو ڏنم ڪانوَ کي" 2017ع، انور ابڙي جو، ”چوڌاري چمڪاٽ“ (ٻاراڻي تقريرون ۽ خاڪا) 2018ع، انور ابڙي جو، "ننڍڙو چنڊ" (ڪھاڻيون) 2018ع، وحيد محسن جو، "راندين جو هفتو" 2018ع، جبار آزاد منگي جو، "ٽمون شرارتي" (سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد) 2019ع، عبدالحئي ڀٽي ءَ جو، "قلم ٻارن جي هٿ ۾" (سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد) 2019ع، وحيد محسن جو، "ننڍڙي پري" 2019ع، عبدالحليم سومري جو، "شاگردن لاءِ تقريرون" (سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري) 2019ع، آزاد بخاريءَ جو "حق سڃاڻ اي ٻار" 2019ع، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي نظمن جو مجموعو "ننڍڙا فرشتا پياريون پريون" 2019ع، ڊاڪٽر غلام مصطفي'سولنگي جو ترجمو ناوليٽ "ننڍڙي سائي ريل“ 2019ع، استاد گل داييءَ جو، گيت گلڙن لاءِ" 2020ع، مور مغيريءَ جو، "بابا مون کي ڪر نہ ڌنار" 2020ع، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو "بھادر ڇوڪري" (سرهاڻ سوسائٽي سنڌ) 2020ع، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو "چنڊ بہ منھنجو رانديڪو" 2020ع، انور ابڙي ءَ جو "وڏي ڀيڻ " 2020ع، غلام محمد ڀٽيءَ جو، "ڦر ڦر سونٽو" 2020ع، وحيد محسن جو، "ڪاغذ جون ٻيڙيون" 2020ع. حافظ عبدالستار ڪوريجي جو، "قرآني قاعدو" (روپائي ڪوريجا پبليڪيشن لاڙڪاڻو) 2020ع، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو ”منھنجو ننڍپڻ" (يادگيريون) 2020ع، سرمد عباسيءَ جو "ٽام ۽ جيري" (ڪھاڻيون) 2021ع، عيسي ميمڻ جو، "ٽم ٽم تارا"2021ع، وحيد محسن جو، "ڀنڀوريون ۽ خديجا "2021ع، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو، "ٽي تحفا" (ڪھاڻيون) 2021ع، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي نظمن جو مجموعو، "منھنجو گڏڙو، منھنجي گڏڙي“ 2021ع، محمد حبيب سنائي جو "خوش دل شھزادي ۽ ٻيون آکاڻيون“، مترجم (سنڌ سلامت ڪتاب گهر) 2022ع، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو، "پنھنجي دنيا ڌار" 2022ع، محمد جواڻ "جانب"سومري جو، "گيتن جو گلدستو" 2022ع، وحيد محسن جو،(ناول) "هالار جو خواب" 2022ع، عبدالغفار سومري جو ناوليٽ" استاد "2022ع، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو، "پوپٽ ۽ گلاب" (چانڊوڪي پبليڪيشن واهي پانڌي) 2023ع، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو، "شرارتي جن" 2022ع، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو، "ثاقب جي آئيسڪريم" 2023ع، پروين موسيٰ ميمڻ جو، "شھزادي ماھ نور" 2023ع ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو، "امان مون کي کيڏڻ ڏي" 2023ع، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو، سھڻا سخن" 2023ع، سعيد چانڊيي جو ترجمو (رچرڊ پليٽ) "سامونڊي سيلاني" (پيڪاڪ پبلشر، ڪراچي) 2023ع، استاد گل دايي جو، (ڪھاڻيون) "ڪنگ جي ناني" 2023ع، (رومي ڪتاب گهر)، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جي ڪھاڻين جو مجموعو "پکراج پري" 2024ع، (سنڌ سلامت ڪتاب گهر ڊجيٽل بُڪ) ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو، شعري مجموعو، "رسڻ ريجهڻ راند اسان جي"2024ع، (چانڊوڪي پبليڪيشن ۽ سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد.) مختيار احمد ملاح جو، "سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ" 2024ع، (ڊاڪٽر عبدالخالق "راز"اڪيڊمي شڪارپور /ڪراچي) جو شايع ٿيل آهي. نالي جي هڪجھڙائي سان خالد آزاد جا "سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ" 3جلد (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سنڌ) 2016ع تي شايع ٿي چڪا آهن.
نفسيات دان ابراهيم ماسلو جو ذهني خاڪو آهي تہ : "هر فرد کي غير معمولي صلاحيت آهي. انسان پنھنجين صلاحيتن جو ڏھ سيڪڙو بہ استعمال نہ ٿو ڪري. کيس مليل صلاحتين جو فقط ٻہ سيڪڙو استعمال ڪري ٿو. "خوش نصيب آهي اها قوم ۽ ٻولي جنھن جي دامن ۾ گلن جھڙا ٻار آهن ۽انھن لاءِ حوصلي مند فرد ادب تخليق ڪن ٿا.
*ورهاڱي کان اڳ بہ ٻاراڻو ادب رسالن جي صورت ۾ سنڌ مان شايع ٿيندو هو...!
ڇھہ ماهي 'هوپفل اڪيڊمي ميگزين' شڪارپور جو اسڪولي ميگزين، جنھن ۾ استادن ۽ شاگردن جا مضمون گڏ شايع ٿيندا هئا 1914ع (شڪارپور) مان اشاعت ٿيو. , ٽماهي 'گلستان' ڪوڙي مل "ساهتيہ منڊل" پاران 1925ع، منوهر ڪوڙي مل جي ايڊيٽري ۾ (حيدرآباد)مان شايع ڪيو. ماهوار 'گلزار' 1939ع تي محمد صديق، محمد يوسف ميمڻ جي ايڊيٽريءَ ۾ (حيدرآباد) مان شايع ٿيو. ماهوار 'ٻالڪ' "منگهن مل سرتو مل بجاج هندو سنڌي اسڪول هڪ شڪارپور مان 1930ع تي شايع ڪيو. ماهوار 'گلستان' (ڪراچي)، دادا شيوڪ ڀوڄراج جي ايڊيٽري ۾ 1933ع تي شايع ٿيو. ماهوار 'سڌرشن' (شڪارپور)، بھاري لعل هريرام ڇٻڙيا جي ادارت ۾ 1937ع تي منظر عام تي آيو. ماهوار 'پشپ' (دادو)، 1937ع تي پوهو مل رامجي مل کيمچنداڻيءَ جي ايڊيٽري ۾ شايع ٿيو. ماهوار 'موج' (شڪارپور)، 15اپريل 1938ع تي نارائڻداس ايل بولاڻي 'نماڻي' جي ادارت ۾ شايع ٿيو. پندرهن روزه 'ٻاراڻيون ٻوليون' (ڪراچي)، 1940ع تي آر.وي ٿڌاڻي جي ايڊيٽري ۾ شايع ٿيو. ماهوار 'گل ڦل' (ڪراچي)، 1941ع تي ميلارام منگترام واسواڻي پنھنجي اداري سندر ساهتيا منڊل پاران جاري ڪيو. ماهوار 'دل بھار' (حيدرآباد)، مان 1947ع تي شايع ٿيو.
*ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب تي رسالا، روزاني اخبارن ۾ هفتيوار سلسلا ۽ ٻارڙن جون ان وقت جي ادب ذوق رکندڙ شاعرن اديبن ان پاسي کان پاڻ موکيو...!
جنھن ۾ هيٺيان اسم مختصر طور تي پڙهندڙن جي نظر.
آچار عظيم کوسو، "روشن راهون" رسالي جو چيف ايڊيٽر 1996ع، آزاد هيجب، "سنڌي ٻار" رسالو 2004ع تي شايع ڪيو. آغا قيوم، "لالي ٻارڙا سنگت" جاري ڪيو. احسان راهوجو، ماهوار "گلڙا"، ماهوار "روشن دنيا" (ٽنڊو ڄام) ۽ ماهوار "ھٻڪار" شڪارپور جو سب ايڊيٽر رهيو. احسان لغاري، "ماهوار" گلستان "۽ گلزار سنڌ "جو ايڊيٽر رهيو. اختر سمون، "ساٿيءَ" جو ايڊيٽر طور تي فرض سرانجام ڏنا. اسحاق سميجو، "ٻارڙن جو سنڌ رنگ" 1995ع ڪاوش گروپ ۽ ماهوار "گلستان" 1996ع،سنڌي ساهت گهر. اسرار شام، "سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن"، 1987ع کان 2013 تائين جاري ڪيو. اسلم کٽياڻ، "اتساھ" رسالي جو ايڊيٽر ۽ پبلشر طور ڪراچيءَ مان جاري ڪيو. اعجاز قادر مھر، رسالو "حوصلا " 1997ع تي جاري ڪيو. اڪبر جسڪاڻي، ماهوار" گل ڦل" جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ ايڊيٽر طور 1983ع مقرر ٿيو. الطاف ملڪاڻي، "لاٽ" رسالو 1989ع تي جاري ڪيو. اندر جيت لوهاڻو، ماهوار "شُشَر" 1999ع تي حيدرآباد مان جاري ڪيو. انور سومرو، "مٺڙا ٻار" جاري ڪيو. انور هالائي، 1975ع تي "گل ڦل" کي عروج جي منزل تائين پھچايو. اياز پاٽولي، "ادارہ گلشن ادب" ۽ "بزم گلشن سنگت" جو قيام عمل ۾ آندو. بنسي مالھي، عمر ڪوٽ مان "پوپٽ" رسالو شايع ڪيو. ٽيڪم ميگهواڙ، عمر ڪوٽ مان "سرهاڻ" پنھنجي ادارت ۾ شايع ڪيو. پروانو سيوهاڻي، "سرهاڻ" هڪ اشاعتي جو قيام عمل ۾ آندو. جڳمال ماناڻي، 2008ع تي "موتي هن مھراڻ جا" عمر ڪوٽ مان شايع ڪيو. خادم سيلرو، 2007ع تي "سائنٽيفڪ مئگزين جاري ڪيو. خالد آزاد، 1995ع،تي "گلستان" ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. خالد ڀٽي، "گلڙا"، "خرچي"، "سونھن ۽ سنگتي" رسالن ۾ خدمتون پيش ڪيون. خان محمد خاطي ڪيريو، 2010ع تي "چنڊ" سلسليوار پيش ڪيو. روشن برهماڻي، ماهوار "سجاڳي" شايع ڪيو. رميش راجا بي ايم، "نئين لاٽ" سنڌڙي "۽ روشن دنيا" شايع ڪيا. زبير سومرو، 2001ع تي خيرپور مان "سوچ" رسالو شايع ڪيو. زوار نقوي، سلسليوار "ٻارن جي محفل" 1978ع تي شايع ڪيو. سرفراز عباسي، نئين ديري مان "روشن راھ" 1999ع تي شايع ڪيو. سرمد قريشي، 2004ع تي رسالو "معصوم مُرڪ" شايع ڪيو. سڪندر سرواڻ، 1989ع تي ٻارن لاءِ "مرڪ" جاري ڪيو. سميع ساجد جوڻيجي ، ڳڙهي ياسين مان "پوپٽ" رسالو شايع ڪيو. سنڌ سونيتي ڀٽو، 2004ع تي "انڊلٺ" جا رنگ نروار ڪيا. سھيل احمد ڪنڀر، 2014ع تي ٽي ماهي "پنکڙيون" شايع ڪيو. شاهنواز ٽالپر، رسالي "روشن دنيا" 1997ع تي ٽنڊي ڄام مان جاري ڪيو. شبير ساگر، 1997ع تي ٽنڊي ڄام مان "گلڙا" جاري ڪيو. شوڪت حسين شوري ، سنڌي ادبي بورڊ مان 1966ع تي "گل ڦل" رسالي لاءِ پنھنجون خدمتون پيش ڪيون. شيوڪ ڀوڄراج، پھرين تنظيم "ٻالڪن جي ٻاري جو بنياد وڌو. عبدالسلام ٿھيم، جاتي مان "روشن تارا" 2008ع کان جاري ڪيو.
عرفان مھدي، 1980ع ڌاري ڪتابي سلسلو "وک وڌايو پبليڪيشن" جو قيام عمل ۾ آندو. علي رضا لاڙڪ، جي ايڊيٽري ۾ "رنگين دنيا" کي شايع ڪيو. غلام رباني آگرو، "گل ڦل" سنڌي ادبي بورڊ جو مقبول رسالو، 1959ع تي پھرين ايڊيٽر طور شايع ڪيو. غلام مرتضيٰ ڀٽي، ٻارن جي پھرين تنظيم "ٻالڪن جي ٻاري"، ماهوار "گلستان" ۽ ادبي تنظيم" بزم گلستان" سان 1951ع کان 1953ع تائين نڀايو. غلام مصطفيٰ سولنگي، "ڪنول" ۽ ٻارڙن جي ٻاري "جي ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. قادر ڪنڌر، 'عبرت گروپ آف پبليڪيشن' حيدرآباد پاران شايع ٿيندڙ مشھور رسالي "ارچڪ مرچڪ" ايڊيٽري ۾ شايع ٿيو. ماجد سمون، "اجرڪ"رسالو 2004ع تي شھدادڪوٽ مان جاري ڪيو. محبوب بلوچ، "مھڪ" رسالو شڪارپور مان 1996ع تي جاري ڪيو. محمود يوسفاڻي، روزاني هلال پاڪستان پاران مشھور رسالي "گلن جھڙا ٻارڙا" ۾ پنھنجون خدمتون پيش ڪيون. محمد وسيم خان، ماهوار "ادا سائين" ۽ ماهوار "نٽ کٽ" اردو جاري ڪيو مسعود لوهار، 1993ع تي "ارچڪ مرچڪ" ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. مشتاق بخاري، ڊکڻ شھر مان "هٻڪار" جاري ڪيو. مقبول احمد ڀٽي، "بزمِ گلستان "۽ "ماهوار گلستان" جاري ڪيا. مقصود گل، ماهوار "گلدستو" جاري ڪيو. مڪيش راجا سوٽھڙ، رسالي "روشن دنيا" جو ايڊيٽر رهيو. معصوم مصطفيٰ ڪنڀر،کپري مان "مھراڻ جون مرڪون" رسالو شايع ڪيو. ملھار سنڌي، 1998ع تي رتيديري مان ماهوار "ٽانڊاڻو" جاري ڪيو. 1978ع تي ماهوار "ساٿي" ۾ پنھنجون خدمتون مھيش ڪمار پيش ڪيون. ناز سنائي، 1973ع ۾ "چڻنگ پبليڪيشن" ٻارن لاءِ ڪتابي سلسلو شروع ڪيو ۽ "چڻنگ سنگت" نالي سان تنظيم قائم ڪئي. نجمہ پنھور، ماهوار ماهوار "گل ڦل" لاءِ پنھنجون خدمتون پيش ڪيون. نور محمد ڀٽو،2011ع تي ڪوٽڙيءَ مان "ٻاراڻو ادب" شايع ڪيو. واحد پارس هيسباڻي، 2000ع تي روزاني "هلچل" پاران "گلن جھڙا ٻارڙا" ۾ ايڊيٽر رهيو. وفا منظور چوهاڻ، 1999ع تي "مھراڻ جا تارا" شڪارپور مان جاري ڪيو. وهاب جروار، 1999ع تي "رانديڪو" خانواھ مان پنھنجي ايڊيٽري ۾ شايع ڪيو. جڏهن تہ رانديڪي رسالي لاءِ سب ايڊيٽر طور عبدالرحمان ڪوريجي بہ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. وفا گولو، 2004ع تي سلسليوار "ٻالڪ دنيا" جيڪب آباد مان جاري ڪيو. "ٻالڪ رنگ" رسالو علي نواز ٻگهيي 1991ع تي ڪراچي مان شايع ڪيو.
آفتاب گل رند، 2006ع ۾ "ٻارن جي دعا" نالي رسالو جاري ڪيو. احمد خان شيخ، روزاني آفتاب اخبار جي ٻارن لاءِ شايع ٿيندڙ هفتيوار صحفي "ٻارن جي دنيا" جي انچارج ۽ ان ئي صحفي جي سھاري هيٺ ڪم ڪندڙ ٻارن جي تنظيم "ٻارن جي دنيا سنگت" جي سرپرستي پڻ ڪئي. امتياز نور ڪنڀر" 2007ع تي ٻارن جي هڪ علمي ادبي تنظيم "گلشن ٻالڪ سنگت" قائم ڪئي. ڀائو در محمد ٻرڙو، " گلن جھڙا ٻارڙا "۽ "سجاڳ ٻار تحريڪ" جو قنبر تعلقي جو صدر رهيو. پاروتي/ پارپٽي - ٽي گدواڻي، سنڌ ۾ ٻارن جي پھرين تنظيم "ٻالڪن جي ٻاري" جي بنياد وجهندڙ مان هئي. پير مظھر الحق، روزاني "روزاني عبرت اخبار" جو ٻارڙن جو هفتيوار ادبي صحفو "ٻارڙن جي ٻاري جو انچارج ٿيو. حسام سومرو، روزاني خادم وطن جي ٻارڙن جي صحفي "ڦلواڙي ۽ روزاني هلال پاڪستان جي ٻارڙن جي صحفي "گلن جھڙا ٻارڙا" جي انچارج طور ذميواريون سنڀاليون. خدا بخش ابڙو، ٻارڙن جي علمي ادبي تنظيم "گلن جھڙا ٻارڙا" جو پھريون مرڪزي آرگنائيرز هو. دادا شيوڪ ڀوڄراج، ٻارن جي پھرين تنظيم "ٻالڪن جي ٻاري" جو بنياد وجهندڙ آهي. رحمت ﷲ ڪنڀر، ٻارڙن جي علمي ادبي تنظيم "روشن دنيا ٻالڪ سنگت" جو مرڪزي صدر ۽ باني آهي. رخسانہ عاقلاڻي، پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي مرڪز تي ٻارن جو واحد پروگرام "روشن تارا" لاءِ خدمتون پيش ڪيون. روشن سندر چانڊيو، "گلن جھڙا ٻارڙا "جي پليٽ فارم تان سرگرميون ڪرڻ جي الزام ۾ 14سالن جي عمر ۾ گرفتار پڻ ٿيو. همسفر گاڏهي: صحافي ۽ ليکڪ روزاني عوامي آواز ۾ 7 جولائي 1989ع تي ٻارن جو صحفو "جوت" شروع ڪيو.
زرار پيرزادو، صحافي ۽ ڪالم نويس روزاني عوامي آواز جي هفتيوار ٻاراڻي ادبي صحفي "جوت" جو وڏي عرصي تائين انچارج رهيو. روزاني عوامي آواز ۾ هر آچر تي 2018ع کان ڏوڪريءَ جي نوجوان ليکڪ ساجد مسڻ، ذهين شاگردن جا انٽرويوز ڪري شاگردن ۾ اتساھ پيدا ڪيو. سيد زوار نقوي روزاني آفتاب لاءِ ٻاراڻي صحفي "ٻارن جي دنيا" لاءِ بھترين لکيو. سندر سنڌي "ٻالڪ ادبي فورم" جو باني صدر طور پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. قربان شيخ، 2006ع ۾ حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ ٻارن جي رسالي "ادا سائين ءَ" جي اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. ناز نصر ﷲ مھر، 2000ع تي روزاني پاڪ سنڌ سکر ۾ "ٻار گلن جا هار " جو انچارج رهيو. ناصر جمال پٺاڻ، روزاني خادم وطن جي ٻارن جي صحفي "ٻارڙن جي محفل" جو انچارج ۽ ٻارن جي ادب جي ادارن ۾ سرگرم طور ڪم ڪيو.
منزل تي پھچڻ آسان ڪونھي پر ارادي جو اٽل هجن ضروري آهي. ستل فرد يا ذهنن کي منزل ڪٿي ٿي ملي. سنڌ جي گهوٽ شاھ لطيف ستل سوچ جي رخ کي هن ريت اظھاريو آهي.
جَڏهن سُتيون جي، پَٿر پيرَ ڊِگها ڪري،
تڏھن تني کي، ساٿَ سُتئي ڇڏيو.
(شاھ لطيف)
ٻارن جي ذهني اوسر لاءِ هر دور ۾ ڪوششون جاري رهيون آهن. جنھن ۾ اسٽيج ڊراما، ناٽڪ منڊليون، ٽي وي پروگرام ۽ سڀ کان آسان طريقو ريڊيو آهي جنھن تائين ٻار آساني سان پھچي سگهي ٿو.
ريڊيو ۽ ٽيليويزن جا پروگرام ٻارن ۾ سٺا مقبول رهيا جنھن ۾، "ٻارن جي ٻاري" (ريڊيو حيدرآباد)، "مکڙيون" (ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو)، روشن تارا (پي ٽي وي ڪراچي ), ڪڊز ڪارنر /ڪڊز پلانيت (ڪي ٽي اين)، سر جا ساٿي، ڪڊز مينيا، سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا ۽ ٻارن جي دنيا (انڊس نيوز جو ٻارن جو صحفو) پنھنجي اهميت رکن ٿا.
مقدمي لکڻ جو اتساھ سنڌ جي ناليواري محقق، تاريخ نويس ۽ لغت نويس ڊاڪٽر بدر ڌامراهي ڏنو، ان سان گڏ مواد پڻ مھيا ڪيو ، ڪتاب ۾ مواد جي ترتيب، پروف جي درستگي ۽ ڊاڪٽر بدر ڌامراهي جا وڏا احسان جو ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل بہ ترت لکي ڏنو. شاعر، ليکڪ ۽ تعليمدان مختيار سمي جا وڏا وڙ جنھن ڪتاب لاءِ جامع انداز ۾ مھاڳ لکي ڏنو. مترجم ۽ ڪالم نگار سعيد چانڊيي جا بہ لک ٿورا جو ڪتاب جو نالو، سيٽنگ ۽ ٻاراڻي ادب متعلق مواد ڏنو. شاعر ۽ ليکڪ حسن مجتبيٰ بہ هر وقت ڪتاب جي متعلق صلاحون ڏنيون. آخر ۾ قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو جي روح روان سائين جي ايم رئيساڻي جا لک ٿورا جنھن ڪتاب کي اشاعت ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ڪئي.

