ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

منھنجي ڌرتي منھنجا گيت

بنگال جي تاريخ ۾ قاضي نذرالاسلام پنھنجا باغيانہ خيال ۽ نوان مضمون پيدا ڪيا ۽ پراڻن مضمونن کي نظر انداز ڪيو. بنگال جا نوجوان نذرالاسلام جي انقلابي ترانن کي پڙهي، دولت، ۽ سرمائيداريءَ، ظلم، ۽ ستم جي خلاف مورچا بندي ڪري بيٺا. نذرالاسلام ئي اُهو پھريون شاعر آهي، جنھن صدين جي پراڻين، ۽ بي جان چيزن کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن بار بار، پنھنجي نظمن ۾، اسان کي هي سبق ڏنو آهي تہ: زندگيءَ جو ٻيڙو، هميشہ اڳتي وڌندو ٿو رهي. هو مزور، ۽ هاريءَ جو همدم، ۽ همنوا آهي،

Title Cover of book منھنجي ڌرتي منھنجا گيت

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران بنگال جي قومي شاعر قاضي نذرالاسلام جي تخليقن جو سنڌي ترجمو ”منھنجي ڌرتي منھنجا گيت“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪتاب جا سنڌيڪار منصور قادر جوڻيجو ۽ انور ضياءَ عباسي آھن.
بنگال جي تاريخ ۾ قاضي نذرالاسلام پنھنجا باغيانہ خيال ۽ نوان مضمون پيدا ڪيا ۽ پراڻن مضمونن کي نظر انداز ڪيو. بنگال جا نوجوان نذرالاسلام جي انقلابي ترانن کي پڙهي، دولت، ۽ سرمائيداريءَ، ظلم، ۽ ستم جي خلاف مورچا بندي ڪري بيٺا. نذرالاسلام ئي اُهو پھريون شاعر آهي، جنھن صدين جي پراڻين، ۽ بي جان چيزن کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن بار بار، پنھنجي نظمن ۾، اسان کي هي سبق ڏنو آهي تہ: زندگيءَ جو ٻيڙو، هميشہ اڳتي وڌندو ٿو رهي. هو مزور، ۽ هاريءَ جو همدم، ۽ همنوا آهي،
ھي ڪتاب 1985ع ۾ رابيل پبليڪيشن، لاڙڪاڻو ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان پيش ڪجي ٿي. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي