شاعري

اکين ۾ اُلڪا

ھي ڪتاب امر ساھڙ جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو آهي. ايوب کوسو لکي ٿو: ”امر ساھڙ جي سندس محبوب جي مُرڪ جھڙي شاعريءَ کي پڙهڻ کان پوءِ آئون دعوي سان چوان ٿو تہ امر ساھڙ سنڌ جي نئين ٽھيءَ جو نہ رڳو نمائندو شاعر آھي، پر اُن سان گڏ اها بہ حقيقت آھي تہ موجودہ وقت ۾ سنڌ جي هن خوبصورت خِطي ٿر ۾ امر ساهڙ هڪ اعلي پايي جي شاعر جو رتبو رکي ٿو. ”اکين ۾ الڪا“ جو عُنوان خود سنڌ جو المياتي عڪاس آهي. سچ بہ اهو آھي تہ سنڌ جي هر اک اُلڪي جي علامت بڻيل آهي ۽ هر دل نئين نسل جي نسل ڪشيءَ جو نوحو بڻيل آهي.“

  • 4.5/5.0
  • 49
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book اکين ۾ اُلڪا

ارپنا

انھن باضمير قلمڪارن جي نالي؛
جن جا ضمير اڃان تائين زندھ آھن،
۽ جن جي فنڪاراڻي اَنا، ڪنھن بہ غاصب،
ڪنھن بہ ديسَ دروھيءَ،
حڪمران اڳيان، ھٿ ٽنگي، ڪنڌ جهُڪائي،
قلم جي تقدس کي،
ڪاڻيارو ناھي ڪيو -!!! 

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري نثرنگار، براڊڪاسٽر ۽ شاعر امر ساھڙ جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”اکين ۾ اُلڪا“ اوهان اڳيان پيش آهي. ايوب کوسو لکي ٿو:
”امر ساھڙ جي سندس محبوب جي مُرڪ جھڙي شاعريءَ کي پڙهڻ کان پوءِ آئون دعوي سان چوان ٿو تہ امر ساھڙ سنڌ جي نئين ٽھيءَ جو نہ رڳو نمائندو شاعر آھي، پر اُن سان گڏ اها بہ حقيقت آھي تہ موجودہ وقت ۾ سنڌ جي هن خوبصورت خِطي ٿر ۾ امر ساهڙ هڪ اعلي پايي جي شاعر جو رتبو رکي ٿو. ”اکين ۾ الڪا“ جو عُنوان خود سنڌ جو المياتي عڪاس آهي. سچ بہ اهو آھي تہ سنڌ جي هر اک اُلڪي جي علامت بڻيل آهي ۽ هر دل نئين نسل جي نسل ڪشيءَ جو نوحو بڻيل آهي.“
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 2004ع ۾ سليٽ اشاعت گهر، ٽنڊو قيصر پاران ڇپايو ويو ۽ ڊجيٽل ايڊيشن نئين سر ڪمپوز ڪرائي 2024ع ۾ اپلوڊ ڪيو پيو وڃي. ٿورائتا آھيون امر ساھڙ جا جنھن ھي ڪتاب ٻيھر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

”اکين ۾ الڪا“ بابت ٻہ اکر

اکين ۾ الڪا منھنجي شاعريءَ جو پھريون مجموعو آھي، جيڪو 2004 ع ۾ سليٽ اشاعت گهر ٽنڊي قيصر پاران شايع ڪرايو ويو ھو. ۽ سگهو ئي مارڪيٽ مان ختم ٿي ويو ھو. پڙھندڙن پاران تمام گهڻو اصرار ھو تہ ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن آڻجي. پر مجبوري اِھا ھُئي جو پبلشر وٽان ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ملي ڪو نہ سگهي. ڇاڪاڻ جو ڪمپوز ٿيل ڪتاب جي سافٽ ڪاپي، جيڪا تنھن وقت فلاپي ۾ ھوندي ھُئي سا پبلشر کان گم ٿي وئي/ الائي گم ڪئي وئي؟ پر مون کي ڪتاب جو سافٽ مواد ڪونہ ملي سگهيو.
۽ پوءِ ٻيھر جلد ڪتاب ڪمپوز ڪرائڻ ۽ ڇپرائڻ جي مون ۾ ھڪ تہ مالي سڪت ڪانہ ھئي، ٻيو وري مٿان منھنجا ٻہ ٻيا ڪتاب خيال ڪڙو کڙڪائن ٿا (ريڊيائي اسڪرپٽ) ۽ صحرا مون ۾ ساھ کڻي ٿو (نئين شاعري )ڇپجڻ لاءِ تيار ھُيا، تنھن ڪري اول انھن ڪتابن کي ڇپرايم. سگهو ئي پوءِ ٻيو نثري ڪتاب ”اسان کان پيار لکرايو“ ڪمپوز ٿيل ھو سو بہ ڇپرايم.
اھڙيءَ طرح 2004 کان 2024 تائين ويھَن سالن جي وڏيءَ وٿيءَ پڄاڻان ھڪ ڀيرو ٻيھر ”اکين ۾ الڪا“ اوھان پيارن پڙھندڙن تائين پھچائي بيحد خوشي محسوس ڪري رھيو آھيان.
پر ھن دفعي ”اکين ۾ الڪا“ ڇپرائڻ بدران ڊجيٽل ايڊيشن ڪمپوز ۽ پي ڊي ايف جي صورت ۾ اوھان جي اکين اڳيان آيو آھي. ڇو تہ ڪتاب جي ڇپائيءَ جا خرچ ايترا تہ ڳاٽي ٽوڙ مھانگا آھن جو مون پارو پرائمري استاد جي سَکڻي پينشن تي گذارو ڪندڙ شخص افورڊ ئي نٿو ڪري سگهي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو سڄو ڪتاب سَنواري، سُڌاري ٻيھر ڪمپوز بہ مون پاڻ ئي پنھنجي موبائيل تي ڪيو آھي.
پر ھڪڙي ٻي سرھائيءَ جي ڳالھ اوھان سڄڻن سان اوريندو ھلان تہ سندم نئينءَ شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب ”ڪويتائن - ڪنٺمال“ جلد ئي ڇپرائڻ جو ارادو ڪيو اٿم . جيڪو پڻ ڪمپوز ڪري ڇڏيو اٿم. جيڪڏھن حياتي رھي تہ انشاﷲ ھن ئي سال جي آخر ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويندو.
اميد اٿم تہ مون حقير، فقير ۽ ادنا آدميءَ جي ھن اڀري، سڀري پورھيي (شاعريءَ) سان بي پناھ پيار ڪندڙ پاٺڪُن پاران ساڳي مانائتي ۽ محبت ڀري موٽ ملندي.
ھتي آئون پنھنجن انھن قابلِ احترام استادن سنڌ جي محبوب شاعرن، محترم وسيم سومري ۽ مرحوم واجد منگيءَ جي انھن محبتن کي ڪٿي ٿو وساري سگهان؟ جن شروع، شروع ۾ نہ رڳو منھنجي ڪچيءَ ڦڪيءَ شاعريءَ ۾ دل سان اصلاح ڪئي ۽ رھنمائي ڪئي، پر مون جھڙي اڻ گهڙي ڪاٺ کي شاعريءَ جي ساحريءَ جا گُر سيکاري، شاعريءَ جي سرزمين تي ھلڻ جو ھُنر سيکاريو ۽ سٽُن ۾ ساھُہ وجهڻ سيکاريو. ۽ محبتون تہ محترم استاد آسي زمينيءَ جون بہ وسارڻ کان وڏيون آھن، جنھن جي سخن شناس نگاھُن ”اکين ۾ الڪا“ کي تپاسي، تراشي پنھنجي اشاعتي اداري طرفان ڇپرايو ھو.
سنڌ سلامت ڪتاب گهر سٿ، خاص ڪري محمد سليمان وساڻ جو پڻ ٿورائتو آھيان جنھن نہ صرف ھي ڪتاب پر منھنجا ٻيا بہ سڀ ڪتاب پنھنجي ويب سائيٽ ۽ اينڊرائيڊ ايپليڪيشن ۾ شامل ڪيا آھن.
آئون پنھنجن انھن سڀني محترم شاعر استادن جي محنتن ۽ محبتن جو مقروض آھيان. سندن اِھو قرض لاھي تہ ڪونہ سگهندس پر ڳائيندس ضرور پيو.
بقول وفا ناٿن شاھيءَ جي؛
تنھنجا ٿورا لاھي نہ سگهيو تہ بہ ڳائيندو پيو،
وفا غريب سھي، بي ضمير ناھي ڙي!

آئون اُھوئي؛
اوھان جو پنھنجو

امر ساھڙ
مارچ 2024 ع

پرينءَ جي پُور جھڙي شاعري

ايڪويھين صدي دھشتگرديءَ جي لپيٽ ۾ آهي. ماڻھن جا ايترا تہ برين واش ڪيا ويا آهن، جو اُهي پيٽن سان بم ٻڌي انسانن کي ايئن قتل ڪري رهيا آهن ڄڻ انھن کي انساني نسل ڪشي جو ٺيڪو کڻندي فخر محسوس ٿي رهيو آهي. اهڙي ماحول ۾ سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم جي اها عظمت آهي، جو اُها انسانيت، امن ۽ محبتن جي پرچار سان ٽمٽار ڪتاب ڏئي رهي آهي. اِهي نئين نسل جي رستن ۾ شعور جا ڏيئا ٻاري ٻڌائي رهيا آهن تہ مھذب پَڻو موهن جي دڙي جو ئي ورثو آهي اُهي ماڻھو جيڪي شاعريءَ جو مزاج روح ۽ ڪارج سمجهن ٿا تن کي اِها ڄاڻ هوندي تہ هڪ ڪتاب ڇپجي تہ چند ڏينھن ۾ ئي ويندو پر اُن کي لکجڻ لاءِ الائي ڪيترو عرصو لڳو هوندو. ان ڪتاب جي ورقن ۾ انيڪ اڪيلائين جون راتيون شامل هونديون. اُلڪن جا آرهڙ جھڙا ڏينهڙا دفن ٿيل هوندا آھن ۽ اُن ڪتاب ۾ جذبن جون هزارين حُسناڪيون، جاڳرتا جون ڪيئي ڪھاڻيون سمايل هونديون آهن. تڏهن ئي اِهو ڪتاب ڪنھن منزل جي گس جو ڏس ڏيندو آهي. امر ساهڙ جو هيءُ ڪتاب ”اکين ۾ الڪا“ بہ اهڙو ئي داستان يا دستاويز آهي جنھن ۾ هيءَ سموري سنڌ اکيون مهٽي اُٿي رهي آهي.
هتي آئون هڪ ڳالھ بي ڌڙڪ چوندس جيڪا مون شدت سان محسوس ڪئي آهي، اُها خوبصورت حقيقت اِها آهي تہ امر ساهڙ جي شاعري سفارش ۽ ٿُوڻيون ڏئي اڳتي وڌنڌڙ ڪلچر جو ڪڏهن بہ حصو ناهي رهي. اها صرف پنھنجي صلاحيتن جو سانورو جلوو آهي. اُن ڪري ان جي سموري سٽاءُ ۾ هزارين محنتون، صلاحيتون ۽ محبتون ڳوهيل ۽ ڀريل آهن. جيڪي واقعي داد ڏيڻ جي لائق آهن. هڪڙي حقيقت هيءَ بہ آهي تہ اسان جيڪي شھرن جي هُجومن جا رهواسي ليکڪ آهيون. اُنھن کي ادبي ڪمپنيون ملن ٿيون، شاعر ،اديب دوستن سان گهڻو وقت گذري ٿو. خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو مھيا ٿئي ٿو. پر آئون انھيءَ حقيقت جو اکين ڏٺو گواھ آهيان تہ امر ساهڙ جي سڄي شاعريءَ جو هيءُ سفر وجود جي اڪيلائين مان اُڀريل هڪڙي تلخ مشاهدي جو خوبصورت سفر آهي. امر ساهڙ اڻ وڻندڙ، گُهٽيل ۽ ڪَربناڪ اڪيلائين جي ماحول ۾ رهي هيءُ گلابي پورهيو ڪيو آهي. جيڪو بنا ڪنھن هٻڪ جي تحسين جي لائق آھي. پُٺتي پيل ڪميونيڪيشن کان محروم علائقي ۽ روايتن جي پاسداري ڪندڙ ماحول ۾ ويھي بنا ڪنھن حوصلا افزائيءَ جي بنا ڪنھن ياري، باشي واري ڪلچر جي هن جيڪو بہ شاعراڻو پورهيو ڪيو آھي، اهو پنھنجي جاءِ تي هڪڙو بامقصد ۽ ڪمال جو پورهيو آهي. سندس محبوب جي مُرڪ جھڙي شاعريءَ کي پڙهڻ کان پوءِ آئون دعوي سان چوان ٿو تہ امر ساھڙ سنڌ جي نئين ٽھيءَ جو نہ رڳو نمائندو شاعر آھي، پر اُن سان گڏ اها بہ حقيقت آھي تہ موجودہ وقت ۾ سنڌ جي هن خوبصورت خطي ٿر ۾ امر ساهڙ هڪ اعلي پايي جي شاعر جو رتبو رکي ٿو.
”اکين ۾ الڪا“ جو عُنوان خود سنڌ جو المياتي عڪاس آهي. سچ بہ اهو آھي تہ سنڌ جي هر اک اُلڪي جي علامت بڻيل آهي ۽ هر دل نئين نسل جي نسل ڪشيءَ جو نوحو بڻيل آهي. سنڌ جي ڀوائتي صورتحال اسان جي سامھون آهي. خودڪشيون، ڪڌيون رسمون، جرڳا، غداريون ۽ بدمعاشيون اڄوڪي سنڌ جو وڏو الميو آهن. انھن کي موضوع بڻائي امر سنڌ جي حلالي اولاد هئڻ جو حق ادا ڪيو آهي. هن جي شاعري ڪٿي افسوس ۾ ٽُٻي هڻي ڪو گس ڏيکارڻ جو ڪوشش ڪئي آهي تہ ڪٿي سرعام حرامپائين لاء آئينو ٿي اُڀري آهي ۽ انھيءَ کي هن پنھنجي خوبصورت اندازِ بيان ۾ واھ جو پيش ڪيو آهي؛
پيٽ بکي لئہ روز رکون ٿا
چانڊوڪيءَ جھڙا چم گروي
ڪو نہ رکي سگهندين ڪا سھڻي
ڏاڍ وسيلي او ڏم ! گروي
امر ديس جي درد جو ڄڻ تہ نوحو لکيو آهي جيڪو هن جي نظرياتي شعور جو سھڻي جوڀن وارو جلوو آھي ۽ اهو جلوي سان گڏ سنڌ جي دانھن بہ آھي؛
سوين سودا ٿيا هوندا
ڪئي وڪجي ويا هوندا
مگر منھنجي مٺي جانان!
اُهي ماڻھو ٻيا هوندا
جنين زر جي ذري تي ئي
ڏئي ايمان ڀي ڇڏيا
تنين ويڪو وڏيرن جي
نسل نرڄي منجهان هرگز
اسان ناهيون، اسان ناهيون

امر نظم کي خنجر جيئن استعمال ڪيو آهي اهو انداز تمام ٿورڙن شاعرن وٽ آهي. دل ۾ لھي ويندڙ، هيءَ شاعري نئين سنڌ جو نئون آواز آهي؛

اُڃايل ديس دانھي ٿو
سنڌوءَ کي تار پاڻي ڏي
وڏيرا! تون وراڻي ڏي
عياشيءَ جي بدولت ئي
وڪي آ سنڌ راڻي تو
يزيدن جي ڪھاڻي تو
وري آ نيٺ ورجائي
سياسي سيٺ هرجائي
اها تنھنجي سياست ڀي
اسان جي ڪو نہ ڪم آئي
يا
جو غير جي غلامي ڪري
سجدا ڪري سلامي ڪري
ساڻن هم ڪلامي ڪري
سو هن سنڌ منجهان ڪونھي

امر ساھڙ کي بيشڪ شاعريءَ واري اها ڏات آهي جيڪا ڏيئا ٿي ٻَرندي رهي آهي. شاعري چئبو بہ ان کي آهي، جيڪا پنھنجي جوهر ۽ وجود ۾ شعلا بہ رکي ٿي تہ گلاب بہ رکي. اها تاريخ جي رڙ ٿي اُڀري ۽ شعور جو چنڊ ٿي چمڪي. امر جي شاعري انھن هڙني صلاحيتن، خوبين ۽ دلڪشين سان ٽمٽار آهي.
امر بنيادي طور مزاحمتي شاعر آهي، جذباتي شاعر آهي، جنھن کي پنھنجو الڳ ۽ انوکو اسلوب آهي. هن تي ڪنھن جي بہ ڇاپ ناهي. هن جيڪا بہ شاعري سرجي آهي اهو هن جي ضمير جو آواز آهي. جنھن ۾ نہ رڳو ٿر موجود آهي پر سنڌ جو ڳوٺ، ڳوٺ ۽ شھر، شھر سمايل آهي. ان سان گڏ هيءُ پورو ايشيا کنڊ شامل آهي. جنھن کي بارودي ڊوڙ سھڪائي وڌو آهي. جنھن ۾ محبتون گهٽجي ويون آهن، بگريون، ڪستا، اگهاڙپ، مفلسي، چمچاگيري، مصلحت، منافقي ۽ جسم فروشي وڌي وئي آهي جنھن کي امر ساهڙ ڪٿي بہ نظر انداز ناهي ڪيو. نظرانداز تہ امر ساهڙ اُن حُسن کي بہ ناهي ڪيو جيڪو بکن، بيمارين ۽ لاوارثين هُوندي بہ روح جي راحت آهي. اِهو حُسن ڄڻ امن جو پرچم آهي. جنھن کي امر اوچو رکي پيار جي نئين ڳالھ ڪئي آهي. ڀلا وحشتن جي وبا ۾ محبتن جي ڳالھ ڪرڻ ڪنھن معجزي کان گهٽ آهي ڇا؟ اهو ئي رنگ تہ “اکين ۾ الڪا “ جي پني، پني تي گلاب جو گل ٿي ٽڙيو آهي. جنھن جي خوشبوءِ ٻڌائي ٿي؛
نيڻ پرينءَ جي در تي پھتا
ڄڻ ڪنھن گرجا گهر تي پھتا
وري نئين خُوشبوءِ چپَ چوري چوي ٿي؛
ڇوڙ ڇتن مان ڇنڊ اسان کي،
ڏي نہ ڳھيلي ! ڳنڊ اسان کي۔
هڪڙو ڀيرو حال ونڊڻ ڏي،
پوءِ وڇوڙا ! ونڊ اسان کي.
دل وارن جي هن ڌرتيءَ تي،
چاهي ٿو هڪ چنڊ اسان کي.

امر جو مھذب رومانوي انداز ڏاڍو موهيندڙ آهي. ان ۾ جيڪا ٻولي ۽ لھجي جي سادگي آهي اُها گهڻن ناليوارن شاعرن وٽ بہ ناهي ان ڪري امر جي رومانوي شاعري دل تائين جلد پهچڻ جي منزل طئي ڪري وٺي ٿي.

وڇوڙي ويل واهوندا
ڪندا هن ڀيل واهوندا
هڻين ٿو کاٽ هينئڙي ۾
اڙي ڌاڙيل! واهوندا۔

واھ ! واھ ! بنھ نئون خيال ۽ نئين نڪور تشبيھ آهي يا وري هيءُ شعر؛

تنھنجون يادون ٽاري ڪوئي
ڪيئن حياتي گهاري ڪوئي ۔
روز روسامي ساڻ امر!
ڏيل اسان جو ڏاري ڪوئي.

حقيقت اها آهي تہ امر ساھڙ شاعريءَ کي عبادت سمجهي ادا ڪيو آهي ۔ هيءَ شاعري هن جي عشق جي عبادت آهي . جيڪا هر حوالي سان معتبر ۽ احترام لائق آهي . سنڌ جي ذميوار شاعر جي حيثيت ۾ هن نئين نسل جو نمائندو ٿي پاڻ ملھايو آهي هن وٽ فن ۽ فڪر ٻئي ڪمال درجي جا آهن . اُن ڪري ئي هن جي شاعري خوبصورتي جو نادر نمونو ۽ اعلي سنجيدگيءَ جو سھڻو مثال آهي.
“اکين ۾ الڪا“ جديد سنڌي شاعريءَ جو سڏ آهي. هي ڪتاب جديد سنڌي شاعريءَ جي بامقصد، حسين ۽ زندھ هئڻ جو کليل ثبوت آهي. جيڪي بہ شاعريءَ جون مروج صنفون هن مجموعي ۾ آيل آهن، امر ساھڙ اُنھن صنفن سان سنجيدگيءَ سان نہ رڳو نڀايو آهي پر اُنھن ۾ انفرادي نواڻ بہ آندي آهي. ڪيئي غزل ۽ نظم هن ڪتاب ۾ اهڙا بہ موجود آهن جيڪي شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا. جن لاءِ امر ساهڙ دل سان داد جو حقدار آهي ۔ روح گرمائڻ جذبا مھڪائڻ واري هن شاعريءَ لاءِ خود شاعر جون ئي هي خوبصورت سٽون لکڻ تي دل چوي ٿي ۔
ٿِي ڦِٽائي ننڊَ آڌيءَ رات جو ۔
آ پرينءَ جي پُور جھڙي شاعري
ٿِي اسان جيءَ رات کي روشن ڪري
نينگريءَ جي نُور جھڙي شاعري

منھنجو ھم عصر شاعر امر ساھڙ ، سنڌ جي انھن چند تخليقي شاعرن مان ھڪ منفرد شاعر آھي. جنھن تخليق جي حُرمت کي محبوبائي ڏني آھي. امر جي شاعري ٿر جي ڏھرن ۽ ٿوھرن جي دانھن بڻجي، ڄامشورن جي ھوائن سان ٻکجي، سنڌوءَ درياھ کي ڀاڪر ۾ ڀري، موھن جي دڙي تائين جيڪا ارڏي اُڏار ڪئي آھي، ان اُڏار ۾ ڪيئي حُسناڪيون بہ آھن، تہ سوين دلرباين ۾ ٻُڏل نرالا رنگ بہ آھن.
امر جي شاعراڻي تخيل ۾ پورو ايشيا کنڊ يتيم ٻار جي ڳوڙھن جيان دانھين بڻجي اُڀريو آھي تہ تقدس ڀريو رومانس بہ الھڙ ڇوڪرين جي ھلڻ جي نزاڪت جيان روح سان مھڪيو آھي.
ھي غزل، ھي وايون، ھي نظم ۽ ھي ھائيڪا ڄڻ تہ بارش ۾ ٻھڪيل اُھي روھيڙي جا گل آھن، جن سان سنڌ جي مٽيءَ کي ايترو ئي پيار آھي، جيترو سنڌ جي روح کي اجرڪ جي ڦُلڙين ۽ سنڌوءَ جي ڇولين سان عشق آھي.


ايوب کوسو
جهڏو

(05 ڊسمبر 2004 تي ڪتاب جي مھورت وقت پڙهيل پيپر)

لطيفي راڳ جھڙي دلربا شاعري

جديد سنڌي شاعري ستارن سان ڀريل، جڳ مڳ جرڪندڙ آسمان جھڙي آهي. جنھن ۾ هر ستاري جي پنھنجي روشني ، پنھنجي جوت، پنھنجو رنگ ۽ پنھنجي جهر مر آهي. ستارن جي اِنھيءَ عظيم جهرمٽ ۾ امر ساهڙ جو نانءُ ائين ٽمٽمائيندڙ آهي، جو پري کان ئي سڀ کان پھريون ڌيان، سڀ کان پھرين نظر مٿس پوي ٿي. ڪوتا جي ڪھڪشان ۾ هن جو جلوو سڀ کان وڌيڪ جاذب ۽ دلڪش آھي.هن جو رنگ، هن جو روپ، هن جو اسلوب، هن جو انداز، هن جو تخيل، هن جو فن ۽ فڪر ۽ هن جي مُرڪ من کي موهي وٺن ٿا. ۽ ماڻھو هن جي شاعريءَ جي زُلفن جو اسير ٿيو وڃي .
ٿر جي مٽيءَ ۾ نہ ڄاڻ ڪھڙي خوشبوءِ آهي، جو اُتي تخليق جي ديوي مِڙئي سرس مھربان رهي آهي. اِها مھرباني امر ساهڙ تي تھائين وڌيڪ نظر اچي ٿي. هُو ٿر جي خوشبوءِ کي سموريءَ سنڌ جي خوشبوءِ سان ملائي پنھنجيءَ شاعري ۾ سڳنڌ ۽ مَڌ جا مَٽڪا چُڪائي ٿو. جن جو واس ۽ کيپ خمار ماڻھوءَ کي دل جي دنيا جي نئين ديس ۾ کنيو وڃي.
امر ساهڙ جي شاعري بنيادي طور محبت ۽ عشق جي شاعري آهي. توڻي جو هن وٽ موضوعن جي فراواني ۽ تخيل جا انبار آهن. پر هو خيالن ۽ جذبن جون سموريون ڪھڪشائون لتاڙي وري بہ محبت ڏانھن ئي موٽيو اچي. هر عظيم تخليقڪار جي تخليقي ۽ لازوال منزل محبت ئي آهي، حالانڪ انھيءَ وچ ۾ ڪيترائي دلپذير ۽ وجود کي ويڙهجي ويندڙ دلربا ٿاڪ اچن ٿا. بدن جي لُطافتن کان وٺي ازل ابد جي اِسرارن جي ڳنڊ- اُکيل تائين۔ دلبر کان وٺي ديس تائين، چنڊ ستارن کان وٺي سمنڊن تائين، اُجري امبر کان وٺي ڌرتيءَ ڌوڙ ڀڀوت تائين، امن کان وٺي ويڙھ، آزاديءَ کان وٺي انقلاب تائين ۽ اڪيلائين کان وٺي وصالن جي لذتن تائين، انساني زندگيءَ جي دکن، دردن، وڇوڙن، ميلاپن، ويڙهن، خوشين، احساسن ، امنگن ۽ آرزوئن جي ڦول ڦلار هر دور جي شاعريءَ ۾ خوشبوءِ اوتيندي رهي آهي.
امر ساهڙ جي شاعري بہ عشق، انقلاب ، سونھن، فطرت ، ڌرتيءَ ۽ آڪاش جا سمورا لنگه لتاڙيو بُلندين ڏانھن ڪاهيندي پئي وڃي. هُو لفظن ۾ سنڌ جي مُصوري ٿو ڪري. جڏهن هُو اُتي استحصال، بُک ۽ پيڙائن جا پاسا پَسي ٿو تہ سراپا احتجاج بنجي ٿو اٿي. ۽ انقلاب ۽ آزاديءَ جي نئين ۽ روشن صُبوحءَ لاء پنھنجيءَ شاعريءَ جي ڪَٽاريءَ وسيلي رات جي سيني ۾ سوراخ ڪري ٿو ڇڏي. هُو دُکي انسانيت ۽ پوري عالم جي ترجماني پنھنجيءَ شاعريءَ ۾ ڪري ٿو. پر پوءِ بہ هُو هر عظيم تخليقڪار وانگر عشق ۽ محبت سان پنھنجا پانڌ اٽڪايو اچي ٿو.
ڪو بہ شاعر فقط ۽ فقط انقلاب جو شاعر ٿي، صدين جي سنگ ۾ نہ ٿو هلي سگهي . صدين جي سنگ، سنگ رڳو ڪوتا ڪاڪ جو اُهو راڻو ئي هلي سگهي ٿو، جيڪو انقلاب سان گڏ محبت جو شاعر بہ آهي. ڇو تہ انقلاب انسان ذات جي عبوري منزل آهي .شاعري جيڪڏهن اُنھي دائمي منزل جي جُستجو ۽ حاصلات جو ذريعو نٿي بڻجي تہ اها عبث آهي. ۽ صدين جي مُنھن زور گهوڙي تي سوار ٿي نہ سگهندي. جڏهن تہ امر ساهڙ جي شاعريءَ ۾ اها سگهہ نظر اچي ٿي جيڪا لازوال آهي.
امر ساهڙ جي شاعري ٿري لباس پاتل اُها ڇيل ڇَٻيلي لاڙي وينگس آهي، جنھن کي وقت ڌاڙيل قيد زمان ۾ مُقيد نہ ٿو ڪري سگهي . ڇو تہ اِها هوا وانگر هلڪي، سمنڊ وانگي گھري، آسمان وانگر بُلند ۽ وقت جي وسعتن کان وڌيڪ وسيع آهي. ۽ امرتا اُن تي پنھنجي مھر ثبت ڪري ڇڏي آهي .


نواز خان زئور
ميرپور بٺورو

امر ديپ

جيترو انسان قديم آهي، اوترو ئي شاعري قديم آهي. هن ڌرتيءَ تي پير رکندڙ پھريون انسان حضرت آدم آهي، ۽ پھريون شاعر بہ آدم ئي آهي. جنھن جي شاعر هجڻ جو ثبوت شعر جي صورت ۾ موجود آهي. جيڪو آدم پنھنجي مقتول پُٽ جي ڏُک ۽ وڇوڙي ۾ لکيو هو. هُونءَ تہ هر انسان هڪ مخصوص حد تائين حساس ٿئي ٿو. پر جيڪي فطرتن وڌيڪ حساس ٿي ويا، اُهي ڪلاڪار ٿي ويا، ڪي گلوڪار ٿي ويا، ڪي رقاص ٿي ويا، ڪي مُصور ٿي ويا ۽ ڪي شاعر ٿي ويا. جيستائين تعمير جي فن جو سوال آهي، تہ مان هن فن کي لطيف فن مڃڻ لاءِ تيار ناهيان. ڇو تہ هيءُ فن احساس سان نہ پر عقل سان تعلق رکي ٿو. هن سلسلي ۾ اڃان دستڪاريءَ کي لطيف فن جو درجو ڏئي سگهجي ٿو.اَجرڪ، رلي ۽ سنڌي ٽوپي کي بلاشبہ فنونِ لطيف ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. جيڪي انسان عام ماڻھن کان وڌيڪ حساس ثابت ٿيا ۽ ڪنھن نہ ڪنھن قسم جا ڪلاڪار ٿي ويا. اُنھن حساس ماڻھن مان هڪ حساس شخص امر ساهڙ بہ آهي ۔
امر ساهڙ پنھنجيءَ ٽھيءَ جو نھايت ئي وڻندڙ ۽ سُرت ڀريو شاعر آهي. سندس شاعري جدت ۽ حقيقت سان هم ڪنار آهي. امر جي شاعريءَ ۾ گهڻو مطالعو ۽ گھرو مشاهدو ملي ٿو. هن پنھنجي معاشري ۽ ماحول مان جنم وٺندڙ واقعا، حادثا ۽ منظر تمام ويجهي کان ڏٺا آھن. ۽ اُنھن جو شديد ضروري ۽ گهربل اثر قبول ڪيو آھي. امر جي ٻولي بہ پياري ۽ وڻندڙ آھي. جيڪا گهڻن شاعرن کان نرالي ۽ مختلف آھي. سندس روشن اک ڪئمرا کان بہ وڌيڪ ڇڪيندڙ ۽ جهٽيندڙ آھن. سندس قلم بہ ڪنھن هوشيار مُصور جي بُرش کان گهٽ چِترڪار ناهي. سندس شاعريءَ ۾ حُسن ۽ جمال بہ ملي ٿو، جاه و جلال بہ ملي ٿو، سماجي درد بہ ملي ٿو ۽ شديد احساس بہ، جيڪو هر شاعر لاءِ انتھائي ضروري هوندو آهي. امر اُنھن چند شاعرن مان هڪ آھي. جن وٽ ڏات بہ آھي ڏانءُ بہ آهي ، ٻولي بہ آهي، ٻوليءَ جي استعمال جي تميز بہ، امر پنھنجي دور جي هر موضوع ۽ صنف تي لکيو آھي، غمِ- ياران کان وٺي سماجي مسئلن تائين، غزل کان وٺي آزاد نظم تائين. سندس شاعريءَ ۾ ڪامياب تجربا ٿيل آھن. امر پنھنجي دور جي هر مسئلي ۽ مطالبي کان باخبر آھي. امر ساهڙ کي جيڪڏهن ”امر شاعر“ چئجي تہ بہ چئي سگهجي ٿو . سندس اسلوب، لھجو، ٻولي، زبان ۽ بيان نج سنڌي ۽ سندس پنھنجو آھي ۽ اها ڪافي وڏي ڳالھ آهي. اهي سندس خوبيون بہ آھن ۽ انفراديتون بہ آھن. سندس شاعري مُرڪن ۽ لُڙڪن جو اثرائتو سنگم آهي ۔
هڪ طرف سندس شاعري ڪارونجهر جي ڪور تي بيٺل اهڙي اُڃايل مورَ جي رڙ آھي، جنھن جي ڊيل ڪنھن حُسن ۽ پيار جي ويريءَ ۽ پاپي شڪاريءَ هٿان بندوقجي وئي هُجي، رُڃ ۾ بيٺل اُڃايل، ڦَٽيل ۔ ڊنل ۽ تن ۔ تنھا هرڻيءَ جي لاوارث ۽ مجبور دانھن بہ آھي، تہ ٿر جي ڪربلا جھڙي گرم ۽ ٽپا ڏياريندڙ واريءَ جي تِشنہ لب پُڪار بہ آھي. ۽ برسات لاءِ سانوڻ کي لال لڙڪن جي زبان سان ڪيل منٿ ۽ آزي نيازي بہ، ٻئي طرف سندس شاعري اڻ ڇُھيل ۽ ڪُنوارن گلن جي چريو ڪندڙ ۽ سحر آفرين خوشبوءِ لڳي ٿي، حُسن ۽ شباب ۾ ٻُڏل رنگن جو ميڙاڪو محسوس ٿئي ٿي، پُونم جي چنڊ جو پاڻ ڏانھن ڇڪيندڙ مقناطيسي جوڀن ۽ سونھن نظر اچي ٿي. نوجوان چانڊوڪيءَ جي دوشيزگي محسوس ٿئي ٿي. سندس شاعري ڪنھن واقعي ڪُنواريءَ جي خوابن ۽ خيالن کان وڌيڪ خوبصورت ۽ رنگين آھي. سندس شاعريءَ ۾ آبشارن جھڙي رواني، پھاڙن جھڙي بُلندي ۽ ماٿرين جھڙي وسعت آھي ۔
امر ساهڙ شاعريءَ جي ٽيڪي تي رکيل اُهو ”امر ديپ “ آھي، جنھن کي نہ اُبتڙ هوا وسائي سگهي ٿي ۽ نہ ئي سُبتڙ ھوا.


وفا ناٿن شاهي
حيدرآباد سنڌ

غزل

---

دوُري آھي يا سُوري ڪا

دوُري آھي يا سُوري ڪا،
جنھن تي ٽنگجي ٿي ھر آشا.

تو بِن ھر ڪا موسمَ سانئڻ!
ڀاسَي ٿِي پَن-ڇَڻ جي ڀاشا.

ھر ڪنھن ساسيءَ جي سِرَ تي،
آسَ اَڌُوريءَ جا ھِن لاشا.

ذھن اُڀَ تي ساروُڻين جي،
رنگرتي ڪا انڊلٺ ريکا.

ٿُومَ بَصرَ جيئن وِڪجَن ٿا پيا،
ھِتڙي ماڻھو چڱا، خاصا.

موت نہ روڪي سگهيا آھن،
سکڻا تنھنجا يار! دلاسا.

حُسن کان نہ ھرگز ڪنارا ڪبا،

حُسن کان نہ ھرگز ڪنارا ڪبا،
نہ ئي ڌار دل کان پيارا ڪبا.

چَپن جي چُرڻ تي جي بَندش پَئي؛
اکين ئي اکين ۾ اِشارا ڪبا.

ڏئِي ڀيٽَ سِرَ جي امڙ سنڌ کي،
سڄڻ! ھاڻ وارا نيارا ڪبا.

مِڙي ميٺِ ٿِي گامَ سڀ گڏ ڪري،
سڄڻ! ساٿ پنھنجا سگهارا ڪبا.

نہ وِڪبا ڪڏھن ڌن مَٿان ھِي ضميرَ،
کِلي رٻَ جي لپَ تي گُذارا ڪبا.

اچين جي ا سان جي اڱڻ تي ھلي،
سکي! نيڻ تو لئہ ستارا ڪبا.

ڪَي، ڪي منَ جا ميرا ماڻھو،

ڪَي، ڪي منَ جا ميرا ماڻھو،
ڪَي، ڪي سِجَ سَويرا ماڻھو.

ھِڪڙا ھِينئڙا ٺارڻ ڄاڻن،
ڪَي تہ جلائن جيرا ماڻھو.

ھِڪڙا گهارن لانگهي ويلا،
ھِڪڙا کائِن ٻيرا ماڻھو.

ڌارين ڌاڙيلن جا نيٺ تہ،
گڏجي کڻندا پيرا ماڻھو.

امرَ! پيا ھُو روُپَ مَٽائن،
ڏينھَن ۾ ڏھ ڏھ ڀيرا ماڻھو.

راتِ رکي آئي غَمَ گِروي،

راتِ رکي آئي غَمَ گِروي،
ڪُل ڪِرت خفا ۽ ڪَمَ گِروي.

پيٽَ بُکي لئہ روز رکون ٿا،
چانڊوڪيءَ جھڙا چَمَ گِروي.

بَدن َڪُنواري بدران ھاڻي،
رکبا ڀالا ۽ بَمَ گِروي.

ڪونہ رکي سگهندين ڪا سُھڻي،
ڏاڍ وسيلي او ڏَمَ ! گِروي.

چند ٽَڪن جي عيوض آھن،
اخبارُن جا ڪالَمَ گِروي.

شال! سدائين امر رکي ڪو،
ھِت موت مُئي جي مَمَ گَروي.

وِڇوڙي ويلَ واھُوندا!

وِڇوڙي ويلَ واھُوندا!
ڪندا ھِن ڀيلَ واھُوندا!

ھَڻين ٿو کاٽَ ھِينئڙي ۾،
اڙي ڌاڙيلَ واھُوندا!

جُدائيءَ ۾ َ جَواني ڀي،
لڳي ٿي جيلَ واھُوندا!

مَڙھي ۾ مورَ لئہ ماندي،
ڊُڪي ٿِي ڊيلَ واھُوندا!

وِڇائي واٽَ ھُن جيءَ تي،
رُڳو رابيلَ واھُوندا!

ھَوائن جي ھِندوري ۾ ،
ڇَتن جي ڇيلَ واھُوندا!

ڀِنيءَ ويلي ڀَرڻ ايندي،
ھِتي ھُوءَ ھيل واھُوندا!

ڄارِ ڦُلاري ڄيٺ ڇڏيندو،

ڄارِ ڦُلاري ڄيٺ ڇڏيندو،
ھاري پيروُن ھيٺُ ڇڏيندو.

لُوسَڻ جيئن لُڻائي لوڀي،
ماڻھَپي جي ميٺ ڇڏيندو.

شعر اچانڪ شور مچائي،
نِنڊ ڦِٽائي نيٺ ڇڏيندو.

ڪيئن ڪراچيءَ ساڻ پُراڻي،
ڏيھَ ڌڻي ڪو ڏيٺ ڇڏيندو؟

نوٽن بدلي نيٺ کَپائي،
سنڌ، سياسي سيٺ ڇڏيندو.

وقتُ وڏيرا! تهنجي آخر،
بُتَ تان ڇوڙي بيٺ ڇڏيندو.

سانوڻيءَ جي سار جھڙي ڇوڪري،

سانوڻيءَ جي سار جھڙي ڇوڪري،
وڏ-ڦُڙي وسڪار جھڙي ڇوڪري.

ڏُور پنھنجيءَ ڏيٺ کان ڏاڍو پري،
پارڪر جي پار جھڙي ڇوڪري.

نيڻ نغمن جي نموني ٿي کڻي،
سانوري سُرَ،تار جھڙي ڇوڪري.

ايئن موڙي ڪر متان آرس ڀڃين،
ڪنھن ڪچي ڪچنار جھڙي ڇوڪري.

وار ڇوڙي واٽ تي ڪر ڇانورو،
ڏاڙھُونءَ جي ڏار جھڙي ڇوڪري.

پيار جا پُرخار اٿئي پيچرا،
او ڳھيلي! ٻار جھڙي ڇوڪري.

ڦُول مُرڪن جا نڇاور ٿي ڪري،
ھُوءَ گُلن جي ھار جھڙي ڇوڪري.

ڄامشوري کان کسي خوشبوءِ وئي،
موتئي مھڪار جھڙي ڇوڪري.

زھر جهڙيءَ زندگانيءَ ۾ امر!
لمس،ماکيءَ لار جھڙي ڇوڪري.

احساس ضروي آھي،

احساس ضروي آھي،
وشواس ضروري آھي.

آجي ڌرتي ۽ آجو،
آڪاس ضروري آھي.

شاعر جي لاءِ رُڳي بس،
شاباس ضروري آھي.

چھري کان اڳ اکين جو،
اڀياس ضروري آھي.

تحرير ڪرڻ نئون ھاڻي،
اِتھاس ضروري آھي.

ڇا ھر جوڳيءَ لئہ جهاڳڻ،
بنواس ضروري آھي؟

نڪتي نينگر چانڊوڪيءَ ۾،

نڪتي نينگر چانڊوڪيءَ ۾،
وھنتا منظر چانڊوڪيءَ ۾ .

ننڊ پُڄاڻان نيڻ ڏسن ٿا،
سپنا سُندر چانڊوڪيءَ ۾.

ڏيئاريءَ جي رات مٺيءَ جا،
مُرڪيا مندر چانڊوڪيءَ ۾.

وڻجارن جي واٽ تڪي ٿو،
ڪيٽي بندر چانڊوڪيءَ ۾.

ڪير لِڪائي پيرَ اچي ٿي،
پاري ننگر چانڊوڪيءَ ۾.

نُوريءَ کان پو ناھي مُرڪي،
ڪڏھين ڪينجهر چانڊوڪيءَ ۾.

ھُن کان پوءِ ھاڻ زمانا!

ھُن کان پوءِ ھاڻ زمانا!
ڪونھي تنھنجي ڪاڻ زمانا!

ڇڏ تہ اڏامون ڇيڪ ھوا ۾،
ڏي نہ اسان کي ڏاڻ زمانا!

لُڙڪ قبول ڪيان ٿو آئون،
مُرڪ ڀلي تون ماڻ زمانا!

ڪنھن شاعر جي تنھائيءَ جي،
توکي ڪھڙي ڄاڻ زمانا!

شيشي جيئن شفاف اسان لئہ،
ڪو تہ مسيحا آڻ زمانا!

روز ڏُکائي روز ستائي،
پوءِ لِڪين ٿو پاڻ زمانا!

تون وَئين کيس ڇورو ڪري،

تون وَئين کيس ڇورو ڪري،
ھاڻ ڇا ڄامشورو ڪري؟

ايئنَ تون ڀي اسان سان ڪَيو،
جيئن دل ساڻ دورو ڪري.

تو پُڄاڻان پيو تَعديون،
ھانوَ سان روز ھورو ڪري.

پيار جي ڳالھ توسان پرين!
مُنھن جو ڪيئن مورو ڪري.

مينھن جي مھربانيءَ جو،
ٿر مٿي ڪير ٿورو ڪري.

تو بنا او تماچي سَما!
ڪير ڪينجهر ھِندورو ڪري؟

نيڻ پرينءَ جي در تي پھتا،

نيڻ پرينءَ جي در تي پھتا،
ڄڻ ڪنھن گرجا گهر تي پھتا.

راتَ شرابي خواب وڏيرا،
نيڻن جي بستر تي پھتا.

نُوري، ڄامُ تماچي بڻجي،
ڪير وري ڪينجهر تي پھتا.

گيتَ گهٽا جا گيڙو ڪَپڙا،
پَھري اڇڙي ٿر تي پھتا.

شام لڙيءَ جو ڏسڻ نظارو،
شاعرَ المنظر تي پھتا.

ڏينھن غلاميءَ جا گار جيان،
ديسَ اچي دلبر تي پھتا.

سُورَ زماني جا سڀ سَھڪي،
دلڙيءَ جي دفتر تي پھتا.

ھُو شيرا نيڻ شڪاريءَ جا،

ھُو شيرا نيڻ شڪاريءَ جا،
ھا ميرا نيڻ شڪاريءَ جا.

ڇو مورَ پکيءَ کي ماري ٿو؟
کڻ پيرا نيڻ شڪاريءَ جا.

پردي مان ڀي پارِ وَيا ٿِي،
ڪي ڇيرا نيڻ شڪاريءَ جا.

ڏوُر، پري کان تاڙيندا ھِن،
سڀ ڳيرا نيڻ شڪاريءَ جا.

تنھنجي تڙَ تان تڙجي آيا،
سَوَ ڀيرا نيڻ شڪاريءَ جا.

ھِن ديس دُکيءَ جي دردَ ڪٿا،
ڄڻ ديرا نيڻ شڪاريءَ جا.

رڻَ تي رِمِجهمِ راتِ لھي ٿي،

رڻَ تي رِمِجهمِ راتِ لھي ٿي،
تارن جي باراتِ لھي ٿي.

شامَ اسان جي گامَ اڱڻ تي،
تنھنجي سھڙي تاتِ لھي ٿي.

لاکَ رَتي ڏس لوئي اوڍي،
پرھَ ڦُٽي، پرڀاتِ لھي ٿي.

ٿاريلن جي ٿاڪَ اُڃي تي،
برکا رُت برساتِ لھي ٿي.

آڳُر اُجري ڪاڳرَ جي تي،
ڏيئا، ڏيئا ڏاتِ لھي ٿي.

پَنَ ڇَڻَ جي پيلاڻ پتن تي،
بڻجي ڪا سَڪراتِ لھي ٿي.

رَچنائُن جا روپَ سَنواري،
شاعرَ تي جذباتَ لھي ٿي.

آئيني ۾عڪس ڪُراڙو،

آئيني ۾ عڪس ڪُراڙو،
سوچي ٿو ھڪ شخص ڪُراڙو

قحطَ ڪَٿا جي ڪردار جيان،
ريگستاني َ رقص ڪُراڙو.

روز ٽپاليءَ ساڻ ملي ٿو،
بانديَ پوسٽ بڪس ڪُراڙو.

ڪاٿي آخر چين تلاشي،
روُح پُراڻو، نفس ڪُراڙو.

مرڪن کان محروم امر ٿو،
لبڙا ڳولي لمس ڪُراڙو.

روڳي ۽ رولاڪ حياتي،

روڳي ۽ رولاڪ حياتي،
ٿوھر، ڪَنڊا ٿاڪ حياتي-

منھنجو ميرو دامن دوست!
تنھنجي پوتر، پاڪ حياتي-

ڪيئنَ ڪَٽيندي ڪاڙھي زِلَ ۾،
ھيرُن جي ھيراڪ حياتي-

بُزدل ڀاڙي بنجڻ بدران،
بَسر ڪيو بي باڪ حياتي-

مُورکَ ماڻھوءَ کي ئي تنھنجو،
ڪونھي ڪو ادراڪ حياتي-

ڪنھن لئي سُڃ ۽ صحرا وانگي،
ڪنھن کي ڀاسي ڪاڪ حياتي-

عشق ٿيڻ کانپوءِ ٿئي ٿِي،
ھر ڪنھن جي حُسناڪ حياتي.

راتِ ٿَرَ جَي ٿَڌيءَ جھڙو کپي،

راتِ ٿَرَ جَي ٿَڌيءَ جھڙو کپي،
نينھنُ نيلمَ نَديءَ جھڙو کپي،

زندگيءَ جي سفر ۾ شاعري!
ساٿ تنھنجو سَکيءَ جھڙو کپي.

سينڌ ھُن جي سَنواري ھَٿن سان،
ڪو تہ اھڙو ڪَنگيءَ جھڙو کپي.

تو پُڄاڻان اسان کي واسطو،
درد سان دل لگيءَ جھڙو کپي.

ھر ڪُنواريءَ ڪَويتا کي وڳو،
سانوريءَ جي سَڳيءَ جھڙو کپي.

ديسَ کي دور ھاڻي دوستو!
ٿو اَمُنَ جي پَکيءَ جھڙو کپي _

آجپي جي لئہ او آدمي!
حوصلو ھڪ صديءَ جھڙو کپي.

ڏيھَ مُرڪي ڏِٺو، ڏاتِ مون تي لٿي،

ڏيھَ مُرڪي ڏِٺو، ڏاتِ مون تي لٿي،
رنگَ ريٽا کڻي، راتِ مون تي لٿي.

پانڌَ پيروُنءَ بنا، ڇَيڳرين ٿَي ڇِنا،
ڇيتِ بڻجي اُتي، ڇاتِ مون تي لٿي.

رابطي جا رڱي، ريشمي تاڪيا.
برھَ جي بوسڪي، باتِ مون تي لٿي.

چنڊ تارا ڏسي، کير ـــ ڌارا ڏسي،
تيز بارش جيان، تاتِ مون تي لٿي.

گيتَ جھڙي هُئي، ميتَ جھڙي هُئي،
لارَ ماکي جيان لاتِ مون تي لٿي.

ديس سان ڪي دغائون ڪَيم ٿي تڏھن،
موت وانگي مات مون تي لٿي.

حياتي وِرِھَ جي نظر ٿِي وَئي،

حياتي وِرِھَ جي نظر ٿِي وَئي،
جَواني بَڊي جو ڪَڪُر ٿِي وَئي.

لڳي ٿو تہ خانا بدوشن جيان،
خُوشي ديسَ مان دربَدر ٿِي وَئي.

مِلي کيسُ معنا جڏھن زندگي،
پرينءَ جي گَليءَ جو پَٿر ٿِي وَئي.

اِھا عشق آھي عِنايت ڪَئي،
گهڙي بي وَڙي ڀي بَسرُ ٿِي وَئي.

امن -آشتيءَ ساڻ ئي عاشقي،
سڄي زندگيءَ جو ثمر ٿي وئي.

خدا! تون شايد خفا ٿين تڏھن،
بندي جي دعا بي اثر ٿي وئي.

نِڱي نيھن سان دل ڌتارڻ لئہ،
وڇوڙي سَندو پر وکر ٿي وئي.

اوھان جي چَپَن تي اچي شاعري،
اسان جي سَموري امَرُ ٿِي وَئي.

وسڪاري جي ويل وري آ،

وسڪاري جي ويل وري آ،
آءُ پرين تون ھيل وري آ _

مُندَ جهڙالي مَتواليءَ ۾،
آءُ اچي ڪر ميل وري آ_

مينھوڳيءَ ۾ مورُ ٽھوڪي،
ڊوڙ ڪري او ڊيل وري آ_

ساٿ سجيلي سارنگ جي ۾،
کنوڻ ڪري ٿي کيل وري آ-

تنھا راتيون ڄڻ ڪي ڪاتيون،
جلدي جهوري جيل وري آ-

اوسيئڙي ۾ آس امر جي،
ٿِي نہ وڃي ڪِٿ ڀيل وري آ _

ڪا خوشي ڪو مَزو ڪونھي،

ڪا خوشي ڪو مَزو ڪونھي،
زندگيءَ ۾ نشو ڪونھي.

راتِ گھري وَڃي ٿيندي،
پِرھَ جو ڪو پَتو ڪونھي.

سڀ سھارا ويا کسجي،
ڀوُنءِ جو ڀَرجهلو ڪونھي.

زندگي بيوفا آھي،
موت جو معجزو ڪونھي.

شھرُ سارو پَيو سُمَھِي،
شخصُ ھِڪڙو سُتو ڪونھي.

ڳالھ آھي حَياتيءَ جي،
موت ڪو مَسئلو ڪونھي.

ٿر جا رستا ٿَڪُ ۽ آئون،

ٿر جا رستا ٿَڪُ ۽ آئون،
لڙيو سورج لَڪُ ۽ آئون.

عرش اُگهاڙي ھيٺ جيئون ٿا،
ٿوھرَ، ڪُونَڀٽَ، اَڪُ ۽ آئون.

روز چُمون رُخسار پيا ٿا،
جانيءَ جا جهومَڪ ۽ آئون.

صحرا سارو جيوَنُ جنھن ۾،
جوڀن جهولا، جهڪ ۽ آئون.

گيتَ مِٽيءَ جي گهاگهر جھڙا،
اندر آوي، چَڪ ۽ آئون.

تنھنجي لئہ اوجاڳا سائين!
آڌيءَ ٽاڻا، ٽَڪ ۽ آئون.

دردَوَنديءَ جو ديسُ امر!
جيلون، ٿاڻا، ڍَڪ ۽ آئون.

کوھَ پاسي کَڙي دنيا،

کوھَ پاسي کَڙي دنيا،
ڇو لڳي ٿي ڇَڙي دنيا؟

دلرُبا جي دَردَ واري،
ڪيرُ چَوندو ڪَڙي دنيا؟

چَون ٿا: چاھُ وارن جِي،
تو اڱڻ تان تَڙي دنيا؟

ھِرکَ تي ھُرمِجيءَ جھڙي،
ڪنھن غزل جي گهڙي دنيا؟

ڏيھَ ٿرَ مان ڏُلي نِڪتلَ،
لاڙَ پاسي لَڙي دنيا-

ٿِي وَتي ڇو وَتائي جَي،
سِنڌڙيءَ تي سَڙي دنيا؟_

بانوِريءَ جي ٻُور جھڙي شاعري،

بانوِريءَ جي ٻُور جھڙي شاعري،
مُشڪ ۽ ڪافور جھڙي شاعري.

جَي جياپي جو نياپو ڏي نہ پو،
مَس-چُٽي،ناسور جھڙي شاعري.

ٿِي ڦِٽائي ننڊ آڌيءَ رات جو،
آ پرينءَ جي پور جھڙي شاعري.

خوب اوتي ٿِي نگاھُن ۾ نشا،
ڪنھن شرابي گهور جھڙي شاعري.

ٿِي اسان جَي رات کي روشن ڪري،
نينگريءَ جي نور جھڙي شاعري.

ڄامشوري جي ادائن ٿَي اُڻي،
مُرڪ ڪنھن مخمور جھڙي شاعري.

نيھن تنھنجي جا نياپا ٿي ڏِئي،
ھُوءَ پريءَ ۽ حُور جھڙي شاعري.

سپنن جي ڦُلواڙيءَ جھڙي،

سپنن جي ڦُلواڙيءَ جھڙي،
ياد اچي ٿي آڙيءَ جھڙي.

خلجيءَ لشڪر جيئن لُٽي ٿو،
دل ڪو روپا ماڙيءَ جھڙي.

ڌرتيءَ ڌاران ھرڪا ڪَوتا،
آھي وَلِ بي-پاڙيءَ جھڙي.

مَٽڪي جھڙي من ۾ آھي،
آسَ اوھان جي تاڙيءَ جھڙي.

پيٽ بُکي لئي بلڪل ھُوندي،
آھي عيدَ اُماڙيءَ جھڙي.

نيري اُڀَ تي نِکري آھي،
شام ننگر جي ساڙھيءَ جھڙي.

مُرڪ اکين جي مُرجهائي ٿي،
تُنھنجي طنز ڪُھاڙيءَ جھڙي.

رات اُماس نہ گهرجي،

رات اُماس نہ گهرجي،
سُونھنَ اُداس نہ گهرجي.

ڌرتيءَ جيونُ گهرجي،
ڪو راڪاس نہ گهرجي.

ڀُونءِ مَٿي ڪنھن ڀَوَ ۾،
مَنُ حيراس نہ گهرجي.

سَچُ ٽنگڻ جي ڪارڻ،
ڪوئي ٽياس نہ گهرجي.

مُقدر جو ڪو خيالي،
ٿو وِشواس نہ گهرجي.

ڪا بہ امر ! درٻاري،
ٿِي شاباس نہ گهرجي.

موت ڪنان ڪو مھڻو ڪونھي.

موت ڪنان ڪو مھڻو ڪونھي.
مقصد ريءَ پر مرڻو ڪونھي.

پنھنجي منزل ماڻڻ ڌاران،
وِرچي پُٺتي ورڻو ڪونھي.

ظلم، ستم جي زندانن ۾،
ڏاڍ ڏمر کان ڏرڻو ڪونھي.

هاڻي ماضيءَ وانگي هر گز،
هٿ هٿن تي ڌرڻو ڪونھي.

وارث آهيون، وٺبي ڌرتي،
ڪنھن ڳڻتيءَ ۾ ڳرڻو ڪونھي.

ڀوتارن جي بڇ تي ڀُلجي،
ڪوبہ امر ڪم ڪرڻو ڪونھي.

ڇوڙ ڇَتن مان ڇَنڊ اسان کي،

ڇوڙ ڇَتن مان ڇَنڊ اسان کي،
ڏي نہ ڳَھيلي! ڳَنڍ اسان کي.

تُنھجي ڪارڻ تيل ٿياسين،
ڏات! ڀَري ڏي ڏَنڊ اسان کي.

ھڪڙو ڀيرو حال وَنڊڻ ڏي،
پوءَ وڇوڙا! وَنڊ اسان کي.

مَنَ مان موھ وڃي ٿو مرندو،
مُرڪ خدارا! مَنڊ اسان کي.

دل وارن جي ھِن ڌرتيءَ تي،
چاھي ٿو ھڪ چَنڊ اسان کي.

ڏَرجي ويندين ڏاڍ ڌڻي تون!
جوٽ نہ سمجهي جَنڊ اسان کي.

ڪاش! ڪَرائي ڏي ڪو ڏاھو،
آجو ايشيا کَنڊ اسان کي.

برکا رت برسات بہ گهرجي،

برکا رت برسات بہ گهرجي،
گلن ڀني ڪا رات بہ گهرجي.

جڳَ سڄي کي دڳ ڏسي جا ،
اھڙي ڏيئا ڏات بہ گهرجي.

ھاڻ گهٽي ٿو اوندھ گهيرو،
پرھ ڦٽي پرڀات بہ گهرجي.

آزاديءَ جو دڳ ڏَسي جا،
اھڙي ڏيئا ڏات بہ گهرجي.

جيڪا مُنھن کولي ماڻھن جا،
سا تہ سَچي ھِت بات بہ گهرجي.

ڌرتيءَ جي ويريءَ کي ھاڻي،
ڏيڻ ضروري مات بہ گهرجي.

ياد -نديءَ مان نڪتا سپنا،

ياد -نديءَ مان نڪتا سپنا،
ھير ٿڌيءَ مان نڪتا سپنا.

ساڀيائن جا چارا ڳولڻ،
ذھن-بنديءَ مان نڪتا سپنا.

راڻي جي رام ڪھاڻيءَ جا،
ڪاڪ ڪنڌيءَ مان نڪتا سپنا.

سئو سالن جي سفر پُڄاڻا،
ويھين صديءَ مان نڪتا سپنا.

راتَ ڳھيليءَ ڳوٺاڻيءَ جا،
ريت رديءَ مان نڪتا سپنا.

قوم قبيلن مَنجهہ مُنجهائي،
نيٺ ٻَڌيءَ مان نڪتا سپنا.

ھَوا روز خوشبوءِ ھڻي ٿي اچي،

ھَوا روز خوشبوءِ ھڻي ٿي اچي،
اوھان جي ڇَتن مان ڇڻي ٿي اچي.

ڀِٽُن سان ڀِري ٿي پئي سا پرين!
ڪڪر مان ڪِري جا ڪَڻي ٿي اچي.

لڙيءَ رات کانپوءِ اسان ڏي اُٿي،
سدائين سکي ھڪ ڄڻي ٿي اچي.

ٿڌي چاندني ٿِي مَٿان ٿرَ اَڇَي،
وڳي ۾ وني ڪا وڻي ٿي اچي.

ڏسو ھُو ڏھرَ مان ننگر جي نِڱي،
پيادي ڀَڳي پدمڻي ٿي اچي.

ستارا رَئي تي سِبي رنگَرتا،
بدن بخملي ڇا بڻي ٿي اچي.

ٿَڌا ساھَ سجني ڀَري ٿِي ڀُري،
جڏھن رات يادون کڻي ٿي اچي.

ڏسي ڏُور پنڇي وري سارَ ڪا،
اوھان جي اڳي کان گهڻي ٿي اچي.

سَراپي وڃي ٿي شھر کي اگر،
ڪڍي سينڌِ ڏيئي ڦڻي ٿي اچي.

جھڙي شامَ جهڙالي آھي،

جھڙي شامَ جهڙالي آھي،
تھڙي گهورَ غزالي آھي.

مدھوش ڪري ٿي ماڻھوءَ کي،
رُتِ جي ريت نرالي آھي.

مون تہ سدائين سرمائي جيئن،
ھُن جي سار سنڀالي آھي.

ڪونہ تماچي ايندو ڪينجهرَ!
تنھنجي خامَ خيالي آھي.

روز ڀٽائي! تنھنجي درَ تي،
بيٺي سنڌ سوالي آھي.

يادون، دردَ ھُجومَ امر سان،
ڪيڏو ھاڻ عيالي آھي-؟

عشق ۾ اڙي ٿي پئي،

عشق ۾ اڙي ٿي پئي،
جِندڙي جَڙي ٿي پئي.

گيت جو گُلابي بدن،
گهورَ سان گهڙي ٿي پئي.

روحَ جي رليءَ تي ٽِڪُون،
قرب جون ڪڙي ٿي پئي.

کوھَ تي اڪيلي کڙي،
سانوري سَڙي ٿي پئي.

سارين جيان سارَ ڪا،
ڇوڪري ڇڙي ٿي پئي.

بدن جي چمن مان چتوُن،
تو لئہ تڙي ٿي پئي.

ڳوٺَ جي ڳھيلي امر!
لوڪَ سان لڙي ٿي پئي.

دردَ لڳا دل وارن جھڙا،

دردَ لڳا دل وارن جھڙا،
چينَ، سُڪونَ، قرارن جھڙا.

ڪاغذ جي ڪنھن ھِرک چُنيءَ تي،
سِبيا شعر ستارن جھڙا.

نيرا، گھرا نيڻَ پرينءَ جا،
ڪينجهرَ ڍنڍَ ڪنارن جھڙا.

شاھَ! رسالي تنھنجي جا سُرَ،
آھن ٽيھَ سپارن جھڙا.

خواب مُلائم مينھَن-وساڙا،
نيڻَ اناڙي ٻارن جھڙا.

وِلھَ ۾ وھنتل اُجرا منظر،
نرمل نيڻَ-نِھارن جھڙا.

لفظَ جَڙي ٿو شاعر پُوئي،
گيتَ گُلن جي ھارن جھڙا.

مُنڪر سنڌ جي آزاديءَ جا،
ماڻھُو ٽُوھَ ڪَسارن جھڙا.

ھُن جون يادون، ھُن جا سپنا،
چانڊوڪيءَ جي چارن جھڙا.

ساٿُ تنھنجو نڪو ثمر آھي،

ساٿُ تنھنجو نڪو ثمر آھي،
زندگيءَ جو ڊگهو سفر آھي.

موٽَ گُل جي ڏيڻ لئہ مون کي،
ھُن ھٿ ۾ کنيو پٿر آھي.

روز ٿر جي مٿان مٽي ويندو،
بيوفا، بي وڙو ڪڪر آھي.

ساڀيان کانسوا نگاھُن ۾ ،
خواب بڻجي لٿو خنجر آھي.

روحُ ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو،
ديس کان دوُر دربدر آھي.

شھر ساڳي، مگر اوھان کان پو،
اجنبي ٿي ويو امر آھي.

اُڀَ ٽاريءَ تي ٽڙيا آھن،

اُڀَ ٽاريءَ تي ٽڙيا آھن،
چنڊ، ستارا کڙيا آھن.

ھڪ نقطي تي نيٺ اچي اڄ،
سوچون، سپنا مِڙيا آھن.

صدين کان ھا ساڻ سفر ۾،
رات اچانڪ وِڇڙيا آھن.

انڌيارُن جا عادي ماڻھو،
چانڊوڪيءَ کان چِڙيا آھن.

ماڪَ ڀنا رابيل پرينءَ جي،
واسينگن ۾ وچڙيا آھن.

نيٺ تہ نچندڙ ناچوءَ جا ڏس،
پيرَ پرھَ جو ٿِڙيا آھن.

مُندَ ملڻ جي آئي ڙي!

مُندَ ملڻ جي آئي ڙي!
ھاءِ پرين ھر جائي ڙي!

ويندي خوشيون، چين کسي،
توبن ھِيءَ تنھائي ڙي!

راتَ نديءَ جا رنگ ڏسي،
چانڊوڪي شرمائي ڙي!

لوڪَ سُتي کان پوءِ لِڪي،
ياد ڪئي ڪِتڪائي ڙي!

ھُن ڇوڙي وارَ ھَوا ۾،
شامَ ڪئي سُرمائي ڙي!

وينگس پاتو ويس نئون،
جهرمر جلوَن لائي ڙي!

مُحبت - جزيرا اکين ۾،

مُحبت - جزيرا اکين ۾،
سَوين خواب کيرا اکين ۾.

سکر-ساڌ ٻيلي سمايا،
نوان ڏيک نيرا اکين ۾ .

رڳو رُڃَ ،واري وسي ٿي،
نہ موتي نہ ھيرا اکين ۾.

وڇوڙي پُڄاڻان ويا ٿي،
زخمَ ڪي ذخيرا اکين ۾.

اڀيچند، سرمد، نہ دارا،
اوھان جي ڪبيرا! اکين ۾.

پاڻياريءَ جو پھر ويو ٿي،

پاڻياريءَ جو پھر ويو ٿي،
ڏيئا، ڏيئا ڏھر ويو ٿي.

ويسَ اَڇي سان وينگس گُذري،
اُجرو سارو شھر ويو ٿي.

ڪارونجهر جي ڪورَ اُچيءَ سان،
ڪيڏو آھي قھر ويو ٿي.

وقت اچانڪ وريو اھڙو،
ماڻھو ھر بي مھر ويو ٿي.

تنھا تارن ھيٺ سُتلَ کي،
سپنا ڏسندي سحر ويو ٿي.

پرڻي پوڙھي سان، جوڀن جو،
ذائقو ئي زھر ويو ٿي.

ھُن جي مست نگاھُن سامَھُون،
بيوس سنڌي بحر ويو ٿي.

وسڪارَ ڪَنان پو واريءَ تي،

وسڪارَ ڪَنان پو واريءَ تي،
ٿا گُل ٽِڙن ھر ٽاريءَ تي.

ڏس مينھوڳيءَ جي موسمَ ڀي،
ٿِي ريجهي راڳ ملھاريءَ تي.

جنھن ڪُونجَ ڪُٺي ۽ گُونجَ ڪُٺي،
تنھن لعنت موذي ماريءَ تي.

ڪمدار وڏيري جي ڪُرڙي،
اک آھي ھيڻي ھاريءَ تي.

ھيءُ ديسُ گلابي ويسَ ڪري،
جي لاڙين ڪنڌ ڪٽاريءَ تي.

ٿا سُورَ سَھيڙي ساڻ کڻن،
ھُو ٿڪل ٿريا لاريءَ تي.

ڳُجهيون ڳالھيون کُلي پَونديون،

ڳُجهيون ڳالھيون کُلي پَونديون،
ھوا وانگر ھُلي پَونديون.

نشو نيھَن جو پيئڻ کان پوءِ،
سوين ڇاتيون ڇُلي پَونديون.

سَندءِ يادون اچي منھنجي،
جوانيءَ ۾ جهلي پَونديون.

اوھان جي آسَ ۾ جانان !
اکيون بڻجي اُلي پَونديون.

ڀٽائيءَ ڏي ڀنڀوريون ئي،
ڀنيءَ ويلي ڀُلي پَونديون.

ڏکڻ جي ھير ٿڌڙيءَ ۾ ،
گهٽائون ڀي گهلي پَونديون.

نظارن ۾ نشا اوتي،
رُتون رڻ ۾ رُلي پَونديون.

حِنا! تنھنجا حَسينائون،
ڏسي سپنا ڏُلي پَونديون.

راتِ -رَئي تي تارا سِبيا،

راتِ -رَئي تي تارا سِبيا،
نيلي عرش نظارا سِبيا.

سَجنيءَ اوندھ جيوَن -بن ۾،
چانڊوڪيءَ جا چارا سِبيا.

اکڙين ۾ ڪي خواب اسان ڀي،
آڻي راتَ اُڌارا سِبيا.

مُندَ وڇوڙي جيءَ ۾ جاني!
اکڙين آگمَ - آرار سِبيا.

نيھَن نئين جي آمد کانپوءِ،
نيڻن رنگَ نيارا سِبيا.

نيھن جي نوازش ختم ٿي وئي،

نيھن جي نوازش ختم ٿي وئي،
خُوشي، خوابَ، خواھش ختم ٿي وئي.

جڏھن کان جسمَ مان جواني لڏي،
تڏھن کان ئي تابش ختم ٿي وئي.

نہ جذبا جنوني، نہ جلوا جوان،
اڳين ھاڻ آتش ختم ٿي وئي.

ڀِڄائي ڀِٽُن جي رڳو ريٽَ کي،
بَڊي جي تہ بارش ختم ٿي وئي.

خزان باغُ ڀيلي پئي بي چئي،
گُلن جي گُذارش ختم ٿي وئي.

حياتيءَ حمايت غمن جي ڪئي،
سکن جي سفارشَ ختم ٿي وئي.

توڻي آسَ اڌوري َ آھي،

توڻي آسَ اڌوري َ آھي،
جيئڻ پو بہ ضروري آھي.

لاڙ رڳي يا ڪاڇو ڪونھي،
سُھڻي سنڌ سموري آھي.

ملڪ سڄو مھڪائيندي ھِت،
ھُوءَ جا ھاڻ انگوري آھي.

ڪونہ لڪائي سگهبو سائين!
پنھنجو پيار کٿوري آھي.

ديسَ سَندي دستور جيان،
اڄ جو عشق عبوري آھي.

ھُن جو ورتاءُ جنرل جھڙو،
منھنجي موٽَ جمھوري آھي.

ھِجرَ-ھوائن ڇاڻي ڇڏيو،
نازڪ نيھن نِموري آھي.

راتِ جي رولاڪ وانگي،

راتِ جي رولاڪ وانگي،
نيڻَ ٿر جي ٿاڪ وانگي.

سچ چوي ڪو ڏيپلائيءَ،
بي ڊپي، بي باڪ وانگي.

سنڌ ڌرتيءَ کي اسان آ،
پُوڄيو ڪنھن پاڪ وانگي.

نيڻَ ٻيڙي ھُوءَ سمھي ٿي،
بند در جي تاڪ وانگي.

ڏس! پيو ٿو لڙ کڙا ئي،
چنڊ ڪنھن مڌ پياڪ وانگي.

رنگ نيلي آسمان ھِن،
پھريا پوشاڪ وانگي.

مُک تنھنجي تي لڳي ٿي،
مُرڪ برکا، ماڪ وانگي.

اسان ڪاٿي بہ خواھش جو اڃان لاٿو لڏو ڪونھي،

اسان ڪاٿي بہ خواھش جو اڃان لاٿو لڏو ڪونھي،
پيا ڀَٽڪُون وڃون ڪاڏي؟ اَجهو توڻي اڏو ڪونھي.

خدا! تنھنجيءَ خُدائيءَ ۾ رُڳي رتَ ڇاڻ ڇو آھي؟
ٻُڌاءِ جنگ ٻيءَ بابت اِھو واقعو وڏو ڪونھي؟

نگاھُن جي نرم بستر مٿي مُرڪي سُتا سپنا،
مگر تِن کي اڃان سوڌو ڪيو ساڀيان سَڏو ڪونھي.

اسان جوڳي، اسان روڳي، اسان ھر بات ڀوڳي آ،
اسان جو آشيانو يا ٺڪاڻو ۽ تڏو ڪونھي.

ڪَرين ٿي قھر تون ڪيڏو ڇَڏين ٿي ڇيڪ وارن کي،
چَوين ٿي پر، اھو چريا! اٿئي چرچو ڦڏو ڪونھي.