مددي ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون :
*ٽي ماهي مھراڻ: ادل سومرو "آزاديءَ کان پوءِ سنڌيءَ ۾ ٻاراڻو ادب" نمبر 2 "سنڌي ادب سيمينار " 1984ع.
*ميمڻ خان بھادر محمد صديق: سنڌ جي ادبي تاريخ، ڇاپو چوٿون، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي 2000ع.
*جوڻيجو ڊاڪٽر عبدالجبار: سنڌي ادب جي تاريخ، جلد پھريون، سنڌ لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد 2006ع.
*بلواڻي هوندراج ڊاڪٽر : سنڌي ٻال ساهتيه، ڇاپو ٻيو، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد 2007ع.
*آريسر علي نواز: سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد 2016ع.
*ملاح مختيار احمد : سنڌي ڪھاڻيءَ جي مختصر تاريخ، ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ، 2015ع.
*حسين ڊاڪٽر فھميدہ: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻئين کان يارهين تائين. سنڌ لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
*سنڌي فقير محمد: سنڌ جي تاريخ (سھيڙيل تاريخ وار) قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو، 2013ع.
*آزاد خالد: سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ 3 جلد 2016ع.
*سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ويب سائيٽ
*روزاني عوامي آواز ڪراچيءَ، جا مختلف پرچا.
*روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، جا مختلف پرچا.
*روزاني ڪاوش حيدرآباد، جا مختلف پرچا ۽ مئگزين.
*روزاني ارادو لاڙڪاڻو، جا مختلف پرچا.

مٺڙا ٻار: زخمي چانڊيو

مون کي نہ سون گهرجي، نہ چاندي گهرجي،
مـون کـي انسـاني ضـمير قُلعي ڪـرائـي ڏي.
(استاد دامن)
سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد جو 73هون ڪتاب "مٺڙا ٻار" جيڪو زخمي چانڊيي جو ٻاراڻي شاعريءَ تي سرجيل آهي، زخمي چانڊيي جي زندگي جو گهڻو حصو ٻارن کي تعليم ڏئڻ ۾ گذريو. زخمي چانڊيي کان وڌيڪ ٻارن جي نفسيات ڪير ورلي ڪو محسوس ڪري سگهندو، ڇو جو هو سنڌ جي مستقبل سان وڌيڪ پيار ۽ پريت ڪندڙ شخص هو. زخمي چانڊيي کي 24 آڪٽوبر 2000ع تي رستي ۾ شھيد ڪيو ويو، جڏهن تہ هو ان وقت بہ ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ وڃي رهيو هو. زخمي چانڊيي جي هن فاني دنيا مان وڃڻ کانپوءِ سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا شايع ٿيا آهن، پر هي ٻاراڻي شاعري جو مجموعو سترهن سالن بعد زخمي جو پورهيو سندس پونئرن شايع ڪرايو آهي. هي ڪتاب آڪٽوبر 2017ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. اها علم دوستن جي بھترين سنڀال آهي، جنھن ۾ گهر ڀاتي ۽ ادارو جس جا مستحق آهن. "مٺڙا ٻار" ڪتاب جي ارپنا بہ انھن معصوم گلن جھڙي ذهنن جي نانءِ ٿيل آهي، جيڪي تعليم پوري نہ ڪري سگهندڙ سنڌي ٻالڪ آهن. ڪتاب جو مھاڳ سنڌ جي ناليواري ليکڪ تاج جويو لکيو آهي، تاج جويي مھاڳ ۾ لکي ٿو تہ: وطن سان محبت لاءِ ضروري آهي تہ جھالت کي لتاڙي علم جا ڏيئا ٻارجن ۽ زخميءَ ٻارن کي اهو ئي درس ڏنو آهي. واقعي، زخميءَ ٻارن لاءِ جيڪي بہ ڳالھيون گيتن ۾ ڳايو آهن، سي سچائيءَ جون ڳالھيون آهن.“
غلام محمد غازي لکي ٿو تہ: ”اسين ساڳي فڪر جا پانڌيئڙا آهيون، زخمي چانڊيو جي زندگي ۽ سندس نظمن بابت لکجي تہ هوند سوين صفحا لکي سگهجن ٿا، پر هتي آئون ان جي لاءِ ائين چوندس تہ هو سياسي، سماجي، ادبي ۽ تعليمي تنظيمن جو گلدستو هو، جنھن مان هر عام۽ خاص ماڻھوءَ واس ورتو، سندس شاعريءَ ۾ ارڏايون هيون ئي هيون پر هن جيڪو ڪجهہ چيو ڪري ڏيکاريو“.
ڪتاب مٺڙا ٻار ۾ ڪل 25 شاعريءَ جا اسم آهن، جنھن ۾ زخمي چانڊيو ڪنھن نہ ڪنھن روپ ۾ ٻارن سان مخاطب ٿي رهيو آهي. ڪتاب جي شروعات ۾ نعت مقبول ﷺ جي شان ۾ لکيل آهي.
وليم بٽلر جو چوڻ آهي تہ: تعليم جو ڪم ٿانوَ ڀرڻ نہ بلڪہ اندر ۾ جوت جاڳائڻ آهي.
زخمي چانڊيي ساڳي جوت ٻارن کي پنھنجي ٻوليءَ لاءِ اتساھہ پيدا ڪرڻ لاءِ "سنڌي ٻوليءَ" جي نظم ۾ هن ريت بيان ڪئي آهي.
ماءُ ڏني آ جنھن ۾ لولي،
ڪيئن وساريان سنڌي ٻولي.

تون ڇا ڄاڻين مورک ماڻھو،
منھنجي ٻولي ڀالي ڀولي،
ڪيئن وساريان سنڌي ٻولي.

هيءَ ڀٽائيءَ جي آ ٻولي،
هن جي رهندي سائي جھولي،
ڪيئن وساريان سنڌي ٻولي.

ٻار محبت جي زبان هوندا آهن زخميءَ بہ سھڻن گڻن وارا ٻار جي نظم ۾ پيار ۽ علم جي ڳالھہ سھڻي انداز سان ڪئي آهي.

پيارا پيارا پيارا ٻار،
سھڻا هِن گڻ وارا ٻار.

گهرجي سونھن سدائين آهن،
گيت نوان ٿا روز ٻڌائن،
اکڙين جا ڄڻ تارا ٻار،
پيارا پيارا پيارا ٻار.

"سنڌو" نظم ۾ زخمي جا سوڀارا خيال آهن، پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ.

سنڌوءَ کي دعا ڏي تون" زخمي ڀري"
سنڌوءَ جا ڀلا ڀاڳ مولا ڪري،
سنڌوءَ ۾ سنڌين جي شجاعت رهي.

زندگيءَ جو هر موضوع پنھنجي اندر ۾ حسناڪي رکي ٿو، ٻاروتڻ، جواني ۽ پوڙهائپ سڀ جا سڀ مرحلا پنھنجي تجربي ۽ مشاهدي سان گڏ گذرن ٿا، اميد اصفھاني جو شعر آهي تہ:

آگھہ نيم کہ عمر گرامي چسَان گذشت،
خواهم ربودہ بود کہ اين کاروان گذشت.

ترجمو: معلوم نہ آهي تہ هيءَ پياري عمر ڪيئن گذري وئي، مون کي ننڊ وٺي وئي ۽ هي قافلو ويندو رهيو.
زندگيءَ جو هر لمحو گذري پيو اڳتي وڌڻ لاءِ انھيءَ سڄي مرحلي کي زخمي چانڊيي ٻارن لاءِ هن ريت صرف ڪيو آهي.

مٺڙا ٻار – نظم
ننڍڙا مٺڙا ٻار چوان،
يا تن کي دل جا ٺار چوان.


نظم – عيد
اچوڙي عيد ملھايون ٻارو،
گيت خوشيءَ جا ڳايون ٻارو.

لالچ – نظم
لالچ جي نہ رکڻ ٿا ٻار،
سھڻا سي سَڏجن ٿا ٻار.
زخمي ٻار فرشتن جھڙا،
نازڪ نازڪ گلڙن جھڙا،
خوشيون خوب ڏين ٿا ٻار.

سويز چوڻي آهي تہ: ”ڪنھن جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ سان ان جون خوشيون ٻيڻيون ٿي وينديون آهن ۽ ڪنھن جي غمن ۾ شامل ٿيڻ سان ان جا غم اڌورا ٿي ويندا آهن. زخمي بہ ٻارن کي دعا جو درس ڏئي ۽ دعا پڻ ڏني آهي“.
نظم – دعا
شل وطن جي ڀاڳ جي تصوير ٿئين،
شل وطن جي خواب جي تعبير ٿئين.
شل اميدون ماءُ جون پوريون ڪرين،
شل ابي جو شان ۽ تدبير ٿئين.
شل سنڀالين واڳ پنھنجي ديس جي،
شل وطن جي بخت جي تحرير ٿئين.

فلاسفر ڊيوڊ هيوم جو ٻارن لاءِ خيال آهي تہ : ”جڏهن ٻار پيدا ٿئي ٿو تہ سندس ذهن خيالن کان خالي هوندو آهي جيئن ڪورو ڪاغذ، پر هر ڪو شخص پنھنجي ماحول مان ئي سکي خيال ٺاهي ذهن تي نقش ڪري ٿو“.

ننڍڙا فرشتا، پياريون پريون : ڊاڪٽر ذوالفقار سيال

اي تون منھنجا پروردگار،
تون ئي آهين پالڻھار.

ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلم جن جو فرمان عاليشان آهي تہ: "ٻارن سان دوستي، مِھِرَ ۽ شفقت سان پيش اچو ۽ ساڻن ڪيل واعدي کي پورو ڪريو". ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو ٻاراڻي ادب ۾ نظم جي صورت ۾ هيءُ ڏهون ڪتاب "ننڍڙا فرشتا پياريون پريون" آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال طبيعتاً کل مک وارو ۽ ٻاراڻي نظم جو سينگار شاعر آهي. جنھن پنھنجي مسلسل ڪوشش سان ٻاراڻي نظم تي طبع آزمائي ڪئي آهي. ڪتاب جو مھاڳ ڊاڪٽر روشن گولاڻي لکيو آهي. پنھنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو تہ : مونکي "ننڍڙا فرشتا پياريون پريون" خاص طور پسند پيو آهي، اهو ان ڪري جو هن ڪتاب ۾ ٻارن لاءِ شعر نوان مفھوم کڻي آيا آهن، ٻوليءَ سولي، سليس، سھنج سڀاءُ جي لڳي آهي، جا ٻال بلڪل سولائي پڙهي، دلي لطف پائي سگهن ٿا. خود توهان پڙهي امين ٿيو تہ بھتر، هن ڪتاب ۾ ڪل 35 شعر آهن، جن مان هي مثال آهي تہ:
علم تہ آهي هيرن کاڻ،
پڙهي پرائي پاڻ سڃاڻ.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ننڍڙي ذهن سان سمجھاڻيءَ وارو ڪلام آساني سان ڪرڻ ڄاڻي ٿو. تلقين کي بہ آساني سان پيش ڪرڻ ۾ مھارت رکي ٿو.
جهرڪي نظم ۾ لکي ٿو تہ :
سھڻي سھڻي مار نہ جهرڪي،
پياري آهي اڏار نہ جهرڪي.
تنھنجي آھي گليل غضب جي،
ڳوڙهو ماري کار نہ جهرڪي.
سڀني کي هت مرڻو آهي،
پر تون منھنجي مار نہ جهرڪي.

سنڌ جي ناليواري لکيڪ تاج جويي، ڪتاب تي پنھنجي راءِ قائم ڪئي آهي تہ: ”ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جديد شاعريءَ ۾ پنھنجو هڪ مقام رکي ٿو سندس شاعري، زندگيءَ جي شاعري آهي پر هُن جي هڪ اهم سڃاڻپ ٻارن جي شاعري آهي. شايد سنڌ ۽ هند ۾ هي پھريون شاعر آهي، جنھن جا ٻارن لاءِ شاعريءَ جا وڌ ۾ وڌ 10مجموعا ڇپيا آهن ۽ اُهي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا صرف شاعريءَ جا مجموعا آهن“. ڪتاب جي ارپنا، ڪتاب نالي ٿيل آهي، محمد ارشد فھد، محمد احمد اعتزاز، دانيال، محمد اسوان فھد. سمبارا پبليڪيشن جي 189هين ڪتاب جو اداريو ساجد سنڌيءَ لکيو آهي. شاعراڻا خيال نہ فقط ٻارڙن جي دلچسپي جو سامان مھيا ڪن ٿا، پرڄاڻ سان ڀرپور رچاءَ سان بہ سرشار ڀاسن ٿا. ڪتاب جي خالق ڊاڪٽر ذوالفقار سيال بہ پنھنجي مَنَ جي اور ڪئي آهي. لکي ٿو تہ: ”ڪي گروهي بغض ۾ تہ وري ڪي ڪريڊٽ نہ ڏيڻ کي پنھنجي ايمان جو حصو سمجهن ٿا پر مان پنھنجي ٻارن ۽ ٻاراڻي ادب لاءِ جاکوڙيندو رهندس، مونکي ڪنھن انعام جي ضرورت ناهي. مان بہ ان سوچ جو ڪاهل آهيان ۽ ٿيئڻ بہ ائين گهرجي. محبت ۽ پيار ۾ انعام اڪرام جي ڪھڙي ضرورت، اهڙي ئي من مان صرف سچائي جنم وٺندي آهي“.

علم ڪڏهن نہ دوکو ڏئي ٿو،
سچ جو آهي هي اهڃاڻ.

***

علم ڪري ٿو روشن جڳ کي،
ڪينو ڪدورت ڌورائي ٿو.
علم اسان جو آئيندو آ،
ساري جڳ سان جوڙائي ٿو.

نفرت ۾ رکيو ڇا آهي! دنيا ۾ نفرت جا مينھن وسايا آهن، پر جيت محبت ۽ پيار جي ٿي آهي. هر ساڃاھ وند پيار ۽ پريت کي پنھنجو سمجهي ٿو، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ٻارن جي پيار کي ماءُ جي روپ ۾ نظم ۾ بيان ڪري ٿو.

ھر ھڪ ٻار کي ٿي چاهيان،
سڀني جي مان ماءُ آهيان.
ساري جڳ لاءِ گهران دعائون،
ساري جڳ ۾ گل ورهايان.

ھر ٻار جي ماءُ جي دل ۾ هن جي ممتا سڀني لاءِ خوبصورت هوندي آهي. جيڪا پنھنجي دل جي شوڪيس ۾ ٻالڪن جا انگل سنڀالي رکندي آهي.
پالي تاتي مدد ڪري ٿي،
ماءُ بنا دنيا بيڪار.
ماءُ جو ڪوئي مٽ نہ آهي،
پيرن هيٺان جنت پار.

ذوالفقار سيال، جڳ جڳ جيئي واري نظم ۾ ٻارن جي مسڪراهٽ ۽ دعائون هن ريت قلمبند ڪيون آهن.

ٻار جڏهن بہ کلندو آهي،
سارا غم ٿي ان ۾ لاھيان.
جڳ جڳ جيئي شال سدائين،
رک سلامت مولا سائين.

ننڍڙا فرشتا پياريون پريون ڪتاب جي 40 صحفي تي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ٻاراڻي ادب تي شايع ٿيل ڪتابن جا اسڪيچ، سن ۽ پبليڪيشن ڏنل آهن، جنھن مان نئين پڙهندڙ ۽ تحقيق ڪندڙ کي رهنمائي ملي سگهي ٿي.
نذير ناز جي راءِ آهي تہ: ”ڇا ڪاڻ تہ جيڪو ٻار پڙهڻ سان چاھہ رکندو اهو منزل ماڻيندو، اهو سبق ننڍڙن لفظن ۾ بيان ڪرڻ جو ڏانءُ تہ ڪو ذوالفقار سيال کان سکي“.
ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي لکيو آهي، "ننڍڙا فرشتا، پياريون پريون" ٻارن جي ڏانو جا نت نوان مفھوم کڻي مٺڙن ٻولن، موسيقيءَ سان ڀرپور گيت گلابي رچيا آهن. جيڪي پڙهڻ سان لبن تي رقص ڪندا نظر اچن ٿا.
آخر ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ سنڌ جي مھان ڪوي شيخ اياز جون سٽون تہ :
ڪو سپنو سرجي اُڀري ٿو،
هن تنبورن جي تارن مان،
تون چندرما جي ناوء جهلي،
ٿي نڪرين دور ستارن کان.

حق سُڃاڻ اي ٻار: آزاد بخاري

پڙهڻ لکڻ ۾ هوشيار آهيان،
پرمان غريب جو ٻار آهيان.

ماهر نفسيات جو ٻارن لاءِ خاڪو آهي تہ: "ٻارن جي ڪوتاهين جي اصلاح عليحدگيءَ ۾ ڪريو يا ڪنھن مناسب طريقي سان حل ڪريو، ساڻن نرم مزاجي سان پيش اچو" اهڙو ئي نفيس ڪم نظم جي صورت ۾ آزاد بخاريءَ ترتيب ڏنو آهي، جيڪو عالمي، سماجي، مذهبي ۽ اخلاقي طور ٻارن جي رهنمائي ڪرڻ جو آسان دڳ مھيا ڪيو آهي. نظم جي صورت ۾ قانوني 40 شقن سان نڀايو آهي. آزاد بخاريءَ جو ٻالڪ شاعري ۾ هي چوٿون ڪتاب آهي، جنھن کي پوپٽ پبلشنگ هائوس خير پور شايع ڪيو آهي.آزاد بخاري ٻالڪ شاعريءَ ۾ پوري دنيا جي ٻارن لاءِ سنيھو ڏنو آهي. جيڪو حق سڃاڻ اي ٻار! جيڪو ٽائيٽل نالو آهي. جنھن جو خوبصورت نظم آهي تہ :
حق سڃاڻ اي ٻار تون پنھنجا،
ساٿي سنگتي سارتون پنھنجا.
راندجيڏن سان گڏجي ڪر تون،
ٽول وٺي نہ کار تون پنھنجا.
هيج منجهاران جهمريون پاءِ،
کيڏ ٻيلھاڙا يار تون پنھنجا.
علم ادب سان رک تون چاهت،
خالي پل نہ گهار تون پنھنجا.
پنھنجي پرائي کي تون سڃاڻ،
خيال اتم سڀ ڌار تون پنھنجا.
ڪين ڪڏهن غمگين ٿيجانءِ
سک سان نيڻ ٺار تون پنھنجا.
آزاد گذارڻ حق آ سڀ جو،
ڳوڙھا مور نہ هار تون پنھنجا.

آزاد بخاري جي مٿئين ڏنل نظم تي ڳالھائجي تہ اهو نظم ٻارن جي زندگيءَ جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿو، زندگيءَ جي ڀڄ ڊاھہ ٻار کي نفسياتي طور تي ڪمزور ڪري ٿي تنھن ڪري ٻار تمام گهڻي پيڙا مان گذري ٿو. آزاد بخاري جا ٻالڪ نظم ٻارن لاءِ آٿت آهن. ڪتاب جي ارپنا شاعر پنھنجي جيون ساٿياڻيءَ ۽ پنھنجي ٻچڙن جي ماءُ شبنم بخاري جي نانءِ ڪئي آهي، جيڪو منھنجي نظر ۾ انتھائي اتساھ جو سبب آهي. هن دنيا ۾ جيڪڏهن ٻار جي ماءُ سگهاري آهي تہ ٻار ازخد سگهارو ٿيندو. شاعر پاران قانوني سٽون ڪوٽ ڪيان ٿو. ”اقوام متحدہ طرفان جاري ڪيل ٻارن جي حقن جي پڌر نامي جي 40 شقن کي عوام تائين رسائڻ لاءِ نظمن جو سھارو ورتو، ان سان گڏ C RC چلڊرين رائيٽس ڪنوينشن جي سموري پڌر نامي کي شق وار جئين جو تئين سنڌيءَ ۾ پيش ڪيو آهي“.
ممتاز بخاري "ٻارن جي دردن جو نوحو" ۾ لکي ٿو تہ: ”گڏيل طور تي دنيا ۾ انساني حقن جو پڌر نامو موجود آهي، حقيقت اها آهي تہ جنس ۽ عمر جي متڀيد کان هٽي انسان لاءِ اهو ئي پڌر نامو ڪافي آهي پر وڌندڙ آبادي انسان کي مجبور ڪيو تہ اهي، عورتن، ٽين جنس ۽ ٻارڙن جي حقن جي الڳ سان قاعده ۽ قانون جوڙيا وڃن، جنھن ۾، ٻارن جي حقن جي ڳالھہ 1989ع ۾ Convention on the right of the child ۾ حتمي شڪل ڏيندي 18 سالن تائين جي لاءِ قانونن جو هڪ مختلف دائرو مقرر ڪيو ويو“. گوهر سنڌي پنھنجي مضمون ۾ پنھنجي راءِ قائم ڪئي آهي تہ: ”دنيا جي ٻن سَون جي لڳ ڀڳ ملڪن جي ثقافت الڳ الڳ آهي پر شاعر کي پنھنجي سنڌي سڃاڻپ سان پيار وڌيڪ آهي“. ان جو اظھار هيٺين طرح ڪري ٿو.
ناز ڪندي هن تي ڏاهپ،
قوم جو ٿيندو هي تہ سڃاڻپ.

ٻارن جي حقن جو عالمي معاھدي جي حوالي سان مڪمل ڄاڻ ڏنل آهي، شق ٻئين ۾ بنا متڀيد جي پاسي کي اجاگر ڪيو ويو آهي.
پٽ ڀوتار جو روز وڙهي،
اسڪول وڃان تہ ڪاوڙ ڪري.
فرق مٽجي وڃن شل،
روشن ڏينھڙا مونکي ملن شل.

ڪتاب ۾ آزاد نظم جي ڀر ۾ شق نمبر ۽ تصويري خاڪا پڻ ڏنا آهن، جيڪي ڪتاب جي حسناڪي اڃان مٿي ڪري بيٺا آهن. نالو ۽ قوميت تي هرڪو ساھ ڏيندو آهي، آزاد بخاري شق نمبر 7 ۾ هن نموني پيش ڪيو آهي.
منھنجو ننڍڙو ڀاءُ آ ڄايو،
امڙ آ مون کان نانءُ رکايو.
اسڪول ۾ ڄم تاريخ لکايم،
قوم سنڌي آهي ٻڌايم.
وڏڙو ٿيندو دودو ٿيندو،
ديس پنھنجي جو جوڌو ٿيندو.

برابري جي بنياد تي تي شاعر جو نظم نرالو آهي، شق نمبر 30 جي مڪمل ترجماني پڻ آهي.
سنڌ جو هجي يا هند جو ٻار،
سدا رهي خود مختيار.
اقليت سان ڀل واسطو هجيس،
نفرت ڪوئي ڪين ڪريس.
قديم مقامي هجي ٻار،
گلڙن جو آ اهو هار.

مون پنھنجي زندگيءَ ۾ اسڪول جي دور کان وٺي اڄ تائين جيڪي نظم پڙهيا آهن، آزاد بخاري جي نظمن جو رچاءُ، ٻوليءَ جي حسناڪي، ترنم ۽ لئه آزاد بخاري جي ٻولن ۾ جيڪا مٺاس آهي سا ٻين شاعرن جي نظمن ۾ گهٽ پڙهڻ لاءِ ملي آهي. مون آزاد بخاريءَ جا ٻيا ڪتاب ڪونہ پڙهيا آهن، هيءُ ڪتاب بہ ڪيترن ئي ٻالڪ شاعري جي ڪتابن جو مٽ ۽ سندس نظم جو پد اوچي پرواز ڪري ٿو. ڪتاب جو آخري ۽ 40هين شق ۾ ٻارن جي لاءِ انصاف جو نظام جو ڳولھائو آهي.
قانون جي مخالف پيدا ٿئي ٻار ڪو،
بھتر ٿئي سلوڪ، حق آهي ان جو.
معاشري جو سٺو جيئن شھري ٿئي،
سدا خوش رهي آزاديءَ سان جيئي.

ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي امر اقبال جون سٽون آهن تہ: ”ٻارن لاءِ لکندڙ ٿورڙن شاعرن جي سٿ ۾ آزاد بخاريءَ جو نالو بہ اهميت واري جاءِ وٺي ٿو“. آخر ۾ آزاد بخاريءَ لاءِ ترجماني طور استاد بخاري جون سٽون ٿيون ياد اچن تہ :
جتي بہ شوق ۾ پورو شباب ايندو آ،
اُتي ضرور وڏو انقلاب ايندو آ.

گيت گلڙن لاءِ : استاد گل دايو

فيلسن ڊريڊن جو ٻارن لاءِ چوڻ آهي تہ، "قدرت ٻارن جي روپ ۾ اسان کي زندگي، مسڪراهٽ ۽ خوبصورتي جھڙن بي بھا قيمتي تحفن سان نوازيو آهي" اھڙا ئي حسين لمحا، ڪوئل جي مٺڙي آواز جھڙا مڌر ۽ ترنم سان ڀرپور نظم ٻارن لاءِ سرجيا آهن، استاد گل دايي، هي مڪمل ڪتاب، ڪيترن ئي ذهنن جي اوسر ڪري ٿو. ڪتاب گيت گلڙن لاءِ، ٻارن لاءِ شاعري جي صورت ۾ تحفو آهي). جنھن ۾ اخلاقيات، نفسيات، احساس ۽ مڪمل انسانن جا گڻ استاد گل هن ڪتاب جي ورقن ۾ شامل ڪيا آهن.
حمد باري تعالي جي حسناڪي ٻارن جي مَنَ لاءِ اولين ترجيح آهي، جنھن سان ٻار پنھنجي مالڪ حقيقي جي هيڪڙائي کان واقف ٿئي ٿو.
ڪتاب جي شروعات ۾ حمد پيش ڪيل آهي.
مولا سائين همت ڏي تون،
جبلن جيڏي طاقت ڏي تون.
سنڌ سڄيءَ جي ڪر سڻائي،
ڌرتي ٿئي جيئن ساري سائي.
منھنجا مٺڙا مولا سائين،
سڀ جي تون ٿو آس پُڄائين.

سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري جي 58هين ڪتاب "گيت گلڙن لاءِ" جي اداري ۾ عيسي ميمڻ لکي ٿو تہ : "استاد گل دايو اهڙو ئي امُلھہ ڪردار آهي جنھن سموري ڄمار ٻارن لاءِ لکڻ ۽ انھن جي ترتيب ۾ گذاريو آهي. استاد گل دايو، هڪ استاد کان وٺي هڪ اديب ۽ شاعر تائين، هڪ ادبي ورڪر کان وٺي سماجي خدمتن تائين جيڪو نور نچيو آهي اها خود هڪ الڳ تاريخ آهي".
استاد گل دايو جي ٻارن لاءِ شاعريءَ جو محور گل گلزاري، ڪومل جذبا، ڌرتيءَ جو اونو ۽ ٻارن جي ذهن کي سگهاري مُصوري پيش سان گڏ خوشحالي جو دڳ بہ مھيا ڪندو ٿو رهي.
ٻارن جي دعا، جي نظم جو ڪجهہ حصو پڙهندڙن جي نظر تہ :
وٺنداسين سڀ مٽيءَ هڳاءُ،
مولا منھنجو عرض اگها ءِ،
وسندو مِينھن تہ اَنُ بہ ٿيندو،
چاڙهيندا سين ٻوڙ پُلاءُ،
مولا منھنجو عرض اگهاءِ،
ديس منھنجي تي مينھن وساءِ.

علي حسنين ميمڻ، استاد گل دايو جو مختصر تعارف بہ پيش ڪيو آهي.
استاد گل دايو 21سيپٽمبر 1960ع تي جنم ورتو، تعليم ايم اي سنڌي ۽ ايم ايڊ اٿس، شعوري طور استاد گل جن ڳالھين کي زندگيءَ ۾ اوليت ڏني آهي انھن ۾ پاڻ، استاد، اديب ،شاعر ،اسڪائوٽ ليڊر، ريڊيو ڪمپيئر، ڪرڪيٽ ڪمينٽريٽر، ڪرڪيٽر ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو ڪواليفائيڊ امپائر آهي. ڊسمبر 2019ع ۾ استاد گل، اسڪائوٽنگ ۾ پوسٽ گريجوئيٽس (AlT) اسسٽنٽ ليڊر ٽرينر جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. استاد گل دايو 1974ع کان سنڌي ادب ۾ ٻارن لاءِ شاعري ۽ ڪھاڻين تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي. 1980ع کان سنڌي ادبي سنگت سان سلھاڙيل آهي.
چيني چوڻي آهي تہ: "جھڙي طرح موتي تراشڻ کان سواءِ پالش نہ ٿيندو آهي، تھڙي طرح انسان بہ تڪليفن کان سواءِ مڪمل نہ ٿيندو آهي" اهڙي سوچ جا گل ۽ حوصلا استاد گل، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ نڇاور ڪيا آهن، جنھن سان ٻارن کي جستجو ۽ وقت تي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽ سگهہ پيدا ٿي.
نظم
وئڪيشن جو ڪم اڪلايون.
اچو تہ ٻارو فيئر بوڪ ٺاهيون،
وئڪيشن جو ڪم اڪلايون.

پاڻي نظم ۾ استاد گل ٻارڙن کي هوشيار ڪري ٿو.
پِيو پِيو اي ٻارو پاڻي،
اَوٻاري ۽ ڇاڻي پاڻي.
سمنڊ جو پاڻي کارو آهي،
ندين مان ٿو واھ وهائي.
پاڻي هر هنڌ پاڪ نہ آهي،
سارو پاڻي صاف نہ آهي.

شاھ لطيف جو پڙهون رسالو، نظم ۾ هن ريت ٻارن کي اتساھ ڏئي ٿو.
هن جو رسالو حق جي وائي،
ٻارن سنڌ سڄيءَ ۾ ڳائي.

چيڪلو - نظم ۾ استاد گل ٻارن جي ڪيفيت تي گهيري نظر رکي، هيءُ نظم سرجيو آهي، مختصر سٽون :
چيڪلو جيئن جيئن گول ڦري ٿو،
ٻارن کي تئين مزو اچي ٿو.
ٻار کِلي کِلي ٿين ٿا کيرا،
چيڪلو جيئن جيئن بيھڻ لڳي ٿو،
ٻارن جو منھن لهڻ لڳي ٿو.

ڳڻپ جو قاعدو - "نظم" ڳڻپ جو قاعدو دنيا جي اندر بھترين نظام آهي، استاد گل ڳڻپ جي انداز کي شين ۾ ورهائي گهڻن منظرن ۽ شين کي آساني سان روشناس ڪرايو آهي. پورهيت ٻار، ڌرتي ۽ سج، چڍڙي، ڇننن ڇن، ڇننن ڇن ۽ ٻيا نظم ٻارن جي طبيعت جي عڪاسي ڪن ٿا.
ڪتاب جو مھاڳ پروفيسر مختيار سمي جو لکيل آهي، هو هن ڪتاب بابت راءِ جوڙيندي لکي ٿو، ”استاد گل دايو ٻارن جي تعليم لاءِ تعليمي ادارن ۾ وڃي اتي ڪلاس روم ۾ پڙهائي پنھنجو ڪردار ادا نہ ٿو پر اسڪول کان ٻاهر بہ تعليم، تدريس ۽ تربيت جا ذريعا تخليق ڪندو رهي ٿو. استاد گل دايي پنھنجي پاران ۾ "ماستر" لفظ تي خوب لکيو آهي ۽ اهو مضمون پڙهڻ جھڙو آهي“.
ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل سنڌ جي جاکوڙي شخص، منظور آزاد شيخ لکيو آهي، شاعري جماليات جو لکت ۾ اظھار آهي، جيڪا ٻارَ جي معصوم مرڪ ۾ بہ سمايل آهي تہ ڪائنات جي ڪھڪشائن ۾ بہ! اهڙو اظھار استاد گل دايو گيت گلڙن لاءِ ۾ ڪيو آهي.
آخر ۾ استاد گل دايو لاءِ "هو جمالو" نظم جون ڪجهہ سٽون :

اسين سنڌي ٻارڙا سنڌ جا، هو جمالو،
اسان کي پڙهڻ تي ناز آ، هو جمالو،
پنھنجي ٻولي ڀي ممتاز آ، هو جمالو،
اسان جو شان ڀريو انداز آ، هو جمالو،
هو جمالو واھ واھ جمالو،
هو جمالو واھ واھ جمالو.

چنڊ بہ منھنجو رانديڪو: ڊاڪٽر ذوالفقار سيال

هلي ٿو اڃان هيءَ قصو پراڻو،
ڪڏهن آهي مڪلي، ڪڏهن لاڙڪاڻو.
ڪَچي جو نجو حسن، پنھنجو ئي آهي،
لسي کير، ماکي ۽ مکڻ جو چاڻو.

مشھور روسي ليکڪ رسول حمزہ توف، شاعر کي پنھنجي ذهني خاڪي سان هن نموني سان پيش ڪيو ٿو. "شاعر خانہ بدوش پکي ناهن هوندا. ڌرتي، محبوب دل ۽ گهر کان سواءِ بي پاڙي ول ۽ بنا آکيري پکيءَ وانگر هوندا آهن" ڳالھہ آھي زندگي جي جا ننڍپڻ کان پنھنجو آغاز ڪري ٿي. ماءُ جي لولي ۾ پنھنجي ٻولي، پنڌ ڪرڻ ويل ڌڪو کائڻ، ڳالھائڻ جي شروعات ۾ ٻاتا ٻول ٻار جي حصي ۾ لازمي طور تي اچن ٿا. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب تي مسلسل طبع آزمائي ڪندو پيو اچي، جنھن جو ثبوت" چنڊ بہ منھنجو رانديڪو" آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو ٻاراڻي ادب ۾ هيءُ 11هون ڪتاب آهي. جيڪو ڊاڪٽر سيال ۽ ٻاراڻي پيرا ۾ لکندڙ دوستن کان اوچي پڌ تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڪتاب ۾ ڪل 27 نظم آهن جيڪي ٻار جي ذهن جي خالي بورڊ کي آسانيءَ سان حوصلو ڏئي سگهن ٿا. ڪتاب جو 26هون نظم "قَلَمُ" آهي.
منھنجي هٿ ۾ آهي قلم،
عِلم جو هي آهي عَلَمُ.
ڪلڪ، پٽيءَ جو دور نہ آهي،
اسڪولن ۾ بورڊ لکان ٿو.
قَلَمُ بنا انسان نہ پورو،
ڄڻ هي آهي باب اڌورو.

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ٻار کي هڪ مڪمل طور خوشي ۽ خوشبوءِ جو ڪارڻ سمجھي ٿو. ڊاڪٽر جي اندر جو ٻار اڃان تازو توانو آهي.
گهر گهر ۾ خوشبوءِ ڦھلايو،
رنگ برنگي گلڙا ميڙي،
گلڙن سان دل لڳايو.

شيخ سعدي رح جي چوڻي ٿي ياد اچي تہ : "ٻارن ۾ سٺا اخلاق پيدا ڪريو، کين گندي زبان استعمال ڪرڻ کان روڪيو، خاص ڪري ناز سان پليل ٻارن ۾ ساديون عادتون وجھو. کين علم جي دولت سان مالا مال ڪريو "
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال بہ گهڻي حد تائين ٻارن جي مناسب اصلاح هيٺين نظمن ۾ ڪئي آهي. ٻار کي پھريان مالڪ سائين جي توحيد جو درس ڏئي ٿو.
اي اﷲ، اي اﷲ،
منھنجا مٺڙا اﷲ.
نانءُ تنھنجو مٺو،
ڪنھن نہ توکي ڏٺو.
پوءِ بہ محسوس ڪيو،
تون سڀني کان سُٺو.
عقل واري نظم ۾:
ساھ سڀن جو،
ساڳيو آهي،
کائڻ، پيئڻ،
هڪ جھڙو آهي.

"قصو" نظم ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا خيال ڪجهہ هن ريت آهن:
اهو بہ آهي سچ تہ دنيا مٽيءَ آ،
ڏنو آهي ڪمپيوٽر ئي هي وراڻو.

سنڌ جو سڃاڻ ليکڪ پريل دايو لکي ٿو تہ :" منھنجو بابا، پياري امان، ڪار، ٽنڊڻي، چيڪلو ۽ چوڏيل ۽ منھنجو ڳوٺ سميت هن ڪتاب ۾ شامل ٻين اهڙن ٻولن جي اڪثريت شامل آهي. جن ۾ ٻارن جون ٻوليون ۽ ڳالھيون ٻارن جي زباني چيل آهن".
ڪتاب "چنڊ بہ منھنجو رانديڪو " تي سنڌ جو ناليوارو ليکڪ نواز علي شوق لکي ٿو تہ :" ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي هن ڪتاب ۾ نظمن جا جيڪي عنوان آهن، سي سڀ ٻارن جي دلچسپيءَ وارا آهن. انھن جي ٻولي سھڻي آهي تہ انھن ۾ لوڪ ادب واري چاشني بہ آهي تہ رِدم ۽ موسيقي بہ آهي، تنھن ڪري اهي دلڪش ۽ پيارا لڳن ٿا" . ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ٻارن کي پاڻي ۽ ڊيم جي متعلق آگاهي نظم جي صورت ۾ ڏئي ٿو.
سنڌ سُڪي ٿي،
سنڌ رڙي ٿي،
بنا پاڻيءَ جي،
پوک سڙي ٿي.

پاڻي زندگيءَ جو جياپو آهي، پاڻيءَ کوٽ کي سڄي سنڌ جي شاعرن محسوس ڪيو آهي ۽ لکيو بہ آهي. محمد علي پٺاڻ سنڌوءَ جي پاڻيءَ بابت لکي ٿو تہ :
هاڻي سنڌوءَ ۾ اڏي واري پئي،
مست ڇوليون وهڪرا ڪاڏي ويا.

پاڻي کوٽ تي سنڌ جي ناليواري شاعر جواد جعفريءَ جون سٽون بہ ياد ٿيون اچن تہ :
فرق ئي هاڻي نٿو محسوس ٿئي،
سنڌ جي يا ڪربلا جي ڳالھہ آ.

سنڌي ادب جو سريلو نانءُ قربان منگي لکي ٿو تہ:
”ذوالفقار سيال جو تخليق ڪيل ٻالڪ ڪويتا وارو ڪم ڏهاڪن تائين ڦھليل آهي، ان ڪري انھيءَ سنڌ جي ڪيترن نسلن جي ذهني آبياري پئي ڪئي آهي" .
ڪتاب جو بيڪ ٽائٽل سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر مختيار ملڪ لکيو آهي، لکي ٿو تہ: "هڪ تحقيق موجب هن ماحول ۾ ٻارن جي شاعري جي ترنم جي ڪشش اڄ بہ کين انھن گيتن ۽ نظمن سان سلھاڙي رکڻ ۽ هاڻوڪي سماجي وهنوار ۾ ڪو ڪارج نڀائڻ جي سگهہ بخشي سگهي ٿي ۽ ذوالفقار سيال ان جو ڀرپور نڀاءُ ڪيو آهي".
ڌرتي سڀ کان اتم آهي ۽ ڌرتي ئي ماءُ جو درجو رکي ٿي. ان ماءُ جي روشن خيال ٻار کي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال محنت ۽ محبت جو ڌڳ سمجائي ٿو.
محنت، محبت،
ساڻ سدائين ،
ديس جو اوچو،
نانءُ ڪندين تون.
توسان ڌرتيءَ،
جو آ نالو،
دولھہ دودي،
جو تون حوالو.

ڪتاب "چنڊ بہ منھنجو رانديڪو" جو مھاڳ هند جي ناليواري شاعر کيمن مولاڻي لکيو آهي، لکي ٿو تہ : "شاعر سنسار جي پراڻين جانورن، پکين ۽ انسانن ۾ هڪ جھڙائي ڏيکاري اڻ سڌي طرح ٻارن کي سڀني سان پيار ڪرڻ جي سکيا ڏني آهي. ٻار پيار جو پتلو هوندو آهي، اهو سڀني جيون سان پريم ڪندو آهي، هو نفرت ڪرڻ ڪونہ ڄاڻي".
ڪتاب چنڊ بہ منھنجو رانديڪو، 40 صحفن تي مشتمل آهي، شاعر ڪتاب جو انتساب، ماءُ پيءَ ۽ استادن جي نالي ڪيو آهي. مرڪندڙ انسان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ آخر ۾ هيءَ شعر تہ :
دل ۾ خيالي زلف ورخ يار ٿي ويو،
واليل والضحيٰ سان سروڪار ٿي ويو.
تنھنجي ثنا ڪيم تہ شعر بڻيا شاهڪار، ٻيو شعر ڪو چيم تہ سو بيڪار ٿي ويو.

منھنجو ننڍپڻ: ڊاڪٽر ذوالفقار سيال

زندگيءَ جي شروعات ٻاروتڻ سان ٿئي ٿي، ڪنھن ٻار جو ننڍپڻ حسين هوندو آهي تہ ڪنھن جو وري وچولو هوندي ۽ وري ڪنھن جو ٻاروتڻ خوشحال هوندو آهي، انھن سڀني خوبين ۽ خامين هوندي بہ ٻار تہ ٻار ئي هوندو آهي! ٻار جون خواهشون ۽ صلاحيتون بہ ان جي عمر جي ذهن مطابق هونديون آهن پر ان صلاحيتن کي اڃان وڌيڪ اجاگر ڪرڻ ۾ ماءُ پيءُ جو اهم ڪردار هوندو آهي. اهڙو ڪردار ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي ٻاروتڻ ۾ مليو آهي جنھن جي ڪري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال هن وقت جنھن مقام تي آهي اهو سندس والدين ۽ پنھنجي صلاحيتن جي ڪري آهي.
خليل جبران جو رايو آهي تہ: "توهان پنھنجن ٻارن کي جيتري محبت ڏئي سگهو ٿا ڏيو، مگر پنھنجو تخيل نه، هر ٻار پنھنجو تخيل پاڻ سان گڏ آڻيندو آهي". ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ۾ جيڪا تخيل جي سگهہ آهي اها سندس مالڪي حقيقي طرفان عطا ٿيل آهي. جنھن جي بنياد تي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال هر شيءَ کي آئيني وانگر پسائي ٿو، آئينو ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ ڳالھائيندو آهي ان لاءِ ٻار کي معصوم سڏيو وڃي ٿو ۽ ٻار جي معصوميت کان والدين ۽ استاد ڪڏهن بہ مايوس نہ ٿيندا آهن. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو ڪتاب، "منھنجو ننڍپڻ" منھنجي سامھون آهي جنھن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جون ٻاروتڻ واريون يادگيريون آهن. هاڻي سوال مونکان بار بار پڇي رهيو آهي تہ ٻار لاءِ نظم، ڪھاڻيون، ڊراما، ڪارٽون، ٽيبلوز ۽ آکاڻيون تہ موجود آهن پر سنڌي ادب جي نثر ۾ ٻاروتڻ جون يادگيرين جو هيءُ پھريون ڪتاب آهي، جنھن کي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ترتيب ڏنو آهي. ٻارن جي ذهني نشمونماءَ لاءِ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال نظم جي صورت ۾ پاڻ موکيو آهي پر نثري حوالي کان سڀني شعور وندن کي سڄاگ پڻ ڪيو آهي. منھنجو ننڍپڻ ۾ سڀ روايتي ڳالھيون پيش ڪيون آهن، ڪافي اهڙيون ڳالھيون هونديون جنھن کي ڊاڪٽر پسي پردا بہ رکيو هوندو پر ٻاروتڻ جي نثري پاسي جو آغاز ڪتابي صورت ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي پاسي آهي. ڪتاب "منھنجو ننڍپڻ" يادگيريون سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد شايع ڪيو آهي. ڪتاب جي ارپنا، ليکڪ پنھنجي شاعريءَ جي استادن، محمد خان غني (محمد خان ميمڻ ٽکڙائي) پروفيسر بلاول پرديسي ۽ سڀني استادن جي نانءَ ڪيو آهي. ادارو غلام مصطفي سولنگي لکيو آهي، لکي ٿو تہ :"پنھنجي ننڍپڻ جو ذڪر گهڻن ماڻھن ڪيو آهي پر سنڌي زبان ۾ ننڍپڻ جي يادن تي مشتمل هي پھريون ڪتاب آهي.اهڙي طرح ٻين ٻارن ليکڪن کي بہ پنھنجي ننڍپڻ جون يادگيريون لکڻ گهرجن".
منھنجو ننڍپڻ ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لکي ٿو تہ، "مون کي پنھنجي ننڍپڻ جو اهو دور چٽي طرح ياد آهي جڏهن گهر جي اندر ۽ٻاهر اسان دادا مدن لعل جي ٻارن سان گڏجي کيڏندا هئاسين“. صحفي 23 هين تي لکي ٿو تہ، ”ان زماني ۾ هڪ ڪلاس ۾ هڪ ٽيچر هيو جيڪو سڀ سبجيڪٽ پڙهائيندو هيو، اڄ بہ پرائمري اسڪولن ۾ هڪ ئي استاد ٿئي ٿو، جيڪو سڀ سبجيڪٽ پڙهائي ٿو جنھن کي ڪلاس ٽيچر چيو وڃي ٿو“.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنھنجي پاران ۾ لکي ٿو تہ، ”مون بنا وڌاءُ جي ۽ بنا ڪنھن ٽارگيٽ ۽ گلا جي، جيئن جو تيئن بيان ڪيو آهي. مان پڪ سان سمجھان ٿو تہ پنھنجي نوعيت جي هن ڪتاب کي پسند ڪيو ويندو ۽ برادرم غلام مصطفي سولنگي جي هن ايجاد کي ياد ڪيو ويندو“.
31 صحفي تي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنھنجي يادگيريءَ لکي ٿو تہ، ”اسڪول ۾ ٻہ وقت انتھائي اهم ۽ رونق وارا هوندا هئا، هڪ اسيمبلي جو وقت جتي سڀ قومي ترانو پڙهندا هئا، ٻيو رسيس جو وقت جتي گهنڊ لڳڻ کانپوءِ ڪلاس مان ٻاهر نڪرڻ ۽ ڊوڙي اچڻ جي ريت بہ هئي تہ روايت بہ جو هر ٻار پنھنجي خرچي جي آڌار تي شيون وٺندو هيو“.
ڪتاب جو مھاڳ ناليواري براڊ ڪاسٽر ۽ ليکڪ نصير مرزا لکيو آهي، لکي ٿو تہ، "ذوالفقار جي ننڍپڻ جون اهي سڀ سلڇڻايون برحق ۽ راندين جا شوق بہ سچا، پر هن جي وجھہ شھرت تہ شاعري آهي ۽ اها هن کي ڪٿان پلئه پئي، تہ هن ڪتاب ۾ ذوالفقار ان جو اتو پتو بہ اسان کي هن ريت ڏنو آهي. عبرت اخبار جي ٻارن واري صفحن ۽ هلال پاڪستان جي گلن جھڙا ٻارڙا تنظيم ۽ هفتي واري صفحن مان اتساھ وٺي اسڪول جي زماني کان مون ٻارن لاءِ لکڻ شروع ڪيو هيو ".
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنھنجي يادگيرين ۾ لکي ٿو تہ: "اسان واري دور ۾، نہ ڪا پيءَ جو رواج هيو نہ سفارش جو ڪوئي سلسلو هلندو هيو، اسان جا وڏا ۽ والدين ان کي عيب سمجھندا هئا تہ هو ٽيچر کي ٻار جي سفارش يا پارت ڪن. هو پنھنجي لاءِ پنھنجي اولاد لاءِ ان کي عيب سمجھندا هئا "اهڙي طريقي سان روايتي شين جو ذڪر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنھنجي يادگيرين ۾ ڪيو آهي، جيڪي هن وقت بہ اهي شيون شاگردن کي ٿوري گهڻي هنڌ ملن ٿيون. ڏاند گاڏي، ٽانگي، گهوڙي سواري، رڇ بڇ ۽ عام راندين جو ذڪر ٿيل آهي. اتي لکڻ پڙهڻ جو ذڪر بہ هن ريت ڪري ٿو. "محمود يوسفاڻي گلن جھڙا ٻارڙا ۽ پرواني ڀٽي ٻارن جي ٻاري ٺاهي ٻارن جي ٻاري ۾ جتي ٻيا ڪيترائي ميمبر هئا. اُتي عبدالسبحان ميمڻ جيڪو بعد ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ٿيو اهو بہ شامل هوندو هيو ان تنظيم جي هڪ گڏجاڻي لاڙڪاڻي ۾ ٿي جنھن جو مان سکر ڊويزنل انچارج هوندو هيس ان ۾ پرواني ڀٽي صاحب کان علاوہ سبحان ميمڻ بہ آيو هيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ ٻارن جي ٻاري هڪ نشست ٿي هئي". زندگيءَ جو هر پل انسان جو سرمايو آهي ان سرمائي کي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنھنجي ننڍپڻ جي يادن کي تاريخ جو حصو بڻايو آهي.
64 صفحن واري ڪتاب جو بيڪ ٽائٽل سنڌ جي ناليواري شاعر اياز گل لکيو آهي. "ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي ڪير نہ سڃاڻي؟ هي سنڌي ادب ۽ خاص طور تي سنڌي شاعريءَ جو ڄاتل سڃاتل نالو آهي. سندس شمار سنڌ جي ناليوارن شاعرن ۾ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو ننڍپڻ جي يادن، تجربن ۽ مشاهدن تي مشتمل ڪتاب پڪ سان هڪ نئين انداز جو دلچسپ ۽ وڻندڙ ڪتاب آهي، جنھن کي ٻار ضرور پيار سان پڙهندا ۽ هينئين سان هنڊائيندا".
آخر ۾ "رسڪن" جي چوڻي ٿي ياد اچي: "پنھنجي اولاد کي ايمانداريءَ جو پھريون سبق ڏيڻ ئي ان جي تعليم ۽ تربيت جو آغاز آهي ".

