ھن ڪتاب کي اٺن بابن ۾ ورهايو آهي. باب پھرين ۾ علم عروض، باب ٻئي ۾ علم عروض جي اصول ارڪان بابت، باب ٽئين ۾ بحر جي تعريف ۽ مفرد ۽ مرڪب بحرن جا نالا ۽ وزن، باب چوٿين ۾ علم عروض جي اهم رڪن زحافن جي تفصيلي سمجهاڻي، باب پنجين ۾ شعر جي تقطيح بابت، باب ڇھين ۾ 19 ئي ابتدائي بحرن جو تفصيل، باب ستين ۾ شاعريءَ جي صنفن جي تفصيلي سمجهاڻي ڏني وئي آهي. هن باب ۾ قطعہ تاريخ جي فن کي آسان ڪري سمجهايو ويو آهي. باب اٺين ۾ چند اصطلاحن جي تعريف کانسواءِ علم عروض جي لفظن ۽ اصطلاحن جي فرهنگ ڏنل آهي، جنھن ۾ علم عروض ۾ استعمال ٿيندڙ انگريزي ۽ فارسي لفظ ۽ اصطلاح شامل آهن.
لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
سنڌيءَ جو عروض
- 5.0/5.0
- 26
- 3
- 7 مهينا اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب ۽ شاعر مرزا سڪندر علي بيگ جو لکيل ڪتاب ”سنڌيءَ جو عروض“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھن ڪتاب کي اٺن بابن ۾ ورهايو آهي. باب پھرين ۾ علم عروض، شعر، وزن، قافيي، موزون ۽ ناموزون، بيت ۽ مصرعن جي تفصيلي وضاحت بيان ڪئي آهي، باب ٻئي ۾ علم عروض جي اصول ارڪان بابت، باب ٽئين ۾ بحر جي تعريف ۽ مفرد ۽ مرڪب بحرن جا نالا ۽ وزن، بحرن جا پنج دائرہ، باب چوٿين ۾ علم عروض جي اهم رڪن زحافن جي تفصيلي سمجهاڻي، باب پنجين ۾ شعر جي تقطيح بابت، باب ڇھين ۾ 19 ئي ابتدائي بحرن جو تفصيل، باب ستين ۾ شاعريءَ جي صنفن قصيدہ، غزل، مثنوي، رباعي، مستزاد، فرد، قطع، ترڪيب بند ۽ ترجيح بند، مسمط، مثلث، مربع، مخمس، مسدس، متسبع، معشر، مناجات، نعت، منقبت، مرثيہ، سلام، نوحہ، ندبہ، واسوخت، شھر آشوب، مدح، هجو، هزل، سھرو، ريختي، معمہ يا ڳجهارت، تضمين، اقتباس، عقد، تصرف، سہ حرفي (ٽيھہ اکري) ۽ تاريخ گوئيءَ جي تفصيلي سمجهاڻي آهي. هن باب ۾ قطعہ تاريخ جي فن کي آسان ڪري سمجهايو ويو آهي. باب اٺين ۾ چند اصطلاحن جي تعريف کانسواءِ علم عروض جي لفظن ۽ اصطلاحن جي فرهنگ ڏنل آهي، جنھن ۾ علم عروض ۾ استعمال ٿيندڙ انگريزي ۽ فارسي لفظ ۽ اصطلاح شامل آهن.
ھي ڪتاب 1986ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف مرزا سڪندر علي بيگ
- ڇپيو ويو 1986
- ڇپائيندڙ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر 969-405-013-8
- آن لائين ٿيو 20/Jun/2024
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 3 ڀيرا