مڃون ٿا مات محبت جي ھٿان ھُوندي ملي ليڪن!
اسان جڳ ۾ اڃان تائين ڪيو ڪم ڪو جڏ و ڪونھي.

چھرو ڪوئي چنڊُ تلاشي ٿي،

چھرو ڪوئي چنڊُ تلاشي ٿي،
مُرڪ نئين سِر منڊُ تلاشي ٿي.

ديدَ چري دنيا جي گولي تي،
اڳيون ايشيا کنڊُ ڳولي ٿي.

ڏُکَ جُدائيءَ جا ڏارڻ جي لئہ،
جندڙي جيوَن-جنڊُ تلاشي ٿي.

جيڪو کيس جَواني ڀيٽا ڏي،
ڀُونءِ اھڙو ڀنڊُ تلاشي ٿي.

امر ڪويتائن جي عيوض ئي،
ڏات اسان لئہ ڏنڊُ تلاشي ٿي.

آڳُرَ تنھنجي ايندا رستا،

آڳُرَ تنھنجي ايندا رستا،
ٿانيڪا سَي ٿيندا رستا.

نينھنَ-ننگر مان نِکڙڻ کانپو،
ويرانيءَ ڏي ويندا رستا.

اڻ ڄاڻُ مُسافر کي ڪھڙيءَ،
ننگريءَ ڏي ھِي نيندا رستا.

ياد-ننگر جا يارو! آھن،
ڏات اسان کي ڏيندا رستا.

اوجاڳا ۽ اوسيئڙا ھِن،
اکڙين کي ارپيندا رستا.

جتان حُس ھورا ڪيا،

جتان حُس ھورا ڪيا،
اسان نيڻ اوڏانھن نِيا!

پئي چنڊَ پاتا لِڪي،
لِيارُن منجهان ڪي لِيا!

جهڪي ٿي جواني جڏھن،
تڏھن ڀي تہ ٻرندا ڏِيئا!

اسان عُمر گهاري ڇڏي،
پياسَ تنھنجيءَ ۾ پِيا!

ھِي سپنا اکين ۾ اچي،
ھَٿيڪا وڃي نيٺ ٿَيا!

ڪينجهر ھُوءَ، ڪنارا ھُوندا،

ڪينجهر ھُوءَ، ڪنارا ھُوندا،
دلڪش نيڻ- نظارا ھُوندا.

جيوَنَ تائين، ساٿ نڀائين،
پنھنجا نيھن نيارا ھُوندا.

ڌرتيءَ دشمن ڀوتارن جا،
چھرا پيلا، ڪارا ھُوندا.

جانچي، جانچي جهڙ جون راھُون،
ڪونہ ٿڪا ٿر وارا ھُوندا.

ھاڻ نہ جاڳي ويچاريندين،
موتَ مُئي جا مارا ھُوندا.

امر! تڪيندا تنھنجون واٽون،
ڪنھن جا نيڻ-ستارا ھُوندا.

يار حجاب تہ ھاڻي ڇڏيا،

يار حجاب تہ ھاڻي ڇڏيا،
عمر اَڇا پر، آڻي ڇڏيا.

سارا سپنا، خوشيون ميڙي،
مون اڄ کيس اُماڻي ڇڏيا.

پَنَ ڇَڻ رُت کان اڳ ۾ اکين،
لُڙڪ سمورا ڇاڻي ڇڏيا.

ڪنھن جي چِٽَ چَپن جا آخر،
وينگس ڳل تي واڻي ڇڏيا.

ڪير مسافر ڪارونجهر تي،
لاريءَ آڌيءَ ٽاڻي ڇڏيا.

تنھائيءَ جي کٽ تي ليٽي،
درد مٿان مون تاڻي ڇڏيا.

ھيل ڏُڪاريل ڏيھَ سڄي مان،
جيڏين جنڊ اُڍاڻي ڇڏيا.

وڇڙي جي وھلوُر ويا ٿي،

وڇڙي جي وھلوُر ويا ٿي،
ماڻھو سي مجبوُر ويا ٿي.

ھُن جي ھڪڙي ڀاڪر سان ئي،
دردَ سمُورا دوُر ويا ٿي.

ننڊ ڪَچيءَ مان نينگر جاڳي،
سپنا چِڪنا چُور ويا ٿي.

جيوَنَ وَڻ مان جوڀن جا پل،
ماچُوڙي جو ٻُور ويا ٿي.

ھاڻ سياستڪارن جا ھڙ،
نعرا ڀي ناسُور ويا ٿي.

ماڻھَپي جا مُنڪر ئي ڇو؟
دنياوي دستُور ويا ٿي.

اڄڪلھ رت جا رشتا يارو!
ايڏا ڇو اک- پُور ويا ٿي؟

تولئہ ڪَتيون، تارا جاڳن،

تولئہ ڪَتيون، تارا جاڳن،
چانڊوڪيءَ جا چارا جاڳن.

خواب ڪُنورا ماڻڻ خاطر،
اکيون بڻجي جارا جاڳن.

لوڪَ سُتي کان پوءِ اڪثر،
دردَ- وَندا دل وارا جاڳن.

شھر سمورو ننڊَ سُمھاري،
ديوارن تي نعرا جاڳن.

رات سڄي ٿا رَچنا ڪارڻ ،
شاعر تنھا سارا جاڳن.

سرد ھوا ۾ زرد پَتن تي،
پوھَ ٿڌيءَ جا پارا جاڳن.

طُوفاني ۽ تيز ھوا ۾ ،
ٽاڪُڙ وڻ جا ٽارا جاڳن.

چھري تي پھريدار امر!
زُلف پيا ٿا ڪارا جاڳن.

جهرمِر تارا، ٽيڙو، ڪَتيون،

جهرمِر تارا، ٽيڙو، ڪَتيون،
اُڀَ مَٿي ڄڻ جهرڪن بَتيون.

سَرجڻھار رَچي ٿو رِمجهم،
گيت-ڪٿائون ڪي رنگرتيون.

ھرڻيءَ جھڙيون ڇالون آخر،
وينگس ڪنھن کان تو ھِن وَتيون؟

رُت ريجالي ريسَ ڪَري پئي،
ڌرتي ٽانڊا، ٿي ڌرتتيون.

ريشمَ جھڙي جسم اَڇي تي،
چولي ڦاٽل، چُنري چَتيون.

مارُئي جي ڪردار جيان رکُ،
شاعر! سوچون پَوتر، سَتيون.

ڪارو، ڪاريءَ وارا منظر،

ڪارو، ڪاريءَ وارا منظر،
ڪيڏا ڪوجها، ڪارا منظر؟

سنگُ مُسافر ساڻ سدائين،
چنڊَ ستارا، چارا منظر.

رات- رَجائي رُخ تي تاڻي،
سُمهندا آھن سارا منظر.

سجَ سموري جڳ کي ڏسيا،
ڏينھَن ڏِٺي جو تارا منظر.

وسري ويندا ويھين صَديءَجا،
نسل نئين کي نعرا منظر.

باکَ ڦُٽيءَ جي ساک ڏين ٿا،
ساجهر ٽاڻي وارا منظر.


• سج گرھڻ ٿيو ھو ۽ زھره سيارو نظر آيو ھو.

ذھن اُجاري ظاھر ٿي پَئو!

ذھن اُجاري ظاھر ٿي پَئو!
مُصور، ليکڪ، شاعر ٿي پَئو!

گُمناميءَ جي گهٽَ ٻُوسٽ جا،
بَخيا ٽوڙي ٻاھر ٿي پَئو!

ھُو جي بن قاسم بڻيا ھن،
تون ڀي راجا ڏاھر ٿي پَئو!

سنڌ امرتا پريتم ٿيندي،
تون بہ پيارا! ساحر ٿي پَئو!

نفرت جي ھِن ننگر ننگي ۾،
محبت جو تون ماھر ٿي پَئو!

پاڻ پَڻي کي تَرڪُ ڪري تون،
ويڙھيچن جو واھر ٿي پَئو!

چانڊوڪيءَ ۾ چيٽَ ۽ آئون،

چانڊوڪيءَ ۾ چيٽَ ۽ آئون،
خُوشبو، خُوشبو کيٽَ ۽ آئون.

رات سموري پِڄرياسين پئي،
سپنا، ھِي سگريٽَ ۽ آئون.

آگم! تنھنجي اوسيئڙي ۾ ،
آھيون روھيڙا، ريٽَ ۽ آئون.

ڪيڏو ٺھندا آھيون ٻيئي،
ھُو سامُونڊي ٻيٽَ ۽ آئون.

شال سنڌوءَ کي راسَ اچون ٻَئي،
ڀاڳين جي ھِيءَ ڀيٽَ ۽ آئون.

ھُوءَ سُرما تيلَ- ڦُليلَ ڪري

ھُوءَ سُرما تيلَ- ڦُليلَ ڪري،
ٿِي گهائي نيڻ غُليلَ ڪري.

نابُود سمورا شال خُدا،
ھن ڌرتيءَ تان ڌاڙيل ڪري.

ھر رات ڦُڙا رتَ جا روئي،
ٿي ماڪ ڀنا رابيل ڪري.

واھيرن ڏي ورندا آھن،
سڀ پنڇي پونئي ويلَ ڪري.

ھر اسٽيشن تي ھڪ ٻئي کان،
ٿي روز جدا ڪي ريلَ ڪري.

ماٿاريءَ تي مور ٽھو ڪيو،
ڊوڙ اچي ڪائي ڊيلَ ڪري.

امر اياڻي جي محبت جا،
ڀرم ويو ڪوئي ڀيلَ ڪري.

ٽھڪَ ڦُولَ بڻجي ٽِڙي ٿا پون،

ٽھڪَ ڦُولَ بڻجي ٽِڙي ٿا پون،
لکين کُڙ-کُٻيتا کِڙي ٿا پون.

کڻي نيڻ نرمل نھاررين متان،
سوين واٽ ويندا ٿِڙي ٿا پون.

ھزارين جَليءَ دل زماني وندا،
اوھان جي ذڪر تي چِڙي ٿا پون.

جڏھن آجپي جي ڪيون ڳالھ ٿا،
الائي بحث ڇو ڇِڙي ٿا پون؟

اوھان جي پُڄاڻان درد بي چَيا،
بنا مُند ٽاڻي مِڙي تا پون.

سڄي شھر جا ڇوڪرا شام جو،
اوھان جي گهٽيءَ ۾ گهڙي ٿا پون.

ڪيون ياد بي درد کي ٿا امر!
تہ ڳوڙھا ڳلن تان ڳَڙي ٿا پون.

اڃان آس ناھي اُجهاڻي،

اڃان آس ناھي اُجهاڻي،
پرين! رات جِي ٿِي پُڄاڻي.

وري ھيل دُھرائجي پئي،
ڪِنين جي دُکن جي ڪھاڻي،

ڪندي چاندني چُغلخوري،
نہ ڏي راز او رات -راڻي!

اوھان جي پُڄاڻان اسان جي،
ڏُڪاريل رھي ڏات-ڍاڻي.

وَئي ڦَھلجي تر سڄي ۾ ،
اوھان خط ۾ خُوشبو اُماڻي.

گهڻي رات نيڻن ۾ لھي ٿي،

گهڻي رات نيڻن ۾ لھي ٿي،
کڻي تات نيڻن ۾ لھي ٿي.

رکو ڀل زبان خاموش ليڪن!
دلي بات نيڻن ۾ لھي ٿي.

رڳو خواب رستي ئي پرينءَ سان،
مُلاقات نيڻن ۾ لھي ٿي.

اچي ساڀيان سپنا ڪرين ٿي،
تہ پرڀات نيڻن ۾ لھي ٿي.

غُصي ۾ گُلابي ٿي وڃين ٿي،
تہ جذبات نيڻن ۾ لھي ٿي.

پِرت جِي، اشارن جي عمل سان،
شُروعات نيڻن ۾ لھي ٿي.

ڏسي سُونھن تنھنجيءَ کي امر جَي،
سکي! ڏات نيڻن ۾ لھي ٿي.

جذبا جانان! تون ڇا ڄاڻين؟

جذبا جانان! تون ڇا ڄاڻين؟
ڳوڙھن معنا، تون ڇا ڄاڻين؟

احساسُن جي تنھائيءَ کي،
ماڻھو ادنا! تون ڇا ڄاڻين؟

ننڊ-ننگر ۾ ڪير اُڻي ٿي،
يادن-سپنا، تون ڇا ڄاڻين؟

موت نہ بخشي معنا توکي،
جيوَنَ! ورنا، تون ڇا ڄاڻين؟

تون کانپوءِ روز ملن ٿا،
مون کي طعنا، تون ڇا ڄاڻين؟

ھِن دل جا دستور نرالا،
او ديوانا! تون ڇا ڄاڻين؟

مُنھنجن اکڙين ۾ ھِن ڪيئي،
مَئي-خانا، تون ڇا ڄاڻين؟

جِسمَ ڪُنواري منجه ڪُراڙا!
جهرمِر جُگنا، تون ڇا ڄاڻين؟

روُح امر جو رھڙي نڪتي،
راڻي! رچنا، تون ڇا ڄاڻين؟

ڏينھُن توڻي رات اسان کي،

ڏينھُن توڻي رات اسان کي،
تنھنجي آھي تات اسان کي.

روز پُڄائي رات وڃي ٿي،
سپنن جي سوغات اسان کي.

ساروُڻين جي سُونھَن سُندرتا،
ڏيندي آھي ڏات اسان کي.

تنھنجي نيڻين نظر اچي ٿي،
ڪُل ئي ڪائنات اسان کي.

راز ٻُڌائي راڻي جا ٿِي،
مومل جي محلات اسان کي.

غير! غلاميءَ تنھنجيءَ مان ڀي،
ملندي نيٺ نجات اسان کي.

ڪيسيتائين قيد ڪندا ھِي،
ھرجائي حالات اسان کي.

امر! لڳن ٿا اوسيئڙيءَ جا،
سارا پل سڪرات اسان کي.

ساجَنيئي جي سارَ اچي ٿي،

ساجَنيئي جي سارَ اچي ٿي،
لڙيو لُڙڪن لارَ اچي ٿي.

ننڊ اچڻ سان نيڻن-ٿر تي،
سپنن جي وسڪارَ اچي ٿي.

ڪارا ڪارونڀار ڪُلھن تي،
وينگس ڇوڙي وارَ اچي ٿي.

مُند جهڙالي مينھوڳيءَ جي،
کڻيو ننڊ خُمارَ اچي ٿي.

تنھائيءَ ۾ ياد پرينءَ جي،
ٻانھُون ٺاھي ھارَ اچي ٿي.

امر! اُگهاڙي جيوَن-رڻ ۾،
ڏات پکيڙي ڏارَ اچي ٿي.

اسان جي دُکي داستان وانگيان،

اسان جي دُکي داستان وانگيان،
گُلابي گُلن سان سِتمَ ساڳيان.

سُتا نيڻ صديون اسان جا رھيا،
مگر ڪين سپنا ٿيا ساڀيان.

ڪٿي رات ٽِڪندا اُھي قافلا،
سمورا جِنين جا اُجڙ آشيان.

وِڇائي اسين نيڻ واٽُن مَٿي،
اوھان جي ڪيون ٿا پرين! آجيان.

سڄي ماجرا ڪن لُڙڪ ٿا بيان،
چَپن سان چَئو يار! ڇا آکيان؟

نڪي ڦُول گجرا، نڪي موتيا،
الئي ڇا اوھان کي مٺا! آڇيان؟

ريگستاني رستا آھن،

ريگستاني رستا آھن،
۽ ٿريا برجستا آھن.

تو کي ارپڻ لاءِ اسان وٽ،
گيتن جا گُلدستا آھن.

ڪُرسيءَ ٺيڪي ڪاڻ وِڪاڻا،
سنڌي ليڊر سَستا آھن.

روُح-ننگر جا راز الستي،
شعرن ۾ سَربَستا آھن.

قحطَ ڪَٿائن جا ڪيڏارا،
واريءَ سان وابستا آھن.

بي چين، بيقرار اکڙين ۾،

بي چين، بيقرار اکڙين ۾،
عشق اُميدوار اکڙين ۾ .

ننڊ پُڄاڻان نيڻ اُڻن ٿا،
سپنا شاھڪار اکڙين ۾.

عشق جي آمد جا آثار ھن،
ننڊا کڙا خُمار اکڙين ۾ .

سوين جَزيرا جَذب ٿِي ويندا،
اوھان جي اشڪبار اکڙين ۾.

دردِ-دل جي ترجماني ھِن،
ڳوڙھا بي شمار اکڙين ۾.

تُنھنجون يادون ٽاري ڪوئي،

تُنھنجون يادون ٽاري ڪوئي،
ڪيئن حياتي گهاري ڪوئي؟

ساڀيائُن جَي اوسيئڙي ۾،
ڪيسين سپنا ٻاري ڪوئي!

جڳ کان جيتي، ويٺو آھي،
ھُن جي اڳيان ھاري ڪوئي.

مُرڪ ٿڌيءَ جا مينھَن وسائي،
نيڻ اسان جا ٺاري ڪوئي.

ڪوئي ميڙي مايا پيو ٿو،
درد پيو ٿو ڌاري ڪوئي.

رنجَ، رُسامي ساڻ سدائين،
ڏيلَ اسان جو ڏاري ڪوئي.

ھاڻ انڌاري رات نہ ٿيندي،

ھاڻ انڌاري رات نہ ٿيندي،
پوڻي ھِيءَ پرڀات نہ ٿيندي.

مون جا ارپي سنڌ ڌرتيءَ کي،
ڏات مرڻ سان مات نہ ٿيندي.

گهٽ ٻُوسٽ جا گهيرا لھندا،
ساھُن کي سڪرات نہ ٿيندي.

اھڙو وَرندو واءُ وطن تي،
سنڌ سوا ٻي ذات نہ ٿيندي.

نيٺ وسيلا واپس وٺبا،
وائي ٻي ڪا وات نہ ٿيندي.

امر! اکين ۾ انسان رکبا،
بي شرمن سان بات نہ ٿيندي.

نيڻ-نِھاري ويئي آھي،

نيڻ-نِھاري ويئي آھي،
پِھڻَ پِگهاري ويئي آھي.

راتَ اسان جي اوڇڻَ تي ڪا،
خواب وساري ويئي آھي.

ڪير اچي اڌ راتِ اسان جا،
سُور سُمھاري ويئي آھي.

ڪير اسان جي گهرَ-رستي تي،
ڦُولَ پَٿاري ويئي آھي.

دردَ، وڇوڙا، يادون ڏيئي،
ڏات نِکاري ويئي آھي.

عُمر بسر ٿي امر! اسان جي،
يادَ سَھاري ويئي آھي.

جنھن کي جُڙيو پيارُ نہ ھُوندو،

جنھن کي جُڙيو پيارُ نہ ھُوندو،
تنھن کي ڪو بہ قرارُ نہ ھُوندو!

اُنَ جي سوچ؛ اڪيلائيءَ تي،
جنھن جو جڳ ۾ يارُ نہ ھُوندو!

تنھَن جو ڪيرُ سَھارو ٿيندو،
جنھن جو گهرُ ۽ ٻارُ نہ ھُوندو؟

جنمَ ڏھاڙي تنھنجي جهڙو،
ڪو بہ ٻِيو تھوارُ نہ ھُوندو!

دل-ڌرتيءَ جو دشمن ناھي،
تنھن سان ڪو تڪرارُ نہ ھُوندو.

اھڙو ڪير امر! آ جنھن کي،
دلبر ڪو درڪارُ نہ ھُوندو؟

ويندي آھي رات ڇڏي نيڻن ۾،

ويندي آھي رات ڇڏي نيڻن ۾،
سپنن جا ڪي شھر اڏي نيڻن ۾.

درد! اچو سڀ سارا مون ڏي موٽي،
لُڙڪن جو ٿو ساٿ سڏي نيڻن ۾.

ڪير ويو ٿئي ڪائنات سڄيءَ جون،
رعنايون ۽ رنگ گڏي نيڻن ۾؟

سي ڪھڙي ساڀيان ماڻيندا سپنا،
پاڻ ڏٺا جَي ڏينھَن وڏي نيڻن ۾.

خواب اسان جي اکين مان بي گهر ٿي،
ايندا تنھنجي يار! لڏي نيڻن ۾.

ھِي رنگت ھُن جَي چوليءَ جي،

ھِي رنگت ھُن جَي چوليءَ جي،
ڄڻ رات لڳي ٿي ھوليءَ جي.

آ ڦُول نہ جنھن ۾ ڪو گجرو،
ڪھڙي قيمت اُن جهوليءَ جي!

ڪا سار تماچي شال لھي،
ڪينجهر تي لھندڙ ٽوليءَ جي.

ھِيءُ گيت رچيندڙ شاعر آ،
ڇا ڄاڻي ٻولي گوليءَ جي.

سامُونڊي ساحل ساڻ ھُئي،
ڇُڙواڳي لھرُن، ڇوليءَ جي.

خود تاريخ گواھي ڏيندي،
ٿر واسي روپي ڪولھيءَ جي.

ڪير پروڙي سگهندو پيڙا،
ٿر-ٻاٻيھي جي ٻوليءَ جي.

پاڻ تہ آھيون بحرُن وانگي،

پاڻ تہ آھيون بحرُن وانگي،
ھاڻ لُڇون پيا لھرُن وانگي.

تون بن تاساري دل-ڌرتي،
ريگستاني ڏھرُن وانگي.

سرڪش سپنا سنڌوءَ جل جان،
نيڻ ڦُليليءَ نھرُن وانگي.

چمڪن ٿا گل چنبيليءَ جا،
چانڊوڪيءَ ۾ چھرُن وانگي.

باک ڦُٽي آ ڀِٽُن مٿان ڏس!
پاڻياريءَ جي پھرُن وانگي.

دل کي درد اُجاڙي ڇڏيو،
ناگا ساڪيءَ شھرُن وانگي.

امر! اُڃايل ٿر تي ئي ڇو؟
قحط پون ٿا قھرُن وانگي.

ٻاٻيھي جي ٿر سان نِسبت،

ٻاٻيھي جي ٿر سان نِسبت،
جيئن مڇيءَ جي جر سان نِسبت.

پاڻياريءَ جِي پھر سمورا،
ڀوڏيسر جي ڀر سان نِسبت.

روز ڪُلھي تي رکيو نڪري،
ھاريءَ جي ڏس ھر سان نِسبت.

ڪڪر ڇڏي آ ڪھڙي ڪارڻ؟
ڪارونجهر جي ڪر سان نِسبت.

نيڻ ڌري ٿي واٽ نھاري،
واھ! وَنيءَ جي وَر سان نِسبت!

عزت بجاءِ انسان رکي آ،
شھرت، شر ۽ زر سان نِسبت.

ڪنھن جَي آس اچڻ جي سانڍي،
ديدَ رکي آ در سان نِسبت.

رات ٽِڪي جِت جانان اُنھيءَ،
اوڙي، پاڙي، تر سان نِسبت.

سنسارَ سڄي کان سَرسُ امر!
ڳوٺ، گهٽي ۽ گهر سان نِسبت.

راتَ سنڌوءَ تي چنڊ لٿو ھو،

راتَ سنڌوءَ تي چنڊ لٿو ھو،
تارن جو تنھن ساڻ جَٿو ھو.

ڪيئن مڃون ھا ارڏو اُن کي،
جنھن جهڪايو ڪنڌ مَٿو ھو!

روڊَ ڪلاچيءَ جي تي رجيل،
ريٽو رت ھو ڪين ڪَٿو ھو.

ڳوٺ روئاڙي ڳڀرو نِکڙي،
پھريل کُھنبو کيس کَٿو ھو.

پاساڙي مان پَھَرو ڊڙيا،
ھيٺ ڪنڊيءَ جي سِڱر سَٿو ھو.

ديدَ کُتل بند در ۾ آھي،

ديدَ کُتل بند در ۾ آھي،
اوسيئڙو اندر ۾ آھي.

وڻجاري جي لاءِ ونيءَ جي،
اک ڪيٽي بندر ۾ آھي.

آڌيءَ ٽاڻي اڱڻ مٿان ڏس!
چندُرما ٻُڏتر ۾ آھي.