منھنجو گڏڙو منھنجي گڏڙي: ڊاڪٽر ذوالفقار سيال

رُخ هوا جي هلي ٿي،
ھوري ھوري تيز ڦري ٿي.
رُسي، پرچي، سڀ پئون ٿا،
پنھنجي گهر ڏي پوءِ وڃون ٿا.

ننڍ پڻ جي زندگي باغ جي حسن وانگر آهي ۾ تمام حسين لمحا پنھنجي وقت سان وڏيون ٻرانگهون پائي جواني طرف پھچي وڃن ٿا. جيئن باغ ۾ سلو، پن، ڏانڍيون، وڻ ۽ ميوا باغ جو حسن هوندا آهن، اهڙي طرح ننڍپڻ بہ حسين ٿئي ٿو. اهڙن حسين لمحن جا نظم بہ حسين ٿين ٿا، اهڙو ئي حسين لمحن جو 13هون ڪتاب ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنھنجي اڻٿڪ محنت سان ٻاراڻي ادب لاءِ سرجيو آهي. دنيا جي اندر جتي بہ ڪتاب شايع ٿئي ٿو، ان کان پوءِ ئي ان تي راءِ آسان سان ڏئي سگهجي ٿي. ڇو جو اهو ڪتاب پڙهندڙ جي ميراث ۾ شامل ٿي وڃي ٿو.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو ڪتاب "منھنجو گڏڙو، منھنجي گڏڙي" سنڌي ادب سان گڏ جيڪي بہ سنڌي ڄاڻيندڙ لکندڙ آهن. اُهي ڪتاب بابت پنھنجي راءِ ڏئي سگهن ٿا. ڪتاب تہ پھريان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي ڪتاب جون مبارڪون ان لاءِ تہ ڊاڪٽر مسلسل ٻاراڻي ادب لاءِ پاڻ موکي رهيو آهي. ڪتاب جي منھن ڏسائي اها آهي تہ، هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن جو 287هون ڪتاب منھنجو گڏڙو، منھنجي گڏڙي فيبروري 2021ع ۾ شايع ڪيو آهي. ڪتاب ۾ سھڪار چانڊوڪي پبليڪيشن لاڙڪاڻي جو آهي. ڪتاب جي ارپنا ليکڪ پنھنجي ڀيڻ ۽ ساري دنيا جي ٻارن جي نالي ڪئي آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي دل ۾ ٻارن لاءِ محبت سمنڊ جي اونائي جيڏي ڀاسجي ٿي.
مينھڙا - نظم ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ٻار کي زماني جي سڌ هن ريت ڏئي رهيو آهي.
دوکو جو ڪري ٿو
ٻُڌي سو مري ٿو
سڄي جڳ ۾ هر دم
خُواري کڻي ٿو
لوٽي ۾ آ پاڻي
پوري ٿي ڪھاڻي.

ڪتاب جو مھاڳ ناليواري ادب شناس ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي لکيو آهي، ڊاڪٽر بلواني لکي ٿو تہ: "مجموعي ۾ ٻارن جي دنيا جا ڪيترائي رنگ ۽ عڪس آهن، مٽيءَ جا رانديڪا بہ آهن تہ تارن جي چمڪ ڌمڪ بہ آهي. چنڊ جي چانڊوڪي بہ آهي تہ سياري جو سيءُ بہ آهي. ڦرڻي بہ آهي، جيڪا ڏاڍي ڦرڻي گهڙڻي آهي، ٻار هٿ هٿ ۾ ڏئي اکٻوٽ راند جو مزو بہ وٺن ٿا. چيڪلو بہ آهي تہ ٻليءَ جي ميائون ميائون بہ آهي ۽ مزيدار جهولو بہ آهي. "
ڪتاب جو سڄو مھاڳ پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ ٻاراڻي راندين کان علاوہ سماجي پاسن کي بہ خوب سمجهي ويندا.
گلدستو نظم جا ٻہ بيت :-
ٻار سڄي دنيا جو ساڳيو
جيئن گلن جو هار بہ ساڳيو
ساري دنيا جي ٻارن جو
گلدستو گلزار بہ ساڳيو

فارسي ٻوليءَ جو مقبول شاعر شيخ سعدي جون ڪجهہ سٽون ٿيون ياد اچن جنھن جي معني آهي تہ، "سڀ دعوي ڪندڙ علم جا بي خبر آهن، جنھن کي ڪجهہ پتو پيو ان کان خبر ٻاهر نہ نڪتي. اي خيال، قياس، گمان ۽ سمجهہ کان مٿي هستي، جيڪي چيو اٿم، ٻڌو اٿم يا پڙهيو اٿم، ان ۾ ساري عمر گذري چڪي آهي. ليڪن آئون تنھنجي وصف جي ڄاڻ ۾ اهڙو رهيو آهيان جھڙو اول ۾ هيس."
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال - گُلڙا نظم ۾ پنھنجي من جي سونھن ٻارڙن کي هن ريت پسائي ٿو.
سڀني رنگن وارا آهن،
منھنجا جيءَ جيارا گُلڙا
مالھي ڀريا گلدستي ۾
نيلا، پيلا ڳاڙها گُلڙا
ڄڻ تہ حسن جو نالو آهن،
ڌرتي، چنڊ، ستارا گُلڙا.

ٻاراڻي ادب لاءِ لکندڙ غلام محمد غازي لکي ٿو تہ، "ڊاڪٽر ذوالفقار سيال 1970ع کان ٻاراڻي ادب کي لکڻ جي شروعات ڪئي، هيل تائين 12 ڪتاب ڇپائي ٻارڙن جي هٿن تائين پھچايا آهن، سندن ئي 13هون ڪتاب" منھنجو گڏڙو منھنجي گڏڙي "اوهان جي هٿن ۾آهي. مون کي اميد آهي تہ پھريان ڇپيل ڪتاب ٻارڙن پسند ڪيا ۽ انھن گيتن کي ڳايو، هي بہ انھن کي پسند ايندو. "
عوامي شاعر گل حسن گوپانگ شاد جون سٽون آهن تہ :
مٺڙا مٺڙا ٻول ٻڌائڻ ڪو ڄاڻي،
ماڻڪ موتي لعل ورهائڻ ڪو ڄاڻي.
لُوڻ ڦٽن تي ٻُرڪڻ ايندو سڀ ڪنھن کي،
زخمي دل جا زخم ڇٽائڻ ڪو ڄاڻي.

پيغام نظم ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پيار، پريت ۽ وحدانيت جو درس عام فھم ۾ ٻارن کي سمجهائي ٿو.
ڪيني نفرت واري ٻولي،
پيار محبت ساڻ مٽاءِ
انسانيت جو نانءُ ڪو روشن
اهڙي ڪا خوشبوءِ ڦھلاءِ
هڪڙو آ ﷲ تنھنجو
گيت ڌڻيءَ جا ھر ھر ڳاءِ.

سنڌ جو ناليوارو ليکڪ ۽ شاعر ملھار سنڌي لکي ٿو تہ : ”سنڌ ۾ صرف هڪڙو نامور شاعر ۽اديب آهي جيڪو پنھنجي ذميواري انتھائي خوبصورت انداز ۾ نڀائي رهيو آهي، جنھن سموري زندگي لڳاتار ٻارن لاءِ لکيو آهي. جنھن لاءِ لاتعداد دلفريب نظم لکيا آهن. حيرت جھڙي ڳالھہ آهي تہ ٻہ هزار نظم لکڻ جي باوجود بہ سندس نظمن جا موضوع الڳ الڳ آهن ".
راڻي ڌيءَ - نظم ۾ ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو تہ :
منھنجي مٺڙي منھنجي راڻي،
ڌيءُ آ منھنجي ڏاڍي سياڻي.
منھنجي گهر جي رونق آهي،
هيرو، چاندي، سونڪ آهي.

سنڌي ادب جي سرزمين ذرخيز آهي، جنھن ۾ فنون لطيفه جون تصنيفون سرجيو وڃن ٿيون جيڪي موجودہ دور ۾ پنھنجو اوج ماڻي چڪيون آهن. جن مان پيار، احساس ۽ حب الوطني جون رچنائون ڀروسيءَ جي صورت ۾ ملن ٿيون. جيئن "چنڊ" نظم ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لفظن جي مالھا ۾ پوپٽن ڀريا حسين لفظ پويا آهن.
چنڊ آ ڄڻ گدري جي ڦار،
ليڪ سنھي ڪڏهن پلڪار.
لکين ڪروڙين تارا گڏجن،
هن جا آهن چوڪيدار.
چنڊ بہ ڄڻ ڪو مامو آهي،
سڀني جي لھي ٿو سار.
اُڀ تي هي نہ جڏهن اُڀري ٿو،
هن بن ٿئي ٿي انڌوڪار.

نظم جي حسن ۾ تشبيھون، استعارا، ۽ رڌم سان شاعريءَ ۾ ويتر نکار پيدا ٿئي ٿو، جنھن جي ڪري جمالياتي حسن مان دل کي ويتر سرور ملي ٿو.
ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل آواز جي دنيا جي سريلي نانءُ شبنم مجيد لکيو آهي، دل جي ڳالھہ لکي ٿي تہ :"مان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ٿورائتي آهيان، جنھن منھنجي زندگيءَ جو پھريون گيت مون کان ٽي وي پروگرام "روشن تارا" ۾ ڳارايو. ان وقت منھنجي عمر 8-9 سال مس هئي ۽ مون پنھنجي سنگسنگ ڳائڻ جي شروعات ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي سنڌي ڪلام ۽ ٻارن لاءِ لکيل شاعريءَ سان ڪئي. اڄ جڏهن شبنم مجيد آهي تہ اها سنڌي پروگرام روشن تارا جي سنڌي گيت جي ڪري آهي. "ڪتاب منھنجو گڏڙو منھنجي گڏڙي جي 40هين پيج تي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا ٻاراڻي ادب ۾ شايع 12 ڪتابن جا عڪس سن وائيز ڏنل آهن. مزدورن جي هٿن دنيا جي بلند ترين عمارتن کي سنواريو آهي. مزدور دنيا جي اندر اهم ترين فرد آهي، جيڪو سڀني لاءِ محنت ڪري ٿو. اهڙن محنت ڪندڙ کي ڊاڪٽر سيال ڪونہ وساريو آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي نظم "کاٻر جھڙا هٿ" جا ڪجهہ بيت :

بابا سان گڏ ڪم ڪيان ٿو،
ٻاٽڙن سان، دلا ڀريان ٿو.
ميرا سيرا ڦاٿل ڪپڙا،
واھ ۾ وهنجي پاڻ ڌوئان ٿو.
گدلو سدلو لوڪ چوي ٿو،
ٻارڙو آهيان چپ رهان ٿو.

ٻارڙن لاءِ شاعري ۾ قافيو ۽ رديف آسان ۽ ترنم وارو هجڻ گهرجي، اهو سليس نظم ٻار کي دير تائين ذهين نشين رهندو آهي. اهڙي روايت کي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال نھايت خوبصورت انداز ۾ برقرار رکيو آهي. دنيا "گل گلزار" رواني وارو نظم آهي، جنھن جو آخري حصو اوھان جي نظر :
دنيا جي هن باغيچي ۾،
پنھنجي حصي جو ٻوٽو پوکي،
دنيا گل گلزار بڻيايون،
ساري جڳ جي سونھن وڌايون.

بابا مون کي ڪر نہ ڌنار!: مور مغيري

اچو تہ کيڏون ڪوڪ راند،
ويهي گذاريون ڇو ٿا واند.
پڙ تي جيڪو بيهندو ٻار،
تنھن کي رهڻو آ هوشيار.

(مور مغيري )

قرآن پاڪ ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ وارن کي وڏي درجي وارو شمار ڪيو ويو آهي. جيڪو غور ۽ فڪر ڪري ٿو اهو سنئين واٽ کان ڪڏهن بہ ڪونہ ٿو ڀٽڪي. ٻار ۾ هڪڙي اهڙي ڪماليت هوندي آهي جو، جنھن بہ نئين شيءَ کي ڏسندو ان جي باري ۾ بار بار سوال ڪندو. پڇڻ کان پوءِ سمجهڻ چاهيندو آهي. تڏهن ئي هن دنيا ۾ غور ۽فڪر جي ڪمال تي رسندو آهي. جيڪڏهن ڪوبہ ٻار گهر ۾، اسڪول ۽ مارڪيٽ ۾ سوال ڪري يا ڪنھن شيءِ جي معلومات وٺي تہ ان کي آساني سان سمجهائڻ گهرجي. مور مغيريءَ جي ڪتاب "بابا مونکي ڪر نہ ڌنار" اهو هڪ سوال بہ آهي ۽ التجا پڻ.
مور مغيري ٻاراڻي شاعريءَ ۾ زمانيءَ جي گهڻن مسئلن کي نظر ۾ رکندي قلم کي جنبش ۾ آندو آهي ۽ ڪافي هنڌن تي ڪامياب بہ ويو آهي. جيئن "علم جي دولت" نظم ۾ هوشيارپ جو درس ڏئي ٿو.

علم جي دولت آهي انمول،
علم جو ڪوئي ناهي مول.
علم ذهن جو آهي نور،
علم ڪندو تڪليفون دور.
علم وارا سارا ٿئي بھتر،
ڄڻ هي چنڊ، ستارا ٿئي بھتر.

علم وارن جي صحبت ۾ رهڻ، سو سالن جي گهڙين کان بهتر آهي. ڪنھن فارسي دان شاعر جو شعر آهي تہ :
"يڪ زمانا صحبت با اوليا، بھتر از صد ساله طاعت بي ريا.".
مور مغيري جي " پيار" واري نظم ۾ بہ علم جي پرچارڪ خوب ڪري ٿو. جيڪا ٻار کي مستقبل لاءِ اتساھہ بخشي ۽نظم بہ اهڙا ئي هجن گهرجن.

اَبي، اَمان جو تو سان پيار،
ٻالڪ تون بي ٿيءُ هوشيار.
اَبي، امان جي چوڻ تي هَلُ،
ايندئي ڪين آڏو مشڪل.
علم جو توکي دڳ ڏنائون،
راھ سُٺڙي ساڻ لاتائون.

هيءُ ٻاراڻو ڪتاب، سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري 2020ع ۾ شايع ڪيو آهي، ڪتاب جو ٽائيٽل ۽ لي آئوٽ مصور منگي ٺاهيو آهي. اداري پاران عيسيٰ ميمڻ لکيو آهي تہ :- مور مغيري سنڌي ادب جو خدمتگار آهي جنھن پنھنجي حال آهر سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ ڪوشش ڪئي آهي.
"اکين جا تارا" نظم ۾ مور مغيري ٻارن لاءِ هن ريت محبت ڀريا ٻول لکي ٿو تہ :
گلابن کان پيارا وڻن ٻار ٿا،
هي اکين جا تارا وڻن ٻار ٿا.
خدا سونھن تن ۾ سمائي آهي،
هي دلڪش نظارا وڻن ٻار ٿا.
مٺي مرڪ تن جي ماکي جھڙي،
هر سِر جا سھارا وڻن ٻار ٿا.

ڪتاب "بابا مون کي ڪر نہ ڌنار" ۾ منير سومري، مور مغيري جو مختصر تعارف ڪرايو آهي، لکي ٿو تہ :
سندس اصل نالو غلام عمر ذت مغيري آهي، ادبي نالو مور مغيري اٿس. تاريخ 13جنوري 1976ع تي ڳوٺ قمبر ڪوٽ مغيري تعلقي وارھہ ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. تعليم :ايم. اي (سنڌي ۽ پوليٽيڪل سائنس) (ايم. ايڊ، ايم فل (سنڌي ادب ) 2020ع، ايم فل عنوان: "صوفي سيد رکيل شاھ جي سنڌي شاعريءَ جو فني ۽ فڪري جائزو. " پاڻ تعليم جي پيشي سان لاڳاپيل آهي. ادب ۾ وجھہ شھرت: شاعر، ڪھاڻيڪار، ڪالم نويس ۽ محقق اٿس. سنڌ جي مقبول فنڪارن مور مغيري جي ڪلام کي آواز جو روپ ڏنو آهي. مور مغيري جو پھريون شعري مجموعو "ڳوڙها ڳوڙها ڳل "شايع ٿيل آهي.
اک جي روشني رنگيني جي عاشق آهي، انھيءَ رنگيني کي مور مغيري جي دل ۽ اک آساني سان پسي ٿي، تڏهن تہ پوپٽ نظم سرجيو اٿس.
پوپٽ ڪيڏا پيارا ٻارو،
سھڻا آهن سارا ٻارو.
رنگ تنين جا آهن رنگيلا،
واهجو وڻندڙ سھڻا سريلا.
پر تني جا ڳوڙها ۽ پيلا،
ساوا سونھن سُراپا نيلا.

سنڌ جي ناليواري غزل جي شاعر اياز گل لکيو آهي تہ: "مور مغيري بهترين شاعر، محقق ۽ سٺو استاد هئڻ ناتي، ٻارن جي نفسيات کان گهڻي حد تائين واقف آهي. مور ٻاراڻين ڪيفيتن کي سمجهي ٿو تڏهن تہ هن پنھنجي گيتن ۽ نظمن ۾ اهڙن ئي موضوعن کي آندو آهي. "
ڀٽائي سرڪار فرمايو تہ :
پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾،
پاڻان ڏوھ چڙهن، جيئن ورق ورائن وترا.
مور مغيري پنھنجي فڪر ۽ غور ۾ پڙهيل سان گڏ ڪڙهيل پڻ نظر اچي ٿو.
علم وارا انسان ٿيندا هن،
روشن جيڪي دنيا ڪندا هن.
صبح جو ساجھر اُٿي وڃن ٿا،
تتيءَ ٿڌيءَ ۾ پورهيو ڪن ٿا.
ٻئي تي ڀاڙي ڪين ويهن ٿا،
سچ جا هيءَ ساٿاري آهن.

ڪتاب جو مھاڳ ناليواري شاعر، ڪالم نويس ۽ تعليمدان پروفيسر مختيار سمون لکيو آهي، لکي ٿو تہ: "سٺي تعليم ۽ تربيت ڪارج ڀريو علم ۽ معياري ادب مثبت تبديلي جا محرڪ هوندا آهن، جيڪي ماڻھن انھن مان چڱي طرح مستفيض ٿي چڪا آهن يا ٿيندا سي پنھنجي نئين نسل کي بہ اھا ئي سرت ۽ ساڃاھہ واري واٽ وٺرائڻ لاءِ ڪوشان رهن ٿا. ان ئي حوالي کان، ٻارن لاءِ مور مغيري جا لکيل نظم گهڻا دلچسپ آهن جن کي ٻار ورجائي ورجائي پڙهڻ سان بہ نہ ٿڪبا. اهڙن مختلف نظمن مان ڪجهہ بند کڻي هڪ گلدستو جوڙيون ٿا ۽ پوءِ ڏسو تہ انھن جو سڳنڌ دل ۽ دماغ کي ڪيئن نہ واسي ڇڏي ٿو. "
ڳوٺ بہ ٻارن جي جذبن جو بھترين حسن آهن، انھيءَ حسن کي مور مغيري شاعراڻي انداز ۾ هن ريت بيان ڪيو آهي.
سارين جو آهي ديرو تيار،
اَنَ جا ٿيندا هاڻي انبار.
بٽئي تي اچو گڏجي هلون،
اَنُ اَبي کان سڀئي وٺون.
ابو منھنجو آهي زميندار،
سارين جو آهي ديرو تيار.


ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل سنڌي ادب جي مستقل مزاج ۽ گڻ پاسائي شخصيت ڊاڪٽر ادل سومري لکيو آهي. "مور مغيري بہ انھيءَ جذبي جي آڌار تي "بابا مونکي ڪر نہ ڌنار" ڪتاب ۾ ٻارن کي پنھنجي تخليقن جا گل ارپيا آهن. مور نئين ٽھيءَ جو سڃاڻ شاعر آهي. هن کي ٻار جي ذهني اوسر جو اونو ۽ احساس آهي.
آخر ۾ مور مغيري لاءِ سنڌ جي مھان ڪوي شيخ اياز جون سٽون تہ :
واري ڇڏيو مون، توسان ملڻ آسرو،
پوءِ بہ تون ئي تون، ڇا جي لاءِ تنوار ۾.

قرآني قاعدو: حافظ عبدالستار ڪوريجو

طالب ڪثر سونھن سَر ايءَ روميءَ جي رهاڻ،
پھرين وڃائڻ پاڻ، پسڻ پوءِ پرين کي.
طالب ڪثر سونھن سر، ايءَ روميءَ جي راحت.
جنين ڏٺي ست، تنين ڪڇيو ڪينڪي!

سورہ الاعراف سيپارو 9 آيت 204 ۾ آهي تہ قرآن پاڪ کي سٺي انداز ۾ پڙهيو ۽ ٻڌو وڃي. آيت جو ترجمو ڏيڻ مناسب ٿو سمجهان.
ترجمو (اي مسلمانو !) جڏهن بہ قرآن مجيد پڙهيو وڃي تڏهن دل لڳائي ٻڌندا ڪريو ۽ خاموش رهندا ڪريو، اوهان تي ﷲ تعالي جي رحمت ٿئي. "
زندگي جاکوڙ جي ڪري ئي عظمت واري آهي، جيڪي فرد جاکوڙ کي اولين ترجيح ڏين ٿا اهي ئي انسان قومن کي شعوري طور زنده رکندا آهن. اهڙي پاسي سنڌ جو باشعور حافظ قاري عبدالستار ڪوريجو بہ آهي، جنھن جي سدائين سنڌ جي تاريخ تي نظر هوندي ئي آهي. حافظ عبدالستار ڪوريجو قرآن مجيد جي مڪي ۽ مدني سورتن کان چڱي طرح واقف بہ آهي. حافظ صاحب جي من ۾ اها ڳالھہ ضرور آهي تہ عربي ٻوليءَ جي حرف هجا کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي، جنھن سان اسان جو تلفظ بھتر ٿيندو. ان لاءِ حافظ عبدالستار ڪوريجي سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون ڀيرو قاعدن ۽ قانونن موجب "قرآني قاعدو" ترتيب ڏنو آهي. جيڪو عربي ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪارائتو قدم آهي. هي قرآني قاعدو مذهبي معاملن کان آگاھہ ڪري ٿو. قاعدي جي شروعات ۾ 6 ڪلما جيڪي هر مسلمان ۽ مومن کي ياد هجڻ گهرجن ۽ ايمان مفصل، ايمان مجمل ڏنل آهن. استادن لاءِ ڪجهہ ھدايتون آهن.
مُفرد حروف کي حروف مقطعات موجب ٻن حرفن، ٽن حرفن جيان، جيئن : الف، با، تا، ثا جيم الخ (الي آخر - يعني آخر تائين) پڙهڻ گهرجي. حروف مقطعات جي ادائگي ئي معروف (چٽو ) پڙهڻ جو دليل آهي، انھيءَ بنان تي ان جو مجھول (اڻ چٽو ) پڙهڻ صحيح نہ آهي. جيئن : بي، تي، ثي، جي، حي، خي، (الخ) الف کانسواءِ ٽن اکرن وارن حرفن کي وڏي مَدُ سان يعني ڊگهو ڪري پڙهڻ گهرجي.
عربي ٻوليءَ ۾ هڪ ئي "ي" آهي. هن طرح جي "ے" فارسيءَ ۽ اردو ٻوليءَ ۾ آهي ۽ اهو عجمي لکت جو طريقو آهي.
قرآن ڪريم ۾ "ي" معروف ئي لکڻ گهرجي ۽ ڪڏهن بہ "ے" مجھول لکڻ نہ گهرجي.
حروف هِجا جي تختي پڙهائڻ وقت ٻار کي حرفن جي سڃاڻپ تي تمام گهڻو توجهہ ڏيارڻ گهرجي نہ تہ ٻارن جي دلچسپي نہ رهندي.
قُرآنُ عربي. مذڪر. اسم خاص (قرآن مجيد) ﷲ پاڪ جو ڪلام مسلمانن جو مقدس ڪتاب، ﷲ تعالي طرفان پنھنجي نبي حضرت محمد ﷺ تي نازل ڪيو. منجهس ڪائنات جا سڀئي اسرار ۽ رموز بيان ٿيل آهن.
وهو معڪم اينما ڪنتم وِرھَ سان وسي يار، قول سندس قرآن ۾. (بيدل )
ڪٿي مسلم ٿي پڙهي ٿو ياد "قرآن ". (بيڪس. مثنوي)
چوڻ جو حاصل مطلب اهو آهي تہ قرآن پاڪ کي سھڻي انداز سان پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون. ان کان پوءِ اسان جو تلفظ عربي ۽ سنڌي ۾ ٻوليءَ درست ٿيندو.
حافظ عبدالستار جي ڪوشش ۽ هي عملي ڪم بہ جيستائين پهچي سگهندو، منھنجي خيال ۾ عربي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي وسعت ملندي.
"الف" کان وٺي" ي" تائين هر هڪ نشاني کي حروفِ هِجاء چئبو آهي. عربي ٻوليءَ ۾ حروف هِجاء 29 آهن.
مخارج جي لحاظ کان حرفن جي ترتيب، سمجهڻ تمام ضروري آهي.
ٿلهن حرفن جي اچارڻ ۾ چپ چرپر نہ ڪن ۽ گول بہ نہ ٿين پر حروف ٿلھا ضرور ٿيڻ گهرجن.
ٿلھا حروف حروف مستعليہ خص، ضغ ، طِِ ، قِظ، خ ص، ض غ، ط، ق ظ. نرم حروف : حروف لثويه. ث ، ذ ، ظ.
تيز حروف يا سيٽيءَ وارا حروف: حروف صغيريه. ز، س، ص.
نڙيءَ وارا حروف: حروف حلقي. ء ه، ع ،ح،غ،خ.
شاگردن کي مخرجن جي لحاظ کان واضع فرق سمجهائي حرفن جي صحيح ادائگي ڪرائڻ گهرجي.
زَبر - زِير - پيش کي حرڪت چئبو آهي. زبر، زير ۽ پيش واري حرف کي متحرڪ چئبو آهي. زبر ۽ زير، ننڍڙي ليڪ وانگر سمھيل حرڪت کي چئبو آهي. زبر مٿان، زير هيٺان ۽ پيش واوء جي ننڍڙي شڪل جيان پر مٿان هوندو آهي.
زير جي حالت زبر وانگر آهي، زير کي سمھيل حرڪت چئبو آهي. زير کي پڙهڻ وقت ٽن ڳالھين جو خيال رکڻ ضروري آهي. 1 ڊگهو ڪري نہ پڙهڻ 2 جهٽڪو ڏيئي نہ پڙهڻ 3 مجھول يعني اڻ چٽو نہ پڙهڻ.
ائين حافظ عبدالستار، ٻہ زبر (تنوين) ٻہ زير ۽ ٻہ پيش تي سٺي معلومات تختي ۽ هجي سان گڏ ڏني آهي جيئن شاگرد کي آساني ٿئي. جزم جي تختي ۾ عربي لپي سان تختي ۽ جزم جي استعمال کي آسان طريقي سان بيان ڪيو آهي.
اهڙيءَ طرح ت جا قسم ۽ حروف قلقله جي نشاني ۽ ان جي باري ۾ تفصيلي ڄاڻ ڏنل آهي. ساڃي پاسي کان لکي ويندڙ ٻولين جي الفابيٽ کي سمجهڻ ۽ ان جي صوتي پاسن کي غور سان پڙهڻ کان پوءِ ئي ان ٻوليءَ تي دسترس حاصل ڪري سگهجي ٿي.
لکت جي فن جي باري ۾ "البيروني" جا خيال هن ريت آهن تہ،
”ڳالھائڻ واري ٻولي، ڳالھائيندڙن جي خيالن ٻڌندڙن تائين پھچائڻ جو هڪ وسيلو آهي. انھيءَ عمل، ڳالھائڻ کي ٿوري عرصي لاءِ جٽاءُ رهندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو صدري علم، سيني بَسيني ياد ڪرڻ وارو طريقو ۽ تاريخي واقعا، وقت گذرڻ سان گڏ پنھنجي اصلي اهمت وڃائي ٿا ويھن ان ڪري انسان ذات اهم واقعن ۽ علمي ڳالھين کي محفوظ رکڻ لاءِ لکڻ جو فن ايجاد ڪيو.“
اهڙو ئي عمل حافظ عبدالستار ڪوريجي سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآني قاعدو، ٻوليءَ جي قاعدن ۽ قانونن موجب سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هيءُ قاعدو مسجد، مدرسي ۽ اسڪول جي استادن کي لازمي طور پڙهڻ گهرجي، جڏهن استاد وٽ ٻوليءَ جي ڄاڻ هوندي تہ هو آساني سان شاگردن کي پڙهائي سگهندو. حروفن جي مخرجن جو بيان ۽ نقشو قاعدو جو حصن آهن.
آخري ۾ حافظ عبدالستار ڪوريجي من جي اور بہ ڪئي آهي، جيڪا صدين کان سنڌ پنھنجو وجود رکي ٿي ان ۾ ھہڙا هاڃا ٿيا، هن سنڌ ۾ يا وري سنڌين لاءِ درد ڀريل اپيل بہ آهي، جنھن جو مختصر حصو ڏيڻ مناسب سمجهان ٿو .
"قومي مقصد ۽ صوبي جي مرڪز کان پري رهندو تہ فنا ٿي ويندء. پوءِ صرف قصن ۽ ڪھاڻين ۾ رهجي ويندوء. اسان کي ڏيئي رهيا آهن جيڪي دوستيءَ جو ڌوڪو. انھن جي تاريخ پڙهندو تہ دهلجي ويندوء.
اي سنڌيو! پنھنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ رهڻ جو سليقو سکو."
بھرحال اسان جي استاد ۾ ٻوليءَ، تاريخ ۽ پنھنجي ماڳ مڪانن جي سجاڳي هئڻ گهرجي. جيڪا ڄاڻ قاري عبدالستار ڪوريجي ڏني آهي اها ڳالھہ اسان کي ۽ ايندڙ نسل کي ضرور سجاڳ ڪندي.

گيتن جو گلدستو: محمد جواڻ جانب سومرو

وطن سنڌ منھنجو سدا شاد رکجان،
رهي مرڪندو شل سدا منھنجا سائين.

(جانب جواڻ )
زندگيءَ جو مقصد اهو آهي تہ هن سماج جي داخلي ۽ خارجي مسئلن کي سمجهڻ ۽ انھن کي لطيف طريقي سان هل ڪرڻ جي ڪوشش بہ ڪجي. گيتن جو گلدستو ۾ محمد جواڻ جانب سومري معصوميت ، ٻاروتڻ يا ننڍپڻ جي زندگيءَ کي پريت سان ڏٺو آهي. توحيد سان گڏ سڄي جهان جي سڌ جو مزاج آسان طريقي سان سمجهائڻ جي ڪوشش بہ ڪئي اٿس، جا سماجي زندگيءَ ۾ ٻار لاءِ اهميت جوڳي آهي.
سڀ کي رزق رسائين ٿو هر جا،
ڏيھہ سڄي جو آن ڏاتار خدا.

ننڍي ذهن ۽ جسم جو ڄڻ، جواڻ سومرو سهولتڪار آهي ۽ رنج خوشي جي واٽ کي آسان طريقي سان بيان ڪيو اٿس.
صبح جو سويري اُٿڻ ساڻ وهنجي،
صحت جو سجايو ڪو گلدان ٻارو.
اسڪول وڃڻ لئه آتا ٻار،
ٻوڏ ستايل سارا ٻار.

پبلشر نوٽ ۾ فياض انور بخاري لکي ٿو تہ: "ٻاراڻي ادب جي سرجڻھارن واري فھرست تي نظر پوندي تہ اسان کي محمد جواڻ جانب سومرو جو نانءُ پڻ چٽو نظر ايندو. محمد جواڻ جانب سومرو ڪنھن بہ تعارف جو محتاج نہ آهي. سندس نالي کان هرڪو چڱي طرح واقف آهي".
دعا جي مھل ۽ جدوجھد جي واٽ تي هلڻ لاءِ جانب جوان سومرو ٻاروتڻ جو سھڪاري طور ڪردار ٿو ادا ڪري.
نعت لکڻ سان جانب تنھنجو،
چمڪي پوندو ڀاڳ ستارو.
سجدي ۾ جنھن ڪنڌ ڪٽايو،
ناني جو آ دين بچايو.

ڪتاب جو مھاڳ پروفيسر مختيار سمون لکيو آهي، لکي ٿو تہ، "جانب سومري پنھنجي هن شعري مجموعي ۾ پڻ ٻارن لاءِ پنھنجي پھرين شاعريءَ جي ڪتاب "گلڙا گلڙا گيت" وانگر اهڙا تہ دلچسپ نظم شامل ڪيا آهن جيڪي هر عمر جي ٻار کي انھن مان حِظ حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا".
مون کي هر ڪو ٻار وڻي ٿو،
سر جو هر سينگار وڻي ٿو.
جي هن منھنجي اڳيان ٻالڪ،
پوءِ سڄو سنسار وڻي ٿو.

سنسار جي پريت جو سبق مڪمل طور ٻار تائين پھچائڻ ضروري آهي پوءِ حالتون ڪھڙيون بہ هجن، ٻار جي ذهن کي صحت مند ۽ کرو رکڻو آهي.
مير حسن ملزم شر لکي ٿو تہ: "هي سونھن، سچ ۽ سڀاءَ جو متلاشي آهي. پاڻ هميشہ سانگيئڙن، سنڌ جي ماڳن، ماروئڙن ۽ ٻارن تي کوڙ سارو لکيو اٿس".
حضرت علي عليہ السلام جي ڪردار ۽ عمل زندگي جي باري ۾ سڌ ڏنل آهي.
علي اسان جو امام ٻارو،
مٿي آ جنھن جو مقام ٻارو.
بتن کان ڪعبو صفا ڪيو جنھن،
اسان جو اُن کي سلام ٻارو.
علم جو در آ علي ولي آ،
جو ڏيندو ڪوثر جو جام ٻارو.
خدا جو شير آ لقب انھيءَ جو،
درود اُن تي دوام ٻارو.
پڙهي ٿو اُن تي سلام جانب،
صبح منجهند، رات، شام ٻارو.