ڏيئا ٻاري داسيءَ جاڳي،
رات ڪٽي مندر ۾ آھي.

لھرن لرزش برپا ڪيئي،
ساري چُپ سمندر ۾ آھي.

ساڀيان بڻجي ايندي سَجني،
سپني ڪنھن سُندر ۾ آھي.

اسان آسَ ڪاٿي پَلي آ پيارا!

اسان آسَ ڪاٿي پَلي آ پيارا!
ھلي آ، ھلي آ، ھلي آ پيارا!

گُلابي گُلن جا کڻي کوڙ گَجرا،
اسان واٽ تنھنجي جهلي آ پيارا!

سِتارن ڀَري رات آڪاسَ-کٽَ تي،
وِڇائي ڇڏي ڪنھن رلي آ پيارا!

چَريءَ دل لڳيءَ جي زماني وَندن سان،
سڄي ڳالھ ڳوڙھن سَلي آ پيارا!

سَجائي اوھان جَي پرين! آجيان لئي،
اسان ڳوٺ جي ھر ڳلي آ پيارا!

زماني زبرَ سان ھڻون ھامَ ڪھڙي؟
ڪَچي زندگيءَ جي ڪَلي آ پيارا!

ھُوءَ جا ھاڻ وئي آ وڇڙي،

ھُوءَ جا ھاڻ وئي آ وڇڙي،
ڇا جي ڪاڻ وئي آ وڇڙي؟

اَڄُ تو کان ڀي او چندُر ما!
ڇا چانڊاڻ وئي آ وڇڙي؟

*روھيڙن جي گُلڙن کان ئي،
ڇو سُرھاڻ وئي آ وڇڙي؟

راتَ ستارن ساڻ ڪري ڪا،
روحَ رِھاڻ وئي آ وڇڙي.

ڪنھن ڏوھَ بنا، ڪنھن ڊوھ بنا،
پاڻَ کان پاڻ وئي آ وڇڙي.

وقت وِداعُ جي ايئن لڳو ڄڻ،
خُوشين کاڻ وئي آ وڇڙي.

امر! اُجاڙي جاڙَ جَواني،
سڀڪجه ساڻ وئي آ وڇڙي.


* روھيڙي جي گُلن ۾ ڪا بہ خُوشبوءِ ناھي ھُوندي.

سڄي رات روئي سُتي نينگري،

سڄي رات روئي سُتي نينگري،
لڳي اک نہ جيسين لُڇي نينگري.

ڪري ياد ڪنھن کي ڪچيءَ ننڊ مان،
ڀَري ڇِرڪَ تڙپي، اُٿي نينگري.

اِھا چاندني چار گهڙيون ٿئي،
ڪري روشني وٺ رُڳي نينگري!

سوين درد سانڍيو ھَلِي ٿَي وَتي،
مگر ڪونہ ڪنھن سان ڪُڇي نينگري.

وئي حالَ اوري زماني وٽان،
اسان جا پتا سڀ پُڇي نينگري.

رُڪي زندگي ھُئي اُنھي روڊَ تي،
جتي واٽ ويندي رُڪي نينگري.

سموري جهان کي جهڪائي وئي،
جڏھن ديدَ تنھنجي جهڪي نينگري!

وئي نيٺ وَرَ جي ھَٿان مارجي،
اڙي ديسَ! تنھنجي دُکي نينگري.

اوسيئڙي جي رات ۽ مان!

اوسيئڙي جي رات ۽ مان!
لُڙڪن جي برسات ۽ مان!

تو ڌاران اي منھنجا ميتَ!
ڪھڙي منھنجي ذات ۽ مان!

سنڌوءَ ڪپ تي گڏبا ھاسين،
ھُوءَ چانڊوڪي رات ۽ مان!

جڳ کي جَرڪايون ٿا پيا،
ڏيئن جھڙي ڏات ۽ مان!

ڳوليون اونڌھَ منجه امر!
سورج کي پرڀات ۽ مان!

گيت غزل ۽ وايون تو لئي،

گيت غزل ۽ وايون تو لئي،
ڳوٺاڻن ٿي ڳايون تو لئي.

سُندر سوچون سپنن وانگي،
ساڀيان بڻجي آيون تو لئي.

سڏَ سَندءِ تي نڪري پونديون،
مڙسن سان گڏ مايون تو لئي.

ٽياس مٿي ھر ڀيري ڌرتي!
ٽنگبا رھندا آھيو تو لئي.

ٻئي ڪنھن خاطر مُور نہ ماتا!
سَھبا ڦٽڪا، ڦاھيون تو لئي.

امر اڏايون آھن ڌرتي!
جيءَ اندر ۾ جايون تو لئي.

ڪيڏي ننگي ٿي پئي آ،

ڪيڏي ننگي ٿي پئي آ،
دنيا دُو رنگي ٿي پئي آ.

پڪ سان ڪنھن پڙھايس پَٽي،
تڏھن ئي ڏنگي ٿي پئي آ.

ھاءِ! اُجڙيل ڀاڳ اسان جا،
واٽ سڄي وِنگي ٿي پئي آ،

اڻکٽ درد، سوچُون، سارون،
حياتي اڍنگي ٿي پئي آ،

رُڳو غم، الم، رُسوايون،
ذليل زندگي ٿي پئي آ،

واءُ گهليو امر! عجيب،
دلين ۾ تنگي ٿي پئي آ.

سوچُون، جذبا ساڻا ٿي پيا،

سوچُون، جذبا ساڻا ٿي پيا،
ڳل ڀي ڳوڙھن ھاڻا ٿي پيا.

ھاءِ! رب جا نائب ڪيئي،
ضيا پارا ڪاڻا ٿي پيا.

وک، وک تي ويڙھيچن لئي،
ٿر سڄي ۾ ٿاڻا ٿي پيا.

تو بن تنھا ھڙئي ويلا،
ٽاڪ منجهند جا ٽاڻا ٿي پيا.

ريگستاني ريٽَ جيان ھِن،
مون لئي تنھنجا ماڻا ٿي پيا.

چنڊُ ھُوندي اُماس آھي،

چنڊُ ھُوندي اُماس آھي،
رات ڪيڏي اُداس آھي؟

سوچَ جي بدن کي ڍڪيندو،
شاعريءَ جو لباس آھي.

روپلي کان سوا سدائين،
ننگر ھُوندو نراس آھي.

شھر جي شور ۾ اچي ٿي،
زندگي بدحواس آھي.

ڪُونجَ جھڙي ڪُنوار ! تنھنجو،
ڪونہ ڪنھن کي قياس آھي.

سنڌ وارن لئي سجايل،
ٽِڪٽِي ۽ ٽياس آھي.

ھِن اياڻي اٻوجه کي ڀي،
سنڌ! تنھنجي شناس آھي.

ٿاڪ ٿر جي امر! اُڃي کي،
پَلرِيئي جي پياس آھي.

جَرَ جي ڦوٽي جيئن جواني،

جَرَ جي ڦوٽي جيئن جواني،
نِکڙي ٿيندي نيٺ رواني.

ڪيسين ياد سھارو ڏيندي،
ڪيسين ٿيندا سپنا جاني؟

ايڏي آڪڙ، ايڏو بانورُ،
ڇا تي آھي دنيا فاني؟

روز ٻُڌائي ٻارن کي ٿي،
آکاڻي ھر ٻُڍڙي ناني.

ڪائنات سڄيءَ تي آھي،
ھُن جي نيڻن جي نگراني.

ڪيرُ ٻُڌي ٿو اڄڪلھ راڳي!
ھِيءَ ساري، گاما ،پا، ڌاني،

ڪاڇي نيڻ-ڪَٽورا تنھنجا،
نيٺ ڪرائيندا ناداني.

دل وارن کان ڌار حياتي،

دل وارن کان ڌار حياتي،
ڪھڙي ڪم جي يار! حياتي؟

ھر روز ھوائن کان ھُن جا،
پُڇندي آھي پار حياتي.

رانديڪن تي ريجهائي ٿي،
ٻھراڙيءَ جا ٻار حياتي.

جيوَن-جيت جيان ٿي ڀاسي،
ھُن کان مليل ھار حياتي!

نيٺ اُڏائي ويندي پيري،
جوڀَنيي جي جهار حياتي!

شال! سڄي سنسار مٿان ھِيءَ،
ڏات پکيڙي ڏار حياتي!

ساھُن منجه سنڀالي رکجئين،
ھُن جا سپنا، سار حياتي!

امر! وڌائي ويندي آھي،
ھُن جي نيڻ نھار حياتي.

ھُرکر ڇا جي ھاڻ پرين!

ھُرکر ڇا جي ھاڻ پرين!
ماڳ پُڳاسين ڄاڻ پرين!

ڪارونجهر جيءَ ڪورَ مَٿي،
مينھَن ڪندا مانڊاڻ پرين!

ڏات وندن لئي ڏيھُ سڄو،
سُونھَن سَندي سُرھاڻ پرين!

ڄاڻ برھَ جي باک ڦُٽي ٿي،
چئوڏس آ چانڊاڻ پرين!

ڳُجهڙي ٿي ھر ڳالھ ڪري،
اکڙين جي آلاڻ پرين!

عشقَ امر جو آھ ڪيو،
جيون رتو ڇاڻ پرين!

ھُن کان ڏُور، ھليو وڃبو،

ھُن کان ڏُور، ھليو وڃبو،
ھاڻ ضرور، ھليو وڃبو.

دل جي وڻ تان سڀ ڇاڻي،
يادُن-ٻُور، ھليو وڃبو.

پريت جي ريت پراڻيءَ جو،
پوندو پُور، ھليو وڃبو.

شيشي جھڙا سپنا ٿيندا،
چڪنا چُور، ھليو وڃبو.

بيوفا جي بيرُخيءَ جو،
سانڍي سُور، ھليو وڃبو.

رڻَ ۾ رات رات ٺري آھي،

رڻَ ۾ رات رات ٺري آھي،
تنھنجي ياد وري آھي.

رمجهم رنگ نٿا نِکرن،
شايد مُند کَري آھي.

چئو مون کان پوءِ پيارا!
تنھنجي ڪيئن سري آھي؟.

ڏاڍي دير ڪري آئين،
ويئي ويلَ ٽري آھي.

حُسن ھٺيلي جي اڳيان،
ڪنھن جي دال ڳري آھي؟

ڪير ڪُنواري جوڀن ۾ ،
ٻيليءَ لاءِ ٻَري آھي.

سارو چين گنوائي ٿي،
چاھت چيز چري آھي.

انڊلٺ ريکا جيئن امر!
ھُوءَ حُسناڪ پري آھي.

ياد اچي ٿو چھرو ڪوئي،

ياد اچي ٿو چھرو ڪوئي،
گهاءُ ڏنو جنھن گهرو ڪوئي.

ڪيئن اچان ھا توڏي آئون،
پيار مٿي ھو پھرو ڪوئي.

مرڪ ھُئي يا ھو مرليءَ جو،
لال لبن تي لھرو ڪوئي!

ھاڻ پئي آ ڃاڻ اسان کي،
آھي عشق اُٻھرو ڪوئي.

وطن وسيلن ۾ ڇو ڪونھي؟
ڀُونءِ ڌڻين جو بھرو ڪوئي.

نظم

---

ساڀيائن جا سُندر رستا

پوُرب پار جي ھيرُن آندا،
ساجن جا تہ سنديشا آھن،
وري مِلڻ جي ھيرَ گهلي ٿي،
دوُر ٿيا انديشا آھن،
توءِ پُڄاڻان وِرھَ وڇوڙا،
ڄڻ تہ رُتون سڀ مُنھنجيون سکيون،
وِڄُ وراڪن وانگي سُپرين!
شامَ صُبح ٿي مون سان ٻکيون،
گيت فضا ۾ ڏوُر اُڏاڻا،
بڻجي تُنھنجن يادن جا ساکي،
تون سان گهاريل گهڙي، گهڙي آ،
ڄڻ تہ پَتاشا، لارون ماکي،
ڇيتِ جيان چُڀن ٿا مَن ۾،
تُنھنجين ساروڻين جا سُکڙا،
۽ ڪنھن آويءَ جي اندر جان،
دوُنھان بڻجي دُکن ٿا دُکڙا،
اڃان تہ جوڀن ٽِڙيو ئي ناھي،
اڳ ڪيئن رُت پَن ڇَڻ جي آئي؟
رات جي راڻي! تون ئي چَئو چَئو!
ساجن نڪتو ڇو ھرجائي؟
رُت پيا جي ورڻ جي ناھي،
پو بہ پرينءَ کي ڳوليان ويٺو،
ساڀيائن جا سُندر رستا،
خوابن ۾ مان ڦوليان ويٺو-

رات کُٽي ٿِي

سَپنا ڪو سرمايو ڪونھي،
ھر ڪو ماڻھو خواب ڏسي ٿو،
ساڀيائن جي ڪارڻ سائين!
سارو لوڪ عذاب ڏسي ٿو-

دردن جي ھِن نِرڌن مند ۾،
گهايل دنيا گهاري ٿي پئي،
سينڌِ سُڪي جنھن جُوءِ جَليءَ جي،
سا ئي ھَنجون ھاري ٿي پئي-

تون ئي تنھا روڳي ناھين،
ايشيا کنڊ بہ ڀوڳي ٿو پيو،
پرٿويءَ جا جيوَ تہ ڇا پر،
اُڀَ ۾ چنڊ بہ ڀوڳي ٿو پيو-

ڌاريون ڪو ڀي ناھي دوست!
سُور تہ سڀني ساڳيا آھن،
ھاڻ نڀاڳيءَ ننڊ منجهاران،
نيٺ تہ ڀاڳيا جاڳيا آھن-

اونڌھَ گهيرا، پوئين ويرا،
ڄاڻ انڌاري رات کُٽي ٿي،
پِرھ پَريءَ جي پانڌ کڻڻ سان،
ڏُور ڏکڻ ۾ باک ڦُٽي ٿي-

اڄڪلھَ آھي سوچَ اِھا ئي،
ناڻو ھُجڻ ڳالھ وڏي آ،
پنھنجي پوءِ بہ سوچ سَلوڻي،
ماڻھو ھُجڻ ڳالھ وڏي آ-

ڀٽائيءَ جي ڀَر ۾ دفن ٿيل ھڪ دور

ڪالھَ ڪَڪوريل ڪَوتائُن جي،
خُوشبوءَ جو خُون ٿيو آھي،
۽ ھڪُ دور ڀٽائيءَ جي اڄُ،
ڀَر ۾ مَدفُون ٿيو آھي.

دُور سِتارن ڏي سَپنن جي،
اڄُ مَھڪ اُڏائي موت ويو،
ٿَي چانڊوڪيءَ کان چنڊ پُڇيو،
ڇو ڦُول ڀلا ٿي فوت ويو؟

جنھن وقت لڳي ٿَي ماتَم جَي،
ھيءَ سنڌ وڳي ڪنھن گيڙوء ۾،
تنھن ويل جهڪي ٿي جوتِ جيان،
ھُئي ٽِم ٽِم ھر ڪنھن ٽيڙوءَ جي.

آڪاس اُکولي ڇَيڪ ڇَڏي،
گهنگهور گهٽا ڪنھن گيسوءَ جان،
۽ سنڌ پَئي آ پيلي ٿِي،
ڦُلواڙيءَ جي ڦُل_ڪيسوءَ جان.

جيئن وڳر کان وڇڙي ڪائي،
ڪُرلائي ٿِي ڪُوج اَڪيلي،
تيئن تنھا ٿِي ڪنجهر تي ڪا،
گيتن جي اڄ گُونج اَڪيلي.

ٿِي گُونجي روز گِٽار جيان،
چَئني پاسي چيخَ صَديءَ جي،
ڪير ڪَوي! چَوءُ تحرير ڪندو،
تون کان پو تاريخ صديءَ جي؟

ٿِي شوخ ھوا جي شُعلن سان،
ھِن ديسَ مٿان ڪا ڌُوپَ وَسي،
۽ ماڪ جيان مَن ڪاڪ مٿان،
ٿِي دُک جا ڌاري رُوپ وَسي.

ھُو صُوفي ھو ، لا ڪُوفي ھو،
ھاڻي بحث اجايو آھي،
ھُن جي سِرجيل سوچ سَلوڻي،
سنڌڙيءَ جو سرمايو آھي.

ھُو باغي ھو يا راڳي ھو،
ھِن جيڪاجوت جَلائي آ،
سا سوجهاڪي جَي ساک جيان،
ھِن ڀُوميءَ لاءَ ڀلائي آ.

ھُو ڏات ڌڻي ھو ڳالھ گهڻي،
جنھن جڳ ۾ آندي جاڳرتا،
اُن شاعر جا اَحساس اُچا،
ھِن ڌرتيءَ وارن کي پَرتا.

حُسناڪ ڪَلا جا ڪيئي ھُو،
ھِت گيتَ ڇڏي ويو آھي،
۽ مينديءَ رُت ۾ مُرجهايل،
ڪُجه ميتَ ڇڏي ويو آھي.

ھُن جا ڪونہ فنا ٿي سگهندا،
نغما نيڻ-نِھارُن جھڙا،
اَمَرُ ڪَوي! ٿي ويندا تُنھنجا،
سڀئي شعرَ سِتارن جھڙا


(29 ڊسمبر 1997 اياز جي لاڏاڻي وقت لکيل)

فَردِ- جُرم

ديسَ سان جو دغائون ڪري،
خطائون ڪري، جفائون ڪري،
۽ اُتم ذاتي اَنائون ڪري،
سو ھِن سنڌ مَنجهان ڪونھي-

جو ڏينھنَ ريٽي راتيون ڪري،
وطن سان ويساھُ گهاتيون ڪري،
قومَ مان قبيلا، ذاتيون ڪري،
سو ھِن سنڌ منجهان ڪونھي-

جو چانڊوڪيون چيٽَ وِڪَڻي،
چيڪي مِٽي ۽ ميٽَ وِڪَڻي،
کارڪُن سَندا کيٽَ وِڪَڻي،
سو ھِن سنڌ منجهان ڪونھي-

جو ٻيَن جو ٻانھُن-ٻيلي ٿيئي،
سامراجي سَھيلي ٿيئي،
ڀُونءِ جو مگر ڀيلي ٿيئي،
سو ھِن سنڌ منجهان ڪونھي-

جو سونَ تي سيڻَ مَٽيندو وَتي،
جهرلوئن جو جوتا چَٽيندو وَتي،
پو ءِ بہ شَھپر وٽيندو وَتي،
سو ھِن سنڌ منجهان ڪونھي-

جو قيد مزدور، ھاري ڪري،
قتل ڪارو، ڪاري ڪري،
۽ اُجارا داري ڪري،
سو ھِن سنڌ منجهان ڪونھي-

جو غيرن جي غلامي ڪري،
سَجدا ڪري، سلامي ڪري،
ساڻن ھم - ڪلامي ڪري،
سو ھِن سنڌ منجهان ڪونھي-

جو زَرَ تي ضميرُ وِڪَڻي،
گُر وِڪَڻي، پيرُ وِڪَڻي،
امڙ جو اڇو کيرُ وِڪَڻي،
سو ھِن سنڌ منجهان ڪونھي-

جو ووٽن جو واپار ڪري،
ڪوڙ فريب، مَڪار ڪري،
آجپي کان انڪار ڪري،
سو ھِن سنڌ منجهان ڪونھي-

جو جُوءِ وِڪَڻي، جِند وِڪَڻي،
سياست خاطر سنڌ وِڪَڻي،
۽ ھيمونءَ واري ھنڌ وِڪَڻي،
سو ھِن سنڌ منجهان ڪونھي-

ھر حڪومت جي حمايت ڪري،
رڳو حاصل رعايت ڪري،
۽ نِڪمايون نِھايت ڪري،
سو ھِن سنڌ منجهان ڪونھي-

جو خواب، خُوشبو خُون ڪري،
مُرڪَ مُرجهائي مَدفُون ڪري،
۽ جيوَنُ مھينو جُون ڪري،
سو ھِن سنڌ منجهان ڪونھي-

جو ڊيمن جو ڊرامون ڪري،
روز نازل نماشامون ڪري،
۽ ڌرتي ٽامون ڪري،
سو ھِن سنڌ منجهان ڪونھي-

جو زندگيءَ کي ذليل ڪري،
اَگهي ڪري، عليل ڪري،
۽ دل جو ردُ دليل ڪري،
سو ھِن سنڌ منجهان ڪونھي-

جو آسَرا، اُميدون اُجاڙي،
دلاسا ۽ ديدون اُجاڙي،
اکين جون عيدون اُجاڙي،
سو ھِن سنڌ منجهان ڪونھي-

جو نياڻيون ننگَ نيلام ڪري،
روشنيءَ جارنگَ نيلام ڪري،
چاھ جا چنگ نيلام ڪري،
سو ھِن سنڌ منجهان ڪونھي-

جو لَھَ-وِچڙ ۽ لِيا روڪي،
پاڻيارين جا پِيا روڪي،
۽ ڏات جا ڏيئا روڪي،
سو ھِن سنڌ منجهان ڪونھي-

جو اَمُن-آشتيءَ جو ويري آ،
پاٿاريدار آھي يا پيري آ،
۽ ڪندو ھيرا ڦيري آ،
سو ھِن سنڌ منجهان ڪونھي-

جو وحشي وڏيرو آھي،
صفا لُوسي لٽيرو آھي،
۽ بَديءَ جو بَسيرو آھي،
سو ھِن سنڌ منجهان ڪونھي-

جو ھيڻن لئي ھٿيار خريدي،
انساني اغيار خريدي،
۽ ا تيا چار خريدي،
سو ھِن سنڌ منجهان ڪونھي-

جو ھِن فَردِ-جُرم ھيٺ اچي،
سياستڪار اچي يا سيٺ اچي،
پر نَڪُ وڍائي نيٺ اچي،
سو ھِن سنڌ منجهان ڪونھي-

تو وٽ موٽي ايندس

جڏھن بہ مينھوڳيءَ مُند ۾،
شام جهڙالي،
واھُوندي جو ٿڌڙو،
ويسُ ڍَڪي وَرَندي،
تو وٽ موٽي ايندس_
جڏھن بہ سانوڻَ جَي،
وسڪاري کانپو سَرتي!
ٿر جي سونَ سَريکيءَ ،
واريءَ تي ڪا،
ستَ-رنگي جي،
اِنڊلٺ اُڀري ايندي،
تو وٽ موٽي ايندس_
جڏھن بہ بهار مُند ۾ ،
ڀيڄ ڀنيءَ جو،
ماڪَ پَوڻَ سان گُل ٽِڙندا،
تو وٽ موٽي ايندس_
جڏھن بہ نمَ جي لامَ مٿي،
گيت مِٺو ڪا ڪوئِل،
ڪُوڪي چَوندي،
ڄيٺَ ڄَراٺيءَ رُت ۾ ،
مينھَن ڪندا مانڊاڻ،
مورَ ٽھوڪي نچندا،
تو وٽ موٽي ايندس_
جڏھن بہ آڌيءَ جو،
واٽھڙو ڪو ويندي،
گيت وڇوڙي جو ڳائيندو،
يا ڪا باکَ ڦُٽيءَ جو،
پاڻياري تَڙَ تان،
ساجن پنھنجو ساري،
ٻَھلڙي سان وَرَندي،
پڪ ڄاڻ پرين! تون سان،
پريت وَنڊڻ جي لئي،
۽ نينھُن.ڳنڍڻ جي لئي،
تو وٽ موٽي ايندس،
تو وٽ موٽي ايندس_!!!

آتما

رُکي آتما.
رتوڇاڻ جذبا.
۽ احساس اڻڀا.
پرين! تو سوا.
ھن حياتي جي رڻ ۾.
اڪيلو.اڪيلو جيان پيو.
سرءُ مُند ۾.
ھي ايامن کان مُنھجون.
اُڃايل اکيون.
ائين!
جيئن ڀٽن تي ڪڙا اڪ،
۽ زھر ٿو ھر،
اکيون! جن ۾ اُلڪا،
ڪنڊا ڄڻ ٽُنبيل،
تہ ساجن! اجهو ٿو اچين،
کڻي رنگرتي ڦوھ جوڀن جي خوشبو،
مگر ھي اُميدون،
نچن ٿيون،
۽ نچنديون رھن ٿيون،
پريان موت جا ڪي پڙاڏا اچن ٿا،
رتوڇاڻ جذبا جهرن ٿا،
رُکي آتما کي،
مگر آس آھي،
تہ تون ساٿ ڏيندين ،
حياتي جي رڻ ۾،
نہ تنھا ڇڏيندين.…!!.

سنڌوءَ جو ڍول شھزادو

اکين ۾ عشق کي اوتي،
سُتو شاعر پيو آھي،
متان ڪو کيس وِرچائي،
ڏسي سپنا رھيو آھي،
سنڌوءَ جو ڍول شھزادو،
ڌُتاري ياد گيريءَ کي،
پُڇي ٿو پيار مان تنھن کان،
اباڻي ڳوٺ جون ڳليون،
جتي ھُو راند رھندو ھو،
سوين الزام سھندو ھو،
مگر سي جيل کان جانان!
ھُيا حسناڪ سئو ڀيرا،
پرينءَ جي شھر ڏي پيرا،
ويا ٿي رات آڌيءَ جو،
اُٿي ڪنھن خواب - خيمي مان،
نِمن جي اوٽ ۾ مليو،
جتي ھُو ميت پنھنجي سان،
اُتي ھُن جيءَ جهو مايا،
سمورا روحَ گر مايا،
گلابي گيت پنھنجي سان،
سنڌوءَ وانگر اُھو شاعر،
وسي ٿو ديس جي دل ۾،
ڪٽي جو قيد ناحق ٿو،
اُنھيءَ جي عشق ارڏي کي،
ڪندا ھِي قيد خانا ڇا؟
جَنھين جي ڏات جا ڏيئا،
ڏسيندا ڏيھَ کي آھن،
پِرھَ جا پنڌ ۽ چارا،
سوين آڪاس تي تارا،
اِجهي ظاھر ٿيا شاعر!
متان تون حوصلو ھارين،
متان ماندو ٿيئن باندي!
وِڇوڙي جي وِگهي تڙپي،
متان تون مُرڪ مُرجهائين،
اِھا جيڪا جياپي جو،
نياپو ٿي نچي پيئي،
چپن تي چاندنيءَ وانگي،
نِسورو نيھُن ئي آھي،
مَئي جو مينھُن ئي آھي.

چُمون ٿا چاھُ مان ڦاسي

سوين سودا ٿيا ھُوندا،
ڪَئي وِڪجي وِيا ھُوندا،
مگر مُنھنجي مِٺي جانان!
اُھي ماڻھو ٻيا ھُوندا،
جِنين زَرَ جَي ذَري تي ئي،
ڏئي ايمان ڀي ڇڏيا،
تنين ويڪو وڏيرن جي،
نسل نِرڄي منجهان ھرگز،
اسان ناھيون، اسان ناھيون-
اسان جي عشق ارڏي جي،
انوکي ھر ادا آھي،
سڄي جڳ کان جُدا آھي،
اسان جي ظرف کي ظالم!،
ڀلي ڏس آزمائي تون،
وطن جي حُب وِسڪي جان،
پيئون ٿا ڳاٽَ اُوچي سان،
جيئون ٿا ڳاٽَ اُوچي سان،
جَلادن جي جَبر اڳيان،
سندن ڪوڙي ڪُفر اڳيان،
ڪري انڪار ڄاڻون ٿا،
وڏيرن جي وڏائيءَ جو،
وطن سان بيوفائيءَ جو،
زمانو ھِي گواھ آھي،
اُنھن جي غير انساني،
اڌوتيءَ رَوَشَ اوڇيءَ جو،
اسان کي ئِي پتو آھي،
ھِتي ھِن ڀُونءِ ڀُوريءَ تي،
بگهڙ جَي بادشاھيءَ کي،
نڪو تسليم ٿا ڪريون،
نہ ئي فرمان ڦوروءَ جو،
مڃون ٿا موتَ جَي ڊپَ کان،
متان ڪوئي مَڄو ڏيئي،
اسان کي گار للڪاري،
اسان سرڪش شھيدن جي،
وري تاريخَ ورجائي،
ملون ٿا موتَ سان مُرڪي،
چُمون ٿا چاھَ مان ڦاسي،
اسان ھِن ديسَ جا واسي،
اچانڪ جَي ھَٿان ھُن جي،
اگر ڪا چوٽَ کائون ٿا،
ڪٿان جي موٽَ کائون ٿا،
وري ڪنھن واٽَ تان واپس،
اچون ٿا عشق جي اوٽي،
سدا سگريٽ جي ٽوٽي،
جيان جلندا رھون ٿا پر،
ڪري ھرگز نٿا ڄاڻون،
اسان ڪنھن غيرَ سان گڏجي،
غداري سنڌ ڌرتيءَ سان_

وڏيرا! تون وراڻي ڏي

سنڌو! تنهجيءَ جَوانيءَ جَي.
روانيءَ ۽ سِراڙي جِي،
اڳُوڻيءَ اوجَ کي ٻيھر،
وري واپس ورائڻ جو،
قسمُ ھيءَ قومَ کائي ٿي،
بلاول جو، ڀٽائيءَ جو،
عنايت جهوڪ واري جو،
جڏھن ڀي تنگ توکان ٿي،
اچانڪ جنگ جهيڙي ٿي،
امُن ۽ آجپي جو ئي،
سُريلو چنگ ڇيڙي ٿي،
سڄي سنسار جي اڳيان،
کٿيريءَ-کس دانھي ٿو،
اُڃايل ديس دانھي ٿو،
سنڌوءَ کي تار پاڻي ڏي،
وڏيرا! تون وراڻي ڏي،
عياشيءَ جي بدولت ئي،
وِڪي آ سنڌ راڻي تو.
يزيدن جي ڪھاڻي تو،
وري آ نيٺ وَرجائي،
سياسي سيٺ ھرجائي!
اِھا تُنھنجي سياست ڀي،
اسان جي ڪون ڪم آئي،
روُحاني پيشوائن جي،
غلامي ڏيڻ غم آئي،
مگر ھِن ڏيھَ جا ڏوٿي،
اڃا تائين سُتا ناھن،
اٽي جي اونَ ۾ اوٺي،
ڪڏھن بڻيا ڪُتا ناھن،
جنين جا جهوڪ، اوتارا،
سدائين ٿاڪ تاڙيءَ جا،
جتي مھمان مَتوارا،
کڻي ارمان مَتوارا،
اچن ٿا روز آڌيءَ جو،
تِنين جي تون تباھيءَ جا،
گهڙين ٿو گهاٽ روزانو،
ڪري ھٿَ- ناٽ روزانو،
وِجهين ٿو واڙ ۾ تِن کي،
ڀَتي ۽ ڀاڙ ۾ تِن کي،
سياسي ''سوسَ'' تي ھيري،
مٿي تي ھٿُ تون ڦيري،
وڃين ٿو ڄار ۾ جڪڙي،
شڪاري جيئن پنڇيءَ کي،
مَنڊي ڪنھن دام سان ماري،
ايئن الزام سان ماري،
وِڌا تو واٽ ويندا ڪي،
چوين ٿو: چور سي آھن،
ڍڳا ۽ ڍور سي آھن،
جنين کي جيل ۾ واڙي،
اڏين ٿو ڊيم تون آمر!
رچائي گيم تون آمر !
ڪرين ٿو سنڌ تي قبضو،
جُسي ۽ جند تي قبضو،
مڃون ٿا ٻِٽِ آ تو سان،
سدائن فِٽِ آ تو سان،
چڱيري چُوتِ چوياري،
دلن جي لوڌ درٻاري،
ڪَري ٿي جا ڪِرائي تي،
جُتي پالش جهرلوءَ جي،
مگر مالش جهرلوءَ جي،
ڪندي تاريخ پو ڏسجان،
چنڊي جي چيخ پو ڏسجان…!!!

گينگ ريپ

ھيءُ جو ايشيا کنڊُ آھي،
۽ درد جو سمنڊُ آھي،
اُن ۾ امُن جي پنڇيءَ جا،
کنڀَ کُونڌيا ويا آھن،
ڄڻ پِرونڌيا ويا آھن،
امُن جي اُگهاڙي بدن تي،
سگريٽن جا ڏنڀَ ڏنا ويا،
وردي پوش ڊنبَ ڏنا ويا،
مارشل لا جي روپ ۾ ،
تيز ڪڙيءَ ڌُوپَ ۾،
ھيءَ جا جلي جُوءِ آھي،
۽ رت جي بدبوءِ آھي،
اُن ۾ اقتدار جي ڍونڍ جا،
۽ گند جي سمونڊ جا،
ھُو جي ڪِنا ڪيڙا آھن،
جبر جا جاءِ نشين ،
جُنوني جيوڙا آھن،
اُنھن انساني عظمتن جي،
عظيم آدرشن سان،
عوامي اُمنگُن سان،
۽ جمھوري جذبن سان،
گئنگ ريپ ڪئي آھي.

ڳلن جي ڳوٺَ تي ڳوڙھا

ڊسمبر جون ڊگهيون راتيون،
وڇوڙي جا وڏا ڏينھڙا،
اسان کي عشق آڇي ٿو،
سڄڻ جي سار جا سپنا،
پُراڻي پيار جا سپنا،
ٽِڪن ۾ روز ٽاڪي ٿي،
ملڻ جي مند جون گهڙيون،
لڳن ٿيون لوڪ کي ڪڙيون،
مگر جنھن جيءَ سان جڙيون،
انھي جي چِت تي چڙھيون،
لتاڙي لوڪ جا لوڙھا،
ڳلن جي ڳوٺ تي ڳوڙھا،
ڪجل جي ماڪ ۾ مُرڪيا،
بدن بي باڪ ۾ مُرڪيا،
ڪبوتر عشق جا اُجرا،
الائي ڇو نہ آڻين ٿو؟
خطن ۾ خواب ڪي کيرا،
نياپا نينھن جا نيرا،
ھوا ھُن کي اُماڻي ٿي،
جواني ٻُور ڇاڻي ٿي،
پرينءَ جي پور جي پيڙا،
ڪويتا ڪونہ ڄاڻي ٿي،
لُڊاڻي جي مٿان ليٽي،
چِتائي چاندني چيٽي،
ڏسي ٿي ڏُور کان پيئي،
وڏي ھُن ڳوٺ جي ڀر سان،
پُراڻيءَ ڄار جا پاڇا،
جتي ڪنھن يادگيريءَ جا،
ڀَري ٿي تُنَ تنھائي،
بدن جي بوسڪي ڀٽ تي،
لِڦون ڄڻ لال روھيڙا،
اُنھن جي اوٽ ۾ آئي،
چپن جي چوٽ ۾ آئي،
ھُئي ياري نياري ڪا،
گهڙي جي چيلھ سان گهاٽي،
لڳي ٿي لوڪ - آکاڻي،
رُڳي رولاڪ پيرن جي،
ڪٿا حُسناڪ پيرن جي،
اڃان تحرير ٿي ڪونھي،
دلي تي ڌُن ڌرتيءَ جي،
وَڄائي رات واھُوندي،
اُتر ۾ عاشقي اوتي،
سُتو جوڀن سياري ۾،
وڇوڙي کي وِجهي ڀاڪر،
ڪيو آڪاس تي آگمَ،
تماشو تِتِر - کرڙيءَ جو،
ڪَڪي اک جو ۽ ڪُرڙيءَ جو،
زمانو ھي ڪُٺل آھي،
سڄي جڳ کان رُٺل آھي،
جُنوني گيت جوڀن جو،
جهڙالي شامَ جهونگاري،
سُڻايو شھر تنھنجي کي،
ٻڌاءِ ڪير مُنھن ڏيندو،
ڪُنواري قھر تنھنجي کي؟

ھَمرچو

ھيل مِٺيءَ کان مينھن رُسي ويو،
ڏيئاريءَ جو ڏينھن رُسي ويو،
ننڊ رُسي وئي، نيھن رُسي ويو،
مينھوڳيءَ جي مُند سنڀاري،
ھاڻ ھمرچو ڪير جهونگاري؟-

رڻ ڪنڌيءَ تي رُڃ وسي ٿي،
اُس وسي ٿي، اُڃ وسي ٿي،
ڪيڏي ڪاري سُڃ وسي ٿي،
ڪير اُنھي کي دور ڌِڪاري،
ھاڻ ھمرچو ڪير جهومنگاري؟-

مُھراڻي جا مور اُڃايل،
ڍڳيون، گابا، ڍور اُڃايل،
ڪارونجهر جي ڪور اُڃايل،
تن کي پاڻي ڪير پياري،
ھاڻ ھمرچو ڪير جهونگاري؟-

ڍاٽي ماڻھو ڍول اُداسي،
جهليل جن جا جهول اُداسي،
ٻاٻيھي جا ٻول اُداسي،
تڙ تي تاڙو روز تنواري،
ھاڻ ھمرچو ڪير جهونگاري؟-

کارا،ٻاڙا کوھ سُڪي ويا،
ٽِڙيل سارا ٽوھ سُڪي ويا،
ٻنيون ٻارا ٻوھ سُڪي ويا،
ڪير جَڏيءَ جي جُوءِ جِياري،
ھاڻ ھمرچو ڪير جهونگاري؟-

ھيل ڀٽون ھِي ڀاڻا بڻيون،
ٿوھر بڻيون ٿاڻا بڻيون،
مُرڪون مِھڻا ماڻا بڻيون.
ڪير ڪَنٺي جا سور سُمھاري،
ھاڻ ھمرچو ڪير جهونگاري؟-

ڏُڪر ڪيا ڏس ڏھر سُڃا ھِن،
ڳوٺ اڪيلا شھر سُڃا ھِن،
پاڻياريءَ جا پھر سُڃا ھِن،
ڪير پِيا جو پار نھاري،
ھاڻ ھمرچو ڪير جهونگاري؟-

روھيڙي جا رنگ پياسا،
چَپَ پياسا، چنگ پياسا،
احساسن جا انگ پياسا،
ساجن موٽي شال دُواري،
ھاڻ ھمرچو ڪير جهونگاري؟-

ھيل ونگي جو وارو ڪونھي،
مال مَري ٿو چارو ڪونھي،
وريو ڪو وسڪارو ڪونھي،
ڪير اسان تان ڪال اُتاري،
ھاڻ ھمرچو ڪير جهونگاري؟-

ھيل ڪَنٺو ۽ ڍٽ وِساڻو،
پاري- ننگر پٽ وِساڻو،
موکيءَ جو ھر مٽ وِساڻو،
ڪير متارن مَڌُ پياري،
ھاڻ ھمرچو ڪير جهونگاري؟-

ڪجلاسر ۽ ڪارونجهر تي،
ڀونءِ ڀلاري ڀوڏيسر تي،
روپا! تنھنجي ريٽي ٿر تي،
شال ڪڪر ڪو پاڻ پڌاري،
ھاڻ ھمرچو ڪير جهونگاري؟-

نواڻ کان نا آشنا ماڻھو

نئين سال جي نواڻ جو احساس،
اُن سُڃي شخص کي ڪيئن ٿئي؟
جنھن جي پيرن ۾ جُتي ڪونھي،
جنھن جو اڳڙين کان آجو بدن،
نئين وڳي کان واقف ناهي!
جنھن جي جُوءِ مان اڃا تائين،
سُڃاين جو سج لٿو ئي ناهي،
تنھن ولھي وٽ وقت جي قيمت،
ڪا بہ اهميت ڪانہ ٿي رکي،
جنھن جي پيٽ-اُگهاڻيءَ جي پُٽ کي،
راڄ جي رهزن وڏيري،
پادرن جا هار پارائي،
گڏهه تي چاڙهي گهُمايو هو!
جنھن جي ڌيءَ کي ڌنئوري ڏينھن جو،
جهنگ مان ڪاٺيون، جهوريندي،
ڪنھن ڀوتار جي بوٽ چٽي،
زوريءَ زنا لئہ اغوا ڪيو هو!
جنھن جي جُڳن کان جُهريل جُهڳيءَ ۾،
سُکن جا سورج اچڻ کان،
ائين ٽهندا آهن،
جيئن تتر ڀڳو نئين کان ڀڄندا آهن!
اڻھوند جنھن جي اڱڻ تي،
اُکڙيءَ-ڪھاڙيءَ اچي ٿي،
اُن جي جُوالا-مُکي جوءِ جون،
ٻئي ٻانھون ٻُٽيون آهن،
جنھن رات رٻَ گهُرڻ تان،
پنھنجون پيٽ ڄايون ڪُٽيون آهن!
اُن ونيءَ جي ڪنن مان واليون ڪڍي،
سندس پتيءَ، پيراڻيءَ ڦوڙيءَ ۾،
روحاني پيشوا جي راضپي خاطر،
خليفن کي خدا ڪارڻ ڏنيون آهن!
خوشين کان خصي جنھن جو اڱڻ،
اُميدن جي عيد جھڙي چنڊ کان،
ائين وانجهيل آهي،
جيئن روهيڙي جا رتا گُل،
خُوشبوءَ کان خالي هوندا آهن!
جيڪو جياپي جي جُرم ۾،
هر ٿاڻي تان ٿُڪون ۽ بُجا،
روز اُڳاڙي ٿو، اُجوري ۾،
اُن جي جُوکي جيون مان،
جُگنوءَ جھڙا جوانيءَ جا پل،
ڀوترين جيئن، ڀڙڪو ڏيئي،
اُڏامي ويندا آهن،
۽ کيس خواهشُن جي کڻت ۾،
روز روڪڙي عذاب جون،
پُٺارڪون پلئہ پونديون آهن!
اُنھيءَ روڳيءَ جا رُڳو،
درد ئي دائمي دوست آهن!
جنھن جي چپن تي، چندن جھڙا،
ڦِڪيءَ مُرڪ جا گُل ڦٽل آهن،
خواب کير-ڌارا جنھن جا،
روز رديءَ ۾ وڪبا آهن،
اُن اڻڄاڻ کي ڪھڙي ڪل،
تہ زندان جهڙيءَ زندگيءَ ۾،
زمان ۽ مڪان جي،
دارالامان مان نڪري،
ڪيئن رات ڏينھن جا چڪر،
سالن جو سفر ڪندا آهن؟
۽ موسمن جون مُسافتون،
ڪروٽ ڪيئن بدلائن ٿيون؟
جن جي جهروڪن جي،
نواڻ کان ناآشنا ماڻھوءَ لئہ،
هيپي نيويئر جا نغما،
ائين ممنوع هوندا آهن،
جيئن حويليءَ جي حق بخشايلن لئہ،
مردن سان مُلاقات ممنوع هوندي آهي!

کيليءَ-کُٽڪو

وطن جي ھر ويڙھي مان،
سيمَ مان ۽ سيڙھي مان،
اجنبي اوڌارن جا،
اسان پيرَ اوھاڙي ڏٺا،
ڪارو ڪاريءَ جي آڙ ۾،
ڪنڌَ ڪيترا ڪھاڙي ڏٺا؟
وحشي وڏيرن جا،
اسان راز اُگهاڙي ڏٺا-
سنڌ جي نالي تي سودا ٿيا،
جي بہ جيالا، جوڌا ٿيا،
سي ئي خچر ۽ کودا ٿيا،
نوٽَ ھڪڙي نيري تي،
۽ سياسي سيري تي،
واتَ ڪيترا پاڻي ٿيا،
۽ ڳڙَ-ڌاڻي ٿيا،
رڳو عشق جا اسير ئي،
ڪربلا جي ڪھاڻي ٿيا،
ٻيو ڪو ھُجي تہ ٻُڌايو؟
جو رُوپي جي ريت نڀائي،
پنھنجي جنم جُوءِ بچائي،
جَرنيلن جي جُوتن کان،
۽ ڌارين ڌُوتن کان،
کيتَ کَسي،جاگير ڇڏائي،
سنڌ جو عاشق پوءِ سَڏائي،
پھرين سرَ جي ڀيٽا ڏي،
۽ گيت رچي ڪي ريٽا ڏي،
جن جي تيز جهڪورَ سُڻي،
ساري سنڌ سُجاگ ٿئي،
جا شھر ڪراچيءَ جان،
روز ڪُسي ٿي روڊن تي،
ڪَچي توڻي ڪاڇي ۾،
ڪنھن پيشوا جي پاڇي ۾،
عُمر قيد مُريد جيان،
سنڌ سياسي اسير آھي،
پاپي ھر ڪنھن پيرَ جِي،
مُردار وڏيري ۽ ميرَ جِي،
جيون جنھن لئہ گار جيان،
حق بخشايل ڪُنوار جيان،
مُرڪڻ جنھن جا موھ بنا،
ڏنڊ ڀري ٿي ڏوھ بنا،
ھيءَ ڌرتي سِرڙئي ھاريءَ وانگي،
۽ ڪارو، ڪاريءَ وانگي،
اُن جو ڪنھن کي اُلڪو آھي،
يا ڪو کيليءَ-کُٽڪو آھي؟

کلڻ تنھنجا کير جھڙا

جَوالا- مُکي جذبا اسان جا،
اَٽل اُميدون ۽ اِرادا اسان جا،
سِرَ ڦِرين جي شھپرن جيان،
سدائين ڳاٽَ اوچي سان،
آپيشاھي نظامَ جي اڳيان،
رات ڏيھُن رَمندا رھيا،
پيرين اُڀراڻا، پيادا مگر،
گهڙي ڪِيھين بہ گَبري ۾،
نَڪي رُڪيا، نَڪي جهڪيا،
ڪنھن بہ جهرلو جابر کي،
سمجهي خُدا سَجدو ڪندا،
ڪيئَن ڀٽائيءَ جا ڀاڳيا؟
جڏھن ڀي ننڊَ مان جاڳيا،
تڏھن تنھنجي ھٿرادو،
ٽِڪساٽَ ۾ پَوندا ٽاڙيا،
اڙي او بي ضمير ڀاڙيا!
اسين سنڌ جا سَفير آھيون،
ڇا ٿيو جي اَلھڙ ڪنھن اُپسرا جي،
اکين جا باندي، اَسير آھيون.
پر، پِرھَ جون پريشان ھَوائون،
۽ نِراس نينگرين جون نِگاھُون،
مَتان دل ھاريو، مَتان مايُوس ٿيو،
عشق جي اُٻيڙ نَديءَ مان اسان،
اِجهو آسَ جو ٻيڙو اُڪاريو،
ڀلي پيار جا پلَ ٻَٽي ٿورڙا،
پر اي پرين! بنھَ صفا ڀورڙا،
اِنھي عشق بازيءَ کان سوا،
مليو بہ ڇاھي ماضيءَ کان سوا؟
پاڻ کي ديسَ جي دَڙن مان،
۽ وڏيرن بي وَڙن مان،
سَسُئيءَ جھڙي سياست کان سوا،
۽ ريڏيءَ رياست کان سوا،
ٻيو ٻُڌاءِ تہ ڇاھي ڇوڪرا؟
پوءِ بہ ھِي ھَلڻ جا ھوڪرا،
اسان جي عشق جو اُھڃاڻ آھن،
۽ ڳاڙھو حُلواڻ آھن،
اکين جي نيري آڪاس تي،
ھِي لڙڪ لَھاڻون ڪري لَٿا،
۽ سارَ جا سانکوريل سَٿا،
ڦَڳُڻ جيئن ڦِلھوري ڏٺاسون،
سوين سپنا ساڀيان جي لئي،
اکين جي اَروڙ ۾ ئي،
سُتل ھُئا سَڄيون راتيون،
۽ مَدھوش مُلاقاتون،
اچن ياد ٿيون اڃان تائين،
ڪاڪَ ڪَنڌيءَ تي ڪيتريون،
ڪيون راڻي رھاڻيون ھُيون،
۽ مومل جي ماڻي جهڙيون،
اسان تن لئي اُماڻيون ھُيون،
چِٺيءَ ۾ لکي چاھتون چَري!
سي سڀئي سَنديشا آھن،
امڪان ۽ انديشا آھن،
آجپي جي اُجري صُبحءَ جا،
جت جَواني جهومندي رھندي،
مورَ جي مَلوڪ ٽور جيان،
۽ ھرڻيءَ جي ھورَ جيان،
ڪا بہ ڪُنواري نہ رھندي،
آرزو املتاسَ جھڙي،
۽ اَڇي احساس جھڙي،
اسان جي عاشقي گهري ٿي،
کِلڻ تنھنجا کيرَ جھڙا،
۽ ڏکڻ جي ھيرَ جھڙا،
ھِي ياد تنھنجيءَ جا يَڪا،
واءَ وڇوڙي جا وَنگيندا،
۽ ڏيلَ منھنجي کي ڏنگيندا،
ڪنھن ڪَڪوريل ڪِرڙ وانگي،
۽ نمازيءَ جي نِرڙ وانگي،
پيارُ پنھنجو پاڪُ آھي،
بي پَرواھ، بي باڪُ آھي.