فقير غلام قادر ڪيريو لکي ٿو تہ: "بحر وزن علم عروض جو ماهر ڏسڻ ۾ سادو، علم جو سمنڊ، سندس شاعريءَ ۾ سنڌوءَ جي لھرن جيان قوم، وطن لاءِ محبت ڇوليون هڻندي نظر اچي ٿي. جانب جي شاعريءَ ۾ هر ننڍي وڏي جي جذبن جو خيال رکيو ويو آھي."
شاعر جي نظر وقت جي نبض تي هوندي آهي، تعميري لفظن سان احساسات کي لوڪ آڏو آڻڻ ۾ مھارت جو راڄ ڌڻي آهي.

هر پل ڏيندي آهي دعائون،
لڳي نہ توکي ڪوسو واءُ.

گلڙن تي ڏين ٿا لامارا،
گلڙن جي رس چوسڻ وارا.

ماکي سڀ کان آهي مٺڙي،
واھ جي نعمت رب جي سٺڙي.

بخت عابد ابڙو ڪتاب تي راءِ ۾ لکي ٿو تہ، "گيتن جو گلدستو" ٻاراڻي شاعري سنڌي ادب جي واڌاري سان گڏ معصوم ٻارن لاءِ مٺڙا مٺڙا، من موهڻا گيت، نظم حمد و ثنا سان گڏ هڪ وڏي تاريخي ڄاڻ ڏني آهي."
ڌرتيءَ جا هي گلڙ آهن،
سرها سر جا سڳڙا آهن.
هر هڪ ٻالڪ گلڙو گلڙو،
ڌرتيءَ جو سينگار وڻي ٿو.

ڪوڙل قربدار ڪتاب بابت لکي ٿو تہ: "اهڙا تہ نظم ۽ گيت هن سرزمين کي ارپي ٿو جن جو حرف حرف هڳاءُ جھڙو ڀانئجي ٿو. جيڪي مستقبل جي ٻارن لاءِ اتساھہ ۽ جاگرتا جي ضمانت ڏيندڙ آهن."
سنڌي ٻار نظم جا ڪجهہ بند
سنڌڙيءَ جا هي گلڙا ٻار،
واھ وڻن ٿا وهوا ٻار.
جرڪن مھڪ ۽ مرڪن،
مورن وانگر ٽور ٽلن،
سندر سھڻا ۽ من مهڻا،
ٽھڪ ڏئي سڀ ٽلڻا ملڻا.

ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل نظام الدين ڪلھوڙو لکيو آهي، لکي ٿو تہ: "جانب شاعريءَ ذريعي نہ صرف سنڌي سماج ۽ عوامي زندگيءَ کي چڱائي ۽ حقيقت جو پيغام ڏئي ٿو. اهوئي سبب آهي جو سندس شاعريءَ ۾ سماجي ڪردار اخلاقي قدر ۽ اصلاحي اثر نمايان آهن."
مٺي ٻولي ٻاراڻي ٿئي ٿي، جنھن جو هر ٻول، سر ۽ سوز پنھنجي انداز جو ٿئي ٿو. دنيا ۾ معصوميت ئي صادق ۽ امين جي رتبي تي پھتل آهي، ٻاروتڻ واري زندگي اهڙي عمل سان ٽمٽار آهي. جنھن کي جانب جواڻ ٻاراڻي پيرا ۾ مھارت سان پيش ڪرڻ جو حسن چڱي طرح ڄاڻي ٿو.

ٽم ٽم تارا: عيسيٰ ميمڻ

جيسين ڏوهٽا سارا هوندا،
ناني تنھنجا نعرا هوندا.

چون ٿا سچائي ٻار جي ذهن ۾ رب پاڪ ريشم جي تند وانگر مولائم ڪري رکي ڇڏي آهي تڏهن تہ ٻار هر ويل سچائيءَ جو ساٿ ڏئي ٿو. عيسيٰ ميمڻ جي ٻاروتڻ واري شاعري، سچ ۽ صحن جي مٽيءَ واري هڳاءَ سان واسيل آهي. پنھنجي صحن کان وٺي تر جي هر منظر ۾ عيسي ميمڻ پنھنجو جنم محسوس ڪري ٿو، ان جو اظھار هن ريت ڪري ٿو.
"ڦ" سان ڦيٿو، سنڌين جي ايجاد آهي،
جنھن سڄي دنيا کي بدلايو آهي.

ڪتاب جو مھاڳ ناليواري شاعر مشتاق بخاري لکيو آهي، لکي ٿو تہ :"عشقيہ ۽ انقلابي ادب کان ويندي ٻاراڻي ادب تائين ڪتاب "سياست، تاريخ ۽ ڪردار“ ۽ "سرت سندو سوجهرو " کان ويندي هن ڪتاب "ٽم ٽم تارا" تائين عيسيٰ ميمڻ جو تخليقي سفر نھايت، شانائتو ۽ مانائتو رهيو آهي. عيسيٰ ميمڻ جيئن تہ هڪ بھترين استاد سان گڏ هڪ بھترين والد بہ آهي ان ڪري هن ٻارن جون معصوم حرڪتون، محبتون ۽ شرارتون محسوس ڪندي ٻاراڻي ادب جي اهميت کي محسوس ڪندي ٻارڙن کي تخليقن جي صورت ۾ محبتون ارپيون آهن، محبتن جو اظھار ڪيو آهي. "
مھين جي ماروئڙن جي ڪرت ۽ قدامت پسندي کي انساني شعور سان عيسي ميمڻ عظمت ڀريو مينار سمجهي ٿو.
سڏ صدين جو ورنائين،
۽ هي ڳالھہ هانءٌ سان هنڊائين،
مُھين مانُ وڏو آ پيارا،
مُھين احسان وڏو آ پيارا.

***
وٺندينءَ اگر مون کي پڪڙي،
منھنجا ڪن ٻئي ڳاڙها هوندا.

بھترين تعليمدان ۽ محقق سعيد چانڊيو لکي ٿو تہ: "سنڌي ادب ۾ ٻارن جي ادب جي شروعات انگريزي دور کان ٿي. رسم الخط جي نئين سر سڌاري کانپوءِ سنڌيءَ ۾ سڀ کان پھرين ٻارن لاءِ نصابي ڪتاب باب نامو ڇپيو. اهڙيءَ طرح ٻارڙن جي لاءِ لکڻ جو رواج پيو. سنڌيءَ ۾ ٻارن جي ادب جا منتشر جزا قديم داستانن ۾ بہ ملن ٿا پر اهي قصا خاص طور تي ٻارن جي لاءِ نہ لکيا ويا هئا بلڪہ اهي وڏن جو اهو سرمايو آهن جن کي ٻارڙن پڙهڻ سان پنھنجو ڪيو."
وستي وستي، واهڻ واهڻ،
پکڙيل تنھنجو ڪلام ڀٽائي.
هر بيت تنھنجو راھ سچائي،
محبتن جو آن امام ڀٽائي.

ٻاراڻي شاعريءَ ۾ نم جي وڻ کي ڪافي شاعرن عمدي نموني سان پيش ڪيو آهي. نم جو وڻ پنھنجي ماحول ۽ صحت لاءِ انتھائي ڪارائتو وڻ آهي. ڀٽائي جي ڌرتي تي نم جا وڻ اڃان موجود آهن. نم جي وڻ جو ذڪر ان ڪري ڪيو ٿم تہ ٻاراڻي ادب ۾ وڻن تي نظم لکيا وڃن، جيئن وڻ جي اهميت کي اجاگر ڪري سگهي.
لڳي پيو اتر واءُ، وڻن ڇڻيا هن پن،
ڍڪيو پنھنجا ڪن، سياري جي سرد هوا کان.

ليکڪ نثار جتوئي ڪتاب تي راءِ ڏيندي لکي ٿو تہ: "ٻارن جي شاعريءَ جو هي ڪتاب ٽم ٽم تارا ٻارن لاءِ خوبصورت تحفو آهي هن ڪتاب ۾ ٻارن جي سمجهہ کي سامھون رکي جيڪا شاعري ڪئي آهي اها ٻارن کي تفريح سان گڏ نصيحت بہ فراهم ڪري ٿي."
منھنجي هئين جا هار
ڌرتيءَ جا پيارا ٻار.
سنڌ جي دشمن لئه،
بيھندا ٿي ترار
ڌرتيءَ جا پيارا ٻار.
رکن ٿا مرڪ چھري تي،
ابي امڙ جي اکين جا ٺار،
ڌرتيءَ جا پيارا ٻار.

صاحبِ ڪتاب جي راءِ بہ ڪجهہ هن ريت آهي تہ، "منھنجو ادب سان ناتو، ٻاراڻي عمر ۾ ئي جڙيو هو. ننڍپڻ ۾ ٻارن لاءِ لکڻ سان پنھنجي لکڻ جو آغاز ٿيو. خاص ڪري اسرار شام جيڪي خط لکي اتساھ بخشيو هو، جنھن جي طفيل ٻارن لاءِ لکڻ پڙهڻ جو ذوق پيدا ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين اهو سلسلو رڪيو نہ آهي شايد اڳتي بہ رڪجڻ محال آهي. ڇو جو لکڻ زندگي آهي ۽ زندگي کي ڇڏي ڏيڻ ممڪن نہ آهي. "
هيٺين شعر ۾ ڀلجي وڃڻ جي نصيحت عيسيٰ ميمڻ ٻارن کي ڪري ٿو پر پاڻ سڄي ڪتاب ۾ ھ، هاٿي، جهہ جهرڪي ۽ گهہ گهوڙي کي نظر انداز ڪيو اٿس.
هر وک تي ڀلجي نہ وڃو،
ملندي پوءِ وقت کان ڪا ميار،
آيو نئون سال کڻي اميدون انبار.

فطرتي منظرن جو خيال ۽ جيجل جو جذبو ٻار جي ذهن ۾ شاعر ۽ ليکڪ سمائڻ جي ڪوشش هيٺين ريت ڪري پيو .

اڏري آيو ڳيرو،
ڏسي ڳوٺ ٻاهران،
چڻن جو ديرو.

***
ٿڌو واءَ هلڪو،
ماءُ کي پنھنجي،
ٻار جو الڪو.

***
جيئن خوشبو گلن ۾،
تيئن سنڌي ٻارڙا،
آهن منھنجي من ۾.

ڪتاب جي ارپنا هن ريت ٿيل آهي تہ "هي ڪتاب ارپيا ٿو ٻارن جي مسيحا اسرار شام ۽ اڪبر جسڪاڻيءَ کي جن ٻارن جي ادب لاءِ سموري ڄمار ارپي ڇڏي."
ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل، نجمہ چانڊيو لکيو آهي، لکي ٿي تہ: "سنڌ جي ادبي کيتر ۾ ٻارن لاءِ سرجيل ادب تمام گهٽ آهي جنھن ۾ سائين عيسيٰ ميمڻ بہ پنھنجو حصو وڌو آهي. مان اميد ٿي ڪريان تہ سندس شاعري ٻارن لاءِ اتساھ ۽ اميد جو سبب ضرور بڻبي. "
ٻار جي ٻالڪ پڻ ۾ اميد جو ڪرڻو بابو آهي، ماءُ ڄڻ جنت جي ڪنجي آهي. پيءُ رحمان وارو ڏيک ڏئي ٿو ۽ هر ويل ماءُ رحيم آهي. عيسيٰ ميمڻ ٻارن جي انگلن کان بلڪل واقفيت رکي ٿو.
بابا پيارا،
لاهي ڏي مون کي،
چنڊ ستارا.

***
امان او امان،
چارئي پھر تنھنجا،
هٿ پير چمان.

هتي فلسفي گرو چيف جا جذبا ياد اچي ويا آهن، جيڪو روين جي خانہ جنگيءَ سبب پنھنجي پيءُ جي قبر تي ڪڏهن بہ نہ وڃي سگهيو هيو ۽ آتم ڪٿا ۾ لکيو هيائين تہ جيڪو بہ سندس پيءُ جي قبر تي وڃي سو هي دعا ڪري يا ڪُتبو لکي تہ :
"مان تنھنجو آهيان
تنھنجي تخليق مان
تون اسان جو آهين
اسان ٻئي تنھنجا
۽ اسان سڀ ئي
پنھنجي ڀر واري جا."

درد جو احساس ان دردوند کان ئي معلوم ٿي سگهي ٿو جيڪو درد جي پيڙا مان گذريو هجي. جن کي والدين جو پيار نہ مليو هجي، اهي احساس مٿيئن سٽن مان بي خوبي لڳائي سگهجي ٿو.

پنھنجي دنيا ڌار: ڊاڪٽر ذوالفقار سيال

شال سدائين وسندي رهندي،
سنڌ امڙ جي سھڻي جهولي.

فطرتي سونھن ۾ رچاءُ پنھنجو هوندو آهي، رڳو فطرت کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت هر اک جي پنھنجي نوعيت جي هوندي آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ٻارن جي فطرت ۽ نفسيات کي ويجهڙائي کان پرکيندو رهي ٿو. اها ئي ڳالھہ آهي تہ ڊاڪٽر سيال کي ٻارن جي رانديڪن، راندين ۽ اتساھہ جو ڏانءُ لطيف نموني سان اچي ٿو.
هر پاسي رنگن جي هولي،
ڌرتي ماءُ بہ ڏي ٿي لولي.

ڊاڪٽر ذوالفقار جي اندر جي آرسي هر ويل سنڌي ادب ۾ پاڻ پسائي رهي آهي ، لفظن جي روپ ۾ مصوريءَ جھڙا نظم سرجي ٻارن جي بهتري لاءِ قدم وڌائيندو رهي ٿو.
ڊاڪٽر محمود مغل لکي ٿو تہ، "ذوالفقار سيال جي شاعريءَ ۾ خيالن جي سادگي، سوچ جي سادگي سمجهائڻ جي سادگي آهي. ٻارن جي چوڏهين گٽڪي ۾ جيڪي پراڻا نظم آهن "واھ ڙي تارا گول تارا"، "ٻہ پيسي ڇھہ ڇھہ پيسي" وارو پراڻو رنگ نظر ايندو. ﷲ کيس وڏي ڄمار ڏئي، محتاجي کان بچائي، هو ائين ئي سوچيندو رهي، لڳاتار ڪم ڪندو رهي. اسان کيس گذريل چار ڏهاڪن کان ائين ئي لڳاتار ڪم ڪندي ڏسون ٿا“. ٻارن جي نظمن ۾ ترقي پسند سوچ ويچار هجڻ ضروري آهي ان سان نئين سماج جي تعميري رستن جي ابتدا ٿئي ٿي. اهڙي سوچ ڊاڪٽر ذوالفقار ۾ منظم طريقي سان موجود آهي.
اچو نئين دنيا کي آڏيون،
پنھنجي دنيا ڌار آ.
هٿ انھن جا اوچا آهن،
نعرا، ڳاڙها جهنڊا آهن.
انسانيت جا هي مھندار،
جاڳو جاڳو پھريدار.

ڪتاب جو مھاڳ ڍولڻ راهي لکيو آهي، لکي ٿو تہ، "ٻارن لاءِ لکڻو آهي تہ سولو ۽ سولو لکڻ ڏکئي کان ڏکيو آهي. شاعر هجڻ ۽ مٿان وري ٻارن لاءِ شاعري ڪرڻ، هيءُ بہ ڏات ۾ ڏات آهي، سا جنھن کي عطا ٿئي. گلزار صاحب جو مشھور گيت آهي "دل تو بچا هي جي ٿورا ڪچا هي جي" سو ٻارن لاءِ لکندڙ دل بہ ٻاراڻي ۽ ٻارن وانگر ڪچڙي يعني ڪومل ۽ سچائيءَ سان پُر هُجي. "
ڪڏهن ڪڏهن ڌرتيءَ تي ڪرندي،
گم ٿين ٿا تنھنجا چارا.
دنيا جي گردش ۾ آهن،
ڌرتي، سج، چنڊ ۽ سيارا.

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سدائين جيئان ان ڪوشش ۾ آهي تہ ٻارن لاءِ فڪر رکندڙ ادب تخليق ڪجي جيڪو ادب سڄي دنيا جا ٻار پڙهي سگهن ۽ دنيا جي هر ٻار کي علم جو ڇانورو آساني سان ملي سگهي.
جو اس ۾ آ بيٺو، ڏيو ڇانو ان کي،
جو مينھن ۾ ڀڄي ٿو، ان کي بچايو.

آ ماڻھن جي خدمت عبادت ۾ شامل،
اهو ئي انسان جي ڪم آ آيو.

ڊاڪٽر ذوالفقار وقت ڪڍي ادب جي تاريخ، مطالعي ۽ مسئلن تي ڌيان بہ ڏئي ٿو، پنھنجي تخليقي صلاحيتن کي رهنمائي طور پيش ڪندو رهي ٿو.
پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم لکي ٿو تہ، "ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جيڪو پيشي جي لحاظ کان ميڊيڪل ڊاڪٽر ٿي خدمت ڪيائين پر هو ادب جو بہ ڊاڪٽر آهي ۽ پي ايڇ ڊي هولڊر پڻ. ٻارن جي ادب کي پنھنجي لکڻين سان مالا مال ڪري ڇڏيو اٿس."
آئيني جي آڏو،
دنيا تي کلي ٿو.
وڻي نہ وڻي ڪنھن کي،
پاڻ کي وڻي ٿو.
وقت آ ٻاريو ڀڀڙ ڪوئي،
ڪين وسي ٿو، رڳڙيون ويٺا.

بن اسٽائن جو ذهني خاڪو آهي تہ: "اسان جا ذاتي لاڳاپا ئي اها ذرخيز مٽي آهن، جن سان زندگيءَ ۾ نواڻ اچي ٿي ۽ اسان کي ڪاميابيون حاصل ٿين ٿيون." مٿي ڳالھہ ڊاڪٽر ذوالفقار جي زندگي ۽ ادب جي دائري ۾ بلڪل صحيح ۽ ڪافي حد تائين ڊاڪٽر صاحب جي جذبن جي ترجماني پڻ آهي.
منظور منگي لکي ٿو تہ، "سچ پچ تہ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ٻاراڻي شاعريءَ جي حوالي سان ٻاراڻي ادب سان حقيقي عشق ۽ جنون جي حد تائين عملي طرح پيار ڪندي ۽ جاکوڙيندي نظر اچي رهيو آهي ۽ هن ڏس ۾ سيال صاحب تمام شانائتو ۽ لاڀائتو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هونءَ بہ عملي ادبي دنيا ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت گهڻ پاسائي ۽ گهڻ رخي رهي آهي. "
کائي پيئي پوءِ پيٽ ڀريان ٿو،
کيڏي کيڏي پوءِ پڙهان ٿو.
پڙهي پڙهي مان پوءِ سمھان ٿو،
ننڊ ڪري جنھن ويل اٿان ٿو
تازو تازو پوءِ لڳان ٿو.

ٻار هن دنيا جو قيمتي اثاثو آهن ان لاءِ ان کي هيري وانگر تراشي انمول صورت ۾ شيون پيش ڪجن، جيئن هو شين کي پرکي انھن سان پنھنجي دوستيءَ جو دائرو وڌائي ۽ بنيادي مسئلن کان چڱي ريت واقف ٿي سگهي، اهڙي واقفيت ڊاڪٽر ذوالفقار سيال وٽ نظمن جي صورت ۾ موجود آهي.
سُرمي سان ٿو نُور سنواريان،
سُرمي داڻي، ڪير روڪيندو.
ننڍي وڏي جي عزت سکبي،
هيءَ ڪھاڻي ڪير روڪيندو.

ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل ڀڳوان نردوش لکيو آهي، لکي ٿو تہ، "ڊاڪٽر ذوالفقار سيال وڏي عرصي کان ادب جي کيتر ۾ پاڻ موکيندو رهيو آهي. هو هڪ مڃتا حاصل ڪيل ٻھگڻي شخصيت آهي. جنھن ٻال ادب ۾ هڪ مقام حاصل ڪيو آهي."
ٻاراڻي ادب لاءِ مسلسل جدوجھد ڪندڙ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ لطيف سرڪار جون هي سٽون تہ :
سَرها ڏٺم سي، جَني ساڃاھ سراڻ سين،
تيغ تَني جي کي، ڪَٽُ نہ لڳي ڪڏهين.

شاگردن لاءِ تقريرون: عبدالحليم سومرو

ڪنھن ڏاهي جون سٽون آهن تہ: ادب ۽ آرٽ ۾ ماڻھن جي دلين ۽ دماغ کي متاثر "ڪرڻ جي طاقت سمايل آهي، فنڪار چوائڻ جو حق صرف انھن ليکڪن کي آهي جي انھيءَ تاثر کي سڄي انسان ذات جي ڀلائي لاءِ عام ڪن ٿا، ماڻھن جي روح ۾ سونھن ۽ سرت پيدا ڪن ٿا" اهڙو ئي فني ڪم استاد عبدالحليم سومرو شاگردن لاءِ تقريرون جو ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، جيڪو سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ تي مشتمل آهي. هيءُ ڪتاب سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ جو 41هون ڪتاب آهي، جيڪو اسڪولي شاگردن، عام پڙهندڙ ۽ مقررن لاءِ انتھائي ڪارائتو ڪتاب آهي. شاگردن لاءِ تقريرون جي ڪتاب جو مھاڳ سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري شاعر، اديب، تعليم دان ۽ محقق پروفيسر مختيار سمون لکيو آهي، مختيار سمون لکي ٿو تہ، ٻار جي اهڙي بھترين تعليم ۽ تربيت ڪرڻ هڪ استاد جو ئي منصبي فرض هوندو آهي، سٺو استاد ٻار جي مستقبل کي روشن ڪرڻ لاءِ سندس حال ۾ معنيٰ ڀرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ڇاڪاڻ تہ هن کي پنھنجي شاگرد ۾ پنھنجي اولاد نظر ايندي جنھن ڪري سندس ڪردار ۾ استاد سان گڏ والدين وارو جذبو بہ شامل ٿي ويندو آهي انھي حوالي سان جڏهن هو، علم ڏيڻ کي پيغمبري پيشو سمجھي فرض نڀائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي تہ پوءِ ئي هو هڪ ڪامل استاد جي رتبي تي پھچندو آهي.
پروفيسر ستار سومرو، مَنَ اندر جون ڳالھڙيون ۾ لکي ٿو تہ : دنيا جي وڏن ڏاھن، تقرير بازن، مقررن، شعلہ بيان خطيبن، اديبن، فلاسفر، سياستدان تقريرن، ۽ تحريرن ۾ ستل ذهنن کي سجاڳ ڪري، اتساھہ جو روح ڦوڪي سماج کي تبديل ڪرڻ جا مضبوط ۽ سگهارا بنياد رکيا. اداري پاران عيسيٰ ميمڻ لکيوآهي تہ، تقرير انساني تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، انسان جڏهن لکڻ جو فن نہ سکيو هو تڏهن ڳالھہ ٻول جي ذريعي ئي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندو هو. ڪتاب جي ارپنا لکيڪ پنھنجي اولاد جي نالي ڪئي آهي، جنھن ۾ ڊاڪٽر صبا ناز، ملھار (اسد)، تصور حسين، شاھ زيب حسن ۽ زين عباس شامل آهن. استاد عبدالحليم سومرو جو ڪتاب ۾ تعارف پڻ شامل آهي، جيڪو ادب جي پانڌيئڙا لاءِ اتساھہ جو سبب آهي. ڪتاب جي حصي پھرين ۾ 32 شاندار تقريرون شامل آهن جنھن ۾ پھرين تقرير خيرالوري'، شمس الضحي'، سيدالثقلين احمد مجتبي، محمد مصطفيٰﷺ جي شان ۾ عقيدت جا گل نڇاور ٿيل آهن، ٻئين تقرير سنڌي ٻوليءَ جي وارث شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري، سچ، صداقت ۽ پيار جي پيغام تي آڌاريل آهي.
ڪاتب! لکين جيئن لايو لام الف سين،
اسان سڄڻ تيئن رهيو آهي روح ۾. ( شاھہ )

مضمون نويسي، نثري اها صنف آهي جنھن ٻوليءَ جي واڌ ويجهہ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، مختصر مضمون ۾ زندگيءَ جي جامع ڳالھہ ٿيل آهي. اهڙو ئي تحقيقي، اصلاحي ۽ تجرباتي ڪم استاد عبدالحليم سومري بہ سٺي مھارت سان پيش ڪيو آهي. مضمون نويسيءَ جي بنيادي عنصرن ۾ ٻوليءَ ۾ مھارت حاصل ڪرڻ، جملن جي درست جوڙجڪ ۽ انھن جو صحيح استعمال، بيھڪ جي نشانين جي ڄاڻ جا سڀ پاسا عبدالحليم سومري شامل رکيا آهن. حصي پھرين جي تقريرن ۾ ڪرپشن سماج ۾ نوجوان جو ڪردار ۽ آخري سنڌي تقرير وڌندڙ آدمشماري جو معيشت تي اثر شامل آهي، جيڪو سڄي دنيا لاءِ مسئلو آهي، آدمشماري تي عبدالحليم سومرو لکي ٿو تہ، جڏهن فطرت جي خوبصورت تخليق هن ڌرتيءَ جي معيشت لاءِ ٻوجهہ، وزن ۽ بار ٿي پوي تہ پوءِ انسان کان وڌيڪ هاڃيڪار ۽ نقصانڪار ٻيو ڪونہ پر خود انسان ئي ٿي پوي ٿو،يعني وڌندڙ آبادي جنھن جو بيلنس نہ رکي سگهجي ڪنھن کي نوڪرين ۾ مشغول نہ رکجي، جنھن لاءِ موقعا ميسر نہ هجن تہ پوءِ ظاهر آهي تہ معيشت تي منفي اثر ئي پوندا. عبدالحليم سومرو مسلسل محنت ڪري تقريرن ۾ خوبصورت رنگ ڀريا آهن، جيڪي ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن تي پنھنجو اثر ضرور ڇڏينديون، تقريرن جي حصي ٻئين ۾ اردو تقريرون شامل آهن، جنھن جو تعداد سٺو آهي جنھن ۾ پھرين تقرير ماءُ جي عنوان سان آهي، ان مختصر تقرير ۾ ماءُ جي عظمت، فضيلت ۽ عزت تي جامع نموني روشني وڌي وئي آهي. ٻنھين جھانن جي سردار حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلم جو فرمان عاليشان بيان ٿيل آهي تہ، جيڪڏهن مونکي نماز ۾ منھنجي ماءُ سڏي تہ مان نماز ترڪ ڪري ماءُ وٽ پھچي وڃان. اهڙي طرح پنھنجي ملڪ لاءِ لکيو آهي تہ، پاڪستان مانگ رها هي، يوم دفاع، 6 سيپٽمبر۽ يوم آزادي سان گڏ کوڙ سارن مضمونن کي هن سيڪشن ۾ جاءِ ڏني آهي.
ڪتاب جي ٽئين ۽ آخري پورشن ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ تقريرون شامل آهن جنھن ۾ زندگي جي هر مسئلي تي قلم کنيو ويو آهي 14 تقريرن جا اسم شامل ڪري شاگردن جي اڃان وڌيڪ حوصلا افزائي ڪئي وئي آهي. ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل ناليواري ليکڪ ساجد مسڻ لکيو آهي جنھن ۾ عبدالحليم سومري کي لفظن جي ڀيٽا هن ريت پيش ڪئي آهي تہ، هر تقرير گھرائي سان لکيل آهي جنھن ۾ لفظ ائين ترتيب سان وڏ ڦڙي مينھن وانگر وسن ٿا، جيڪي ماڻھوءَ جي جيءَ کي جهوري وجهن ٿا، جيڪا ڳالھہ تقرير لکڻ واري جو ئي ڪمال آهي. آخر ۾ عبدالحليم سومرو لاءِ عجب شيخ جون هيءُ سٽون تہ :
عشق! تنھنجي حضور ۾ آهيان،
مان صدين کان سرور ۾ آهيان.
يادگيرين جي باھ ڀڙڪي ٿي،
روز پھچندو تَنُور ر ۾ آهيان

گلن جھڙي شاعري پوپٽ جھڙا ٻار: مختيار سمون

منـھنجـون سوچون قيـد نہ آهن
مرضيءَ جو مختيار آهيان مان
زندگيءَ جو هجڻ ڪھڙي بہ عمر ۾هجي، ان ۾ علمي حاصلات جا سبب تقريباً سگهيائي رهندا آهن جيئن ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ تجربي سان حاصل ٿيل علم يا عمل، اهڙو ئي علم جو ذوق رکندڙ مختيار سمون بہ پنھنجي صلاحيتن ۾ بيمثال آهي. بيمثال بہ ان لاءِ تہ وقت کي جن فتح ڪيو آهي. جن فردن وقت کي فتح ڪيو آهي اهي دنيا جا ذهين ماڻھو ثابت ٿيا. ”دنيا آهي گول“ 1983ع تي شايع ٿيل ڪتاب ۽ ”ڌرتي روشن ٿيندي“ 1990ع تي شايع ٿيل ٻاراڻا ٻول ان وقت بہ سھڻي باغ جو ڏيک ڏنو. اهڙي صلاحيتن کي وري ٻيهر اجاگر ڪرڻ لاءِ ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو 2015ع تي ”گلن جھڙي شاعري پوپٽ جھڙا ٻارَ“ تخليقي سگهہ کي دانش جو رستو مھيا ڪرڻ جي برابر آهي. ذهني صلاحيت لاءِ ”گلن جھڙي شاعر ۽ پوپٽ جھڙا ٻارَ“ جا نظم ٻار جي اصل دولت آهن جنھن ۾، دُعا نظم، ”گهمو لاڙڪاڻو“ ڊُڪڙي گهوڙا“”لطيف جو ميلو“ ۽ وئڪشن نظم سان گڏ تصويرن جا بہ بھترين عڪس ٻاراڻي ذهن کي سوچڻ ۽ جستجو ڪرڻ تي نئون دڳ مھيا ڪن ٿا. پروفيسر مختيار سمون جي تخليقي سيڙپ ان جا نظم آهن.
”ڌرتي روشن ٿيندي“. نظم
سج ڪڍيو مُنھن ، آءُ بہ جاڳيس،
جذبو آهي مون سان ساڻ،
ڌرتي روشن ٿيندي“.
”هٿ هلاءِ“ نظم جو ڪجهہ حصو“
پيارا ائين نہ وقت وڃاءِ،
هلندو هل ۽ وک وڌاءِ“
شعر پڙهي مختيار جو جاني،
ان کي پنھن جي دل سان لاءِ.
سنڌ جي عوامي شاعر استاد بخاريءَ جا ”دنيا آهي گول“ جو ڪجهہ حصو پڙهندڙن لاءِ تہ، ”دنيا آهي گول“ مختيار جي ننڍڙي شاعراڻي ڪتابڙي جو نالو آهي، جو سنڌي ٻارڙن لاءِ سوکڙي آهي دنيا تہ گول آهي ئي پر منھن جي شاعراڻي نظر ۾ وقت بہ گول آهي،سج جا روزانا اوڀر اولھہ ڦيرا، چنڊ تارن جي گردش، ڇنڇر کان جمعي تائين هر هفتي جو چڪر ۽ جنوري کان ڊسمبر تائين هر سال جو گهيرو لڳي ٿو تہ وقت بہ گول آهي.“
پروفيسر مختيار سمون پنھن جي زندگيءَ ۾ ماضي ۽ مستقبل کي ڏسي حال کي ترجيع ڏني آهي توڙي جو حال جو مدو ٿورو ئي ٿئي ٿو. حال جڏهن ماضي بڻجي ٿو تہ شاعر جا لفظ رقص ڪن ٿا ترجمانيءَ جي صورت ۾ جيئن پروفيسر مختيار جا هيٺيان نظم جا حصا ڏسو.
نالو انھن جو سھڻو، تاريخ ۾ ٿو لکجي،
جيڪي بنا تعصب، آهن ڪندا سچائي.
اُٿ، نہ ويھي جَلُ او ڍولڻ،
هِير ٿڌيءَ جيان، گهل او ڍولڻ.
خوشبوءِ خوشبوءِ سنڌ سڄي آ
تون تہ گلابي گل او ڍولڻ.
”ڌرتي روشن ٿيندي“ ڪتاب جو مھاڳ تعميري سوچ کي شعور جي واٽ ڏسڻ جي سڌ ڏئي ٿو. سنڌ جو ناليوارو براڊ ڪاسٽر ۽ نثر نويس نصير مرزا لکي ٿو تہ: ”مختيار وري ٻارڙن جي نئين کيپ لاءِ بہ نت نئين اتساھہ سان نت نوان نظم لکڻ ۾ اڳرو پيو نظر اچي، ان لاءِ دل بي اختيار مختيار کي شابس ڏيڻ ٿي چاهي جنھن پنھن جي ڏات ۾ ٻارڙن لاءِ بہ حصو مخصوص ڪري کين نظرانداز نہ ڪيو آهي“. ڪامياب حوصليءَ سان پروفيسر مختيار سمون هن ريت ٻارن سان مخاطب ٿيندي صلاح پيو ڏئي. جيڪا جسماني ۽ علمي ميدان لاءِ انتھائي ڪارائتي آهي.
کيڏ ڀلي پر پڙھہ بہ ضروري،
لک لکان ڪري هٿ هلاءِ.
شاگردن لاءِ جُس جذبي جو مھذب انداز مختيار وٽ هن ريت بہ آهي.
لالڻ ڳايا شعر لطيف جا،
ساجڻ ويھي ساز وڄايا.
جهومي جهومي جوش مان جانڻ،
جيئي لطيف جا نعرا لڳايا
ديس لاءِ محنت کان ڪيٻائڻ،
سنئين سڌي آهي غداري
توبھہ زاري
ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل قلب حسين سمي لکيو آهي، لکي ٿو تہ: ”مختيار سمي جي هن شعري مجموعي، جيڪو ٻارن لاءِ شاعريءَ جي سندس ٻن ڪتابن ”دنيا آهي گول“ ۽ڌرتي روشن ٿيندي تي مشتمل آهي، ان کان علاوہ ڇپيل ڪتابن ۾ شاعري جومجموعو ”وفائون منتظر آهن“، انگريزي گرامر، جا ٽيڪ ڪتاب جھڙوڪ ”اين ايزي ائپروچ ٽو ورڊس انگشل گرام“، ”وربڪائينڊس ائنڊ فارسس“، ”فنڊامنٽلس آف سمپل“، ”ڪمپائونڊ ائنڊ ڪامپليڪس سينٽينسز“ ۽ سندس مرتب ڪيل ڪتاب ”عورت حق حيثيت ۽ تشدد“ پڻ قابلِ ذڪر آهن.“
آخر ۾ پروفيسر مختيار سمون لاءِ ديوان حافظ شيرازيءَ جي غزل جو بيت تہ؛
تاچہ بازي رُخ نمايد بيذقي خواهيم راند،
عرصہء شطرنج رندان رامجالءِ شاھہ نيست.
ترجمو: "اسين پيادا هلنداسون، ڏسون راند ڪھڙو رخ ٿي وٺي، ﷲ وارن جي شطرنج جي تختي کي بادشاھہ جي ضرورت نہ آهي. "