ڪَٿا ديسَ دردن وَندي جي

ڏسو ٿاڪَ ٿر جي مٿان ھُو،
نِڱا نکٽَ، تارا نہ ٽيڙو،
ڪَيا ويسَ آڪاس گيڙو،
ٽَھُوڪا نڪي مورَ کيڙو،
رُڳي چَئو ڏسا ماٺ ڇانيل،
ڪٿي ڪو بہ گهنگهرو نہ پايل،
ڏُکن ۾ سڄو ڏيھ گهايل،
ٿَڪل قافلا ٿر لَڪن ۾،
جَلن ڳوٺ جهولن، جهڪن ۾،
نہ ڦُليا ڦُٽا ڪِن اَڪن ۾،
نہ ميٺاج ٿوھر مَنڌيءَ ۾،
نڪو ٻانوِري ڪِٿ ڪَنڌيءَ ۾،
نہ پاڻي آواڙي، نَديءَ ۾،
سمورا سُڪا کوھَ ٿر ۾ ،
نہ ٽِڙيا ڪٿي ٽوھَ ٿر ۾،
ڍِنڍڻَ ريءَ ٻُٽا ٻوھَ ٿر ۾،
زماني وٽان ٿر سدائين،
پِني رٻَ اُڌاري پيئي ڇو؟
ٻِينَ جي سَھاري جيئي ڇو؟
نٿو سوجهرو ڪو ٿيئي ڇو؟
ننگي رات جو بدن ميرو،
وُٺي کان سوا وطن ميرو،
زمين آسمان چَمن ميرو،
نڪو چنڊ سان چلولايون،
نہ ئي ڪنھن نگاھُون مِلايون،
خُوشيءَ کان کِلي موڪلايون،
ڪري ماتمي ويسَ ڪارا،
کَٿيرين سندا کيسَ ڪارا،
پُڇن ٿا پَپيھا پُڪاري،
ڪٿي سي ڪَجليا ھَمرچا؟
نڪو چاھتون، آرَ، چرڇا،
ھتي جون اُداسي ھوائون،
پيون ڪن ٿيون ڏس پُڇائون،
اڃان ڇو نہ آيون گهٽائون؟
اسان جي اَڱڻ ڇانورا ٿي،
ڪَڪر بي وفا بانورا ٿي،
نہ تو بن سري سانورا ٿي،
گهڙي کن گهٽا ٿي گهلين ھا،
اسان جي بہ ڀاڻين ڀُلين ھا،
نہ تو ريءَ سُتا نيڻ ٿر جا،
نہ سپنا ٿيا سيڻ ٿر جا،
رڳي راھ تنھنجي تَڪيندي،
اُجهاڻا ڏيئا من اندر جا،
سُتا گهنڊ گِرجا، مندر جا،
نڪو ڀوڻَ چيڪاٽَ ٿر ۾ ،
ڪٿي ڀي وَنگي ڍاٽَ ٿر ۾،
نہ تڙ تي ڪيون ڪنھن تنوارون،
نہ ڪُونجن سنديون ڪي قطارون،
اُڃا نيڻ اُڀَ ۾ نِھارون،
اڙي ميگه! بَرسين نٿو ڇو؟
ھِتي ھيل تَرسين نٿو ڇو؟
ڇَڄن ۾ نہ اَنُ ڪا ڇَنڊي ٿي،
نہ ئي جنڊُ جيڏي مَنڊي ٿي،
ڪٿي وانڍِ ڏسجي نہ ڍاڻي،
سُڃيءَ سيمَ جي سُڻ ڪھاڻي،
رھيو گُل نڪا رات-راڻي،
نہ ھيرَڻ، نہ ھُرٻو، نہ مَرئو،
نہ پيروُن پَڪو ھيل پَر ڪو،
ڪيا قحط ساليءَ تہ ھاڃا،
ٿيو ٿر رتو ڇاڻ راڱا،
ڪري ڪيترا ٿاڪَ خالي،
وسي ٿي جتي ماڪَ خالي،
اُتي جي اٿئو ھر بَندي جي،
ڪٿا ديسَ دردن وَندي جي.

اسين تاريخ ٿيڻ گهرون ٿا

صَليب جيان سَجائي ڪُلھن تي،
ارمانن جون اَرٿيون،
تيزگامَ کان تِکي وقت کي،
رِڍَ جهڙيءَ رفتار سان،
رَسئون تہ ڪيئن رَسئون؟
صرف سرڪيوليشن خاطر،
ڪَمرشل اخبارَ جي،
ڇرڪائيندڙ خبر جيان،
ميڪ اَپ جي ماسِڪ ھيٺان،
بازاري چھرا لِڪائي،
وياجَ تي ورتل اُڌارن ٽَھُڪن آڌار،
ايڊھاڪ پيار جي بيساکين سَھاري،
جيئون تہ ڪيئن جيئون؟
وقت جي مَسندَ تي ويٺلَئو!
اوھين تاريخ کي چَئي ڇڏيو،
گُلابي بدن بدران اسان،
سنڌ کي وَچن ڏئي ڇڏيو.
ٽين دنيا جي عالمي آقائن،
فوجي امداد جي عيوض،
عالمي بينڪَ جي اڪائونٽ ۾،
تباھ ڪارين جا دَستاويز،
داخل ڪرايا آھن ليڪن!
ايٽمَ بمَ جي سَرگمَ تي،
رقص ڪندڙ موتَ جي،
منحوس ڏائڻ جي،
رموٽ ڪنٽرول تي،
جيئڻ ۽ مرڻ بدران،
اسان مَڪليءَ جي ماٺِ جي،
ڪا چيخَ ٿيڻ ٿا گهرون،
۽ موئن جي دڙي جي،
تاريخ ٿيڻ ٿا گهرون،
اسان موتَ کي بہ ڪائي،
معنا ڏيڻ ٿا گهرون،
ڪنھن ڪارج جي ڪارڻ،
مَري بہ جيئڻ ٿا گهرون،
وري بہ جيئڻ ٿا گهرون،
اسين تاريخ ٿيڻ ٿا گهرون.

ڀِٽَ ڌڻي تون ڀَرمُ رکجان!

درد اُماڙيون دوُنھان جيون،
پَن-ڇَڻ رُت ۽ شوخ ھوائون،
سوچون ساڻيون گهايل من،
ھيڏا ھاڃا ڀُونءِ ۾ ڀَرتي،
ڀِثَ ڌڻي! تون ڀَرمُ رکجان.

سائي ورتل پيلا چھرا،
گهاوَ دُکن جا گهرا، گهرا،
سوچڻ، لوچڻ تي ھِن پھرا،
ٽانڊا ساري آھي ڌرتي،
ڀِٽَ ڌڻي! تون ڀَرمُ رکجان.

سَرد گهٽيل آھُون ۽ سُڏڪا،
آسُون پُرزا، اکڙيون اُلڪا،
ڪونہ سُڻن ٿا ڪِيھُون ڀُڻڪا،
شورَ ڌماڪن ۾ او سرتي!
ڀِٽَ ڌڻي! تون ڀرمُ رکجان.

چپَ نہ چُورين ماڻھو گُونگا،
ڌاريان پيرا پنھنجا ڀُونگا،
ڀاڳين ھٿ ۾ ڪِشتا، ڏوُنگها،
وقت وڏي ڪئي آھي اَنرتي،
ڀِٽَ ڌڻي! تون ڀرمُ رکجان.

اُجڙيل سڀئي ڍنڍون، ڍورا،
ڳاراڻي جا لمحا ڳئورا،
سنڌي ماڻھو سارا ڀورا،
ماٺِ اُنھن کي آھي پَرتِي،
ڀِٽَ ڌڻي! تون ڀرمُ رکجان.

اسان جي اُجڙڻ جي ڪٿا

اسان جي اندر جي لوڀي تمنا،
چند سِڪن جي عيوض،
پنھنجي ئي وجود جي مثبت پَھلوءَ جا،
سڀئي نيڪ ارادا خاڪ ۾ مِلائڻ لئي،
سمورا راز فاش ڪري،
وجود جي ويرين کي اڳواٽ آگاھ ڪندي آ،
۽ اسان اھڙيءَ نِڪميءَ اَنا جا پُوڄاري،
سندس اِشاري ۽ سَھاري کانسواءِ،
حرڪت ناھيون ڪندا،
اسان جي پاروٿي مُھانڊي تي،
نَڪ نِرڄائيءَ جي،
زرد پَتن جھڙي پيلاڻ،
ڪنھن سرطان جيان پکڙي پئي آھي-
اسان جيڪي، ڪنھن روبوٽ جيان،
رڳو بٽڻ دٻائڻ سان ڀُڻ، ڀُڻ ڪندا آھيون،
ھلندا، ڪُڏندا ۽ بيھندا آھيون،
۽ پنھنجون زبانون محض مُفاد ڳِڙڪائڻ لئي،
مِرڪائي سگهون ٿا.
اسا جي اکين تي،
حَوسَ جون لِپريون رکيل آھن،
۽ اسان جا ذھن بيحسيءَ جي دَز جا،
گهرا تھَ چڙھڻ وِگهي ڪنھن آثارِ قديما جا،
کنڊر ٿي پيا آھن.
اسان پنھنجي ھوش ۽ حَواس وارا،
سمورا توازن وڃائي،
ڪنھن ڪوڙھيل پينوءَ فقير جيان،
ھر در تان ٿُڏجون پيا ٿا،
اسان جا احساس حق بخشايل ڪنھن ڪُنوار جيان،
محرومين جي ڏوليءَ ۾،
رتَ جون اُلٽيون اوڳاڇين پيا-
۽ اسان جا جذبا جوش کان وانجهيلَ،
ڪنھن جنسي مريض مرد ۽،
سَنڍ ٿيل عورت وانگي ناڪارا بڻجي ويا آھن،
اسان جا ضمير زَرَ جي زنگ ۾ زنگجي،
سينواريلَ پاڻيءَ جيان بانس ڪري ويا آھن-
اسان جي دامَن تي،
غداريءَ جي ڪارنھَن جا داغ،
دانگيءَ جي تَري جھڙا ڪارا ٿي پيا آھن.
اسان جا لکيل لفظ اُلرون ڪري اسان کي،
ڀُونڊا گهروڙي ڏين ٿا ۽ لعنتون ڏين ٿا.
اسان لئي ڌرتي بہ ٽامُون بڻجي پئي آ،
تہ اُڀَ مان بہ ڄَر جا اُلاوَ ٿا وسن،
پر پوءِ بہ اسان خاموش تماشائي بڻيل آھيون،
۽ اسان جي اندر ۾ مَڙھيءَ جھڙي ماٺ،
۽ ڪنھن قبرستان جھڙي اونداھي پَسي،
۽ اسان جي ايڏي بي حِسي ڏسي،
ستارا بہ سُس پُس ڪري،
اسان جي اُجڙڻ جي ڪٿا،
جڳ سڄي ۾ پکيڙين ٿا،
۽ ٽَھڪَ پڙاڏا بڻجن ٿا-

اوڻيھين صديءَ جي آتم ڪٿا

جنھن صديءَ جنمَ ڏھاڙي،
زندگي ذليل ٿيندي ڏٺي،
۽ ريتُن جي راتين ھٿان،
عاشقي عليل ٿيندي ڌٺي،
جنھن صديءَ جَوانيءَ ۾،
پِيرِيءَ جا پيرا ڏٺا،
۽ زخمي زماني ھٿان،
اَمُن جا اَڇا ڳيرا ڏٺا،
جنھن صديءَ ايشيا کنڊ کي،
اڌو اڌ ٿيندي ڏٺو،
۽ ڇيڪ وڏيرا شاھيءَ کي،
اڳي کان وڌ ٿيندي ڏٺو،
جنھن صديءَ جسمَ پنھنجي تي،
ناگا ساڪيءَ جا نوحا لکيا،
۽ رتَ مان رِجائي نِبون،
ڌرتيءَ جا دوھا لکيا،
جنھن صديءَ راجيوَ گانڌيءَ جا،
رتَ ۾ ريٽا ڪَپڙا ڏٺا،
۽ ڦاسيءَ گهاٽ تي ڀُٽي جا،
مُرڪندڙ نيڻ، چَپڙا ڏٺا،
جنھن صديءَ ننڍي کنڊ جي،
نِڙيءَ ۾ نيش جيئن کُتل،
مذھبي جُنونيت کي ڏٺو،
۽ آمريڪي سامراج سان،
سُتل صيھونيت کي ڏٺو،
جنھن صديءَ نُجيب جي ننگريءَ ۾،
طالبانن جون تَکرايون ڏٺيون،
۽ اُنھن جي جهاد سان ٻِٽ،
ڪِرائي جون ڪَرايون ڏٺيون،
جنھن صديءَ جَنتا جي جسم تي،
سگريٽن جا ڏنڀَ ڏٺا،
۽ انساني آدرشن جا،
کُونڌيل کنڀَ ڏٺا،
جنھن صديءَ عراقي عوامَ سان،
آمريڪا جي اڳرائي ڏٺي،
۽ بل ڪلنٽن جي بَڇَ تي،
عربن جي اَجرائي ڏٺي،
جنھن صديءَ ظلم جي ذميوار،
سدائين وردي ڏٺي،
۽ قانون جي رکوالن جي،
دنيا ۾ دھشتگردي ڏٺي،
جنھن صديءَ ڪَمبوڊيا ۾،
رڳو رتَ جا ريلا ڏٺا،
۽ بينگال جي بدن تي ڦُٽل،
لانگبوٽن جا ٻيلا ڏٺا،
جنھن صديءَ جرمنيءَ ۾،
ڪيئي ٿيندي قتلامَ ڏٺا،
۽ ضيا شاھي جي زندان ۾ ،
جَڪڙيل سنڌي جامَ ڏٺا،
جنھن صديءَ پوکران ۾ پوکيل،
انيڪ ايٽمَ بمَ ڏٺا،
۽ چاغيءَ ۾ چُرندي،
موتمار مَمَ ڏٺا،
جنھن صديءَ جَنتا جي،
جياپي تي پابندي ڏٺي،
۽ انساني آجپي جي،
نياپي تي پابندي ڏٺي،
جنھن صديءَ آپيشاھيءَ جون،
عوام تي اکيون ڪُرڙيون ڏٺيون،
۽ وقت جي واتَ مان وھندي،
رتَ جون گُرڙيون ڏٺيون،
جنھن صديءَ جمھوريت جي ڪنڌ تي،
جرنيلن جا جُوتا ڏٺا،
۽ مذھب جي مُراقبي ۾ لِڪل،
بَد روُحن جا بُوتا ڏٺا،
جنھن صديءَ جيالن کي،
ڏنل ڦاھيون ڏٺيون،
۽ کُٿابين لئہ کوٽيل،
بئنڪاڪ ۾ کاھيون ڏٺيون،
جنھن صديءَ ٽوڙي ڦاٽڪ تي،
ٽُڪرا ٿيندي لاش ڏٺا،
اُداس نظير عباسيءَ لئي،
ڌرتي ۽ آڪاس ڏٺا،
جنھن صديءَ روُانڊا جي روڊن تي،
بُک ۾ بدحال ماڻھو ڏٺا،
۽ ھِن دنيا جي ھر ڪُنڊ ۾ ،
ڪيئي ڪنگال ماڻھو ڏٺا،
جنھن صديءَ ڪارو، ڪاريءَ جي،
آڙ ۾ اُڀيون ڪُھاڙيون ڏٺيون،
۽ لالو کيتَ جي لُٽيرن ھٿان،
انيڪ ٿيندي اُگهاڙيون ڏٺيون،
جنھن صديءَ ھِن ڌرتيءَ تي،
ھلاڪي، ھٽلر ۽ چنگيز جھڙا،
بي رحم بادشاھ ٿيندي ڏٺا،
جن جي ھُشيءَ تي ھيرو شيما جھڙا،
ھزارين حادثا ٿيندي ڏٺا،
جنھن صديءَ جي جهولَ ۾ ،
رڳو سُرخ سانحا، حيرت ناڪ حادثا،
لکين ڪروڙين لقاوَ،
۽ انيڪ المين جا تلخ تجربا آھن،
اُنھي عبرتناڪ صديءَ جي،
آتم ڪٿا جي ھر باب اندر،
تاريخ جي تاريڪيءَ جا،
تحرير تماشا آھن،
۽ مدفُون ماضيءَ ۾ رڳو،
لمحن جا لاشا آھن-

آشائُن جا پنڇي

سُونھَن سوڀيا جي لئي،
جي ساٿ تنھنجو سکي!
وري مون کي جُڙي پئي،
تہ نينھَن جي ننگر تي،
مُند ڪائي مُڙي پئي،
۽ انڌياري جيون جي،
اُڀ-آڳُر تي اُجرو،
ڪوئي چَنڊ-چھرو،
وري نئين سِر کڙي پئي،
۽ تون جھڙي چاندني،
منھنجي من-پڌر تي،
پريمي رچنائن جي،
ڪُنوارن ڏارڙن مٿان،
لفظن جا رنگرتا ڪيئي،
گَئونچَ ٿي ٽِڙي پئي،
۽ چَئو ڏِسائن ۾،
تنھنجي ڦُوھَ جوڀن جي،
ڪائي خُوشبو گهلي پئي،
۽ آشائن جا آدرشي،
پياسا پنڇي پرين!
ڪويتا - لامُن مٿان،
وري آشيانا اڏي،
لُڏي لاتيون لَنون،
۽ رڳو لائون لھن،
سُندر سپنن سان،
ساڀيائن جي سيجَ تي-

عشق جو رنگ آسماني

جامَ نيڻن جا جتي،
روز رستن مٿي،
ٿا ٽڪرائجن اُتي،
ٿي لھي سُرمئي شام،
اُن مٿان آڙين جي اُڏام،
تنھن مٿان تِتِر-کَرڙي،
۽ شفق جا رنگ سِليٽي،
لھندڙ سجَ جو لال منظر،
ڪنھن نارِجي نِرڙ تي،
تِلڪ وانگي ٿو لڳي،
عڪس اُنھيءَ جو اوتي،
وڃي ٿو دل مٿان،
عشق جو رنگ آسماني،
جيئن ڪنھن جبل مٿان،
ڪُونجن جون قطارون،
پوپٽن جون اُڏارون،
گل خُوشبو، نيڻ-نِھارون،
ڦُوھَ جَواني بدن بھارون،
۽ انيڪ آبشارن جھڙا،
سَندءِ سُندرتا جا،
سوين رنگين سرچشما،
ڦُٽن ٿا ڦُوھارا ڪري،
جِسمَ اسان جي مان جڏھن،
لاڙي لاھِياريِن جيان،
لنگهين ٿا لوڏَ سان،
۽ ھَٺيليءَ ھوڏَ سان،
تڏھن وڃي ٿو توازن،
برابر بِگڙي اسان جو،
پر جڏھن المنظر تي اچي،
ڏسون ٿا ھيٺ نِگڙي،
ٿاريليءَ جي ٿَڻن جيئن،
سُڪل پيٽُ سنڌوءَ جو،
وڏا واريءَ جا دڙا،
نہ سُھڻي نہ ميھرُ نہ چَڙا،
رُڳو ريٽَ جي بدن تي،
لکيل لُڙڪن-ڪَھاڻيون،
۽ مايوس مُھاڻيون،
رھيو نہ جِن جي آھي،
زندگيءَ ۾ زور ڪوئي،
نہ سنڌوءَ ۾ شور ڪوئي،
نہ موجن ۾ مَستي ڪا،
بَچي ڪانہ بَستي ڪا،
۽ ويران وطن ۾،
ڪَلراٺيون ڪُل زمينون،
۽ بي چين ھُو بدينو،
جِت جيوَن جُونَ جو مَھينو،
سڄي سنڌ صحرا لڳي ٿي،
تَسي تي پئي تَڳي ٿي،
تڙپندڙ ڪنھن تاڙي جيان،
ڌَنئوري ڏينھن ڌاڙي جيان،
وطن سان ويساھ گهاتيون،
رات جي رکوالن جي،
چاندنيءَ تي چَئوڪسي،
پري کان پيش ٿي ڪري،
موت جي منظر- ڪشي،
اھڙيءَ اُگريءَ گهڙيءَ ۾،
تون ئي چَئو ڇا ڪجي او ڇوڪري؟
ھڪ طرف حُسن ٿو ڇِڪي،
ٻئي طرف تنھنجون ٻانھُون،
پر مون ڪَنايون ھِن پرين!
دُکي ديسَ جون دانھُون-

ڇا ھيءَ سنڌ منڊي آھي؟

ڇا ھيءَ سنڌ منڊي آھي؟
جت ھر جنس وِڪامي ٿي،
سستي سگريٽ جيان،
۽ چيڪي ميٽ جيان،
لوٽا ليڊر جام جُڙن ٿا،
ا سپيشل ۽ عام جُڙن ٿا،
ڇا ھيءَ سنڌ منڊي آھي؟
جت بازار لُنڊي جي بوٽن کان،
سياسي لوٽن جو اگه سَستو آھي،
ڇا ھيءَ سنڌ منڊي آھي؟
جت ھر چيز ھَڪي آهي،
ڪِريل اگه تي ڪامورا،
صُوفي، سنت سڳورا،
پيٽ بُکي جا پُوڄاري،
سڀ شاعر بازاري،
ٿي سرڪار سڳوريءَ جي،
دعوت تي درٻاري،
پنھنجو مُلھُ چُڪائن ٿا،
ڇا ھيءَ سنڌ منڊي آھي؟
جت ڌرم پٽاٽي دال جيان،
نيلام منڊيءَ جي مال جيان،
روز رديءَ ۾ وِڪبو آھي،
ڇا ھيءَ سنڌ منڊي آھي؟
جت سير اٽي جي تي،
ايمان وڪامن ٿا،
ربُ وڪامي ٿو،
ڀڳوان وڪامن ٿا،
ڇا ھيءَ سنڌ مَنڊي آھي؟
جت ڪُرسيءَ ڪارڻ ڪيئي،
ذھن ضمير وڪامن ٿا،
مُرشد، پير وڪامن ٿا،
ڇا ھيءَ سنڌ-مَنڊي آھي؟
جت زرد صحافت جي ذريعي،
صحافي سون ڪمائن ٿا،
۽ ھر حاڪم جي اڳيان،
پنھنجو سيسُ نمائن ٿا،
ڇا ھيءَ سنڌ مَنڊي آھي؟
جت پيدا ڪن ٿا پير- وڏيرا،
راشي رشوت خور سوين،
چمچا چُغلخور سوين،
ڇا ھيءَ سنڌ-مَنڊي آھي؟
جت سياسي شودا آھن،
خچر، گهوڙا، کودا آھن،
ليڪن اڻلڀ دودا آھن،
ڇا ھيءَ سنڌ مَنڊي آھي؟
جت ڏات وڪامي ڏوڪڙ تي،
۽ رات وڪامي روڪڙ تي،
ڇا ھيءَ سنڌ - مَنڊي آھي؟
جت پيار وڪامي پئسن تي،
۽ راڄ ڪري ٿو رئيسن تي،
ووٽ ڏئي ويساھُ اڃان،
ڇا ھيءَ سنڌ - مَنڊي آھي؟
جت ٺيڪن تي ٿا ٺاھ ٿين،
۽ وڪرو ڪي ويساھ ٿين،
ڇا ھيءَ سنڌ - مَنڊي آھي؟-
جت درٻاري دانشور سمورا،
پنھنجا نڪ نمورين جھڙا،
لُوسڻ جيئن لُڻائن ٿا،
۽ نقد اُجوري عيوض،
اغيارن کي اوڪي،
سڀئي راز سُڻائن ٿا،
ڇا ھيءَ سنڌ - مَنڊي آھي؟-
جت جنس ڪَسيءَ وانگر،
انساني احساس وڪامن ٿا،
۽ واھُوندي جھڙا،
وشواس وڪامن ٿا،
ڇا ھيءَ سنڌ- مَنڊي آھي؟-
جت نظريا نيلام ٿين ٿا،
آدرشي عزمن وارا،
۽ ھاڻ سمورا ٿي ويا،
ڀاڙي بزمن وارا،
ڇا ھيءَ سنڌ- مَنڊي آھي؟-
جت سياسي سوداگر،
دولت خاطر ديس ڏين ٿا،
وچن وني ۽ ويس ڏين ٿا.
ڇا ھيءَ سنڌ منڊي آھي؟
جت جرڳن جي جهنگل ۾،
انصاف وڪامي ٿو،
جت قانون لڳي ٿو،
ڪو ڪمدار وڏيري جو،
جت ٻاليشاھي ٻار جيان،
هڙئي حق حياتيءَ جا،
ٿاڻن تي ٿُڏجن ٿا پيا،
۽ گهاڻن ۾ گُڏجن ٿا پيا.

وايون

---

سپنا سيلاني

سپنا سيلاني،
نيٺ نگاھُن ۾،
ٿيا ٿانيڪا وڃي.
.
راز ڪُنوارين جا سڀئي،
پيار پناھُن ۾،
ٿيا ٿانيڪا وڃي.

ڪَنگڻ تنھنجي ڪامِڻي!
ٻِنھي ٻانھُن ۾،
ٿيا ٿانيڪا وڃي.

روھيڙي جا گلڙا،
راڻيَ-راھُن ۾ ،
ٿيا ٿانيڪا وڃي.

لفظن جا لشڪر لِڪي،
سجنيءَ ساھُن ۾،
ٿيا ٿانيڪا وڃي.

باغي ساريءَ ڀُونءِ جا،
مقتل-گاھُن ۾ ،
ٿيا ٿانيڪا وڃي.

واريءَ ڀِٽُن تي،

واريءَ ڀِٽُن تي،
مورَ ٽھُوڪن موجَ ۾.

مُورخَ مَڇرجي پيا،
سَچين سِٽُن تي،
مورَ ٽھُوڪن موجَ ۾.

رنگ رڳا ھا پيار جا،
چوليءَ چٽَن تي،
مورَ ٽھُوڪن موجَ ۾.

آھن چِٽَ چُميءَ جا،
گوريءَ مِٽَن تي،
مورَ ٽھُوڪن موجَ ۾ .

سانوڻ جھڙي سانوري!

سانوڻ جھڙي سانوري!
مُرڪ تہ مينھَن وَسن ڪي.

ٻاٽَ انڌاري جيوَنَ بَن ۾،
باکَ جيان او بانوري!
مُرڪ تہ مينھَن وَسن ڪي.

ڪيئن خزان جي خاموشيءَ ۾،
ٻُور جهليندي ٻانوري؟
مُرڪ تہ مينھَن وَسن ڪي.

ڏيھَ سڄي جي ڏھرن ۾،
ٽانڊاڻن جي ٽانوري،
مُرڪ تہ مينھَن وَسن ڪي.

پيارَ ڪھاڻيءَ جي،

پيارَ ڪھاڻيءَ جي،
نيٺ پُڄاڻيءَ تي،
ڪيئي لُڙڪ ڪِري پيا.

وينگس وِنجهلي ٿي پئي،
سُرميداڻيءَ تي،
ڪيئي لُڙڪ ڪِري پيا.

اکڙين جي آڪاسَ مان،
رات-راڻيءَ تي،
ڪيئي لُڙڪ ڪِري پيا.

پھتي سارَ پرينءَ جي،
سپنن-ڍاڻيءَ تي،
ڪيئي لُڙڪ ڪِري پيا.

پَکين جيئن پيا،

پَکين جيئن پيا،
سپنا رات ٽِڪي،
اکڙين آکيري اندر.

ڪڏھن رھندا ڪينڪي،
لوڪان لُڙڪ لِڪي،
اکڙين آکيري اندر.

مايوسيءَ جي مُند ۾،
ڦھلي شامَ ڦِڪي،
اکڙين آکيري اندر.

سپنن ساڀيان لاءِ پئي،
ساري سنڌِ سِڪي،
اکڙين آکيري اندر.

ٽِڙندا رُت بَسنتيءَ ۾،

ٽِڙندا رُت بَسنتيءَ ۾،
رنگرتا روھيڙا وو!،
ٿاريليءَ جي ٿر ۾ الا!

ماڪَ ڦُڙن جيئن مُرڪن ٿا،
مُکڙن تي موھيڙا وو!
ٿاريليءَ جي ٿر ۾ الا!

ڀٽَ ڌڻيءَ جا ڀاسن ٿا،
ڏھر، ڀِٽُون ڏوھيڙا وو!
ٿاريليءَ جي ٿر ۾ الا!

ڪيسين رھندا امر! اڃان،
قحط سندا ڪوھيڙا وو!
ٿاريليءَ جي ٿر ۾ الا!

وينگس ڀنڀا وارَ،

وينگس ڀنڀا وارَ،
ڪڪر ڪارونڀارَ،
ڪارونجهر جي ڪورَ تي.

ھُن جي مُرڪ پکيڙي،
چانڊوڪي چوڌار،
ڪارونجهر جي ڪورَ تي.

سَرتي! تنھنجيءَ سارَ جي،
بَرسي بُوندَ بھار،
ڪارونجهر جي ڪورَ تي.

ٽَنئوريل ٻِٽَ ٻانڌِڻي،
روھيڙي جا ڏار،
ڪارونجهر جي ڪورَ تي.

اوتيا مُند جهڙاليءَ،
نيڻين ننڊ خُمار،
ڪارونجهر جي ڪورَ تي.

نيٺ تہ آڻيندا امر!
واھُوندا وسڪار،
ڪارونجهر جي ڪورَ تي.

سانجهيءَ جا ستارا،

سانجهيءَ جا ستارا،
ٽاڪيل ڄڻ تہ ٽِڪون،
رات! رليءَ تنھنجيءَ مٿي.

پنھنجن پريَن ساڻ ملي،
لاٿيون لوڪ سِڪون،
رات! رليءَ تنھنجيءَ مٿي.

ڀاڪر پائي باکَ کي،
ڪارنھَن ڪيون لِڪون،
رات! رليءَ تنھنجيءَ مٿي.

چنڊَ چوڏينھن جي ڪَيون،
چاندنيءَ جون چِڪون،
رات! رليءَ تنھنجيءَ مٿي.

ھرڻ اُڃارا پي ويا،
سڀ نِچوئي نِڪون،
رات! رليءَ تنھنجيءَ مٿي.

رھندي ڪيسين رات،

رھندي ڪيسين رات،
نيٺ تہ ٿيندو سوجهرو.

ھاڻ نہ سَھبو ھِتڙي،
ڌاريون ماڻھون ذات،
نيٺ تہ ٿيندو سوجهرو.

وحشي ويرين جا ھِتي،
ڪَنڌ ڪپيندا ڪات،
نيٺ تہ ٿيندو سوجهرو.

ڌارين ڌاڙيلن کي،
ماري ڪبو مات،
نيٺ تہ ٿيندو سوجهرو.

امر! اڌوري منھنجي،
ڏيھَ بنا آ ڏات،
نيٺ تہ ٿيندو سوجهرو.

ڪارونجهر جي ڪورَ مٿان،

ڪارونجهر جي ڪورَ مٿان،
چنڊُ ڇَٽي ٿو چانڊوڪي.

ڀوڏيسر جي ڀر ۾ نچندڙ،
نيلي، ناسي مورَ مٿان،
چنڊُ ڇَٽي ٿو چانڊوڪي.

ٻَھلڙي سان ٻانھِياريءَ جي،
ٽِنڊيليءَ ھِن ٽورَ مٿان،
چنڊُ ڇَٽي ٿو چانڊوڪي.

اجرڪ جھڙا احساس کڻي،
اُڀري آڌيءَ ڇورَ مٿان،
چنڊُ ڇَٽي ٿو چانڊوڪي.

جت رين-بسيرو يار ڪري،
اُنھي ڳوٺ-اَجهورَ مٿان،
چنڊُ ڇَٽي ٿو چانڊوڪي.

اُجڙيل تاريخي اُھڃاڻن،
موھن ۽ ڀنڀورَ مٿان،
چنڊُ ڇَٽي ٿو چانڊوڪي.

ھر ڪنھن ڪُراڙي جي،

ھر ڪنھن ڪُراڙي جي،
چاندني چَڳُن ۾،
رين-بسيرا ٿي ڪري.

ڪنھن لئي ڀٽڪي، ڀٽڪي،
ديدَ ڪا دَڳن ۾ ،
رين- بسيرا ٿي ڪري.

روز رقاصا جَي اچيو،
پازيب پَڳن ۾،
رين- بسيرا ٿي ڪري.

سارَ تنھنجي او سکي!
روحَ ۽ رڳن ۾،
رين- بسيرا ٿي ڪري.

نگراڻي جي نار،

نگراڻي جي نار،
کڻي نيڻ خُمار،
مھڪايو ماحولَ کي.

مکڙي تي ٽِڙي مُرڪ جي ،
چانڊوڪيءَ چوڌار،
مھڪايو ماحول کي.

جانيءَ جوَڀَن-وَڻ جا،
موڙي مينديءَ ڏار،
مھڪايو ماحول کي.

ڇَتا ڇوڙي ڇَيڳريءَ،
ھاءِ! ڪري ھُٻڪار،
مھڪايو ماحول کي.

نُوريءَ نِکڙڻ کان پو،

نُوريءَ نِکڙڻ کان پو،
ڪينجهر لھُرن تان،
سِجُ لھي ويو لوڪو!

رات لٿي ڀالوا مٿي،
گوڙيءَ ڏھُرن تان،
سِجُ لھي ويو لوڪو!

جيوَن جي سنگرام ۾،
سُندر چھرن تان،
سِجُ لھي ويو لوڪو!

دھشت ۾ دونھاڙيل،
سنڌ جي شھرن تا،
سِجُ لھي ويو لوڪو!

بيچين سدا ھي،

بيچين سدا ھي،
اسان جون نگاھُون،
اوسيئڙي ۾ ٿيون رھن.

ٻئي تو لئہ ٻيليءَ جون،
ٻاجهاريون ٻانھُون،
اوسيئڙي ۾ ٿيون رھن.

پيار مُسافر واسطي،
نيڻ-پناھ گاھُون،
اوسيئڙي ۾ ٿيون رھن.

ھُن جي آجيان لئي امر!
رستا ۽ راھُون،
اوسيئڙي ۾ ٿيون رھن.

ڀانيو ڪين سُتل،

ڀانيو ڪين سُتل،
اسين اڃان جاڳون پيا!

ڌرتي تنھنجي ڀٽَ ڌڻي!
توڻي آھي تتل،
اسين اڃان جاڳون پيا!

ڌرتيءَ تي ڌارين سندو،
ممڻُ آھي مَتل،
اسين اڃان جاڳون پيا!

جذبن آڏا جيل، تُرمَ،
ڀورڙ سڀ ڀُتل،
اسين اڃان جاڳون پيا!

ڪارونجهر تي ڪالھ ٿيا،
ڪيئي مورَ قتل،
اسين اڃان جاڳون پيا!

واھيري جي وير،

واھيري جي وير،
آئي آھي ڪير؟
ڀوڏيسر جي ڀُونءِ تي.

آئي آڌيءَ رات جو،
ڪير لڪائي پير؟
ڀوڏيسر جي ڀُونءِ تي.

اکڙين کي اوسيئڙو،
ايندا دير،سوير،
ڀوڏيسر جي ڀُونءِ تي.

ڇَم، ڇَم ڇانيل آھن،
گهور گهٽا جا گهير،
ڀوڏيسر جي ڀُونءِ تي.

جهليا جوڀن ڏارڙن،
ڳاڙھا آھن ٻير،
ڀوڏيسر جي ڀُونءِ تي.

صُبح توڻي شامَ،

صُبح توڻي شامَ،
آڙين جي اُڏامَ،
ڪينجهر جي ڪَنڌيءَ تي.

پکي پرديسي ڏسي،
ماري منڊُ نہ دام،
ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي.

نہ سي نوريءَ ناز ۽ ،
نڪو تماچي ڄام،
ڪينجهر جي ڪَنڌيءَ تي.

ايئن ڪَنول ترن پيا،
جيئن ڇُلڪن جام،
ڪينجهر جي ڪَنڌيءَ تي.

آءُ تہ رنگ رَچن،

آءُ تہ رنگ رَچن،
جيوَن ۾ ڪي جانيئڙا!

جُگنوءَ جھڙا او پرين!
جوڀن پل بَچن،
جيوَن ۾ ڪي جانيئڙا!

خواب ڪُنورا ساڀيان،
ماڻي نيڻ نَچن،
جيوَن ۾ ڪي جانيئڙا!

روز اُڏامي تو وٽان،
مون وٽ گيت اَچن،
جيوَن ۾ ڪي جانيئڙا!

نيھَن نِڪورا پنھنجا،
پيلوءَ جيئن پَچن،
جيون ۾ ڪي جانيئڙا!

جهڙي مُندَ جهڙالي،

جهڙي مُندَ جهڙالي،
تھڙا تنھنجا نيڻَ،
آئون پو بہ اُڃارو.

پيار ملڻ کانپوءِ ٿيا،
سُندر سپنا سيڻَ،
آئون پو بہ اُڃارو.

پٿر دل پريتمُ وئي،
مرُڪ بڻائي ميڻَ،
آئون پو بہ اُڃارو.

وڇوڙي جي ويلَ لڳا،
واھُوندا ڀي ويڻَ،
آئون پو بہ اُڃارو.

چئوسٽا، ڏيڍوڻا ۽ ھائيڪا

---

چئوسٽا

ھُن لونگ ٽِڪي ۽ سوپاري،
تحفي طور اُماڻي آھي،
جنھن اڄ مون کي امر!ڏياري،
ھڪڙي ياد پُراڻي آھي.

تون آگم بڻجي آءُ سکي!
مان ھير ڏکڻ جي ھُوند ٿيان،
تون واھُوندو ٿي واءُ ورين،
مان وسڪاري جي بُوند ٿيان.

تون آءُ گلابي پير کڻي،
مان چانڊوڪيءَ جي ڇير ٿيان،
تون رين- بسيرا ريٽ اچي،
مان جُونجهڪِڙي جي جهير ٿيان.

ڳوٺ جي ڳھيلي ڇوڪري،
سادڙي سھيلي ڇوڪري،
شھر جي سياڻن کي ھُئي،
پر لڳي پھيلي ڇوڪري.



سار تنھنجي سانورا ھُئي،
ڪي گلن جا ڇانورا ھُئي،
جا من جي آڳر تي لٿي،
باک بڻجي بانورا ھُئي.

ياد تنھنجي ڇانوري جھڙي،
شام جي رنگ سانوري جھڙي،
ٿي ڏھاڙي ڏات مون کي ڏي،
بدن تنھنجي بانوري جھڙي.

ڀورا، ناسي ڀئونر گلن تي،
ٽِڙيا ڄڻ ڪي ٽئونر گلن تي،
ماڪ پوڻ سان مُرڪيا آھن،
ڪومپل ڪَئونر گلن تي.

جنھن وقت پري آڪاس مٿي،
جي ويڳاڻي ڪا ڪونج ٿئي،
تنھن وقت انوکي ساز جيان،
ٿي ڪوتا منھنجي گونج ٿئي.



جنھن وقت اچانڪ دور ڪٿان،
جي ڪرب وتي ڪا چيخ ٿئي،
تنھن وقت اسان جي ھر رچنا،
ٿي تازي ڪا تاريخ ٿئي.

ھِي جي منھنجا گيت مسافر،
رمتي جوڳيءَ جيئن رُلن ٿا،
جڳ ۾ جن جي سرگوشيءَ سان،
خاموشيءَ جا راز کلن ٿا.

مينھوڳيءَ ۾ مِٽيءَ جي خوشبو،
تنھنجي گهر جي گهٽيءَ جي خوشبو،
رچنائن ۾ روز رچي وڃي ٿي،
ساري ھِن سرشٽيءَ جي خوشبو.

ڀئونر گلن سان ڀِرن پيا ٿا،
ڦُلواڙيءَ ۾ ڦِرن پيا ٿا،
نيل ڪنول جي نرم پتن تي،
شبنم قطرا ڪرن پيا ٿا.



ڀُوريون، ناسي ڀٽون آھن،
يا ٻانڌڻيون ڪي ٻٽون آھن؟
جن تي ٽنئوريل جذبن جون ڪي،
شاعراڻيون ڄڻ سٽون آھن.

وري وڇوي جي گهڙي آئي،
ڪچيءَ نموريءَ کان ڪڙي آئي،
اڱڻ اسان جي ڏي اڪيلائي،
لِڪي زماني کان لڙي آئي.

ڏٺا جنھن ڏينھن جا سپنا،
نِڪوري نيھن جا سپنا،
وساري سو ويو آھي،
مُسافر مينھن جا سپنا.

نيڻ جهڪائي مُرڪي بيٺي،
ڪير الائي مُرڪي بيٺي؟
ويندي، ويندي واٽ مٿي ڇو؟
ڪنڌ ورائي مُرڪي بيٺي.



نِگاھُن جو نرم لھجو،
ڪري شل! ڪو ڪرم لھجو،
ٿڌو ھاڻي ٿيو آھي،
اوھان جو ڀي گرم لھجو.

اڙي او سنڌ جا شاعر!
اِھا تنھنجي انا ڪُوڙي،
ڪرين ٿو ديسَ کان وڌ،
وڏيرن جي ثنا ڪُوڙي.

ڏُور توکان ڏَ س ڀلا ڪاڏي وڃان؟
ھِيءُ مَٽائي گس ڀلا ڪاڏي وڃان؟
ديد تنھنجيءَ جي دلاسي تي ڪري،
پاڻ کي بيوس ڀلا ڪاڏي وڃان؟

جڏھن تنھنجيءَ جُدائيءَ ۾،
نِگاھ نمڪين ٿي ويندي،
ھوا ۾ ھُل وڌي ويندو،
گهٽا غمگين ٿي ويندي.

ڏيڍوڻا

موھن! تو بن ٿر،
ٽِڪن بنا ڪنھن ڪنجريءَ جو، اُڊڙيل ڄڻ اَسٿرُ.

ٻکيل ڪُونڀٽَ سان،
گولاڙي جون گولون، گوري گُونگهٽَ سان .

کٻڙن جهليا پيرُون،
آءُ پرين! اوراھُون، درست ناھن ديرُون.

مُک تي موھيڙا،
ڄڻ گُلڙن جي جهلَ سان، رتڙا روھيڙا.

مورَن مانڊاڻا،
ڏھرن ۾ ڏيئن جيئن، ٽِمڪن ٽانڊاڻا.

رقص ستارن جا،
ھيٺ نَديءَ ۾ ڏسجن، عڪس ستارن جا.

ڏُڪر پيا ڪارا،
اُونھاري جو ٿر ۾، واريءَ وسڪارا.



چانڊوڪي چئونرا،
ٽارين تي ٽِنڊريل، ڀينگاريون، ڀئو نرا.

ساوا اڪ ڪنڌيءَ تي،
مِڙيون ماکيءَ مکيون، ٿوھر لام منڌيءَ تي.

راڻو ڇيڙ نہ راڳي!
پَوندي ڪائنات سڄي، ننڊ مِٺيءَ مان جاڳي.

ڀاڳيءَ چِرمي ڳاتي،
ٿر سَڄي ٿَي ڀيڙي، ساڻس جهومر پاتي.

ڇانو بنا اڪ جي،
ڳاڙھاڻ ڇڏي پُٺيان، سجُ لٿو لَڪ جي.

ڪاڇٻي جون ڪامڻيون،
ڪارونجهر جي ڪُک ۾ ، اُڃيون، اڌ ڍامڻيون.

کوکن سان پيٽ ڀري،
ٿو ٻڪراڙ ٻنيءَ مان، واپس ڳوٺ وري.



وڻ تي ويٺل ڳيرا،
تن کي تاڙي ڏي ٿو، باز شڪاري ڦيرا.

ٿر جي واريءَ تي،
جهرڪيءَ آ کيرو اڏيو، نِمَ جي ٽاريءَ تي.

ٿر جي واريءَ تي،
ماڻھو مال مِڙوئي، ھڪڙيءَ لاريءَ تي.

موھن ڇيڙي وائي،
ٿر جي آڪاس مٿان، جهڙ جهالر ڇانئي.

اڇڙي ٿر جون اکيون،
بيٺيون آھن ڀٽ تي، سوجهاڪي جو سکيون.

اڇڙي ٿر ۾ آگم،
اُڀَ کي اوڍائي ڇڏيو، جھڙو ڪر ڪنھن جاجم.

ھائيڪا

سانجهيءَ جي ويلا،
مور ٽھُوڪن ٿا پيا،
ڪنھن لاءِ اڪيلا.

سانجهيءَ جي ويلا،
مِڙيا المنظر تي،
ماڻھن جا ميلا.

سانجهيءَ جي ويلا،
ڪينجهر جي لھرُن مٿي،
بيٺا هن بتيلا.

سانجهيءَ جي ويلا،
چنڊُ مٿان کوليءَ جي،
مُرڪي ھيٺ منڊيلا.

سانجهيءَ جي ويلا،
ٽرڪ مٿي ھِن ٽنڊريل،
ڇانگون ڪي ڇيلا.

سانجهيءَ جي ويلا،
سمنڊ ڪناري تي ڏس!
عاشق البيلا.



سانجهيءَ جي ويلا،
چمڪن چانڊوڪيءَ ۾ ،
ٻنيون ۽ ٻيلا.

سانجهيءَ جي ويلا،
روڊَ ڪلاچيءَ جي مٿان،
ريٽو رت ريلا.

سانجهيءَ جي ويلا،
ھلن پيا ھر گهر ۾،
لاڙي لاڏيلا.

سانجهيءَ جي ويلا،
لھي لاريءَ مان پئي،
ڀاڳي ڀوريلا!

سانجهيءَ سندا پل،
سجَ لِڪايا سنڌوءَ ۾،
ڳوڙھن ھاڻا ڳل.

سانجهيءَ سندا پل،
ھوليءَ رات مٺيءَ جا،
حُلو ا ڻيل ھوٽل.



سانجهيءَ سندا پل،
وار ڦِلھوري ٿي پئي،
پريان ھُوءَ پاڳل.

سانجهيءَ سندا پل،
لھن پيا ٿا لائون،
باغي ۽ مقتل.

سانجهيءَ سندا پل،
تيز ھوا ۾ تڙ تي،
اُڏرن تا آنچل.

سانجهيءَ سندا پل،
اُڀَ ۾ آورارن جيئن،
ڀٽڪن ٿا بادل.

سانجهيءَ سندا پل،
نمَ جَي لامَ لسيءَ تي،
ڪوڪي ٿي ڪويل.

سانجهيءَ سندا پل،
پَن ڇَڻ جا پائي ٿي،
رُت ڪپڙا ڦاٽل.



سانجهيءَ سندا پل،
لال ليار ڦُلاريا،
ٻُوھَن سان ٻکيل.

سانجهيءَ سندا پل،
رات رقاصا وانگيان،
پاتي آ پايل.

وسڪاري جي ويل،
ٿر جي ٿاڪ مٿي ٿيا،
ماروئڙن جا ميل.

وسڪاري جي ويل،
رڻ جي ريٽ مٿي ٿيا،
روھيڙا رابيل.

وسڪاري جي ويل،
مينھوڳيءَ ۾ مور لئي،
ڊوڙي ٿَي پئي ڊيل.

وسڪاري جي ويل،
سرتين سان گڏ ساجهر ،
ھُوءَ ڀري ٿي ھيل.

وسڪاري جي ويل،
اُڀَ جي اوٽي تي ڏس!
کنوڻ ڪري ٿي کيل.